شخصيتون ۽ خاڪا

خط ٻن اُستادن جا

ھي ڪتاب محمد ابراھيم جويو ۽ غلام نبي چنا پاران 1968ع کان 2001ع تائين لکيل خطن جو مجموعو آھي، جيڪو سنگرام سھيڙيو آھي.
سنڌي ٻولي ۾ خطن جا ڪي خاص مجموعا موجود ناھن، انھي لاءِ ھن ڪتاب جي اھميت کي سمجھندي، ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ اوھان دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
ھن ڪتاب جي ھڪ ٻي خصوصيت ھن ڊجيٽل ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ فونٽ ”باک“ آھي ھي فونٽس پراڻي پرنٽنگ طريقي ليٿو ۾ استعال ٿيندڙ فونٽ آھن. اھو فونٽ سنڌ سلامت ڪتاب فونٽ سرور تي دستياب آھي.
  • 0/5.0
  • 501
  • 213
  • 3 سال اڳ
  • 0
Title Cover of book خط ٻن اُستادن جا
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي سلسلي جو نئون ڪتاب ”خط ٻن اُستادن جا“ اوھان اڳيان حاضر آھي. ھي ڪتاب محمد ابراھيم جويو ۽ غلام نبي چنا پاران 1968ع کان 2001ع تائين لکيل خطن جو مجموعو آھي، جيڪو سنگرام سھيڙيو آھي.
سنڌي ٻولي ۾ خطن جا ڪي خاص مجموعا موجود ناھن، انھي ڳالھہ جو ذڪر سنگرام پيش لفظ ۾ ڪري چڪو آھي، انھي لاءِ ھن ڪتاب جي اھميت کي سمجھندي، ڊجيٽل ڪتاب جي صورت ۾ اوھان دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
ڪتاب ۽ خطن جي باري ۾ لکندي سنگرام لکي ٿو:
مُخلص دوستن جا هڪٻئي ڏانهن لکيل خطَ سچ پچ ته دوستيءَ جا اهڙائي من کي ڇُهندڙ دستاويز هوندا آهن، اُنهن ۾ سندن دور جا انيڪ اُڌما ۽ احساس، ويچار ۽ آدرش درج ٿيل هوندا آهن، جي پڙهندڙ ۽ پڙهندڙن جي ٻُڏندڙ هانوَ لاءِ نرم ’ٿڌڙن‘ ۽ ساهه سُڌير ’ڇنڊن‘ جو ڪم ڏيندا اهن، اهڙا خطَ دلي تعلق قائم رکڻ جا بهترين نقش ۽ نمونا ٿين ٿا. انهن ۾ هڪ انوکي ۽ نرالي سُرهاڻ هوندي آهي، جيڪا هر وقت لازوال محبت جي خوشبو چؤڏِس پکيڙيندي رهندي آهي.
ھي ڪتاب سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت، حيدرآباد، سنڌ پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب جي ھڪ ٻي خصوصيت اھا آھي جو ھن ڊجيٽل ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ فونٽ ”باک“ اسان سنڌ سلامت فونٽ سرور تي پڻ جاري ڪيو آھي. ھي فونٽس پراڻي پرنٽنگ طريقي ليٿو ۾ استعال ٿيندڙ فونٽ آھن، جن کي پھرين دفعي ھن ڪتاب ۾ استعمال ڪندي، خوشي محسوس ڪري رھيا آھيون.

[b]نوٽ : ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي رکي وئي آھي.
[/b]


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
سنڌ سلامت پاران

ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا

ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي



ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.

  • ليکڪ محمد ابراھيم جويو
  • ليکڪ غلام نبي چنا
  • سھيڙيندڙ سنگرام
  • ڇپيو ويو 2002
  • ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
  • ڇاپو پھريون
  • عالمي ڪتاب نمبر
  • آن لائين ٿيو 26/Sep/2020
  • ترجمو آھي؟ جي نہ
  • ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
  • لاٿو ويو 213 ڀيرا

ڪتاب ۾ ٽِڪليون