ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

انبن جهليو ٻور

تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کي نثري نظمون چوڻ ايئن آهي جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“ 
  • 4.5/5.0
  • 642
  • 254
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book انبن جهليو ٻور

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر تاجل بيوس جي نثري ٽُڪرن/نثراڻي شاعريءَ جو مجموعو ”انبن جهليو ٻور“ اوهان اڳيان پيش آهي. 
تاجل بيوس لکي ٿو تہ ”هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کي نثري نظمون چوڻ ايئن آهي جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.“ 
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1983ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1985ع ۾ سنگم پبليڪيشن، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون تاجل بيوس جي فرزند ۽ تاجل بيوس اڪيڊميءَ جي سرواڻ سليم تاج جا جنھن ھي ڪتاب سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاھي چنا جي مدد سان نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

تاجل بيوس اڪيڊمي جو ڪتاب

ڪتاب: انبن جهليو ٻور
موضوع: شاعراڻو نثر
ليکڪ: تاجل’بيوس‘
ترتيب: ڪرم الاهي چنا
ٽائيٽل: فتاح هاليپوٽو
ڪمپوزنگ ۽ پيج ميڪنگ: ڪرم الاهي چنا
ڇاپيندڙ: سنگم پبليڪيشن
ڇاپو پھريون: آڪٽوبر 1983ع، واحد آرٽ پريس، ڪراچي.
ڇاپو ٻيون: فيبروري 1985ع، شھباز پريس، حيدرآباد.
ٽيون ڇاپو (ڊجيٽل): مئي 2024ع تاجل بيوس اڪيڊمي
قيمت: ٻارهن روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024

ANBAN JHALIO BOOR
(Mango-Tree at full Blossom)
Subject: Poetic Prose
By: TAJAL `BEWAS`
Compiled by: Karam Ellahi Channa
Composing & Page Making: Karam Ellahi Channa
Phone: 0345-2225458
1st & 2nd Edition by: Sangam Publication: Oct 1983 & Feb 1985
3rd Edition by: Tajal Bewas Academy: May 2024 (Digital Edition)

ارپنا

ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڄاين،
جي نالي

جن منھنجي ذهن ۽ شعور کي ايڏو تہ زرخيز ڪري ڇڏيو آهي، جو اُن زرخيزيءَ کي محسوس ڪندي، چئي ڏيندو آهيان:
شال! مون ۾ ايڏي سگهہ پيدا ٿئي جو سندن ٿورا لاهي، ڪي گهڙيون ڪُلھن کي ساهي پٽرايان.

تاجل “بيوس”

پبلشر نوٽ

ڌرتيءَ جي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار تاجل “بيوس” جي انمول ڪتاب “انبن جهليو ٻور” جو ٻيو ڇاپو پڙهندڙن لاءِ حاضر آهي. اسان جي اداري لاءِ هيءُ پھريون موقعو آهي جو ڪو ڪتاب ايترو جلد ٻيھر شايع ڪري رهيا آهيون ۽ تاجل “بيوس” لاءِ پڻ اعزاز آهي، تہ سندس لکڻين کي پڙهندڙ ايترو پسند ڪن ٿا جو سندس ڪتاب هڪ سال بعد ٻيھر ڇاپڻو پيو. حالانڪہ ان موضوع تي ڪن مشھور ليکڪن جا ڪتاب بہ پٽجي ويا آهن.
اسان جلد ئي تاجل “بيوس” جا ٻيا بہ ڪتاب: “اڇو پاڻي لڙ ٿيو” جيڪو سندس جديد ۽ ترقي پسند ڪھاڻين جو مجموعو آهي. ۽ “سرجيندڙ ساڻيھہ جا” ۾ زندگيءَ جي سرجيندڙ مثلاً هاري، ڪنڀر، ڪوري، واڍي، رازي، لوهر ۽ مزدور وغيرہ جي ساراھہ ۾ بيت چيل آهي.

اوهان جو ساٿي

ڪرم الاهي چنا
فيبروري 1985ع

اُٿيا آهن اڄ- وِڄُ لڪائُي ويس ۾

اُٿيا آهن اڄ- وِڄُ لڪائُي ويس ۾
وَڄِرَ! تنھنجي وات ۾ باقي هڪڙو وِڄ
برا هتان ڀڄ- نہ تہ مِرون ٿيندءِ مامرا



ڇيلا ڇيڪاري- نيسر ٽپي نينگري
اُڃن کي اَهڏ مان، پاڻي ٿي پياري
مون کي ٿو ماري- نظارو اِن نار جو



ڇڪي گليلي- هڻ نہ اِنھيءَ هنج کي
جتي ڪٿي جندڙي، ڪانھي اڪيلي
ٻيلھہ اٿئي ٻيلي سڀ پکي هِن سَرَ جا

سون- مياڻيءَ سڏ ٿيو: تاجل بيوس

ماڻھو ۽ ڌرتيءَ جي لڳ لاڳاپن تي مان جڏهن بہ ويھي سوچيو آهي، تڏهن اِنھن ٻنھي شين جيڏي مھان ۽ مٿڀري ڪا ٽين شيءِ مون کي نظر ئي ڪا نہ ايندي آهي. مان جڏهن بہ ڌرتيءَ سان روح رهاڻ ڪرڻ وهندو آهيان تہ منھنجي ذهن ۽ شعور ئي فقط ڌرتيءَ جو ئي واسو هوندو آهي، جيڪا ڪڏهن ڪنھن وڻ جي ڇانوَ ۾ وهاري، مون کي پنھنجي اُڀريل ڇاتيءَ مان کير جا ڪٽورا پياريندي آهي تہ ڪڏهن ڪنھن باغ ۾ بيھاري چوندي آهي: “هو ڏس! هن گُجر جيڪو گل پٽيو آهي سو سنديس هٿ ۾ ڪيڏو نہ سھڻو ۽ تازو پيو لڳي!” ڪڏهن چوندي آهي:
“هو ڏس!
هنن ٻوڪيل انبن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءَ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس!
هوءَ منڊي ڪڪري، ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ٿر ڏانھن اڏاڻي پئي وڃي.
هو ڏس!
ڪانھن جي تازي نسريل ڍڍي ئي ڪڻڇي لاتيون پئي لنوين.

هو ڏس!
هن پورهيت جي پيشانيءَ تي پگهر ڦڙا مُنڊيءَ جون ٽڪون پيا لڳن.
هو ڏس!
هوءَ ڀاڳياڻي چاڏيءَ تان ڍڪڻ لاهي، چاڏيءَ ۾ نھاري چوي پئي تہ روشنيءَ جي جيڪڏهن ڪا حسين ڪائنات آهي تہ اُها سنديس کير- مکڻ واري چاڏي ئي ٿي سگهي ٿي.”
۽ پوءِ منھنجي ذهن ۽ شعور مان گشت ڪندا، منھنجا گيت ڪنھن ڪاڳر تي جنم وٺندا آهن.
ماڻھوءَ ۽ مٽيءَ (Man and Soil) جا مون کي سوين روپ نظر اچڻ لڳندا آهن. ساڻيھہ جي ڪردارن سان سينگاريل عنوان منھنجي ذهن ۽ شعور جي تلاءَ تي هنج ۽ سرخاب بڻجي لھندا آهن. عنوانن جي ميڙاڪن کي محسوس ڪندي، مان چوندو آهيان تہ اهي تخليقن جا ڪردار آهن يا ڪنھن کيت مان ڦٽيون چونڊيندڙ ڳوٺاڻيون!
بس، اهڙيءَ طرح ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ايڏو تہ ٻھڪي پوندي آهي جو مون کي آسڪر وائيلڊ جو جملو دهرائڻو پوندو آهي، جنھن چيو آهي:
“فطرت منھنجي نگاھہ کي تازو ۽ تيز ڪندي آهي.”
شيخ اياز جو هيٺيون شعراڻو نثر ذهن تي ڪيئي چِٽَ چٽي ويندو آهي.
“اي سنڌ! تون ماءُ آهين.”
مان تنھنجي ڌرتيءَ مان شاعراڻو مواد ايئن حاصل ڪندو آهيان جيئن ٿر جي ڳاڙهي ڳئونءَ جي اوھہ مان اُن جو ٻچڙو کير پيئندو آهي.”
علي بابا پنھنجي ڪھاڻي “ڌرتيءَ- ڌڪاڻا” ۾ جلاوطن کان چوايو آهي:
“الا! منھنجي بہ ڪا ڌرتي هجي ها ۽ پوءِ مونکي پنھنجي ڌرتي وڻڻ سان گڏ وطن جا واڳون بہ وڻن ها.”
هڪ ڏينھن ڌرتيءَ جي جمالياتي جهلڪين بابت دادي گرداس واڌواڻيءَ کان سوال ڪيم تہ هو ڌرتيءَ جي انيڪ روپن مان ڪو بہ هڪ اهڙو روپ ٻڌائي جنھن جي حسن ۽ جمال کيس موهي وڌو هجي. هن وراڻيون هو:
“منھنجي ڌرتي سدا خوبصورت آهي، پوءِ ڀلي بھار هجي يا خزان.”

هر شيءِ کي پاسي رکي، مان جڏهن ماڻھوءَ سان مخاطب ٿيندو آهيان، تہ منھنجي ذهن ۽ شعور ۾ فقط ماڻھو ئي رهجي ويندا آهن. ايئن جيئن ڪنھن ڍنڍ جي ڪپ تان تاڙي وڄائڻ تي پکي اڏامي وڃن ۽ پاڻيءَ مٿان ڪنول ۽ نيلوفر جا گل جهوندا نظر اچن.
سچ پچ، ماڻھو مون کي ويجهي کان ويجها نظر ايندا آهن، جيڪي منھنجي محبت جي جواب ۾ هر طرف کان پنھنجن هٿن ۾ محبت ۽ خلوص جا گل جهلي، مون کي آڇڻ لڳندا آهن ۽ مون کين هيئن ٻڌايو هو:
”هڪ ڏينھن سڄو هٿ نرڙ تي رکي، مون سوچيو هو تہ: ڇا ماڻھوءَ کان مٿڀري، خوبصورت ۽ ڪارگر ڪا ٻي شيءِ بہ ٿي سگهي ٿي! مان ماضيءَ ۾ ايڏو تہ پٺتي هليو ويو هئس جيئن ڪو ٽوٻو سمنڊ جي گھراين ۾ وڃي موتي ڳولھيندو آهي. مون سامھون سورج۔ مکيءَ جي رقص ڪندڙ گلن ڏانھن ڏٺو هو. ماڻھوءَ جو مکڙو مون کي سورج- مکيءَ کان وڌيڪ تازو ۽ سھڻو لڳو هو. گلاب جي پنکڙين سان مون ڪيئي دفعا ٻنھي هٿن جون مٺيون ڀريون هيون، پر جڏهن منھنجن هٿن هڪ سندر گوريءَ جا ڪومل ڳل ڇھيا هئا تہ مون کان گلاب جي پنکڙين جو ڇھاءُ وسري ويو هو. ڪنڌيءَ تي لڏندڙ نيلوفر جي گلن کي سيرون ڏيئي، وچ ڍنڍ ۾ وڃي مان نيري ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي، ڪيئي دفعا ڍنڍ جي تري کي ڇھيو هو پر ماڻھوءَ جي چمڪندڙ اکين جي گھراين تائين مان اڃان سوڌو نہ پھچي سگهيو آهيان. ڪيئي بھارون وڙ وڙ جون خوشيون کڻي اينديون آهن پر جڏهن تڙڳڻ کان پوءِ منھنجي اڳيان هڪ گجر چيلھہ ڪلھن تي لٽڪندڙ زلفن کي ڇنڊڪو ڏيئي مون تي خوشبوءَ جي اوت ڪئي هئي، تڏهن مون عورت جي ڀڀڪيدار وجود کي ‘بھار’ سڏيو هو.
سج جي حرارت، چنڊ جو کڙڻ، ستارن جي جهرمر، سمنڊ جي گھرائي، درياءَ جي موج، مون کان ماڻھو ۽ ماڻھوءَ جي وٿ ڪين وساري سگهيا آهن. ماڻھو منھنجي ذهن تي ڇانيل ٿا رهن. پٺتي ماڻھو، وچ تي ماڻھو، اڳتي ماڻھو، ماڻھو ئي ماڻھو. بس هر وقت منھنجي ذهن تي ماڻھو قطارون جوڙيو بيٺا آهن.”
وري بہ مون کي آسڪر وائيلڊ جا هيٺيان ڏاهپ ڀريا نقطا ياد اچي ويندا آهن: ”جڏهن فنڪار کي محبت ۾ سرشار ڏسو تہ ان جو مطلب محض هيءُ آهي تہ هُن جي ذات ۾ حسن جو شعور گهر ڪري ويو آهي.“
وائٽ وٽمن ماڻھوءَ جي وجودي پوترتا ۽ آهميت جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:
“ھرڪا شيءَ ماڻھوءَ مان ڦُٽي نڪري ٿي. سادي ماڻھوءَ مان- ماڻھوءَ مان- ۽ فقط ماڻھوءَ مان.” هونءَ بہ جسمن ۽ روحن جي شاعر چوائڻ ۾ وٽمن وڏو فخر ڪندو هو.
ڪنھن ڌرتيءَ‏ ڄائي کي خوش ٿيندو ڏسي، شيخ اياز چيو آهي: ”مون کي ھزارن ڪتابن جي مطالعي مان اُھا خوشي حاصل نہ ٿي، جا هڪ ٻڍڙي هاريءَ جي گهنجيل منھن تي ڦھليل مرڪ ڏسي، ملي.“ پنھنجي ڪتاب ”پتڻ ٿو پور ڪري“ ۾ ھڪ ٻئي ھنڌ، ڪائنات جي حسين ۽ سندر شاهڪار عورت جي باري ۾ شيخ اياز چوي ٿو:
“اي آمارو! مون ڀڄائي آهي، تنھنجي سندري!
اڄ ھوءَ منھنجي شاعريءَ ۾ ميندي لائي ويٺي آهي ۽ اڳي کان بہ وڌيڪ سندر لڳي رهي آهي.”

روس جي مشھور شاعر ييسينين پنھنجي آتم ڪٿا ۾ پاڻ کي هاريءَ جو پٽ چوندي، وڏو فخر محسوس ڪيو آهي. هن چيو آهي تہ سندس پيءُ هاري هو ۽ هو هڪ هاريءَ جو پٽ آهي. يوري پروڪو شيف، يسينين جي فن ۽ سندس شخصيت تي لکندي، ٻڌايو آهي تہ يسينين پنھنجن آتم- ڪٿائن ۾ غريب هارين جي زندگيءَ کي فخر سان بيان ڪيو آهي.
مان بہ هاري، هاريءَ جو پٽ، پنھنجي شعري مجموعي ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ کان پوءِ اِجهو اوهان ديس واسين وٽ ”انبن جهليو ٻور“ کڻي حاضر ٿيو آهيان ۽ اوهان کي ٻُور سان جنجهريل ٽارين هيٺان وهڻ جون دعوتون پيو ڏيان، تہ ڪا گهڙي انبن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ ويھي اسين روح- رچنديون ڪيون. هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيھڻ بدران اڳتي وڌڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون.
گورڪي ستن سالن جي ڄمار ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو. نون سالن ۾ کيس پاڻ- ڪمائڻ ۽ پاڻ- ‏ کائڻ وارا ڏينھن ڏسڻا پيا هئا. ٻارهن سالن جي عمر ۾ مجبور ٿي پنھنجن ظالم مائٽن کي ڇڏڻو پيو هئس ۽ پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ کيس در در جون ٺوڪرون کائڻيون پيون ھيون.
فطرت جو شاعر- وليم ورڊ سورٿ تيرھن سالن جي عمر ۾ يتيم ٿيو. نڍپڻ ۾ ئي ٽڪرين تان لھي، ٻيلا گهمڻ ۽ ٻيلا گهمي، ڍنڍن جو سير ڪرڻ سندس ذهني لاڙن ۽ ذاتي مشاهدن کي ارتقائي مرحلن مان گذاري، منجهس ڪم وارين تخليقن جو بنياد وجهي رھيا هئا.
گورڪي ۽ ورڊ سورٿ وانگي مان بہ ننڍڙائپ جو ڇورو ڇنو آهيان. اٺن سالن جو ٿيس تہ ابي سائينءَ اکيون ٻوٽيون ۽ اڃا سوڌو نہ پٽيون اٿائين، جنھن ڪري روزگار جي مسئلي ڪري، پڙهڻ ڇڏي، پنھنجن ڪچڙن ڪلھن تي ھيڏي ساري لٺ رکي پرائين- پنھنجين مينھن جي وڳ جو ڌنار بڻجڻو پيو. ان وقت مان پھريون درجو پڙهندو ھئس ۽ مونکي ورهاڱي واري لڏ- پلاڻ، ۽ ان وقت جي ريتن رسمن ۽ ڳوٺن واهڻن جا وهنوار ۽ ڏيک ويک چٽا پٽا ياد آهن. پيءُ گذاري ويو تہ اڌ مھيني کن اندر اسان جو وڏو ڀاءُ بہ اسان کان الڳ ٿي ويو. بس، جَتَ نہ ڪنھنجا مِٽ! اسان ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ؛ مان ۽ منھنجي کير جھڙي ڀيڻ- بصر خاتون اھو اڌ مھينو پنھنجي وڏي ڀاءُ کي ‘ابو’ سڏڻ لڳا هئاسون. پرجيئن تہ پيءُ جي لاڏاڻي کي اڃان پندرهن‏ ڏينھن مس گذريا، تہ وڏو ڀاءُ اسان کان جدا ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ اسان ڪنھن کي بہ ‘ابو’ نہ سڏيو.
مينھن چارڻ ڪري، ورڊسورٿ وانگي پڪي توڙي ڪچي کي مطالعي ڪرڻ جو موقعو مليو.
هتي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ فطري نظارن ۽ مشاھدن جو ذڪر ڪرڻ، مان مناسب نٿو سمجهان ڇاڪاڻ تہ اهڙو ٿورو ڪي گهڻو ذڪر مان پنھنجي پھرين ڪتاب ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ ۾ ڪري چڪو آهيان. ٻيو تہ منھنجي ھن‏ ڪتاب ۾ شامل ڪيل شاعراڻي نثرن کي تخليق ڪرڻ ۾ منھنجن انھن ماضيءَ وارن مشاهدن ۽ تجربن جو وڏو دخل آهي . مان تہ ايئن بہ چوندس تہ منھنجي غريب ماضيءَ جا مانيءَ ڀور مونسان ساٿ نڀائي، جيڪڏهن مونکي ڪچي ۽ پڪي ۾ نہ رلائن ها تہ مون لاءِ هنن ٻن ڪتابن کي جنم ڏيڻ مشڪل بہ هو تہ ناممڪن بہ- ‘انبن جهليو ٻور’ وارا هڪ سؤ سٺ شاعراڻا نثر، جيڪي منھنجي ذهني سوچ ۽ شعور مان لڪيءَ وارن چشمن وانگر هڪ ٻئي پويان ڦٽي نڪتا آهن، سي شايد جنم نہ وٺي سگهن ها. منھنجي لکڻين جو اُجورو توڙي ڌنڌلو آئينو آهن ئي اِهي نثر، جيڪي ٻاهرين عڪسن ۽ اولڙن پوڻ کان پوءِ ۽ ڪجهہ ٿوري گهڻي مطالعي کان پوءِ مون اوهان لاءِ ويھي لکيا آهن. ٽيون تہ ابي سائينءَ وانگر جيڪڏهن مون کي وقت کان اڳي اکيون نہ ٻوٽڻيون پيون ۽ زندگيءَ ساٿ ڏنو تہ پوءِ اهي ماضيءَ جون ڳالھيون مان پنھنجي آتم ڪٿا ۾ بيان ڪندس. ان وقت ڌرتي، ڌرتيءَ جا نظارا مون کي ڪيئن لڳا، ماڻھوءَ کي مان ڪھڙين حالتن ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن ڏٺو. مان سڀ ڪجهہ پنھنجي آتم- ڪٿا ۾ لکندس.
معاشي بدحالي هجي يا سماجي اڻ- برابري، اهي ناانصافيون پنھنجي اک جو مشاهدو هجن يا ڪنھن برک ليکڪ جي ذهني پيداوار جو مطالعو مان ڪٿان نہ ڪٿان ضرور پئي ورتو.
ڪو بہ مھان شاعر يا ليکڪ تيستائين پنھنجين لکڻين ۾ ادب ۽ شاعريءَ جا ڇرڪائيندڙ قدر پيدا نہ ٿو ڪري سگهي جيستائين سندس مشاهدو ۽ مطالعو ڀرپور نہ هوندو. مون کي منھنجو تجربو ٻڌائي ٿو تہ هڪ برک تخليقار بڻجڻ لاءِ پھريون ڀرپور مشاهدو ۽ پوءِ ڳوڙهو مطالعو لازمي آهن. مشاهدن سان اک ۽ ذهن گهڻو ڪجهہ پيدا ڪري سگهي ٿو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو جڏهن رچرڊ لِي وئلن جي ناول ”هائو گرين واز ماءِ وئلي“ ۾ ماڻھوءَ بابت مان هيٺيون جملو پڙهيو هو:
”هيءَ دنيا سڀني ماڻھن لاءِ آهي، ۽ نہ ڪنھن خاص ٽولي لاءِ“. ظاهري طرح لِي وئلن جا لفظ بيشڪ سادا هجن پر فطري انساف جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ کان پوءِ اهي مٿيان لفظ وڏي ۾ وڏي معنيٰ ٿا رکن.
فرانس جو حسين، ڏاهو ۽ فلسفي روسو اِها ساڳي ڳالھہ هيئن ٿو ڪري:
”انسان ڄائو تہ آزاد آهي، پر جتي ڪٿي هو غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي.“
فضل احمد بچاڻي آسڪر وائيلڊ جي ڪتاب سزا جا سُک جو ترجمو ڪندي روح ۾ چڀي ويندڙ هڪ نڪتو هينءَ پيش ڪيو آهي:
”دنيا ۾ گناھہ نالي جي ڪا شيءِ نہ بہ هجي ها تہ اهي مذهبي پيشوا ڪو نہ ڪو گناھہ ايجاد ڪري ئي وٺن ها.“
مان مٿي ڄاڻايو آهي تہ ماڻھو ۽ ڌرتيءَ کان پوءِ ڪنھن ٽينءَ مٿاهين شيءِ جو مون وٽ تصور ئي ڪونھي. اهو ئي سبب آهي جو انھن ٻن مھان وٿن- ماڻھو ۽ ڌرتي- بابت مھان ۽ سدا جيئرن ديسي آديسي شاعرن ۽ ليکڪن جا حوالا بيان ڪيا اٿم، جيئن اسان کي خبر پوي تہ مختلف دورن ۾ ٻين مھان تخليقڪارن وٽ انسان ۽ ڌرتيءَ بابت ڪھڙا رايا هئا ۽ آهن. هر ڪنھن نثر ۾ ڪھاڻيءَ وانگر مقصد ڀريو ڇرڪائيندڙ نقطو (ڪلائيميڪس) رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، جيئن هر نثر پنھنجي جاءِ تي ڪھاڻيءَ واري ڏِکَ ڏئي. ڏند- ڪٿا (فڪشن) مان جان ڇڏائي حقيقت پڻي جو سبب بڻجي ۽ نہ آفيم جو روڙو کارائي ويتر سمھاري ڇڏي.
هنن نثرن کي مون شاعراڻو نثر ڪوٺيو آهي ۽ نہ نثري نظمون، ڇاڪاڻ تہ هي نثر جا ئي خوبصورت ٽڪرا آهن، جن ۾ نڪي آهن شعر وارا پد ۽ نہ وري موسيقي، ليءِ، ڪافيو يا رديف، اهڙن نثرن کان نثري نظمون چوڻ ايئن آهن جيئن ڪانگ کي ڪبوتر يا هاٿيءَ کي هرڻي سڏجي. هي شاعراڻو نثر آهي، منھنجو مطلب آهي تہ هن قسم جا نثر لکي، ثابت ڪجي تہ اهڙا نثر فقط شاعر ئي لکي ٿو سگهي جنھن ۾ سونھن سان گڏ فڪر ۽ ڪارج بہ هجي. نثر جي مٿان شاعر جو نالو نہ بہ لکيل هجي، تہ بہ پڙهندڙ سمجهي وڃي تہ هي نثر بس ڪنھن شاعر جو ئي لکيل ٿي سگهي ٿو. مطلب تہ شاعراڻو نثر عام نثر کان گهڻي ڀاڱي نرالو هجڻ کپي.
مان ان ڏس ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان، اهو پارکن ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي.
جڏهن مان تنوير عباسيءَ کي ٻڌايو تہ هنن ننڍڙن ننڍڙن نثر جي ٽڪرن کي مٿين دليلن جي بنياد تي مان شاعراڻو نثر ٿو سڏيان تہ تنوير چپڙن تي مرڪ آڻي چيو هو تہ، برابر اهي شاعراڻا نثر ٿي سگهن ٿا.
وڌيڪ ٻڌايو هئائين تہ اُهي ئي نثر جا ٽڪر آهن جن کي ادبِ لطيف چيو ويندو هو ۽ 1957ع ڌاري مھراڻ ۾ بہ ڇپيا هئا. دستگير ڀٽي ۽ فقير محمد لاشاريءَ بہ وهوا ڪئي هئي ۽ اُن ڏينھن مان محسوس ڪيو هو تہ مان لوهن ڄارين جي ٺھيل پڃري مان سوين چتون ۽ چيھا آزاد ڪري اڏائي ڇڏيا ها.
هنن نثرن وسيلي ڪو بہ تخليڪار زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڪم وارا ۽ ڏاهپ ڀريا نڪتا بہ تخليق ڪري سگهي ٿو، جن کي محفلن ۾ توڙي لکڻين ۾ حوالن طور ڪتب آڻي سگهجي.
يونان توڙي ٻيءَ دنيا ۾ اڄ بہ سقراط جي ڏاهپ ڀريل قولن ۽ نڪتن جي ساک قائم آهي. ڪئريفان، ڏاهي ماڻھوءَ بابت جنھن بہ يونانيءَ کان پڇيو هو تہ کيس جواب مليو هو:
”سقراط کان وڌيڪ ڏاهو ٻيو ڪو بہ ماڻھو ڪونھي.“
بس، هي جو ڪجهہ بہ مون کان لکجي ويو آهي سو ساڻيھہ جي زرخيز مٽي، مٽيءَ مان جڙيل ماڻھوءَ جي پيار ۽ محبت جي هڪ موٽ آهي. مان پڙهندڙن جا ٿورا مڃيندس جيڪڏهن منھنجين اڻ- ڳڻين خامين ۽ ڪنھن خوبيءَ تي تبصرو ڪري، پنھنجي خوبصورت راءِ کان واقف ڪن. ان ڪري هر نثر کي عدد ڏيئي مان سندن نالا رکيا آهن. بس هاڻي هيئن چئي، هڪ ٻئي کان موڪلايون وري بہ ڪو نہ ٿا: ”سدائين گڏ.“
------------

”انھن کي بہ تہ ماڻھو ٿو سڏجي! جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي ڪنھن لاما جو مٿو سمجهي، پاڪيءَ جا ابتا سبتا رهڙڪا ڏيئي، سندس سونھن ۽ سندرتا کي چَٽُ ٿا ڪيو ڇڏين.”
”ڏاهو ڪير؟
اُهو جيڪو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري.
نہ نہ، تنھنجو جواب اڻپورو آهي.
ڏاهو اهو آھي جيڪو نہ رڳو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري پر انھن پنھنجن ڪيل ڳالھين تي خود پاڻ بہ عمل ڪري ڏيکاري.“
*
”هيءَ منھنجي ئي وڍيل ڄنگهہ ٿئي، جنھن جي هڏين کي تراشي، مان تير پيو ٺاهيان جيڪي سڀاڻي مون کي ويريءَ جي وجود تي ڪتب آڻڻا آهن.“


تاجل ”بيوس“
22 سيپٽمبر 1983ع

شاعراڻو نثر

---

1 کان 15

1

تون مون کي ‘ڪارونجهر’ جي چوٽيءَ تان ڌِڪو ڏيئي، ڪڏهن بہ ختم نہ ڪري سگهندين، ڇو تہ هيٺيان، منھنجي ئي ڌرتي آهي، جيڪا مون کي پنھنجين ٻانھن تي جهٽي وٺندي.
تون جيڪڏهن مون کي اهڙيءَ طرح ختم ڪرڻ ٿو چاهين، تہ پوءِ آلپس يا جبرالٽر تي وٺي هل.

2
تنھنجا ڀيلا گهڙا سوين سھڻين کي ٻوڙڻ هوندي بہ اگهامي ويا. مان اڃا سوڌو پنھنجن پَڪن گهڙن تان، آويءَ واري خاڪ هٽائي نہ سگهيو آهيان. تون تڏهن تہ چوين پيو تہ مان توکان ڪيترو نہ پٺتي رهجي ويو آهيان!

3
مان توکي پنھنجي پتڻ تان ٽپڻ ڪو نہ ڏيندس، ڇو تہ سڀاڻي هتان ڄام تماچي اُڪرڻو آهي جيڪو مون کي ميارون ڏيندو. تو ئي تہ نوريءَ جي مائٽن کي ڪينجهر تان تڙايو هو.

4
هيءَ منھنجي ئي وڍيل ڄنگهہ اٿئي، جنھن جي هڏين کي تراشي، مان تير پيو ٺاهيان، جيڪي سڀاڻي مون کي ويريءَ جي وجود تي ڪتب آڻڻا آهن.
5
مان ڏات جو سورج اڀاري، اڳتي وڌيس. منھنجين مايوسين منھنجي ڏات جي سورج کي ڏيئو بڻائي، هر شام کي منھنجي منزل جو آخري پٿر مقرر ڪيو. پوءِ بہ مون ۾ ايترو حوصلو آهي، جو مان هِن ٽمڪندڙ ڏيئي کي هٿ ۾ کنيو، صبوح جا پيرا کڻي رهيو آهيان.
6
چون ٿا تہ سنڌوءَ مان هڪ هلڪي سُرخ رنگ جي لھَر اُٿندي آهي.
مائرن جي امرت ڀريل ڇاتين مان سفيد رنگ جا لڙڪ ڳڙندا آهن. ڌرتيءَ جي اڀريل ڇاتيءَ ۾ هڪ زوردار تير لڳندو آهي.
جڏهن ڪنھن ڪاري ڪيل سھا ڳڻ جي ڪوڻيءَ جھڙي نرم جسم تي ڪھاڙيون رقص ڪنديون آهن.

7
او ڌرتي! او منھنجي ماءُ!!
تون چوين ٿي تہ مان تنھنجي تعريف ڪرڻ ڇڏي ڏيان! تون گستاخي سمجهين يا بي ادبي. گونگو رهڻ منھنجي وس کان ٻاهر آهي، منھنجي جيجل!
تون جيستائين پنھنجو جلوو، پنھنجو جمال پسائيندي رهندينءَ، مان تيستائين تنھنجي تعريف ڪندو رهندس. سچ پچ، جڏهن بہ تنھنجو حسن ۽ جمال ڏسان ٿو، مون کان دانھن نڪري ٿي وڃي. مان بي خود ٿي ٿو وڃان. ان وقت منھنجي سوچ تي، منھنجي شعور تي، تنھنجو ئي قبضو هوندو آهي ۽ مان فقط تو ۾ ئي گم هوندو آهيان.
پر هان، منھنجي واتان پنھنجي تعريف ٻڌي، ڪڏهن ڪڏهن تون ڇو پڇندي آهين تہ ڇا برابر تون ايڏي خوبصورت آهين، جيڏي مان تنھنجي تعريف ڪندو آهيان؟
منھنجي ماءُ!
ڇا تون سچ کي سچ چوڻ نہ ٿي چاهين؟
ڇا واقعي تون پنھنجي سونھن، پنھنجي حسن کان بي خبر آهين؟
ماءُ! تون اهڙن احساسن جو ڇو ٿي شڪار ٿئين؟
مون کي چوڻ ڏي جيڪي مان چوڻ چاهيان.
هو ڏس!
هو ڳوٺاڻي شرميلي ڇوڪري چُنيءَ جو ڪانبو ٻڌي، ڦولاريل سرنھن جي کيت مان ساڳ ۽ ڳنر پئي پٽي.
هو ڏس!
هُن گڻنگ مان هوءَ ڌنارڻ مينھن جي پٺيءَ تي ويھي، نيلوفر گلن جي قطارن وچ ۾، ڪُمن ۽ پٻڻ سان جهول ڀريندي، ڪچي کان پڪي ڏانھن پئي وڃي.
هو ڏس!
هوءَ هارياڻيءَ جي ڌيءَ مٿي تي مانين جو ٿھو ۽ ڪڇ تي لسيءَ جو ڪينگر کنيو، بنا ڊپ جي نٽھڻ اس ۾ هر هلائيندڙ پنھنجي پيءُ ڏانھن پئي وڃي.
هو ڏس!
باک ڦٽي آ ۽ هُن سَرَ تي کير جھڙا اجرا هنج پيا لھن.
هو ڏس!
هُن کوھہ تي ٻہ ڳوٺاڻيون چيلھہ تي گهڙا کنيو پنھنجي پنھنجي واري جو انتظار ڪري رهيون آهن.
هو ڏس!
هوءَ ڪونجن جي قطار ڪُرلائيندي، واپس وطن وڃي رهي آهي ۽ هيٺان هوءَ اڪيلي ڇوڪري نرڙ تي هٿ رکيو ڪھڙي نہ خوبصورت انداز سان کين ڏسي رهي آهي!
هو ڏس!
هوءَ مالھڻ انب جي ٻوڪيل ٽارين کي سيرون ڏيئي مون کي گلاب ۽ رابيل جا هار پئي آڇي.
هو ڏس!
هوءَ ڀاڳن- ڀري منرو هٽائي، چاڏيءَ ۾ نھاري، چوي پئي تہ: جيڪڏهن روشنيءَ جھڙي ڪا حسين ڪائنات آهي تہ سندس کير واري ماٽي ئي ٿي سگهي ٿي.

8
جڏهن مران، تہ مون کي سنڌ جي ڪنھن بنجر زمين ۾ پوري ڇڏجو، ڇو تہ جنت جي پسار ڪرڻ بدران، مون کي ڪنھن نہ ڪنھن روپ ۾ وري اوهان وٽ موٽي اچڻو آهي. ٻٻرن جي پلڙن جي روپ ۾، ٻيرين جي پيلن گُلن جي روپ ۾. پر ان کان وڌيڪ مان ٻاجهر ۽ ڪڻڪ جي تيلن جو روپ وٺي اڀرڻ ٿو گهران، جيئن مان ڪنھن نہ ڪنھن انسان جي پيٽ ڀرڻ جي ڪم اچي سگهان.

9
مون جڏهن آفريڪا جي هڪ ڏڪاريل ملڪ جي ڪارن ماڻھن جون هڪ اخبار ۾ ڇپيل، هڏاون پڃرن جھڙيون تصويرون ڏٺيون تہ مون کان وحشت ڀري رڙ نڪري وئي هئي. هٿن تي مٿو ٽيڪيندي، مون جهيڻي آواز ۾ چيو هو:
اي خالق! تو انسان جي ڪتب ايندڙ هر شيءِ لاءِ ماپا ۽ ماڻ مقرر ڪري، ڪنھن کي ڀري تہ ڪنھن کي ڀاڪر، ڪنھن کي ڪاسو تہ ڪنھن کي ٽويو تہ عطا ڪيو، پر ڪيڏو نہ سٺو ٿئي ها، جيڪڏهن پيٽ جي کڏ ڀرڻ لاءِ اَن داڻن جي ورڇ هڪ جيتري ڪرين ها.

10
هڪ ڏينھن پاڻيءَ جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي، خدا فرمايو: ”اي پاڻي! تو هن وقت تائين منھنجن لکن ۽ ڪروڙن بندن جي پئي اڃ اجهائي آهي. جيڪي گهرڻو اٿئي سو گهر.“
پاڻيءَ جواب ڏنو:
”اي خدا! تو مون کي ماڪ ڦڙن جي صورت بخشي، گلن جي مکڙين تي جنم ڏئي، ايڏي تہ سونھن عطا ڪئي آهي، جو منھنجي پيو آهيان تہ ان کان وڌيڪ ٻيو مان تو کان ڇا گهران!“

11
او ڌرتي! او منھنجي جيجل!!
ڪو تو کي فٽ بال سمجهي، ٿڏي رهيو آهي تہ ڪو گدرو سمجهي، تو کي ڦارون ڦارون ڪري رهيو آهيو.
تڏهن تہ جڳ مشھور روسي حمزي رسول چيو هو:
”او ڌرتي! اچ تہ مان تو کي سيني سان لڳايان.“
لکين ڪروڙين سال گذري چڪا آهن، مان ڏسان پيو، منھنجي جيجان! تہ اڄ بہ تنھنجي ڪُک مان پيدا ٿيل انسان تنھنجي اُڀريل ڇاتيءَ ۾ سنگينون ٽنبي رهيو آهي.
۽ مان،
او منھنجي جيجل!
وحشت ۾ اچي، تنھنجن ڦٽن تي چولي جا پَھا رکي، مٿن هلڪڙيون چُميون ڏيئي، خشڪ چپڙن کي ريٽو ڪري، تنھنجي هر قاتل جو پيڇو ڪري رهيو آهيان.

12
ڏسو نہ ٿا تہ پاڻيءَ جي هر تلاءُ تي لڌڙن جو قبضو آهي! هڪڙا لڌڙا پُڇُ هنيو، اجرو پاڻي لُڙيو ڪيو ڇڏين تہ ٻيا وري مٽون ڀري، وڃيو ڇانوري ۾ هارين.
وقت جا بگل ۽ الارم هر هر وڄي، ايندڙ خطرن کان آگاھہ ڪري رهيا آهن پر هر ڪو پوتي تاڻيو، ستو پيو آهي.
اُٿو شڪارين جا پٽئو!!
ڪاهيو پنھنجا ڪتا، کڻو پنھنجا ڏڦا، تہ پوري سَر منجهان لڌڙن جي لوڌين کي هڪالي ڪڍجي، جيئن سج اڀرڻ کان پوءِ واريءَ مٿان لڌڙن جي پيرن ۽ ڍڍرين جا فقط نشان رهجي وڃن.

13
چيخوف جي رچنائن جي هماليا تي تخليقي عمل ۽ سماجي ڪارج جا هر وقت مون کي آبشار وهندا نظر ٿا اچن. سندس رچنائن جي اهڙي رچاءَ جو خاص سبب اهو ٿي سگهي ٿو، تہ چيخوف جا وڏا غربت ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيل هئا. منھنجا وڏا تہ ڇا! پر ننڍا بہ غربت ۽ غلاميءَ جو شڪار ٿيل آهن. پوءِ ڇو ڀلا منھنجون رچنائون هيل تائين نہ ڪنھن کير ٿر کي جنم ڏئي سگهيون آهن ۽ نہ وري ڪنھن آبشار کي!

14
تون ٿو چوين تہ مان نہ لکندو ڪيان؟
پنھنجي ذهن جي زرخيزيءَ جي تو کي ڪھڙي ڳالھہ ٻڌايان. قلم ۽ ڪاغذ تي نظر پوڻ سان ئي منھنجي ذهن تي عنوانن جا ميڙاڪا ٿا لڳي وڃن، ائين جيئن ڪنھن کيت ۾ ڦٽيون چونڊيندڙ ڳوٺاڻيون يا بسنتي رُت ۾ سنڌوءَ مٿان رنگ برنگي دريائي پکين جون قطارون. اکيون ٿو ٻوٽيان تہ ڊڪنسن املي پنھنجي باغ ۾ شاه بلوط جي وڻ کي ٽيڪ ڏيو، چارلس ورڊس ورٿ جي فڪر کان ڇوٽڪاري وٺڻ لاءِ هر وقت ڪا نہ ڪا نظم لکندي نظر ٿي اچي.

15
شاعري ڪندي، ڪھاڻين لکڻ جو تحفو مونکي ائين مليو آھي، جيئن يونان جي بادشاھہ *پيلياس جي سئوٽ *جئسن کي ڪارو سمنڊ جهاڳڻ کان پوءِ شاھہ بلوط جي وڻ ۾ ٽنگيل ”سونيون تارون“ ملڻ سان گڏ کيس اتان جي بادشاھہ جي گلن جھڙي نازڪ ۽ کير جھڙي اجري وڏور ڌيءُ *ميديا ملي وئي ھئي.

(*آمريڪس جي برک شاعرہ، جيڪا واڊس ورٿ تي اڪن ڇڪن ٿي پئي ھئي ۽ جڏھن کيس خبر پئي تہ واڊسوٿ اڳ ۾ ئي ٻن ٻارن جو پيءُ آھي ھو تہ سنديس لونءِ لونءِ لھسجي پئي ھئي ۽ ان کان پوءِ ھوءَ پنھنجن ھٿن سان لڳايل باغ ۾ وڃي دل وندرائيندي ھئي.)
(*يوناني ڏند ڪٿائن تي ٻڌل ادبي ڪھاڻيءَ جا ڪردار)

16 کان 30

16

او ڌرتي!
مون کي منھنجي ڏات موٽائي ڏي، جيئن مان وري تو کي گيتن جا هار پارائي سگهان. سچ پچ مون کان ڪو بہ ٻيو ڪم ڪيو نہ ٿو ٿئي.

17

اي دوست! هنن پئسن مان آءٌ تو تي هڪ روپيو بہ خرچ نہ ٿو ڪري سگهان، ڇو تہ هي پئسا ڀريءَ بازار ۾ پنھنجون تخليقون وڪڻي مون گڏ ڪيا آهن، جن مان مون کي رائفلون ۽ گوليون خريد ڪرڻيون آهن.

18

انھن کي بہ تہ ماڻھو ٿو سڏجي!، جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي ڪنھن لاما جو مٿو سمجهي، پاڪيءَ جا ابتا سبتا رهڙڪ ڏيئي، سندس سونھن ۽ سندرتا کي چٽ ڪيو ٿا ڇڏين!

19

ڇا مان پنھنجن ڪبوترن مٿان تنھنجي اڍنگيءَ اڏام کي اڃان بہ خاموشيءَ سان ڏسندو رهان؟
اي عقاب! چڱو ٿيو تہ اهي اوڌر تي ورتل سون- ورنا پر ۽ کنڀ هاڻي ئي لاهي ڦٽا ڪر يا اوتريون ڦڙڪيون هڻ، جو سڀاڻي جيڪڏهن اهي پَر ۽ کنڀ توکان واپس بہ ورتا وڃن تہ تون پنھنجي اصلي اڏام برقرار رکي سگهين.

20

ڄام تماچي ۽ سندس دوست هٿ هٿ ۾ ملائي ڪينجهر جي ڪپ تي پسار ڪري رهيا هئا. نوري ٻيڙيءَ جي پاڇل تي پاڻيءَ ۾ پير لٽڪايو ويٺي هئي ۽ ٻانھون ڦھلائي ڪنڍيءَ کي ماٺي جل تي اڇلائي ڇڏيائين. ڄام تماچيءَ کي سندس دوست چيو: ”تو ڪارن ۽ ڪوجهن مھاڻن سان مِٽي ڪري سٺو نہ ڪيو.“
اُن وقت نوري پاڻيءَ مان پير ڪڍي، ٻنھي هٿن سان ڪنڍيءَ ۾ ڦاٽل مڇيءَ کي ڇڪي رهي هئي. مٿان هنج اڏامي رهيا هئا ۽ اتر جي هوا تي ڪنول جا گل پاڻيءَ مٿان رقص ڪري رهيا هئا. تماچيءَ ڊوڙي وڃي ڪنڍيءَ مان موراکي ڪڍي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا- تماچي ۽ نوري- اڪيلا اڪيلا ٻيڙيءَ جا پڳھہ کڻي تانگهو ڇڏي تار ڏي روانا ٿي ويا ۽ ڪنڌيءَ تي پنڊ پھڻ، جيان بيٺل تماچيءَ جو دوست کين ڏسندو ئي رهجي ويو.

21

مون جڏهن رچرڊ لي وئلن جو ناول پڙهي پورو ڪيو تڏهن مون ناول کي ڏاهپ جي تارازيءَ جي هڪ پڙ ۾ ۽ ٻئي پڙ ۾ ڪتاب جو ٽائيٽل ڪور وڌو، جنھن تي لکيل هو: هائو گرين واز ماء وئلي! مون کي ٽائيٽل ڪور وارو پُڙ ڳورو لڳو هو. وري مون ناول کي ٻيھر ڏاهپ جي تارازيءَ جي هڪ پُڙَ ۾ ۽ انتساب وارن لفظن: ٽُہ ماءِ فادر ائنڊ دي لئنڊس آف ماءِ فادر کي ٻئي پڙ ۾ وڌو تہ تڏهن بہ مون کي انتساب وارو پڙ ڳورو لڳو هو. پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ جڏهن ناول کي مون سمجهي ورتو تہ پوءِ پنھنجي ڏاهپ جي تارازيءَ جا ٻئي پڙ ڀڃي ڇڏيا هئم.

(رچرڊ لي وئلن، ويلس (انگلستان) جو رھاڪو، ڪلاسيڪي ادب جو ھڪ برک تخليقڪار)

22

هڪ ڏينھن ٻئي هٿ نرڙ تي رکي، مون سوچيو هو تہ ڇا ماڻھوءَ کان وڌيڪ خوبصورت، ڪارگر ۽ اڻ- ملھي ڪا ٻي شيءِ ٿي سگهي ٿي. مان ماضيءَ ۾ ايڏو تہ اونھو هليو ويو هيس، جيئن ڪو ٽوٻو سمنڊ جي گھراين ۾ وڃي موتي ڳوليندو آهي. مون سورج گلن جي رقص ڪندڙ کيت ڏانھن ڏٺو هو. مون کي ماڻھوءَ جو مکڙو سورج مکيءَ کان وڌيڪ تازو ۽ سھڻو لڳو هو. مون گلاب جي پنکڙين سان ڪيئي دفعا ٻنھي هٿن جون مُٺيون ڀريون هيون پر جڏهن منھنجن هٿن هڪ سندر ناريءَ جا ڪومل چپ ڇھيا هئا تہ مون کان گلاب وسري ويو هو. مون ڪنڌيءَ تي لڏندڙ نيلوفر جي گلن کي سيرون ڏيئي وچ ڍنڍ ۾ وڃي، نيري ۽ شفاف پاڻيءَ ۾ ٽٻيون هڻي، ڍنڍ جي تري کي ڪيئي دفعا ڇھيو هو پر ماڻھوءَ جي اکين جي گھراين تائين مان اڃان سوڌو نہ پھچي سگهيو آهيان. مون وٽ ڪيئي بھارون وڙ وڙ جون خوشبويون کڻي اينديون آهن پر جڏهن تڙڳڻ کان پوءِ منھنجي اڳيان هڪ گجر، چيلھہ ڪلھن تي لٽڪندڙ وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي، مون تي خوشبوءِ جي اوت ڪئي هئي، تڏهن مون عورت جي ڀڀڪيدار وجود کي ‘بھار’ سڏيو هو.
سج جي حرارت، چنڊ جو کڙڻ، ستارن جي جهرمر، سمنڊ جي گَھرائي، درياءَ جي موج، مون کان ماڻھو ۽ ماڻھوءَ جي وٿ ڪين وساري سگهيا آهن. ماڻھو منھنجي ذهن تي هر وقت ڇانيل ٿو رهي. پٺتي ماڻھو- وچ تي ماڻھو- اڳتي ماڻھو- ماڻھو ئي ماڻھو- بس ماڻھو هر وقت منھنجي ذهن تي قطارون جوڙيون بيٺا آهن.

23

مون کي ٻي تہ خبر ڪانھي، باقي هڪ واقعو جيڪو منھنجي ذهن تي نہ مٽجي سگهندڙ نقش ڇڏي ويو آهي سو هيءُ آهي تہ مان اڃان ننڍڙو هئس جو اوڀر کان هڪ ڪاري آنڌاري اٿي هئي. هوا جا کھا سوساٽ ڪيو گهر جي جنڊي منجهان اندر داخل ٿي رهيا هئا ۽ ٻئي پاسي ڪليءَ ۾ ڀت تي ٽنگيل سڪل ٻيرن جي ڪنڍلن کي جهومائي رهيا هئا. طوفان جي هڪ زوردار کھٻي تي ٻيرن جا سمورا ڪنڍلا اچي پٽ تي پيا هئا ۽ ڳاڙها ٻير داڻو داڻو ٿي ويا هئا. مان وائڙو ٿي ٻاهر گهٽيءَ ۾ نڪري آيو هئس. هڪ ڳوٺاڻي عورت جي مٿي تان سنگن سان ڀريل کارو ڪري پيو هو ۽ سنگ طوفان جي ڇوهن تي اک ڇنڀ ۾ الائي تہ ڪيڏانھن ٽڙي پکڙي ويا هئا. منھنجي سامھون بيٺل انب جي وڻ جو ڏار ٽٽي پيو هو ۽ سڀ پکي ٽاھہ کائي اڏاڻا هئا ۽ پوءِ جڏهن طوفان بند ٿيو هو تہ پوري اوڀر کي ماڪڙ جي ڪٽڪن ڪارو ڪري ڇڏيو هو.

24

مون کي ڇڏي ڏي، تہ مان ڪائنات جي هر هڪ شاهڪار جي حُسن جي تعريف ڪندو رهان. ائين نہ چئو تہ مومل جي حُسن جي واکاڻ رڳو راڻي کي ئي سونھين ٿي. مومل مون وٽ بہ آهي. سنديس اک وڻندي، تہ مان سنديس اک جي تعريف ڪندس. سنديس هٿ ۾ ڪو گل هوندو تہ مان ان گل کي ساراهيندس ائين نہ سمجهہ تہ مان ايراني شاعرن وانگي رڳو گل، بلبل، رباب ۽ شباب جي تعريف ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي. ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هاڻ، هيءُ بہ ٻُڌي ڇڏ تہ مان *آسڪر وائيلڊ وانگي “جمالياتي تحريڪ” جو نڪي رهنما آهيان ۽ نہ وري ڪو ڪارڪن. خوبصورتيءَ جي تعريف ڪرڻ جو منھنجو بنيادي مقصد انسانن مان بدصورتيءَ جي جذبي کي ختم ڪرڻ آهي.

(* انگلستان جو هڪ برک ليکڪ، جنھن تي الزام لڳايا ويا هئا تہ هو ڳڀرو ڇوڪرن کي خراب ٿو ڪري. هڪ امير زاديءَ عدالت ۾ سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائي کيس ٻہ سال ٽيپ ڏياري، پنھنجي غصي کي ٿڌو ڪيو هو. نہ فقط ايترو پر جيل خاني مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ بہ آسڪر کي جلاوطن ٿيڻو پيو هو. )

25

هن ڍڳي ڏانھن ڏس! جيڪو آهر مان منھن ڪڍي، پنھنجي مالڪ جا ڪلھا چٽي رهيو آهي.
اي انسان جا ٻچا! تون جيڪڏهن ڪنھن دکي انسان جي دکن کي ڌوئي صاف نٿو ڪري سگهين تہ پوءِ ڪنھن کي ڏکوءِ بہ نہ.

26

تون ائين پيو چوين نہ؟ تہ ڪينجهر جي ٻنھي ڪپن تي اِهي مھاڻن جون مياڻيون آهن.
جڏهن تون ابن ڏاڏن واري ٻوليءَ ۾ ساڻن ڳالھائي ڏسندين تہ پوءِ تو کي پتو پوندو تہ انھن مياڻين ۾ ڪير پيا رهن.

27

تون ڪالھہ آيو آهين ۽ پوءِ بہ مون کان پڇي رهيو آهين، تہ مون کي تھذيب ڪنھن سيکاري!
مون وٽ ان سوال جو جواب تنھنجي رڌڻي مان لڌل هي ميرڙو ڪاغذ آهي، جنھن تي موهن جو دڙو ڇاپيل آهي.

28

تون چوين پيو تہ *گارشيا مارڪوئس واري نوبل پرائيز تي مون کي ساڙ ٿيو آهي! ان تہ منھنجي ذهن کي زرخيز ڪري شعور ۾ سگهہ پيدا ڪئي آهي. هاڻي تخليق جو هر لفظ عقاب يا ڪبوتر بڻجي ٿو نڪري. هان، ٻڌي ڇڏ، تہ مان پنھنجي ‘نوبل پرائيز’ کي عقاب جي چنبن ۾ نہ، پر ڪبوتر جي چھنب ۾ ڏسڻ ٿو چاهيان.

(گارشيا مارڪوئس: لاطيني آمريڪا جو مھان اديب، جنھن کي سال 1982ع جو سندس ناول ‘هنڊريڊ ييئرس آف ساليٽيوڊ’ تي نوبل پرائيز مليو.)


29

اڌ رات لڙي چڪي هئي. اوڀر کان چنڊ ڪانو کن مٿي چڙهي آيو هو. گلور ول جي وٿين منجهان، مان چنڊ کي ڏسي رهيو هئس. ڏٺم تہ وڻن جي پاڇن مان هڪ عورت اچي رهي هئي، جا ٽي- چار ڪانا پري وڻ جي ٿڙکي ٽيڪ ڏيئي، شرمائجي بيھي رهي. مون چنڊ کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو. سوچيم: ”هيءَ موهن جي دڙي واري نچڻي ٿي سگهي ٿي. نہ نہ، اها قلوپطرا آهي، جيڪا واٽ ڀلجي سنڌ پھتي آهي. پر ائين بہ ناهي. هيءَ اها حسينا ٿي سگهي ٿي جنھن کي منھنجن گيتن گهائي وڌو آهي ۽ وتي ٿي مون کي ڳولھيندي.

هائو، هاڻي سمجهيم. *اها ڪِرم لِڪا جي آدرشي محبوبا آهي جيڪا کائونس ڪاوڙجي مون وٽ پھتي آهي. مان اڳتي وڌي سنديس هٿ کي چمڻ چاهيو. سنديس هٿن ۾ چندن جون ٽاريون هيون. چيائين: ”سڃاڻين ٿو؟ مان مومل آهيانءِ. مون هي چندن جون ٽاريون راڻي جي اُٺ لاءِ آنديون آهن.“

(* زيڪو سلو ويڪيا جو مشھور چترڪار جنھن جي چترڪاريءَ جا خاص عنوان “عورت” ۽ “عورت جا جمالياتي روپ” هئا.)

30

هو ڏس! هنن ٻوڪيل انبن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءَ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس! هوءَ منڊي ڪڪري ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ڪيئن نہ ٿر ڏانھن ڊوڙندي پئي وڃي.
هو ڏس! ڪانھہ جي نسريل ڊڍي تي ڪڻڇي مٺڙي مٺڙي لات پئي لنوين.
هو ڏس! هن پورهيت جي ڳٽن تي پگهر ڦڙا منڊيءَ جون ٽڪون پيا لڳن.
تون پوءِ بہ مون کان پڇين پيو تہ منھنجي من ۾ هي سارنگ جھڙا گيت ڪيئن سرجيندا آهن.

31 کان 45

31

تنھنجو مذهب؟
او....... هن اڪيلي بيٺل گهاٽي بَڙ جو ۽ منھنجو ساڳو مذهب اٿئي.

32

تون اها گولي هن وڻ تي ويٺل ڪبوتر تي وڃائڻ بدران واپس پٽي ۾ وجهي ڇڏ، جيئن سڀاڻي تون اها گولي ان وڻ جي وڍيندڙ تي ڪتب آڻي سگهين.

33

او....... هو وڻ ڏسين پيو؟ ان وڻ جي ڳالھہ ٿي ڪيم، تہ جڏهن تون ۽ مان مٽيءَ جو سڏ سُڻي، ڪنھن اڻ کٽ سفر تي اُسھي وينداسين تہ پوءِ بہ اهو وڻ، هر مسافر کي ڇانو پيو ڏيندو.

34

مان ڇو تنھنجا ٻٻرن جا ٻوٽا پنھنجي توتن ۽ انبن جي باغ ۾ لڳائي، ڦر ۾ ٽنڊريل هر ٽاريءَ کي زخمايان! تون اهي ٻوٽا واپس کڻي وڃ، نہ تہ منھنجي ڏات مون کان رسي ويندي.

35

منھنجي محبوبا!
تون تيستائين مون تان زلفن جي ڇانوَ نہ هٽاءِ، جيستائين منھنجا عمر ڀر جا گناھہ ڌوپي نہ وڃن.

36

تنھنجي وکر کان هر ڪو نفرت پيو ڪري، ڇو تہ تون کاري مٿي ٿي کنيو، وڏا واڪ ڏئي، پنھنجو وکر، هر آئي وئي کي پيو آڇين.
مان اهو وڻجارو آهيان، جنھن پنھنجي وکر جا اڃا تائين مٽ نہ اُپٽيا آهن ۽ تون چوين پيو تہ مان تو کان پٺتي رهجي ويو آهيان!

37

تون هر دفعي ڀٽائيءَ جي مخالفت پيو ڪرين! ڇا ڀٽائيءَ جي ”مھان ڪوي“ هئڻ جو اهو ثبوت ڪافي ناهي؟

38

مان سنڌ جي انب جون ٻہ ڦارون ملائي، پنھنجي محبوبا جي چپڙن جو خاڪو ٺاهي رهيو هيس، تہ اتان جهور پوڙهو هڪ انگريز لانگهائو ٿيو جيڪو منھنجا هٿ هٽائي، بنا پڇا ڳاڇا جي انب جون ٻئي ڦارون کائي ويو.

39

تو ٺڪاءُ ڏئي، ٽڙڪي پيل گول گول ڏاڙهون تہ ڏٺا هوندا. بس هر فلسطينيءَ جا گهاوَ لڳ ڀڳ انھن ڏاڙهن جھڙا اٿئي.

40

سقراط جڏهن انساني غفلتپڻو محسوس ڪري ورتو هو، تڏهن ئي کيس ”سچ“ جو ڳولھائو ٿيڻو پيو هو. جنھن لاءِ ڄاڻ، ۽ ڄاڻ مان ڦُٽي نڪرندڙ ڏاهپ- ٻہ اهم وَٿون مقرر ڪيون هئائين.
سقراط جي مقابلي ۾ تو اُٺ ڪتابن جا پڙهيا آهن ۽ پوءِ بہ تو ۾ ڄاڻ ۽ ڄاڻ مان ڦٽي نڪرندڙ ڏاهپ پيدا نہ ٿي سگهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تو پنھنجي ادبي سَر مٿان ڪنھن هڪ بہ سچ جي سرخاب کي اڏامندي نہ ڏٺو آهي.

41

تو مون کي ”ڏاهو“ سڏي، سڄو ڪم خراب ڪري ڇڏيو. هاڻي تہ تو وارو ڏاهو لفظ منھنجي ذهن مان نڪري ئي نہ ٿو. اها ڏاهپ واري ٻوڏ شايد منھنجي ذهن- ڌارا جو وهڪرو ئي بدلائي ڇڏي! ڀلا ائين نہ ٿو ٿي سگهي جو هر ماڻھو ڏاهو ٿي پوي ۽ پوءِ ڪنھن هڪ کي ”ڏاهو“ سڏڻ جي ضرورت ئي نہ ٿئي؟

42

ڏاهو ڪير؟
”اهو جيڪو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري.“
”نہ، نہ. تنھنجو اهو جواب ڪافي ناهي.“
”ڏاهو اهو آهي جيڪو نہ رڳو ڏاهپ ڀريون ڳالھيون ڪري، پر پنھنجين انھن ڳالھين تي خود پاڻ بہ عمل ڪري ڏيکاري.“

43

بيوقوف ڪير؟
”اهو جنھن کي ماڻھو بيوقوف سڏين.“
”نہ، نہ، تنھنجو اهو جواب ڪافي ناهي.“
”مان انھن ماڻھن جي بہ پرک لھندس، جن ماڻھن منجهان اهو بيوقوف پيدا ٿي پيو هجي، ڇو تہ ڪنول هميشہ. گدلي ۽ ماٺي پاڻيءَ مان ڦٽي نڪرندو آهي.“

44

ياد ٿئي؟ ”انبن ٻور جهليو“ هو. پکين صبح جا راڳ ڇيڙيا ها. ڀونئرن نَڙ وڄايا ها. گلن ۽ غنچن، ماڪ ڦڙن سان مکڙا ڌوتا ها ۽ پوءِ ڪرڻن جو لباس پھري، انھن گلن ۽ غنچن تنھنجو انتظار ڪيو هو. تون واهيءَ جي ڪپر تان ڇال ڏيندي، اچي گلاب جو گل پٽيو هو، جيڪو ٽاريءَ ۾ هئڻ کان وڌيڪ تازو ۽ سھڻو، تنھنجي هٿ ۾ لڳو هو. مٿان انب جي پور مان طوطي ‘ٽيون’ ‘ٽيون’ جو شور مچايو هو، جنھن تي تنھنجي هٿ مان گل ۽ منھنجي هٿ مان گليل ڪري پئي هئي.

45

”خبردار! متان مون ۾ پير پسايا ٿئي. لھر جو وڪڙ چاڙهي ٻوڙي مارينديسانءِ. کڻ پنھنجا ڪپڙا، ڪر پويان پير، صاف ۽ اجري پاڻيءَ کي صاف ۽ اجرو ئي رهڻ ڏي.”
ڦليليءَ رڙ ڪري، ڏانھس وڌندڙ ماڻھوءَ کي رهڙ پٽي.
”سون مياڻيءَ وارو مانگر منھنجي اڳيان جيتامڙو هو. هڪ ئي ڳيت ۾ ڳڙڪائي، نِستو ڪري، لوڙهي ڇڏينديسانءِ. ننڊ ٿي ڪيان تہ ننڊ نہ ٿا ڪرڻ ڏيو. جاڳان ٿي تہ جاڳڻ نہ ٿا ڏيو. اسر سان ئي اچي ٿا گند جا ٻورا داخل ڪيو. پنھنجي جيجل ماءُ سنڌوءَ کي سڏ ڪيم تہ، سڏ پڙاڏا بڻجي، ٽاھہ کاڌل پکين وانگي واپس ورڻ لڳا، جنھن مان سمجهي ويس تہ مون واريءَ امڙ سان بہ ساڳي مون واري ويڌن آهي. پنھنجين ڀينرن ڪينجهر ۽ منڇر سان حال اورڻ لاءِ ڳالھہ ٻولھہ هلايم تہ چوائي مڪائون تہ جيترو ٿي سگهي اوترو مٿاهين وهان. ننڊ ڪرڻ بدران جاڳندي وقت گذاريان. مون سندن ڌيان پٽيھل ۽ هاڪڙي جي ڦِٽل آثارن ڏانھن ڇڪايو تہ منھنجون ٻئي ڀينرون مون کي پاڳل سڏي، مون تي کلڻ لڳيون.“
ڦليلي، ڏانھس وڌندڙ ماڻھوءَ کي هبي تبي ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي منھن ڳالھائيندي رهي.
ايتري ۾ ڦليليءَ پنھنجي ڪنڌيءَ تي هڪ جهور پوڙهي جوڙي- مرد ۽ عورت کي بيٺل ڏٺو، جيڪي ڪڏهن ڦليليءَ کي تہ ڪڏهن پاڻ کي ڏسي رهيا هئا. مرد کي مٿي تي وارن جي چوٽي ۽ هيٺ ڌوتي ٻڌل هئي. عورت کي کاڏيءَ تي ڏينڀوڙي ۽ نرڙ تي سندر جو ٽڪو نڪتل هو. ٻئي ڄڻا وڏي پاٻوھہ سان ڦليليءَ کي ڏسندا رهيا. ڦليلي ٻھڪي پئي هئي. جاڳي پئي هئي. منجهس چاڙھہ آيو هو ۽ هن مٿاهون وهڻ شروع ڪيو هو.

46 کان 60

46

صبوح جون اکيون مھٽيندي، مان سنڌوءَ جي پسار ڪرڻ لاءِ گهران نڪتس. جڏهن ڳوٺ جي ڀر واري باغ وٽان لانگهائو ٿيس تہ پير زمين ۾ چڪ هڻي بيھي رهيا ۽ نگاهون گلور ول جي وٿين مان گهتون هڻنديون وڃي هڪ سندر ناريءَ جي سندر مکڙيءَ تي رڪيون، جيڪا پنھنجين سھيلين سان گڏ گلاب ۽ رابيل جي ٻوٽن ۾ بيٺي هئي. سندر ناريءَ جهڪي، گلاب جو گل پٽيو هو. جهڪڻ جو اصل مطلب سمجهہ ۾ مون کي ان ڏينھن ئي آيو هو. گلن ۽ پنن تي شبنم جا قطرا- سندرتا جي ورکا ڪري رهيا هئا. وڻن جي ٻاهرينءَ قطار هيٺان واهي وَهي رهي هئي، جنھن تي ٻُڪن ۽ کيروليءَ جا غاليچا وڇايل هئا. پاسي وارن انبن جي جهڳٽي ۾ ڪوئل صبوح جو راڳ ڇيڙي، مون کي دل کولي مشاهدي ماڻڻ جون دعوتون ڏئي رهي هئي. هڪ انب جي پور مان چھنب ٻاهر ڪڍي هڪ طوطو شور مچائي رهيو هو. منھنجون نگاهون نم تي چڙهيل گلور ول جي ڳڙکين مان پار پونديون، انھن دوشيزائن جو جلوو پسي رهيون هيون. ان وقت فطرت سورنھن ئي سينگار ڪري، ڪنوار بڻجي، اچي منھنجي اڳيان بيٺي هئي.
اوچتو منھنجي نظر ٻہ ڪانا مٿي چڙهي آيل، سج تي وڃي پئي، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي تحفظ ڏيڻ بابت ڪوٺايل هڪ سماجي ميڙ ۾ مون کي ڳالھائڻو هو، ان ڪري تڪڙيون، تڪڙيون وکون ڀريندو مان ڳوٺ ڏانھن موٽڻ لڳس.

47

مان ۽ منھنجي محبوبا توت جي وڻ هيٺيان هڪ ٻئي تي محبت جي گلن جي ورکا ڪري رهيا هئاسين. چيٽ جي ٻاٽ اوندھہ ۾ ستارا آسمان تي جهرمر لايو بيٺا هئا. موڪلائڻ وقت محبوبا جي گج تي مٿو ڍرڪائي کيس چيو هيم: ”شام ويلي او...... هنن پکن جي قطار آڏو، مان جڏهن ٽيلار ڪندو آهيان تہ تون پنھنجي پکي جي در تي بيھي مون کي درشن ڇو نہ ڪرائيندي آهين؟“
محبوبا وراڻيو هو: ”منھنجو پکو ‘سچوءَ’ جي محبوبا وارو گهر ناهي جنھن جي دريءَ دريءَ منجهان مان تو کي ديدار ڪرائيندي رهان. تو کي جيڪڏهن منھنجو ديدار ڪرڻو آهي، تہ پوءِ ڏينھن تتي جو ڏنڊي هٿ ۾ ڪري، هلي مون کي ڳوٺ واريءَ کڏ مان مٽي ڍوراءِ.”

48

هڪ ڏينھن ڏسان تہ ڪاٺ ۽ ڄاريءَ مان جوڙيل پڃري جي مٿئين خاني ۾ ميان مٺو ۽ هيٺيون خانو چيھن سان ڀريو پيو هو. پٽ کي چيم تہ: ”بابڙا! ڪنھن ساهدار کي قيد نہ ڪبو آهي. آزاد ڪري اڏائي ڇڏين. ڏس تہ کليل فضا ۾ اڏامندي، پکي تو کي ڪيڏا سھڻا ٿا لڳن!“
ٿورن ڏينھن کان پوءِ مون وارو ڪِڪو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو:
”بابا! اڄ ڪھڙي خوشيءَ ۾ ٻٽيرا پيا کائو؟“
ان ڏينھن منھنجي شاعري مون تي کلڻ لڳي هئي.

49

هڪ پينو فقير خدا جو واسطو وجهي مون کان پنج رپيا گهريا. مون کيس چيو تہ پنھنجي خدا کي چؤ تہ سڀ کان پھريان اَن، اوڇڻ ۽ اَجهي جو ڌرتيءَ جي سڀني انسانن لاءِ هڪ جيترو انتظام ڪري، تہ پوءِ سندس نالي تان پنج روپيا تہ ڇا منھنجي جان بہ حاضر آهي.

50

مون کي جذبات ۾ ڏسندي مون کان ديسي دوست پڇيو: ”ايڏي ٻٽاڪ پيو هڻين، ڇا تو سنڌ کي چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو آهي؟“
کيس جواب ڏنم:
”ادا! هائو، مون سنڌ کي عينڪ لڳائي بہ ڏٺو آهي تہ عينڪ لاهي بہ.”
چيائين: ”تو وٽ اهڙو ڏانءُ يا ڪو نسخو آهي. جيئن مان بہ جهٽ پٽ ۾ سنڌ کي ڏسي سگهان.“
مان سندس هٿن تي ڀٽائيءَ جو رسالو رکي، خاموش ٿي ويس.

51

شعر منھنجي شعور ۾ ولوڙيو رهندو آهي ائين جيئن ماٽيءَ ۾ مھي. جڏهن ڪاڳر تي ايندو آهي تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنھن طوطن جي ولر کي آزاد ڪيو اٿم.

52

هڪ ڏينھن ڀٽائيءَ چيو:
”پُٽ! توکي ڪھڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي جو آيو آهين منھنجو شاگرد ٿيڻ؟“
ڳچيءَ ۾ ور وجهي چيومانس:
”مان اهو گستاخ ۽ نہ ڇڏُو شاگرد آهيان، جيڪو سواءِ شاگرد ٿيڻ جي واپس ڪڏهن بہ نہ ويندو.“
پڇيائين: ”نالو ڇا ٿئي؟“
چيومانس:
”نالو کنڀات، پيءُ جو نالو ڪاموڏ ۽ ذات جو کاهوڙي آهيان.“
”شاباس!“
پڇيائين:
”سچ چئي ڄاڻين؟“
وراڻيم:
”هائو، مان سنڌي آهيان، ابن ڏاڏن کان وٺي سنڌ جو رهاڪو آهيان ۽ سنڌوءَ جو پاڻي پيئندو آهيان.“
شاباس!!
پڇيائين:
”پٽڙا! ٻيو بہ ڪو هنر ڄاڻندو آهين؟“
وراڻيم:
”ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ بدران سنڌ جي وڻن مان ڏُٿُ چونڊي بہ گذر سفر ڪري ڄاڻان. اوڇڻ نہ هوندو اٿم تہ پاهڻن تي پاسا کوڙي، قرار جون ننڊون ڪندو آهيان.“
شاباس!!!
پوءِ ڀٽائي کِليو ۽ مون کي پنھنجي اوتاري ۾ وٺي ويو. ڏسان تہ اتي مون کان اڳ ۾ ئي هڪ گنڀير شاعر ويٺو هو، جيڪو هڪ وڏو هندي پستڪ پڙهي رهيو هو.

53

تون مرڻ کان پوءِ وري ڄمندين!
چريو ٿيو آهين ڇا؟
ڀلا ٻڌاءِ تہ تنھنجي مرڻ ۽ وري ڄمڻ جي وچ ۾ ڪيترو وقفو هوندو؟
تنھنجي ان سوال جو جواب هُو سج اٿئي، جيڪو ڄاڻ بادلن مان ٻاهر نڪتو.

54

تنھنجو چندن هار مان چورايو ئي تڏهن آهي تہ، تون پاڻ اچي پنھنجي مينديءَ رڌل هٿڙن سان منھنجي اڱڻ ۾ هيءَ چندن جي چڪي پوکين.
هان، اڄ تنھنجي وارن ۽ ڪاراين ۾ گجرا ڪونھن! اڙي تون مون سان ڳالھائين ڇو نہ ٿي؟؟
مان سمجهان ٿو تہ تون منھنجي شاعراڻي مزاج ڪري مونتي سخت ناراض آهين.

55

هڪ درويش جنت جون خوبيون بيان ڪري رهيو ھيو. چئي:
اتي هر ڪنھن انسان کي پنھنجن ذاتي عملن جو ڦل ملندو.... مون کيس روڪيندي چيو:
ڀلا ٻڌاءِ تہ سھي، اتي انسان، انسان جي ڪم ايندو؟
چيائين:
ڪھڙو ڪفر پيو بڪين!
مون کيس ٻڌايو تہ، قبلا! مون اڳ ۾ ئي وصيت ڪري ڇڏي آهي تہ مان جڏهن مري وڃان تہ منھنجو لاش ڪنھن اونھيءَ کڏ ۾ ڦٽو ڪري، ڳجهن، سرڻين ۽ ڪانگن جي حوالي ڪري ڇڏجو جيئن مرڻ کان پوءِ بہ مان ڪنھن جي ڪم اچي سگهان.

56

تون مون کان گيت کسڻ آيو آهين ۽ پوءِ ماچيس جي تيلي ٻاري کين ساڙي ڇڏيندين، ڇو تہ مون ”سچ“ لکيو آهي. سچ کي ساڙيو ويندو آهي يا کيس سوريءَ تي لٽڪايو ويندو آهي. پر تون مون کان منھنجا گيت نہ کسي سگهندين. مان ڪو ماکيءَ جو مکو ناهيان جو ڀُون ڀُون ڪري توکي ڊيڄاريان. مون ۾ وڏي سگهہ اٿئي. هاڻي مان هڪ وحشي راڙ ڪري توتي حملو ڪرڻ وارو آهيان.

57

پِرھہ کان پھر سج تائين مان رابيل ۽ رتن جوت جي ماڪ ڀنل گلن جو پسار ڪري رهيو هئس. مٿان مينھن جون سنھيون سنھيون بوندون برسي رهيون هيون. باغ کان ٻاهر هڪ ڪرڙ تي ٻہ ڀوريون ڏينھن کي ٽُڪي رهيون هيون ۽ سندن ٽٻڪن تي پسيءَ جا گل ڇڻي رهيا هئا. پاسي واري بڙ تي ڪويل ”ڪوڪو“ وارو گيت سڻائي رهي هئي ۽ منھنجي من ۾ هڪ گيت سرجي رهيو هو. ان ڏينھن مون کي احساس ٿيو هو تہ شاعري هڪ اها وَٿَ آهي جيڪا ڌرتيءَ جي نظارن مان بہ ملندي آهي.

58

زندگي جنُ آھي يا ڀُوت. مون تہ کيس انگاسن تي چاڙهي هيٺان ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي هئي. پوءِ هوءَ هٿن جي وٿين مان پاڻيءَ وانگر ڪيئن وهي وئي.

59

رات ڀٽائيءَ سڏائي چيو: ”ڇا تون منھنجي تنبوري جي تارن تي مون وانگر آڱريون رکي، سارنگ ڇيڙي، ٿر تي مينھن رسائي سگهندين؟ ڇا تون ڦٽل ڪراڙ تي کڙيل ڪنول گلن جھڙيون وايون جوڙي سگهندين؟ پٽ! مان ٿڪجي پيو آهيان، اٿئي ڪو ٻوٽو ٻارڻو تہ واھہ، نہ تہ اهو ڪم مان سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ ٻئي سمنڊ جيڏي گھري ۽ گنڀير شاعر کي ڏئي ڇڏيندوسانءِ.”

60

مون کي ياد آ تہ وڌ ۾ وڌ مان ستن- اٺن سالن جو هئس جو امان سانئڻ ڪُٽيءَ جو ٿال ڀري، مون کي ۽ منھنجي ننڍي ڀيڻ بصر خاتونءَ کي سنڌو درياءَ تي وٺي وئي هئي. سنڌوءَ جي ڪپر تي بيھي، ڪُٽيءَ جون مُٺيون ڀري، سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏني هئائين ۽ ڳچيءَ پاند پائي امان ڪي ياد ڪيل جملا بہ دهرايا هئا. ان وقت اسين ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ، کِليا هئاسون.
هن وقت امان جا ٿورا ٿو مڃان جنھن سنڌو درياءَ جي ڪپ تي بيھي سنڌي هجڻ جو پھريون سبق پڙهايو هو.

61 کان 75

61

مومل! مان تنھنجي تڪليف سھي نہ سگهيس. هو ڏس! چندن جي وڻن جو سڄو سارو باغ لڳايو اٿم. جنھن لاءِ مون کي ڏڍا ڪشالا ڪڍڻا پيا آهن. مِٽي بہ مون کي پري پري کان آڻڻي پئي آهي. اڳتي راڻو جڏهن بہ تنھنجو مھمان ٿئي تہ اُٺ جو چارو مون کان پئي وٺجان. چندن جون خوشبودار ٽاريون تو کي پھچائي بہ مان پيو ڏيندس. تون رڳو ايترو ڪجان، جو راڻي جي اچڻ جو اطلاع تون پاڻ پنھنجي سر پئي ڏجانءِ.

62

گج تي ڪاوا، نڪ ۾ لونگ، نرڙ تي ڏينڀوڙي ۽ وارن ۾ رابيل جا گل- منھنجي نظر جو معراج آهن.

63

مان تنھنجي آڏو هي سڀ هٿيار ڦٽا ڪندس، جيڪڏهن تون مون وانگر منھنجي ٻوليءَ جو ڪو هڪڙو جملو بہ اچاري ڏيکارين. مان هٿيار کڻي تنھنجو پيڇو ڪندس، جيڪڏهن تو ٻيھر ڪينجهر کي ڪلري ڪوٺيو آهي.

64

تو ۾ ۽ مون ۾ فرق؟
تون پاڻ لاءِ سوچيندو آهين ۽ مان ٻين لاءِ، جنھن ۾ تون پاڻ بہ اچي وڃين ٿو.

65

هڪ درويش جنت جون خوبيون بيان ڪندي فرمايو تہ: جنت ۾ حسين عورتن ۽ ڳڀرو ڇوڪرن سان گڏ ماکيءَ ۽ کير جا واھہ ۽ شاخون بہ هونديون. هر قسم جا ميوا بہ هوندا. بس، ڪنھن بہ ميوي جي خواهش ڪبي تہ پاڻمرادو ڇڻي اچي وات ۾ پوندو.......
سندس تقرير روڪيندي، مون کائونس پڇيو تہ: درويشڙا! ٻڌاءِ تہ ڪارونجهر جي ڪور تان مور اڏامندا نظر ايندا؟ سرنھن جي ڦولارن مان ڪا ڳوٺاڻي نينگري ڳنر پٽڻ ايندي؟ ٿر جي ڪنھن ڏهر ۾ ڪا ڀوري ٽپڪيون ڏيئي ڏيلھا ٽڪيندي؟ ڪنھن ڍنڍ جي ڪپرن تي ڪنول رقص ڪندا؟ ڪجلي رت جي ڪڪرن وسڻ کان اڳ ڪا منڊي ڪڪري، هوا جي ڪلھن تي سوار ٿي، ٿر ڏانھن ڊوڙندي نظر ايندي؟ ڪا ڪونج چھنب ۾ جوءُ ڪري، ڪچي مٿان ڪرلائيندي؟
چيائين: ڪھڙو ڪفر پيو بڪين؟
مون کيس ٻڌايو تہ مون اڳ ۾ ئي وصيت ڪري ڇڏي آهي. تہ مرڻ پڄاڻان منھنجي لاش کي ڪن ٻن ڀٽن وچ ۾ ڦٽو ڪري مٿان واريءَ جو هلڪڙو تھہ ورائي ڇڏجو.

66

تو ۾ ۽ مون ۾ فرق؟
تنھنجي اک مايا جي موھہ لاءِ توکان راتاها هڻائيندي آهي. منھنجي اک اڃايل چپ ۽ بکايل پيٽ پئي جاچيندي آهي.

67

اَن- اُپائيندڙ بھشت ۾ ويندا تہ واھہ، نہ تہ مان بہ ڪو نہ ويندوسانءِ.

68

اُٿي تہ قرض چڪائي اچون.
سيٺ جو؟
نہ، مٽيءَ جو.

69
مان شعر ٿو پڙهان تہ وڻ بہ لامون جهڪائي داد ٿا ڏين.
تنھنجو منھنجو ديس بہ ساڳو تہ ويس بہ ساڳو آ- پر پوءِ بہ تون گونگو ٿو رهين! ٻڌاءِ تہ تون منھنجي ٻولي ڪڏهن سِکندين؟

70

ياد اٿئي؟
تو پاڻ بہ فرمايو هو تہ ٻين جي تخليق مان موضوع چورائي شعر لکڻ ائين آهي، جيئن ڦٽي ڪيل هڏيون ۽ چوپا وري چوسجن. تون پوءِ بہ پنھنجين من- گهڙت تخليقن تي فخر پيو ڪرين!

71

هو ڏس! هنن ٽڙيل گلن جي ٽارين کي سيرون ڏيئي، هوءِ مالھڻ مون کي گل پئي آڇي.
هو ڏس! هوءَ منڊي ڪڪري ٿر وارن کي پلر پيارڻ لاءِ ٿر ڏانھن ڊوڙندي پئي وڃي.
هو ڏس! ڪانھہ جي تازي نسريل ڊڍي تي ڪڻڇي لات پئي لنوين.
هو ڏس! هن پورهيت جي پيشانيءَ تي پگهر- ڦڙا مُنڊيءَ جون ٽِڪون پيا لڳن.
تون پوءِ بہ مون کان پڇين ٿو تہ منھنجي من ۾ هيءُ سارنگ جھڙا گيت ڪيئن سرجيندا آهن!

72

مان هن ڍنڍ تي لھندڙ پکين جو قسم کڻي ٿو چوان تہ هي منھنجا پڪا گهڙا تنھنجي ڪنھن بہ سھڻيءَ کي نہ ٻوڙيندا. هاڻي تہ تون منھنجي درياءَ تي دانھن نہ ٿيندين نہ؟

73

ڪيتريون سھاڳڻيون ۽ سندن ور رلائي ماريا اٿئي! مون کي ڪھڙي خبر نہ تون اڃان سوڌو ساڳيءَ جاءِ تي ٽِڪ ٻڌيو بيٺو آهين.
گول مانيءَ جھڙي ڪيڪ تي ڇريءَ کي رقص ڪرائڻ ۽ ٻرندڙ ميڻ بتين کي وسائي ڇڏڻ، مان ڪيئن برداشت ڪيان! اچ تہ تو کي سالگرھہ جي رسم کان واقف ڪيان.
اهي گل ٿيل ميڻ بتيون وري ٻار ۽ ان وڍيل ڪيڪ جي ٻنھي اڌن کي پاڻ ۾ ملائي جوڙي ڇڏ.
هاڻي تاڙي وڄاءِ.

74

تو ٿوري وقت ۾ گهڻن کان سُٺو لکيو آهي. تو پاڻ ائين ڪڏهن بہ نہ چيو هوندو. اهو تو تي ڪنھن الزام لڳايو آهي. اڙي! هان، تون تہ ائين چئي بہ نہ ٿو سگهين، ڇاڪاڻ تہ تو ادب جي چَڪَ تان جيڪي بہ گهڙا لاٿا آهن، تن مان ڪنھن هڪ گهڙي ۾ بہ تو چيڪي مٽي ڪتب نہ آندي آهي ۽ نہ وري ڪو ڪنھن ڪاريگر وارو ڪمائتو چِٽُ چِٽيو اٿئي.

75
تون پاڻ ٿو چوين تہ ڏات تو کان رسي وئي آهي.
اي دوست! تو کي اها خبر آهي تہ مون وٽ جيڪي بہ ڏات ڪڻا آهن انھن مان ڪجهہ مون ملھہ خريديا آهن ۽ ڪجهہ دوستن کان اڌارا ورتل آهن. پوءِ بہ تون پنھنجين لکڻين کي منھنجي نانءِ ڪري، پنھنجي ڏات کي اڃان بہ وڌيڪ رسائڻ ٿو چاهين!

76 کان 90

76

تون ڪيستائين منھنجا ڪبوتر بازن جي بِلي ڪندين؟
جڏهن منھنجا ڪبوتر تو کي وٺ نہ ڏيندا تہ پوءِ اهي باز تو کي ئي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيندا.

77

هن کان پوءِ مان جو بہ شعر لکندس ان جا ڪافيا بازن کان بہ تيز اڏامندا.
ٻڌاءِ تہ پوءِ تنھنجا ”شڪرا“ ڪاڏي ويندا؟

78

ڌرتيءَ جي گولي کي فطرت اوندھہ جي ڪاري چادر ۾ ٻڌي سانجهيءَ کان صبوح تائين قيد ڪري ڇڏيو هو تہ ڌرتيءَ شبنمي لڙڪ وهائي، هر وڻ کي، هر ٻوٽي کي وهنجاري ڇڏيو هو.
هو ڏس! هن ڇٻر مٿان ڌرتيءَ جا لڙڪ.
هاڻي جڏهن اوندھہ جي ڪاريءَ چادر جي ڳنڍ ڇوڙي، ڌرتيءَ کي فطرت آزاد ڪيو آهي تہ ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ٻھڪي پئي آهي. ڏسين نٿو! تہ ڪيئن نہ هنن اوڀر وارين جبلن جي قطارن منجهان سورج ليئو پائي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا ٽڪي رهيو آهي.

79

مٿان انب جو ٻوڪيل وڻ آ. هيٺان ٽي گراٺيون ويڪري واهي آهي، جنھن ۾ کوھہ جو شفاف ۽ اجرو پاڻي ترڪندو باغ جي چلھن ڏانھن وڃي رهيو آهي: جنھن جي ڪپرن تي هيرڻ ۽ رابيل جا ٻوٽا هوا جي هلڪن جهوٽن تي جهومي رهيا آهن. نار جي ڍينگي ۽ چڪر جا آواز ۽ آهڏ ۽ پاڙڇ ۾ ڪرندڙ پاڻيءَ جي ڇم ڇم، ماحول ۾ ترنم پيدا ڪري رهيا آهن.
منھنجي کاٻي پاسي کان هي ڏاڙهونءَ جي گلن جون ٽاريون تنھنجن مينديءَ رتل هٿن ۽ ٻانھن جھڙيون لڳي رهيون آهن. تنھنجون ٻانھون- جيڪي تو گج جي ٻانھن ۾ ڇپائي ڇڏيون آهن، جن تي پَسيءَ جي گلن جھڙا گُل لٽڪي رهيا آهن. هن لوڙهي ۾ بيٺل ٻوڙي تي ڪڻڇي لات لنوين رهي آهي. تون منھنجي اڻڀن وارن تي هٿ ڦيري رهي آهين.
منھنجي محبوبا!
ڪيئن مڃان، تہ هن کان وڌيڪ حسين، ڪا ٻي دنيا بہ ٿي سگهي ٿي.

80

هڪ رچنا کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مون کي فطرت جي ڪن بہ ٻن آوازن ٻڌڻ جي ضرورت ٿي. مان سڌو سنئون سنڌوءَ ڏانھن هليو ويس. ڇولين جي ڇڇڪن مان اڀرندڙ آواز ۽ ڪُنن جا ڪڙڪا ٻڌي، مون هڪ باغ جو رخ رکيو. مور جي ”رڙ“ ۽ ڪوئل جي ”ڪوڪو“ ٻڌڻ کان پوءِ، مان ٿر جي ڀٽن کان وڃي نڪتس. ڀٽن تي بوندون برسي رهيون هيون ۽ پوءِ وڏ ڦڙي جا وسڪارا شروع ٿي ويا. مون کي لڳو هو، ڄڻ فطرت ڇير ٻڌي، نچي رهي هئي. مون نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجهہ لکي ورتو هو. بارش وسڻ کان بس ڪئي تہ مان هڪ ڏهر ۾ لھي ويس. ڏٺم تہ منھنجي سامھون هڪ اڪيلي بيٺل کٻڙ تي اچي تاڙو ويٺو، جنھن پلر جي پالوٽ کان پوءِ خوشيءَ جي اظھار لاءِ تنوارڻ شروع ڪيو هو. ايتري قدر جو فضا ۾ ڦڙڪڻ وقت بہ پنھنجي خوشيءَ جي اظھار جا گيت ڳائيندو رهيو. مون وري بہ نوٽ بوڪ ڪڍي، ڪجهہ لکي ورتو هو ۽ پوءِ پنھنجن وٿاڻن ۾ واپس اچي، پنھنجي رچنا کي مڪمل ڪيو هو.

81

گوتم ذات پات جي ويڇن ۽ ورهاڱن کي ختم ڪندي، چيو هو تہ: ”اهو ماڻھو سڀني کان اُتم آهي، جيڪو سچ ۽ نيڪيءَ جي واٽ ٿو وٺي.“ وقت ۽ حالتن کي سامھون رکندي، ٿورو لھجو ڦيرائي، مون بہ تہ ساڳي ئي ڳالھہ ٿي ڪئي، پر پوءِ بہ پنھنجي مھانگي ڳاٽ کي جهڪائي، ڦيٿن جھڙن پيرن کان اجايو ڪم وٺي، پنھنجا تيشن جھڙا هٿ وڃيو ٿو هن وڏي جبّي ۽ ٿلھي پيٽ واري ماڻھوءَ جي پيرن تي رکين ۽ پيو ٿو مون کي ۽ گوتم کي ناراض ڪرين.

82

تون جڏهن بہ يوناني فلاسفر ارسطوءَ جو ذڪر ڪرين تہ مھربان ڪري منھنجي اڳيان سندس شاگرد سڪندر اعظم جو نالو نہ وٺجانءِ. سڪندر- جيڪو ڌرتي- ماتا ۽ ڌرتي- ڄاين جي ڇاتين ۾ ڇرا ٽبيندو، هليو هو، دنيا فتح ڪرڻ.
تون جيڪڏهن نہ مڙين تہ پوءِ منھنجي ڪنھن بہ هڪ شاگرد جو نالو وٺجانءِ. منھنجا شاگرد- جيڪي اڄ ڪلھہ ڌرتيءَ جي گولي تان لڪيرن ۽ دائرن کي ڊاهڻ ۾ رڌل آهن.

83

منھنجي هڪ ڪامريڊ دوست مون کان پڇيو:
”ٻڌاءِ تہ انسان ۽ انسان جي آزاديءَ جي اهڙي سھڻي ۽ اثرائتي اپٽار جو گس تو ڪيئن ڳولھي ڪڍيو؟”
مون سندس آڏو پنھنجي عملي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جا انيڪ نقطا پيش ڪيا. سڌا ۽ اڻ سڌا حوالا بيان ڪيا. پر پوءِ بہ منھنجو دوست مون تي کِلندو رهيو. مون ڀٽائيءَ جي سُر کاهوڙي ۽ سر گهاتوءَ مان ٻہ چار بيت پڙهي، کيس انھن جون سمجهاڻيون ۽ مطلب سمجهايو.
منھنجي ڪامريڊ دوست، ماچيس جي تيليءَ سان ميز تي رکيل ميڻ بتي ٻاري، مون کي ٽھڪن سان وندرايو هو.

84

تون پنھنجي ان دوست کي ٻيھر دوست نہ چئجانءِ، جيڪو تنھنجي ڪنھن هڪ جملي ۾ بہ شڪ ڪري. تون پاڻ بہ ان دوست جو ٻيھر دوست نہ چوائجانءِ جنھن جي ڪنھن هڪ جملي ۾ بہ تو کي شڪ جي بوءِ اچي. اهي ايڏا جملا مان ان ڪري چئي ويٺو آهيان جو سچ پچ تہ تو پنھنجي سڄي ڄمار جي عملي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن جا ڏاهپ ڀريا نقطا منھنجي اندر ۾ پرٽي ڇڏيا آهن. تون بيشڪ ڏاهو آهين، تون بيشڪ ڏاتار آهين.

85

مان جنھن وسنديءَ ۾ زندگيءَ جا پورا ٽيھہ سال گذاري آيو آهيان، اتان جي رهواسين کي اڄ بہ زندگيءَ جي ڪا اهم شيءِ اڻ- مَئي ۽ اڻ- ماپي نٿي ملي. اهي ساڳا ماپا ۽ ماڻ! جيڪي هڪ جو پيٽ ڀرين تہ ڏهن کي بکيو رکن.
جيڪڏهن ڪنھن سانجڻ ۾ پنڊيءَ تي ڪا گول ماني پئي آ تہ ان مانيءَ تي بہ دنيا جي گولي وانگر ڪيئي دائرا ۽ لڪيرون نڪتل آهن. دنيا جي گولي تي اهڙا دائرا ۽ لڪيرون جيڪڏهن اڻ ٽر عمل آهي تہ پوءِ ساڳي کيت مان پيدا ڪيل ان- داڻن جي پچايل مانيءَ تي اهي لڪيرون ۽ دائرا ڪھڙي معنا ٿا رکن؟

86

اي دوست! تنھنجون تخليقون پڙهي، ٺري ٿو پوان. پر جڏهن بہ تو سان ملان ٿو تہ تنھنجي مٿان ذات جو خول چڙهيل ڏسي ڊڄي ٿو وڃان، نراس ٿي ٿو موٽان ۽ اچي پنھنجي شاعراڻي وحشت ۽ جنون سان ٿو جهيڙيان.
ڇا تون منھنجين مٿين سٽن کي پڙهي ۽ پُرجهي، مون تي ٽِڪي نٿو چاڙهي سگهين؟

87

مون فطرت جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو آهي، ۽ پنھنجي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعريءَ کي پڙهڻ سان گڏ سمجهو بہ وڌيڪ اٿم.
تو مُدي خارج ادب ۽ شاعري پڙهي آهي، جيڪا حال کان ڪٽجي چڪي آهي ۽ پوءِ بہ تون ان مدي خارج ادب ۽ شاعريءَ جي رٿ ۾ سوار ٿي پنھنجي نمائش ڪري رهيو آهين. اڙي، هائو! تنھنجي اک، فطرت جو مطالعو بہ اڌورو ۽ مٿاڇرو ڪيو آهي.
تنھنجي منھنجي وچ ۾ بس اهو ئي فرق آهي!

88

تنھنجي هر تازي تخليق جي ڪنھن هڪ سٽ ۾ بہ خوشيءَ جو تاثر نہ ٿو ملي! ڇا زندگي، خون ڙي! گهل ڙي!! الا ڙي!!! جو نالو آهي؟
اڄ وري منھنجي هڪ قداوار ۽ قدامت پسند دوست، رهڙ پائي مون کان سوال پڇيو.
مون کيس جواب ڏنو:
”پٽ مائيءَ جا! جيستائين سچ کي برداشت نہ ڪيو ويندو، جيستائين ڌرتيءَ تي حد بندين جو عمل جاري رهندو،
جيستائين رت وهائڻ جو ڪارڻ ذاتي ڏمر هوندو،
جيستائين ماڻھن ۾ درجي بنديون هونديون،
جيستائين انسان جي پوتر جسم کي ٿلھا لڪڙ زخمي ڪندا، تيستائين منھنجون تخليقون شايد توکي خوشين جي ڪا امداد نہ ڏئي سگهن.”

89

جڏهن سڙهن جا ساڪا پاڻمرادو ٽٽي پوندا آهن.
جڏهن ڪو تازو ڄاول مينھن جو ڦر ڍِڪون ڪندو آهي.
جڏهن سنڌوءَ جي ڪا ويڙهاڪ ڇولي ڪَرَ کڻي، ڪناري ڏانھن ڊوڙندي آهي.
جڏهن ڪو ابھم ٻالڪ ٻنڊ مان ٻوٿ ڪڍي، رئڻ لڳندو آهي، تڏهن پڪ ڪو ڌاريو سنڌ جي سرحد اورانگهي اندر ڌوڪيندو ايندو آهي.

90

ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، جڏهن ڪنھن ميڙ ۾ ڪنھن ڳوٺاڻيءَ جي بدن تي ڪپڙن جو نئون نڪور وڳو ڏسندو آهيان.
ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، جڏهن ڌر- تتيءَ جو پيرن اگهاڙي ڪنھن انسان کي ڳاھہ ڳاهيندي ڏسندو آهيان.

91 کان 105

91

زندگي هڪ اٿاھہ ۽ اڻ- کٽ ساگر آهي. هڪڙا انسان مرندا تہ ٻيا ٻيا ڄمندا. پر، ها! مرڻ ۽ ڄمڻ وچ ۾ ٿورڙي وٿي ضرور رهي ٿي. جيئن سج بادلن جي اوٽ اچي وڃي ۽ جهٽ کان پوءِ ظاهر ٿيو پوي.

92

وقت ٿي ويو آهي، اُٿي تہ پوڄا ڪري اچئون.
پالڻھار جي؟
نہ، پيٽ جي.

93

اڙي مينڌرا! تون پاڻ پيو چوين تہ مان بہ تو وانگر هن صديءَ جو راڻو آهيان. مون واري مومل بہ تو واريءَ مومل کان سونھن ۽ سوڀيا ۾ گهٽ ناهي. پوءِ ٻڌاءِ تہ تو ۾ ۽ مون ۾ ايڏو وڏو فرق ڇو آهي؟
تون جذباتي تہ مان اوڏو ئي ماٺيڻو آهيان.
تو ڏسڻ کان پوءِ بہ پڇا ڪا نہ ڪئي، مون ٻڌو آ تہ، وڃي ڏٺو آ.
توهان جي تيز جذبن توهان ٻنھي کي ڏاڪ جھڙي دوزخ ۾ جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو.
اسان جا ماٺا جذبا، اسان کي هن ڌرتيءَ جي جنتن ڏانھن وٺيو پيا وڃن.
تہ پوءِ مڃين ڇو نہ ٿو تہ مان ۽ منھنجي مومل، تو ۽ تنھنجي مومل کان گهڻو مٿڀرا آهيون.

94

مان تو کي ڪيئن روڪيان تہ تون ”عقاب“ جي واکاڻ ڪرڻ ڇڏي ڏي! تو کي اها بہ خبر آهي تہ عقاب جو ٻيو نالو ”پرمار“ بہ آهي ۽ پرمار جي ڪردار توڙي اڏام کان تون واقف بہ آهين. تو کي اها سڌ آهي تہ عقاب جو ٽيون نالو ”شاهين“ بہ آهي. شاهين، جنھن کي ٻين ٻولين جي وڏن شاعرن، مٿي پھاڙن کان بہ مٿي پئي اڏايو آهي.
هان، نظرياتي طور تون جيڪڏهن انھن شاعرن جي جوڙ جو آهين تہ پوءِ تنھنجو پکي بيشڪ عقاب ٿي سگهي ٿو. پر اسان جو پکي ڪانگ آهي. ڪانگ- جيڪو جهڙپ هڻي، هٿن ۽ پنڊين مان اسان کان ٽڪر کسي وڃڻ کان پوءِ بہ اسان کي پنھنجو لڳندو آهي، ڇو تہ اها ماني پرائو مال نہ پر اسان جي پنھنجي هوندي آهي.

95

تون تہ مشرق جو رهواسي ناهين. تنھنجو ڳوٺ تہ هتان کان هزارين ميل پري ميسپيءَ جي ڪناري تي آهي. تون ئي پنھنجي هانءَ تي هٿ رکي ٻڌاءِ تہ دنيا جي چئن وڏن شاعرن، شيڪسپيئر، رومي، سعدي ۽ ڀٽائي مان تو کي هن ڌرتيءَ جو مھا ڪوي ڪير ٿو لڳي؟
”ادا، سچ پڇين تہ اهي چارني شاعر دنيا جا عظيم شاعر آهن. پر جي منھنجا مھمان ٿين تہ مان جيڪر ڀٽائيءَ جي کٽ ٿورو مٿڀرو رکان.“

96

”ڀائو ڀلي ڪري آئين.”
ڪنڌ ورائي ڏٺم تہ ٿوهر جو وڻ کيڪاري رهيو هو.
وراڻيو:
”ادا، جڙيو هجين.”
ٿوهر چيو:
”ڀائو! ڏينھن تپي ويو ٿئي. اچ، ڪا جهٽ منھنجيءَ ٿڌڙيءَ ڇانوَ ۾ گذار. اچ تہ ڪچھري ڪيون. پاڻي پيءُ، آرام ڪر ۽ کائي پيٽ بہ ڀر.”
مون سوچيو: ٿوهر جو وڻ ڇانو ڪٿان آڻيندو ۽ ڦر ڪٿان ڏيندو، جيڪو پاڻ پيو ٺوٺ زمين تي پساھہ پورا ڪري.
ٿوهر ڳالھايو:
”ادا ڇا پيو سوچين؟ تو کي پاڻ کي بہ خبر آهي تہ مان سنڌ جو وڻ آهيان، جنھن جي ماڻھن وٽ ڪُني ۾ ڪڻو نہ بہ هوندو آهي. تڏهن بہ آئي وئي جو دل کولي آڌرڀاءُ ڪندا آهن.”

97

هن پڇيو-
”وڏو ڪير، تون يا مان؟“
مون وراڻيو:
”ڇا ۾، عمر يا قد ۾“؟
هن چيو:
”واپار ۾.“
مون چيو:
”جنھن جو مذهب ماڻھپو آهي.”

98

ڇا تنھنجون ٻٽاڪون ٻڌي، مان اڃان بہ گونگو رهان ۽ تنھنجي رعب کان هيسيل ديس واسين کي اڃان بہ گُمراهيءَ جي آڙاھہ ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيان.
اي دوست! اهو مون کان سَٺو نہ ٿيندو. مون ۾ سھڻ جي سگهہ رهي بہ ڪٿي آهي! ٻڌي ڇڏ تہ پاڻمرادو ٻٽاڪون هڻڻ ائين آهي، جيئن ڪو فنڪار پاڻ ئي پنھنجيءَ نڙيءَ تي نَنھن ڏيئي، پاڻ ۽ پنھنجي فن کي وقت کان اڳي ماري ڇڏي.

99

تو پاڻ چيو هو تہ مور جي ٽور ٽِلندي، ڪانوَ کان پنھنجي اصل چال وسري وئي هئي.
تون تڏهن ٻين جي فن ۽ فڪر سان هٿ چراند پيو ڪرين!

100

اي حسينا!
تو پاڻ پنھنجي ٻانھن وارن گجرن مان پنھنجن مينديءَ لڳل هٿن سان فقط هڪ گل ڇني ڏي تہ مان ان جي عيوض تو تان عمر ڀر جون تخليقون نڇاور ڪيان.

101

هان، کڻ هيءَ بندوق- واعدو ڪر تہ هن بندوق جي هر گوليءَ کي تون دشمن تي ڪتب آڻي، وطن عزيز کي ڌارين جي عقابي چنبن مان آزاد ڪرائيندين يا- هن پنھنجي ٻڍڙي پيءُ وانگر دشمن جي وحشيت ڀرين ڪارواين جو نشانو بڻجي بيروت جي لوساٽيل زمين کي پنھنجي گرم خون سان شفق کان بہ وڌيڪ جذب نظر بڻائيندين.

102

مان فطرت جي هر جاندار شيءِ کي سڃاڻان. اهي پکي او....
ٻٻرن جي هن ڪوچي ۾ واهيرو ڪندا اٿئي، جن جا ٻچا، اجهو هاڻي ڏسيو پيو اچان تہ چھنبون کوليو، آکيرن کي ٺونگا هڻي رهيا هئا.
تو کي پاڻ کي بہ خبر آهي تہ هر جنس کي پاڻ جھڙيءَ جنس مان فطري پيار ۽ لڳ- لڳاءُ هوندو آهي. ان ڪري، اي ماري! تون انھن پکين کي، پنھنجي هن معصوم ٻچڙي هٿان، پڃري مان آزاد ڪري، فطرت جي اٽل ۽ اڻ- ڦرندڙ قانون جو احترام ڪر.

103

تون پنھنجي اڳيان، پنھنجي ان معصوم ٻچڙي کي ٽلندو ڏسي ڪيڏو نہ خوش پيو ٿئين!
اي ماري!
هنن پکين کي آزاد ڪري ڇڏ تہ جيئن هر ڪو پيءُ ۽ ماءُ، پنھنجن آکيرن ۾ پنھنجن ٻچڙن کي ڏسي، تو وانگر خوش ٿئي.

104

ٿر تي ڪا بوند نہ برسي آهي. ڏهرن جي ننگن وڻن تي تڙا تنواري رهيا آهن. ھھڙيءَ رُت ۾ تون ڀلي منھنجو سارنگ ڇيڙ، پر ڏسجان، متان تو کي پنھنجن شعرن کان نفرت نہ ٿي پوي.

105

مون ڏنو، تو نٽايو.
مون ٻڌو، تو ڪنايو.
مون مڃيو تو انڪار ڪيو.
مون ڏٺو، تو منھن ڦيرايو.
بس،
ڪوڙ ۽ سچ ۾ اجهو اهو فرق آهي.

106 کان 120

106

هي منھنجا گيت:
بڙ جي ڇانوَ بہ آهن،
لڪيءَ وارون لُڪون بہ-
هي منھنجا گيت:
ڪانھن تي ڪڻڇيءَ جي لات بہ آهن،
بغاوت جو اعلان بہ-
هي منھنجا گيت:
ٿر تي پلر جي پالوٽ بہ آهن،
بم گولن جي بارش بہ-
هي منھنجا گيت:
پياسن چپڙن لاءِ سنڌو- جل بہ آهن،
اوڳاڇيل لاوو بہ-
پوءِ بہ تون مون کان منھنجن گيتن کسڻ جي هام هڻڻ آيو آهين!

107

مون تو کي سچ بڻجي، سوريءَ تي ڳولھيو هو،
مگر موت بڻجي، تو منھنجو ڪنڌ مروڙيو.
مون تو کي آڳ بڻجي، پھاڙن جي پيٽ ۾ ڳولھيو هو،
مگر تو شعلا کسي، مون کي ڪوئلو بڻائي ڇڏيو.
مون تو کي ٻيڙو بڻجي، هر ساگر تي ڳولھيو هو،
مگر تون سِپَ بڻجي، پاتار ۾ پيھي وئينءَ،
مگر تو کي عقاب بڻجي، فضائن ۾ ڳولھيو هو،
مگر وِڄ بڻجي، تو منھنجا پَرَ جلائي ڇڏيا.
مون تو کي لھر بڻجي، ڪنارن تي ڳولھيو هو،
مگر تو ساگر بڻجي، مون کي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو.
مون تو کي سج بڻجي، ڌرتيءَ جي گولي تي ڳولھيو هو،
مگر تو اوندھہ بڇي، مون کي رات بڻجي ڇڏيو.
اي آزادي!
ڇا اڃان بہ تنھنجو منھنجو ميلاپ ممڪن ناهي!

108

چريو تون يا مان؟
چريو مان آهيان، ڇاڪاڻ تہ ڦاسي گهاٽ ۾ داخل ٿي چڪو آهيان، پوءِ بہ جيئڻ جو حق پيو گهران.

109

منھنجي هر تخليق هُن تازي لڳايل باغ وانگر سمجهہ، جنھن مان طرح طرح جا گل ۽ ميوا پيدا ٿيڻا آهن ۽ نہ هُن کوھہ وانگر جنھن جي مالھہ ۽ لوٽين تي سينور چڙهي ويو آهي.

110

مان مڃان ٿو تہ تون گُهٽا ڏيئي مون کي ختم ڪري ڇڏيندين. پر منھنجي تخليق جي عقابن کي تون ڪٿان ڪٿان قيد ڪندين! جيڪي آخر تنھنجو انت آڻيندا.

111

تون جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جو سڄاڻ اديب يا شاعر هجين هان تہ تو کي عقاب ۽ ڪبوتر جي اُڏام ۽ ڪردار جو فرق ضرور محسوس ٿئي ها ۽ پوءِ تون ٻين کان بہ اهو ئي سوال ڪرين ها، جيڪو هن وقت توکان مان ڪري رهيو آهيان.

112

مون کي ٻڌاءِ تہ داخلي گهل- گهوڙا کان سواءِ تو مستقبل لاءِ ڇا لکيو آهي؟
ڇا پاڻ کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ ڪنھن پُلِ جوڙڻ جي تو کي ضرورت محسوس نہ ٿي آهي!
جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ تون ۽ تنھنجون تخليقون ماضيءَ کان ڪاٽا ٿي وينديون.

113

او ڀيڻ! مون کي خبر آ، تہ تون بي قصور آهين ۽ پوءِ بہ تو کي عمر قيد جي ڏوهارڻ سمجهي، چار- ديواريءَ جي قيدخاني ۾ بند رکي، توکي بنجر زمين چئي، فطري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جوڀن کان وٺي جُهري پوڻ تائين، تو مان ڪو بہ سلو اُسري نہ سگهيو آهي.
منھنجي ڀيڻ! مون تو لاءِ ايترو تہ لکيو آهي جو جڏهن تون ٻيو جنم وٺي هتي ايندينءَ، تہ تون طرح طرح جي گلن ڦلن کي جنم ڏئي سگهندينءَ.

114

او، ماري! تو هِن ڪونج کي ڪھڙي ڏوھہ ۾ زخمايو آهي؟ جنھن جي چھنب ۾ اڃان تائين ‘ٻچن جو چوڻو’ اٽڪيل آهي! شايد، تو مٿس گوليءَ هلائڻ جي سَڌَ بہ نہ ڪرين ها، جيڪڏهن تو کي ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ ياد هجي ها:
”ٻچا پوءِ اٿن- وڃن وانڌا ڪنديون.“

115

مان ان سڪندر جي ڳالھہ پئي ڪئي، جنھن هر ڪاري توڙي ڀوري انسان کي سيني سان لڳايو هو ۽ نہ ان سڪندر جي، جيڪو هزارين انسانن جي قتل ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي، هليو هو دنيا کي فتح ڪرڻ.

116

مان تو سان هٿ ڪو نہ ملائيندس.
تون قاتل آهي، تو ان هٿ سان قتل ڪيو آهي.
چريو يا سياڻو! ڇا جو قتل، ڪنھنجو قتل!!
تو هن ٻوٽي مان رابيل جو گل ڇنندي، هن بي گناھہ پوپٽ کي ڇو ماريو آهي؟ جيڪو هر گل جي واس وٺڻ لاءِ پنھنجن پرن تي ديس، اديس جو ”پروانو“ کنيو پيو گهمين.

117

چون ٿا، ڀٽائيءَ جڏهن سر گهاتو لکي پورو ڪيو هو، تڏهن سڀني مانگر مڇن بک هڙتال ڪئي هئي. سندن بک هڙتال کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڀٽائيءَ کي سر سھڻي لکڻو پيو هو.

118

چون ٿا، تہ ڀٽائيءَ جڏهن سر ڏهر لکي پورو ڪيو هو تہ ٿر جي وڻن مڃر ڇاڻيو هو. ان لاءِ، ڀٽائيءَ کي سر سارنگ لکڻو پيو هو.

119

او مالھڻ! تون ۽ مان ٻئي چور آهيون، تون مون کي منھنجي ڏات موٽائي ڏي، تہ مان تو کي تنھنجا گل.

120

او مالھڻ!
تنھنجن گلن جو چور مان آهيان.
مان تو کي تنھنجا گل موٽائي ڏيندس، جيڪڏهن تون پاڻ پنھنجن هٿن سان، ڪو بہ هڪڙو گل منھنجي ڪوٽ جي ڪالر ۾ لڳائين.

121 کان 135

121

جِتي بہ وڃ، جڏهن بہ وڃ، تو کي سنڌ، سنڌو، سنڌي ۽ سنڌيت ائين نظر ايندا، جيئن چاڏيءَ ۾ مکڻ، مَھي، لسي ۽ ڌنئنرو.

122

هڪ شاعر دوست بحث ڪندي چيو:
”تون ٿرن ۽ ٿوهرن- اُتر ۽ اوڙڪن- ٻنين ۽ ٻانڌن- چوڙن ۽ چوڙيلين- رڇن ۽ مڇن- چڙن ۽ چونگارن- ڪينجهر ۽ ڪارونجهر- پتڻ ۽ پاتڻين- گَجن ۽ گجرين، تي لکڻ بدران پنھنجي آسپاس وارن شھري ڪردارن- رستن ۽ رشتن- ملين ۽ ماڙين- چمنين ۽ چِلمن- بسين ۽ بدڪن، تي ڇو نہ ٿو لکين؟”
مون کيس جواب ڏنو:
”ادا، مان ٿورو ڪي گهڻو ضرور لکيو آهي.“
چي:
”تون پاڻ کي ۽ پنھنجن ذهني لاڙن کي ڳوٺن مان شھرن ڏانھن موڙي اچ.“
مون کيس ٻڌايو:
”پھريائين مور کي چؤ تہ ڪارونجهر ڇڏي وڃي- ڪونج کي چؤ تہ مٽرن جي لوڙهن ۾ ڪچي مٿان نہ اڏامي- ڪنول ۽ نيلوفر کي چؤ تہ ڪنھن ڍنڍ يا گڻنگ ۾ نہ کڙن- پوءِ مان ائين ڪندس، جيئن تون چوين ٿو.“

123

مان ۽ علي بابا اونداهي رات جو ڪتيءَ لٿي پاري ۾ ڏڪندا ٻن ڀٽن جي وچ ۾ هڪ ڏهر مان گذريا هئاسون.
علي بابا چيو:
”اڙي، تاجل! ڀٽن ۾ اڇا، اڇا ڳور پٽ بہ ٿيندا اٿئي.“
مون وراڻيو:
”توکان ۽ مون کان مٿي ڪو ٽيون ڳورپٽ بہ ٿيندو آهي ڇا؟“
اوچتو، مون کان رڙ نڪري ويئي.
”علڻ، ڳورپٽ ڙي ڳور پٽ!“
ڳور پٽ اسان ڏانھن وڌندو رهيو ۽ اسان پوئين پير، پٺتي هٽندا رهياسين.
”سلاماليڪ.“
”اڙي علڻ، هيءُ تہ چوڙين وڪڻڻ وارو لالو آ، جنھن تي مٿان وڏي ڊرک پيل آهي.“

124

هڪ ڏينھن لڪيءَ وارن لڪن مان لنگهندو، سھڪندو ۽ تيز ڊوڙندو، مان هڪ وڏي غار ۾ هليو ويس. ڏسان تہ سامھون ڀٽائي هڪ وڏي ڏانگهہ کنيو، رستو روڪيو بيٺو آهي- مون کي ڪاوڙ مان چيائين:
“اي روشنيءَ جا ٺيڪيدار! تو کي خبر آهي تہ سڀ ماڙهو، مرگهہ، پکي ۽ پکڻ- اوندھہ کان ماندا ۽ مونجها آهن ۽ تون اکين ۾ هيڏي ساري روشني لڪايو آيو آهين غار ۾ لِڪڻ!”
مون ادب سان وراڻيو:
”سائين! مان تہ تنھنجو رسالو پڙهي، کيرٿر جبل جي مٿاهين چوٽيءَ تي بيھي، سج سان اکيون ملائي، وٺي ڀڳو آهيان.“
ڀٽائيءَ دڙڪو ڏيندي چيو:
”موٽي وڃ.“
مون وري بہ ادب سان عرض ڪيو:
”پر، سائين! منھنجون اکيون تہ ڪبيرڻ منھنجي پرينءَ لاءِ ڪانگ وٽ بوڪ ڪرائي ويو هو، جيڪو ڪنڊيءَ تي ويھي مون کي هر روز قريبن جون ڪارون رسائيندو آهي ۽ جنھن لاءِ، سائين! تو بہ سُر پورب لکي، مون کي تاڪيد ڪيو آهي تہ مان ڪبيرڻ جي بڪنگ تي عمل ڪريان. مان تہ جلد ئي اکين جو پارسل ڪانگل وٽ بوڪ ڪرائڻ وارو آهيان.”
ڀٽائي چيو:
”پٽ! ڏاهو ٿيءُ- پرکڻ ۽ پرجهڻ جي ڪوشش ڪر- داخلي ۽ ذاتي مفادن کان خارجي ۽ گڏيل مفاد اهم ۽ گنڀير ٿيندا آهن.” پوءِ مون اکين کي هڪ نوڪدار پٿر جي تيز نوڪ مٿان رکي ٻئي پٿر سان ڌڪ هڻي، اکين کي کوپن سوڌو ٻاهر ڪڍي، روشني واپس ڪئي.

125

هڪ ڏينھن ڀٽائيءَ، بابا بلي شاھہ کي ميارون ڏيندي چيو:
”اڙي، بليا، حيف ٿئي جو ڀوڳن ۾ چڙي، وڃي گهر ويھي رهين. پڪي ياراڻي تون انھيءَ کي چوندو آهين؟ آڱرين تي حساب ڪري ڏس، تون اسان وٽ پوري مھيني کان پوءِ آيو آهين. اڙي، تو کان تہ خوشحال سٺو آهي، جنھن کي چرچن ڀوڳن ۾ مان وڌيڪ تنگ ڪندو آهيان. مجال آ جو خوشڻ ڪا وٿي وجهي ويھي رهن. وارَ کي توَ ڏي تہ اچي ٿو پر گهٽ ٿئي.”
بابا بلي وراڻيو:
”مان واندو ڪو نہ هئس.”
ڀٽائيءَ پڇيو:
”ڇا پئي ڪيئي؟”
چيائين:
”سنڌ جي اُترينءَ سرحد وٽ، سنڌوءَ کي ٻنڊو پئي ڏنم.“

126

عالم ارواح ۾ روحن سان بحث ڪندي، منھنجي روح کين چيو:
”منھنجي عمر هڪ هزار سان مقرر ڪري، مٽيءَ جي بوتي ۾ واپس اماڻي، جيڪڏهن مون کي ٻيھر سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ڏنو وڃي تہ هوند توهان کي ڀٽائيءَ جي جوڙ جو شاعر ٿي ڏيکاريان. ڀٽائي- جنھنجو پوري عالم ارواح ۾ ٿرٿلو متل آهي تہ هو ڌرتيءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي.”
روحن کي منھنجي تجويز ڏاڍي پسند آئي. جلوس ڪڍيائون، بک هڙتالون ڪيائون ۽ ٺھرائن تي ٺھراءُ پاس ڪري، نيٺ خلقڻھار کان ڌرتيءَ تي مون کي ٻيھر جنم ڏيڻ، قبول ڪرايائون ۽ مون سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ٻيھر جنم ورتو.
رٿيل پروگرام تي عمل ڪرڻ لاءِ مون ڪڏهن ٿر ۾ تہ ڪڏهن جابلو حصن ۾ وڃي ٻولي، پھاڪا ۽ چوڻيون سکيون. اهڙيءَ طرح سِري، وچولي ۽ لاڙ وڃي، ڪڙمين، ڪاسبين، ٻيڙيائتن، سامونڊين، کاهوڙين، سنياسين، سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن سان سنڌ جي قصن، ڪھاڻين، ريتن، رسمن، ٻولي، ثقافت تي بحث مباحثا ڪيا. بس، سچ پچ پاڻ کي رچائي ريٽو ڪري ڇڏيم. مجال آ ڪنھن شاعر کي جو مون سان مقابلي جي هام هڻي- شاعرن جا لاھہ ڪڍي ڇڏيم- منھنجي شاعريءَ جا هنڌين ماڳين هُلَ هلاچا ٿي ويا.
هزار سال پورا ٿيا تہ موت جي فرشتي مون کي اک ڇنڀ ۾ ليٽائي رکيو ۽ اهڙيءَ طرح وري منھنجو روح وڃي روحن سان مليو. جيڪي عالم ارواح ۾ منھنجو سخت انتظار ڪري رهيا هئا. جلوس جي شڪل ۾ جهمريون هڻي، جمالا ڳائي مون کي هڪ وڏي ميدان تي وٺي ويا. بجاءِ جو ڀٽائيءَ جي روح کي ڳولي ڦولي هٿ ڪري اچن، ڀٽائيءَ جو روح بيت ۽ وايون ڳائيندو، وڏي حوصلي سان اچي روحن جي هڪ ميڙ ۾ بيٺو. ڀٽائيءَ واري روح کي ڏسي، پھريائين تہ مان ڇرڪي ويس، مقابلي ڪرڻ واري هر ڳالھہ مون کان وسري وئي ۽ سوچڻ لڳس تہ سندس ئي چيل سُر سارنگ ۽ سُر کاهوڙيءَ مان کيس ٻہ- چار بيت ٻڌايان، پر جلد ئي سوچي ويس تہ، مون کي تہ مقابلو ڪرڻو آهي، ان ڪري آڪڙجي بيھي رهيس.
هڪ ترقي پسند ڪامريڊ روح مشاعري جي ڪاروائي هلائي، ۽ اسان ٻنھي شاعرن کي ڪيئي ڀيرا اسٽيج تي آندو ويو. سڄو ميدان روحن سان ڀريو پيو هو. اک جي نھار تائين روح ئي روح پئي نظر آيا. تِرَ ڦٽي ڪرڻ جيتري بہ جاءِ ڪا نہ هئي. فيصلي ٻڌائڻ لاءِ چار جج مقرر ڪيل هئا. روحن کان داد ۽ وهوا وٺڻ لاءِ مون تہ فقط فڪري ۽ ڪارج ڀريل قدرن جو مظاهرو ڪيو پر هر قسم جا طريقا ۽ حربا بہ استعمال ڪيا، ائين جيئن ڪو ملھہ ٻئي ملھہ کي ليٽائي وجهڻ لاءِ پڇاڙيءَ ۾ اَڙي بہ هڻي وٺندو آهي. مگر ججن جي فيصلي ٻڌڻ کان اڳ ۾ ئي هڪ پاڙيسري روح جي مدد سان، کسڪندو، روحن کان اک بچائيندو، ڀت ڀڃي، وڃي دوزخ ۾ داخل ٿيس.

127

عالم ارواح ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي شاعر بابت ڪن روحن جي وچ ۾ گرمان گرم بحث ٿي رهيو هو. ڪو چوي تہ دنيا جو وڏو شاعر شيڪسپيئر هو ۽ ڪو چوي تہ رومي- ڪنھن ڀٽائيءَ جو نالو پئي ورتو تہ ڪنھن سعديءَ جو مطلب تہ جيترا ها روح اوترون هيون ڳالھيون.
هڪ سياڻي روح ٽپ ڏئي چيو: ”توهان سڀ بڪواس پيا ڪيو. جڏهن انھن چئني شاعرن جا روح ارواح ۾ اسان سان گڏ پيا رهن تہ پوءِ ڇو نہ هڪ وڏي مشاعري جو انتظام ڪري، مقابلو ڪرايو وڃي.“
اها تجويز سڀني روحن کي وڻي ۽ اُن جو اُن وقت، مقابلي لاءِ تاريخ ۽ وقت مقرر ڪيو ويو. راتو رات روحن ڏانھن دعوتون موڪليون ويون.
بس، روحن جو ميلو لڳي ويو. مشاعرو شروع ٿيو. جيڏو مزو هو شعرن ۾، اوڏو هو ڪاروائيءَ ۾- هر هڪ شاعر واري واري سان شعر ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو- جج، پنھنجو فيصلو اڃان ترتيب ڏئي رهيا هئا تہ هڪ ئي وقت، شيڪسپيئر، سعدي ۽ رومي، سُرٻاٽ ڪري، اُٿي کڙا ٿيا ۽ وچ تي، ميز تي رکيل ‘سونو ٻلو’ کڻي، وڃي ڀٽائيءَ جي گيڙوءَ- رتي جام ۾ هنيائون ۽ پوءِ روحن تاڙيون وڄايون.

128

هڪ رات مون خواب ۾ ڏٺو تہ ڀٽائي ۽ بلي شاھہ هڪ ٻئي جي طاقت آزمائڻ لاءِ شام ويلي، هڪ ميدان تي ڪٺو ٿي رهيا آهن. ڳالھين ڳالھين ۾ ڀٽائيءَ، بُلي شاھہ کي تعارف ڪرائيندي ٻڌايو:
“بُلا! مان سڌو سنئون کيڏارن مان آهيانءِ. منھنجو واسطو ۽ رشتو انھن ماڻھن سان ٿئي، جيڪي ‘سچ’ کائين ۽ سچ پيئن، ٻيلي راند ۾ مون سان کوٽ نہ ڪجان.“
بُلي شاھہ کي ڀٽائيءَ جي ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي. ڀٽائي انگوڇي جي لنگ ڪڍڻ لاءِ اڃان ڪپڙا لاهي رهيو هو تہ بُلي شاھہ نہ ڪئي هم نہ تم، ڀٽائيءَ تي ٺؤنشن جو وسڪارو لائي ڏنائين. ۽ پوءِ بُلي شاھہ وڃي پِڙَ جي ٻاهرين ليڪي تي بيٺو. ڀٽائيءَ رئفريءَ وٽ احتجاج ڪيو تہ رئفريءَ بہ کيس ٻہ- چار مڪا ۽ گُوسا وهائي ڪڍيا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا بُلي شاھہ ۽ رئفري دنبھا هڻندا اتر ڏانھن روانا ٿي ويا.

129

هڪ وڏيرو ماني کائي رهيو هو تہ ٻن اڌ- اگهاڙين اپاهج نينگرين سندس آڏو پنھنجا ميرا ۽ نرم هٿ وڌائي ڇڏيا.
”الله جي نالي، هڪ ماني ۽ ٿورو ٻوڙ ڏيندين؟“
”معاف ڪريو.“
”ڀلا الله نالي اڌ ماني ۽ هڪ ٻوٽي ڏيندين؟“
”جواب مان ڪو نہ سمجهو جنن جي اولاد؟“
”ڀلا الله جي نالي، هٿ جيترو رکو سکو ڳڀو ڏيندين تہ تو کي وڏي ۾ وڏي دعا ڪريون؟“
وڏيري صاحب کي ماني کائڻ ۾ وڏي رنڊڪ ۽ تڪليف محسوس ٿي رهي هئي. ڇا کاوان، ڇا نہ کاوان. پھريائين ڇا کاوان وچ ۾ ڇا کاوان ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڇا کاوان. هِن بسيءَ مان ڪيترو ۽ هُن بسيءَ مان ڪيترو کاوان.
وڏيري صاحب رڙ ڪري، هڪ نينگريءَ جو هٿ هٽائي، کيس منھن تي ٻوڙ هاڻو چنبو وهائي ڪڍيو. نينگريءَ منھن ڀر وڃي زمين تي ڦھڪو ڪيو.
ان ڏينھن کان پوءِ منھنجو پاڙيسري دوست وڻ تي آکيرو ٺاهي، پکين وانگر رهندو آهي. ڪو ماڻھو ڏسندو آهي تہ آکيري ۾ لِڪي ويندو آهي ۽ مان اُن واقعي کان پوءِ لکندو رهندو آهيان.

130

ڏسين ڇا ٿو؟ مان فلسطيني آهيان ۽ منھنجي ٻارڙن کي منھنجي سامھون چيري ڦاڙي ماريو ويو هو ۽ مون کي سنگينن جي نوڪن سان اڌ- مئو ڪري، سرحد پار اڇلائي، جلاوطن ڪيو ويو هو. مون تہ هر ذاتي واقعي کي ياد ڪري، وري وساري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي مان بندوق کي چمي ڏيئي، وڏڙن جي وطن کي واپس وٺڻ لاءِ دشمنن ڏانھن وڌي رهيو آهيان.

131

هر اک جي نھارَ هڪ جھڙي هوندي آهي پر هر ڪا عينڪ الڳ الڳ عڪس ٺاهيندي آهي.
تون مون کي عينڪ لڳائي ڏسندو رهيو آهين. اڄ عينڪ لاهي ڏس ۽ پوءِ ٻڌاءِ تہ مان تو کي ڪيئن ٿو لڳان؟

132

‘سچ’ جڏهن سوچيو هو تہ صبوح جو پھريون ڪرڻو بڻجي، مون تي روشنيءَ جي بارش ڪئي هئائين ۽ هاڻي جڏهن ڏمريو آهي تہ اوندھہ عطا ڪري ويو آهي.

133

سچ توڙي سج- ٻئي وڏا آهن.
سچ، روشني عطا ڪري، مون کي ماڻھوءَ ۽ ڌرتيءَ لاءِ گيت لکايا آهن.
سج ڌرتيءَ تي روشنيءَ جا بادل برسائي، هر جيوَ کي طرح طرح جي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي.

134

دل ٿي چاهي تہ اهڙا ۽ ايترا شعر لکان جو ڀٽائيءَ جي رسالي جيڏي ڏِکَ ڏين مگر ڊڄان ٿو تہ قيامت ۾ جڏهن وڏن شاعرن کي سڏ ٿيندو تہ پوءِ منھنجو حشر ڪھڙو ٿيندو!

135

منھنجا ڀاءُ!
مان سمجهي ويو آهيان تہ تون ٻن ڏينھن کان ماني نہ کاڌي آهي. پر پوءِ بہ مان هنن پئسن مان تو کي هڪ روپيو بہ ڪو نہ ڏيندس ڇو تہ هي پئسا، مون پنھنجن تخليقن کي ڀريءَ بازار ۾ وڪڻي، ڪٺا ڪيا آهن، جن مان رائفلون ۽ گوليون خريد ڪري، مان تنھنجن دشمنن (ڏڪارين) تي استعمال ڪندس.

136 کان 160

136

مان ٽوڪيو (جپان) ۾ هڪ دڪان تان قميص خريد ڪري رهيو هئس. وڪرو ڪندڙ ڇوڪري، منھنجي ڏٺل وائٺل ۽ جپان جي هڪ ڪامريڊ شاعرہ هئي. مون کيس چيو هو تہ ”منھنجو هڪ دوست هيءَ ساڳي قميص، تنھنجي جپان جي، ناگا ساڪي شھر مان هڪ سؤ ‘ين’ (جپاني سڪو) گهٽ ۾ وٺي ويو هو. ٽوڪيو ۽ ناگاساڪي منھنجي ڳوٺ کان هڪ جيتري مفاصلي تي آهي. مان بہ شاعر آهيان ۽ تون بہ شاعرہ. ڏس! تہ تنھنجو ۽ منھنجو ڪيڏو نہ خوبصورت رشتو آهي! ۽ پوءِ بہ تون مون کان وڌيڪ پئسا وٺي رهي آهين!!“
مرڪندي چيو هئائين:
”شاعر صاحب! هن قميص ۾ تنھنجي سنڌ جي ڪپھہ ڪتب آيل اٿئي.“
مون اکيون بند ڪري، پئسا ڏيئي، قميص وٺي، پنھنجي بريف ڪيس ۾ وجهي ڇڏي هئي.

137

منھنجا دوست!
ڀٽائيءَ جي جُتيءَ ۾ پير پائڻ ڪا بري ڳالھہ ناهي. پر، ڀٽائي سڏائڻ بري

ڳالھہ آهي. جيڪڏهن تون ائين ڪندو رهندين تہ پوءِ تنھنجي ڏات جي عقاب کان پنھنجي اصلي اُڏام وسري ويندي. ائين جيئن مور جي ٽور ٽلندي، ڪانوَ کان پنھنجي چال ويئي هئي.

138

مان ڪنھن ضرورتمند جي سڏ جو جواب آهيان ۽ ڪنھن بکايل لاءِ ٻاجهريءَ جي مکيل ماني.
هاڻي، هاڻي تو مون تي ۽ منھنجي فن تي ڳالھائيندي چيو پئي: ”خبر ٿئي؟ مِٽيءَ ۾ ملڻ کان پوءِ بہ تون اسان وٽ وري وري پيو ايندين. گلن جي خوشبوءِ ۾ ۽ ٿر مٿان پلر جي پالوٽ ۾.“

139

اڄ وري مون کي منھنجي ‘ڏات’ ڏائڻ کان وڌيڪ بڇڙي پئي لڳي.
شايد وري ڪو عمر ڪنھن مارئيءَ کي زوريءَ کوھہ تان پيو کڻي.

140

اڄ هر شعر منھنجي شعور مان ‘ڪراڙ’ جو ڪنول بڻجي ٿو. اُسري، شايد، وري ڪو عمر ڪنھن مارئيءَ کي آزاد پيو ڪري.

141

مان ڄاڻان ٿو تہ ان ڪپھہ مان، ڦٽن چيٺڻ لاءِ پھا ٺاهي تون محاذ تي کڻي ويندين.
منھنجا دوست! تو ڪيڏو نہ وقت پئي وڃايو آهي! ان کان بھتر آهي تہ تون هيءَ بندوق کڻي، مون سان محاذ تي هليو هل.

142

جانڻ، خانڻ کان پڇيو:
”خانڻ! ڇا پيو ڪرين؟“
”سمنڊ ۾ سُئي ڪري پئي آهي، ان کي ڳولھيان پيو.“
جانڻ عجب وچان، خانڻ کي گهوري ڏسڻ لڳو.
خانڻ جواب ڏنو:
”تو بہ تہ پنھنجي ڄمار جون چاليھارو کن بھارون پاڻي ولوڙيندي گذاري ڇڏيون آهن ۽ مان ڏسان پيو تہ اڃان بہ تنھنجي ڳچيءَ ۾ غلاميءَ جو طوق لٽڪي رهيو آهي.“

143

ڌرتيءَ جي گولي کي فطرت اوندھہ جي ڪاريءَ چادر ۾ صبح کان سانجهيءَ تائين قيد ڪري ڇڏيو هو. ڌرتيءَ شبنمي ماڪ وهائي، هر وڻ کي، هر ٻوٽي کي وهنجاري ڇڏيو هو.
هو ڏس، هن ڇپر مٿان ڌرتيءَ جا لڙڪ.
جڏهن اوندھہ جي ڪاري چادر جي ڳنڍ ڇوڙي، فطرت، ڌرتيءَ کي آزاد ڪيو آهي تہ ڌرتيءَ جي سونھن ڀريو سندر پڻو ٻھڪي پيو آهي. ڏسين نہ ٿو تہ ڪيئن نہ هنن جبلن جي سيرن مان سورج ليئو پائي، ڌرتيءَ جي سونھن ۽ سندرتا کي ڏسي رهيو آهي.

144

مڃان ٿو تہ تو وٽ بہ ضمير آهي. پر، اُهو ضمير، ضمير متڪلم آهي، جنھن جو مطلب آهي ”مان“.
ائين کڻي چئجي تہ تو وٽ ”مان“ جو مڙئي گهڻو وهنوار آهي.
ضمير مون وٽ بہ آهي، جنھن جا پار- پتا تون پنھنجن ئي پارکن کان بہ پڇي سگهين ٿو. جيڪي تون جيئرو آهين تہ بہ تو کي ‘مئل’ ٿا چون ۽ مان جڏهن مري ويندس تہ پوءِ بہ هو مون کي جيئرو چوندا.

145

ڪو تہ ڪم ڪر.
منھنجن ڦٽن تي هي ڪپھہ جا پھا ويھي رک، يا گهڙيءَ کان پوءِ او.... هن مورچي ۾ هلي، منھنجيءَ هن بندوق ۾ مون کي گوليون وجهندو ڏيندو وڃجانءِ. ڏسين نٿو تہ دشمن منھنجن ٻنھي هٿن جي آڱرين جا ڏوڏا ڀڃي، مون کي لکڻ کان بيڪار ڪري ڇڏيو آهي! هاڻي مون واعدو ڪيو آهي تہ مان دشمنن سان قلم وسيلي نہ پر پنھنجي جلاوطن پوڙهي پيءُ جي هِن بندوق سان وڙهندو رهندس.


146

آمريڪي شاعر والٽ وٽمن ليوز آف گراس (گاھہ جا پن) ۾ نئون فڪر ڏيئي، ککر ۾ کڙو اڇلايو هو. هو ‘ڏوهاري راڪاس’ سڏجڻ لڳو هو. جتان ڪٿان مطالبا ڪيا ويا هئا تہ سندس اگهاڙي پٺيءَ تي بيٽ جا چھبڪ وهايا وڃن.
تنگ ٿي وٽمن کي چئڻو پيو هو تہ هن دوزخ گهريو ۽ کيس دوزخ مليو. پر، پوءِ بہ هو لکندو رهيو هو. ايستائين جو آخر هن لکي ورتو هو:
”هر ڪا شيءِ ماڻھن مان پيدا ٿئي ٿي. ميرن ۽ گدلن ماڻھن مان، ماڻھن مان- ماڻھن مان- فقط ماڻھن مان.”
اي دوست! ڇا ٿي پيو جيڪڏهن تنھنجين لکڻين کان نفرت ڪئي ٿي وڃي. مون کي خبر آهي تہ تنھنجيون لکڻيون ڦٽ پاٿ تي اُس ۾ سڙي، سڙي ڦِٽي چڪيون آهن. اونداهين ڪوٺين ۾ کين اُڏوهي ۽ تِڏون کائي رهيون آهن.
منھنجا دوست! تون پوءِ بہ لکندو رھہ. سقراط وانگي سچ جو ڳولھائو ٿيءُ. وٽمن وانگي نقادن ۽ پارکن جي عقابي چنبن هيٺ اچڻ جي پاڻ ۾ سگهہ ۽ همت پيدا ڪر، تہ پوءِ ئي تو کي ميري ۽ گدلي ماڻھوءَ جو فلسفو سمجهڻ ۾ اچي ويندو. نہ رڳو ايترو پر پوءِ تنھنجون تخليقون والٽ وٽمن جي تخليق وانگي دلين جي گَھرائيءَ تائين بہ لھي وينديون.

147

مان زندگيءَ جي انيڪ تجربن مان نڪري، هڪ ڊگهو سفر ڪري، اچي هن شھر ڀيڙو ٿيو آهيان.
هي شھر!
جتي انسان جو ڪردار، ڪنھن بگهڙ جي ڪردار کان گهٽ ناهي.
منھنجي ڏات جي پنڇيءَ جا مور جھڙا ‘پر’ تہ ڏسو! منھنجي ڏات جي پنڇيءَ جي عقابي ‘نھار’ تہ ڏسو!!
هِن شھر ڏي بہ نظر ڪيو، هن شھر مون کي ڇا نہ ڏنو آهي!! اڙي پيٽ! مون کي اجازت ڏي، تہ مان هاڻي جو هاڻي پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ وڃي، نٽھڻ اس ۾ پگهر ڳاڙيندڙ انسانن مٿان ڏات وارا پَرَ ڦھلايان، ائين جيئن ڪو اجرو بادل، ٿر جي اڌ- ساون ڪونپٽن ۽ ڪرڙن تي ڇانوَ ڪرڻ لاءِ اوچتو رڪجي وڃي.

148

مان ڪلالڪي دڙي تي بيھي، سنڌوءَ ڏانھن نھاري رهيو هيس.
اوچتو منھنجو هڪ دوست اچي ويو. مون کائونس پڇيو:
”تون اچڻو نہ وڃڻو، تو هتي اچڻ جي زحمت ڪيئن ڪئي آهي؟ تون تہ ھھڙن ڀڙڀانگ دڙن کان نفرت ڪندو آهين.“
وراڻيائين:
”دوست! مان ڀُليل هئس. پنھنجن گناهن کي گهٽائڻ لاءِ، هِن دڙي مان ڇائي پائڻ آيو آهيان.“
مون کيس چيو:
”مان تو کي موهن جي دڙي مان ڇائي پائڻ ڪو نہ ڏيندس. هن مِٽيءَ کي وڏو مانُ آهي. هيءَ مِٽي ٻين مِٽين کان بلڪل نياري مِٽي آهي.
تون جيڪڏهن ڪنھن دڙي مان ڇائي پائي، ڇنڊڪو ڏيئي، گناھہ گهٽائڻ گهرين ٿو تہ پوءِ تون رحمڪي بازار جي ڀٽن ڏانھن نڪري وڃ.“

149

تون منھنجون هي تخليقون نہ پڙھہ تہ سُٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ هِنن ۾ فقط منھنجي ئي ”نمائش“ ٿيل آهي. هِنن تي مونکي ماچيس جي تيلي وڃائڻ بہ مھانگي ٿي لڳي. مان اِنھن تخليقن کي کڻي ٿو هِن کوھہ ۾ ڦٽو ڪريان.
مون عزم ڪيو آهي تہ هن کان پوءِ منھنجي هر لکڻيءَ ۾ فقط تنھنجا ئي عڪس چِٽيل هوندا، جيڪي ڇپرائي، مان توکي ئي پيش ڪندس.

150

مارئي هر دؤر ۾ پيدا ٿيندي آهي. پوءِ اُها سنڌ جي ڪنھن ننڍڙي ڳوٺ ملير ۾ جنم وٺي يا لبنان جي ڪنھن بستيءَ ۾. ٿريلياڻي مارئي عمر کي وصيت ڪئي هئي:
”پويون ٿئي پساھہ – تہ نجان مڙھہ ملير ڏي.“
اسان جي مانواري مائي اينيمري شمل وصيت ڪئي آهي تہ جڏهن هوءَ مري وڃي تہ کيس سنڌ – ساڻيھہ جي مڪلي قبرستان ۾ پوريو وڃي.
مانواري مائي شمل جو اهو فيصلو اسان سنڌ واسين کي اڃان تائين سمجهہ ۾ نہ اچي سگهيو آهي.

151

چون ٿا تہ گارشيا مارڪئيز کي جڏهن کان ادب جو عالمي”سونو ٻلو“ مليو آهي ، تڏهن کان هُن لکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڀريءَ بازار ۾ ڪنھن چيو ٿي تہ ڪالھہ بہ گارشيا چرين وانگر رڙيون ڪري، مُنھن – مٿو پٽي، چئي رهيو هيو:
”مون ڪھڙو ڪبيرو گناھہ ڪيو هو جو پيلي رنگ جو ”ٻلو“ ڏيئي، مون کان منھنجي ڏات ڦُري ويئي آهي.“

152

مان چاهيندو آهيان تہ منھنجو هر دوست، مون واري لھجي ۾ ڳالھائي.
نٿو سمجهين.
منھنجو اهو مطلب هرگز ناهي تہ ڪو منھنجي هر دوست وٽ، مون واري زبان ۽ مون وارو ذهن هئڻ کپي.
تون اڃان بہ نہ ٿو سمجهين.
مان توتي پنھنجي فيصلي مڙهڻ جي بلڪل ڪوشش نٿو ڪيان.
مان تہ توسان پيار، پنھنجائپ، سونھن ۽ سندرتا جو دل کولي پيو اظھار ڪيان.

153

تون شراب کي شباب ٿو چوين: مان شباب کي شراب چوندو آهيان.

154

تون بندوق کڻي، منھنجو پيڇو نہ ڪر، هاڻي جو هاڻي اها بندوق وڃي بارودخاني ۾ جمع ڪراءِ.
تون سمجهين ٿو تہ بندوق کان ڊڄي، مان گناھہ ڪرڻ ڇڏي ڏيندس!
ٻُڌي ڇڏ تہ مان ماڻھو آهيان، مان ڪو بہ گناھہ نہ ڪندو آهيان. هان اِها ڳالھہ ٻي آهي تہ، تنھنجي هٿ ۾ بندوق ڏسي، ٿي سگهي ٿو تہ مان ڪو وڏو گناھہ ڪري وجهان!

155

مون ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ:
”نانگ نہ ويندين نڪري- تو ڏر مٿي پير.“ پڙهي، پنھنجي مھانگي ڳاٽ کي جهڪايو هو.
اي دوست! ذات جو ٽوپلو پائي، تون مون کي اِن هٿيار سان نہ مار. تون جيڪڏهن مون کي ڪا وڏي شڪست ڏيڻ ٿو چاهين تہ پوءِ ڪا اهڙي سِٽ سُڻاءِ، جيئن مان هڪ دفعو وري پنھنجو مھانگو ڳاٽ جهڪائي ڇڏيان.

156

مون جيڪو ڪالھہ لکيو هئو، اڄ بہ اهو ئي پيو لکان، فرق رڳو وقت ۽ وايو منڊل جو آهي. ڪالھہ منھنجيءَ ڏات ٻہ ٻُڪ پاڻيءَ جا واهيءَ مان پيتا هئا ۽ اڄ مان هِن جام مان، کيس مڌ جون سرڪيون پياري رهيو آهيان.
ڏس تہ! ڀٽائيءَ کي اک بند ڪَئي ڪيڏا سال گذريا آهن ۽ پوءِ بہ سندس هر سِٽ اڄ واري وقت ۽ وايو منڊل لاءِ لکيل ئي لڳي.

157

اي دوست! مڌ چکڻ سان ئي تون ذات جو خول پائي، اچي ٿو منھنجي سامھون بيھين! مان مڌ چکان، پر پوءِ بہ هر ڳالھہ تنھنجي پيو ڪيان.
مون کي تو تي فخر آهي جو ڍِيڪن ڏيڻ ۾ تو مھارت حاصل ڪري ورتي آهي. هاڻي تون تہ اِهي ڍِيڪ ڏيڻ ڇڏي ڏئين، پر ڍِيڪ تو کي نہ ڇڏيندا. ائين جيئن ‘جن’ تہ ڇڏيو هو ‘جنيءَ’ کي پر جنيءَ نہ ڇڏيو هو جِن کي.

158

”ڏاڍو ڪو ڌرتيءَ جي معاملن ۾ هٺيلو ۽ ارڏو آهين!“
”ارڏو مان بہ آهيان، پر مون کان وڌيڪ ارڏو ۽ هٺيلو استاد بخاري اٿئي، جنھن کي سنڌوءَ جي وڏي ڌيءَ منڇر جنم ڏيئي، دودو نالو رکي، دادوءَ ۾ ظاهر ڪيو آهي.“

159

”وڏو ڪير، دودو يا دادو؟“
”مون کي ڪا بہ خبر ڪانھي، مون کي رڳو و ۽ الف واري فرق جي خبر آهي.“ منھنجي پاڙي ۾ رهندڙ، هڪ پاڙيسريءَ جواب ڏنو: مون ساڳيو سوال ڇپر تي گڏ ويٺل هڪ ٻئي دوست کان پڇيو:
وراڻيائين:
”ادا، مان هِن پنھنجي ٻُڪ ۾ سنڌوءَ جو پاڻي پيئندو رهيو آهيان، ان ڪري تنھنجي اندر جي ڳالھہ تو سان مان ئي چڱيءَ طرح ڪري سگهندس.
وڏو دودو نہ پر دادو آهي، ڇو تہ دادو، دودي جو جمع ٿي ويو آهي. منھنجو مطلب آهي تہ دادو، دودن جو پيءُ آهي، جنھن هزارن دودون کي جنم ڏنو آهي، ائين جيئن ٿر جي ڏهر ۾ ڪنھن ڪرڙ تي ڏنئرا جنم وٺندا آهن.“

160

“هاڻي ٻڌاءِ تہ تو وارن هٺيلن ڪردارن وارو ‘سچ’ ڪيڏانھن ويو؟ هو ڏس! هُن چؤسول واري ٽياس تي هو لاش لَٽڪي رهيو آهي! ۽ هيسيل ماڻھو پنھنجن ڪلھن تي نا اميديءَ جا صليب کنيو، واپس گهرن ڏانھن موٽي رهيا آهن.“


---
”ٻُڌي ڇڏ تہ، جڏهن خدا جي مخلوق چرين وانگر گهٽين ۾ نڪري ايندي آهي.
جڏهن ماڻھوءَ جي پوترتا کي پيرن ۾ لتاڙيو ويندو آهي.
جڏهن ‘سچ’ کي سوريءَ تي چاڙهيو ويندو آهي.
تڏهن وقت جي بادشاھہ تي دؤرا پوڻ شروع ٿيندا آهن.
کيس ننڊ ۾ ‘اوٿارا’ اچڻ لڳندا آهن ۽ پوءِ هو ڇرڪ ڀري، رڙيون ڪري، وٺي ڀڄندو آهي.“
---

تبصرا: جڏهن ڀونءِ بڻي

(تاجل ‘بيوس’ جي پھرئين شعري مجموعي ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ بابت پارکن، اديبن، شاعرن ۽ پڙهندڙن جي موڪليل راين جا اختصار )

‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ ڪتاب پڙهيوسين. ٻاهرئين پوش جي چتر اصل چِتَ چريو ڪري ڇڏيو. چترڪار، ڇپجندڙ ۽ ڇپائيندڙ کي داد ٿا ڏيون. ورق ورائي شعر پڙهياسين، تہ سنڌ- ڌرتيءَ جي سرهاڻ بي سرت ڪري ڇڏيو. ان سرهاڻ جو پھرين شيخ اياز واس وٺايو هو ۽ هاڻي تاجل ان ۾ اضافو ڪيو آهي. مڃيوسين تہ اصل مکيہ ڪوي سنڌ جا ئي آهن.

(سنگم پبليڪيشنس ڏانھن بمبئي مان سندري ۽ اُتم جي لکيل خط تان ورتل).
***

ڀاءُ تاجل، شيخ اياز جي شاعريءَ کان پوءِ اهڙي طاقتور Diction، پرواز جي بلندي، موضوعن جي گوناگونيت ۽ نِج سنڌي لھجو، هن وقت تائين، مون کي فقط تنھنجي ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ ۾ ئي نظر آيو آهي. تنھنجو شعر سچ پچ ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خوبصورت اضافو Extension آهي.

(هيرو ٺڪر، دهلي).
***

ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ پڙهيم. رچنا وڻي، داد ڏيڻ فرض سمجهيم. تنھنجي ڳوٺاڻي ٻوليءَ جو ڪيترو ڪري ڪيترو قدر ڪيان! ڀائو يار محمد سمي جون سھڻي سنڌيءَ ۾ لکڻيون ذهن تان مٽجي نہ سگهيون آهن تہ هاڻي ٻئي سمي جون لکڻيون ذهن ۾ داخل ٿيون آهن، جن جي مٽجڻ جو بہ امڪان نہ ٿو لڳي.

(ايم-ايس رامواڻي، بمبئي).
***

دلبر دوست، تاجل! تنھنجو تحفو ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ هٿو هٿ مليو ۽ ائين اچي منھنجي ادبي محفل جي رونق بڻيو آهي. پيارن ماڻھن جون لکڻيون بہ پيار ۽ پاٻوھہ سان پڙهيون آهن، سو تنھنجي محبتي چٽن کي چاھہ سان چيٺي، چيٺي پڙهيم. ڪيتريون نيون، نياريون، پياريون پياريون ورجيسون، وراڻيون، وايون اڳيان آيون، جن وَرُ وَرُ ڪري ساراهون ورتيون.
بيوس باشا! تازو هاليڊي ان ڪراچيءَ ۾ ڪتاب جي مھورت جون بہ واڌايون وٺو. ‘جيڪي ڏٺو مون’ واري ڪالم ۾ ڪاڪي گرداس واڌواڻي جي اکرن مان پرکيم، تہ برابر شاندار ميڙاڪو ٿيو هو. ڪراچيءَ ۾ مٺن مارن جا ھھڙا محبتي ميلا، زندگي، زندھہ دليءَ جا دينا داستي ثبوت آهن.

(استاد بخاري)
***

مانوارا ‘بيوس’! تنھنجو ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ پڙهيم. ائين محسوس ٿيو ڄڻ تتل واريءَ ۾ ڪنھن مسافر کي ڇانوَ جو احساس ٿيو هجي، اهو احساس تو پوري قوم کي ڏياريو آهي. جڏهن جيئريون جاڳنديون بستيون سفاري پارڪن ۾ تبديل ٿينديون آهن، جڏهن تجرباتي ائٽمي ڌماڪن جو شور انسان کي ٻوڙائپ جو رحم جوڳو تجريدي شاهڪار بڻائيندو آهي، جڏهن بشر جي زندگيءَ کي ڪنھن بيمار جي رات سان ڀيٽيو ويندو آهي، تڏهن بہ شيون ظاهر ٿينديون آهن، يا تہ ڪجهہ بہ نہ، يا گهڻو ڪجهہ ان وقت انسان يا آدم خور ٿي ويندو آهي يا هُو پنھنجي ڪچڙن ڪلھن تي صليب کڻي، ائٽم بم جي ڪارخانن جو رخ ڪندو آهي ۽ هان، پوءِ قيدين جي جڳھہ، قيد ڪرڻ وارا اچي والاريندا آهن. ان لاءِ سچو ادب يا سچي شاعري ئي مفلوج ۽ معزور معاشري جو طاقتور ردِ عمل هوندو آهي- تاجل! تنھنجي شاعري بہ ان رد عمل جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي.

(سائين ڏنو شاھہ، ڪراچي).
***

ادا تاجل! آئون جڏهن بہ ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ پڙهندو آهيان تہ سوچيندو آهيان تہ ‘ڪلا’ جي هن ڪاڪ ۾ ڪلاڪار راڻي وانگر ڏاڍو مجبور آهي. تون سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهين جيڪو لطيف جو پنڌ جو راهي آهي، اياز ۽ سرويچ جي سوچ جو ساٿي آهي، تنھنجي شاعري، سونھن آهي، پيار آهي، مارئي آهي، مارو آهن ۽ ملير آهي، جيڪا شاھہ جي شعر تي گل محمد کتريءَ جي ٺاهيل چتر وانگر، انگ انگ کي موهيو ٿي ڇڏي. تون لفظن جو بادشاھہ آهين. ماڻھن جي دلين مان راز ڪڍي، سچ جو وڻجارو ثابت ٿيو آهين. ڪلا ديويءَ تو تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي.

(ساٿي سومرو، دڙو)
***

تاجل! ٻٻر جي ٿوڻين ۽ سَرَن جي ٺھيل جهوپڙيءَ هيٺان، ٽارين جي سامھون، سڄي رات بتي ٻاري، تنھنجي ڪتاب مان شعر پڙهندو رهيس، ۽ ائين پاڻ کي ۽ پنھنجي امڙ جيجل کي متاثر ڪندو رهيس. سچ پچ، اهڙو خوبصورت ڪتاب سنڌي ادب ۾ گهڻي وقت کان پوءِ، مان پھريون ڀيرو ڏٺو آهي. جڏهن بہ من ۾ موجهارو پيدا ٿيندو آهي، يا وري نيڻن کي ننڊ نہ ايندي آهي، تہ تنھنجو پيارو ڪتاب کڻي پڙهندو آهيان.

(اداس محمد اسحاق ڦل، ٺري ميرواھہ)
***

تاجل کي سھڻي لطيف سان خاص پيار ۽ پريت آهي. شاھہ جي شعرن کي سونا سنگ ۽ گلاب جا گل چئي، پنھنجن بيتن کي ‘ٻار جا ٻُوها’ ٿو سڏي. تاجل اهڙي تہ سنڌي ڪتب آندي آهي، جنھن کي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھوءَ کي وٺي، هڪ ڳنوار بہ سمجهي سگهي ٿو.

(محمد رمضان، ‘مخلص’ ڪراچي)
***