سنڌ سلامت پاران
”سونهن ورونهن“ ۾ مير صاحب جا 124 بيت، 21 وايون، 43 ڪافيون، 52 غزل، 10 گيت، 47 ننڍا وڏا نظم، ۽ 50 ٽه سٽا ۽ چئوسٽا شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري شاعر امداد حسيني لکيو آهي. امداد حسيني هن تفصيلي مهاڳ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”مير عبدالرسول ” مير “ هڪ شاعر آهي جنهن کي لقب، القاب جي ڪا به لوڙهه نه آهي. ” مير “ هڪ منو ٿي پڙهڻ / ٻڌڻ جھڙو شاعر آهي.“
ھي ڪتاب 2007ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون راشد پريميءَ جا جنھن ڪيم اسڪينر ذريعي ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ ٺاھيو ۽ مھربانيون سائين وسيم سومري جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]