ناول

اڌوري عشق جو اَلميو

مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 761
  • 358
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اڌوري عشق جو اَلميو

ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

BOOK NO: (261)
ڪتاب جا سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: اڌوري عشق جو اَلميو
ليکڪ: دليپ دوشي لوهاڻو
موضوع: ناول
پهريون ڇاپو : نومبر، 2019
ڪمپوزنگ: شڪيل جنجهي
ٽائٽل ۽ لي آئوٽ: نعيم ديسوالي
ڪاپيون: 1000
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن، قنبر
قيمت: 300/- روپيا
ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

ADHOORE ISHQ JO ALMIYO

Writer: Dileep Doshi Lohano
Topic: Novel
First Edition: November, 2019
Title & Layout: Naeem Deswali
Quantitiy: 1000
Published By: Kanwal Publications, Kanbar
Price: Rs. 300/-

اسٽاڪسٽ
سمبارا ڪنول ڪتاب هائوس، سيد آرڪيڊ، قاضي محله، حيدرآباد
ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد
- ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد
- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز، ڪراچي - رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو
- العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ- سليمان برادرس، نواب شاهه.
مدني بڪ اسٽور، دادو- سراج بڪ اسٽور، قنبر، ٿر ڪتاب گهر، مٺي
- المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ - سوڀوگيانچنداڻي ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو
عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ- سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر

ارپنا

”آڪاش ۽ پِرهه“
جي نالي،
جنهن جي پيار ڪهاڻي چاهيندي به اڻپوري رهي ....

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اڌوري عشق جو الميو“ اوھان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو ليکڪ دليپ دوشي لوھاڻو آھي. مھاڳ ۾ شڪت حسين شورو لکي ٿو:

”پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي. عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو. شايد ان ڪري ئي شاھ سائين چيو هو ته:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان ، شال مَ ملان هوت ،
من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.“

هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون پياري دليپ دوشي لوھاڻي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ: شوڪت حسين شورو

جڏهن کان هن ڌرتيءَ تي عورت ۽ مرد جنم ورتو، تڏهن کان ٻنهي صنفن جي اندر هڪ اهڙو جذبو پڻ پيدا ٿيو جيڪو سندن وجود سان جڙيل رهيو. ان جذبي کي پيار جو نالو ڏنو ويو. شاھ لطيف جو چوڻ آهي ته ”وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ سو پيار هڪ اهڙو ئي وکر آهي جيڪو ازل کان ابد تائين ڪڏهن پراڻو ٿيڻو ڪونهي. سيفو کان وٺي شيخ اياز تائين پيار شاعري جو توڙي ٻئي تخليقي ادب جو سڀ کان وڌيڪ لازوال ۽ لافاني موضوع رهيو آهي. لکين ڪهاڻيون ۽ ناول پيار جي موضوع تي لکيل آهن ۽ جيستائين انسان ۽ سندس جذبا سلامت آهن پيار جي اهميت قائم رهندي.
پيار دليپ دوشي جو من پسند موضوع آهي، ڇو ته هن جو پهريون ناول ”محبت جي تنهائي“ توڙي موجوده ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ ان پيار جي پچار تي مشتمل آهن جيڪو لاحاصل آهي. ”اڌوري عشق جو الميو“ اصل ۾ پيار جو نوحو آهي، جيڪو تڪميل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي الميو بڻجي وڃي ٿو. هونءَ عشق هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جي جوهر ۾ الميو ئي سمايل آهي . عشق ڀلي کڻي ڪاميابي جي منزل تي پهچي، پر پوءِ ان جو اتان زوال شروع ٿئي ٿو ۽ اهو جھڪو ٿيندو گلن وانگر ڪومائجي وڃي ٿو. شايد ان ڪري ئي شاھ سائين چيو هو ته:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان ، شال مَ ملان هوت ،
من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
محبوب جي ملڻ سان جيڪڏهن پيار جي بيقراري ختم ٿي وڃي ته پوءِ ان پيار جي اهميت به گھٽجي وڃي ٿي. دليپ دوشي جي هن ناول جو بنياد ئي پيار جي بيقراري ۽ ان جي پيڙا تي رکيل آهي.
پيار جي دائمي موضوع تي لکيل دليپ دوشي جي ناول ”اڌوري عشق جو الميو“ جي ارپنا غير روايتي آهي. عام طور ارپنا پنهنجي ڪنهن گهر ڀاتي، ويجهي دوست يا ڪنهن سينيئر ليکڪ جي نالي ڪيل هوندي آهي. دليپ ان روايت کي ٽوڙي پنهنجي ناول جي ڪردارن جي نالن تي ڪئي آهي.
ناول جا مُک ڪردار آڪاش ۽ پرھ آهن. سندن سماجي پس منظر اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي فاصلي وارو آهي. پيار ته ڪيڏي به وڏي فاصلي کي ليکيندو ئي ناهي. اهو بيشڪ آسمان تي اڏامي سگھي ٿو پر زميني حقيقتن سان بغاوت نٿو ڪري سگھي. اها زميني حقيقت طبقاتي نظام يا سماجي اڻ برابري آهي، جنهن ۾ معاشي ننڍ وڏائي، اميري غريبي جو فرق نمايان هوندو آهي .انسان مذهبن، فرقن، رنگ، نسل ۽ ٻولين جي ويڇن م ته ورهايل آهي، پر ساڳئي مذهب، فرقي، رنگ، نسل ۽ ٻولي جي هوندي به سماجي اڻ برابري کي نظر انداز ڪرڻ ناممڪن ليکيو وڃي ٿو .
”اڌوري عشق جو الميو“ ناول جي پلاٽ جو بنياد سماجي اڻ برابري تي رکيل آهي، پر ان ۾ موقعي مهل سارو سنڌ جي اهم ۽ ٻرندڙ مسئلن جو به ذڪر آهي. ناول جو مُک ڪردار آڪاش پاڻ صحافي آهي، ان ڪري انهن مسئلن کي اجاڳر ڪرڻ هن جي ڪم ۾ شامل آهي. سنڌي ۾ پيار جي موضوع تي جيڪي ناول لکيا ويا آهن، پوءِ اهي يونيورسٽي ڪئمپس توڙي ڪنهن ٻئي پس منظر ۾ هجن، انهن جا ناول نگار شايد رڳو پيار جي پچار واري تهمت کان بچڻ لاءِ ضمني طور سنڌ جي مسئلن کي به کڻي اچڻ ضروري سمجهن ٿا. اها ڳالهه مون کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين جي ناولن ۾ نظر نه آئي آهي. سنڌ جي مسئلن کي ناولن ۾ ضمني طور آڻڻ کپي يا انهن تي ڪو مڪمل ناول لکڻ کپي، اها هڪ بحث طلب ڳالھه آهي.
دليپ دوشي جي هن ناول ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردي واري زماني ۾ گھاريل گھڙين جون يادگيريون آهن. ٿر جي ڏڪار جي اجگر بلا جو ذڪر آهي. ٿر جي ڏڪار جي حوالي سان حڪومتي ڪامورن جي بيحسي، ماروئڙن جي دردن جي درمان لاءِ رڳو سکڻا نعرا، مدد جي نالي ۾ قطارن ۾ بيهاريل ٿرين جي تذليل، لٺيون ۽ انهن کي پلئه پوندڙ ڏڪار ... ٿر جو ڏڪار سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن جي لاءِ ڀاڳ بڻجي اچي ٿو ، غريب ماروئڙن جي سهائتا جي نالي ۾ ملندڙ فنڊ فوٽو سيشن، صاحبن جي دورن ۽ سندن فرمائشن ۾ پورا ٿي وڃن ٿا، هوڏانهن مسڪين ٿرين کي رڳو ڏک ڏولاوا ئي نصيب ٿين ٿا __ هن ناول ۾ انهن سڀني ڳالهين جي دردمندي سان اپٽار ڪيل آهي .

[b]_ شوڪت حسين شورو
[/b]

ليکڪ پاران

ڪاليج جي پيار ڪهاڻي تي مشتمل منهنجي پهرين ناول ”محبت جي تنهائي“ تي سموري سنڌ جي نوجوانن پاران مليل اُتساهيندڙ موٽ کان پوءِ آئون مسلسل ان ڪوشش ۾ هوس ته ٻيو ناول لکان. ڪجهه موضوع به ذهن ۾ هئا جنهن تي ڪم به ڪيو پر الائي ڇو چند صفحن جي وڌيڪ لکي نه سگهيس، شايد ان ڪري جو هٿرادو ٺاهيل ڪردارن ۽ موضوعن کان وڌ سچن واقعن ۽ ڪردارن تي لکڻ مون کي وڌيڪ آسان لڳندو آهي. ”اڌوري عشق جو اَلميو“ پڻ حقيقت سان ويجهڙائي رکندڙ هڪ اهڙي پيار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ آڪاش ۽ پِرهه زماني جي عجيب رواجن اڳيان پنهنجي محبت هارائي ويٺا ۽ سندن پريت المين جو شڪار بڻجي هڪ ڪرڀناڪ پڄاڻي تي پهتي.
هيءَ پيار ڪهاڻي هر ان نفيس انسان جي آهي، جيڪو محبت ڪندڙ دل رکندڙ آهي، هونئن به دنيا ۾ هر انسان محبت ڪندو آهي، بس محبت جا ڪردار ۽ حالات مختلف هجن ٿا، باقي سموري پيار ڪهاڻي ۾ محبتون، حجتون، لڙڪ، وڇوڙا ۽ تڪليفون ساڳيون ئي هجن ٿيون.
مون هن ناول سان ڪيترو نڀاءُ ڪيو آهي ۽ ان جي فني پاسن توڙي ڪردارن سان ڪيتري قدر انصاف ڪري سگھيو آهيان؟ هن ناول ”اڌوري عِشق جو اَلميو“ جي ڪهاڻي ۽ پلاٽ ڪيئن آهي، ڪردارن ۾ ڪيتري خوبصورتي ۽ وسعت آهي، مڪالما ڪيترا جاندار آهن ۽ ڪهڙو اثر ٿا ڇڏين؟ ناول پنهنجي ڪهاڻي ۾ ڪيئن ٿو لڳي؟ اهي سڀ سوال نقادن جي حوالي ڪري آئون پنهنجي پڙهندڙن سان مخاطب ٿيندي بس ايترو چوان ٿو ته جيڪو به لکيو آهي سو پوري سچائي، محنت ۽ دل سان لکيو آهي.
سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار سائين شوڪت حسين شورو صاحب جون مهربانيون جنهن پنهنجي قيمتي راءِ ڏئي ناول لاءِ مهاڳ لکيو ۽ سنڌ جي بهترين ڪهاڻيڪار سائين اختر حفيظ جا لک قرب جنهن ناول لاءِ بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. محبتن جي ديس ٿر جي انتهائي خوبصورت شاعر محترم سائين شنڪر ساگر جون محبتون جنهن ناول جي فرنٽ فليپر لاءِ پنهنجا تاثر لکي ڏنا ۽ آئون پنهنجي پياري ليکڪ ۽ شاعر دوست عنايت الله نهڙيو جو انتهائي مشڪُور آهيان جنهن ناول جا پروف ڪري ڏنا ۽ بيڪ فليپر لاءِ پنهنجو رايو پڻ لکي ڏنو. آخر ۾ بهترين شاعر ۽ پبلشر دوست سائين سعيد سومري جا لک قرب جو سندس ساهتا سان ئي هيءَ ناول ”اڌوري عشق جو اَلميو“ ڪنول پبليڪيشن قنبر جي پليٽ فارم تان توهان جي هٿن تائين پهتو، اميد ته توهان پڙهندڙن کي ضرور پسند ايندو.

[b]ــ دليپ دوشي لوهاڻو
[/b]مٺي، ٿرپارڪر، سنڌ
Cell # 0333-2511104
dileepdoshi2009@gmail.com

اڌوري عشق جو الميو

---

1

هُو پنهنجي آفيس واري ڪمري ۾ ليپ ٽاپ تي ڪم ۾ مصروف هو، بلڪل ئي اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ليپ ٽاپ جي اسڪرين تي يڪ ٽڪ نظرون کپائي نيوز اسٽوري ٽائيپ ڪري رهيو هو. ڪمري جي سامهون واري ديوار تي لڳل ايل.سي.ڊي ٽي.وي تي نيوز چينل هلي رهيو هو، ٽي.وي جو آواز سائلينٽ موڊ تي رکيل هو، هُو خبر ٽائيپ ڪندي بار بار ٽي.وي ڏي ڏسندي ، اُهو پُڻ معلوم ڪري رهيو هو ته ڪهڙي خبر نشر ٿي رهي هئي.
سينٽر ٽيبل تي ماربل ٽيبل سيٽ رکيل هو ۽ شيشي جي هيٺ مختلف وزيٽنگ ڪارڊس، رمائينڊر چِٽِس، ڪئلينڊر ۽ ڪجهه يادگار تصويرون ترتيب سان پيل هيون. سينٽر ٽيبل جي ساڄي پاسي ايندڙ مهمانن لاءِ چار سنگل صوفا ۽ اڳيان رکيل شيشي جي ننڍي ٽيبل تي، پاڻي سان اڌ ڀريل شيشي جو جڳ پيل هو ۽ گڏ ٻه شيشي جا گلاس پڻ پيل هئا. انهي شيشي جي ٽيبل تي انهي تاريخ جون مختلف اخبارون ۽ ڪجهه ميگزين، وکريل ڪاغذ، پريس رليزز، سياسي بيانن جون ڪاپيون به پيل هُيون. ڪمري ۾ ٻيو ڪير به نه هجڻ ڪري مڪمل خاموشي هئي ۽ هُو يڪسوئي سان پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو.
سينٽر ٽيبل جي بلڪل سامهون هڪ ڪشادي دري ٻاهر گهٽيءَ جي طرف هئي، جيڪا اڌ کليل هئڻ ڪري ڪنهن ڪنهن مهل تازي هوا جو جُهوٽو ڪمري جي سانت کي ٽوڙيندو دري جي پردن سان ٽڪرائيندو سامهون دروازي مان نڪرندي ڪمري ۾ تازو احساس ڇڏي رهيو هو، جنهن سان ڪمري ۾ تازگي جو احساس پڻ محسوس ٿي رهيو هو.
هونئن ته آفيس ۾ هُن کان علاوه چئن ڄڻن جو اسٽاف هو، هڪ جونيئر رپورٽر، هڪ ڪئمرامين، هڪ پٽيوالو آفيس وقت لاءِ ۽ رات لاءِ سيڪيورٽي گارڊ پر جونيئر رپورٽر ۽ ڪئمرامين شهر ۾ ڪنهن تقريب جي رپورٽ ڪور ڪرڻ لاءِ ويل هئا. سڪيورٽي گارڊ رات واري وقت ايندو هو، باقي هُو ۽ پٽيوالو آفيس ۾ موجود هئا.
گهڻي دير بعد خبر مڪمل ڪري اداري کي اي. ميل ڪرڻ بعد هُن ليپ ٽاپ سِرڪائي، ٻنهي هٿن جي آڱرين کي پاڻ ۾ ڀڪوڙيندي آرس ڀَڃي ۽ بعد ۾ ٺونٺون ٽيبل تي رکي چهري کي ٻنهي هٿن ۾ ڀِڪوڙي ڪجهه دير ٿڪ ڀڃڻ لڳو. گهڙي کن رکي پنهنجي جڳهه تان اُٿي اخبارن ۽ ڪاغذن جي ڍير ۾ ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٻيهر پنهنجي سيٽ تي اچي ڪرسي کي پوئتي ڌڪي ٽيڪ ڏيندي پير ٽيبل تي رکي اکيون پوري رليڪس ٿي ٿڪ ڀڃڻ لڳو.
سُڪون جي ڪجهه گهڙين بعد موبائل فون جي رنگ ٽون وڳي ۽ هُو ٻيهر ڪُرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ فون اٽينڊ ڪيائين جيڪو اداري کان آيل هو. فون اٽينڊ ڪري هن موبائل ٽيبل تي پئي رکيو ته هن جي نظر ڊور بيل جي رموٽ تي پيئي جنهن کي هن ڪجهه دير پهرين ٽيبل تي اخبارن جي ڍير ۾ پئي ڳوليو پر اهو ته ليپ ٽاپ جي پاسي ۾ ئي پيو هو. هُن رموٽ جو بٽڻ دٻايو، پٽيوالو ڪمري ۾ داخل ٿيو.
”جيءَ سائين“ پٽيوالي ڪمري ۾ داخل ٿيندي چيو.
”ولي محمد .....!! چانهه ته ڪا ڪڙڪ سريلي پيار، سڄي ڏينهن جو ٿڪ لهي پئي“. هُن پٽيوالي کي چانهه لاءِ پئسا ڏيندي چيو.
ڊگهي قد ۽ ڀوري رنگ جو نوجوان آڪاش، جنهن جي زندگي ٿر جي ريگستان ۾ سالن کان برسات جي آس لڳايل اُن ماروئڙي جي اميد جهڙي هئي ته ”ڪڏهن ته الله سائين رحمت وسائيندو ۽ سمورا ڏک ۽ پيڙائون انهي پلر ۾ وهي ويندا“. هن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي انيڪ خواب اکڙين جي پيچرن تي سجايا. هن طئه ڪري ڇڏيو هو ته انهن سمورن سپنن جي ساڀيان لاءِ سوڀ جي منزل طرف انتهائي پختي ارادي سان اڳتي وڌندو رهندو ۽ منزل ماڻي رهبي. هونئن به ڏکيا رستا هميشه بهترين منزل طرف ئي ويندا آهن ۽ جيڪو اهي اڙانگا پنڌ اوري ٿو وڃي، منزل ان جو ئي مقدر ٿي بڻجي. هن وٽ سَسئي جهڙو ساهس هو، جنهن ٿڪجڻ سکيو ئي نه هو. بس پنهون جي پريت ۾ جيئن سسئي جهر جهنگ ڏوريندي اڳتي وڌي رهي هئي تيئن هُو پڻ پنهنجو مقصد طئه ڪري ويٺو هو ۽ ان کي ماڻڻ لاءِ اڳتي ۽ صرف اڳتي ئي وڌي رهيو هو.
ٿڌڙين هوائن جي شهر جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافتي حلقي توڙي اداري ۾ هُو ڳڀرو نوجوان ٿوري ئي وقت ۾ وڏي محنت سان پنهنجي گهڻي اهميت ٺاهي چڪو هو. اڄ جي ميڊيا جي بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ ۾ هُو ڪنهن وقت انتهائي اهم خبر کي ڪور ڪرڻ ۾ سينيئرس کي به پوئتي ڌڪي ويندو هو، جنهن ڪري کيس ڏکيائين ۽ عجيب روين کي پڻ منهن ڏيڻو پوندو هو، پر هي ڏکيائيون هن جي ماضيءَ جي تڪليفن ۽ پيڙائن جي اڳيان واريءَ جي ديوار هيون. هن جي جُستجو بس اڳتي وڌڻ جي هئي، هن اهو طئه ڪري ڇڏيو هو ته پوئتي مڙي نه نهاربو. قدم وڌائبا ته صرف اڳتي ۽ منزل ماڻي رهبي ۽ انهي لڳاءُ جي ڪري هن ٿوري وقت ۾ ئي ڪافي ڪجهه سکيو هو.
هُو انهي سيٽ ۽ جاءِ تي ايئن ئي نه پهتو هو ان جو هُن کي احساس هو، هُو مائٽن جو وڏو پٽ هو، غربت سبب ذميوارين هن کي ٻالڪپڻ ۾ ئي جوان ڪري ڇڏيو هو. هُن بي رحم وقت جي هر موڙ تي پنهنجا احساس ڪيئن ماريا هئا؟ ان جي پروڙ صرف هن کي ئي هئي، هن پنهنجن جذبن کي لڙڪن سان ڪيئن ڌوتو هو؟ سا يادگيري هن کي ڪڏهن ڪڏهن ايندي هئي ته ضبط ٽُٽِي پوندو هو ۽ لڙڪ لهرون بڻجي اکڙين جي سَمُندر ڪنارن سان ٽڪرائجي پوندا هئا، ۽ هانوَ تي سٽ پئجي ويندي هئي. پر وري به زماني جي ڀرم خاطر ٿڌو ساهه ڀري ڳوڙها اگهي ان يقين کي پختو ڪندو هو، ته بس هاڻي نه روئبو.
آڪاش ڪرسي تان اٿي تازي هوا لاءِ دري جي ويجهو اچي بيٺو، گرمي باوجود ڪنهن ڪنهن مهل هوا جا تازا جهونڪا مُسرت ڀريل لهر جو پيغام کڻي اچي رهيا هئا. هوا جي دلفريب جهوٽن جي لهرن ۾ اهڙو ته گم ٿي ويو هو جو هُن جي سموري ٿڪاوٽ ڪجهه ئي لمحن ۾ دور ٿي ويئي.
”سائين چانهه“ پٽيوالي چانهه جو ٽري ڏانهس وڌائيندي چيو.
پٽيوالي جي آواز تي هُن مڙي چانهه جو مَگ ورتو ۽ چانهه مان سُرڪ ڀريندي گهٽيءَ ۾ کلندڙ دري مان ٻاهر نظر ڊوڙائيندي ڏٺو ته خاموشي ڇانيل هئي، گرمي جي ڪري ٻار گهرن ۾ هئا يا ٽيوشن سينٽرن تي ويل هئا، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪنهن وقت ڪنهن ماڻهو جو گذر ٿي رهيو هو، پر هن ڏٺو ته گرمي باوجود به سامهون گلي جي ڪنڊ ۾ هڪ غريب عورت جنهن جي هنج ۾ معصوم ٻار هو جنهن جي اڳيان ڇولن جو ٿال پيل هو،هوءَ ڇولا کپائڻ لاءِ ٻارن جي ٽيوشن سينٽرن تان واپسي جو انتظار ڪري رهي هئي، اهڙي گرمي ۾ به پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي پاپي پيٽ جي پورائي لاءِ کيس هي سڀ ڪشالا ڪَٽڻا پئجي رهيا هئا. بک جي دوزخ خلاف مسلسل جدوجهد سان گڏ ٽٽل پوتي باوجود کيس پنهنجي عزت، آجپي ۽ خودداري جو ڪيڏو نه خيال هو، جو بار بار هن پنهنجي پوتي کي ٺاهيو ۽ سنڀاليو ٿي ته جيئن سندس ڪو انگ اڻ ڍڪيو نه رهجي وڃي.
هيءَ آهي دنيا جي اها باوقار ۽ باڪردار عورت، جيڪا پنهنجي گهر، ٻارن، عزت جو هڪ ئي وقت خيال به رکي ٿي ته خودداري جي رُکي سُکي کائڻ کي به ترجيح ڏئي ٿي پر پنهنجي اوچي ڳاٽ کي جهڪائڻ هرگز نه ٿي ڏي. ”آئون ته چوان ٿو سوشل سيڪٽر جي بيبي ڪٽ وارن ۽ اوچي هِيل پاتل فينسي عورت سوشل ايڪٽِيوِسٽ سڏائي ٿڌن ڪمرن ۾ ويهي عورت جي آجپي تي پاور پوائنٽس جي رٽيل پرزنٽينشن تي طوطي وانگر ٽانءُ ٽانءُ ڪندڙن کي اهڙين محنت ڪش عورتن کان سکڻ کپي ته عورت جي زندگي ۾ جدوجهد ڇا آهي؟ آجپو ڇا آهي؟ باقي عورت جي آزادي جي نعري تي فنڊ کائيندڙ نام نهاد عورت سماجي اڳواڻن وٽ مظلوميت جا نعرا وڪڻي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي“. چانهه پيئندي سندس ذهن ۾ اهڙا خيال ايندا رهيا.
هُن ڪجهه دير رکي سُرڪ ڀرڻ لاءِ ڪوپ چپن تائين آندو ته هُن کي محسوس ٿيو ته ڪوپ ۾ چانهه ختم ٿي چڪي آهي، هُن ڪوپ ٽيبل تي رکيو ۽ رليڪس ٿيڻ لاءِ ليپ ٽاپ جي ميوزڪ پليئر تي لتا جا ڪلام لڳائي ڪُرسي تي ٽيڪ ڏيئي اکيون بند ڪري موسيقي جو سرور وٺڻ لڳو.
موسيقي ٻڌندي هُن کي وقت جي پروڙ ئي نه پئي ته سانجهيءَ ٿي چڪي هئي، سيڪورٽي گارڊ جي اچڻ وقت پٽيوالو جڏهن گهر وڃڻ لاءِ اجازت گهرڻ آيو ته هُن ديوار تي لڳل سامهون گهڙيال ڏي نظر وڌي ته شام جا ست ٿي رهيا هئا. هُن کي احساس ٿيو ته ڪافي وقت ٿي چڪو آهي. شام واري شفٽ جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ هُن فون ڪري اسٽوري ڪرڻ لاءِ ويل جونيئر رپورٽر کي هدايتون ڏنيون. بعد ۾ پٽيوالي کي به اجازت ڏني ۽ پاڻ به اُٿيو ۽ فليٽ ڏي روانو ٿي ويو.

2

هُن کي نئين شهر ۾ آئي ڪجهه وقت ئي مس گذريو هو، اجنبي شهر، نوان ماڻهو، نوان رويا، ڏکيو ٽاسڪ ۽ هُو اڪيلو نوجوان، جنهن ان کان پهرين ايترو عرصو ڪڏهن گهر کان پري نه گذاريو هو، ماءُ جي پيار ۾ پليل ڪڏهن ٻه ٽي ڏينهن به ماءُ کان پري نه رهيو هو، تنهن کي گهر ۽ ماءُ، پيءُ کان پري هيترو وقت گذري ويو هو، جيڪو سمورو وقت هن کي جُڳن کان وڌ لڳو هو، ڪڏهن ڪڏهن ته ضبط ٽٽي پوندو هو ۽ اڪيلو ئي اڪيلو واڪ جي بهاني ڊگهي رستي تي نڪري پوندو هو، روئي من هلڪو ڪندو هو ۽ دل چوندي هئس ته واپس گهر هليو وڃي. پر پوءِ جڏهن گهر جون حالتون، ماءُ جي طرفان سٺل ڏکن تڪليفن ۽ پيءُ طرفان کنيل قرض ۽ واپس نه ڪرڻ جي سگهه ۽ ننڍڙي ڀيڻ کي پنبڻين جي ڪنارن تي ڪنهن خوشي جي ڏينهن تي تري آيل ڪوسن لڙڪن سميت پيڙائن جا انيڪ منظر جڏهن هُن جي سامهون نروار ٿيندا هئا، تڏهن هُو لڙڪ اگهي انهن کي سگهه ۾ تبديل ڪندو هو.
اجنبي شهر ۾ هُن جو هڪڙو ئي ويجهو ۽ دل گهريو دوست ڪريم، جيڪو يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ سندس فليٽ پارٽنر پڻ هو. ڊگهي قد جو سهڻو نوجوان، محمد ڪريم هميشه اسٽائلش رهڻ پسند ڪندو هو، پينٽ شرٽ، شلوار قميض توڙي هر لباس ۾ وڻندڙ، خوش مزاج ۽ حقيقت پسند هو. هُن جي نظر ۾ پيار ۽ عشق وقت جو زيان هو، هُن جو پورو ڌيان پڙهائي ۾ هو. هُن کي پڙهائي مڪمل ڪري آمريڪا وڃڻ جو جنون هو. هُن جي نظر ۾ ڇوڪري صرف محبوبه ئي ڇو؟...... هڪ سٺي دوست بڻجي به ته رهي سگهي ٿي....!!
آڪاش سان ڪريم جو تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کي دل سان سمجهندا به هئا ته هڪ ٻئي سان دل جو حال به اوريندا هئا. هر وقت هر ڏک سک ۾ گڏ بيٺل نظر ايندا هئا. آڪاش جي تڪليف کي ڪريم لفظن مان پروڙي وٺندو هو ته ڪريم جي درد کي آڪاش سندس اکين مان پڙهي وٺندو هو. دوستي جي عظيم رشتي جو هُو ٻئي هر وقت ڀرم رکندا هئا، وقت ڪهڙو به ڏکيو ڇو نه اچي وڃي، ڪيفيت ڪهڙي به ڇونه هجي هُو ٻئي هر وقت ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل هوندا هئا. ڪريم اجنبي شهر ۾ آڪاش لاءِ وڏو ڏڍ هو، جيڪر هُو اڪيلو هجي ها ته شايد ايئن ٽڪاءُ نه به ڪري سگهي ها، جنهن جو هُو وڏي واڪي اعتراف به ڪندو رهندو هو ته هُن جي ڪاميابي جي سفر ۾ ڪريم جو تمام وڏو هٿ هو.
آڪاش صحافي ۽ ڪريم يونيورسٽي جو شاگر، بس پوءِ رات جو فليٽ تي بحث شروع ٿيندا هئا ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لنگهي ويندا هئا ڪٿي ٿا آڻ مڃن. هڪ کي پنهنجي تعليمي قابليت تي فخر ته ٻئي کي وري صحافيءَ هئڻ ڪري عملي زندگيءَ جو ويجهڙائي کان تجربو. هڪڙو چوي آئون صحيح ته ٻيو چوي هُو ڪيئن گهٽ ٿئي. بس فليٽ جا ٻيا دوست گاريون ڏيئي ماٺ ڪرائيندا هئا پوءِ گرم چانهه جو دور شروع ٿيندو هو. چانهه جي چسڪي تي وري يونيورسٽي، تعليم، ڇوڪريون، انهن جون دوستيون، رُساما، پرچاءُ سميت انيڪ ڳنڀير مسئلا زير بحث ايندا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ موبائل فونن جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿينديون هيون ته عاشق وڃي فليٽ جون ڪنڊون سنڀاليندا هئا. ان ويلي آڪاش وري ليپ ٽاپ تي سٺن ڪالم نگارن جا آرٽيڪل، مختلف اخبارن جون خبرون، تازه ترين موضوعن تي تبصرا ۽ تجزيا پڙهڻ لڳندو هو جنهن سان سندس صحافتي قابليت ۾ واڌارو ٿيندو هو.
وقت سان گڏ صحافتي صحبت جي دوستن سان اٿ ويهه ٿيڻ لڳي هئي ۽ هن جي ملڻسار طبيعت هئڻ ڪري ٿوري ئي وقت ۾ صحافتي سٿ جا ڪافي دوست هن جي ويجهو ٿي چڪا هئا ۽ هُن کي پڻ خبر جي هر انداز ۽ پهلو جي پروڙ پوندي رهي ايئن وقت سان گڏ هن جو سياسي، سماجي حلقن ۾ اٿڻ ويهڻ ٿيڻ لڳو ۽ واسطا به وڌندا ويا.
وقت تيز گهوڙي تي سوار ٿي مسلسل گذرندو رهيو، گڏوگڏ هُن کي زندگي جا ڪجهه وڌيڪ سبق پڻ سيکاريندو ويو، جنهن سان هُن جي سوچڻ ۽ پرکڻ جي سگهه ۾ اضافو ٿيندو رهيو. هُو جيتوڻيڪ ڪُو سينيئر صحافي ڪونه ٿيو هو، پر ايترو ضرور هو ته هاڻي هُن لاءِ خبر ڳولڻ ۽ ان کي ڪهڙي انداز سان پيش ڪجي مشڪل نه رهيو هو. پهرين هن کي خبر ڳولڻي پوندي هئي پوءِ خبر هُن وٽ خود پهچڻ لڳي. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وڌندڙ رجحان ۽ ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ سهوليتن جي ڪري صحافت آسان ٿي ويئي هئي. پرنٽ ميڊيا جي جهونن صحافين جي ڀيٽ ۾ نوجوان صحافي ان نئين ٽيڪنالاجي جي ڪري تمام اڳتي هئا.
ڪنهن وقت جي صحافتي اصولن پٽاندر پهرين خبر ملي، پوءِ تصديق ٿئي، پوءِ ٻيهر تصديق ٿئي، پوءِ ٻنهيءَ پاسن جو موقف ملي، پوءِ خبر ڊيسڪ ڏي وڃي، جتي سب ايڊيٽر کان ٿيندي نيوز ايڊيٽر کان ٿيندي ايڊيٽوريل ضابطن مان لنگهندي هئي، پوءِ وڃي اها خبر اخبار جي جڳهه والاريندي هئي. پر پوءِ وقت بدليو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي آيل تيز ترين رفتار واري صحافت سڀئي ليڪا اورانگهي ويئي، ڪهڙا ضابطا...؟، ڪهڙا اخلاق...؟، ڪهڙيون ايڊيٽوريل پاليسيون ....؟ بس خبر سڀ کان پهرين نشر ٿيڻ کپي...!! بريڪنگ نيوز جي ڊوڙ صحافتي اصولن، ايڊيٽوريل پاليسين کي بلڪل ئي پائمال ڪري ڇڏيو هو. پاليسي اها ئي هوندي جيڪا چئنل جو مالڪ چاهيندو ۽ مالڪن ته چاهيو ٿي ڪاروبار ۾ واڌارو .... سڀ کان پهرين خبر وٽن پهچي ۽ ريٽنگ وڌي ۽ اشتهارن جي لائين لڳي ته جيئن ڪاروبار وڌي. جيئن پنج ئي آڱريون برابر ناهن هونديون تيئن اڃان ڪاري ڏڌو اڇو آيو ٿي، ڪو سڀني پاسي انڌوڪار ڪونه هئي پر گهڻي حد تائين شيون تبديل ٿي چڪيون هيون.
آڪاش جيئن ته نوجوان هو، نئين دور جو جوان خون، سو هُن لاءِ انهي ٽيڪنالاجي ڪي ڏکيائيون پيدا نه ڪيون. ليپ ٽاپ ۽ ٽيبليٽ جي دور جو نوجوان هو، انٽرنيٽ جي دنيا هن لاءِ نئين نه هئي ۽ پنهنجي ڪم ۾ حد درجي تائين سچو ۽ ايماندار هو، ڪا اسائنمينٽ ملندي هئس ته جيءُ جان لڳائي پوري ڪندو هو، جنهن ڪري اداري ۾ ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي سٺي ساک ٺاهي ويو هو ۽ صحافتي حلقا پڻ آڪاش کي ساراهيندي نظر ايندا هئا ته نوجوان ٿوري وقت ۾ ئي ڪافي شيون پنهنجي فهم و فراست سان سمجهي چڪو هو. خبر جو اسڪرپٽ ڪيئن لکجي، فوٽيج کي ڪهڙي اينگل کان ڪور ڪجي يا خبر جي منڍ ۽ پڇاڙي ڪيئن رکجي ان تي ڪافي گرفت حاصل ڪري چڪو هو.

3

صبح جو وقت هو، آسمان صاف هو، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ بادل نظر آيو ٿي ۽ سج پنهنجي گرمي جا هلڪا هلڪا پر پکيڙي رهيو هو، آسمان ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڪو پکي هيڏي هوڏي اڏرندي ڏسڻ ۾ آيو ٿي، زندگي روان دوان هئي، خلق خدا پنهنجي پنهنجي روز جي ڪم ۾ مشغول هئي، پريس ڪلب جي گيٽ واري روڊ تان گذرندڙ ڪارن، فور سيٽرس، رڪشن جا آواز، رستي تي ڇولا، چاٽ، مَڪئي کپائيندڙ ريڙهن تي ماڻهن جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هو. ان ويلي آڪاش سميت مختلف صحافي ساٿي ڪانفرنس هال ۾ اي.سي جي ٿڌي ماحول ۾ ويٺا پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مشغول هئا. ڪو اخبار پڙهندي ڪنهن وقت چهري تي مسڪراهٽ ته ڪنهن ويلي چڙ جا تاثر آڻي رهيو هو، ته ڪو وري ٽي.وي تي خبرون ٻڌڻ ۾ مشغول ته ڪي وري سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي وقت گذر ڪري رهيا هئا.
ويهه پنجويهه ڄڻن تي مشتمل نوجوانن جو ٽولو جيڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين تي مشتمل هو، سهڻا ٻهڪندڙ چهرا، خوش اسلوب لباس، ڪنهن کي پينٽ شرٽ پهريل ته ڪي وري شلوار قميض ۾ هئا، ڪي فينسي برگر ڪٽ وار ڪتريل ڇوڪرا رکي رکي وارن ۾ هٿ گهمائي سيٽ ڪري رهيا هئا ته ڪا ڇوڪري وري فينسي فريم واري چشمي کي بار بار ساڄي هٿ جي پهرين آڱر سان نڪ تي سرڪائي رهي هئي ته ڪا وري وارن جون چڳون جيڪي بار بار چهري تي لڙي ٿي آيون تن کي سرڪائي ڪن جي پويان واري ٿي ڇڏيائين. هڪڙي ڳالهه جيڪا سڀني ۾ هڪجهڙي هئي اهو سندن لباس تي سفيد گائون پهريل هو، جنهن مان سندن سڃاڻپ ڊاڪٽر هجڻ جي ٿي رهي هئي.
اهي نوجوان کاٻي هٿ ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا جا لکيل پليءَ ڪارڊ کنيو ساڄي ٻانهن کي هوا ۾ اڀاري هٿ بند ڪري مُٺ ٺاهي نعرا هڻي رهيا هئا. اهو نوجوانن جو ٽولو نعرا هڻندو اچي پريس ڪلب جي مکيه دروازي وٽ پهچي احتجاج ڪرڻ لڳو.
هائوس جاب ڪندڙ نوجوان ڊاڪٽرن جو ميڙ .... جيڪو قوم جي صحت جو ضامن هو، جيڪو پاڻ هينئر پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پريشان هو.سڌريل معاشرن ۾ اُستاد ۽ ڊاڪٽر کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي ۽ هر سهولت ڏني ويندي آهي، پر اسان ڪيڏا نه بي حس آهيون جو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ايندڙ پرامن استادن تي واٽرن ڪينن ۽ لٺيون وسايون ٿا، ۽ ڊاڪٽرن کي سندس مطالبن جي مڃتا لاءِ رستن تي روليون ٿا.
هائوس جاب الائونس ..... وڌايو وڃي ..... ينگ ڊاڪٽرن سان ناانصافي .... بند ڪريو ..... ٽائيم اسڪيل الائونس ..... وڌايو وڃي ..... ينگ ڊاڪٽر اتحاد .... زندهه باد ..... ڊاڪٽرن سان ناانصافيون .... بند ڪريو .....
ڄڻ صبح ويلي گلن تي ماڪ ڦڙا ڪريا هجن .... تيئن ڪِن نازڪ ڪومل چهرن تي گرمي وگهي پگهر جا ڦڙا ظاهر ٿيڻ لڳا هئا، جنهن کي اهي بار بار ٽشوءَ پيپر سان صاف ڪري رهيون هيون. ڪي ڇوڪريون وري پلي ڪارڊ سان ڇانوَ ٺاهي سج جي گرم روشنيءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. گرمي جي ڪري اڇا کير جهڙا چهرا ڳاڙهي گلاب جهڙا لال ٿي رهيا هئا.
سندن نعرن جي آواز تي پريس ڪلب مان ڪجهه ڪئميرامين، فوٽو گرافر، پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جا صحافي سندن احتجاج رڪارڊ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا.
آڪاش پڻ پنهنجي ڪئميرامين کي چيو ته ”ڪئميرا ٽرائي پوڊ اسٽينڊ تي سيٽ ڪر ته جيئن نوجوان ڊاڪٽرن مان ڪنهن جو موقف رڪارڊ ڪجي“. ڪئميرامين اسٽينڊ سڌو ڪري ڪئميرا سيٽ ڪرڻ لڳو ته آڪاش مائيڪ جي تار جو ڇيڙو ڪئمرامين کي ڏيندي چينل جو لوگو سيٽ ڪرڻ لڳو.
”توهان نوجوان ڊاڪٽرن مان مطالبن جي مڃتا جي حاصلات لاءِ موقف ڪير ڏيندو.؟“
آڪاش مائيڪ تي لوگو سيٽ ڪندي ڊاڪٽرن کان پڇڻ لڳو.
”اسان جو گڏيل موقف ڊاڪٽر مُومل ڏيندي.“
ميڙ مان ڪنهن ڊاڪٽر جواب ڏنو.
مُومل جو نالو ٻڌندي ئي آڪاش کان ڇِرڪ نڪري ويو، ذهن جي ڪينواس تي ماضي جا اڻ مٽ عڪس هِڪدم اُڪري آيا ۽ آڪاش ڪنڌ ورائي ڊاڪٽرن جي ميڙ طرف نهاريو ته ميڙ مان هڪ نوجوان ڊاڪٽرياڻي نڪري اڳيان اچي بيٺي، جيڪا مومل اها ئي مومل .... هئي ...
سونهن ۾ اڃان به ويتر سَرس، هلڪي گلابي رنگ جي ڪاٽن جي جوڙي ۾ ملبوس، تنهن تي ڊاڪٽرن وارو سفيد گائون پهريل ۽ ڪلهي تي سفيد چُني سندس حُسن کي نکاري رهي هُئي. سهڻي گول چهري تي سنهڙو نڪ تنهن تي وري فينسي فريم جو چشمو پهريل هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن متوجه پئي ڪيو. ڪنن ۾ سادي ڊزائين واريون سونيون واليون ۽ نڪ ۾ پاتل لونگ ۾ دل فريب لڳي رهي هئي.
هُن کي ڏسندي ئي آڪاش دنگ رهجي ويو. حيران پريشان ٿي پٿر جو بت بڻجي پيو. آس پاس ڇا وهي واپري رهيو هو، تنهن کان بي نياز ڪيترين ئي گهڙين تائين خاموش هُن کي ڏسندو رهيو. جنهن تڪليف ۽ ڏک کي هُو وساري چڪو هو، تنهن گهاءُ جون پٽيون ٻيهر کُلي پيون ۽ زخم تازو ٿي ويو.
”سائين ڪئميرا اوڪي ۽ رڪاڊنگ موڊَ تي آهي ....“
ڪئميرامين جي اهڙي آواز تي آڪاش ڇرڪي پيو ۽ بي خيالي ۾ مائيڪ زمين تي ڪري پيو. آڪاش پاڻ سنڀاليندي مائيڪ کي کنيو ۽ مُومل جو موقف رڪارڊ ڪيائين.
مُومل پڻ کيس ڏسي اکيون اکين سان ملائي نه سگهي ۽ ٻين جي موجودگيءَ سبب ڪجهه ڪُڇي نه سگهي ۽ ٽٽل ڦٽل لهجي ۾ ڊاڪٽرن جو موقف ٻڌائي رواني ٿي ويئي.
آڪاش به بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي واپس ڪانفرنس هال ڏانهن موٽي آيو ۽ هال ۾ رکيل صوفي تي آهلجي پيو، ڪافي وقت تائين بلڪل بي جان جسم بڻجيو صوفي تي پيو هو. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن کيس ساڄي ڪلهيءَ تي ڪجهه محسوس ٿيو ۽ ڪنڌ مٿي کڻي نهاريو ته پريس ڪلب جو پٽيوالو هو، جنهن ڪافي دفعا پڇڻ جي باوجود جواب نه ملڻ تي ڪلهي کان ڌنڌوڙي پڇڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته سائين چانهه پيئندا ....؟
”نه پيارا .... مهرباني .... بس هڪ گلاس پاڻي جو پيار ....“
آڪاش چانهه جي طلب نه هئڻ ڪري انڪار ڪندي صرف پاڻي جي گهُر ڪئي.
مُومل ڪو هُن جي پراڻي محبت نه هئي جو ان کي ڏسي ڪري آڪاش کي پراڻو پيار ياد آيو هو ۽ نه ئي هُن کي ايئن هتي ڏسي ڪري ٻيهر ڪو پيار اُڀريو هو....!، بس هڪڙو انڪار هو، جيڪو زخم بڻجي هُن جي سيني تي اڀريو هو، جيڪو ڦَٽ وقت گذرڻ سان گڏ ڀرجي به چڪو هو. پر ٻيهر .....!!!
پاڻيءَ جو گلاس پيئندي آڪاش سوچن جي ساگر جي ڇولين ۾ ٿاٻا کائيندي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ لڳو.
جڏهن هُو ٿر ۾ صحافت جي شروعاتي ڏينهن ۾ شهر ۾ رٿيل هڪڙي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ پهتو هو ته سندس ملاقات هڪڙي ڪڪوريل نيڻن، چنچل چِت ۽ مور جي انڊلٺي پرن جهڙي حسين جواني سان ٿي هئي، جيڪا ڊاڪٽر مُومل هئي.
ان ڏينهن شهر ۾ ٿر جي هوشيار شاگردياڻين جي اعزاز ۾ هڪ تقريب رکيل هئي، جن پنهنجي محنت سان تعليمي صلاحيتن عيوض ميڊيڪل جي انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ پنهنجي لگن ۽ قابليت سان پڙهائي مڪمل ڪئي هئي. انهن هوشيار شاگردياڻين ۾ مُومل به شامل هئي، جيڪا هڪ ڏهاڙي دار ڇولا کپائيندڙ غريب والد جي ڌيءُ هئي، جنهن پنهنجي محنت سان ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا لاءِ ورتل انٽري ٽيسٽ پاس ڪئي هئي ۽ فيس نه هئڻ ڪري وِي . سِي طرفان داخلا فيس معاف ڪئي هئي ۽ باقي پڙهائي جو خرچ ميڊيا ۾ آيل خبرون پڙهي هڪڙي درياءَ دل شخص ڀريو هو.
سنهڙي قد ڪاٺ جي خوبصورت لباس ۾ ملبوس، ڪجل هاڻيون اکڙيون جِن ۾ سمنڊ جهڙي گهرائي هئي، فينسي ڊزائين جي فريم وارو چشمو پاتل، چپن تي هلڪي ڪلر جي ڪپڙن سان مشابهت رکندڙ لپسٽڪ لڳل، آسماني ڪلر جو دوپٽو ڪلهي تي لٽڪيل ۽ پيرن ۾ چاندي جي ڇير پاتل جنهن جي ڇن ڇن جي آواز تي دلين جي سر ساز جون سموريون تارون ڇڙي ٿي پيون، هلڪي پيلي ڪلر جي چپل پهريل مُومل جنهن جي وارن جون چڳون جڏهن چهري تي ڇيڳڙايون ڪرڻ لاءِ لڙي ٿي آيون ته سونهن سنسار جا هڙئي منظر کڙي ٿي پيا.
آڪاش جنهن جو وجود ڏکن جي بن ۾ ڀٽڪي رهيو هو، سندس من جي صحرا ۾ جتي رڳو ٿوهر ئي ٿوهر هئا، سندس زندگي ان بدنصيب ٿري جي حياتي جهڙي هئي، جيڪو هردفعي وسڪاري جي مند ۾ انهي آس سان اُڀ ڏي نهاريندو هو ته هيل پلر جي پالوٽ سين سندس زخم ڌوپجي ويندا پر هر دفعي ڏڪار جي قهري راڪاس سندس الهه تلهه تباهه ٿي ڪيو، تيئن آڪاش جي بنجردل جي ڌرتيءَ تي اُميد ڌارا وسي پيئي هئي، مُومل کي ڏسندي ۽ سندس خانداني پس منظر جي ڄاڻ هئڻ ڪري هُن کي لڳو هو ته شايد مُومل سندس زندگي جو حصو بڻجي نامڪمل وجود کي مڪمل ڪندي. مُومل کائنس عمر ۾ پنج، ڇهه سال وڏي هئي، پر هُو خيالي پلاءُ پچائڻ لڳو ته هُو شادي لاءِ رشتو گهرندو، هُن سمجهيو هو ته هُو ڊاڪٽر آهي، خوبصورت به آهي ۽ مائٽاڻو پس منظر به غربت وارو هئڻ ڪري رشتي لاءِ بهتر ٿيندي ايئن هُن کي به سهارو ملي ويندو ۽ پنهنجي زندگي به سنورجي ويندي..!
پروگرام ختم ٿيو ته سندس دوست آصف، جنهن پروگرام جي ڪمپيئرنگ پئي ڪئي، سو اچي آڪاش جي ڪمري ۾ ويٺو، تنهن جو هُن کي پنهنجي خيالن ۾ گُم سم ڏٺو، تنهن سموري ماجرا بابت آڪاش کان پڇا ڪئي ته هُن پهرين ته ڳالهه اورڻ کان نٽايو پر بعد ۾ دل جو سمورو حال ٻڌائيندي چيائين.
”آصف، پروگرام ۾ هُوءَ جا ڇوڪري مُومل هئي، سا ڏٺي هئي؟ سچ پڇين جڏهن کان هُن کي ڏٺو آهي، ذهن ۾ هڪڙي سوچ جنم ورتو آهي تنهن ويلي کان منهنجي من جو سڪون ئي ڦٽي ويو آهي.“
”ها ڏٺي به هئي ۽ کيس مائٽن سميت چڱي ريت سڃاڻان ٿو؟“ پر هُن کي ڏسندي ڪهڙي سوچ جنم ورتو آهي جنهن چين ڦٽايو آهي؟“ آصف آڪاش کان سوال ڪندي چيو.
”يار منهنجي مَن ۾ خيال آيو آهي ته امڙ کي چئي هُن جي مائٽن کان هُن جو رشتو گهران شادي لاءِ ...!“ آڪاش پنهنجي دل جو حال اوريندي ٿڌو ساهه کڻندي چيو.
”پر پيارا هُوءَ ته توکان عمر ۾ پنج، ڇهه سال وڏي آهي ...!“ آصف ٽيبل تي رکيل ٽشو باڪس مان ٽشو ڪڍي پگهريل چهرو صاف ڪندي چيو.
”يار مون کي ان ڳالهه سان ڪو مسئلو ناهي، هونئن به پاڻ وٽ ايئن ٿيندو رهندو آهي، سماج ۾ اهي پئمانا ڪونهن ته ڪو ڪنهن کي عمر مطابق پروڙجي“ آڪاش ٽيبل تي پيل ڪاغذ تي پين سان لڪيرون پائيندي چيو.
اهو آڪاش جي ڪچي جوانيءَ جو اجايو خيال هو يا واقعي هڪڙي بالغ نظري واري سوچ ....! ان وقت طئه ڪرڻ ممڪن ڪونه هو. آڪاش جنهن سدائين اذيتون ڀوڳيون هيون، تنهن جي دل ۾ خوشيءَ جو ٻج ايئن اچانڪ ڦٽي پيو هو، جنهن کي هُو پاڻي ڏيئي وڏو وڻ ڪرڻ لاءِ اتاولو هو ۽ انتهائي پراميد به نظر اچي رهيو هو.
گهڙي کن رکي آڪاش آصف جي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو، ”يار ڪا صلاح به ڏيندين يا بس رڳو سوال جواب ڪندين، ڪا واٽ ڏس يار“
”هڪ ڳالهه چوانءِ جي دل ۾ نه ڪرين ؟“ آصف چشمي جي شيشي کي ٽشوءَ سان صاف ڪندي آڪاش ڏي ڏسندي چيو.
”ها چئو ....“ آڪاش پنهنجي ڪرسي آصف جي ڪرسي ڏانهن سوريندي ويجهو ٿي ويهندي چيو.
”اهو صحيح آهي ته ڪڏهن ڪڏهن وڏا فيصلا ڪرڻ ۾ ننڍ وڏائي، اوچ نيچ، عمر، رنگ، نسل، ذات ڪا معنيٰ نٿي رکي.....! پر پيارا ٿورو پريڪٽيڪل ٿي سوچ ...! ڇا اهو ممڪن آهي؟ هڪ ته اها تنهنجي خواهش آهي، جيڪو عين ممڪن آهي ته هُن جو خيال ساڳيو نه هجي ..!، ٻي ڳالهه ته تنهنجي عمر ۽ هُن جي عمر ۾ پنج کان ڇهه سالن جو فرق آهي، هُو ڇوڪري ڇو چاهيندي ته هُن جو رشتو ڪنهن اهڙي ڇوڪري سان جُڙي جيڪو کائنس ايترو ننڍو هجي ۽ ڇهه سال ننڍي عمر ڪو ننڍو فرق ناهي!! اڃان به ٽين ڳالهه ته تنهنجي خواهش پنهنجي جاءِ تي پر زميني حالتن مطابق هُو توکان اسٽيٽس ۾ به وڌيڪ آهي ... ڇا هُو پاڻ کان ڪنهن ننڍي اسٽيٽس واري ڇوڪري سان رشتو جوڙڻ پ ... س .... ن ... د .....“ آصف جذبات کان هَٽي ڪري سنجيده ڳالهيون آڪاش اڳيان رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته آڪاش جذباتي ٿيندي سندس ڳالهه ڪٽيندي ٽيبل تي زور سان ڌڪ هڻندي چيو.
”يار تون ته الائي ڪٿان جو ڪٿان نڪري وئين، ايتريون سڀ ڳالهيون ٿورو ئي سوچبيون آهن، هُو به ته هڪڙي غريب خاندان سان تعلق رکي ٿي، هُن کي منهنجي ڳالهين جو ضرور احساس ٿيندو.“ آڪاش پنهنجي ارادي جي ساڀيان تي پختو يقين هئڻ جو احساس ڏياريندي چيو.
”اهو ٺيڪ آهي پر ڇا هُن جي راءِ ساڳي آهي به يا نه ....! اهو ڀلا هڪ ئي لمحيءَ ۾ ڪيئن سمجهي ورتو.“ آصف ٽيبل تي پيل جڳ مان پاڻي جو گلاس ڀري آڪاش کي ڏيندي سڪون سان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ چيو.
”يار اها ڪا سائنس ناهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ ڪي تجربا ڪجن اهو ته هڪ معصوم احساس جو نانءُ آهي، جنهن ويلي مون سندس اکڙين ڏي چتائي ڏٺو هو ته هُن مُرڪن جا سوين پوپٽ مون ڏي اڏاريا هئا، جيڪو دليل آهي ته هُن جي دل ۾ به مون لئه اهي ئي احساس آهن ۽ صرف منهنجي چوڻ جي دير آهي، هُو فوراً ها ڪري وٺندي.“ آڪاش پاڻي جي گلاس مان ڍڪ ڀري ٽيبل تي رکندي مسڪرائيندي چيو.
”اهو ته ڪو ٺوس دليل نه ٿيو...! مرڪون ارپڻ ته هر زنده دل ماڻهو جي نشاني آهي، ايئن ته هن سڀني ڏي ڏسي مسڪرايو پئي.“ آصف آڪاش جي اهڙي دليل کي رد ڪندي چيو.
”يار تون دوست آهين يا دشمن .... سوچيم ته تون ڪا صلاح ڏيندين تون ته ويتر ئي مايوس ٿو ڪرين يار ايئن ته نه ڪر نه ...! تڪليف ٿي ٿئي.“ آڪاش آصف ڏي نهاريندي چيو.
آصف جڏهن آڪاش جي اکين ڏي نهاريو ته نيڻ گهاٽا بادل بڻجي آڪاش جي روح جي بنجر زمين تي وسي پيا هئا، جذبا سڏڪا بڻجي پيا هئا ۽ هُو ٻار جيان ٽيبل تي ٻانهن رکي، ان تي ڪنڌ لائي روئڻهارڪو ٿي ويو هو. آصف ٻنهي هٿن سان آڪاش کي سڌو ڪري ڪرسي تي ويهاريندي چيائين.
”ڳالهه ته ٻڌ پيارا..! آئون ڪو تنهنجو مَٺگهُرو ته ناهيان! پر توکي ڪا تڪليف نه رسي ان ڪري حالتن کان واقف پئي ڪيم، جو زمانو سڄو ايئن به ته نٿو سوچي جيئن تون سوچين ٿو يا جيڪي خيال تنهنجي من ۾ اچن ٿا انهي سان سامهون وارو به متفق هجي. مون ته چاهيو پئي ته هينئر ئي توکي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ته جيئن مستقبل ۾ توکي وڌيڪ ڏک نه رسي.“
”ڀلا پوءِ غريب کي دل ئي نه هجڻ کپي، نه اها ڌڙڪندي ۽ نه هوندا احساس ..! ۽ نه ئي پيدا ٿيندي ڪا خواهش ...! مون کي اها پسند آئي، منهنجي دل ۾ هُن لاءِ خواهش اُڀري ته منهنجو ان ۾ ڪهڙو قصور آهي؟“ آڪاش ٻارن وانگر ڏوراپا ڏيندي چيو.
آصف هُن جي صفا ٻاراڻي جذبات ۽ اصل زميني حقيقت کان انڪاري سڀاءُ ۽ هڪ ئي نقطي تي بيهي رهڻ تي پريشان ٿي ويو، هُن کي چڱي ريت خبر هئي ته ان جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، پر پوءِ به دوست جي خوشي خاطر هُن آڪاش جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيو.
”هڪڙو رستو آهي، جيڪو صفا سولو ۽ سڌو ....“
”اهو وري ڪهڙو..؟“ آڪاش هٿن سان اکيون صاف ڪندي چيو.
آڪاش جي چهري تي خوشي موٽي آئي، جيئن ڪنهن ٿريئي جي چهري تي وسڪاري جون پهريون مينهن ڪڻيون وسڻ تي مرڪون تري اينديون آهن.
”ڪنهن زماني ۾ هئي محبت مشڪل، ته پهرين ڇوڪري کي خط لکو، سندس سهيلي کي رشوت ڏيو، ننڍي ڀاءُ سان دوستي ڪيو، پوءِ ڪنهن جي هٿان خط اماڻيو ۽ ڪنهن درگاهه تي باس باسيو ته الله سائين ڪري خط با حفاظت وڃي انهي ڇوڪريءَ کي ملي نه ته خير ڪونهي، پوءِ ان ۾ اظهار، اقرار، انڪار ....! هڪڙو طويل داستان هوندو هو...! پر جديد دور جي جديد ٽيڪنالاجي ته پيارا ڪم صفا آسان ڪري ڇڏيو آهي .... هيءَ فيس بوڪ، واٽس ايپ، ميسينجر، موبائل ڀلا ڪڏهن ڪم ايندا....“ آصف آڪاش جو مُوڊ نارمل ڪرڻ لاءِ هلڪي ڦلڪي انداز ۾ مستيءَ ڪندي چيو، جنهن تي آڪاش مرڪي پيو.
”يار تون به وڏو اُستاد آهين، پل ۾ اهڙيون ناڪاري ڳالهيون ٻڌائي هانءُ ٿو ڦاڙين ته ٻئي پل ۾ سموري مسئلي جو حل ٻڌائي دل خوش ٿو ڪري ڇڏين.“ آڪاش آصف جي ڪلهي تي ٿڦڪيءَ هڻندي چيو.
”تنهنجو هيڏو وڏو مسئلو حل ڪيو ڪنجوس ان جي بدلي چانهه ته پيار.“ آصف شرارت مان آڪاش کي ڇيڙيندي چيو.
ڪمري ۾ ٻنهي جا ٽهڪ ٻُري پيا.
”چانهه کوڙ ... پر لکان ڇا؟“ آڪاش، آصف کان صلاح وٺندي چيو.
”ڪنهن به فلاسافي ڪرڻ جي ضرورت ناهي، صاف صاف لفظن ۾ جيئن تنهنجي دل ۾ هن سان شادي ڪرڻ جو خيالو اڀريو آ، تيئن جو تيئن ان کي سادن لفظن ۾ اتاري هُن ڏي اماڻي ڇڏ، تنهنجي لفظن ۾ سچائي جي طاقت هوندي ته هُن کي ضرور متاثر ڪندي، ڇو جو انهي اظهار لاءِ ڪنهن به اٽڪل يا لفاظي جي ضرورت ناهي.“ آصف آڪاش کي سندس دل جي ڳالهه سچائي سان لکڻ جي صلاح ڏيندي چيو.
”ها سهڻا چوين ته صحيح ٿو .... ايئن ٿو ڪيان.“ آڪاش صلاح مڃندي چيو.
هُن همٿ ڪري مومل کي پنهنجي دل جي سموري ڳالهه بيان ڪري سندس فيس بوڪ جي اڪائونٽ تي ان باڪس ميسينجر جي ذريعي اماڻي ڏني ۽ مثبت موٽ جي انتظار ۾ فيس بوڪ ميسنجر تي اکيون کپائي ويهي رهيو.
پر.....! قسمت ساٿ نه ڏنو ۽ مومل کيس سٺي موٽ نه ڏني ۽ مڪمل انڪار ۾ جواب مليس. سندس جواب جيءُ جهوري وڌس. هن ڪافي وقت جي تڪليف سهڻ کان پوءِ اهو طئه ڪيو ته هاڻ هُو ان سڀ ڳالهين ۾ وقت نه وڃائيندو، مستقبل تي ڌيان ڏيندو ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪري رهندو. انهي جستجوءَ ۽ لگن جي باعث اها ڳالهه آهستي آهستي ذهن تان مٽجڻ لڳي هئي ۽ ڪنهن حد تائين انهي کي هُو وساري به ويٺو هو، پر اڄوڪي اچانڪ ملاقات ٻيهر زخم اڀاري ڇڏيا هئا.
موبائل فون جي وڄندڙ گهنٽي تي هُو ڇرڪي سوچن جي گهراين مان ٻاهر نڪتو ۽ ڏٺو ته ڪريم فون ڪري رهيو هو.
”جيءَ ڪريم“ هُن فون اٽينڊ ڪندي ڳالهايو.
”ڪٿي آهين مٺا؟“ ڪريم کائنس سوال ڪندي پڇيو.
”پريس تي آهيان، حُڪم ڪر.“ آڪاش ڪريم کي جواب ڏيندي چيو.
”حڪم ڪونهي، يونيورسٽي کان جلدي موٽيو آهيان تو وٽ اچان پيو، ماني گڏجي ٿا کائون.“ ڪريم آڪاش کي جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آ جاني، انتظار ٿو ڪريان.“ آڪاش ڪريم سان سهمت ٿيندي چيو.
”اوڪي“
”اوڪي“
آڪاش صوفي تان ان عزم سان اٿيو ته جيڪو واعدو هُن پاڻ سان ڪيو هو، ان تي قائم رهندو. مومل پڻ پنهنجي دنيا ۾ خوش آهي ۽ هُن جي ڪا خاص دلچسپي ناهي رهي ته پوءِ اجايو دل ڇو لائجي، بس اڻ پورو سپنو سمجهي وساري ڇڏجي، آڪاش پنهنجي پاڻ کي سمجهائڻ لڳو ..
۽ اٿي واش روم طرف ويو، پاڻي جا ٻڪ ڀري لڙڪ سان گڏ انهي ڳالهه کي به ڌوئي صاف ڪرڻ لڳو، ۽ بلڪل فريش ٿي، منهن ڌوئي ڪريم جو انتظار ڪرڻ لڳو .....
ـــ

4

آڪاش ان ڏينهن ريڊيو پاڪستان ۾ رٿيل ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس موٽي رهيو هو ته ڪجهه نوجوان توڙي شاگرد ڇوڪرا، ڇوڪريون تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا. شام جو پهر هو، سورج جا ڪرڻا پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيا هئا، آسمان تي هلڪي شفق ڇانيل هئي، پکي آکيرن ڏي واپسي جي سفر تي گامزن هئا، ميران شاهه روڊ تي ماڻهن جي رش لڳل هئي، ڪي موٽرسائيڪل تي سوار ڇڙواڳ جوانيون، ته ڪي وري پنهنجي ٻارن ٻچن سان گڏ گهر جي سامان وٺڻ لاءِ رش ٽوڙيندي دڪانن ڏي وڃي رهيا هئا، مطلب هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، هُو پڻ روڊ تي هلندي هلندي موبائل فون تي مختلف واٽس ايپ گروپن ۾ آيل پيغام چيڪ ڪري رهيو هو.!
ايڪسڪيوز مِي ....! اچانڪ ماڻهن جي گوڙ گمسان مان هڪڙو ڪوئل جي مٺڙي لات جهڙو پيارو آواز سندس سماعتن تائين پهتو ته هُن نظرون موبائل مان کڻي مٿي نهاريو ته سامهون هڪ نازڪ احساسن سان سرجيل ڪينجهر جهڙي جواني، جنهن مان زندگي ٿڌا ساهه کڻي رهي هئي، سندس اکڙين جي بتيلن ۾ مهاڻن جي آس جهڙيون ڪلپنائون هيون، هُن ڏانهنس نهاريندي اکڙين جي پلڪن کي جڏهن جهپٽيو هو تڏهن حياءَ جا هڙيئي رنگ وکري پيا هئا، سندس چپن جي ڪينواس تي گلابن جي پنکڙين جو واس هو، نارنگي رنگ جي ڪڙتي ۽ ڪاري رنگ جي پاجامي ۾ ملبوس هُو ڪومل مکڙي جهڙي حسين زندگي ڳاڙهي رنگ جي اسڪارف ۾ سونهن سنسار جي ديوي لڳي رهي هئي.
هُو اڻ ڄاڻ ڇوڪري جيڪو آڪاش جو ڌيان موبائل ۾ هئڻ ۽ سامهون اچڻ جي ڪري رستو ڏيڻ لاءِ چوندي رستو پار ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ۽ ويندي ويندي آڪاش ڏي نهاري مرڪُن جا سوين پوپٽ اڏاري ويئي ..!
هن جي ايئن مرڪڻ تي آڪاش جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ستل احساس جاڳي پيا هئا، حالانڪه هُن طئه ڪيو هو ته هاڻي هُو ان ڳالهين ۾ وقت نه وڃائيندو پر جذبن کي ڀلا ڪير قيد ڪري سگهيو آهي جو هُو ڪري ها؟
آڪاش فوراً سوري ڪندي رستو ڏنو، ۽ هُن جي مرڪن جي پوپٽن کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندي موٽ ۾ کيس به مسڪراهٽن جا موتيءَ ارپيندي تيسائين ڏسندو رهيو جيستائين هُو اڻ ڄاڻ ڇوڪري رستيءَ جي ٻي پار نڪري اکين کان اوجهل نه ٿي ويئي. هُن جي محبوباڻي مرڪ ۾ ڪا ڇِڪ ضرور هئي جيڪا آڪاش کي ڏانهس متوجه ڪري ويئي هئي. هونئن به خدا سائينءَ عورت جي اکين جي نهار، سڀاءُ ۾ چنچلتا ۽ کلڻ ۾ زندگي جا ست رنگي رنگ ۽ جوانيءَ ۾ ماڻهو جي من کي موهي وجهڻ جا ڍنگ رکيا آهن.
هُو اڻڄاتل ڇوڪريءَ آڪاش جي خوابن ۾ ايندڙ ان حسين شهزادي جهڙي لڳي هئي، جنهن جي بخملي ادائن دل جي ريشم کي الجهائي ڇڏيو هو، ڪوهه قاف جي پري انساني روپ ۾ ڌرتيءَ تي اچي لٿي هئي، جنهن ۾ سندرتا جا سمورا عڪس پئي ڇلڪيا، ۽ جڏهن هُن اکين جي ڇپر کي واريو ٿي ته حياءُ جا هڙيئي رنگ واسجي ٿي ويا ۽ وري جڏهن ڇپر کنيو ٿي ته ڪيترن ئي ڳڀرو جوانن جي هينئين ۾ کڏ ٿي پئجي ويئي ۽ اونهي ساهه سان آهه ٿي نڪتي. هُو سندرتا جي روپ جي ديوي، جنهن جا احساس ڪنهن پوڄارڻ جي ٿالهيءَ ۾ سجايل پاڪ گلن جهڙا هئا، ڪنهن معصوم ٻار جي مُرڪ مثل هئا، سنڌوءَ جي کير ڌارا جهڙا هئا، ڪاسٻي جي ڪامڻي جي ڳچي ۾ پاتل هَنسلي جهڙا هئا، مندر ۾ سنجها ويلي وڄندڙ گهنڊ جهڙا هئا جنهن جي آواز تي ڪومل ڪَنيائون آرتي جون ٿالهيون سجائي پهچنديون هيون.
ڇا هُن مون کي سڃاتو ٿي؟ جو مون ڏي نهاري هُن مسڪرايو پئي!، يا منهنجي ايئن موبائل استعمال ڪرڻ تي چٿر ته نه ڪري رهي هئي!؟ يا هُن جي مسڪراهٽ هُن جي حسن وانگي زندهه دلي جي نشاني هئي، جو ڪي ماڻهو هميشه ماڻهن سان ملندي مسڪرائيندا آهن يا اڃان ٻيو ڪو ڪارڻ هو، جو منهنجي سمجهه ۾ نه پيو اچي. خير جيڪو به هو آئون ڀلا ان تي ايترو ڇو پيو سوچيان؟
آڪاش هلڪي مسڪراهٽ چهري تي آڻي ساڄي هٿ سان پنهنجي ئي مٿيءَ جي ڪياڙي تي ٿڦڪي هنئي ۽ ٻيهر موبائيل چيڪ ڪندو اچي پنهنجيءَ پارڪ ڪيل موٽر سائيڪل وٽ پهتو ۽ آفيس طرف نڪري ويو.

5

آڪاش فيلڊ اسٽوري ڪَور ڪري شهر جي مشيني زندگي جي ماڻهن جي هُل هلان، گاڏين، رڪشن، فور سيٽرس ۽ موٽر سائيڪلن جي هانءُ ڦاڙ آوازن، سائلنسرن جي ڪرڙاٽن، ڪنڊيڪٽرن جي هوڪن، هوڪرن ۽ هُل کي برداشت ڪندو چانهه پيئڻ جي خيال سان هڪڙي پٺاڻ جي هوٽل وٽ اچي موٽر سائيڪل روڪيائين.
ڪيڏو نه الميو هو جو سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ پٺاڻن جي هوٽلن ۾ اضافو ٿيندو ٿي ويو، ماڻهو ماني کڻي ڪٿي به کائي پر چانهه جي چسڪيءَ بس لالي جي هٿ جي کپي ٿي، خبر نه ڇا هو پر لالي جي چانهه جو ديوانو هرڪوئي بڻيل هو. هوٽل جي ٻاهر روڊ تي اٺ ڏهه ٽٽل ڦٽل لوهه جو ڪرسيون، جن جي اڳيان ڪاٺ جي پاون واريون ٽيبلون، جنهن تي ماربل جو پٽو چڙهيل هئس، هُو موٽرسائيڪل کي هڪڙي پاسي تي بيهاري ٻاهر رکيل ڪرسين مان هڪ تي اچي ويٺو.
ڪو وقت هوندو هو جو سنڌ جو ٻيون وڏو شهر حيدرآباد، جنهن جون محبتون ۽ خوشبوءَ ڏکڻ جي ٿڌڙي هير جيان گهلنديون هيون، شهر جا روڊ، رستا انتهائي ويڪرا، هر طرف وڻڪاري، ساوڪ، گاڏين جي رش تمام گهٽ، زندگيءَ جي هلچل معمول جيان، ڇا ته دل لڀائيندڙ، من کي سڪون ڏيندڙ نظارا هوندا هئا، سنڌ جي جياپيءَ جي درياءَ سنڌوءَ جي ڪپ تي آباد ٿڌين هوائن جي هن شهر جي سونهن ۽ تعريف تاريخ جي ورقن ۾ تمام پراڻي ملي ٿي، هن شهر جي سونهن، پرين جي وستيءَ جي محلن، ماڙين جي بالڪونين مان حُسن ۽ نينهن سانوڻي جي مينهن ڪڻين جيان برسي پوندو هو ۽ حُسن جو هڳاءُ سموري ماحول کي معطر ڪري ڇڏيندو هو ۽ پيار ڀرين دلين مان آهه بڻجي اڀرندو هو. هيراآباد جا خوبصورت ۽ صاف ڪشادا ويڪرا رستا، گهٽيون، چؤنڪ ۽ چوراها به محبتن سان آجيان ڪندي نه ٿڪبا هئا، تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو پڻ ملي ٿو ته انهن رستن، گهٽين، ۽ چوراهن کي گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتو ۽ صاف ڪيو ويندو هو، جنهن باعث ڳلي ڳلي مان مان خوشبوئن جي مهڪندڙ سڳنڌ پئي ايندي هئي ته وري رات جو وشال آڪاش تي تارن جي جهر مر، چوڏهين جي رات جو چنڊ جي چانڊوڪي، گهرن ۾ ڏيئن جي لاٽ ۽ ٿڌڙين هوائن جي هاڪ ڏيهان ڏيهه مشهور هوندي هئي، حيدرآباد جي حُسناڪين جا اهي منظر ئي هن شهر جي سير و سياحت لاءِ ڪٿان ڪٿان جي ماڻهن کي هتي اچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا هئا، پر ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو وقت جي واڳ ڌڻين ۽ سنڌ جي ثقافت کان اڻڄاڻ انسانن هن تاريخي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي شهر سان جيڪو ناحق ويڌن ڪيو آهي، ان صورتحال جو اندازو شهر جي اُجڙيل عمارتن ۽ ٽٽل گلن جيان مرجهائجي ويل خوبصورتي مان لڳائي سگهجي ٿو، ان صورتحال جو چٽو منظر شهر جا ڀڳل ٽٽل، سوڙها ۽ گندگيءَ سان ڀريل بدبودار رستا، گهٽين، محلن، چوراهن جي ابتر صورتحال جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، وندر لاءِ جوڙيل تفريحي ماڳن جي تباهه حاليءَ ۽ ڪمپرسي وارو حال به انهي بدحالي جو ڏيک ڏئي ٿو يا حيدرآباد جي قديم تاريخي ماڳن، جاين، ۽ آستانن جي زبون حاليءَ به انهي پيڙاءُ جي منظر ڪشي ڪري ٿي، يا شهر جي روڊن تي ڦاٿل گاڏين جي پيهه ۽ هر هنڌ ٿيل حددخلين ۽ ڌارين جي آبادڪاري مان شهر جي ماضي ۽ حال جو پتو لڳائي سگهجي ٿو.
هُو ڪنهن کي سڏ ڪري تنهن کان اڳ ئي هڪڙو ٻار جنهن جي عمر ٻارنهن کان چوڏهن سال مس هوندي، اچي سندس اڳيان ٽيبل تي پاڻي جو جڳ، گلاس رکيائين ۽ ڪلهي تان صفائي وارو ڪپڙو لاهي ٽيبل کي صاف ڪندي چانهه جو آرڊر ورتائين. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي هوٽلن، گيراجن، آٽو ورڪشاپن تي اڪثر ان عمر جا ٻار مزوري ڪندي نظر ايندا جنهن کي اڪثر ”ڇوٽو“ جي نالي سان پڪاريو ويندو آهي جيڪي ڇوٽُو (ننڍڙا) پنهنجا سمورا ارمان ماري، معصوم عمر جون مستيون، جيڏن سان گڏ رانديون، پڙهائي سڀ وساري ۽ ترڪ ڪري اچي پنهنجي گهر جي وڏڙي جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندا، سندن ئي محنت جي ڪمائي سان گهر جو گاڏو هلندو رهي ٿو.
صاحب چانهه ..! ڇوٽو جي اهڙي آواز تي هُن ان معصوم ڏي نهاريو جنهن جي اکين ۾ الائي ڪيترن اميدن جا ديپڪ ٻرڻ کان اڳ ئي اجهامي ويا هئا، سندس اکيون هن معاشري جي بي حسي تي انتهائي ڪرڀ سان نهاري رهيون هيون، وقت ۽ حالتون اگر ساٿ ڏين ها ته هُو به ڪنهن سٺي اسڪول ۾ تعليم پرائي ها، پنهنجي عمر جي دوستن سان راند کيڏي ها، هٿن ۾ ڪوپ، گلاس ۽ ڪپڙو هجڻ بجاءِ قلم، ڪتاب ۽ ٿيلهو هجن ها، پر هيءَ سڀ سماج جون اڻ برابريون هيون جنهن ۾ غريب غريب تر ۽ امير اميرتر ٿيندو ٿي ويو، غريب کي جيئڻ لاءِ ٻه ويلن جي ماني به مشڪل سان ٿي نصيب ٿي ته ٻي پاسي اميرن جا ڪتا به ڪباب کائي رهيا هئا. هڪ طرف امير مانيءَ کي هضم ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو ته ٻيءَ پاسي غريب ٻه ويلا مانيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙي رهيو هو.
هُن کي ڇوٽو جي پيڙاءَ جو احساس ان ڪري به محسوس ٿي رهيو هو جو هُو پاڻ به غريب مائٽن جو اولاد هو، غريب پيدا ٿيڻ توهان جي وس ۾ ناهي پر غريب ٿي مايوسي جي زندگي گذارڻ ته غلط آهي. هن جي مائٽن کي پاڻ محنت ڪري هن معصوم کي پڙهائڻ کپي ها، هن جي زندگي سنوارڻ کپي ها، مائٽن جي ٿوري مدد سان هيءُ ڪنهن سٺي مقام تي پهچي پيو سگهي! پر انهن ڪومل گلڙن ۽ معصومن جي نالي تي ڪروڙين روپين جا فنڊ ڳڙڪائيندڙ سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمون جيڪر پنهنجي حصي جو ٿورو گهڻو ڪم به ڪن ته هوند ڪيترائي ٻار انهي دوزخ ڀري زندگي مان آجا ٿي تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي سگهن ٿا، پر انهن صاحبن کي اي. سي ڪمرن ۾ رٿيل ميٽنگن، پاور پوائنٽس تي ٺهيل پرزنٽيشنس ۽ پرڏيهي دورن مان فرصت ملي ته ڪجهه ڪم به ڪن.!
هن موضوع تي وقت ڪڍي سٺي اسٽوري ٺاهڻ کپي ۽ اداران ۾ ويٺل پيٽ سڄيل ڪامورن توڙي هٿ ٺوڪيل سماجي وڏيرن جي ضمير کي جهنجهوڙڻ کپي. چانهه جي سِپ ڀريندي سوچن جا انيڪ ڪڪر هُن جي ذهن جي آسمان تي ٺهي ۽ ڊهي رهيا هئا.
اچانڪ موبائيل جي رنگ ٽون جي آواز تي هُن جي سوچن جو سلسلو ٽٽو ۽ هن ڏٺو ته سندس دوست ڪريم ڪال ڪري رهيو هو.
”السلام عليڪم ..... وعليڪم السلام “
”آڪاش ڪٿي آهين؟“ سندس دوست ڪريم کائنس پڇيو.
”بس فيلڊ اسٽوري ڪرڻ ويو هئس، هاڻي موٽيو آهيان، اسٽاپ تي چانهه پيو پيان، اچان ٿو فليٽ تي ڪجهه دير ۾ “ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي جلدي اچڻ جي ڪر ته ماني گڏجي ٿا کائون.“ ڪريم کيس جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي پيارا، اچان ٿو.“ آڪاش وراڻي ڏيئي فون ڪٽيو.
هُن کان رهيو نه ٿيو ۽ هُن ڇوٽو کي اشاري سان سڏ ڪري وٽس اچڻ لاءِ چيو.
”تنهنجو والد ڇا ڪندو آهي تون پڙهائي ڇو نه ٿو ڪرين؟“ آڪاش سندس مٿي تي پيار مان هٿ ڦيريندي پڇيو.
”صاحب! منهنجو والد هن دنيا ۾ ناهي، گذاري ويو، امان، آئون ۽ ننڍڙي ڀيڻ آهي. گهر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ امان سلائي جو ڪم ڪندي آهي ۽ آئون هتي مزوري ڪندو آهيان.“ هن کان جواب ڏيندي ضبط نه ٿيو ۽ ڳوڙهو معصوم جي اکڙين جي ڪنارن کي پار ڪري وهي ويو.
آڪاش، معصوم کي ڇاتيءَ سان لائيندي دلداري ڏني ۽ پنجاهه روپيه خرچي ڏيندي چيو، ”غم نه ڪر الله سائين بهتر ڪندو.“
ڇوٽو ٻانهن جي ڪف سان اکيون صاف ڪندي خودداري ڀري لهجي ۾ چيو،”سائين جيڪر ايئن پئسه وٺڻا هجن ها ته مزوري ڪرڻ بجاءِ سامهون چوراهي تي بيهي خيرات وٺان ها پر منهنجي امڙ مون کي ”محنت ۾ ئي عظمت آهي“ جو درس ڏنو آهي، توهان جي مهرباني جو احساس ڪيو.“ ڇوٽو پئسه واپس موٽائي واپس پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو.
آڪاش کي هن جي خودداري کي ڌڪ پهچائڻ تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هن جي دل ۾ معصوم لاءِ پيار، عزت ۽ مرتبو اڃان ويتر وڌي ويس.
آڪاش ڪائونٽر تي چانهه جا پئسا ڏيئي موٽرسائيڪل تي فليٽ طرف روانو ٿي ويو.
ـــ

6

ان ڏينهن آڪاش ڪئميرامين سميت ڄامشوري ۾ مادر علمي اداري جي ڪانووڪيشن کي ڪور ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي پهتو هو. ڪانووڪيشن شروع ٿيڻ ۾ ڪافي دير هئي، ان دوران هُو مختلف شاگردن سان ڪچهري ڪرڻ ۽ سندن يونيورسٽي ۾ گهاريل جوڀن ڏينهڙن جا احوال وٺڻ لڳو ته جيئن خبر کي جاندار نموني پيش ڪري سگهي. اُتي ٻن اهڙن ساٿين سان ملاقات به ٿي جيڪي هڪڙي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهڻ آيا هئا، پڙهائي سان گڏ هڪ ٻئي کي پنهنجي دل ڏنائون ۽ پڙهائي ختم ڪرڻ بعد شادي ڪيائون. شاگرد جي حيثيت سان يونيورسٽي پهتا ۽ زال مڙس جي روپ ۾ ڊگري وٺڻ آيا هئا. اِهو اينگل هُن کي دلچسپ لڳو، آڪاش ڪانووڪيشن جي خبر سان گڏ انهي جوڙي جي ڪهاڻي کي پڻ ڪور ڪيو جيڪا هڪ روايتي خبر سان گڏ نواڻ هئي.
محبتن جي نگري ڄامشوري جي هنج ۾ ٺهيل سنڌ يونيورسٽي جي دوران گهاريل زندگي جي جوڀن ڏينهڙن جو سرور هڪ عجيب ڪيفيت ٿو رکي. پڙهائي دوران ڪيتريون ئي يادون پڻ حياتي جو حصو بڻجي ٿيون وڃن، جيڪي زندگي تبديل ڪرڻ جون ڪارڻ بڻجنديون آهن. پرخيز خوبصورت يادون، بي لغام وقت، دوستيون، پيار، مستيون، مذاق، رُساما، تڪرار، محبتون ۽ کوڙ ساريون حجتون ساهه سان سانڍيل هجن ٿيون. دنيا کان بي نياز يونيورسٽي لائيف جي هڪڙي پنهنجي الڳ ئي دنيا هجي ٿي، هڪ الڳ بادشاهي، جتي ڪيترائي شهزاده ۽ شهزاديون اکين ۾ محبت جا ديپ ٻارين ٿا، ته ڪي ڇڙواڳ دل لڳي ۾ ئي وقت گذارين ٿا، نتيجي کان بي پرواهه ٿي جواني جي جوش ۾ هر اها شرارت ۽ مستي ڪن ٿا، جنهن مان ٽهڪ ٻرن ٿا، مسڪراهٽون پکڙجن ٿيون ۽ پيار پسجن ٿا.
صبح ساجهر جي پهر ۾ جڏهن چاندي جي ورق جهڙا سج جا ڪِرڻا ورسٽي جي وستيءَ کي ڇُهن ٿا، ته صبح جي ٿڌڙي هير گهلڻ شروع ٿئي ٿي ۽ ماحول ۾ چوڏس سڳنڌ پکڙجي ٿي وڃي ۽ گل ٻوٽا پنهنجي خوشبوءَ سان سموري ماحول کي معطر ڪري ٿا وجهن ته ان ويلي پکيءَ مٺڙيون لاتيون لنوئندا آکيرا ڇڏين ٿا ته ٻئي پاسي يونيورسٽي جي هاسٽلن جي زندگي ۾ چرپر شروع ٿيڻ لڳي ٿي. رات دير تائين محبوب سان ڪچهريون ڪري ستل جوانيون ننڊاکڙا نيڻ ٻُوٽي آرس ڀَڃين ٿيون ۽ ڪئمپس ڏي پنڌ ساهن ٿيون. اُتي به پرين جي هوڏ ۽ لوڏ تي ٿڌا شوڪارا ڀريندا، محبوب جي ڪجل هارين اکڙين ۽ گلابي چپڙن تي دل هاري ڳڀرو واپس موٽن ٿا. وري شام ويلي جڏهن سج اولهه ڏانهن راهي ٿئي ٿو، آسمان تارن جي جڳ مڳ سان مڻيا ٽانڪيل ڪاري چادر اوڍي ٿو ته ان ويلي چنڊ جي سهائي ۾ مارئي هاسٽل جون شهزاديون پنهنجي خوابن جي شهزادن ڏي پيار جا سنيها اماڻين ٿيون، ته بوائز هاسٽل جي ڳڀرو جوانن جي دلين جو ڌڙڪو ويتر تيز ٿو ٿي وڃي. اهو سلسلو رات جي آخري پهر تائين جاري ٿو رهي جيستائين ننڊ نيڻن جي دروازن تي دستڪ نه ٿي ڏي، پوءِ جوانيون ٿڪل ٽڪل جسمن سان وڃي نندرا ديوي جي آغوش ۾ پناهه وٺن ٿيون، ۽ پرين جا خواب پسندي صبح جو سج اڀارين ٿيون.
هونئن به يونيورسٽي ۾ پنهنجي زندگي جا حسين لمحا گذاري شاگرد پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن ڏي ورن ٿا، ڪي پاڻ سان سٺيون يادون، سٺي تعليم، سٺا دوست، سٺي تربيت ساڻ انيڪ آسون ۽ اميدون کڻي ٿا وڃن ته اڳتي وڃي معاشري لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندا ته ڪي وري ٽٽل دليون، گهايل من، آليون اکيون، نامڪمل محبت جا وڍ ۽ اڻ پوري عشق جون آسون پاڻ سان کڻي پنهنجي پنڌ ڏي راهي بڻجن ٿا.
”جاني تون هِتي بيٺو آهين، آئون توکي ڪٿي ڪٿي پيو ڳوليان!، ڪيترون ڪالون ڪيون اٿم، فون ڇو نٿو کڻين؟“ ڪريم اچانڪ اچي آڪاش جي ڪلهي تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
آڪاش سي. ايل جي سامهون بيٺو يونيورسٽي جي زندگي جا خيالي پس منظر گهڙي رهيو هو، سو اچانڪ آواز تي خيالي دنيا مان ٻاهر نڪري آيو.
”ها جاني بس اسٽوري ڪَور ڪري اچي هتي بيٺو هُئس، فون سائيلنٽ موڊَ تي رکيل هو، سوچيم توکي ڪال ٿو ڪريان، پر الائي ڪهڙي سوچن، خيالن ۾ گم ٿي ويس.“ آڪاش اونهو ساهه کڻندي چيو.
”چڱو .... هل ته ڪينٽين ڏي هلون، ڪجهه کائي وٺون، بک لڳي آهي.“ ڪريم آڪاش جي هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيو.
”يار ڳالهه دل جي ڪئي اٿئي.“ آڪاش پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو.
ڪئيمرامين کي آفيس هلڻ لاءِ چئي اُهي ٻيئي ڄڻا اچي ڪينٽين پهتا، جتي يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد دوستن سان گڏ ماني ۽ چانهه پيئڻ سان گڏ ڪچهرين، بحث مباحثن ۾ مصروف هئا، هنن به چانهه ۽ سموما ورتا.
چانهه پي ۽ سموسا کائي ٻيئي ڄڻا آڪاش جي موٽر سائيڪل تي واپس وڃي رهيا هئا، ته يونيورسٽي جو موڙ مڙندي ئي اها ساڳيءَ اڻ ڄاتل ڇوڪري جيڪا ان ڏينهن ميران شاهه روڊ تي آڪاش کي مِلي هئي، سا ڪتاب هٿ ۾ کنيل پنهنجي سهيلين ساڻ سامهون نظر آئي، کيس ٻيهر ڏسندي ئي هُن کان ساهه ڇڏائجي ويو ۽ بائيڪ سلپ ٿيندي ٿيندي بچي ويئي.
هلڪي فيروزي ڪلر جي ڪاٽن جي ڪرتي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس سندر سلوڻي ڪلهي تي سفيد ڪلر جو رَئو رکيل هوس. جهڙي پاڻ سهڻي تهڙا ئي وري مٿس سينگار سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. وارن جو جهڳٽو ٺهيل جنهن تي ڪيچر لڳل هئس، جيڪو سندس سندر مُک تي ويتر سهڻو لڳو پئي. هڪڙي اڳ ئي من موهڻي ۽ سهڻي ٻيو وري وارن جون چڳون مُک تي واريل هئس، جن سندس رخسار تي کيچل ڪندي دل جلن عاشقن کي آهن ڀرڻ تي مجبور پئي ڪيو. ڪارا ڪجرارا نيڻ ايڏا ته گهرا هوس جو ڪير نگاهه کڻي ڏسي ته مجال آهي جو سندس مريد نه ٿئي، سندس نگاهن جي تاب کان شايد ئي ڪو هجي جيڪو گهايل نه ٿيو هجي. سهڻي اهڙي جهڙوڪر کير جو درياءُ سندس ئي جسم مان پار ٿي گذرندو هجي.
آڪاش پاڻ سنڀاليندي موٽرسائيڪل کي بريڪ هنيو ۽ نظرون سندس نظرن سان ملايائين ته فضائن ۾ اڻ ڄاڻ ساز جا آواز وڄڻ لڳا، هوائن ۾ بانسري جو مڌر آواز ڇِڙي پيو، ماحول ۾ سر، ساز ۽ سونهن جي جلوون جو منظر هو، ٻنهي جون نظرون هڪ ٻئيءَ سان مخاطب هيون ۽ سِڪ ۽ ڇِڪ جون اڻ چيون ڳالهيون هڪ ٻئي سان اوري رهيون هيون. ويندي ويندي اها نوخيز جواني، آڪاش ڏي مرڪن جا گلاب وکيريندي سهيلين ساڻ پاسي مان لنگهندي اڳتي گذري ويئي. سندس مرڪ ۾ زندگي جا تازا احساس موجود هئا.
”ڇوڪرا، ڇوڪرا، آرام سان ايئن ڪنهن گُل کي ڏسي آپي مان ٻاهر نڪرندين ته موٽرسائيڪل جو ايڪسيڊنٽ ڪري وجهندين!، هتي ته گلن جا باغيچا لڳا پيا آهن، ٿورو صبر کان ڪم وٺ پيارا!“ ڪريم آڪاش تي ٽوڪ ڪرڻ لڳو.
”يار ڪريم اهڙي ڳالهه ناهي!، اها ڇوڪري مون کي ڪجهه ڏينهن پهرين به ملي هئي.“ آڪاش ڪريم جي ڳالهه جي وراڻي ڏيندي چيو.
”اڇا! اهو وري ڪٿي؟“ڪريم آڪاش کان سوال ڪندي پڇيو.
”ڪجهه ڏينهن پهرين ريڊيو پاڪستان جي تقريب مان واپس موٽيس پئي ته ميران شاهه روڊ ڪراس ڪندي سامهون ملي هئي.“ آڪاش ڪريم کي ان ڏينهن جو احوال ڏيندي چيو.
”ها ٿي سگهي ٿو ان تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويندي هجي، ۽ رستي ۾ ملي ويئي هوندي .“ ڪريم شرٽ جو بٽڻ بند ڪندي آڪاش کي چيو.
”اهو ته ٺيڪ آهي پر اهڙو ڇا آهي جو هن جي ملڻ، نهارڻ ۽ مُرڪڻ تي زندگي ۾ ڄڻ بهار ٿي اچي وڃي.“ آڪاش پنهنجي ڪيفيت بيان ڪندي چيو.
”پيارا ڇوڪريءَ اسان جي ڇوڪري کي پنهنجي حسن جي ڪاڪ محل جو قيدي ته نه بڻائي ڇڏيو آهي؟.“ ڪريم آڪاش کي ٺونٺ هڻندي چيو.
”محبت کان سواءِ ته انسان اڻ پورو ئي آهي، محبت عمر، رنگ، نسل ڪٿي ٿي ڏسي. محبت ته اها ڪشش ثقل هجي ٿي جيڪا ٻن پيار ڀري دلين کي ڇڪي هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي آڻي، ڪو ا حساس ئي نٿو رهي بس انسان محبت جي محور ڏي ڌڪجندو ٿو وڃي، ۽ هڪ ٻئي جي وجود ۾ سمائجي ٿو وڃي. محبت ته دنيا جو اهو عظيم رشتو آهي جيڪو سڀني رشتن ناتن کان مٿانهون هجي ٿو، هونئن به چوندا آهن ته محبت ڪبي ناهي بس محبت ٿي ويندي آهي، ۽ پوءِ مرشد لطيف رح چواڻي ”عشق آهي نانگ خبر کاڌن کان پڇو“ جي ريت انسان پنهنجي پريت جي ريت نڀائيندي نڀائيندي پيار جي ان ديس پهچي ٿو وڃي جتي عشق جا اصول هلن ٿا، دنيا جون ريتون رسمون اتي ڪا معنيٰ نٿيون رکن بس حڪم هلي ٿو ته بس محبوب جو، جنهن ۾ محبوب راضي ....!! پيار نج، ڪورو ۽ نفيس جذبن تي مشتمل هوندو آهي، ان کي اورڻ لاءِ ڪنهن ڪاريگري جي ضرورت ناهي. عشق ۾ دانائي ڌوڙ ٿي ويندي آهي بس پويترتا ڀريا ٻه ٻول ئي محبوب جي من تي دستڪ ڏئي وجهندا آهن جيڪر ان ۾ روح جي رشتن جي ميٺاس هوندي!.“ آڪاش ڪريم کي محبت جو فلسفو سمجهائيندي چيو.
هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن آڪاش ان اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته الائي ڇو اڻ ڏٺا احساس اڌما کائي ٻاهر نڪتا هئا، ٻن غير رسمي ملاقاتن آڪاش جي دنيا ۾ آنڌمانڌ مچائي ڇڏي هئي. هُن کي الائي ڇو لڳو ته اهي ملاقاتون بي سبب نه هيون، جنهن جي ڪارڻ هن جي من جي بنجر زمين تي ڪي مينهن ڪڻيون بڻجي وسيون هيون جنهن مان اميدن جا ڪيترائي ٻوٽا اڀري پيا هئا.
”چڱو محبت جا ديوتا! ڇڏ فلاسافيءَ کي ۽ موٽرسائيڪل ڌيان سان هلاءِ“. ڪريم آڪاش سان مستي ڪندي چيو.
ٻنهيءَ جا ٽهڪ فضا ۾ ٻُري پيا ۽ ٻيئي ڄڻا موٽر سائيڪل تي ڳالهيون ڪندا فليٽ طرف روانا ٿي ويا.

7

ٿر تي ٻيهر ڏڪار جي اجگر بلا ڪاهي پئي هئي جيڪا ڪيتريون ئي معصوم جانيون ڳهي رهي هئي. حڪومتي ڪامورن جي بي حسي سبب مارئي جي ديس جا ماروئڙا هر ٻئي سال ايئن ڀوڳنائن جي ور چڙهندا رهن ٿا ۽ موت جو بَک بڻجندا رهن ٿا، کين دکن جي درمان ۾ بس سِکڻا نعرا، امداد، قطارن ۾ تذليل، لٺيون، ڌڪار پلئه پوي ٿي. ٻيءَ طرف سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن جا ڀاڳ کُلن ٿا، ۽ انهن غريب ماروئڙن جي سهائتا جي نالي تي فنڊ ملن ٿا، جيڪي ڦوٽو سيشن، صاحبن جي دورن ۽ سندن فرمائشن ۾ پورا ٿي ٿا وڃن، پر مسڪينن تائين صرف ڏک ۽ ڏولاوا ئي پهچن ٿا ۽ ڪاٽن ڪپڙن واري سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جا وارا نيارا ٿين ٿا.
ميڊيا تي ٿر جي ڏڪار جو ئي موضوع ڇانيل هو، جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا جا صحافي ٿر ڏي رخ ڪري رهيا هئا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صحافين ٿر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو ته آڪاش به سوچيو ته ڇو نه هُو به اداري کان اجازت وٺي ساڻس گڏ وڃي مسئلي کي اجاگر ڪري نيوز اسٽوري ٺاهي اچي! اهو پروگرام ٺاهي ٻي ڏينهن آڪاش ۽ باقي صحافي دوست به سڀ ٿر ڏي نڪتا.
ٿر جنهن جو تعارف لوئي ۽ لڄ جي رکوالي، ڀٽائيءَ سرڪار جي سورميءَ مارئي سان ٿيندو هو، پارڪر جي ان بهادر جوڌي روپلي ڪولهي جي انگريز سامراج اڳيان دليري سان وڙهندي قرباني سان ٿيندو هو، ڪارونجهر جي ان اڏول ڪردار مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن سان ٿيندو هو، موهن ڀڳت جي مٺڙي آواز ۾ ڳايل لطيف جي وائين جي واهه واهه سان ٿيندو هو، ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير جي ذڪر سان ٿيندو هو، پر اڄ ٿر جي ذڪر تي هر ڪنهن جي وات ۾ صرف بک، بدحالي، بيماري، مفلسي، ڏڪار ۽ بي حسي جي وائي هُئي. جيڪو ڌرتيءَ سان پيار ڪرڻ واري لاءِ تڪليف جو باعث هو.
بئراجي علائقا پار ڪري گاڏي جڏهن ٿر جي ڀٽن جي ور وڪڙ وارن پيچرن ۾ داخل ٿي ته رستي جي ٻنهي طرف بک، اڃ ۽ بيمارين جي ڪري مري ويل جانورن جا هڏاوان پڃرا پکڙيا پيا هئا، جيڪي وقت جي بي حسيءَ جو هڪ ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيا هئا، ۽ هر ايندڙ ويندڙ گذرندڙ جي دل تي تڪليف جا ڦٽ اڀاري رهيا هئا. برسات نه پوڻ ڪري ساوڪ يا گاهه جو نالو نشان ئي نه هو، ڳوٺ جي کوهن جو پاڻي هيٺ هليو ويو هو ٿورو گهڻو پاڻي مليو به ٿي ته اهو انسان ته پري رهيو جانورن جي پيئڻ لائق به نه هو، پر الله سائين جي بدنصيب مخلوق اهو زهريلو پاڻي پي پنهنجي هٿن سان خودڪشي طرف وڃي رهي هئي جو وٽس اهو زهر پيئڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حل به ته نه هو. ٻنيون ٻارا آباد نه ٿيڻ، گاهه ۽ پاڻي نه هئڻ ڪري ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا هئا، ڪيترائي مارو ماڻهو پنهنجا اجها ڇڏي مال ڪاهي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا. مارو ماڻهو لٿل چهرن ۽ اٻاڻڪين اکين سان اڀ ڏي نهاري وينتي ڪري رهيا هئا ته من ڪا مالڪ کي مهر پوي ۽ هي ڏک ڏولاوا لهي پون.
واري جي وڏين ڀٽن، سُڪل اڪن ۽ ساين ڪنڊين جي گهيري ۾ آيل ڳوٺ جي چونئري مٿان سِج جڏهن پنهنجا آخري ڪرڻا ڳوٺ جي ڀِٽ تان واري سانجهيءَ جو سَڏ ڏيئي رهيو هو، رستن تان ٻارن جا آواز، ٻڪرين جو هُل، واٽهڙوئن جي هل چل هئي، انهي ويل انهن جي گاڏي زوزاٽ ڪندي اچي ڳوٺ جي بس اسٽاپ وٽ پهتي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صحافين سان آڪاش به شامل هو ۽ هڪڙو اتان جو مقامي ڳوٺاڻو پڻ هو، جنهن کي انهن ٿر جي شهر مٺيءَ مان گڏ کنيو هو، جيڪو صحافين کي ڳوٺ جي ڏڪاري صورتحال ٻڌائڻ لاءِ گڏ آيو هو، سي گاڏي مان هيٺ لٿا.
ٿر جي اڙانگن پيچرن ۽ ڊگهي مسافت سڀني کي ٿڪائي وڌو هو، جنهن ڪري گاڏي مان لهندي ئي اسٽاپ تي ٺهيل جهوپڙا هوٽل تي پيل کٽن تي ٿڪ ڀڃڻ خاطر سڀ ليٽي پيا. ڳوٺ جي جهوپڙا هوٽل جتي چار پنج ڇڳل ٽٽل کٽون، هڪ ٽن پاون واري بئنچ جيڪا چوٿين پاوي جي جاءِ تي پٿرن جي مدد سان رکيل هئي. اڌڙوٽ چاچو سرن سان ٺهيل چُلهه تي چڙهيل چانهه جي هنڊي ۾ کنڊ پتي وجهي رهيو هو، ۽ رکي رکي ڪاٺين کي چمٽي سان ٺاهي لوهه جي پائيپ سان ڦوڪون ڏيئي باهه کي تيز ڪري رهيو هو. چُلهه جي مٿان ڪاٺ جي پٽي جيڪا لوهه جي تندن ۾ ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻه، ٽي سائي، ڳاڙهي رنگ جون لوهه جو ڪٽليون ٽنگيل هُيون۽ پاسي ۾ رکيل برتن ۾ ڪوپ پيل هُيا. هوٽل تي آيل ماڻهن کي ڏسندي ئي ڇوڪري ڏي اشارو ڪندي چيائين ”ابا مسافرن کي پاڻي جو جڳ ڀري ڏي“ سندس چوڻ تي ڏهن ٻارنهن سالن جي ڇوڪري پاڻي جو جڳ ۽ گلاس کڻي اچي انهن اڳيان رکيو.
”ابا جيءُ ڪري آيا، ڀلين آيا .... ابا چانهه پيئندا؟“ اڌڙوٽ گهاٽن ڀروئرن مٿان هٿ رکندي آس ڀرين نگاهن سان کين مخاطب ٿيندي چيو.
”جيءُ چاچا...!! بلڪل ڪا سريلي چانهه پيار.“ هڪڙي سينيئر صحافي اڌڙوٽ جون اکيون پڙهندي چانهه کڻي اچڻ لاءِ چيو.
”جيءُ ابا! ڏڪار جي ڪري مال صفا اَڀرو ٿي ويو آهي، کير به مشڪل سان ٿو ملي، پر چانهه سُٺي ملندي اوهان کي.“ چاچو ورندي ڏيندي چلهي جي ڪاٺين کي ٺاهيندي چانهه ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.
ڀٽن جي پيالي ۾ سئو، سوا سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ، جنهن جي هڪ گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ساوتري ڀيلڻ هڪ اونهي سوچ ۾ گُم هئي، سندس شادي کي ڪي ڇهه مهينا به نه گذريا هئا، سندس هٿن تي شادي جي مهندي جا عڪس اڃان تائين ڌنڌلا به نه ٿيا هئا، ته هيءَ قهري ڏڪار سندي خوشين ڀري زندگي ۾ ڪنهن پهاڄ جيان هانءُ ڏاريندڙ ڏک ۽ تڪليفون کڻي پهتو هو.هي ڏڪار ڪو ساوتريءَ ڀيلڻ لاءِ نئون نه هو، هيءَ تڪليفون ۽ پريشانيون پنهنجي مائٽن ۾ به ڏسندي پئي آئي هئي، پر هُن سوچيو هو ته شايد شادي کان پوءِ گهر بدلجڻ کان پوءِ ڀاڳ به بدلجندو ..! پر هُن اڀاڳي اهو ڪٿي ٿي ڄاتو ته تقدير جو ليڪو رشتن جي نوَن پيچرن تي هلڻ کان پوءِ به چٽو رهي ٿو، جيڪو مُئي پڄاڻان ئي مٽجي سگهي ٿو.
انهي ڳوٺ جي ٻئي گهر ۾ گونگھٽ سان مُک لڪائي ويٺل گينيءَ کي پنهنجو ننڍڙو پوٽو ڀورو ياد آيو، جيڪو ڪجهه وقت اڳ ئي مٺي اسپتال نيو ويو هيو، ڇاڪاڻ ته هو ڄمڻ وقت ئي غذائي کوٽ جي ڪري ڪمزور هيو. سِڪي پني مرشد جي دعا سان پنج پوٽين تان هڪڙو پوٽو ڄائو هو، اهو به ڏڪار جي قهر جو شڪار ٿي ويو هو، لڙڪ اڌما ڏئي وهي آيا.
چونئري جي آڳنڌ کي ٻهاري ڏيندي پارو منجهيل ۽ اداس هئي،جو سندس مڙس اڄ ئي چيو هو ته ”ٿر ۾ بک ويهڻ نه ٿي ڏئي اجها ڇڏڻا ئي پوندا، پر بئراجي علائقي ڏانهن سفر ۾ ته ڏهه ڏينهن لڳندا، رستي ۾ ڏوڪري جو ڇا ٿيندو؟.“هُن چنري جي پلئه سان پنهنجي بي اختيار وهي آيل ڳوڙهن کي اگهندي پنهنجي منهن سوچيو.
انهي ڳوٺ جي هڪڙي اداس گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي هڪڙو جهونو اڀ ڏي نهاري گهري سوچ ويچار ۾ گم هو ته هو ٻج لاءِ کنيل قرض واري رقم ڪيئن ادا ڪندو؟، جو ڏڪار سبب فصل ته گهوريو پر ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پئسا ڪونه هئا، پر ان جو احساس انهن قرض ڏيڻ وارن ادارن کي ڪٿي هو، هُو ته پئسه وٺڻ لاءِ گهر جي چانئٺ به اورانگهي ٿا اچن، اهو ويچار ايندي ئي هُن جي اکين مان لڙڪ لارون ڪندا اڇي سونهاريءَ ۾ جذب ٿي ويا.
اهڙي ئي درد ڪهاڻي انهي ڳوٺ جي ميران جي به هئي، جيڪا هر هر پنهنجي هٿ جي لڪيرن کي نهاري قسمت تي ويچاري رهي هئي، هن جو بابا گذريل چئن سالن کان چئي رهيو هو ته هيل سال وسڪاري جي فصل کان پوءِ سندس هٿ پيلا ڪندو، پر هيل به ڏڪار جي راڪاس سندس هٿن مان خوشين جي لڪير ئي کسي ڇڏي هئي.
ٿر جي اڪثر ڳوٺن جي هر ٻئي گهر جون اهڙيون ڪيتريون ئي درد ڪهاڻيون هيون، جيڪي پوءِ ڪڏهن ڳوٺ جي وڻ ۾ ڦنڌو کاڌل بي جان وجود جي صورت ۾ ظاهر ٿيون ته ڪڏهن پيٽ جي دوزخ کان تنگ عورت طرفان ٻارن سميت کوهه ۾ ٽپو ڏيئي زندگي جو ڏيئو اجهائيندي ظاهر ٿيون، جيڪي هڪ باشعور معاشري لاءِ سواليه نشان آهن.
اهڙيون ڪيتريون ئي درد ڪهاڻيون رپورٽ ۽ رڪارڊ ڪري آڪاش صحافي دوستن سان گڏ واپس وريو.

8

هُو پهرين ماڙ تي قائم پنهنجي فليٽ جي هوم لائبريري واري ڪمري ۾ صوفي تي ٽيڪ ڏيئي اڌ ليٽيو ويٺو هو، سندس ٻيئي ٽنگون سامهون رکيل ننڍڙي شيشي جي ٽيبل تي پيل هيون، سندس هنج ۾ ليپ ٽاپ هو، جنهن جي ڪي بورڊ تي سندس آڱريون هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيو هيون، شايد ڪجهه لکي رهيو هو. سامهون ديوار تي لڳل ٽي.وي تي نيوز چينل هلي رهيو هو، مگر ٽي.وي جو آواز بند هو، هُو ڪنهن ڪنهن وقت ليپ ٽاپ مان ڪنڌ ڪڍي ٽي.وي جي اسڪرين ڏانهن نهاري ٻيهر لکڻ ۾ مَحو ٿي ٿي ويو.
ادب ۽ موسيقي سان چاهه هئڻ ڪري هن پنهنجي ڪمري کي ڏاڍو خوبصورتي سان سجايو هو جو ڪمري جي سامهين ديوار تي صوفياڻي راڳ جي راڻي عابده پروين جو پورٽريٽ لڳل هو ته پاسي ۾ ننڊي کنڊ جي مهان گائڪه لتا منگيشڪر جو پورٽريٽ لڳل هو. ٻي ديوار تي سنڌ جي خوبصورت شاعر ڀٽائي سرڪار ۽ شيخ اياز جا پورٽريٽ لڳل هئا، ته هن پاسي وري فيض احمد فيض، پروين شاڪر، احمد فراز، ڪرشن چندر ۽ منٽو جا پورٽريٽ ٽنگيل هئا. سامهون ڪتابن جي المارين جي سائيڊن جي شيشي ۾ خوبصورت مجسما پيل هئا.
سي ـ ڊي پليئر تي هلڪي آواز ۾ موسيقي هلي رهي هئي ۽ هُو ليٽ ٽاپ تي ڪجهه لکڻ ۾ مَحُو هو. ڪافي دير تائين لکندي لکندي هُو رُڪيو، ۽ ورڊ ونڊو کي منيمائيز ڪري ٽي وي طرف ڏسڻ لڳو. پنهنجون ٻيئي ٽنگون ٽيبل تان هيٺ لاهيندي ليپ ٽاپ سامهون واري ٽيبل تي رکي ڇڏيائين. پنهنجي ٻنهي هٿن جون آڱريون هڪ ٻئي ۾ ڀڪوڙي مٿي طرف زور سان ڇڪي ويو، آرس موڙيندي سندس بدن مان هلڪا ٺڪاءُ نڪري پيا، جنهن مان هُن محسوس ڪيو ته هو ٿڪل آهي تنهنڪري چانهه پيئڻ گهرجي جنهن لاءِ هُن ڀيڻ کي سڏڻ لاءِ آواز لڳايو.
ڪافي مهينن جي اڪيلائي ۽ بيچلر لائيف کيس راس نه آئي، ۽ وڏي اسٽيشن تي مقرري جي ڪري پگهار به وڌي ويئي هئي. امڙ جي سڪ ۽ تڙپ جي ڪري هر هفتي ڏهن ڏينهن بعد ڳوٺ وڃڻ ته ڪڏهن وري ايمرجنسي ۽ وي آءِ پي شخصيتن جي اچڻ جي ڪري اداري پاران موڪل نه ملڻ جي جنجهٽ سبب آڪاش گهروارن کي پڻ حيدرآباد شفٽ ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري هڪ ته گهر وارن جي ويجهڙائي جي ڪري هر هفتي ڳوٺ وڃڻ مان سڪون ملي ويو هو، ٻيو وري سڄي ڏينهن جي ڀڄ ڊوڙ کان واپس جڏهن گهر پهچندو هو ته امڙ ۽ ننڍي ڀيڻ جو چهرو ڏسي سندس سمورا ٿڪ لهي پوندا هئا ۽ روز هوٽلن جي ماني، بيچلر لائيف جي افراتفري ۽ بي ترتيب زندگي مان جان ڇٽي پئي هئي.
هونئن به ماءُ جو متبادل ڪو ڪونهي، جنهن جي محبت جو مظهر خدا جي محبت جو مظهر هجي ٿو، حضرت علي رضه جو فرمان آهي ”ان ماءُ اڳيان ڪڏهن زبان نه هلائينداڪريو جنهن ماءُ اوهان کي ڳالهائڻ سيکاريو آهي.“ ماءُ جي محبت فطرتي محبت آهي جنهن جي ضرورت ۽ حقيقت کي هر مذهب مڃيو آهي .
”جي ادا! ڪنهن شئي جي طلب آهي؟.“ ننڍي ڀيڻ ڪمريءَ ۾ داخل ٿيندي کائنس پڇيو.
”ها ڀيڻ هڪ ڪوپ سُٺي چانهه جو ته پيار ۽ هي پاڻي جي بوتل واپس کڻي وڃ پاڻي گرم ٿي ويو آهي مٽائي ٿڌو پاڻي به کڻي اچ.“
هُن سامهون ٽيبل تي رکيل پاڻي جي بوتل ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”جيءُ ادا ..!“ ڀيڻ پاڻي جي بوتل کڻي رواني ٿي ويئي.
هُو صوفي تان اٿيو ۽ هوم لائبريري ۾ رکيل سنگل بيڊ تي ليٽي پيو، ۽ موبائيل فون جيڪو هُن ڪم ڪرڻ جي دوران سائلينٽ موڊ تي رکي ڇڏيو هو، سو ڏسڻ لڳو ته متان ڪنهن جي ڪال يا ميسيج وغيره آيو هجي، اهو سڀ چيڪ ڪرڻ کان پوءِ هُن فيس بوڪ پيج چيڪ ڪيو جنهن تي مختلف نوٽيفڪيشنس سان گڏ اٺ کان ڏهه فرينڊ رُڪيسٽ آيل هيون، جيڪي سمجهه ۾ آيون سي هُن قبول ڪيون باقي ڊليٽ ڪري ڇڏيون. ڇاڪاڻ جو ڪيترائي ماڻهو اڄڪلهه اهڙيون روز فيڪ آءِ ڊيز ٺاهين ٿا، فضول ۾ پنهنجو ۽ ٻيءَ جو ٽائيم برباد ڪن ٿا، اهو سوچي عجيب نالن ۽ بغير پروفائيل تصويرن جي ٺهيل آءِ ڊيز پاران آيل رُڪيسٽ قبولڻ بجاءِ ڊليٽ ڪري فون سائيڊ تي رکي ڇڏيو ۽ سي.ڊي پليئر تي ميوزڪ جو لطف ماڻڻ لڳو.
ايتري ۾ ننڍي ڀيڻ چانهه ۽ پاڻي کڻي آئي ۽ هُو بوتل مان پاڻي پيئڻ کان پوءِ چانهه جي ڪوپ مان سرڪ ڀريندي ٻيهر ميوزڪ ٻڌڻ ۾ مَحو ٿي ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ هن ٻيهر موبائل هٿ ۾ کنيو ته ڪجهه دير پهرين ڊليٽ ڪيل ساڳئي آءِ ڊي تان ٻيهر فرينڊ رُڪيسٽ آيل هئي، هُن ٻيهر قبول ڪرڻ بجاءِ ڊليٽ ڪري ڇڏي، ته ٿوري دير کان پوءِ موبائل تي هڪ واٽس ايپ ميسيج موصول ٿيو ته اها منهنجي آءِ ڊي آهي، پليز قبول ڪريو. آڪاش جي خوشيءَ جي ته ڪا حد ئي نه رهي جو اهو ميسيج انهي اڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ موڪليو هو، جنهن جو نالو پِرهه هو. هُن فوراً رُڪيسٽ قبول ڪئي ۽ فرينڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ته فوراًمهرباني جو ميسيج آيو.
”توهان کي منهنجي نالي جي خبر ڪيئن پيئي ۽ منهنجو موبائل نمبر ڪيئن معلوم ٿيو؟ ڪنهن کان ورتو؟“ آڪاش سواليه ميسيج موڪليو.
”سچي دل سان ڳولجي ته خدا به ملي ٿو وڃي، ته پوءِ توهان جو نالو، پروفائيل ۽ موبائل نمبر ملڻ ته سولو آهي.“ پِرهه جوابي ميسيج ڪندي لکيو.
”ٺيڪ آ، مڃيوسين“ آڪاش وڌيڪ بحث ۾ پوڻ جي بجاءِ ميسيج جو جواب ڏيندي لکيو.
”توهان منهنجي رُڪيسٽ قبول ڇو نه پئي ڪئي؟“ هن ٻيهر ميسيج ڪيو.
”اهو ان لاءِ جو توهان جي نالي جي مون کي خبر نه هئي ٻيو وري توهان جي پروفائيل تصوير جي بجاءِ گُل جي تصوير لڳل هئي، سوچيم ڪا فيڪ.آءِ.ڊي هوندي. آئون عجيب نالن وارين آءِ.ڊيز ۽ بغير سڃاڻپ وارن ماڻهن کي ايڊ نه ڪندو آهيان، ڀلين لميٽيڊ دوست هجن، مگر پيارا، سوڀر ۽ سٺا هجن.“ آڪاش وضاحت ڪندي چيو.
”اهو توهان صحيح ٿا چئو، فيسبوڪ تي عجيب ماحول جڙيو پيو آهي، هر ٻيو ماڻهو ٻئي جي ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪيو ويٺو آهي، پرائيويسي نالي به ڪا شيءَ ٿيندي آهي!“ پِرهه پڻ سندس ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
”توهان کي ان ڏينهن يونيورسٽي ۾ ڏٺو، توهان ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندا آهيو؟“ آڪاش ڳالهه کي ٻي رخ ۾ موڙيندي پڇيو.
”جيءُ ها آئون ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي آخري سال جي شاگردياڻي آهيان.“ پِرهه جواب ڏيندي لکيو.
”واهه بهترين... اها تمام سٺي ڳالهه آهي سنڌي ڇوڪريون به صحافت طرف لاڙو ڪري رهيون آهن جن جي تمام گهڻي ضرورت به آهي.“ آڪاش سندس عمل کي ساراهيندي لکيو.
”جي مهرباني توهان جي، پر هڪڙو عرض ڪيان؟“ پِرهه جو ميسيج آڪاش کي مليو.
”جي جي عرض ڇو!، حڪم ڪريو.“ آڪاش ته خوشي ۾ ٽڙي پيو هو.
”ٿيوري ته ڪافي پڙهي آهي، ته جنرلزم ڇا آهي پر آئون گڏوگڏ عملي طور پڻ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪر توهان منهنجي مدد ڪريو.“ پِرهه عرض ڀري لهجي ۾ ميسيج ڪندي لکيو.
اهو ميسيج پڙهي آڪاش ته هوا ۾ اڏامڻ لڳو، خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو ته جنهن سان ملڻ لاءِ هُو آتو هو سا خود ساڻس ملڻ ۽ مدد لاءِ چئي رهي آهي، فوراً جواب ڏيندي لکيائين.
”اهو توهان جي مهرباني جو توهان مون کي انهي لائق سمجهيو، پر آئون ته پاڻ جونيئر صحافي آهيان، پر پوءِ به مون کان جيترو ٿي سگهيو توهان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجي لاءِ خوشي جهڙي ڳالهه آهي جيڪر آئون توهان جي ڪنهن ڪم اچي سگهان، بيشڪ جڏهن توهان جي دل چوي مون کي حڪم ڪجو! آئون حاضر!“
”اوهه ٿئنڪ يو سو مچ! مون کي توهان مان اها ئي اميد هئي.“ پِرهه خوشي مان لکندي چيو.
”ماءِ پليئر“ آڪاش جواب ڏيندي لکيو.
”مون توهان جون ڪيتريون ئي نيوز اسٽوريز ٽي.وي تي ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن ... توهان ننڍي عمر ۾ ئي بهترين ڪم ڪيو ٿا پيا، جيڪو مثبت قدم آهي. توهان مستقبل جا بهترين رپورٽر ثابت ٿيندا.“ پِرهه آڪاش جي ڪم کي ساراهيندي ميسيج ڪيو.
”توهان جي مهرباني“ آڪاش شڪريو ادا ڪندي ميسيج لکيو.
”يو آر موسٽ وئيلڪم “ پِرهه جواب ڏيندي لکيو.
”چڱو، جلدي ئي روبرو ملاقات ڪبي، ۽ صحافت بابت ڪچهري ڪبي.“ پِرهه ڳالهه کي سهيڙيندي لکيو.
”جي بلڪل! جڏهن توهان جي دل چئي، هليا اچجو يا حڪم ڪجو آئون هليو ايندس.“ آڪاش پِرهه جي ميسيج جي موٽ ۾ جواب لکندي چيو.
”اوڪي، ٽيڪ ڪيئر.“ پِرهه پڻ جواب ڏيندي چيو.

9

ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ پِرهه آڪاش جي آفيس آئي، ملاقات ٿي. پِرهه سنڌ جي زميندار پيءُ جي لاڏلي ڌيءُ هئي، سندس دوستن جهڙي هڪ ننڍي ڀيڻ جنهن جو نالو ڪينجهر هو، جيڪا پڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي، ٻيئي ڀيڻون هڪ ٻئي سان پنهنجي دل جو ڳالهيون، ڏک، سک ونڊينديون هيون ۽ هڪڙو ننڍو ڀاءُ جيڪو اسڪول ۾ پڙهندو هو. بنيادي طوري تي هُو سنڌ جي ٻهراڙي جي ڳوٺ جا رهاڪو هئا، جتي سندن مائٽاڻا گهر ۽ زمينون هيون، امڙ گهريلو عورت هئي، جڏهن ته پيءُ ڪاروباري ۽ آزاد خيالن جو ماڻهو هو. ڪاروباري ڪمن ڪارن ۽ ٻارن جي پڙهائي جي ڪري ڪافي عرصي کان اهي حيدرآباد ۾ رهائش پذير هئا. ڳوٺ جون زمينون هاري ۽ مئنيجر سنڀاليندا هئا. امير پيءُ جي ڌيءُ هئڻ ڪري پِرهه جو لائيف اسٽائيل به اميراڻو هو، سٺا ڪپڙا، سٺا پرس ۽ پنهنجي ڪار ۾ يونيورسٽي ايندي ويندي هئي، پر ان باوجود نفيس پڻو سندس طبيعت ۾ شامل هو، انتهائي نرم مزاج ۽ سٺي سڀاءُ سان پيش ايندي هئي، سندس ٻولي، لهجي توڙي طبيعت ۾ ڪٿي به اميراڻي وڏائي جي جهلڪ محسوس نه ٿيندي هئي.
”اهو ته اسان ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته ماس ميڊيا کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو هڪ پرنٽ ميڊيا، ٻيو اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ٽيون سوشل ميڊيا. پرنٽ ميڊيا ۾ اخبارون طاقتور ميڊيم جي حيثيت رکن ٿيون ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ سئٽلائيٽ ٽي. وي چئنلن کي اهميت حاصل آهي، ۽ سوشل ميڊيا وري سڀني ميڊيائن جي ميڊيا آهي. انٽرنيٽ نه صرف خود ميڊيا آهي، پر ٻين ميڊيائن جي سهڪاري ميڊيا طور به ڪم ڪري رهيو آهي. پر عملي صحافت ڇا آهي ان بابت اگر توهان ڪجهه ٻڌائي سگهو“. پِرهه ڪافي وقت جي خاموشي کان پوءِ ميڊيا بابت ڳالهه ڇيڙيندي چيو.
”عملي صحافت تي بحث ڪرڻ کان پهرين پاڻ اهو سمجهون ته صحافت آهي ڇا؟ جائزو وٺجي ته اهو ڪٿان آيو؟ هي لفظ بنيادي طور تي عربي ٻوليءَ جو آهي. انگريزي ۾ صحافت لاءِ ”جنرلزم“ لفظ استعمال ٿئي ٿو، جيڪو ٻن لفظن ”جرنل“ ۽ ”ازم“ جو مرڪب آهي. جرنل ڪاغذن جي ٿَهي کي چئبو آهي، ۽ ازم انگريزي ٻوليءَ جي هڪ پڇاڙي آهي، جيڪا فعل ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي.“ آڪاش لفظ صحافت کي تفصيل سان سمجهائيندي چيو.
”جي ها بلڪل ۽ خبر به عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪا نئين ڳالهه ۽ ڄاڻ. اخبار خبر جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گهڻيون خبرون يا گهڻي ڄاڻ واريون ڳالهيون.“ پِرهه پڻ ڳالهه کي وڌائيندي خبر بابت پنهنجي ڄاڻ آڪاش سان سليندي چيو.
”جي، جي، پِرهه! صحافت مان مراد ڪنهن تازي واقعي بابت مواد حاصل ڪرڻ يا موڪلڻ ۽ ان کي ايڊٽ ڪري، ڪا خبر ميڊيا ذريعي عوام تائين پهچائڻ آهي. صحافت ڄاڻ، تعليم ۽ عوام کي صحيح دڳ سان لائڻ ۽ ان بابت ڏس ڏيڻ جو نالو آهي، صحافت کي سماجي علمن جو هڪ اهم ايڪو چيو ويو آهي، ۽ خبر کي ان جو لازمي جز سڏيو ويو آهي.“ آڪاش صحافت کي وڌيڪ وضاحت سان سمجهائيندي چيو.
”اهو سڀ ته ٿيوريءَ ۾ اسان پڙهيو آهي پر منهنجو بنيادي سوال ته عملي صحافت ڇا آهي؟“ پِرهه بحث کي واپس پنهنجي پهرين سوال طرف کڻي ويئي.
”جي بلڪل ان طرف ئي اچان ٿو، صحافت کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ عملي صحافت (Professional Journalism)۽ ٻي اختياري صحافت (Personal Journalism). عملي صحافت مان مراد اها صحافت آهي جنهن لاءِ عامل صحافي ڪم ڪندا هجن ۽ اختياري صحافت مان مراد جز وقتي (Part time) هجي. جيئن توهان ماس ڪميونيڪيشن پڙهو پيا، جيڪو عملي صحافت جو هڪ بنيادي ضروري ڪورس آهي پَر پاڪستان جي حوالي سان ”ماس ڪميونيڪيشن“ جي تعليم عملي زندگيءَ ۾ ڪا ايتري اثرائتي ثابت نه ٿي سگهي آهي جيتري طاقتور ملڪن ۾ آهي. انهن ملڪن ۾ زندگي جو هر شعبو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ماس ڪميونيڪيشن جي علم سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو.“ آڪاش عملي صحافت کي وضاحت سان بيان ڪندي چيو.
ايئن بحث وڌڻ لڳندو هو، ڳالهه مان ڳالهه ۽ سوال مان سوال نڪرندو هو، منٽن جا بحث ڪلاڪن ۾ تبديل ٿي ويندا هئا، ڪتابي ۽ عملي صحافت ۾ ڪهڙو فرق هجي ٿو اهو کيس سمجهڻ ۾ اچڻ لڳو هو. هُن کي محسوس ٿيو ته ڪورس جون ڪتابي ڳالهيون برابر انسان جي صحافتي شعور کي وڌائين ٿيون، پر عملي صحافت انتهائي مشڪل ۽ ڪٺن ڪم هو. شروع وقت ۾ هُو هفتي ۾ هڪ دفعو موڪل واري ڏينهن آڪاش جي آفيس ايندي هئي، جتي هُوءَ صحافت تي پڙهيل ٿيوريءَ تي بحث ڪندي هئي ته آڪاش کيس عملي صحافت ڪيئن ٿيندي آهي ان بابت ٻڌائيندو هو. پِرهه بغير جنرلزم پڙهي صحافت ڪندڙن تي ٽوڪ ڪندي هئي ته آڪاش وري جنرلزم پڙهي به صحافت ڪري نه سگهندڙن جي نشاندهي ڪندو هو. ايئن ٽهڪن ۽ مسرتن ڀري خوشگوار ماحول ۾ اهو سلسلو جاري رهندو هو.
ٻنهي جي وچ ۾ ملاقاتن سلسلو وڌندو ويو، اڪثر موضوع صحافت هوندو هو پوءِ وقت سان گڏ موضوع بدلجڻ لڳا، ويجهڙائي وڌڻ لڳي، پهرين پِرهه ڪڏهن ڪڏهن صرف آفيس ايندي هئي پر پوءِ فيلڊ رپورٽنگ ۾ به ساڻس گڏ هلي ويندي هئي، ايئن سلسلو ملاقاتن کان دوستيءَ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو هو. ٻيئي هڪ ٻئي تي مڪمل اعتبار ڪرڻ لڳا هئا، پنهنجو وقت وڌ کان وڌ هڪ ٻئي سان گذارڻ لڳا هئا، پنهنجا ڏک، سک، تڪليفون توڙي خوشيون هڪ ٻئي سان اورڻ لڳا هئا. هڪ ٻئي سان حجت، مذاق، مستيءَ ڪندي ٽهڪ ڏيندا هئا، ته هڪ ٻئي جي تڪليف تي ٻئي جي ڪلهي تي ڪنڌ لائي روئي به پوندا هئا. هڪ ٻئي جي تڪليف ۾ هٿ ۾ هٿ ڏيئي دوستي جو ڀرم به رکندا هئا ته خوشين جي لمحن ۾ گڏجي ٽهڪ ڏيئي مسڪرائيندا پڻ هئا.
پِرهه آڪاش سان گڏ گهر به وڃڻ لڳي، ماءُ ۽ ڀيڻ سان هن جو ناتو جڙڻ لڳو، پنهنجي گهر ڀاتين وانگي انهن سان ويهڻ، ڏک، سک جون ڳالهيون اورڻ، پنهنجائپ وارو رشتو جڙڻ لڳو هو. هُو آڪاش جي غير موجودگي ۾ سندس گهر ڀيڻ ۽ ماءُ سان ملڻ هلي ويندي هئي، سندس ڀيڻ ته سٺِي سهيلي بڻجندي پئي ويئي. پِرهه پنهنجي سڀاءُ ۽ اخلاق سان آڪاش جي گهر وارن وٽ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لڳي هئي، ايتري قدر جو آڪاش جي امڙ ته کيس ڌيءُ ڪري سڏيندي هئي ۽ پنهنجي ٻارن وانگي کيس ڀائيندي ۽ پيار ڪندي هئي. پِرهه کي به آڪاش جي گهر وارن سان ملي خوشي ٿيندي هئي، پنهنجي ماءُ جي سخت طبيعت جي باعث اها شفقت نه ملڻ ڪري پِرهه کي آڪاش جي امڙ وٽان اهو پيار ملندو هو ته پِرهه جون اکڙيون آب سان ڀرجي اينديون هيون، ته آڪاش جي امڙ کيس گَلي سان لائي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي هئي.
آڪاش کي وري پِرهه جي روپ ۾ هڪ اهڙو ساٿي ملي ويو هو جنهن سان ملي هُو راحت محسوس ڪرڻ لڳو هو، پِرهه جي غيرموجودگي کيس کائڻ ايندي هئي، هن جي اچڻ تي زندگي ۾ بهار اچي ويندي هئي، هُن سان ملي پنهنجائپ وارو احساس جڙڻ لڳو هو، دل چوندي هئس ته بس کيس ڏسندو رهي، هُو ڳالهيندي هئي ته هُو يڪ ٽڪ کيس ڏسندو ئي رهندو هو، هُن جي ڳالهائڻ، هن جي چهري جي تاثراتن ۽ هٿن جي اشارن ۾ الائي ڪهڙي ڪشش هئس جو ٻي پاسي نظر ئي نه ويندي هئس.
اهو صرف دوستي هئي يا اڃان ڪجهه وڌيڪ، ڪڏهن ڪڏهن اهو سوال آڪاش کي منجهائي وجهندو هو، ڪنهن مهل ته سوچيندو هو ته هُو پِرهه کان پڇي ته ڇا هُن کي پڻ ايئن ئي محسوس ٿئي ٿو جيئن هُو ٿو محسوس ڪري؟، پر پوءِ فوراً اهو خوف ته هُن جي اهڙي بداخلاقي تي متان ناراض نه ٿي وڃي، ڀلين دوست جي روپ ۾ سهي پر هن جي ملڻ سان سڪون ملندو هو، خوشي ٿيندي هئي، من کي راحت ملندي. ايئن نه ٿئي جو هُن جي ڪنهن اهڙي حرڪت جي ڪري هُن جي خوشي جو سبب ئي هن کان رسي وڃي هن اهڙو جوکم کڻڻ نه ٿي گهريو.

10

ان ڏينهن پِرهه يونيورسٽيءَ وڃڻ بجاءِ آڪاش جي آفيس هلي آئي، الائي ڇو هُن جو من بار بار آڪاش سان ملڻ لاءِ چوندو هو، ڪنهن نه ڪنهن موقعي، بهاني سان هُو بار بار آڪاش سان ملڻ جو جتن ڪندي هئي، ڪڏهن صحافت جي موضوع تي بحث جو بهانو ته ڪڏهن وري ڪنهن موضوع تي اسٽوري پئڪيج ٺاهڻ متعلق معلومات وٺڻ بهاني هُوءَ چاهيندي هئي ته آڪاش سان ملجي، ساڻس گڏ ويهجي، گفتگو ڪجي، اهو محض سندس اخلاق جي سٺائي هئي يا دوستي جو جذبو يا دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ جاڳيل پيار جي ڪا چڻنگ! جنهن بابت هُوءَ پڻ فيصلو نه ڪري سگهي هئي پر روز ڏسڻ، ملڻ، ڳالهائڻ کيس سٺو لڳندو هو. پوءِ ڪڏهن آڪاش جي گهر وارن سان ويجهڙائي ٿي وڃڻ جي ڪري گهر هلي ايندي هئي، يا ڪو بهانو ٺاهي آفيس اچي ويندي هئي نه ته فون، ميسيج ڪندي هئي ... مطلب ته کيس اها ئي طلب هوندي هئي ته آڪاش ساڻس جڙيل رهي.
”اوهه پِرهه ..! توهان اچانڪ هن وقت هتي، يونيورسٽيءَ نه ويا ڇا؟“ آڪاش پِرهه جي يونيورسٽي وقت تي آفيس اچڻ تي پڇيو.
”بس اڄ دل نه ٿي چيو يونيورسٽيءَ وڃڻ تي، سو سوچيم ته توهان سان آفيس ۾ ڪجهه موضوعن تي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪجي.“ پِرهه وراڻي ڏيندي چيو.
”ڀلين مون کي ڪو اعتراض ناهي.“ آڪاش روالونگ ڪرسي کي سڌو ڪري ويٺو.
”توهان پنهنجي ڪنهن ڪم ۾ مصروف ته نه هئا؟ توهان کي اجايو پريشان ته نه ڪيم؟“پِرهه وارن جي چَڳن کي ٺاهيندي سوال ڪندي پڇيو.
”نه نه ڪم پيا هلندا، اهي ته کٽڻا آهن ئي ڪونه.“ آڪاش بال پوائنٽ ٽيبل تي رکيل پلاسٽڪ گلاس ۾ رکندي چيو.
ڪافي دير تائين پيٽيسن ۽ چانهه جي ڪوپ تي صحافت جي موضوع تي گفتگو هلندي رهي. اچانڪ پِرهه جي من ۾ الائي ڪهڙو خيال آيو جو آڪاش ڏي متوجه ٿيندي چيائين،”آڪاش هڪڙي ڳالهه چوان؟“
”جيءُ بلڪل چئو.“ آڪاش ڪرسي ويجهي ڪندي ٻيئي هٿ ٽيبل تي رکندي چيو.
”توهان جي لهجي ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو توهان جي ڳالهائڻ جو انداز مون کي توهان ڏانهن مائل ٿو ڪري ۽ الائي ڇو سٺا ٿا لڳو، توهان جي ادا ڪيل لفظن ۾ مٺاس ڀريل ٿي هجي، حياتي جي هيترن ڏينهن ۾ مون کي ڪنهن به متاثر نه ڪيو، مون کي سڀ بناوٽي لڳندو هو ڪير لفاظي جي ذريعي پنهنجي ڪوڙن احساسن کي جيتري به ڪاريگري سان ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، مون کي سڀ جو سڀ ڪوڙ لڳندو هو، سندس لفظن مان ڪوڙ جي باقاعده بوءَ محسوس ٿيندي هئي، پر توهان جي ڪجهه ملاقاتن جيترو متاثر ڪيو آهي، جنهن کي آئون لفظن ۾ بيان نه ٿي ڪري سگهان، توهان جا احساس مون کي ڪورا ۽ اجرا لڳندا آهن، توهان جي من ۾ مير ناهي جيڪا به ڳالهه ڪريو ٿا اها بنا ڪنهن بناوٽي لفظن ۽ جملن جي سادگي سان بيان ڪريو ٿا، جيڪا توهان جي دل جي خوبصورتي آهي.“ پِرهه آڪاش کي دل جي ڳالهه ٻڌائيندي وئي.
آڪاش جڏهن پِرهه جي اکين ۾ ڏٺو ته هن جي نيڻن ۾ معصوميت جا گلاب ٽڙيل هئا، هن جي دل جي احساسن جي ادائگي مور جي سترنگي کنڀن جهڙي دلڪش هئي، جنهن ۾ ڪا به مصنوعي ملاوٽ نه هئي، جيڪا ڳالهه سندس دل جي پڌر تي اڀري آئي سا هُن سَلي ڇڏي هئي. آڪاش جيڪو پاڻ پِرهه لاءِ اهڙا جذبات رکندو هو هن کي پڻ ساڻس ملي خوشيءَ جو احساس ٿيندو هو، پر جذبن تي قابو پائيندي هُن جي معصوم احساسن تي مسڪرائيندي چيائين؛
”اها توهان جي سچائي ۽ ڪرم نوازي آهي، باقي آئون ته گناهگار شخص آهيان. ايترو ئي چوندس ته بس عزت ڏيئي ئي عزت پائي سگهجي ٿي، هر ڪنهن سان پيار محبت سان ملجي، جي رشتو جوڙجي ته ان کي نڀائجي ۽ ادب جو دامن نه ڇڏڻ کپي.“
پِرهه کاڏيءَ هيٺ هٿ رکي آڪاش کي ٻڌي رهي هئي، کيس ايئن سامهون ڏسي، ٻڌي خوشي محسوس ٿيندي هئي. هن جي گڏ هجڻ سان هن کي زندگي جي اڻ ڏٺين خوشين جو احساس ٿيندو هو .
”پر توهان جي ڳالهائڻ ۾ اها ڪشش ضرور آهي، جو ماڻهو کي کن پل ۾ متاثر ڪري سگهي ٿي.“ پِرهه پنهنجي ڳالهه کي وزنائتي ڪندي چيو.
”هاها.... هاها ..... اهڙو ڪجهه به ناهي، بس هر ڪنهن جو احترام ڪريو، سٺو ڳالهايو ته سامهون وارو به لازمي توهان جي عزت ڪندو، باقي انسان سڀ ساڳيا آهن، ماڻهو جي زبان ئي کٽ تي ويهاريندي آهي، اها ئي پٽ تي ويهاريندي آهي. توهان جي مرضي آهي، توهان انهي زبان سان مِٺو ڳالهايو يا کارو ڳالهايو اهو توهان تي دارومدار ٿو ڪري.“ آڪاش تفصيل سان جواب ڏيندي چيو.
”ڏسو مون چيو نه، ته توهان کي پنهنجين ڳالهين جي فن سان ماڻهو کي متاثر ڪرڻ اچي ٿو.“ پِرهه وري سوال ڪيو ڄڻ سندس سوال، سوال ئي رهجي ويو هجي.
”ڇڏيو انهي ڳالهه کي ڪافي دير ٿي ويئي آهي چانهه پيتي کي، توهان ڪولڊ ڊرنڪ پيئندوءَ يا جوس.“ آڪاش ڳالهه کي مٽائيندي چيو.
”مون کي آئسڪريم سٺي لڳندي آهي.“ پِرهه وراڻي ڏيندي چيو.
”اوڪي، آئسڪريم ٿا کائون.“ آڪاش آئسڪريم وٺڻ لاءِ پٽيوالي کي سڏيو.
”درياءَ ڪنارو هجي، شام جي ٿڌڙي هير هجي، سڪون هجي، آئسڪريم هجي ۽ ساٿ ۾.“ پِرهه شرمائي جملو مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ئي ختم ڪري ڇڏيو.
”۽ ساٿ ۾ ڇا؟“ آڪاش سوال ڪندي پڇيو.
”بس .!“ پِرهه ٻيهر حياءُ جي چادر اوڍي چهرو هٿن جي ٻڪ ۾ لڪائي ڇڏيو.
”دل ۾ ڳالهه رکڻ سان من تي بوجهه وڌندو، پنهنجن دوستن سان ڳالهه بيان ڪري ڇڏڻ کپي.“ آڪاش پِرهه جي دل جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳو.
”بس ڪوئي دل وارو ساٿي هجي، جنهن سان من اندر جون ڳالهيون اورجن، جيڪو منهنجي جذبن کي سمجهي سگهي، جنهن جا هٿ جهلي زندگي جو سفر ڪري سگهجي، ڏک سک، پيار محبت ونڊي سگهجي، بس اهڙو ڪوئي ساٿي هجي.“ ڳالهه ڪندي پِرهه جي اکين ۾ چمڪ اڀري آئي.
آڪاش چاهيو ٿي ته هُو پِرهه کي ٻڌائي ڇڏي ته اهو ساٿي جنهن جي هُن کي تلاش آهي هُو اهو ساٿي بڻجڻ لاءِ تيار آهي پر هُن سمجهيو ته ڪنهن بهتر موقعي تي دل جي ڳالهه سليندو هينئر چوڻ بهتر نه ٿيندو، سو سوچي کيس دلداري ڏيندي چيائين؛”محبت هر دل ۾ هوندي آهي، بس ڪنهن چڻنگ جي ضرورت هوندي آهي، بس ڪوئي اهڙو ملي جيڪو انهي چڻنگ کي شعلو بڻائي محبت جي باهه ٻاري. انشاالله جلدي اهڙو ڪو ساٿي توهان کي پڻ ضرور ملندو، جنهن سان ملي ڪري توهان کي پنهنجائپ جو احساس ٿيندو.“
”هتي هر ٻيو ماڻهو ٻهروپيت جي ويس ۾ ملبوس ملي ٿو، ڪوڙ ۽ دوکي جو ماسڪ پائي ٻي کي استعمال ٿو ڪري، انڪري هاڻ ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ تان اوراح ئي کڄي ويو آهي.“ پِرهه اونهو ساهه کڻندي چيو.
ايتري ۾ پٽيوالو پليٽ ۾ رکيل آئسڪريم جا ٻه ڪونَ کڻي ڪمري جو در کڙڪائيندي اندر داخل ٿيو ۽ ٽيبل تي رکي روانو ٿي ويو. آڪاش پٽيوالي پاران کڻي آيل آئسڪريم پِرهه کي ڏيندي چيو؛
”بلڪل صحيح ٿا چئو ، اعتبار شيشي مثل آهي، هڪ دفعو ٽٽي پيو ته بس ٽٽي پيو وري جڙي نه ٿو سگهي، تيئن توهان ڪنهن کي هڪ دفعو دوکو ڏيئي ڇڏيو، ته پوءِ بس دل ٽٽي ٿي پيئي پوءِ توهان کڻي سمورا سون بڻجي پئو، وفا جا مجسما بڻجي پئو پر وري اها اعتبار جي تند جڙي نٿي سگهي، جيڪا هڪ ڀيرو ٽٽي پئي.“
”ها ڪوڙ ڪپت ڪجي، سڀ معاف آهي، پر ڪڏهن به ڪنهن کي دوکو نه ڏجي، ڪنهن جي دل نه ٽوڙجي، دوکي سان انسان جيئري ئي مري ٿو وڃي.“ پِرهه جي اکڙين مان لڙڪ پنبڻيون ڀنائيندا ڀورن ڳلڙن تي ڪري پيا.
”مطلب توهان کي ڪنهن دوکو ڏنو آهي شايد.“ آڪاش پِرهه کي ٽيبل تي رکيل ٽشو باڪس مان ٽشوپيپر ڏيندي اکڙين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
”بس،انسان جي شڪل ۾ حيوان ٿا ملن، جيڪي انسان جي نفيس جذبن سان کيڏين ٿا، ۽ مطلب پورو ٿيڻ تي ايئن زماني جي وچ ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ٿا وڃن، اهڙن وحشي ماڻهن کي ڇا چئجي؟.“ پِرهه جي اکڙين مان لڙڪ اٻڙڪا ڏيئي وهڻ لڳا.
”ڇو اهڙو ڇا ٿيو آهي؟ مهرباني ڪري مونکي وضاحت سان ٻڌايو.“ آڪاش پِرهه کي روئڻ جي پٺيان ڪارڻ ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريو.
”يونيورسٽيءَ ۾ مون سان گڏ هڪ منهنجو مائٽ پڙهندو هيو، جنهن سان منهنجي طبيعت ملندي هئي، بعد ۾ اسان جي مائٽن جي مرضي سان مڱڻي پڻ ٿي پر پوءِ هن جي والد ۽ منهنجي والد جي وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان ٿيل جهيڙي جي ڪري اسان جو رشتو پڻ ٽٽِي پيو، پر ان سموري معاملي ۾ هُن منهنجو ساٿ ڏيڻ بجاءِ الٽو مون تي تهمتون هنيون، پهرين مون سان الائي ڪهڙين وفائن جي ڳالهه ڪندو هو، پر پوءِ يڪدم ڪيئن ڦيرو کائي ويو جنهن جو تصور به نه ٿي ڪري سگهان، زماني ۾ ماڻهو ايئن ڪيئن ٿا بدلجي وڃن جو ڪجهه ڏينهن پهرين هڪڙي ڳالهه ٿا ڪن ته وري ڪجهه ڏينهن بعد مڪمل ئي موقف تبديل، اهڙا ماڻهو مون کي بدبودار لڳندا آهن مون کي نفرت آهي اهڙن ماڻهن کان. منهنجو ته ويساهه ئي کڄي ويو آهي انسانيت تان، ڀلا ان سموري معاملي ۾ منهنجو ڪهڙو قصور هو؟ جو هن مون سان اهڙي ويساهه گهاتي ڪئي.“ پِرهه جي اکين مان نير ٿر تي آيل پهريئين سانوڻ مينهن جيان وسي پيا.
”رليڪس ٿيو، پراڻين ڳالهين کي وساري ڇڏيو، زمانو ڪنهن جي ڪري بيهندو ناهي، سو توهان به ماضي جي تڪليفن کي وساري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريو.“ آڪاش ڪرسي تان اٿي کيس تسلي ڏيندو چيو.
”ها توهان صحيح ٿا چئو، مون کي الائي ڇو توهان ۾ پنهنجائپ نظر آئي تنهنڪري پنهنجي دل جي ڳالهه توهان سان اوري ويٺيس، معاف ڪجو اگر برو لڳو هجي ته .!“ پِرهه ٽشو سان اکيون صاف ڪري آڪاش سان معذرت ڪندي چيو.
آڪاش پِرهه جي ڪرسي جي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو؛”ڪا ڳالهه ناهي، مون کي خوشي ٿي جو توهان مون کي انهي لائق سمجهيو جو پنهنجي دل جي ڳالهه اوري. بهرحال ماضي کي وساري اڳتي وڌو.“
”بلڪل اها ئي ڪوشش آهي ته هاڻي ماضي کي ڀوائتو خواب سمجهي وساري ڇڏيان ۽ ڪڏهن به ياد نه ڪريان، پر توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي ڳالهه به ٻڌي ۽ تسلي به ڏني.“ پِرهه پهريون ڀيرو آڪاش جو هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”هڪڙو سٺو دوست ئي ٻي دوست کي سمجهي سگهي ٿو، ڪڏهن به ڪا ڳالهه هجي، مون سان سليندي ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪجو.“ آڪاش پنهنجي هٿ تي پِرهه جي ڪومل هٿڙن جي احساسن جي ڇهاءُ کي محسوس ڪندي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي چيو.
”توهان ڊسٽرب ته نه ٿيا نه، خواهه مخواهه توهان جو سٺو موڊ ئي خراب ٿي ويو هوندو.“ پِرهه آڪاش سان معذرت ڀري لهجي ۾ چيو.
”نه نه اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، مون کي خوشي ٿي، جو توهان پنهنجي دل جي ڳالهه پنهنجو سمجهي ٻڌائي، توهان رليڪس ٿيو.“ آڪاش کيس وراڻي ڏيندي چيو.
”مهرباني جو توهان منهنجي من جي ڳالهه کي سمجهي.“ پِرهه آڪاش جو شڪريو ادا ڪندي چيو.
”دوستي ۾ ڪوئي مهرباني ڪوئي معذرت قبول ناهي، جسٽ رليڪس.“ آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”مهرباني“ پِرهه ٻيهر چيو.
”وري مهرباني“ آڪاش جي جملي تي ٻنهي جي چهرن تي مُرڪ تري آئي. ”منهنجي خيال ۾ هاڻي مون کي واپس وڃڻ کپي.“ پِرهه هٿ ۾ ٻڌل گَهڙي ڏي نهاريندي چيو.
”بلڪل، جيئن توهان کي مناسب لڳي.“آڪاش پڻ وراڻيندي چيو.
”چڱو ٻيهر ملنداسين، خداحافظ.“
”الله واهي.“

11

آڪاش آفيس ۾ هو، ته اچانڪ موبائل فون جي آواز تي هن موبائل طرف ڏٺو ته پِرهه جي ڪال هئي. هن ڪال اٽينڊ ڪئي.
”هيلو السلام عليڪم.“ پِرهه فون تي سلام ڪندي چيو.
”وعليڪم السلام.“ آڪاش سلام جو جواب ڏيندي چيو.
”ڪيئن آهيو؟“ پِرهه طبيعت بابت پڇندي چيو.
”مالڪ جا ڪرم آهن، توهان ٻڌايو ڪيئن آهيو؟.“ آڪاش پنهنجا حال ٻڌائيندي سندس حال پڇندي چيو.
”آئون به ٺيڪ آهيان، اڇا ٻيو ٻڌايو؟“ پِرهه ڳالهه وڌائڻ لاءِ سوال ڪيو.
”جيڪو پڇو.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”ڇا پيا ڪيو؟“ پِرهه سوال ڪندي پڇيو.
”بس آفيس جو ڪم ڪار ئي پئي ڪيو، ڪا رپورٽ مڪمل ڪرڻي هئي، سو انهي تي ڪم پئي ڪيو.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”معاف ڪجو، مطلب توهان کي ڊسٽرب ڪيو.“ پِرهه معذرت ڀري لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو.
”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي، ڪم ڪار پيا هلندا. توهان ٻڌايو ڪيئن ياد ڪيو؟“ آڪاش وضاحت سان گڏ سوال ڪندي چيو.
”بس ايئن ئي دل چيو توهان سان ڳالهائجي، سو ڪال ڪري ورتم.“ پِرهه وضاحتي جملي سان دل کي به گڏ ڪندي چيو.
”اڇا اڇا صحيح.“ آڪاش وراڻيو.
”ڇو منهنجو ايئن ڪال ڪرڻ سٺو نه لڳو ڇا توهان کي؟“ پِرهه سوال ڪندي چيو.
”نه نه مون ائين نه چيو، بس پڇيم پئي ته ڪنهن ڪم ڪار سان فون ڪيو آهي؟“ آڪاش وضاحت ڪندي چيو.
”بغير ڪم ڪار جي به فون ڪري سگهجي ٿو.“ پِرهه وراڻي ڏيندي چيو.
”ها بلڪل ڪري سگهجي ٿو. توهان ٻڌايو ڇا پيا ڪيو؟“ آڪاش پِرهه کان سوال ڪندي پڇيو.
”ڪجهه به نه، ايئن ئي ويٺي هيس، سوچيم توهان سان ڳالهائي وٺان.“ پِرهه پنهنجي ڳالهه ڪندي چيو.
”اڇا اڇا، مطلب فري هئا تنهن ڪري ٽائيم پاس لاءِ فون ڪيو آهي.“ آڪاش هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو.
”نه نه بلڪل به نه، توهان کي لڳي ٿو ته آئون توهان سان ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ ڳالهائي رهي آهيان!؟“ پِرهه جلدي جلدي ۾ وضاحت ڪندي چيو.
”ها... ها... ها... ها .... مون ته مذاق پئي ڪيو، توهان ايترا جلدي سنجيده ڇو ٿي پيا.“ آڪاش شرارت واري انداز ۾ چيو.
”آڪاش توهان ڏاڍا شرارتي آهيو، ٻيءَ جو ساهه ٿا ڪڍي ڇڏيو.“ پِرهه اونهو ساهه کڻندي چيو.
”هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ آڪاش پِرهه کان سوال ڪندي چيو.
”جي بلڪل پڇو.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”ايئن به صحيح، پر توهان جو مون کي فون ڪرڻ، ڪو ڪارڻ؟“ آڪاش سوال ڪندي چيو.
”چيم نه ايئن ئي.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”پوءِ به.“ آڪاش زور ڀريندي چيو.
”مون کي ان ڏينهن توهان آٿت ڏني، منهنجي ڦٽن تي مرهم رکيو، منهنجا لڙڪ اگهيا، مون کي سٺو لڳو.“ پِرهه پيار ڀري لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو.
آڪاش جي من ۾ خوشين جا گلاب ٽڙي پيا، ته هُو کيس وڻڻ لڳو آهي. پر پاڻ سنڀاليندي چيائين؛”اهو ته منهنجو فرض هو .“
”هڪڙي ڳالهه چوان.؟“ پِرهه ٻيهر پنهنجائپ ڀري لهجي ۾ پڇيو.
”ها بلڪل چئو.“ آڪاش پڻ گرم جوشي سان وراڻي ڏيندي چيو.
”توهان جو انداز گفتگو، ملڻ جو سليقو، سوچڻ جو لهجو ۽ اخلاق سٺو ٿو لڳي، دل چوي ٿي ته بس رڳو توهان سان ويٺو ڳالهائجي.“ پِرهه دل جي ڳالهه ڪندي چيو.
”اوهه اڇا، پر هڪڙي ڳالهه چوان؟ آئون ايڏو سٺو به ناهيان، ڪجهه ملاقاتن ۾ ايئن مون لاءِ حتمي راءِ نه جوڙي وٺو.“ آڪاش پِرهه کي کلندي جواب ڏيندي چيو.
”عورت انتهائي نفيس ۽ گهري سوچ رکندڙ هوندي آهي، سامهون واري ملندڙ ماڻهو کي سندس نظرن مان سڃاڻي وٺندي آهي، ته هُو ساڻس ڪهڙي نيت سان ملي رهيو آهي.“ پِرهه عورت جي دانائي جو درس ڏيندي چيو.
”خير ايئن به ڪونهي جي ايئن هجي ها ته ”عورت جو عقل کُڙي ۾ هوندو آهي“ جهڙو محاورو نه ٺهي ها.“ آڪاش کيس جواب ڏيندي چيو.
”اهو محاورو ته مرد جي بالاتري واري سطحي سوچ جي پيداوار آهي، باقي اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جتي عورت پنهنجو پاڻ نه مڃرايو آهي؟“ پِرهه پنهنجي دليل تي قائم رهندي چيو.
”الا توهان ڪٿان وڃي نڪتا آهيو، ڇڏيو انهي بحث کي ته ڪير بالاتر آهي، پر هڪڙي ڳالهه چوان ڪنهن تي ايئن يڪ ٽڪ اعتبار نه ڪندا ڪيو.“ آڪاش پِرهه کي ڳالهه مٽائيندي چيو.
”اهو به صحيح آهي ته هر ڪنهن تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي، پر ايترو ته مون کي به عقل آهي ته ڪير عزت لائق آهي، ڪنهن کي عزت ڏجي، توهان به انهي ۾ اچو ٿا.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”هلو اهو به ٺيڪ، اسان جي به ڪنهن جي نظر ۾ عزت ته آهي.“ آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”هرڪو پنهنجي عزت پاڻ ڪرائيندو آهي، تيئن توهان به پنهنجي اخلاق جي ڪارڻ عزت لهڻو ٿا، نه ته منهنجا يونيورسٽي جا ٻيا به ڪيترائي دوست آهن، جن کي ڇڏي ڪري آئون توهان سان ڳالهائي رهي آهيان ته لازمي انهي ڳالهه ۾ ڪو وزن ته ضرور هوندو.“ پِرهه پنهنجي ڳالهه کي وڌيڪ دليل سان سمجهائيندي چيو.
”مهرباني پِرهه، اهو توهان جي ڪرم نوازي آهي.“ آڪاش پِرهه جو شڪريو مڃيندي چيو.
”اوهه، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ وساري ڇڏيم ته اڄ منجهند جي ماني منهنجي طرفان گڏجي کائينداسين.“ پِرهه آڪاش کي ٻڌائيندي چيو.
”ماني .! اهو وري ڪهڙي خوشي ۾ ؟“ آڪاش ٿورو حيرت کائيندي چيو.
”بس منهنجي خوشي ۾.“ پِرهه حق جتائيندي چيو.
”اهو توهان تڪليف نه ڪريو، توهان چئي ۽ مون کاڌي.“ آڪاش خوش به ٿي رهيو هو پر معذرت ڪندي چيائين.
”تڪيلف جي ڪهڙي ڳالهه آهي ان ۾، آئون به ته توهان وٽ آفيس ۾ ڪافي دفعا کائي چڪي آهيان ته پوءِ بس گڏجي ٿا کائون.“ پِرهه زور ڀريندي چيو.
”نه نه مون هاڻي ئي ناشتو ڪيو آهي، سو ماني جي طلب ناهي، بعد ۾ کائي وٺندس.“ آڪاش وضاحت ڪندي چيو.
”اهو ته مون کي به خبر آهي ته توهان ناشتو ڪيو هوندو، پر آئون منجهند جي ماني جي ڳالهه پيئي ڪريان جنهن ۾ اڃان ڪافي وقت آهي.“ پِرهه پنهنجي ڳالهه رکندي چيو.
”پر پوءِ به اهو مناسب ناهي ته توهان تڪليف ڪريو.“ آڪاش ٻيهر جواب ڏيندي چيو.
”پر خبر آهي ته ماني ۾ ڇا ٺاهي رهي آهيان؟“ پِرهه آڪاش کي ماني بابت ٻڌائيندي چيو.
”هروڀرو تڪيلف ٿا ڪريو پر ٻڌايو ڇا ٺاهي رهيا آهيو؟“ آڪاش سوال ڪندي پڇيو.
”توهان جي پسند جا سفيد چانور، دال پالڪ، دهي ۽ آلو فراءِ.“ پِرهه چسڪو ڏيندي چيو.
”اها ته سڌي سنئين بليڪ ميلنگ آهي، اهڙو ٿا مينيُو ٻڌايو جو کائڻ کان پهرين ئي وات ۾ پاڻي اچي ويو.“ آڪاش ماني کائڻ لاءِ راضي ٿيندي چيو.
”پوءِ ڇا خيال آهين سائين جن جو؟“ پِرهه سوال ڪندي چيو.
”يار! دال، چانور، آلو ۽ دهي جو مينيُو هجي پوءِ پڇڻ جي ضرورت ئي ڪونهي.“ آڪاش پِرهه کي وراڻي ڏيندي چيو.
”ڪالهه توهان چيو پئي نه، ته توهان کي دال، چانور ۽ آلو فراءِ ڏاڍا پسند آهن، سو انهي ڪري اڄ پنهنجي هٿن سان ٺاهي کڻي اينديس.“ پِرهه آڪاش کي جواب ڏيندي چيو.
”منهنجي خيال ۾ توهان پاڻ ٺاهڻ جي تڪليف نه ڪريو، هوٽل تي هلي کائي وٺنداسين.“ آڪاش کيس منع ڪندي چيو.
”ان ۾ تڪليف جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هونئن به ته گهر ۾ ماني ٺهندي آهي، اڄ توهان جي پسند جي ٺاهيندس.“ پِرهه وضاحت ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي، جيئن توهان کي بهتر لڳي.“ آڪاش دل ۾ خوش ٿيندي چيو.
”چڱو خدا حافظ، فون رکان ٿي، مون کي ماني به ٺاهڻي آهي.“ پِرهه گفتگو ختم ڪندي چيو.
”خداحافظ“
منجهند جي ماني پِرهه پنهنجي هٿن سان ٺاهي آڪاش جي آفيس کڻي آئي، جنهن ۾ سڳنڌ سان گڏ پنهنجائپ جو به سواد هو پِرهه خلوص مان آڪاش کي پليٽ ۾ ماني وجهي ڏني ۽ ٻنهي ڄڻن گڏجي ماني کاڌي.

12

”عورت کي مڪمل آزادي ملڻ کپي، عورت کي برابري جا حق ملڻ کپن، اسان جيڪي عورت کي ڪم تر سمجهون ٿا سا ڪم عقلي آهي. اڄ جي عورت هر شعبي ۾ مرد کان اڳتي نڪري چڪي آهي، اهڙي ڪا فيلڊ ناهي جنهن ۾ عورت پنهنجي تعليم، شعور، محنت ۽ لگن سان ڪامياب نه ٿي هجي! عورت مرداڻي سماج ۾ سوين تڪليفن ۽ رڪاوٽن جي باوجود به باوقار نموني اڳتي وڌي رهي آهي، بلڪه آئون ته چوندس ڪافي هنڌن تي هُن پنهنجي ڪارڪردگي سان مردن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. اها سوچ هاڻ ترڪ ڪرڻي پوندي ته عورت صرف گهر، ٻار ۽ بورچي خانو سنڀاليندي، عورت اهي سڀ ڪم ڪرڻ کان علاوه سماجي، سياسي، توڙي دنياوي ڪمن ڪارن ۾ پڻ پنهنجو هٿ سٺي نموني سان ونڊائي سگهي ٿي.“
عورت جي آزادي تي منعقد ڪيل تقريب دوران هڪڙي سماجي اڳواڻ جي اهڙي جذباتي بياني تي پورو ممتاز مرزا آڊيٽوريم تاڙين سان گونجي اٿيو. اهڙي مانائتي موٽ تي مقرر جذبات ۾ اچي ڊائيس تي مُڪ هڻندي پنهنجي تقرير جاري رکندي چيو:
”هي مرداڻو سماج جيڪو نه ٿو چاهي ته عورت ڪامياب ٿي اڳتي اچي ۽ سندس هڪ هٽيءَ ٽُٽي پوي تنهن ڪري سدائين عورتن تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان تهمتون لڳائي کيس بدڪردار هئڻ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا وڃن ٿا ته جيئن عورت ڊڄي گهر ويهي رهي پر آئون هتي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هاڻ وقت بدلجي چڪو آهي، هي باشعور ۽ باهمت عورتن جو اڻٿڪ قافلو اڳتي نڪري چڪو آهي، شعور جي جوت جلي چڪي آهي جيڪا هاڻ وسڻ واري ناهي، بلڪه ان جوت مان جوت جلندي ويندي ۽ قافلو وڌندو ويندو.“ اسٽيج توڙي آڊيٽوريم ۾ ويٺل هر ڪنهن ٻيهر کيس تاڙيون وڄائي داد ڏنو.
آڪاش ساڻ آيل پِرهه پڻ مقرر جي اهڙي ڳالهين مان متاثر ٿي ڀرپور تاڙيون وڄائي موٽ ڏيڻ سان گڏ تعريف ڪرڻ لڳي ته ”اهڙن کليل ذهن جي مردن جي سماج کي ضرورت آهي جيڪي عورت کي برابر سمجهن ۽ وسيلا پڻ فراهم ڪن ته جيئن عورت پنهنجي علم ۽ عقل ذريعي معاشري ۾ مرد جيان اڳتي اچي سگهي ۽ هر شعبي ۾ بنان ڪنهن فرق جي ڪم ڪري سگهي. اهڙن مردن جي روشن خيالي سان معاشري ۾ عورت جي ڪردار کي تقويت ملندي.“ آڪاش پِرهه جي ڳالهين تي ڪو به ردعمل ڏيڻ بجاءِ مسڪرائي ڳالهه ٽاري ڇڏي.
عورتن جي آزادي ۽ حقن لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ پڻ عورتن سان زيادتي ٿيل هئي، انهي پروگرام جي اسٽيج تي ويٺل ڇهه مهمانن مان چار مرد ۽ صرف ٻه عورتون هيون جنهن مان هڪ پروگرام منعقد ڪرائيندڙ ۽ هڪ ٻي عورت اڳواڻ هئي. جنهن مرد سماج کان شڪايت هئي انهي مردن کي مهمان خصوصي ڪري عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ لاءِ ويهاريو ويو جيڪو عورتن سان پڻ وڏو مذاق هو. آڪاش اهڙن نمائشي پروگرامن ۾ اچڻ ئي نه چاهيندو هو پر پِرهه جي اسرار تي مجبور ٿي اچڻو پيو هو.
سڀني مقررن جي تقريرن کان پوءِ تقريب منعقد ڪرائيندڙ عورت اڳواڻ آيل سڀني مهمانن توڙي شريڪ ٿيندڙن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”اسان کي اهڙي ئي روشن خيال سٿ جي ضرورت آهي جيڪي عورت جي ڪردار کي نه صرف ساراهين بلڪه موقعا پڻ پيدا ڪن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ عورت بغير ڪنهن خوف ۽ حراس جي هر اداري ۾ هر طبقي جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري سگهي. اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جتي عورت پنهنجي عملي ڪارڪردگي نه ڏيکاري هجي، عورت سياسي، سماجي، معاشي توڙي سائنسي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ نڀايو آهي ۽ نڀائيندي پئي اچي. فاطمه جناح، محترمه شهيد بينظير ڀٽو، مڌر ٽريسا، رٿ فاءُ، ملالا يوسفزئي سميت اڻ ڳڻين عورتن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پاڻ ملهايو آهي، ۽ اسان پڻ اهو اٽل يقين ٿا رکون ته اهو وقت پري ناهي جڏهن عورت هر ڪم جي اڳواڻي ڪندي نظر ايندي ۽ مرداڻي سماج کي ثابت ڪري ڏيکاريندي ته عورت ڪنهن به صورت مرد کان گهٽ ناهي بلڪه هُن کان وڌيڪ عقلمند آهي.“
عورت اڳواڻ جي اهڙي جوشيلي انداز ۾ خطاب تي ٻيهر واهه واهه ٿي ويئي ۽ اتي بيٺل هڪ عورت والنٽيئر ته آڊيٽوريم ۾ ويٺلن کي زوري اٿي بيهي کيس تاڙيون وڄائي داد ڏيڻ لاءِ قائل ڪيو هڪ ٻئي کي ڏسندي سڀئي اٿي بيٺا ۽ محترمه کي عورتن لاءِ مشعل راهه قرار ڏيڻ سان گڏ عظيم عورت جا خطاب ڏنا ويا ٻين شرڪت ڪندڙن سان گڏ پِرهه به انهي ڳالهه جي قائل هئي ته ميڊم عورتن لاءِ واقعي ئي هڪ مثال آهي، ڪيڏي نه بُردبار عورت آهي جيڪا ايئن سڌو سنئون مردن کي وڏي جرئت سان چئلينج ڪري ٿي، سلام آهي.
پورو ڏيڍ ڪلاڪ اڪابرن جون اهي ئي هر تقريب ۾ رٽيل ساڳيون ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ جان آجي ٿي ته آڪاش ۽ پِرهه ريفريشمينٽ واري ٽيبل تان ڊسپوزل ڪوپن ۾ چانهه کڻي آڊيٽوريم کان ٻاهر نڪري اچي لان ۾ ويٺا.
لان جي سائي ڇٻر تي ويهندي پِرهه، آڪاش کان تقريب جي دوران ٿيندڙ تقريرن تي مسڪرائڻ جو سبب پڇيو.
”صرف ڳالهيون، تقريرون، نعرا، پروجيڪٽ ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ. ڇا ٻڌايان انهن مهان ماڻهن جي باري ۾؟ جيڪي اسان کي عورت جي آزادي، باشعوري ۽ ترقي بابت درس ڏيندا ٿا وتن پر اُنهن جو پنهنجين عورتن لاءِ رويو ان جي بلڪل برعڪس آهي.“ آڪاش چانهه جي سُرڪ ڀريندي چيو.
”اهو وري ڪيئن؟“ پِرهه آڪاش جي ڳالهه کي نه سمجهندي سوال ڪيو.
”اهو سماجي اڳواڻ جيڪو جذباتي انداز ۾ عورتن جي حقن تي جوشيلو خطاب ڪري رهيو هو، تنهن ٻه، ٽي سال پهرين ڪنهن شهري عورت تي موهت ٿي ٻي شادي ڪئي آهي. جيڪو سندس حق آهي انهي کان انڪار ڪونهي، پر پنهنجي پهرين گهرواري کان بغير اجازت جي شادي ڪئي آهي ۽ شهري عورت کي حق ڏيڻ ۾ ايترو مصروف آهي جو ٻي شادي کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، بس ماهوار خرچ اماڻي ڏيندو آهي، ڇا هن جي پهرين گهرواري عورت ناهي ڇا؟ ان جا ڪي به حق ناهن ڇا؟ ان جي ٻارن جي پڙهائي، پرورش، پرگهور ڇا سندس ذميواري ناهي ڇا؟“ آڪاش خالي ٿيل ڊسپوزل ڪپ کي مروڙيندي ڪنڊ ۾ رکيل ڊسٽ بن ۾ اڇلائيندي چيو.
”اهو ته وري به هُن ٻي عورت سان شادي ڪئي آهي، پر معاشري ۾ اڄ ڪلهه اهڙا ماڻهو به آهن، جن جي نيتن جي خبر ئي نه ٿي پوي. نياڻي چئي مٿي تي هٿ رکي ڇاتيءَ ۾ نظر ٿا رکن. سعادت حسن منٽو چواڻي هن مرداڻي سماج جو مرد عورت صرف پنهنجي گهر جي عورتن کي سمجهي ٿو، باقين کي ته صرف گوشت جو ٽڪرو سمجهي ان تي ڪتي وانگر جهڙپ ڏيئي پٽي کائڻ ٿو چاهي.“ پِرهه به آڪاش سان متفق ٿيندي مراداڻي سماج جي بدنيتي تي ڇوهه ڇنڊيندي چيو.
”ايئن صفا انڌير به ناهي پِرهه! جيئن ڪارِي ڏُڌي اڇو اچي ٿو، تيئن گُگهه اونداهي ۾ ڪجهه خانه بدوشن جي قافلي جون اڏول ارادا رکندڙ سورميون به ويٺيون آهن جيڪي هن وحشي سماج جي مظلوم عورت جي هر ڏک، درد تي پنهنجو علم بلند ڪنديون ٿيون وتن. بنان ڪنهن پروجيڪٽي نعرن ۽ سرپرستي جي پنهنجي وت ۽ وس آهر عورت تي ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پنهنجي قلم توڙي عملي جدوجهد ذريعي لاچارن جو سهارو بڻجنديون ٿيون رهن. هُو محدود وسيلن جي باوجود به اياز جي عشق جو سفر جاري رکنديون اچن. مرداڻي سماج جا منافق رويا هميشه سندن ڪردارڪشي ڪندا ٿا وتن ۽ سندن ڪردار تي منفي تنقيد جا ڀالا چٽيندا ٿا وتن پر اهي مرشد لطيف جون سورميون بنا ڪنهن پرواهه ڪرڻ جي اڪيليون ئي اڪيليون پٿريلي راهه تي پير پٿون ڪري پڻ حق جي منزل طرف روان دوان آهن.“ آڪاش اونهو ساهه کڻندي چيو.
”بلڪل سلام آهي انهن کي، جيڪي پنهنجي هڙان توڙي وڙان نڀائي، پنهنجي عظمت ۽ جرعت سان ڏاڍ سان سينو تاڻيو ٿيو وتن.“ پِرهه پڻ آڪاش سان سهمت ٿيندي وراڻي ڏني.
”چڱو .... منهنجي خيال ۾ هاڻي هلڻ کپي، گهڻي دير ٿي وئي آهي.“ آڪاش ڇٻر تان اٿندي چيو.
”ها بلڪل، مون کي به ڪجهه نوٽس فائنل ڪرڻا آهن.“ پِرهه پرس ٻانهن ۾ لٽڪائيندي چيو.
ــــ

13

آچر جي ڏينهن باوجود آڪاش آفيس ۾ ڪنهن اسائينمينٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ته پِرهه آفيس آئي هئي. سونهن ۾ ويتر سرس لڳي رهي هئي، ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي، پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻئي هٿ هوا ۾ ڦهلائي گفتگُو ڪري رهي هئي. آڪاش نظر کڻي هن جي نيڻن ڏي نهاريو، جنهن نهار ۾ مڌ جا پيالا هئا، جن کي اوتي پريم جا پوڄاري پنهنجي پياس اجهائيندا هئا، هن جي گلاب جي پنکڙين جيان ڪومل چپن جي نفاست کي ڇُهي عشق جا ڪيئي عڪس جڙندا هئا، کير جي پاڻي سان اجاريل سندس بخملي بدن تي حسن جا ڪيئي رنگ پسبا هئا، هن جي هلڻ جي هوڏ ۽ لوڏ تي ڪيترن ئي ڳڀرو جوانن جي هينئين ۾ ٿڌن احساسن جي کڏ پوندي هئي.
آڪاش هُن جي حُسن جي تاب کي وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيو ۽ اچانڪ الائي ڇا سمجهه ۾ آيو جو هُو پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ پِرهه جي سامهون اچي گوڏي ڀر زمين تي ويهي سندس ساڄو هٿ پنهنجي ساڄي هٿ ۾ پڪڙيندي چيائين؛
”پِرهه جنهن پل کان مون توکي ڏٺو آهي تنهن پل کان پنهنجي من اندر ۾ توکي ديوي بڻائي پوڄيو آهي، تنهنجي اچڻ سان منهنجي ويران زندگي ۾ خوشبوئن جا کيت کڙي پيا آهن، تنهنجي گڏ هجڻ سان منهنجي من جي آڪاش تي مسرتن جون گهٽائون ڇائنجي ٿيون وڃن، تو بن هڪ پل به چين نه ٿو اچي.!“ آڪاش سندس اکين ۾ نهاريندي پنهنجي دل جي ڳالهه اوريندي وڌيڪ چيو ته؛ ”پِرهه تون منهنجي زندگي ۾ ڄڻ ڪنهن ڇانوري مثل بڻجي آئي آهين جو تون جڏهن به ساڻ هجين ٿي ته آس پاس ڄڻ هير جون ٿڌيون لهرون گهُلنديون ٿيون رهن، تنهنجي ملڻ کان پوءِ منهنجي زندگي جي دامن ۾ ستارن جي رمجهم جا ڪيئي عڪس لهي پيا آهن، منهنجي بي مطلب زندگي کي جيئڻ جو گس ملي پيو آهي، تنهنجو مرڪندڙ چهرو جڏهن به سامهون اچي ٿو ته سمورا درد وسري ٿا وڃن ۽ زندگي ۾ هڪ نئين امنگ پيدا ٿِي ٿي وڃي.“آڪاش هُن جي هٿ کي همٿ ڪري چمي ڏيندي چيائين؛”تون آهين ته آئون آهيان نه ته تو بن اڌورو آهيان، منهنجي محبت کي غلط نه سمجهِجان، منهنجي چيل هڪ هڪ لفظ ۾ سچائي آهي، هر لفظ دل جي ڌڙڪن کي ڪوري نڪتو آهي.“
پِرهه اچانڪ آڪاش جي اهڙي عمل تي خاموش، بنا ڪنهن ردعمل جي ٻڌندي رهي ۽ جڏهن آڪاش سندس هٿ چميو ته هُن فوراً هٿ ڇڏائيندي پنهنجو چهرو پنهنجي ٻنهي هٿن جي ٻُڪ ۾ لڪائي ڇڏيو. هوءَ ڪيتريون ئي گهڙيون خاموش بت بڻجي ڪرسي تي ويٺي رهي.
ڪمري ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي ويئي هئي، آڪاش خود پريشان هو ته هُن ۾ اچانڪ اهڙي طاقت ڪٿان آئي جو هُو همٿ ڪري پنهنجي دل جي ڳالهه ته اوري ويو، پر پِرهه طرفان هٿ ڇڏائڻ ۽ ڪوبه ردعمل نه ڏيڻ تي پشيمان ٿيڻ کان گڏ پريشان به ٿي ويو. هُن محسوس ڪيو ته هُن جي اهڙي حرڪت شايد کيس هڪڙي سٺي دوست کان به محروم ڪري ڇڏيندي ۽ ڪافي دير تائين ڪجهه به نه ڪڇڻ کيس ويتر پريشان ڪري ڇڏيو هو ته متان هُو هُن جي اهڙي حرڪت تي گوڙ ڪري ڪنهن کي مدد لاءِ نه پڪاري وجهي، جيڪو عمل هُن لاءِ جيئري ئي موت مثل هو، جيڪا عزت هُن ڪجهه عرصي ۾ ڪمائي هئي، جيڪي خواب هُن پنهنجي اکين ۾ پنهنجي ۽ گهر وارن لاءِ سانڍي رکيا هئا سي سڀ ڌوڙ ٿيڻ وارا هئا. نوڪري ته ويندي، پر عزت به ويندي، دوست، يار، عزيز، قريب سڀ نفرت جي نگاهه سان ڏسندا، پر .... پر ..... هُن ته صرف محبت جو اظهار ڪيو هو، ان ۾ هُن ڀلا ڪهڙو گناهه ڪيو هو جو هُو اهڙو ردعمل ڏيندي؟ هُن جي ذهن جي ڪينواس تي مختلف خيال ڊوڙون پائي رهيا هئا. پر ٻئي خاموش، پنهنجي پنهنجي ڪرسين تي ويٺا رهيا. ڪمري ۾ مڪمل سانت هئي، سامهون ديوار تي لڳل گهڙي جي سيڪنڊ ڪانٽي جي ٽڪ ٽڪ خاموشي ۾ رکي رکي لرزش پيدا ڪري رهي هئي، باقي ٻيئي وجود ڄڻ ته پنڊپهڻ ٿي ويا هئا.
اچانڪ پِرهه پنهنجي ڪرسي تان اٿي ۽ آڪاش جي ڪرسي طرف وڌي آئي، هن کي پاڻ ڏي ايندي ڏسي هُو پڻ ڪرسي تان اٿي بيهي رهيو. آڪاش ڀانئيو ته پڪ سان ڪو ڪاوڙ ڀريو ردعمل ظاهر ڪندي يا چماٽ وهائي ڪڍندي، پر هُن ذهني طور پاڻ کي تيار ڪري ڇڏيو هو ته؛”محبت جو اقرار ڪرڻ ڪو گناهه نه هو، جيڪر هُن اهو اقرار ڪري ڏوهه ڪيو آهي، ته پوءِ جيڪو به سزا ملي کيس قبول آهي.“
ويجهو اچي پِرهه آڪاش جي ٻنهي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليو ۽ سندس نيڻن ۾ جهاتي پائيندي چيائين؛
”آڪاش مون کي لفظ محبت تي ويساهه ئي نه هوندو هو، پيار، پريت جون سموريون ڳالهيون دقيانوسي لڳنديون هيون، يونيورسٽي ۾ هيترا سال رهڻ باوجود ڪو اهڙو ساٿي نه ملي سگهيو هو جيڪو منهنجي من جي دروازي تي دستڪ ڏي، پيار، عشق، محبت اهي سڀ مون کي ڪتابي ڳالهيون لڳنديون هيون. مون الائي ڪيترائي جوڙا انهي پيار جي ٽياس تي ٽگجندي ڏٺا آهن، اهي ڪوڙي سماج جي منافقت جي ور چڙهندي به ڏٺا آهن، مون انهن کي ڏٺو جيڪي پهرين پيار جي پلصراط پار ڪرڻ جا وچن ڪن ٿا ۽ پوءِ ڪيئي جسمن مان حوس جي بک اجهائي ڪنهن جي ڪوري زندگي کي ناس ڪري ٿا ڇڏين، جو سندن مقصد صرف ۽ صرف خوبصورت جسمن جي حاصلات ۽ تسڪين هجي ٿو، جيڪو حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ٽشو پيپر وانگي جسم استعمال ڪري اڇلايا ٿا وڃن جيڪي روز اخباري چهرن جي زينت بڻجندا ٿا وڃن، پر تنهنجي ملڻ کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته تنهنجو من ماڪ ڦڙن جهڙو اجرو ۽ ڪورو آهي، مون تنهنجي اکين ۾ سدائين محبت جون التجائون باسيون آهن، توسان ملي اهو ويساهه ٻيهر بحال ٿيو ته ڪي انسان نرمل ۽ ڪومل جذبن وارا به ٿين ٿا جيڪي زندگي جي احساس کي نيڪ نيتي سان سمجهن ٿا، جن جي اکين ۾ جنسي بک بجاءِ پيار ۽ پريت جا حسين خواب سجايل آهن.“ پِرهه آڪاش جي اکين ۾ پيار جا احساس اوتي پنهنجي ڳالهه ڪندي رهي. پنهنجي حسين چپن جي ڪنارن تي مرڪن جا گلابن پکڙيندي چيائين؛”آڪاش ..! آءِ ... لَو ... يُو .... ٽو .....“ ۽ شرمائي آڪاش جي ڇاتيءَ تي ڪنڌ لائي ٻانهن جو هار ٺاهي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ورتائين. پِرهه جي دل جي ڌڙڪو تيز ٿي ويو هو.
آڪاش سندس ڪلهن کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ٻيهر سندس اکين ۾ ڏٺو، ته حياءَ جا سمورا عڪس وکري پيا هئا ۽ هُن شرمائي ٻيهر وڃي آڪاش جي ٻانهن ۾ پناهه ورتي، ۽ آڪاش کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيشاني چميندي چيو؛”پِرهه تو منهنجي نامڪمل زندگي کي مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، آئون پنهنجي خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان.“
آڪاش ۽ پِرهه ڪافي دير تائين محبت جي ناوَ تي چڙهي پيار جي درياءَ جو سفر ڪندا رهيا.

14

آڪاش ڪريم کي يونيورسٽيءَ ڇڏي واپس پئي وريو ته هن ڏٺو ته سامهون سينٽرل لائبريري جي بلڊنگ جي گيٽ وٽ پِرهه بيٺي هئي. هلڪي فيروزي ڪلر جي ڪاٽن جي ڪرتي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس سندر سلوڻي ڪلهي تي سفيد ڪلر جو رَئو رکيل هوس. جهڙي پاڻ سهڻي تهڙا ئي وري مٿس سينگار سندس سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا. هميشه جيان وارن جو جهڳٽو ٺهيل جنهن تي ڪيچر لڳل هوندو هو، جيڪو سندس سهڻي مُک تي ويتر سهڻو لڳندو هو. هڪڙي اڳ ئي من موهڻي ۽ سهڻي ٻيو وري وارن جون چڳون مُک تي واري ڇڏيندي هئي، جيڪي سندس رخسار تي پيون کيچل ڪنديون هيون جيڪي ڳڀرو جوانن جي دلين جو ڌڙڪو وڌائڻ جو سبب بڻجنديون هيون. ڪارا ڪجرا نيڻ جنهن جي هڪ نهار تي سونهن سندا سنسار جڙي ٿي پيا. سهڻي اهڙي جهڙوڪر کير جو درياءُ سندس ئي جسم مان پار ٿي گذرندو هجي.
”آڪاش هيڏانهن اچ!“ لائبريري جي دروازي وٽ بيٺل پِرهه آڪاش کي ڏسندي ئي کيس سَڏ ڪندي چيو.
”ڇو ڪهڙو ڪم آهي؟“ آڪاش کائنس سوال ڪندي پڇيو.
”اچ ته سهي، اڄ ٽيسٽ آهي، گڏجي اٽينڊ ٿا ڪريون.“ پِرهه وارن جون چڳون ڪن جي پويان واريندي چيو.
”چري آهين ڇا؟ آئون ڀلان ڪيئن ٿو ٽيسٽ ۾ گڏ ويهي سگهان؟ مون کي سڏي دڙڪا کارائڻ جو ارادو آهي ڇا؟“ آڪاش کيس جواب ڏيندي چيو.
”پِرهه کان ٽهڪ نڪري ويو، هوءَ کلندي هئي ته فضا ۾ سندس مرڪن جا پوپٽ اڏري پوندا هئا. ماحول سندس مرڪن جي خوشبوئن سان معطر ٿي پوندو هو. ٿڪل احساسن ۾ نوان خيال جنم وٺي پوندا هئا. لڳندو هو جهڙوڪر زندگي نئون جنم ورتو هجي. سندس مرڪن مالهائون پائڻ لاءِ هرڪو ئي آتو ويٺو هوندو هو.
”اڙي يار، مذاق ٿي ڪيان، ٽيسٽ ۾ اڃان ڪجهه دير آهي، اچ، تيستائين ڪچهري ٿا ڪيون.“ پِرهه آڪاش جي وياڪلتا تي ڪوملتا مان جواب ڏيندي چيائين.
آڪاش وڌي وڃي ويجهو ٿيو ۽ لائبريري عمارت جي ٺهيل ٿَلهي جي ڏاڪڻين تي وڃي ويهي رهيا.
”تون ايڏو ڊڄڻو ڇو آهين؟“پِرهه طنز ڪندي پڇيو.
”ڊڄڻو ناهيان. پر تنهنجي سڀني دوستن جي روبرو ڪوئي پروفيسر ڪجهه چئي وجهي ته سٺو ته نٿو لڳي نه يار! بس انهي ڀرم جي ڪري ئي احتياط ٿو ڪيان.“ آڪاش کيس سمجهائيندي چيو.
”ڪنهن جي مجال آهي جو منهنجي مٺڙي کي ڪجهه چئي.“ پِرهه جهانسي جي راڻي وانگي پنهنجي ڪاوڙ جي تلوار جا وار ڪندي چيو.
”ٿڌي ٿي، ٿڌي ٿي وڏيريءَ، ڪوئي ڪجهه نه ٿو چوي. آئون صرف مثال ڏيئي رهيو هوس.“ آڪاش وراڻي ڏني.
”مثال ۾ به منهنجي مٺڙي کي ڪير به ڪجهه نه ٿو چئي سگهي. مون کان بلڪل برداشت نه ٿيندو ته ڪير توکي ڪجهه چئي.“ پِرهه آڪاش جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”اوڪي اوڪي، هاڻي انهي بحث کي اتي ئي ٿا ختم ڪريون. تون ٽيسٽ اٽينڊ ڪر. آئون هاڻي هلان ٿو.“ آڪاش کيس ٻيهر سمجهائيندي چيو.
انهن سيڙهين جي ڏاڪڻين تي انهن جي ملاقاتن جا ڪيترائي نشان هئا. اتي کوڙ سارا ٽهڪ وکريا پيا هئا، جيڪي انهن ٻنهي گڏجي ڏنا هئا. واعدن جون ڳٺڙيون ڀريل پيون هيون جيڪي گڏجي ٻنهي ڄڻن زندگي گذارڻ لاءِ ڪٺيون ڪيون هيون. ديوارن تي شرارتن جو عبارتون اڪريل هيون جيڪي گڏجي اڪاريون هيون. احساسن جا ڪيئي نقش چٽيا هئا، پيار جي ڪيترائي پل اتي ئي ويهي هڪ ٻئي جي نظرن ۾ نهاريندي گهاريا هئا.
”آڪاش اهي پل هڪ ڏينهن حسين يادون بڻجي ويندا، ماضي جا قصا بڻجي ويندا، اهي خوبصورت احساس پيار ڪهاڻي جو حصو بڻجي ويندا، حال ماضي بڻجي ويندو ۽ مستقبل ۾ پهچي جڏهن پٺتي ورائي ڏسنداسين ته بس انهن پيچرن تي پنهنجي يادگيرين جي قدمن جا نشان پيل هوندا، يادون، احساس، پيار، پيڙاءُ جون نشانيون اتي محبت جو آثار بڻجي پونديون ۽ انهن ئي پٽن تي ڪي ٻيا نوان جوڙا ايئن پيار جي پريت نڀائيندا رهندا.“ پِرهه هڪ اونهو ساهه کڻندي دل جي ڳالهه آڪاش کي اوريندي چيو.
آڪاش محسوس ڪيوته ڪي ڳوڙها پِرهه جي اکين جي ڪنارن تان لڙي ڳلن تي ڪري پيا هئا، جن کي ٽشوءَ سان صاف ڪندي آڪاش پِرهه جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي چيو.
”يقين رک وقت ڀلين ڪيئن به گذري وڃي پر پنهنجي پيار جي چڻنگ هميشه جلندي ئي رهندي ڪير به انهي کي وسائي نه ٿو سگهي. باقي اهو ته قدرت جو قانون آهي، وقت ڪنهن لاءِ به نه رڪندو آهي، پر حسين يادون هميشه تازيون رهنديون آهن.“
”پر آڪاش تون مون سان يادون نه پر حقيقت بڻجي گڏ رهجان، هميشه، هميشه جي لاءِ.“ پِرهه ويجهو ٿيندي ڪنڌ آڪاش جي ڪلهي تي لائيندي چيو.
”بلڪل! پنهنجو ساٿ هميشه لاءِ پختو آهي، جنهن کي ڪير به ٽوڙي نه ٿو سگهي، تون اجايو پريشان نه ٿيندي ڪر.“ آڪاش ساڄي ٻانهن پِرهه جي ڪلهي تي رکندي يقين ڏياريو.
”مون کي تو تي پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي ساهه کان وڌ يقين آهي.“ پِرهه آڪاش جي پيشاني چمندي چيو.
”چڱو، تون رليڪس ٿي ڪري ٽيسٽ ڏي ۽ آئون آفيس هلان ٿو، ٺيڪ آهي وري شام ملون ٿا.“ آڪاش، پِرهه کي تسليءَ ڏيندي ڏاڪڻين تان اٿيو.
”ٺيڪ آهي، پنهنجو خيال رکجان.“ پِرهه به ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ طرف ويندي چيو.
آڪاش پِرهه کان موڪلائي آفيس طرف نڪري آيو.

15

”آڪاش ..! اگر آفيس ڪم ۾ ڪم نه هجي ته ٻاهر هلون؟“ شام جي وقت پِرهه آڪاش جي آفيس جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي پرس ٽيبل تي رکندي پڇيو.
”ها هڪڙي اي.ميل ڪري وٺان، بس پوءِ فري آهيان، پر پهرين اهو ٻڌاءِ ته ڇا کائيندين ڇا پيئندين.“ آڪاش ليپ ٽاپ مان نظرون هٽائي پِرهه ڏي نهاريندي ڪجهه کائڻ لاءِ پڇيو.
”في الحال ڪجهه به نه! ٻاهر ٿا هلي ڪجهه کايون.“ پِرهه وارن جي چَڳن کي ٺاهيندي ڪرسي سرڪائي ويهندي چيو.
آڪاش ٻيهر ليپ ٽاپ تي خبر مڪمل ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ پِرهه ٽيبل تي وکريل مختلف ميگزينس ۽ انهي ڏينهن جي اخبارن کي اٿلائي پٿلائي هڪڙي اخبار کڻي پڙهڻ لڳي. آڪاش ڪنهن ڪنهن مهل ليپ ٽاپ مان نظرون هٽائي پِرهه ڏي ٿي نهاريو ته لڳو ٿي ته ڄڻ سندرتا جي ديويءَ آسمان تان لهي اچي سامهون ويٺي آهي، هن جون معصوم اکڙيون مڌ ڪٽورن جهڙيون نشيليون ٿي لڳيون ۽ مرڪ ته ٻانهي جيان سندس چپن جي چوکٽ تي سدائين گولي غلام ٿي بيٺي هوندي هئي، هن جي هر انداز ۾ ڪنهن الهڙ جواني جي چنچلتا هوندي هئي، جڏهن ڪنهن ڳالهه تي مرڪي پوندي هئي ته گلابي ڳلن ۾ پوندڙ چُڳهه سندس جواني کي ويتر نکاري ڇڏيندا هئا.
پِرهه اچانڪ اخبار مان نظرون هٽائي آڪاش ڏي نهاري سڪون محسوس ڪيو ۽ اکيون پوري خاموشي سان اندر جي احساسن کي ڀاسڻ لڳي ته روح جي سڪونيت جا لِيا مرڪ بڻجي چپن تي تري آيا. هُن آڪاش ڏي ٻيهر ڏسي اطمينان محسوس ڪيو ته سندس تتل صحراءِ جهڙي زندگي ۾ هُو ٿڌو ڇانوَرو بڻجي آيو هو، هُن جي اڻ ترتيب ۽ وکريل جيون ۾ محبت جو واس واسڻ وارو ۽ کيس پيار جي پريت ۾ وفا جا وچن نڀائڻ وارو هو.
آڪاش جو نظرون کڻي نهاريو ته پِرهه کيس ئي نهاري مرڪي رهي هئي، آڪاش اکين جي ڇپرن کي مٿي ڪري اشارو سان پڇيائين.”ڇا ٿي سوچين؟.“
پِرهه ڪنڌ لوڏي انڪار ۾ جواب ڏيندي چيائين.”ڪجهه به نه.“ ۽ هلڪي مرڪ مرڪي ڌيان هٽائڻ لاءِ ٻيهر اخبار پڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
ڪافي وقت جي خاموشي جي بيٺل پاڻي ۾ لفظن جا گُل اڇلائيندي آڪاش پِرهه ڏي نهاريندي چيو.”جي مٺڙي، هاڻي حڪم ڪر. آءِ ايم فِري نائو.“
”ويري گُڊ، پوءِ اٿ ته هلون.“ پِرهه اخبار کي ٽيبل تي رکندي چيو.
”هڪ ڪپ چانهه پي پوءِ هلون.!“ آڪاش رِوالونگ چيئر تي سستي مان پوئتي ليٽندي ٻنهي هٿن جي آڱرين کي مٿي کڻي پاڻ ۾ ملائيندي چيو.
”جي نه! دير ٿي ويندي جناب! اٿ ته هلون.“ پِرهه سختي سان انڪار ڪندي چيو.
”اوڪي سهڻا سائين، جيڪو حڪم.“ آڪاش ٻيهر ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو ۽ ليپ ٽاپ آف ڪرڻ لڳو.
”ڪيڏانهن هلجي؟“ آڪاش ڪرسي تان اٿندي ٽيبل تي پيل موبائل کيسي ۾ رکندي سوال ڪيو.
”آئون بابا جي ڪار کڻي آئي آهيان، المنظر ڏي ٿا هلون.“ پِرهه پرس ڪلهي ۾ لٽڪائيندي چيو.
”المنظر ڏي ڇو ؟ ٻي ڪٿي هلجي.“ آڪاش ٻاهر نڪرندي چيو.
”مون کي درياءَ جي ڪپ تي ويهڻ سٺو لڳندو آهي.“ پِرهه آڪاش ڏي نهاريندي چيو.
”بس درياءَ ئي سٺو لڳندو آهي يا ٻيو ڪير به.“ آڪاش شرارت واري انداز ۾ پڇيو.
”هاهاهاهاها، ڏاڍو شرارتي آهين.“ پِرهه ساڄي هٿ سان آڪاش جي کاٻي ڪلهي کي ٿڦڪيءَ هڻندي چيو.
ٻيئي ڄڻا ڪار چڙهي المنظر طرف روانا ٿيا. رستي ۾ هلندي ڪار ۾ لڳل سي.ڊي پليئر جو آواز وڌائيندي پِرهه پڇيو.”ميوزڪ ٻڌندو آهين يا نه؟.“
”بيشڪ! موسيقي کان سواءِ انسان اڌورو آهي، موسيقي روح جي غذا آهي.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”تو اس طرح سي ميري زندگي مين شامل هي“ سي.ڊي پليئر تي هلندڙ گاني تي پِرهه آڪاش ڏي نهاري مسڪرائيندي چيو.”اهو ڪلام توکي ڊيڊيڪيٽ ٿي ڪيان.“
”اوهه! ٿينڪ يُو.“ آڪاش موٽ ۾ مرڪون ارپيندي چيو.
”چونڊ ڀلين ٿورڙي ڇو نه هجي پر بهترين هجڻ کپي، جيڪا دل ڇُهي! ڇا خيال آهي؟“ پِرهه آڪاش کان پڇندي چيو.
”بلڪل انهي ۾ ڪو شڪ ناهي، ماڻهو ڪيڏو به ٿڪل ٽٽل ڇونه هجي، پر موسيقي ٻڌڻ سان ماڻهو جا سمورا ٿڪ لهي ٿا پون. دل ۾ زندگي جيئڻ جا تازا احساس جاڳي ٿا پون.“ آڪاش هاڪار ۾ جواب ڏيندي چيو.
”مون سان گڏ هلندي هاڻي ڳالهائي به سٺو ٿو وڃين. اِمپريسِوَ!.“ پِرهه آڪاش سان مستي ڪندي چيو.
”ها....ها....ها! تنهنجي مهرباني جو ڳالهائڻ سيکاريو.“آڪاش ٽهڪ ڏيندي چيو.
اهڙي جواب تي پِرهه پڻ مُرڪي پيئي.
ڪجهه دير بعد ڪار المنظر وٽ پهتي. سج سڄي ڏينهن جي ٿڪ مان ڪَر موڙي آرام ڪرڻ لاءِ اُلهي رهيو هو ۽ هلڪي ڳاڙهي شفق اڀ جي بدن تي ڪنهن ڪنوار جي لباس جيان اوڍيل هئي ۽ درياءُ ڪنهن ڪنواري ڪنياءَ جيان جواني جي مستيءَ وانگي کيچل ڪري رهيو هو، ملاح هڪ هڪ ڪري ٻيڙيون ڪنارن سان بيهاري گهر ڏي روانا ٿي رهيا هئا، آسمان ۾ رکي رکي ڪنهن وقت پکين جو ولر پنهنجي آکيرن ڏي راهي ٿيندو نظر آيو ٿي.
ٻيئي ڄڻا ڪار مان لهي اچي هوٽلن جي رکيل بئنچن مان هڪڙي بئنچ تي درياءَ منهن ڪري ويهي رهيا، درياءُ جي لهرن ۾ اهڙي رڌم هئي ڄڻ ڪو موسيقار سرندي جي تارن کي ڇيڙي رهيو هو، جنهن مان پيدا ٿيندڙ ساز من کي مسرت ڪندڙ هئا جنهن کي ٻيئي ڄڻا بلڪل خاموشي ۽ سڪون سان محسوس ڪري رهيا هئا. شام جي پهر جي گُهلندڙ هير ۽ هلڪي ميرانجهڙي روشني جا درياءُ جي پاڻي تي پوندڙ عڪس ماحول ۾ پڻ پيار جو لهرون پيدا ڪرڻ شروع ڪيون.
پِرهه آڪاش جي ويجهو ٿيندي پنھنجو منھن ھن جي منھن جي ويجهو آندو، ٻيئي هٿ هُن جي هٿن جي آڱرين ۾ ڀڪوڙي ڇڏيا ۽ هڪ ٻئي کي نيڻن جي ٻيڙي ۾ چاڙهي ڪيترن ئي ساعتن تائين پيار جي درياءُ جو سير ڪندا رهيا پوءِ پِرهه پنهنجو چهروآڪاش جي کاٻي ڪلھي ۾ لڪائي ڇڏيائين، ڪجهه سوچي ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجو ساڄو هٿ ورائي آڪاش جي چيلهه ڏانهن سرڪائيندي گلابي چپن جا ڪيترائي چٽ آڪاش جي ڳل تي چٽي ڇڏيائين.
المنظر جي انهي حسين شام جي نفاست جي وهڪري ۾ وهندي آڪاش پنهنجي کاٻي ٻانهن ورائي سندس نازڪ چيلهه ڏانهن سرڪائيندي سندس گرم جسم جي احساسن کي محسوس ڪرڻ لاءِ چپن تي چپ رکي ڪيتري ئي دير محبت جا اڻ مٽ نشان ڇڏيندو رهيو.
”پِرهه!“ آڪاش چپن کي چپن جي جُنبش مان آزاد ڪندي چيو.
”ها چئو.“ پِرهه رخسار تي لهي آيل وارن جي چڳن کي ڪن جي پٺيان ڪندي پنهنجو ڳل ۽ ڪن سندس ويجهو ڪندي چيو.
”پِرهه جيڪر تون منهنجي زندگي ۾ نه اچين ها ته هوند آئون اڌورو ئي رهجي وڃان ها. تو اچي منهنجي حياتي جي ڪتاب جي اڌورن بابن کي مڪمل ڪيو آهي.“ آڪاش کيس پنهنجي دل جي ڳالهه سليندي چيائين.
”سَچ!“ پِرهه خوشي مان ڪنڌ کي وراڪو ڏيئي کليل وارن کي آڪاش جي چهري ڏانهن اڇلائيندي پوئتي ڪري ڇڏيائين.
آڪاش پاڻ ڏي لڙي آيل کليل زُلفن جي واس ۾ واسجي ويو ۽ اکيون بند ڪري سندن خوشبوءَ کي محسوس ڪندو رهيو.
”بلڪل سچ!“ آڪاش پِرهه جا ٻيئي هٿ پنهنجي اکين تي رکندي چيائين.
”توتي پاڻ کان وڌ اعتبار آهي.“ پِرهه اکين تان هٿ هٽائي پنهنجي ساڄي هٿ سان آڪاش جي نڪ کي پٽيندي چيائين.
آڪاش کاٻي ٻانهن ورائي پِرهه جي ڪلهي تي رکندي ساڄي هٿ سان ڦوهه جواني جي مستي ۾ سينو چيري اڀري آيل حصن کي ڇهندي پِرهه جي ريشمي ڳلن کي پنهنجي زبان سان سلهائيندي سونا جُهمڪا پاتل ڪن تان وارن کي هٽائيندي ڪا سرگوشي ڪئي.جنهن تي پِرهه شرمائي پنهنجي چهري کي پنهنجي هٿن جي ڪٽوري ۾ لڪائي ڇڏيو.
آڪاش ٻنهي هٿن مان سندس ڪومل چهرو آجو ڪندي اکين ئي اکين ۾ کائنس سرگوشي جو جواب پڇيو. ۽ پِرهه اکين جي پلڪن کي واري هاڪار ۾ جواب ڏنو.
جنهن تي ٻيئي ڄڻا هٿ هٿن ۾ ڏيئي اٿيا ۽ ڪنهن پيار جي نگري ڏي روانا ٿي ويا.

16

آڪاش کي چڱي ريت اهو احساس هو ته هُو پِرهه کي ايتريون مهانگيون شيون گفٽ نه ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ جو هُن تي گهر جو بار هو جنهن ڪارڻ ئي هُن پنهنجو اباڻو شهر ڇڏيو هو ۽ ڳڀي جي ڳولا ۾ اچي هِتي پهتو هو. هُن کي اهو سٺو نه لڳندو هو ته هو روز پِرهه کان تحفا وٺندو رهي ۽ بدلي ۾ ڪجهه به ڏيئي نه سگهي. آڪاش کي اهو به خبر هئي ته پِرهه جي ڏنل تحفن ۾ صرف محبت جا احساس سمايل آهن پر وري به آڪاش کي روز روز ايئن پِرهه جون ڏنل شيون قبول ڪرڻ سٺو نه لڳندو هو پر پِرهه جي ضد ۽ پيار جي ڪري بي وس ٿي پوندو هو.
ان ڏينهن به ٻيئي ڄڻا انهي ڳالهه تي بحث ڪري رهيا هئا جو پِرهه وري آڪاش لاءِ ڪافي سارا تحفا وٺي آئي هئي، جنهن ۾ پينٽ شرٽس، ڊزائينر سوٽس، پرفيومز، مختلف ڊيوز، شوز ۽ ٻيون به ڪافي شيون شامل هيون. آڪاش جو ضد هو ته هُو روز ايتريون شيون قبول نه ٿو ڪري سگهي پر پِرهه پنهنجي ضد تي قائم هئي ته آندل سموريون شيون ته کيس قبول ڪرڻيون ئي پونديون.
”پِرهه اهو ته سراسر غلط آهي نه، ته تون روز منهنجي لاءِ ڪافي شيون وٺي اچين ۽ آئون اهي قبول ڪندو رهان، جيڪو سٺو ته نه ٿو لڳي نه.!.“ آڪاش پِرهه کي سمجهائيندي چيو.
”توکان، مون کان ڪرڻ ڪڏهن کان سکيو آهين آڪاش؟.“ پِرهه حيرت کائيندي چيو.
”ضمير تي بار ٿو ٿئي،تحفو ان کي چئبو آهي جنهن جي بدلي ۾ اوتري ئي قيمت جي ڪا شيءَ واپس ڏئي سگهجي.“ آڪاش پِرهه کي ٻيهر سمجهائيندي چيو.
”مطلب منهنجي شين جي تون قيمت لڳائي قبول ڪندو آهين ته جيئن ٻيهر اوتري ئي قيمت جي ڪا شيءَ مون کي واپس ڪري سگهين!“ پِرهه اداس ٿيندي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”مون ايئن نه چيو.“ آڪاش پِرهه جي کاڏيءَ کي ساڄي هٿ ۾ ڀريندي سندس چهرو مٿي ڪندي چيو.
”ٻيو ڇا چيو؟ قيمت، قدر ۽ ضمير! پوءِ ان جو مطلب ڇا آهي؟“ پِرهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي منهن ڦيريندي چيو.
”منهنجي ڳالهه ته سمجهه!“ آڪاش ڦِري اچي پِرهه جي سامهون بيٺو.
”ڇا سمجهان؟ ته تون منهنجي ۽ پنهنجي وچ ۾ حساب ڪتاب رکندو آهين! مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو اڄ!“ ڳالهيندي ڳالهيندي پِرهه جون اکيون آليون ٿي ويون.
”مون حساب ڪتاب جي ڳالهه نه ڪئي، مون اهو چيو ته تون ايتريون مهانگيون شيون ڏئين ٿي جيڪي بس آئون قبول ڪندو رهان ۽ بدلي ۾ توکي ڪجهه به نه ڏئي سگهان ته اهو ته غلط آهي نه!.“ آڪاش پنهنجي هٿن سان سندس آلين اکين کي اگهندي چيو.
”مون ڀلا ڪڏهن اهڙو اظهار ڪيو آهي ته انهن تحفن جي بدلي ۾ مون کي ڪجهه ڏئي يا منهنجي لفظن مان توکي ڪڏهن اهڙو تاثر مليو يا مون ڪڏهن اهو جتائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته آئون ڪي مهانگيون شيون ڏيان ٿي. آڪاش انهن شين جي ڪابه قيمت ناهي سواءِ پيار جي! محبت ئي سڀ کان مهانگو تحفو آهي، جنهن جي مون کي توکان طلب آهي بس!“ پِرهه سُڏڪندي چيو.
”پر آئون اڄ ڏينهن تائين توکي ڪجهه به نه ڏئي سگهيو آهيان.“ آڪاش بي وسي جو اظهار ڪندي چيو.
”ڪوڙ! بلڪل ڪوڙ! تون مون کي انتهائي انمول تحفا ڏيندو رهيو آهين جنهن جي اڳيان اهي شيون ڪابه معنيٰ نٿيون رکن.“ پِرهه سندس دليل کي رد ڪندي چيو.
”مون کي ته ياد ناهي ته مون ڪو تحفو توکي ڏنو هجي!“ آڪاش حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
”تنهنجو هميشه جو ساٿ، محبت ۽ پيار ڀريو احساس! ان کان انمول ۽ قيمتي تحفا ڀلا ٻيو ڪهڙا ٿي سگهن ٿا.“ پِرهه آڪاش کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو.
”پِرهه اهي تحفاته هميشه تنهنجي لاءِ حاضر آهن، باقي ڪابه شيءَ آئون چاهيندو به آهيان پر پوءِ به ڏيئي نه سگهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪنهن مهيني جي خرچ مان ڪجهه بچت ڪري توکي ڪجهه ڏيئي سگهان پر هر ڀيري ڪنهن نه ڪنهن اضافي خرچ جي ڪري ناڪام ٿي ويندو آهيان.“ آڪاش پِرهه جي پيشاني چمندي چيو.
”آڪاش! تنهنجي ساٿ کان سواءِ مون کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي طلب ناهي.“ پِرهه روز سان ڀاڪر پائيندي چيو.
”پر منهنجي ڳالهه کي سمجهه.“ آڪاش ٻيهر پِرهه کي سمجهائيندي چيو.
”آئون ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار ناهيان.“ پِرهه آڪاش جي شرٽ جو کليل بٽڻ بند ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي، اهي سموريون شيون آئون قبول ٿو ڪريان، پر ...!“ آڪاش پِرهه جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهلندي چيو.
”پر! اهو پر وري ڇا؟ ڪوئي شرط وغيره قبول ناهي مون کي، پهرين ئي ٻڌائي ٿي ڇڏيان.“ پِرهه آڪاش تي وڏيرڪو حڪم هلائيندي چيو.
”مٺڙي! پهرين منهنجي پوري ڳالهه ته ٻڌ.“ آڪاش پِرهه کي مڪمل ڳالهه ٻڌڻ لاءِ چيو.
”ٺيڪ آ. چئو!“ پِرهه آڪاش کي ڳالهه مڪمل ڪرڻ لاءِ چيو.
”بالورڊ مال ۾ فلم ٿا هلي ڏسون. اها ٽريٽ منهنجي طرف کان. صحيح آهي!“ آڪاش پِرهه کي مخاطب ٿيندي چيو.
آڪاش سوچيو ته هزارين روپين جي گفٽس جي بدلي ۾ هُن وٽ ان جهڙي گفٽ ڏيڻ جي سگهه ته نه هئي پر ڪجهه پل ساٿ رهي ڪري مووي ڏسي کيس پيار جو تحفو ڏيئي سگهجي ٿو. پر هُن سوچيو الائي پِرهه اهو ڳالهه قبول ڪندي به الائي نه. متان منهنجي انهي ڳالهه تي مذاق نه اڏائي پر پوءِ سڪت ساريندي هُن ڳالهه چئي ڇڏي.
”وائو! هائو رومانٽڪ آڪاش! قبول آهي.“ پِرهه خوش ٿيندي چيو.
آڪاش پِرهه جو اهڙو ردعمل ڏسي سرهائي جو ساهه ڀريو ته هُن مووي جو چئي ڪو غلط فيصلو نه ڪيو هو.
ٻيئي ڄڻا مووي ڏسڻ لاءِ بالورڊ مال طرف نڪري پيا ۽ هنن گڏجي پهريون دفعو مووي ڏٺي.

17

وقت تيز رفتاري سان گذرندو ويو، پيار پروان چڙهندو ويو. ملاقاتون حجتن ۾ تبديل ٿيڻ لڳيون، حُجتون محبت جي اٽوٽ ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ لڳيون ۽ ساهه جون ڏوريون هڪ ٻئي جي ڌڙڪن جي رفتار ۾ گرفتار ٿيڻ لڳيون. هر پل، هر وقت بس محبوب جي ديد جي فڪر هئي. ٻنهي کي هڪ ٻئي جي هنج ۾ دنيا جون سموريون خوشيون محسوس ٿينديون هيون، ڀاڪرن ۾ ڀريل جسم جڏهن گرم ساهه کڻندا هئا تڏهن اهي زندگي جي وهڪري ۾ وهي ويندا هئا. هڪ ٻيءَ جي ٽهڪن ۾ کين رابيل ٽڙندي محسوس ٿيندا هئا، اکين جي روشني ۾ چاندني جي چمڪ محسوس ٿيندي هئي. خماريل نيڻن جي ندي پيار جي نگري کي پار ڪندي وڃي محبت جي ساگر ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، سندن پيار ۾ ڪارونجهر جي ڪور تي نچندڙ مور جي کنڀن جهڙا سترنگي احساس جاڳي پيا هئا، ساهي راتين ۾ چندرما جي روشني ۾ جڏهن ٻيئي ڄڻا پنهنجي نرم وجود هڪ ٻئي سان ملائيندا هئا ته جسمن ۾ گرمي جي لهر پيدا ٿي پوندي هئي. گلابي چپن جي آتش وجود جي وروڪڙ کائيندڙ پيچرن کي جڏهن عشق جي تپش سان جلائيندي هئي ته اندر جي چڻنگ ڀڙڪو کائي پوندي هئي ۽ زماني جي سمورين ڪوڙين ريتن، رسمن ۽ رڪاوٽن کي جلائي ڀسم ڪري وجهندي هئي، ۽ پوءِ چانڊوڪي جي اوٽ ۾ پگهريل جسمن تي ٿڌڙن ساهن سان وهندڙ ڦڙن ۾ محبت جي خوشبوءَ چوڏس وکري پوندي هئي.
پِرهه جڏهن زماني جي شڪاري نگاهن کان هيسجي آڪاش جي ٻانهن ۾ پناهه وٺندي هئي ته هُو کيس پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هو ۽ سهارو ڏئي هنج ۾ سمهاريندو هو. چهري تي لڙي آيل شرارتي وارن کي هٽائي ڳلن تي ٿڌڙا هٿ گهمائيندو هو جنهن جي ڇهاءُ سان پِرهه سڪون سان نندرا ديوي جي گود ۾ سمهي پوندي هئي. آڪاش سندس گرم ساهن کي آڱرين سان محسوس ڪندي سندس معصوم مُک تي پيار جا پوپٽ اڏرندي محسوس ڪندو هو. سانت ڀري ماحول ۾ خاموشي اکيون ڦاڙي ٻنهي کي ڏسندي هئي ۽ هُو ٻيئي خاموش هڪ ٻئي ۾ سمائجي ويندا هئا. پِرهه جي سنگ مر مري جسم تي روهيڙن جي گلن جهڙا احساس چٽيل هوندا هئا. ٻيئي ڄڻا هڪ ٻئي کي آغوش ۾ سمائي هڪ ٻئي جي ٻانهن کي سيني سان ورائي پنهنجي هڪ الڳ دنيا جوڙڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا جتي صرف پيار جو نظام رائج هوندو هو، محبت عام هوندي هئي، نفرت تي بندش هئي، پريت جي ريت لاڳو هوندي هئي. سڄي رات چمڪي ستارا به ٿڪجي آرامي ٿيندا هئا، چنڊ ٿڪل ٽٽل قدمن سان ڪجهه پهر سڪون پائڻ لاءِ پنهنجي دنيا ڏي راهي ٿيندو هو ۽ سج پنهنجا وشال پر پکيڙي روشني جي لاٽ سان پنهنجي وجود جو ثبوت ڏيندو هو پر اهي پيار جي راهي پنهنجي منزل ڏي اڻ کٽ پنڌ ڪندي نه ٿڪجندا هئا.
ٻنهي جي اهڙي نينهن اڇل ٻنهي کي ٻه جسم هڪ جان ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو. هڪ پل جدائي برداشت نه ٿيندي هئي. هر وقت هڪ ٻئي سان سهلاڙيل هوندا هئا پوءِ ڪنهن وقت فون، ڪنهن وقت ميسيج، ڪنهن وقت وڊيو ڪال، ڪنهن وقت روبرو پر محبوب جي سڪ ۽ ڇڪ جو سڳو ڪنهن به پل هُنن ٽٽڻ نٿي ڏنو.

18

هُن جي مسلسل محنت ۽ ڪوششن کي ڏسندي اداري آڪاش کي پروموشن ڏيئي کيس ڪراچي جي اسٽيشن تي ڪم ڪرڻ لاءِ گهرائي ورتو حالانڪه هُو حيدرآباد ۾ هاڻي سيٽ ٿي چڪو هو. گهر وارا به گڏ هئا، پِرهه جي محبت ۽ ڪافي وقت رهڻ ڪري سياسي، سماجي ۽ صحافتي حلقي ۾ پڻ سندس واقفيت سٺي ٿي چڪي هئي. پر اڃان به بهتر ۽ اڳتي جي تڙپ هن کي اهو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو ڪنهن به صورت سوَلو نه هو پر جڏهن هن ماضي جي ڏٺل تڪليفن ۽ پاڻ سان ڪيل واعدن کي ياد ڪيو ته هن فيصلو ڪيو ته هُو گهر ڀاتين ۽ پِرهه کي راضي ڪري وٺندو. ان ڪوشش ۾ مشڪل سان ئي سهي پر هُو گهروارن کي آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو پر پِرهه کي سمجهائڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هو.
آڪاش جنهن جي ٿر جي پُرسڪون زندگي گذاري هئي، جتي سج اڀرڻ سان ئي زندگي تازگي جو احساس پاڻ سان گڏ کڻي ايندي هئي ۽ گهر جي بالڪوني ۾ ويهي صبح جي ٿڌڙي هير ۾ گرم چانهه جي سُرڪين سان گڏ اخبار پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو هو. پر پوءِ زندگي جي وراڪن هن کي حيدرآباد آندو، جتي ڪنهن وقت پرسڪون ماحول ۽ ماڻهن جي سادي زندگي هوندي هئي جيڪا هاڻي وڏن شهرن وانگي مشيني ۽ مصروف ٿي چڪي هئي. پر ڪافي وقت رهڻ ۽ پِرهه جي محبت جي ڪري حيدرآباد هُن کي هاڻ محبوب جي شهر جيان عزيز هو پر قسمت هُن کي هتي به رهڻ نه ڏنو ۽ هاڻي هن کي اڳيون ٿاڪ ڪراچي کي بڻائڻو هو.
ٻي طرف پِرهه جي امتحان جي رزلٽ اچي چڪي هئي، جنهن ۾ هُو اتنهائي سٺن مارڪن سان پاس ٿي هئي، هُن کي والد صلاح ڏني ته آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪري ڪراچي وڃي ”آئليٽس“ جي تياري ڪري. صلاح ڏاڍي سٺي هئي پر حيدرآباد ڇڏي آڪاش کان پري وڃي ڪراچي رهڻ هُن لاءِ انتهائي ڪَٺن فيصلو هو، انهي صلاح خوشي سان گڏ چهري تي مايوسي آڻي ڇڏي هئي.
هُو والد جي صلاح آڪاش سان سلڻ لاءِ آفيس پهتي جتي هُو به ٻُڏتر جو شڪار هو، ته هُو ڪيئن پِرهه کان پري وڃي ڪراچي ڊيوٽي ڪندو جيڪو هُن لاءِ انتهائي ڏکيو فيصلو هو. ڪيريئر اڳتي وڌائڻ لاءِ بهترين چانس هو، پر پِرهه کان پري رهڻ هُن لاءِ ممڪن نه هو.
پِرهه اداس اجهاميل چهري سان اچي آڪاش جي سامهون واري ڪرسي تي ويٺي ۽ پريشاني جي ڪيفيتن جي طوفانن کي جهيڙيندي نيٺ ماٺ جو روزو ٽوڙيندي چيائين ”آڪاش مون کي توکي ڪجهه ٻڌائڻو آهي.“
”ها ٻڌاءِ! مون کي به توکي ڪجهه ٻڌائڻو آهي پر پهرين تون ٻڌاءِ ڇا ٿي چوين.“ آڪاش هٿ ۾ جهليل قلم کي ٽيبل تي رکندي چيو.
”اڇا! توکي به ڪجهه ٻڌائڻو آهي ڇا؟ ڇا چوڻو آهي پهرين تون ٻڌاءِ!“ پِرهه آڪاش تي زور ڀريندي چيو.
”نه نه ليڊيز فرسٽ، تون ٻڌاءِ! منهنجي ڪا اهڙي خاص ڳالهه ناهي.“ آڪاش پِرهه کي پهرين ڳالهه سلڻ لاءِ چيو.
”آڪاش! ڳالهه دراصل .... اها آهي .... ته ... هُو .... بابا ..!“ پِرهه پريشاني مان دوپٽي جي ڪناري کي آڱر تي ويڙهندي ڳالهه ڪندي ڪندي رڪجي ويئي.
”ها ٻڌاءِ! ڇا ڳالهه آهي پِرهه.“ آڪاش، پنهنجي سيٽ تان اٿي اچي پِرهه جي ڪلهن تي آٿت مان هٿ رکندي چيو.
”ڳالهه دراصل اها آهي ته!“ پِرهه آڪاش جا هٿ ڪلهن تان لاهي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي ٻيهر رڪجي ويئي.
”مٺڙي! ڳالهه ڇا آهي؟ ڪو معاملو مسئلو ته ناهي نه! ڳالهه کولي ٻڌاءِ پليز!.“ آڪاش سامهون رکيل ڪرسي تي ويهندي چيو.
”آڪاش منهنجي رزلٽ اچي ويئي آهي ۽ آئون تمام سٺين مارڪن سان پاس ٿي آهيان.“ پِرهه آڪاش کي ٻڌائيندي چيو.
”واهه جانان! اهو ته تمام خوشي جي ڳالهه آهي. ان ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ايڏي پريشاني ڇو ٿي رهي هئي؟.“ آڪاش خوشي مان سندس پيشاني چمندي چيو.
”آڪاش بابا چوي ٿو ته آئون آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪريان ۽ ”آئيليٽس“ جي تياري لاءِ ڪراچي جي ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺان جنهن لاءِ مون کي ڪراچي وڃڻو پوندو. پر آئون توکان پري نه ٿي رهي سگهان!“ پِرهه آڪاش جي هٿن کي سوگهو ڪندي اداسي مان چيو.
”اوهه مائي گاڊ! پِرهه خدا سائين ڪيڏو نه اسان تي مهربان آهي. هُن هڪ ئي وقت ڪيڏي نه پلاننگ سان اسان ٻنهي جي ڪراچي وڃڻ جي لاءِ ماحول ٺاهيو آهي.“ آڪاش خوشي مان ڪرسي تان اٿي جهومڻ لڳو.
آڪاش جي ته پريشاني ئي ختم ٿي ويئي هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هُو پِرهه سان پنهنجي ڪراچي وڃڻ جي ڳالهه ڪيئن سليندو پر هاڻي ته مسئلو ئي حل ٿي چڪو هو.
پِرهه آڪاش جي اهڙي ردعمل تي پريشان ٿي ويئي کيس ڪجهه به سمجهه نه آيو. نيٺ ڪرسي تان اُٿي آڪاش کي ٻانهن مان پڪڙيندي پڇيائين. ”آئون پريشان آهيان ڪراچي وڃڻ تي ۽ تون جهومي رهيو آهين.“
”اڙي منهنجي مٺڙي جانان! آئون پاڻ پريشان هئس ته توکي ڪيئن ٻڌائيندس ته مون کي اداري ترقي ڏيئي ڪراچي اسٽيشن تي مقرر ڪيو آهي. جو توکان پري مون لاءِ رهڻ ممڪن نه هو پر خدا سائين اسان جي سچي پيار کي ڏسندي ٻنهي کي هڪ ئي وقت ڪراچي وڃڻ لاءِ رستو هموار ڪري ڏنو.“ آڪاش پنهنجي خوشي بيان ڪندي چيو.
آڪاش جي ڳالهه ٻڌي پِرهه جي مئل جسم ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو هجي ۽ هُو بهار ۾ نئين ٽڙيل گلن وانگي ٽڙي پئي. مرجهايل چهري تي مُرڪن جا گلاب کڙي پيا ۽ خوشي مان لڙڪ لڙي آيا ۽ هُن ڊوڙي وڃي آڪاش جي ڀاڪر ۾ پناهه ورتي ۽ پيشاني چمڻ لڳي.
”پاڳل اهو روئڻ جي نه پر خوشي مان مرڪڻ جي گهڙي آهي.“ آڪاش پِرهه جون پسيل اکيون صاف ڪندي چيو.
”اهي خوشي جا لڙڪ آهن آڪاش. سچ پچ مولا علي رضه جا لک شڪرانه جو هن اهڙو ذريعو پيدا ڪيو جو پاڻ ٻيئي ڄڻا ڪراچي هونداسين.“ پِرهه ٻيهر آڪاش جي ٻانهن ۾ پاڻ کي جڪڙيندي روئي ويٺي.
”بلڪل مولا علي رضه حق آهي. هوُ انتهائي مهربان آهي. هُن کي پنهنجي پيار جي سچائي جي پروڙ آهي، جنهن نه ٿي چاهيو ته اسين ايئن هڪ ٻئي کان پري رهون.“ آڪاش پِرهه جي پيشاني چمندي چيو.
”بيشڪ!“ پِرهه آڪاش جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.
”پر اهو ته ٻڌاءِ ڪراچي ۾ تون اڪيلي ڪيئن ۽ ڪٿي رهنديئن؟“ آڪاش پِرهه کان سوال ڪندي پڇيو.
”ڪراچي ڊفينس ۾ اسان جو پنهنجو فليٽ آهي، بابا بزنس جي سلسلي ۾ ڪراچي ويندو آهي ته اتي رهندو آهي. ڳوٺ جو هڪڙو چاچو فليٽ جي سنڀال لاءِ رکيل آهي، جيڪو بابا جڏهن ويندو آهي ته ماني وغيره به ٺاهيندو آهي ۽ فليٽ جي صفائي وغيره به ڪندو آهي.“ پِرهه آڪاش کي تفصيل ٻڌائيندي چيو.
”پر تون اتي رهنديئن ته اهو چاچو به اتي رهندو ؟“ آڪاش ٻيهر سوال ڪيو.
”نه بابا فيصلو ڪيو آهي ته اسان جي ڳوٺ واري بنگليءَ تي هڪڙي ماسي رهندي آهي جيڪا انتهائي وفادار ۽ پراڻي واسطي واري آهي، اها مون سان اتي ڪراچي فليٽ ۾ رهندي جيڪا منهنجي لاءِ ماني به ٺاهيندي ۽ فليٽ جي صفائي، سٿرائي ۽ سنڀال به ڪندي ۽ اهو چاچو وري ڳوٺ واري بنگلي تي رهندو.“ پِرهه وضاحت سان ڳالهه سمجهائيندي چيو.
”اڇا سهي، سهي، پر ڳالهه ٻڌ!هاڻي اچ رليڪس ٿي ويهه. صبح کان ٽينشن ۾ ڪجهه به نه کاڌو آهي. بک جي ڪري پيٽ ۾ ڪوئا پيا ڊوڙن. پيزا ۽ ڪوڪ آرڊر ٿا ڪيون گڏجي ٿا کائون.“ آڪاش پيزا ۽ ڪوڪ جو آرڊر ڏيڻ لاءِ ٽيبل تي پيل موبائل کڻندي چيو.
”بلڪل مون به ڪجهه نه کاڌو آهي.“ پِرهه معصوم چهرو ٺاهيندي چيو.
ٻنهي جي گُلن جهڙي چهري تي مرڪن جا سترنگي پوپٽ جهرمٽ ڪري مِڙي آيا.

19

ڪجهه ڏينهن بعد آڪاش سامان سهيڙي سڃاڻپ واري ٽئڪسي ڊرائيور چاچي برڪت سان گڏ پنهنجي نئين منزل ڪراچي ڏي نڪتو هو.
ميٽروپوليٽن سِٽي ”ڪراچي“ جي گوڙگهمسان ۽ مشيني زندگي، ماڪوڙين وانگر رينگندڙ هزارين گاڏيون ۽ ماحول کي دونهاٽيندڙ دونهون جنهن آسپاس جي ماحول سان گڏ وڏن شهرن جي ماڻهن جي ذهنن تي به دز چاڙهي ڇڏي هئي. گهڻ ماڙ عمارتون، رستن تي آويزه مختلف ڪمپنين جي شين جي وڪري ۽ مشهوري جا هولڊنگس، پينافليڪس، سگنلس تي خيرات وٺندڙ فقيرن جا جهڳٽا، هر طرف هر پاسي سهڻن گلاب جي گلن جهڙن مهڪندڙ چهرن جي آمدرفت، سهڻيون سٺيون وڏيون گاڏيون، تنهن ۾ سوار ننڍي دل وارا ماڻهو، سگنل تي ٽريفڪ پوليس وارن سان موٽرسائيڪل سوارن جا تڪرار، بس هرڪو ئي پنهنجي ڪِرت ۾ مصروف عمل هو. ڪراچي جي رستن تي اسڪول، آفيسن جي ٽائيم هئڻ جي ڪري رستي تي انتهائي گهڻي ٽريفڪ جام هئي. گاڏي ڪراچي جي ٽريفڪ جام وارو عذاب سهندي سهندي نيٺ وڃي منزل تي پهتي ۽ ٽئڪسي ڊرائيور چاچي برڪت هُن کي سندس آفيس جي مين گيٽ وٽ لاهي گاڏي آفيس پارڪنگ ۾ بيهاري.
ڪراچي جي پوش علائقي ۾ واقع سندس آفيس جو گيٽ ڳاڙهي ۽ نارنگي رنگ جي گلن جي گيٽ وَل سان سينگهاريل هو. ڪشادي مين گيٽ سان گڏ برابر ۾ ماڻهن جي آمدرفت لاءِ سنگل ڊور سائيز جو گيٽ به هو، جيڪو ڪراس ڪري هُو اندر داخل ٿيو. آفيس جي آڳنڌ ۾ قسمين قسمين جي گلن، ٻوٽن جون ڪونڊيون چوءطرف رکيل هيون، جن مان من کي معطر ڪندڙ خوشبوءَ اچي رهي هئي، اندر ايندي ئي اڱڻ ۾ بيٺل آفيس جي اسٽاف سان دعا سلام کان پوءِ هُو آفيس اندر داخل ٿيو.
هُو آفيس جو مين گلاس ڊور کولي داخل ٿيو، جيڪو ڪاريڊور ۾ کليو ٿي، ڪاريڊور جي ديوارن تي خوبصورت وال پيپر لڳل هو ۽ ڇت تي فينسي جهومر پڻ لٽڪيل هئا، ديوارن تي به شيشي جا رنگ برنگي بلب لڳل هئا، ڪاريڊور ۾ پڻ مختلف گلن جون ڪونڊيون پيل هُيون ۽ ديوارن تي لڳل خوبصورت پئنٽنگس آويزان هيون.
سامهون رِسپشنٽ چيمبر هو، جتي آفيس جي مين ٽيليفون ايڪسچينج هئي جتان سموري آفيس جو رابطو ٿيندو هو. انهي ڪائونٽر جي سامهون جو نظر پيس ته هڪڙي چيمبر ۾ رِوالونگ چيئر تي کيس هڪ خوبصورت چهرو ڏسڻ ۾ آيو، انتهائي سِلم فگر، هَلڪي برائون ڪلر جي ويس ۾ ملبوس ۾ ڀُورو رنگ، ڪارا ڊگها وار جنهن کي هن بار بار هٿ سان گسڪائي ڪن جي پويان سيٽ ڪيو ٿي ته کن پل ۾ ٻيهر اچي سندس ڳلن کي ڇُهيو ٿي، سنهڙا چپ جن تي هلڪي لپسٽڪ لڳل هئي، سمنڊ جهڙيون وشال اکڙيون جنهن کي هڪ نظر ۾ ڏسجي ته ماڻهو ان ۾ ٻڏي ئي ٻڏي.
”السلام عليڪم، واعليڪم سلام“.
هُنن هڪٻئي کي ڏٺو ۽ سلام ڪيو، پوءِ هُو اڳتي وڌي ڪاريڊور ڪراس ڪري پنهنجي باس جي روم ڏي هليو ويو. باس سان ميٽنگ مڪمل ڪري ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ ٻاهر سينيئر رپورٽر جي ڪيبن ۾ آيو.
سَفاري سوٽ ۾ ملبوس پورو پُنو قد، رنگ جو ڀورو خوشمزاج شخص سليمان جيڪو سينيئر اسٽاف رپورٽرهو، جنهن سان هُن جي آفيس جي ڪمن ڪارن جي ڪري تمام گهڻي ويجهڙائي هئي ۽ هڪ ٻئي سان تمام گهڻو فرينڪ به هئا. وُوڊ شِيٽس ۽ اليُومينم سان ٺهيل سهڻي ڪيبن جيڪا پڻ خوبصورت وال پيپرس سان سينگهاريل هئي. شيشي جي سهڻي سينٽر ٽيبل جنهن تي ڪيترائي آفيس فائيل رکيا پيا هئا، سائيڊ ٽيبل تي ڪمپيوٽر سيٽ ۽ ٽيبل جي پاسي ۾ ٽيليفون سيٽ رکيل هو، سندس مدد لاءِ هڪ اسِسٽنٽ پڻ هو، جيڪو ساڄي پاسي ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هو.
”مٺڙا آڪاش ڪهڙا حال احوال. اچ، اچ.“ سينيئر رپورٽر هُن کي ڪمري ۾ ايندو ڏسي اٿي ڀاڪر پائي مليو ۽ هٿ ملائي ويهڻ لاءِ چيائين.
”سائين مالڪ جا ڪرم!“ هن به جواب ۾ هٿ ملائي ڪرسي سرڪائي ويهندي چيو.
”ڇا پيئندين چانهه، گرين ٽِي يا ڪولڊ ڊرنڪ؟“ سليمان ريموٽ بيل تي ڪلڪ ڪندي پڇيو.
”چانهه پيئندس، جي ممڪن هجي ته! نه ته بس خير آ.“ هُن کيس وراڻي ڏيندي چيو.
”ها مٺا ڇو نه!“ اندر آيل پٽيوالي کي سليمان پئسا ڏيندي چيو ته ”جلدي کير ۽ بسڪيٽ وٺي آ ۽ سُٺي چانهه ٺاهي وٺ“.
”جي سائين!“ پٽيوالو پئسا وٺي روانو ٿي ويو.
”باس تو کي به بخش نه ڪيائين ٿريئي کي نيٺ ڪراچي وٺي آيو!“ سليمان مرڪندي ٻيهر ڳالهه جوڙيندي چيائين.
”ها سائين بس چوندا آهن ته ”نوڪر ڪي ته نکرا ڪي“ سو اسان کي جتي مقرر ڪن اسين حاضر! اسين ٿريا هونئن به سورن جا ڏاڍا آهيون.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”ٿر تان ياد آيو، سهڻا ڏي خبر ماروئڙن جو ديس ٿر ڪيئن آهي؟“ سينيئر رپورٽر ٿر جي صورتحال متعلق سوال ڪندي پڇيو.
”صورتحال اها ئي آهي جيڪا روز ميڊيا ۾ رپورٽ پئي ٿئي سائين! ٿر، ماروئڙا ۽ تڪليفون! بس چولِي، دامن جو ساٿ آهي، بس پيو جهان هلي، سورن جا اسين ٿريا ڏاڍا آهيون. اهي ساڳيا مسئلا، ساڳيا ڏک ڏولاوا، جيڪي ٿرين تان ٽرڻ جو نالو ئي نٿا وٺن. حڪومت آهي جيڪا نعرا، جلسا ۽ واعده ڪرڻ ۾ پوري آهي ۽ خلق وري جيئي جيئي ڪرڻ ۾ پوري آهي. بس پيو جهان هلي جڏهن وڃي ڪا موءثر تبديلي اچي.“ هُن ڪرسي گسڪائي ٽيبل جي ويجهو ڪري ٻانهون ٽيبل تي رکندي چيو.
”بس پيارا! حالت هر پاسي ئي ساڳيءَ آهي، ڪراچي کي ڏس ڀلا! ميٽروپوليٽن سٽي آهي، ملڪ جو روينيو حب آهي، مِني پاڪستان آهي پر مجال آهي جو حڪمرانن کي ڪو احساس ٿئي، رستي تي ڪچرن جا ڍير، گٽر کليل، پاڻي جي کوٽ، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ مطلب مُٺ مُٺ سور سڀ ڪنهن کي آهن، بس ڪٿي سور ٿورا سَوايا آهن.“ سينيئر رپورٽر سليمان پڻ سندس ڳالهه کي وزن ڏيندي چيو.
”سائين ڏيو خبر! رِسپشنٽ ڪيبن جي سامهون چيمبر ۾ هڪ نئون چهرو پيو ڏسڻ ۾ اچي، اهو وري ڪڏهن کان؟“ ڪجهه ساهتن کان پوءِ هُن سليمان کان مُرڪندي پڇندي چيو.
”نئين رپورٽر آهي تقريبا هڪ هفتو ٿيو آهي هن کي هتي مقرر ٿيڻ کي. پهرين جيڪا رپورٽر سعديه هئي سا شادي کان پوءِ صحافتي نوڪري ڇڏي ويئي. آفيس کي في.ميل رپورٽر کي ضرورت به هئي.“ سليمان ٽيبل تي سامهون کليل فائيل تي پينسل سان ڪجهه نوٽنگ ڪندي چيو.
”صحيح، صحيح، تمام سٺو.“ هُن ڪرسي تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
”هن ڇوڪري تازو جنرلزم پاس ڪئي آهي، في الحال انٽرنشپ تي آئي آهي، اڳتي هلي مستقل ٿي سگهي ٿي. باس پنهنجي ڪنهن دوست جي ريفرنس تي رکيو آهي.“ سليمان ٻيهر هن کي ٻڌائيندي چيو.
”صحيح، صحيح، صاحب جي هونئن به سليڪشن سٺي هوندي آهي!“ آڪاش سليمان ڏي نهاريندي معنيٰ خيز لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو.
”هاهاها .... هاهاهاها“ ٻيئي کلي پيا.
”چڱو ڇڏ ان ڳالهه کي، بيورو چيف صاحبه سان ملاقات ٿي يا نه؟“ سليمان ڳالهه مٽائيندي چيو.
”نه فرسٽ فلورتي ويو ئي ناهيان، هاڻ وڃان ٿوميڊم تنوير ڏانهن، باس کان هاڻي فارغ ٿي سڌو توهان وٽ ئي آيو آهيان.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
ميڊم تنوير، شهري عورت هئڻ ڪري هڪ آزاد زندگي بسر ڪندي هئي، قد جي پوري پُني ۽ سهڻي رنگ روپ، ميڪ اپ ۽ خوبصورت ويس پهرڻ جي ڪري پنهنجي اصل عمر کان ننڍي لڳندي هئي. ميڊم تنوير ڪم جي حوالي سان پنهنجي مزاج ۾ ڏاڍي سخت هوندي هئي، ڪم چور ماڻهن کان کيس سخت نفرت هئي. محنتي اسٽاف کي ڏاڍو ڀائيندي هئي ۽ سندن خيال به رکندي هئي. آڪاش سان سندس ڪم جي سچائي ۽ محنت جي ڪري وڌيڪ ذهني هم آهنگي هوندي هئي جنهن ڪري کيس وڌيڪ ترجيح ڏيندي هئي ۽ ان محنت ڪارڻ ئي کيس پروموشن ڏيئي ڪراچي اسٽيشن تي مقرر ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي هئي.
ڪجهه دير بعد ڪمري جي دروازي کلڻ جو آواز ٿيو، رِسپشنٽ ڪئبن جي سامهون چيمبر ۾ ويٺل ساڳئي ڇوڪري ڪو فائل کڻي سينيئر رپورٽر سليمان جي روم ۾ داخل ٿي هئي. وارن جي چڳن کي ڪنن پويان واريندي پنهنجي سنهڙي آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيائين؛
”سَر هيءَ فائل وٺو، مون هن رپورٽ تي ورڪنگ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، توهان هڪ نظر هن کي ڏسي وٺجو ته جيئن فائينل فيلڊ ورڪ ڪجي.“ هُن ڇوڪري ڪنهن نيوز اسٽوري جو فائيل سينيئر رپورٽر کي ڏيندي چيو.
جهڙي شڪل ۽ رنگ روپ جي سهڻي هئي تهڙو ئي سندس آواز دلڪش ۽ انداز دلفريب هوس. هُن جي لفظن جي ادائگي ۽ مٺاس سامهون واري کي من موهت ٿي ڪري ڇڏيو. حياءَ جا سمورا رنگ سندس چهري تي نکري ٿي پيا هن ڳالهائڻ دوران بار بار چنري جي پلئه کي هٿن سان مروڙيو پيئي ۽ وري جڏهن هيٺيئن چپ کي ڏندن ۾ ڏيئي ڀڪوڙيو ٿي ته حسن جي علامت جا سمورا دلڪش عڪس نظرن جي سامهون ٿي پسيا.
”ٺيڪ آهي آئون هن کي ڏسي ٿو وٺان.“ سليمان فائيل وٺندي چيو.
”اِرم! توهان جي هِن سان ملاقات آهي؟“ سينيئر رپورٽر، آڪاش ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”جي نه سر! پهريون ڀيرو ڏٺو آهي آفيس ۾!“ هُن ڇوڪري ناڪار ۾ وراڻي ڏيندي چيو.
”اڇا! هيءَ آڪاش صاحب آهن، حيدرآباد اسٽيشن تي رپورٽر طور ڪم ڪندا هئا، هاڻي هن کي ڪراچي اسٽيشن تي مقرر ڪيو ويو آهي، توهان کي هن سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو موقعو ملندو.“ سليمان آڪاش ڏانهن هٿ سان اشارو ڪندي ارم سان مخاطب ٿيندي تعارف ڪرائيندي چيو.
”اڇا صحيح، تمام سٺو. نائيس ٽُو ميٽ يُو!“ اِرم آڪاش ڏانهن مسڪرائيندي چيو.
”ٿينڪ يُو.“ آڪاش پڻ مسڪرائيندي چپن ۾ ڀُڻڪيو.
ارم فائيل ڏيئي واپس پنهنجي نِشست ڏي موٽي ويئي.
ايتري ۾ پٽيوالو چانهه، بسڪيٽ کڻي آيو ۽ هُو چانهه پيئڻ لڳا.

20

شام جي وقت فارغ ٿي آڪاش آفيس مان نڪتو، ڪار دو تلوار ڪراس ڪندي اچي مين روڊ تي چڙهي جتان هُن ڊرائيور کي پنجاب چورنگي ڏانهن هلڻ لاءِ چيو، پنجاب چورنگي جو سگنل بند هئڻ ڪري ڊرائيور بريڪ ڏيندي ڪار روڪي، هي سگنل گرين ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا، ته سندس ڪنن تي موبائل جي رنگ جو آواز پيس، سامهون ڊيش بورڊ تي پيل موبائيل فون کڻندي ڪال اوڪي ڪندي هيلو ئي ڪيو ته سامهون کان آواز آيو، ”مٺڙا سائين ڪٿي پهتين؟“
(سندس پڳ مٽ دوست ڪَريم هو، جيڪو ڪجهه وقت پهرين حيدرآباد مان يونيورسٽي مڪمل ڪري ڪراچي پهتو هو. جتي هُو آمريڪا جي يونيورسٽين ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ لاءِ ”آئليٽس“ ٽيسٽ جي تياري ڪري رهيو هو. آڪاش کي به هاڻ ڪراچي ئي ڪم ڪرڻو هو، سو هُن ڪريم سان شيئرنگ ۾ فليٽ تي رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هونئن به آڪاش جڏهن حيدرآباد آيو هو تڏهن به ڪريم سان رهندو هو ۽ هاڻي ڪراچي آيو هو تڏهن به گڏجي رهڻ جو فيصلو ڪيائين.)
”بس ويجهو ئي آهيان، پنجاب چورنگي تي سگنل گرين ٿئي ته بس پنج منٽن ۾ پهتس.“ آڪاش ڪريم کي موبائل تي جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي پوءِ آئون فليٽ تان هيٺ لَهي ٿو اچان!“ ڪريم جواب ڏنو.
”ڇو ڪيڏانهن هلڻو آهي ڇا؟“ آڪاش سوال پڇندي چيو.
”ها في الحال سِي وِيو ٿا هَلون، هَلي سمنڊ جي لهرن جو مزو ٿا وٺون، واپسي ۾ ماني کائي پوءِ يَڪو اچي فليٽ تي آرام ٿا ڪريون.“ سندس دوست جواب ڏيندي چيو.
”مٺڙا! پهرين ٿورو باٿ وٺي فريش ته ٿيان، پوءِ ٿا هَلون ٻاهر، ڇو جو صبح جو نڪتل آهيان، سفر ڪري ڪراچي پهتس ۽ سڌو آفيس ويس، سڄو ڏينهن آفيس ۽ ڪم، هاڻي جسم کائڻ ٿو اچي، پهرين فريش ٿي پوءِ ٿا ٻاهر هَلون. پِرهه به ٽيسٽ جي تياري جي سلسلي ۾ ڪالهه کان ڪراچي شفٽ ٿي آهي، کيس به ميسيج ڪيو آهي پوءِ ان کي به فليٽ تان وٺي، گڏجي ٿا هلون.“ آڪاش دوست کي زور ڀريندي چيو.
”ٺيڪ آ جاني! جيئن تنهنجي مرضي! پوءِ سڌو اچ فليٽ تي، آئون انتظار ٿو ڪريان.“ ڪريم ڳالهه مڃندي چيو.
”ها صحيح آهي، سگنل به گرين ٿي ويو آهي، آئون بس پهچان پيو.“ آڪاش دوست کي وراڻيندي چيو.
ڪار پنجاب چورنگي ڪراس ڪندي اچي پنجاب ڪالوني پهتي، ڪار پارڪ ڪري، ڊرائيور چاچي برڪت ليپ ٽاپ ۽ ڪپڙن واري بيگ لاٿي،ٽين منزل تي پهچي هُن فليٽ جي گيٽ تي لڳل ڊور بيل وڄائي ته سندس دوست گيٽ کوليو ۽ هيءُ اندر داخل ٿيا.
پنجاب ڪالوني غريب آباد ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي ڪالوني هئي، شاگردن، نوڪري جي تلاش ۾ گهمندڙ بي روزگارن ۽ نوڪري پيشه ماڻهن جي رهائش جي لاءِ بهتر هئي. اڪثر ڪراچي جي يونيورسٽين ۽ اڪيڊمين ۾ پڙهندڙ شاگرد هتي ئي شيئرنگ بيسز تي فليٽن ۾ رهيل هئا ۽ ٻين شهرن جا ڪراچي ۾ نوڪري ڪندڙ نوجوان پڻ هتي ئي دوستن سان گڏيل طور تي رهيل هئا. ڪراچي جهڙي شهر جي هڪ ڪالوني هئڻ باوجود به سهوليتون هتي به نالي ماتر هيون. بجلي جي اکٻوٽ ۽ وري ڳرا بل، پاڻي جي اڻهوند معمول بڻيل هو پر شاگردن ۽ هڪ عام نوڪري پيشه ماڻهو لاءِ وري به برداشت لائق هئي.
”اسان جا ڀاڳ ڀلا جو مس مس مٺڙي جو ديدار ٿيو، اڳي ته اڃان به آفيس ڪم سان جلدي ايندو هئين، هن واري ڪافي وقت ٿي ويو آهي جو ديدار ئي نه ڪرايو.“ سندس دوست ڪريم کيس ڳراٽڙي پائيندي قرب مان چيو.
ڪريم ڊگهي قد ۽ رنگ جو هلڪو سانورو، يارويس ۽ مزاحيه طبيعت جو مالڪ هو، هر وقت اسٽائلش نئي ڊزائين جي هيئر اسٽائل رکندڙ هي نوجوان هر وقت مسڪرائيندو ۽ مرڪون پکيڙيندو رهندو هو.
”هايار ڪرَيم واقعي هن دفعي ڪافي وقت ٿي ويو آهي ڪراچي آئي کي.“ آڪاش پڻ ڀاڪر جو ڪلهو مٽائيندي چيو.
سندس دوست ڪريم، ڊرائيور کي هٿ ڏيندي لائونج طرف ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ٻئي اچي روم ۾ ويٺا.
”تون اڄ اڪيلو ويٺو آهين فليٽ پارٽنر ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ڇڏي ڏنو آهي ڇا؟“آڪاش ٿڪاوٽ مان فرش تي پيل ميٽريس تي آهلندي سوال ڪندي چيو.
”ها جاني تو جو چيو هو ڪراچي شفٽ ٿيڻ لاءِ، سو هُن کي ٻيءَ هنڌ شفٽ ٿيڻ جو چيم.“ ڪريم جواب ڏيندي چيو.
”مٺڙا ايڊجسٽمينٽ ڪري وٺون ها، خير هو گڏجي رهي پئون ها.“ آڪاش وراڻي ڏيندي چيو.
”آئون پرائيويسي ۾ يقين رکندو آهيان ڪمرا آهن ٽوٽل ٻه. هڪ ۾ آئون رهان ٿو ٻيءَ ۾ تون رهين ها ته هُو ڪٿي رهي ها؟ ڪنهن سان هڪ ئي ڪمري ۾ گڏجي رهڻ سان هر ڪنهن جي پرائيويسي ڊسٽرب ٿئي ها ان ڪري کيس ڪنهن ٻيءَ فليٽ ۾ منتقل ٿيڻ جو چيم.“ ڪريم منطق بيان ڪندي چيو.
”چڱو مٺا جيئن توکي مناسب لڳي.“ آڪاش وهاڻو مٿي هيٺيان ڏيندي چيو.
”ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون ٻڌاءِ سفر ڪيئن رهيو؟ پهريون ڏينهن آفيس ۾ ڪيئن رهيو؟ ۽ مبارڪون پروموشن جون، وڏي اسٽيشن جون، وڏي پگهار جون، ٽريٽ ٿي ويئي.“ ڪريم مستي ڪندي چيو.
”سفر بهتر رهيو. آفيس جوائننگ ڪئي آهي پهريون ڏينهن هو سو اسٽاف سان ملڻ ۾ گذري ويو. باقي ٽريٽ جام پيارا حڪم کپي تنهنجو.“ آڪاش سموري ڏينهن جو احوال ٻڌائيندي چيو.
”نيٺ پِرهه جي سڪ توکي ڪراچي وٺي ئي آئي.“ ڪريم اک هڻندي مستي مان چيو.
”هاها...هاها، ايئن ناهي پيارا! اهو چوڻي آهي نه ته ”نوڪري ڪي تي نکرا ڪي“، سو جتي مالڪ چوندا هليا اينداسين.“ آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”خير سٺو ٿيو يار! تون اچين وئين، هتي اڪيلائي ٿيندي هئي سواءِ تنهنجي.“ ڪريم جي اکين ۾ پنهنجائپ جو احساس اڀري آيو هو.
”جاني مون کي جڏهن به ضرورت پئي آهي ته تنهنجو هميشه ساٿ مليو آهي، منهنجي خوش نصيبي آهي جو تو جهڙو جگري يار مليو آهي، جنهن سدائين منهنجي مدد ڪئي آهي. ٿر ڇڏي حيدرآباد آيس تڏهن به تو ٻانهون کولي منهنجي مدد ڪئي ۽ ڪڏهن اڪيلائي جو احساس ٿيڻ ڪونه ڏنو ۽ منهنجي خوشنصيبي ته ڏس جو ترقي ڪري ڪراچي پهتس ته اتي به تو جهڙي مٺڙي جاني جو ساٿ مليو. مهرباني يار!“ آڪاش وڌي وڃي ڪريم کي ڳراٽڙي پائيندي چيو، لفظ اچاريندي اکين ۾ آب ڀرجي آيو هو.
”واهه جاني دوست به چوين ٿو ۽ مهرباني چئي پرايو به ڪرين ٿو، ايئن ته لفظن جا تير هڻي مار ته نه مٺا!” ڪريم اکين ۾ تري آيل پاڻي صاف ڪندي چيو.
”چڱو ٺيڪ آ مٺا کير پيل آهي فليٽ تي يا هيٺيان گهرائڻو پوندو، ڊرائيور کي واپس روانو ڪرڻو آهي، ڪار ڪرائي تي کڻي آيو آهيان، کيس چانهه پياري پوءِ واپس روانو ڪجي.“ آڪاش موضوع بدلائيندي چيو.
”چانهه کوڙ مٺڙا! کير پيو آهي فرج ۾، تون ٿڪل هوندين وهنجي اچ ايتري ۾ آئون چانهه ٺاهي ٿو وٺان.“ ڪريم وراڻي ڏيندي چيو.
”ايئن به ٺيڪ آهي.“ آڪاش ٽوال کڻندي چيو.
آڪاش اُٿي باٿ روم ويو، فريش ٿي سڀني چانهه پيتي، ڊرائيور کي ڪرائي جا پئسا ڏيئي واپس حيدرآباد روانو ڪيو.
بعد ۾ پاڻ ٻيئي ڄڻا فليٽ تان لَهي، پِرهه ڏي ويا جتان کيس ساڻ ڪري سمنڊ ڪناري ڏانهن نڪري ويا.

21

ڪجهه ئي ڏينهن ۾ آڪاش ڪراچي جي صحافتي ماحول کي پرکي ويو. ننڍين اسٽيشن تي سمورا مسئلا هڪ ئي رپورٽر کي ڪَور ڪرڻا هوندا آهن، پر هتي هر فيلڊ لاءِ الڳ رپورٽر هو ۽ هُن کي صحافتي ٻولي ۾ ”سياسي بِيٽ“ سان گڏ اسپيشل اسائنمينٽ جو رپورٽون فائيل ڪرڻيون هيون جيڪو هن لاءِ ڪَور ڪرڻ ايترو مشڪل نه هو، ۽ هُو هميشه جيان پنهنجي ڏنل ٽاسڪ تي پورو لهندو هو. پنهنجي ملڻسار طبعيت ۽ نرم مزاج لهجي جي ڪري ڪجهه ئي وقت ۾ آفيس ۾ پنهنجي لاءِ سٺي جڳهه قائم ڪري ويو هو.
آفيس ۾ هرڪوئي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، هُو سڀني سان دعا سلام کان پوءِ ڪا نيوز ايڊٽ ڪرائڻ لاءِ ايڊيٽنگ روم ۾ داخل ٿيو ته هُن ڏٺو ته ڪمپيوٽر آپريٽر موجود نه هو پر اڪيلي اِرم ڪمپيوٽر تي پنهنجي ڪنهن اسٽوري تي ايڊيٽنگ جو ڪم ڪري رهي هئي. آڪاش به سوچيو ٿورو ڪم آهي بجاءِ ڪمپيوٽر آپريٽر جي انتظار ڪرڻ جي پاڻ ئي ڪري وٺي، اهو سوچي هُو پڻ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪرڻ لڳي ويو.
سلام دعا ڪرڻ کان پوءِ ٻيئي ڄڻا پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا.
”آڪاش“
ڪافي دير کانپوءِ ارم کيس پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ لاءِ سڏيو.
”جيءُ“
هُن نظرون ڪمپيوٽر مان هٽائي هُن ڏانهن نهاريندي چيو.
”توهان جنهن ڪمپيوٽر تي ڪم ڪيو پيا، ان ۾ منهنجي اسٽوري جا ڪجهه ڪِلپس پيل آهن، اگر توهان پريشان نه ٿيو ته پليز ڪاپي ڪري ڏيئي سگهو ٿا.“ اِرم يو.ايس.بي ڊرائيو ڏانهس وڌائيندي چيو.
”جيءُ ها بلڪل ڏيو ته آئون ڪاپي ڪري ٿو ڏيان، ان ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ هُن ارم کان پِن ڊرائيو وٺندي چيو.
”مهرباني مون سمجهيو توهان ڪنهن بريڪنگ اسٽوري تي ڪم ڪندا هوندا.“ ارم ٻيهر شڪريو ادا ڪندي چيو.
”خير آهي اسٽوريز پيون ٺهنديون.“ آڪاش دلجاءِ ڏيندي چيو.
ايتري ۾ آفيس جو پٽيوالو چانهه کڻي ايڊيٽنگ روم ۾ پهتو ته پريشان ٿي ويو ٽري ۾ ڪوپ هڪڙو هو پر هُو ٻه ڄڻا ويٺا هئا.
”ميڊم مون کي توهان هڪڙو ڪوپ چيو هو چانهه جو. توهان چانهه وٺو سائين لاءِ ٻيو ڪوپ کڻي ٿو اچان.“ پٽيوالي چانهه جو ڪپ ٽيبل تي رکندي چيو.
”ها ٺيڪ آهي، هڪ ٻيو ڪوپ کڻي اچ.“ اِرم پنهنجو ڪوپ آڪاش ڏانهن وڌائيندي چيو.”توهان چانهه وٺو، آئون ٻيو ڪوپ کڻي ٿو اچي اهو پيئان ٿي.“
”مون هاڻ ئي پيتي آهي توهان وٺو، مون کي طلب ناهي.“ آڪاش چانهه جو ڪوپ اِرم ڏانهن واپس سرڪائيندي چيو.
”بلڪل پيتي هوندي پر هيءَ به پي ڇڏيو خير آهي ڪجهه به نه ٿيندو.“ اِرم زور ڀريندي چيو.
”چڱو ٺيڪ آهي.“ آڪاش ڪوپ پنهنجي طرف رکندي چيو.
”آڪاش“
”جيءُ“
”توهان ڪيتري وقت کان صحافت پيا ڪيو؟“ ارم ٻيهر ڳالهه جو سلسلو جوڙيندي چيو.
”بس ڪجهه ئي سال ٿيا آهن، ايترو گهڻو سينيئر ناهيان بس دوستن کان ڪافي ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي.“ آڪاش چانهه جي سُرڪ ڀريندي چيو.
”پر توهان ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي ڪجهه سکيو آهي. توهان جي لائين لينٿ، اسٽوري اينگل، ڪافي ميچوئر لڳندي آهي. مون آرڪائِيوَ ۾ توهان جا ڪافي پئڪيج ڏٺا آهن.“ اِرم ڪجهه وار کليل هئڻ ڪري هيئر ڪلپ کولي ٻيهر وارن جو جهڳٽو ٺاهي ڪلپ هڻندي چيو.
”جي مهرباني.“ آڪاش مُسڪرائيندي شڪريو ادا ڪندي چيو.
پٽيوالو ٻيهر ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ چانهه جو ڪوپ ارم کي ڏيندي ٻاهر نڪري ويو.
”توهان اصل ڪراچي جا ئي آهيو؟“آڪاش چانهه جو خالي ڪوپ ٽيبل تي هڪ پاسي رکندي چيو.
”جيءُ اسين ڪراچي جا ئي آهيون.“ ارم چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ کڻندي چيو.
”اڇا، صحيح.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”توهان پهرين حيدرآباد اسٽيشن تي ڪم ڪندا هئا؟“ ارم ڳالهين جي سلسلي کي برقرار رکندي سوال ڪيو.
”جيءُ ها! ان کان پهرين آئون ٿر ۾ ڪم ڪندو هوس جتي اصل منهنجو گهر آهي.“ آڪاش کيس جواب ڏيندي چيو.
”اڇا صحيح.“ اِرم سُرڪ ڀري پنهنجو ڪوپ ٽيبل تي رکندي چيو.
”جي ها پر آفيس ڪم سان ڪراچي اچڻ ٿيندو رهندو هو.“ آڪاش موبائل اسڪرين تي آيل ڪو ميسيج چيڪ ڪندي چيو.
”اڇا صحيح مون به هاڻي جرنلزم مڪمل ڪئي آهي. بابا جي ڪنهن دوست جي ريفرنس سان هتي في الحال اِنٽرنشپ پئي ڪيان بعد ۾ مستقل نوڪري لاءِ تجربو ٿي ويندو.“ ارم پڻ پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو.
”اها سٺي ڳالهه آهي جو ڇوڪريون پڻ جرنلزم ڏانهن اچڻ شروع ٿيون آهن، جيڪو سُٺي شروعات آهي، توهان کان پهرين به اسان جي هڪ پراڻي ڪُليگ سعديه ڪم ڪندي هئي جنهن پڻ جرنلزم ۾ ماسٽر ڪئي هئي، انتهائي سٺي ۽ بااخلاق ڇوڪري هئي.“ آڪاش فائيل ڪاپي ڪري يو.ايس.بي واپس ارم کي ڏيندي ٻڌايو.
”آئون به سُٺي ئي آهيان.“ ارم مسڪرائيندي چيو.
”ها..ها...ها منهنجي چوڻ جو مطلب انتهائي خوش اخلاق، خوش مزاج هوندي هئي، سندس مڱيندو راضي نه هو ته هُو جاب ڪري، انڪري چيائين پئي ته جلد ئي نوڪري ڇڏي ڏيندي.“ آڪاش تفصيل سان جواب ڏيندي چيو.
”اڇا ايترو ويجهي هئي ڇا جو توهان سان ذاتي مسئلا به شيئرڪندي هئي.“ اِرم ڏانهس ڏسندي پڇيو.
”جيءُ اِرم اسان جي وچ ۾ سٺي انڊراسٽينڊنگ هوندي هئي ۽ هونئن به اعتبار وڏي ڳالهه هوندي آهي، هُن جو مون تي ايترو اعتبار ۽ يقين هوندو هو تڏهن ئي ته هُو پنهنجا ڏک سک شيئر ڪندي هئي ۽ آئون پڻ.“ آڪاش چهري تي تاثرات آڻيندي چيو.
”جيءَ بلڪل اعتبار ئي وڏي ڳالهه هوندي آهي هونئن به مون محسوس ڪيو آهي ته توهان هر وقت مثبت ڳالهيون ٿا ڪريو ۽ ٻيءَ جي باري ۾ سٺي سوچ ٿا رکو.“ اِرم بال پوائنٽ کي ڏندن وچ ڀڪوڙيندي چيو.
”توهان سٺا آهيو ته سڀ سٺا آهن، توهان ٻيءَ جي گلا ڪندوء ته لازمي سامهون وارو به توهان جي تعريف ته نه ڪندو. سو هميشه ٻيءَ جي ڀلائي جو سوچيو مالڪ توهان جي چڱائي ڪندو.“ آڪاش پراعتماد جواب ڏيندي چيو.
”لڳي ٿو ته توهان مون کي پنهنجي ڳالهين جي سحر ۾ آڻي ڇڏيندا.“ اِرم مسڪرائيندي چيو.
”هاها...هاها خير اهڙي ڳالهه ناهي.“ آڪاش مسڪرائيندي وراڻيو.
”ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪڙي ڳالهه چوڻ ته وساري ويٺس ته اڄ منهنجو جنم ڏينهن آهي، منهنجي ڪجهه دوستن پاران اڄ شام پارٽي رکيل آهي، جنهن ۾ صرف ڪجهه سليڪٽيڊ دوستن کي گهرايو آهي، جنهن جي توهان کي پڻ دعوت آهي. پليز ضرور اچجو، مون کي خوشي ٿيندي.“ اِرم کيس پنهنجي ”برٿ ڊي پارٽي“ جي دعوت ڏيندي چيو.
”اوهه، واهه سڀ کان پهرين توهان کي جنم ڏڻ جو کوڙ ساريون مبارڪون. مالڪ توهان کي سدا خوش رکي، خوشحال رکي. ايئن مسڪرائيندا رهو ۽ مرڪون وکيريندا رهو.“ آڪاش کيس مبارڪون ڏيندي چيو.
”مهرباني توهان جي، پر اچجو ضرور بس ڪجهه دوستن جي ئي ننڍي گئڌرنگ آهي.“ اِرم ٻيهر پارٽي ۾ اچڻ لاءِ زور ڀريندي چيو.
”اڇا ڪيتري برٿ ڊي آهي ۽ توهان اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙي هنڌ آهي؟“ آڪاش شرارت مان پڇندي چيو.
”هاها...هاها ڇوڪري کان ڪڏهن به عمر ناهي پڇبي، هُو سدا جوان ئي هوندي آهي.“ اِرم مسڪرائيندي وراڻيو.
سمورو ڪمرو ٻنهي جي مسڪراهٽن جي خوشبوءِ ۾ واسجي ويو.
”پر ايڊريس به نه ٻڌائي.“ آڪاش مسڪراهٽن کي سهيڙيندي چيو.
”ايڊريس دوست کان پڇي پوءِ توهان کي آئون ميسيج ڪري ڇڏينديس.“ اِرم پڻ مرڪون سميٽندي جواب ڏنو.
”ايئن به صحيح آهي.“ آڪاش ڪمپيوٽر اسڪرين ڏانهن نهاريندي چيو.
ٻيئي ڄڻا ڪافي دير تائين ايڊيٽنگ سان گڏ گفتگو ڪندا رهيا.

22

”آڪاش ڪٿي آهين؟“ پِرهه موبائل فون ڪال تي سوال ڪندي پچيو.
”آفيس ۾ ئي آهيان، حڪم ڪر مٺڙيءَ!“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”پنج منٽن ۾ آئون تنهنجي آفيس پهچڻ واري آهيان، جلدي موڪل وٺي ٻاهر اچ.“ پِرهه حڪم صادر ڪندي چيو.
هونئن به محبوبائن سدائين ماڻا ئي ڪيا آهن، هميشه عاشقن کي امتحان ۾ وڌو آهي. آڪاش لاءِ موڪل وٺڻ مشڪل هو، پر محبوب جو من رکڻ لاءِ هاڪار ۾ جواب ڏيندي چيائين،”حاضر مٺڙيءَ.“
آڪاش ڪو بهانو ڪري موڪل وٺي آفيس جي مين گيٽ کان ٻاهر ئي نڪتو ئي مس هو ته پِرهه پنهنجي ڪار ۾ پهتي اچي هئي، اکين سان اشارو ڪندي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيائين.
”اچانڪ هتي ڪيئن؟ ۽ ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“ آڪاش ڪار جو دروازو کولي سيٽ تي ويهندي پڇيو.
”بس منهنجي دل چيو توسان ملڻ جو، سو هلي آيس.“ پِرهه معصوميت مان نڪ ۾ سَر وجهندي شرارت ڪندي چيو.
”واهه وڏيري تنهنجا ٺٺ.“ آڪاش پِرهه جي چيل ڳالهه تي ردعمل ڏيندي چيو.
”اوئي وڏيري نه چئو!“ ساڄي هٿ جي پهرين آڱر هوا ۾ اڀاريندي آڪاش کي چتائيندي چيائين. وري ٻيءَ لمحي چهري تي مسڪراهٽ آڻي هٿ ٻڌي آڪاش کي مخاطب ٿيندي چيائين، ”سائين آئون ته تنهنجي ٻانهي آهيان.“
هن جي لهجي ۾ معصوم ٻار جهڙي شرارت به هئي ته ڪومل جذبن سان سرشار التجا به هئي.
”اوهه ڪار سهي هلاءِ نه ته ڪرين نه شهيد!“ آڪاش سندس ٻنهي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهلي ڪار جي اسٽيئرنگ تي رکندي چيو.
”الا! آئون صدقو تنهنجي جان تان! توکان پهرين آئون نه مَري وڃان! آئنده اهڙيون دل ڏکائيندڙ ڳالهيون نه ڪندو ڪر.“ پِرهه آڪاش جي منهن تي هٿ ڏيندي چيو.
”مذاق ٿو ڪيان مٺڙيءَ.“آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”نه مذاق ۾ به نه، تنهنجي جان منهنجي امانت آهي تو وٽ، ان تي تنهنجو ڪو به حق ناهي!“ پِرهه سنجيده ٿيندي چيو.
پِرهه جي لهجي ۾ اهڙي سنجيدگي ڏسندي ڳالهه جو موضوع مٽائيندي آڪاش چيو، ”مٺڙي موڪل ته ورتي هاڻي ته ٻڌاءِ هلڻو ڪيڏانهن آهي؟“
”جيڏانهن به وٺي هل جتي تنهنجي دل چوي. بس توسان وقت گذارڻو آهي، توسان گڏ رهڻو آهي، تنهنجي آغوش ۾ پرسڪون گهڙيون گهارڻيون آهن.“ پِرهه جواب ڏيندي انتهائي معصوميت مان چيو.
هن جي لفظن ۾ هڪ تڙپ، هڪ خواهش شامل هئي ته هُو آڪاش جي هنج ۾ زندگي سان سمورا پل گهاري ڇڏي. زماني کي وساري بس هڪ ٻئي ۾ گم ٿي وڃن، ٻه جسم هڪ جان بڻجي پنهنجي هڪڙي نئين دنيا وڃي وسائين جتي صرف پيار ۽ پريت جي ريت هجي، بس محبت جو قانون هجي، سڪ جي سڳن جون ڳنڍون اهڙيون قابو ڪجن جو ڪنهن وسيلي سان به نه کلي سگهن ۽ محبت جو ديس اڏي نفرت کي ديس نيڪالي ڏئي ڇڏجي.
”جيڪر تنهنجي اهڙي خواهش آهي ته فليٽ تي هلون، سڪون سان هلي چند گهڙيون گڏجي گهاريون ۽ تنهنجي خوشبودار هٿن جي مهڪ ڀري چانهه به پيئون.“ آڪاش پِرهه کي صلاح ڏيندي چيو.
”ها ايئن ئي ٺيڪ آهي.“ پِرهه ڪار کي فليٽ طرف ويندڙ رستي تي موڙيندي چيو.
ڪار کي فليٽ جي پارڪنگ ۾ بيهاري ٻيئي ڄڻا هيٺ لٿا، پِرهه کاٻي ڪلهي ۾ پرس لٽڪائيندي پنهنجو ساڄو هٿ آڪاش جي چيلهه تي رکيو ته آڪاش وري پنهنجو کاٻو هٿ سندس چيلهه ۾ سوگهو ڪندي سيڙهين طرف وڌيا. سيڙهيون چڙهي ٽئين فلور تي پهتا.
ٽئين فلور تي پهچي فليٽ جو لاڪ کولي اندر داخل ٿيا. آڪاش پنهنجي ڪمري کي سٺي ترتيب سان سينگاريو هو، گهٽيءَ ۾ کلندڙ دري تي ڪمري جي ديوارن تي ڪيل رنگ سان ڪنٽراس ڪلر جا پردا لڳل هئا جيڪي ڏاڍا خوبصورت پئي لڳا. ڪمري جي هڪ طرف پڙهائي لاءِ ريڊنگ ٽيبل ۽ ڪرسي رکيل هئي جنهن تي ڪجهه ادبي، سياسي ۽ تاريخ جي موضوعن جا ڪتاب پيل هُئا ۽ رات جي وقت پڙهڻ لاءِ ٽيبل لئمپ پڻ رکيل هُئي ۽ پاسي ۾ ئي پلاسٽڪ گلاس ۾ مختلف ڪلر جا هاءِ لائيٽرس، پينسلون، بال پوائنٽس، مارڪر پيل هئا.ٻيءَ طرف فرش تي ڪنڊ ۾ سمهڻ لاءِ ميٽريس (فوم وارو گَدو) وڇايل هو جنهن تي صاف سٿري چادر پيل هئي ۽ ننڍي ٽيبل تي سامهون ٽي.وي پيل هئي جنهن کي آن ڪندي آڪاش ميوزڪ چئنل لڳائي پاڻي پيئڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. ريڊنگ ٽيبل جي پاسي ۾ ئي ڪاٺ جي الماري پيل هئس. پِرهه ڪمري ۾ داخل ٿيندي ڪار جي چاٻي ۽ پرس ٽيبل تي رکي گهٽيءَ طرف کلندڙ دري کي ٿورو کولي پردو سرڪائي ڇڏيائين جيئن ڪمري ۾ تازي هوا ۽ روشني اچي سگهي. دريءَ جي پاسي ۾ بيهي روڊ تي گذرندڙ ماڻهن ۽ گاڏين کي ڏسي رهي هئي ته آڪاش ٻانهن جو ڪڙو ٺاهي ڀاڪر ۾ ڀريو ته سندس منهن تي مُرڪ اچي وئي ۽ پِرهه سندس ٻانهن کي پنهنجي ٻانهن سان ويتر سوگهيون ڪندي اکيون بند ڪري ڇڏيون. آڪاش پِرهه جي ڳچيءَ کي چپن سان سهلائيندو، سنگ مرمر جهڙن ترڪندڙ ڳٽڙن کي چمڻ لڳو. ٽي.وي تي هلندڙ لتا جي ڪلامن، دري مان ايندڙ هلڪي ٿڌڙي هوا ۽ ٻانهن جي وراڪن باعث سمورو ماحول ڏاڍو رومينٽڪ ۽ ڪنهن پيار ڪهاڻيءَ جي منظر نگاريءَ جھڙو لڳي رهيو هيو.
ڪجهه پل ايئن پيار جي درياءَ ۾ محبت جي ناوءَ تي چڙهي سير ڪرڻ بعد پِرهه ڪمري جي فرش تي پيل ميٽريس تي ڀت کي ٽيڪ ڏيندي آهِلي پيئي ته آڪاش به سندس هنج ۾ سمهي پيو. وارن ۾ آڱرين جي ڦڻي گهمائيندي پِرهه آڪاش جي پيشاني کي چپن جون چاهتون آڇيندي پيار ڪيو ۽ آڪاش پنهنجو هٿ پِرهه جي هٿ ۾ سوگهو ڪندي هٿ تي پيار جا عڪس چٽيا.
ڪافي دير کان خاموشي جي بيٺل پاڻي ۾ لفظن جا موتي اڇلائيندي پِرهه پڇيو.
”آڪاش !“
”هون“
”هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
”ها پڇ“
” محبت ڇا آهي؟“
”محبت فقط هڪڙو لفظ ناهي پر هڪ اهڙو احساس آهي جنهن جو ٻج ڪنهن بنجر دل جي زمين ۾ ئي ڇو نه پوکجي پر محبت جي بارش سان اهو وڌي وڻ ٿي ٿو وڃي ۽ پوءِ ان جي ڇانوَ دلين جي تتل اڱڻ تي ڇانورو بڻجي ٿي پوي. محبت ڪنهن ڪنواري ڪنيا جي طرفان سجايل پوڄا جي ٿالهي ۾ ٻاريل ديپ مثل آهي جيڪو هُو محبت جي ديوتا کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻاري ٿي، محبت ڪنهن چنچل ناري جي هوڏ ۽ لوڏ مثل هجي ٿي جنهن تي ڪيتريون ئي الهڙ جوانيون دل هاري ٿيون ويهن، محبت ته صبح مهل ڪنهن گلاب جي پنکڙين تي شبنم جي شفاف ڦڙن جهڙي پاڪ هجي ٿي، محبت ته ٿر جي جوان ناري کي پاتل گج تي چمڪندڙ ٽڪن جهڙي سدا بهار هجي ٿي جنهن ۾ محبوب جو عڪس جهلڪي ٿو، محبت ته ٿر جي وارياسي وجود تي پيل وسڪاري جي پهرين بوند کانپوءِ مٽي مان اٿندڙ مهڪ جهڙي هجي ٿي ۽ محبت ته ..!“ آڪاش پِرهه جي اکين ۾ نهاريندي محبت جي فلسفي جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو.
”آڪاش مون به تو سان اهڙي ئي محبت ڪئي آهي، منهنجو اڌورو ، اڻ پورو وجود توسان ملڻ کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. توکي پائي مون کي اهو احساس ٿيو ته ”زندگي دهوپ اور تم ايڪ گهنا سايا“. تنهنجن مسڪراهٽن سان هميشه منهنجي زندگي ۾ آيل مايوسي جا ڪڪر ڇٽجي مُسرتن جا بادل بڻجي پون ٿا. جيئن ڪنهن چيو آهي ته ”تون کلين ٿو ته گُل ٽڙي ٿا پون، ماٺ تنهنجي خزان گُل ڇڻي ٿا پون“. تون جڏهن به مسڪرائين ٿو ته محبتن جا پوپٽ منهنجي دل جي گلستان ۾ پوکيل محبت جي گلن تي اڏرڻ ٿا لڳن. ها مون جڏهن به تنهنجو دلڪش محبت ڀريو چهرو ڏٺو آهي ته زندگي هميشه نئون ڪَر موڙي جيءُ اٿي آهي.“ پِرهه آڪاش جي پيشاني چمندي چيو.
”بلڪل جانان! زندگي ۾ تو مون کان وڌيڪ ڏک ڏِٺا آهن، تنهنجي جيون ڪهاڻي مونکي طارق عالم ابڙو جي ناول ”رهجي ويل منظر“ جهڙي ٿي لڳي، جنهن ۾ صرف ڏک، درد، تڪليفون، پريشانيون، لڙڪ، جدايون، تنهايون ئي تنهنجي پلئه پيون آهن. تيئن منهنجو وجود به روپلي ڪولهي جي ديس جي هڪ درديلي ٿريئي جي زندگي وانگي هميشه ڏک سکن جي سونهن وانگي ڦٽيل ۽ زخمي ئي رهيو آهي. جنهن عمر ۾ نوجوان پنهنجي حسين جواني جي رنگين مستين ۽ چلولاين ۾ مصروف هوندا هئا ته آئون آس ڀرين نگاهن سان پنهنجي احساس کي مروڙي هڪڙو اونهو ساهه کڻي اکڙين مان وهندڙ ڪوسا لڙڪ اگهي ڪُوڙي مرڪ مرڪي ڇڏيندو هوس. ايئن انيڪ تمنائن جا گلا گهوٽي جيئندو رهيو آهيان ۽ سوين خواهشن کي ٽياس تي ٽنگي هن ڪوڙي دنيا جي دولابن کي منهن ڏيندو رهيو آهيان، پر وقت جي هڪڙي خوبصورت ادا اها به آهي ته جهڙو به هوندو آهي گذري ويندو آهي.“
”پوءِ وقت جي تبديل چئجي، منهنجي خوشنصيبي چئجي يا حسين اتفاق جو زندگي مون کي هوائن جي شهر حيدرآباد وٺي آئي ۽ اهو وقت مون کي ڪنهن حسين جواني جي گلابي چپن جهڙو دلفريب لڳندو آهي جڏهن مون توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو، سچ مڃين ان وقت ئي من ئي من ۾ توکي پنهنجي دل جي من مندر ۾ ديوي بڻائي ڇڏيو هو ۽ مان پوڄاري بڻجي هميشه من جي اکين سان نظرن ئي نظرن ۾ توکي پوڄيندو هوس پوءِ اها گهڙي به آئي جڏهن توکي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي ۽ منهنجي دل جي احساسن تنهنجي من جي تارن کي به ڇُهيو ۽ تو پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي زندگي جي اڙانگن پيچرن تي سفر ڪرڻ جو وچن ورجايو.“ آڪاش پِرهه جي هٿن کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي پيار ڪندي چيو.
”توسان زندگي جا گهاريل سمورا پل منهنجي زندگي جو ڪل اثاثو آهن، ”تيري اڪ ذات، ميري ڪُل ڪائنات“ واري فلسفي وانگي بس تنهنجو وجود منهنجي لاءِ جيئڻ جو گس بڻجي پيو آهي، منهنجي جيئڻ جي هر وجه بس تنهنجو هجڻ ئي آهي. توکي جڏهن پنهنجي ويجهو پائيندي آهيان ته بس دل چوندي آهي ته ”آ بيٺ ميري پاس، تجهي ديکتي رهون، نه تُو ڪڇ ڪهي نه مين ڪڇ ڪهون“. منهنجي زندگي جي صبح جي شروعات تنهنجي مرڪن سان ٿئي ٿي ته رات تنهنجي حسين خوابن کي ڏسندي ڏسندي گذري ٿي، مون سان ايئن ئي هميشه ساٿ رهجان.“ پِرهه آڪاش جي جسم مٿي آلهجي پيئي ۽ پيار ڪرڻ لڳي هئي.
ڪافي دير تائين ٻنهي ڄڻن جو گرم وجود هڪ ٻئي جي ٻانهن ۾ ويڙهيل هيو ۽ هڪ ٻئي کي اکين ۾ سمائي پيار جي هڪ اهڙي دنيا مان وڃي نڪتا هئا، جتي نرم جسمن جون سسڪيون هيون، ساهن ۾ هڏڪيون هيون، اونها ساهه هئا، لڇندڙ جسمن مان ٽِمندڙ پگهر جا ڦڙا هئا، ڪشادا ڀاڪر هيا، جاڳندڙ اکين ۾ پريت جي ريت نباهڻ جا دڳ هئا، زندگي جيئڻ جا گس هئا. ڪيتري ئي وقت جي جاري ڪشمڪَش بعد ٻيئي وجود ساڻا ٿي سڌا ليٽي پيا ۽ ڊگها اونها ساهه کڻڻ لڳا، رکي رکي هڪ ٻئي ڏي نهاري اکين سان پيار اوتي ٻيهر سڌا ٿي وري پاڻ کي ڀاڪرن ۾ ڀري ڇڏيائون ۽ هڪ ٻئي جي چپن تي پنهنجي چپن جو تالو هڻي ڇڏيائون.

23

”سهڻا خير ته آهي اڄ مرشد لطيف جي ڇانوَ ۾ پناهه ورتي آهي؟“ ڪريم چانهه جو ڪوپ آڪاش کي ڏيندي چيو.
آڪاش جيڪو ڪافي وقت کان شاهه سائين جي رسالي جي مطالعي ۾ مصروف هو، تنهن چانهه جو ڪوپ وٺندي مسڪرائيندي چيو ”پيارا ڀٽائي جا بيت اسان لاءِ زندگي جي تتل ڏينهن ۾ ڇانوري مثل آهن، توهان ڪيترائي مايوس ڇو نه ٿي وڃو پر لطيف رح جو ڪلام پڙهو توهان ۾ زندگي جو نئون احساس ۽ جذبو جاڳي پوندو.“
”بلڪل ان ۾ ته ڪوئي شڪ ناهي، لطيف سائين سنڌي قوم جو رهبر شاعر آهي، هُن جي هر سٽ ۾ حڪمت، هدايت ۽ نئين راهه جي لاءِ دڳ ڏنل آهي.“ ڪريم ديوار کي ٽيڪ ڏيئي زمين تي رکيل ميٽريس تي ويهندي چيو.
”لطيف سائين هر طبقي، هر پيڙهِي جو شاعر آهي، لطيف سائين جي ڪلام ۾ توهان کي صوفياڻو رنگ به نظر ايندو ته عاشقاڻي رمز به ڏسڻ ۾ ايندي، ان کان علاوه شاهه سائين جي ڪلام کي ناصحانو، طبيعي، رزمي، مديحي طبقن ۾ به ورهائي سگهجي ٿو.“ آڪاش چانهه مان سُرڪ ڀريندي چيو.
”واهه واهه، ڪمال! هڪ ئي وقت ايترا رنگ. ڀٽائي سرڪار کي سِيس نمائي سلام!“ ڪريم چانهه جو ڪوپ هڪ پاسي رکندي سر جهڪائي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيائين”لطيف سائين جا سمورا سُر ۽ رنگ ئي ڪمال آهن پر مون کي سُر کنڀات ڏاڍو وڻي ٿو. جنهن ۾ محبوب سان محبت جو عڪس جهلڪي ٿو.“ جيئن:
”چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سَڄڻين،
مٿا اَڱڻ اُڀري، پِرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا“.

”ها ڪريم بلڪل! لطيف سائين جو ڪلام عاشقاڻي نظر سان ڏسڻو آهي ته سُر کنڀات ۽ سُر پورب کي پڙهي ڏس، انهن سُرن ۾ حسن، عشق، دلڪشي ۽ دلربائي، مايوسي، ناز نخرا، بيقراري ۽ انتظاري جي جهلڪ نظر ايندي. لطيف سائين جي عاشقاڻي نظر ۾ معشوق ۽ محبوب ساري ڪائنات ۾ سهڻي مخلوق آهي. ان جي اڳيان پوري ڪائنات جون سموريون تخليقون تِڇ لڳنديون آهن، معشوق جي خماريل اکڙين ۾ اهڙو ناز ڀريل نظر ٿو اچي جو اندر جا احساس اڀري ٿا پون.“ آڪاش شاهه جو رسالو ريڊنگ ٽيبل تي رکندي سُر کنڀات مان هڪ شعر ٻڌايو:
”چنڊ چوانءِ سچ، جي مَٺِي نه ڀانئِئين،
ڪڏهن اُڀرين سَنهڙو، ڪڏهن اُڀرين ڳَچَ،
منهن ۾ ٻَرئي مَچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرينءَ جي.“

”واهه سائين واهه! واهه!“ ڪريم ساڄو هٿ هوا ۾ اڀاريندي داد ڏنو.
”شاهه سائين عشق، محبت جي احساسن کي انتهائي خوبصورتي سان ڪمال درجي جي نفاست سان بيان ڪيو آهي. اتي وري عورت جي احساسن، سندس محبت جي جذبن، محبت ۾ هُن جي عاجزي ۽ سچائي کي پڻ سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. هُن عورت جي عشق ۾ تڙپ، سڪ ۽ ڇڪ کي مرد کان وڌيڪ بيان ڪيو آهي. هونئن به عورت محبت جي معاملي ۾ انتهائي نفيس آهي ۽ پنهنجي پريتم سان پريت نڀائيندي هُو هر درجو ٽپي ٿي وڃي جنهن کي شاهه صاحب انهي انتها درجي جي خلوص سان پيش ڪيو آهي.“ آڪاش ڪريم ڏي متوجه ٿيندي چيو.
”بلڪل اها ڳالهه بلڪل درست چئبي بلڪه دنيا جي ڪيترن ئي شاعرن مان صرف لطيف ئي عورت جي محبت جي حقيقي جذبي کي سمجهي سگهيو آهي، تنهن ڪري ئي ڪٿي ڪٿي عورت کي محبوب نه پر عاشق جو درجو به ڏنو آهي جيڪا پنهنجي پرين جي انتطار ۾ واٽون ٿي نهاريندي وتي.“ ڪريم ذهن تي تري آيل لطيف سائين جو شعر ٻڌائيندي سڌو ٿي ويٺو.
”سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءٌ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سَهسين سُکائون ڪيون.“
”واهه واهه بهترين! وري لطيف سائين سُر سسئي ۾ ڪيڏي نه خوبصورتي سان چوي ٿو ته“:
”وڃين ٿو وڻڪار؟ هِت نه ڳولئين هوتَ کي؟،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار،
ٿي سَتي ٻڌ سنڌرو، پِرت پُنهونءَ سين پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.“
”واهه سهڻا واهه! تو ته اڄ پراڻا ڦٽ کولي وڌا. ٻڌ سهڻا هڪڙو سگريٽ پِيو آهي، تو سورن کي سٽڪو ڏنو آهي، آئون تيلي ڏيانس ٿو اڄ ڪڍان ٿو درد جا دونهان، تون به ٻه ڪش ڇِڪ.“ ڪريم، سگريٽ کڻڻ لاءِ اٿيو.
”نه مٺا ڇڏينس سگريٽ کي! ڪٿي لطيف سائين جو ذڪر پيو هلي ڪٿي تو وري سگريٽ جو باب کوليو آهي.“ آڪاش چڙندي چيو.
”يار تون به ڪهڙو صحافي آهين؟نه ڪو سگريٽ ٿو پيئين نه دارون جو دور ٿو هلائين؟“ ڪريم سگريٽ دکائيندي چيو.
”ڀلا صحافي ٿيڻ لاءِ دارون ۽ سگريٽ واپرائڻ ضروري آهي ڇا؟“ آڪاش حيراني مان چيو.
”يار صحافت ٿڪائيندڙ ڪم آهي، تقريباً سڀئي صحافي واپرائيندا آهن.“ ڪريم ڪش ڇڪي دونهون ٻاهر ڦوڪندي چيو.
”الائي ڪيترين ئي معروف صحافين جا نالا ڳڻائي ٿو سگهان جيڪي دارون ۽ سگريٽ کي هٿ به نه ٿا لائين پر اهي ملڪ جا بهترين صحافي، ليکڪ ۽ دانشور آهن.“ آڪاش پنهنجي ڳالهه کي دليل سان ٻڌائيندي چيو.
”تون ڇڏ ان بحث کي! ٻُڌ سُر سسئي مان هڪڙو شعر تون به ڇا ياد ڪندين.“ ڪريم سگريٽ جو ٻيو ڪَش ڇڪيندي شعر اچاريو:
”سَڌائتي سڀ ڪا، بُک نه باسي ڪا،
جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ڪانه ڪا،
مون سين هلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪري.“
”ڪريم تنهنجي هن سگريٽ جي بداخلاقي تي ڪاوڙ ته واهه جي آئي هئي پر هن خوبصورت شعر ٻڌائڻ تي تُنهنجا سڀئي گناهه معاف آهن.“ آڪاش ڪريم ڏي مسڪرائيندي چيو.
”مهرباني جاني لطيف سائين جي صدقي ئي سهي، پر چڱو بخشش ٿي ويئي.“
ٻنهي جا ٽهڪ ڪمري ۾ وکري پيا.
”تون به ٻڌ! سُر حسيني مان هي ڪمال جو شعر.“
”ڀينر هِن ڀنڀور ۾، گهايل ٿي گهاريان،
سڄڻ جي سانگ وئا، سيئي ٿي ساريان،
سي ڪنءَ وساريان؟ جي وٽا مون واٽ ٿئا.“
واهه جاني واهه! ڪمال!!“ڪريم، سگريٽ جو آخري ڪَش ڇڪيندي اٿي سگريٽ جي ٽوٽي کي دري مان ٻاهر اڇلائيندي چيو.
”ويٺي نت نهاريان، راڻا! تنهنجو راهه،
موٽائي ماڳَن ۾، آڻيندو الله،
سوڍا تو ڳر ساهه، نت راڻا گهڻا راڄ ۾ .“
آڪاش ڪريم پاران سگريٽ جي دونهي جو عذاب ختم ٿيڻ تي خوش ٿي سُر مومل راڻي مان خوبصورت شعر ڪريم جي نظر ڪندي چيو.
”سهڻا ماني کائڻي اٿئي يا نه! هل ته هيٺ هلي ماني کائي اچون. لطيف سائين جي باقي سُرن کي پوءِ ٿا ڏسون.“ ڪريم پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو.
”بس هڪڙو شعر ٿر جي ان لازوال ۽ امر ڪردار مارئي جي وطن جي حب تي سرجيل سُر مارئي مان، جنهن عمر جي ڌَن، دولت، عيش و آرام، لالچن باوجود به وطن ۽ ماروئڙن جي پريت کي سڀني آسائشن کان وڌ ڀائينو ۽ عمر کي مخاطب ٿيندي چيائين.
”اي نه مارن ريت، جن سيڻ مٽائن سون تي،
اچي امرڪوٽ ۾ ، ڪنديس ڪان ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙي سين نه مَٽيان.“
”واهه واهه سلام لوئي ۽ لڄ جي رکوالي ڪندڙ ٿر ديس جي ان امر ڪردار مارئي کي ۽ اهڙو ئي زبردست سر سرجيندڙ لطيف سرڪار کي، جنهن ان ڪردار کي پنهنجن شعرن وسيلي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.“ ڪريم داد ڏيندي چيو.
”چڱو اٿ ته هلجي.“ آڪاش اٿندي چيو.
”هلو جاني.“ ڪريم به اٿندي چيو.

24

پنجاب ڪالوني جو مين روڊ، ٻنهي طرف گاڏيون، موٽر سائيڪلون، رڪشا، پبلڪ ٽرانسپورٽ ماڪوڙين جيان ولر ڪيو آيون ۽ ويون پئي.
آڪاش فليٽ تان لَهي هيٺ مين روڊ تي پنهنجي آفيس وڃڻ لاءِ آفيس جي ”پِڪ اينڊ ڊراپ“ واري گاڏي جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، ته اچانڪ هڪڙي ڪار اچي پاسي ۾ بيٺي، ڊرائيور سيٽ جو شيشو هيٺ لٿو، ڊرائيورنگ سيٽ تي ويٺل ڪوهه قاف جي لوڪ جي هڪڙي پَري ڪارو چشمو لاهيندي مُسڪرايو.
سندس چنڊ جهڙو چهرو، سنهو ڊگهو نڪ، گلاب جي پنکڙين جهڙا گلابي چپ، ڪارا ڊگھا وار، جيڪي اڄ ويڙهيل نه هئڻ ڪري ڪلهن تي پکڙيل هئا ۽ ديومالائي ڪشش رکندڙ پرڪيف اکڙيون، هن جي خوبصورتي ۽ سونهن جو باعث هُيون ڪنهن پيار ڪهاڻي جي ڪا محبوبه ڀاسجندي هئي ۽ هُن جي حسن تي ديوَ لوڪ جون اپسرائون به رشڪ ڪنديون هونديون.
”پڙهڻ ٿي وڃين يا بيوٽي ڪانٽيسٽ ۾ ٿي وڃين؟“ آڪاش ڪار جي ويجهو ايندي مستي ڪندي چيو.
”اهو تون واکاڻ ٿو ڪرين يا مذاق ٿو ڪرين.“ پِرهه پيار مان آڪاش جي ڳِل تي ٿڦڪي هڻندي چيو.
”نه وڏيري واقعي پياري پئي لڳين.“ آڪاش مسڪرائيندي چيو.
”هتي ڇا پيو ڪرين؟اڃان تائين آفيس نه ويو آهين؟ پِرهه آڪاش کان روڊ تي بيهڻ جو سبب پڇيو.
”لازمي آهي آفيس وين جو انتظار پيو ڪريان، اسان غريبن وٽ تو وانگي ڪار ٿورو ئي آهي!“ آڪاش مستي ڪندي چيو.
”اڇا، اڇا اها به تنهنجي ئي آهي منهنجا مٺڙا! هليو اچ ڪار ۾، توکي آفيس ڇڏي آئون لائبريري هلي وينديس.“ پِرهه پنهنجائپ ڀري لهجي ۾ آڪاش کي ڪار ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
”هلو ٺيڪ آ اسين مزور ماڻهو، وين ۾ وڃڻو ته ڪار ۾ به وڃڻو. آفيس ڊرائيور کي نه اچڻ لاءِ ميسيج ڪري ٿو ڇڏيان.“ آڪاش مسڪرائيندي ڪار جي سيٽ تي ويهندي چيو.
”پر ڪرايي ۾ هڪڙي مٺيءَ ۽ هڪڙي ڪافيءَ پيارڻي پوندي.“ پِرهه مسڪرائيندي ڏيندي چيو.
”بس هڪڙي! ٻن جو حڪم ڪر!“ آڪاش پڻ مسڪرائيندي ڪار جي آڊيو پليئر جو آواز وڌائيندي چيو.
مختلف رستا پار ڪندي، سگنل ڪراس ڪندي ڪار اڳتي وڌندي رهي. ڪراچي جي عجيب دنيا هڪڙي پاسي اِليٽ ڪلاس جي ماڻهن جون موٽر ڪارون زوزاٽ ڪندي ٿي ويون ته ٻي پاسي غريب خلق پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ٽٽل ڀڳل بسن تي لڙڪندي ٿي وئي، بس اهو دنيا جو دستور هو. ڪجهه ساهتن جي خاموشي ۾ ميوزڪ جي لطف اندوز ٿيڻ کان پوءِ، لفظن جا ڀونئر اڏائيندي پِرهه چيو، ”هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
”بس هڪڙي! ٻه پڇ.“ آڪاش آڊيو پليئر جو آواز جهڪو ڪندي چيو.
”ڪالهه تون هُن بڇڙي سان، منهنجو مطلب تنهنجي آفيس جي هُن ڇوڪري اِرم سان گڏ هُن جي گهر ويو هئين ڇا؟“ پِرهه سواليه نظرن سان آڪاش جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
”گهر ته نه ويو هوس، پر ڪنهن ٻي هنڌ ويا هئاسين.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”ٻي هنڌ ڪٿي؟“ پِرهه تڪڙو ٻيهر سوال ڪندي چيو.
”سندس دوست جي فارم هائوس تي.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”ڇو اتي ڇو؟ پِرهه ٻيهر فوراً بيچيني مان سوال ڪندي پڇيو.
”اِرم جو جنم ڏينهن هو، آئون اڪيلو نه هوس آفيس جا ڪافي دوست هئاسين.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
”هُو بُڇڙي منهنجو مطلب هُو ڇوري جتي زور ڀريندي تون اوڏانهن هليو ويندين ڇا؟“ پِرهه اُداس ٿيندي چيو.
”ڇو منهنجو هُتي وڃڻ توکي سٺو نه لڳو ڇا؟“ آڪاش پِرهه جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
”جيڪر سچ پڇين ته مون کي بلڪل به سٺو نه لڳو.“ پِرهه آڪاش جي اکين ۾ نهاري اکيون جهڪائي ڇڏيون.
”اهو وري ڇو؟“ آڪاش سوال ڪندي پڇيو.
”خبر ناهي ڇو؟ پر تنهنجو هن ڇوريءَ سان ملڻ مون کي پسند ڪونهي.“ پِرهه جذباتي ٿيندي چيو.
آڪاش بغير جواب ڏيڻ جي پِرهه جي اکين ۾ نهاريو ته سندس اکين مان جذبات ڇلڪي رهيا هئا، جيڪي هُو ٽشو پيپر سان ميڙي رهي هئي.
خاموشي سان ڪار اڳتي وڌندي رهي، اچانڪ سگنل تي جيئن ئي پِرهه پريشر بريڪ هنيو ته کاٻي هٿ سان آڪاش جي ساڄي ڪلهي کي زور سان پڪڙي رڙ ڪيائين.”يا الله خير!“
”خير آهي پر ڌيان سان ڪار هلاءِ، ذهن ڪٿي گم آهي؟“ آڪاش پِرهه کي تاڪيد ڪندي چيو.
”سگنل جي ڪري تڪڙ ۾ بريڪ هڻڻو پئجي ويو، منهنجو خيال ٻيءَ طرف هو.“ پِرهه وضاحت ڪندي چيو.
”جي اهڙي خبر هجي ها ته بريڪ تي تون ايئن چُهٽي پونديئين ته اهڙا سگنل بار بار اچڻ کپن.“ آڪاش شرارت مان مسڪرائيندي چيو.
پِرهه شرمائيندي پنهنجي سيٽ تي سڌي ٿي ويٺي، ڪجهه دير جي خاموشي کان پوءِ چيائين.
”پر تو منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو، منهنجو غصو اڃان ختم نه ٿيو آهي، ٻڌاءِ تون هُن جي پارٽي ۾ اتي ڇو وئين؟، تنهنجي ڪهڙي مجبوري هئي؟“ پِرهه ٻيهر پنهنجي ڳالهه دهرائيندي چيو.
”مجبوري ته ڪابه نه هئي، بس آفيس ڪُليگ آهي، آفيس جي ڪري واسطو ۽ رابطو هئڻ ڪري وڃڻو پيو. انهي ۾ ڀلا ڪهڙو حرج آهي؟“ آڪاش کيس جواب ڏيندي چيو.
”مون ته ٻڌو آهي ته هُو توتي قربان ٿي وڃي.“ پِرهه نڪ ۾ مرڙ ڏيندي چيائين.
”هاها...هاها، اهڙيون افواهون ڪير ٿو ڦهلائي؟ ماڻهن کي ڇاهي انهن جو ڪم ئي بس ٻين جي ذاتي زندگي ۾ دخل ڏيڻ آهي، گلا ڪرڻ آهي. انهن جي ڳالهين تي يقين نه ڪندي ڪر، توکي مون تي ڀروسو آهي بس يقين رک.“ آڪاش کيس سمجهائيندي چيو.
”آڪاش مون کي اڪيلو ڇڏي ته نه ويندين نه؟“ پِرهه کاٻي ٻانهن آڪاش جي ساڄي ٻانهن ۾ ورائيندي هٿ جي آڱرين ۾ آڱريون ڀڪوڙيندي چيو.
آڪاش پِرهه جي اچانڪ اهڙي سوال تي پريشان ٿي پيو ۽ سندس هٿ ۾ هٿ ڏيندي چيائين، ”ڀلا لهرون ڪڏهن سمنڊ کان ڌار ٿيون آهن جو آئون توکي ڇڏي ويندس، تو بنا منهنجو هن جڳ ۾ جياپو ڪهڙو؟ تنهنجو سواءِ منهنجي وجود جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ تون آهين ته آئون مڪمل آهيان سواءِ تنهنجي آئون پنهنجو پاڻ کي نامڪمل ٿو سمجهان، جنهن جي توکي پڻ پروڙ آهي پوءِ اچانڪ اهڙو سوال تنهنجي من ۾ ڪيئن اڀري پيو؟“
”ها مون کي توتي پنهنجو پاڻ کان وڌ ڀروسو آهي ۽ اهو به ڄاڻان ٿي پاڻ ٻنهي جي زندگي هڪ ٻئي کان سواءِ اڌوري ۽ بي مقصد آهي، پوءِ به الائي ڇو ڪڏهن ڪڏهن من ۾ اڻ ڄاتل وسوِسا ٿا جنم وٺن جيڪي مون کي ڊيڄاري ٿا وجهن.“ پِرهه آڪاش جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
ته پوءِ بس! هُن جي اهميت تنهنجي اڳيان ڪجهه به ناهي، هُو صرف آفيس جي دوست آهي، جي تون چونديئين ته آئون هُن سان آفيس ڪم کان علاوه نه ملندس.“ آڪاش پِرهه کي تسلي ڏيندي چيو.
”بس مون کي توتي پورو ڀروسو آهي، مون کي معاف ڪجان ڪالهه سوشل ميڊيا تي هُن جي سالگرهه جي تصويرن ۾ توکي ڏسي من ۾ خيال آيو تنهن ڪري چيم پر پليز! مون کي معاف ڪري ڇڏ.“ پِرهه پنهنجي ڳالهين تي پڇتاءُ ڪندي چيو.
”پيار ۾ مهرباني ۽ معافي جي اهميت ناهي. بس تنهنجي من مان اهي خيالات ختم ٿي ويا اهو ڪافي آهي.“ آڪاش پِرهه کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
”لَوَ يُو جان!“ پِرهه چپن کي ڀڪوڙي اکين سان پيار اوتيو.
”تون گاڏي سامهون ڏسي صحيح طريقي سان هلاءِ ڪنهن کي هڻي نه وجهين.“ آڪاش ڳالهه کي تبديل ڪندي چيو.
ڪجهه دير کان پوءِ پِرهه آڪاش کي آفيس لاهي پاڻ لائبريري هلي ويئي.

25

ڊفينس سينٽرل لائبريري ۾ ٻه روزه ڪتابي ميلو لڳل هو، جنهن ۾ عالمي توڙي ملڪي تاريخ، ادب، سياست، معشيت، سماجيت سميت مختلف موضوعن تي ڪتابن جا اسٽال لڳل هئا. آڪاش به ميڊيا جي دوستن سان گڏ انهي ڪتابي ميلي جي ڪوريج لاءِ پهتو هو، اتي سندس ملاقات ڪريم ۽ پِرهه سان پڻ ٿي، جيڪي انهي لائبريري جا ميمبر هئا ۽ ”آئليٽس“ جي امتحان جي تياري لاءِ اتي مطالعو ڪندا هئا.
مختلف اسٽال گهمندي آڪاش جي نظر سامهون اسٽال تي پيل سنڌ جي بهترين ليکڪ امر جليل جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”دل جي تاريخ“ تي پيئي. هٿ وڌائي ڪتاب کڻندي پِرهه ۽ ڪريم کي چيائين ”هيءَ ڪتاب پڙهيو آهي؟“
”نه پڙهيو آهي.“ ٻنهي ناڪار ۾ جواب ڏنو.
”پوءِ ڀلا توهان ادبي ڪتابن ۾ ڇا ٿا پڙهندا وتو. امر جليل جون ته سموريون ئي لکڻيون سون آهن. پر هِن ۾ ڪهاڻيون ”اروڙ جو مست“، ”ڌرتيءَ جي ڌوڙ، آسمان جا تارا“، ”هن ڄار ۾“ صفا دل کي ڇُهڻ جهڙيون آهن ۽ حقيقت جي انتهائي ويجهو آهن، بلڪه حقيقت چئجي تڏهن به غلط نه ٿيندو.“ آڪاش ڪتاب جا ورق اٿلائيندي چيو.
”اڇا پوءِ ڪتاب آئون وٺان ٿي. هاڻي ته اهي ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ دلچسپي وڌي ويئي آهي.“ پِرهه آڪاش جي هٿ مان ڪتاب وٺندي چيو.
”سنڌ واسي اڃان الائي ڪيترن اروڙ جي مستن وٽ يرغمال آهن ۽ اهي اروڙ جا مست پنهنجي طلسماتي ڄار وسيلي عام اٻوجهه عوام کي ڦريندا ۽ لُٽيندا ٿا وتن، پر انهن جي اکين تان انڌوشواس جي چڙهيل پٽي لهي نه ٿي ۽ پنهنجو پاڻ لٽائيندا ٿا وتن.“ آڪاش پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”هيءُ ٻيو ڪتاب سنڌ جي بهترين ليکڪه نورالهنديٰ شاهه جو ”ڪيڏارو“ به وٺ، جنهن ۾ توکي اهڙن موضوعن تي ڪهاڻيون ملنديون جن تي بس ميڊم نورالهنديٰ شاهه ئي اهڙي شاهڪار نموني لکي سگهي ٿي.“ آڪاش ڪيڏارو ڪتاب پِرهه کي ڏيندي چيو.
”ها ميڊم جون ڪجهه ڪهاڻيون مون پڙهيون به آهن، جنهن ۾ هڪ ڪهاڻي ”پاروٿو گوشت“ به آهي، جنهن ۾ مرد جي عورت جي جسم ۾ ڇڪ صرف حوس پوري ٿيڻ تائين هجي ٿي، جيئن کيس ڪو ٻيو خوبصورت جسم مليو ته پهريون جسم کيس سڙيل، ڳڙيل ۽ پاروٿي گوشت جيان ڀاسجي ٿو. مرد جي ذهن جي عڪاسي ٿيل آهي ته کيس عورت جي سونهن ۾ سڪ صرف حاصلات تائين هجي ٿي جيڪا نه ٿي ملي ته ڀٽڪي ٿو ۽ جڏهن حاصل ٿئي ٿي ته کيس استعمال ڪري ڦٽو ٿو ڪري وجهي.“ پِرهه جذباتي ٿيندي چيو.
”پر سڀئي مرد اهڙا ناهن هوندا جيئن مون جهڙو شريف انسان.“ آڪاش پنهنجي کاڏي کي هٿ لاهيندي پِرهه ڏي نهاري مسڪرايو.
جنهن تي ٽنهي جا ٽهڪ فضا ۾ پکڙي پيا.
”يار آڪاش مونکي آغا سليم جو ”هم اوست“، علي بابا جو ”موهن جو دڙو“، رسول ميمڻ جا ”قالو بلا“ ۽ ”نجومي“، طارق عالم ابڙي جو ”رهجي ويل منظر“ ناول وٺڻا آهن ڏسون متان هتي اسٽال تي ملي وڃن. تمام گهڻو ٻڌو آهي ته اهي سڀئي شاهڪار ناول آهن.“ ڪريم آڪاش کي مخاطب ٿيندي چيو.
”بلڪل صحيح ٻڌو آهي پيارا ڪريم! تنهنجي پسند انتهائي سٺي آهي، سڀئي بهترين ليکڪ ۽ بهترين ڪتاب آهن، ملي ويندا ڏسون ٿا، ضرور پڙهجان.“ آڪاش ڪريم جي ادبي چونڊ تي ڏاڍو خوش ٿيو.
”بس تنهنجي سنگت جو اثر آهي.“ ڪريم خوشگوار لهجي ۾ جواب ڏيندي چيو.
سڀني جي چهري تي ٻيهر مرڪن جو مکڙيون ٽڙي پيون.
”سنڌ جي راڄڌاني هئڻ باوجود هڪ ٻن سنڌي ڪتابن جي اسٽالن کان سواءِ سمورن اسٽالن تي انگريزي توڙي اردو زبان جا ڪتاب رکيل آهن، جيڪو ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي.“ پِرهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو.
”اهو اسان جي نسل جي وچ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو منفي سوچ ۽ تفاوت جو نتيجو پڻ آهي.“ ڪريم انهي تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.
”پر اسين ته اردو ادب شوق سان پڙهون ٿا، اسان ته ڪڏهن اهڙي سوچ ناهي رکي.“ پِرهه ڪريم جي دليل کي رد ڪندي چيو.
”اهو انهي لاءِ ته اسان هميشه محبت کي ترجيح ڏني آهي، پر انهن جو جياپو لسانيت کي هوا ڏيڻ ۾ آهي.“ ڪريم پنهنجي موقف جي حق ۾ دليل ڏيندي چيو.
”ڪجهه قدر ته ڪريم به صحيح آهي پر جيڪر اڻ ڌريو ٿي هڪ ٻيءَ راءِ ڏسون ته سنڌي ادب ۾ ڪجهه ليکڪن کي ڇڏي ڪري باقي ته بس ڪاپي، پيسٽ تي زور ڏين ٿا، سنڌي زبان ۾ عالمي ادب يا تاريخ تي ڪو جاندار ڪتاب اچي ئي نه ٿو، جيڪو پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري. سنڌي ادب ۾ ڪجهه سٺن ليکڪن کي ڇڏي جيڪي پاڻ عالمي ادب کي مطالعو ڪري لکن ٿا، باقي ته سڀني جو زور شاعري تي آهي، اهو به ساڳيا قافيا ساڳيا رديف، ساڳيا گهاڙيٽا، اهي ئي زلف، اهي ئي نيڻ. ڪجهه نئون سرججي ته پڙهندڙ به موٽ ڏي.“ پِرهه ڪريم جي ڳالهه تي ڪو ردعمل ڏي تنهن کان اڳ آڪاش پنهنجي ڳالهه رکندي چيو.
”ها...ها..مطلب مرشد جون ايليا چواڻي ته جن کي پڙهڻ کپي، اهي لکن پيا.“ ڪريم به آڪاش جي ڳالهه کي وزن ڏيندي کلندي چيو.
”چوين سچ ٿو، اڄ ڪلهه جي ليکڪن جو مطالعو تمام گهٽ آهي، بس رڳو زور لفاظي تي آهي، تحرير جي نه اڳاڙي نه پڇاڙي، بس زبردستي پاڻ کي ليکڪ سڏائڻو آهي ته سڏائڻو آهي.“ آڪاش ٻيهر پنهنجي ڳالهه کي وڌائيندي چيو.
”خير ايئن به ڪونهي، سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي بهترين ليکڪن جو خدمتون نثر ۾ ڪنهن کان ڳجهيون ناهن ته وري شاعري ۾ پڻ ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري پڻ ڪنهن اردو جي شاعر کان گهٽ ناهي ته وري نوجوان پيڙهي ۾ به نوجوان ليکڪ، شاعر بهترين نظم توڙي نثر سرجين پيا.“ پِرهه جذباتي ٿيندي چيو.
”بلڪل انهي ڳالهه کان ڪنهن کي انڪار ناهي.“ ڪريم پِرهه جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي چيو.
”سنڌي ادب ۽ ليکڪن توڙي شاعرن بابت وڏي ڄاڻ آهي توکي.“ آڪاش حيرت مان پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”مهرباني جانان! ڪڏهن تڪبر ناهي ڪيو.“ پِرهه مسڪرائيندي پنهنجي ڪرتي جي ڪالر کي ساڄي هٿ سان ڇڪيندي چيو.
پِرهه جي اهڙي جواب تي آڪاش، ڪريم ۽ پِرهه پاڻ کل ۾ ٻڏي پيا.

26

سج لڙي چڪو هو، آسمان سانجهي جي آنچل ۾ ويڙهجي رهيو هو، روڊ رستن تي لڳل اسٽريٽ لائيٽس جو بتيون جڳ مڳ ڪري رهيون هيون، موٽرڪارن، رڪشن، موٽرسائيڪلن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بسن جي آمدرفت جاري هئي. ڪراچي جي شهرين لاءِ ٻي ڪا خاص تفريح نه هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو شام کان پوءِ سمنڊ تي لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پنڌ ساهيندا هئا. شام ويلي ماڻهن جي ڪثير تعداد ۽ گاڏين جي رش ٽوڙيندي هُنن ڪار پارڪ ڪئي.
ڪار مان لهندي آڪاش ۽ پِرهه هٿ هٿن ۾ ڏيندا سمنڊ جي لهرن جي موجن جو ساهس وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي ويا. ٻئي ڄڻا گهمندا گهمندا ڪناري تي ماڻهن جي رش ۽ لهرن جي هُل کي پار ڪنداپري نڪري آيا. هڪ طرف سمنڊ هو، ٻيءَ طرف ڪاٺ جي بئنچن تي ويٺل جوڙا، سامهون پري ڪناري تي گهمندڙ ماڻهو، مٿي وشال نيرو آسمان ۽ چمڪندڙ اڪيلو تنها چندرما! ڀانڀڙاٽيون پائي ڊوڙي آيل هڪ ڇولي ٻنهي جو ٽنگون آليون ڪري ويئي ۽ ٿڌي هوا جي هڪ لهر سبب هُو وڌيڪ ويجهو ٿي پيا. ڪافي دير ايئن پنڌ گهمڻ بعد سمنڊ ڪناري رکيل ڪاٺ جي بئنچن مان هڪ تي اچي ويٺا هئا.
ڪيترن ئي فيمليز کان علاوه نوجوان جوڙا سمنڊ جي لهرن ۾ ڇڙواڳي ڪري رهيا هئا، ته ڪي پاڻي کي ٻُڪ ۾ ڀري هڪ ٻئي تي اڇلائي مستي ڪري رهيا هئا، ته ڪي وري هٿ هٿن ۾ ڏيئي هلڪي روشني جي اوٽ ۾ پيار اوتي رهيا هئا، ڪي هڪ ٻيءَ کي گلاب آڇي رهيا هئا ته ڪي وري مُگري جي گلن جا ڪنگڻ پارائي رهيا هُئا. رات جي وڌندڙ اونداهي ۽ ڪناري تي لڳل ايڪڙ ٻيڪڙ لائٽس جي هلڪي روشني ۾ محبت ڪندڙ دلين جو ڌڙڪو وڌندو ٿي ويو.
سمنڊ ڪناري جي گهلندڙ ٿڌي هوا ۽ محبت ڀرين منظرن پِرهه جا احساس اڀاري وڌا هئا، پِرهه کي برائون جيڪٽ پاتل ۽ آڪاش کي ڪاري رنگ جو ڪوٽ پاتل هئڻ باوجود ٿڌ لڳي رهي هئي ۽ ڪيترن ئي جوڙن کي کيچل ڪندي ڏسي هُو سرڪي اچي آڪاش سان چهٽي ويٺي، ڪناري تي لڳل لائيٽس جي روشنيءَ ۾ چمڪندڙ لهرون مستيءَ سان ڊوڙنديون بئنچ تي ويٺل ٻنهي جي پيرن کي پُسائي ٻيهر موٽي ٿي ويون.ٿڌ جي احساس کي پروڙيندي پنهنجي ٻانهن آڪاش جي ٻانهن مان ورائي سندس هٿ جي پنجڪڙن کي پنهنجهين آڱرين ۾ سوگهو ڪندي ڪنڌ ڪلهي سان لائيندي چيائين.
”آڪاش هلون“
”هاڻي ئي ته آيا آهيون، وري ڪيڏانهن هلون؟“
جهڪي ٿي ويل روشني ۾ هُن بنا ڪجهه چوڻ جي آڪاش جي نيڻن ۾ نهاريو ۽ اکين جي زبان سان دل جي ڳالهه سليندي هٿ چيلهه ڏانهن سوريندي چپن سان هن جي ڳچي، پيشاني، پنبڻين، ڳلن ۽ چپن تي پيار جا چٽ چٽيندي رهي.
آڪاش به سندس ريشمي پشم جهڙي نرم بدن تي محبت جا گل پوکيندي، ڪارونجهر جهڙين اڏول ٽڪرين تان ترڪندي اچي گرم چپن جي ڇانوَ ۾ پناهه ورتي ۽ ٻنهي هٿن ۾ سندس گلابي چهري کي ڀريندي نيڻن ۾ نيڻ ملائي دل جي ڳالهه کي پروڙيندي بئنچ تان اٿيا ۽ اچي فليٽ تي پهتا.
فرش تي وڇايل ميٽريس تي پاڻ کي وڇائيندي پِرهه هيئر ڪلپ کولي ڇڏيو ڄڻ من جي آسمان تي گنگهور گهٽائون گهلجي آيون هيون، آڪاش پاسي ۾ ليٽندي هٿ هٿن جي آڱرين ۾ قابو ڪندي چهرو چمندي لپسٽڪ جي تهه ۾ لڪل سندس ڳاڙهن چپن تي ڊگهي چمي جا نقش چٽيندو پهرين ڳچي پوءِ ڳلن تي محبت جا اڻ مٽ نشان ڇڏيندي چيائين، ”ڪاش وقت اتي ئي رڪجي وڃي ۽ فقط هڪ تون ۽ مان... ها بس تون ۽ مان ..... هي اڪيلائي ... ۽ پيار جي دنيا ....۽ محبت جو هيءَ سفر..... بس هڪڙو طويل سفر... جيڪو ڪڏهن به نه کُٽي ۽ پاڻ ايئن سفر ڪندا رهون“.
آڪاش پيار جا پيچرا اورانگهيندو جڏهن وڃي ڪارونجهر تي پهاڙن تي پهتو ته پِرهه جي چهري تي حياءَ جا رنگ مِڙي آيا هئا ۽ هن ڇِرڪيل هرڻي جيان ڇال کاڌي ۽ چهرو پنهنجن هٿن جي ٻُڪ ۾ لڪائي ڇڏيو. آڪاش پِرهه جي چهري کي سندس هٿن جي ڪڙن مان آزاد ڪري شرم مان بند پيل نيڻن جي پنڀڻين تي پيار ڪندي سندس ٻانهن کي پنهنجي گلي جو هار ٺاهي ڇڏيائين. اڌ کليل دريءَ مان ايندڙ ٿڌڙي هوا جي لهر ٻنهي وجودن ۾ لهرون پيدا ڪري رهي هئي ۽ ٻيئي جسم هڪ ٻئي تي ترڪندا رهيا ۽ محبت جي ڇڙواڳ ڳلين ۾ رولاڪيون ڪندا رهيا ۽ پوءِ پِرهه پنهنجا هٿ وڌائي ميٽريس ۾ قابو ڪري ڇڏيا ۽ ٻيئي وجود سمنڊ جي لهرن جي زد ۾ آيل ٻيڙي جيان لڏندا لمندا رهيا، ڪيترن ئي ساهتن جي واچوڙن بعد لهرون ماٺيون ٿيون ۽ ٻيڙي پنهنجو دڳ وٺندي وڃي ڪناري تي پهتي.

27

آڪاش اڳتي ئي وڌي رهيو هو ته سندس نظر وڃي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جي مزار جي ڀر ۾ بيٺل ان جهوني سرنهن جي وڻ تي پيئي، جنهن جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي آڪاش ۽ پِرهه گڏجي ويهندا هئا. يونيورسٽيءَ جي وقت جڏهن آڪاش پِرهه سان ملڻ يونيورسٽيءَ ايندو هو ته انهي سرنهن جي وڻ جي سامهون ٺهيل ٿلهي تي ويهي دل جون ڳالهيون ڪنداهئا. سموري يونيورسٽيءَ ۾ ڪافي گهاٽا وڻ بيٺل هئا، جيڪي هِتان جي انتظاميه جي ماحول دوستي جو ثبوت هئا. اڄوڪي ماحولياتي گدلاڻ واري ماحول ۾ ته ضروري ٿي پيو آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيون ۽ پنهنجي ماحول کي محفوظ ڪيون.
جهوني سرنهن جي وڻ تي نظر پوندي ئي ماضي جا ڪيئي منظر اکين آڏو تري آيا، ڪيئي حسترن جا آشيانه جڙي پيا. ويجهو پهتو ته هُن محسوس ڪيو ته اهو وڻ پيار ۽ محبت مان ٻانهون ڦهلائي کيس سڏي رهيو هو، جو ڪنهن وقت پِرهه جي دير سان اچڻ وقت غيرحاضري ۾ انهي وڻ سان آڪاش ڪيتريون ئي دل جون ڳالهيون سَليون هيون، هُو سندس پيار جو ساکي هو.
هُن نظر ڦيرائي ڪجهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، ڏٺائين ته اڃان تائين ٻنهي جو نالو محفوظ هو جيڪو پِرهه پنهنجي هيئر پن سان انهي جهوني سرنهن جي وڻ جي ٿُڙ تي ويلنٽائين جي ڏهاڙي تي لکيو هو.
هن جي ذهن جي ڪينواس تي ماضي جا ڌنڌلا عڪس تري آيا کيس ياد آيو ته هُو انهي سرنهن جي وڻ جي ڇانوءَ ۾ ئي ويٺو هو ته ڪجهه دير ۾ پِرهه اچي پاسي ۾ ويٺي.
”خبر اٿئي ته اڄ ڪهڙو ڏهاڙو آهي؟“ پِرهه کائنس سوال ڪندي پڇيو.
هُن خبر هئڻ باوجود اڻ ڄاڻائي مان چيو؛”هفتي جي ڏينهن مان ئي ڪو ڏينهن هوندو.“
”اوئي منهنجا مٺڙا! اڄ ويلنٽائين ڊي يعني عاشقن جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن تي پيار ڪندڙ جوڙا هڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ جو وچن ڪندا آهن گڏ رهڻ، ساٿ نڀائڻ جا وعدا ڪندا آهن.“ پِرهه پيار مان ويلنٽائين ڊي تي ليڪچر ڏيندي چيائين.
”جانان پنهنجو ته هر ڏينهن ويلنٽائين ڊي آهي، ڀلا هڪڙي ئي ڏينهن کي ڇو ملهايون؟“ آڪاش سندس نازڪ هٿڙن کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”ها اهو ته آهي، پر مون کي عاشقن جي عالمي ڏهاڙي ۾ شامل ٿيڻو آهي نه جانُو!“ پِرهه ٻارن وانگي ضد ڪندي چيو.
هُن محسوس ڪيو ته هُو ٻارن وانگي ضد ڪندي جڏهن چهري تي تاثرات آڻي رهي هئي، ته حسن سان گڏ سندس شخصيت اڃان وڌيڪ نکري پيئي هئي. اکين ۽ نَڪ کي مروڙي هن ٻارن جيان ليلايو هو، ته هن تي حياءَ جا سمورا رنگ نکري پيا هئا. معصوم ٻار جيان سندس من ۽ احساس هُن کي ماڪ ڦڙن جيان شفاف لڳا هئا.
”ها ٺيڪ آهي جانان، پر پاڻ هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي نفرت سرعام ڪري سگهجي ٿي پر پيار تي پهرا لڳل رهندا آهن. اسان چاهيندي به ايئن نه ٿا ڪري سگهون.“ آڪاش کيس ٻاراڻي ضد تي سمجهائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي سڀ جي سامهون نه ئي سهي، پر شام جو پاڻ پنهنجي طور تي ته ويلنٽائين ڊي ملهائي سگهون ٿا ٻڌاءِ ايئن ته سهي آهي نه!“ پِرهه پنهنجي ڳالهه تان نه لهندي نيٺ نئون پلان جوڙي ورتو.
”ٺيڪ آهي جيڪا تنهنجي مرضي.“ آڪاش به سندس خواهش کي تسليم ڪندي چيو.
ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ وري الائي ڇا ذهن ۾ آيس جو وارن مان ”هيئر پِن“ ڪڍي سرنهن جي وڻ جي ٿڙ تي ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
”ڇا ٿيو جانُو؟ اهو ڇا ٿي ڪرين؟“ آڪاش سندس اهڙي عمل تي معلوم ڪرڻ چاهيو.
”ٺيڪ آهي جاني، پاڻ ويلنٽائين ڊي ملهائي نٿا سگهون پر انهي ڏهاڙي تي پنهنجا نالا انهي وڻ تي لکي پنهنجي پيار کي اَمر ته ڪري سگهون ٿا.“ پِرهه پنهنجو منطق بيان ڪندي چيو.
”عجيب سوچ آهي تنهنجي، واقعي پاڳل آهين صفا.“ آڪاش سندس ڪلهي تي پيار مان هلڪي ٿڦڪي هڻندي چيو.
”جهڙي ئي آهيان بس تنهنجي ئي آهيان، آئون چاهيان ٿي ته هر جڳهه هر هنڌ بس پاڻ ٻيئي ئي هجون. تنهنجو نانءُ هر هنڌ مون سان ئي جڙيل رهي.“ پِرهه پيار ڀري نگاهن سان آڪاش جي اکين ۾ نهاريندي چيو.
سندس نگاهن ۾ پيار جا دل ڪش منظر هئا، معصوم التجا هئي، هڪ تڙپ هئي، هُن محسوس ڪيو ته هُو پنهنجي پيار جي لاءِ ڪيتري نه سنجيده هئي. هونئن به عورت هميشه پيار جي پنڌ ۾ مخلص رهي آهي، جنهن کي به هُن دل سان چاهيو آهي ته ان لاءِ پنهنجو جيءُ جان قربان ڪري ڇڏيو آهي. پيار جي پلصراط تي هلندي عورت ڪڏهن به پوئتي هٽڻ جو نه سوچيو آهي. سُهڻي جو ئي مثال وٺي ڏسجي، پنهنجي ميهار سان ملڻ جي سِڪ ۽ تڙپ اهڙي ته هئس جو ڪچي گهڙي جي به کيس خبر نه پيئي تان جو حياتيءَ قربان ڪيائين پر بي وفائي جو داغ نه کنيائين.
”اوڪي جانان تنهنجو هر فيصلو سر اکين تي.“ آڪاش سندس راءِ کي مان ڏيندي چيو.
”ٿينڪ يُو اينڊ لَوَ يو جانو.“ پِرهه معصوم انداز سان نڪ ۾ سَرَ وجهندي ۽ زبان چپن جي وچ ۾ آڻيندي ڪنڌ گهمائيندي چيو.
آڪاش ماضي جي جهروڪن مان نڪري ڪافي وقت پڄاڻان وڻ تي اُڪريل نالن تي هٿ رکي محسوس ڪيو ته پِرهه جي ڪومل هٿڙن جو احساس ۽ سندس پيار اڀري آيو هو ۽ مرڪن جون ڦلڙيون سندس چهري تي جهومڻ لڳيون هيون.
”ڇا ٿيو سائين؟“ ڪئمرامين جي آواز تي آڪاش مڙي نهاريو ۽ چپن ۾ مرڪ کي ويڙهي ڇڏيائين.
”ڇا ٿيو سائين؟“ ڪئمرامين آڪاش کي ائين مرڪندو ڏسي پڇيو.
”ڪجهه به نه، بس هلو.“ آڪاش ڪئمرامين ساڻ ڪري اسپيشل اسائنمينٽ جي اسٽوري لاءِ وي. سي جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ سندس آفيس ڏي لنگهي ويو.

28

هُو آفيس ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو، ته سندس موبائل تي گهر جي نمبر تان ڪال آئي.
”آڪاش مبارڪون هجنئي. تنهنجي لاءِ مون ڪنوار ڳولي آهي، کير جهڙي اڇي اجري ۽ کنڊ جهڙي مٺڙي، لکن ۾ هڪڙي آهي. مون کي ته پسند آهي، بس ڀيڻ کي چوان ٿي تو کي تصويرون موڪلي ڏسي وٺ. گهر به سٺو آهي، ڇوڪريءَ پڙهيل لکيل آهي، انهن کي تون پسند آهين بس ڪجهه ڏينهن ۾ ڳالهيون طئه ڪري رشتو پڪو ٿي ڪريان.“آڪاش کي فون تي سندس امڙ خوشي وچان يڪ ساهي اها ڳالهه ٻڌائي ويئي.
آڪاش اچانڪ اهڙي ڳالهه ٻڌي چڪرائجي ويو هن کي سمجهه ئي نه آيو ته هُو ان ڳالهه تي ردعمل ڪهڙو ڏيکاري. جنهن خوشي ۽ مسرت وچان امڙ ڳالهه ٻڌائي ان مطابق ته هُو سموري ڳالهه ئي پڪي ڪري ويٺي هئي ۽ ٻيءَ طرف پِرهه جو خيال ايندي ئي پيشاني تي پگهر اچي ويو.
آڪاش جي زبان اچانڪ صدمي جي ڪري بندٿي ويئي هُئي. ڳالهائڻ لاءِ ڪُجهه به نه پئي مليو. بس خاموش سُڏڪاهُئا، دل کولي هينئون ڦاڙي رڙيون به نه ٿي ڪري سگهيو جو هڪ طرف آفيس جو اسٽاف هو ته ٻئي طرف فون تي خوشي مان جرڪندڙ امڙ هئي.
آڪاش!آڪاش، هيلو، هيلو آڪاش ماءُ ڪو جواب نه ٻڌي وري وري سڏڻ لڳي.
آڪاش پاڻ سنڀاليندي آليون اکيون صاف ڪيون، وکريل جذبن کي ميڙيندي چيائين.”امان اچانڪ اها ڳالهه ڪٿان نڪتي ڪالهه آئون گهر آيو هوس تڏهن ته اهڙو ڪو ذڪر ئي نه ڪيو هو اڄ اچانڪ اها ڳالهه ٻڌائي آهي.“ آڪاش ماءُ کان اچانڪ اهڙي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو.
”ڳالهه ته هڪ هفتي کان هلي پئي پر مون سوچيو هنن جي طرفان ڪا پڪ ملي تڏهن ئي توکي ٻڌايان. پاڙي واري منهنجي سهيلي جيڪا پنهنجي گهر ايندي رهندي هئي ان ئي رشتو ڪرايو آهي.“ ماءُ تفصيل ٻڌائيندي چيو.
”ٺيڪ آهي پر رشتا بس ايئن ٿورو ئي ٿيندا آهن، اڃان ڏسون پندرنهن ڏينهن مهينو صبر ڪر فوٽو ڏسان ٿو، هينئر ٿورو آفيس جي ڪم ۾ مصروف آهيان تڪڙ ڪونهي پاڻ کي، ڏسي ٿا وٺون ان رشتي کي فرصت ۾.“ آڪاش ڳالهه کي ٽاريندي چيو.
”توکي ڀلا باقي معاملن کي ڏسڻ کي ڪهڙي ضرورت آهي، تون تصوير ڏس، ڇوڪري ڏس ۽ ملي وٺ. باقي گهر ڪهڙو آهي، رشتيدار ڪهڙا آهن اهو ڏسڻ منهنجو ڪم آهي.“ ماءُ آڪاش تي زور ڀريندي چيو.
ها امان پر مون کي به فرصت ته ملي، ڏسان ٿو زندگي گذارڻ جو مسئلو آهي ان ۾ تڪڙ ناهي ڪبي.“ آڪاش ٻيهر ٿورو وقت ٽارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
آڪاش جو امڙ جي اهڙي ڳالهه سبب هانءُ ڇڄي ڇيهون ڇيهون ٿي پيو هو. سيني ۾ درد بُلند هو، وقت ته بيشڪ تبديل ٿيندو رهندو آهي پر ايئن ايترو جلدي تبديل ٿيندو، ان جي کيس پروڙ ئي نه هئي هُن کي هاڻ اهو احساس ورائڻ لڳو ته پِرهه جو ڇا ٿيندو جنهن جو تصور ايندي رت ڀريا ڳوڙها اکين مان وهي ٿي آيا ۽ هر ڳوڙهي ۾ هُن لاءِ پُڪار هئي ته هُن جي دل تي هيءَ ڳالهه ڪنهن وڄ جيان وارڪري بس ناس ڪري وجهندي.خوف هن جي اندر ۾ لهي آيو هو ته پِرهه جو ردعمل انتهائي برداشت کان ٻاهر هوندو جيڪو هڪ ڏينهن جي وڇوڙي تي ڌرتي آسمان هڪ ڪري ٿي وجهي تنهن لاءِ هيءَ گهاءُ سينو چيرڻ برابر ٿيندو. الائي ڪيتري دير تائين انومان، انديشا، ڳوڙها، سُڏڪا سندس هم قدم رهيا.
”ڀلا آئون تنهنجي لاءِ ڪو غلط سوچينديس ڇا؟ لازمي آهي سڀئي پاسا ڏسي ڪري پوءِ ئي توکي چيو آهي.“ امڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
”او منهنجي مٺڙي امڙ، تون منهنجو سڀ ڪجهه آهين تو تڪليفون ڏسي منهنجي هر خوشي خريد ڪئي آهي تون ڀلا ڪيئن ٿي غلط فيصلو ڪري سگهين پر آئون چوان ٿو ته فون تي فيصلا نه ٿيندا آهن. ان ڪري ٿورو وقت ته ڏي ته جيئن آئون ڪو فيصلو ڪري سگهان.“ آڪاش امڙ کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
هُن سوچيو هو ته سندس محبت جي ڪهاڻي ايئن ئي بنان ڪنهن رڪاوٽ جي حسين احساسن سان گذرندي رهندي. الائي ڪيترن ڏکن ڏاکڙن جي خزائن کان پوءِ پِرهه سندس زندگي ۾ خوشين جي بهار بڻجي آئي هئي، ڪيتري وقت کان اندر جي ويران دنيا ۾ پيار جو گهر اڏيو هو، هُن پنهنجي سمورين يادگيرين جي البم ۾ سندس ئي تصور محفوظ ڪري رکيا هئا، هميشه هن کي درپن سمجهي هُن جي اکين ۾ پنهنجي پاڻ کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، هُو پنهنجي سموري ڪوشش جي باوجود به اهو سمجهي نه سگهندو هو پِرهه ڪيئن جلدي سندس پيار ڪهاڻي جو هڪ اهم ڪردار ٿي چڪي هئي. ڪنن ۾ پاتل والڙين جي جهومڻ توڙي ريشمي ٻانهن ۾ ڇن ڇن ڪندڙ چوڙين جي ڇڻڪي سان سندس اداس چهري تي مُرڪن جا رابيل ٽڙي پوندا هئا سڀ ڪجهه صحيح ئي هلي رهيو هو. پر پيار ۾ ”محبت جي تنهائي“ ئي لکيل هوندي آهي تيئن سندس ڪهاڻي ۾ اچانڪ آيل نئون موڙ هڪ درد بڻجي اڀري آيو هو، جن کي لفظن سان بيان ڪرڻ ته ممڪن ئي نه هو.
”ٺيڪ آهي ڏينهن ٻن ۾ مون کي ها ۾ ورندي ڏي سمجهي وئين.“ امڙ فيصلو ٻڌائيندي فون رکيو.
آڪاش جو ذهن چڪرائجي ويو هو، صرف ڪجهه گهڙيون پهرين سندس زندگي جا حالات ڇا هئا ۽ هڪڙي فون ڪال سندس سموريون خوشيون کَسي ورتيون هيون. حياتي ۾ هيڏا وڏا هاڃا ۽ پريشانيون به اينديون! ان جو ته انومان ئي نه هو اچانڪ هي سڀ ڇا ٿي ويو هو ۽ ڇو ٿي ويو هُو! هُو ڪهڙي دٻڻ ۾ ڦاسجي ويو هو کيس سمجهه نه پئي آيو ته هُو ڪهڙي پاسي وڃي؟ امڙ اچانڪ تڪڙ ۾ رشتو ڪٿي ۽ ڪيئن ڏٺو ۽ ڪيئن پسند ڪيو هُن کي ته ڪُجهه سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته هُو ڇا ڪري؟ هُو پِرهه جي محبت جي اهڙي دنيا ۾ گُم هو جو کيس اهو خبرئي نه رهي ته سِڪي جو ٻيو رُخ ائين به هوندو جيڪو سندس سمورا پيارا ڀريا احساس ئي اجاڙي ويندو. هُن ٿڌو ساهه کڻندي سوچيو.
”محبتن ۾ وڇوڙا ۽ درد اچڻ لازمي آهن ڇا؟“ هُن پاڻ کان سوال ڪيو. ”ڇا اُهي وڇوڙا محبتن جي يادن سان ايئن جڙيل هوندا آهن، جيڪي بعد ۾ طوفان بڻجي ساري دنيا اجاڙي ٿا وڃن! اهي يادون ايتريون ڏُک سان سلهاڙيل هونديون آهن ڇا؟ جيڪي ذهن جي ڪينواس تي ماضي جي گهاريل محبت ڀريل گهڙين کي ساري جيءُ جنجهوڙي ٿيون ڇڏين.“ وڇوڙي جو هڪڙو قدم ئي ڪيترو نه ڳرو هوندو آهي پر جڏهن اهي قدم گڏجي طويل پنڌ بڻجي پوندا آهن ته دل ۽ دماغ جا سموريون تارون لڏڻ لڳنديون آهن. آڪاش کي ان وقت ايئن پئي لڳو ڄڻ سندس وجود جا ڪي انگ امڪاني وڇوڙي جي ڪرڀ سبب لُڏي رهيا هئا.
آڪاش جي اندر کي ڄڻ ڪُجهه کائي رهيو هو. هڪ اڻ ڏٺو خوف هو، جيڪو کيس ڪوريئڙي جي ڄار جيان وڪوڙي رهيو هو، هڪ اڻ ڏٺو ڊپ جيڪو ڪنهن وڏي طوفان جو پيش خيمو ٿي سگهيو ٿي، ساهه منجهڻ لڳو هو، ماحول ٻوساٽيل لڳي رهيو هو، هن پاڻي جا ٻه گلاس پيتا ۽ ڪرسي تي ويهي پاڻ کي نارمل حالت ۾ آڻي ڪجهه راهه تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته جيئن ڪو وچٿرو رستو نڪري اچي ته جيئن حالتون بهتري طرف اچي سگهن جو هڪ طرف پيار هو ته ٻيءَ طرف جيجل امڙ هئي پر اهڙي ڪا به راهه نه سُجهي رهي هئي جيڪا کيس هن پيڙا مان ٻاهر ڪڍي سگهي.

29

فليٽ جي دريءَ مان سج جا ڪرڻا ليئا پائي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا، آڪاش ننڊاکڙين اکين سان بلانڪيٽ مان چهرو ٻاهر ڪڍندي ڏٺو ته آسمان جي سيني تي روشني جو لباس اوڍيل هو، ۽ اترکان ڏکڻ طرف ڪجهه پکي آسمان ۾ اڏامندا پئي ويا، امڙ طرفان مڱڻيءَ لاءِ آيل رشتي جي ڳالهه تي سوچيندي سوچيندي خبر نه ڪنهن وقت دير سان اک لڳي ويئي هئي. ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري جسم ڳرو ۽ مٿو ڀاري ڀاري محسوس ٿي رهيو هو.
قدرت به عجيب آهي جيئن معصوم ٻار کي خوش ڪرڻ لاءِ ان جي پسند جو رانديڪو ڏبو آهي ۽ پوءِ وري واپس وٺي رکي ڇڏبو آهي تيئن قدرت به ويران صحرا جهڙي بنجر دل جي زمين تي پِرهه جي روپ ۾ محبت جي برسات جون چند ڪڻيون وسائي وري بيوفا بادل بڻجي رُسي ويئي. ڇا زندگي ۾ ايئن ئي هميشه جيان حادثا ٿيندا رهندا، محبت جا قول قرار اڌورا رهجي ويندا ۽ دلين جون تندون ايئن ئي ڇڄنديون رهنديون، محبت بدران بس نفرتن جون نديون ئي وهنديون رهنديون. ننڊ مان اٿندي ئي ٻيهر مختلف سوال هُن جي ذهن تي تري آيا.
”ڇا ايئن نه ٿو ٿي سگهي جو هڪڙو اهڙو خوشين جو جهان اڏجي جتي محبت جي باغيچن ۾ رنگا رنگي گل ۽ ٻوٽا ڦٽندا رهن، معصوم ٻارڙا ٿر تي آيل وسڪاري کان پوءِ واري تي گهر ٺاهيندا رهن، ڪارونجهر جي ڪور تي ست رنگي پر پکيڙي مور خوشي وچان رقص ڪندا رهن، راڻا سر جي ترائي تي نوخيز جوانيون ٽهڪ ڏينديون رهن، حسين جوانين جي گلابي چپن تي چمين جا چٽ قائم رهن، ٿر تي بادل مينهن وسائيندا رهن ۽ ڊسمبر جي ٿڌڙي رات ۾ بئنچ تي هڪڙي ئي اجرڪ ۾ ويڙهيل جوانيون چنڊ کي ڏسندي پيار جا قول قرار ڪنديون رهن، سردي جي صبح جو گرم چانهه جي چسڪي تي پيار ڪهاڻيون سدا جوان ٿينديون رهن، ڪنوارين جي هٿڙن تي مهندي رتا چٽ سدا ڳاڙها رهن ۽ سندن پايل جي ڇن ڇن تي ڳڀرو ٿڌا ساهه کڻندا رهن.“ اهڙا انيڪ خيال سوال بڻجي سندس ذهن کي جنجهوڙي رهيا هئا.
آڪاش هڪ عجيب ڪيفيت مان گذري رهيو هو ته هِن مسئلي جو حل ڪيئن نڪري؟ هڪ پاسي دل جي دنيا، پهريون پيار، پِرهه جي محبت ۽ هن جا آڇيل ماڪ ڦڙن جهڙا نفيس احساس هئا ته ٻيءَ پاسي جيجل امڙ، ان جو خوشيون، آسون ۽ اميدون هيون. هڪ کي راضي ٿو ڪري ته ٻيو ناراض. ٻئي سندس سڪ جا سڳا هئا، ڪنهن هڪ جي به ڇڄڻ سان کيس ئي تڪليف پهچي ها. پر هُن اهو قطعي نٿي چاهيو ته هُن جي ڪارڻ ڪنهن جي اکين ۾ آب اچي.
هُو اداسين جي لهرن ۾ ئي وچڙيو پيو هو ته سندس دوست ڪريم ڪمري ۾ داخل ٿيو کيس ايئن پريشان ڏسي ماجرا معلوم ڪيائين.
آڪاش گهڻي اسرار تي اداسي مان پنهنجي تڪليف دوست ڪريم سان سَلي جنهن کي پڻ ايئن اچانڪ رشتي جي ڳالهه ٻُڌي تعجب ٿيو.
”ماسي اچانڪ ايئن ڪٿان رشتو ڳوليو آ؟“ ڪريم، آڪاش جي ڪمري ۾ رکيل ڪرسي سرڪائي ويهندي پڇيو.
”يار مون پاڻ کي فون تي خبر پيئي آهي. گذريل هفتي گهر ويو هوس ته مون سان ڪنهن به اهڙي ڳالهه نه ڪئي هئي.“ آڪاش پريشاني وچان ڪريم کي ٻڌائيندي چيو.
”پوءِ تون ماسيءَ کي چوينس ته توکي هينئر دلچسپي ناهي، في الحال صبر ڪري.“ ڪريم آڪاش کي مشورو ڏيندي چيو.
”منهنجا مٺڙا تون ڇا ٿو سمجهين مون اهو نه چيو هوندو!“ آڪاش ڪريم جي مشوري تي جواب ڏيندي چيو.
”پوءِ ماسي ان تي ڇا چيو ؟“ ڪريم سوال ڪندي پڇيو.
”يار امان ڪجهه ٻڌڻ لاءِ ئي تيار ناهي، چوي پيئي ته ڇوڪريءَ، گهر، رشتو سڀ مون ڏسي ڇڏيا آهن بس تون ڇوڪري جي تصوير ڏسي وٺ ته ڪو مناسب ڏينهن ڏسي روبرو ملي رشتو طئه ڪجي.“ آڪاش پنهنجي دُکدائڪ صورتحال ٻڌائيندي چيو.
”پوءِ يار پِرهه جو ڇا ٿيندو؟“ ڪريم اونهو ساهه کڻندي چيو.
”اهو ئي سمورو مسئلو آهي ته پِرهه سان اها وڏي ناانصافي ٿيندي، جيڪا هُو برداشت ئي نه ڪري سگهندي.“ آڪاش اداسي مان وراڻيو.
”پوءِ تون ماسيءَ کي چوينس ته تون پِرهه کي پسند ڪرين ٿو ۽ ان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهين. پِرهه کي ماسي به ڏاڍو پسند ڪري ٿي، توهان جي گهر به اچڻ وڃڻ به رهيو آهي.“ ڪريم آڪاش کي صلاح ڏيندي چيائين.
”ايئن ئي ڪرڻو پوندو سڀاڻي ٻن ڏينهن جي موڪل وٺي گهر ٿو وڃان ۽ سموري حقيقت بيان ڪيان ٿو اميد آهي ته منهنجي دل جي ڳالهه کي مان ڏيندي.“ آڪاش ڪريم جي صلاح سان سهمت ٿيندي چيو.
”بلڪل پيارا مائرون ته پنهنجن ٻچڙن جي خوشي ئي چاهينديون آهن، تون پيار سان ڳالهه سمجهائيندين ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ۽ هُو تنهنجو رشتو پِرهه جي مائٽن کان گهري وٺندي.“ ڪريم آڪاش کي دلداري ڏيندي چيو.
”پر پِرهه جا مائٽ انهي رشتي لاءِ راضي ٿيندا؟ هُو سماجي ۽ معاشي طور اسان کان ڪئين ڀيرا مٿي آهن.“ آڪاش ٻيهر اٻاڻڪو ٿيندي چيو.
”ادا اهي جيڪر زميندار آهن ته تون به سماجي طور هڪ سٺي سڃاڻپ رکين ٿو، باقي رشتن ۾ پئسن جي تورماپ ڪونه ڪبي آهي، ڏسبو آهي ته ڇوڪرو ڪيئن آهي، خاندان ڪيئن آهي، ڇوڪري خوش رهندي يا نه؟ تون انهن منفي ڳالهين ۾ نه پئو بس ماسي کي دل جي ڳالهه ٻڌاءِ، الله سائين بهتر ڪندو.“ ڪريم آڪاش جي پٺيءَ ٺپيريندي چيو.
بس ايئن ٿو ڪيان اڳتي الله مالڪ آهي.“ آڪاش ڪريم سان سهمت ٿيندي اٿيو ۽ تيار ٿي آفيس ڏي روانو ٿيو.

30

آڪاش آفيس ۾ پنهنجي ڪمري ۾ پريشاني واري ڪيفيت ۾ گم هو، نه ڪم ۾ دل ٿي لڳي ۽ نه ئي ڪجهه ڪرڻ تي دل ٿي چيس. بس اٻاڻڪو ٿيو پنهنجي دنيا ۾ سوچ جا گهر ٺاهي ۽ ڊاهي رهيو هو. هُن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هُو امڙ کي ڪيئن راضي ڪندو ته وري پِرهه کي سڄي صورتحال کان ڪيئن آگاهه ڪري.
ايتري ۾ موبائل جي گهنٽي وڳي ۽ سامهون ڪال تي پِرهه هُئي.
هُن نه چاهيندي به فون اٽينڊ ڪيو ۽ دل کي آٿت ڏيندي ٽٽل ڦٽل لفظن کي گڏ ڪري جواب ڏنائين ”هي ي ل و .....“
”هيلو آڪاش ڪيئن آهين؟ ڪٿي آهين؟“ پِرهه سوال ڪندي پڇيو.
”بس ٺِيڪ ئي آهيان، آفيس ۾ آهيان.“ نه چاهيندي به سڀ خيريت جو حال ٻڌائيندي آڪاش چيو؛ پر پِرهه کي جواب مان تسلي نه ملي سگهي ۽ هُن کي محسوس ٿيو ته آڪاش صحيح نموني نه پيو ڳالهائي جيئن مذاق مستي ۾ ڳالهائيندو آهي.
”تنهنجي آواز مان لڳي پيو ته تنهنجي طبيعت صحيح نه آهي.“ پِرهه سوال ڪندي پڇيو.
”نه نه طبيعت صحيح ئي آهي، بس رات دير سان سمهڻ ۽ صبح دير سان اٿڻ ڪري ٿورو مٿي ۾ سور ٿي پيو آهي، باقي خير ئي آهي.“ آڪاش ڳالهه کي ٺاهيندي چيو.
”آئون اوستائين مطمعن نه ٿينديس، جيستائين توکي روبرو نه ڏسنديس، آئون آفيس اچان ٿي.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”نه نه آفيس اچڻ جي ضرورت ناهي، هتي آئون ڪم ۾ مصروف آهيان، باقي مٿي جي سور جي گوري گهرائي ٿو وٺان.“ آڪاش پِرهه کي تسلي ڏيندي چيو.
”ڪوئي ضرورت ناهي گوري گهُرائڻ جي، آئون اچان ٿي پاڻ پنهنجي هٿن سان گوري کارائينديس تڏهن ئي من کي سڪون ملندو.“ پِرهه آڪاش تي واضح ڪندي چيو.
”پر آفيس جي وقت تي ڪٿي ايندئين؟“ آڪاش ٻيهر منع ڪندي چيو.
”ڇو هُن نڀاڳي منع ڪئي آهي ڇا اچڻ کان؟ آفيس ۾ ڪير ڪنهن جو رشتيدار ملڻ لاءِ نه ٿو اچي سگهي ڇا؟“ پِرهه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
”هن معاملي ۾ هُو ويچاري ڪٿان آئي وچ ۾، تون به عجيب آهين. آڪاش پِرهه کي وراڻي ڏيندي چيو.
”پوءِ منع ڇو ٿو ڪرين؟“ پِرهه سوال ڪندي چيو.
”چڱو آفيس جي پاسي ۾ جيڪو ڪافي شاپ آهي اتي اچ ته ويهي ڪافي به پيئون ٿا ۽ ڳالهايون ٿا.“ آڪاش پِرهه کي جواب ڏيندي چيو.
”ڳالهايون ٿا مطلب؟ ڪجهه چوڻو آهي؟ ڪا ڳالهه ڪرڻي آهي؟“ پِرهه آڪاش جي اهڙي جواب تي کائنس پڇيو.
”ها دراصل مون کي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“ نيٺ آڪاش پِرهه کي سموري ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي آئون ڪافي شاپ وٽ پهچي ڪال ڪيان ٿي.“ پِرهه جواب ڏيندي چيو.
”ٺيڪ آهي انتظار ڪيان ٿو.“ آڪاش جواب ڏيندي چيو.
ڪجهه ئي دير بعد پِرهه ڪافي شاپ پهتي جتي آڪاش سندس انتظار ڪري رهيو هو.
”آڪاش خير ته آهي؟ ڇا ڳالهائڻو آهي توکي مون سان؟“ پِرهه ڪافي شاپ ۾ داخل ٿيندي ئي فوراً آڪاش کان سوال ڪيو.
”اچ اندر سڪون سان ويهه ٻڌايان ٿو.“ آڪاش تسلي ڏيندي چيو.
ٻيئي ڄڻا هڪڙي پاسي رکيل ٽيبل ڀرسان ڪرسيون سرڪائي ويٺا ۽ آڪاش ڪافي جو آرڊر ڏنو.
”پِرهه اها ته توکي چڱي ريت خبر آهي ته مون توکي سچي من سان چاهيو آهي، پيار ڪيو آهي، منهنجي هر احساس ۾ تنهنجي لاءِ پيار جي پريت ۽ قرب سمايل آهي.“ آڪاش پِرهه جي ٽيبل تي رکيل هٿ تي پنهنجو هٿ رکندي چيو.
”بلڪل ان ۾ ڪهڙو شڪ آهي، پاڻ ٻيئي ٻه جسم پر هڪ جان آهيون. پر مٺڙا اچانڪ اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“ پِرهه پريشان ٿيندي چيو.
”منهنجي مٺڙي جانان! آئون زندگي جي ان ٻي واٽي تي اچي پهتو آهيان جنهن جي هڪ طرف محبت ته ٻيءَ طرف ڪجهه وجودن جي خوشي شامل آهي، جيڪر آئون پنهنجي خوشي کي پروان چڙهايان ٿو ته باقي وجودن جي خوشين جو گلو گهٽجي ٿو وڃي ۽ جيڪر انهن جي مرڪن جو خيال ٿو ڪريان ته پنهنجي محبت جي وجود کي زخمي ٿو ڪرڻو پوي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته آئون ڇا ڪيان؟“ آڪاش وياڪُلتا ۾ پنهنجي مجبوري پِرهه کي سڻائيندي چيو.
پِرهه کي آڪاش جي ڳجهارتن ۾ چيل ڳالهه بلڪل ئي سمجهه ۾ نه آئي ۽ پريشان ٿيندي سامهون واري ڪرسي تان اٿي آڪاش جي پاسي ۾ رکيل ڪرسي تي ويهندي چيائين.
”آئون تنهنجي ڳالهه کي سمجهي نه سگهيس، آڪاش ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ کولي ٻڌاءِ پليز!“
”پِرهه جنهن جيجل جهول ڀري مون کي اڪير مان دعائون ڏنيون آهن، جنهن جي آڱر پڪڙي مون هلڻ سکيو، ٻاتا ٻول ٻولڻ سکيا، تون ٻڌائي ان جيجل کي آئون ڪيئن سمجهايان، ڀلان ان جي چهري تي آئون تڪليف جي ڪيفيت ڪيئن ٿو ڏسي سگهان. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪيان؟“ آڪاش ٻيهر پِرهه کي دل جو حال اوريندي چيو.
”آڪاش تون مسلسل ڳجهارتن ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهين، مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي. محبت، ممتا، جيجل ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ جيڪو به دل ۾ آهي کولي سمجهائي.“ پِرهه ٻيهر کيس سڌي ريت ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ چيو.
”پِرهه توکي ڪيئن ٻڌايان ته هڪ طرف منهنجي جيجل امڙ جو خوشيون ۽ سندس تمنائون آهن ته ٻيءَ طرف مون کي تنهنجي طرفان ارپيل محبتون پڻ اوتريون ئي عزيز آهن، منهنجي من جي ڪٻٽ ۾ تنهنجي پيار جون سموريون يادگيريون هميشه يادگار ۽ محفوظ رهنديون پئي آيون آهن، تنهنجي آڇيل چمين جا آثار سنڌوءَ جي تهذيب جيان هميشه زنده رهيا آهن، تنهنجا پيار مان پاتل ڀاڪر ان معصوم جواني جي ڪچي ننڊ مان جاڳيل نيڻن جيان خماريل رهيا آهن، تنهنجا ٽهڪ ڪنهن جواني جي آنچل ۾ ٽانڪيل ستارن جيان جڳمڳائيندا رهيا آهن.“آڪاش ٻيهر من جي احساسن کي لفظن ذريعي پِرهه کي اورڻ جي ڪوشش ڪئي.
”منهنجي محبت ۽ منهنجي امڙ، ڇا مطلب آڪاش؟ ڪجهه ٿيو آهي ڇا؟ پليز منهنجو مغز ٿو ڦاٽي هاڻي، جيڪر سڌي ڳالهه نه ڪندين ته هانوءُ ڦاٽي پوندو.“ پِرهه پريشاني مان ٻنهي هٿن سان پنهنجي مٿي کي جنجهوڙيندي چيو.
”تنهنجي زندگي ۾ مس مس خوشين جا گلاب کِڙيا هئا، مون کي خوف ٿو ٿئي ته منهنجي ڪري اهي سمورا گل خزان جي موسم ۾ پيلي پن جيان ڇڻي نه پون! تنهنجون مرڪون منهنجي ڪارڻ کسجي نه پون! پِرهه آئون تنهنجو گناهگار ٿي پوندس.“ آڪاش مايوسي واري ڪيفيت ۾ ڳالهه اوريندي چيو.
”آڪاش هيءُ اچانڪ ڪهڙيون پيو منفي ڳالهيون ڪرين، منهنجو هانءُ ٿو ڦاٽي، آئون روئي پونديس، پليز ڇا ٿيو آهي؟ مون کي ٻڌاءِ نه پليز. امڙ ڇا چيو آهي؟ تون اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“ پِرهه جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا.
”پِرهه پليز روءَ نه، اهو پبلڪ پليس آهي. اڃان اهڙو ڪجهه به نه ٿيو آهي، پر ..!“ آڪاش ڳالهه ڪندي وري رڪجي پيو.
”پر ڇا آڪاش ٻڌاءِ نه ڳالهه ڇا آهي؟“ پِرهه آڪاش جي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ پڪڙيندي چيو.
”پِرهه امان منهنجي لاءِ ڪا ڇوڪريءَ پسند ڪئي آهي، جنهن جي تصوير اماڻي آهي.“ آڪاش موبائل جي اسڪرين تي تصوير پِرهه کي ڏيکاريندي چيو.
”مون کي محسوس ٿي رهيو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن تون مون کي اڪيلو ڇڏي هليو ويندين. محبت جي معاملي ۾ منهنجي حيثيت سدائين فقير جي ڦاٽل گودڙي وانگي رهي آهي جنهن ۾ ڪير ٻه چار داڻا وجهي به ٿو ته اهي ڦاٽل گودڙي مان ڪري ٿا پون. منهنجي گهر، رشتيدارن کان وٺي سدائين مون کي صرف نفرتون، طعنا ۽ ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ئي مليون آهن. تو مون کي زندگي جيئڻ جو گس ڏنو، هڪڙو اُتساهه پيدا ڪيو پر منهنجي قسمت هتي به منهنجي سامهون اچي بيٺِي. آڪاش سواءِ تنهنجي آئون ڪيڏانهن وينديئس؟“ پِرهه روئيندي ڪنڌ آڪاش جي ڪلهي سان لائيندي چيو.
”ڳالهه ته ٻڌ روءَ نه! اکيون صاف ڪر پهرين.“ آڪاش ٽيبل تي پيل ٽشو باڪس مان ٽشوپيپر ڪڍي پِرهه کي ڏيندي چيو.
”امان صرف اها ڇوڪري پنهنجي طور تي پسند ڪئي آهي، پر مون فيصلو ڪيو آهي ته اڄ آفيس کان موڪل وٺِي گهر ٿو وڃان ۽ امان کي تنهنجي ۽ منهنجي باري ۾ سڀ ٻڌايان ٿو ۽ چوان ٿو ته هُو تنهنجي گهروارن کان منهنجي لاءِ تنهنجو رشتو گهُري.“ آڪاش پِرهه کي حوصلو ڏيندي چيو.
”آڪاش جي واتان اهڙي مثبت ڳالهه ٻڌي پِرهه جيڪا منفي ڳالهيون ٻڌي انڌاري ۾ ڀٽڪندي رهي هئي تنهن کي اچانڪ روشني جا ڪرڻا ڏسڻ ۾ آيا ۽ لڙڪ اگهندي چيائين،”ڇا اهو ممڪن آهي؟“
”ها ڇو نه! امان توکي تمام گهڻو پسند ڪري ٿي، ادي پڻ سدائين تنهنجون تعريفون ڪندي رهندي آهي. آئون اڄ ئي گهر وڃي امان کي تنهنجي گهر موڪلايان ٿو تون دلجاءِ ڪر.“ آڪاش ٻيهر حوصلو ڏيندي چيو.
”آئون مالڪ سائين کان دعا ٿي گهران، باس ٿي باسيان ته مالڪ سڻائي ڪري ۽ پنهنجو رشتو سڀني کي قبول ٿي وڃي.“ پِرهه ڳوٺاڻي روايت وانگي پنهنجي چنري جي پلئه جي ڪُنڊ کي ڳنڍ ڏيندي باس باسيائين.
”بي فڪر رهه، مالڪ چڱائي ڪندو. هاڻي تون ڀلين وڃ، آئون به آفيس وڃي موڪل ٿو وٺان ۽ پوءِ گهر لاءِ نڪري ٿو پوان.“ آڪاش کيس ٻانهن کان وٺندي اٿاريندي چيو.
”چڱو ٺيڪ آهي.“ پِرهه پڻ اٿندي جواب ڏنو.
ٻيئي ڄڻا ڪافي شاپ مان نڪتا، پِرهه فليٽ ڏي رواني ٿي ۽ آڪاش موڪل وٺڻ لاءِ آفيس ڏي هليو ويو.

31

رات جو ماني جي ٽيبل تي آڪاش، سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ ويٺل هئا. ماني کائيندي ماءُ ڳالهه شروع ڪندي پڇيائين.
”آڪاش تو تصوير ڏٺي؟ ڇوڪري ڪيڏي نه خوبصورت آهي، پڙهيل لکيل به، مائٽ به سٺا ۽ گهر وغيره بهترين آهي.“
”پر امڙ آئون هڪڙي ڳالهه توهان سان اورڻ ٿو چاهيان.“ آڪاش چانورن جي پليٽ ۾ چمچي سان چانورن جي داڻن کي ڦهلورڻ لڳو، پريشاني وچان ماني کائڻ تي ته دل ئي نه پئي چئيس.
”ها پٽ بلڪل چئو.“ ماءُ مسڪرائيندي چيو.
”امان هُو جيڪو..!“ آڪاش کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته پِرهه جي باري ۾ ڳالهه ڪٿان کان شروع ڪري.
”ها ڳالهه ڪر پٽ، پاڻ سڀ پنهنجا ئي ويٺا آهيون.“ آڪاش جي پيءُ کيس دلجاءِ ڪندي چيو.
”ها ادا جيڪا ڳالهه آهي دل کولي ٻڌاءِ، ڇوڪري پسند نه آهي ڇا؟ يا مڱڻي تي ڪو اعتراض آهي ڇا؟“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ کائنس ضمني سوال ڪندي چيو.
”چپ ڪر پسند ڇونه هوندي ڇوڪري، حُور جهڙي سهڻي آهي.“ ماءُ ننڍي ڀيڻ کي ڇنڊ پٽيندي چيو.
”مون ته ادا کي ڳالهه شروع ڪرڻ لاءِ مدد پئي ڪئي.“ ڀيڻ دڙڪي ملڻ تي منهن ڦٽائي ماني کائڻ ۾ لڳي ويئي.
”ڇوڪري ته سٺي آهي خوبصورت آهي پر....“ آڪاش ٻيهر ڳالهه اوريندي اڌ ۾ رڪجي ويو.
”پر ڇا پٽ؟ ڳالهه ڪر مون سان.“ امڙ آڪاش کي دل جي ڳالهه کولي ڪرڻ لاءِ چيس.
”امان آئون ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ کي پسند ڪريان ٿو، اها به مون کي پسند ڪري ٿي. اسين ٻيئي شادي ڪرڻ چاهيون ٿا.“ آڪاش دل ٻَڌي يڪ ساهي ۾ ڳالهه پوري ڪري ويو.
”هڪ جو ته مون کي به اندازو آهي جنهن جو ذڪر مون امان سان به ڪيو هو.“ ننڍي ڀيڻ مسڪرائيندي انومان لڳائيندي چيو.
آڪاش ڇرڪ پائي ننڍي ڀيڻ ڏي ڏٺو، جيڪا ماءُ ڏي نهاري مسڪرائي پوءَ آڪاش کي ڏسي مسڪرائي رهي هئي.
”تون چپ ڪر، آڪاش کي پوري ڳالهه ته ڪرڻ ڏي.“ امڙ ٻيهر ڇنڊ پٽيندي ننڍي ڀيڻ کي چپ ڪرايو جيڪا ويچاري ٻيهر خاموش ٿي ويئي.
”امان تون هُن کي ڀلي ريت سڃاڻين ٿي ۽ پسند به ڪرين ٿي مون کي يقين آهي ته تون نالو ٻڌي فوراً ها ڪنديئين.“ آڪاش اميد جي نظرن سان امڙ ڏي نهاريندي چيو.
”پٽ منهنجي لاءِ تنهنجي خوشي ۾ ئي خوشي آهي، تون نالو ٻڌاءِ ڪير آهي؟“ ماءُ کيس ڇوڪري جو نالو ٻڌائڻ لاءِ چيو.
”امان اها پِرهه آهي، جنهن سان آئون پيار ڪيان ٿو ۽ کيس پنهنجو جيون ساٿي بڻائڻ چاهيان ٿو.“ آڪاش نيٺ پنهنجي دل جي ڳالهه امڙ کي بيان ڪندي چيو.
”تون ڇا ٿو سمجهين آئون تنهنجي دل جي ڳالهه کي سمجهي نه ٿي سگهان؟ آئون تنهنجي ماءُ آهيان، آئون ته تنهنجي ۽ پِرهه جي پيار کي ڪافي وقت اڳ ئي پرکي ويئي هيس.“ آڪاش جي امڙ پنهنجي لاءِ ماني پليٽ ۾ وجهندي چيو.
”ها ادا امان صحيح ٿي چوي.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ به امڙ جي ڳالهه جي تائيد ڪئي.
”مطلب؟“ آڪاش ڪجهه به سمجهي نه سگهيو ۽ حيراني جا تاثرات چهري آڻيندي چيائين.
”انهن ڏينهن ۾ جڏهن تنهنجي ڊيوٽي هتي حيدرآباد ۾ ئي هئي، ته روز توهان ٻيئي آفيس مان گڏ گهر ايندا هئا، ماني گڏ کائيندا هئا، پِرهه جو ايترو حجائتو ٿيڻ، تنهنجو پڻ هن سان گهڻو وقت گهارڻ، گڏ کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ اهو مون کي دوستي ۽ آفيس ڪليگ کان وڌ محسوس ٿيو هو.“ امڙ پنهنجي ڳالهه کي پيرائتي ڪري ٻڌائي.
”اها ڳالهه مون به محسوس ڪئي هئي ۽ امان سان ذڪر به ڪيو هو، ته ادا ۽ پِرهه هڪ ٻئي کي شايد پسند ڪن ٿا.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ امڙ جي ڳالهه جي ٻيهر تائيد ڪندي چيو.
”پر توهان مون سان ته ڪڏهن پهرين اهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي هئي؟“ آڪاش حيران ٿيندي چيو.
”امان سوچيو ته هُو پِرهه جي گهر وارن کان تنهنجو رشتو گهري توکي سرپرائيز ڏي پر!“ ننڍي ڀيڻ ڳالهه مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ئي ڪٽي ڇڏي.
”پر ڇا؟“ آڪاش حيران ٿيندي پڇيو.
”مون کي پڻ پِرهه ڏاڍي پسند هئي، مون پڻ چاهيو ٿي ته هُو منهنجي گهر جي ننهن بڻجي اهو سوچي آئون پِرهه جو رشتو گهرڻ لاءِ سندس گهر ويئي هيس، پر هن جي ماءُ پنهنجي اميري ۽ زمينداري جو رعب جتائيندي الٽو منهنجي بيحرمتي ڪري موٽائي ڇڏيائين.“ امڙ مايوسي جا تاثرات چهري تي آڻيندي چيو.
ادا امان جي اها ڳالهه صحيح آهي، آئون به ساڻس گڏ وئي هئس، پِرهه جي امڙ وڏيرڪو رعب ڪندي امان کي گهٽ وڌ به ڳالهايائين ۽ چيائين ته توهان جي جرئت ڪيئن ٿي آهي جو رشتي لاءِ آيا آهيو. پنهنجي حيثيت ڏسو توهين اسان جي لائق نه آهيو. ڪٿي اسان جي شهزادي جهڙي ناز سان پليل ڌيءَ ۽ ڪٿي توهان. هُو ڪجهه ڏينهن توهان جي گهر ڇا آئي يا تنهنجي پٽ کان ڪجهه پڙهائي بابت ڇا پڇيائين توهان ته کيس پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ملڪيت تي نظر رکي ويٺا آهيو. ادا ڏاڍا ڪڙا لفظ استعمال ڪيا هئا پِرهه جي اَمڙ. امان کي روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو هئائين پر امان خاموشي سان ٻڌي واپس موٽي آئي.“ آڪاش جي ننڍي ڀيڻ اٻاڻڪي لهجي ۾ ڳالهه ٻڌائيندي چيو جنهن تي آڪاش جي امڙ جون اکيون ڀرجي آيون.
”ايترو سڀ ڪجهه ٿي ويو پوءِ توهان مون سان اها ڳالهه پهرين ڇونه ڪئي هئي.“ آڪاش حيران ٿيندي چيو.
”مون کي امان ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو هو.“ آڪاش جي ڀيڻ جواب ڏيندي چيو.
”ٻڌ آڪاش جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو هيءَ اَن منهنجي اڳيان پيو آهي، ان ڏينهن مون من ئي من ۾ قسم کنيو هو ته هن کي سندس ڌيءَ کان وڌ سهڻي ڇوڪري سان تنهنجي شادي ڪرائي ڏيکارينديس، سو آڪاش هيءَ منهنجي عزت جو سوال آهي.“ امڙ آليون اکيون صاف ڪندي چيو.
”پر امان آئون پِرهه سان پيار ڪيان ٿو، هُو به مون سان پيار ڪري ٿي، کيس دوکو ڪيئن ڏيان؟“ آڪاش امڙ کي متوجه ٿيندي چيو.
”مون کي پِرهه پنهنجي ڌيءَ جيان عزيز آهي، هُو ڏاڍي معصوم ۽ صاف دل ڇوڪري آهي مون هميشه هن کي گهر جي ڀاتي جيان جيءُ ۾ جاءِ ڏني آهي، پر جيڪر سندس امڙ ئي نه ٿي چاهي ته پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.“ آڪاش جي امڙ آڪاش کي سمجهائيندي چيو.
”هڪ دفعو ٻيهر کيس سمجهائي سگهجي ٿو، کيس قائل ڪري سگهجي ٿو ته پِرهه جي خوشي پڻ انهي ۾ لکيل آهي ته شايد هُو راضي ٿي پئي.“ آڪاش حل ڪڍندي چيو.
”ڇا تون چاهين ٿو ته هُو ٻيهر تنهنجي ماءُ ۽ پيءَ جي بي عزتي ڪري! هڪ دفعو جيڪا هن عزت افزائي ڪئي ان مان تنهنجي دل نه ڀَراڻي آهي ڇا؟“ امڙ ڪاوڙ ڪندي چيو.
”منهنجي چوڻ جو مطلب اهو نه هو.“ آڪاش سمجهائيندي چيو.
”ادا پِرهه جي ننڍي ڀيڻ ڪجهه ڏينهن پهرين چيو پئي ته پِرهه جو رشتو هُو سندس ماسات سان پڪو ڪرڻ وارا آهن جيڪو ڊاڪٽري پڙهي پيو.“ آڪاش جي ڀيڻ آڪاش کي حقيقت ٻڌائيندي چيو.
”بس هاڻي پڪ ٿي، هُو اسان کي پنهنجي حيثيت جي برابر ئي نه ٿا سمجهن ته پوءِ ساڻس رشتيداري ڪيئن ٿي ڪري سگهجي ۽ پِرهه جي ماءُ جيڪا پنهنجي ڀيڻ جي پٽ کي رشتو ڏيڻ جو سوچي ويٺي آهي سو تنهنجي لاءِ ڀلا ڪيئن ها ڪندي.“ آڪاش جي امڙ ٻيهر ڳالهه دهرائيندي چيو.
”پر پوءِ به.“ آڪاش پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪري تنهن کان اڳ ئي آڪاش جي امڙ پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو.
”آئون تنهنجي رشتي جي زبان ڏيئي چڪي آهيان، منهنجي ڳالهه ٻڌي ڇڏ، آئون ڇوڪريءَ جي مائٽن کي فون ڪري ”مڱڻي جي رسم“ لاءِ سڀاڻي شام جو وقت ٿي طئه ڪريان، سمورو سامان آئون ڪافي ڏينهن کان وٺي چڪي آهيان باقي منڊي سڀاڻي ئي مارڪيٽ مان وٺي ٿي وٺان، اهو منهنجو فيصلو آهي.“ امڙ ڪاوڙ مان فيصلو ٻڌائيندي ڊائننگ ٽيبل تان اٿندي چيو.
”پر ايترو جلدي ڪيئن ممڪن آهي؟“ آڪاش کيس روڪيندي چيو.
”آڪاش تو ها نه ڪئي ته آئون خودڪشي ڪري ڇڏينديس تون سمجهي ڇڏ.“ امڙ پنهنجو آخري فيصلو ٻڌائيندي چيو.
ماءُ جو اهڙو جملو ٻڌي آڪاش کان ساهه ڇڏائجي ويو ته هاڻي هُو ڪري ته ڇا ڪري هڪ طرف ماءَ جي ممتا ته ٻيءَ طرف محبت پر جڏهن هُن ٻنهي کي احساس جي ساهمي ۾ توري ڏٺو ته پنهنجي خوشي کان وڌ هُن کي جيجل جون خوشيون وڌيڪ عزيز لڳيون جنهن جي ڪارڻ هُن کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو جيڪو لازمي هن لاءِ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر زندگي ٻين لاءِ جيئڻ جو درس ڏيئي ٿي، ان ڪري نه چاهيندي به آڪاش کي ماءُ جو فيصلو قبول ڪرڻو پيو.
آڪاش دل تي پٿر رکندي ”ها“ ڪئي.
جنهن تي امڙ ڊوڙي اچي آڪاش کي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ خوشي مان پيشاني چُمي دعائون ڏيندي چوڻ لڳي. ”پٽ تون دل نه لاهه، تنهنجي لاءِ جيڪا ڇوڪري پسند ڪئي آهي اها تمام سٺي، ۽ سلجهيل آهي تون خوش رهندين، منهنجون دعائون هميشه تو سان گڏ آهن.“
سڀئي ڄڻا خوش ٿي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا ۽ امڙ ڇوڪريءَ وارن کي مڱڻي جي رسم جو وقت طئه ڪرڻ لاءِ فون ڪرڻ لڳي.
آڪاش پنڊپهڻ جيان پٿر بڻجيو اتي ئي بيٺو رهيو ۽ پِرهه جون سوچون لهرون بڻجي سندس من جي پڌر تي تري آيون جيڪي لڙڪ بڻجي اکين جي ڀَٽياڻي نئين مان وهڻ لڳيون. محبت ۾ سڀ سٺو پيو لڳندو آهي پر جڏهن ان محبت ۾ وڇوڙي جا واءُ ورندا آهن ۽ پيڙاءُ طوفان بڻجي دل اندر جي وستين کي اجاڙي ويندي آهي، جيڪا وستي ڪيڏي نه پيار ۽ پريت جوڙي ويئي هئي سا کن پل ۾ طوفان جي زد ۾ اچي اجڙي ٿي وڃي. جنهن جي اجاڙ سان ڪيترن ئي وجودن جا رستا ئي بدلجي ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي اکين سان انهي اجاڙ کي ڏسندي پيڙاءُ ۾ پلجي چاهيندي به ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن، اهڙي مجبوري ۽ بي وسي انسان کان جياپي جا گس ئي کسي ٿي ڇڏي جنهن ۾ ڪوئي ساٿي سفر ۾ ساٿ نه هجي ته ڀلا اهڙي پنڌ جو ڪهڙو فائدو جنهن جي منزل جو ڪو مقصد ئي نه هجي بس بي مطلب ڏکن جي راهه تي ايئن ئي وجود ڀٽڪندو رهي.
چپن تي ڦٽل ٽٽل لفظ سڏڪا بڻجي وهي پيا. ”پِرهه مون کي معاف ڪجان، آئون تو سان وفا نه ڪري سگهيس.“

32

ٻي ڏينهن شام جو پهر، آڪاش سندس گهر وارا ۽ منڱيندي سندس گهر وارا ۽ ڪجهه مهمان بوڪ ڪيل هال تي پهتا. سڀني جا چهرا ٽڙيل ۽ خوشي ۾ ٻهڪيل هئا. بس ان سموري ماحول ۾ ”ميلي ۾ تون تنها تنها ڪنهن کي ڳولين ٿو، هٿ ۾ گجرا اک ۾ ڳوڙها ڪنهن کي ڳولين ٿو“ جي سٽن مثل آڪاش اداس بي جان بُت بڻيو بيٺو هو. هُن جي نظرن هيڏي وڏي ميڙ ۾ پِرهه کي تلاش ڪيو پئي هن چاهيو ٿي ته پِرهه مڱيندي جي جرڪندڙ لباس ۾ ڪنوار جيان سينگاريل سامهون گيٽ مان داخل ٿئي ۽ هُو ڊوڙي وڃي کيس ٻانهن ۾ کڻي اسٽيج تائين اچي ۽ رومانٽڪ انداز ۾ گوڏن ڀر ويهي محبت جي ڪهاڻي جي تڪميل جو اظهار ڪري ته چوڏس سيٽيون وڄن، سِنو اسپري ٿئي، گُلن جو پتيون مٿن اڇلائجن ۽ هُو مرڪن جي مانڊاڻ ۾ پيار جي نشاني سندس ڪومل آڱر ۾ پارائي پنهنجو زندگي جو حصو بڻائي. پر سندس سمورا خيال شيشي جيان هڪڙي ئي ٺوڪر تي زمين تي ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيا جڏهن ڪنهن سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو ته ”آڪاش اسٽيج تي اچ ڇوڪريءَ وارا پهچي ويا آهن.“ ۽ هُو محبت جي ٽٽل ٽڪرن کي ميڙي اڳتي وڌيو پر سندس خيال جي ٻيڙي اڃان تائين پِرهه جي پيار جي لهرن ۾ ئي لُڏي رهي هئي جنهن کي شايد ئي هاڻ ڪو ڪنارو ملڻو هو.
بس ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي خوشين جو خيال رکڻو پوي ٿو، ٻين ڪاڻ جيئڻ ئي اصل زندگي آهي اهو به وري ٻيو ڪير نه پر جيجل اَمڙ جنهن جي چيچ جهلي هُن هلڻ سکيو، جنهن ممتا جي آنچل جي ڇانوَ ۾ هن زندگي جا احساس ڀريا ڏينهن گذاريا هئا، جيڪا سندس آرام لاءِ پاڻ راتيون جاڳي هئي، ٻاتن ٻولن کان وٺي خوددار لهجي ۾ ڳالهائڻ جا سمورا درس جنهن امڙ کان پلئه پيا هئا هُو تنهن جي خوشي ۾ رڪاوٽ ڪيئن ٿي بڻجي سگهيو جنهن جي مرڪ سندس جياپو هئي، زماني جي مشيني زندگي جي گوڙ گمسان کان ٿڪجي هُن جڏهن به جيجل جي هنج ۾ پناهه ورتي هئي ته کيس مٺڙي ننڊ اچي ويندي هئي، جڏهن هُو پنهنجي آغوش ۾ سمهاري آسيس ڀريا هٿ هُن جي وارن ۾ ڦيرييندي هئي ته ممتا جون هڙئي مينهن ڪڻيون مٿن وسي پونديون هيون ۽ هُو تڪليفن جا ڪيئي ساگر اُڪري ويندو هو، تنهن جي مرڪ تان کيس پنهنجي جان وڃائڻ به گوارا هئي.
مڱڻي جي باقاعده تقريب شروع ٿي، آڪاش ۽ سندس مڱيندي اسٽيج تي رکيل ڪرسين تي ويٺا ۽ ڪجهه ئي ساعتن بعد ٻنهي طرفن کان سجايل ٿالهين ۾ منڊيون کڻي آيا. تاڙين، خوشي ڀرين گيتن ۽ مسرتن ڀري ماحول ۾ ٻنهي ڄڻن هڪ ٻي کي منڊيون پارائي پنهنجي جيون ساٿي طور قبول ڪيو، آڪاش جي من تي ڄڻ ڪنهن پهاڙ جو وزن اچي ويو هو جڏهن هُن هٿ وڌائي مڱيندي کي منڊي پئي پارائي، پِرهه بدران ٻيءَ ڪنهن ڇوڪري جو سندس جيون ۾ اچڻ ڪنهن خوفناڪ حادثي مثل لڳي رهيو هو، پر هُن دل تي پٿر رکي ماءُ جي خوشي خاطر کيس منڊي پارائي ڪوڙي مرڪ منهن تي سجائي کيڪاريو پر من جي اکين ۾ لڙڪن جو قطارون هيون جنهن کي هُن ٻاهر اچڻ کان روڪي رکيو هو.
رسمون ختم ٿيندي ئي آڪاش اسٽيج تان لهي هيٺ آيو ۽ پِرهه کي آخري ميسيج ڪري موبائل فون آف ڪري ڇڏيائين.
”ٿي سگهي ته مونکي معاف ڪري ڇڏجان، آئون هارائي ويس ۽ توسان انصاف نه ڪري سگهيس.“
هُن نه ٿي چاهيو ته هن جي ٻڌائڻ کان پهرين کيس ڪنهن ٻي کان مڱڻي جي خبر پوي.
پر خوشيون ۽ خوشبوءَ روڪي نه ٿيون روڪي سگهجن، سڀ کان پهرين مبارڪن جي پوسٽ فوٽوئن سميت سندس جگري دوست ڪريم سوشل ميڊيا تي رکي، جنهن کان پوءِ دوستن، يارن جي مبارڪ باد وارن پيغامن جي ڀرمار ٿي پيئي.
ٻيءَ طرف حسب معمول پِرهه پنهنجي انسٽيٽيوٽ ۾ ليڪچرس اٽينڊ ڪري رهي هئي، ڪلاس دوران فون سائلينٽ هئڻ ڪري پرس ۾ رکيل هو، ان ڪري هُو ان سموري عمل کان لاعلم هئي. آف ٽائيم کان پوءِ ٻاهر نڪري ڪار ۾ چڙهي فليٽ طرف نڪتي، سگنل جي ڪري ڪار رُڪي ته هُن پرس مان موبائل ٻاهر ڪڍيو ته جيئن ڪنهن جو ڪو ميسيج، فون ڪال يا ڪا اپ ڊيپ آيل هجي ته جواب ڏيئي سگهي.
هُن جيئن پرس مان فون ڪڍي چيڪ ڪيو ته پهريون ميسيج آڪاش جو پڙهيائين کيس سمجهه ۾ ڳالهه نه آئي هُن فوراً آڪاش کي ڪال ڪئي پر فون آف پئي آيو، هُن سمجهيو شايد سگنل جو مسئلو هوندو پر جڏهن اسڪرين تي پيل نوٽيفڪيشن چيڪ ڪرڻ لاءِ هُن سوشل ميڊيا جو پئج کوليو ته اسڪرين تي لاتعداد دوستن جا آڪاش کي سندس مڱڻي جي مبارڪ باد جا پيغام پيا هئا جيڪي ڏسي ڪري هُن جي اکين جي اڳيان انڌوڪار ڇائنجي ويئي، ذهن چڪرائجي ويو ته ساڻس هيءَ ڪهڙي ويڌن ٿي ويئي هئي، لڙڪ ورلاپ ڪندا سندس اکڙين جا ڪنارا پار ڪندا وهي آيا هُو پاڳلن وانگي اسڪرين تي اسڪرولنگ ڪندي رهي ته متان اهو سندس وهم هجي پر هٿ ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي؟ هُن ٻيهر آڪاش کي ڪال ڪئي سندس فون آف پيئي آيو. دل ۾ طوفان برپا ٿي ويو ... ذهن ۾ عجيب خيال، وهم ۽ وِسوِسا جنم وٺڻ لڳا ۽ پنهنجي محبت جي اهڙي انجام تي سوچيندي رهي. ڪجهه ئي گهڙين ۾ الائي ڪيترا سوال پنهنجي پريشان من کان ڪري ويئي ته ”ڇا واقعي ئي آڪاش ايئن ڪري سگهي ٿو؟ ڇا آڪاش کيس دوڪو ڏيئي سگهي ٿو؟ جيڪر هن جي مڱڻي طئه ٿي ويئي هئي ته هُن کيس ٻڌايو ڇو نه؟ هُو ته گهر سندس رشتي لاءِ ويو هو!، هُن ته چيو ٿي ته هُو امڙ کي راضي ڪري وٺندو، هن ته چيو ٿي ته هُو پنهنجي امڙ کي منهنجي گهر رشتو گهرڻ لاءِ موڪليندو! پوءِ هيءُ سڀ ڇا آهي؟“
هُن ٻيهر آڪاش کي فون لڳايو پر سندس فون مسلسل آف پئي آيو. هُن ڪريم کان تصديق ڪرڻ لاءِ کيس ڪال ڪئي پر ڪريم به مڱڻي جي تقريب ۾ هئڻ ڪري ميوزڪ، رقص، شور و غُل ۾ ڪال جو آواز ٻڌي نه سگهيو.
پي .... پيپ، پي پي پي .. سنگل آن ٿي چڪو هو، گاڏين جي هارن جا آواز وڄڻ شروع ٿي ويا پر هُو پاڳلن وانگي سموري دنيا کان بي نياز گهڙي سوشل ميڊيا جو پئج چيڪ ڪري رهي هئي ته گهڙي رکي آڪاش ۽ ڪريم کي فون ڪري رهي هئي. نيٺ ٽريفڪ پوليس وارو ڊرائيونگ سيٽ وٽ لنگهي آيو ۽ شيشي تي هٿ جي ٿڦڪي ڪرڻ لڳو، پِرهه نظرون کڻي مٿي نهاريو ته هن محسوس ڪيو ته هُو مين روڊ تي ٽريفڪ روڪي بيٺي هئي، پاسي ۾ ٽريفڪ پوليس وارو سگنل طرف اشارو ڪري ڪار کي اڳتي ڪڍڻ لاءِ چئي رهيو هو. هُن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻي هُو ڇا ڪري؟ گاڏين جي هارن ۽ ٽريفڪ پوليس واري جي اسرار تي هن ڪار گيئر ۾ وڌي ۽ جلدي ۾ اهو فيصلو ڪيائين ته اڳتي وڃڻ بدران سامهون ”يوٽرن“ وٺي واپس انسٽيٽيوٽ واري گلي ۾ بيهي ڪري سڀني سان رابطو ڪري پوءِ فليٽ ڏي ويندي. ڌيان موبائل ۾ هئڻ ۽ خيال آڪاش ڏي هئڻ ڪري هُن بغير ڏسڻ واسڻ جي جيئن ئي ”يوٽرن“ ورتو ته سامهون ايندڙ تيز رفتار ٽرالر ڪار کي ڌوڪيندو ڪلٽيون کارائيندو اڳتي نڪري ويو.
پِرهه جي ڪار ڪلٽيون کائيندي فوٽ پاٿ جي ڪنڊ وٽ وڃي ڪري، ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل پِرهه سيٽ بيلٽ ٻڌل هئڻ ڪري بيهوشي واري حالت ۾ سيٽ تي ئي پيل هئي. ايتري ۾ ٽريفڪ پوليس ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي پيهه جمع ٿي ويئي جن کيس ايمبولينس ذريعي ايمرجنسي ۾ اسپتال پهچايو.

33

ڪافي وقت جي ميوزڪ مَستي کان پوءِ ڪريم ڪنهن کي فون ڪرڻ لاءِ جيب مان موبائل ڪڍيو ته اسڪرين تي پِرهه جو ڪيتريون ئي ڪالز جيڪي اٽينڊ نه ڪرڻ جي ڪري مِس ٿي ويون هيون. هُن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته پِرهه پڪ سان سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس ڏسي فون ڪيو هوندو. هُن آڪاش کي پاڻ وٽ سڏي سموري صورتحال ٻڌائي ته پِرهه هُن کي ڪيتريون ئي ڪالز ڪيون آهن جيڪي هُو اٽينڊ نه ڪري سگهيو پر جيڪر تُون اجازت ڏئين ته ڳالهايان. آڪاش به مناسب سمجهيو ته هُو نه سَهي گهٽ ۾ گهٽ ڪريم ئي ڳالهائي صورتحال ٻڌائيندو هُو ڪجهه رليڪس ٿي ويندي.
”ها بلڪل تون ڳالهائي وٺ ۽ جيڪر مناسب لڳي ته صورتحال کان آگاهه ڪجان ته آڪاش ڪيئن مجبوري جي حالت ۾ هِن مڱڻي لاءِ ها ڪئي آهي.“ آڪاش ڪريم کي فون تي ڳالهائڻ لاءِ اجازت ڏيندي چيو.
ڪريم فوراً ڪال ملائي پر پِرهه جو موبائل جيڪو ايڪسيڊنٽ جي ڪري ٽُٽي چڪو هو، تنهنڪري ڪال مِلي نه سگهي، سگنل جو مسئلو سمجهي ڪريم بار بار ڪال ملائي پر نمبر بند هئڻ ڪري ڪال لڳي نه سگهي. ڪريم آڪاش کي پِرهه جو نمبر مسلسل بند هجڻ بابت ٻڌايو.
نمبر بند هجڻ تي آڪاش پريشان ٿي ويو، عجيب خيال من ۾ اچڻ لڳا ته ”سندس به فون بند هو، ڪريم به فون اٽينڊ نه ڪيو ۽ مٿان وري هُن سوشل ميڊيا تي اسٽيٽس ڏٺا هوندا! الله سائين خير ڪري ڪو غلط قدم نه کنيو هجي! آهي به ڏاڍي جذباتي ۽ صورتحال کان به اڻ ڄاڻ، ۽ هُن اچانڪ جو شيون اسڪرين تي ڏٺيون هونديون هُن جو ته مون تان ويساهه ئي کڄي ويو هوندو.“
ڪافي دير جي وِسوسن بعد اچانڪ هن کي ياد آيو ته ڪينجهر يونيورسٽي جي موڪلن جي ڪري ڪراچي آيل آهي، آڪاش فوراً پنهنجو موبائل جيب مان ڪڍي آن ڪيو ۽ آن ڪندي ئي پِرهه جا ميسيجز اسڪرين تي ظاهر ٿيڻ لڳا، هن ميسيجز پڙهڻ جي بجاءِ فوراً پِرهه جي نمبر تي ڪال ڪري ٻيهر ڪنفرم ڪرڻ چاهيو پر فون ان وقت به آف هو. هُن ترت ئي ڪينجهر جي نمبر تي ڪال ڪئي.
ڪينجهر فون اٽينڊ ڪندي ئي روئي ويٺي، آڪاش جي دل جي ڌڙڪن ئي تيز ٿي ويئي، ”الله خير ڪري ڇا ٿيو ڪينجهر؟ تون روئين ڇو ٿي؟“
”آڪاش هُو آپي ....هُو آپي ...“ لفظ ڪينجهر جي نڙي ۾ اٽڪي پيا ۽ هُو ٻيهر روئڻ ويٺي.
”ڇا ٿيو پِرهه کي؟“ آڪاش ڪينجهر جي اوڌوري ڳالهه ٻڌندي ئي پريشان جي گهري ساگر ۾ ٻڏي پيو ٻيءَ پل پاڻ سنڀاليندي چيائين.”ڪينجهر ٻڌاءِ ڇا ٿيو پِرهه کي؟“
”آڪاش هُو آپي .. اي .. نه .. آپي انسٽي ٽيوٽ کان واپس آئي پئي ته سندس ڪار جو ايڪسي .... ڊنٽ ٿي ويو آهي.“ ڪينجهر زبردستي جملو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”يا الله خير! ڪيئن ايڪسيڊنٽ ٿيو؟ ڪٿي ٿيو؟ هينئر پِرهه ڪٿي آهي؟ حالت ڪيئن آهي؟.“ آڪاش هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي سوال ڪري ويو.
”ٽرالر سان ٽڪر ٿي، مون کي اسپتال کان فون آيو. آڪاش بابا اسلام آباد آهي اَمي ڳوٺ آهي، تو کي ڪال ڪيم تنهنجو نمبر به بند آيو، توکي ميسيج به ڪيم. آئون اسپتال پهتي آهيان. آڪاش آئون آپيءَ لاءِ ڏاڍي پريشان آهيان.“ ڪينجهر سڏڪندي سڏڪندي سموري صورتحال ٻڌائي.
”تون بلڪل به پريشان نه ٿي، آئون حيدرآباد آهيان، فوراً نڪران ٿو، جلد ئي پهچڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.“ آڪاش کي پنهنجو فون آف ڪرڻ جي غلطي تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳي.
”ها آڪاش پليز جلدي اچ، آئون اڪيلي ئي اسپتال ۾ آهيان، آپي ايمرجنسي ۾ آهي، مون کي ڏاڍو ڊپ پيو ٿئي ڪجهه به سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان؟“ ڪينجهر ڳالهه ڪندي ڪندي ٻيهر ڳوڙها ڳاڙهي ويٺي.
”ڪينجهر تون بلڪل به فڪر نه ڪر، الله سائين بهتر ڪندو.“ آڪاش پنهنجا لڙڪ روڪيندي هُن کي تسليءَ ڏيندي چيو.
فون ڪٽندي ئي آڪاش ڪريم کي ڀاڪر پائي روئي ويٺو. ڪريم جنهن فون تي ڳالهيندي ڳالهه ٻڌي ورتي هئي تنهن آڪاش کي تسلي ڏيندي چيو؛ ”تون فڪر نه ڪر مالڪ سائين بهتر ڪندو. تون باقي رسمون ادا ڪر آئون هينئر ئي نڪران ٿو ڪراچي لاءِ ۽ فوراً اسپتال پهچي توکي صورتحال کان آگاهه ڪريان ٿو.“
”پيارا ايئن نه ٿيندو، تون چاچي ڪار واري کي ڪال ڪر تيستائين آئون امان کان ڪنهن بهاني سان موڪل ٿو وٺان پاڻ ٻنهي کي هينئر ئي ايمرجنسي ۾ نڪرڻو پوندو آئون پِرهه کي ايئن هن حالت ۾ ڪيئن ٿو اڪيلو ڇڏي سگهان ؟“ آڪاش ڪريم جي ڳالهه کان انڪار ڪندي چيو.
”چريو ٿيو آهين ڇا؟ هُو سامهون ڏس! چاچو، چاچي، ادي، تنهنجي منڱيندي، ۽ ان جا گهر وارا ڪيترا نه خوش پيا نظر اچن، انهن کي ايئن اڪيلو ڇڏي هليو ويندين ته انهن جي دل تي ڇا گذرندي!؟“ ڪريم سمجهائيندي چيو.
”پر ڪريم هوڏانهن پِرهه منهنجي ڪارڻ ئي موت جي بستري تي بي يار مددگار پيئي آهي. ڇا آئون ايترو ڪم ظرف ٿي وڃان جو پنهنجين خوشين خاطر کيس ايئن تنها ڇڏي ڏيان؟“ آڪاش ڪريم کي وراڻي ڏيندي چيو.
”آئون وڃان ته پيو ڪراچي، تون هتي هنن جي خوشي جو خيال رک، سمجهه ڳالهه کي.“ ڪريم ٻيهر سمجهائيندي چيو.
”ڪريم تون چئين ٿو ته پِرهه کي ايئن موت جي بستري تي ڇڏي آئون خوشين جي سيج تي ويهان!“ آڪاش جذباتي ٿيندي چيو.
”پليز آهستي آڪاش، مهمان آهن ڪنهن ٻڌي ورتو ته ڇا سوچيندا؟ توکي امڙ جي جذباتن جو به خيال رکڻو آهي، خبر آهي نه توکي هُن ڪيئن مڱڻي لاءِ ها ڪرائي هئي. سمجهه ڳالهه کي.“ ڪريم آڪاش جي ساڄي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو.
”پر ڪريم منهنجو ضمير، تنهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟ آئون ته هانءُ ڦاڙي روئي به نه ٿو سگهان، ڪهڙي ڪيفيت آهي دل اندر جي ڇا ٻڌايان؟“ آڪاش دل تي هٿ رکندي چيو.
”پليز آڪاش هتي ڳالهين ۾ ويهڻ سان وقت خراب پيو ٿئي، مون کي اجازت ڏي ۽ تون وڃ واپس اسٽيج تي ۽ سموريون رسمون پوريون ڪري پوءِ بيشڪ جلدي نڪري اچجان.“ ڪريم ٻيهر آڪاش کي صورتحال جي نزاڪت سمجهائيندي چيو.
آڪاش هڪ ڀيرو ٻيهر اسٽيج طرف نهاريو ته امڙ، ادي سميت سڀئي خوشيءَ مان جهومي رهيا هئا، نه چاهيندي به آڪاش کي ڪريم جي ڳالهه تسليم ڪرڻي پيئي ۽ دل تي پٿر رکي ڪريم کي اجازت ڏني ۽ پاڻ اداس من سان واپس اسٽيج طرف آيو، صرف جسم اتي موجود هو پر ذهن ۽ دل سميت ساهه پِرهه ۾ ٽنگيو پيو هو. پاڻ تي ڏاڍي مَٺيان پئي آئي ته هيءَ سموري صورتحال سندي ڪارڻ ئي پيدا ٿي هئي. هڪ ئي خواهش هئي ته جلد مڱڻي جون رسمون مڪمل ٿين ته جيئن هُو ڪراچي نڪري سگهي.

34

ٻيءَ پاسي پِرهه آپريشن ٿيٽر ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي هئي. او.ٽي جي گيٽ تي سندس ڀيڻ ڪينجهر پريشان حال ۾ بيٺي هئي. پِرهه کي اسپتال پهچائڻ بعد پوليس سندس پرس مان مليل ڊرائيونگ لائسنس تي ايمرجنسي ۾ رابطي لاءِ ڏنل ڪينجهر جي نمبر تي ڪال ڪري ايڪسيڊنٽ جو ٻڌايو جيڪا انهن ڏينهن ۾ يونيورسٽي جي موڪلن جي ڪري ڪراچي ۾ ڀيڻ وٽ آيل هئي، سا جلدي ئي اسپتال پهچي ويئي هئي. پِرهه جو والد بزنس جي ڪري اسلام آباد ويل هو، جنهن کي ڪينجهر واقعي بابت ٻڌايو ته هُن فوراً ئي سڀ ميٽنگون اڌ ۾ ڇڏيون ۽ ڪراچي پهچڻ لاءِ ايئرپورٽ لاءِ نڪتو ۽ امڙ ڳوٺ هئڻ سبب ويڪ سگنل ڪري ڪينجهر جو ماءُ سان رابطو نه ٿي سگهيو پر هُن پنهنجي رشتيدار کي پيغام ڏنو ته امڙ کي چئي ته جلدئي ساڻس رابطو ڪري. ماءُ ۽ پيءُ ٻيئي هتي حاضر نه هئڻ ڪري هُن فوري مدد لاءِ آڪاش جو نمبر ملايو پر موبائل بند هئڻ ڪري ان سان به رابطو نه ٿيڻ بعد روئندي نير وهائيندي اڪيلي ئي ڀيڻ جي ساهتا لاءِ اسپتال پهتي جيڪا رت گهڻو وهي وڃڻ جي ڪري آپريشن ٿيٽر ۾ هئي. ڪريم به اسپتال پهچي ڪينجهر سان رابطو ڪيو جنهن کيس سموري ماجرا بيان ڪئي.
والد ۽ امڙ پڻ اطلاع ملندي ئي فوراً ڪراچي اسپتال پهتا هئا، سڀئي ڄڻا آپريشن ٿيٽر ٻاهران انتظار ڪري رهيا هئا ته جيئن ڊاڪٽر ٻاهر نڪري ته ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري پِرهه بابت پڇي سگهن.
ڪيترن ئي ڪلاڪن جي آپريشن بعد ڊاڪٽر ٻاهر نڪتو ته سڀئي ڊوڙي کائنس معلومات وٺڻ لاءِ هڪ ئي وقت سوال ڪرڻ لڳا جنهن تي ڊاڪٽر کين وڏي آواز ۾ هڪ ئي وقت سڀني کي ڳالهائڻ کان منع ڪندي چيو ته ”پليز گوڙ نه ڪريو ۽ هن وقت صرف توهان کي اهو ئي چئي سگهان ٿو ته اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر دماغي ڌڪ لڳڻ سبب رت گهڻو وهي چڪو آهي تنهن ڪري دوا سان گڏ دعائن جي ضرورت آهي.“
”پر ڊاڪٽر صاحب اهو ته ٻڌايو آپريشن ڪيئن رهيو ۽ هاڻي طبيعت ڪيئن آهي“ پِرهه جي امڙ لڙڪ لاڙيندي ڊاڪٽر کان سوال ڪيو.
”اسان پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آهي، پر چند ڪلاڪ اڃان اهم آهن، هن وقت ڪابه حتمي راءِ نه ٿي ڏيئي سگهجي باقي مالڪ سڻائي ڪندو.“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي چيو.
”ڊاڪٽر صاحب اسان پِرهه سان ملي سگهون ٿا؟“ پِرهه جي والد وياڪلتا مان ڊاڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو.
”جي نه! اڃان تائين کيس هوش نه آيو آهي، ان ڪري ته چوان پيو ته ايندڙ چند ڪلاڪ اهم آهن، اسين کيس ”انتهائي نگهداشت“ وارڊ ۾ منتقل ڪري رهيا آهيون“ ڊاڪٽر جواب ڏيندي اڳتي وڌي ويو.
اهڙو جواب ٻڌي ڪاريڊور ۾ مڪمل خاموشي ڇائنجي ويئي، چارئي ئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي خاموشي جا بت بڻيا پيا هئا، مسلسل خاموشي جي بيٺل پاڻي ۾ لفظن جون لهرون پيدا ڪندي پِرهه جي والد گهرواري جي ڪلهي تي هٿ رکندي آٿت ڏيندي چيو.
”تون پريشان نه ٿي، مالڪ سڀ سڻائي ڪندو ۽ پِرهه جلد ئي صحتياب ٿي ويندي؟“
”مون کي خبر آهي، توهان مون کي ڪوڙو دلاسو پيا ڏيو، منهنجي ڌيءُ جي طبيعت انتهائي خراب آهي.“ پِرهه جي امڙ پنهنجي ڪلهي تي رکيل مڙس جي هٿ تي هٿ ڏيندي روئندي چيو. ٻي لمحي ننڍي ڌيءُ ڪينجهر کان سوال ڪندي پڇيائين ته، ”ايڪسيڊنٽ ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيو؟“
”اَمي آپي انسٽيٽيوٽ تان واپس پئي آئي يوٽرن وٺندي شايد سندس نگاهه موبائل يا ٻي طرف هئي، جنهن سبب گاڏي ڪنٽرول نه ڪري سگهي هوندي ۽ سامهون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪراجي پيئي.“ ڪينجهر ٿڪل لهجي سان انومان لڳائيندي چيو.
”ڊرائيونگ ڪندي ڪڏهن موبائل استعمال ڪبو آهي، آئون ته گهڻو ئي چوندي هيس پر منهنجي ٻڌي ڪير ٿو؟“ پِرهه جي امڙ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سڏڪندي رهي.
”جيڪو ٿيڻو هو، سو ٿي ويو. ڀلا هاڻي ان تي ڳالهائڻ مان ڇا ورندو؟ اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي اهو ته پِرهه جي هوش ۾ اچڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي، هيئنر ته صرف انومان ئي لڳائي سگهجي ٿو.“ پِرهه جي والد سڀني کي حوصلو ڏيندي چيو.
”بس ايئن ئي ته دماغ خراب ڪيو توهان پِرهه جو، اهو نظر نه رکڻ، دڙڪو نه ڏيڻ جو ئي نتيجو آهي.“ امڙ ٻيهر ڪاوڙ مان جواب ڏيندي چيو.
”آهستي ڳالهاءِ اسپتال آهي، آواز ٻاهر ٿو وڃي ماڻهو ڀلا ڇا چوندا؟ آرام رک، ڌيرج رک سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. هينئر مون کي صرف پِرهه جي صحت ۽ زندگي جي فڪر آهي، باقي سڀ ڳالهيون پوءِ ڪنداسين.“ پِرهه جي والد، پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو.
اتي بيٺل ڪريم ڏانهن ڪُرڙي اک سان نهاريندي پِرهه جي امڙ ڪينجهر کان پڇيو؛”هيءُ ڪير آهي؟“
ڪريم جواب ڏئي، تنهن کان اڳ ئي ڪينجهر جواب ڏيندي چيو؛ ”اَمي هيءَ انسٽيٽيوٽ تي پِرهه سان گڏ پڙهندو آهي، بابا جي اسلام آباد ۽ توهان جي ڳوٺ هجڻ جي ڪري آئون اڪيلي پئجي ويئي هيس تنهن ڪري هِن کي مدد لاءِ گهرايو.“
”سٺو ڪيو ٻچا.“ پِرهه جي والد ڪينجهر ڏي نهاريندي چيو.
”مهرباني پٽ، تو مشڪل وقت ۾ منهنجي ڌيئرن جي مدد ڪئي، آئون تنهنجو شڪر گذار آهيان.“ پِرهه جي پيءُ ڪريم جو شڪريو ادا ڪندي چيو.
”نه چاچا ان ۾ مهرباني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اهو ته منهنجو فرض هو جيڪو مون نڀايو.“ ڪريم جواب ڏيندي چيو.
ڪاريڊور ۾ ٻيهر خاموشي ڇائنجي ويئي، بس ڪنهن ڪنهن مهل نرس جي اچڻ وڃڻ جي قدمن جي آهٽ تي ماحول ۾ لرزش پيدا ٿي ٿي باقي ڪير ڪجهه به نه ڪُڇي رهيو هو، سڀئي پِرهه جي هوش ۾ اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
ڪافي وقت تائين سوچڻ باوجود ڪريم انهي نتيجي تي نه پهچي سگهيو هو ته هوُ آڪاش کي سموري صورتحال بابت ٻڌائي يا نه! ”هاڻي ڪافي وقت ٿي چڪو آهي ۽ منڱڻي جون رسمون به تقريباً ختم ٿي چڪيون هونديون تنهن ڪري هاڻي ٻڌائڻ ضروري آهي.“ گهڻي دير تائين سوچن جي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو ته ”ڪجهه به هجي پر آڪاش کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪرڻ کپي، جو الله سائين نه ڪري پِرهه کي ڪجهه ٿي پيو! ۽ مون وقت سر نه ٻڌايو ته اهو آڪاش سان ناانصافي ٿيندي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن معاف نه ڪري سگهندس.“ اڃان ڪريم انهن سوچن ۾ ئي گم هو ته سندس موبائل فون جي رنگ وڳي، هن پاڻ سنڀاليندي موبائل طرف ڏٺو ته آڪاش ئي هو جيڪو کيس فون ڪري رهيو هو.
ڪاريڊور مان ٻاهر نڪري ڪريم فون اٽينڊ ڪري آڪاش کي پِرهه جي ٿيل ايڪسيڊنٽ، آپريشن ۽ طبيعت بابت تفصيلي ٻڌايو ته ”ڊاڪٽرن پِرهه جو آپريشن ڪيو آهي ۽ هاڻي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪن ٿا بس هوش ۾ اچڻ جو انتظار آهي. تون ڀلين رليڪس ٿي مڱڻي جون رسمون مڪمل ڪر، آئون تو کي وقت به وقت تفصيل کان آگاهه ڪندو رهندس.“
ڪريم جون ڳالهيون ٻڌي آڪاش کان هوش ئي ڇڏائجي ويو ۽ اهو نتيجو ڪڍيائين ته ”آپريشن به ٿيو آهي ۽ اڃان تائين هوش ۾ به نه آئي آهي مطلب حالت ڳڻتي جوڳي آهي.“ ٻي لمحي سڏڪندي چيائين ”ڪريم پليز مون کي صحيح صحيح ٻڌائي ته پِرهه جي حالت ڪيئن آهي؟ پليز مون کي سچ ٻڌاءِ، ڪجهه به نه لڪاءِ!“
”آڪاش جيڪا صورتحال هن وقت آهي، اها ئي تو کي بيان ڪئي آهي، انهي ۾ ڪابه ڳالهه پوشيده نه آهي، يقين رک“ ڪريم آڪاش کي تسلي ڏيندي چيائين.
”آئون به هينئر ئي نڪران ٿو، پهچڻ جي ڪيان ٿو، ڪريم پِرهه کي ڪجهه ٿي پيو ته آئون پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس“ آڪاش، ڪريم کي روئندي جواب ڏيندي چيو.
”تون اتي ئي رهه اڃان مڱڻي جون رسمون ....!“ ڪريم آڪاش کي اتي ئي رهڻ جو چئي رهيو هو ته آڪاش فوراً سندس ڳالهه ڪٽيندي چيائين ”اهي مڪمل ٿي چڪيون آهن، آئون نڪران پيو تون مون کي پل پل جي خبر ڏيندو رهه، آئون جلد ئي پهچان ٿو“ آڪاش، ڪريم کي تاڪيد ڪندي چيو.
”ٺيڪ آهي، جيئن تو کي مناسب لڳي“ ڪريم جواب ڏيندي چيو.
آڪاش انهي وقت ٽئڪسي ڪري ڪراچي روانو ٿي ويو.

35

شام ميرانجهڙي ٿيندي پئي ويئي، آسمان پنهنجو ويس مٽائڻ شروع ڪري ڏنو هو، نيري اڀ ۾ سفيد بادلن جي قطارن بدران سندس سانوري جسم تي ستارن جو ويس ڍڪجي رهيو هو، هيٺ زمين تي سمنڊ جي لهرن جو شور هو، جيڪي موج ۾ ڪنارن سان ٽڪرائجي ٻيهر موٽي ٿي ويون. جيئن جيئن رات جا پاڇا گهرا ٿيندا ٿي ويا تيئن ڪناري تي لڳل اسٽريٽ لائٽس جي سرڪاري بلبن جي روشني پنهنجي وس آهر هلڪي روشني سان پاڻي ۾ پنهنجو عڪس واضح ڪري رهي هئي.
سامهون ڌنڌلي روشني جي اوٽ ۾ رکيل ڪاٺي جي بئنچ تي ويٺل آڪاش ۽ پِرهه هڪ ٻيءَ جي سامهون ويٺل بغير ڪجهه چوڻ، ڳالهائڻ جي مسلسل سُڏڪي رهيا هئا، لڙڪ پيلن پنن جيان اکين جي ٽارين تان هڪ هڪ ٿي ڇڻي رهيا هئا ۽ من جي اڱڻ تي خزان جي موسم لڙي آئي هئي. پِرهه ڪافي دير کان پوءِ سڏڪن کي ساهي ڏيندي ٿڪل ٽٽل لهجي ۾ اونهو ساهه کڻي ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پرزبان ساٿ ئي نه ڏنو، چپ خشڪ ٿي ويا هئا، ڪجهه ڪُڇي ئي نه سگهي اداس اکين سان صرف آڪاش ڏي نهاريو ته ٻيهر سندس بي وفائي تي نيڻن مان نير ڪارونجهر جي ڀَٽياڻي نَئين جيان وهي آيا.
سمنڊ، شام مان رات ۾ تبديل ٿيندڙ اداس پل، ماڻهن جي شور ۾ اڪيلائي، لهرون، ساحل، بئنچ تي سڏڪندڙ ٻه وجود، جنهن جي لڙڪن جو سفر طويل ٿيندو ٿي ويو.
هيءُ ساڳيو ئي سمنڊ هو، جنهن جي ڪناري تي ويهي هنن پيار جا ڪيئي حسين پل گهاريا هئا، محبت جي منزل ڏانهن ويندڙ رستن جا ڪيئي سفر ڪيا هئا، هنن لهرن جي موجن ۾ مستيون ماڻيون هيون جيڪي به اڄ هنن جي ڏک ۾ اداس هيون، هونئن به خوشين ڀري زندگي ۾ زهر ڀرڻ لاءِ هڪ لمحو ئي ڪافي هوندو آهي جيڪو هنن جي پيار ڀري حياتي جي گس ۾ ڪنڊا بڻجي اچي چڪو هو، هنن جي حياتي ۾ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو، زنده رهڻ کان اوراح ئي کڄي چڪو هو، من جي ديس تي اداسي جي موسم ڇانئجي ويئي هئي، جتي صرف پيڙاءُ جا ئي آشيانه هئا، جتي رڳو درد جي موسم هئي، حياتي جيئڻ جا سارا دڳ ئي وساري ڇڏيا هئا، ڄڻ زندگي مان ٿڪجي پيا هئا.
ڪيتري ئي وقت تائين اکڙين جي اڱڻ تي سانوڻي مينهن کان پوءِ پِرهه آخر همٿ جتائيندي آڪاش ڏانهن اداس نظرن سان ڏسندي چيو. ”مون چيو هو نه ته تون مون کي ڇڏي ويندين، محبت جي معاملي ۾ هميشه مون کي پيار بدران ڏک ۽ پيڙائون ئي مليون آهن، آخر تو به مون سان ايئن ئي ڪيو آڪاش !.“
”تون پاڻ ئي ٻڌاءِ ڀلا آئون ايئن ڪري ٿو سگهان؟ بس وقت جي وراڪي اسان سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي.“ آڪاش اداس اکڙين سان پِرهه ڏي نهاريندي چيو.
”تو ايڏو وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ مڱڻي به ڪئي پر مون کي ٻڌائڻ به مناسب نه سمجهيو.“ پِرهه سڏڪندي چيو.
”پِرهه هڪ طرف منهنجي لاءِ تون هئين جنهن ۾ منهنجي ساهه جو ڏوريون آهن، جنهن کان سواءِ منهنجو وجود ئي اڌورو آهي پر ٻئي طرف منهنجي جيجل امڙ جي ممتا جي امرت ڌارا هئي، جنهن جي اڻ ڳڻين دعائن جي ڪري ئي منهنجو وجود آهي، جڏهن مون ٻنهي کي احساس جي ساهمي ۾ توري ڏٺو ته پنهنجي خوشي کان وڌ مون کي جيجل جون خوشيون وڌيڪ عزير لڳيون جنهن جي ڪارڻ مون کي اهو فيصلو ڪرڻو پيو جيڪو لازمي آهي ته مون لاءِ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو پر نه چاهيندي به مون کي سندس فيصلو قبول ڪرڻو پيو.“ آڪاش پنهنجي بي وسي بيان ڪندي چيو.
”آڪاش تو مون سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي، دوکو ڪيو آهي تو ته چيو هو ته آئون گهر وڃي امڙ کي راضي ڪندس، منهنجي رشتي لاءِ منهنجي گهر موڪليندين پر هي سڀ ڇا ڪري ڇڏيو؟“ پِرهه پنهنجا ٻيئي هٿ وارن ۾ وجهندي پاڻ جنجهوڙيندي روئڻ لڳي.
”امان منهنجي چوڻ کان پهرين ئي تنهنجي گهر وڃي تنهنجو رشتو گهري چڪي هئي پر تنهنجي امڙ اميري ۽ غريبي جي لڪير ڪڍندي منهنجي امڙ کي مايوس واپس موٽائي ڇڏيو هو ۽ ساڻس ناروا سلوڪ پڻ ڪيو پوءِ به مون پوري ڪوشش ڪئي ته امڙ کي سمجهايان پر امان به ڳالهه کي آخري حد تائين وٺي ويئي جتان موٽڻ مشڪل هو.“ آڪاش ٻيهر پِرهه کي پنهنجي بيوسي بيان ڪندي چيو.
”اهو فيصلو ڪندي منهنجو ٿورو به خيال نه آيو ته تنهنجي هن فيصلي سان منهنجي زندگي ۾ طوفان برپا ٿي ويندو جيڪو منهنجون سموريون خوشيون لوڙهي کڻي ويندو.“ پِرهه آڪاش کي سندس فيصلي تي ايندڙ ردعمل جو احساس ڏياريندي چيو.
”توکان سواءِ منهنجي وجود جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ پر ڇا ڪيان حالتون منهنجو وس ۾ نه هيون، منهنجي ڪلهن تي ڪيترن ئي معصوم وجودن جو بار آهي جنهن جي خوشي ڪارڻ مون پنهنجا ارمان پڻ وسارڻا پيا جو انهن جي مرڪ منهنجي لاءِ جيئڻ جو حوصلو آهي جنهن جي توکي به پروڙ آهي.“ آڪاش پنهنجي مجبوري ٻڌائيندي ٻيهر چيو.
”توکي ته پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ۽ سک اورڻ لاءِ جيون ساٿي ملي ويو باقي مون کي اگر وڇوڙي جا گهاءُ مليا ته ڇا ٿيو.“ پِرهه ڏچڪا ڀري روئيندي رهي، سندس ڏک ۾ کن پل لاءِ سمنڊ جون مست لهرون به اداس ٿي خاموش ٿي ويون، وقت بيهجي ويو هو، ماڻهن جو هجوم هو پر ڪي به خوشين ڀريا ٽهڪ نه هئا سموري ماحول تي اداسيءَ جا بادل ڇانئجي ويا هئا.
”تنهنجي مرڪن ۾ منهنجون خوشيون ۽ تنهنجي لڙڪن ۾ منهنجون تڪليفون آهن، تنهنجي هر هڪ ڏک ۾ منهنجي روح کي رنجش پهچي ٿي، سواءِ تنهنجي ڀلا منهنجي ڪهڙي حياتي آهي، ڀلا ڪالهه جي آيل اجنبي تنهنجي جاءِ ڪيئن ٿي والاري سگهي.“ آڪاش پِرهه کي پنهنجي پيار جو احساس ڏياريندي چيو.
”آڪاش محبت تان اوراح ئي کڄي ويو منهنجو، ايئن به ٿيندو آهي سوچيو نه هو! جنهن سڄي زندگي ساٿ نڀائڻ جو واعدو ڪيو هو سو ئي اڌ سفر ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو.“ پِرهه آڪاش کي متوجه ڪندي لڙڪ وهائيندي رهي.
”مون جي ته هاڻي دنيا جي ڪنهن ڳالهه ۾ دلچسپي نه رهي آهي، زندگي بي نور ٿي وئي آهي. منهنجي آنچل ۾ جيڪي خوشين جا ستارا ٽانڪيل هئا سي سڀ ڇڻي چڪا آهن، من جي وستي تي پوکيل پيار جا گل سڀ مرجهائجي ويا آهن کن پل ۾ سڀ ختم ٿي ويو آهي مون کان زندهه رهڻ جو حوصلو ئي ڇڏائجي ويو آهي، هر طرف بس مايوسي جا پاڇا آهن ۽ دل جي آسمان تي اداسيءَ جا ڪڪر آهن جيڪي ڳوڙهن جي بارش برسائي رهيا آهن. ڏک جي موسم آهي جنهن ۾ صرف اذيتن جا طوفان گهُلي رهيا آهن ۽ منهنجي پيار جي وستي کي اجاڙي ويا آهن، آئون ته زندهه رهڻ جي به همٿ وڃائي ويٺي آهيان، مسلسل ڏک ۽ پيڙائون سهي سهي هاڻ ٿڪجي پيئي آهيان.“
پِرهه مايوسيءَ مان ٿڪل لهجي ۾ لڙڪ اگهندي آڪاش ڏانهن نهاريو ته ٻيهر پاڻ سنڀالي نه سگهي ۽ روئي ويٺي.
”منهنجي مٺڙي جانان! مون توکي ٿوروئي تڪليف ڏيڻ ٿي چاهي، تون ئي ٻڌا ڀلا توکي وڃائي مون ڇا پاتو آهي سواءِ دردن جي! مون توکي ڪنهن اذيت مان گذارڻ نٿي چاهيو جو توکي مليل ذري به تڪليف منهنجي لاءِ منهنجي ئي وجود تي گهاءُ برابر آهي. مون نه ٿي چاهيو ته تون منهنجي ڪري لڙڪ وهائين ۽ پل پل تڪليفن جي دٻڻ ۾ ڦاسندي رهين ۽ وڇوڙي جا گهاءُ سيني ۾ سانڍي جيئندي رهين. مون ته توکي زماني جون سموريون خوشيون ڏيڻ ٿي چاهيون تنهنجو پانڌ ڪائنات جي سمورين آسائشن سان ڀرڻ ٿي چاهيو پر شايد قسمت کي منظور نه هو ۽ وقت جو اهڙو وراڪو وريو جو سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو جنهن ۾ قصور ڪنهن کي ڏيڻ صحيح نه رهندو، بس نصيب ۾ شايد پنهنجو گڏجي رهڻ منظور نه هو.“ آڪاش اونهو ساهه ڀريندي پِرهه جي اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو جنهن جي اکين ۾ اداسين جو واس هو.
پر منهنجي جيون جي ڪتاب جا پنا ته ڪورا ئي رهجي ويا جنهن تي ڪيترائي پيار جا گيت لکڻ جو سوچيو هو، جنهن تي هڪ مڪمل پيار ڪهاڻي لکڻ جو سوچيو هو هو جنهن ۾ تنهنجي ۽ منهنجي محبت جا ڪيترائي باب جيڪي عشق جي هڪ مڪمل داستان ٿين ها، پر اهو سڀ ڪجهه ڪنهن يتيم ٻار جي ممتا حاصل ڪرڻ جي حسرت جيان اڌورو ئي رهجي ويو.“ پِرهه سڏڪا ڀريندي چيو.
ڪجهه ساعتن کان پوءِ پِرهه ٻيهر آڪاش کي متوجه ٿيندي چيو.
”بس آڪاش آئون تنهنجي زندگي مان تمام پري وڃي رهي آهيان، ويندي ويندي دعا ٿي ڪيان ته تون هميشه خوش هجين پنهنجن سان ۽ محبتون ماڻين، وڌيڪ ڳالهائڻ هاڻ منهنجي وس ۾ نه رهيو آهي، هي منهنجي توسان آخري ملاقات آهي، بس آخري ملاقات ..... ۽ پوءِ هميشه لاءِ هلي ٿي وڃان.“ پِرهه بئنچ تان اٿندي ڳوڙها اگهيا.
پِرهه اهو چئي ته ويٺي پر محسوس ڪيو ته آڪاش جا هٿ سندس هٿن مان ڇڏائجي رهيا هئا ڄڻ زندگي کائنس ڇڄي رهي هئي، ساهه جو ڏوريون سوڙهيون ٿيندي محسوس ٿيون، ساهه گُهٽجڻ لڳو، اکين اڳيان انڌوڪار ٿيڻ لڳي، سندس دنيا ۾ اونداهي ڇائنجي ويئي، حوصلا ڇڏائجڻ لڳا ......
”انتهائي نگداهشت“ واري وارڊ جي بيڊ تي بي هوشي جي حالت ۾ پيل پِرهه جي ذهن تي تري آيل اهڙي خيالي منظر ۾ آڪاش سان آخري ملاقات ۽ وڇوڙي کي ڏسي اچانڪ سندس جسم ۾ حرارت محسوس ٿي، ته سامهون بيٺل نرس ۽ ڊاڪٽر وڌي وڃي وٽس پهتا ته کن پل لاءِ پِرهه اکيون کوليون ۽ خشڪ چپن مان صرف ٽٽل ڦٽل لفظ آ...ڪ...ا.... ش ... (آڪاش) نڪتو پر کيس سامهون نه پائي هن آخري هچڪي کاڌي ۽ ابدي ننڊ سمهي پئي .....

36

آڪاش اسپتال پهتو تيستائين تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي، اسپتال جي گيٽ تي ئي ڪينجهر، سندس ماءُ، پيءُ ۽ ڪريم سڀ سوڳوار حالت ۾ لڙڪ لاڙي رهيا هئا، کن پل لاءِ هڪ ٻئي کي آٿت ٿي ڏنائون ته ٻيهر پِرهه کي ياد ڪري روئي ٿي پيا.
آڪاش اهڙو منظر ڏسي سمجهي ويو ته پِرهه کيس اڪيلو ڇڏي هلي ويئي آهي، بغير ڪجهه ڪُڇڻ جي هُن ڪريم ڏانهن ڏٺو جنهن اداس اکين جا ڇپر واري حال اوريو ته هُو دهلجي پيو ته هي سڀ ڇا ٿي پيو هينئر ڪجهه وقت پهرين ته ڪريم چيو هو ته آپريشن ٿي ويو آهي بس هوش ۾ اچڻ جو انتظار آهي، پوءِ اچانڪ هي سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي ويو؟ هي اهڙو سوال هو جنهن جو ڪوئي جواب نه هو. هُو وڌي وڃي اڃان ڪجهه پڇي ها ته ايتري ۾ اسپتال اسٽاف اسٽريچر تي پِرهه جو بي جان بت کڻي ايمبولنس تائين پهچائڻ لاءِ ٻاهر نڪتو.
آڪاش جي سامهون سندس محبت جي دنيا ايئن اجڙي ويئي هئي، جنهن لاءِ هُو چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهيو، هُو هڪڙو جرئت وارو قدم کڻي ها ته پنهنجي پيار کي بچائي پئي سگهيو پر ماءُ جي محبت ۽ سندس ضد جي ڪري هُو پنهنجي حياتي جي حسين پلن جي ساٿي کي وڃائي ويٺو هو. هن جو ضمير هن کي ملامت ڪرڻ لڳو ته هُن هر مشڪل گهڙي ۾ سندس ساٿ ڏنو پر هُو ساڻس انصاف نه ڪري سگهيو. هُن جي آڇيل محبت جي گلن جي بدلي ۾ هُو صرف بيوفائي جا ڪنڊا ئي ڏيئي سگهيو هو. هُن جي غلطي جو اهڙو انجام ٿيندو تنهن جي اها پروڙ هرگز نه هئي ته پِرهه کائنس ايئن منهن موڙي هلي ويندي. هن چاهيو ٿي ته هُو واپس وڃي کيس حالتون، مُشڪلون ۽ مجبوريون سمجهائيندو پر هُو ان کان اڳ ئي کائنس ڪاوڙجي هميشه لاءِ دور هلي ويئي.
وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي به ڪيتري نه ظالم هئي جو هُو پنهنجي جان جي ٽڪري کي ايئن جدا ٿيندو ڏسي رهيو هو پر ساڻس لِپٽي، وٽس وڃي هينئون ڦاڙي روئي آخري ڀيرو معافي به نه ٿي وٺي سگهيو، کيس سيني سان لائي محبت به آڇي نه ٿي سگهيو، سندس پيشاني تي پيار جي آخري چُمي به نه ٿي ڏيئي سگهيو، سندس پيراندي بيهي ٻيئي هٿ ٻڌي کائنس هن گناهه جي بخشِش به نه ٿي گهري سگهيو، وٽس ويجهو وڃي پيار جا واسطا ڏيئي واپس موٽي اچڻ جا سڏ به نه ٿي ڪري سگهيو، هُو کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ جا ڏوراپا به نه ٿي ڏيئي سگهيو، جو سندس والدين موجود هئا، هن نه ٿي چاهيو ته کين اها پروڙ پئي ته سندس ڌيءُ کين اڻ ڄاڻ رکي لِڪي ڪنهن سان پيار ڪيو ٿي، ته ويتر ڏکارا ٿي پون ها ۽ جوان ڌيءُ جي موت جي صدمي سان گڏ کين انڌيري ۾ رکي سندس وشواس کي ڇيهو رسائڻ جو درد ويتر ماري وجهي ها. هڪ ته اڳي ئي هن جي ڪارڻ پِرهه جي زندگي جو ڏيئو اجهامي چڪو هو سو هن وڌيڪ نه ٿي چاهيو ته سندي ڪارڻ پِرهه تي موت کان پوءِ ڪو داغ لڳي ۽ مائٽ، عزيز توڙي سماج کيس غلط نظريي سان ياد ڪن!
بس آڪاش پِرهه جي لاش کي ايمولينس ڏانهن ويندو ڏسي خاموش لفظن ۾ من جي زبان سان التجا ڪندي چيو، ”پِرهه ائين نه ڪر مون کي اڪيلو نه ڇڏي وڃ، مون کي ايڏي وڏي سزا ته نه ڏيئي وڃ جو توکي ڏسڻ لاءِ ئي سڪي وڃان، هڪ ٻئي جي سامهون رهي گهٽ ۾ گهٽ اکين جي پياس ته اجهائي سگهون ها، پر تو ته مون کان اهو حق به کسي ورتو. ايترو ناراض ٿي ويئين جو وري مڙي نه اچڻ جو فيصلو ڪري ورتو. خاموش التجا سان گڏ نير ضبط جو دامن ٽوڙي وهي پيا.
”پِرهه منهنجي دل ۾ پيار صرف تنهنجي لاءِ هو، آهي ۽ رهندو، جنهن پل کان مڱڻي جو فيصلو ڪيو آهي تنهن پل کان سک جو ساهه نه کنيو آهي، آئون تنهنجو گناهگار آهيان. ها آئون تنهنجو ڏوهي آهيان پر اچ مون کي ان جي سزا ڏي آئون هر ڏوهه قبولڻ لاءِ تيار آهيان هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان پر تون موٽي آ، مون کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃ. آڪاش آس ڀرين نگاهن سان ٻيهر خاموش ورلاپ ڪيا.
تو بنان هر پل تنهنجي پيار جون ساروڻيون لڙڪ بڻجي منهنجي اکين جا بند ٽوڙي وجهنديون، جذبا ساٿ نه ڏيندا، احساس مرجهائجي ويندا، ڪجهه لکڻ چاهيندس ته ڪاغذ لڙڪن سان آلا ٿي پوندا، لفظ درد بڻجي دل جي وجود تي وڍ وجهندا ۽ دل جي جهروڪن مان صرف آهه نڪرندي، تنهنجي سوچن جي ساگر ۾ توکي ساٿ نه پائي ٻڏي ويندس. سچ پِرهه آئون صرف ۽ صرف تنهنجو ئي آهيان پِرهه .... ٻڌ نه پِرهه! منهنجي زندگي تي صرف ئي صرف تنهنجو حق آهي.“ آڪاش ٻيهر پِرهه جي بي جان وجود کي مخاطب ٿيندي يقين ڏياريو پر هاڻي سندس سڏ ورنائڻ ۽ جواب ڏيڻ لاءِ پِرهه انتهائي ڏور وڃي چڪي هئي جتان موٽڻ ناممڪن هو.
آڪاش پنهنجي ساهه جي ڏوري کي پاڻ کان ايئن ڇڄندو ڏسي رهيو هو، جسد خاڪي ايمولينس ۾ منتقل ٿي چڪي هئي ۽ ڪجهه ئي گهڙين ۾ ايمولينس اسپتال جو دروازو اُڪري حد نظر کان اوجهل ٿي ويئي پر هُو ڪجهه به نه ڪري سگهيو.
ٿڪل ٽٽل احساسن سان گوڏن ڀر زمين تي ويهي رهيو ۽ ٻنهي هٿن جي مُٺين سان زمين تي ڌڪ هڻي ٻيئي هٿ وارن ۾ ڀڪوڙي پاڻ تي ملامت ڪندو رهيو ۽ وري آسمان ڏي نهاري ٻيئي هٿ هوا ۾ ڦهلائي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري پِرهه کي سڏڻ لڳو.
”پِرهه .....“
پِرهه ......“
”پليز مون کي ايئن اڪيلو نه ڇڏي وڃ، پليز موٽي آ، آئون توکان سواءِ مري ويندس.“
پر سندس سڏ ورنائڻ لاءِ پِرهه اتي موجود نه هئي ۽ هُو اڪيلو چرين وانگي هينئون ڦاڙيندڙ رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن کي ٻڌي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا. کيس عجيب نگاهن سان ڏسڻ لڳا. ڪريم کيس سنڀالڻ لاءِ ويجهو آيو پر هُو مسلسل اڀ ڏي نهاري روئندو رهيو ۽ پِرهه کي واپس موٽي اچڻ لاءِ آواز ڏيڻ لڳو ......!

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/B5NwlXg.jpg[/img]