ٻاراڻو ادب

بهادر ڇوڪري

ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي
  • 4.5/5.0
  • 599
  • 269
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book بهادر ڇوڪري

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو: بهادر ڇوڪري
موضوع: ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون ۽ مضمون
ليکڪ: ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
اکرن جي اُڻائي: جمال ڄامڙو
ٽائٽل: محمد وسيم خان
ڳاڻيٽو: 500
ڇاپو: پھريون،آگسٽ 2020ع
ڇپائيندڙ: سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ
ڇپيندڙ: سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

مُلهه: 140 رپيا

Book Name: Bahadur Chhokri (Brave Girl)
(Stories & Essays for Children)
Written by: Dr. Kamal Jamro
Composed by: Jamal Jamro, 03212072889
Editon: First, August 2020
Publisher: Surhan Welfare Society Sindh
Email: surhanws@gmail.com,
Contact:0301-2399345
Printer: SANSAAR Publications & Printers Karachi, Sindh
Price: 140/-

ڇپيندڙ
سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي
آفيس: روم نمبر:307، ٿرڊ فلور، صابر منزل،
نزد گل پلازا مارسٽن روڊ، صدر، ڪراچي،سنڌ

Contact:03002507766
Email: sansar.sindh@gmail

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بھادر ڇوڪري“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي پاران ٻاراڻي ادب تي مشتمل آھي جنھن ۾ ڪھاڻيون، مضمون ۽ انٽرويو شامل آھن.
ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي.

هي ڪتاب سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ پاران 2020ع ۾ سنسار پبليڪيشنس اينڊ پرنٽرس ڪراچي وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سنسار پبليڪيشن جي سرواڻ اسلم کٽياڻ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڇپائيندڙ پاران

پيارا ٻارو! سُرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ 1996ع کان پنهنجي نالي سرهاڻ وانگر خوشبوءِ پکيڙيندي پئي اچي، خاص ڪري اوهان جي تعليم لاءِ مثالي خدمت ڪئي اٿائين. مختلف اسڪول کولي ۽ ڪتاب شايع ڪرائي علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائيندي پئي اچي. ماحول، صحت ۽ ثقافت جي ميدان ۾ به هن تنظيم جو ڪم آهي پر هتي ذڪر رڳو اوهان جي تعليم ۽ تربيت جو ڪريون ٿا.
ٻارو ! هن تنظيم ٻوڏ متاثر ٻارڙن لاءِ سنڌ جو پهريون اسڪول آگسٽ 2010ع ۾ ٻوڏ متاثر ڪيمپ ليبر اسڪوائر، گڏاپ ڪراچيءَ ۾ پائلر جي مدد سان کوليو، جنهن جو نوبل انعام يافته عالمي شخصيت ملاله يوسف زئيءَ به دورو ڪيو هو. ان وقت کيس نوبل انعام نه مليو هو، هوءَ ٻارڙي هئي ۽ تعليم جي ميدان ۾ جدوجهد ڪري شهرت ماڻي چڪي هئي.
ٻوڏ متاثر ٻارڙن لاءِ اسان ڇهه عارضي اسڪول قائم ڪيا هئا، جن ۾ ٻن هزارن کان وڌيڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پرائمري تعليم حاصل ڪئي. هن وقت به هيءَ تنظيم گمبٽ لڳ ڳوٺ علي نواز ڄامڙي ۾ سُرهاڻ ماڊل ايليمينٽري اسڪول هلائي پئي، جنهن ۾ ٽي سئو کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن.
اسان ٻارڙن جي تفريح ۽ تربيت لاءِ هن ڪتاب کان سواءِ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جو ٻارڙن لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب “ماريه، ميز ۽ لائبريري”، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو “ڀٽائي ۽ ڀونءِ” ۽ ٻيا ڪتاب شائع ڪرائي چڪا آهيون. هيءُ ڪتاب به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ملڪ جو مڃيل اسڪالر آهي، جنهن هڪ ليکڪ، محقق ۽ مرتب جي حيثيت سان پنجاهه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. هن وقت وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمين آهي.
ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو اوهان وانگر ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد اوهان کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هيءُ ڪتاب پڙهي اوهان به ليکڪ ٿي سگهو ٿا ۽ دعا آهي ته ملڪ جا نالي وارا ليکڪ ۽ محقق ٿي قوم جي خدمت ڪندا.
مان هن ڪتاب کي ڇاپيندڙ سنسار پبليڪيشنس ۽ پرنٽرز جي سرواڻ محترم اسلم کٽياڻ جو پڻ ٿورائتو آهيان.
اميد ته پنهنجو ساٿ سلامت رهندو.

[b] نذير احمد ڪاڪا
[/b] جنرل سيڪريٽري
سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ

ليکڪ پاران

پيار ٻارو اسلام عليڪم !

اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟ اميد ته خوش هوندا ۽ پڙهڻ ۾ مصروف هوندا. پڙهڻ سان گڏ وندر ورونهن ۽ راند روند به ضروري آهي، اهو ئي سبب آهي ته مون هيءُ ڪتاب اوهان جي تربيت، تفريح ۽ وندر لاءِ سوکڙيءَ طور لکيو آهي.
هن ڪتاب جون ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيو مواد ان وقت لکيم جڏهن مان پاڻ بلڪل هڪ ٻار هيم، هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ به پڙهيون هيم. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي. جنهن مضمون يا ڪهاڻيءَ تي تاريخ يا سن ۽ اخبار يا رسالي جو نالو لکيل آهي، اهو آخر ۾ ڏنو اٿم.
مون پنهنجي ٽيهه، پنجٽيهه سال پراڻين لکڻين ۾ تمام ٿورڙي ڦير ڦار ڪئي آهي. سڀ لکڻيون وندر ورونهن ۽ ڄاڻ سان گڏ نصيحت ڀريون پڻ آهن، جنهن سان اميد ته اوهان جي ذهني صلاحيتن ۾ به واڌارو ايندو ۽ ڪردار سازي پڻ ٿيندي.
مان اوهان جو وڌيڪ وقت نه ٿو وٺان، اوهان ۽ ڪتاب جي وچ ۾ وڌيڪ رنڊڪ بڻجڻ نٿو چاهيان. تنهن ڪري مون کي ڏيو موڪل ۽ اوهان پڙهو ڪتاب.

چڱو موڪلاڻي ناهي، سدائين گڏ

[b] ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو[/b]

ساروڻيون: منهنجي امڙ اشرف خاتون

پيارا ٻارو! ٻارڙن جي تربيت، تعليم ۽ پرورش ۾ ماءُ، پيءُ ۽ اُستاد جو وڏو هٿ هُوندو آهي پر ماءُ جو ڪردار سڀني کان وڌيڪ هُوندو آهي. اچو ته آئون اوهان کي پنهنجيءَ امڙ سانئڻ بابت ڪُجهه ٻُڌايان.
مان پنهنجيءَ امڙ سانئڻ اشرف خاتونءَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون لکان؟ ۽ شروعات ڪٿان ڪريان؟ پنهنجون ڪهڙيون ڪوتاهيون ۽ امڙ سانئڻ جي ڪهڙي ڪهڙي ٻاجھه بيان ڪريان؟ هوءَ ڏاڍي ٻاجھاري هئي. اسان سڀني کي پنهنجين مائرن جو سندن جيئري ئي قدر ڪرڻ گهُرجي ۽ سندن چيو مڃڻ گهُرجي. آئون اڄ جيڪو ڪُجھه به آهيان امڙ سانئڻ جي تربيت، پيار، پاٻوهه ۽ دعائن جي ڪري ئي آهيان.
منهنجي امڙ اشرف خاتون هڪ نيڪ سيرت، سُلجهيل، سڄاڻ ۽ سُگهڙ سياڻي عورت هُئي. هُوءَ ٻه درجا سنڌي پڙهي هُئي. مان سمجهان ٿو ته پنهنجي ڳوٺ، ڳوٺ گل محمّد ڄامڙي ضلعي خيرپور جي هوءَ پهرين نه تڏهن به پهريُن ڪُجهه پڙهيل ڳڙهيل عورتن ۾ شامل هُئي. هن کان پوءِ هتان جي ٻين نياڻين پڙهڻ شروع ڪيو.
منهنجيءَ امڙ ٻين ماين جا ڪپڙا لَٽا سبي نه رڳو مون کي پڙهايو لکايو پر هر خواهش پوري ڪرڻ جا جتن ڪندي هُئي. پاڻ بُکي ڏکي رهي اسان کي سُکيو رکيائين. هوءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙن سبڻ جي ماهر هُئي. سندس پڙهيل ڳڙهيل ذهن اسان جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هوءَ هڪ ته پڙهيل لکيل هُئي ٻيو سندس ادب سان به وڏو لڳاءُ هو. صُوفي شاعرن جو ڪلام پڙهڻ ۽ جھُونگارڻ سندس اڪيلائيءَ جا ساٿي هُوندا هُئا ڇا ڪاڻ ته، اسان جو گھر ڳوٺ کان ٻاهر بلڪُل اڪيلو جھنگ ۾ هُوندو هو. بابو سائين لونگ خان ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سانگي رات پِرات جو ٻاهر هُجي ته اڪيلي امڙ سانئڻ اسان کي سنڀاليندي هُئي. سندس آواز ڏاڍو سُريلو هُوندو هو ۽ شاهه سائينءَ جو ڪلام اڪثر جهُونگاريندي رهندي هُئي. هُوءَ شاعري به ڪندي هُئي.
ڪُجھه گيت خاص ڪري منهنجي لاءِ ڳائيندي هُئي ۽ اُنهن ۾ مون کي نالو کڻي مخاطب ٿيندي هُئي ۽ دعائون ڏيندي هُئي. ڳوٺ جي ٻين ماين جي هر معاملي ۾ رهنمائي ڪندي رهندي هُئي. مان سندس ٻولين ۽ لولين مان ايترو ته مُتاثر ٿيس جو سنڌي شعر ۽ ادب ۾ پير پاتم. ڪٿي به ڪو ادبي ميڙاڪو ٿيندو هو ته، بابي سائينءَ کان لڪائي مون کي ڀاڙي ڀُتي جا پيسا ڏئي موڪليندي هُئي. سندس تربيت ئي منهنجيءَ دل ۾ راڳ رنگ ۽ راڳين لاءِ محبت پيدا ڪئي. انهيءَ محبت جي نتيجي ۾ فنڪارن بابت ڪتاب ‘سنڌي ثقافت جا امر آواز’ لکيم، جيڪو سندس نالي ڪيم پر مون کي افسوس آهي ته هوءَ اهو ڪتاب ڏِسي نه سگھي. جيڪڏهن ڏسي ها ته تمام گھڻي خوش ٿئي ها.
هتي امڙ سانئڻ بابت هڪ يادگار واقعو به اوهان کي ٻڌايان ٿو، جنهن سبب امڙ سانئڻ کي ڏاڍي پريشاني ۽ مون کي ڏک پلئه پيو. ٿيو هينئن جو امڙ سانئڻ کي علاج لاءِ مان ۽ امڙ جو ماسات ۽ منهنجو مامو لحاظ علي ڄامڙو ريل رستي لاڙڪاڻي وٺي وڃي رهيا هُئاسين. روهڙيءَ ۾ امڙ کي ريل ۾ ويهاري ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وياسين. ٽڪيٽ وٺڻ تي وڏي قطار لڳل هُئي، جنهن ڪري ڪُجهه دير ٿي. جڏهن واپس آياسين ته، گاڏي هلي چُڪي هُئي. اسان اسٽيشن تي ۽ اَگھِي امڙ سانئڻ ريل ۾ هُئي. اڳي موبائل فون ته اسان وٽ هيا ڪونه، جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪري وٺون ها. سو اسان ڇا ڪيو، جو ويگن ذريعي لاڙڪاڻي پهچڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ اسان هڪ دم رڪشو ڪري سکر پهتاسين؛ جتان ويگن ۾ چڙهي لاڙڪاڻي پهتاسين. سفر دوران دعائون گھرندا رهياسين ته، الهه ڪري امڙ لاڙڪاڻي خير خيريت سان پهچي ۽ امڙ وري اسان لاءِ دعائون گھرندي رهي. بهر حال جڏهن اسان لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي پُڳاسين ته اُها ريل گاڏي به اچي پهتي. امڙ سانئڻ ملي وئي ۽ الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪيوسين.
امڙ سانئڻ جي زندگيءَ جا آخري سال بيماريءَ ۾ گذريا. اڌ رنگي جي مرض، جنهن کي فالج به چوَن ٿا، تنهن کيس وَڪوڙي وِڌو هو ۽ اٽڪل ساڍا ٽي سال کٽ تي پئي رهي.فالج جو علاج ته هئو پراسان وٽ وري ايترا پيسا ڪونه هُئا ۽ نه ئي ڪو مدد ڪرڻ وارو هو. سندس حالت مان ڏِسي به نه پئي سگھيس. نيٺ چُڙي چُڙي 28هين جُولاءِ 2002ع تي الله سائينءَ کي پياري ٿي وئي.
اِهو به افسوس آهي ته امڙ سانئڻ جي جنازي ۾ به نه پهچي سگھيس. سندس فوتيءَ جي خبر ٻُڌندي ئي ڪراچيءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ريل نڪري چُڪي هُئي. الآصف اسڪوائر پهتاسين ته اُتي به بسُون شام جو نڪرڻ جو چيو ويو. وري ريلوي اسٽيشن ڏانهن وياسين ته هڪڙي ريل ملي جنهن وڃي روهڙيءَ لاٿو، جڏهن ته اسان کي ريلوي اسٽيشن راڻي پور تي لهڻو هو پر ان ريل جو راڻي پور ۾ اسٽاپ ئي نه هو. ايتري ۾ امڙ سانئڻ جو دفن ڪفن ٿي چُڪو هو ۽ سندس منهن ڏسڻ کان به محروم رهيس، جنهن جو ڏک اڃا تائين نه ٿو ختم ٿئي. ڌڻي سائينءَ کان دُعا آهي ته امڙ سانئڻ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. آمين!
****

ڪهاڻيون

---

جھرڪيءَ جو ٻچڙو

جھرڪيءَ جو ٻچڙو جڏھن آني مان ڦُٽو ته، اُن کي وڏو ڪرڻ ۽ ھن جھان ۾ زندھه رکڻ لاءِ پنھنجي ماءُ وڻن ٽڻن مان جيت جڻيا چُھنب ۾ کڻي اچي سندس چُھنب ۾ وجھندي ھُئي. اھڙيءَ طرح ٻچڙي جي پيٽ جي بُک ڀڄي ويندي ھُئي. جڏھن جھرڪيءَ جي ٻچڙي جو پيٽ ڀرجي ويندو ھو ته، ڏاڍو خوش ٿيندو ھو ۽ ماءُ سان مٺيون مٺيون ڳالھيون ڪندو ۽ لاتيون لنوَندو ھو.
ھن ھڪ دفعي پنھنجيءَ ماءُ جھرڪيءَ کان پُڇيو ته؛ امان ھن پڪيءَ جڳهه جي روشندان ۾ ويھندي تون تنگ ن ه ٿي ٿين؟ تون جڏھن ھلي ويندي آن ته مان ڏاڍو پاڻ کي اڪيلو سمجھندو آھيان ۽ ڊڄ به ٿيندو اٿم ۽ ڪڏھن ڪڏھن چاھيندو آھيان ته، جيڪر ھتان اُڏري ڪنھن وڻن جي گھاٽي جھُڳٽي ۾ وڃي پاڻ جھڙن ٻين ساٿين سان گڏجي رانديون ڪر يان؛ پر مجبُوري اھا آھي ته، اڃا مُنھجا پَر ناھن ڦُٽا جو اُڏامي سگھان. سندس ماءُ اِھي سمُوريون ڳالھيون غور سان ٻُڌي رھي ھُئي. جڏھن ٻچڙي بس ڪئي ته ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھه ۾ سمجھائيندي چيائينس ته:“پُٽ! اڃا تون ننڍڙو آھين. جڏھن وڏو ٿيندين ته پوءِ تنھنجون سڀ خواھشون پُوريون ٿي وينديون ۽ مُنھنجون آسُون اُميدون به اَگھي پوَنديون.”
ڪُجهه ڏينھن گذريا ته، جھرڪيءَ جي ٻچڙي کي پَرڙا به ساوا ٿيا ۽ پوءِ اُھو آکيري مان ٻاھر نڪري روشندان ۾ ٽپڪيون ڏيئي راند روند ڪرڻ لڳو. جيئن ته ھيءُ ماءُ کي اڪيلو ھو، سو سندس ڏاڍو خيال رکيو ويندو ھو. ھڪ ڏينھن سندس ماءُ کيس چيو :“ٽِينڊڙا! مان تنھنجي لاءِ وڃان ٿي چوڳي جو بندوبست ڪرڻ!، تون روشندان کان ٻاھر اصل نه نڪرجانءِ! متان تون ڪنھن ظالم ضدي ٻار جي ور چڙھي وڃين؟” ھن وراڻيو:“ امان آءٌ بلڪُل ھتان ٻئي پاسي نه ويندس. بس تون خاطري ڪر!”
جڏھن ماڻھنس ھلي وئي ۽ ھيءُ اڪيلو ٿي پيو ته، کانئس ماءُ واري نصيحت وسري وئي. سو ٽپڪيون ڏيندي اچي ڪن راند ڪندڙ ٻارن جي ڀر ۾ پھتو. جڏھن ٻارن ھُن کي ڏٺو ته ھُن کي پڪڙڻ لاءِ سندس پويان پيا. ٻار به ھُيا ڪي ڏاڍا شرارتي، سو جھرڪيءَ جي ٻچڙي کي ڀڄائي ڀڄائي نيٺ پڪڙي وِڌائون. سندس مٿي جي ڪَچڙن کنڀن ۾ چَپٽي وِجھي چوَڻ لڳس ته :“لال ڦيري ڏي ته پوءِ ڇڏيونءِ! ”
آخر ٻارن ھُن کي لال ڦيريون ڏياري اڌ مُئل ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيو ۽ ڪُجهه دير کان پوءِ مري ويو. جڏھن جھرڪيءَ کي اھا خبر پئي ته اُھا ٽِينڊي وٽ اچي روئندي ٻولڻ لڳي:“پُٽ! ڪيڏو سمجھايومانءِ ته ٻاھر نه وڃجانءِ! پر تو منھنجو چيو نه مڃيو؛ جنھن جي سزا تو کي ملي، پر مون کي به اڪيلو ڇڏي وئين.”
ٻارو! توھان کي گھُرجي ته ڪنھن جي دل نه آزاريو نه ئي ڪنھن ساھ واري کي ستايو ۽ پنھنجن وڏڙن جو چيو مڃيندا ڪريو. جيڪڏھن ائين نه ڪندءُ ته جھرڪيءَ جي ٻچڙي وانگر اوھان کي به ڪو ڇيھو رسي سگھي ٿو.
****

(ماهوار گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، سيپٽمبر 1991ع)

ساڙيلو ڀولو

هڪ ڏينهن وڏ ڦُڙو مينهن وَسي رهيو هو. مان به ڪُهاڙي کڻي جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويو هُئس ۽ جهنگ ۾ مِينهن جي ڦُڙين کان بچڻ لاءِ هڪ وڻن جي جهُڳٽي هيٺان پنهنجي ڀِڳل ڪپڙن سان وڃي بيٺم ته اوچتي هڪ ڀولي تي نظر پئي. ڏِسي ڪُجهه ڀئو به ٿيو، پر ڪُهاڙي مضبُوطيءَ سان هٿن ۾ جهلي دل ٻَڌي بيٺو رهيس. پر هُو مِينهن جو ماريو ڪُجهه پَرڀَرو وڃي وڻن هيٺان ويهي رهيو ۽ سيءَ جي ڪري ڏَڪڻ لڳو. جن وڻن هيٺان ڀولو ويٺو هو، اُنهن وڻن جي جهُڳٽي ۾ هڪ ڦُوسي پنهنجي آکيري ۾ مينهن کان لڪي ڏاڍي خوش لڳي ويٺي هُئي، سا ڀولي خان کي چوَڻ لڳي ته: “جيڪر تون به مون وانگر پنهنجو اَجهو يعني گهر اَڏين ها ته هينئرآرام سان نه ويٺو هُجين ها؟” اها ڳالهه ڀولي صاحب کي نه آئُڙي ۽ کيس ڏاڍي مَٺيان لڳي. سو ٽپ ڏئي ويچاريءَ ڦُوسيءَ جو آکيرو ڊاهي هيٺ ڦِٽي ڪري ڇڏيائين. ڦُوسي هُن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏِسي آکيري مان نڪري وڃي وڻ جي لامن تي ويهي رهي ۽ مِينهن ۾ ڀولي وانگر ڀِڄڻ لڳي. ڏَڪڻ لڳي ۽ ڀولي کي پِٽڻ لڳي. ان تي هُن کي خوشي به ٿي ته ڪاوڙ به لڳي. ڀولو خوش ان ڪري ٿيو جو ڦُوسيءَ کي پاڻ جهڙو بڻايائين ۽ ڪاوڙيو ڦُوسيءَ جي گهٽ وڌ چوَڻ تي. سو ڀولي هُن کي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي پر هوءَ پري اُڏري وئي ۽ ڀولي به اُن طرف رُخ رکيو پر پوءِ ڀولو ڦُوسيءَ کي نه پُڄي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڀولو اڏري ناهي سگهندو.
ڀولي ساڙ ۾ ڦوسيءَ جو آکيرو ته ڊاهيو پر وريس ڪُجهه به ڪونه. ڇا ڪاڻ ته بد نيت ۽ ساڙ سڙيو انسان توڙي جانور ٻئي کي وقتي نقصان ته ڏئي سگهي ٿو پر ڪو فائدو حاصل ڪري نه سگهندو. نتيجي ۾ کانئس نفرت ڪئي ويندي، جنهن سان کيس ڪو وڏو نقصان به پهچي سگهي ٿو.
ڀولي ۽ ڦوسيءَ جي منظر کان پوءِ مينهن به ڪُجهه گهٽيو ته مان به مِينهن سان پسيل ڪاٺين جي مُني ڀَري ڪري گهر ڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وِکون کڻي وڃڻ لڳس ۽ ڪَڪر به موج ماڻي پنهنجي ماڳ اُسهي رهيا هُئا ۽ ڪِرڻا وري زمين جي سر سبز سيني تان ڌرتيءَ جو پسينو پي رهيا هُئا ۽ هوا وهنجاريل وڻن جا وار سموهي رهي هُئي.
****

(ٻارهين جنوري 1989ع)

ڏاهو ٻار

ٻارؤ! مُريد نالي هڪڙو ڏاهو ٻار اٺين درجي ۾ پڙهندو هو؛ جيڪو وڏڙن جو چوَڻ خوشيءَ سان مڃيندو هو ۽ ڪڏهن به ڪروڌ ڪونه ڪندو هو. روز صُبح جو سوير اُٿندو هو ۽ اُٿڻ سان ئي وضو ڪري نماز پڙهي، قرآن ڪريم جو سبق پڙهڻ ويندو هو. ان کان پوءِ نيرن ڪري اسڪُول پڙهڻ ويندو هو. پڙهڻ سان به ڏاڍو چاهه هُوندو هُيس. ان ڪري ڏاڍي محنت ڪري هميشه پهريون نمبر ايندو هو. راند جي وقت راند ڪندو هو ۽ پڙهڻ جي وقت پڙهندو هو.
هڪ ڀيري مُريد جي ماءُ بيمار ٿي پيئي ۽ مُند به سياري جي هُئي. هڪ رات بيماريءَ جي حالت ۾ مُريد کي ماءُ سڏ ڪري چيو:“ پُٽ! پاڻيءَ ڍُڪ ته ڏي.” مُريد جڏهن پاڻي کڻي آيو ته ايتري ۾ ماڻس کي ننڊ جو جهُوٽو وٺي ويو. مُريد دل ۾ خيال ڪيو ته، امڙ کي ننڊ مان ڪيئن جاڳايان؟ سو پاڻيءَ جو گلاس هٿ ۾ جهلي انتظار ڪرڻ بيهي رهيو. ڪافي دير کان پوءِ ماڻس سُجاڳ ٿي ته ڏٺائين ته، مُريد پاڻي کنيون بيٺو آهي. هوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ پاڻي پي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ هٿ کڻي دُعا ڪري چيائين ته: “سَدورا پُٽڙا! تون مُنهنجي ڪاڻ هيڏي سيءَ ۾ بيٺو آهين. رب پاڪ تو کي وڏي عُمر عطا ڪري ۽ هميشه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري. شال تو کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳي. ڌڻي ڪندو سَرؤن سَر هُوندين.”
مُريد کي جيڪا جيجل ماءُ دُعا ڪئي هُئي سا نيٺ پروَر پاڪ پُوري ڪئي ۽ مُريد پنهنجي محنت سان ڪاميابي ماڻي. وڏو ٿي هڪ قابل طبيب بڻجي ويو ۽ هاڻي ننڍو وڏو کيس ڊاڪٽر مُريد صاحب سڏيندو آهي.
ٻارؤ! اوهان ڏٺو ته امڙ ڪيڏي نه عظيم هستي آهي، جو اُن جي ٿورڙي خدمت عرش تي رَسائي ٿي ڇڏي. سو ٻارؤ! توهان به پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ وڏڙن جو چيو مڃي ۽ مُريد وانگر محنت ڪري پنهنجو مقصد ماڻيو. هُونءَ به سُٺا ٻار هميشه وڏن جو چيو وٺندا آهن.
****

سچار ڇوڪر

حاڪم هڪ محنتي، هوشيار، سچار ۽ سُلڇڻو ڇوڪر ھو. ھُو ھميشه سچ ڳالهائيندو هو؛ ڪُوڙ کان نفرت ڪندو هو ۽ وڏن جو چيو مڃيندو هو. هُن کي ماءُ جي نصيحت هُئي ته پُٽ! هميشه سچ ڳالهائجانءِ ۽ ڪُوڙ ڪڏهن نه ڳالهائجانءِ! سچ چوَڻ واري کي سدائين پيار، پاٻوهه ۽ مانُ ملندو آهي ۽ سچي تي ربَّ جي رحمت هُوندي آهي جڏهن ته، ڪُوڙي تي لعنت هُوندي آهي.
حاڪم هڪ ڏينهن شهر ڏانهن وڃي رهيو هو، ته واٽ تان هُن ٽيهه رپيا ۽ سون جي مُنڊي لَڌي ۽ کڻي اچي هُو هڪ جاءِ تي ويهي دل ۾ سوچڻ لڳو ته: “هي پيسا ۽ مُنڊي ڪاڏي ڪجي؟” هيءُ اهو سوچي رهيو هو ته، سندس هڪ دوست شريف به اچي ويو. حاڪم سڄو احوال شريف کي ٻُڌايو. شريف هُن کي چيو :“يار! پيسا مون کي ڏي، باقي مُنڊي تون کڻ. تو ته اِهي لَڌا آهن، ڪنهن جا چوري ته ڪونه ڪيا اٿئي؟ جيڪڏهن ڪو مالڪ ٿيُن ته ڏٺو ويندو.” پر حاڪم ائين نه ڪيو ۽ هُن شريف کي چيو سُڀاڻي مان اهو احوال پنهنجي اُستاد کي ٻُڌائيندس. ان تي شريف حاڪم سان ڪاوڙجي هليو ويو.
حاڪم ٻئي ڏينهن جڏهن اسڪُول آيو ته اُستاد جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان سڀ ٻار اُٿي بيٺا. اُستاد ويهڻ لاءِ چيُن ته سڀ شاگرد ويهي رهيا؛ پر حاڪم اُٿيو بيٺو رهيو. اُستاد کانئس سبب پُڇيو ته ڇوڪرا! تون ڇو بيٺو آهين؟
حاڪم وراڻيو سائين! مان هڪ ڳالهه توهان کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان. اُستاد کيس چيو تنهنجي ڳالهه پوءِ ٿا ٻُڌئون؛ پهريان مُنهنجي ڳالهه ٻُڌو! ان تي سڀني شاگردن ڌيان ڌريو ۽ اُستاد کي چيائون سائين! ٻُڌايو. اُستاد چيُن ڪالهه شهر ويو هُئم، سو اُتي مُنهنجي هڪ مُنڊي ۽ ٽيهه رپيا ڪِري پيا. توهان مان ته ڪنهن کي هٿ نه آيا آهن؟
ان تي حاڪم رڙ ڪري چيو ته، سائين! مان اها ئي ڳالهه ته اوهان کي ٻُڌائڻ پيو چاهيان. اهي شيون مُون لَڌيون آهن ۽ هي آهن.
ان تي اُستاد پيسا ۽ مُنڊي حاڪم کان وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس شاباس سان گڏ ڏهه رپيا انعام به ڏنائين.
سو ٻارؤ! توهان به سدائين سچ ڳالهائيندا ڪريو ۽ حاڪم وانگر ائين مانُ ماڻيندا ڪريو.
سچ چوَڻ سان ملندو پيار، ڪڏهن ٿيندس ڪين خوار
****

بهادر ڇوڪري

هڪ ڳوٺ تي وڏيري ڪانڀُو خان جي نالي سان هڪ ڏاڍو ظالم زميندار راڄ ڪندو هو. کيس شير دل نالي هڪ پُٽ هو، جيڪو به کانئس گهٽ ظالم ڪونه هو. اڃا به پيءُ کان پنج وِکُون اڳڀرو هو ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن، ٻُڍن توڙي ٻارن، مردن توڙي ماين تي حُڪم هلائيندو هو. مطلب ته ڏاڍو ٽرڙو هو. وڏيري جو پُٽ هيو ان ڪري ڪنهن کي همٿ نه ٿيندي هُئي، جو ڪو وڏيري ڪانڀُو خان جي پُٽ کي کڻي اُف چئي. وڏيري کي ته گهڻا ئي نوڪر هُئا، جيڪي سندس ڪُتن ۽ ڪُڪڙن کي پالڻ ۽ سندس چمچاگيري ڪرڻ جي ڪِرت بنا پگهار ڪندا هُئا. وَڌوءَ نالي سندس هڪ هاري به هو، جنهن کي هڪڙي ڌيءُ هُئي. اهو پنهنجيءَ ڌيءُ کي وڏيري کان چوريءَ شهر ۾ رهائيندو هو.
وڌو هڪ دفعي هر ڪاهي رهيو هو. اُن ڏينهن سندس ڌيءُ جيڪا هتان جي ماحول کان بلڪُل بي خبر هُئي، جنهن جو نالو سنڌو هو، تنهن کي موڪل هُئي ۽ سندس زال سڀائي بيمار هُئي؛ سو پنهنجيءَ نياڻيءَ کي چئي ويو هو ته:“ڌيءُ! مان هر تي ٿو وڃان، پوءِ تون ماني کڻي اچجانءِ!”
هوڏانهن وڏيري جو پُٽ شير دل به سير سفر تي هٿيار هٿ ۾ کڻي نڪتو هو. جيڪا شيءِ سندس آڏو پئي اچي اُن کي وهائي پيو ڪڍي. پوءِ اُهو ماڻهو هُجي يا جانور. جڏهن سنڌوءَ جي پيءُ وٽ پهتو ته، ماني کائيندڙ کي ٺڪاءُ کڻي چماٽ ڪڍايائين. اهو ڏِسي سنڌوءَ کان برداشت نه ٿي سگهيو ۽ ٺڪاءُ کڻي شير دل کي چماٽ هنيائين. شير دل چماٽ جهلي واپس وريو ۽ وڃي پنهنجي پيءُ کي دانهن ڏنائين. اهو پهريون دفعو هو جو هڪ غريب هاريءَ جي نينگريءَ اڳ جو رڪارڊ ٽوڙي وڏيري جي پُٽ کي چماٽ هنئي.
وڏيرو باهه ٿي ويو. هاريءَ ۽ وڏيري ۽ ڪمزور ۽ طاقتور بابت هڪ چوِڻي به آهي ته: “ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪانه ۽ هيڻي تان لهي ڪانه!” سو هاريءَ ڏانهن ماڻهو موڪليائين. هيڏانهن وڌو ويچارو پنهنجيءَ نياڻيءَ سنڌوءَ کي پِٽڻ لڳو ۽ چوَڻ لڳس ته :“جيڪر نه ڄمين ها ته ههڙن سُورن کان ئي آجو ٿي پوان ها. مون تو کي ان لاءِ ته ڪونه پڙهايو هو ته... هاڻي وڏيرو سائين اسان جو جهُڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيندو.” سنڌوءَ پيءُ کي چيو :“مان وڏيري سان پاڻهي ڳالهائينديس. پڙهبو ان لاءِ آهي ته هر ڏاڍ جي آڏو سينو تاڻي بيهجي ۽ جيئن حق سچ کي سُڃاڻي سگهجي.”
وڌو وڏيري وٽ حاضر ٿيو ۽ هٿ ادب جا ٻَڌي، ڳچيءَ ڳل ڪپڙو پائي عرض ڪرڻ لڳو:“ سائين! مون ته پنهنجيءَ ڌيءُ کي ماري ماري سڄائي ڇڏيو آهي. هاڻي توهان جي هٿن ۾ ٿو ڏيان. توهان کي جيتري وڻيوَ تنبيهه ڪريوس. سنڌو پاڻ سان گڏ ڪتاب کڻي آئي هُئي. وڏيري جي سامهون لاڌڙڪ ۽ بنا ڀوَ جي هڪ بهادر سپهه سالار جيان بيٺل هُئي. وڏيرو ڪاوڙ مان ڏَڪندي سنڌوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چوَڻ لڳو :“اَئِي ڇوري! تو کي اها جُرئت ڪيئن ٿي جو تون مُنهنجي پُٽ سان کونسي آهين؟ تو کي خبر آهي ته تون ڪنهن جو کائيندي ۽
پائيندي آهين؟”
سنڌو چوَڻ لڳس: “وڏيرا سائين! اها طاقت مون کي هن ڪتاب ارپي آهي. مان پنهنجي ڌڻيءَ جي در جو کانوان ٿي. ڇا رب پاڪ تو کي ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته، تون غريبن تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪرين؟ اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ماني کائيندڙن کي بي گناهه ماريو وڃي؟ هيءَ ڌڻيءَ جي ڌرتي آهي. هن تي هر ڪنهن کي رهڻ جو حق آهي. ڇا اهي انسان نه آهن جن کي لٺيون ٿا هڻو؟ توهان جي پُٽ کي خسيس ٿڦاڙ لڳي آهي ته هيتري واويلا مچائي اٿوَ؟ جيڪڏهن تون زميندار آهين ته تنهنجي مرضي هلي. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. تنهنجو بيڪار پُٽ ڀل هر ڪنهن کي پيو ڏُکائي، تون هت ڀلي اسان تي جبر هلاءِ پر ياد رک قيامت جي ڏينهن تو کان هر حساب چُڪائي وٺبو. هت ظالم کي ڊگهو رسو هُوندو آهي ۽ هاڻي تنهنجي ظلم جا ڏينهن باقي ٿورا بچيا آهن.”
هوڏانهن سنڌوءَ جي پيءُ جو ساهه پيو وڃي ۽ هر هر پنهنجيءَ ڌيءَ کي روڪي پيو ته ڌيءُ! وڏيري سائينءَ سان ائين نه ڳالهائبو آهي. انهن جوشيلن لفظن وڏيري تي ايڏو ته اثر وِڌو جو وڏيري سائينءَ جون وايون بتال ٿي ويون ۽ صفا چُپ ٿي ويو ۽ ڇوڪريءَ مان اچي ڦاٿو.
نيٺ ڳالهه سمجهه ۾ آيس. پوءِ ته سنڌوءَ کي ڏاڍن انعامن سان نوازيائين ۽ پنهنجي پُٽ شير دل کي به شهر ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪليائين ۽ ڳوٺ ۾ به پنهنجي خرچ تي هڪ اسڪول ٺهرايائين، ڪُتن ۽ ڪُڪڙن ويڙهائڻ وارا ڌنڌا ڦِٽي ڪيائين.
ٻارؤ! توهان ڏٺو ته علم ۾ ڪيڏي نه سگهه آهي، جو ظالم وڏيري کي به هڪ پڙهيل نياڻيءَ آڏو جهُڪائي وِڌائين ۽ بهادر ڇوڪري وڏيري جي اڳيان پنهنجي دليريءَ سان شينهن جيان گجندي رهي ۽ هڪ غريب ڇوڪري هوندي به علم سبب بهادريءَ جو نئون مثال قائم ڪيائين.
****

هڪ ڏينهن جي ڳالهه

هڪ دفعي ڪُجهه دوست ۽ مان ڳوٺ جهنڊي مشائخ جي هڪ گهٽيءَ ۾ ڪا شئي کائي رهيا هُئاسين، سج لٿي جي مهل هُئي ۽ سياري جي مُند هُئي ته اوچتو هڪ ننڍڙو صفا پِتڪڙو چئن سالن جو ٻارڙو اچي اسان آڏو هٿ ٽنگي چوَڻ لڳو ته: “مون کي به ڪُجهه ڏيو.” اسان اُن کي ڪُجهه شئي ڏني ۽ پُڇيوسُونس ته: “ادڙا! تون هن ويل ههڙي سيءَ ۾ صرف ڦاٽل قميص سان ڪاڏي ٿو وڃين؟ ڇا تو کي ڀئو ڪونه ٿو ٿئي؟”
ڪُوماڻل ۽ سُڪن چپڙن سان چوَڻ لڳو: “اسان وري ڪي ڊڄڻا آهيون ڇا؟ مان ته چاچي بچل وارن ڏانهن لولو وٺڻ روز هن کان به دير ويندو آهيان. اڄ ته ساجهر آهي. بابو مري ويو آهي. مان پاڙي وارن کان ٽُڪر پني ايندو آهيان، جيڪو سڀ کائيندا آهيون.” ائين چئي اڳتي روانو ٿي ويو.
اسان اُتي ئي بيٺا هُئاسين ته، وري اُهو ساڳيو ئي ننڍڙو ٻارڙو سيءَ ۾ ڏَڪندو ٿَڙڪندو اچي رهيو هو. هوڏانهن هڪ موالي به نشن ۾ اَلهوٽ لڳو پئي آيو. مواليءَ جي ٻارڙي تي ته نظر نه پئي ۽ ٻارڙي کي مواليءَ جو پاسو لڳو ته ٻار ڪِري پيو ۽ سندس پنيل مانيءَ ڳڀا ۽ ٻوڙ ڌُڌڙ ۾ ڪِري هڪ ٿي ويو. ٻارڙو روئڻ لڳو پر مواليءَ کي ڪا ڪَل ئي ڪانه پئي ۽ هُو لامارا ڏيندو ويندو رهيو. ٻار جي روئڻ تي مان ان ڏانهن وڌيس. مون کي سُڏڪندي ٻار چوَڻ لڳو هاڻي ته، مون کي امان به ماريندي ۽ سڄي رات بُک تي به سُمهنداسين. تون لولو ڏيندين ني؟ اڄ نه ته......... ها ڀايَڙا! مون دلداري ڏيندي کيس چيو.
پوءِ اُن کي ماني کارائيمانس ۽ گهر لاءِ به وٺي ڏنيمانس ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جا ڪپڙا ۽ جرسي پهرائي، اجرڪ جي ٻوڪي ٻَڌي کيس گهر ڇڏي آيس ۽ هاڻي اُن کي روز گهر پڙهائڻ به ويندو آهيان.
****

(اٺون درجو، 1986ع)

حرڪتي ٻار

حرڪتي ٻار مٿي جو سُور ۽ سُلڇڻا هر ڪنهن جي ڳچيءَ جو هار هُوندا آهن. سَدورڙا ٻار پيءُ، ماءُ، وڏڙن ۽ اُستاد جي ٻُڌايل واٽ تي هلندا آهن پر نندورا ٻار وڏڙن جو چيو هڪ ڪَن سان ٻُڌندا آهن ۽ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. چوِڻي آهي ته، “مائٽ ميڻ، اولاد پٿر!” جيڪڏهن چڙهيا ڪنهن بينش تي ته الله پيو رحم ڪري. تيستائين مُور نه مُڙندا، جيستائين ڪا سزا ملين.
رياض ۽ بدر نالي ٻه ڇوڪرا هڪ ئي ڳوٺ جا، هڪ ئي درجي ۾ پڙهندا هُئا. رياض هوشيار ۽ بااخلاق ڇوڪرو هو ۽ هر سال پهريون نمبر کڻندو هو؛ پر بدر حرڪتي، ڪم چور ۽ جَڏو شاگرد هو. رياض بدر کي گهڻو ئي سمجهائيندو هو ته ادا! شرارتون ڪرڻ سُٺن ٻارن جو ڪم ڪين آهي. تون پڙهڻ سان دل رک ته وڏو ماڻهو بڻبين؛ پر هُو رياض جي ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڪونه ڌريندو هو. پنهنجيءَ ڌُن ۾ مگن لڳو پيو هُوندو هو.
آخر هڪ دفعي ائين ٿيو جو ڦٽاڪن جي عيد آئي ته، ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن مائٽن عيد جي خرچي ڏني. رياض ته سياڻو ڇوڪرو هو سو اُن سڄي خرچي خرچڻ بدران ڪُجهه بچائي رکي ڇڏي؛ پر بدر کي ته، آرام ئي نه پيو اچي. بس ڳڻتي هئس ته، ڪيئن به ڪري ڦوڪجي، سو ڦٽاڪا وٺي آيو. ڦٽاڪن کي باهه ڏئي ڌماڪا ڪرڻ لڳو. ڪُجهه ڦٽاڪا اُڏايائين ته، هڪ ٻَرندڙ ڦَٽاڪو سِڌو وڃي هُنن جي گهر جي لوڙهي ۾ ڪِريو ۽ لوڙهي کي باهه وٺي وئي. جڏهن ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر پئي ته بدر جي گهر کي باهه لڳي آهي ته، باهه وِسائڻ لاءِ ڪو پاڻيءَ جا ڀريل دِلا ته ڪو مَٽ ته ڪو چونريون ته ڪو ٽينَ کڻي اچي پهتو.
نيٺ باهه ته ڳوٺ وارن وِسائي ورتي. باهه سبب لوڙهي کان سواءِ مَنَهُن ۽ هڪ ڳئونءَ جي پُٺيءَ جو ڇوڙو سڙي ويو. اهو ڏِسي ڊَپ کان بدر ڳوٺ ۾ لڪي ويو. جڏهن بدر جو پيءُ شهر کان موٽي آيو ته، ڏٺائين ته، لوڙهو وغيرهه سڙيو پيو آهي ۽ پُڇا ڪيائين ته، ههڙو قهر ڪنهن ڪيو آهي؟ سڄي حقيقت کيس گهران پئي. پوءِ پڻهنس بدر کي ڳولي ڳولي ڏاڍي مار ڏني.
بدر ايلاز منٿون ڪري مار مان جان ڇڏائي ۽ واعدو ڪيائين ته، اڳتي مون شرارتن کان توبهن ڪئي.
اُن کان پوءِ هُن ٻيا سڀ ڪِنا ڪم ڇڏي ڏنا ۽ شريف ۽ سُٺو شاگرد ٿي پڙهڻ لڳو ۽ ايندڙ امتحان ۾ پهريون نمبر آيو. پوءِ ته بدر جا سڀ مِٽ مائٽ کيس پيار جي نگاهه سان ڏِسڻ لڳا ۽ پنهنجي منزل رياض وانگر محنت ۽ سُلڇڻائپ سان ماڻڻ لڳو.
جيڪڏهن بدر ڪنهن زيان ڪرڻ يا نقصان کائڻ کان پهريان ئي سُلڇڻو ۽ پڙهاڪو ڇوڪرو هُجي ها ته وڌيڪ سُٺو ٿئي ها.
****

(20 هين سيپٽمبر 1989ع)

شرارت

ٻارؤ! ڪنهن ڪلاس ۾ ضمير ۽ شڪيل نالي ٻه ڇوڪرا گڏ پڙهندا هُئا. شڪيل تمام ذهين ڇوڪرو هُوندو هو ۽ ضمير هڪ شرارتي ڇوڪرو هُوندو هو. ضمير شرارتي ان ڪري هُوندو هو جو هُو شاهُوڪار جو پُٽ هو. ان ڪري هُن کي ڪو فڪر ئي ڪونه هُوندو هو؛ جڏهن ته شڪيل هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ هو. شڪيل جو پيءُ ڪُراڙو هُوندو هو؛ پر ان جي باوجُود شڪيل کي پڙهائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندو هو. شڪيل ۽ ضمير پاڻ ۾ گهاٽا دوست هُئا ۽ هڪ ئي ڊيسڪ تي ويهندا هُئا. جڏهن ڪو خالي پيرڊ کين ملندو هو ته، ان ۾ شڪيل پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مشغول رهندو هو؛ جڏهن ته ضمير شرارت پيو ڪندو هو. ڪڏهن اُستاد جي ڪُرسيءَ تي ويهندو هو ته ڪڏهن ڇوڪرن سان پيو وڙهندو هو.
شڪيل ضمير جي گهاٽي دوست هُئڻ ڪري کيس انهن حرڪتن ڪرڻ کان پيو بار بار سمجهائيندو هو ته يار تون هي حرڪتون ڇو ٿو ڪرين؟ ڪُرسيءَ تي ويهندي ڪڏهن تو کي اُستاد سائين ڏِسي وٺي ته پوءِ ڇا سوچيندو؟ وراڻيندو هُئس اڙي ڪُجهه ڪونه ٿيندو. مان تو وانگر ناهيان جو گهر ۾ به پڙهان ته فري پيرڊ ۾ به ويٺو ذهن تي زور ڏيان ۽ بس سڄو ڏينهن ڪتاب ۾ مُنهن وِجهيو ويٺو هُجان. اهڙي پڙهائيءَ مان ڇا ملندو؟
آخر جڏهن امتحان جو ڏينهن آيو ته، اُستاد جوابي ڪاپيون ورهائڻ لڳو. جڏهن شڪيل کي ڪاپي ملي ته هُو لکڻ ۾ شروع ٿي ويو؛ پر جڏهن ضمير کي ڪاپي ملي ته هُو هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳو. هاڻي هُن کي پنهنجين حرڪتن تي پڇتاءُ ڪرڻو پيو. هُن ته ڪُجهه به نه پڙهيو هو سو خالي پرچو ئي ڇڏي آيو. آخرڪار امتحان ته خير خوبيءَ سان گذري ويو؛ پر جڏهن نتيجو ظاهر ڪيو ويو ته، ضمير ناپاس ٿي پيو ۽ شڪيل پهريون نمبر آيو. جڏهن ضمير جي ناپاس ٿيڻ جي خبر سندس پيءُ کي پئي ته هُو پنهنجي پُٽ تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ هُن جي روز ملندڙ خرچي به بند ڪري ڇڏيائين.
پيارا ٻارؤ! توهان به شڪيل وانگر ڏينهن رات محنت ڪري سڄي اسڪول ۾ پهريون نمبر کڻجو؛ پر ضمير وانگر شرارتي ڇوڪرا نه ٿجو ڇاڪاڻ ته، سياڻن جو چوَڻ آهي ته شرارت ڪم شيطان جو آهي.
****

مَـنـُون پـيٽي

ٻارؤ! لالچ هڪ اهڙي عادت آهي، جيڪا فائدي بدران نقصان رسائيندي آهي ۽ چوڻي به آهي: “سياڻو ڪانءُ ٻه ٽَنگو ڦاسندو آهي.” ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪانءُ لالچ ۾ اچي گهڻي چوڳي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سياڻپ کي وڌيڪ استعمال ڪندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته، ڪامياب ٿي ويندس پر لالچ جي نشي ۾ کيس ڪوڙڪي نظر ئي نه ايندي آهي ۽ هُو اُن ۾ ٻنهي ٽنگن سميت ڦاسي پوَندو آهي.
تنهن ڪري جيڪو به ڪم ڪجي سوچي سمجهي ۽ ضرورت آهر ڪجي.
هُونءَ ته لالچ جا ڪيترا ئي قسم آهن پر گهڻي کاڌي کائڻ واري لالچ ڏاڍي مشهُور ۽ بد نام آهي ۽ ان لالچ ۾ ٻين کان سواءِ ڪي ٻار مڙئي تيز ڏِسڻ ۾ ايندا آهن. ٻارن تي گهڻي کائڻ ڪري لالچي، هٻڇي ۽ پيٽيءَ جهڙا نالا رکيا ويندا آهن. سو اهڙي ئي هڪ ٻار نالي منظور جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي جيڪو به پيٽ جو هَتو تَتو ۽ لالچي هو. کيس مائٽ ڪاوڙ مان ڪڏهن ڪڏهن مَنُون پيٽي چوَندا هُئا.
منظور ٻن هنڌن تي ماني کائيندو هو. يعني ٻه چُلهيو هو. پهريان پنهنجي گهران ماني کائي وري ٻيو دفعو پنهنجي ناناڻن وٽ وڃي کائيندو هو؛ پر ماني به سادي سُودي نه کائبي. ڪِروڌ ڪري به چڱي چوکي کائبي. ايترو لالچي جو کٽاڻ، مِٺاڻ گڏي پيو کائيندو هو. خرچيءَ مان اسڪول ۾ بازاري ۽ غير معياري شيون الڳ کائيندو هو. اڳ ۾ سڀ ڪُجهه کائي پوءِ پيو چوَندو هو هُون! ڇا ٿيندو؟ جي ٿيو ته پوءِ مُنهن ڏينداسين.
جيڪڏهن مائٽ ڪا شئي نه ڏيندس ته بابا! تو هينئر اڃان مٺي شئي کاڌي آهي؛ هاڻي ئي لسي نه پيءُ؛ ڪُجهه دير کان پوءِ تو کي جيڪو وڻي سو کاءُ؛ بيمار نه ٿي پوين! پر منظور مجال آ جو مُڙي وڃي. پر سائين روئي روئي ڪاوڙ ۾ گهر جا ٿانوَ ٿِڦا ڀڃي وڙهي گِري پنهنجو ضد ضرور پُورو ڪبو. وري مائٽ به پيار وچان کيس ڍَرَ ڏئي ڇڏن.
هڪ دفعي ڇا ٿيو جو هُن جي گهر ۾ ٻَٽالن جو ٻوڙ چاڙهيو ويو. اڃان ٻٽالون يعني پٽاٽا اڌ ڪَچا ۽ اڌ پَڪا رَڌا مس ته اچي منو پيٽي به ڀِتُنِ. سندس ماءُ جهليُس ته پُٽ! ايترا گهڻا ٻٽالون نه کاءُ! پيٽ ۾ سُور پوَندءِ! پر هيءُ همراهه اصل ڪين مُڙيو ۽ سمُورا ٻٽالون مڪمل پچڻ کان پهريان ئي کائي ڇڏيائين.
ڪلاڪ ڏيڍ مس گذريو ته منظور رڙ ڪئي ته اڙي مري ويس. ماڻس ماني پچائي رهي هُئي، تنهن پُڇيس وري ڇا ٿيُئِه؟ ڏَسين ڇو نه ٿو؟ منظور چوَڻ لڳو اڙي لالچ ڙي لالچ! هاءِ لالچ! اصل رڙ پئي پئيس. ماڻس سمجهي وئي. پُٽ! جهليو ته گهڻو ئي مانءِ ته اهي ماريا ڪچا ٻٽالون نه کاءُ پر ڪونه مُڙيين.
همراهه جي رڙ مٿان رڙ پئي پئي. پوءِ مائٽن کيس جلديءَ ۾ پيٽ جي سُور جي ڦَڪي ڏني جا هُن کاڌي. ڦَڪي ڦَڪڻ کان پوءِ جهٽ کن ۾ ئي ڪُجهه جهَڪائي ٿيس ۽ آهستي آهستي هُن جي پيٽ جو سُور لهي ويو.
منظور ان سزا کان پوءِ پنهنجن مائٽن سان واعدو ڪيو ته، اڳتي مون اهڙيءَ لالچ کان توبهن ڪئي ۽ هاڻي مان ڪچيون ۽ غير معياري شيون جهڙوڪ چپس، بوتلون بلڪُل نه واپرائيندس ۽ رڳو صحيح رڌل پڪل ۽ امڙ جو پڪايل مانجهاندو (Lunch) توڙي تازي رس (Fresh Juice) واپرائيندس.
****

چوريءَ جي سزا

ٻارؤ! اوھان کي خبر آھي ته چوري هڪ بُري عادت آهي. ان عمل ڪرڻ ڪري الله تعاليٰ ۽ رسُول الله ﷺ ناراض ٿيندا آهن ۽ معاشري ۾ ماڻهو خوار خراب به ٿئي ٿو. هڪ ڳوٺ ۾ دل مُراد نالي ڇوڪرو مال چاريندو هو، جنهن کي ڳوٺ وارا دِلُو دِلُو ڪري سڏيندا هُئا.
هڪ عام چوِڻي آهي ته جهڙي صحبت تهڙو اثر. اهو ڇوڪرو به بُرن جي صحبت ۾ اچي بُرا ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ڪڏهن ڪنهن جي ڪُڪڙ ته ڪڏهن ڪنهن جي ٻڪري پيو چوري ڪندو هو. آخر ڳوٺ وارن کي خبر پئي ته هن کي گهرائي سمجهايائون ته:“ پُٽ! چوري ڪرڻ چڱو ڪم نه آهي. پر هُو سمجهائڻ سان به نه سمجهيو.”
هڪ دفعي هُو ميلي تي ويو ته، اُتي دُڪان تان پنهنجيءَ مينهن کي پارائڻ لاءِ ڳاني چوري ڪري رهيو هو ته، دڪاندارن ڏِسي ورتُس. پوءِ ته کيس پڪڙي، ماري ڪُٽي پوليس جي حوالي ڪيائون. پوليس کيس اهڙي سزا ڏني جو هُن چوريءَ ڪرڻ کان توبهن ڪئي ۽ ڳوٺ وارن سان به واعدو ڪيائين ته، وري مان ڪنهن جي به چوري ڪونه ڪندس. مهرباني ڪري مون کي پوليس کان آزاد ڪرايو.
سزا کان پوءِ هُو سُڌري ويو پر جيڪڏهن وڏڙن ۽ ڳوٺ جي چڱن ماڻهن جو پهريان ئي چيو مڃي ها ته هُو پوليس جي مار کان به بچي وڃي ها ۽ خواريءَ کان به بچيل هُجي ها.
****

امڙ

اڌ رات جو ننڊ مان جاڳندي ننڍڙي مجيب چيو:“امان او امان.”
سندس پيءُ قاسم مجيب کي چيو:“جيءُ پُٽ!.”
“بابا! امان ڪٿي آھي؟” مجيب پڇيو.
“پُٽ تنھنجي ماءُ شاديءَ ۾ گھُمڻ وئي آھي ۽ اچي ويندي.” قاسم چيو.
“پر امان کي ته ٻه ھفتا ٿي ويا آھن. اڃا ڇو نه آئي آھي؟” مجيب چيو.
قاسم وراڻيو: “مجيب پُٽ اچي ويندي.”
مجيب پنھنجيءَ ماءُ سان نه ملڻ سبب بيمار ٿي پيو. قاسم پنھنجي پُٽ جو طبيبن کان تمام گھڻو علاج ڪرايو، پر وري به مجيب جي طبيعت ٺيڪ ڪانه ٿي.
ھڪ ڏينھن قاسم مجيب کي ٻُڌايو ته:“پُٽ تنھنجيءَ ماءُ کي وڏيري شڪار ڪندي گولي ھڻي ڇڏي، جيڪا ان وقت کوهه تي پاڻي ڀري رھي ھُئي ۽ اھڙيءَ طرح تنھنجي ماءُ مولا کي پياري ٿي چُڪي آھي. ”
مجيب اھي لفظ ٻُڌي صدمون نه سھي سگھيو ۽ مري ويو. قاسم پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻچڙي جي جُدائي نه سھي سگھيو ۽ دماغي توازن وِڃائي ويٺو.
****

(پندرھنوار عبرت ميگزين حيدرآباد،هفتيوار ٻارن جو صفحو، 15 ڊسمبر 1989ع)

نوشيروان بادشاهه وارو فيصلو

نوشيروان بادشاهه واري فيصلي بابت اسان اڪثر وڏڙن کان ٻُڌندا پيا اچؤن ته، جڏهن به ڪن ٻن پاڙيسرين جي وچ ۾ اڻبڻت ٿي پوَندي آهي ته، هُو ڳوٺ جي چڱي مُڙس ڏانهن فيصلي لاءِ ويندا آهن ۽ وڏيري کي چوَندا آهن ته: “ڀوتار سائين! نوشيروان بادشاهه وارو فيصلو ڪجانءِ!” يا وري عدالتن ۾ قاضين صاحبن کي به اهو سُوال پيش ڪيو ويندو آهي.
هڪ دفعي مون پنهنجي پيءُ لونگ خان کان پُڇيو ته:“بابا سائين! اهو نوشيروان بادشاهه وارو فيصلو ڇا آهي؟ بابي ٻُڌايو ته: “پُٽ! ڪنهن مُلڪ جو نوشيروان نالي هڪ بادشاهه هو؛ جيڪو ڏاڍو انصاف پسند هو ۽ انصاف ڪرڻ سبب سڄيءَ دنيا ۾ مشهُور هو. هڪ ڀيري نوشيروان بادشاهه جو پُٽ نوڪرن چاڪرن سُوڌو گهوڙن تي چڙهيو پئي آيو. رستي تي هڪڙي گڏهه پنهنجي ٻچڙي يعنيٰ کوتڙي سان بيٺل هُئي.
بادشاهه جي پُٽ ڇا ڪيو جو گڏهِه جي کودڙي کي گهوڙن جي سُنبن هيٺان چيڀاٽرائي مارائي ڇڏيائين. گڏهِه جي ڦَرڙي کي کوتڙو يا کودڙو چئبو آهي.
گڏهِه بادشاهه وٽ دانهن کڻي وئي. وڃي ٿُونن سان بادشاهه جو در کڙڪايائين. بادشاهه نوڪر کي موڪليو ته ڏِس ته در تي ڪير آهي؟ درٻاريءَ در تي گڏهِه ڏٺي ته اُن کي اُتان لوڌي ڪڍيائين ۽ بادشاهه ڏانهن موٽي آيو. بادشاهه کي ٻُڌايائين سائين قبلا! گڏهه هُئي جا در سان ٻُوٿ پئي کَنهي.
وري ٻيو ڀيرو گڏهه آئي ۽ ساڳيا ٿُونا هنيائين؛ وري به ساڻس ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويو. نيٺ ٽيون ڀيرو آئي ته بادشاهه چيو شايد ان تي ڪو ظلم ٿيو آهي. بادشاهه گڏهِه جي ڪڍ لڳو ته گڏهه وٺي هلي پنهنجي مُئل ۽ چيٿاڙيل کودي جي ڍونڍ تي بيهاريس.
بادشاهه اُتان پُڇيو ته، هن ويچاريءَ گڏهه جي معصُوم کودڙي کي ڪنهن ماريو آهي؟ ماڻهن بادشاهه کي عرض ڪيو قبلا! توهان جي پُٽ هن ويچاريءَ جي ٻچي تي گهوڙا چاڙهيا آهن. بادشاهه حُڪم ڪيو ته پُٽ کي گهُرايو وڃي. اُن کي گهُرايو ويو ۽ نوشيروان بادشاهه حُڪم ڪيو ته هن جي مٿان گهوڙا ڊوڙايا وڃن.
بادشاهه جي پُٽ جيڪو سلُوڪ گڏهه جي ڦَرڙي سان ڪيو اُهو ئي سلُوڪ ساڻس به ڪيو ويو. اُن کان پوءِ ‘نوشيروان بادشاهه وارو فيصلو’ مشهُور ٿي ويو.
****

(20 هين نومبر 1988ع)

مضمُون

---

صُبح جو باغ جو سير

صُبح جا پنج وڳا ته پکين پکڻن جون لاتيون ۽ ذڪر اذڪار به شروع ٿيا. مُنهنجي اک به کُلي پئي. هوڏانهن مولوي صاحب به لائوڊ تي آذان چئي ۽ ڪُڪڙ به انسانن کي اُٿارڻ لاءِ ٻانگون ڏيڻ لڳا.
سُبحان الله! پکين جون لاتيون به عجيب آهن. دل ائين پئي چاهيندي آهي ته، جيڪر اهو صُبح صادق سدائين قائم رهي ۽ پکين جون لولين ڀريون ٻوليون ٻُڌجن ئي ٻُڌجن پيون. مون اتي وضو ڪري نماز پڙهي ۽ دل ۾ اوچتو خيال اچي ويو ته، جيڪر پنهنجي باغ جو سير به ڪجي. اهو خيال ڪري ٻاهر نڪتس ته اُڀ تي نيرا نيرا، ڪارا ڪارا ڪڪر ڪڏهن اُتر ته ڪڏهن ڏکڻ، ڪڏهن اولهه ته ڪڏهن اوڀر ڏانهن صُبح جو پنهنجي سفر جي ڌُن ۾ مصروف هُئا. هوڏانهن ڪي ڳوٺ جا ماڻهو به پنهنجيءَ پوک جو سُڌ سماءُ وغيرهه لهڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي خيال سان بيٺا هُئا. مان جڏهن باغ جي ڀر سان پهتس ته ماڪ ۾ گهِميل ۽ ٽِڙيل گلڙن مُنهنجي پري کان ئي آجيان ڪئي. هوڏانهن ڪويل به ڪَڪر ڏِسي پنهنجيءَ ڌُن ۾ لڳي پئي هُئي. هيڙها، بُلبُل ۽ ڳيرا به ڌڻيءَ جي ذڪر ۾ مشغُول هُئا. وري جهرڪين ۽ ڪَٻرين جو پاڻ ۾ جهيڙو لڳو پيو هو؛ جو ڏِسڻ وٽان هو ۽ طوطا به پنهنجي مِٺڙي ۽ پياري ٻولي ٻولي رهيا هُئا.
ڪانوَ به ڪان ڪان ڪري، اُتان پنهنجي روزگار لاءِ اُڏاڻا. وري ڪَنگن جون قطارن جون قطارون به پنهنجي مقصد لاءِ اُڏاڻيون. ڪي ڪَنگ ڪنهن طرف ته ڪي ڪَنگ ڪنهن طرف اُڏامي هليا. هوڏانهن گلڙا به پنهنجيءَ پنهنجيءَ خوشبوءِ سان من موهي رهيا هُئا. بهار جي موسم هُئي. باغ ۾ جيڪي به وڻ ٽڻ هُئا. سڀ ٻُور ۽ گُل ٻاٽيءَ سان ٽِنڊريا پيا هُئا، سُرهاڻ سان پنهنجو جلوو جمال پَسائي رهيا هُئا.
مان سمجهان ٿو جيڪڏهن ڪو بيمار ماڻهو صُبح جو باغ جو سير ڪندو ته اُهو صحتياب ٿي ويندو. مُنهنجي دل اهڙن گلڙن، وڻن ٽڻن ۽ پکين پَکڻن جي لاتين کي ڇڏڻ ڪونه پئي چاهي پر اسڪول به وڃڻو هو. پوءِ گهر موٽي نيرن ڪري، وهنجي سهنجي ڪتاب کڻي اسڪول ڏانهن آيس.
****

نشو نڀاڳي عادت آهي

سنڌيءَ ۾ چوِڻي آهي ته: “هاهياري جي هير ٽَنگ ڀَڄيس ته به نه مُڙي.” پر دنيا ۾ ڪا به شئي ناممڪن ناهي، بس رڳو اٽل ارادو هُجي. هاهيارو معنيٰ اهڙو ڀاڄوڪڙ يا عادي جانور، جنهن جي ڀڄڻ ۽ ڊُڪڻ جي عادت ايڏي ته پڪي ۽ پُختي ٿي ويندي آهي، جو ان جي ڄنگهه ڀڄي پئي، تنهن هُوندي به ڀڄڻ يا رُلڻ کان نه مُڙندو. عادتن تي ٻيون به چوِڻيون آهن، جيئن سگريٽ ڇڪڻ بابت انگريزيءَ ۾ عام چوِڻي آهي: Smoking is the bad habit
يعني نشو هڪ تمام خراب عادت آهي. نشو پهريان شوهَه ۽ لَئِه خاطر ڪبو آهي، پوءِ وري آهستي آهستي انسان انهيءَ نشي ۾ ڦاسي ويندو آهي. همراهه اهڙو ته اَڙجي ويندو آهي، جو سگريٽ جو سُوٽي مٿان سُوٽو پيو لڳندو ۽ چَپٽيءَ جو ٺهڪي مٿان ٺهڪو پيو پوَندو. ائين پيو محسُوس ڪندو ڄڻ دنيا ۾ ان جهڙو ٻيو ڪو مُشڪل هُوندو.
وري جيڪڏهن بس وغيرهه ۾ چڙهيو ته کڻي ڪيڏي به سوڙهه هُجي ته به همراهه ڦُوڪ ضرور ڀريندو ۽ وڏيءَ لئه ۽ داٻ (Pressure) سان پيو وات مان دُونهون ڪڍندو. اهو خيال به نه ڪندو ته متان منهنجي دُکيل سگريٽ مان ڪنهن جو ڪپڙو سڙي پئي يا ڪنهن جو دونهين سان ساهُه مُنجهندو هُجي.
اهڙا ماڻهو فضول خرچيءَ ۽ صحت وِڃائڻ جا عادي هُوندا آهن. جڏهن ته الله تعاليٰ فضول خرچيءَ ۽ نشي کي ننديو آهي. سچ اهو آهي ته نشئي ماڻهو جيڪڏهن رستن تي يا عوامي هنڌن تي پنهنجن اِنهن ڪنين عادتن کان نه ٿا مُڙن ته نشي جي پرچار ٿئي ٿي ۽ ٻيا ماڻهو به ڏانهُنِ راغب ٿين ٿا. نشي جي واهپي سبب مختلف مرض ٿي پوَن ٿا، جيڪي انسان جي ذهن توڙي صلاحيتن تي تمام گهڻا خراب اثر ڇڏن ٿا ۽ موت جو سبب بڻجن ٿا. تنهن ڪري اسان کي هر قسم جي نشي کان پري ڀڄڻ گهُرجي.

(21 هين ڊسمبر 1987ع)

نياڻين جي تعليم جي اهميت ۽ ضرورت

دنيا ۾ جيڪا به ترقي ٿي آهي، اُن جو جيڪڏهن سبب معلُوم ڪيو ويندو ته، وڏي ۾ وڏو سبب ۽ بُنياد عِلم ڏِسڻ ۾ ايندو. دُنيا ۾ جيڪي به قومون مٿڀريون آهن، اُهي پنهنجي عِلم، عقل ۽ ڏاهپ جي ڪارڻ ئي ان منزل تي پهتيون آهن. اهڙيءَ ريت دنيا جا جيڪي به وڏا وڏا ڏاها، مدبر، سائنسدان، سياستدان ۽ مفڪر ٿي گذريا آهن يا هن وقت موجُود آهن، سي به عِلم جي ذريعي ئي پنهنجي ماڳ تي پهتا آهن.
اوهان اهو ته، ٻُڌو هُوندو ته، علم انسان جي ٽين اک آهي پر مان سمجهان ٿو ته جنهن وٽ علم نه آهي، اُهو ڄڻ ٻنهي اکين کان محروم آهي. هُو شيون ڏسي ته سگهي ٿو پر پرکي، پروڙي ۽ منزل حاصل ڪري نه ٿو سگهي.
اِهو ئي سبب آهي ته دنيا ۾ جيڪي به مذهب آيا اُنهن تعليم ۽ تربيت تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو. هنن جي پرچار جو وڏو ذريعو تعليم ئي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪو ڪم قلم سان ڪيو ويو آهي، سو ترار کان ناهي ٿي سگهيو. اسان پنهنجي مذهب اسلام تي ئي نظر ڦيرائينداسين ته ان جي ابتدا ئي تعليم، تربيت ۽ اخلاقيات سان ملندي. حضور اڪرم ﷺ جن کي پهريون سبق اقراءَ يعني پڙهه جو ڏنو ويو. حضرت محمّد مُصطفيٰ ﷺ هِن دُنيا تي جيڪو انقلاب آندو سو عِلم جي ذريعي ئي آندو. پاڻ هڪ سچي رسُول ۽ نبيءَ سان گڏ دنيا جو وڏي ۾ وڏو مُعلم به هو. حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي عِلم، ڏاهپ ۽ بُردباريءَ وسيلي اُنهن کي به صحيح انسان بڻايو، جيڪي ٻين ڏوهن سان گڏ پنهنجين نياڻين تي وڏا ظلم ڪندا هُئا. انهن ظلمن ۾ منجهان نياڻين کي علم پِرائڻ کان روڪڻ به شامل هو. اسلام مُسلمان مرد توڙي عورت لاءِ عِلم حاصل ڪرڻ لازمي ڪري ڇڏيو آهي.
اسان پاڻ کي مُسلمان ته سَڏرايون ٿا پر ان جي پيروي صحيح نمُوني سان نه ٿا ڪريون. مختلف هٿراڌو ريتن رسمن کي بُنياد بڻائي خاص ڪري نياڻين کي تعليم جهڙي زيور کان پري رکؤن ٿا. اسان وٽ عام تاثر اهو آهي ته نياڻي پڙهندي ته خراب رستي تي نڪري ويندي. اها سوچ بلڪُل غلط آهي. اها سوچ ظاهر ڪري ٿي ته، اسان پنهنجيءَ نياڻيءَ کي ڪو به حق نه ٿا ڏيڻ چاهيون؛ ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن نياڻي پڙهي شعور واري ٿي ويندي ۽ پنهنجن جائز حقن جي گهُر ڪندي ته، اسان کان اهو برداشت نه ٿيندو. اِها سوچ غلط آهي. پنهنجيءَ ڪوڙيءَ اَنا ۽ هَٺَ خاطر اسان ظلم پُٺيان ظلم ڪندا رهون ٿا. ان ظلم جا انفرادي توڙي اجتماعي ڪيترا ئي هاڃا ٿين ٿا؛ جن جي نتيجي ۾ گهرن جا گهر، ڳوٺ، شهر ۽ ڪُڙم قبيلا تباهه ٿي وڃن ٿا.
پڙهيل ڳڙهيل نياڻيءَ جي ڪري اسان جي ڪُٽنب، گهر، ڳوٺ، شهر ۽ قوم کي جيڪو فائدو پهچي ٿو، اسان اُنهيءَ ڏانهن نهارڻ به پسند نه ٿا ڪريون. نياڻيءَ جي پڙهڻ سان پُوري گهر ۾ هڪ انقلاب اچي وڃي ٿو. سڄي گهر جو اُٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ تبديل ٿي وڃي ٿو. جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ نياڻيءَ کي پڙهائيندو سو لازمي پنهنجي پُٽ کي به پڙهائيندو. جڏهن هڪ گهر ۾ عِلم داخل ٿئي ٿو ته، اُن جي سُرهاڻ يا هُڳاءُ هوريان هوريان وڌندو وڃي ٿو. اسان وٽ تعليم حاصل ڪرڻ جو وڏو مقصد روزگار حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا پڻ چڱي ڳالهه آهي پر عِلم حاصل ڪرڻ سان ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو به اچي ويندو آهي.
عام تاثر اِهو آهي ته، نياڻين کي نوڪري ته ناهي ڪرائڻي سو پڙهائجينِ ڇو؟ اها سوچ بهتر نه آهي. جن به قومن عورتن جي صلاحيتن ۽ ڏاهپ کي صحيح نمُوني ڪم آندو آهي، اُنهن وڏي ترقي ڪئي آهي. هڪ گهر جي خوشحاليءَ ۾ جڏهن مرد توڙي عورت جي محنت شامل ٿئي ٿي ته، اها خوشحالي ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي. ڪيترين ئي سنڌي نياڻين تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي گهر ۽ ٻارن ۾ بهتري آندي آهي پر ملڪي ۽ عالَمي سطح تي نالو روشن ڪيو آهي. انهن مان شهيد محترمه بينظير ڀٽو (پاڪستان جي اڳوڻي وزيرِاعظم)، پروفيسر انيتا غلام علي (تعليم جي اڳوڻي وزير)، محترمه مهتاب اڪبر راشدي (سنڌ جي مختلف محڪمن جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي)، محترمه شمشاد اختر (اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر) وغيره ڳڻائي سگهجن ٿيون.
ڪو به پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ڀل نوڪري نه ڪري تڏهن به عِلم هُن کي ڪم ايندو. گهر هلائڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ ٻارڙن جي تربيت وغيرهه ۾ به تعليم توهان جي تمام گهڻي مدد ڪندي، تنهن ڪري پنهنجيءَ سوچ کي وسيع ڪرڻ گهُرجي.
تعليم هر ميدان ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ انتهائي لازمي آهي. هن وقت سنڌ ۾ هڪ تمام وڏو سماجي بُحران پيدا ٿي ويو آهي ته، ٻهراڙين ۾ جيڪي نوجوان عِلم حاصل ڪن ٿا، سي پنهنجي بهتر مُستقبل ۽ روزگار لاءِ شهرن ڏانهن اچن ٿا، جيڪا تمام بهتر ڳالهه آهي. هُو شادي به شهر جي ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪريءَ سان ڪن ٿا. نتيجي ۾ ڳوٺ ۾ ويٺل نياڻيون شاديءَ کان به رهجي وڃن ٿيون. انهن نوجوانن کان جڏهن اوهين پُڇندؤ ته اوهان ڳوٺ مان شادي ڇو نه ڪئي؟ هُو وراڻيندا سائين! مان پڙهيل ڳڙهيل آهيان سو ڪنهن اڻ پڙهيءَ ڇوڪريءَ سان ڪيئن ٿو شادي ڪري سگهان؟ ڪيترن ئي ڇوڪرن ته ڳوٺ واريءَ گهر واريءَ کي ڇڏي شهر ۾ ٻي شادي به ڪئي آهي.
اهڙا ڪيترا ئي سماجي مسئلا اسان جي سامهون آهن. تنهن ڪري اسان کي پنهنجي سوچ مَٽڻي پوَندي. هڪ گهر، شهر ۽ قوم جي ترقي مرد ۽ عورت تي دارو مدار رکي ٿي. ٻئي جڏهن پڙهيل ڳڙهيل هُوندا تڏهن ئي ترقيءَ جي رفتار به وڌي سگهي ٿي.
هن وقت هر ڳوٺ توڙي شهر ۾ نياڻين لاءِ سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي ادارا موجُود آهن ۽ اوهان جي نياڻين جي اوسيئڙي ۾ آهن، تنهن ڪري انهن مان ڀرپُور فائدو وٺو.
****

سنڌ جا پورھيت ٻار ۽ گلوبل مارچ 1998ع

ڏٺو وڃي ته هن وقت پُوري قوم ڏتڙيل حالت ۾ وقت گذاري رهي آهي. مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي جوان معاشي، سياسي ۽ سماجي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيا آهن. ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل سماج جا ٻارڙا به ان پِيڙا جا ايترا ئي شڪار آهن، جيترا وڏا ڦاٿا پيا آهن. فرق صرف اهو آهي ته، وڏا ڪُجهه وزن کڻڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ ننڍڙا ٻارڙا ان ٻوجهه ۾ پنهنجون چيلهيون ئي ڀَڃائي ويهن ٿا. پورهيو ڪرڻ ڪو عيب ڪونهي پر ان جا به ڪي طور طريقا ۽ ماڻ ماپا ٿيندا آهن. اسان وٽ اڪثر انهن اصُولن جي ڀڃڪڙي ڪئي وڃي ٿي. جيئن پورهيت کي ٻئي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو، ايئن پورهيت ٻارڙن کي وري ٽئين درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو. ان جا بُنيادي حق تعليم، راند روند ۽ صحت سڀ کسيا وڃن ٿا. ٻارڙن کان هڪڙو پورهيو ته، سندن مائٽ وٺن ٿا. جيئن کانئن مال چارايو، پوک ۾ ڪم ڪرايو، پنهنجي دڪان تي ويهاريو وڃي ٿو ۽ ٻيا اهڙا ڪم ورتا وڃن ٿا. انهن جو مائٽ کين ڪو به معاوضو نه ٿا ڏين. سواءِ ان جي ته کين ٻن وقتن جي ماني، ڪپڙا ۽ ڪڏهن رپيو ٻه رپيا خرچي ڏني وڃي ٿي؛ جڏهن ته ٻئي هنڌ، جيئن ڪنهن ڪارخاني ۽ گيريج ۾ ڪم ڪرائڻ، گاڏيءَ جي ڪنڊيڪٽري ڪرائڻ، غاليچن اُڻائڻ، اخبار کپرائڻ وغيرهه جي ڪم جو معاوضو ته ڏنو ويندو آهي پر اهو تمام گهٽ هُوندو آهي. هڪ ته معاوضو گهٽ ٻيو انهن کان ڪم گهڻو ورتو وڃي ٿو ۽ ٽيون انهن سان تمام گهڻو خراب سلُوڪ ڪيو وڃي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته جنسي ڏاڍ جو به نشانو بڻايو وڃينِ ٿو. ان کان سواءِ کين گهٽ وڌ ڳالهائڻ ته عام ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. ٻارڙن سان اهڙي قسم جو ظلم رڳو سنڌ ۾ ناهي، پر پُوري پاڪستان توڙي دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي اهو ئي وهي واپري ٿو. هڪ رپورٽ مطابق دنيا ۾ پنجن کان چوڏهن سالن جا ڪروڙين ٻار پورهيو ڪن ٿا. انهن مان اڌ ٻار سڄو سڄو ڏينهن پورهيو ڪن ٿا. انهن مان اڪثر ٻار ايشيائي مُلڪن ۽ باقي آمريڪا ۽ لاطيني آمريڪا سان تعلق رکن ٿا. مان سمجهان ٿو ته، اها رپورٽ ته انهن ٻارڙن جي آهي جيڪي سروي ڪندڙن جي سامهون اچي سگهيا پر لکين پورهيت ٻار اهڙا هُوندا جيڪي ڳڻپ کان رهجي ويا هُوندا. جيئن اسان جي سنڌ جي ٿر ۾ ٻارڙن کان غاليچا وغيرهه اُڻايا ۽ ٻيا پورهيا ڪرايا وڃن ٿا. اهڙا ڪيترا ئي علائقا هُوندا جتي جا پورهيت ٻار ڳڻپ کان رهجي ويا هُوندا.
اهڙن ٻارن سان همدرديءَ ۽ جبري پورهئي جي خاتمي لاءِ سڄيءَ دُنيا ۾ 1998ع ۾ گلوبل مارچ شروع ڪيو ويو. پاڪستان ۾ اهو مارچ تيرهين اپريل کان شروع ٿي ايڪيهين اپريل تي ڪراچيءَ ۾ ختم ٿيو. اهو مارچ لاهور کان ٿيندو سيال ڪوٽ، گجرات، فيصل آباد، ساهيوال، عارف والا، وهاڙي، ملتان، بهاول پور، احمد پور شرقيا، خان پور، رحيم يار خان، سکر، خيرپور، نواب شاهه، هالا، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ پهتو. ان ۾ سماجي تنظيمون، صحافي، عام ماڻهو وغيرهه شامل ٿيا. ان مارچ جو خاص مقصد سڄيءَ دنيا جي سمُورن ٻارن جي حقن جو بچاءُ، بنا معاوضي جي تعليم ڏيارڻ، معاشي پائماليءَ کان بچائڻ ۽ اهڙن ڪمن کان تحفظ ڏيارڻ آهي، جن سان ٻارڙن جي جسماني، ذهني، روحاني، اخلاقي ۽ سماجي واڌ وِيجهه تي خراب اثر پوَن ٿا، وغيرهه شامل آهن. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (ILO) ٻارن جي پورهئي کي هيٺينءَ ريت واضح ڪيو آهي.
چئن کان چوڏهن سالن جي عُمر وارن ڪم ڪندڙ ٻارن کي پورهيت ٻار چئجي ٿو. کانئن روزانو ٻارهن کان چوڏهن ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ٿو. هُو بيمار رهن ٿا ۽ خطرناڪ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا. هُو جسماني، سماجي ۽ نفسياتي دٻاءَ ۾ رهن ٿا. کين تمام گهٽ پگهار ڏني وڃي ٿي. کين آرام، کيڏڻ ۽ پڙهڻ جو ڪو به وقت ڪونه ٿو ملي.
پاڪستان جي 1998ع ۾ آبادي چوڏهن ڪروڙن جي لڳ ڀڳ هُئي، (جڏهن ته هينئر ٻاويهن ڪروڙن کان مٿي آهي.) يونيسيف جي رپورٽ مطابق انهيءَ مان اڌ آبادي ٻارڙن جي آهي جن مان چوويهه ملين هڪ ڏينهن کان وٺي پنجن سالن تائينءَ جا ٻارڙا ۽ چوويهه ملين پنجن کان ارڙهن سالن جا ٻارڙا آهن. انهن چوويهن ملين مان رڳو چوئيتاليهه سيڪڙو يعني اڌ کان به گهٽ ٻارڙا اسڪُول ويندا آهن. باقي اسڪُولن کان محروم آهن. پاڪستان جي حڪُومت جي 1998ع جي رپورٽ مطابق 3.3 ملين ٻارڙا پورهيو ڪن ٿا؛ پر ڏٺو وڃي ته اسان جي مُلڪ ۾ جيئن تيزيءَ سان ٻار پيدا ٿين ٿا، تيئن ٻارن جو پورهيو وڌندو وڃي ٿو. ان حساب سان ڏِسجي ته اسان جي مُلڪ ۾ انهن انگن اکرن کان به ٻيڻ تي ٻارن کان جبري پورهيو ورتو وڃي ٿو. سنڌ ۾ خانگي جيل به آهن؛ جن ۾ خاندانن جا خاندان انهن جيلن ۾ بند ڪيا وڃن ٿا ۽ پنجاهه سالن کان پوءِ به رڳو ڪُجهه خانگي جيلن جو پتو لڳي ٿو ته ان مان اندازو لڳايو ته ڪيترا ٻار جبري پورهئي جو شڪار ٿيندا هُوندا؟ جتي مرد ۽ مايون ظلم جو شڪار آهن ته اتي جا ٻارڙا ڪيئن محفوظ هُوندا؟ ٻارڙن جي پورهئي بابت روزانو اخبارن ۾ خبرون ڇپجنديون رهن ٿيون. خاص طور تي ٿر ۾ غاليچن جي صنعت معصُوم ٻارن جي نرم ۽ نازڪ آڱرين سان هلائي وڃي ٿي. بُک ۽ بد حاليءَ جي ڪري پورهئي لاءِ ٻارڙن کي وِڪيو به وڃي ٿو. پاڪستان ۾ قانوني طور ٻارڙن کان پورهئي وٺڻ جي جهل آهي پر ٻين قانونن وانگر اهو قانون به عمل جو اوسيئڙو ڪري رهيو آهي. 1991ع ۾ ٻارڙن جي پورهئي کي بند ڪرڻ جو قانون The Children Employment 1991 لاڳو ڪيو ويو هو؛ جنهن ۾ فيڪٽرين، کاڻين وغيره ۾ چوڏهن سالن تائينءَ جي ٻارن کان پورهئي وٺڻ جي پابندي لڳائي وئي هُئي. چوڏهن سالن کان گهٽ ٻار کان دڪانداريءَ جو ڪم به نه ٿو وٺي سگهجي. مرچنٽ شپنگ ايڪٽ 1923ع مطابق چوڏهن سالن کان گهٽ ڄمار واري ٻار کان شپنگ انڊسٽريءَ ۾ ڪم نه ٿو وٺي سگهجي. روڊ ٽرانسپورٽ ورڪرس آرڊيننس 1991ع مطابق ارڙهن سالن جي ڄمار کان گهٽ ٻارن کان اهو پورهيو به نه ٿو وٺي سگهجي. اِي سي اَي (ECA) جي ڀاڱي ٽئين مطابق رات جو ستين وڳي کان صُبح جو ستين وڳي تائين هر قسم جي پورهئي وٺڻ تي پابندي آهي ۽ هر ٽئين ڪلاڪ تي پورهيت کي ساهي پَٽڻي آهي؛ پر هتي سڀ ڪُجهه ان جي اُبتڙ پيو ٿئي. لڳي ٿو ته اهو قانون رڳو ڪتابن جي سُونهن بڻائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.
ٻارڙن جي پورهئي جو وڏو سبب غربت آهي. هر مائٽ جي دل چاهيندي هُوندي ته سندس ٻار سُٺي تعليم حاصل ڪري. سُٺو پهري، سُٺو پيئي کائي، گهمي ڦِري، کيڏي ڪُڏي ۽ خوش رهي پر معاشي مجبُوري سندس سمُورين آسن ۽ اُميدن کي ناس ڪري ڇڏي ٿي. اسان وٽ ٻار گهڻا پيدا ڪيا وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن جي صحيح سار سنڀال مسئلو بڻجي وڃي ٿي؛ جنهن ڪري پنهنجن بُنيادي حقن کان وانجهجي وڃجي ٿو. ٻار مختلف بيمارين ۾ ڦاسي موت جو کاڄ به بڻجي وڃي ٿو. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ هر سال چاليهه لک ٻار ڄمن ٿا؛ جن مان چار لک ته هڪ سال جي ڄمار تائين مس جيئرا رهن ٿا ۽ ڪي پنجن سالن تائين به مشڪل سان پهچن ٿا، جيڪي ٻارڙا بچي وڃن ٿا اُنهن کي نه صاف پاڻي ملي ٿو ۽ نه ئي صحيح خوراڪ ملينِ ٿي. تعليم ته پري جي ڳالهه آهي. ٻارڙن جي حقن جا قانون ته ٺاهيا ويا آهن پر اُنهن تي عمل نه پيو ٿئي. جيئن نومبر 1989ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ٻارڙن جي حقن جي معاهدي جي منظوري ڏني هُئي؛ جنهن کان پوءِ سيپٽمبر 1990ع ۾ ٻارڙن جي حقن بابت بين الاقوامي ڪنوينشن ٿي؛ جنهن ۾ پاڪستان پڻ شريڪ ٿيو هو. ان مطابق دنيا ۾ هر ايندڙ ٻار جي بقا، تحفظ ۽ ترقيءَ کي بنيادي حق طور مڃيو ويو هو.
هاڻي قانون ته موجُود آهي پر ضرورت عمل جي آهي. فرض ڪريو جيڪڏهن عمل ڪيو به وڃي، نٽهڻ اُس ۾ پاڻي کپائيندڙ ٻار، اخبار وڪڻندڙ ٻار، ڇولا ۽ لائي وِڪڻندڙ ٻار، غاليچن اُڻندڙ ٻار، گيريج ۾ ڪم ڪندڙ ٻار ۽ هوٽل ۽ دڪان هلائيندڙ ٻار کان پورهيو کسيو وڃي ته ڇا هُن کي تعليم سان گڏ لٽو ڪپڙو ۽ ماني ڏني ويندي؟ ان صُورت ۾ گهر جا ڀاتي جيڪي ٻارڙي جي پورهئي تي پلجن ٿا، اُنهن جي پيٽ جي آڳ ڪير اُجهائيندو؟ ٻهراڙين ۾ ڪير اسڪُول قائم ڪندو جتي مسڪين ماروئڙا پڙهندا؟
ٿي سگهي ٿو ته مسئلا اڃا وڌندا. ان جو مطلب اهو نه آهي ته
ٻارن جي حقن لاءِ آواز نه اُٿارجي. منهنجي چوَڻ جو مقصد آهي ته، هتان جي ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري، اُنهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري، پوءِ انهن قانونن تي سختي ڪجي. ها باقي ان ڳالهه تي به سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ته، ٻارڙن کان سخت پورهئي بدران سوَلو ڪم ورتو وڃي. ان جو صحيح معاوضو ڏنو وڃينِ ۽ اسڪُول جي وقت تي کانئن پورهيو نه وٺجي ۽ سندن ٿورو وقت ورتو وڃي. جيڪو ادارو ٻارڙن کان ڪم وٺي اُن کي ٻار جي تعليم، کيڏڻ ۽ تفريح وغيرهه جو پابند بڻايو وڃي. ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي. ميڊيا جي ذريعي ماڻهن ۾ اها جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ته، هُو پورهيت ٻارڙن سان پيار ۽ محبت سان پيش اچن. کين پنهنجن ٻارڙن وانگر سمجهن. هوٽلن وغيرهه تي ڪم ڪندڙ ٻارڙن سان اڪثر ڪري اسان جا ماڻهو سُٺو پيش نه ايندا آهن. بهر حال مجمُوعي طور تي ٻارڙن سان رويا بهتر ۽ پنهنجائپ وارا رکيا وڃن. گلوبل مارچ جو مقصد به اهو ئي آهي. حڪُومت توڙي عوام ٻارڙن کي سندن حق ڏين ۽ صحيح سار سنڀال لهن؛ ڇا ڪاڻ ته سُڀاڻي انهن ئي ٻارڙن کي مُلڪ سنڀالڻا آهن. جيڪڏهن اهي پيڙهيل ۽ مجبُور هُوندا ته ملڪ ۽ قومون به پيڙهيل ليکيون وينديون. سنڌ جا ٻارڙا به هن گلوبل مارچ کي ڏِسي سَرهائي محسُوس ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجو آواز دُنيا جي ٻارڙن سان گڏائي، ڏاڍي خوشي محسُوس ڪري رهيا آهن. هاڻي وڏن جو فرض آهي ته هُو به ٻارڙن کي سڏ ۾ سڏ ڏين ۽ کين حق ڏين.
****

(روزاني هِلال پاڪستان ڪراچي، اڱارو 21 اپريل 1998ع بمطابق 23 ذوالحج 1418هه)

مزاحيه خبرون

هيءُ ريڊيو رُٺلستان آهي. قبرستان جي ڪانڌاري وقت مطابق سج ساجهرئي لهي پيو ۽ اُڀرڻ ۾ اوير ڪئي اٿس. اُوندهه جي اثر ڪري منهنجون اکيون ڪم نه ٿيون ڪري سگهن. ان ڪري وڌيڪ وقت ٻُڌائڻ لاءِ زور وِجهي مُنهنجي لاءِ آزار نه وڌايو. چڱو اچؤن ٿا اوهان جي خبرن جي دورنگي دنيا ۾. تڙ تڪڙ ۾ ڪوسيون ڪوسيون خبرون ڪاوڙ مان سينو کولي، ڪن پُوري ۽ وات پَٽي ڄاتل سُڃاتل ڄاهي کان ٻُڌندا ۽ سڄي عُمر ياد رکندا.
چمچا گهٽي ڳوٺ ڄامڙن ۾ اڄ رات ٻه نقاب پوش ماڪوڙا، جيڪي گڏهه تي سوار هُئا، ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي، مينهون ڀَڃِي ڀِتيُون ڪاهي ويا. ڀتين جي ڪاهجي وڃڻ سان ڇت کي ڪو به مالي نقصان نه پهتو آهي ۽ اها ڇت اڃان ڪافي صدين تائين سلامت رهندي.
جڏهن اهو اطلاع پوليس ڀَٽاريءَ کي پهتو ته، اُها ڀاڳين کي گرفتار ڪري کانئن ڌاڙيلن جي پُڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي. اسان جي چمڙا پور جي نڌڻڪي نمائندي کي پوليس جي هڪ اعليٰ عملدار ٻُڌايو ته، پوليس ۽ نقاب پوش پاڻ ۾ ملي ڀاڳين جي انهن سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل مشقون ڪندا.
اسان جي نڀاڳ پور جي نمائندي نڙ بيت فقير نياپو ڏنو آهي ته، ڪالهه هتي سم اينڊ پوسل هائوس ۾ آل پاڪستان مڇر ايسوسيئيشن جو اهم اجلاس ماسيءَ مک جي صدارت ۾ ٿيو؛ جڏهن ته مُک مهمان ڏاڏو ڏينڀو هو. انهيءَ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، ڦوهاري وارن فسادين خلاف مُهم هلائي ويندي. ان تي سنڌ جي مڇرن اعتراض اُٿاريو ته، ڦوهاري وارا آهن ئي ڪونه. باقي ڪارروائي ڪنهن سان ڪجي؟ ڪاوڙ ۾ هُنن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو ۽ عدم اعتماد جي رٿ بابت سوچي رهيا آهن. ڪڏهن به ڪو به نئون ڌماڪو ٿي سگهي ٿو. سڀئي فيصلا پُورا ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي مڇرن کي پرچائي اجلاس ۾ آندو ويو؛ ڇو جو هُو اجلاس هائوس جي ٻاهران انتظار ۾ هُئا ته کين من ڪو پرچائڻ اچي.
پاٽو ساٽو ذريعن مطابق زڪاة جا پيسا حاجي هڙ کائو صاحب پنهنجن هٿن مُبارڪن سان ايندڙ صديءَ جي آخري سال جي تيرهين مهيني جي پنجٽيهين تاريخ تي ورهائيندو؛ تيستائين هُن جون هڏيون به ڳري وينديون. اُميد آهي ته ماڻهن جون دليون کٽي وٺندو. خواهشمند ماڻهن کي صلاح ٿي ڏِجي ته گُرڙي ڪري وات ڌوئي ويهن. پوءِ ائين نه ٿئي ته ان سونهري موقعي مان فائدو نه وٺي سگهن.
راندين وارو وزير شريمتي گدڙ گگدام اڄ منجهند جو جڏهن ٺِڙڪ ٺڳي اسٽيڊيم تي پهتو ته، عالَمي ٻلي ڪُوئو ٽورنامينٽ هلي رهي هُئي؛ جنهن ۾ اتفاق سان ڪُئي جو بال جهرڪيءَ کي لڳو ۽ جهرڪين شور مچائي وزير صاحب جو پَٽڪو لاهي وِڌو. پوءِ اهو سرڪاري اعلان ڪرايو ويو ته وڏي طوفان ڪري راند ٿي نه سگهي.
پڇاڙيءَ ۾ مُنڍ معاف ڪندا. کُليو ڪونهي. آخر ۾ مُند! مُندائتن موالين اطلاع ڏنو آهي ته، ايندڙ چوويهن سيڪنڊن اندر آسمان تي گڙٻڙ رهندي ۽ هوا بي درديءَ سان دلين کي ڌَڪ هڻندي. ان ڪري هر ڪو پنهنجي دل ڪنهن محبُوب کي ڏئي اچي. باقي سج سڙڻ تي آهي ۽ اُوندهه کُٽڻي ناهي. ان ڪري ڪو به حويليءَ کان ٻاهر نه نڪري. جيڪڏهن نڪتو ته، اها حڪُومت جي ذميداري هُوندي. سرمائيدارن ۽ وڏيرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته، هُو پنهنجا بنگلا ڇڏي ڪُڙمين واريون ڪکائيون جهُوپڙيون وَسائن؛ جن کي تيلي ڏيڻ سان باهه نه ٿي لڳي سگهي.
انهيءَ تي کاريون کٽيون کبرون کتم ٿيون. مهرباني ڪري هتان نڪران ته ناراض نه ٿجو. اڳي ئي ڪاوڙ جو قدر ڊالر کي ڊيڄاري رهيو آهي، نه ته سُڀاڻي خبرن ٻُڌائڻ کان هڙتال ڪئي ويندي ۽ پوءِ ڏاڍا ڏُکيا ٿيندؤ. چڱو جُدائيءَ ۾ جلندا رهنداسين.
****

پوزيشن ھولڊر غُلام مُصطفيٰ حيدر ڄامڙي سان مُلاقات

ڳالهه ٻولهه: ڪمال ڄامڙو

[نوٽ: هيءُ انٽرويو ٻارڙن جي ماهوار رسالي گل ڦل ۾ شايع ٿيو هو، جنهن جي ٻيهر ڪتاب ۾ ڇاپڻ جو وڏو مقصد ٻارڙن کي اُتساهڻ آهي. هُو جيڪڏهن سُٺو پڙهندا ۽ پوزيشن کڻندا ته، اخبارن ۽ رسالن ۾ سندن هينئن عزت افزائي ٿيندي. سوشل ميڊيا تي به ماڻهو کين مُبارڪُون ڏيندا. هر هنڌ خاص ڪري گهر ۽ اسڪُول ۾ ۽ ٻاهر سندن مانُ مٿانهون ٿيندو.]

ٻارو! انسان سڀئي ھڪ جھڙا آھن، پر ھر ڪنھن جا خيال ۽ سوچون مختلف ٿين ٿيون ۽ ھر ڪنھن جا عمل به الڳ آھن. جيئن توھان مان ڪي ٻار سُست، ڪم چور ۽ ٽوٽي ٿين ٿا ته ڪي وري ڏاڍا چُست ۽ ھمٿ وارا ٿين ٿا. ھمٿ جي آڏو جبل به جھُڪي پوَن ٿا. اھڙا سدورا شاگرد ھر ھنڌ مان ۽ عزت ماڻيندا آھن.
اڄ مان اوھان کي ھڪ اھڙي باھمٿ ساٿيءَ سان ملايان ٿو، جيڪو ھڪ سُٺو اسڪائوٽ، سماجي ڪارڪُن، اسٽيج ڪمپيئر ۽ ھر درجي ۾ نمايان حيثيت رکندڙ آھي. سندس نالو آھي غُلام مُصطفيٰ حيدر پُٽ غُلام حيدر ڄامڙو، ڳوٺ اٿس ڳوٺ گل محمّد ڄامڙو لڳ راڻي پور، تعلقو ڪوٽ ڏيجي، ضلعو خيرپور.
ھُن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ واري پرائمري اسڪُول ۽ باقي تعليم گورنمينٽ ھاءِ اسڪُول نمبر ھڪ ٽنڊي ڄام فارم مان حاصل ڪئي. ڏھين جماعت ۾ سيڪنڊري ۽ ھاير سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ حيدرآباد مان 752 مارڪُون کڻي ٽيون نمبر ماڻيو اٿائين، جڏھن ته ٻئي نمبر واري 753 ۽ پھرئين نمبر واري 756 مارڪون کنيون آھن. ساڻس جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سا ھتي ڏجي ٿي.
ڪمال: موجُودھ تعليمي معيار بابت توھان جي راءِ ڪھڙي آھي؟
غُلام مُصطفيٰ: معيار انتھائي گھٽ آھي، جنھن جو وڏو ۽ اھم سبب ھن معاشري جون اُوڻايون، وي سي آر، وڊيو رانديون وغيرھ آھن. ٻيو ته اسڪُولن ۾ اُستادن ۽ سائنسي سامان جي کوٽ ۽ اڻ تربيت ورتل اُستادن جو ھُجڻ، نصاب گھڻو ۽ غير معياري ھُجڻ به شڪايت جوڳا آھن.
ڪمال: ادا امتحاني سرشتو ڪيئن ھُجڻ گھُرجي؟
غُلام مُصطفيٰ: اسان وٽ ھاڻي امتحان ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ امتحان سائنسي طريقي مُوجب ورتا وڃن ۽ وڌ ۾ وڌ ھُنري تعليم ڏني وڃي.
ڪمال: غير نصابي سرگرمين جو ھُجڻ ڪيتري قدر لازمي آھي؟
غُلام مُصطفيٰ: ڀاءُ! ان حقيقت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگھي ته نصابي تعليم سان گڏ ھم نصابي سرگرميون به ضروري آھن. انھن کي تعليم کان الڳ نه ٿو ڪري سگھجي. مان سڀني اُستاد صاحبن کي عرض ڪندس ته شاگردن کي غير نصابي سرگرمين ۾ ضرور حصو ڏيارن.
ڪمال: سياست شاگرد کي سنواري ٿي يا بگاڙي ٿي؟
غُلام مُصطفيٰ: ادا سياست شاگردن ۾ شعوري سگهه پيدا ڪري ٿي ۽ سياست کي غير نصابي سرگرمي ڪوٺجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. صحيح سياست جو اثر ھرون ڀرون تعليم تي نه پوَندو، پر شرط اھو آھي ته، سياست وقت سياست، تعليم وقت تعليم ۽ راند وقت راند ڪجي.
ڪمال: توھان جي پسنديدھه شخصيت، اُستاد ۽ ڪتاب ڪھڙو آھي؟
غُلام مُصطفيٰ: مُنھنجي پسند جي شخصيت حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي، اُستاد سائين منظور احمد ميمڻ ۽ ڪتاب قرآن ڪريم ۽ شاھ جو رسالو آھن.
ڪمال: پنھنجن ھڪ جيڏن لاءِ ڪو سنيھو ڏيڻ پسند ڪندؤ؟
غُلام مُصطفيٰ: دوستن کي گذارش ته، وڌ ۾ وڌ محنت ڪن. جيڪو ڪم ڪن اُن سان سچائي رکن. پاڻ ۾ ميٺ محبت ۽ ايڪو پيدا ڪن. اسان کي ڇڙو امتحان پاس ڪرڻ واري سوچ ڪڍي سُٺي ۽ اعليٰ گريڊ ۾ پاس ٿيڻ جي جاکوڙ ڪرڻ گھُرجي.
****

(ماھوار گل ڦل ڄام شورو، فيبروري 1991ع)