ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سندري اتمچنداڻي جي رچنائن جي ساھتڪ پرک“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي مقالو ڊاڪٽر مالا ڪئلاش جو لکيل آھي. سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو
هند ۽ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪاره، ناول نگار، ترجميڪار ۽ شاعره سُندري اُتمچنداڻي جي ڪيل ڪم تي ھي ھڪ بھترين مقالو آھي. ياد رھي تہ ھي کوجنا جو ڪم ديوناگري ۾ ڇپيل ھيو جنھن کي محترمہ آشا چاند جي ڪاوشن سان سنڌي لِپي ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي.
هي ڪتاب جئہ سنڌي پبليڪيشنز، ممبئي پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون آشا چانڊ جا جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ