شاعري

خوابَ مُرڪي پيا

حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون، چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن بہ حاڪم نہ پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان بہ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اميد تہ سندس پهرئين شعري مجموعي ”خواب مرڪي پيا“ کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.
  • 4.5/5.0
  • 773
  • 236
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book خوابَ مُرڪي پيا

سنڌ سلامت طرفان

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خواب مُرڪي پيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نوجوان شاعر حاڪم گُل جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي.
حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون، چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن بہ حاڪم نہ پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان بہ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي. اميد تہ سندس پهرئين شعري مجموعي ”خواب مرڪي پيا“ کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.
هي ڪتاب سنڌ راڻي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون عبدالجبار شيخ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
 

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سمورا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: خواب مرڪي پيا
موضوع: شاعري
شاعر: حاڪم گل
ڇاپو پهريون: مئي 2016ع
ڪمپوزنگ ٽائٽل: شاهزيب ميمڻ
اِي ڪمپوزنگ: عبدالجبار شيخ
تعداد: هڪ هزار
ڇپيندڙ: سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد
ڇپائيندڙ: ينگ رائٽرس فورم سنڌ.
قيمت : 200 روپيه

ارپنا

پنهنجي شاعريءَ جو پهريون مجموعو “ خواب مرڪي پيا ” پنهنجي مٺڙي امڙ صاحب خاتون، پنهنجي والد گل محمد ۽ استاد سائين راشد مورائيءَ جي نانءُ ڪيان ٿو، جن جي پرورش منهنجي اتساهه جو سڀ کان وڏو سامان بڻي.

[b] حاڪم گل
[/b]

اداري پاران

سنڌي ادب ۾ ليکڪن ۽ شاعرن جو انگ وڌندو ئي نظر اچي ٿو، ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ماڻهن جو ادب ڏانهن رجحان وڌيو آهي گهٽيو ناهي ، ڇاڪاڻ ته اسان کي خدشو هو ته هي انٽرنيٽ جو دور آ، ماڻهو جيڪو چاهي اهو نيٽ تي سرچ ڪري پڙهي سگهي ٿو ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ کي ضروري نه سمجهندو پر ڪتاب ڇاڪاڻ ته رڪارڊ تي موجود رهي ٿو. ان ڪري ڪتابن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت برقرار رهي آهي، بلڪ اڃان وڌي آهي، ڪتاب به جام پيا ڇپجن ته شاعر به گهڻا پيا پيدا ٿين، پر هڪ ڳالهه جي کوٽ نظر اچي ٿي ته نوان شاعر ڪنهن سينيئر شاعر کان استادي نه پيا وٺن ان ڪري ڪافي شاعرن جا غير معياري ڪتاب ڇپجي وڃن ٿا، پوءِ پڙهندڙ معياري ڪتابن کي به پڙهڻ مناسب نٿو سمجهي، حاڪم گل ان روايت جي بلڪل ابتڙ باقائده شاعري جي سکيا ورتي ۽ ڪافي سالن تائين راشد مورائي کان اصلاح وٺندو رهيو، جڏهن هو پڪو پختو شاعر ٿي ويو ته پوءِ ئي هن شاعري ڇپائڻ شروع ڪئي، جيڪو ڪتاب هن جو گهڻا سال اڳ اچڻ گهربو هو، اهو هاڻي آيو آهي، انهي جو سبب صرف اهو آهي ته پڙهندڙن کي ڪا معياري شاعري ڏجي، حاڪم گل جي شاعري فني توڙي فڪري حوالي سان گهڻن شاعرن کان بهتر آهي ۽ اسان سندس هي ڪتاب “ خواب مرڪي پيا” ڇپي سرهائي محسوس ڪيون ٿا ۽ اها دعويٰ ڪيون ٿا ته سنڌي ادب ۾ اهڙي شاعريءَ جي ڪتاب ڇپجڻ جي ضرورت آهي، اميد ته توهان کي هي ڪاوش ضرور پسند ايندي.

پرهه پروين گل
سنڌ راڻي پبليڪيشن حيدرآباد

پنهنجي پاران

ڪيتري ئي وقت کان ڪوشش هئي ته پنهنجي پهرين شاعري جي مجموعي “ خواب مرڪي پيا” کي جلدي شايع ڪرائي پڙهندڙن جي آڏو آڻيان پر مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪررڻ سبب تمام گهڻو مصروف پئي رهيس جنهن ڪري ڪتاب آڻڻ ۾ دير ٿي وئي، ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن پياري غلام مصطفيٰ سولنگي سان ويجهڙائي ٿي ۽ ڪچهري ٿي ته سندس محبت، پنهنجائپ ۽ هجت کي ڏسي ڪري فيصلو ڪيو ته سندس نگرانيءَ ۾ هلندڙ سنڌ راڻي پبليڪيشن پاران ئي پنهنجو پهريون مجموعو آڻڻ آهي، جيڪو اڄ اوهان سڄڻن جي هٿن ۾ ۽ اکين جي آڏو آهي.
مون ڪوشش ڪئي آهي ته ڪتاب جي اندر چونڊ شاعري ڏيان ۽ اهي صنفون ڏيان جن کي عام پڙهندڙبه سمجهي سگهي، انهيءَ ڪوشش ۾ ڪيتري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، اهو پڙهندڙ ئي ٻڌائي سگهي سگهن ٿا. ڪتاب ۾ شامل سڀني صنفن ۾ ڪوشش ڪئي اٿم ته رڌم ۽ رواني هجي ۽ انهن ۾ وزن بحر جو به خاص رکيو اٿم نه رڳو اهو پر خيال ۽ فڪر جي گهرائيءَ کي به قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
منهنجي شاعري، شخصيت ۽ ڪتاب تي لکڻ وارن دوستن ۽ اديبن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن منهنجي گذارش کي مانُ بخشي وقت تي پنهنجون لکڻيون مون حوالي ڪيون، خاص طور پنهنجي استاد سائين راشد مورائي صاحب جو جنهن تفصيلي مهاڳ لکيو، جڏهن ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال قاضي منظر حيات، ضيا شاهه، گوهر سنڌي، خواجه ذوالفقار ۽ بيخود بلوچ جو به ٿورائتو آهيان جن مجموعي تي لکي منهنجي شخصيت کي وڌيڪ سگهارو بڻايو. ٿورائتو ته سائين هارون چنه، آزاد بخاري، استاد راهي، حاڪم مهر( امر سنڌي)، غني غمدل، غلام محمد غازي، وحيد محسن، مشتاق بخاري، مهدي شاهه، نجم سرهيو، سجاد ميراڻي، سميع سجاد ميراڻي، ۽ محمد حسين مهر ۽ پنهنجي روحاني ڀاءُسائين راشد مورائي جي فرزند شاهه عبداللطيف جو آهيان جن هن ڪتاب جي آڻڻ لاءِ هجت مان تمام گهڻو زور ڀريندا پئي آيا، جنهن سبب اڄ هي ڪتاب ( منهنجو پهريون شاعري مجموعو) اوهان جي هٿن ۾ آهي.

[b]حاڪم گل
[/b] مالهي ڳوٺ ( شڪارپور)

مهاڳ: اونداهيءَ ۾ لاٽ

اليگزينڊر پشڪن جو چوڻ آهي ته “ مونکي دنيا مان اها توقع ڪانهي ته ڪو هوءَ منهنجي پورهئي جو قدر ڪندي، پوءِ به ممڪن آهي ته منهنجو نالو، نامڪوس جو ڇٽ پهري، اڻ ٿيڻي ڪانهي ته منهنجي شعرن جو نور کيس چمڪائي، من سندم شعر ڪنهن کي ياد رهجي وڃي ۽ دل گهري دوست وانگر منهنجو ذڪر ڇيڙي وجهجي. من منهنجا لفظ ڪنهن اڻ ڄاول عاشق جي دل گرمائين، من منهنجا بيت حاسد تقدير هٿان بچي، دنيا تي جيئرا رهجي وڃن ۽ ها، ڏور ڪنهن پوئين زماني ۾ جڏهن آنءٌ روانو ٿي چڪو هوندس شايد ڪو دل وارو، منهنجي تصوير ڏانهن اشارو ڪري چوي ته“ شاعر ته ههڙو”.
مٿين قول وانگر، ڪيترا شاعر انهيءَ اميد ته شاعري ڪري رهيا آهن ته من سندن شاعري دنيا ۾ زنده رهجي وڃي ۽ عام ماڻهن جي دلين ۾ ان جو يادگيرو باقي رهي. اها ئي خواهش گهڻن شاعرن کي زنده رهڻ ۽ شاعري ڪرڻ تي اتساهي ٿي. حالانڪه اسان ڏسئون ٿا ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪيترائي ڏات ڌڻي هئا ڇو ته سنڌ ڪنهن به دور ۾ ڪيترائي ڏات ڌڻي هئا ڇو ته سنڌ ڪنهن به دور ۾ سنڍ ڪانه ٿي آهي. پر اڄ اُهي شاعر ڪنهن کي ياد به ڪونه آهن. اسان جو شاهه سائين به انڪري شاعريءَ وسيلي زندهه رهيو آهي، جو پاڻ ان لاءِ گهڻي جاکوڙ ڪئي هئائين، ان دور ۾ ذريعه ابلاغ جي کوٽ هئي، تنهنڪري پاڻ ٿر، بر، جبل، جهاڳي اتي جي ماڻهن سان راتين جون راتيون رهاڻيون ڪري کين پنهنجون وايون ۽ پنهنجا بيت ٻڌائيندو ۽ ياد ڪرائيندو هو. شاهه سائين اتر۾ درازن وٽ صاحب ڏني فقير فاروقيءَ سان سنگت قائم ڪئي ته وچولي ۾ موري شهر جي خوشحال فقير( جيڪو شهيد عبدالرزاق سومري جي روضي جي ڀرسان دفن ٿيل آهي) سان روح جو رشتو رکيو ۽ لاڙ طرف ٺٽي ۾ مخدوم ٺاري سان پرت جا پيچ پاتا ۽ انهن ٽنهي هنڌن کي پنهنجي شاعريءَ جي پکيڙڻ جا مرڪز بنيائين. هر مهيني ٻئي مذڪوره مرڪزن تي پهچي، اُتي راتيون رهي اوسي پاسي جي هارين،نارين، ڪمين ڪاسبين سان روح رهاڻيون ڪري کين هر دفعي نوان بيت ۽ وايون ياد ڪرائيندويا ٻڌائيندو هو ۽ اڳئين ڀيري کين ٻڌايل بيتن يا وائين کي سندن واتان ٻڌي، سندن تلفظ درست ڪندو هو. اها سندس ڪوشش هئي، جنهن جي ڪري هو عام ماڻهن جي دلين ۾ محفوظ ٿي ويو، ميسارجي نه سگهيو. جڏهن ته ٻيا ڪيترا شاعر پنهنجي جسماني موت سان گڏ شاعر طور به زندهه رهي نه سگهيا، مري ختم ٿي ويا.
هن موجوده دور ۾ سنڌ ۾ هزارين شاعر آهن. ڪي واقعي پاورفل آهن ته ڪن کي ميڊيا مٿي کڻي ڇڏيو آهي. ڪي پنهنجي غربت ۽ سادگيءَ جي ڪري گم آهن ته ڪي پنهنجي هوشياري ۽ چالاڪيءَ جي ڪري مشهوريءَ جي اُڀ جا ستارا بڻجي چمڪي رهيا آهن. ڪن شاعرن کي حالتن پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ته ڪن کي حالات اڳتي آڻي ڇڏيو آهي. ڪن شاعرن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ته ڪن وري ڪيسٽن وسيلي مشهوري ماڻي آهي. ڏسجي ته انهن هزارين هاڪارن شاعرن مان ڪجهه صديون گذرڻ بعد شاهه سائينءَ وانگر ڪيترا نالا ٿا دنيا جي تختي تي زندهه بچن. ظاهر آهي ته اڳين گم ٿيل شاعرن وانگر ڪيترن کي وقت جي وير لوڙهي ويندي ۽ “بي موت مئا، تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو” وانگر اڪثريت شاعرن جي پنهنجا نشان ڇڏي نه سگهندي، ڪجهه ٿورا شاعر شاهه لطيف عوامي ذهنن ۾ محفوظ رهندا.
اسان جو نوجوان شاعر حاڪم گل، جنهن جي شعرن جو هيءُ پهريون مجموعو ڇپجي رهيو آهي، سو به انهيءَ آسري تي لکي رهيو آهي ته من سندس شعر حاسد تقرير هٿان بچي دنيا تي زندهه رهجي وڃن ۽ ڪنهن اڻ ڄاول عاشق جي دل گرمائن ۽ گهڻو پوءِ جڏهن پاڻ هن دنيا مان ڪوچ ڪري چڪو هجي، ڪو شاعريءَ جو شائق سندس فوٽوءَ ڏانهن اشارو ڪري چوي ته “ شاعر ته ههڙو”.
حاڪم گل جي هن مجموعي ۾ غزل، گيت، وايون، بيت، چوسٽا، آزاد نظم ۽ نثري نظم آهن.
هن يار پنهنجي پر ۾ اگهامڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، پر چوندا آهن ته “ اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي موٽ.”
راقم الحروف جي هڪ شعر جو بند آهي:
قوم وٽ جي قبوليت ۾ پورهيو پوي، پو ته شاعر رڳو شعر ويٺو لکي،
پاڻ کي ڪو ٻيو ڪم ته مشڪل ٿئي، گيت وايون ٺاهيون ته ٻي ڳالهه آ.
سئنڊرس هڪ هنڌ چيو آهي ته “ شاعر پنجن حواسن کي ڪاميابيءَ سان چوري، اهڙي معنيٰ ٿو پيدا ڪري، جيڪا انهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿي. ان کانپوءِ هو ڇهون حواس ڪتب ٿو آڻي، جيڪو آهي نون خيالن کي جذب ڪري ترتيب ۾ آڻڻ، نتيجي طور پڙهندڙ نه رڳو شعر جو تاثر ٿو وٺي، پر پنهنجي حواسن کان باخبر ٿي، شاعر سا گڏوگڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻي ٿو.”
اچو ته حاڪم گل جي شاعري پڙهون ۽ شاعر سان گڏ شاعراڻي سمجهه به ماڻيون:
وڇوڙي کان ڪيڏو ڊنا نيڻ منهنجا،
مينهوڳيءَ جي مند جان ڀنا نيڻ منهنجا!.

کڻي سار آئي جڏهن هير تنهنجي،
تڏهن توکي ساري رنا نيڻ منهنجا!.

ٻئي هڪ غزل ۾ حاڪم گل چوي ٿو:

سنجيده ٿي سوچيو آهي،
توکان وڇڙي ڀوڳيو آهي!

ويلنٽائين ڊي به اچي ويو،
آءُ ملڻ جو موقعو آهي.

ٽي ايس ايلٽ چوي ٿو: “ شاعري اهڙو فن آهي، جيڪو سختيءَ سان قومي آهي، ڇو ته هن جو خيال سڀني قومن ۾ ساڳيو ۽ عام ٿي سگهي ٿو پر احساس هر قوم لاءِ عام نه پر خاص آهي ۽ شاعري انهن احساسن جو اظهار آهي.” حاڪم گل پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو:
ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو اجرڪ ٽوپي وارا ماڻهو،
منهنجا جيءَ جيارا ماڻهو، ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو.

ڪيڏو من ۾ پيار رکن ٿا،
سونهن جو ڄڻ سنسار رکن ٿا،
محبت جو وهنوار رکن ٿا،
حاڪم گل موچارا ماڻهو،
ڪيڏا آهن پيارا ماڻهو.

يا حاڪم گل جي هڪ ٻئي شعر جا بند ڏسو جيڪو به قومي آهي:
جنگ اسان جي جاري آهي،
سنڌ اسان کي پياري آهي.

هوشو، هيموءَ کي جنهن ڄڻيو،
جيجل ڀاڳن واري آهي.

ڌاريا سنڌ ۾ ڪونه ٿا گهرجن،
هر سنڌي انڪاري آهي!.

جنهن جي دل ۾ سنڌ وسي ٿي،
تنهن جي سوچ سونهاري آهي!.

“ جناب فيض احمد فيض جو چوڻ آهي ته شاعريءَ جو ڪم رڳو مشاهدو ناهي مجاهدو به ان تي فرض آهي.”
ٻيءَ جاءِ تي فيض صاحب چيو آهي ته ،“ انساني زندگيءَ جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت، رڳو زندگيءَ جي تقاضا نه پر فن جي به تقاضا آهي.” حاڪم گل پنهنجي هڪ شعر ۾ چوي ٿو:
سيڻ سان گڏ سوريءَ تي چڙهه،
“حاڪم گل” تو دل ڇو هاري آهي!
سر ڏينداسين، خوش ٿينداسين.
حاڪم، گل سان ياري آهي.
مٿين شعرن ۾ سيڻن سان گڏ سوريءَ چڙهڻ يا حاڪم، گل سان ياري هئڻ ڪري سر ڏيڻ اهڙيون ڳالهيون آهن، جن مان سمجهي سگهجي ٿو ته هي اسان جو شاعر اجتماعي جدوجهد جو حامي آهي ۽ ٻين سان گڏ ٿي جيئڻ يا مرڻ چاهي ٿو، جيڪو هڪ سچي شاعر تي فرض ٿئي ٿو. حاڪم گل ان فرض نڀاهڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. مها ڪوي ٽئگور به هڪ هنڌ چيو آهي ته “ اديب،ٻين کان الڳ رهي، اهو ڪجهه ڪڏهن به نٿو پرائي سگهي، جيڪو هن کي گڏيل تجربن مان حاصل ٿئي ٿو. مون کي ان ڳالهه جو چٽو احساس آهي ته ڪوبه ليکڪ تيسيتائين عوامي ليکڪ ڪوٺي نٿو سگهجي، جيسيتائين هو عوام سانپنهنجا ويچار نٿو ونڊي ورڇي.
حاڪم گل رڳو شاعر نه آهي، پر هو سماجي ورڪر به آهي. هن جو پنهنجي آسپاس جي ماڻهن سان گهرو ۽ گهاٽو واسطو ۽ رابطو آهي. هو انساني مسئلا نه رڳو سمجهي ٿو پر ٻين ساٿين سان گڏجي سماجي مسئلن جي حل لاءِ به جاکوڙي ٿو. ڪنهن شاعر چواڻي ته:
آ هر ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا پر مونکي اهڙا مڙس وڻيا،
جي پنهنجو پاڻ ملهائي ويا، جي جڳ جي جوت جلائي ويا.
حاڪم گل به پنهنجو پاڻ ملهائڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ جدوجهد ۾ شامل رهندڙ شخص آهي. ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
هر جاءِ جدوجهد هر جاکوڙ ۾ شامل،
ڪم ڪار کان ورچين ته مونکي ياد ڪندو ڪر،
راهي! توڏٺو آهي مون ساهي نه کنئي آ.
جي راهه ۾ ٿڪجين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.
(راشد مورائي)
حاڪم گل جو ڪردار به مٿئين شعر وانگر اتساهه ڏيندڙ ڪردار آهي دعا آهي ته سنڌ ۾ اهڙن اتساهيندڙ ڪردارن جي شل کوٽ نه ٿئي.
هيٺ مان حاڪم گل جي ڪجهه خوبصورت شعرن جون سٽون نقل ڪريان ٿو. اهي مصرعون مون کي وڻيون آهن، ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي به پسند اچن.
پنهنجون يادون مون کان کسين ڇو ٿو؟
دوست! ايڏو مون کي لٽين ڇو ٿو؟

وڇوڙي تنهنجي ۾ روئي ۽ رڙي،
چري دل صفا چپ ڪري ئي نه ٿي!

زندگي ڪاش ڪوئي قصو ٿي وڃي!،
توسان ٽڪرائجي حادثو ٿي وڃي!.

ماٺ ئي ماٺ ۾ واءُ اهڙي گهلي،
تون اچين روبرو معجزو ٿي وڃي!

تو جڏهن کان ڪيا سڀ ختم سلسلا،
ڏينهن محشر ٿيو، رات ٿي ڪربلا!
مُئي کان پوءِ نيڪي اها ريت اڳ جي،
نئين واٽ ڏس ڪا تون مڃتا ڏيڻ جي؟

جڏهن کان جدا ٿي وئين تون تڏهن کان،
اکين کي ٿي پئي آهي عادت وسڻ جي.

ٿا چون پاڳل سڀئي هن کي مگر،
هو نه ڪنهن جي چاهه ۾ گم ٿي ويو.

ڪونه هن جي خيال کي ڄاڻي سگهيو،
هو ته بس ويساهه ۾ گم ٿي ويو.
انڊيا ۾ رهندڙ هڪ سنڌي شاعر جو شعر آهي ته:
ڪتابن ساڻ دل منهنجي، ڪتب خانو وطن منهنجو،
مئي کان پوءِ ڪتابن جا ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
حاڪم گل ساڳي ڳالهه پنهنجي شعر ۾ هن ريت ٿو ڪري:
اگر مون کي ڳولين ڪتابن ۾ لهجان،
پرين درد وارن خطابن ۾ لهجان.
استاد بخاري پنهنجي هڪ آزاد نظم ۾ چيو آهي ته:
“ شاعري جنهن کي مان
سادڙي، واهڻي ڇوڪري
سمجهندو هوس ۽ نٽائيندو هوس
سا ته منهنجي تتي ۽ ٿڌي بنجي وئي
زندگي بنجي وئي
هاءِ ڙي دوست هيءُ ڇا ٿي ويو؟
ساڳي طرح حاڪم پنهنجي شعر ۾ چوي ٿو:
جنهن کي چاهيو، نه سمجهيو، نه ئي سوچيو،
سائي وينگس منهنجي شاعري ٿي وئي!

ڪالهه جنهن کان مون پرتي رهڻ پئي گهريو،
اڄ اها ئي سکي بندگي ٿي وئي.
هن جي منهنجي اڱڻ رکيا پيرڙا،
منهنجي جيون اندر روشني ٿي وئي.
حاڪم گل جي هڪ غزل جا هي خوبصورت بند ڏسو:
وار آلا تو ڇنڊيا جو واءُ ۾،
پئي وسي برسات تنهنجي شهر ۾.

ڪيئن ڪري انڪار سگهندو ڪو ڪوي،
پئي وسي ٿي ڏات تنهنجي شهر ۾!.

پيار،محبت، چاهت سان ڪئي،
پئي تڪي جذبات تنهنجي شهر ۾!.
حاڪم گل جي هن خوبصورت غزل جو مزو به وٺو:
اٺ ڏهاڙا پري اٺ صديون ڄڻ لڳيون،
تو سوا اوپريون سڀ خوشيون ڄڻ لڳيون!.

جام ها جام پر ڪو مزو ڪونه هو،
پر پيالو پرين وهه وٽيون ڄڻ لڳيون!

ڏينهن تو بن سمورا سڄڻ سور ها!
۽ وري راتيون بي چسيون ڄڻ لڳيون!.

دوستن منهنجي دل کي ڏنيون آٿتون،
پر اهي آٿتن ڪل ٺڳيون لڳيون!.

آرسيءَ ۾ ڏٺو مون جڏهن پاڻ کي،
آب هاڻيون پرين ٻئي اکيون ڄڻ لڳيون!.
حاڪم گل نوجوان شاعر آهي، پنهنجي عمر ۽ آزمودي آهر چڱو پاڻ پتوڙيو اٿس. سندس لکيل سڀئي صنفون سٺيون ٿيون لڳن، پر مون کي سندس غزل وڌيڪ وڻيا آهن. هيٺ سندس غزل جا ٻه بند پڙهي ڏسو:
روز جيان آ اڄ به تنهنجي،
وارن سان هٿڙن جي کيچل.
ڪيڏو توکي ٺهندي آهي،
چهري تي زلفن جي کيچل.
هن ٻئي غزل جا ٽي بند به دلچسپي کان خالي نه آهن:
تون آن چنڊ ستارن جهڙي،
سانوڻ جي وسڪارن جهڙي.

تنهنجي ڪاوڙ موت آ مون لئه،
تنهنجي مرڪ بهارن جهڙي.

حاڪم گل کي لڳندي آهين،
سنڌ ڌرتيءَ جي نعرن جهڙي.
اچو ته وري حاڪم گل جي هڪڙي ٻئي غزل جا چند بند ملاحظه ڪيون:
پير اگهاڙا رستا ڪنڊا!
جون جا هاڙا رستا ڪنڊا!

توڏي ايندڙ ويندڙ آهن،
سڀئي لاڙا، رستا ڪنڊا!.

تنهنجي خاطر چوڙي ويندس،
تيز ڏهاڙا رستا ڪنڊا!

تنهنجي واهڻ جا هن سانئڻ،
آڙا پاڙا، رستا ڪنڊا!
اچو ته سندس آخري غزل جو ساءُ وٺي هن مضمون جي پڄاڻي ڪيون:

هيڪلائي لڳي ڌر تتيءَ وانگيان،
ساٿ تنهنجو سکي زندگيءَ وانگيان!.

سونهن جي شهر ۾ تو سوا سانوري،
پاڻ ٿو ڀانئجي اجنبيءَ وانگيان!.

ڀاڳ منهنجا کڻي آ هلي اوچتو،
منهنجي جيون اندر روشنيءَ وانگيان!.

ڇو پري ٿي رهين پرهه جهڙي پري،
آءُ چپ تي سُري تون چُميءَ وانگيان.

منهنجي مايوسين جو اڇي انت ڪر،
هڪ گهڙي لاءِ بڻجي خوشيءَ وانگيان!.
حاڪم گل جي شاعري اونداهيءَ ۾ لاٽ آهي پر سڄي سنڌ کي روشن ڪرائڻ لاءِ حاڪم گل کي اڃان محنت ڪرڻ گهرجي، بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ اڳتي وڌڻ گهرجي، ڇو ته مطمئن ٿيڻ معنيٰ موت قبول ڪرڻ.
ڪنهن اردوءَ جي شاعر چيو آهي ته :
موت جب مظطرب ہی زندہ ہے،
قرار پایا مرگئی
مون کي يقين جي حد تائين وشواس آهي ته حاڪم گل محنتي ماڻهو آهي. هن جدوجهد۾ ايمان آهي. سو ڪڏهن به هٿ هٿ تي رکي خاموش ۽ مطمئن ٿي ويهي نه رهندو پر پنهنجي ڏات کي سونا پَرَ لڳائڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ جاري رکندو. مستقبل انهن ئي ماڻهن جو موچارو ٿيندو. جيڪو لڳاتار محنت ڪندا ۽ محنت کان هڪ پل لاءِ به منهن نه موڙيندا.
استاد بخاريءَ چواڻي ته:
آسان ناهي دنيا ٺاهڻ دوزخ مان جنت،
محنت، محنت، الفت الفت، همت ئي همت.
اسسان جهونن جون دعائون ۽ نيڪ تمنائون سڀني جاکوڙيندڙ جوانن سان شامل آهن ۽ رهنديون. دعا آهي ته حاڪم گل ۽ سندس جوڙ جا ٻيا ساٿي سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ کي شعرن جي گلابن سان ڀريندا رهن.

[b] راشد مورائي
[/b] مورو 25.03.2006

پيار جي خوشبو ڏيندڙ : حاڪم گل

شعر گل وانگر هوندو آهي ۽ حساس دل رکندڙ خوشبو جا عاشق ماڻهو پوپٽ بڻجي ان ڏي ڇڪجي ايندا آهن. شاعر لفظن جي ملڪ جو حاڪم هوندو آهي. هو لفظن کي جتي به بيهڻ جو حڪم ڪندو آهي لفظ اتي با ادب بيهي رهن ٿا. شاعر کي اها ڄاڻ هوندي آهي ( يا هجڻ گهرجي) ڪهڙا لفظ ڪهڙي صنف سخن جو سينگار ٿي سگهن ٿا؟ هو وائي جي مزاج جا لفظ وائي ۾، غزل رنگ وارا لفظ غزل ۾ ۽ گيت جي ماحول وارا لفظ گيت ۾ سمائيندو ۽ سجائيندو آهي. منهنجي خيال ۾ هڪ سٺي، سگهاري ۽ فطري شاعر ۾ اها به هڪ خوبي هوندي آهي.
اهڙي دل جو ملڪ جي راڻي هوندي آهي. اها جڏهن چاهي هار سينگار ڪري روح جي محفل مهڪائي ۽ جڏهن چاهي خاموشيءَ سان سمهي رهي. شاعري تي زبردستي اثر ناهي ڪندي ۽ جيڪا زبردستيءَ سان لکجي اها شاعريءَ تي زبردستي اثر ناهي ڪندي ۽ جيڪا زبردستيءَ سان لکجي اها شاعري دلين تي اثر ناهي ڪندي. ڏات ڌڻين جو چوڻ آهي ته شاعري اها آهي جيڪا دلين جي ساز کي ڇيڙي، روح جي محفل کي گرمائي ۽ جهومائي. اسان جي سنڌ ۾ توڙي جو گهڻا شاعر پنهنجي نالي ڳڻائڻ ۾ چمڪائڻ لاءِ لکن ٿا پر پوءِ به ڪي نئين ٽهيءَ جا شاعر دل جي گهرائيءَ سان جذبي کي ساڻ کڻي دل جون ڳالهيون سٽن جي صورت ۾ ڪاغذ تي آڻيندا رهن ٿا. انهن شاعرن ۾ دوست حاڪم گل به ڳڻيو وڃي ٿو. جيڪو ڪافي وقت کان سخن جي سنسار ۾ لکندو لڇندو رهيو آهي. هن جي شاعري “ کليل اظهار، ديس جو پيار ۽ پرينءَ جو پيار موجود آهي. سولي ۽ صاف شاعري ڍنگ ۾ سندس شعر خوبصورت آهن. سندس سٽون سونهن جي ويجهو رهندڙ آهن. ڀلا سٽ سونهن جي ويجهو نه هوندي ته امر ڪيئن ٿيندي؟
حاڪم طبيعت ۾ حاڪم نه پر خادم آهي. منجهس پيار،پريت، ميٺ ۽ محبت جي خوشبو سمايل آهي. حاڪم گل جو هي شعري مجموعو به نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي انهن مجموعن جي قطار ۾ بيٺل آهي، جيڪي تازو ڇپيا آهن يا ڇپجندا. نئين ٽهيءَ جي دوستن پاران ڪتاب پڌرا ڪرڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ جو نئين ٽهيءَ جي متحرڪ ٿيڻ سان “هڪ هٽي” جو محل ڀڄندي ڀرندي ڏسي رهيو آهيان ۽ “ ادبي سامراجيت” خلاف اها هڪ خاموش تحريڪ آهي. ان خوشيءَ ۾ اها ڳالهه به غور هيٺ هجڻ گهرجي ته ڪتاب صرف تعداد وڌائڻ جي بنياد تي نه ڇپجڻ گهرجن پر ڪتاب ۾ شاعريءَ جون فني ۽ فڪري خوبيون به نمايان هجڻ گهرجن. مان سمجهان ٿو ٿو ته حاڪم گل جنهن لڳاءَ سان لکيو ۽ سکيو آهي ۽ جنهن چاهه سان هن راهه ۾ پنڌ پيو آهي، نيٺ منزل ماڻيندو ۽ پنهنجن سٽن ۾ اڃا به تحرڪ ۽ تازگي آڻيندو. اميد ٿو ڪريان ته سندس شعري مجموعو سنڌي ادب ۾ نرالو اضافو ڳڻيو.

[b] بيخود بلوچ
[/b] پنو عاقل

گل جي خوشبو ۽ خوابن جي دنيا

ڏات ۽ ڏانوَ کان سواءِ شاعري ۾ رياض بنا سنگيت ڪڏهن به مڃتا ماڻي نه سگهندو آهي. امير خسرو اردو ادب جو بهترين عظيم شاعر آهي. جنهن ادب جي اڀ تي اها ڳالهه عيان ڪئي ته رڌم ۽ رچاءُ کانسواءِ ڪا به تخليق ادب جي ڌرتيءَ تي پير کوڙي نه سگهندي آهي ۽ جن سنگيت ڪارن کي سرن جي ساهتڪاريءَ جي سمجهه ناهي ايندي اهي سڄي زندگي ڪلاڪار بڻجي نه سگهندا آهن ۽ ساڳيءَ طرح جي ڪوتا ڪارن کي ڏات، ڏانءَ، رڌم ۽ رچاءَ جي پروڙ ناهي هوندي.اهي ڪڏهن به شاعريءَ جي اڏامندڙ پکيءَ سان گڏجي اڏامي نه سگهندا آهن.
ڏات ۽ ڏانءُ ڪنهن جي ميراث ناهن هوندا ۽ ان ۾ عمر جو ڪو به قيد ناهي هوندو. اسان جي دوست حاڪم گل جي سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي سڃاڻ آهي. هن ننڍي عمر ۾ شاعريءَ جي سمورين صنفن ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس غزل، گيت، وايون،چوسٽا ۽ نظم مڪمل رڌم ۽ رچاءُ رکن ٿا. سندس نالو حاڪم ۽ تخلص گل ۽ هو مالهي ڳوٺ جو مهر آهي پر هو پنهنجي نالي جي هيشه ابتڙ ڪڏهن به حاڪم نه پر هڪ عام ڳوٺاڻو ۽ عوامي ماڻهو لڳندو آهي. سندس شاعريءَ ۾ سڳداسي چانورن جهڙو هڳاءُ آهي. حاڪم گل کي ادب جي اڀ تي رابيلن جهڙي خوشبو ڦهلائڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ته سندس پهرئين شعري مجموعي “ خواب مرڪي پيا” کي ادبي کيتر ۾ ضرور ڀرپور موٽ ملندي.


[b] خواجه ذوالفقار
[/b] سکر 10.04. 2006

شاعريءَ جي باغ ۾ تازو گل

سونهن ڇاهي؟ پيار ڇاهي؟ خوشي ڇاهي؟ رنگ ڇاهي؟ خوشبو ڇاهي؟ وصال ڇاهي؟ وڇوڙو ڇاهي؟ سڀئي ڪيفيتون آهن. احساس آهن، جن جي پٺيان ڪيترو به لڳجي يا جن کان ڪيترو به پري ڀڄجي ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي ته سموريون ڪيفيتن ۽ احسان کي ذهن جي پڃري ۾واڙي ڇڏي يا ڪيفيتون ۽ احساس ڪٿي گڏجي پون ته مختلف رنگ ڪيفيتن ۽ احساسن جي انڊلٺي اڏار ذهن جي پردي تان لهندي لهندي اچي جڏهن ڪنهن اجري پني تي واهپرو ڪري ته شاعريءَ جو خوبصورت روپ وٺي ڪنهن گمنام ماڻهوءَ کي به چٽو پٽو ۽ منفرد ڪري شاعرن جي خوبصورت وادي ۾ آڻي بيهاري ڇڏي.
مون کيس جيترو پڙهيو آهي ته سندس شاعري نسوري پيار، درد، پيڙا،رنگ، خوشبو، وصال، وڇوڙي، خوشين۽ شڪايتن جو هڪ ڪاڪ ٽيل آهي.
سندس هڪ شعر آهي ته:
پيار محبت، عشق چاهت سان ڪئي،
پئي ٽڪي جذبات تنهنجي شهر ۾.
يا سندس غزل جون هي سٽون پڙهي ڏسو:
ڪنهن جي اڱڻ تي خوشيون، ڪنهن وٽ صبح جو خوشبو،
ڪنهن وٽ وري غمن جي ڪا شام لڙي هوندي!

جنهن کان به جڏهن ڪوئي وڇڙي وڃي ٿو جاني،
تنهن ويل ان جي گهر ۾ قيامت جي گهڙي هوندي!

سندس شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي هلڪا ڦلڪا جهول نظر اچن ٿا ڪٿي وري خيالن جي دلربا پرواز انهن اوڻاين کان الاهي پري ها الاهي پري ڪنهن شاعري جي نئين ڦٽندڙ باغ ۾ تازو گل آڇي، پنهنجي نانءَ جيان پڙهندڙن جي دل تي حاڪميت جو راڄ قائم ڪري ٿي.

[b] ڊاڪٽر مشتاق ڦل
[/b] ڪنب

غزل جو خوبصورت شاعر حاڪم گل

لکي غلام شاهه جي علائقي سان تعلق رکندڙ اسان جو هي يار شاعر حاڪم گل پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ اهڙو ئي هڪ خوبصورت انسان آهي جهڙو هو اسان کي پنهنجن سرجيل خوبصورت شعرن ۾ نظر ٿو اچي. حاڪم گل نهايت ئي سادو، سڌو، ماٺيڻي لهجي وارو هڪ محبتي انسان، يارن جو يار آهي، هن جهڙيءَ ريت مسلسل جدوجهد جستجو ۽ رياضت سان سنڌي ادب جي اڻ ڳڻين شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي تهڙي ريت پنهنجي چاهيندڙن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو اٿائين، حاڪم گل جي شاعر ۾ شاعري جي لوازمات سان گڏ جديد فڪر ۽ خيال جي گهرائي پڻ سمايل آهي، هن شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ پنهنجو فڪر اسان تائين پهچايو آهي، پر مون کي حاڪم گل جا غزل وڌيڪ وڻن ٿا، حاڪم وٽ درد، هجر ۽ فراق،بک بدحالي، بي رحمتي،حسن ۽ عشق جي جذبن جي اپٽار سان گڏ ڌرتي سان پيار، مارو ماڻهن سان محبت ۽ ڌرتي تان سر گهور ٿيڻ جهڙا جذبا پڻ ملن ٿا، جن جي پرچارڪ حاڪم گل پنهنجي شعرن ۾ ڪري ٿو. مطلب ته حاڪم جو شعر زندگيءَ جو ترجمان. آهي ۽ ترجمان شاعر ٿي ماڻهن کي صحيح راهه ڏيکاري سگهن ٿا. سندس سموري شاعريءَ مان ڪونه ڪو ڪارج ضرور سري ٿو.

[b] جهانگير عباسي
[/b] لاڙڪاڻو

پيار ۽ سونهن جو شاعر: حاڪم گل

شاعري نفيس جذبن جي اظهار جو ذريعو آهي، جنهن ۾ اکر اکر مُنڊيءَ جي ٽِڪ جيان اُجرو ۽ گلاب جي پنکڙيءَ جيان سرهو محسوس ٿيندو آهي. سنڌي شاعري ان ڪري به مقبوليت ماڻي آهي، جو هن ۾ ٻوليءَ جو سواد ۽ سُرن جي سونهن موجود آهي. سنڌي شاعريءَ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي شاعريءَ جا موضوع ٻين ٻولين جي شاعري کان جُداگانه نرالا الڳ آهن، جن کي اسان جي نوجوان شاعرن خوب نڀايو آهي. نئين ٽهيءَ ۾ ڪيترائي شاعر اڀريا آهن، جن پنهنجي انداز سان اظهار جي نئين روايتن کي جنم ڏنو آهي ۽ ادب جي گلستان ۾ سونهن، سرت ۽ سرهاڻ پيدا ڪئي آهي. انهن گلن ۾ حاڪم گل جو نالو به شامل آهي.
حاڪم گل، پنهنجي شاعريءَ ۾ سادا لفظ۽ نغمگيءَ کي برقرار رکيو آهي. سندس شاعري جو فني سفر اڃان وڌڻ واري دڳ ۾ آهي. پر فڪري طرح هن سنڌ جي سمورن مسئلن کي ڇهيو آهي. سندس انداز ۾ سنڌ جي چيڪي مِٽيءَ جو واس سمايل آهي. ان مٽيءَ ۾ ڪلا کيتر جي ڪيترن ئي پاسن جي خوشبو ڀريل آهي.
حاڪم گل جي شاعريءَ ۾يار جون ادائون ۽ رمزون به آهن، ته قرب وارن جا ماڻا ۽ ڏک به ليئا پائن ٿا. زماني جون شڪايتون ۽ محبت جو انداز هڪ سچي ۽ صاف ماڻهوءَ کي اڀاري ٿو. جنهن سان پڙهندڙن کي موهه ملي ٿو.
حاڪم گل، شاعري جي ان سفر ۾، ڪيترن ئي سنگ بنيادن جو سبب بڻيو آهي ۽ ادب ۽ ٻوليءَ جي راهه ۾ هڪ نشان ٿي اڀريو آهي.
اسان جي دعا آهي ته حاڪم گل جي ان سفر ۾، هن جي شاعري جي سرهاڻ سان، سنڌي ٻولي، سنڌ ڌرتي ۽ ان جي سموري سندرتا اڃان وڌي ۽ هن جو فن اڃان نکري.

[b] ڊاڪٽر ذوالفقار سيال
[/b] ڪراچي، 4 اپريل 2016ع

ٻوليءَ جي جهولي ۾ سدا سرها گل

تخليقي ڏات انسان جي اُڌمن ۽ جذبن جي اظهار جو نالو آهي. اهڙو ادب نثر ۾ هجي يا نظم ۾ انساني زندگي جي ترجماني ڪري ٿو. معاشري ۾ بدلجندڙ حالتن جي ضرورتن کي محسوس ڪندي شاعر اهنج ايزاءَ، ڏکن، سکن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان کي ئي تخليق چئجي ٿو. اهڙي تخليق ڪندڙ ۽ سرجيندڙن مان اسان جي نئين ٽهي مان اڀرندڙ غزل جي اسلوب کي سمجهندڙ حاڪم گل آهي، جيڪو خوشبوءَ جي سرهاڻ ڦهلائيندي پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. حاڪم گل غزل جي صنف سان گڏ، گيت، نظم کي چڱي طرح سمجهندي انهن صنفن ۾ نوان نوان تجربا ڪندو رهي ٿو. هن نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر پنهنجي ڪينواس تي ڪيتريون تخليقي سرجيون آهن، اڄ هن جي تخليقي ڏات مان هڪ نئين ڪتاب جو جنم ٿئي ٿو. ان ڪتاب جي اچڻ سان حاڪم جو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اضافو ٿيندو. جنهن مان ڪيترائي شاعر پنهنجي پياس اجهائيندا. حاڪم جو هي پورهيو ادبي سفر ۾ ضرور لاڀ ماڻيندو. حاڪم گل شاعريءَ اندر محبت جون رنگينون،۽ اتساهه اوتي ويو آهي.اهڙين محنتن ۽ مشاهدن جي ڪري شاعري اندر سونهن جا چار چنڊ لڳن ٿا. آس اٿم ته هي اڃان به شاعري ۾ نوان تجربا ڪندي ٻوليءَ جي جهولي سدا سرها گل وجهندو رهندو، جنهن جي سرهاڻ چوڏس واس ڇڏيندي.

ساٿ هلندو رهي،
لاٽ ٻرندي رهي.


[b] گوهر سنڌي
[/b] رستم (شڪارپور)


بيت

شعرن گلڙا، گل مهر جا....

عظيم شاعر شيخ اياز کي گل مهر ۽ املتاس جا وڻ ڏاڍا وڻندا هيا، جن جو ذڪر سندس شاعريءَ ۾ به جهجهو ملي ٿو. اسان جي سهيوڳي ساهتڪار حاڪم گل مهر جي قربائتي شخصيت ۽ من ڇهندڙ شاعريءَ تي سوچيندي ذهن ۾ گل مهر جو وڻ علامت بڻجي اڀري اچي ٿو.
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ ته ڪيترين ئي جاين پر شڪارپور ۾ سنڌ واهه جي ڪپ تي آخري رهجي ويل گل مهر وارو وڻ جڏهن بسنت ۾ ريٽا گل ڪندو آهي ته ڪيترو نه موهيندڙ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو آهي!
حاڪم جي شعريءَ واري وڻ جي ڇيڙن تي ريٽا گل سندس تخليقي بسنت رت جو عڪس چٽي رهيا آهن، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن نکار ايندو پيو وڃي.
گُهٽ، ٻوسٽ واري ماحول ۽ پرماريت جي پاڇن۾ جيون گهڙيون گهاريندڙ حاڪم گل مهر حساس جذبن سان، جرڪا جوت ڦهلائيندڙ ۽ پيار پريت جا پيغام پهچائڻ وارا سُريلا شعر سرجي جديد سنڌي ادب جي سينڌ سنواري رهيو آهي.
هو مسلسل لکي ٿو ۽ وڏي اتساهه سان مطالعو ڪندو رهي ٿو. مطالعي، مشاهدي ۽ محنت سان هو هڪ جيڏن ۾ بهتر سڃاڻپ سان اڳتي وڌندو رهي ٿو، جنهن جو مثال سندس هي شعري مجموعو آهي.
ڌڻيءَ در دعا آهي ته سندس قلم ڏينهون ڏينهن وڌيڪ سگهاريون سٽون ادب کي ارپي، هو پڪو پختو شاعر بڻجي جديد سنڌي ساهت جو سهڻو حوالو ٿي پوي!


[b] قاضي منظر حيات
[/b] حيدرآباد 10 اپريل 2006ع

غزل

---

درد، پيڙا، سور تنهنجي سار ۾

درد، پيڙا، سور تنهنجي سار ۾،
ڇا اهو ڪافي نه آهي پيار ۾؟

هڪ جَنَم کان سَوَ جنم تائين سدا،
مان رهان تنهنجي مٺي ديدار ۾.

ڪاميابي منهنجي جيون ۾ نه آ،
مان رهيو آهيان سدائين هار ۾.

ساڙ، ڪلفت، باهه، نفرت کان سوا،
ڇا رهيو آهي سڄي سنسار ۾.

پيار جون ڳالهيون جتي هلنديون هيون،
ڪو مزو ناهي رهيو تنهن پار ۾.

تو سوا ڪهڙو جيئڻ آهي هتي،
مون به ڪنهن ڏي هي لکيو آ تار ۾.

المدد محبوب سائين المدد،
هاڻ حاڪم گل اٿئي آزار ۾.

رکي ياري اسان سان من، نڀائيندين ته ڇا ٿيندو!،

رکي ياري اسان سان من، نڀائيندين ته ڇا ٿيندو!،
اسان جي دل سان پنهنجي دل، لڳائيندين ته ڇا ٿيندو.

ڇڏيو هاڻي حجابن کي، ڏسو سامهون پرين مون ڏي،
نگاهن سان نگاهون جي ملائيندين ته ڇا ٿيندو.

سَڄي هن پنهنجي جيون ۾، رنا آهيون ڀنا آهيون،
ڪري احساسَ پنهنجا من، کلائيندين ته ڇا ٿيندو.

اها ئي آرزو پنهنجي، حياتيءَ کي اڃان آهي،
اسان جي پيار کي دل ۾، وسائيندين ته ڇا ٿيندو.

ڇڏيو ڳالهيون رسامي جون، اچو هاڻي ته پرچي پئو،
وري حاڪم سان ميلو جي، ملهائيندين ته ڇا ٿيندو.

هيڪلائي لڳي ڌرتتيءَ وانگيان،

هيڪلائي لڳي ڌرتتيءَ وانگيان،
ساٿ تنهنجو سَکي زندگيءَ جيان.

سونهن جي شهر ۾ تو سوا سانوري،
پاڻ ٿو ڀائنجي اجنبيءَ وانگيان.

ڀاڳ منهنجا کڻي آ هلي اوچتو،
منهنجي جيون اندر روشنيءَ وانگيان.

ڇو پري ٿي رهين پرهه جهڙي پري،
آءُ چپ تي سُري تون چُمي وانگيان.

منهنجي مايوسين جو اچي انت ڪر،
هڪ گهڙي لاءِ بڻجي خوشيءَ وانگيان.

هار“ حاڪم” گلن جا تولئه ٺاهيا،
سير اچجان تري بي ڊپيءَ وانگيان.

تنهنجي چاهت وساري سگهان ڪيئن مان!،

تنهنجي چاهت وساري سگهان ڪيئن مان!،
او پرين! پاڻ ماري سگهان ڪيئن مان!.

ٿو وڇوڙو وڍي روز پيو هيانءُ کي،
ڏور توکان گذاري سگهان ڪيئن مان!.

آ هلي سال گذري ويا تو بنا،
لڙڪ پنهنجا بيهاري سگهان ڪيئن مان!.

رات ٿئي ٿي ته تڙپڻ شروع ٿي ڪري،
دل چريءَ کي سنڀاري سگهان ڪيئن مان!.

ڪا گهڙي چين ناهي سوا تو پرين،
توکي دل مان ڌڪاري سگهان ڪيئن مان!.

درد جي هن ڪٿا جي پڄاڻي نه آ،

درد جي هن ڪٿا جي پڄاڻي نه آ،
هيءَ حياتي رڳو هڪ ڪهاڻي نه آ.

تو ۾ اٽڪي پئي، منهنجو ڪهڙو قصور،
سمجهه آهي چري، دل سياڻي نه آ.

جو به آ ڪجهه به آ، مون ته توکي ڏني،
ڇو ڀلا تو اڃان، دل اماڻي نه آ.

تون مڃي يا نه مڃ مان چوان ٿو پيو،
تو سوا منهنجي هتڙي ڪا راڻي نه آ.

تون وڃي ٿي هلي، اوچتو اوچتو،
تنهنجي چاهت اڃان، مون ته ماڻي نه آ.

او چري ماٺ ڪر، آ وڇوڙو پري،
هيءَ حياتي اڃان ٿي پراڻي نه آ.

تون آن چنڊ ستارن جهڙي،

تون آن چنڊ ستارن جهڙي،
سانوڻ جي وسڪاري جهڙي.

تنهنجي ڪاوڙ موت آ مون لئه،
تنهنجي مرڪ بهارن جهڙي.

آءُ ته توکي ساهه ۾ سانڍيان،
چين، سڪون، قرارن جهڙي.

توکي ڪيئن وساري سگهندس،
چاهه نگر جي چارن جهڙي.

حاڪم گل کي لڳندي آهين،
سنڌ ڌرتيءَ جي نعرن جهڙي.

هير خوشبو آڻي ٿي تنهنجي پارَ جي،

هير خوشبو آڻي ٿي تنهنجي پارَ جي،
ڳالهه جڏهن به نڪري اٿي پيارَ جي.

درد دل کي تڏهن ٿيندو آهي گهڻو،
ڪو جڏهن به ڪندو آ گلا يارَ جي.

ساٿ تنهنجو رهي زندگيءَ ڀر اگر،
پوءِ پرواهه ڪهڙي مون کي هارَ جي.

وقت ڪيڏو به مشڪل اچي جي وڃي،
سوچ مون مان نه، رکجان ڪڏهن ڌارَ جي.

ٿورڙي ڳالهه تي ايڏي ناراضگي،
ڇو طبيعت رکين ٿي چري ٻارَ جي.

وڇوڙي کان ڪيڏو ڊنا نيڻ منهنجا،

وڇوڙي کان ڪيڏو ڊنا نيڻ منهنجا،
مينهوڳيءَ جي مند جان ڀنا نيڻ منهنجا.

کڻي سار آئي جڏهن هير تنهنجي،
تڏهن توکي ساري رنا نيڻ منهنجا.

ڀلا ڪيئن ڪنهن کي وساري سگهن ٿا،
سدائين رهيا آشنا نيڻ منهنجا.

چون ٿا ضديرا، رُڳو روئڻو آ،
نه ٿا ماٺ ڪن تو بنا نيڻ منهنجا.

مليو درد جيڪو هيو منهنجي دل کي،
سو ڀوڳن پيا ڀوڳنا نيڻ منهنجا.

اچي ٿي يارَ جي خوشبو،

اچي ٿي يارَ جي خوشبو،
پرينءَ جي پارَ جي خوشبو.

وڌائي زندگيءَ کي ٿي،
اوهان جي سارَ جي خوشبو.

اڃا ڀي جيئري آهي،
سهڻي ميهار جي خوشبو.

وٺو جو مينهن ٿر ڪاڇي،
اُٿي مهڪارَ جي خوشبو.

وساري ڪيئن سگهان ٿو مان،
اوهان جي پيارَ جي خوشبو.

سدا حاڪم جي مٺڙي ۾،
رهي دلدارَ جي خوشبو.

عڪس تنهنجا جي رهيا نيڻن اندر،

عڪس تنهنجا جي رهيا نيڻن اندر،
ڪيترو ها پئي ٺهيا نيڻن اندر.

تو سکيو آهين هُتي، هِت تو سوا،
گهر اچي ڳوڙهن ڪيا نيڻن اندر.

نييٺ ايندين تون انهيءَ ئي آس تي،
مون ڇڏيا ٻاري ڏيئا نيڻن اندر.

توکي پائڻ جا ڏٺا جيڪي پرين،
خواب سي ڀورا ٿيا نيڻن اندر.

تو پُڄاڻن هيل جُڳن جا وري،
درد هن جاڳي پيا نيڻن اندر.

ڪونه ٿا رڪجن ڀلا مان ڇا ڪيان؟
لڙڪ آهن بي چيا نيڻن اندر.

اسا ڳالهه ڇيڙي جڏهن آ مرڻ جي،

اسا ڳالهه ڇيڙي جڏهن آ مرڻ جي،
تڏهن ٿو رکين تون تمنا جيئڻ جي.

مُئي کان پو نيڪي اها ريت اڳ جي،
نئين واٽ ڏس ڪا تون مڃتا ڏيڻ جي.

تڏهن نيڻ آلا به ٿي ويندا آهن،
جڏهن ڪوئي ڪنهن کي ڪري ٿو ڇڏڻ جي.

ڪيو توکي جنهن آ زماني ۾ رسوا،
اڃا آس تنهن سان رکين ٿو ملڻ جي.

ضروري ته ناهي غمن ۾ گذارڻ،
ڪبي آهي ڪوشش ڪڏهن خوش رهڻ جي.

ڀلي درد جانان تون ڪيڏا به ڏئي ڏس،
متان سمجهين ناهي ڪا طاقت سهڻ جي.

الائي ڇو دل کي به پڪ ٿي پئي آ،
ته ايندي وري مند تنهنجي ملڻ جي.

نه ڏي آس ڪوڙي اکين کي او سائين،
اکين کي ڏي هاڻي اجزت سمهڻ جي.

جڏهن کان جدا ٿي وئين تون تڏهن کان،
اکين کي ٿي پئي آهي عادت وسڻ جي.

بند شوڪيس ۾ هيڪلو هيڪلو

بند شوڪيس ۾ هيڪلو هيڪلو،
درد جي ديس ۾ هيڪلو هيڪلو.

روشنين جي شهر ۾ گذاريان پيو،
ڪارڙي ويس ۾ هيڪلو هيڪلو.

مان نه اُڏري وڃان، مون کي قابو ڪري،
ويڙهي ڇڏ کيس ۾ هيڪلو هيڪلو.

هاءِڙي! محبتي نيٺ ماريو ويو،
عشق جي ڪيس ۾ هيڪلو هيڪلو.

منهنجا جذبا اکين ٿي زماني اڳيان،

منهنجا جذبا اکين ٿي زماني اڳيان،
شاعري ڪيئن توکي ڇڏي ٿو سگهان!.

سادڙا سولڙا بس اهي ئي اَٿَوَ،
پنهنجي شعرن ۾ جدت ڪٿان آڻيان!.

پيار مون کي ته توسان پرين ايترو،
جيترو جند سان، جيترو سنڌ سان!.

منهنجي جيون جي هڪڙي آ خواهش پرين،
منهنجو نالو اچي تنهنجي نالي پٺيان!.

اکيون ڳاڙهيون، لٿل چهرو، اوجاڳا نيڻ تنهنجا هن!،

اکيون ڳاڙهيون، لٿل چهرو، اوجاڳا نيڻ تنهنجا هن!،
اڳي ٿو ڪنهن ته ساجن لئه تلاشا نيڻ تنهنجا هن!.

پڙهي هر هر چمان ويٺو، ڪتابن پاڪ پيارن جيان،
مٺيون، ڳالهيون ڪتابن جون خلاصا نيڻ تنهنجا هن!.

پون ٿا وِڄ جيان ڪڙڪي، ڪنهين راهيءَ مٿان هڪدم،
قيامت جي مٿان قيامت ڪي تجلا نيڻ تنهنجا هن!.

ملي ٿو چين دل کي ۽ اچي ٿي روح کي راحت،
نظارا خوب قدر جا ۽ چشما نيڻ تنهنجا هن!.

سدائين ماٺ ۾ آهن خبر ناهي الائي ڇو؟
لڳي ٿو ڪنهن مٿان مون جيان ديوانا نيڻ تنهنجا هن!.

نه آهي ڪو زماني ۾ جنهين سان ڀيٽ ڏيان توکي،
خدائي روپ جهڙا ٻئي هي جلوا نيڻ تنهنجا هن!.

لنوائڻ جي نه “ حاڪم گل” هينئر طاقت رهي ناهي،
مون کي پنهنجو ڪري ويٺا نماڻا نيڻ تنهنجا هن!.

نيڻن سان نيڻن جي کيچل،

نيڻن سان نيڻن جي کيچل،
ٽهڪن سان ٽهڪن جي کيچل.

رات سمي اکڙين سان ٿئي ٿي،
خيالن ۽ سپنن جي کيچل.

ڪاليجن ۾ روز رهي ٿي،
چهرن سان، چهرن جي کيچل.

روز جيان آ اڄ به تنهنجي،
وارن سان هٿڙن جي کيچل.

ڪيڏو توکي ٺهندي آهي،
چهري تي زلفن جي کيچل.

بند چپن کي کول ته ٿئي پو،
چپڙن سان چپڙن جي کيچل.

ساڻ موتين پويل هوءَ سڳي ٿي وئي،

ساڻ موتين پويل هوءَ سڳي ٿي وئي،
اجنبي ڪالهه، اڄ زندگي ٿي وئي.

جنهن کي چاهيو، نه سمجهيو، نه ئي سوچيو،
سائي وينگس منهنجي شاعري ٿي وئي.

ڪالهه جنهن کان مون پرتي رهڻ پئي گهريو،
اڄ اها ئي سَکي بندگي ٿي وئي.

ڀروسو ڪونه ڪنهن تي رهيو آهي ڪو،
آهه دنيا سڄي ئي ٺڳي ٿي وئي.

چار پئسا ٿيا، موج مستي ۾ پوءِ،
دوستيءَ کان پري دوستي ٿي وئي.

هن جي منهنجي اڱڻ تي رکيا پيرڙا،
منهنجي جيون اندر روشني ٿي وئي.

تنهنجو پيار به پاڻيءَ جهڙو،

تنهنجو پيار به پاڻيءَ جهڙو،
گهر جي ڄڻ ته ڌياڻيءَ جهڙو.

تنهنجا خواب اڌوريون ڳالهيون،
منهنجو خواب ڪهاڻيءَ جهڙو.

سونهن نگر ۾ کوڙ حسين پر،
تنهنجو روپ آ راڻيءَ جهڙو.

سوچ به ڪنهن جي خوشبو خوشبو،
عقل به ڄڻ ته سياڻيءَ جهڙو.

ڪنهن جو پيار ته پاڪ وري پر،
ڪنهن جو پيار به فلاڻيءَ جهڙو.

ڄام تماچيءَ کي نه وڻيو هو،
ماڻهو ڪوبه مهاڻيءَ جهڙو.

ناول حاڪم گل ڪو لکجان،
منهنجي درد ڪهاڻيءَ جهڙو.

اڪيلا اڪيلا اسان ٿي پيا هون،

اڪيلا اڪيلا اسان ٿي پيا هون،
اوهان کان جو جاني جدا ٿي ويا هون!.

ڪجي ڪهڙي ڳڻتي وري هارجڻ جي،
سدائين اسان هار ۾ جو رهيا هون!.

وڇوڙي جو هاڻي ڀلا ڀوءُ به ڪهڙو،
اسان باهه ان ۾ پچي راس ٿيا هون!.

نه روڪيو کلڻ کان، اوهان جو ڪهڙو ڪم،
ڏئي ٽهڪ ورهن کان پوئي کليا هون!

چئو ڀل ته پاڳل ڪوئي حرج ناهي،
اوهان ئي سياڻا، اسان ئي چريا هون!

زندگي آزار ڪيڏا ٿي ڪرين!،

زندگي آزار ڪيڏا ٿي ڪرين!،
تون دلين ۾ ڏار ڪيڏا ٿي ڪرين!.

نفرتن جو ٻج ڇَٽي دلين اندر،
تون جدا دلدار ڪيڏا ٿي ڪرين!.

او چري تون خوام خواهه ڪنهن جي ڪري،
پيار ۾ دشوار ڪيڏا ٿي ڪرين!.

ٿو سگهان ڦاسي ته تنهنجي ڄار ۾،
تون اجايو وار ڪيڏا ٿي ڪرين!.

نه توکان پري مان رهي ٿو سگهان!،

نه توکان پري مان رهي ٿو سگهان!،
نه تنهنجو وڇوڙو سهي ٿو سگهان!.

ڪٿي آهين جانان! پتو ڪونه آ،
نه تنهنجو ٺڪاڻو لهي ٿو سگهان!.

ٺهڻ تو سان مشڪل زمانا ٻڌي ڇڏ!،
مگر موت سان ئي ٺهي ٿو سگهان!.

تنهنجا عڪس سامهون ٿا ڦرندا رهن،
ڀلا ڪيئن تن کي ڇهي ٿو سگهان!.

جهڪان هاڻ حاڪم ڇو ڪنهن جي اڳيان،
مان ڀورا ٿي ڀُرندو ڊهي ٿو سگهان!.

ڇا رکيو آ ڀلا درد ۽ چوٽ ۾!،

ڇا رکيو آ ڀلا درد ۽ چوٽ ۾!،
پيار ڏي تون مٺي پيار جي موٽ ۾!.

عمر ڀر لاءِ منهنجي او رابيلڙي،
آءُ ٻانهن جي توکي رکان ڪوٽ ۾!

هاڻ اظهار ڪر، پيار جو ظاهري،
ڪيسين رکندينءَ تون پاڻ کي اوٽ ۾!

نه ڏسجي ڪمي ڪابه ٿي ڪنوار ۾،
۽ نه ٿوري به گهٽتائي آ گهوٽ ۾!

ساٿ پنهنجو سو حاڪم ڪٿي ٿو ڏئي،
ساهه جنهن جو آ سائي، نيري لوٽ ۾!

عشق ڪيڏو عجيب و غريب آ پرين،

عشق ڪيڏو عجيب و غريب آ پرين،
پيار تنهنجو نه منهنجو نصيب آ پرين!.

ڏور توکان گذاري ائين سمجهيو،
موت ڪيڏو اچي ويو قريب آ پرين!.

پيار منهنجو ڏسي آسمان جيڏو ئي،
هي زمانو سڄو ٿيو رقيب آ پرين!.

پيار جي موٽ ۾ پيار ۽ درد جو،
هيءُ رشتو به ڪيڏو عجيب آ پرين!.

ڪيئن ويساهه ٿئي دوستن جي مٿان،
ڪير ڪنهن جو نه هتڙي حبيب آ پرين!.

ياد به تنهنجي خنجر جهڙي!،

ياد به تنهنجي خنجر جهڙي!،
ڪرب بلا ۽ محشر جهڙي!.

مون کي ميڙ ضرور اول پر،
پاڻ ته ميڙ او کنڊر جهڙي!.

ڪيئن ڀلا ڪو تنهنجو ٿيندو،
هٺ غُرورَ تڪبر جهڙي!

تو ۾ پيار نه اچڻو آهي،
تون ته صفا آ نهڪر جهڙي!

دنيا ۾ نه ڏٺي سون صورت،
حاڪم گل جي دلبر جهڙِي!

تنهنجي به نيٺ ڪنهن سان اک يار اڙي هوندي!

تنهنجي به نيٺ ڪنهن سان اک يار اڙي هوندي!
ڪنهن سانوريءَ سان دلبر دل تنهنجي جڙي هوندي!.

ڪنهن جي اڱڻ تي خوشيون،ڪنهن وٽ صبح جي خوشبو،
ڪنهن وٽ وري غمن جي ڪا شام لڙي هوندي!.

جنهن کان به جڏهن ڪوئي وڇڙي وڃي ٿو جاني،
تنهن ويل ان جي گهر ۾ قيامت جي گهڙي هوندي!

نيڻ جا ٻاري ڏيئا، هر روز سکي گهر ۾،
يادن جا ڀري ڀاڪر سورن ۾ سڙي هوندي!

ساجن جي جدائي ۾ نيڻ مان ڳاڙي ڳوڙها،
ڪمري ۾ ويهي هيڪل هوءَ خوب رڙي هوندي!

پنهنجون يادون مون کان کسين ڇوٿو؟

پنهنجون يادون مون کان کسين ڇوٿو؟
دوست! ايڏو مون کي لٽين ڇو ٿو!

هو ويو آ رسي ته ڇا ٿي پيو،
مينهن وانگر وري وسين ڇو ٿو!

ڪيترا ڀوڳ، چرچا ٿيندا هئا،
ڳالهه ٿوريءَ تي اڄ چڙين ڇو ٿو!

ڏوهه ڪهڙو ڪيم، ٻڌاءِ کڻي،
غير رسمي طرح ملين ڇو ٿو!

ڦاڙ سڀيئي منهنجا ڦوٽو ته مڃان!،
تن کي ڀاڪر ڀري سمهين ڇو ٿو.

مون چيو ڪالهه، جيڪي محفل ۾،
ٻول هر بار سي ٻڌين ڇو ٿو.

آءُ ته توکي ڏيان لکي جيون،
ائين پرتي ڀلا رهين ڇو ٿو.

جو نه توکي سڃاڻي يار سگهيو،
ايڏو تنهن لاءِ تون لڇين ڇو ٿو؟

پنهنجو هاڻ جيون به دوکو لڳي ٿو،

پنهنجو هاڻ جيون به دوکو لڳي ٿو،
نئين موڙ تي هي انوکو لڳي ٿو.

ڪڏهن مکڻ، ماکي ۽ مصري ٿو ڀانيان،
ڪڏهن زهر ڀريل پيالو لڳي ٿو.

جڏهن ياد ماضي ڪيان ٿو ته پيارا،
ڏکن جو گذاريل ڪو عرصو لڳي ٿو.

جنهن جي ڪابه ساڀيان ڪڏهن ڪا نه ٿئي ٿي،
ملڻ تنهنجو هاڻي ڪو سپنو لڳي ٿو.

جو منهنجو ائين ٿي ويو آهه اڄڪلهه،
سڪل لام جو ڪوئي پتو لڳي ٿو.

ڏني ڏات هن کي هوشياري وڏي آ،
اوهان کي ڏسڻ ۾ جو سادو لڳي ٿو.

هوءَ صدين جا اوجاڳا اکين کي ڏئي،

هوءَ صدين جا اوجاڳا اکين کي ڏئي،
منهنجي نيڻ ۾ ٽانڊا رکي آ وئي.

عشق آڙاهه ٿي، سمجهه ڪر بي سمجهه،
هڪ نه ٿي ڪا ٻڌي دل منهنجي بي چئي!

بيوفا مان اميدون رکي پيار جون،
آسري ۾ حياتي ڊڪي ٿي پئي!

دوش ڪهڙو مقدر مٿان مان رکان،
پنهنجي آهي وئي پنهنجي آهي ڪئي!

تنهنجي وس ۾ آ مون کي ڀلائڻ پرين،

تنهنجي وس ۾ آ مون کي ڀلائڻ پرين،
منهنجي وس ۾ نه توکي مڃائڻ پرين!

مان ڇو ناراض ٿيان تنهنجي ڪاوڙ مٿان،
تنهنجو ڪم ئي ته دل جلائڻ پرين!

بيوفائيءَ جا الزام ڇو ٿو مڙهين،
مان ته چاهيان ٿو چاهت نڀائڻ پرين!

ٿورڙو خيال ڪر، ڪنهن جي جذبات جو،
ٿي چڱو ڪونه ڪنهن کي ڏکائڻ پرين!

مون رنو تون کلئين، منهنجي ئي جيت آ،
مون ته چاهيو ٿي توکي کلائڻ پرين!

زندگي ڪاش ڪوئي قصو ٿي وڃي!

زندگي ڪاش ڪوئي قصو ٿي وڃي!
تو سان ٽڪرائجي حادثو ٿي وڃي.

مرڪ پنهنجي نه رک، ڳجهه ۾ او پرين،
مان نه سمجهين سگهان فلسفو ٿي وڃي!

ڪونه ٿو پيو ٽڪي تو مٿان ڪوڀرم،
ڪنهن به واعدي تي اچ، ڀروسو ٿي وڃي!

ماٺ ئي ماٺ ۾ واءُ اهڙو گهلي،
تون اچين روبرو معجزو ٿي وڃي!

اسان ڀاڳ پنهنجو ڦٽائي ڇڏيو!

اسان ڀاڳ پنهنجو ڦٽائي ڇڏيو!
حياتيءَ کي رڻ ۾ رلائي ڇڏيو!

نه ٿيندو اسان کان جدا ٿي رهڻ،
توهان ڳالهه پنهنجي ٻڌائي ڇڏيو!

وڏو وقت جاني ڳنڍڻ ۾ لڳو،
اوهان اوچتو ائين ڀُلائي ڇڏيو!

ڏئي پيار پهريون، وري پوپري،
زهر زندگيءَ ۾ ملائي ڇڏيو!

رهي عشق ۾ نيٺ ثابت قدم،
اسان پنهنجو جيون جلائي ڇڏيو!

چري ڇوڪريءَ سان ڪري دل لڳي،
ڏکن کي هٿن سان وڌائي ڇڏيو!

با وفا ڇو ڀلائي بي وفا ٿي وئين،

با وفا ڇو ڀلائي بي وفا ٿي وئين،
ڪهڙي غلطي ڪيم جو خفا ٿي وئين!

درد ها، سور ها، غم هئا اڳ مگر،
رهندو ٻيڻا ٿيا جو جدا ٿي وئين!

ڇرڪ ڪيڏو ڀريندو هئين ڌار کان،
هاڻي ڪيڏو پڪو دلربا ٿي وئين!

جا نه ملندي آهي ڪنهن به لقمان کان،
اهڙي اڻ لڀ پرين ڇو دوا ٿي وئين!

اڳ ته توسان رڳو هئم محبت مگر،
هاڻ مون لاءِ تون ديوتا ٿي وئين!

جا اگهامي نه ڪڏهن خدا وٽ اها،
ڇو ڀلا هاڻ اهڙي دعا ٿي وئين!

شخص ڪنهن نگاهه ۾ گم ٿي ويو،

شخص ڪنهن نگاهه ۾ گم ٿي ويو،
ڄڻ ته هو الله ۾ گم ٿي ويو!

پيار جي منزل ڏکي هئي ڪونه پر،
اڻ سڌي هو راهه ۾ گم ٿي ويو!

ٿا چون پاڳل سڀئي هن کي مگر،
هو ته ڪنهن جي چاهه ۾ گم ٿي ويو!

جو چپن جي چانئٺ مان گذريو هيو،
تنهن ٿڌي هو ساهه ۾ گم ٿي ويو!

ڪونه هن جي خيال کي ڄاڻي سگهيو،
هو بس ويساهه ۾ گم ٿي ويو!

گلن جي موسم،پيار جي موسم،

گلن جي موسم،پيار جي موسم،
مٺڙي آهه بهار جي موسم.

رنج ختم، انڪار ختم،
آئي آ اقرار جي موسم.

چوريءَ چوريءَ جهاتيون پائڻ،
جانيءَ جي ديدار جي موسم.

هڪڙي موسم، وڻندڙ موسم،
سهڻن جي سينگار جي موسم.

لبڙا لبڙن سان ملن بس،
ايندي شال خمار جي موسم.

صحبت، الفت، قربت واري،
چاهت جي اظهار جي موسم.

يادن جي ۽ اوسيئڙي جي،
پرين جي ته پچار جي موسم.

رب کان روز گهرن ٿر وارا،
وڏ ڦڙي وسڪار جي موسم.

هل ته هلي ڪا ماڻيون پيارا،
حاڪم گل گلزار جي موسم.

مون گذاري رات تنهنجي شهر ۾!

مون گذاري رات تنهنجي شهر ۾!
ٿي وئي پرڀات تنهنجي شهر ۾!

وار آلا تو ڇنڊيا جو واءُ ۾،
پئي وسي برسات تنهنجي شهر ۾!

ياد تنهنجي رات ڀر مون سان رهي،
ٻي نه هئي ڪا تات تنهنجي شهر ۾!

ڪيئن ڪري انڪار سگهندو ڪو ڪوي،
پئي وسي ٿي ذات تنهنجي شهر ۾!

پيار، محبت، چاهت سان ڪئي،
پئي ٿڪي جذبات تنهنجي شهر ۾!

ٿو مڃان مون کي ملي آهي وئي،
پيار جي سوغات تنهنجي شهر ۾!

پيش “ حاڪم گل” پيو تنهنجي اچي،
جنهن مڃي آ مات تنهنجي شهر ۾!

جيون سارو اولا ٿي ويو،

جيون سارو اولا ٿي ويو،
ڪوسا ڪوسا جهولا ٿي ويو!

ڪنهن جي چاهت پائڻ لئه ڪو،
وک وک وکري رولا ٿي ويو!

مرڪن سان پُر شهر ۾ هڪڙو،
شخص هيو سو ڳولا ٿي ويو!

باهه ۾ ڀڙڪي ڀڙڪي آخر،
چاهه به پنهنجو شعلا ٿي ويو!

هن کان پوءِ ته حاڪم گل جو،
خيال آ ماسا تولا ٿي يو!

پابنديون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

پابنديون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!
اذيتون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

ڀرجهلا ماڻهو ڏور ويا سارا،
ذلتون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

بي وفا آهيان، با وفا هوندي،
تهمتون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

هر خوشي آڏو مون رکي پو ڀي،
رنجشون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

ڪنهن جي خاطر ڪو پاڻ بخشي ٿو،
زندگيون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

چاهتن جو آ، جڳ سڄو دشمن!
نفرتون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

مان تڪيان چنڊ ٿي، هو ڏسي سج جيان،
بي رخيون ڪيڏيون زندگيءَ ۾ هن!

توکي چاهڻ مشڪل ٿي پيو،

توکي چاهڻ مشڪل ٿي پيو،
ٻيهر پائڻ مشڪل ٿي پيو!.

درد، غمن، سورن ۾ پنهنجو،
پاڻ کلائڻ مشڪل ٿي پيو!.

ڪيئن ڪيان مان تولئه ساجن،
من ريجهائڻ مشڪل ٿي پيو!.

بي رحمي هن دور ۾ يارو،
نينهن نڀائڻ مشڪل ٿي پيو!.

سور ئي سور رڳو دل ۾،
پيار سمائڻ مشڪل ٿي پيو!.

يار جو ٿيو حاڪم گل کي،
آهه ڀلائڻ مشڪل ٿي پيو!.

اٺ ڏهاڙا پري، اٺ صديون ڄڻ لڳيون،

اٺ ڏهاڙا پري، اٺ صديون ڄڻ لڳيون،
تو سوا اوپريون سڀ خوشيون ڄڻ لڳيون!

جام ها جامَ پر ڪو مزو ڪونه هو،
پُر پياليون پرين وِهَه وٽيون ڄڻ لڳيون!

ڏينهن توبن سمورا سڄڻ سور ها،
۽ وري راتيون بي چَيون ڄڻ لڳيون!

دوستن منهنجي دل کي ڏنيون آٿتون،
پر اهي آٿتون ڪل ٺڳيون ڄڻ لڳيون!

آرسيءَ ۾ ڏٺو مون جڏهن پاڻ کي،
آب هاڻيون پرين ٻئي اکيون ڄڻ لڳيون!

جنگ اسان جي جاري آهي!

جنگ اسان جي جاري آهي!
سنڌ اسان کي پياري آهي!

مير، وڏيرن کان وڌ مون کي،
پيارو لڳندو هاري آهي!

هوشو، هيموءَ کي جنهن ڄڻيو،
جيجل ڀاڳن واري آهي!

وير وٺڻ چاهيون ٿا تن کان،
جن هيءَ دل آزاري آهي!

ڌاريا سنڌ ۾ ڪونه ٿا گهرجن،
هر سنڌي انڪاري آهي!

جنهن جي دل ۾ سنڌ وسي ٿي،
تنهنجي سوچ سونهاري آهي!

سر ڏينداسين، خوش ٿينداسين،
حاڪم گل سان ياري آهي!

صنم تو سوا پل سري ئي نه ٿي،

صنم تو سوا پل سري ئي نه ٿي،
رهج ساڻ، مو کان پري ئي نه ٿي.

خدارا ملي وڃ گهڙي هڪ گهڙي،
متل باهه دل ۾ ٺري ئي نه ٿي.

سوا تنهنجي جانان، زخم زندگيءَ جا،
سڄڻ ڪا خوشي هئه ڀري ئي نه ٿي.

وڇوڙي تنهنجي ۾ روئي ۽ رڙي،
چري دل صفا چپ ڪري ئي نه ٿي.

سڄي رات حاڪم منهنجي ذهن تان،
آئي ياد تنهنجي ٽري ئي نه ٿي.

ڪير ڪنهن جي رکي ٿو ڀلا اڄڪلهه!

ڪير ڪنهن جي رکي ٿو ڀلا اڄڪلهه!
هُو به دل ۾ رکي ٿو گلا اڄڪلهه!

گهر ۾ وينگس وڌي هو تڏهن خوف کان،
بند پنهنجا رکي ٿو ڳلا اڄڪلهه!

ڪونه آهن رهيا بند ٿي ويا سڀئي،
پيار جا هُن سان سلسلا اڄڪلهه!

پيار تي تهمتون، خوامخواهه ڪوڙ جا،
چڪ چوريءَ وجهن ٿا ٻلا اڄڪلهه!

دوست! تنهنجي دغائي ماري ٿي،

دوست! تنهنجي دغائي ماري ٿي،
مون کي منهنجي وفائي ماري ٿي!

توکان وسري ويو هجان شايد،
هاڻي مون کي جدائي ماري ٿي!

سور ڪيڏا به ڏي مگر جانان!
پر اها بيوفائي ماري ٿي!

هو جڏهن زر ته ساڻ ٽولا ها،
يارو هاڻي سڃائي ماري ٿي!

منهن ۾ هڪڙي ته من ۾ ٻي آهي،
دوستن جي ٻيائي ماري ٿي!

جنهن سان حاڪم سچو تو پيار ڪيو،
سائي توکي سچائي ماري ٿي!

تننهنجي ناراضگي، ٺيڪ ناهي پرين!

تننهنجي ناراضگي، ٺيڪ ناهي پرين!
مون سان بي واجبي، ٺيڪ ناهي پرين!

پيار ۾ ٿورڙيگر هجي ته ڇڏيان،
ايڏي بي قاعدي،ٺيڪ ناهي پرين!

جنهن کي پنهنجو چئي راز ٿو تون سلين،
سمجهه ڪر آدمي،ٺيڪ ناهي پرين!

ڀل ته نفرت ئي ڏي، ڪجهه ته جانان تون ڏئي،
پر صفا بي رخي، ٺيڪ ناهي پرين!

هڪ بهانو هجي درگذر مان ڪيان،
ڳالهه تي ڳالهڙي، ٺيڪ ناهي پرين!

ڏينهن سارو انهي ۾، رهين ٿو تون گم،
ايتري شاعري، ٺيڪ ناهي پرين!

انديشا سدائين رهيا پاڻ کي،

انديشا سدائين رهيا پاڻ کي،
زمانو ڪندو هي جدا پاڻ کي!

حياتيءَ مان دل هاڻ ڀرجي وئي،
اِجهو ڄاڻ سڏيو خدا پاڻ کي!

نه ڪڏهن به توسان ملي مان سگهان،
ڏيان ڪاش اهڙي سزا پاڻ کي!

اوهان جو ئي درشن صحت جو سبب،
نه باقي لڳي دوا پاڻ کي!

ڏسو تيز بارش، صحت جو سبب،
کڻي ساڻ ويندي اها پاڻ کي!

يار پل کن ئي ڏي آسرو پيار جو،

يار پل کن ئي ڏي آسرو پيار جو،
من بچي هي پوي بانورو پيار جو.

کيچلا خواب، منهنجي اکين ۾ رهن،
جي ڪرين مون مٿان ڇانورو پيار جو.

ٿورڙو مان سُران، ٿورڙو تون به سُر،
آ نبيري وٺون مامرو پيار جو.

بادلن جو ڏنا مرڪ لئه لڙڪ ڪي،
سارو جهومي اٿيو ڇاڇرو پيار جو.

آءُ “ حاڪم ” گلن سان محبت ڪيون،
اچ وڌايون پرين دائرو پيار جو.

قسمت ۾ درد آهن، خوشين کي ڇا ڪبو!

قسمت ۾ درد آهن، خوشين کي ڇا ڪبو!
سڏڪن ۾ سوز آهي، ٽهڪن کي ڇا ڪبو!

جيون ڊگهي سفر ۾ تنها ڀلا ڇو رهجي،
ساٿي جو خار بڻجن، گلڙن کي ڇا ڪبو!

جنهن ۾ نه جوش جهلڪي جنهن ۾ نه چاهه چمڪي،
خاموش ماٺ رهندڙ، جذبن کي ڇا ڪبو!

سرشار جهوپا آهن، خوشين ۽ پيار سان پو،
ويران حويلين ۽ محلن کي ڇا ڪبو!

ظاهر ۾ آهه محبت اندر ۾ آ ٻيائي،
اهڙن دولابي “ حاڪم”، دلين کي ڇا ڪبو!

محبتن جي پار کان پرتي رهي ٿو،

محبتن جي پار کان پرتي رهي ٿو،
هو ته منهنجي سار کان پرتي رهي ٿو.

ڪونه ٿيون منهنجون پڄن هن وٽ پڪارون،
ڇو جو سنسار کان پرتي رهي ٿو.

ايترو ٿي ويو خزان جي آهي ويجهو،
هر نئين بهار کان پرتي رهي ٿو.

هن وئي کان ٿي ويو تنها تنها تڏهن،
هاڻ هر سينگار کان پرتي رهي ٿو.

پيار پوڄيندو هيو ڪنهن وقت هاڻي،
چنڊ جي چمڪار کان پرتي رهي ٿو.

هاءِ! “حاڪم گل” ٿيو آ هيڪلو،
سونهن جي سهڪار کان پرتي رهي ٿو.

ڌار توکان رهي دار تي آهيان،

ڌار توکان رهي دار تي آهيان،
زندگي مارن سڄي بار ٿو ڀانئيان!

منهنجي ساري ڪمائي انهيءَ منجهه آ،
تنهنجي هڪڙي رڳو مرڪ ٿو چاهيان!

مون کي ساري زماني جي سونهن جو قسم،
مان سوا تو،زماني ۾ ڪجهه ناهيان!

تنهنجون يادون ٿيون بخشن مون کي زندگي،
پو ڀلا ڇو خدا مان ٻيو ٺاهيان!

محبت کي من ۾ وسائي ڏٺوسين!

محبت کي من ۾ وسائي ڏٺوسين!
پنهنجو پاڻ کي پڻ وڃائي ڏٺوسين!

ڪري پيار پوڄا اسان يار پنهنجي،
حياتيءَ کي رڻ ۾ رلائي ڏٺوسين!

وفائن جي بدلي جفائون سٺيون سين،
زهر زندگيءَ ۾ ملائي ڏٺوسين!

نڀائي ڏکن سان ڦٽائي سکن سان،
اندر پنهنجو آخر جلائي ڏٺوسين!

ڪري پيار پوڄا اسان يار پنهنجي،
حياتيءَ کي رڻ ۾ رلائي ڏٺوسين!

وڇوڙي جو “ حاڪم” کڻي بار سر تي،
زخم پنهنجي دل تي لڳائي ڏٺوسين!

راهه ويندي ڏٺم اجنبي ڇوڪري،

راهه ويندي ڏٺم اجنبي ڇوڪري،
جيڪا خوابن ۾ ايندي هئي ڇوڪري!

جام ڇلندڙ جيان ڇا نه انداز هو،
ڄڻ ته مون کي لڳي مئڪشي ڇوڪري!

منهنجي نيڻ کي روشن ڪري آ وئي،
چنڊ جهڙي صفا هوءَ چٽي ڇوڪري!

رات ڀي ننڊ نيڻ مان اڏري وئي،
چين دل جو لٽي آ وئي ڇوڪري!

من ۾ مانڌاڻ آ، دل ۾ ارمان آ،
ڪاش! مون ڏانهن اچي اڄ ڪهي ڇوڪري!

مون کي ڇڏيندين، مون نه سوچيو هو،

مون کي ڇڏيندين، مون نه سوچيو هو،
ڏکڙا ڏيندين، مون نه سوچيو هو!

پنهنجو هوندي، غيرن جهڙو،
رويو هلندين، مون نه سوچيو هو!

ڪونه ڪيئي احساس ڪو منهنجو،
سنگدل ٿيندين، مون نه سوچيو هو!

درد رکي بي دردن وانگيان،
هيانءُ وڍيندين، مون نه سوچيو هو!

قبول ڪيو هيئي گڏجي رهڻ جو،
ڌار به رهندين، مون نه سوچيو هو!

بي قربن جيان تون “حاڪم” کان،
ڀيرو ڀڃيندين، مون نه سوچيو هو!

آهه تنها زندگي ڄڻ تو بغير !

آهه تنها زندگي ڄڻ تو بغير !
بي مزي آ بندگي ڄڻ تو بغير!

مان نه تنهنجي سونهن تي شاعر ٿيس،
سا اڌوري شاعري ڄڻ تو بغير!

منهنجي من ۾ جو جڙيل سپنن جو گهر،
بَرُ لڳي ٿو اي سکي ڄڻ تو بغير!

جيل جيڏي منهنجي هن جيون اندر،
ڪا رهي ناهي خوشي ڄڻ تو بغير!

تون جو ناهين مون کي ائين ڀاسي پيو،
دنيا دوکو آ لڳي ڄڻ تو بغير!

هاڻ “ حاڪم گل” جي آهي الوداع،
دل نه ٿي ڪا ٿي لڳي ڄڻ تو بغير!

هلي جي وئي هر خوشي موڪلائي،

هلي جي وئي هر خوشي موڪلائي،
اسان کان وئي زندگي موڪلائي!

رهيو ڪو نه احساس آ دوستن ۾،
جڏهن کان وئي، دوستي موڪلائي!

مرڻ ڀي گهرون ٿا مگر ڪونه ٿئي ٿو،
وئي آ هلي خودڪشي موڪلائي!

خزان ٿي ويو هر چمن آ تڏهن کان،
گلن مان وئي تازگي موڪلائي!

وئين تون جڏهن کان، تڏهن کان وئي آ،
اسان کان پرين بندگي موڪلائي!ڇ

تون جڏهن کان ڪيا سڀ ختم سلسلا

تون جڏهن کان ڪيا سڀ ختم سلسلا،
ڏينهن محشر ٿيو رات ٿي ڪربلا.

تو ته ٺڪرائي مون کي ڇڏيو آهي پر،
جوڙ هڪ ٻئي جا هوندا آهن ڀرجهلا.

مون کان جهوليون ڀري تو وتيون چاهه جون،
موت نفرت سان مون کي ڏنئي ڇو ڀلا؟

تون ڇا ڄاڻي پٿر دل تنهنجي پيار ۾،
طئه ڪيا ها مون ڪيڏا پرين مرحلا.

تو چيو هو وڇوڙو نه ٿيندو ڪڏهن،
ڀل ته طوفان اچن يا اچن زلزلا.

سنگدل ڏور تنهنجي وڃڻ کان ته پوءِ،
کوڙ سارا کڙا ٿي ويا مسئلا!

ڇا کان ڪلفت جو اهڙو زهر اوتيئي،
جو پيئڻ سان وڏا ٿي ويا فاصلا.

اگر مون کي ڳولهين ڪتابن ۾ لهجان،

اگر مون کي ڳولهين ڪتابن ۾ لهجان،
پرين درد وارن خطابن ۾ لهجان.

آهيان درد وستي جو ڀٽڪيل رهواسي،
رڳو درد دل جي احبابن ۾ لهجان.

ڏکن ڏاکڙن جي ڪتابن ۾ جيڪي،
انهن ئي سوالن ۾ لهجان.

جڏهن واس منهنجو وٺڻ ڀي تون چاهين،
ته رابيل سان گڏ گلابن ۾ لهجان.

اڃان ڀي جي قلبي تون راحت نه ڀائين،
ته مئخاني جي اندر شرابن ۾ لهجان.

جڏهن جسم ٿيندو منهنجو لحد اندر،
ملڻ ٿيندو مشڪل، پو خوابن ۾ لهجان!.

سورن ۾ هر ويلو جيون،

سورن ۾ هر ويلو جيون،
تو بن هاءِ اڪيلو جيون!

شام غريبان بڻجي ويو آ،
منهنجو هي البيلو جيون!

توکي تنهنجو پهتو پياري،
سهڻو آهه سويلو جيون!

سانئڻ ڪيئن گُذاري سگهيو،
هيڏو سارو ٻيلو جيون!.

تنهاين ۾ گم ٿي ويندو،
“حاڪم گل” هي ميلو جيون!

صداقت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

صداقت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!
محبت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

لبڙن تي مرڪون ۽ دل ۾ ڌڪارون،
حقارت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

خدا جي عبادت کي دنيا ڇا ڄاڻي!
عبادت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

ڪو خوشين ۾ گهاري، ڪو ڏکڙن ۾ گهاري،
تفاوت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

حشر نيٺ ٿيندو نه ٿو لوڪ سمجهي،
قيامت کي سمجهڻ وڏي ڳالهه آهي!

واءُ گهلي آ سير ڏئي وئي،

واءُ گهلي آ سير ڏئي وئي،
سوچن ۾ ڪي جهير ڏئي وئي!

ڪيئن وساريان تنهن کي الا مان!
نيڻن ۾ جا نير ڏئي وئي!

خوشيون ساڻ کڻي ۽ مونکي،
درد واري هير ڏئي وئي!

تون نه وفا مان، “حاڪم” ڄاڻي!
لفظ چئي هي، چير ڏئي وئي!

ڏور مون کان يڪو ٿي ويو آن،

ڏور مون کان يڪو ٿي ويو آن،
دوست! ڪيڏو پڪو ٿي ويو آن!

قرب ۽ پيار، سڀ ڪجهه هو تو وٽ،
هاڻ ائين ڇو رکو ٿي ويو آن!

ڪيڏو ڳوليم مگر ڪونه ملئين،
تون ته اڻلڀ سِڪو ٿي ويو آن!

روز تنهنجا هئا پنڌ مون وٽ،
هاڻ ڇو تون جهڪو ٿي ويو آن!

ڀاڪر ۾ آ، رات هلي آ،

ڀاڪر ۾ آ، رات هلي آ،
تن ۾ ساڳي تات هلي آ.

ڪويل جي آ ڪُو ڪُوءَ واري،
موٽي سا پرڀات هلي آ.

جنهن پل توسان ٿي آ جيڪا،
تنهن پل واري بات، هلي آ.

تنها منهنجو ڪهڙو جيئڻ!
ڏور ٿئر سڪرات، هلي آ.

حاڪم گل جي پيار جي آهي،
وائي هر ڪنهن وات، هلي آ.

سفر آهي اوکو مگر جستجو آ،

سفر آهي اوکو مگر جستجو آ،
چُمان چنڊ کي مان اها آرزو آ!

اڙي رات ٿورو اڃان ترسجان تون،
رهيل پنهنجي ٿوري اڃان گفتگو آ!

رُکي زندگي ڀي ٿي سڻڀي پئي اڄ،
انهيءَ لاءِ شايد پرين روبرو آ!

انهيءَ لاءِ دوکو مليو آهي مونکي،
پرينءَ جي مهانڊي صفا هوبهو آ!

تنهنجي نانءُ جي هاڻ تسبيح پڙهندس،
ڪيو مون صبح جو سويرو وضو آ!

جي چاهين ته جڳ ۾ ٿين سرخرو هي،
سندءِ هٿ عوشاقن سندي آبرو آ!

پير اگهاڙا، رستا ڪنڊا!

پير اگهاڙا، رستا ڪنڊا!
جون جا هاڙا، رستا ڪنڊا!

توڏي ايندڙ ويندڙ آهن،
سڀئي لاڙا، رستا ڪنڊا!

نهنجي خاطر جوڙي ويندس،
تيز ڏهاڙا رستا ڪنڊا!

تنهنجي واهڻ جا هن سانئڻ،
آڙا پاڙا، رستا ڪنڊا!

حاڪم گل سموري سنڌ آ،
چوڙيون، ڌاڙا، رستا ڪنڊا!

پيار تنهنجي رڳ ۾ موجود آ،

پيار تنهنجي رڳ ۾ موجود آ،
واس وارن جڳ ۾ موجود آ.

پاڻ پنهنجو ٿورڙو جانچي ته ڏس،
سونهن تنهنجي جڳ ۾ موجود آ.

شور پائل جو ڪري تون اچ کڻي،
ديد منهنجي دڳ ۾ موجود آ.

تون ڀلي ڏس پيارکي پرکي پرين،
جان منهنجي اڳ ۾ موجود آ.

روح جو ريشو سڳو چئجان نه تون،
ساهه سارو سڳ ۾ موجود آ.

سنجيده ٿي سوچيو آهي،

سنجيده ٿي سوچيو آهي،
تو کان وڇڙي ڀوڳيو آهي!

سانئڻ تو کي ساهه جيان مون،
پنهنجي ساهه ۾ اوتيو آهي!

پنهنجي وڇڙڻ تي اوجانان،
تو به ڪڏهن ڪو سوچيو آهي!

تنهنجي نازڪ ڌيمي لهجي،
منهنجي من کي موهيو آهي!

تنهنجي هڪڙي مرڪ مٿان جي،
جيون توکي سونپيو آهي!

ويلنٽائن ڊي به اچي ويو،
آءُ ملڻ جو موقعو آهي.

ساز وڄندا رهيا،

ساز وڄندا رهيا،
پير هلندا رهيا.

ڪنهن وڏيري اڳيان،
جو نچندا رهيا.

ڪنهن جي عزت مٿان،
ٽهڪَ ڏيندا رهيا.

درد سان جي ڀريل،
جامَ ڇُلندا رهيا.

هيل وئڪيشن تنها گهاري،

هيل وئڪيشن تنها گهاري،
هاءِ گذاريم روئي ساري!

اش! اهو مان اڳ ڄاڻان هان،
چاهت منهنجي ٿيندي ڀاري!

مرڪ کي وئين، لڙڪ ڏئي وئين،
ڪيڏي ڪئي ٿئي دل آزاري!

تو لئي اڄ ڀي پٿر دل ڏس،
لڙڪ اکين مان جاري!

دل جي محل ۾ منهنجي ذهن تي،
ياد اڃان آ تنهنجي طاري!

سيڻن سان گڏ سوريءَ تي چڙهه،
“حاڪم گل” تو دل ڇو هاري!

بهارن کي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو،

بهارن کي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏيو،
اوهان کي جڏهن کان مون ماڻي ڇڏيو!

وڇوڙي جي خوفن ورائي پرين،
خزان جيئن مون کي آ ڇاڻي ڇڏيو!

اڙي او زمانا اسان پيار ۾،
ويا هون ٿي مدهوش هاڻي ڇڏيو!

ڪئي عشق اپٽار منهنجي مٿان،
ڇڏيا ڪيئن مان ڀل ته گهاڻي ڇڏيو!

سرهيون سوچون خواب حقيقت،

سرهيون سوچون خواب حقيقت،
مستي موج شباب حقيقت.

نيڻ خمار، خمار او جاني،
ساغر منجهه شراب حقيقت.

پيار جي ڪافي حد نه آهي،
پين، پنا ۽ ڪتاب حقيقت.

نيڻ ملائڻ ناز پرين جو،
شرم حياءُ حجاب حقيقت.

چهرو خوشبو روشن روشن،
اصل صفا مهتاب حقيقت.

هو جي نهارن ۽ جي مرڪن،
پاڳل ٿين احباب حقيقت.

درد به ڪيڏا گهرا مون لئه،

درد به ڪيڏا گهرا مون لئه،
ڪيڏا آهن پهرا مون لئه.

سڀ لئه تو وٽ خوشيون باقي،
آهن در اٻهرا مون لئه.

اڳ ته ڪونه هئين ڇو هاڻي،
ايڏا ڌاريئي چهرا مون لئه.

مٺڙيون ڳالهيون سڀ سان ليڪن،
تنهنجا جملا کهرا مون لئه.

تنهنجون گڏ گڏ رهنديون “حاڪم”،
يادون بڻجي صحرا مون لئه.

چهرن ۾ چمڪاڻ ڪٿي آ!

چهرن ۾ چمڪاڻ ڪٿي آ!
لبڙن تي لالاڻ ڪٿي آ!

گُهگهه اوندهه آ رات سڄي اڄ،
چنڊ تنهنجي چانڊاڻ ڪٿي آ!

گند سمورو پوءِ به چئي ٿو،
ماحولي گدلاڻ ڪٿي آ!

تنها تو بن خوش هان، ڏس تون،
نيڻن ۾ آلاڻ ڪٿي آ!

نيڻ اداس ۽ مرڪون ماٺيون،
ٽهڪن جي سرهاڻ ڪٿي آ!

توريءَ جاني جڳ سڄي ۾،
حاڪم گل کي ڪاڻ ڪٿي آ!

سمورو چاهُه موري ۾،

سمورو چاهُه موري ۾،
ٽڪي پيو ساهُه موري ۾.

سجائي زندگي پنهنجي،
رکي وياهُه موري ۾.

سڃاڻپ شهر جي آهي،
ته “راشد شاهه” موري ۾.

منهنجي خاموش جذبن کي،
مليو اتساهه موري ۾.

ڇڏي جنهن چيچ راشد جي،
سان ٿيو گمراهه موري ۾.

“ پنهنجي ادبي استاد سائين راشد مورائي لاءِ لکيل

وايون

---

خالي گهر ۽ مان

خالي گهر ۽ مان،
سڏڪا ٿا ڀريون!

ڪونهي چنڊ اڱڻ اڄ،
هاءِ پڌر ۽ مان،
سڏڪا ٿا ڀريون!

تنهنجي وئي کان پوءِ مٺي،
پل پهر ۽ مان،
سڏڪا ٿا ڀريون!

ويران ٿي وياسين الا!
منهنجو شهر ۽ مان،
سڏڪا ٿا ڀريون!

ڏينهن هجي يا رات،

ڏينهن هجي يا رات،
هر پل تنهنجي تات،
من تڙپائي ٿي.

چنڊ تنهنجي شوخي ۽،
تارن جي بارات،
من تڙپائي ٿي.

ننڊ اکڙين ۾ الا،
خوابن جي برسات،
من تڙپائي ٿي.


تنهنجي خيالن سان مٺي،
پيار ڀري هر رات،
من تڙپائي ٿي.

زندگي ويران آ،

زندگي ويران آ،
تو بنا او سانوري!

نه ئي جيئڻ ٿو گهران،
نه ئي موت آسان آ،
تو بنا او سانوري!

نه ئي منهنجوڪو مذهب،
نه ئي ڪو ايمان،
تو بنا او سانوري!

ناهي دل ۾ ڪا خوشِ،
خالي بس ميدان آ،
تو بنا او سانوري!

هاڻ ٿيندو ڇا ڀلا!
“حاڪم گل” حيران آ،
تو بنا او سانوري!

هيڪو ٿو مان رهان،

هيڪو ٿو مان رهان،
هن هيڏي سنسار ۾،
اڃان نه آئين تون پرين!

واعدو اچڻ جو تو ڪيو هو،
پياري موسم بهار ۾،
اڃان نه آئين تون پرين!

جيون سارو گذريو آهي،
تنهنجي ئي انتظار ۾،
اڃان نه آئين تون پرين!

خوشبو هر هنڌ ٿي وئي آ،
گ ٽڙيا گلزار ۾،
اڃان نه آئين تون پرين!

ننڊ نيڻ ڦٽي،

ننڊ نيڻ ڦٽي،
ياد ڪوئي آيو!

چين دل جو لٽيو،
دل چري ٿي پئي،
ياد ڪوئي آيو!

رات نيڻ جو چيو،
نننڊ وئي آ رُسي،
ياد ڪوئي آيو!

رات ساريءَ مٿان،
باک جنهن پل ڦٽي،
ياد ڪوئي آيو!

تانگهه وئي آ وڌي،

تانگهه وئي آ وڌي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

توکي پائڻ لئه مون،
دنيا ساري ڇڏي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

تون جو ناهين هتي،
ڏات وئي آ رُسي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

تو سوا او پرين،
دل آ ڏاڍي ڏکي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

آءُ مون ڏانهن منهنجا،
سڏڪا سانئڻ ٻُڌِي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

تنها تنها مٺي،
ڪونه سگهندس رهي،
ايڏي تون ڏور ڇو!

جهاتي پائي ڏسو

جهاتي پائي ڏسو،
هيءُ منهنجو اندر،
رڻ پٽ ٿو لڳي!

هوءَ وئي جو هتان،
هاڻي سارو شهر،
رڻ پٽ ٿو لڳي!

لڳي ڪنهن جي نظر،
خوشين جو گهر،
رڻ پٽ ٿو لڳي!

اڳ جو وڻندو هيو،
سونهن جو سو نگر،
رڻ پٽ ٿو لڳي!

گيت

---

پيو ٿو راهون ڏسان!

درد دل کي ڏئي،
مند موٽي وئي،
او پرين او پرين،
تون نه آئين اڃان،
پيو ٿو راهون ڏسان!

مينهن ڪڙڪي پيا،
ڪي رٺل پرچي پيا،
منهنجي نيڻن اندر،
خواب مُرڪي پيا.
او پرين او پرين،
تون نه آئين اڃان،
پيو ٿو راهون ڏسان!

ڪوڪ ڪويل ٻڌي،
تانگهه دل ۾ وڌي،
تون نه پرواهه ڪئي،
سار لڙڪن لڌي،
او پرين او پرين،
تون نه آئين اڃان،
پيو ٿو راهون ڏسان!

درد جاڳي پيو،
رات کي ڏينهن ڪيو،
زندگي جو ڏيئو،
ها وسامي ويو،
او پرين او پرين،
تون نه آئين اڃان،
پيو ٿو راهون ڏسان!

منهنجا انگ اگهاڙا، ڙي،!

منهنجا انگ اگهاڙا، ڙي،!
ليڙون ليڙون لٽڙا، ڙي.!

نراس آهيان نراس آهيان،
ڳڀي ٽڪر لئه اداس آهيان!
نه ڪو هي ٿو ڪا سار منهنجي،
نه ڪو ٻڌي ٿو پڪار منهنجي،
ڪير سُڻي هي سڏڙا، ڙي!

نه پيءُ مون کي، نه ماءُ مون کي،
اصل کان مليو هي گهاءُ مون کي،
سهي ظلم نيٺ پيس مان ٿڪجي،
ڏسي روئان ٿو مان راند رت جي،
ڪونه اُگهي هو ڳوڙها ڙي!

جتي ڏکن جي والار هوندي،
ڀلا اتي ڪيئن بهار ايندي!
جتي ظلم جي ڪا باهه ٻرندي،
جتي حياتي به سور سهندي،
قياس ڀلا ات ڪهڙا، ڙي!

منهنجي سنڌ جا پيارا ماڻهو،

منهنجي سنڌ جا پيارا ماڻهو،
اجرڪ ٽوپيءَ وارا ماڻهو،
منهنجا جيءَ جيارا ماڻهو،
منهنجي سنڌ جا پيارا ماڻهو!

مک تي مرڪون يار سجائن،
پنهنجي سيني ساڻ لڳائن،
دشمن کي ڀي دوست بڻائن،
ڪيڏا هن دل واراماڻهو.

تنهنجي سڏ تي مور ٿي نچندا،
جيجل تو تي ساهه به ڏيندا،
جوان، جبل، جوڌا ٿي لڙندا،
منهنجا سنڌي سارا ماڻهو.

ڪيڏو من ۾ پيار رکن ٿا،
سونهن جو ڄڻ سنسار رکن ٿا،
محبت جو وهنوار رکن ٿا،
“حاڪم گل” موچارا ماڻهو.

ڀلا ڪيئن پياري وساري ڇڏيندس،

ڀلا ڪيئن پياري وساري ڇڏيندس،
مٺي توکي ڇا لئه وساري چڏيندس،
ائين ڪيئن توکي وساري ڇڏيندس!

اهي نيڻ آلا، ڪڪر ۽ جهڙالا،
تنهنجي شاعريءَ ۾ منهنجا سڀ حوالا،
اه ڳل ڳراٽي، اها ڇوهه ڇاتي،
کڻي منهنجي تصوير سيني تو لاتي!
ڀلا ڪيئن پياري وساري ڇڏيندس!

منهنجون يادگيريون سميٽي سهيڙي،
اندر منجهه تن کي کنڊيري پکيڙي،
انهي آسري تي حياتي گذارڻ،
پڪارڻ، سنڀارڻ ۽ هر روز سارڻ،
ڀلا ڪيئن پياري وساري ڇڏيندس!

چڙهي ڪوٺي تي وار، آلا سڪائڻ،
چپن ئي چپن ۾ وري مسڪرائڻ،
منهنجي نانءَ تي توکي هر هر چڙائڻ،
۽ روزانو توکي سکين جو ستائڻ،
ڀلا ڪيئن پياري وساري ڇڏيندس!

ڇڏي يار دنيا هليو وڃبو هاڻي،

ڇڏي يار دنيا هليو وڃبو هاڻي،
ڀلا ڪنهن جي خاطر هتي جيبو هاڻي!

انهيءَ کان بهتر تو ماري ڇڏين ها!
مگر ائين نه در تان ڌڪاري ڇڏين ها!
اهو سور ڪيسين پرين سهبو هاڻي!

تنهنجي بيوفائي اندر کي وڍي ٿي،
ڪوري ماس منهنجو هڏن تان ڪپي ٿي،
اهو درد دل جو ڪٿان گهٽبو هاڻي!

مڃان ٿو ته توکي وسارڻ ڏکيو آ،
سوا تنهنجي جيون گذارڻ ڏکيو آ،
مگر پاڻ “حاڪم” پلي وٺبو هاڻي!

ائين وئين تو پري،

ائين وئين تو پري،
مون کان دلڙي ڦري،
ايڏو نه پرين ٿي پڪو،
هاڻي يار تون موٽ سگهو.

مون کان ياد نه تنهنجي وسري ٿي،
هر ويل ڏکن ۾گذري ٿي،
هڪ آهه اندر مان اُڀري ٿي،
تڙپي ٿو پوان،
ڇا هاڻي ڪيان!
ديدار لئه روئان پيو.

هر رات جو سور ستائن ٿا،
تنهنجا پور پرين تڙپائن ٿا،
پر تارا ئي پرچائن ٿا،
سج اڀري لٿا،
تنهنجي خبر نه ڪا،
هر ڏينهن ڏکن ۾ڪٽيو.

آ جيءُ جهري پيو حاڪم جو،
هي هيانءُ ڏري پيو حاڪم جو،
۽ روح رڙي پيو حاڪم جو،
اها خبر ٻڌي،
من ملڻ اچي،
ڪو سور پوي ٿو جهڪو.

کوڙ خوشيون کڻي، عيد پهتي اچي،

کوڙ خوشيون کڻي، عيد پهتي اچي،
يار مرڪون کڻي، عيد پهتي اچي

ڏينهن آهي وڏو، يار ڪاوڙ ڇڏيو،
پائي ڀاڪر سڀئي، ٽهڪ ڏيئي ملو،
موج مستيون کڻي، عيد پهتي اچي.

ڪهڙا ليکا ڪجن، عيد جي ڏينهن تي،
سر به گهوري ڏجن، عيد جي ڏينهن تي،
آءُ ته پرچون کڻي، عيد پهتي اچي.

ڪنهن جي اقرار جون، ڪنهن جي ديدار جون،
يار “حاڪم” وري ڪنهن جي سينگار جون،
ڪيئي گهڙيون کڻي، عيد پهتي اچي.

جاني ڙي جاني ڙي!

جاني ڙي جاني ڙي!
او البيلا جاني ڙي!

رات گهٽا گهنگهور آ ساٿي،
طوفان بارش زور آ ساٿي،
ديپ اجهامي ويندو ڙي!

سرت وٺي وڃ، سرت ڏئي وڃ،
پيار جهڙي ڪا ڪرت ڏئي وڃ،
من ٺري هي پوندو ڙي!

“حاڪم” کي چورائڻ وارا،
دل کي قيد بڻائڻ وارا،
توکي به چين نه ايندو ڙي!

سنڌ مننهنجي امان،

سنڌ مننهنجي امان،
آءٌ تنهنجو ٿيان،

منهنجي خيالن ۾ تون،
منهنجي سوچن ۾ تون،
منهنجي خوابن ۾ تون،
منهنجي شعرن ۾ تون،
تنهنجا گيت جوان،
سنڌ منهنجي امان.

تنهنجا ٻارا وسن، کيت خوشبوءِ ڏين،
گلڙا جهومي اٿن، مرڪي آجيان ڪن،
تو ۾ خوشيون ڏسان،
سنڌ منهنجي امان.

توکي سجدو ڪيان، تنهنجي مٽي چمان،
تنهنجي نالي مٿان، پاڻ کي ارپيان.
ساهه وتي ڏيان،
سنڌ منهنجي امان.

سنڌ مون کي سڏي، منهنجي دل ٿي چوي،
جان تنهنجي جي مٿان، يار “حاڪم” ڏجي،
ڪاش! تولئه مران،
سنڌ منهنجي امان.

جانيئڙا ايڏي دير ته نه لاءِ،

جانيئڙا ايڏي دير ته نه لاءِ،
سانولڙا، ايڏي تون دير ته نه لاءِ،
روئي روئي راتيون ڪٽيان ٿو،
روز جيئان ٿو، روز مران ٿو.
ڏي ڪا اچي دلجاءِ!

مند به موٽي آئي آهي،
مان پيو تڙپان توکي چاهي،
موٽي مُند ملهاءِ!

توکان پري ٿي ڪيئن رهان مان،
هڪ جيڏن سان ڪيئن کلان مان،
اءُ اچي تون کلاءِ!

“حاڪم” کي ڏي اچڻ جو واعدو،
من بيمار کي ٿي پئي فائدو،
منهنجو جيءُ نه جلاءِ!

مان تنهنجو، تون منهنجي،

مان تنهنجو، تون منهنجي،
آ ڳالهه ڪيون چاهت جي،
او پياري، او پياري او پياري، دل واري.

اهي نيڻ نشيلا تنهنجا، ويا جادو ڪري منهنجي دل کي،
اها مرڪ چنبيلي تنهنجي، وئي قابو ڪري منهني دل کي،
تنهنجو جلوو جوڀن جاني، منهنجي توبه توبه زاري،
ڀلا ڪيئن وساري سگهندس، مان تنهنجي صورت پياري!

او منهنجي من جي راڻي، تون منهنجي پيار ڪهاڻي،
تعريف ڪيان ڇا تنهنجي، تون سونهن ۾ آ ساماڻي،
تنهنجي عشق اندر ۾ سهڻي، آ باهه برهه جي ٻاري،
ڀلا ڪيئن وساري سگهندس مان تنهنجي صورت پياري.!

منهنجي دل ٿي چوي،

منهنجي دل ٿي چوي،
سنڌ کي پوڄجي، سنڌ کي ڳائجي.

پنهنجو ڳاڙهو جهنڊو، اوچو اوچو جهنڊو،
منهنجي دل ٿي چوي،
تنهن کي جهولائجي، تنهن کي ڦهلائجي.

سن جي سيد سچي، ڳالهه جيڪا ڪئي،
منهنجي دل ٿي چوي،
تنهن سان دل لائجي، تنهن کي ڦهلائجي.

جنهن سان جاڳي پئون، جوش کائي اٿون،
منهنجي دل ٿي چوي،
گيت ڪو ٺاهجي، تنهن کي ڦهلائجي.

ڪري ڇڏيو تو قيد آ،

ڪري ڇڏيو تو قيد آ،
سکي پنهنجي نگاهه ۾!

اوسانوري، او بانوري، تون ئي ته منهنجي شاعري،
او پوپري، اوجل پري،تون آءُ هڪ ڀيرو وري.
تون پيار ڏي، ڪو قرار ڏي،
سمايان توکي ساهه ۾!

او مهجبين، او دلنشين، ڪيڏي ته آهين تون حسين،
او بلبلي، او کيچلي، آ مرڪ تنهنجي ململي،
هي دل ته مان نيڻ ڀي،
وڇايان تنهنجي راهه ۾!

او ڪونجڙي،او ڀورڙي، ڪا قرب جي تون ڏي گهڙي،
منهنجي مٺي، يا مل اچي، يا پيار جي موڪل چٺي،
تنهنجو حاڪم تنهنجو قسم،
تنهنجو مري ٿو چاهه۾!

ساٿ ڇني پرديس هلي وئي،

ساٿ ڇني پرديس هلي وئي،
منهنجي من جي راڻي ڙي!

روئي رڙي ٿي، دانهون ڪري ٿي،
منهنجي دل ويڳاڻي ڙي!

ڪنهن کي ٻڌايان پنهنجو يارو،
دردن جي آکاڻي ڙي!

دنيا ڀر جا سور ڏئي وئي،
“حاڪم” ڄاڻي واڻي ڙي!

مولا منهنجو هڪڙو عرض اگهاءِ،

مولا منهنجو هڪڙو عرض اگهاءِ،
مونکي منهنجي دلبر سان ملاءِ،
ڪيڏا ڏينهن ٿي ويا آهن،
نه ڪي ديدار ٿيا آهن،
منهنجي دل ۾ سوين جاني،
سور جاڳي پيا آهن،
روز رئا ن ٿو او سائين تون منهنجي هيءَ اميد هاڻي پڄاءِ!.

تنهنجي وڇوڙي وار ڪيو آ،
مون کي هت بيمار ڪيو آ،
تو سوا ساهه ٿو منجهي،
مزو ئي ڪونه ٿو اچي،
وڇوڙِ تنهنجي ۾ پرين،
منهنجي هيءَ جان ٿي جلي،
روز رئا ن ٿو او سائين تون منهنجي هيءَ اميد هاڻي پڄاءِ!.

هڪڙو ڀيرو يار ملي پئي،
منهنجو ڀي شل ڀاڳ کلي پئي،
رب ڏي هٿڙا ٿو کڻان،
آسري ان ۾ ٿو جيئان،
روز رئا ن ٿو او سائين تون منهنجي هيءَ اميد هاڻي پڄاءِ!.

“حاڪم گل” جي ٻڌ تون پيارا،
ويس ڪيان مون تولئه ڪارا،
جنهن کان تنهنجو ٿو مان پڇان،
ورندي نه ۾ ٿو ٻڌان،
تنهنجي جي زبر ملي پئي،
پيرين پنڌ مان اتي پڄان،
روز رئا ن ٿو او سائين تون منهنجي هيءَ اميد هاڻي پڄاءِ!.

توکي دل ڏئي آزار ڪيو مان پنهنجي دل سان آهي،

توکي دل ڏئي آزار ڪيو مان پنهنجي دل سان آهي،
توکي سچ ٿو يار ٻڌايان،
مان ڏاڍو تڙپيو آهيان،
او دلبر توکي چاهي!

ڪو قدر منهنجو ڪونه ڪئي تو پيار منهنجي جو جاني،
تو منهنجو حال وڃائي،
پنهنجي چڪر ۾ ڦاسائي،
ڇڏيئي مون کي سهڻا ڊاهي!

ڪنهن کي سورن جي مان دانهن ڏيان ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي،
تون موج ڀلي ڪر خالي،
پر مونتي پيارا حالي،
تو خلق ڇڏي آ کلائي!

بيمار پيو هان بستر تي توکي پرواهه منهنجي ڪهڙي،
ٿي ويندو رب کي پيارو،
جڏهن “حاڪم گل” ويچارو،
پوءِ روئندين ٺاهي ٺاهي!

تنهنجو اکڙيون واهه واهه،

تنهنجو اکڙيون واهه واهه،
تنهنجا ڳلڙا واهه واهه،
تنهنجو لکڻ واهه واهه،
تنهنجي هر هڪ ادا آ پياري،
هاءِ او پياري!

منهنجي دل ٿي چوي تو تان قربان ٿيان،
پنهنجو توتي پرين ساهه ۽ سِرُ ڏيان،
تنهنجو اچڻ واهه واهه، تنهنجو وڃ واهه واهه،
تنهنجو هلڻ واهه واهه، تنهنجو وڃڻ واهه واهه،
تنهنجي هر هڪ ادا آ پياري،

توکي پنهنجي مان سامهون ويهاري ڇڏيان،
تو کي ساري عمر ويٺو ڏسندو رهان،
تنهنجو جوڀن واهه واهه، تنهنجو جيون واهه واهه،
تنهنجو ويهڻ واهه واهه، تنهنجو اٿڻ واهه واهه،
تنهنجي هر هڪ ادا آ پياري،

پنهنجو قيدي بڻايئي حاڪم گل کي،
پنهنجي دل ۾ ويهايئي حاڪم گل کي،
تنهنجا جلوا واهه واهه، تنهنجو پرچڻ واهه واهه،
تنهنجي هر هڪ ادا آ پياري،

ٿو وڇوڙا ڏين عمر تون، پيار ۾ ليکا نه ڪر،

ٿو وڇوڙا ڏين عمر تون، پيار ۾ ليکا نه ڪر،
زندگي آ دم گذر تون، پيار ۾ ليکا نه ڪر!

پهريان پنهنجو پيار ڏئي پو ڇو ڀلائڻ ٿو گهرين،
خاڪ ۾ منهنجون اميدون ڇو ملائڻ ٿو گهرين،
ڪر ڪرم جي ڪا نظر تون، پيار ۾ ليکا نه ڪر!

ڪنهن جي دلڙيءَ کي ڏکائڻ ڪم چڱو ناهي پرين،
پيار وارن لاءِ ڪو ڀي غم چڱو ناهي پرين،
ڪر خطائون در گذر تون، پيار ۾ ليکا نه ڪر!

قطعا

---

چٺي

دل جي سوڙهي گهٽي ڪيائين،
مون سان الائي ڇو ڪِٽِي ڪيائين،
هونئن ته پڙهندي هئي پر اڄ ڇو،
چٺي به منهنجي ڦٽي ڪيائين.

چاهت

چاهه بدلي چاهه ڏنو جوکو رسيو،
مرڪ خاطر ساهه ڏنو جوکو رسيو،
هن چيو ٿوري ئي چاهت ڏي پنهنجي،
مون سڄو درياهه ڏنو جوکو رسيو،

اڀياس

هر طرح وشواس ڪري پڇتايو،
ها! تنهنجو احساس ڪري پڇتايو،
مون ڀانيو منهنجو سڄڻ آهين تون پر،
اڄ تنهنجو اڀياس ڪري پڇتايو.

جيون

وقت اجايو گذري ويندو،
پار ڪرڻ کان نڪري ويندو،
تو بن شايد جيون سارو،
پن پن جانا وکري ويندو.

ياد

ڏينهن ٿئي ٿو دل وندري ٿي،
رات جو دل کي ڪيئن سمجهايان!
ياد تنهنجيءَ ۾ منهنجي اکين مان،
لڙڪ وهن ٿا ڪيئن بيهاريان!

هيڪل

توکي چاهي ڏور آهين تون،
دنيا سان منه آنءُ ڏيان پيو!
تون ته هليو وئين هيڪل ڇڏيو،
ڏک هزارين آنءُ سهان پيو!

پيار

گهڻو نه نه ٿورو ڏي،
پيار پوءِ به پنهنجو ڏي،
تنهنجِي رهندس چئه کڻي،
اهڙو قول پختو ڏي.

شهرت

تو وٽ پئسو مستي آهي،
مون وٽ چاهت وستي آهي،
منهنجو مانُ مٿي آ توکان،
تنهنجي شهرت سستي آهي!

تنها

ڪوئي هو جو پاڻ پلي ويو،
غمن ۾ مونکي يار گڏي ويو،
جيون گهاريان ڪنهن لئه هاڻي،
تنها مون کي هاءِ ڇڏي ويو!

ڇا ٿي چاهين

منهنجي هوندي منهنجي ناهين!
ڏَسِ ته ڀلا پو ڪنهن جي آهين!
سڀ ڪجهه منهنجو تنهنجو آهي،
پوءِ به مون کان ڇا ٿي چاهين!

حَالُ

اهڙو حالُ به ٿيندو آهي،
لمحو سالُ به ٿيندو آهي،
سڀ۾ پيار به ناهي هوندو،
ڪنهن ۾ خال به ٿيندو آهي!

تصوير

وقت جي اڄ وير ۾ ڦاسي پيس،
ڄڻ ته دريا سيرَ ۾ ڦاسي پيس،
جا ڏني دلبر مون کي تحفي ۾ هئي،
تنهن الا! تصوير ۾ ڦاسي پيس.

ڏوهاري

کوڙ سارا ڏينهن گذري ويا مگر،
ڪابه ٿي ناهي گرفتاري اڃان،
جاچ ۾ ناهي سچائي تنهنڪري،
ٿا گهمن آزاد ڏوهاري اڃان!

بينُ

انتظار ۾ اڃان آهن اکيون،
ڪين آيو ڪوبه دل کي چين آ،
خوڪشي بيروزگاريءَ جو سبب،
پوءِ به بلڪل نوڪرين تي بينُ آ.

ڊيم

روز نوان ڊئم ٺاهڻ جون هتي،
پيون هلن ڳالهيونوڏي سرڪار جون،
ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن او مٺا،
هي ختم خبرون ٿين تڪرار جون.

معمول

سڄي سُڌ هودي بي خبر پو به آهي،
چيو ٿئي تدارڪ اسان جي خوشيءَ جو،
چيائين قتل ڌاڙا ڪا ڳالهه ناهي!
اهو روز معمول آ زندگي جو!

مهانگائي

ڇا ڪجي هن پيٽ پاٽوڙي جي ڳالهه،
جنهن ڪڍيا نمرود ناحق ساهه هن!
ڪهڙي اوريان يار سڀ سان مان ويهي،
ڏس مهانگائي ڪڍيا هت لاهه هن!

پئٽرول

مختلف ڳالهيون آهن سرڪار جون،
ڪيئن ڪجي ويساهه تنهن جي قول تي!
هونئن ته هر شيءِ چوٽ تي آهي مگر،
مار مارو آ وڏو پئٽرول تي!

رمضان

ڇو ڀلا ڪي تبصرا ويهي ڪيون،
ڪهڙو آهي حرج ڪو اعلان ۾!
چوٽ تي هر چيز هر چيز پهچي آ وئي،
دير توڙي آ گهڻي رمضان ۾!

انسان

ڪيئن رهي سگهندي ڀلا محفوظ ڪا،
هت حياتي ڌوڙ جي طوفان ۾!
روز ڌاڙا، روز جهيڙا ۽ قتل،
ڪو رحم ناهي، رهيو انسان ۾!

سنڌ

ڇني نه سگهندو مون کان ڪوئي،
ڀل سر جي بازي کيڏڻي پئي،
سنڌ ۾ منهنجو ساهه پيل آ،
پوءِ جان فدا ڇو نه ڪرڻي پئي!

بيت

---

بيت

ڪيئن ڪيان ڪوڙي، چنڊ تنهنجي واکاڻ مان،
ڀڳل تون چوڙي، منهنجي آن محبوب جي!

منهنجو پيار پوپري پائي وٺان ائين،
ڌڙڪو دل سان جيئن رهندو آ ساٿ ۾!

پاڻيءَ بنا ڪا مڇي، ڦٿڪي ٻاهر جيئن،
آئون به تون بن ائين، ڦٿڪان ٿو فراق ۾!

جيون کي آزار، ڪيڏا هوندا ها مگر،
پرين تنهنجي پيار، ٺاهيو هن وجود کي!

سانوڻيءَ جو مينهن، وسي ٿئي هٻڪار،
ساجن تنهنجو نينهن، ائين اسان لاءِ!

کولي پنهنجا وار، آڻي وڌئي رات کي،
مڃي مون ئي هار، واپس ڪر تون ڏينهن کي!

جيئڻ جو سامان، تنهنجي هڪڙي مرڪ،
مون لئه جڳ جهان، سندر ٿي پئي پوپري!

ڀلا تنهنجي پيار کي ڪيئن وساريان آنءُ،
منهنجو توسان نانءُ، جڙيل آهي اصل کان!

ساجن تنهنجو پيار، اونداهيءَ ۾ لاٽ،
ملي وئي ڄڻ واٽ، اکين کان نابين کي.

ويڙهي ڇڏ تون وار، موڪل ڏي اونداهه کي،
کڻي نيڻ خمار، روشن ڪر جهان کي!

هڻي چوٽي گل، نڪتي ٻاهر کيچلي،
سڄي ويڙهي هل، متو هن جي سونهن جو!

ڪوئي ڪونهي هتڙي ڪنهن سان ڪيان حال،
هڪڙو پل آ سال، تنهنجي دوريءَ جو پرين!

“ٻنگان” منجهه وجهي تو سڌو هنيو “ٻاڻ”،
ڪهڙو جيئندس هاڻ، هيڪلو ڀلا مان پرين!

خوشبوءَ سڀئي ورق، جنهن ۾ تنهنجو نانءُ،
تنهنجي هڪڙي مرڪ، آهي ڄڻ پرڀات ڪي!

مرڪن جا ڪانڀا ٻڌي آيس تنهنجي در،
تون به جهولي ڀر، پنهنجي پيارسان منهنجي!

سوچون سڀ سرور، يادون سڀ ويچار،
ڇڙو تنهنجي سار، آهي من پاتال ۾!

ساري رات جاڳ، رڳو تنهنجو خيال بس،
وڇوڙي جي واڳ، نيٺ روح اڏاري وئي!

1.ٻنگان: ڪَمان
2. ٻاڻُ: تيرُ


ڇڏي ويو پار، اڳ کان اڳي اوچتو،
ستو هڪڙو ٻار، سياري جي هنج ۾!


ورهه پُڄاڻان باغ ۾، مس ٿي ٽڙيو گل،
رهيو هڪڙو پل، جيئرو هن جهان ۾!

تنهنجي دهشت ڍوءُ، ڪافي جيئڻ لاءِ،
بارودن جو ڀوءُ، ڀري ويٺو پيٽ کي!

گولين جي گجگوڙ، ٽانڊا ٿي وئي جوءِ،
دهشت جي بدبوءِ، ڀرجي وئي وجود ۾!

تون ته خزاني کاڻ، توکي ڄاڻي ڪير سگهي،
مون کي به ڏي هاڻ، کڻي مٺ خرار مان!

آزاد نظم ۽ نثري نظم

---

ساهه سڏڪا ڀريا!

ساهه سڏڪا ڀريا،
ڪنهن جي عزت مٿان،
ڪنهن جي چاهت مٿان،
ڪو وڏيرو پيو،
موج مستيون ڪري!
نيڻ برسي پيا،
عڪس آڏو جڏهن،
منهنجي نظرن ڦريو،
ڪنهن ڪنواريءَ جو جوڀن،
پنجاهه سالن جي،
جهور ٻانهن ۾ هو!
ها تڏهن مون ڏٺو،
ڄڻ ته آڪاش مان،
ڪي موجون هونڪريون،
منهنجي جيون مٿان!
نيٺ لاچار ٿي،
منهن موڙي ڇڏيو،
۽ تصور جي دنيا کي،
ٽوڙي ڇڏيم،
چو طرف ڪجهه گهڙين لاءِ،
ٿي ماٺ وئي!
بس اچانڪ رڳو،
رووح مان رڙ ٿي وئي!
۽ جسم ۾ به لرزش،
شروع ٿي وئي!
اڻ ڏٺي ماڳ ڏانهن،
آئون وڌندو رهيس!
بي خبر پيچرا،
مان ڪٽيندو رهيس!
اوچتو هڪ حسين محل آڏو آيو!
جنهن مان سنگيت مون کي ٻڌڻ ۾ آيو!
دل ۾ بي تابي ٿي!
نيڻ تاسي ٿيا!
پيرا اڳتي وڌيا،
ان حسين محل ڏانهن!
جيئن جو پهتس اُتي،
ساهه سڏڪا ڀريا!
هڪ وري نئون منظر،
ڏسڻ ۾ آيو،
سورنهن سالن جي وينگس،
نچي هئي رهي!
جنهن جي پيرن ۾،
گهنگهرو پئي ڇمڪي رهيا،
تن گهنگهرن جي ڇم ڇم ٻڌائي پئي،
مان ته بي ڏوهي هان!
مان ته مجبور هان،
جي نه ٿي مان نچان،
جي نه ٿي پو سگهان!
ڏهن لڙڪ منهنجا ٿي لارون ويا،
رهيل ساهه منهنجي،
پئي سڏڪا ڀريا!
هئه هئه سڏڪا ڀريا!
هئه سڏڪا ڀريا!

اسان جو هي جيون به اڙاهه جهڙو

اسان جو هي جيون به آڙاهه جهڙو!
نه ڪل آهي ڪنهن کي،
نه ڪنهن کي قدر ڪو،!
وڃي پيو ٿو سڪندو،
سڪل لام وانگي،
وڃي پيو ٿو ٿڪيو،
ٿڪل شام وانگي!
اوهانجا ته چارا،
گلابن جو سيجون،
مگر هن اسان لئه،
اُڀاجڻ جي ڪاوا،!
جتي روز زخمي جگر ٿيندا آهن،
جتي روز زخمي دليُون ٿينديون آهن،
مگرناهي ڪنهن کي،
ڪا پرواهه سائين،
اسان جي جيون جي!
اسان جي جوڀن جي!
وري ڪا وساميل ٻيهر جو ٻري ٿي،
تڏهن چڻنگ جوڀن کي شعلو ڪري ٿي!
وري ڪا تمنا جيو۾ جڙي ٿي،
نه ڪوبه پاڇو ملي پيار جو ٿو!
رڳو آهي سامهون،
ڪا صحرا ئي صحرا،
جتي ناهي آئي،
ڪڏهن سانوڻي ڪا،
جتي ناهي گونجي،
ڪا ڪويل جي ڪوڪو!
رڳو ماٺ ئي ماٺ،
موئن دڙي جيان؟!
اتي سڀ تمنائون،
مٽجي وڃن ٿيون!
اتي سڀ اميدون،
دفن ٿي وڃن ٿيون!
رهي ٿو نه ڪي،
ڪنهن جو احساس ڪوئي،
جو جنهن کي وڃي،
ڪوئي سيني سان لائي،
سڀئي سور دل جا،
گهڙيءَ لئه مٽائي!
تڏهن به الائي ڇو،
ويران من جي،
نه ڪل آهي ڪنهن کي!
نه ڪنهن کي قدر ڪو!.

سيج سنسان هئي!

رات ڀي خواب ۾،
سيج سنسان هئي،
ڪوئي جوڀن نه هو،
ڪوئي جيون نه هو،
بس انڌيرو رڳو،
زندگيءَ ۾ هئو،
راهه سنسان هئي،
۽ اڪيلي سکي،
پنهنجي ئي گهر ۾،
ڄڻ ته مهمان هئي!
رات واڳوپنءَ جيان،
چنڊ کي وئي ڳهي،
چاندني جو وئي،
زندگي ڄڻ وئي!
باربڻجي لڳي،
زندگيءَ جي جهلي!
چو جو جيون سڄو،
تاب اتهاس هو!
ورق کولي ڏٺم،
ٿورڙو درد هو!
ها! مگرسرد هو!
ٿورڙي هئي خوشي!
ٿورڙو پيار هو!
ٿورڙا لڙڪ ها!
ٿورڙا ٽهڪ ها!
زندگيءَ جا هڙئي،.
داستان سڀ هئا!
پر،
هئو جي نه هو،
يار مئڪش نه هو!
جنهن جي ديدار لئه،
نيڻ بيتاب ها،
۽ صدين کان وٺي،
سيج سنسان هئي!

غيرن جي محفل

مان تنهنجي سالگرهه ۾،
واحد فرد هوس،
جنهنکي،
سادا ڪپڙا پهريل هئا!
هر ماڻهوءَ جون نظرون،
منهنجي سادگيءَ تي کتل هيون،
منهنجي مٿان،
طنز جو وسڪارو هو،
هر شخص پننجي زبان مان،
غلط نڪرندڙ لفظ،
مون مٿا اڇلائي رهيو هو!
اُهي سڀ ته هئاغير،
پر،
تنهنجي زبان به،
مون مٿان طنز ڪري رهي هئي
ڪاش!
مون کي خبر هجي ها،
تون خود غرض آهين!
ته پوءِ،
ڪڏهن به نه اچان ها،
غيرن جي محفل ۾!

Thanks God

آنءُ هڪ درياءَ جي ڪپ تي،
هڪ سڪل ٻوٽي جيان،
هن جي ياد ۾،
سڪي ويو هوس،
هن جي تصوير،
منهنجي نيڻن ۾،
هڪ عڪس جيان،
چانيل هوندي هئي،
جنهن وقت،
هوءَ منههنجي،
عڪس جيان،
ڇانيل هوندي هئي!
جنهن وقت،
هوءَ منهنجي،
عڪس مٿان گذرندي ئي،
تنهن وقت،
منهنجا ڪوماڻيل نيڻ،
هن جي قدمن ڏانهن،
نهاريندا هئا.
۽ پوءِ،
خدا کي ياد ڪري،
چوندو هئس،
Thanks God

انقلاب

تنهنجي ماضيءَ جو،
اڃان به مون وٽ قدر آهي،
.تون هڪ مقدس هستي هئين!
۽ هاڻ منهنجي نظر ۾،
بيڪار ۽ خود غرض،
شخص مثل آهين،
تو وٽ،
تيز تلوارون آهن،
مون وٽ،
تلوارن کان تيز،
لفظن جو ذخيرو آهي!
تنهنجون تلوارون،
منهنجي جسم کي،
ذرا ذرا نه ڪري سگهن ٿيون،
پر منهنجي لفظن کي نه!
منهنجا لفظ،
تو جهڙي شخص مٿان،
سدائين انقلاب آڻيندا رهندا.

وجود

ڪاش!
.مان توکي اڳ پرکي سگهان ها!
ته پنهنجي نيڻن ۾،
ڪڏهن به توکي نه سمايان ها!
هاڻي منهنجي دل،
چاهت جي بدران،
حقارت سان ڀريل آهي!
اڄ مان پنهنجي دل مان،
تو لئه سمايل،
صداقت کي ٻاهر اڇلي،
تنهنجي وجود کي،
هميشه لاءِ،نيست و نابود ڪري ڇڏيندس!
مڃان ٿو،
اهو عمل،
تو لئه هاڃيڪار ثابت ٿيندو،
پر افسوس ڪر،
پنهنجي خطا تي،
جنهن منهنجن جذبن کي،
جهنجوڙيو آهي!