مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 567
  • 154
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

 شاعر جو ڪتاب ــ ۲
 سندي سڪ پرين(نعتيه ديوان)
 شاعر : حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
 ڇپائيندڙ : امام بخش اڪيڊمي ڪوٽڙي
 سال : سيپٽمبر 2003ع
 ڳاڻيٽو : 1000
 ملھه : 150
 ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com

ڪتاب گھرائڻ لاءِ پتو:
الحفيظ دواخانو، لياقت روڊ ڪوٽڙي

[b]ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.[/b]

انتساب

حضرت قبله والدين محترم و مڪرم
جي نالي سان منسوب ڪريان ٿو ايصالِ ثواب خاطر.
حڪيم دين محمد جوڻيجو “اڪرم ٻورڙائي”

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سندي سڪ پرين“ اوھان اڳيان پيش آهي. نعتيہ شاعريءَ جو ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائيءَ جي نعتيہ شاعريءَ جو مجموعو آھي.
سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
هي ڪتاب امام بخش اڪيڊمي. ڪوٽڙي پاران 2003ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امام بخش جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com[/b]

جان جان پرين پچار ـــ (مهاڳ)

حڪيم دين محمد اڪرم علم وارن اديبن جي شهر ٻورڙي ضلعي دادو جو رهاڪو آهي جنهن ڳچ وقت کان وٺي اچي ڪوٽڙي شهر کي وسايو آهي، هن حڪمت سان گڏ اتي شعر ۽ ادب جو ڏيئو ٻاريو آهي. ڪنهن وقت ڪوٽڙي علم ادب جو مرڪز هو، هتي ليٿو پريس هئي ۽ هتان ڪتاب شايع ٿيندا هئا. راقم ڪوٽڙي ۾ مرحوم شمس الدين قريشي کي ڏٺو هو جنهن ان وقت ڪتابن جي طباعت ۽ اشاعت کي ورثي طور پئي سنڀاليو. ڪتاب مصلح المفتاح عرف دائري واري جي سنڌي، پهريائين ڪوٽڙي بندر مان شايع ٿيو. ڪو وقت هو جو وڏي شاعر ۽ حڪيم فضل محمد عباسي تخلص ماتم، اباڻي ڳوٺ هٽـڙي مان لڏي اچي ڪوٽڙي کي پنهنجي شاعري ۽ حڪمت جو مرڪز بنايو هو. هن دؤر ۾ شاعر ۽ حڪيم دين محمد، تخلص اڪرم، پنهنجي اصل شهر ٻورڙي بدران ڪوٽڙي کي پنهنجو مسڪن ڪيو آهي ۽ اتي شعر ۽ ادب جي اڳئين روايت کي اجاريو آهي.
حيدرآباد جي علمي ادبي محفلن ۾ به حڪيم دين محمد اڪرم جي شرڪت ۽ حاضري غنيمت آهي. سندس پيش ڪيل مضمون ادبي سواد ۽ عبارت آرائي سان سينگاريل هوندا آهن.
“جان جان پسڻ پرين جو، جان جان پرين پچار”

پياري نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي سڪ ۽ پچار، اڪرم صاحب جن جي هن ديوان جي عنوان “سندي سڪ پرين” جي پيارن لفظن ۾ اظهار ٿيل آهي، هي ديوان اڪرم صاحب جي نبي ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم سان دلي محبت جو آئينو آهي، ۽ ان جي پڙهڻ سان محبت وڌندي ۽ رحمت عطا ٿيندي.

سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد، سنڌ
19-1-2003

دعاگو
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌ يونيورسٽي

اين سعادت بزور بازو نيست

حڪيم دين محمد جي، محمد صلى الله عليه وآله وسلم جي دين سان نسبت شايد ازل کان ئي جڙيل هئي ۽ اڪرم تي، ڪريم جو خاص ڪرم پڻ انهي نسبت جو نتيجو ٿو نظر اچي، اهوئي سبب آهي جو اڄ به هو حفيظ جي حفاظت ۾ رهي ٿو. تنهن هوندي به ائين چوڻ کان رهي ڪين سگهبو ته “ اين سعادت بزور بازو نيست، تانه بخشد خدائي بخشندہ” هن شاعر جي ذهن تي نعت نويسئَ جو جذبو جيئن پوءِ تيئن وڃي غالب پوندو، جنهن کيس عشق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي انهئَ منزل تي رسائي ڇڏيو آهي جتي پهچڻ سڀ ڪنهن جي ڀيڻي ڪانهي.

عبدالقيوم صائب
19-11-2000

عاشق رسول صلى الله عليه وآله وسلم

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
“مديني جون ڳالهيون مديني جا قصا
وڻـن دل کـي ڏاڍا، وڻـن دل کـي ڏاڍا،
[b]فـعـولـن فـعـولـن فـعـولـن فـعـولـن.[/b]
ساڳي بحر وزن ۾
بـهـارن ۾ آهـي رکـيو ڇـا اي آقـا،
اوهــان ســاڻ آهــي بهـارِ مدينـه .
يا هي
“وڏي ڳالھه تنهنجوثناخوان سڏايان
ڪرم خاص اڪرم تي تنهنجـو ڀـلارا.

سخن جي سر کي “رمل” ۾ ڊوڙائيندي چوي ٿو:
“شان تنهنجو شهنشاهي، سادگي تنهنجي مگر،
شـان قـدرت جـا ستارا، يا محمد مصطفى ﷺ”

“نعت” جي هڪ دلچسپ وصف، ابن رشيد هن طرح بيان ڪئي آهي ته “بليغ ترين وصف (نعت) جي تعريف اها آهي جو ڪن کي اک بنائي ڇڏي. لغوي معنى سهڻي وصف آهي ۽ اهڙي مجموعي ڪلام، هر صنف ۽ هر بحر وزن ۾ چيل کي “نعت” چئجي ٿو. منهنجي راستباز مخلص دوست محترم دين محمد “اڪرم” جون نعتون هر معيار تي پوريون آهن. کيس حبِ رسول ﷺ ۽ نعت گوئي تي دلي مبارڪون پيش ڪيان ٿو.

[b]ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
بيت العزت ڄامشورو
10 فيبروري2003ع [/b]

احد احمد پاڻ ۾

ڪـر ڪـرم “اڪـرم” تـي پنهنجو اي شفيع المذنبين
مـان پـريـشـان آهـيان حـيـران خـتـم الـمـرسـلـين.

“سندي سڪ پرين” اڪرم ٻورڙائي جو نعتيه ديوان آهي، يعني ان ۾ الف، ب وار نعتون آهن. جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي ته سنديءِ ۾ شايد هي پهريون نعتيه ديوان آهي ! اڄ جڏهن غزل جي شاعرئَ ۾ ئي ديوان جي روايت ختم ٿي چڪي آهي. تڏهن اڪرم ٻورڙائي نعتيه ديوان آڻي، ان روايت کي جھڙوڪر ٻيهر زنده ڪيو آهي.
نبئَ اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي سيرت سراپا آهي خدا جي رحمت، نبيءَ صلى الله عليه وآله وسلم جو هڪ ته حرف آ دلپزير ۽ دلنشين سچ پڇ “سندي سڪ پرين” لطيف سائين جي هڪ بيت جي پوئين سٽ جو پهريون پد آهي.
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
پورو بيت هيئن آهي:
اڄ پـڻ اکـڙيـن سـڄـڻ پـنـهنـجـا سـاريـا
ڳـلن تان ڳوڙهن جون،بوندون بس نه ڪن
سـندي سـڪ پـريـن لـوڪ ڏٺــي نـه لـهـي
“پرين” ته پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم آهن ۽ سندن “سڪ” جو اظهار آهن اڪرم ٻورڙائئَ جون نعتون:
مرسل محمدﷺسردارآيو،
سبحان صـورت دلـدار آيـو.
لاکيڻي لطيف جو اهو بيت منهنجي پسند جو بيت آهي، ۽ اهو به عجيب اتفاق آهي ته اهو بيت ويجھڙائي ۾ منهنجي جھونگار ۾ رهيو آهي! ۽ ان بيت جي حوالي سان مان مسلسل اهوئي سوچيندو رهيو آهيان ته “سڪ” پهرين آهي؟ يا “پرين” پهرين آهن؟ يا “سڪ ” ۽ “پرين”، ٻئي گڏوگڏ آهن؟ ڌار ڌار نه آهن! اهڙا “پرين” جن جي سڪ لوڪ ڏٺي نه ٿي لهي! اُهي ڪي “عام پرين” نه آهن، “خاص پرين” به ناهن، بلڪ “خاص الخاص” پرين ” آهن:
برو هو ڀنڀور، آرياڻي اُجاريو
۽ جن جي لاءِ اڪرم ٻورڙائي عرض گذار آهي:
هي چنڊتارا، هي قطب زهرہ، هي مشتري ۽ هي ڪهڪشائون،
نه حسن تن جو ذرو به ٿيندو نبي محـمـد ڪريمﷺ جـھـڙو .

هتي مون کي لاکيڻي لطيف جو هي بيت ياد اچي رهيو آهي:
سهسين سڄڻ اڀري، چوراسي چنڊن، با الله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.

اصل ۾ اهي “پرين” ئي سوجھرو آهين، ۽ انهن کان سواءِ سڀ اونداهي آهي.
هونئن ته سموري شاعريءَ لاءِ ڌيان گيان ۽ محويت لازمي آهي، پر نعتيه شاعري لاءِ ڌيان گيان ۽ محويت سان گڏوگڏ خشوع خضوع به لازمي آهي:
با وضـو ٿـي مـحفـل مـدني ۾ وڃـجـو سـاٿيو
بي وضو ڀلجي ڪڏهن ان ۾ نه اچجو ساٿـيو
دهن عنبر۽ گلاب مشڪ سان ڌوئڻ کان پوءِ
ذڪرمحبوب خدا محفل سان ونڊجو ساٿيو
نعتيه شاعري لاءِ نه رڳو جسماني پاڪيزگي لازمي آهي، بلڪ روحاني پاڪيزگي پڻ لازمي آهي. ۽ جسماني پاڪيزگي لاءِ ته پاڻي سان وضو ڪبو آهي، پر روح جي پاڪيزگي لاءِ وضو لڙڪن سان ڪبو آهي. لڙڪن جي پاڻي لاءِ اٿاهه سڪ جو ساگر هئڻ لازمي آهي ۽ انهئَ اٿاهه سڪ جي ساگر لاءِ “پرين” جو هئڻ لازمي آهي:
رڙي روئي ڀري سـڏڪـامحمدﷺکـي پڪاريان ٿو
ٻڌي ٻانهو ڪري دانهون محمدﷺ مان ساريان ٿو
ڪيو مون اڻ ڏٺي سـودو محـمد ﷺ مـير سـان آهي،
ٻڌي نالـو محـمدﷺ جـو اکين مـان نير هـاريان ٿو.
خدا جي محبوب، انسانيت جي محسن اعظم، سڀني عالمن لاءِ رحمت، نبي اڪرم حضرت محمد مصطفىﷺ جن جي اٿاهه سڪ ۽ اُڪير جي ساگر مان ئي نعت جا ماڻڪ موتي لال لڀن ٿا ۽ پوءِ ساگر مان ٻيڙا پار ٿين ٿا:
سـهـڻـا مـدنـي مٺـڙا يـار
منهنجاڪر تون ٻيڙا پار.
اڪرم ٻورڙائي به پاڻ سڳورن جي اٿاھه سڪ ساگر مان نعت جا ماڻڪ موتي لال ميڙي سنڌي شاعري ۾ پيش ڪيا آهن ۽ انهئَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سندس هي نعتيه ديوان “سندي سڪ پرين” سنڌي نعتيه شاعري ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو.
“سندي سڪ پرين” جي نعتن جو ڪارڻ به “ڪارڻي” جي اٿاھ سڪ ۽ اُڪير آهي، جيڪي هن پوريءَ ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ آهن. جن جي ڪارڻ ئي هي سڄو مانڊاڻ منڊيو ويو آهي ۽ جن جي بابرڪت ذات لاءِ لطيف سائين هيئن عرض ڪيو آهي:
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
آهي مستغرق، عالم انهئَ ڳالھ ۾.

[b]سيد امداد حسيني
5 مئي2003ع
ڄام شورو، سنڌ [/b]

صلى على محمد صلى الله عليه وسلم

ذڪر حبيب خدا جھڙي سعادت ٻي نه آهي . حضور صلى الله عليه وآله وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ بي انداز اُمتي، فرشتا ۽ بي شمار شاعر رطب اللسان رهيا آهن تا قيامت رهندا. خود خدا، محبوب سائين جن جي ثنا ڪئي آهي. انسان ثناءِ محمد صلى الله عليه وآله وسلم ۾ ڇا چئي ڇا چوندا. هي موضوع عين سعادت آهي. هن موضوع شاعرن جا درجا به بلند ڪري ڇڏيا آهن.
حمد کانپوءِ نعت شاعرن لاءِ خدائي ڏات آهي، اسان جي دوست اڪرم صاحب هن موضوع ۾ پنهنجي عقيدت ۽ محبت جا گوناگون رنگ ڀريا آهن. عقيدت جو اظهار عشق نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي آواز جو پڙاڏو آهي. شاعر چوي ٿو:
شب و روز لب تي محمد ﷺ محمد ﷺ
اهـو نـام هـر هـر وٺـان مـحـتـرم آ.
محمد ﷺ جي روضي تي جھرمر ۽ رم جھم،
ڪـڪر منجھه هي ڪهڪشان محـترم آ.
عشق نبي صلى الله عليه وآله وسلم هڪ بيثمال ۽ لازوال تحفو آهي. ان جو ذڪر شاعر هيئن ڪري ٿو.
ٿــيو خـوب اڪـرم جـو آهـي نـصـيب،
مـحـمـد ﷺ مـلـيو مونکي آهي حبيب.
نعت نويس حضورﷺ جن جي عظمت لاءِ جذبن جو اظهار ته ڪري ٿو، پر پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي عظمت ۽ درجي جو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگھي ۽ هي حقيقت بيان ڪري ٿو:
محمد ﷺ جن جي عظمت تون قرآن کان پُڇ،
هـئي ڇـا حـقـيـقـت تـون قـرآن کـان پُـڇ.
حضورﷺ جن جي حضور جيڪا نذرانه عقيدت پيش ڪجي سا شان مبارڪ جو پورو احاطو نٿي ڪري سگھي. پاڻ محبوب خدا آهن، انسان جي ڇا حيثيت آهي، انسان ته فقط عقيدت جو، محبت جو اظهار ئي ڪري سگھي ٿو. وڌيڪ انسان جي وس جي ڳالھ نه آهي. ثناءِ رسول صلى الله عليه وآله وسلم ڪري پوري پوي. بس جذبن جو اظهار آهي:
دل ۾ صـلــوات و ســلام،
لـب تـي صلـوات و سـلام،
چــؤ طـرف آهــي بـهــار،
مـڪـي مـدنـي کـي سـلام
جـنسار ارض وسما جا،
عــربـي لــئه اهـتـمـام.
اطيمنان، ۽ سڪون، مطلب ته عاشق جو سڀ ڪجھه محبوب خدا جي ياد کي جاري رکڻ ۾ آهي. اڪرم صاحب پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿو:
خـادم ٿـو مـان نـبـي ﷺ جـي دربـار جو سڏايان
شـب روز نـعـت ڳـائـي پـيـغـام ٿـو رسـايـان،
غربت ۽ تنگدستي پنهنجو ئي ڀاڳ سمجھيم،
صلـوات پڙهـندي پڙهـندي خوشحال ٿيو نمايان.
اڪـرم نجـات منـهنـجـي صل عـلى محـمـدﷺ
صل عـلـى مـحمد ﷺ جو دم جـئان سـو ڳـايان.

عقيدت جا موتي ڪهڙا پسي ڪهڙا پسجن! اُنهن جي روشني ۽ شعاع جي حد نه آهي، ڀلا ذڪر حبيب ﷺ جي ڪٿ ڪهڙي ڪري سگھبي. اڪرم صاحب جي هن نعتيه ديوان ۾ حضور ﷺ جن جي دربار ۾ عقيدت ۽ محبت جا موتي جابجا ضوفشان آهن. لفظ لفظ مصرع مصرع ۾ سهڻي سردار جو جلوو نمايان آهي:
درودن جـا تـحـفـا اُمـاڻـي ٿـو جـيـڪــو،
انـهي جـو مـحمدﷺ انـهـي جـي خـدائي.
غمن مونکي گھيريو پنهنجن منهن ڦيريو،
انـهـي وقـت آقـا سـڏي ڪـئـي ڀـلائـي.

سبحان الله! هي آهي سهڻي سردارﷺ جو احسان جيڪو لفظ لفظ ۾ پيو جھلڪي، هڪ ٻانهي لاءِ خدا ۽ رسول خدا جا احسان ڳڻڻ کان ٻاهر آهن پر ڪن لفظن ۾، ڪن مصرعن ۾ نمايا ٿين ٿا ته اها شاعر لاءِ به سعادت ۽ قاريءَ تي به عنايت!!.
اڪرم صاحب جو نعتيه ديوان انشاءِ الله سنڌي زبان ۾ اهم مقام حاصل ڪندو. ان جذبي جو جواب حاصل ڪندو جنهن سان شاعر هي موتي وڻجيا آهن.

والسلام
عبدالجبار جوڻيجو
25 اپريل 2003ع

واکاڻ مرسلين جي گفتار آهي کنڊ

تحقيق الله جو مومنن مٿان وڏو احسان آهي جو انهن مان رسول پيدا ڪيائين انهن کي آيتون ٻڌائي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ٿو ڪري ۽ ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريس ٿو توڙي جو ان کان اڳ اُهي گمراهي ۾ هيا (پ العمران ــ14)

شهيد ميان محمد سرفراز ڪلهوڙا خاندان جو واحد حڪمران هو. جيڪو اعلى پايي جو شاعر عالم فاضل ۽ داناءُ شخص هو. ميان سرفراز جڏهن قلعي ۾ قيد دوران حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ نهايت ئي سچي سوز آزي نيزاري سان هڪ مدح چئي هئي. سنڌي زبان ۾ سندس پهريون موزون ڪلام غالبا اها مداح ئي آهي.
حضرت پير سائين سيد علي گوهر شاھ اصغر (عرف بنگلي ڌڻي) جي هيءَ مناجات به ننڍي هوندي ٻڌم ۽ اندر ۾ پيهي وئي:
جبارا جرم بخش ڪيم جي ڪبيرا،
انـک عـلـى ڪـل شـيءَ قـديـرا،
عفو ڪر تون عصيان جي مون ڪيا هن ،
گـنھه جـي گـنهـگـار جـا سـڀ صغيرا.

حضور جن جي ذات مبارڪ نه رڳو دنيا جي مسلمانن کي پر سڄي عالم کي مسحور ڪيو بيٺي آهي. هن محسن انسانيت جي عشق ۾ الائي ڪيترا فدائي فدا ٿيا ۽ پيا سندس ساراھ ۾ مداحون، مولود ۽ نعت شريف چون، لسٽ کٽڻ جي ناهي هئُ اهڙن فدائين عاشق رسول وارن لاءِ عاشق رسولﷺ جو اعلى تحفو نعتيه ديوان سندي سڪ پرين آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي اسانجو پراڻو ساٿي روح رهاڻ جي سفر ۾ گڏ رهيو هاڻ به گڏ آهي، دين محمد اڪرم ٻورڙائي ڪهنه مشق، پراڻو شاعر جنهن جي شاعري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجندي رهي آهي. سندس شاعري جو مزاج سندس سڀاءُ وانگر ماٺيڻو ۽ هلڪن سُرن ۾ وهندڙ پاڻيءَ جيان آهي، هو علم عروض جو پابند شاعر آهي تنهن ڪري سندس شاعري ۾ هڪ نظم ۽ ضبط آهي، سندس هي نعتيه ديوان حضور پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جي ذات مبارڪ جي خدمت ۾ خراج عقيدت جو نماڻو نمونو آهي.
هن ديوان جي شروعات ڌڻي واحد وحدہ جي نالي سان ٿئي ٿي.
جڳ جا ڌڻي منهنجا خدا، تون ڪر ڪرم پنهنجو سدا،
منـهنـجـي عـبادت يـا خـدا، تنهنجي ڪيان هر هر ثنا.

حضورﷺ جن جي شان ۽ مرتبي کي مٿاهون رکندي هُن پنهنجي اندر جو احوال اجھو هن نموني ۾ اوريو آهي.

دل درد ڪـئي ديـوانـي ڪـر دور نا دلارا،
پاڻا نـه پل پري ڪـر مـونکي پرين پيارا،
مرسل مديني وارا
بيحال آهيان بيحد سورن اندر آ ساڙيو،
رئندو ر هان ٿو راڻل نيڻن مان نير نارا،
مرسل مديني وارا
دل ۾ تون ياد آهين شب روزتوکي ساريان،
تنهنجي تلاش ڪريان نوري ڏسي نظارا
مرسل مديني وارا

اڪرم هميشه سليس شاعر رهيو آهي، سندس حجتون به سليس ۽ هيٺاهين واريون آهن.
هـجـي سـنڌ تـوڙي هـجـي هـند يـار،
وٺـن نـام احـمـد ﷺ پـيـارو جـنـاب،
سـتم سـور سـانـگـين هـتـي هـا سـٺا
ويڙهيچن جي ويڙهن ۾ خوشبودار ٿيون
مـلـيو هـادي اڪـرم سـونـهـارو جـنـاب
اڪرم هن سڄي ديوان ۾ جنهن نموني سان مدح خواني ڪئي آهي اُها بي ساختگي ۽ بي خودي جو مظهر آهي وڌايو سدا ذڪر جنهن جو خدا هو هئُ اڪرم به ان جو مدح خوان آهي هن ديوان کي ڏسندي الائجي ڇو مونکي حمل فقير جي هڪ پراڻي مدح ٿي ياد اچي جنهن جي حجت ۽ ساراھ انداز فڪر ۽ پهچ ساڳي آهي.
سـيـد سـچـا سـردار تـون، عـالـم سـنـدا آڌار تون،
ڪُـل مـرسلن مهندار تون، ڪر مهر مون تي مصطفىٰ،
بيشـڪ رسـول الله تـون، بـيشڪ نـبـي الله تـون،
بـيشـڪ حـبيـب الله تون، ڪر مهر مون تي مصطفى،
تـوکي قـرب قـوسين، جـو صاحب آهين ثقلين جو،
تـون قـرت الـعـينـين جو، ڪر مهر مون تي مصطفىٰ.
اڪرم جي نعتن ۾ به اُهائي واٽ ۽ اُهو پنڌ آهي ۽ اُهو انهي جستجو ۾ رهيو آهي ته ڪهڙا اکر ڳڻيان ڪهڙا ماڻڪ موتي جڙايان جو سچي سردار جون وصفون بيان ڪري سگهان.

تـعـريف مـدنـي جـي لکان نت ڳوليان اهـڙا اکر،
وصـفون بيان جن سان ڪيان نت ڳوليان اهڙا اکر.
موسـم بهـارن ۾ مـٺا توتي چـوان مـان نـعـت ٿو،
مـولود تـنهنجا ٿو چـوان نـت ڳـوليان اهـڙا اکـر.
هئُ سڄو ديوان تشبيهن استعارن ترڪيبن جو خوبصورت مجموعو آهي. اڪرم سائين پنهنجي حياتي کي سڦرو ڪرن لاءِ عقيدت وارو اهو رستو ڳوليو آهي جنهن تي الله تعالى سڀني کي هلڻ جي هدايت ڏئيٿو، انسان وٽ انهي رستي تي هلڻ لاءِ اهوئي وسيلو آهي. جيتوڻيڪ پنهنجو سمورو هنر ڪتب آڻيندي به بيوس آهي. هُن جي سگھه انساني آهي تنهن هوندي به سندس وت آهر هن محنت ۽ عقيدي جي پورهيي کي سلام آهي.
اخـلاق جـنهـنجـو اعـلـى رب الـعـلى ڪـيـو،
ان خـلـق بـهتـريـن جـي گـفـتـار آهـي کـنـڊ،
دنـيـا ۾ هـئـي رسـالـت تـنـهـنجي ئي روشني،
پـيـغـام دلـنـشـين جـي گـفـتـار آهـي کـنـڊ،
اڪـرم کـي ڪـهـڙي طاقت جو هو پڻ ڪري سگھي
واکاڻ مـرسـلـين جـي گـفـتـار آهـي کـنـڊ

[b]حميد سنڌي
10 اپريل2003[/b]

سندي سڪ پرين

سنڌ جي ڪهنه مشق شاعر دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائي جو خلوص دل ۽ محبت سان لکيل نعتن جو لاجواب تحفه واقعي پڙهڻ ۽ ساه سان سانڍڻ جھڙو آهي.
شاعري ۾ حمد ۽ نعت لکڻ ايترو آسان نه آهي جيترو تصور ڪيو وڃي ٿو، جڏهن اسان نعت شريف حضور پرنور حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جي شان بيان ڪندي هن حد تائين چئون ٿا ته.

لايمڪسن الشفـا ڪـمـا ڪـان حـقه،
بعد از خدا بزرگ توئي قصه مختصر.

تڏهن شاعر کي ڪيترو نه خشوع خضوع سان نعت لکڻ لاءِتوجھه ڏيڻو پوندو هوندو ان جو اندازو شاعر ئي لڳائي سگھي ٿو الله تعالى اسان جي دوست اڪرم ٻورڙائي کي صحت بخشي جيئن هو اڃان به وڌيڪ پنهنجا قلمي مسودھ ڪتابي صورت ۾ آڻي سگھي.

[b]پروانو ڀٽي
حيدرآباد[/b]

عذر ختم ٿيو

حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم جن جي ذات اقدس سان پنهنجي بي پناھ محبت ۽ سڪ اُڪير جي اظهار لاءِ اڪرم ٻورڙائيءَ نعتن جو هڪ مڪمل مجموعو “سندي سڪ پرين” جي عنوان سان ڏنو آهي، جنهن لاءِ هو جَس لهڻي.
سنڌي ٻولي صحيح معنى ۾ تڏهن ئي ترقي ڪري سگھندي، جڏهن ان ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر موضوع يعني: سائنس، سماجيات، اقتصاديات کان ويندي مذهبيات تائين جي باري ۾ لکيو ويندو. نثر توڙي نظم ۾ اعلى ۽ معياري لکيو ويندو، محض خانه پُري لاءِ “رهڙيو” نه ويندو.
دين ۽ مذهب هونئن ته ڪنهن به انسان جو انتهائي/ ذاتي معاملو آهي. الله ۽ انسان جو سنئون سڌو تعلق آهي، پر خود ان سبب جي ڪري به مادري ٻوليءَ ۾ ديني ۽ مذهبي communication جي اهميت پڻ وڌي وڃي ٿي. يقين اٿم ته هن نعتيه مجموعي کان پوءِ سنڌي ڪٽنبن جو ميلاد، مولود يا روز مرهه زندگيءَ جي ڪيترن ئي موقعن تي ڌارين ٻولين ۾ نعتن پڙهڻ لاءِ “سنڌيءَ ۾ نعتن جي کوٽ ” جو اجايو عُذر ختم ٿي ويندو!

[b]سحر امداد
سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سنڌ
5 مئي 2003[/b]

نيهن جا نعرا ـــ اصلي حُسن

ڪنهن به ليکڪ/ شاعر جي اصل سڃاڻپ سندس لکڻيون هونديون آهن جيڪي سندس ذهني ڪينواس تي سرجڻ کان پوءِ جنم وٺي ڪڏهن سادن سودن، گدلن سدلن ۽ ڪڏهن خوبصورت، سڳنڌي لفظن جي روپ ۾ نئين ڄاول ٻار جيان اچي ڪاغذ پڌر تي پئجي ٻاڪارڻ لڳنديون آهن. ڪنهن به تخيل جون ٻاڪارون ٻڌي ڪي ماڻهو ته ڇرڪي پوندا آهن ۽ ڪي وري مورڳو ئي پاڻ روئڻ ۾ پئجي ويندا آهن، پر ڪي ماڻھو اھڙا به ضرور ھوندا آھن جيڪي بي حس يا موڳا ھوندا آھن انهن مٿان ڪنهن به تخيل جو ڪو اثر نه پوندو آهي اهي تخلقڪارن کي ئي سماج ۾ غير ضروري سمجھندا آهن.
ڪنهن به تخليقڪار جي اصل تخليق اها آهي جيڪا ماڻهن کان ڇرڪ ڀرائي، ماڻهن کي ميڻ ڪري، باقي اها تخليق ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کان به ڇرڪ نه ڀرائي سگھي.
مان جنهن تخليقڪار جي پورهئي تي هي سٽون لکي رهيو آهيان ان جي پر اثر پورهئي ۾ اهو ڪمال ضرور سمايل آهي ته سندس هي تخليقون گھڻين دلين کي ميڻ ڪنديون هونئن ته اسان وٽ مذهبي شاعريءَ جو رجحان ٿورو ڪي گھڻو اصل کان رهندو آيو آهي پر اسان جو هي نئون نسل حسن ۽ عشق جي محور ۾ ڦاٿل آهي. هر طرف کان نينهن جا نعرا ٿا ٻڌجن، انهن نعرن مان هي اصلي حسن ۽ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ عشق جو نعرو بلند آواز اڀري آيو آهي، اسانجي بزرگ دوست سائين اڪرم ٻورڙائي تي ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ جنهن هيءَ ڌرتي ۽ آڪاس ۽ انهن ۾ وسندڙ سمورا پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ گل ٻوٽا پيدا ڪيا آهن ۽ جيڪو هر جاندار ۽ غير جاندار جو خالق مالڪ آهي انهيءَ پاڪ هستيءَ وڏا وڙ ڪندي هن بزرگ کي ڏات جي هڪ ڪڻي نه پر ڏات جو پورو درياءُ عطا ڪيو آهي جيڪو اڳتي هلي ڪنهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، سندس انهيءَ ڏات درياءَ مان جيڪي ويرون چڙهيون آهن انهن ويرن مان ڪي ويرون پاڻ سان جرڪندڙ سون جھرو پاڻي به کڻي آيون آهن جو هي ساٿي رب پاڪ جي نهايت پياري ۽ نبين جي سردار خاتم الانبياءَ حضور اڪرم پُر نور صلى الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ نعتون لکي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لائق بڻيو آهي سندس لکيل نعتن جي فن ۽ فڪر تي ته ڪو ڄاڻو ئي لکندو البته مونکي تعارف لکڻ جو حڪم ٿيو آهي سو سندس رسمي تعارف لاءِ چند سٽون لکي رهيو آهيان.
سائين اڪرم به مون جيان خيرپوري آهي فرق رڳو اهو آهي ته مان خيرپور ميرن واري جو آهيان ۽ هن بزرگ خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ٻورڙي ڳوٺ ۾ 25 فيبروري 1936ع تي ميان امام بخش جوڻيجو جي گھر جنم ورتو پر وري به اسانجي ميرن واري خيرپور جي وڏي گادي راڻيپور درگاھ جي پير حامد حسين شاه جي مريديءَ ۾ شامل ضرور آهن ان ڪري پاڻ سلسلي قادري سان تعلق رکندڙ آهن. نه رڳو پاڻ سلسلو قادري اختيار ڪيو اٿائون ۽ ڏھ سال الحفيظ ذاڪر تنظيم جا سرپرست اعلى رهيا آهن جيڪا سائين احمد رضا خان بريلوي جي ڏوهٽي سيد عبدالحفيظ شاه باني الحفيظ ذاڪر تنظيم جا بانيڪار آهن. پر پاڻ الھه آباد ڪنڊيارو جي بزرگ محمد طاهر قريشي عباسي کان متاثر ٿي سلسلي نقشبندي طاهري کي پڻ اپنايو اٿائون لهٰذا هاڻي سلسلي نقشبندي طاهري قادري جا پيروڪار آهن پاڻ روينيو کاتي مان سينئر روينيو اڪائونٽنٽ بورڊ آف روينيو سنڌ جي پوسٽ تان رٽائرڊ ڪري هن وقت ڪوٽڙي شهر ۾ الحفيظ دواخانو کولي مريضن جي علاج معالج ۾ مصروف آهن.

وشال امير
حيدرآباد

شاعر پاران

شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي مالڪ مٺي جا مونتي وڏا احسان آهن، جنهن مونکي اها توفيق ڏني جو مون حضور اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ حديه عقيدت لاءِ هي ڪجھ اظهار جي دامن ۾ گلهائي محبت گڏ ڪيا آهن. جن جي خوشبو اجتماعي سچائي جو مظهر آهي. جا هر دؤر ۾ پنهنجو اعادھ ڪري ٿي.
اديب شاعر هر معاشري جو اهڙو حيات پئمانو ٿيندا آهن جن جي وسيلي پوري قومي مزاج کي پرکيو ويندو آهي. اسانجي پاڪستاني ادب خاص طور سنڌي ادب کي مطالع ڪرڻ کانپوءِ اهو واضع طور محسوس ڪري سگجي ٿو ته اسانجا اديب ۽ شاعر مذهب کان بيگانه نه آهن. بلڪ اسانجي ادب خصوصن شاعري ۾ مذهبي رجحان اهڙي طرح نمانيا آهي جو ان کي قومي تشخص جو هڪ بنيادي ستون قرار ڏئي سگھجي ٿو، نعتيه ديوان بنام “سندي سڪ پرين” جو اعلان ته مون پنهنجي مجموعي “اکيون پسي آيون” ۾ ڪيو هو، پر جائي اها ڳالھ ته ان کان گھڻو اڳ جي آهي 1960ع ۾ ميلاد اڪبر جي تطبع تي ميلاد اڪرم لکي مرحوم سائين ميران محمد شاھ سابق اسپيڪر سنڌ اسمبلي جي حوالي ڪيم.جن وري اهو سائين اسد الله شاھ ٽکڙائي جن جي حوالي ڪيو. جو ڪجھ عرصي کان پوءِ شبير شاه هاتف جي هٿان ميلو جڏهن سائين اسدالله شاھ ڪلهوڙن جي قلعي تي رهندو هو. خدا جو فضل جو اڄ نعتيه ديوان جي شڪل ۾ ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. اهو منهنجو پنهنجي عقيدت جي اظهار جو فڪري تسلسل آهي، حقيقت اها آهي ته رحمت العلمين صلى الله عليه وآله وسلم جي صدقي جنهن بنيادي اقتدار سان نوازيو ويو آهي اهي اڄ به سڄي انسانيت جي لاءِ ماخذ نور آهن اهائي روشني حضور پرنورﷺ جي توصيف مهل قلم مان نڪري ٿي. اظهار لاءِ اها روشني الفاظ ۽ رنگن ٻنهي صورتن ۾ جلوھ خيز آ.

[b]دنيا جا رنگ ۽ رونقون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ
باد صبا جون نگھتون، تنهنجي ڪري يا مصطفى ﷺ[/b]
مان انهن ساٿين جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان جن منهنجي نعتيه ديوان تي ڪي ٻه اکر لکيا يا وري ڇپائي جي حوالي سان قيمتي مشورن سان نوازيو آهي، مان خاص طور قابل احترام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرحوم استاد حافظ محمد احسن چنه، مرحوم خادم حسين انڙ وڪيل، عبدلاقيوم صائب، ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، حميد سنڌي صاحب، امداد حسيني صاحب، محترمه آپا سحر امداد صاحبه، پروانو ڀٽي صاحب، امير بخش وشال صاحب، منهنجي پياري پٽ حڪيم جنيد امام جوڻيجو منهنجي پياري نياڻي مسرت فاطمه جوڻيجو جا ٿورا مڃيان ٿو جن کان گھڻيون محبتون پڻ مليو اٿم.
مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان محترم سڪندر علي ناريجو ۽ محترم عبدالله طالباڻي طاهري جو جن منهنجي هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ مالي سهائتا پڻ ڪئي.

[b]اڪرم ٻورڙائي
الحفيظ دواخانه ڪوٽڙي[/b]

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

اڄ پـڻ اکـڙيـن، سـڄـڻ پنـهنـجـا سـاريـا،
ڳـلن تان ڳوڙهن جون، بوندون بس نه ڪن،
سـندي سـڪ پـريـن، لـوڪ ڏٺـي نـه لـهـي
[b](شاهه عبداللطيف ڀٽائي)[/b]

نعتن جي فھرست

---

جڳ جاڌڻي منهنجا خدا، تون ڪر ڪرم پنهنجو سدا

جڳ جاڌڻي منهنجا خدا، تون ڪر ڪرم پنهنجو سدا
مـنهـنجـي عـبادت يـا خدا، تنهنجي ڪيان هر هر ثنا

خـالق آهين تون خلق جو، مالڪ آهين تون ملڪ جو
ٿـي بـادشـاھـي تـو سـندي هـر دم هـلـي ارض و سما

دائـم آهـين قـائـم آهـيـن تـون از ازل ۽ تــا ابد
هـر چـيـز هــت آهــي فــنـا، بـاقـي فــقــط تــوکـي بـقا

ڪـهـڙا ڳـڻي ڪـهـڙا ڳـڻـيان، احسان تنهنجا رو ز شب
الله اڪـبـر شـان تـنـهـنـجـو شـان ۾ تـون ڪـبـريـا

هـر حـڪم تـنهنـجو ٿو هلي ارض و سما ۾ صبح شام
ڪک پـن چـري هـر گـز نٿو تنـهنجي اجازت کانسوا

روئـي رڙي سـجـدا ڪـري تـنـهنجي اڳيان هٿڙا کڻي
هـر هـر سـڏي مـالـڪ مـٺا دائـم گـھـران تـوکـان دعـا

حـيلـو نـه آهـي ڪـو رهـيـو تـو ريءَ ٻـاجـھـارا ٻـيـو
“اڪـرم” لـکـي ٿو حـمد پـيو ان کـي سـعـادت ڪـر عطا

دنـيا جـا رنـگ ۽ رونـقون تـنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

دنـيا جـا رنـگ ۽ رونـقون تـنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ
بـاد صبـا جـون نـگھتون، تـنـهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

مـحـبـوب تـون ڄـائـين ڀـلي، مـحـبوب تـون آئـين ڀلي
دنـيا جون هي سڀ زينتون، تنهنجي ڪري يامصطفى ﷺ

بـارش وسـي ٿـي نـور جـي، هـر عـرش تـي ۽ فـرش تـي
گھر گھر ۾ آهن رحمتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

مـسرور مـاڻـهـون ۽ مـلڪ، تـنهنـجـي اچـڻ سـان ٿي ويا
سـڀ کي عطـاٿيون نعمتون،تنهنـجي ڪـرييـامصطفـىﷺ

ڪـعبو خـدا جو گھـر بـڻيـو، ڇـا ڳالـھه ان جي مان ڪيان
ڪعبي سنديون عظمتون تنهنجي ڪري يامصطفىﷺ

مـدت کـان آهـي آرزو، مـان گـنـبـذ خـضـرا ڏسـان
مـاڻيان هلي ڪي برڪتون، تنهنـجي ڪـري يا مصطفىﷺ

تنهنجي زيارت مان ڪيان، چانئٺ چمي تنهنجي مران
قسمت ۾ اينديون راحتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

نـالو وٺـي تـنهنـجـو گـھـري، اڪـرم پـيو هـر دم دعـا
پـوريون ٿـيون سـڀ حـاجتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

مـديني جون ڳالهيون، مديني جا قصا

مـديني جون ڳالهيون، مديني جا قصا
وڻـن دل کـي ڏاڍا، وڻـن دل کـي ڏاڍا

مـديـنـي ۾ بـارش پـوي نـور جـي ٿي
مـديـنـي جـا نـوري ٿـيـا سـڀ نـظـارا

مـديـنـو تـه بـسـتي لـڳـي نـور جـي ٿو
مـدينـي تـي رحـمت جي بارش پيارا

مـديـني جـي هـر هـڪ گـلي نـور آهي
مـديـني ۾ گـھر گھر ٿا چمڪن ستارا

مـديـنو تـڏهـن کـان ٿيو آهي نوري
جـڏهن کان قدم مير مرسل گھمايا

مـدينـي ۾ هـر سـو وسـي نـور ٿـو
پـڙهـان ڇـو نه نوري درودن جا تحفا

مديني ڏي اڪرم کنيو ڀاڳ جنهن دم
تـه نـوري نـظـارا هـلـي يـار ڏسـبـا

گـلـن ٻـوٽـن ۽ گـلـشـن جـي بهارن ۾ محمدﷺ آ

گـلـن ٻـوٽـن ۽ گـلـشـن جـي بهارن ۾ محمدﷺ آ
سراپـاحـسن، ڌرتـي جـي نـظـارن۾ مـحـمدﷺآ

مـحمـد ﷺ ئـي محـمدﷺ آ جـھان جـي ذرھ ذرھ ۾
نـظـر جـاڏي ڪـيـم تــاڏي نـظارن ۾ محمدﷺ آ

نبي مرسل، ڪئي ڪامل ٿيا شيدا محمدﷺجا
خـدا جـي پيـار وارن جـي پـيـارن ۾ مـحـمـد ﷺ آ

زبـان تي ذڪر احمدﷺجو دلين ۾ فڪراحمد ﷺ جو
زبـان و دل جـي چـرپـر ۽ اشـارن ۾ مـحـمد ﷺ آ

حـقيقـت نـور اطهر جي خدا جو سنهن خدا ڄاڻي
مگر ماڻهن جي لئه قرآن جـي پارن ۾ محمد ﷺ آ

لـکـيل هـر چـيز تـي جـنـت ۾ نـالـو آ مـحـمـد جـو
چٽيل عرش برين جي خود منارن ۾ محمدﷺ آ

ثـنا تنـهنجـي نـه هـڪ اڪـرم ڪري ٿو روز شب
زبـان تـي نـوجوان پوڙهن ۽ ٻارن ۾ محمد ﷺ آ

مـحـمـد ﷺ جـي آئـي جـھان محترم آ

مـحـمـد ﷺ جـي آئـي جـھان محترم آ
زمـيـن مـحـتـرم ، آسـمـان مـحترم آ

رسـول خـدا جـو ٿـيو ذڪـر افـضـل
درودن پـڙهـندڙ، زبـان مـحـتـرم آ

شـب و روز لـب تي مـحمد ﷺ محمد ﷺ
اهــو نـام هـر هـر وٺـان مـحـتـرم آ

رهـي زندگي ڀر ته منهنجي زبان تي
مـحمـدﷺ مـٺي جـو بـيـان مـحـترم آ

نـبـي سـڀ ڀـلارا، نـبـي سـڀ سـڳـورا
نبين ۾ مـحمدﷺ سـدا ن محـترم آ

محمدﷺجي روضي تي جھر مر ۽ رم جھم،
ڪڪر منجھه هئَ ڪهڪـشان محترم آ

مـديـني گـھـرايـو تـه اڪـرم کـي آقـا
اهـوئـي خـيـال گـمـان مـحـتـرم آ

مـحمدﷺ مـٺي تي درودن جـا تـحفـا

مـحمدﷺ مـٺي تي درودن جـا تـحفـا
جـو رحمـت سـراپـا آ، رحـمـت سراپا.

خـدا جـو پـيارو مـحمـد ﷺ مـٺـو آ
زمـانـو تـه سـارو ٿـيو ان تـي شـيدا

ٿـيو عـرش نـوري، ٿيو فـرش نوري
جڏهن نورنوري محمدﷺ ٿيوپيدا

اٿــم آس الله ۾ شــل پــڄـائــي
اکـين سـان ڏسـان نـور نرمل منارا

ٿـيس بي ثمر مان، ثمر ناهه سهڻا
سجـھن تنهنجا سڀ کان وڏا ٿا سهارا

وڏي ڳـالھه تنهنجو ثنا خوان سڏايان
ڪرم خاص اڪرم تي تنهنجو ڀلارا

مـون کـي به گـھرايـو سـرڪـار مديـنـا

مـون کـي به گـھرايـو سـرڪـار مديـنـا
مـجـرم نـه ڀـلايـو ســرڪــار مــدينا

ڪـوتـاهـيـون ڪـميون مون ۾ هزارين
عـاصـي کـي سـڏايـو سـرڪـار مـديـنا

هن دل کي ضرورت آ تنهنـجي يقين جـي
سـڀ وهـم وڃـايـو سـرڪـار مـديــنــا

هـن دور فـتـن ۾ اڙجـي تـه ويـس پـر
فـتـنـن کـان بـچـايـو سـرڪـار مـديـنـا

ڇـا ڳـالھ ڪـريـان مان مرشد جي نظر جي
ان ديـد بـچـايـو سـرڪـار مـديـنـا

هـڪ ڏينـهن مڙي سڀ هن يار کي چوندا
اڪـرم کـي سـڏايو سـرڪـار مـديـنـا

ڪـيان ڇـو نـه تـن مـن نـثـار مـديـنـا

ڪـيان ڇـو نـه تـن مـن نـثـار مـديـنـا
پـريـن کـي پـيـارو ديـار ِ مـديـنـه

مــحمدؓ مـحمدﷺپڪاري ٿو سڀ جڳ
سـنـدءِ نــام آهــي وقــارِ مــديــنــا

بـهـارن ۾ آهــي رکـيـو ڇـا اي آقــا
اوهــان ســاڻ آهــي بـهـارِ مــديــنــا

مـنـارا مـديـنـه جــا پــرور پـسـائــج
ڏسـان شــال نـقـش و نـگــارِ مـديـنـا

يـقـين آهه اڪـرم جـي دل کـي اهـوئـي
تـه جـنـت کـان وڌ آ وقــارِ مــديــنـا

عـطـائـي مـحـمـد ﷺ عـطـائـي خـدا آ

عـطـائـي مـحـمـد ﷺ عـطـائـي خـدا آ
رضــائـي مـحـمـد ﷺ رضــائـي خــدا آ

ڏسـو، شـان قـرآن ۾ مـصطـفىﷺ جـو
بـقـائـي مـحـمـد ﷺ بـقـائـي خـدا آ

ڏسـو، سـبـز گنبذ ستارن جي جھر مر
ضـيـائـي مـحـمـد ﷺ ضـيـائـي خـدا آ

درودن جــا تـحـفا، دروردن جـي مـالـها
ثـنـائـي مـحـمـد ﷺ ثـنـائـي خـدا آ

خـدا سـاڻ شامل ته ذڪر نبي ﷺ ڪر
ثـنـائـي مـحـمـد ﷺ ثـنـائـي خـدا آ

اشـاري سـان جنـهن جي ٿيو چنڊ ٽڪرا
ادائــي مـحـمـد ﷺ ادائـي خـدا آ

زمـيـن آسـمـانـن ۾ چـرچــو اهــوئــي
سـخـائـي مـحـمـد ﷺ سـخـائـي خـدا آ

اها عشق جي حد ٿي اڪرم وئي بس
فدائي مـحمـد ﷺ فـدائـي خــدا آ

ڪاڏي وڃان ڪنهن کي چوان، توکان سواءِ يا مصطفى ﷺ

ڪاڏي وڃان ڪنهن کي چوان، توکان سواءِ يا مصطفى ﷺ
سـڀ آزمـايـا مـون مـٺـا، تـوکـان سـواءِ يـا مـصطفى ﷺ

ڌاريـا ٿـيـا ڌاريـا مـگـر، پـنـهـنـجـن ڇـڏيـو مونکي تڙي
ناهي رهي ٻي واھ ڪا، توکانسواءِ توکان سواءِ يا مصطفىﷺ

مـجـبـور جـي، لاچـار جـي، پـارت اٿـئـي سـرور سـچــا
حـيـلا وسـيـلا ســڀ ويـا، تـوکـان سـواءِ يا مـصطـفى ﷺ

سـڏڪـا ڀـري، روئي رڙي، آهون ڀري، دانهون ڪريان
ورندي ملي ٿـي ڪـانه ڪـا، توکـان سواءِ يا مصطفى ﷺ

چانـئـٺ ڏسـي، روضو ڏسي، چائنٺ چمان روضو چمان
اهـڙي عـطـا ٿـيندي نه ڪا، توکان سواءِ يا مصطفى ﷺ

پـاڻـان نـه ڪـر مـونـکـي پـري، اڪـرم پـيـو تـولـئه رڙي
ٿيندي نه ڪجھ منهنجي دوا، توکان سواءِ يا مصطفى ﷺ

مـجـبـور جـي، لاچـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا

مـجـبـور جـي، لاچـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا
درٻـار جـي پـيـنـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مـٺا

خـيرالبـشر ــ خيرالامم، سر دار ڪر مونتي نظر
نـادار جـي، بـيمـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مــٺا

شـب روز آهي التجا، محبوب مدني مصطفىﷺ
هـن پـار جي، هُـن پـار جي، پارت اٿو مدني مٺا

آهـي سـهـارو، بـي سـهارن کي وڏو تنهنجو نبي
پنهنجـي سـچي حبدار جي، پارت اٿو مدني مٺا

ســڏڙا ڪــري، سـڏڪـاڀري، هٿـڙا کـڻي لـيلائيان
اڪـرم نـمـاڻـي يـار جـي، پـارت اٿـو مـدنـي مٺا

ڪـر ڪـرم پـنهنجو خدارا، يا محمد مصطفى ﷺ

ڪـر ڪـرم پـنهنجو خدارا، يا محمد مصطفى ﷺ
بـي سـهـارن جـا سـهـارا، يـا مـحـمد مصطفىﷺ

ملڪ منهنجي جا هي مارو، تون سدا سرها ڪجانءِ
دؤر سـڀ ۾ ٿـيـا ڏکـارا، يـا مـحـمـد مـصـطفى ﷺ

ٿـي نگـھـاهـن ٻڏي، ٻـيڙي سـندم دل جي پئي
تـون پـسائيندين ڪـنارا، يا مـحمد مـصطـفىﷺ

شـان تنهنجو شهنشاهي، سادگي تنهنجي مگر
شـان قـدرت جـا ستارا، يـا مـحمد مـصطـفى ﷺ

تنـهنجـي در تـي قـافـلا، هـڪـڙا اچن ٻيا ٿا وڃن
سـي ڏسـان حـاجـي ڀـلارا، يـا محمد مصطفىﷺ

تنهنجـي چائنٺ کي چميو جنهن، بخت بالاانجا ٿيا
اي جـڏن جـا جـئَ جـيـارا، يـا مـحمد مصطفى ﷺ

روز شـب تـنهنجـي ثنا، سانگي سچا ٿا ڪن پيا
آڻ تـن ۾ تـون سـڪـارا، يـا مـحـمـد مصطفى ﷺ

ڪـر عـطـا مـون تـي سـدا، تون يانبي خيرالورى
ٽـوڙي غم جا سنگ خـارا، يـا محمد مصطفى ﷺ

آمـنـه جـا لاڏلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ

آمـنـه جـا لاڏلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ
دور ڪــر رنـج و بــلا يــا مـصـطـفـى يا مصطفى ﷺ

اڄ اســان ۾ آهي نـالـي جـي مـسـلـمـانـي رهــي
پـسـت ٿـي ويـا حوصلا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

ڪر عطا توفيق مونکي، دين جي خدمت ڪريان
ٻڌ هيءَ منهنجي التجا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

دوسـت اقـرب ديـن تنهنـجي تي رهن دائم مدام
ٿـو گھران دل سان دعا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

تنهنـجي دروازي تـان خـالي ڪو سوالي ناهه ويو
مونتي ڪرپنهنجي عطا، يامصطفى يامصطفى ﷺ

عشـق پنهنجـي سان ڪيو، سردار روشن دل ضمير
يـانـبـي نـورالـهـدى يـا مـصـطـفـى يا مصطفى ﷺ

آس دل ۾ آھ تـا، روضـو ڏســان تـنـهـنـجـو اچــي
پـوري ٿـئي سـا مـدعـا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

تنهنجي روضي پاڪ جـي ڄـاري ڏسـي هـر هر چمـان
اي خـدا جـا دادلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ

حـشـر ۾ ڳـڻـتـي نـه انـکـي، جـو پـڙهي توتي درود
ٿـو پـڙهـان صـل عـلى، يـا مـصطفى يا مصطفى ﷺ

بـاعـث ڪـون مـڪـان تـون شـافـع هـر دوجـھـان
يـا نـبـي صـاحـب شـفا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

سنڌ مان سـيد سـڏي اڪـرم مٿان تون ڪر عطا
اي حـبيـب ڪبريا، يـا مـصـطـفـى يـا مصطفى ﷺ

مـرحـبـا صد مـرحـبا، يـا مصـطفـى يـا مصـطفـى ﷺ

مـرحـبـا صد مـرحـبا، يـا مصـطفـى يـا مصـطفـى ﷺ
سـاري جـڳ جا بـادشاهه، يامصطفى يامصطفى ﷺ

ڪـا ڪـمي تـو وٽ نـه آ، تـنهـنجـو خـزانـو آ ڀـريـل
ان منجھان ڪرڪجھ عطا،يا مصطفى يامصطفىﷺ

سـاري عـالـم جـو ڌڻـي، تـوکـي ڪـيـو پـروردگـار
مـون تـي ڪـر اهـڙي عطا، يامصطفى يا مصطفىﷺ

اسـم تنـهنـجـو پـاڪ آهـي ذات تـنـهـنجي نور آهي
اي حـبـيـب ڪـبـريـا، يـا مـصـطفـى يا مصطفـى ﷺ

تنهنجي قدمن تان ڪيان، قربان پنهنجو جان مال،
ڪـر ڪـرم بـحـرِ خـدا، يـا مصطفـى يـا مصطفـى ﷺ

وسـوسـن ۽ وهـم جـي چـنـبـي ۾ ڦـاٿـل آهـيـان
وهـم ڪـڍ ۽ وسـوسـا، يـا مصطفـى يـا مصطـفى ﷺ

آھه اڪـرم در اوهانجـي جـو گـداگـر، گـولـو غـلام
نـاتـوان جـا آسـرا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ

مـون تـي رهـي يـا مـصـطـفـى ﷺ

مـون تـي رهـي يـا مـصـطـفـى ﷺ
جـود و ڪـرم تـنـهـنـجـو سـدا

نــاهــي ٻــيــو ڪــو آســرو
مــون لــئـه وســـيـلــو تـــو ســـوا

مــجــرم وڏو مـــان آهـــيــان
تـنـهـنـجــي وڏي آهــي شـــفــا

مـنـهـنـجــو وظــيـفـــو ورد آ
صــبـوح مـــســا صـــل عـــلــى

تـوفـيــق رب کــان ٿــو گــهــران
هـــر دم پـــڙهـــان صــل عــلــى

اڪــرم تــه آهــي امـــتــي
هــر دم ســنـدءِ درجـــو گــــدا

مـصـطـفـى ﷺ مــون دعــــا

مـصـطـفـى ﷺ مــون دعــــا
هـــي گــھــري آ ســــدا

صــدقــي مــونــکي مـلــي
تـنهنـجـي پـيـو مـصـطـفىﷺ

ڪــو وسـيـلــو ســنــدم
نــاهــي ٻــيـو تــو ســـوا

ديــن دنــيـا ســـنــدا
ڀــر وســا، ڀــر جـــھــلا

آســــرو تـنـهـنـجــو ٿــيـو
تــون ســدائــيـن شـــفــا

دل گــھــريــا گــھــڻـگـھــرا
مـــــــــــرحــــــــــــبــا دادلا

ورد صــبــح و مــــســــا
مـنـهـنـجــو صــل عــلــى

پــار ٻـــيــڙا ٿـــيــا
خـــــوب صــــــل عــــلـــى

گــونــجــي اڪـــرم اڱـــڻ
اڄ بــه صــل عــــلـــى

آمــنـه جــا لاڏلا، تـنـهـنـجـي ثـنا ٿـي جــا بـجــا

آمــنـه جــا لاڏلا، تـنـهـنـجـي ثـنا ٿـي جــا بـجــا
يـا مـحمـدمـصطـفىﷺ،تـنهنـجـي ثـناٿـي جـابجـا

عرش توڙي فرش تي سونهين سدا تنهنجو قدم
زيـنـت ارض وسـمـا، تـنـهـنـجـي ثـنا ٿـي جـابـجــا

تـنهنـجـي مـدحت کان نـه خـالي آهي قرآن ڪريم
مان ڪيان ڪـهـڙي ثـنا، تـنهنـجـي ثنا ٿي جـابجا

صـورت يـاسـين و طـحـه ۾ ثـنا تـنـهـنـجـي عـيان
ٿـو پـڙهـان صل عـلى، تنهـنجـي ثـنا ٿـي جــابـجــا

فـيض تنـهنـجـو عـالـمـن لـئه بـاعـث رحـمـت بـڻيو
تـون شفـاعـت جي بـنا، تـنهـنجـي ثـنا ٿي جـا بجـا

تنهنجـي صورت تنهنجي سيرت جوڪيان ڪهڙو بيان
آهـين مـحـبوب خـدا، تـنهـنجـي ثـنا ٿـي جـابـجـا

ديـن و دنـيا۾ سـڀـن لـئه پـيار جــو آهــين نـشان
اي حـبـيـب ڪـبـريـا، تـنهـنجـي ثـنا ٿـي جــابجــا

روز مـحـشر ۾ مــٺا اڪـرم جـي پـارت ڪـج هـلـي
اي خـدا جـا دادلا، تـنهـنجـي ثـنا ٿـي جــابـجــا

دل درد ڪـئـي ديـوانـي ڪــر دور نا دلارا

دل درد ڪـئـي ديـوانـي ڪــر دور نا دلارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
پـاڻـا نـه پـل پـري ڪـر مـونـکـي پـريـن پـيـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
بـيـحـال آهـيـان بـيـحـد سـورن انـدر آ ساڙيو
رئـنـدو رهـان ٿـو راڻـل نـيـڻـن مـان نـيـر نـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
دل ۾ تـون يـاد آهـيـن شـب روز توکي ساريان
تـنهـنجـي تـلاش ڪـريـان نـوري ڏسـي نـظـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
سـاٿـي سـندم نـه آهـي تـوريءَ ڪـو سـهـارو
تـنـهنجا سدائين آهـن سائـين سچـا سـهـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
اڪـرم کـي آسـرو آ مـلـندم حـضـور انـور ﷺ
دل سـان سڏي ئي چوندم نوري ڪريو نظارا ﷺ
مـرسـل مـديـنـي وارا

مـٺي محبوب مدني جي آهيان ديدار جوطالب

مـٺي محبوب مدني جي آهيان ديدار جوطالب
زمـانو آهـي سـارو ٿيو مـٺي منـٺار جـوطـالـب

حسينن کان حسين آهي محمدﷺآمنه جو لال
جھـان جـوذ رھ ذرھ ٿيو سندس انـوار جوطالب

مبارڪ صد مبارڪ هت محمد مصطفىﷺ آيو
پـڙهـو صـل عـلى جـيڪـو ٿـيو غمٽار جو طالب

منادي چوطرف آئي خبر خوشين سندي آ ئي
ڪـيو ديـدار مدني جـو هـجي جـو يار جوطالب

حياتي ٿي سجائي وئي انهئَ جي يار اڪرم اڄ
حياتي ڀر رهيو جيڪو سچي سردار جو طالب

مــحــمـد اچــي ويــو ڀــلارو جــنـاب

مــحــمـد اچــي ويــو ڀــلارو جــنـاب
اچـي ٿـيـو اسـانـجـو سـهـارو جـنـاب

ابــاڻــن ۾ آيــو وڏو انــقــلاب
وطن خوش ڪيو جنهن ته سارو جناب

هـجـي سـنڌ تـوڙي هـجـي هـنـد يــار
وٺــڻ نــام احــمــد ﷺ پــيـارو جــنـاب

سـتـم سـور سـانـگـيـن هـتـي هــا سـٺا
قـدم ســان ڏنــو چــوٽــڪارو جــنــاب

پـڙهــي خــوب پــيــغـام عـربي سـنـدو
ٿـيو قـلـب جـنـهـن سـان قـرارو جـنـاب

ويـڙهيچن جي ويڙهن ۾ خوشيون ٿيون
مـلـيو هـادي اڪـرم سـونـهـارو جـنـاب

مـحـمـدﷺ جـي جـيـڪـو رهي ٿو قريب

مـحـمـدﷺ جـي جـيـڪـو رهي ٿو قريب
تـونـگـر ٿـو سـڏجـي آهـي غـريـب

ٿـي دنـيـا بـه ان جـي ۽ عـقـبا سـنـدس
نـبـي جـي زيـارت ٿـي جنهن کي نصيب

محمدﷺ سان الفت ڪريان ڇونه دوست
مـحـمـدﷺ ئـي آهـي خـدا جـو حـبـيـب

ٿـيـو خـوب اڪـرم جـو آهـي نـصـيـب
مـحـمدﷺ مـيـلـو مونـکـي آهـي حـبـيـب

مـحـمـد ﷺمٺي کي سڏي يار ڦـٻ

مـحـمـد ﷺمٺي کي سڏي يار ڦـٻ
دنـيـا آخـرت ۾ وڃــي يــار ڦــٻ

مـحـمـد سـوا ڪـو سـهـارو نـه آهـي
درودن جـا تـحـفـا پـڙهـي يـار ڦـٻ

عـبادت درودن جي مٽ ڪابه ناهي
سـدا وردڪـر تـون وڃـي يـار ڦـٻ

هـتي جـو سـهـارو هُتي جـو بـه آهي
محمدﷺڪري وردپڙهي يار ڦٻ

رڳـو ورد صلـوات سڳـوري جـو ڪـر
ڪـري يـاد سـو ورد ڀـلـي يـار ڦـٻ

حـيـاتـي سـجـائـي ٿـي اڪـرم وئي
ڪــري ورد صـلـوات هــربـار ڦــٻ

سـردار جـي آمـد صـلـوات پـڙهـو سـڀ

سـردار جـي آمـد صـلـوات پـڙهـو سـڀ
سـرڪـار جـي آمـد صـلـوات پـڙهـو سـڀ

صلوات پڙهو سڀ دل سان ته پڙهو سڀ
سـرڪـار جـي آمـد صـلـوات پـڙهـو سـڀ

گـھـر گـھـر آ ٿـي مـحـفـل مـيـلاد جـي اڄ
مـنـٺـار جـي آمـد صـلـوات پـرهـو سـڀ

هــر طــرف رحـمــت جــا جـلــوا نــوري
انــوار جـي آمـد صـلــوات پــڙهــو ســڀ

عـرشـي ٿـيا خـوش فـرشـي ٿـيـا خــوش
دلــدار جــي آمـد صـلـوات پـڙهــو سـڀ

اڪــرم بــه يــارو خــوش ڇــو نــه ٿــئـي
دلـدار جـي آمـد صـلـوات پـڙهــو ســڀ

مـحـمـد مـٺـي سـان ڪـيـو پـيـار سـڀ

مـحـمـد مـٺـي سـان ڪـيـو پـيـار سـڀ
ڪـيـو زنـدگـي ڀـر ســو قــرار ســڀ

مـحـمـد مـٺـي کـي مـڃـي دل ســان يــار
ٿـي ويـنـدا اوهـان کـي تـه ديـدار سـڀ

وڃـايـو مـتـان وقــت يــارو اجــايــو
نـبـي کـي ڇـڏيـندو ٿيـندو خـوار سـڀ

ڏنـو مـاڻـهـپـو مــاڻـهــن کــي نـبــئَ
سڏي سانگي ڪيا تنهن ته بيدار سڀ

اوهـانـجـي اچـڻ سـان سـڻايون ٿـيـون
انـدر ڪــارا اجـري ٿـيـا انـوار ســڀ

وٺـي نـام تـنهـنـجـو ڇـٽـي ويـا سـڀـئي
هـئا مـجـرم جـي عـاصـي گـنـهـگـار سـڀ

درود تــاج اڪــرم جــو وضـيـفـو ٿــيـو
پـڙهـڻ سـان جـنـهـنـجـي لهن بار سڀ

مـحـمـد مـصـطفىﷺ مدني آهي

مـحـمـد مـصـطفىﷺ مدني آهي تنهنجي خدائي سڀ
اوهـانکي خود ڪـئي مولى عطـا آهـي عـطـائي سـڀ

سـڪندر وقـت جـا حـاڪم هجن توڙي شهنشاھ پڻ
ٿـيا دروازي تـنـهنـجـي جــا گـداگــر ۽ گــدائـي ســڀ

وطن ويري وطن مان ڪڍ ٿين خوشحال جيئن مارو
پـڙهـي صلـوات سي توتي حياتي ڪـن سجـائي سڀ

سـڪـون قـلـب جـو سـامـان تنهنجـي نالي ۾ پنـهان آ
وٺـڻ سـان نام تنهنجي جي وئي دل مـان ٻيائي سڀ

اوهـان قـربـئون قـدم پـاتـا ڊهـي پـياڪوٽ باطل جا
زمـانـي کـي زمـانـي ۾ نـظـر آئـي سـچـائـي ســڀ

حـقـيـقـت ذات تنـهنـجـي جـي طـفـيل دوجـھـان ۾ ٿي
ٿـي خـوشـحـالي ۽ شـادابي وطـن مـان وئي برائي سڀ

وڏا احـسـان اڪـرم تـي مـحـمـدﷺ مـيـر مـدنـي جـا
لکي جنهن نعت مرسل تي حياتي ڪئي سجائي سڀ

مـدنـي ڪـيـا حـيـران ســڀ

مـدنـي ڪـيـا حـيـران ســڀ
حــورون، مـلـڪ، غـلـمـان ســڀ

جـلـوو ڏسـي تـنـهـنـجـو مـٺـا
حـيـران ٿــيـا انــســان ســـڀ

آهــيـن ســـراپــا نـــور تـــون
تـنـهـنـجـا مـڃـون احـسـان سـڀ

عـظـمـت ٻـڌائـي ٿــو ســندءِ
مــولــى ســـندو فـــرقــان ســڀ

آهـيـن خــزانـو ٻــاجــھه جـــو
تــون ديـن ۽ ايــمــان ســڀ

ڇــا شــان تـنـهـنـجــي ۾ لــٿـو
آهــي ســڄــو قــرآن ســـڀ

فـــردوس جــــو آهـــيـن ڌڻــي
ڪــر تــون عـطـا عــرفــان ســڀ

اڪــرم ڪــيـو مــرســل ڪـــرم
آهــي مـلـيـو ايــمــان ســـڀ

مـحـمـدﷺ جـي جـھـڙي هـئي خوب سيرت

مـحـمـدﷺ جـي جـھـڙي هـئي خوب سيرت
لـڳي دل کي سـهڻي ٿي اهڙي ئي صـورت

نـمـونـو سـچـائـي جـو جـڳ ۾ اچـي ويــو
مـحـمـدﷺ مـٺـي جـي جـڏهـن ٿـي ولادت

مـحـمـد ﷺ ڏنـو ديـن ايـمـان قــرآن
۽ بـخـشـي اسـان کـي انـهـن جـي سـعــادت

بـشـر جـي هـر صـورت اوهـانـکـي مـنـجھايو
اوهـان ڪين سمجھـي سـڄـڻ جي حقيقت

ڌڻـئَ پــاڻ جـنـهـن کـي سـڏائــي پــڏايــو
بـيـان ڇـا ڪـنـدس مـان انـهـئَ جـي عظمت

اچـو يـارو ويـهـي اوهـان کـي ٻــڌايــان
محـمدﷺجـون ڳالهيون محمدﷺجي سيرت

اوهــان جــي پــنـاري پــيـو آهــي اڪــرم
ڪــريـو ان تـي پـنـهـنـجـي عـطـا ۽ عـنـايـت

مـحـمـد ﷺ مـٺـي جـي جڏهن ٿي ولادت

مـحـمـد ﷺ مـٺـي جـي جڏهن ٿي ولادت
ٿـي سـنـسـار سـارو ويـو نگـھـت نگـھـت

وٺـي نـام جـيڪـو مـحـمـدﷺ مـٺـي جـو
انـهـئَ جـو خـدا ۽ انـهـي لاء جـنـت

سـدا بـا وضـو ٿـي پـڙهـي جـو درود
نـصـيـبـن ۾ احـمدﷺ جي انجي زيارت

مـٺو نـام مـاکـي ۽ خـرمـان کـان مـٺـڙو
مـحمدﷺ مٺي جي لکان ڇا مان سيرت

مـقـام مـحـمـدﷺ ٿـي حـد لامـڪان جي
ڏنـو رتـبو ڪـيڏو مـحـمدﷺ کي قدرت

بـشـر جـو هـو جـامـو ۽ صـورت مـنـور
خـدا ريءَ نـه انجي ڪو ڄـاڻي حـقـيقت

ڪـري ورد صـلـوات اڪـرم ٿـو هـر دم
خـدا کـي پـيـاري اهـا ٿـي عــبـادت

اٿـم خـواهـش ڏسـان محبوب ۽ منٺار جي صورت

اٿـم خـواهـش ڏسـان محبوب ۽ منٺار جي صورت
اٿم سڪ شل ڏسان هـيڪرسچـي سردارجي صورت

خـزان ۾ مثل بلبل جي ڪري دانهون پئي ٿي دل
ڪـرڻ پـرواز ٿـي چـاهـي ڏسـان گلزار جي صورت

نـه پـيـدا آدم و حـوا ٿـيـا، آ عـشـق ان کـان اڳ
ازل کــان آرزو آهــي ڏســان دلــدار جــي صـورت

خـدا يـا عـرض اڪـرم جـو طـفيل شـافـع مـحـشر
اگھائج تون ڏسان جلدي سچي سردارجي صورت

منهنجي مٿان يا مصفىﷺرک ٻاجھه جو هٿ

منهنجي مٿان يا مصفىﷺرک ٻاجھه جو هٿ
ڪـر ڪرم مـونـتي سدا رک باجھ جو هٿ

تـو سـوا هـيڏي جهـان ۾ ڪـير منهنـجـو
ڀـر جھلـو نـاهـي مـٺا رک ٻـاجھه جـو هـٿ

هــاءِ فـرقـت ۽ وڇــوڙي ۾ اوهــانــجــي
ٿـو رهان يامجتبي ﷺ رک ٻاجھه جو هٿ

دادلـو دلـبـر خـدا جــو تـون ئـي آهــيـن
ڪـر مـدد منهـنجـي مٺا رک ٻاجھ جو هٿ

ڪـر ڪـرم واري نـظـر نـورالـهـدى تـون
اڄ سـڏي مـونتي سدا رک ٻاجھ جو هٿ

آس اڪـرم کـي اهـا دل ۾ سـدائـيـن
دلـبـر ٻـڌ الـتـجـا رک ٻـاجـھه جـو هـٿ

مـون سان رهـي سدائين سـرور سـڄي جـو ساٿ

مـون سان رهـي سدائين سـرور سـڄي جـو ساٿ
مــحـبـوب رب عــالـم دلـبـر سـچـي جـو ســاٿ

مـايـوسـيـن کـي مــارو سـمـجـھـن گــنـاھ ٿــا
مـونـسـان رهـي ٿـو هـردم رهـبـر سـچي جو ساٿ

انـدر جـي ڪـار اجـري صـلـوات جـي پـڙهـڻ سان
صـلـوات سـان مـيـسـر هــر هــر سـچـي جـو سـاٿ

هـر طـرف ڪـامـيـابـي پـنـهـنـجـا قـدم چـمي پئي
فـيـض رسولﷺ آهـي سـرور سـچـي جـو سـاٿ

هـر حـال ۾ٻـڌي ٿـو مـنـهـنـجـي مـدد ڪـري ٿـو
مونکان نه ٿيو پري پل ڪنهن پر سچي جو ساٿ

احـمـدﷺ جـو نـام پـيـارو اڪـرم جـو ٿيو سهارو
جـڏڙن جـو ٿـيو جـيـارو اطـهـر سـچـي جـو سـاٿ

ادا حـاجـي وڃـين پـهـچين جـڏهـن دلـدار جي در وٽ

ادا حـاجـي وڃـين پـهـچين جـڏهـن دلـدار جي در وٽ
نمـاڻـو حـال هـي منهنجو ڪجانءِ سرڪار جي در وٽ

رڙي روئـي حـيـاتـي مـون گـذاري تـنـهـنجي فرقت ۾
امـيدن تـي گـذاريـان پـيـو پـڄـان سـردار جي در وٽ

سـمـورا ڀـر جھـلا مـونـکان ڀـڄـي بـيـزار ٿـي ويـا سـڀ
ڪسمـپرسـي جـي عـالـم ۾ پـڄـان غـمٽار جي در وٽ

نـه حـيـلـو ڪـو هـلـي مـنـهـنـجـو وسيلو ناھ توريءَ ڪو
ثمـر نـاهي نڪـو سـاٿي رسـان ڪيئن يار جي در وٽ

ڪـرم ٿيـندو وڏو مـونـتي مـحـمدﷺ مـير مـدنـي جـو
سـڏي مـونکي تـه سنڌڙي مان سڄڻ هڪوار جي در وٽ

اسـر آڌي پـيو سـاريـان مـحـمـد ﷺ مـيـر مـدني کي
پڄـي ويندس ڪڏهن مان ڀي مٺي منٺار جي در وٽ

خـطـائن تي خـطـائـون سڀ وينديون ٿـي مـعـاف لحـظـي ۾
فـقـط آ ديـر پـهـچـان مـان سـخـي سـردار جـي در وٽ

ڪـرم اڪـرم مـٿـان يـارو ڪـريـمـن جـو وڏو آهـي
اهو ڀي ڏينهن پري ناهي ڏيندس دم يار جي در وٽ

ڪـيان سـاراھ دلـبر جـي ٻڌو يارو ڪري سڀ ماٺ

ڪـيان سـاراھ دلـبر جـي ٻڌو يارو ڪري سڀ ماٺ
ڪـيان توصيف سرورجي وهوياروڪـري سڀ ماٺ

شـرم ٻـوٽـي ڀـي شـرمـايـو ڏسـي رخ نور عربي جو
اچـي پـيو نـور رخ انـور ڏسـو يـارو ڪري سڀ ماٺ

مـحمـدﷺ مـير جـي آمـد خـدا جي آ ٿي رحمت ڄڻ
سدا صل عـلى دل سان پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ

اهـوئـي ورد مـولـى جـو مـلائـڪ جـن بـشـر جــو آ
وضيفو صل عـلى هر دم ڪيو يارو ڪري سڀ ماٺ

مـحـمـد ﷺ جـي مـحـابـي ۾ گناهن کان ڇٽي وڃبو
ورد صلـوات سهـڻي جـو پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ

عبـادت سـڀ آهـي بـهـتـر درودن لـئـه چـيـو مـولـى
پـڙهان مان ڀي پيو هر هر پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ

سـهـارو مـير مـرسـل جـو هـتي توڙي هُتي گھرجي
وضيفـو نـام مـرسل جو ڪيو يارو ڪري سڀ ماٺ

گـذاري سـنڌ ۾ گھڙيون توکي اڪـرم پيو سـاري
گـھـرائـيندو مـونـکي مدني ڏسـوياروڪري سـڀ ماٺ

رديف (ث)

مـرسل مـٺا تـوري جـئـڻ آهـي عـبـث
سـيـد سـچـاتـوري جـيـئـڻ آهـي عـبـث

ڪرتون ڪرم،رک تون ڀرم،ڪر دور غم
ڪـر تـو سـخـا تـوري جـيئـڻ آهـي عبث

در تـي گـھـرايـو هـڪ دفـعـو آقـا مـونـکـي
نـه تـه دلـربـا تـوري جـيـئـڻ آهـي عـبـث

مـونـتي مـٺا يـا مـصـطـفـى يا مصطفىﷺ
ڪـر تـون عـطـا تـوري جـيئـڻ آهي عبث

مـولـى ڏنـي تـوکـي ڏنـي صـورت سـٺي
اي مـهلـقـا تـوري جـيئـڻ آهـي عـبـث

تـون ابـتـدا تـون انـتـهـا آهـيـن نـبي ﷺ
مـنهنـجـو مـٺا تـوري جـيـئـڻ آهـي عبث

يـا مـصـطـفـى اڪـرم جـو آهـين آسـرو
شـافـي شـفـا تـوري جـيئـڻ آهـي عـبـث

صلوات پڙھه سدا، محشر جو ڪر نه ڊپ

صلوات پڙھه سدا، محشر جو ڪر نه ڊپ
ڪر ورد مصطفىﷺ، مـحشـر جـو ڪر نه ڊپ

ڳـڻتي نه حـشر جـي، مـحشـر ۾ مـير خود
شافي ڪندو شفا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

مـجـرم بـري ٿـيا، مـدنـي جـي در مـڙئـي
روضـي ۾ جـي پـڳا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

انـڌيـرو هو جـھـان، آمد سـان مـيـر جـي
روشـن ٿـيو سـدا، مـحشـر جو ڪر نه ڊپ

اسـلام ڦـهـلـيو اسـلام دنـيـا ۾
آيوجو مجـتبيﷺ، محشر جـوڪـرنه ڊپ

مـرسـل درس ڏنـو وحـدانـيـت جــو
رهـندو سـدا خـدا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

هـو نـور مـصـطـفـىﷺپاڇو نه هو سندس
رب کان نـه هو جدا، مـحشر جـو ڪر نه ڊپ

احـمد ﷺ جـي لـئه خـدا خـود هو چيو ٿيو
منهنجـو آ دلبر مٺا، محشر جو ڪر نه ڊپ

مــرســل اچــي چــيـو آهــي وڏو خــدا
رهندو به بس خدا، محشر جوڪرنه ڊپ

اڪـرم نـه خـوف ڪـر حـامـي ٿـيو سندءِ
هِـت هُت آ مصطفى، محشر جو ڪر نه ڊپ

يـاد ۾ تـون مـصـطـفـى جـي ڪـڍ نه ٻاڦ

يـاد ۾ تـون مـصـطـفـى جـي ڪـڍ نه ٻاڦ
درد دل جـي تـون دوا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

خـوب فـرقـت ۾ اچـي مـونـکـي مـزو ٿـو
مـصـطـفـى جـي هن عطا جي ڪڍ نه ٻاڦ

حـال دل ڄـاڻي سـمـورو ٿـو ڪـريـم
مصطـفى جـي تون سخا جي ڪڍ نه ٻاڦ

انـقـلابـن تـي وڏا هــت انـقــلاب
دلـربــا جـي تـون وفـا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

ڀـاڳ ۾ جـي در مـلـي مـدنـي مـٺي جــو
پـوءِ ڪنهن سان دلربا جي ڪڍ نه ٻاڦ

مـصـطـفـى مـعـراج تـي جـيڪـي ڏٺو هو
ٿـو خـدا ڄـاڻي رضـا جـي ڪـڍ نـه ٻـاڦ

ورد تـو اڪـرم ڪـيـو سـاري حـيـات
بـس عـطـا هـن جي وفـا جي ڪڍ نه ٻاڦ

درد دل آهـي ڏکـائي ڪـيـن نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ

درد دل آهـي ڏکـائي ڪـيـن نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ
يا محمـد ﷺ ڪر ڀلائي ڪين نڪري مون کان ٻاڦ

جـل جـدائي جـا اوهـانـجـي سـور سـيـنـي ۾ سـرن
گـرچ فـرقـت دل جـلائـي ڪـين نڪري مونکان ٻاڦ

واءَ وڇـوڙي جـا وڃـن ۽ واءَ وصـلـت جـا ورن ڪـي
ڪـر ڀـلا تـون ڀـلائـي ڪـين نـڪـري مـونـکـان ٻـاڦ

سـاھ هـن کـي چـاھ توسان تنهنجي چاهت جو خمار
ڪـر مـلـڻ جي ميروائي ڪـين نڪـري مـونکان ٻاڦ

نـور آهـين نـور رهـندين رهـندو قـائم تنهنجو نور
ڪـر عطـا دل کي ضيائي ڪـين نڪـري مونکان ٻاڦ

ڪوڙڪـفـلت قـلب منـهنـجـي مـان ڪـڍوڪينو فتور
نڪري ٻـاهر سڀ ٻيائي ڪين نڪري مونکان ٻاڦ

عـمـر ڀـر مـحـبوب مـدنـي مـان آهـيـان تنهنجو غلام
ڏي تون اندر جي صفائي ڪين نڪري مونکان ٻاڦ

يـانـبـي ﷺ مـونـتـي پيارا تون ڀلايون ڀال ڪج

يـانـبـي ﷺ مـونـتـي پيارا تون ڀلايون ڀال ڪج
بـي وسيلـن جـا سهـارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج

ملڪ منهنجي ۾ هي ماروتون سدا سرها ڪجانءِ
دؤر سـڀ ۾ ٿـيـا ڏکارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج

ٿي گناهن کان ٻڏي ٻيڙي سندم دل جي پئي
تـون پـسائيـندي ڪنارا تون ڀلايون ڀال ڪج

شـان تنهنجو شهنشاهـي سـادگي تنهنجي مگر
شـان قـدرت جـا سـتارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪج

تنهـنجـي در تـان قـافـلا هـڪـڙا وڃن ٻيا ٿا اچن
سـي ڏسـان حـاجي ڀلارا تون ڀلايـون ڀـال ڪـج

تنهنجي چائنٺ کي چميوجنهن بخت بالا انجو ٿيو
اي جڏن جـا جيءَ جـيارا تـون ڀـلايـون ڀال ڪج

صبح سان تنهنجي ثنا سانگي سچا ڪن سدا
ڪـر مدد تـن جيءَ جـيارا تون ڀـلايون ڀال ڪج

ڪـر عـطـا مـونـتي صداتون يا محمد مصطفىﷺ
ٽـوڙ غم جـا سـنگ خـارا تـون ڀـلايون ڀال ڪـج

پـاڪ هـن پـياري وطـن مان دورڪـر رنج و الـم
نـور جـا نـوري نـظـارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج

نـام تنهـنجـو مصطـفـىﷺمنهنـجـو عـلاج

نـام تنهـنجـو مصطـفـىﷺمنهنـجـو عـلاج
ڪـير ڪـندو ٻـيـو مـٺـا مـنـهنـجـو علاج

بـاھ ڀـڙڪـي چـؤطـرف آهـي بـرھه جـي
ڪـر مـسيحـامصطفـىﷺ منهنجو علاج

درد دل جـو ڪــونـه ڄـاڻـي ٿـو حـڪــيم
نـانءُ تنـهنـجـي ۾ دوا مـنـهـنـجـو عـلاج

مـون طـبـيـبـن کـي گـھـڻـو هـت آزمـايو
تـو سـوا نـاهـي شـفـا مـنـهـنـجـو عـلاج

ورد مـنـهـنـجـو ۽ وضـيـفـو آ درود
لـفـظ آ صـل عـلـى مـنـهـنـجـو عـلاج

خـوب اڪـرم ٿـو پـڙهـي تـوتـي درود
تـو ڪـيـو شـافـي شـفـا مـنـهنـجـو علاج

اي نـبـيﷺنـورِ نـظـرمـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

اي نـبـيﷺنـورِ نـظـرمـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ
سـيد الـخـيرالـبشـر مـنهنـجـي رکـو دنـيا ۾ لـڄ

مـون سـتـم ڏاڍا سـٺـا مـون غـم بـه هـت ڏاڍا ڏٺـا
آهـيـان عـاصـي مـگـر مـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

در سـندءِ تان ڪو سـوالـي نـاھه خـالـي ٿـي وريـو
تنهنـجـو اهـڙو آهي در مـنـهـنـجـي رکـو دنيا ۾ لڄ

ذات تنـهنـجـي آهـي اعلى نام تنهنجو ٿيو ڪريم
ڪر ڪـرم تـون سربسر منهنجي رکو دنـيا ۾ لـڄ

دل مـنور ڪـر تون منهنجـي نور پنهنجـي سان نبيﷺ
اي خـدا جـا نـاز ور مـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

حـشر ۾ توڙي هـن جھان ۾ ڪر ڪرم اڪرم مٿي
آهـيان مـان بـي ثمـر منـهنـجـي رکـو دنـيا ۾ لـڄ

محمدﷺجومون لئه آ ديدار سڀ ڪجھ

محمدﷺجومون لئه آ ديدار سڀ ڪجھ
اکين ٺار منهنجو هينئين هارسڀ ڪجھ

وٺـي نـانءُ مـٺـڙو حـيـاتـي گـذاريـان
اهـو منهنجـو شافـي ۽ آڌار سـڀ ڪـجھه

جـئـڻ جو مـزو آھه ذڪـر نبيﷺ سـان
اهـو قـلـب دل لـئه آهـي ٺار سڀ ڪـجھه

ڪـريـان ياد هـر دم مـحمد ﷺ مٺي کي
محمدﷺ جو هر وقت اذڪار سڀ ڪجھ

دلـين ۾ مـحـمـد ﷺ زبان تي محمدﷺ
محمدﷺجـو نـالو اکـين ٺار سڀ ڪجھ

خــدا جــو پــيـارو خــدا جــو دلارو
اسـانـجـو سـهـارو ۽ آڌار سـڀ ڪـجـھـه

نـوازش وڏي ۽ نـظـر نـيـڪ سـيـرت
اسان تي ڪئي خوب دلدار سڀ ڪـجھه

نـبي ﷺ کـي هـو مـعـراج تي رب گھرايو
ويوسهسين ڪري هوته سينگارسڀڪجھ

ٿـيو آسـرو آهـي اڪـرم اسـانـجـو
مـٺو مير مـرسل تـه سر دار سڀ ڪجھه

مـٺو مـحمدﷺ ڪريم آهي سچو ته صادق امين سچ پچ

مـٺو مـحمدﷺ ڪريم آهي سچو ته صادق امين سچ پچ
اسانجو ايمان آهي ڪامل اسانجي دل جويقين سچ پچ

نبيﷺ جي صورت نبيﷺجي سيرت سراپاآهي خداجي رحمت
نبيﷺجوهڪ هڪ ته حرف آ دلپزير۽دلنشين سچ پچ

نـه گـل گـلابـي گـلـن ۾ اهـڙو نـه آسـمـان ۾ قمـر هـو اهـڙو
نبيﷺجھڙو ٿيو نه ٿيندو وري ٻيو ڪو حسين سچ پچ

نبيﷺ اسانجـو ته خوب صورت حسين آهي جميل آهي
جمـال صورت جـمالِ سيرت ۾ آهي ٿيو بهترين سچ پچ

عجب شرف هو مليوته نعت نبيﷺجي لکندي اسانکي يارو
ثنا هـنن جـي ڪـري ڪـمايون ثـواب بـهترين سچ پـچ

سـدائين اڪـرم سـڏي اوهـان کـي ڪرايوزيارت رسول عربيﷺ
دعـا اگـھايو نـبي مـحمدﷺ رسول صـادق امـين سچ پچ

مـصطفى ﷺ محبوب تنهنجو فيض عالمگير آھه

مـصطفى ﷺ محبوب تنهنجو فيض عالمگير آھه
نـام تـنهنـجـو هـر بـلا لـئه نـخـسئه اڪـسير آھه

تنهنجي آمدسـاڻ عـربي ڪـوٽ ڪـسرى جا ڪـريـا
نـور سان تنهنـجـي ٿيو سارو جـهان تنويـر آھه

بـت پـرستن جي تو بستي ۾ ڏنو حق جو پيغام
تـوڪئي نئين سرجهان جي دين سان تعمير آھه

دين تنهنجي جي خدا خود پاڻ ڪئي تعريف آ
ٿـي سـدا تنهنـجـي زبـان قـرآن جـي تـفسير آھه

ٿـو ٻـڌان اڄ چـؤطـرف نـعـرئـي حـق جـي صـدا
هـي ته انـداز بـيـان تنـهنـجـي ڇـڏيـو تـاثير آھه

عـمـر گـذري مـصـطـفـى ﷺ دلـدار اچ

عـمـر گـذري مـصـطـفـى ﷺ دلـدار اچ
دل گـھـري تـوکـي پـئـي ســردار اچ

شــان تـنـهـنـجـو شـهـنـشـاھ کـان وڏو
تـون سـگـھـو مـسـڪـيـن ڏي مـنـٺـار اچ

تــو ســوا ڪــوئــي ســهـارو نــاھه ڪــو
ڪـر مـدد مـنـهـنـجـي مــٺا مـهـنـدار اچ

روز شــب ســڏڙا ڪـــري ٿــو ســـاريـــان
ســار لــھـه مــدنــي ســگـهــو هــڪــوار اچ

مـعـاف ڪـر منـهنجون مدايون مصطفىﷺ
ڪـر ڪـرم پـنهـنـجـو اکـيـن جـا ٺــار اچ

چــنـڊ کــان روشــن ٿــيـو چــهــرو سـندءِ
اي نـظـارا نــور جــا انــوار اچ

خـوب اڪـرم تـي ڪـرم تـنـهـنـجـا ٿـيـا
دلــربــا اي مـصـحــفِ رخــســار اچ

محمدﷺجي عظمت تون قرآن کان پڇ

محمدﷺجي عظمت تون قرآن کان پڇ
هـئي ڇـا حـقيقـت تـون قـرآن کـان پڇ

بـشـيرً، نـذيـرً، ســراجً، مـنــيـرً
مـحمدﷺجـي سيرت تون قرآن کان پڇ

مـحمـدﷺجـھـان ۾ تـه صـادق، امـين آ
نبيﷺجي صداقت تون قرآن کان پڇ

حـسينان عـالــم ۾ ان جــي ضــيا ٿــي
محمدﷺ جي شهرت تون قرآن کـان پـڇ

مـحـمـدﷺسـخـاوت ۾ ڪـيـڏو سـخي آ
نـبي جـي سـخـاوت تـون قـرآن کان پڇ

محمـدﷺتي صلوات اڪـرم پڙهي سڀ
ڪـندو جـو شفاعت تون قرآن کان پڇ

ٿـي وڻـي صدبار مونکي ٿو ڪيان تنهنجي مدح

ٿـي وڻـي صدبار مونکي ٿو ڪيان تنهنجي مدح
مصطفـىﷺپل پل ڪـري منهنجي زبان تنهنجي مدح

خـود خدا تنهنجي ڪئي ساراھه آهي يا شفيع
مان ڪري سگھندس ڀلاڪيئن ڪجھ بيان تنهنجي مدح

آمـنـه جــا لاڏلا، مــولا مــٺــي جـــا دادلا
حمدسان ڌوئي زبان کي ٿو ڪيان تنهنجي مدح

مصطفىﷺجـھڙو نه آيو ڪو نبي نور الهدىﷺ
ٿـو ڪـيان اي شافع هر دو جھان تنهنجي مدح

تـون شـفاعت جو ڌڻي صاحب شفا توکي چوان
جـذبئه دل سـان تڏهن ٿـو مـان لکان تنهنجي مدح

فرش توڙي عرش تي تنهنجي ثنا هر دم هلي
انس، جن، حـورون، ملائڪ ڪن بيان تنهنجي مدح

ورد اڪـرم ٿـو ڪـري هـر دم درود تـاج جــو
ذرھ ذرھ کان جھـان جي ٿو ٻڌان تنهنـجي مدح

صـورت يـاسـيـن آ دلـبـر جـو رخ

صـورت يـاسـيـن آ دلـبـر جـو رخ
مـصـحـف رخـسـار آ اطـهـر جـورخ

آمـد مـهـرو جـي بـاعـث شرم کان
ويـو ڦـري آهـي قـمر انـور جو رخ

جي ٻڌڻ چاهين ٿو تون ذڪرحبيب
ڏس پرهي قرآن تون رهبر جو رخ

صـورت سـبحـان آهـي خوب ڏس
دلـربـا دلـدار ۽ سـرور جـو رخ

نورجي جلون جوجـوڀن مـصطفـىﷺ
ٿـيو سـراپـا نـور آ اطـهـر جـو رخ

قـلـب دل لـئـه روشـنـي آهي ٿيو
يـانـبـي نـورالـهـدى دلـبر جو رخ

آرزو اڪـرم جـي آهـي نـزع ۾
شل ڏسان مان شافع محشر جو رخ

هـر دوجـھـان جـا آقـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

هـر دوجـھـان جـا آقـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ
شيدا ٿـي جنهـن تي دنيا، صل على محمدﷺ

دنيا و دين جي دولت، سڀ ڪجھ مديني آهي
رحـمـت ٿـيـو سـراپـا، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

جـلوو هـو تنـهنـجـو نـوري، مـاھ جـبـين چهرو
عـاشـق هـو تـوتـي مـولـى، صل على محمدﷺ

جـبريل تنـهنجـو دربان، عيسى بـه امـتي آھه
ٿـي الـتـجـائي مـوسـى، صـل عـلـى مـحـمـد ﷺ

ڪسرا جـا ڪـوٽ ڪـرندا، آتش وئي اجھامي
جنهن دم ٿئين تون پيدا،صل على محمدﷺ

آمدسان تنهنجي انور، ٿيو سوجھرو جھان۾،
ٿـي روشـنـائـي هـرجـا، صـل عـلـى مـحـمـدﷺ

انـسـان جـن، فـرشـتـا، تـهـنجا سڀئي فدائي
تـوتـي خـدا ڀـي شـيـدا صـل عـلى مـحـمـدﷺ

اڪـرم کـي شـوق آهـي تـنـهنجي ٿئي زيارت
پـوري ٿـئـي تـقـاضـا، صـل عـلـى مـحـمـدﷺ

هـڪ ڀيرو ڏسـان شـال مان ايوانِ محمدﷺ

هـڪ ڀيرو ڏسـان شـال مان ايوانِ محمدﷺ
چشمن سان چمان خوب گلستانِ محمدﷺ

ويـر ان پـريـشـان رهـي دل ٿـي سـدائـيـن
سـيـنـي ۾ رهـي منهنجي ٿو ارمان محمدﷺ

مـڪـي ۾ هـلي مـير جـي منهنجو جي وڃي دم
مون تي هي وڃي ڪيڏوٿي احسانِ محمدﷺ

هي شمس وقمرتاراڀي ششدرٿي ويا سڀ
جـنهـن وقـت ڏٺـئون چـهـرا تابان محمدﷺ

قـرآن سـڄـو آھـه تـه تـعـريـف نـبـي ﷺ جي
مون کان ڇا ثنا ٿيندي به شايان محمدﷺ

جـو دم بـه رهـان يـار مـان دنـيـا جـو سـلامـي
سو دم ته ڏيان ٿيندي مان قرآن محمدﷺ

اڪـرم کـي ڏي تـوفـيـق لـکـي ويـهـي خـدايا
جـذبـات جـي دريـاهه مـان ديوانِ مـحمدﷺ

يـا مـحمـد مـصطفى ﷺ تون ڪر مدد

يـا مـحمـد مـصطفى ﷺ تون ڪر مدد
يـانبي نورالـهدىﷺتـون ڪـر مـدد

بــي ســهــارو آهــيـن تــون
بيڪسـن جـا ڀر جـھلا تـون ڪـر مدد

ذڪرتنهنجي سان اچي مونکي سڪون
ٿـو پـڙهـان صـل عـلى تـون ڪـر مدد

ڪـرڪرم پنهنجوتون شفيع المذنبين
منـهنـجـي اي هـرعـطـاتـون ڪر مـدد

نـام مـصري کـان ٿـيو تـنهـنـجـو مٺو
آمـنـه جــا لاڏلا تــون ڪــر مــدد

نـور آهـيـن نــور تــون سـيـد ســچـا
مـنهنـجـي مـحبوب خـدا تـون ڪـر مـدد

آسـرو تون آهين ساري جڳ سندو
امـتـيـن جـا آسـرا تـون ڪـر مـدد

نـاھه ڪـو سـانـگـي سـکـيو سـاڻيھه ۾
اي جـھـان جـا ڀـرجھـلا تـون ڪر مدد

قـوم مـسـلـم ٿـي جـھـان ۾ دربـدر
بـخـش ان کـي حـوصـلاتون ڪـر مدد

ٿـو پـڙهـي اڪـرم سـدا تـوتـي سـلام
يـا نـبـي خـيـرالـورا تـون ڪـر مـدد

احمد نـبيﷺکي آهـي هـن بـيقـرار جي سُڌ

احمد نـبيﷺکي آهـي هـن بـيقـرار جي سُڌ
ڪنهن کي ڀلاهوندي هن خاڪسارجي سُڌ

آڌي اسـر اٿـي ٿـو مـرسـل مـٺي کي ساريان
سڀ حال جي رکي ٿو مون اشڪبار جي سُڌ

شـب روز ٿو مـان ساريان نيڻن مـان نير هاريان
مدني مٺا تون لهندين هن حال زار جي سُڌ

الفت نبيﷺسان آهي قدرت جو هي ڪرم آ
مـنهنجـي وٺي پـيو خـود لـيل و نهار جي سُڌ

اڪـرم جـي الـتـجـا آ مـيدان حـشـر ۾ ئـي
سـروراچي تون وٺندين هـن عرضدارجي سُڌ

ڏکــن ڏاڍو ڏکــايــو اڄ ڏيو ســردار ســـڏ ۾ ســڏ

ڏکــن ڏاڍو ڏکــايــو اڄ ڏيو ســردار ســـڏ ۾ ســڏ
مــديـنـي ڏي گــھــرايــو اڄ ڏيــو ســردار ســڏ ۾ ســڏ

گـذاريـان بـي ثـمر سـائـين سـهاري تـي پـيو تنهنجي
سـڄـڻ هـن کـي سـڏايـو اڄ ڏيـو سـردار سـڏ ۾ سـڏ

اسـان جـي سـر تـي سـايـو آهـي مٺا تنهنجي رحمت جو
هـٽـايـو ڪـيـن سـايـو اڄ ڏيـو سـردار سـڏ ۾ سـڏ

اکـين ۾ عڪـس، دل تي نقش ٿـئي صورت سدا تنهـنجي
ائـيـن مـون ۾ سـمـايـو اڄ ڏيـو سـردار سـڏ ۾ سـڏ

نــراســائــي نــهــوڙيــو هــو مــگــر امــيـد تــو ۾ آهــي
ڏکـن ڏانـوڻ وجـھــايــو اڄ ڏيــو ســردار ســڏ ۾ ســڏ

مـحمـد ﷺ جـي مـحـبـت ۾ وڃـي دم مـنهنجو ٿي پرواز
انـهـئَ حـب سـان لـڏايو اڄ ڏيـو سـردار سـڏ ۾ سـڏ

ثـنـا پـوري نـه ٿـي سـگـھندي سـچـي سـردار جي هرگز
لـکـيـم جـيـڪـي اگـھــايــو اڄ ڏيــو ســـردار سـڏ ۾ سـڏ

خـدايـا دل ۾ اڪـرم کـي مـحـمـد ﷺ جـي مـحـبت ڏي
صـدا منـهـنجـي اگـھايـو اڄ ڏيـو ســردار سـڏ ۾ سـڏ

مـرسـل مـٺـي امـيـن جـي گـفـتـار آھ کـنـڊ

مـرسـل مـٺـي امـيـن جـي گـفـتـار آھ کـنـڊ
رحـمـت تـه عــالـمـين جــي گـفـتـار آھه کـنـڊ

مـشـهـور دوجـھـان ٿـي قـيادت رسولﷺ جي
۽ عـرش جـي نـشـين جـي گـفـتـار آھـه کـنـڊ

رهـبر تـه پـنهـنـجـو خـوب مـحمدﷺ مـٺو ٿيو
ان حـق جـي امـين جـي گـفـتـار آھـه کـنـڊ

قــرآن آهــي، خـلـق مـحـمـدﷺ مـٺي سـنـدو
منـهنـجـي تـه مهـه جـبـين جي گفتار آھه کنڊ

سـج، چـند تـارا، ڪـتـيـون ان تـان ٿـيـا نـثار
آقـا نـبـي مـبـين جـي گـفـتـار آھـه کــنـڊ

دنـيا ۾ هـئي رســالـت تـنـهـنـجـي ئي روشني
پـيـغـام دلـنـشـيـن جـي گـفـتـار آھـه کــنـڊ

اڪـرم کي ڪهڙي طاقت جوهوپڻ ڪري سگھي
واکـاڻ مـرسـلـيـن جـي گـفـتـار آھــه کــنـڊ

اڪرم کي ڪهڙي ظاقت جو هو پڻ ڪري سگھي
واکــاڻ مـرسـلـيـن جـي گـفـتـار آھــه کــنـڊ

هـر دم اٿـم سـيـد سـچـا مـرسـل مـٺـا تـنـهـنـجو ڏڍ

هـر دم اٿـم سـيـد سـچـا مـرسـل مـٺـا تـنـهـنـجو ڏڍ
هـر درد جي آهـي دوا مـرسـل مـٺـا تـنـهـنـجـو ئـي ڏڍ

بـيـوس ٿـيـس مجبور مان بيحد پريشان ٿو رهان
مـونکي کـپي ٿـو ڀـرجـھلا مـرسل مٺا تنهنـجـو ئي ڏڍ

صـلـوات ٿـو دل سـان پـڙهـان شـب روز مـان تـوتـي
لـب تـي اٿـم صـل عـلـى مـرسـل مـٺـا تـنهنجو ئي ڏڍ

تـون نـور آهـين ۽ صـفـت تـنهنـجـي بـيـشـڪ نـور آ
آهـي سـدا نـورالـهـدى مـرسـل مـٺـا تـنـهنجو ئي ڏڍ

مـسـڪـيـن ۽ لاچــار کــي بـيـڪـس ۽ بـيـمــار کــي
جـڳ ۾ وڏو آهي سدا مرسل مٺا تنهنجو ئي تنهنجو ئي ڏڍ

طـاقـت زبان کـي ناهـه ڪا طـاقـت قـلـم ۾ نـاهـه ڪـا
پـو ڀي ڪيان تنهنجي ثنا مرسل مٺا تنهنجو ئي ڏڍ

تـعريف رب جي ٿوڪيان توصيف مـرسل پاڪ جي
مونکي کپي صبح و مسا مرسل مٺا تنهنجو ئي ڏڍ

تـنهـنجـي نـوازش ٿـي سـدا مـظـلـوم ۽ مـحـروم تـي
هـر هـڪ بـشـر کـي دلـربـا مرسل مٺا تنهنجو ئي ڏڍ

سـيـرت سـنـدءِ قـرآن آ سـنـت سـندءِ ايـمـان آ
اڪـرم کـي آ صـاحـب شفا مرسل مٺا تنهنجو ئي ڏڍ

لـکي نـالـو سندءِ سـرور ٻڌي جـو ٻـانهن ۾ تعويذ

لـکي نـالـو سندءِ سـرور ٻڌي جـو ٻـانهن ۾ تعويذ
بـلائون دور ٿين اڪـثر ٻـڌي جـو ٻـانهن ۾ تعويذ

منـتـر ڪـو نـه جـادو ڪـو هـلـي انـجـي مـٿـان دلـدار
پـڙهي صلوات ٿو هر هـر ٻڌي جو ٻانـهن ۾ تعويذ

فـضيلت تـوڙي بـرڪت ۾ محمدﷺجو مبارڪ نام
ٿـين بـيمار ٿـا بهـتر ٻـڌي جـو ٻـانـهـن ۾ تـعـويذ

درودن جـي وضـيـفـن کـي پـڙهـي لاچـار بـيـگـانـا
سـمـورا ٿـي ويـا خـشـتر ٻڌي جو ٻانهن ۾ تعويذ

جـھـالـت جـو زمـانـو هـو ۽ بـدعـت جـو زمـانـو هـو
ويـا ٿـي ديـن جـا رهـبـر ٻـڌي جو ٻانهن ۾ تعويذ

ويـا خـوشحال ٿي مـارو پـڙهي ڪلمو محمدﷺتي
اهـو اڪـرم ٿيو خـشتر ٻـڌي جـو ٻـانهن ۾ تعويذ

ذڪــر نـبـي مـصطـفـىﷺ ٿـيـو عـالـم هـو هـو اندر

ذڪــر نـبـي مـصطـفـىﷺ ٿـيـو عـالـم هـو هـو اندر
راز آهــي راز ڇــا ٿــيـو عــالــمِ هــو هـو انــدر

مـسـرور مـاڻـهـون ٿـي ويـا جـو عـالـم هـو هـو اندر
مـحـبـوب آيـو مـجـتـبـىﷺ ٿـيـو عالمِ هو هو اندر

حـق جـو اهو پـيـغـام آ ذڪـر نـبـيﷺ ذڪـرخـدا
ذڪـر نـبـيﷺ خـيـرالـورا ٿـيـو عـالـمِ هـو هو اندر

نـور نـبـي ﷺ نـور خـدا نـاهـي جـدا ڄـاڻـي خـدا
مـحـبوب جـو انـداز ڇـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

رب پـاڪ هردم پاڻ ٿو تعريف مرسل جي ڪري
شـان نـبيﷺ شـانِ خـدا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو اندر

رونق جھان جي مصظفىﷺزينت جھان جي مصظفىﷺ
مـحـبوب جـو نـاز و ادا ٿـيـو عـالـم هـو هـو انـدر

اکـڙيون به اڄ مـرڪي پيون آمد سان مدني مير جي
ومـهـه لـقـا وجـھه لـقـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

بادل وريـا بـارش پـئي رحمت وسي پئي نور جي
ٿـڌڪـار ۾ ٿـي دل صـفـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

قـرآن آهـي شـان ۾ اڪــرم لـٿـو مـحـبـوب جـي
ذڪـر نـبي مـصـطـفـىﷺٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

تـعـريـف مـدنـي جـي لـکـان نـت ڳـولـيان اهـڙا اکـر

تـعـريـف مـدنـي جـي لـکـان نـت ڳـولـيان اهـڙا اکـر
وصـفـون بـيان جـن سـان ڪيان نت ڳوليان اهڙا اکر

هـردم وضـوءَ سـان مـير مـرسـل جـي ثـنا ويهـي لکان
هـر نـعـت کـي زر سـان مـڙهـيان نـت ڳوليان اهڙا اکر

هر شعرمـان خـوشبوءِ اچي عنبر کٿوريءَ جي سڄڻ
اهـڙو لـکـان تـنـهـنـجـو بـيـان نـت ڳـولـيـان اهـڙا اکـر

مـوسـم بـهـاران ۾ مٺـا تـوتـي چـوان مـان نـعـت ٿـو
مـولـود تـنـهـنـجـا ٿـو چـوان نـت ڳـولـيـان اهـڙا اکـر

هرگل کان رنگت مان وٺي، هر گل مان نگھت مان وٺي
مـيـلاد مـحـفـل ۾ اچـان نـت ڳـولـيـان اهـڙا اکـر

شـمـس و قـمـر شـرمـائـيـا، تـارا ڪـتـيـون تائب ٿيا
تـنـهـنـجـا لـکـان نـوري نـشـان نـت ڳـوليان اهـڙا اکر

تـنهنجـي ئي هـستي جي ڪري آهن بڻيا ٻئي جھان
ڏس هـي زمـيـن و آسـمـان نـت ڳـولـيـان اهــڙا اکــر

انـسان، جن، حـورون ملڪ تنـهـنجـي ثـنا مولى ڪري
واضـع ڪـندي ڇـا هـئَ زبـان نـت ڳـولـيان اهـڙا اکـر

ڪـهـڙي نـمـونـي سـاڻ پـورو نـور جـو ٿـيـنـدو بـيـان
اڪــرم تـه آهـي نـاتـوان نـت ڳـولـيـان اهـڙا اکر

مـٺي مرسل محمدﷺ تي چوان صل عـلـى هـر هـر

مـٺي مرسل محمدﷺ تي چوان صل عـلـى هـر هـر
درودن جـو ڪـجـي هـر سـو بـيـان صل علىٰ هر هر

درودن جـا کـڻـي تـحـفـا اُٿـي آڌيءَ اماڻـيـان ٿـو
ڪـرم سـرڪـار جـو آهـي عـيـان صـل عـلى هر هر

عـطـا واري عـطـا اهـڙي ڪـئي آهـي جـو ڇـا چئجي
اٿـي ويـهـي ڪـريـان وردِ زبـان صـل عـلى هـر هـر

دعـاگـو آهـيان اهـڙي نـصـيـبن ۾ اچـي سـاعـت
چـمي مـحـبوب جـي چـائنٺ چوان صل علىٰ هر هر

اسـر آڌي اٿـي ويهـي نـظـارا نـور جـا ڏسـندي
پـريـن جـي پـاڪ نـالـي جي چوان صل علىٰ هر هر

ويهي مسجد نبوي ۾ کڻي نظرون مان روضي ڏي
پڙهي تسبيح سبحـان جي چوان صل علىٰ هر هر

گھـڻي مـدت کـان دل انـدر رهـي ٿـي آرزو اڪــرم
ڏسـي روضـو زبـان تي ٿـئي روان صل عـلىٰ هر هر

دل ٿـي ٿـئي بـيـقـرار

دل ٿـي ٿـئي بـيـقـرار
يــا مـصـطـفـى ﷺ بــار بــار

سـڪـنـدي ٿـيـا ڪيئي سال
وڌنـدو وڃـي انـتـظــار

هـي نـعـت خـوان بـي گـمـان
پـسـندو اچـي تـنـهـنـجـو پار

نـعـتـون لـکـي هـي غـلام
خــوش آهــه لــيـل و نـهــار

ٿــي يــاد ۽ تــات آهــه
خــيـرالـــورا بــــار بــــار

تــو ۾ رکــيـون اي شــفــيـع
اڪــــرم اُمــيـدون هــزار

يـا مـحـمـد مـصـطـفىﷺ جـئَ جـڏڙن کـي جـيـار

يـا مـحـمـد مـصـطـفىﷺ جـئَ جـڏڙن کـي جـيـار
ڪـل مدايـن کـي مـٽـائـي پـاڙي پـنـهنجي ۾ وهـار

تـن ۾ طـاقت ناهـه هاڻي ڪيئن رهان توکان پري
اڄ کڻي نظـرون ڪـرم جـون هڪ دفع مون ڏي نهار

روئـي روئـي رات سـاري ٿـو ويهـي پـرڀـات ڪـيان
ٿـو سـڏيـان سـڪ مـان پـيو سـيد سچا ليل و نهار

ڪـفـر بـدعـت ۽ جـھـالـت جـي خـزائـن کـي ڪـڍي
مـلڪ جـي مـاڻـهـن ۾ آنـدو تـو سـدا آهـي بـهـار

رحـمـت الـعـالـمـين تـوکـي سـڏي سـارو جهان
ڪر ڪرم اڪـرم مـٿان ان جا به ڪر ٻيـڙائي پـار

مـحـمـدﷺ مـٺـا عـشـق پـنـهـنـجـو عـطـا ڪـر

مـحـمـدﷺ مـٺـا عـشـق پـنـهـنـجـو عـطـا ڪـر
ڦـٽل ڀـاڳ مـنـهـنـجـا تـون مـرسـل ڀـلاڪـر

فـقـط يـاد تـنـهـنـجـي، رهـي تـات تـنـهـنـجـي
اهـا دل تـون مـونـکـي تــه مـدنـي عـطـا ڪــر

سـوا عـشـق تـنـهـنـجـي نـه دنـيـا نـه عـقـبى
سـنـدءِ عـشـق ۾ ئـي تـه مـون کـي فـنـا ڪــر

اگــر عـشــق مـرســل جــو انـدر ۾ آهــي
وڃــان پــو مــديـنـي ۾ اهــڙي عـطــا ڪــر

ڏسـي پـاڪ روضـو وڃـي دم هـي نـڪــري
نـصـيـبن ۾ مـنـهـنـجـي تـون اهـڙي وفـا ڪــر

آهـي عـشـق ۾ جـنـهـن ثـمـر جـي ضـرورت
انـهـئَ مـحـبـت جــي دولــت عـطــا ڪــر

چـون يـار اڪــرم مــديـنـي ويــو اڄ
سـنـدءِ نـعـت خــوان جــي نـوازيـل صـدا ڪــر

مـحمـد ﷺ سـان جـنهـن ڀـي ڪيو آهي پيار

مـحمـد ﷺ سـان جـنهـن ڀـي ڪيو آهي پيار
انهـي کـي مـلـي ويـو سـڪـون و قـرار

مـحـمـد ﷺ مـحـمـد ﷺ ڪـيو ورد جـنـهـن
ويـا ان جـا سـمـجـھـو ٿـي ٻـيـڙائـي پـار

آ اول ۽ آخـــر جــو تــوشــئـه مـحـمـد ﷺ
مـحـمـد ﷺ جـي دم ســان هـي لـيـل و نـهــار

مـحـمـدﷺکي دل سان ڪيويادجنـهـن ڀـي
سـو دنـيـا و ديـن ۾ رهـيـو بـا وقـار

انـهـئَ سـاڻ نـيـهـنـڙو لـڳـائـي تـه ڏس
ٿـيـو جـنـهـن تـي عـاشـق تـه پـروردگــار

وطــن ۾ ولـهـارن ڏٺــو ڪـيـن ســک
سـنـدس ديـد ڌاران اچـي ڪـيـئـن قـرار

وســي هــن جـي ايـنـدي ئـي ويـڙهـا ويـا
مـحـمـد ﷺ سـان آيـو تـه گـڏ گـڏ بـهـار

حـقـارت ۽ نـفـرت جـھـان مـان وئــي
مـحـمـدﷺ اسـانـکـي هـو سـيـکـاريـو پـيـار

جـھـالـت ۽ بـاطـل جـون پـارون ڪـڍي
صـداقـت سـنـدو درس ڏئـي ويـو سـچــار

ڏسـي راهـه ڌڻ جــي ڌڻـيـن کـي نـبـئَ ﷺ
جـو گـمـراھ صـديـن کـان هــا هـي ڌنــار

ڪــري ورد اڪــرم ٿــو صــل عــلــى
گــذاري حــيـاتــي پــيـو خــوشــگــوار

سـهـڻـا مـدنـي مـٺـڙا يــار

سـهـڻـا مـدنـي مـٺـڙا يــار
مـنـهـنـجـا ڪـر تـون ٻـيـڙا پـار

تـنـهـنـجـي دل ۾ آهــه تــات
مـنـهـنـجـا جـانـي جـانـب يـار

احمدﷺ احمدﷺ منهنجي وات
وائـيءَ ٻـيءَ ڪـنهـن نـاهـي وار

سـاري تـوکـي ســاري واٽ
نـيـڻ نـهــارن لــيـل و نــهــار

مـرسـل نـاهـيـن مـون کـان دور
هـر دم دل ۾ تـنـهـنـجـي سـار

حــاضــر نــاظــر آهــيـن مــيـر
مـنـهـنـجــا آقــا ۽ ســـردار

تـنـهـنـجـي سـهـاري مـدنـي مٺا
اول آخـــر اڪـــرم يـــار

ذڪـر نبـيﷺ کـان هـر گـز، دلـدار مـنـهن نـه مـوڙ

ذڪـر نبـيﷺ کـان هـر گـز، دلـدار مـنـهن نـه مـوڙ
دنـيـا ۽ آخــرت ۾، هــر گــز نـه پــاڻ ٻــوڙ

گـسـتاخ جـو نبي ﷺ جـو ان کـان پـري ڀڄو سڀ
اُن سـان سـمـورا نـاتـا مـومـن پـنـهـنـجـاتون ٽوڙ

مـولى جـي خـوشنودي لئـه ذڪر نبيﷺ تون ڪر
هـر دم پـڙهـي صـلـواتـون نـاتو نبيﷺ سان جوڙ

تـوفـيـق گـھـر خـدا کـان وردِ درود ڏي
بـيـشـڪ درود تـوکـي پـهـچـائـيـنـدو تـه تــوڙ

شـافـع شـفـا مـحـمـد ﷺ مـحـشـر ۾ آهـي جـو
آڌار ٿـيـنـدو اڪـرم نـاتـو تـون ان ســان جــوڙ

خـدا جـي تـون ڄـاڻـيـن ٿـو وحدت جو راز

خـدا جـي تـون ڄـاڻـيـن ٿـو وحدت جو راز
خـدا تـنـهـنـجـي ڄـاڻـي حـقـيـقـت جـو راز

ڪـريـون هـنـجي خـاطر ٿا سجدا ڌڻيءَ در
مـحـمـدﷺ سـان الـفـت ريـاضـت جـو راز

مـحبـت مـحمـدﷺجي جـنهـن دل ۾ نـاھه
اهـو ڪـيـئـن سـمـجـھـي ولايـت جــو راز

خـدا خـود جـنـهـيـن تـي ٿـيـو آهـي شـيدا
اهــو پــاڻ ڄــاڻـي رســالــت جــو راز

نـصـيـب آهـه جـنـهـن کـي نـه ايـمــان ذرو
نـه سـمـجـھـي ئي سگھندو شفاعت جو راز

سـڏائـي نـه عـالـم جـو عـابـد ڪـڏهـن
نـه سـمـجھـي سـو سـگھيو رسالت جو راز

درود آهـه جـنهـن ڪـين دل سان پڙهيو
نـه سـمـجـھـي سـو سگھندو عبادت جو راز

اهـا مـهـر اڪــرم مـٿـان خــاص آهــي
ڏنـو جـنهن کي پـنهنجـي شريعـت جو راز

مـهلـقــا مــدنـي مــٺا مـونـکـي ڪـيو اڄ سـرفـراز

مـهلـقــا مــدنـي مــٺا مـونـکـي ڪـيو اڄ سـرفـراز
سـاري جـڳ جـا بـادشـا مـونکـي ڪـو اڄ سـرفـراز

تـنـهنجـي خـزانـي ۾ ڪمي ناهي رهي ڪا بادشاه
ڪـر عـطـا پـنهنـجـي سخا مونکي ڪيو اڄ سرفراز

سـاري عـالـم جـو ڌڻـي تـوکـي ڪـيـو پـروردگـار
در اوهـانـجـي ٿـي صـدا مـونـکـي ڪـيو اڄ سـرفراز

اسـم تـنهنـجـو پـاڪ آهـي ذات تـنهنجي نور آهي
اي حـبـيـب ڪـبـريـا مـونـکـي ڪـيـو اڄ سـرفـراز

تنهنجي قدمن تان ڪيان قربان پنهنجوجا مال
ڪـر ڪـرم بـحـر عـطـا مـونـکـي ڪـيـو اڄ سـرفـراز

نـفـس دل سـنـدم جـــو آهـــي مــدام
سـي ڪـڍي سڀ وسوسا مونکي ڪيو اڄ سرفراز

آهـه اڪـرم در اوهـانـجـي جـو گـدا گـولـو غـلام
نـاتـوان جـا آسـرا مـونـکـي ڪـيـو اڄ سـرفــراز

مـحـبـوب اي مـدنـي مـٺـا هـت ڪـونـه هـلـي ڪـو مـنهنجو وس

مـحـبـوب اي مـدنـي مـٺـا هـت ڪـونـه هـلـي ڪـو مـنهنجو وس
هـت ڪـونـه ٻڌي ڪـومنهـنجي صدا هت ڪونه هلي ڪومنهنجو وس

مـنهنـجـي گـھڻو ٿي دل ته گھري پر آهيان ٿيو مان ڏاڍو پري
ديدار ڪيو پنهنجو پاڻ عطا هت ڪو نه هلي ڪـو منهنجو وس

لاچـار آهـيـان، مـجـبـور مـان، هـن حـال جـي تـوکـي خـبـر
پنهنـجـي عـنايـت ڪـر سـدا هـت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس

هــن ڏيـھـه مـان ڏولاءَ ڪـڍ ڏوٿـي ڏکــارن تـان ڏمــر
هـر طـرف کـان مـارو مُـٺـا هـت ڪـو نـه هـلـي ڪـو مـنهنجو وس

خـوشحـال وطن ٿي سنڌوڃي بستيون ٿي سڄون شاداب وڃـن
سـاڻيھه کـي اهـڙي ڪـريو دعا هـت هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس

سـنڌڙي کـان سڏايو مـونکي سـگھو فرقت ۾ رهي ٿو جئُ جڏو
مرسل نه ڪيوپل مونکي جدا هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس

مـحـبوب خـدا جـو آهـيـن تـون هـي سـاري خـدائي تولئه ٺهي
تـون نـور نـسورو نـور خـدا هـت ڪـونـه هـلي ڪو منهنجو وس

دنـيا ۾ جـئان جـو دم اي مـٺا صـلـوات پـڙهـان مان توتي سدا
شب روز پڙهان پيو صل على هت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس

سائـين سـهـارو تـنهنجـو سـجھي دنـيا ۽ حـشـر ۾ مونکي پيو
تـوکـانـسوا ٻـي واهـه نـه ڪـا هت ڪو نه هلي ڪو منهنجو وس

اڪرم تي ڪرم ڪرپنهنجو شفيع ڪر فضل عطاتون ان کي ربي
ڪـر تـون مـدد سـرور سـچـا هـت ڪونه هلي ڪو منهنجو وس

عـالم سـڄـو آهـي ڪـيـو مـدنـي مـٺـي مـنـٺـار خـوش

عـالم سـڄـو آهـي ڪـيـو مـدنـي مـٺـي مـنـٺـار خـوش
گـوندر ويا سڀ غم ويا عالم ڪيو سرڪار خـوش

آ تو شـئه هـر دوجـھـان جـو نـالـو مـحـمـد ﷺ مـير جـو
هـرهـڪ مـصـيـبـت ۽ بـلا ٽـاري ڪـيو غـمـٽـار خــوش

مـاکـي ڪـنان آهـي مـٺو مـرسـل مـٺي جــو نــام ٿـيـو
هـر دم پـڙهـان صـل عـلـى مـونکي ڪيو مختار خوش

آيـو مـحـمـد مـصـطـفـى صـل عـلى جــو غــل ٿــيو
هـن ورد سـان قـلـب کـي احـمـدﷺ ڪيو اظهار خوش

ٿـي رحـمـت الـعـالـمـيـن آيـو حـبـيـب ڪــبـريــا
ويــران بــسـتـين ۾ ڏسـي مــارو ٿـيا هـر وار خــوش

مـحـبوب کـي هـو خـود خدا ديدار لئه پنهنجي گھرايو
مـرسـل مـٺي جـو ئـي ڏسـي مـولى ٿيو سينگار خوش

اڪـرم مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ جـھـڙو سڄڻ ناهي ٿيو
ديـدار جـنهن جي سان ٿيو عالم سڄو هڪوار خوش

پـسـائج مصـطـفـىﷺ پـنهنـجـو لـقـا خاص

پـسـائج مصـطـفـىﷺ پـنهنـجـو لـقـا خاص
ٿـئي مـونـتـي مــٺـا مــدنــي عـطــا خــاص

گـھـرائي صـحـن پـنهـنجـي ۾ رهـائـيـنـدو
سـڄـڻ شـفـقـت ڪـندو سـرور سـخا خاص

زمـانـي جــي ڪــيو گــردش آ حـيـران
ٿـيا خــوش حــال اگــھـايـو هــي دعـا خــاص

دوا دارون حـڪـيـمـن وٽ سـجـھـي ڪـيـن
مـٺـا مـدنـي کـپـي تـنـهـنـجـي شـفـا خـاص

پـڪـاريـان ٿـو وٺـي نـالـو مـحـمـد ﷺ جـو
دوا آهــي دعــا آهــي شــفـا خـــاص

مـونـکـي تـه آهـه پنهنجي دلدار سان غرض

مـونـکـي تـه آهـه پنهنجي دلدار سان غرض
سرور سـچي مـحمد ﷺ سردار سان غرض

ٿـي يـاد تـات دل ۾ شـب روز مـصـطـفـىﷺ
مـنـهـنجـو تـه يـار آهـي مـختار سـان غرض

دنـيا جـون نـعـمـتون ۽ آخـرت جــون ســڀ
مـاڻڻ چـاهين ته رک تون غمٽارسان غـرض

دنـيا تـوڙي مـمـاتـي الفت رسول ﷺ سان
انـجـي ڪـري رکـانـٿو دل ٺـار سان غرض

روزيءَ جــو آهــه ذمــو پــروردگــار تــي
تون رک پياري مـرسل مختار سان عرض

نـالــو مـٺو مـحـمـد ﷺ هــر درد جــي دوا
بـيـشـڪ دوا شــفـا جــو آ يـار سـان غـرض

نـاهـي سڪـون هـر گـز ذڪـر نـبـي ﷺ سـوا
يـادِ نـبيﷺجـي رک تون ڪم ڪار سان غرض

اڪــرم مـعاف تـوتـان مـولـى ڪـيا تـه ڪم
صـلوات وردڪـرتـون رک يـار سـان غـرض

لـکـان ٿـو سـنڌ مـان سـهڻي سچي سردار کي مان خط

لـکـان ٿـو سـنڌ مـان سـهڻي سچي سردار کي مان خط
هيئين جي هار کي مان خط اکين جي ٺار کي مان خط

حـقيقـت حـال هـي سـارو هوائون نيو مـحمدﷺ ڏي
پـڙهـي صـلـوات هـر هـر ٿـو لـکـان دلـدار کـي مـان خـط

پڪـاريان ٿو پرين توکي سدا ساريان سڄڻ توکي
سـچـائي جـو جـدائي جـو لـکـان مـهـندار کـي مـان خـط

هـوائـون روبـرو مـنـهـنـجـو ڏجـو احـوال سـاري سـڀ
لـکـان روئـي رڙي جـيـڪـو رخ انـوار کـي خــط

نـه گذري ٿـي گـھـڙي هـاڻـي وڇوڙي ۾ محمد ﷺ جي
وڇوڙي جـي حقيـقـت جـو لـکـان مـنـٺار کـي مـان خـط

جـدائـي جـل ڇـڏيـا ٻـاري اوهـانـکي دل سدا ساري
مـحـبت جـي تـه جـذبي سـان لـکـان دلدار کي مان خط

مـحـمدﷺ ئـي مـحـمدﷺ جـي اٿـم نـت وات ۾ وائـي
دلــي جـذبـات الـفـت سـان پـڳـدار کــي مــان خـط

گـھـرايـو مـير مـدني اڄ سڏي سنڌ مان ته اڪرم کي
لـکـان دل جي حقيقت ٿو هيئين جي هار کي مان خـط

ڪـر ورد صـل عـلـى جـو هـر درد کـان ٿـي مـحـفوظ

ڪـر ورد صـل عـلـى جـو هـر درد کـان ٿـي مـحـفوظ
وٺ نام مصطفىﷺجـو هـر درد کـان ٿـي مـحـفـوظ

دنــيا ۽ آخــرت ۾ ٻــيـڙا ٿـي پــار ويـنـدا
ڪـر ورد مـجتـبىﷺ جـو هـر درد کـان ٿـي محفوظ

مـولـى ورد ڪـري ٿـو صـلـوات خـود سـڳـوري
پـڙهـه نـام دلـربـا جـو هـر درد کـان ٿـي مـحـفـوظ

آهــي هِــتي ســهــارو آهــي هُــتي ســهــارو
پــڙهـه نـام دلـربـا جــو درد کــان ٿـي مــحـفــوظ

قـسـمـت ۾ ڪـامـيـابـي قـدرت لـکـي آ مـنـهـنـجي
اڪرم ٿي مصطفى ﷺ جـو هر درد کان ٿي محفـوظ

مـرسـل مـٺي جـي آهـي، ديـدار جـي طـمع

مـرسـل مـٺي جـي آهـي، ديـدار جـي طـمع
دل ۾ رهـي سـدائـين دلـدار جـي طـمـع

احـمـدﷺ جـي ديـن کــي ئـي، مـولى پسند ڪـيو
تـڏهـن رهي ٿـي دل ۾، تـنـهـن يارجي طمع

انـسـان جـن، مـلائـڪ قــربـان ســڀ ٿـين
دل ۾ رهـي ٿـي زيارت، سـرڪـار جي طمع

مـحبوب جـي حـقيقـت ، قـرآن مـان پـڙهو
هـر هـڪ پـو رکـندو دل ۾، انـوار جـي طمع

هــر ســو بـهـار آهــي، هــر ســو قــرار آ
هـر وقـت رهـي ٿـي دل ۾، گـلـزار جـي طمع

مـارن ونـڊون ورهـايـون مـحبوب جي آئي
پـوري ڪـئي جـنهـن هـر، لاچـار جي طمع

اڪـرم جـي الـتـجـا آ هـر بـار مـصـطـفىﷺ
جـلـوو پـسـايـو دل ۾، ديـدار جـي طـمـع

آمـنـه جـي لاڏلـي مـنـٺار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ

آمـنـه جـي لاڏلـي مـنـٺار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ
دلـربـا ۽ دادلـي دلـدار ڪـئـي دل بـاغ بـاغ

عـشـق بس محبوب سان آهي ڪئيو پروردگار
تنهن نبي نورالهداﷺ انـوار ڪـئي دل بـاغ بـاغ

جـنهن ڏنـو تـحـفو اسـانکي آهـي هـي ام الڪتاب
دؤر ان جو مون ڪري صدبار ڪئي دل دل بـاغ باغ

هـر انـڌيـري کـي مـٽائـي جـنهـن مـنور هو ڪيو
وسوسا دل مان ڪڍي مهندارڪئي دل باغ باغ

دؤر دوران چـوطـرف هـو ڪـفر بدعت بي حساب
وقـت اهـڙي ۾ اچـي سـردار ڪـئي دل باغ باغ

ساري جڳ جنهن کي مڃيوپنهنجوهوصادق امين
قـاسـم و ڪـوثـر انـهيءَ دلدار ڪئي دل بـاغ بـاغ

جـو ڪـري ويران بستين کي وري شـاداب ويو
رحمت حق گل سندي گلزار ڪئي دل بـاغ بـاغ

يـاد اڪـرم کـي رهي هـردم سندءِ ٿـو نـام يـار
نام تنهن برڪت ڀرئي هربار ڪئي دل باغ باغ

خـدا جـي خـدائـي جـو اسـرار صـاف

خـدا جـي خـدائـي جـو اسـرار صـاف
مـحـمـدﷺ مـٺو آهـي اظـهـار صـاف

امـيـن اهـڙو آيـو، نـه ايـنـدو وري
ڪئي جنهن سدائين آ گـفـتارصاف

ڏکـيا مـرحـلا آيـا ڪـهـڙا کڻـي
مـگـر فـيصـلا ڪـيـا هـا دلـدار صـاف

سـدا حـق پـرستي هو شيو و سندن
ٻـڌايـائـون حـق جـا تـه افـڪارصاف

قـدم هـر قـدم تـي هـاثـابـت قـدم،
نـبي حـق سـندي هـو تـه تلوار صاف

غـريـبـن يـتـيـمـن جــو وراث ولــي
نـبـيـن سـڀـن جـو تـه سـردار صـاف

وڏا ڀـاڳ مــارن جــا آهــن ٿــيـا
مـحـمـد ﷺ مـلـيـو آهـه دلـدار صـاف

مـحـمـدﷺ مـٺـو هـو ڄـمـندي ڄام
سـنـدس لاءِ رب جـو آ اظـهـار صـاف

اچـي عـرض اڪـرم جـو مـدنـي اگـھاءِ
پـسـائـج پـريـن مونکي ديدار صاف

تـنـهنـجـو پـريـن پـيارا مـاري فـراق

تـنـهنـجـو پـريـن پـيارا مـاري فـراق
تنهنجـو سـچا سونهارا ماري پيو فراق

سـنڌڙي مـان مـونکي سائين سگھڙو گھراءِ
جندڙي جا جيءَ جـيارا ماري پيو فراق

سـاٿي نـه ڪـو ثمر ۽ زر مال ڪو نه آهي
تنهنـجي ئي سڪ سچـارا ماري پيو فراق

دنـيا سـڄـي سـلامـي تـنـهنجي در مدام
تـنهنـجـو مـونـکي دلارا ماري پـيو فـراق

دل ۾ تـه آس تـو وٽ اچــڻ جـي بـس
هـيڪـر ڏسـان مـنـارا مـاري پـيو فراق

روضـي رسـولﷺ جـو آ مـنـظـر عـجـيـب
نـوري پـسـان نـظـارا مـاري پـيـو فـراق

اڪرم جي لاء احسن گھريون دعائون جي
پـوريـون ڪـريـو پيارا ماري پيو فراق

ماري ٿي تنهنجـي فرقت هردم رسـول پاڪ ﷺ

ماري ٿي تنهنجـي فرقت هردم رسـول پاڪ ﷺ
مـون تـي ڪيو عـنايت هـر دم رسول پاڪ ﷺ

سـاڻـيھه ۾ ٿـا سـانـگـي تـوکـي سـاريـن اڄ
توسان رکـن ٿـا الفـت هـر دم رسول پاڪ ﷺ

هـن ڏيـهـه جـا ڏکـويـل تـوڏي پـيـا ڏسـن
تن تي ڪيو ڪا شفقت هردم رسول پاڪﷺ

مـارن سـان هـت بـرايـون بيحد وڌي ويون
تـنهنجـي کـپي قـيادت هـردم رسول پاڪﷺ

قــرآن کـي صـفــا اڄ دنـيـا وســاريـو
سيني ۾ ڏي هدايـت هـر دم رسـول پـاڪﷺ

ٿـي ذات نـور تـنـهـنـجـي قــرآن نــور آ
مـاڻهن کي ڏي بصيرت هردم رسول پاڪ ﷺ

راھ نـجـات آهــي ســنـت رســول ﷺ جــي
هـر قـول ۾ حـقيقـت هـردم رسـول پـاڪﷺ

سـالـن کـان جـي هـا جـاهـل بـاطـل پـرسـت
تـن مـان ڪڍي جھالت هردم رسول پاڪ ﷺ

شـافـي ڪـندو شـفـاعـت اڪـرم کـي آ يقين
نـيندو سـوپـاڻ جـنـت هر دم رسول پاڪ ﷺ

مـصـطـفى نـور انـور سـلامـن عـلـيـڪ

مـصـطـفى نـور انـور سـلامـن عـلـيـڪ
شـافـع روز مـحـشـر سـلامـن عـلـيـڪ

يـانـبـي يـانـبـي يـا حـيـات الـنـبـي ﷺ
نـيـڪ خـو پـاڪ پـرور سـلامـن عـلـيـڪ

مـرحـبا مـرحبا مصظفى ﷺ مصظفىﷺ
دادلا دل جــا دلــبـر ســلامــن عـلـيـڪ

مـجـتـبـىﷺ مـجتـبىﷺيا حبيب خدا
صـاحـب حـوض ڪـوثـر سـلامـن عليڪ

سـورت الـمنـتـهـى کـان بـه اڳـتي وئـين
ٻـن جھـانـن جـا سـرور سـلامـن عـليڪ

يـا جـمـيـل الـشـيـم يـا شـفـيـع الامـم
شـاهـه مـحـبـوب داور سـلامـن عـلـيـڪ

آرزو آهـه اڪـرم جـي روضـي اڳـيـان
مـان ڪـيان پيش سرور سلامن عليڪ

مـحـبـت ۾ احـمدﷺ جي تون چشم نم رک

مـحـبـت ۾ احـمدﷺ جي تون چشم نم رک
فـقط دل ۾ سـانـڍي مـحمـدﷺ جـوغـم رک

نـظر سـاڻ تـنهنـجـي ٿيس نعت خوان مان
آهـيان بـي سـهـارو تـون دسـتِ ڪـرم رک

سـڏايـان ٿـو عـاشـق مـحـبـوب تـنـهـنـجـو
خـدارا مـحـمـد ﷺ مـٺـا تـون ڀـرم رک

هـڻـان هــام ڪـهـڙي گـنـهـگــار آهــيـان
هِـتـي ۽ هُـتـي شـرم مـنـهـنـجــو ڀـرم رک

جـھـان جـي غـمـن کـان بـچـائـي رکو بـس
فـقـط دل ۾ پـنـهـنـجـو تـه مـنهـنجي الم رک

درودن جـا تـحـفـا ڪـري يـار مـالـهـون
محمـدﷺڏي موڪل تون ڪم سان ته ڪم رک

وٺـي نـام احـمـد ﷺ پـيـارو تـون اڪــرم
زبـان تـي تـون صـلـوات کـي دم بـدم رک

عـجـب آهـه احـمـد جـي الـفـت جـو رنـگ

عـجـب آهـه احـمـد جـي الـفـت جـو رنـگ
ڇـا نـور احـمـدﷺ جـي صـورت جو رنگ

قـدم سـان نـبـي جـي ٿـي پـرڀـات وئـي
ڏسـي رات ٿـي گـم تـه قـدرت جـو رنـگ

کـلـيا ڀـاڳ تـن جـا جـي ڀـٽـڪـيل هـئـا
ويو چمڪي تن جي تـه قسمت جو رنگ

جـھـالـت ۾ جـيـڪـي ويـا جـھـور ٿـي هــا
انـهـن مـان ڪـڍيو تو جھـالـت جـو رنگ

مـعـطـر ويـو ٿـي سـڄـو عـرش فـرش
زمـانـي ۾ تـنهنـجـي هـو نـگـھت جو رنگ

هـو مشـرق مــغـرب سـندءِ نـور
هو احمدﷺئي احمدﷺجي شهرت جو رنگ

هــو اڪــرم جــو آيـو وطـن ۾ نـبـيﷺ
ورتـو آهـه ڌرتـي بـه جـنـت جـو رنـگ

مـحــبـوب سـڄـڻ يــار لـهــو ســار الله لـڳ

مـحــبـوب سـڄـڻ يــار لـهــو ســار الله لـڳ
ڪـــر ڌار نــه بــيــمــار لــهـــو ســــار الله لڳ

سـالـن کـان ٿو سنبران پـيو مـن ڀاڳ کلـي شـل
مـنـهـنـجـي سـدا هـر بـار لـهـو سـار الله لـڳ

ڪـو ڪـم نـه چـڱـو آھـه ڪـيان نـاز مان جنهن تي
آهـي تـه سـنـدءِ ســار لــهــو ســار الله لــڳ

تـوفـيـق ڏنـي رب ڪــرم آھـه نـبـي ﷺ جــو
تـنـهـنـجـا ڪـيـان اذڪــار لــهــو ســار الله لـڳ

صـلـوات سـڳـوري کـي ڪــيـان ورد ٿــو هــر دم
آهـيـن يـاد هـر بـار لـهـو سـار الله لــڳ

جـو دم بـه مـان زنـده جـي جـھـان ۾ رهـان دلـبـر
ســودم تـه ڪــيـان اذڪــار لــهــو ســار الله لــڳ

اڪـرم تـي ڪـرم تـنهنـجـو ٿـيـو خـوب سـدائين
رک ســاڻ تـون سـرڪـار لـهـو سـار الله لــڳ

ديـدار ڪــراءِ شــاهه مـڪـي مـدنـي الله لــڳ

ديـدار ڪــراءِ شــاهه مـڪـي مـدنـي الله لــڳ
هـر گـز نـه ڪـجــان تـون دل شـڪـنـي الله لــڳ

سيني ۾ طلب تنـهنـجي مان طالب آهيان تنهنجو
ڪـر ڪـين جـدا هـاڻ تـون ذولـمـنـني، الله الـڳ

رحـمـت تـه سـنـدءِ سـاري ئـي عـالـم جـي مٿان آ
ڪـر بـخـش گـناھ مـونـکي هي بت شڪني الله لڳ

اڪــرم جـا سـڀـئي درد ڪـريـن دور خـدا يـا
ڏي دل ۾ مـحـمـد جـي جـلـوھ فـگني، الله لـڳ

رهي ٿي روح کي هر دم محمد مصطفىﷺ جي تانگھه

رهي ٿي روح کي هر دم محمد مصطفىﷺ جي تانگھه
سـتائي ٿـي پئي دم دم محـمد مـصطـفىﷺجي تانگھه

نـه ساعت ٿي سري هڪڙي ڪيان پيو ياد مرسل کي
سدا رهندس پئي تا دم محمد مصظفىﷺجي تانگھه

خـدايـا تـو ڏنـو مـونـکـي مـٺـي مـحـبـوب جـو ئـي عـشق
رهـي دل ۾ سدائـين غم محمد مصظفى ﷺ جي تانگھه

وضـيفـو صل على آهـي لبن تي منهـنجـي ئـي شب روز
اهـا مزدوري ٻيو ٿم ڪم محـمدمصظفىﷺجي تانگھه

وٺـي نـالـو مـٺـا تـنـهنـجـو پـيو اڪـرم رهـي پُـر ڪـيف
سـدائين چـشم آهي نم محمد مصظفىﷺ جي تانگھه

ڏنـد احـمـد جـا ڏسـي ڪـريـو گـوهـر جـو اگـھـه

ڏنـد احـمـد جـا ڏسـي ڪـريـو گـوهـر جـو اگـھـه
لـب مـحـمـد جـاپـسـي ڪـريـو احـمـر جـو اگـھـه

ورد تـنهنـجـي ۾ مـٺـا آھـه شـيـريـن خـوب ٿـي
مـٽ نه اڪرم هـو ٿـيـو شـهـد ۽ شـڪـر جـو اگھه

جـي اڱـڻ تـي پـير تـون دلـربـا مـنهنجي رکين
مان وڃـان ڀلجي ته سچ مشڪ ۽ عنبر جو اگھـه

مصطـفىﷺ يا مصطـفىﷺپنهنـجـي تـون رنـگ مـان رڱ

مصطـفىﷺ يا مصطـفىﷺپنهنـجـي تـون رنـگ مـان رڱ
يـا نـبي خـيـرالـورا پـنهـنـجـي تـون رنـگ مـان رڱ

صـل عـلـى جـي ورد جـو نـشـو عطا ڪر يا نبيﷺ تون
ٿـو پـڙهـان صـبح و مـسا پنهنجـي مٺا تون رنگ مان رڱ

روز شـب نـالـو مـٺو يـا مـصـطـفىﷺتـنـهـنجـو وٺـان ٿـو
ورد لـب تـي صـل عـلـى پـنـهنـجـي مـٺا تون رنگ مان رڱ

هـر نـظـارو ٿـي حـسـين آمـد سـان تـنهـنـجـي مـير ويـو
صـد مـبارڪ مـرحـبا پنـهنـجـي مـٺا تـون رنـگ سـان رڱ

در سـندءِ آهــيان نــوڪــر ۽ غــلامــانِ غـــلام
ٿـو ڪـريان تنهنـجـي ثنا پنهنجي مٺا تون رنگَ مان رڱ

رحـمـتون ئـي رحـمـتون هـت چـؤطـرف مـارن مٿان ٿيون
ريءَ قدم رحـمت نـمـا پـنـهـنـجـي مٺا تون رنگ مان رڱ

ڇـا ڪـريان تـعريف تنهنجي حسن جي محبوب مان اڄ
تـوتـي عـاشـق خـود خـداپـنهنجي مٺاتون رنگ مان رڱ

ابـتـدا تـون ديـن جــي ۽ انـتـهــا تــوتــي رســالــت
راز ڄــاڻـي ٿـو خـداپـنـهـنـجـي مـٺا تـون رنـگ مـان رڱ

نـعـت گـو اڪـرم اوهـانـجـو ٿـو سـڏائـي يـا نـبـيﷺ اڄ
تون ڪندين منـهنجـي شفا پنهنجي مٺا تون رنگ مان رڱ

زيـنـت ڪـونـيـن فـخـر انـبـيـا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ

زيـنـت ڪـونـيـن فـخـر انـبـيـا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ
رحـمـت حـق سـرور هـر دوسـرا مـنـهـنـجـو رســول ﷺ

ســورت يــاســيـن و طـــهٰ ۾ جـنـهـنــجــو شــان آ
سـو نـبـي سـهـڻـو محمد مصطفىﷺ منهنجو رسول ﷺ

جـنـهـن جـي بـخـشـش ۾ جـھـان ساري کي آهي آسرو
حـشـر ۾ سـو شـافـع روز جـزا مـنـهـنـجـو رسـول ﷺ

انــبـيـا جــي پـڻ امــامــت جــو کـنـيو جـنـهـن بـارســو
پـيـشـوائـي دوجـھــان و رهــنـمـا مـنـهـنـجـو رسـولﷺ

بـي سـهـارن جـو سـهـارو ٿـي جــو ايـنـدو حـشـر ۾
سو محمدمصطفىﷺ مشڪل ڪشا منهنجو رسول ﷺ

شـان مـيـر ڪــاروان جــو شـهـنـشـاهــن کــان مـٿـي
آهــه خـتـم الـمـرسـلـيـن سـو بـرمـلا منهنجو رسولﷺ

سـر زمـيـن يـثـرب و بـطـحـا کي بخشيون جنهن شرف
پاڪ پيرن وارو سو هو مـصـطفىﷺ مـنهـنجو رسولﷺ

مـلـڪ ۾ عـيـدون ٿـيـون مـاڻـهـو ٿـيـا مـسـرور سـڀ
صـد مـبـارڪ سـڀ جـون صـل عـلـى مـنهـنجو رسولﷺ

جـو حـمـايـت حـشـر ۾ اڪـرم ڪـنـدو عـاصـيـن اچـي
سـو شـفـيـع الـمـذنـبـيـن آهـي ادا مـنـهـنجو رسولﷺ

الله لـڳ حـبـيـب خـدا مـيـر مـرسـل

الله لـڳ حـبـيـب خـدا مـيـر مـرسـل
ٻــڌ عــرض ۽ الـتـجــا مـيـر مــرســل

جـھـان ۾ اوهـانـجـو نـه ڪـوئـي مـثـال
نـه ثـانـي ڪـو تـنـهـنـجـو مٺا مير مرسل

سـندءِ يـاد دل ۾ زبـان تـنهـنـجي ذاڪـر
ٻـئـي تـولـئه وقـف ثـنا مـيـر مـرسـل

اوهــانـجــو بـدن نـور ئـي نـور آهــي
۽ چـهـرو سـندءِ ٿـيـو ضـيـا مـيـر مـرسل

خـدا ڀـي ثـنـا خوان جڏهن تنهنجو آهي
ڪري مان ڇا سگھندس ثنا مير مرسل

وڃـان ڇـو سوالي ٻـئي جـي مان در تــي
کلـيـل تـنـهـنـجـو در دائـمـا مـيـر مرسل

سـخـي ڪـر سـخـاوت وڃان مان نه خالي
سـندءِ درجـو آهـيـان گـدا مـيـر مـرسـل

مـديـنـي ۾ جـلـدي گـھـرايـوم آقــا
اهــا پـوري ڪـر مـدعـا مـيـر مـرسـل

اٿـم دل ۾ شــوق زيــارت اوهــانـجــي
پـسائـج تـون پـنهنـجو لقـا مـير مـرسل

گـناهـن جـي گـرداب ۾ ڦـاٿـي ٻـيـڙي
سـگـهـو بـڻـجـي اچ نـاخـدا مـيـر مـرسـل

سـدا اشـڪـبار آهـي اڪـرم هـي عـاصـي
انـهـيءَ تي ڪـرم جي عـطـا مـيـر مـرسـل

پـنـهـنـجـن کـي گـھـرائـيندو سرڪار مديني ۾

پـنـهـنـجـن کـي گـھـرائـيندو سرڪار مديني ۾
مـهـمـان رهـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

صـلـوات پـڙهـي جـيـڪـو سرڪار مٿان دل سان
ان کـي تـه سـڏائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

مـرسـل جي نظر سان گڏ مرشد جي نظر گھرجي
جنـهـن مـهـل سـڏائـيـندو سـرڪــار مـديـني ۾

هـر سـمـت تـجـلـيـون ۽ هـر رخ تـي ضيا باريون
انــوار پـسـائـيـنـدو ســرڪــار مـديــنـي ۾

هـر واٽ گـجـي کــان ٿـي يـثـرب ڏي وڃــي يـارو
مـرشـد ئـي رسـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

بـي پـهـچ ٿـيـو اڪـرم سـاري نـه سـگھي ٿو ست
خــود پـاڻ گـھـرائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

سـاٿـي پـڇـن ٿـا ڇـاٿـو ڪـريـن تـون خـوشـحـال گـذاري ٿو هر دم

سـاٿـي پـڇـن ٿـا ڇـاٿـو ڪـريـن تـون خـوشـحـال گـذاري ٿو هر دم
مـان ته چـوان ٿو ڪـجھه نه ڪيان ٿو صلوات نبي ﷺ تي پڙهان پيو دم دم

سـردار جـي در جـي ٽـڪـرن تـي منـهنـجـي عـمـر هـي گـذري پـئي
سرڪارجي صدقي خوب ملي پيو نعتون نبيﷺتي لکان پيودم دم

صـدقـي ثـنا سـردار جـي مـونـکـي بـيـحـد نـوازيـو آهـي مـولـى
ڪـم ڪـار جـھـان ۾ ڪـو ڀـي نـاهـي صـلـوات پڙهڻ ري ٻيو ڪوڪم

ان کـي ڳـڻتي ڪـهڙي آهي سرڪار جي ونڊ مـان جنهن کي ملي پيو
روزي ڪـشادي بـرڪـت واري مـحـبوب جـي صـدقي ملي ٿي هر دم

مـون تي تـه ڪـرم آهـي، آهـي مـنهـنـجـي نـبي ﷺ جـي شـفـقت جـو
جـنهـن تـي نـبيﷺجي آهي شـفـقت اڪـرم آ انـهي کي ڪهڙو غـم

آمـنـه جــا لاڏلا تــون ڪــر ســدا پـنـهـنـجـو ڪــرم

آمـنـه جــا لاڏلا تــون ڪــر ســدا پـنـهـنـجـو ڪــرم
يـا مـحـمـد مـصـطـفى ﷺتون ڪر سدا پنهنجو ڪرم

اڄ اسـان ۾ آهـي نـالـي جـي مـسـلـمـانـي رهـي
پـسـت ٿـي ويـا حـوصـلا تـون ڪر سدا پنهنجو ڪرم

ڪـر عـطـا تـوفـيق مـونـکـي ديـن جـي خدمت ڪريان
ٻڌ هـيءَ منهنـجـي الـتجـا تـون ڪر سدا پنهنجو ڪرم

دوسـت اقـرب ديـن تـنهـنـجـي تـي رهـن دائـم مدام
ٿـو گھران دل سان دعا تون ڪـر سدا پنهـنجـو ڪرم

حـشـر جـي ڳـڻـتي نـه انـکـي جـو پـڙهـي تـوتـي درود
ٿـو پڙهـان صـل عـلـى تـون ڪـر سـدا پنهنجو ڪــرم

بـاعـث ڪـون و مـڪـان تـون شـافـع هـر دوجـھـان
يـانـبـي خـيـرالـورى تـون ڪـر سـدا پـنهـنـجو ڪرم

تـنـهـنـجـي دروازھ تـان خـالـي ڪـو سوالي ناهه وريو
مـونتي ڪر پنهنجي عطا تون ڪر سدا پنهنجو ڪرم

عـشـق پنـهنجـي سان ڪيو سردار روشن دل ضمير
يا نـبـي ﷺنـور خـدا تـون ڪر سداپـنهنـجــو ڪــرم

آس دل ۾ آهــي تـا روضــو اوهــانـجــو مــان ڏســان
پـوري ٿـئي سـا مـدعـا تـون ڪـر سـدا پنهنجو ڪرم

تنـهنجـي روضـي پـاڪ جـي ڄاري ڏسي هر هر چمان
اي خـدا جـا دادلا تـون ڪـر سـدا پنهـنـجــو ڪــرم

سنڌمـان سـيد سـڏي اڪــرم مـٿان تـون ڪـر عـطـا
اي حـبيـب ڪـبريــا تـون ڪــر سـدا پـنـهنـجـو ڪـرم

يـا مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ خـيـرالـبـشـر خـيـرالانـام

يـا مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ خـيـرالـبـشـر خـيـرالانـام
رهــبــر راھ طـريـقــت ديـن و مـلـت جــا امــام

نــازش اولاد آدم افــتــخــار مــرســلــيــن
مـبـنـع نــور هــدايــت چــشــم ءِ فــيــض دوام

مـقـتـدا و پـيـشــوائــي اولـــيـن و آخــــريـــن
هـو شـفـيـع الـمـذنـبـيـن و غـمـسـگــار خــاص و عــام

ســرور ســردار عــالــم مــالــڪ دنـــيـا و ديــن
هــو حـبـيــب خــاص رب ذوالـــجلال و ذوالـــڪــرام

تـون ئي هـوندين حشر ۾ هڪ حوض ڪوثر جو قسم
پـياس وارن کي هـٿن سان تون پـياريندي تـه جـام

هـڪ اشـاري ســاڻ ٽـڪــرا جـنـهــن ڪــيـو چــنـڊ کي
مـرحـبـا يـا مـصـطـفىﷺ تـنـهـنـجي آ عظمت کي سلام

آمـد نـورالـهـدى سـان بـت ڪـدھ ســڀ ڀــور ٿــيـا
رفـته رفـته ٿـيـنـدا ويـا سـڀ بـرهـمـڻ حــق جــا غـلام

مـعـجـزن ۾ سـڀ تـي غـالـب تـنهـنـجــو ڪـل اعـجــاز آ
سـنـگـريزي تائين ٿئين تون راہ ۾ پـي هـم ڪـلام

واقــف هــر مـڪــان و لامـڪــان آهــيـن تـــون
خـوب تـو قـوسـيـن جـي مـنـزل مـٿـي مــاڻـيـو مـقـام

جـي ثـنـا تـنـهـنـجـي لکـن تـه ۾ تـه اڪــرم کـي بـه آڻ
پـاڻ پـنهنـجـو ڪـر انـهـيءَ کـي جـوپـڙهي تـوتي سلام

يـا نـبـي نـور نـظـر مـنـهـنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم

يـا نـبـي نـور نـظـر مـنـهـنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم
سـيدءِ خـيـرالـبـشـر مـنـهنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم

مونکان سهوون خـوب ٿيون ۽مون سٺيون ڪـي سَٽون
آهـيان عـاصـي مـگـر مـنـهـنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم

در سـندءِ تـان ڪـو سـوالـي نـاهـه خـالـي ٿي وريـو
تـنهـنجـو اهـڙو آهـي در منـهنجـو رکـو هِـت هُت ڀرم

تنـهنجـي رحـمـت ۽ سـخـاوت جـو پـتـو نـاهـي اتـو
در حـضـر تـوڙي سـفـر مـنهنـجـو رکو هِت هُـت ڀـرم

ذات تـنهـنجـي آهـه اعـلى نـام تـنهـنجـو ٿـيو ڪريم
بس ڪـرم ٿي سـربـسر منهنجو رکو هِـت هُـت ڀرم

رحـمـت الـعالـمين تـون، شـافـع مـحشـر بـه تـون
منهنجـي لهو مـدني خبر منهنجـو رکو هِـت هُـت ڀرم

دل منورڪرتون منهنجي نورپنهنجي سان نبيﷺ
روشـني جـا نـامـه بـر منـهنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم

حـشر تـوڙي هـن جـھان ۾ ڪـر ڪـرم اڪـرم مـٿي
آهـيان مـان بـي ثـمـر منـهنـجـو رکـو هِـت هُـت ڀـرم

دل ۾ صــلـــوات و ســـلام

دل ۾ صــلـــوات و ســـلام
لــب تــي صــلــوات و ســـلام

رب جـــو مــحــبــوب يـــار
جـنـهـن سـان خود ٿيو هم ڪلام

نـور هــرســو ٿــو وســي
يـــــار تــــي صــــبــح و شـــــام

چــؤطــرف آهــي بــهـــار
مــڪــي مــدنــي کــي ســــلام

مــلــڪ ۾ آيـــو ســڪـــــار
آيــو جـنـهـن دم خــوش خـــرام

هــر نــظــر جــھـڪـنـدي وئـي
خــود بــه حــد احــتــرام

جـنـسـار ارض و ســـمـــا جـــا
عــربــي لـــئـي اهــتــمــام

ڏور ڏوري کــــي ڪـــــري
ويــجــھــو ٿــيــو اڪـــرم غـــلام

يـا حـيات الـنـبي مـصـطفىﷺ تي سلام

يـا حـيات الـنـبي مـصـطفىﷺ تي سلام
يـانـبي هـاشـمي مـصطفىﷺ تي سلام

يـا حـبـيـبِ خـدا يـا مـحـمـد رسـول ﷺ
مـرحـبا مـرحـبا يـا مـحمـد رسـول ﷺ
يـا حـيات الـنبي مـصـطـفىﷺ تي سلام
يـا نـبي هـاشـمي مـصطفىﷺ تي سلام

مـصـطـفى مـجـتـبى سـيـد الانـبـيـاﷺ
دادلا دادلا يـــا حـبـيـب خــدا
يــا حــيات الـنبي مـصطفىﷺ تي سلام
يـا نبي هـاشمي مـصطـفىﷺ تـي سلام

قـاسـم و عـاقـب و احـمـد و بـي مـثال
يـا نـبـي يـا نـبـي پـر صـفـت لازوال
يـا حـيات الـنبي مـصطـفى ﷺتي سـلام
يـا نـبي هـاشمي مصطـفىﷺ تـي سلام

لـيـلـتـه الـقــدر ۾ نــور حــق عــيان
تــاجــدار جـــھــان مــالــڪ لامــڪـــان
يـا حـيات الـنبي مـصطـفى ﷺتي سـلام
يـانـبي هاشمي مـصطـفىﷺتـي سـلام

جـنهن جي پيش نظر بخشش عاصيان
جـنهن جو ديدار ديدار حق جـو گـمان
يـا حيات الـنبي مـصطـفىﷺ تـي سـلام
يـانـبي هـاشـمي مـصـطفىﷺتي سلام

سـو سـڳـورو نـبـي آهـه عـالـي جـنـاب
جـنـهـن ڏٺـو آ جـمـال خـدا بـي حـجـاب
يـا حيات الـنبي مـصطـفىﷺ تـي سـلام
يـانـبي هـاشـمي مـصطـفىﷺ تي سلام

آهـه اڪـرم چـي ذات قـدسـي جــنـاب
مـجـتـبى مـصـطـفـى ﷺ يـانـبي لاجواب
يـا حيات الـنبي مـصطـفىﷺ تـي سـلام
يـانـبي هـاشـمـي مـصطفىﷺ تي سلام

فـلـڪ جـي عـظـمت زمـين جـي زيـنت صـل الله عـلـيه وسـلـم

فـلـڪ جـي عـظـمت زمـين جـي زيـنت صـل الله عـلـيه وسـلـم
جهـان ڪـري ٿـو اوهان جـي مـدحـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

مـجـيـب مـدنـي رسـول عـربـي حـبـيـب داور شـافـع مـحـشر
سـمـوري عـالـم جـي لـئي شـفـاعـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

زبـان تي جـنهـن جـي رهـي ٿو ڪلمو اميد تنهنجي اهائي آهي
سـڀـن تـي سـهـڻي ڪـندو عـنايـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

ثـنا زبـان تـي رهـي سـدائـيـن ۽ قـرب دل ۾ ڪـيـو هـو ديـرو
هـي ورد تـنهـنجـي جـي آهـه قـربـت صـل الله عـلـيـه وسـلـم

همـيشه جـھولـي رهـي ٿـي خالي ٺڪر ٺلهي ڪريان ٿو دانهون
ڀـرم تـون رکـجـان ۽ مـنهـنجـي عـزت صـل الله عـلـيه وسـلـم

ٿـيون امـيدون سدائين پوريون ڪرم اوهانجو سدا رهيو هو
رهـيو ٿـي اڪـرم جـي لاءِ رحـمـت صـل الله عـلـيـه وسـلـم

مـحـبوب يـا مـصـطـفـى ﷺتـوتـي درود و سـلام

مـحـبوب يـا مـصـطـفـى ﷺتـوتـي درود و سـلام
مـدنـي مــٺا مــرحــبا تــوتــي درود و ســلام

مـجـبـور بـيـڪــار جــي لاچـــار جـــي
آهــيـن دوا ۽ شــفـا تــوتــي درود و ســلام

پـائـي نـه پـيـسو اٿـم ٿـيـنـدو مـٿـي مـون ڪرم
تـنـهنـجـا وڏا مـون آسـرا تـوتـي درود و ســلام

ديـدار جـي ڪـا گـھـڙي نيڻن کي ٿي جي نصيب
روئـي پـڙهـان صـل عـلـى تـوتـي درود و سـلام

مون موت تن جو ڏٺوجن ٿي پڙهيو توتي درورد
سـي مُـرڪ مـاڻـي ويـا تـوتـي درود و ســلام

اڪــرم هـجـي يـر زبـان سـڪــرات ۽ قــبـر ۾
يـا مصطفىﷺ يا مصطفىﷺ توتي درود و سلام

حـيات الـنبي يا مـحمد مـحمدﷺ سـلامن عـليڪـم سلامن عليڪم

حـيات الـنبي يا مـحمد مـحمدﷺ سـلامن عـليڪـم سلامن عليڪم
مـديـني جـا آقـا مـحمـد مـحمـد سـلامـن عـليڪـم سـلامـن عليڪم

يا محمديا احمديا محمودحامد يا قسم يا عاقب يا فاتح يا شاهه
وڏي شـان وارا مـحـمـد مـحمـد سـلامـن عـليڪـم سـلامـن عـليڪم

بـشـيرً نـذيـرً سـراجً مـنـيرً رئـوفً رحـيـمً سـمـيـعً بـصـيـرً
خـدا جـا پـيارا مـحمـد مـحمـد سـلامـن عـليڪـم سـلامـن عـليـڪـم

نـرمل مدثر تون ياسين طه حاضر تون ناظر تون هاشر تون ناصر
نـبي نـور وارا مـحـمـد مـحـمـد سـلامـن عـليـڪـم سـلامـن عـليـڪـم

رسـولـن رشـيـدن امـيـنـن مبينن قريبن خطيبن فصيحن نبين
اجـھا ۽ سـهـارا مـحمـد مـحمـد سـلامـن عـليڪـم سـلامـن عـليـڪـم

سڏي ٻورڙي مان اوهانکي ٿواڪرم حفيظي جي صدقي ڪرم ڪرتون هر دم
ڀـلـن کـان ڀـلارا مـحـمـد مـحـمـد سـلامـن عـليـڪم سلامن عليڪم

رحــمــت يــزدان ٿــي نــازل آمــد خــيـرالانــام

رحــمــت يــزدان ٿــي نــازل آمــد خــيـرالانــام
ٿـو پـڙهـان صـل عـلى هـر هـر وٺـي احـمـد ﷺ جـو نـام

بــاعـــث بـرڪــت ٿـيـو مـحـبوب رب الــعــالــمـيـن
جـنـهـن پـڙهـي صـل عـلـى خـود خـدا ٿـيو صـبح شـام

ابـتـدا ســو انــتـهــا ارتــقــائــي ڪــــائـــنـات
سـلـسلـو جـنهن جي اچڻ سان ٿي نبين جو ويو تمام

تـون وسـين هـر هـنڌ ٿـو ۽ تـون پـسـين هـر چـيز ٿـو
تـون ئـي حـاضـر تـون ئـي نـاظـر ٿو پڙهان توتي سلام

آيـت قــدجــاءِ ڪــر اڪــرم هــنن جــي شـــان ۾
غـور سـان پـڙهه هوش سان نوري صفت نوري ڪلام

مـونـکـي بـه سـڏائـيـندو سـرڪـار مـديـنـي ۾

مـونـکـي بـه سـڏائـيـندو سـرڪـار مـديـنـي ۾
شــب روز رهــائـيـندو ســرڪــار مـديــنـي ۾

ڏوهـن ۽ بـرايـن ۾ ورتـل کـي سـڌاري خـود
تـقـديـر بـنائـيـنـدو سـرڪــار مـديـنـي ۾

هــن آس تـي ئـي زنـده دنــيـا ۾ گــذاريــان ٿــو
هـڪ ڏيـنهـن گـھرائـيندو سـرڪـار مـديـنـي ۾

پـڪ آهـي اهـا مـونـکـي ڳـڻتي مـان ڪـيان ڇـا لـئه
حــالات ســڌاريــنـدو ســرڪــار مـديــنـي ۾

هـڪ وار ڏسـان روضـي جـي پـاڪ مـنـارن کـي
هـيءَ آس پـڄـائـينـدو سـرڪـار مـديـني ۾

جـذبات جـي دريـاهـه مان مون نعت لکي دل سان
مـونـکـي سـا پـڙهـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

جـو عـرض ڪـري اڪـرم روئـي ۽ ٻـڌي ٻـانـهـون
سـو عـرض اگـھـائـيـنـدو سـرڪــار مـديـنـي ۾

مـديـنـي جــا مـٺـڙا ۽ دلــدار مــاڻـهـون

مـديـنـي جــا مـٺـڙا ۽ دلــدار مــاڻـهـون
دلـــيـن ٺـــار دلـــبـر ۽ مــنــٺـار مــاڻــهــون

نـبـي جــا ڪــي ڄــايــا صــحــابـن جــا ڄـايــا
سـڀـئـي نــور نــوري ســي انــوار مــاڻــهــون

ابـوبـڪـرؓ عـثـمـانؓ، حـيـدرؓ عـمـرؓ
نـبـيﷺ جــا پــيارا اهــي چــار مــاڻــهــون

هــيـو چــؤطــرف ئــي انــڌيــرو انـڌيــرو
نـبـيءَ جــي ڪــيـا جــلـوهــه بــيـدار مــاڻــهـون

ڏنـو درس وحــدت جــو جـنـهـن دم پـيـغـمبر
ڇــڏي بــت پــرســتي ويــا يــار مــاڻــهــون

جـوان ٻـار، ٻـڍڙا فـدا نـام تـان ٿـيا
ڇـا خـالـد ڇـا حـيـدر جـھـا يـار مــاڻـهـون

ســچــو ديــن اســـلام مــاڻــهــن قــبـولــيـو
ســچــائـي ڏي اڪـــرم ويــا جـــام مــاڻــهــون

گـھـر گـھر ويـو ٿـي روشن گھـر گهر ۾ شفقتون

گـھـر گـھر ويـو ٿـي روشن گھـر گهر ۾ شفقتون
مـحـبوب جـي اچـڻ سـان نـازل ٿيون رحمتون

آمـد سـان مـصطـفى ﷺ جي پرڪيف ٿي ويون
گلـشن جـون نـگھـتون ۽ گلـشن جـون زينتون

مــيلاد جــي مــحـفــل ارض و ســـمــا ۾ آ
مـيـلاد سـان وڌي ويـون هـر گهر جون عظمتون

خـلد بـرين کـان ويـندي سدرھ جي چوٽ تي
آهــن ڏســڻ وٽــان هـي مـيلاد جــو رفــعـتون

مـجـلـس ۾ مـصـطـفـى جـي ٿـي بــا ادب اچــو
حـاصـل ڪـريـو تـه ديـن و دنـيا جــو نـعـمتون

بــرڪـت ڀـريـو مـهـيـنو آهــي نـصـيـب ٿــيو
مـيڙي وٺــو انــهـيءَ ۾ بــي حــد بــرڪــتـون

اهــڙو اڳــي نــه آيــو سـهــڻو هــتـي ڪــڏهــن
جنهـن خـلق ۾ ورهـايون خـوشيون ۽ فرحتون

مـحـبوب جـي قـدم ســان آيـون وري هــتي
دنــيا جــون رونــقـون ۽ دنــيـا جــون زيــنتون

اڪـرم درود هـردم تـنهـنجـي مـٿان پڙهـي
شل ٿين نصيب هن کي تنهنجون ئي قربتون

وٺــي نـام احـمـدﷺ ڪــيـان الـتـجــائــون

وٺــي نـام احـمـدﷺ ڪــيـان الـتـجــائــون
مـان نـسبـت سـان ان جي گھـران ٿو دعائون

اسـان کـي مـديـني ٻـچـن سـان گـھــرايـو
اســر ويـل آڍئ ڪــيان الــتـجــائــون

وٺـي نـام احـمـد ﷺ ٿـو ٽـاريان بـلائــون
ٽـري ورد هــن ســان وڃــن ٿــيو وبــائــون

لـکـان نـعمتون مـرسل مـحمدﷺ مـٺي جـون
انهيءَ کـي ٿـا ڳـايـون، ٿـا جـنهنجو ته کائون

گھــران ٿــو ڳــڀو ۽ مــلــي پــوري مـــانــي
ڪــنـدو ڪـيـر اهـڙيون عـزيـزو ســخـائـون

ڏســي پــاڪ روضـه ڏيــان دم مــان در تــي
نـصـيـبن ۾ اهـڙيـون ڏي مـونـکـي وفــائـون

خـدا يـا ڏي تـوفـيق احـمـدﷺجـون هـر دم
زبـان سـان ڪـيان مـان تـه نـغـمـه سـرائـون

مــحــبوب مـدنـي تـوکـي ٿـو ســاريــان

مــحــبوب مـدنـي تـوکـي ٿـو ســاريــان
ڪـر ڪـو ڪـرم تـون تـوکـي پـڪاريان

ويـٺي سُــتي ٿــي وائــي مــحــمــدﷺ
هـڪ پل نـه احـمدﷺتوکـي وسـاريـان

دنــيـا بـه تـوســان عـقـبى بـه تــوسـان
تـوکي ڇـڏي مـان ڪـنهن ڏي نهاريان

تـوکـان ســواءِ ســڀ حـــيلا و ســيلا
بــيڪـار آهـن ڪــنـهــن تـي گـذاريـان

نـالـي وٺـڻ سـان تـنهنجـي مـحمـدﷺ
ســر تــان بـلائـون هــردم ٿـو ٽــاريــان

مـحــبوب تــوکـي ســهــڻا ســڏي مـان
پـنـهـنـجــو پــيو ٿــو انــدر تـه ٺــاريــا

صـلـوات هـردم اڪــرم پــڙهـي مــان
خـوش خـوش حـياتـي ويـٺو گـذاريان

خـادم ٿـو مـان نـبيﷺجـي دربـار جـو سـڏايان

خـادم ٿـو مـان نـبيﷺجـي دربـار جـو سـڏايان
شـب روز نـعـت ڳـائـي پـيـغـام ٿـو رسـايـان

سـاري حـياتـي مـنـهـنـجـي گـذري وئـي اجـائـي
هـاڻـي تـه لـمحه لـمحـه نـعت سان پـيو سجـايان

مـدحـت سـوا نـبيﷺ جـي پـيا ڪـم ٿـيا اجـايـا
سـارھ جـا هـار پـوئـي سـيـني سـان ٿـو لـڳـايـان

ذڪـر نـبئَ سـان گـڏ پـڻ ذڪـر خـدا ڪـريان ٿو
ڏاڍو وڻـي خـدا کـي مـحـبوب کـي جـو ڳـايـان

ذڪـر نـبي کـان اڳ هـو سـيـنو ٺـلهو هي منهنجو
انـوار سـان ڀـريـو ڪـيـئن هي حــال ڇا ٻڌايان

غربت ۽ تنگ دستي، پنهنجو ٿي ڀاڳ سمجھيم
صلوات پڙهندي پڙهندي خوشحال ٿيو نمايا

نـعـت نـبئﷺجـي خـوبـي عـزت جـي بـرقـراري
خوش حال پيوگذاريان ٻيوڪنهن کي ڇاٻڌايان

مـعـروف هـا مـلائـڪ حـورون پـريـون ۽ غـلـمـان
جنهن ورد مـان خـداخـوش سـو وردٿـو ورايـان

اڪــرم نجـات مـنهنـجـي صـل عـلـى مـحـمـدﷺ
صـل عـلـى مـحمدﷺجـو دم جئـان سـو ڳـايـان

يـا مـحـمد مصطـفىﷺ مـان گنبذ خـضرا ڏسـان

يـا مـحـمد مصطـفىﷺ مـان گنبذ خـضرا ڏسـان
ڪـر ڪـرم مـونتي مـٺا مـان گـنبذ خـضرا ڏسان

در تـي پـنهنـجـي دلـربـا مـونـکـي گـھـرايوبار بار
شـل پـڄـي هـيءَ مدعـا مان گـنـبذ خـضرا ڏسان

تنهنـجي صـورت ۾ نـهان آهي حقيقت جو جهان
تنهنجو شل اي حق نما مان گنبذ خضرا ڏسان

تنهـنجـي هـسـتي يـار آهـي جـا بـجـا دائم مدام
قـرب ڪـر مـحـب خـدا مـان گـنبذ خـضرا ڏسـان

مـعجـزو مـوجـود تـنهنجـو آهـي قـرآن سـربـسر
اڄ پـڙهـي صـل عـلـى مـان گـنـبذ خـضـرا ڏسـان

يـا مـحمـدﷺ اهـڙي ئي تـوفـيق اڪـرم کي ملي
دوجـھـان جـا آسـرا مـان گـنبـذ خـضـرا ڏسـان

منهنجو نبيﷺ خود خوب تر کان خوب تر آهي حسين

منهنجو نبيﷺ خود خوب تر کان خوب تر آهي حسين
جـيـئن نـگـيـنن ۾ سـدا ڳـاڙهـو گـھـر آهـي حـسـين

تـعـريـف رب جـي سـاڻ ٿو توصيف مرسل جي ڪريان
دنـيـا و ديـن و آخـرت جـو هـي ثـمـر آهـي حـسـيـن

روشـن ٿـيا هــر دوجــھـان مــحـبوب جــي آمد ڪـري
گـل ڦـل ٽـڙي هـر هـنڌ پـيا ٿـيو هـر شجر آهي حسين

حـسـن تـنـهـنـجــي ضـيا ارض و ســمــا ۾ جـــا بــجــا
ڪـونـين ۾ سـهـڻي صـفـا تـنـهـنـجـي نـظر آهي حسين

تنهنجي ڏسي هن حسن کي بي ساخـته ٿي يـڪ زبـان
شـمس و قـمـر چـوندا رهـيا خيرالـبشـر آهـي حـسين

آيـو نـه ايـنـدو ڪـو وري اهـڙو شـفـاعــت جــو ڌڻـي
دنـيا جـي لـئه ويـو مـوڪـلـيو هـو راهـبر آهـي حـسـين

اڪرم ثنا دل سان ڪري شب روز ٿو جنهن حسن جي
قـرآن تـنهـن تـي هـو لـٿو، هـو ديـدھ ور آهـي حـسـين

درود تــاج پــڙهــندي وڏو خــوشــحــال ٿــيـو آهـــيـان

درود تــاج پــڙهــندي وڏو خــوشــحــال ٿــيـو آهـــيـان
نبيﷺتي نـعت مـان پڙهندي وڏو خوشحال ٿيو آهيان

هـزاريـن غـم هـئا دل ۾ نـه راحـت روح ٿـي سـنـبريـو
درود آڌيءَ اسر پڙهـندي وڏو خـوشـحــال ٿــيو آهــيان

وٺـي نـالـو مـحـمـدﷺ جـو پـڙهـي صـلـوات سـرور تـي
سڄڻ گھمندي سڄڻ فرندي وڏو خوشحال ٿيو آهيان

طــفـيل مــير مــرسـل جــي هــي دنــيا آخــرت آهــي
مـحـبـت ڄــام رکــنـدي وڏو خــوشــحــال ٿــيو آهــيان

حقيقـت دوجھان جي هيءَ محمدﷺجـي ٿـي عـظمـت لـئه
انهيءَ جـو شـان مـان لکـندي وڏو خـوشـحـال ٿـيو آهيان

رهـان زنـدهـه هـتي جـيسين پـڙهـان صلوات پيو اڪرم
اڳـيان نـوريءَ جـي نـوڙندي وڏو خـوشحـال ٿـيو آهـيان

مـديـنـي ۽ مـديـني جـي ڪـيو مـنـٺار جـون ڳـالـهـيون

مـديـنـي ۽ مـديـني جـي ڪـيو مـنـٺار جـون ڳـالـهـيون
وڻـن دل کـي پـيون دائـم دلـي دلـدار جـون ڳـالـهـيون

نـٿي دلـڙي ڪـڏهن ڀرجي نبي ﷺ جي ذڪر مان يارو
ٻڌي دل خـوش ٿئي بـيحد سدا سردار جون ڳالهيون

سـجـائـي عـمـر ان جـي ٿـئي پـڙهـي صـل عـلـى جـيڪو
پـڙهـي صـل عـلـى هـر دم ڪـري ديـدار جون ڳالهيون

نـه رتـبي ۾ نـبي اهـڙو مـحـمـد مـصـطـفـىﷺ جــھــڙو
فـلـڪ ۽ فـرش تـي آهـن مـڪـي مـخـتار جـون ڳالهيون

مـحـمـد ﷺ نـور آهــي نــور نــورانـي نـســورو نــور
مـڪـان کـان لامڪـان تـائين هـلن انوار جون ڳالهيون

حـقيـقت ۾ تـه اڪـرم تـي نـظـر تـوڪـئي عـنايـت جـي
لکـي دل سـان تڏهـن پيوٿو اوهانـجي پيارجون ڳالهيون

مـرحـبا آيـو مـحمـد ﷺ پـيـشـوائـي مـرسـلـين

مـرحـبا آيـو مـحمـد ﷺ پـيـشـوائـي مـرسـلـين
آسـمانن کان حـسين ٿي هـي لڳي اڄ سر زمين

ابـتـدا جـي ابـتـدا ۽ انـتـهــا جـي انــتـهــا
رحــمـت روز جــزا ســو اولــيـن ۽ آخـــريــن

انـبـيا ۾ نـور سـبـحـان الـذيـن اسـرا خــطـاب
ومــا ارســـلـنـاڪ الى رحــمــت الـلــعٰــلــمــين

رهـبـر انـســانـيـت مـير مـرسـل شـهـنـشــاهـه
اولـين ان کـي چـوان ان کـي چـوان مـان آخـريـن

مـشـعـل راهـه هـدايـت کـي ويـو ٻـاري جــناب
مـرحــبا مــرحــبا اي اول آخــــر قـــائــديــن

ڇـا هــتي هُــتي اڪــرم ڪــنـدو ڪــو احـتـساب
منهنجون آقامنهنجوشافع مونسان گڏهوندو يقين

قـرآن مـحمـد ﷺ جي سيرت، قـرآن جـي عـظمـت احمدﷺ سان

قـرآن مـحمـد ﷺ جي سيرت، قـرآن جـي عـظمـت احمدﷺ سان
قـرآن سـڄـوئـي بـرڪت آهـي قرآن جي برڪـت احـمدﷺ سـان

ڪعبو ته اسانجو ڪعبو آهي ڪعبي جوٿيو ڪعبو احمدﷺ آهي
ڪـعـبي جـو مـان مـٿانـهو ڪـعـبي جـي عـظـمـت احـمـدﷺ سـان

عـرشـين اُسـريو احـمد مـرسـل عـرش بـه فـاضـل ڪـين رهـيو
رتـبه نـه ڏٺو هو ايڏو عرشين ٿي خاڪ جي زينت احمدﷺ سان

يحـى هـجي يـا عـيسى ، مـوسـى ، دائـود هجي يا يونس،يوسف
اسـلام جـي مـذهـب جـي بـيشـڪ آهـي ٿـي امامت احمدﷺ سان

اڪـرم تي نوازش آهي نبي جي سب روز محمد احمدﷺ جي ٿي
خـوشحال گـذاري ٿـوپـيو سـدائين صد شڪر عـنايت احمدﷺ سـان

سـنـدءِ درجــي سـامـهـون اڏي گھر وهان مان

سـنـدءِ درجــي سـامـهـون اڏي گھر وهان مان
ٿـي پـاڙيـسـري تـنهنـجـو سـهـڻا رهـان مـان

گــنـهــگــار مــجــبور لاچـــار آهـــيان
ڇـڏي در هـي تـنـهـنـجـو ڪـاڏي وڃـان مـان

سـوا تـنهنـجـي در جي سـجـھي در نه ٻـيو ڪـو
تـون رحـمـت سـراپـا ٿـو تـوکـان گـھـران مان

پــري ٻــورڙي کــان بــلاشــڪ مــديــنو
لـڳـي اک مــديــنو ۽ روضـــو ڏســـان مــــان

ڪـرم خـوب اڪـرم تـي آقـا هـو تـنـهـنـجــو
آهـي آس چـانـئـٺ اکـين ســان چـمـان مــان

زلـف ٿـيا ولـيل رخ رخـشـان خـتـم الـمـرسـلـين

زلـف ٿـيا ولـيل رخ رخـشـان خـتـم الـمـرسـلـين
مـنـهـن مـبارڪ صـورت رحـمٰـن خـتـم الـمـرسـلـين

ســڀ نـبي جـنهـنجـي ئي امـت ۾ اچـڻ لــئه تيار هـئا
مـرحـبا ڇـا شـان آ شـان خـتـم الـمـرسـلـين

جـنـت الـفـردوس ۽ عــرش بـريـن جـنـهـنـجـي ڳلي
ڏس نـظـر سـان غـور جـي ايـوان خـتـم الـمـرسـلين

صـدق دل سان جنهن پڙهي صلوات سرور تي سدا
روز مـحـشـر هـٿ ۾ ان دامـان خـتـم الـمـرسـلـين

ڪـر ڪـرم اڪـرم تي پنهنجـو اي شفيع المذنبين
مـان پـريـشـان آهـيان حـيران خـتـم الـمـرسـلـين

پـرين پـارت اٿو مـنهـنجـي مـٺا مـرسـل خدا ڪارڻ

پـرين پـارت اٿو مـنهـنجـي مـٺا مـرسـل خدا ڪارڻ
گـھـرائـي در پـسـاءِ پـنهـنجـو لقا مرسل خدا ڪارڻ

حـمـايـت ديـن دنيا ۾ کـپي هـر دم اوهـانـجـي ٿـي
اچـي واهـر وسـيلـو ٿـي سـچـا مـرسـل خـدا ڪـارڻ

رڙي روئي گذاريان پيو اوهانکي خوب ساريان پيو
مـدد ڪر مير تون منهنجـي سـدا مرسل خدا ڪارڻ

خـدا جـو دادلــو آهـين وڏو تـون آســرو آهــين
امـيدون تـون پـڄـائـيـندي مـٺـا مرسل خدا ڪارڻ

لـڳـائـي دل اٿـم تـوسـان رهـان خـوشـحـال ٿـو ڏاڍو
ڪـئي مـون تـي وڏي آهـي عـطـا مـرسـل خـدا ڪارڻ

درود تاج کي پڙهندي بلائون دور ٿيون ساريون
اهـا مون تي ڪـئي سهڻي سـخـا مـرسل خـدا ڪارڻ

نه غم آهي انهيءَ کي ڪو پڙهي جيڪو پيو صلواتون
هـتي هُتي ڪـندو اڪـرم شـفا مـرسـل خـدا ڪـارڻ

ورهـائـيندي اچـي خـوشـبوءِ مـديـني جـي هـوا يارو

ورهـائـيندي اچـي خـوشـبوءِ مـديـني جـي هـوا يارو
مـعـطـر ڪـئي سـڄـي مـحـفـل مـديـني جـي هوا يارو

گلاب ۽ موتيو، عنبر ۽ صندل ڪيئن وڻن تنهن کي
لڳـي جـنهـن کـي محمدﷺجي پسيني جي هوا يارو

مـٺي مـحمـدﷺجـي آمـد مـعـطـر ڪـيو جـھـان سارو
گـھـلـي ڪـون و مـڪـان ويـئي مـديـني جـي هوا يارو

هـلي جـا گـنـبذ خـضـرھ کـان بـڻجـي هـير ڪـا آهـي
ٿـڌي هـلڪـي مـحمدﷺجـي پـسـيني جـي هوا يارو

نـبيﷺ جي نور جون لاٽون ويون ارض و سما تائين
نـه پهـچـي جـت سـگـھي آهـي زمـانـي جـي هـوا يـارو

وٺي نـالـو مـحـمـدﷺ جو پـڙهـيا جـت درود آهـن
رسـي اڪـرم کـي اُت ويـئي مـديـنـي جـي هــوا يـارو

رڙي روئـي ڀـري سـڏڪـا مـحمـدﷺ کـي پـڪـاريـان ٿـو

رڙي روئـي ڀـري سـڏڪـا مـحمـدﷺ کـي پـڪـاريـان ٿـو
ٻـڌي ٻانهـون ڪـري دانهون مـحمدﷺکي مان ساريان ٿو

ڪـيو مـون اڻ ڏٺـي سـرور مـديـني مـير ســان آهــي
ٻـڌي نـالـو مـحمـدﷺ جـو اکـين مـان نـير هـاريـان ٿـو

اســر آڌيءَ اٿـي ويـهـي ڪـڍيـم اوسـيـئـڙا روئــي
حــيـاتــي آســرن ئــي آســرن ۾ هـــت گـــذاريــان ٿــو

نـه وسـري گـھـڙي هـڪـڙي سـڄـڻ سـائـين مديني جو
پڙهي صل على تنهن تي گھڙيون سڪندي گذاريان ٿو

حـقـيـقــت ۾ نــبـي جــو ذڪــر ٿــيـو ذڪــر الاهــي آ
ڪـري مـان ذڪـر مـرسل جو سدائين دل کي ٺاريان ٿو

سـياهـي قـلـب جـي ســاري ڪـڍي ذڪــر الاهــي ٿــو
مـحـمـدﷺ جـو وٺـي نـالــو سـنـدم انـدر اجــاريــان ٿــو

ثـنـا خــوانـي مـحـمـدﷺ جـي رهـي اڪـرم جـي فـطـرت ۾
لـکي نـعـتون نبيﷺ تي مـان حـياتي خـوش گذاريان ٿو

رسـالـت جـو سـلـطــان مـديــني ۾ آيــو

رسـالـت جـو سـلـطــان مـديــني ۾ آيــو
سـما عڪس پنهنجو زمين تي پسايو

مـديني جي عظمت نبيﷺجي قـدم سان
مـديني کـي مـرسل سندس گھر بنايو

سـراپـا هـو رحـمـت مـديـني جـو مـالڪ
بـڻـيو ابــرِ رحــمـت وَٺــو ٿــي ســوايـو

مـديني جون ڳالهيون ملن جابجا ٿيون
زمـين تـي سـمـا جـو هـو والـي جـو آيـو

گـھـڻي وقـت کـان جـا رهـي آرزو ٿــي
خـبـر آ اوهـانـکـي اوهـان ئـي پـڄـايـو

ثـنا خـوان اڪـرم جـي من جون مرادون
پـڄـايـو، پـڄـايـو، پـڄـايـو، پـڄـايـو،

بـا وضـو ٿـي مـحـفـل مـدنـي ۾ وڃـجـو سـاٿـيو

بـا وضـو ٿـي مـحـفـل مـدنـي ۾ وڃـجـو سـاٿـيو
بـي وضـو ڀـلـجـي ڪـڏهـن ان ۾ نـه اچجـو سـاٿـيو

ذات پـرورپـاڪ جـي جـنهـن کـي گـھرايـو پاڻ وٽ
ذڪـر ان جـي کـي ادب سـان خـوب ٻڌ جـو سـاٿيو

دهـن، عـنبر ۽ گـلاب و مـشڪ سـان ڌوئـڻ کانپوءِ
ذڪـر مـحـبوب خـدا مـحفـل سـان ونـڊ جو ساٿيو

مـاءُ پـئ مـنهـنجـو فـدا جـنهن نام تان اڪرم ٿيو
ڀر جـھلـو سـو نـام احـمـد ﷺ آهـه منهنجو ساٿيو

آمنـه جـي لال جـون ڳـالـهيون ٻـڌي اڪـرم وٽـان
ذڪـر مـحـبوب خـدا مـحفل سـان ونڊجـو سـاٿيو

جھان ۾ سهڻو ٿيو نه ٿيندو نبي محمد ڪريم ﷺجھڙو

جھان ۾ سهڻو ٿيو نه ٿيندو نبي محمد ڪريم ﷺجھڙو
حسين اهڙو وري نه ايندو نبي محمد ڪريمﷺ جھڙو

گـلابي گل کان بـه سهـڻو سهڻو چمن ۾ اهڙو نه گل آ کلڻو
نه ٻوٽوگل ڪو اهڙو جھليندونبي محمد ڪريمﷺجھڙو

هـي چنڊ تـارا هي قطب زهرھ هي مشتري۽ڪهڪشان سڀ
نه حسن تن جو ذرو به ٿيندونبي محمدڪريمﷺجھڙو

رسـول مـدنـي هـم هـدايـت کي آهـه پارت سدا اسانجي
اسـانجـو هادي ٻيو نه ٿيندو نبي محمد ڪريمﷺ جھڙو

نـبي پـيارو سـدا سـنهـارو ڀـلو ڀـلارو سـندم سـهــارو
وري نـه اهـڙو نبي ڪو ايندو نبي محمد ڪريم ﷺ جھڙو

زمين هن جي زمان به هن جو مڪان ٿيولامڪان به هن جو
مـڪـان کان لامـڪـان نيندو نبي محمد ڪريم ﷺ جھڙو

بـلنـد و بـالا مـقـام هـن کـي خـدائـي بـرتـر عـطـا ڪـيو آ
نبـين ۾ افـضل ٻيو نه ٿيندو نبي محمد ڪريمﷺ جھڙو

حـضور اڪـرم نبي محمدﷺ رسول سهڻو نبي محمد ﷺ
ٻيو نه حسن ڪرم ۾ ٿيندو نبي محمد ڪريم ﷺ جھـڙو

ادنـي غـلام آهــيان خــيرالانــام جــو

ادنـي غـلام آهــيان خــيرالانــام جــو
قـلب و نظـر ۾ عڪس آ احمد ﷺ جي نام جـو

دنـيا سـمـيت عـقـبى ٻـئي جـھــان مـنهـنجـا
امـتي جـو آهـيان مـديـني جـي ڄـام جــو

مـجـرم بـري ويـا ٿـي يـارن جـي ذڪـر سـان
تـحـفـو درود جــو ۽ صـدقــو ســلام جــو

محشر ۾ نفسي نفسي هر نفس پيو ڪندو
مـحشـر ۾ حـڪـم هـلـندو مـدنـي امـام جــو

مايوس ڇوٿيان مان محشر۾ منهنجو عربي
شافع ڪـندو شـفاعت عاصـين جي عـام جو

ٿـو نـعـت خـوان سـڏائـي اڪرم غلام تنهنجو
مـرسـل وڌايـو رتـبو مـنهنـجـي ڪـلام جـو

لـڳـي دل نـٿي هـت مـديـني گـھـرايـو

لـڳـي دل نـٿي هـت مـديـني گـھـرايـو
حـقـيـقـت جـو لـفـظـن کـي جـامـو ڍڪـايـو

گـنهــگـار آهــيان خــطــا وار آهــيان
مـدايـون ڏسـو ڪــين مـرسـل سـڏايــو

ڏي تـوفـيـق شـان مـحـمـدﷺ کـي ڳـايـان
گـھـڻو وقـت مـولـى مـون آهـي وڃـايـو

رهـان دم جـو زنـده مـحمدﷺ کي ساريان
هـتي ۽ هُـتي جــو اهــو آهـه مـــايــو

ثـمـر نـاهـي پـل جـو نـه هــڙ ۾ ڪـا پـائـي
ڪـري ٿـورا مـونـتي مـديـني پـڄـايـو

اکــين مــان وهــن نـــير نــارا ڪــري ٿــا
غـمـن جـو ٿـيو بـار آهــي ســوايــو

رهــيو عــمـر ســڀ آســري ۾ جــو آهــي
ڪڏهن پنهنجي اڪرم کي منهنڙو پسايو

مـٺي مـحـبوب انــور جــو ڏســو مــنـٺار جــو رتــبو

مـٺي مـحـبوب انــور جــو ڏســو مــنـٺار جــو رتــبو
مـحـمـد مـصـطـفىﷺ مـدنـي ڏسـو مـخـتار جـو رتـبو

مـحمدﷺجـي تـون سـيرت پڙهڻ چاهين ته پڙهه قرآن
عـجـب آيـت ڏسـي هـڪ هـڪ سـچـي سـردار جـو رتـبو

رسـول الله ﷺ جـي سـنـت نـمـونـو زنـدگـي جـو آهـه
پـڙهي ڏس تـون حـديـثن مـان مـٺي مـنـٺار جـو رتبو

وڻـي ٿـي پـاڪ پـرور کـي ثـنا مـرسـل مـحـمد ﷺ جـي
پـڙهـي صـلـوات ٿـو مـولـى ڏسـو دلـدار جــو رتــبو

رسـولـن ۾ مـحمـدﷺ کـي خـدا مـحـبوب ڪـوٺـيو آ
بـيان ڪـهـڙو ڪـيان يـارو خـدا جـي يـار جـو رتـبو

نـه ڳـڻـتي حـشـر جـي آهـي جـو امـت جـو شـفـيع آهـي
خــدا امــت کــي بـخـشـيـندو ڏسـي مـهندار جو رتبو

بـرايـن کـان بـه اڪـرم کـي بـچـايـومـيرمـدنـي شـاهـه
رکـي گـڏ ســاڻ مـحـشـر ۾ ڏسـان انـوار جـو رتـبو

جـو ڪـجھ ملي ٿو بيحد ملي ٿو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو

جـو ڪـجھ ملي ٿو بيحد ملي ٿو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو
ٻـئي در ڏسـي ڇـا سهڻا ڪبو جو، دلدار صدقي تنهنجي ملي ٿو

آيـو سـخـاوت جـو ڄـام آيـو ٽويا ڀري ونڊي ٿو ونڊي ورهائي
گھـر گھـر ۾ خوشيون هرڪنهن ملهايون ڏاتارصدقي تنهنجي ملي ٿو

عـربـي مـحمـدﷺ مـخـتار احـمـدﷺ آيـو جـھان ۾ ٿي روشنائي
پـر ڪـيف مـوسم دلڪـش نـظارو انوار صدقي تنهنجي ملي ٿو

سرسبزگلشن سرخوش فضائون تازيون هوائون،رنگين گل ڦُل
تهنجي قدم سان ٻهڪي اٿياسڀ گلزارصدقي تنهنجي ملي ٿو

جهرڪيون۽طوطا،قمري ۽ ڪوئل ، صلوات جو ئي سڀ ورد ڪن ٿا
ڳـيرا ، تـتر ۽ چـيهـا چـون ٿـا سـردار صـدقـي تـنهـنجـي مـلي ٿو

اڪـرم ته ٻانهون آهي اوهانجـونعـتون پڙهي خـوش دائم رهـي ٿـو
انـتي ڪـرم هـي آهـي اوهـانجو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو

نـبي محمد ڪريمﷺآيو، خوشيون ملهايون حضور آيو

نـبي محمد ڪريمﷺآيو، خوشيون ملهايون حضور آيو
رسول رحمت رحيم آيو، خوشيون ملهايو حـضور آيو

بـشـير آيـو نـذيـر آيـو مـنــير آيــو بـصــيـر آيــو
عـظيـم تـرٿـي عظيم آيو،خوشيون ملهايوحضور آيو

جـناب عـالـي جـناب آيـو، جـھـان ۾ انـقـلاب آيـو
يـتيـم درِ يـتيـم آيـو، خـوشـيون مـلهايو حـضور آيو

نـبي جـو خـيرالانـام آيـو، جـھـان جـو سـارو نظام آيو
رسول رحمت نديم آيو،خوشيون ملهايوحضور آيو

نبين جو رهبر جھان جو هادي هتي هُتي جو امام آيو
شـفيع، عـادل عليم آيو، خوشيون ملهايو حضور آيو

مــرسـل مـحـمـد ﷺ ســـردار آيــو

مــرسـل مـحـمـد ﷺ ســـردار آيــو
ســبـحــان صــورت دلــدار آيــو

صــاحــب شـــفــا ۽ هــادي هــدايــت
عـظـمــت جــو آقــا ســرڪــار آيــو

دنــيا جــي زيــنـت عــقــبا جــي رونــق
هــت ۽ هُــتي جــو ســيـنـگــار آيـو

مـاڻـهـون، مـرون ۽ خـوش ٿـيا فـرشـتا
سـڀـني جــو يــارو غــم خـــوار آيــو

گــونـدر ۽ غــم ويــا مــارن مــان مــڙئـي
مــرســل مــحــمـد ﷺ غـمــٽار آيــو

خــيـرالــورى ٿــي نــورالــهــدى ٿــي
وھ وھ بــشــر پــر انــوار آيــو

اڪــرم جــو آقــا اڪــرم جــو هــادي
ســــردار احــمــد ﷺ مــخــتـار آيــو

ٿـو يـاد پـوي اڄ سـرڪـار مـديـنو

ٿـو يـاد پـوي اڄ سـرڪـار مـديـنو
مـونـکـي بـه ڪــرايــو ديــدار مــديــنو

سـالـن کـان سڪـي ٿـو سـهڻا هـي سـوالي
ان کـي بـه گـھـمـايـو هـڪـوار مـديـنو

ڇـا شـهـر سـو هـو نـدو سـرڪـار جـو يـارو
شـهـرن ۾ سـو هـونـدو شـهـڪـار مـديـنو

سـنـڌڙي کـان پـري آهـي يـار مـديـنو
پـر تون جي گھرائين ته وکون چار مدينو

بـرســات وســي ٿــي جـت نـور جي هـر دم
ســا نــور ڀــري آ درٻــار مــديــنو

سـالـن کـان سچي سڪ سيني ۾ رهي ٿي
چـشمن سـان چـمان شـل هڪـوار مدينو

اڪـرم جـي عـجـب هـئي ڇـاڪـيفيت، دل
خــوابـن ۾ ڏســي ٿــو هــر بــار مــديــنو

گـھـڙرا سـجـايـو گـھـرڙا سـجــايــو

گـھـڙرا سـجـايـو گـھـرڙا سـجــايــو
ســردار سـهــڻو مـحــبوب آيــو

ويـڙهيـچـن جـا ويڙها سرها ويا ٿـي
مـحـبوب مـدنـي مــکــڙو پـســايــو

جـھـوپـا ۽ جـھانگـي ٻهڪـي پـيا سـڀ
مـيلاد گـھــر گـھــر مــارن مـلـهــايــو

آمـد تـي هـن جـي عـرشـي ۽ فـرشـي
ڪـن شــادمــانــا ڳــايــو وڄــايــو

ســڏجــي ٿـو سـهـڻو مـنور مـديـنو
مـسڪـن نـبيﷺ جـو مـديـنو بـنايو

مــيلاد مـحـفـل رحـمـت ئـي رحـمـت
مـجـلـس انـهـيءَ ۾ مــحــبوب آيــو

اڪـرم اوهـانـجـي جـي اُمــت ۾ آهــي
سـنـڌڙي مـان مـٺا مـرسـل سـڏايـو

مــيلاد مــحـفـل گـھــر گـھــر مـلـهــايــو

مــيلاد مــحـفـل گـھــر گـھــر مـلـهــايــو
مــحـبوب آيــو گــھـر گــھـر ســجـايــو

مــرســل اچــڻ جــي ســاعـت جــو آئــي
صـلـوات اڪــرم گـھــر گـھــر پـڙهــايـو

مــيلاد مـحــفـل رحــمــت ئــي رحــمــت
يــاد نـبـي ﷺ ســان مـجـلـس مــچــايـو

آقــا اچــي ويــو هــادي اچــي ويــو
مــولــود ڳــايــو، نـعــتون پــڙهــايــو

دنــيـا ســڄــي ۾ هـــئا شـــادمــانــا
دنــيا و ديــن جــو رهـــبر جــو آيــو

پـر ڪـيـف مـوســم مــارن ۾ آئــي
پـيرن جـون پـاٽيون ويڙهين ورهايون

اڪــرم تـي مــالـڪ جــي هــئي عــنايــت
لــب تــي مــحــمـدﷺ هــر وقــت آيــو

گـداگـر ٿـي مـديـني جـي گھـٽـين ۾ مـان وتـان ڦرندو

گـداگـر ٿـي مـديـني جـي گھـٽـين ۾ مـان وتـان ڦرندو
نـظـارا نـور جـا نـوري مـديـني جـا وتـان پسندو

وري واپـس اچـڻ جـي لاءِ لـڌو رسـتو نـه ڪـو مـونـکان
حـياتـي سـڀ مـديـني جـي گھـٽـين ۾ وتـان گھـمـندو

مـديـني جـي گـلـي هـڪ هـڪ نـظـارو نـور جـو آهـي
حـياتـي ڀـر مـديـني جـا نـظـارا مـان وتـان ڏسـنـدو

سـڄـي ڌرتـي مـديـني جـي سـراسـر ٿـي ضـيا آهـي
مـديـني جي تـه گـھر گھـر تي ڏسان ٿو نور کي وسندو

مـٺا مـاڻـهـون مـديـني جـا مـٺي ٻـولـي سـندن عــربـي
مـحـمد جـي مـٺي ٻـولـي انـهـن کـان مـان وتـان ٻڌندو

اهـا سـاعـت پـري نـاهـي، مـديـني ۾ لـڏو لاهــي
وهان گھرڙو وڃي ٺاهي رهان چانئٺ سندس چمندو

يـقـين آهـي تـه اڪـرم کـي گـھرائـيندين سچا سرور
رهـائـينديـن اڳـيان در جـي ڏسـيو روضـو پـيو ٺرندو

رحـمـت وارو نـالـو مـحمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

رحـمـت وارو نـالـو مـحمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو
آهـي پـيارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يــار وڻـي ٿـو

جـھـڙي صـورت تـهـڙي سـيرت قـرآن ان جـو شـاهـد آهـي
مـٺو مـوچـارو نـالـو مـحـمـد ﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

حـسـن يوسـف ڪـجھه ڀي ناهي ، سرڪار مدينه جي اڳيان
نـوري نـظـرو نـالـو مـحـمـد ﷺ، دل کـي يــار وڻــي ٿــو

چـشم بصيرت جـو ڇا چـئجي، سـاري جڳ جا نين ٺري پيا
بـيحـد ڀـلارو نـالـو مـحمـدﷺ ، دل کــي يــار وڻـي ٿـو

ابـرو قـوس مـثال پرين جـا پنـبڻيون پـاڪ پـنهل پياريون
يـاسـين وارو نـالـو مـحـمـد ﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

رخـسـار مـبارڪ سـرخ گـلابـي، روئـي مـبارڪ نـور سـراپـا
اهــڙو پـيارو نـالــو مـحـمـدﷺ ، دل کــي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

احـمـدﷺ نگھت ساڻ تـه ڳلـيون مڪـي مديـني جـون ٿـيون واسيل
خـوشـبوءَ وارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يــار وڻــي ٿــو

ڏاڙهـي مـبارڪ مُـنهـن ۾ سـونهـين نـيڻ نـماڻـا ويـتر وھ وھ
خـوشـبوءِ وارو نـالـو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

وار مــبارڪ گـھـنـگـھــرو وار سـنهــڙا سـنهــڙا جـھــڙ اريـشـم

وار مــبارڪ گـھـنـگـھــرو وار سـنهــڙا سـنهــڙا جـھــڙ اريـشـم
سـهـڻو سـونـهـارو نـالـو مـحمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

شـافـع اقـدس مـان ٿـي ظـاهـر جـاھ و جـلالت، هـيـبـت قـوت
ســڀ جـو سهـارو نـالو مـحمـدﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

جنهن جي ڏسڻ سـان ديدھ وارن کي وسري ويا سـڀ سونهن جـا مـرڪـز
سـهڻو سـچـارو نـالـو مـحمـدﷺ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

جـسـم مـقـدس جـي ٿـي ڏسـجـي سـونـي نـوري رنـگـت
نـوري نـظـارو نـالـو مـحمـدﷺ دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

پـريـن پـگھـر مـٽ ڪـنهـن پـر يـارو مـشڪ عنبر ناهي اڪرم
نـگھـت وارو نـالو مـحـمـدﷺ ، دل کـي ڏاڍو يـار وڻـي ٿـو

مـديــني وارو نــبي ﷺ پــيارو

مـديــني وارو نــبي ﷺ پــيارو
هــو مـڪــي وارو ڀــلـو ڀــلارو

سـجھـي نه در ٿو سوا ڪو تنهن جي
هـتي هُـتي جـو ٿـئـين ســهــارو

ڪــا واهـه نـاهـي نـبـي سـڳــورا
ســوا اوهـانـجـي نـه آهـه چـارو

لـکـان ٿـو نـعـتون رزق ڪــشـادو
مـلـي ٿـو بـرڪــت ۽ شــان وارو

رهــان ٿــو خـوشـحــال ڏاڍو هـر دم
ثـڪـر تـي تـنهنـجـي ڪـري گـذارو

ملي جا نسبت سان تنهنجي روزي
ڳـڀو سـو بـرڪـت ۽ شـان وارو

نـه پـلـجـي اڪـرم ٿـو هـڪـڙو در تي
هـتي ٿـو کـائـي جـھــان ســارو

درودن سـلامـن سـان هـي لاش کـڻـجـو

درودن سـلامـن سـان هـي لاش کـڻـجـو
پـڙهـي نـعـت پـوءِ لـحـد ۾ ان کـي رکـجـو

سـڄـڻ سـهـڻو ايـندو زيـارت ٿي ويندي
درودن مــان اهــڙي صـفـت پـاڻ لـکـجـو

سڄي لحدخوشبوسان ڀرجي ئي ويندي
درودن جـو مـک ڏيـئي پـوءِ لاش رکـجـو

ٻـين کـي ڇـا ڏسـبو جـڏهـن هو هو ساڻي
هِـتي ۽ هُـتي آسـرو مـصطـفى ﷺ جــو

غـلامـيءَ ۾ جـنهـن جـي نـجات دو عــالـم
مـزو اهـڙي آقـا جـي ٻـانـهـپ جـو چـکـجـو

ڪـلهـو ڏيـئي ڪـلمـو تـنواريـندا هـلـجــو
لـهـي لـک ٿـو انـسـان مـگـر آهـه ڪـک جـو

اڪـيلـو ڇـڏي مـونـکـي ڪانڌي جو ورندا
اتـي قـبر روشـن ڪـري روءِ بـکـجــو

درودن سـلامـن سـان اڪـرم جـي مـيـت
لـهـي لـحـد انـدر تـه سـامـيءَ ۾ رکـجــو

دل ۾ آهـي عـشـق احـمـدﷺ لـب تـي ان جـو نـام آهـه

دل ۾ آهـي عـشـق احـمـدﷺ لـب تـي ان جـو نـام آهـه
مـنـهنـجـي دل کـي ان ۾ تـسـڪـين آهـه ۽ آرام آهـه

هـو يـقـين هـرگـز وسـاريـندو نـه مـونـکـي تـاجـدار
فـيض بـرڪت مهـر رحـمت جـنهنجـي هـر دم عـام آهه

ديـن حـق آمـد سـان احـمدﷺجـي جھـان ۾ ويو وڌي
چــؤطــرف ويــو ڦـهـلـجــي اســلام ئــي اســلام آهــه

ٿـي ولادت مـصـطـفىﷺجـي پـرنـور ٿـيو ڪـون مـڪان
آيـو ر حـمـت جـو کـڻي رحـمــت نـمـا پـيـعــام آهــه

روز مـحـشـر جـي جـڏهـن ٿـيـندي پـڇـا اعـمـال جـي
مـان اُتـي پڇـندس تـه منهنجـو ڪـٿ اهـو گلـفـام آهـه

ورد ڪــر صـلـوات اڪـرم ڪـر نـه ڳـڻـتي حـشـر جـي
سـڀ خـطائـون بـخـش ٿيـنديـون رب جـو انـجـام آهـه

ڏسان تنهنجـي اکين صورت، مـحمد يا رسـول اللهﷺ

ڏسان تنهنجـي اکين صورت، مـحمد يا رسـول اللهﷺ
پـسـائـي مـنهـن شـفـقـت، مـحـمـد يـا رسول اللهﷺ

وڇـوڙي درد فـرقــت ۾ ڪــيان ٿـو روز شــب دانـهــون
نـه آهـي روح کـي راحــت، مـحـمـد يـا رسـول اللهﷺ

بـرايـن ۽ بـديـن ۾ عـمـر پـنهنجـي مـون ڪـئي پـوري
سـندءِ سـاڻـي ٿـئي رحــمـت ، مـحـمد يا رسول اللهﷺ

چـڱـو آهـيان مـدو آهـيان مـگـر مـحـبوب مـنهـنجـا ٻـڌ
دلـي آهـيان سـندءِ اُمـت، مـحـمـد يـا رسـول اللهﷺ

مـرادون دل جـون مدني تون پڄائيندي پڄائيندين
گھـران توکان ٿـو هـيءَ نعمت، محمديـارسول اللهﷺ

هـتي هــاڻـي هـي اڪــرم پــڻ ٿــيو پـريـشــان هــو
تـون ڏي ديـدار جـي دولـت، مـحـمـد يـا رسول اللهﷺ

جـھـان ۾ پـيـر پـاتو اڄ، مـٺي مـنـٺار بـسـم الله

جـھـان ۾ پـيـر پـاتو اڄ، مـٺي مـنـٺار بـسـم الله
سـخـي سـرور صـفـا سـهڻو، سـچـو سـردار بـسـم الله

سـکيا سـاڻـيه ٿـيـا ڪــي ئـي ، سـخــاوت جــو ڌڻـي آيـو
ويـون مـوجـون ٿـي مـلـڪـن ۾، آيـو غـمـٽار بـسم الله

مـٺي مـرسـل جـي روضـي کـان، رمـي آيـا ڪـيئي بادل
مـحـابـي شـهـه مـحمـدﷺجـي ٿـيا وسـڪـار بـسـم الله

وسـڻ جـا ويـس آگـم اڄ ڪـري آيـو رنـگـارنـگـي
پـيون بـونـدون هـي رحـمـت جـون ٿـيا گلزار بسم الله

مـٺي مـرسـل جـي آمـد سـان، وڌي رونـق بـهـارن جـي
چـمـن ٻـهـڪـي پـيا هـرسـو ڪـيا جـنـسـار بـسـم الله

ٿـين يـوم ولادت جـون، پـيون ارض وسـمـا خـوشيون
مـلائـڪ انـس ۽ حـورون، پـڙهـن صـد بـار بـسـم الله

سـڀـئي سـنسـار ٿـيا سـرهـا مـحمـدﷺ مـير جي آئي
سـڄـي عـالـم جـو ٿـي آيـو، سـڄـڻ سـينگـار بـسم الله

تـمـنا هـئي تـه مـدت کـان مـحمـدﷺ جـي زيارت جـي
لـهـي گـونـدر ويــا دل جــا ڏســي هـڪــوار بـسـم الله

گــناهـن ۾ حـياتـي وئـي ثـوابـن لـئه رڳـو سـنـبري
هـٿين خالي ته اڪرم جي تون لهندين سار بسم الله

اڱـڻ مـنهنـجـي هـلـي آيـو، مـٺو مـنٺـار بـسـم الله

اڱـڻ مـنهنـجـي هـلـي آيـو، مـٺو مـنٺـار بـسـم الله
سـخـي سـرور سـڄڻ سهڻو، سچو سـردر بـسم الله

ولادت بـا سـعـادت جـي، سـبـب ارض و سـما ۾ ٿـا
مـلائـڪ، انـس ۽ حـورون پـڙهـن صـدبـار بـسم الله

بـشـارت سـک سـندي آئـي مـحمدﷺمـير جي آئي
سڄـو عالـم پـيو ٻهڪـي، ڪـري سينگـار بـسم الله

ڏکـيا ڏهـلا ٿـيا سـرهـا، ۽ ويڙهيچن وريون پاٽيون
خـوشـي جـو آهـه مـارن ۾، وريـو غـمـٽار بـسـم الله،

گـناهـن ۾ گـذاريـو جـن ثـواب لـئه نـه جـي سـنبريا
خـدا جـو شـان تـن جـي پـڻ لـڌي تو سار بسم الله

امـيدن جـي سهـاري تـي حـياتـي مان گذاريان پيو
ڪـرائـيـندو مـونکـي اڪـرم سـڄـڻ ديدار بسم الله

ڪـري ٿـو ورد خـود خـدا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

ڪـري ٿـو ورد خـود خـدا درود پـڙهـه درود پـڙهـه
قـبول جـنهـن سان ٿئي دعا درود پڙهه درود پڙهه

درود ســان حــيات ۾ نـظـام ڪــائـنات آ
درود ســان نـجــات آ درود پــڙهــه درود پــڙهــه

ٿـو شـر ڀڄي درود سان ٿو نفس مري درورد سان
سـمـوري ورد جـي شـفـا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

درود تـون پـڙهـي تـه ڏس درود ڳـالـهـه آ وڏي
هــي لـفـظ لـفـظ آ جـزا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

عــتاب ۾ عــذاب ۾ بــخـــار ۾ ڏڪـــار ۾
جـو حـرف حـرف هـو شـفـا درود پـڙهـه درود پـڙهه

يـقـين سـان امين تي يقـين سـان رسـولﷺتي
زبـان و دل سـان دلـربـا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

ڪــريـم تـي رحــيـم تـي عـزيـز تـي يـتـيـم تـي
درورد پـڙهـه تـون بـارهــا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

بـشـير تـي مـنـير تـي رشـيد تـي نـذيــر تــي
پـڙهـي درود اڪــرم درود پـڙهـه درود پـڙهـه

رچـايـا سـانـگ سـڀ سـائـين سـچـي سـردار لــئـه

رچـايـا سـانـگ سـڀ سـائـين سـچـي سـردار لــئـه
نـظـارا خـوب خـلقـيا ويـا مـٺي مـنٺـار احـمـدﷺ لـئه

پـذيـرائـي پـريـن جـي لـئه هـئا مـوجـود سـڀ انـبـيا
درودن جــا کــڻي تــحــفـا ويـا ديــدار احـمـدﷺ لــئه

سڀـئي هئا عرش تي حاضر نبي عيسى کان آدم تاءِ
سڀـئي ٿي مقـتدي بـيٺا پـٺيان مهندار احمدﷺ لئه

نـظـارا حـسـن ڌرتـي کـان سـمـا تـائـين ڏسي چئجو
قمـر ۽ شمس خلقـيئي سڀ مگـر ديدار احمدﷺ لئه

نـظـارا نـور جـا قـائـم زمـين کـان عـرش تـائـين هــا
ڪـيا سـينگـار مـالـڪ هـي سـوين انـوار احمد ﷺ لئه

سـراپـا نـور هـو سـائين نه جنهن جو پوندو پاڇو هو
سـدا قـدسـي آقـا تـي رهـيا ديـدار احـمـدﷺ لـئه

وڏا آگـي ڪـيا احـسـان اڪـرم جـي مـٿان يـارو
درودن جــا پـڙهـي تـحـفــا امــاڻـيا پـار احـمـدﷺلـئه

مـحـمـد ﷺ مـٺي جـي جـڏهــن يـاد آئـي

مـحـمـد ﷺ مـٺي جـي جـڏهــن يـاد آئـي
بــنا مـنـد بـرســات اکــڙيـن وســـائــي

ٺـلـهـو هـو ٺـڪـر هـي انـدر مـنـهـنـجـو سـارو
جـيتـر لنوءَ نبيﷺ سـان نه مون هئي لڳـائي

غـمن مونکي گھيريو پنهنجن منهـن ڦـيريو
انـهـيءَ وقـت آقــا سـڏي ڪــئي ڀـلائــي

درودن جــا تــحــفــا امــاڻـي ٿـو جــيـڪــو
انـهـيءَ جـو مـحـمـد ﷺ انـهـيءَ جـي خـدائـي

وجـھـي واسـطـو مـيـر مــرسـل مــٺي جــو
دعــا جــا گــهــران ٿــو خــدا ســا اگــھــائـي

مـحـمـد ﷺ مـحـمـد ﷺ زبـان تـي هـو نـالـو
ڀـلا ڀــاڳ اڪــرم ســڻائـي ٿــي وائــي

نــانءُ احـمـدﷺ جــو وٺــي دل ٺــار جــي

نــانءُ احـمـدﷺ جــو وٺــي دل ٺــار جــي
زنـدگـي اهـڙي طـرح ســان گــھــار جـي

پــاڪ روضــي کــي ڏســي بــي ســاخــته
چــشـم تـر ٿــي نــير نــيـڻـؤن هــار جــي

سـبـز گـنبذ کـي ڏسـي هـيـنـئـڙو ٺــري
اک بــه اهــڙي دل بــه اهــڙي ڌار جــي

سـڀ ڪـي هوندي خير سان دل ٿي گھري
مـصـطـفـى ﷺ جـي در وڃـي پـل گـھـار جـي

اي خــدا، دل ۽ زبــان ڪــر ســي عــطــا
روز جـن سـان مـصـطـفـىﷺکـي ســارجـي

مـوج ڪُــن دريـاھ ۾ ڦــاســي پـيـس
ڪــر مــدد مــدنـي تـه ٻــيـڙو ٽــار جــي

آس اڪــرم کــي اهــا يــا مـصـطـفـىﷺ
نــانءُ تـنـهـنـجـي تـان حــياتـي وار جـي

مـيلاد مـون ڪـرايـو سـردار جـي ڪــري

مـيلاد مـون ڪـرايـو سـردار جـي ڪــري
غـم دور ٿـيا تـه دل جــا دلـدار جـي ڪــري

محـبوب جي قدم سـان روشـن ٿي ويندو گھـر
رحـمـت جـو نـور وسـندو انـوار جـي ڪـري

روشـن ٿـيون فـضـائـون سـرور جـي نـور سـان
مـسـرور جـڳ ويـو ٿـي سـرڪـار جـي ڪـري

عـرشـن تي رونقون ٿيون رونق ٿي فـرش تـي
هـا سـانگ سـڀ سـڄڻ جي سينگار جي ڪري

ظـلـمـت جـو دور ويـو ۽ خـوشـحـالـي دور آيـو
گـھـر گـھـر ويـا ٿـي سـک ان يـار جـي ڪــري

مـاڻهـن ۾ هئي مـسرت، مرڪون به موٽي آيون
ٻـهڪـي پـيا سـي چـهـرا سـڀ يـار جـي ڪـري

مـحـبوب ڪـئي عـنايـت اڪـرم تـي خــاص آ
سـڀ دور ٿـيون بـلائـون غـمـٽار جـي ڪــري

نـبي پـيارا جـڏن جـيارا، درورد تـوتـي سـلام تـوتـي

نـبي پـيارا جـڏن جـيارا، درورد تـوتـي سـلام تـوتـي
اي لامـڪـان تـي مـڪـان وارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

سـخـي سـٻاجـھـا اي سـرور، مـڪـي مـحـمـد ﷺ مـٺا مـنـور
خـدا جـا دلـبر خـدا جـا پـيارا، درود تــوتــي ســلام تــوتــي

نـه هڙ ۾ پائي نه تن ۾ طاقـت پـسايـو روضـو ڪـريان زيـارت
ڏسـان اکـين سـان نـوري نـظـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

نـٿي سـري ڪـا سـوا تـو سـاعـت اوهـان جـي دل ۾ رهـي محبت
اوهـان جـي سـڪ جـا وڏا سـهـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

اوهـان جي سڪ سـان سندم تـه سينو رهـي ٿو روشـن نبي اڪرمﷺ
ڪـرم ڪـروڙيـن ٿـيا ڪـوهـيارا. درود تـوتـي سـلام تـوتـي

سـوا ثمـر جـي هڻان ٿو هـامون ڏسـي سخـاوت اوهانجـي سرور
اوهـان جـي شفـقـت کـپي سـچـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

اوهـانجـو خـادم اوهـانجـو نـوڪـر سـڏائي اڪـرم ٿـو ٻـورڙي ۾
ڪـرم انـهـيءَ تـي ڪـنديـن ڀـلارا، درودتـوتـي ســلام تـوتـي

سـوين صلـواتـون سـيد تي، ٿيان سرڪار تان صدقي

سـوين صلـواتـون سـيد تي، ٿيان سرڪار تان صدقي
مـٺي مـحبوب مـدنـي ۽ سـچـي مـهـندار تـان صـدقـي

سـويـن سـک آئـي سيد جـي سـکيا سـاڻيهه ٿيا ڪيئي
سـڀئي سـانگـي ٿـيا سـرهـا سچـي سـردار تـان صدقـي

مٺي مرسل جـي آمد تي تـه ملڪان مـلڪ ٿـيون موجـون
مـلائڪ، جـن، مـاڻـهـون خـوش ٿـيا انـوار تـان صـدقـي

زبـان تي ذڪر هو جنهن جو دلين ۾ فڪر هو جنهن جـو
دوا سـو درد دل جـي ٿـيو انـهيءَ دلـدار تـان صـدقـي

اٻـوجـھـن ۽ ضـعـيفـن جـو اجـھـو ٿـي آسـرو آيـو
غـريبـن ۽ يـتيـمـن جـي ٿـيان غـمـٺار تــان صـدقـي

ٽـٽي پـيو زور بـاطـل جـو ڀـڄـي بـت ٿـيا سـڀـئي ٽـڪـرا
حـقيـقت نـور اطـهـر تـنهـن ٿـيان انـوار تـان صـدقـي

خـدا جـي در تـي اڪــرم جـي هـئي هـڪ الـتـجــا دائــم
هـتي تـوڙي هُـتي ٿـيان مـان سـندءِ ديدار تان صدقي

ڏسـي عـظمـت مـحمـدﷺ جـي ڏسـي عـربـي جي سلطـانـي

ڏسـي عـظمـت مـحمـدﷺ جـي ڏسـي عـربـي جي سلطـانـي
مـلائـڪ جـن، حـورن کـي ٿـئي ڏاڍي ٿـي حـيـرانـي

قمـر ڪـومائجـي ويـئڙو جھڪـو ٿـيو شمـس جـو جـوهـر
ڏٺـي جـنـهـن ۾ فـقـط هـلـڪـي رخ انـور جـي تـابـانـي

سـڄـو ئـي نـور هـو تـنـهـن جـو نـظـر پـاڇـو ڪـٿـي ايـندو
حـقيـقـت ۾ ۽ صـورت ۾ سـڄـڻ هـو نـور نـورانـي

سـڄـڻ نـورالـهـدى جـو هـڪ مـثـال بـيـمـثـال آهـي
جـھـان وارن جـي لــئه جــانـي هـدايـت آهــه قــرآنــي

مـٺـي مـحــبوب مـرسـل جـي مـٺي گـفـتار مـصـري کـان
مـنڊيـائـين مـيـٺ ۾ مـاڻـهـو، ٻـڌائـي قـول ربـانـي

ڏکـيا ڏهـلا هــئا ڏيـهـي، ڏکـن جـي ڏاج ۾ ويـڙهـيل
پـريـن آنـدي پـنهـوارن ۾ وڏي خـوشـحـالـي شـادمـاني

سـکـيا سـانـگـي ٿـيا سـرهـا سـڄـي سـاڻـيهـه جـا سائين
قـدم قـربـئون ڀـري آيـو پـکـن مـان وئـي پـريـشـانـي

ويـون مـاڻـهن مان مايوسـيون مـلي مارن کي خوشحالي
جـڏهـن جـانـب جـڏن جـو جـيءَ جـيارو هت رسـيو جاني

پرين جي مان وڃان پاڙي خوشيون ۽ شادمانيون ٿين
انـدر اُجـري وڃـي پـل ۾ ڏسـي صـورت سـا سـبـحـانـي

حـقيـقـت ۾ نـبـي احـمدﷺ اســان کـي زنـدگـي بخـشي
اهـا اڪــرم اســان تــي مـهـربــانـي آهــه يــزدانــي

پـريـن پـيـارو سـچـو سـهـارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي

پـريـن پـيـارو سـچـو سـهـارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي
سدا هــي ســانـول ڀـلـوڀـلارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي

جـھـان ۾ افـضـل غـريـب پـرور امـيـن عـادل حـبـيـب ڪــامـل
خـدا جـو مـحـبوب جـيءَ جـيارو نـبي مـحـمـد رسـولﷺ آهـي

سـليم سـهـڻو فـهـيم سـهـڻو خـدا جـو دلـبر خـدا جــو پــيـارو
هـتي هُـتي جـو سـچـو سـهــارو نـبـي مـحـمـد رسـول ﷺ آهــي

مـرض ڇـڏائـي شـفـا ڏيـاري جـڏا جـياري جـھـان ۾ جـانـي
چـون ٿـا مـاڻـهون سـڀـئي، ڀـلارو نـبي مـحـمد رسول ﷺ آهـي

خـدا جـو هـر وقـت ذڪـر افـضل ۽ بـعد ان جي ذڪر نبيﷺ جو
ٻـنهـي جـھـانـن جـو ڇـوٽـڪـارو نـبـي مـحمـد رسـولﷺ آهـي

ثـنا خـدا ۽ نـبي جـي ڪـن ٿـا هـي فـرش وارا هـو عـرش وارا
خـدا کـان پـوءِ هـي نـالـي وارو نـبي مـحـمـد رسـول ﷺ آهـي

ثنا سڄڻ جي ڪندو ڇا اڪرم ثنا ٿيو قرآن جنهن جي سارو
نـبي نـبـين ۾ تـه نـامـيارو نـبـي مـحـمـد رسـول ﷺ آهــي

احـمد مـحمد مـصطفىﷺ منهنجو نبي سهڻو نبي

احـمد مـحمد مـصطفىﷺ منهنجو نبي سهڻو نبي
مـحمود حامد مجتبىﷺ منهنجـو نبي سهڻو نـبي

روضـي ڌڻـي روزِ جـزا ضـامـن ٿـئي يـوم حـسـاب
بـيشڪ ڏيـاريندو شفـا منهنجـو نبي سهڻو نـبي

بـدڪـار ڏوهـين جـي ٿـيو واهـر وسيلـو يـا نـبي
ڏوهـي ڇـڏائـيندو صـفا منهـنجـو نـبي سهڻو نبي

هـو رحـمت اللـعـالـمـين ۽ هـو شـفـيع الـمذنبين
خـيرالبـشر خـيرالـورى منـهنجـو نبي سهڻو نبي

مـدني مـٺو سرور سـڄو سـرواڻ ساري سـاٿ جو
مـڙني ڪـندو اڪـرم شفا منهنجو نبي سهڻو نبي

بـحمـدالله لکـان پـيو اڄ محمدﷺ جي مان سيرت تي

بـحمـدالله لکـان پـيو اڄ محمدﷺ جي مان سيرت تي
نـه طـاقت آهـه مون ۾پـر لکـان ٿـو مـان حـقيـقـت تي

خـدا کـان پـوءِ مـحمدﷺ جي ٿي هـستي آهـه دنيا ۾
اهـو ڪـافـي لکـڻ آهـي مـحمـدﷺ جـي ته عـظـمـت تي

عرب جي هـر زبـان تي هـو مـحمدﷺ هـڪ امين آهي
ڪـيو ٿي ڀروسـو غـيرن سـدا جنهـن جـي امانـت تـي

نـبي حـيران هـئا جـنهـن جـي ٿي امت ۾ اچڻ لئه خود
ڪـيو ٿي نـاز هر ڪنهن ئي محمدﷺ جي رسالت تي

اشـاري سان اشـهد جي ڪيو جنهن شڪ قمر کي هو
اهـو مـعـجـز نـمـا آهـي لـکـان پـيو ان جـي عـظـمـت تـي

مـحمـدﷺ تـي پـڙهـيو ڪلمو تـه پٿرن پڻ آهي يارو
جـھـان آنـدو ائـين ايـمان مـحمـد ﷺ جـي نـبوت تـي

نـه ڳـڻتي حـشـر جـي اڪـرم ڪـئي يارو ڪڏهن آهي
يقـين محڪم هيو هن کي محمدﷺ جي شفاعت تي

الائـي ڇــو مـدنـيءَ آهــي ديــر لاتــي

الائـي ڇــو مـدنـيءَ آهــي ديــر لاتــي
وڇـوڙي ۾ مـرسـل ڏري ڪـيـئن نه ڇاتي

مـديـني ڏي مـاڻهون وڃن پيا ڏسـان پيو
ائين ڏسندي ڏسندي ٿي گذري حياتي

مـديـني وڃـڻ جـي شـايـد نـاهـيان لائـق
نـالائـق جـي لائـق ڪـندو پـاڻ حـياتـي

ٿـيا سـال سـڪندي ۽ واٽن ڏي ڏسندي
نـه اوٺـي ڪـو آيـو نـه آيـو کـنـياتـي

مـحمـدﷺ مـحمـدﷺ زبـان دل پـڪـاري
لـڳـل تـات دل کـي اهـا ڏيـنـهـن راتـي

زيـارت ڪـرايـو ڪـا روضـي جـي شـاهــا
گـھـرايـو مـديـني ڏسـان پـائـي جـھـاتـي

ڀـلا ڀـاڳ اڪـرم جــا آهــن اول کــان
مـحمـد ﷺ سـان دلــڙي انهـيءَ آهـه لاتي

مـحـمـدﷺ رسـولـن جـو سـلـطـان آهـي

مـحـمـدﷺ رسـولـن جـو سـلـطـان آهـي
مـحـمـد ﷺ خـدا جـو تـه بـرهـان آهـي

جـھـان ۾ اچـڻ لاءِ تـنـهـنـجـي پـيارا
هـو مـوسى هـو عيسى بـه ڪوشان آهي

پـڙهـي پـاڪ ڪلمـو مـحمـدﷺ مـٺي تي
مـحمدﷺ تـي آنـدو مـون ايـمـان آهـي

مـليو ڀـاڳ ۾ آهـه سـهـڻو مـحـمـد ﷺ
ڪــيو خــوب الله احــســان آهــي

ولـسـوف يـعـطـيـڪ ربـک فـترضـى
هـي قـرآن سـارو سـندن شـان آهـي

وڌايـو سـدا ذڪـر جـنـهـن جـو خـدا هـو
هـي اڪـرم بـه ان جـو مـدح خـوان آهـي

گـھـر دعـا سـدا گـھـر هـٿ کـڻي

گـھـر دعـا سـدا گـھـر هـٿ کـڻي
واسـطـو مـحـمـد ﷺ جـو وجـھـي

يـاد رک وسـيـلـو آ نـبـي
ان سـواءِ ٻــي نــاهــي ڪــا ڳــلـي

وَرد رک زبــان تـي صـبـح شــام
يـا نـبي ﷺ مـحـمـدﷺ يــانــبي ﷺ

ڳــالــهـه ڪـر مـحـمـد ﷺ جـي وري
ڳـالـھه جـا وڻـي ٿـي هـر گـھــڙي

دل چــوي مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ
يـا نـبي لـبـن تـي يـا نـبـي ﷺ

مـصـطـفـى ﷺ مـديـني ۾ گـھــراء
الــتـجــا ســڻو روضــي ڌڻــي

ڪــر ڪـرم تـون اڪـرم تـي سـدا
ٿـي رهـي سـندءِ پــاڙيــســري

قـرآن ۾ آ مـدحــت نـبـي ﷺ جـي

قـرآن ۾ آ مـدحــت نـبـي ﷺ جـي
قــرآن آهــي عـظـمـت نـبـيﷺ جي

قـسـمـت مـديـني مـونـکي به نيندي
بـيشڪ مـان آهـيان امت نبيﷺ جي

ڇـا شـهـر هـونـدو سـهڻي نبيﷺ جو
جـت نـور آهـي رحـمـت نـبـيﷺ جـي

حـاجـي ٻـڌايـو آئـي اوهــان کــي
شـهـر نـبـي ۾ نـگـھـت نـبـيﷺ جـي

سـرڪـار ڳالهيون جيڪي ڪيون ٿي
تـن مـان لڳـي ٿـي عـظمت نبيﷺ جي

اڪـرم کـي پـنـهـنـجـو روضـو پسايو
هـن لـئه ڏکـي ٿـي فـرقت نبيﷺ جي

سـرڪـار سـڀاڻـي مـونـکـي بـه گـھـرائي

سـرڪـار سـڀاڻـي مـونـکـي بـه گـھـرائي
پـڪ آهـي هـمـيـشه مـديـنـي رهــائــي

مـحـبوب ڪـرم جـو انـدازو ڪـو نـاهـي
جنهن کي به هو چاهي ان کي ٿو سڏائي

رحـمت ۽ سـخـاوت مدني کانپوءِ بس آ
مجرم ٿين بري جت رحمت جي ٿا سائي

دل سـان جـومحمـدﷺمدني کي پڪاري
دنـيا تـوڙي عـقـبى ٿـو ڀـاڳ ڀـرائـي

اڪـرم جـو وسـيلــو اهــڙو هــو مـڪـمـل
هــر آس مـحـمـدﷺ ان جـي ٿـو پـڄـائي

محـبوب مدني ڪـر تون ڀلائي، مشڪـل ڪشا ڪر مشڪل ڪشائي

محـبوب مدني ڪـر تون ڀلائي، مشڪـل ڪشا ڪر مشڪل ڪشائي
منهنجي مددڪرسرورسڻائي، مشڪل ڪشا ڪر مشڪل ڪشائي

امداد گھـر جي گـھيريو غمن آ، مشڪـل ۾ ڦـيريو منهن دوستن آ
منهنجي مددڪر سرور سڻائي، مشڪل ڪشاڪرمشڪل ڪشائي

عـالم سڄي تي تنهنجـي عنايت مونتي سخي ڪر پنهنجي سخاوت
در تي اچان ٿي تنهنجي گدائي، مشڪل ڪشاڪر مشڪل ڪشائي

خـيرالـورا تـون خـيرالـبـشـر تـون نـورالـهـدى تـون نـور نـظـر تـون
تـون نـور بـيـشڪ آهـين خـدائـي، مـشـڪـل ڪـر مـشڪل ڪشائي

حـاضـر ۽ نـاظـر شـاهـد ۽ حـاشـر اول جـلـوھ نـمـا ۽ جـلــوو خــدائـي
چؤطرف تنهنجي جلوي نمائي، مشڪل ڪشا ڪر مشڪل ڪشائي

پـل پـل اوهـانکـي آقـا پـڪـاريـان دک درد دل جـا روئـي سـڻـايـان
منهنجي مددڪر سرور سڻائي، مشڪل ڪشاڪرمشڪل ڪشائي

جـو دم رهـان مـان زنـدهه جـھـان ۾ صلـوات لـب تـي مـدنـي زبان تي
ائـين ئـي حـياتي ٿـيندي سـجـائي، مشڪل ڪشاڪرمشڪل ڪشائي

امـت مـان آهـيان خـيرالامـم جـي مـونـتـي نـظـر ڪـر مـولا ڪـرم جـي
صدقـي ۾ تنهـنجـي ٿـيندي ڀـلائي، مشڪـل ڪـشاڪـرمشڪل ڪشائي

نـام مـحـمـدﷺ جـڏهـن وٺـان ٿـو خـوشـحـال ڏاڍو هـر دم رهـان ٿـو
هر وقت مون کي ڪم ڏات آئي، مشڪل ڪشا ڪر مشڪل ڪشائي

اڪـرم اوهـانـجـو خـادم سـڏائـي نـوڪـر پـڏائـي آقـا گـھـرائـي
مـرسـل مـٺا ڪـر مونتي ڀلائي، مشڪل ڪشـا ڪـر مشڪل ڪـشائي

نـبـين جـو نـبـي احـمـد ﷺ حـشـر ۾ پـيـشـوا آهـي

نـبـين جـو نـبـي احـمـد ﷺ حـشـر ۾ پـيـشـوا آهـي
رسـولـن ۾ تـه سـهـڻـو مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ آهــي

نـه صـورت ۾ نـه سـيـرت ۾ رسـالــت ۾ نـه عـظـمـت ۾
نـه ثـاني آهي ڪـو جـنهـنجـو سـو احـمـد مـجتبىﷺ آهي

جھـان جـي ڪل حـسـينن کان حسين منهنجو نبي آهي
رسـولـن ۾ ٿـيـو مـحـبوب رب جـو مـصـطـفـى ﷺ آهـي

خـدا کـي ٿـو نـبي ڄـاڻـي مـحـمـدﷺ کـي خـدا ڄــاڻـي
خـدا کـان بـعـد هـسـتي سـا نـبـي نـورالـهـدى آهـي

خـدا پـنهنـجـي خـدائـي کـي سجـايو حـسن مرسل سان
حـقيقـي سـونـهـن اي اڪـرم مـحمـدﷺ جـي ضـيا آهـي

مـحمـد مـصـطـفـىﷺ مـدنـي ٿـيو مـهـمـان يـزدانـي

مـحمـد مـصـطـفـىﷺ مـدنـي ٿـيو مـهـمـان يـزدانـي
مـٿـس مـهـر و مـحـبـت جـي فـراوانـي ٿـي رحـمـانـي

صـداقـت ڏي تـون صـديـقـي جـلال و جـاھ فاروقي
عطـا ڪـر حـيدري قـوت سـخـاوت ڏي تـون عثماني

عـطـا جـذبـئه حُـر ۽ حـسـيـني عـزم وارو ڪـر
ڪـيون اسـلام کـي زنـدهـه اهــا قــوت ڏي ايـمـانـي

وري خـالـد ۽ طـارق جـو اٿـي سـڀ دؤر دهـرايـون
جـھـاد جـوش کـي ڏسـندي وٺـي غيرن کي حيراني

خـدا پنهـنجو نبيﷺپنهنجو ٿيو قرآن ڀي پنهنجو
خـدا وٽ هـي دعـا آهـي اچـي رهـجـي مـسـلـمـانـي

مـحـرف ديـن ٿـيا ٻـيـا پـر مـسـلـم ديـن فـطـرت هو
اهـو اول اهـو آخـر خـدا جـو ديـن لاثــانـي

اٿي تـون نـنـڊ ڇـڏ اڪــرم هـڻي نـعـرو رسـالـت جـو
جـھـان وارن کـي ڏس پنهنجي حڪمراني ۽ سلطاني

مـٺو مـحـمـدﷺ ڪـريـم آهـي سـچـو ۽ صـادق امـين آهـي

مـٺو مـحـمـدﷺ ڪـريـم آهـي سـچـو ۽ صـادق امـين آهـي
اسـانـجـو ايـمـان آهــه ڪــامـل اسـانـجـي دل جـو يـقـين آهـي

نـبيﷺ جي صورت نبيﷺ جي سيرت سراپا آهي خدا جي رحمت
نـبيﷺ جـو هـرهـڪ تـه حـرف ٿـيو دل پـذيـر ۽ دل نـشـيـن آهـي

نـه گـل گـلابـي گـلـن ۾ اهـڙو نـه آسـمـان ۾ قـمـر هـو اهـڙو
نـبيءَ ﷺ جھـڙو ٿـيو نـه هـر گـز وري ٻـيو ڪـو حـسـيـن آهــي

نـبيﷺ اسـانـجـو تـه خـوبـصـورت حـسـيـن آهـي جـمـيـل آهـي
جـمــال صـورت ڪـمــال سـيـرت ســو ٿــيو بـهــتـريــن آهــي

عـجـب شـرف آ مـليو تـه نـعت نـبيﷺ جـي لکـندي اسـان کـي يارو
ثـنا جـنهيـن جـي ڪـري ڪـمـايـون ثـواب سـو بـهـتـريـن آهـي

سـدائـين اڪـرم سـڏي اوهـانکي ڪـرايو زيـارت رسول عربيﷺ
اگـھـائـي هـر دم دعـا ٿـو مـنهـنجـي مـونکـي تـه ان ۾ يـقـين آهـي

سـهـڻـا سـڄــڻ ســردار مـدنـي

سـهـڻـا سـڄــڻ ســردار مـدنـي
مـٺـڙا مـٺـا مـنـٺـار مـدنـي

احـسـان تـي احـسـان تـنـهنجـا
مـون تـي ٿـيـا صـد بـار مـدنـي

ذڪــر نـبي ﷺ ذڪــر خــدا آ
مـون چـيـو صـد بــار مـدنــي

گـنـبـذ مـٿـان هــي نـور نـوري
تـنـهـنـجـا ڏٺـم انـوار مـدنـي

دلـداري و تـسـڪـيـن دل کـي
تـنـهنـجـي کـپـي دلـدار مـدنـي

اڪـرم ڪـري ٿـو الـتـجـائـون
مـونـکـي سـڏيـو هـڪـوار مـدنـي

نـبـي مـڪــرم رســول گــرامــي

نـبـي مـڪــرم رســول گــرامــي
مـحـمـد ﷺ مـحـمـد شـه ذوا گــرامــي

بـشـيرً نـذيـرً ســراجً مـنــيرً
ســراپــا جــمـيل ۽ جــمــالِ دوامــي

عـزيـزءٌ حـريـصءٌ رئـوفءٌ رحـيـمءٌ
مــتـاع دوعــالــم شــفــيـع گــرامــي

زمـين تي محمد ﷺ فـلڪ تي محمدﷺ
زمـين تـي سـلامـي فـلـڪ تـي سـلامـي

ڪـلـيم خـدا ۽ ڪـالام خـدا ڀـي
نـبـي جـو ٿـيـو اعــجـاز مـعـجــز ڪــلامي

نـگـاھ ڪـرم جـا ٿـيا مـنـتـظـر سـڀ
هـي سـنڌي ۽ هـندي حجازي ۽ شامي

ڪـٿي يـار اڪـرم ڪـٿي نـعت احمدﷺ
ثـنا خـوان ته تنهنجا هي احسن گرامي

عـشـق رسـولﷺ۾ ٿـي، گـذري حـيات منهنجـي

عـشـق رسـولﷺ۾ ٿـي، گـذري حـيات منهنجـي
تـسڪين رشڪ ٿيندي، بـيشڪ ممات منهنجي

پـهچـان مـديـني مـرسـل، اهـڙو سـبـب پـوي ٿـي
سـرڪـار جـي صـحـن ۾، گـذري ڪا رات منهنجي

مـحـبوب جـي مـٿان مـان، هـر دم ٿـو نعت ٺاهيان
لـمحـو اچـي ٻـڌي خـود، مـرسل ڪا بات منهنجي

عـمـر دراز گـذري، مـنهـن جـي دورد پـڙهـنـدي
ٿـيندي سـجـائي آخـر، مـحـنـت ۽ لات منـهنـجي

مـون تـي وڏائـي احـسان ٿـينـدا وري انهـيِءَ دم
مــحـبوب جـي اڱـڻ ۾، گـذري ڪـا رات مـنـهـنجـي

مـنهنـجـا مـٺا مـحـمـدﷺ ، اڪـرم اوهـانـجـو آهـي
رحـمـت ۾ آڻـيو پـنهنجي، ٿيندي نجات منهنجي

نـالـو مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

نـالـو مـحـمـد مـصـطـفـى ﷺ دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي
نـالـو ٿـو احـمـد مـجـتـبـىﷺ دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

هـي دسـت قـدرت بـي ريـا، سـڀ لـئه سـراپـا هـو دعــا
مـنـهـنـجـو نـبـيﷺ صـاحـب شـفـا، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

اول نـبـيﷺ آخــر نـبـيﷺ ظــاهــر نـبـي بــاطــن نـبـيﷺ
ســو ابـتـدا ســو انـتـهــا، دل کــي وڻــي ڏاڍو وڻــي

شـاهد نـبيﷺ صـادق نبيﷺ، حامد نبيﷺ قاسم نبيﷺ
مـنـهـنـجـو نـبـيﷺ نـورالـهـدى ﷺ، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

عـالـم نـبـيﷺ نـاصـح نـبـي، رحـمت نبيﷺ برڪت نبيﷺ
روضـي ڌڻـي روز جــزا، دل کــي وڻــي ڏاڍو وڻــي

اطـهـر نـبيﷺ طـاهـر نـبـيﷺ سهـڻو نـبيﷺ، مـٺـڙو نبيﷺ
مـنـهـنـجـو نـبـيﷺ نـور خـدا، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

حـاضر نـبيﷺ نـاظر نبيﷺ حاشر نبيﷺ، ناصرنبيﷺ،
مـنهنـجـو نـبيﷺ هِـت هُـت شـفا، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

مـڪـي نـبـيﷺ مـدنـي نـبيﷺ، عـربي نـبيﷺ هـو هـاشمي
مـنـهـنـجـو نـبيﷺ درمـل دعـا، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

سـهـڻـا لـقـب سـرڪـار کـي وھ وھ ڪـيـا خـالـق عـطـا
مـحـمـود، قـاسـم، مـرتـضـى، دل کـي وڻـي ڏاڍو وڻـي

اڪـرم نـبـيﷺ افـضـل نـبـيﷺ ڪـامل نبيﷺ منهنجو نبي
مـنهنـجـو نـبيﷺ رحــمـت نـمـا، دل کــي وڻــي ڏاڍو وڻــي

زهـي قـسـمـت نـصـيـبن ۾ مـدنـي جـو سـفـر آهـي

زهـي قـسـمـت نـصـيـبن ۾ مـدنـي جـو سـفـر آهـي
رهـان ٿـو سـنـڌ ۾ روضـو مـگـر مـدنـظــر آهـي

عـنايـت تـي عـنايـت ڪـئي نـبي نورالهدى ﷺ آهي
پسايو خواب ۾ مونـکي نـبى ﷺپـنهنجو تـه در آهي

نـوازش تـي نـوازش ڪـئي مـٺي مـحـبوب مـدنـي آ
درود پـاڪ لـب تـي ورد ٿـيو شــام و سـحــر آهـي

بـشـر لـئه آهـي عـظـمـت مـحـمـد مصطـفى ﷺمـدني
سـراپـا خـيـر جـو گـھـر ٿـيو اهـو خـيرالبـشـر آهـي

تـخـاطـب ڇـا چـوان ان جـو بصيـرت ڇـا چوان ان جي
اهـو حـاضـر اهـو نـاظــر ۽ شــاهـد ديـنـور آهـي

مـحمـدﷺڪارڻـيءَ جـي لـئه خـدا خـلقيا جھان ٻئي
وسـيلــو ٻــن جـھـانـن جـو سـڀـن جــو راهــبـر آهي

حـقيقـتن ۾ تـه اڪـرم کي سخن جي ڏات ٿو بخشي
لکـان نـعـتون مـحمدﷺ تـي ڏنو جنهن هي هنر آهي

مـديـنـي جـي دل ۾ رهــي آرزو ٿـي

مـديـنـي جـي دل ۾ رهــي آرزو ٿـي
جـتي زنـدگـي سـڀ ٿـئـي ســرخــرو ٿــي

مـڪـو گـھـر خـدا جـو نـبـي ﷺ جـو مـديـنـو
ٻـنهـي تي ئي رحـمـت وسـي ڪـوبـڪـو ٿـي

درودن سـلامــن جــا تــحــفــا کــڻـي مــان
ڪـيان پـيـش روضــي اڳــيـان روبــرو ٿـي

مـحمـد ﷺ جـي صدقي گھڻو ڪجھ ملي پيو
رهـي خـيـريــت ســان ســندم آبــرو ٿــي

خـدايـا ڪـرم ڪـر تـون اڪـرم تـي هـر دم
مـحمد ﷺ جـي جنهن کي وڻي جستجـو ٿي

اٿـي ويـٺـي سـتـي لـب تـي سـدا صـل عـلـى آهـي

اٿـي ويـٺـي سـتـي لـب تـي سـدا صـل عـلـى آهـي
خـدا جـي مـهـربـانـي سـان مـحـمـدﷺ جـي عـطـا آهـي

فـقـط نـالـو مـحـمـدﷺ جـو ٿـيو هـر درد لـئه دارو
دوا تـي دم ڪـري جـنـهـن کـي ڏيـان ان لـئه شـفا آهي

هـينـئي۾ يـاد سـرور جـي لـبـن تـي نـام سـرور جــو
اهـائـي بـس عـبـادت ٿـي قـبولـيـت در خـدا آهــي

حـقيـقـت ۾ مـحـمـد ﷺ جـي حـقـيقـت ٿـو خـدا ڄـاڻي
حـقـيـقـت ۾ خـدا کـان خـود مـحـمـدﷺ آشـنـا آهــي

محمد ﷺجـي رضا کي ٿو خدا پنهنجـي رضـا سمجھـي
اطـاعـت ڪـر مـحـمد جـي اهـو حـڪـم خـدا آهـي

مـحـمـدﷺ ئـي مـحـمـدﷺ آ هـتي تـوڙي هُـتي يـارو
سـندس نـالـي سـوا يــارو نـه ڀـرو ڪـو خــلا آهــي

نـبي اڪـرم ﷺ ٿـيو رحـمت نـبي اڪرمﷺ ٿيو برڪت
نـبيﷺ سـڀـني جـي لـئه هـر جـا شفـاعـت ۽ شـفا آهي

سنڌ سلامت جو مختصر تعارف

سنڌ سلامت
www. sindhsalamat. com

سنڌ سلامت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي، ڇو تہ تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نہ رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
اسان جي خواهش ھئي تہ سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن. ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگھجي.
۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گهر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. اميد تہ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نہ صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو ساٿ نڀائيندا.


books.sindhsalamat.com


سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو:


https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book