سنڌ سلامت پاران
ڊاڪٽر دودي مهيريءَ کي جڏهن 1992ع ۾ گرفتار ڪري فوجي حراست ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي، هي انهي زماني جي جيل جون يادگيريون آهن، جيڪي پيرائتي نموني سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهن. کيس ڪڏھن حيدرآباد سينٽرل جيل، ڪڏھن نارا جيل تہ ڪڏھن سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ رکيو ويو جنھن دوران سندس والد جي وفات بہ ٿي. ڪتاب جو مهاڳ سردار شاهه لکيو آهي، جنهن ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي ڪردار ۽ سنڌ جي ان وقت جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي سهڻي نموني چٽيو آهي.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون ”وتايي جي گهر“ ۽ ”پڙھندڙ نسل (پَن)“ جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]