ناول

نورجھان

نورجهان ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ادبي ذوق جو هڪ ادنيٰ مثال آهي. سندس هي ناول فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هر دؤر ۾ پسند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اشاعت کي اٽڪل اڌ صدي ٿيڻ تي آهي پر ان جي سرهاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن سندس واس وڃي ٿو وڌندو. نورجهان نه فقط فن ۽ فڪر جي خيال کان ٻاهر بلڪه ٻولي جي لحاظ کان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هن وقت تائين جيڪي به تاريخي ناول لکيا ويا آهن، تن مان ڪوبه هن ناول سان برميچڻ جهڙو ڪونهي. بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي تاريخي ناول نگاري جي حقيقي ابتدا نورجهان سان ئي ٿئي ٿي
  • 4.5/5.0
  • 143
  • 136
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book نورجھان

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نورجھان“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي جو لکيل ناول آھي. پروفيسر سليم ميمڻ لکي ٿو:
”نورجهان ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ادبي ذوق جو هڪ ادنيٰ مثال آهي. سندس هي ناول فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هر دؤر ۾ پسند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اشاعت کي اٽڪل اڌ صدي ٿيڻ تي آهي پر ان جي سرهاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن سندس واس وڃي ٿو وڌندو. نورجهان نه فقط فن ۽ فڪر جي خيال کان ٻاهر بلڪه ٻولي جي لحاظ کان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هن وقت تائين جيڪي به تاريخي ناول لکيا ويا آهن، تن مان ڪوبه هن ناول سان برميچڻ جهڙو ڪونهي. بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي تاريخي ناول نگاري جي حقيقي ابتدا نورجهان سان ئي ٿئي ٿي.“
هي ڪتاب پھريون دفعو 1915ع ۾ ڇپيو جڏھن ته چوٿون ڇاپو 1977ع ۾ ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس ڪراچي يونيورسٽي پاران ڇپايو ويو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪجهه پنهنجي پاران

ڪنهن ٻوليءَ جي عظمت جو اندازو ان جي شاهڪاري ادب مان لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جون ادبي تصنيفون پڻ سنڌي ادب جي انهن ادبي شاهڪارن مان آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اوچي ڳاٽ رکيو آهي. جيتوڻيڪ آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جون تصنيفون ٿوريون آهن، پر اهي سنڌي ادب جي انهن بنيادي پٿرن مان آهن. جن تي هاڻي سنڌي ادب جو ڪاڪ محل اڏجي رهيو آهي.
نورجهان ڊاڪٽر صاحب جي اعليٰ ادبي ذوق جو هڪ ادنيٰ مثال آهي. سندس هي ناول فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هر دؤر ۾ پسند ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اشاعت کي اٽڪل اڌ صدي ٿيڻ تي آهي پر ان جي سرهاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، بلڪه ڏينهون ڏينهن سندس واس وڃي ٿو وڌندو.
نورجهان نه فقط فن ۽ فڪر جي خيال کان ٻاهر بلڪه ٻولي جي لحاظ کان پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
هن وقت تائين جيڪي به تاريخي ناول لکيا ويا آهن، تن مان ڪوبه هن ناول سان برميچڻ جهڙو ڪونهي. بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي تاريخي ناول نگاري جي حقيقي ابتدا نورجهان سان ئي ٿئي ٿي.
ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس جي عملي قيام کان سوا سال جو عرصو مس ٿيو آهي ۽ هي اسانجي چوٿين محنت اوهانجي هٿن ۾ آهي. ان کان اڳ اسان آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي جو شاه سائين جي ڪلام تي محققانه مقدمو ”مقدمه لطيفي“ اوهان تائين پهچايو هو. هن وقت به اسانجا ٻه ڪتاب ڇاپي هيٺ آهن، جن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ٽين محققانه تصنيف ”روح رهاڻ“ ۽ محترم اياز حسين قادري جي افسانن جو مجموعه ”بلو دادا“ شامل آهن.
ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس جي پروگرام ۾ نه فقط پراڻن ۽ ناياب ادبي نسخن کي ٻيهر شايع ڪرائڻ شامل آهي، بلڪه نوان تخليقي ڪتاب، مجموعا، ناول ۽ تنقيدي ڪتابن جي اشاعت پڻ اسانجي پروگرام جو اهم جز آهن.
ايندڙ ڪتابن ۾ نسيم کرل، علي بابا ۽ امر جليل جهڙن مشهور افسانا نگارن جا نئين سر ترتيب ڏنل مجموعا اوهان تائين پهچائڻ ۾ اسان فخر محسوس ڪنداسون.


[b](محمد سليم ميمڻ)
[/b]سيڪريٽري،
ورسٽي سنڌي پبليڪيشنس.

منڍ

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1915ع ۾ پڌرو ڪيو ويو هو. هن ٻئي ڇاپي ۾ جيتوڻيڪ ساڳيو مضمون قائم رکيو ويو آهي، ته به عبارت ۾ گهڻي ڦيرڦار ڪئي ويئي آهي. ان کي وڌيڪ سهڻو ۽ سليس بنايو ويو آهي.
جڏهن هي ڪتاب پهريائين ڇپجي پڌرو ٿيو هو، تڏهن ڪيترن صاحبن ائين سمجهو هو ته منجهس نورجهان جو سچو تاريخي احوال ڏنو ويو آهي، پر ائين هرگز ناهي. البت بنياد تاريخ تي ٻڌل اٿس، ۽ اصل حوالا، جهڙوڪ تاريخ فرشته، منتخب التواريخ، اقبال نامه، تزڪ جهانگيري، ٽاڊ صاحب جو راجستان، ۽ سردار جوگيندر سنگهه وارو نورجهان نظر مان ڪڍيا ويا آهن، پر تڏهن به انهن مڙيني ڪتابن مان ڪنهن هڪ جي به مضمون ۽ طرز جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي. پڙهندڙن جي وس ۽ مزي لاءِ، ڪيتريون ئي ڳالهيون مغز مان ڪڍي، پيش ڪيون ويون آهن. حقيقت ۾، هن ڪتاب کي هڪ تاريخي ناول يا فسانو ڪري سمجهڻ گهرجي، ۽ نه نورجهان ۽ جهانگير جي سچي سوانح عمري.
سرشٽيءَ جي نرمل نظارن جا داستان، قدرتي ۽ انساني حسن جي جلوي جون حڪايتون، مجلسن ۽ محفلن جي رونق جون روايتون، جي ڪتاب ۾ جاءِ بجاءِ نظر اينديون، سي اڪثر من گهڙت آهن.
آءٌ پنهنجن مشفق دوستن ڊاڪٽر عمرالدين دائود پوٽه ۽ پروفيسر شفيع محمد قريشيءَ جو نهايت شڪر گذار آهيان، جو هنن صاحبن مهرباني فرمائي هي ٻيو ڇاپو نظر مان ڪڍي، گهڻيئي لفظي ۽ اصطلاحي ڦير ڦاريون ڪيون آهن؛ ۽ پڻ ڇاپي جون غلطيون درست ڪيون آهن.


[b]هوتچند مولچند گربخشاڻي
[/b]ڪراچي، 25 مارچ 1930ع.

نورجهان

---

1

بابر بادشاه هندستان تي فقط چار سال حڪومت ڪئي، پر اُنهي ٿوري عرصي ۾ ئي هن رعيت جي سهنج لاءِ ڏاڍا بندوبست رکيا. هنڌ هنڌ نهرون کڻايائين، باغ پوکارايائين ۽ ماڻهن جي آمدرفت لاءِ پڪا رستا ٺهرايائين. اُنهن رستن مان سڀکان وڏو رستو جو ٺهرايائين سو هو آگري کان وٺي ڪابل تائين. اهو اڄ ڏينهن تاءِ قائم آهي. رستي جو گهڻو حصو بلڪل هيبت ناڪ ويران ٽڪرن وچون آهي. ڪٿي ڪٿي ته وري سهڻيون ماٿريون آهن، جي اَنار ۽ انگور سان پيئون ٻهڪن، ۽ سنهڙن نازڪ اکروٽ جي وڻن سان ڇانيل آهن. پر گهڻو ڪري سڄو رستو ائين پيو ڏسجي جيئن ڪنهن ڦٽل ماڙيءَ جا ڏاڪا: ڪي ڊٺل ته ڪي سالم. انهن ڀيانڪ ۽ اُتاهين ٽڪرين مان، سترهينءَ عيسوي صديءَ جي اوائل ۾، نو بهار جي ڏينهن ۾، هڪ مرد ۽ زال ڍڳو ساڻ ڪيو، آهستي آهستي چرندا پئي ويا. مرد جي منهن مان نهايت نراسائي معلوم ٿي ٿئي. نڪي قد ۾ ڊگهو هو، نڪا شڪل اهڙي موچاري هيس؛ مگر شان ۽ شايستگيءَ جي اُهڃاڻ منجهس مئو هئا. ڪپڙا ليڙون ليڙو ٿي ويا هئس، پر تڏهن به سندس ڪشاديءَ پيشانيءَ جنهن تي پريشانيءَ جا گهنج پيل هئا، سنديس سفيد چمڙيءَ جا سج جي گرميءَ سبب البت اُٻاٽجي ويئي هئي، ۽ سندس ڊگهن زلفن جي ڪلهن تي پئي لٽڪيس، تن مڙني ائين پئي لکايو ته ڪو وڏو خاندان آهي. عورت جا ساڻس هئي، سا سنديس زال هئي. قد ۾ ڊگهي، اکيون نرگس جهڙيون نشيدار، چهرو چنڊ جهڙو جنهنجو اصلوڪو گلابي رنگ ڳڻتي ۽ فڪر کان ڪومائجي ويل ٿي ڏٺو، نڪ عقاب جي چهنب جيان ڊگهو ۽ سنهو: مطلب ته سمورو بدن نهايت ڊولائتو ۽ رونق دار هوس. ڍڳي تي سوار ٿيل هئي. مسافريءَ جي ٿڪ سببان بلڪل بيحال هئي، پر صبر ۽ شڪر پئي ڪيائين. نيٺ پاڻ جهلي نه سگهي ۽ مڙس کي چيائين ته ”مونکان هينئر وڌيڪ هليو نٿو ٿئي ۽ ڍڳي تي سواري ڪرڻ کان بيزار آهيان.“ مڙسس چيس ته ”پياري! همٿ جهل. اجهو پريان ماٿر پيئي ڏسجي، جتي مينديءَ ۽ انگور جا منهن بيٺا آهن ۽ نهر به پيئي وهي. ويجهئي ڇڪ ۾ ضرور ڪو ڳوٺڙو هوندو، جتي رڙهي هلي ڪنهن جا مهمان ٿي لهنداسين. دل نه لوڙهه؛ ڌڻي اسانکي ڪين ڇڏيندو.“ پر زال نهايت ڏک ڀريل آواز سان چيو ته ”مون منجهه هاڻ رتيءَ جيتري سگهه به نه رهي آهي. پيار، جنهن جي ڏڍ سان هي سڀ ڏک ڏاکڙا ۽ ڳڻتيون پئي سٺيون اٿم، تنهن ۾ به هينئر ڪا طاقت ڪانهي جو منهنجو درد دفع ڪري سگهي. هاڻي مون تي هڪڙي مهرباني ڪر: مونکي هت ڇڏي، تون ڪاهه ماٿر ڏي ۽ وڃي ڪو بلو ڀيڻي ڪر. جي اڄ رات ئي موٽي سگهين ته تمام چڱو، نه ته سڀاڻي ورج. اوسيتائين جي آءُ جيئري رهيس ته واهه، نه ته اچ ته اڳو پوءِ موڪلائي ڇڏيون.“
ڳچ مدت کان ويم جا سُور پئي ٿيس، پر انهن تي غالب رهندي پئي آئي ته متان مڙسس کي ڪنهن قسم جو فڪر ٿئي. پر هاڻ جو هن کان اڳو پوءِ جي موڪلاڻي ڪري ٿي ڇڏيائين، تنهن ڳالهه جي خيال ئي باقي رهيل همٿ هاري وڌيس، ۽ غشيءَ ۾ اچي هن جي ٻانهن تي ڪري پيئي. مڙس، جنهن جو نالو غياث بيگ هو، سو اڳ۾ ئي سُورن جو ستايل هو؛ ويتر زال کي هن حالت ۾ ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. پر دل ڏاڍي ڪري، کيس ڀاڪر ۾ کڻي، اچي هڪ وڻ جي ڇانوَ هيٺ نرم گاهه تي سمهاريائينس ۽ چوڻ لڳو ته ”بس، هاڻ هن جهان ۾ جيئڻ جو ڪهڙو سود؟ منهنجي پياري زال، جنهن پنهنجي محبت سان منهنجي حياتي روشن ٿي ڪئي، جنهن درد ۽ غم جي اونڌاهيءَ ۾ مون لاءِ سوجهرو ٿي ڪيو، ۽ جنهن پنهنجيءَ پاڪ دامنيءَ ۽ نيڪ اخلاق جي سڳنڌ سان پئي مونکي واسيو، سا جڏهن رضا ڪرڻ تي آهي تڏهن منهنجو جيئڻ اجايو آهي.“ ائين چئي، نزديڪيءَ ۾ جو هڪ ننڍو چشمو هو، تنهن ڏي ڊوڙيو، ۽ اُتان ٻڪ پاڻيءَ جو کڻي، اچي زال جي منهن تي ڇٽياءِ، ۽ سندس اُساٽيل چپن کي آلو ڪيائين. پوءِ پيرن تي ٿڌڙا ڪڍي، نهايت نرم ۽ پيار گڏيل آوز ۾ ليلڙاٽيون ڪري چوڻ لڳس ته ”پياري! مونکي ائين نه ڇڏي وڃجانءِ. تو کانسواءِ حياتي زهر آهي، خاص ڪري هن سختيءَ جي وقت ۾.“ ڳچ وقت تاءِ پئي آزيون نيازيون ڪيائينس، پر کٿو ڪي ڪين. ڳراٽڙيون پائي، نهايت قرب سان وري وري پئي چيائينس ته ”پياري! ڪجهه ڳالهاءِ ته سهين.“ اهڙي اڪنڊ هوند پٿرن کي به ڀڃي ڀورا ڪري وجهي ها. ڳچ مدت تاءِ نه بيبيءَ جي وري هوش ۾ اچڻ جي ڪابه اميد ڪانه ٿي ڏٺي. پر آخر اڌ اکيون کولياءِ. غياث بيگ جو منهن ئي ٽڙي پيو ۽ چياءِ ته ”اي منهنجي جان جي جان ۽ روح جي راحت! هاڻ ڪيئن ٿي ڀانئين؟“ بيبيءَ ڪنڌ مٿي ڪري، مشڪي جواب ڏنس ته ”هاڻ البت سکر آهيان.“ پر هنجو ائين چوڻ ۽ سُورن جو وري جاڳڻ. ڪلاڪ ڏيڍ ته اهڙا سور ٿيس جو ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ بنان ٻي وائي نه ورايائين. غياث بيگ آسرا ۽ اميدون لاهي ڦٽا ڪيا. ڌڻيءَ کي ٻاڏائڻ آخري حيلو سمجهي، گوڏن ڀر ڪري سجده ڪيائين ۽ واحد کي وينتي ڪري چيائين ته ”سٻاجها سائين! اسان مسڪينن تي رحم ڪر: هن اڀاڳڻ جا بند خلاصا ڪر ۽ درد کان ڇڏائينس.“ دعا پنندي پاڻ به غشيءَ ۾ اچي ويو. وري جڏهن سامت ۾ آيو ته ڇا ڏسي ته بيبيءَ جا سُور بند ٿي ويا آهن ۽ سندس گود ۾ هڪ نئون ڄاول ٻار پيو آهي. ڀانيون ٿا ته اهو ٻار ڪير هو؟ اِها هئي مشهور نورجهان، جا ڄائي اهڙي سڃي ۽ ڀيانڪ بيابان ۾. غياث بيگ ڏسو ته خوشيءَ ۾ به پيو ماپي ۽ مستانن وانگي پيو نچي. پريان جو چشمو هو، تنهن ڏي ڊوڙي زال واسطي پاڻي آڻڻ لاءِ سنڀريو، پر سج اُلهڻ تي هو، تنهنڪري وڃڻ جي نه ڪياءِ. ڏاڍي انتظار ۾ هو ته زال کي ڪئن بچايان. حال ڀاڪر ۾ کڻي، ڪري ڍڳي تي چاڙهيائينس. هڪڙي هٿ ۾ کنيائين ٻار، ٻئي هٿ سان زال کي جهلو ڏيندو، اڳتي وڌيو. ٿوريئي عرصي ۾ زالس ڍڳي تان ڪري پيئي، ڇاڪاڻ ته منجهس ايتري سگهه نه هئي جو اهڙي آڌار سان سواري ڪري سگهي. غياث بيگ خيال ۾ پئجي ويو ته هاڻ ڇا ڪريان: جي ٻار جي ٿو ڪريان ته زال ٿي وڃي، ۽ جي زال جي ٿو ڪريان ته ٻار ٿو سهسائڻون پوي. نيٺ دل ۾ اهو ٺهراءُ ڪياءِ ته ٻار کي کڻي ٿو الله جي آسري اِتي ڦٽو ڪريان. لاچار کي ڪهڙو آچار. پوءِ پنهنجو ڪڙتو لاهي ٻار کي اُن ۾ ويڙهي، ڪري هڪ وڻ هيٺان رکيائينس. پوءِ زال کي ڀاڪر ۾ کڻي، ڍڳي تي چاڙهي، وري پنڌ پيو. ويچاري ماءُ هيءُ رنگ ڏسي ماندي ٿي ويئي. مڙس کان پڇيائين ته ”منهنجو ٻار ڪٿي؟“ غياث بيگ جنهنجي اندر ۾ وويڪ جا وڍ اڳيئي پئي پيا، تنهن هن جو سوال نٽائي چيو ته”پياري! تون بي مزي آهين، هل ته تڪڙا هلون.“ پر بيبيءَ چيس ته ”اول ٻڌائينم ته ٻار کي ڪيڏانهن ڦٽو ڪري آئين؟“ جواب مليس ته ”ٻار سلامت آهي، تون پاڻکي پريشان نه ڪر.“ پر بيبي زار زار روئڻ لڳي. غياث بيگ جي دل ڀڄي پيئي، ۽ پنهنجي ڪئي کان پشيمان ٿيو، زال کي چيائين ته ”مونکي معاف ڪج، تنهنجي بچائڻ لاءِ ٻار کي کڻي ڦٽو ڪيم، وري وٺيو ٿو اچانس. پوءِ جيڪڏهن چٽ ٿي وياسين، ته مڙيئي گڏ.“ ائين چونديئي، ساڳيا پير وٺي پٺ تي موٽيو، ۽ ٻار کي هنج ۾ کڻي، ڪري ڇاتيءَ سان لاتائينس. ماءُ ٻار کي ڏسي ٽڙي بهار ٿي پيئي. في الحال سڀ گوندر غم وسري ويس. ٻار کي کڻي ڪوڏائڻ لڳي. غياث بيگ هي حال ڏسي چيو ته”جيڪر ڪو ڪجائو هٿ لڳي ته زال ۽ نياڻيءَ کي چاڙهي وڃي ڪنهن ويجهي مسافرخاني ۾ آسايش ڪجي.“ هن اڃا ائين چيو ئي ڪين ته پٺيان هڪڙي ماڻهوءَ جي آواز جو ڪن تي پڙلاءُ پيس، جنهن چيس ته ”دل نه لوڙهه، جنهن خدا هيءُ معصوم خلقيو آهي، سو سندس سلامتيءَ جو به ضرور ڪو بندوبست ڪندو.“ غياث بيگ وائڙو ٿي ويو. ڀانيائين ته ڪو فرشتو سندس سخت حال تي رحم آڻي، آسمان مان لهي آيو آهي. منهن ورائي ڏسي ته هڪڙو ماڻهو اُٺ تي چڙهيو پيو اچي. شڪل شاندار هيس ۽ بلڪل قداور هو. ڏاڙهيءَ جو رنگ سفيد هوس ۽ بدن تي هڪ ڊگهو سائي رنگ جو پهران پيل هوس. غياث بيگ ڀانيون ته شايد خواجه خضر خدا تعاليٰ وٽان سندس مدد لاءِ آيو آهي. واڪو ڪري چيائينس ته ”مهربان سائين! خبر نٿي پويم ته توهين آهيو ڪير، مگر توهان جو هن وقت اچي هت حاضر ٿيا آهيو، سا ڳالهه مونکي اميدن سان ڀرپور ٿي ڪري. يقين اٿم ته اسانجي واهر ڪري، اسان کي هن نهايت پريشانيءَ جي حالت کان بچائيندا.“ مسافر اُٺ تان لهي پيو ۽ چياءِ ته ”منهنجو نالو ملڪ مسعود آهي. آءٌ هڪڙي قافله جو اڳواڻ آهيان. اهو قافله هن طرف پيو اچي آءٌ سڀني کان اڳڀرو نڪري آيس ۽ هن رستي تي هڪ وڻ هيٺ ويٺي آسايش ڪيم. اوچتو تنهن جي زال جون فريادون ڪن پيم. انهن منهنجو ڌيان توهان ڏي ڇڪايو. مون توهان جي سختيءَ جو سربستو احوال وٺي ڏٺو. آءٌ هوند هڪدم توهانکي مدد ڏيڻ لاءِ اچان ها، پر انديشو ٿيم ته متان اهڙي نازڪ وقت ۾ منهنجو اوچتو اچڻ توهانکي ناشايستو يا نامناسب ڏسڻ ۾ اچي، انهيءَ ڪري لاچار ترسي پيس. آءٌ نجومت مان البت ڄاڻان. جڏهن توهانجي نياڻي ڄائي، تڏهن مون سندس ويلا ورتي. ههڙين حالتن ۽ ههڙن بيابانن ۾ هنجو ڄمڻ مونکي هڪ بلڪل عجيب واقع ڏسڻ ۾ آيو، سو آءٌ يڪدم سندس تقويم ٺاهڻ ۾ مشغول ٿي ويس. انهيءَ ڪم ۾ اهڙو ته محو ٿي ويس جو مونکي توهانجي بلڪل يادگيري لهي ويئي، ۽ سماءُ ئي ڪونه پيم ته ڪو توهين اُتان اُٿي پنڌ پيا آهيو. شايد آءٌ اڃا به اُنهيءَ جاءِ تي ئي ويٺو هجان ها، پر منهنجا ماڻهو اچي مٿان سهڙيا. هاڻي، منهنجا دوست! تون ڪنهن به قسم جو خيال نه ڪر. آءٌ توهانجي آرام ۽ آسايش جو اِجهو ٿو خاطر خواه بندوبست ڪريان. اُونده ٿيندي ٿي وڃي، چڱو ائين آهي ته تڪڙا هلون. آءٌ پنهنجي اُٺ تان پاکڙو لاهي، مٿس ڪجائو رکي، توکي ۽ تنهنجي زال کي چڙهڻ لاءِ ٿو ڏيان؛ پر سواريءَ مهل هنن اُڀين ٽڪرين جو ڌيان ڪجو، متان ساڻن لڳي ڪري نه پئو.“ غياث بيگ گوڏن ڀر ڪري، خدا جا شڪرانا ڪيا، ۽ اُٺ تي ڪجائو رکي زال ۽ ڌيءُ کي هڪ خاني ۾ وهاري، پاڻ ٻئي ۾ چڙهي، وري وري ملڪ مسعود جي شڪر گذاري ڪرڻ لڳو. ملڪ مسعود چوڻ لڳس ته ”تون ايتري شڪر گذاري ڪري پاڻ مونکي شرمندو ٿو ڪرين. آءٌ ته توسان فقط اهڙا پير ٿو ڀريان جي جيڪر تون خود ڀرين، جي آءٌ تو جهڙي حالت ۾ اچي وڃان. آءٌ ڀانيان ٿو ته تون پٺاڻ آهين ۽ منهنجو هم وطني.“ غياث بيگ جواب ڏنس ته ”نه، آءٌ ايراني آهيان.“ تنهن تي ملڪ مسعود چيو ته ”ڏسڻ ۾ ته خانداني ٿو اچين. ڪهڙي سبب کان هنن بر پٽن ۾ اڪيلي مسافري اختيار ڪئي اٿيئي؟“ غياث بيگ اکيون هيٺ ڪري جواب ڏسن ته ”آءٌ اصل خانداني آهيان منهنجي حياتيءَ جي احوال مان جڏهن واقف ٿيندين، تڏهن اُميد اٿم ته هيڪاري وڌيڪ همدردي ڪندين. مشهور خواجه محمد شريف، جو شاهه محمد خان تڪلو ايران جي بادشاهه جو وڏو وزير هو، سو منهنجو پيءُ هو. جڏهن شاهه محمد خان تڪلوُءَ وفات ڪئي ۽ سندس فرزند، شاه طهماسپ، ايران جو حاڪم ٿيو، تڏهن منهنجو پيءُ وزيراعظم جي عهدي تي قائم رهيو. پيءُ جي رضا ڪري وڃڻ کانپوءِ، آءٌ ’وزير امور خوارجہ‘ جي عهدي تي مقرر ٿيس. پر منهنجي پيءُ جا گهڻا دشمن هئا. مون به گهڻو سک ڪونه ڏٺو. بادشاهه ۾ گهڻو ٽپڙ ڪونه هو: بلڪل ڦلهڙو ۽ ليلهڙ هو. سڄو ئي درٻارين جي هٿ ۾ هو، جن ڪوڙن ۽ بيهودن افواهن سان پئي ڪن ڀريس. بادشاه قوي دل ۽ دماغ وارو هجي ها، ته جيڪر انهن درٻارين جي ڪوڙن منصوبن کي پيو پڄان ها؛ پر منجهس ڪابه حشمت ۽ همٿ نه هئي. انهيءَ ڪري بابي جا دشمن مون کي آزارڻ لڳا. جڏهن ڏٺائون ته مونکي ڪو هاڃو پهچائي نٿا سگهن. تڏهن منهنجي مارڻ جي سٽيائون. مگر سندن منصوبو ظاهر ٿي پيو. پر بادشاهه مٿن ڪارروائي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو. آءٌ به اچي اهڙو ملول ۽ عاجز ٿيس، جو پڪو پهه پچايم ته ايران ترڪ ڪري، وڃي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وطن اختيار ڪريان. نيٺ هڪ اونڌاهيءَ رات طهران مان نڪري پيس. ٻه چار نوڪر به ساڻ ڪيم.، پر بدنصيبيءَ قدم قدم تي پئي ستايم. اڃا ايران جي سرحد ئي ڪين لنگهيو هوس ته هڪ پٺاڻ ڦورن جي ٽولي اچي ورايم؛ ۽ جيڪي به قيمتي شيون، غلام وغيره ساڻ هئم، سي سڀ ڦري اُٿي ڀڳا. باقي اچي بچياسين آءٌ ۽ منهنجي زال ۽ هيءُ ڍڳو.“
ملڪ مسعود پڇيو ته ”ڀلا هاڻي ڪيڏانهن رخ اٿيئي؟ هن ملڪ ۾ تنهنجو ڪو دوست يا ڏيٺي آهي؟“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”افسوس! اهڙو ڪوبه ڪونهي. پر رخ ته هندستان ڏي رکيو اٿم. بادشاهه به سانڊي مثل آهن: ذري ذري پيا رنگ بدلائين. ڪٿي آهي جرائت مون مسڪين کي، جو اڪبر اعظم جي تخت کي اوڏو وڃي سگهان؟ پر تنهن هوندي به آرزو اٿم ته وڃي حضور اعليٰ جي تسليم ڪريان. هڪ ڪري منهنجو مٿس حق به آهي. جڏهن همايون بادشاهه، اڪبر جي پيءُ، شير شاه سوريءَ کان شڪست کاڌي هئي، تڏهين اچي طهران ۾ پناه ورتي هئائين. منهن جي پيءُ سندس بلڪل گهڻي خاطري ڪئي هئي؛ ۽ همايون اهڙو ته منجهانس خوش ٿيو هو جو کيس آفرين ناما عطا ڪيا هوائين. ازان سواءِ انجام ڪيو هئائينس ته ’جي وجهه مليم ته توکي لائق انعام ڏيئي، تنهنجن مهربانين جا ٿورا لاهيندس.‘ هاڻ آءٌ اڪبر وٽ مراد پائي ٿو وڃان ته من بابي جي حسن خذمتيءَ جي عيوض مونکي ڪا مشغولي ڏئي. جي ائين ڪيائين ته جان جيئرو هوندس تان سندس احسانمند رهندس.“ ملڪ مسعود دلداري ڏيئي چوڻ لڳس ته ”بادشاهه تنهنجي لاءِ ضرور ڪونه ڪو بندوبست ڪندو. آءٌ درٻاري آهيان، ۽ توکي ساڻ وٺي، هلي بادشاهه وٽ پيش خدمت ڪندس.“ ملڪ مسعود جو اهڙو لطف ۽ لياقت ڏسي، غياث بيگ جو من ڀرجي آيو. اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيس ۽ زبان مان ڳالهائڻ نه اڪليس. آخر چياءِ ته ”اڄ تو مونتي اهڙي مهرباني ڪئي آهي، جو عمر نه وساريندس. مون ۾ ڪا طاقت ڪانهي، پر ڌڻي جو بيوسيلن جو وسيلو ۽ ڪل نعمتن جو نازل ڪندڙ آهي، سو توکي انهيءَ ڀلائيءَ جو اوس اجورو ڏيندو.“ پوءِ ملڪ مسعود هڪ ڪتابن جي ڳٺري خرزين مان ڪڍي، ۽ هڪ ننڍو شمعدان ٻاري، غياث بيگ کي چيو ته ”مونکي هاڻ ٿورو وقت معاف ڪج. تنهنجي نياڻيءَ جي تقويم اڃا برابر تيار نه ڪئي هيم. مرضي اٿم ته هاڻ ختم ڪريانس. مونکي ڏاڍي هرکر ٿي بيٺي آهي ته ڇوڪريءَ کي ڪهڙو بخت لکيل آهي: ڇاڪاڻ ته سندس ڄم بلڪل عجيب حالتن هيٺ ٿيو آهي.“ ائين چئي، هڪ ڪاغذ جو پرچو ڪڍيائين، ۽ ڪي ڪهنا ڪتاب مطالع ڪري، مٿس عجب قسم جا اکر ۽ انگ لکڻ لڳو. تڏهن تقويم ٺاهي راس ڪيائين، تڏهن حيرت جهڙي آواز ۾ پڪاري چياءِ ته ”واکاڻ هجي خدا تعاليٰ کي جنهن اهڙو ٻار خلقيو. هيءَ نياڻي ته وڏي راڻي ٿيندي، ۽ ملڪان ملڪ حڪمراني ڪندي.“ غياث بيگ هي لفظ ٻڌي، وائڙو ٿي ويو. ملڪ مسعود چيو ته ”دوست، تون ڀانئين ٿو ته آءٌ جيڪي چوانٿو، سو واهيات آهي، پر نه. مون بلڪل پوري ويلا ورتي آهي. يقين ڄاڻج ته منهنجي پيشينگوئي تمام صحيح آهي.“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”سائين! پاڻ ٿو ڀلائين. تون ڀانئين ٿو ته اهڙي پيشينگوئي مون جهڙي نا اُميد کي اُميدن سان پر ڪندي. پر منهنجي نظر ۾ نجومت جو علم نسورو ڪوڙ آهي. بابو نجومت جو قائل هو ۽ هردم چوندو هوم ته ’پٽ، تنهنجو ستارو ڏاڍو بلند آهي. پر آءٌ ڏسي رهيو آهيان ته سندس اِهو خيال خام هو، نه ته جيڪر ههڙو در بدر ٿي، هنن بيابانن ۾ ڪين پيو پنندو وتان ها.“ ملڪ مسعود نجومت جي مسئلن ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو هو، جو غياث بيگ جي وراڻي ٻڌي اَڻ ٻڌي ڪري چياءِ ته ”ناهيد ستارو، جو نينگر جي بخت جي باري ۾ سڻائو آهي تنهنجو نيڪ اثر زحل جي شامت کان البت گهٽجي ويندو: نتيجو اهو نڪرندو جو محبت جي گهر قدري خلل رسندو، پر آخر ناهيد جي فتح ٿيندي. گهڻي ۾ گهڻو، نينگري ٿورو سخت وقت ڏسندي، جنهن کانپوءِ بخت ويندس بالا ٿيندو، ۽ عزت ۽ آبرو وينديس وڌندي. منهنجي صلاح آهي ته مهرالنسا نالو رکونس.“
ائين ڳالهيون ڪندا، اچي مسافرخاني کي ويجهو رسيا، جتي هر طرح جي آرام ۽ آسايش جو اسباب موجود ڪيو ويو هو. غياث بيگ ۽ سندس زال، جي هيترن ڏينهن جا دربدر ٿيل هئا، سي وري اچي البت آرامي ٿيا.

2

ملڪ مسعود ٻه هفتا کن مسافرخاني ۾ ڊاٻو ڪيو، انهيءَ مراد سان ته ڀل ته غياث بيگ ۽ سندس بيگم ساهه کڻن. جڏهن بيگم تازي تواني ۽ سگهي ٿي، تڏهن وري مسافري شروع ڪيائون. روز صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ، ۽ شام جو شفق کانپوءِ، سواري ڪري ’۽ سوليون منزلون هڻي، هڪڙي ڏينهن پرڀات جو اچي لاهور ۾ وارد ٿيا. شهر جي گهٽين ۽ محلن مان لنگهندي، غياث بيگ کي ماڻهن جي منهن مان سرهائي پئي معلوم ٿي. ڳڀروُ جوان برف جهڙا سفيد ڪپڙا پهري، مجموعا ڪيو، مينديءَ رتڙن هٿن سان گلال اڏائيندا، گلن ڦلن جون ورکائون ڪندا، سرهي پاڻيءَ جون پچڪاريون هڻندا، پان جا ٻيڙا چٻاڙيندا، ٺينگ ٽپا ڏيندا، ٽهه ٽهه ڪري کلندا ڪڏندا پئي آيا ويا. گهر گهر مان مٺا من موهيندڙ آلاپ پئي آيا. شاهي خاندان جا جنگي جوان ۽ غلمان زربفت جا لباس ڍڪيو، تذرو وانگي ناز نخرا ڪندا، پير پير ۾ کڻندا، ٽپ ٽپ تي بيهندا، رؤنشا ڪندا پئي ويا. اميرن ۽ نوابن جي گاڏين، گهوڙن ۽ پالڪين جي ڌم لڳي پيئي هئي. هر هنڌ هل ۽ هلاچو، کل ۽ چرچو، شان ۽ شوڪت، تجمل ۽ توانائي پئي نظر آئي. غياث بيگ چوڻ لڳو ته ”واه واه! هي ته ڪو عجب شهر آهي. ماڻهو ڪهڙا نه آسودا ۽ خوش مزاج آهن!“ ملڪ مسعود وراڻي ڏني ته ”اڄ هولي ۽ نوروز ٻئي اچي گڏيا آهن، ماڻهو خوشيون انهيءَ سبب ٿا ڪن. پاڻ به هت چڱي وقت تي اچي نڪتا آهيون. اڪبر بادشاه سڀاڻي درٻار ڪندو، جتي آءٌ توکي وٺي، هلي پيش خذمت ڪندس.“
ملڪ مسعود جي پهچ جي خبر سندس گهر وڃي پهتي هئي، جنهن تي هنجي مٽن مائٽن ۽ نوڪرن چاڪرن جو هڪ وڏو انبوه هنجي استقبال ۽ مرحبا لاءِ اچي ڪٺو ٿيو هو. اُٺ تان لهي، سڀن سان کيڪاري، غياث بيگ ۽ زالس کي وٺي، گهر اندر گهڙيو، جتي روپا حقا ۽ پان سوپاري هڪيا هوا. وزم پاڻي ڀري، تازا توانا ٿي. ملڪ مسعود غياث بيگ ۽ زالس کي آڻي اچي هڪڙي ڪشادي سينگاريل ڪمري ۾ ٿانئيڪو ڪيو، ۽ چيائين ته ”هي صندوقون، جي هت رکيل آهن، تن ۾ هر طرح جو اسباب توهان لاءِ مؤجود رکيو ويو آهي. لائق ڪري هيءُ مڪان پنهنجو سمجهي، بنا حجاب مؤجون ڪريو.“ ائين چئي، ملڪ مسعود موڪلائي ٻاهر نڪتو. غياث بيگ پيتيون کولي ڏسي ته طرح طرح جي ريشم ۽ زربفت جي پوشاڪن، مردانين توڙي زنانين سان سٿيون پيئون آهن.
ٻئي صبح جو غياث بيگ ملڪ مسعود سان گڏجي هڪ عاليشان گاڏيءَ ۾ چڙهي، درٻار ڏانهن راهي ٿيو. ٻنهي کي نهايت عمدي ۽ جلويدار پوشاڪ پيل هئي غياث بيگ انهيءَ لباس ۾ اهڙو شاندار ٿي لڳو جو ڄڻ ته ڪو اَمير يا نواب آهي. واٽ تي جي دڪان ۽ گهر هئا، تن مٿان وائنٽيون پئي وَر ڪيون. راجپوت راجا ۽ مغل مير پربت جيڏن هاٿين تي سوار هوا، انهن اڳيان چوبدار سونيون چوبون ڦيرائيندا، ’دور باش دور باش!‘ ڪندا پئي هليا. مطلب ته اهڙو لقاءُ لڳو پيو هو جو غياث بيگ ڪو ورلي ڏٺو هوندو. پر شهر لنگهي، جڏهن شاهي قلعي ۾ پهتا، تڏهن ته اهڙو چهچٽو نظر آين جو بيان کان ٻاهر. قلعي کي کڻي ڪيمخاب سان سينگاريو هئائون؛ تنهن تي وري جي سج جا روشن ترورا پئي پيا، سو ته هيڪاري پئي ٻهڪيو. هنڌ هنڌ سهڻا تنبو کڙي ويا هئا، جن جي سونهري قبن سج وانگر پئي جهلڪا ڏنا. غياث بيگ ۽ ملڪ مسعود اڃا اندر گهڙيائي ڪين ته نؤبت خاني مان نغارن جو آواز آيو، جنهن مان ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڪنهن وڏي جلسي جو سعيو آهي.
اڪبر بادشاه ٺهرايل وقت تي اچي، تخت تي چڙهي بيٺو. هڪدم بندوقن جي ٺاٺا ۽ توبن جو ڌڌڪو مچي ويو. درٻار عام جا دروازا کلي ويا ۽ سارو مجموعو اندر لنگهي پيو. اَمير ۽ اُمرا، نواب ۽ راجائن، ڪرش ڪري، پنهنجي پنهنجي مرتبي موافق جايون والاري ويٺا. بادشاه جي کاٻي هٿ شهزادو سليم ويٺل هو. اڃا ٽن ورهين جي ڄمار جو مس هو: منهن جو موچارو، وار ڀوري رنگ جا، اکيون ڀؤنرن جهڙيون. ڪنن ۾ سونيون واليون پيل هيس، ڇاڪاڻ جو شيخ سليم چشتيءَ جو ڏنل هو. اِهي واليون اُنهيءَ وليءَ جي ٻانهپ جون نشانيون هيون. تخت جي ساڄي پاسي حڪيم اَبو اَلفضل وزيراعظم بيٺل هو ۽ سندس ڀر ۾ ڀاڻس فيضي شاعر. لاڳيتو هٺيلا راجپوت راڻا کڙا هوا، جن هڪ هٿ سان مڇون پئي مروڙيون ۽ ٻيو هٿ ترار جي هٿئي تي پئي ڦيريو. شڪل ۾ شوخ جهڙا شينهن، ۽ ائين پئي لکايائون جو ڄڻ ته شڪار جي لاءِ آتا آهن. ٻئي طرف درٻارين جون صفون لڳيون پيئون هيون، جن اڪبر جي گفتي گفتي تي وڏي ڪنڌ ڌوڻ ۽ ڏاڙهيءَ لوڏ پئي ڪئي. تخت جي پٺيان نقيب ۽ خذمتگار بيٺل هوا، جن اَميرن ۽ راجائن جا نالا ۽ لقب پئي پڪاريا. جڏهن سڀيئي سجدو ڪري، نذرانا ڏيئي رهيا، تڏهن ملڪ مسعود غياث بيگ کي وٺي، اڳڀرو وڌيو، ۽ تخت اڳيان گوڏا کوڙي، سلام ڪيائين. جڏهن اڪبر جي مٿس نظر پيئي، تڏهن گهڻي قرب سان چيائينس ته ”نيٺ موٽي آيو آهين؟ اسين توکي ڏاڍو ياد پيا ڪندا هئاسين. هاڻ بلڪل خوشي ٿي اٿئون جو وري اچي گهر ڀيڙو ٿيو آهين.پر ٻڌاءِ ته هيءُ ڪير آهي؟“ ملڪ مسعود وراڻي ڏني ته ”حضور جو اِقبال زياده هجي! اوهانجي هن خير خواه غلام حجت رکي، هڪ ايراني اَمير کي ساڻ آندو آهي. نالو غياث بيگ اٿس: مرزا محمد شريف، جو شاه طهماسپ ايران جي شهنشاهه جو وڏو وزير هو، تنهنجو پٽ آهي. جڏهن حضور جن جي والد شريف ايران کي پنهنجن مبارڪ قدمن سان مشرف ڪيو هو، تڏهن مرزا محمد شريف هنجي خاص خذمتگاريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. حضور مرحوم منجهانئس ايترو ته خوش ٿيو، جو مٿس گهڻيئي اِنعام اڪرام عطا ڪيائين، ۽ پڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان پروانا لکي ڏنائينس. جيئن پرواني کي شمع جي ڪشش ٿيندي آهي، نئن هيءُ به حضور جن جي منور محراب تي، پاڻ فدا ڪرڻ آيو آهي.“ هي حرف ٻڌي، اڪبر ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ غياث بيگ ڏي منهن ڪري، چياءِ ته ”جناب، ڀلي آيا. اوهانجي والد شريف جو اسانجي والد مرحوم تي مهربانيون ڪيون، سو اسان جو فرض آهي ته اوهان سان چڱا پير ڀريون.“ ائين چئي، اَبو اَلفضل ڏي اِشارو ڪياءِ، جنهن هڪڙي خذمتگار کي چيو ته ”وڃي هڪ خلعت کڻي اچ.“ غياث بيگ کي خلعت ڏيئي، اَبو الفضل چيو ته ”حضور اعليٰ جي مرضي آهي ته توهين سندس خاص خذمتگارن جي سلسلي ۾ داخل ڪيا وڃو.“ غياث بيگ مٿو لئڙائي، گهڻي اَدب سان چيو نه ”اي رحمدل ۽ عال شهنشاه، بندي کي ڪهڙي طاقت آهي جو حضور جي مهربانيءَ جا شڪرانا بجاءِ آڻي سگهي يا حضور جي تعريف ڪري سگهي؟ نه رڳو اِنسان، پر ملائڪ به توهانجي مدح پيا ڪن، ۽ سج به توهانجي حڪم جو محتاج آهي.“ ائين چئي، سجدو ڪري، پنهنجي جاءِ تي اچي ويٺو.
ٿوري وقت کانپوءِ، اڪبر اٿي ڀر واري ڪمري ۾ آيو، جتي کيس ساهميءَ ۾ تورياءٌ. هڪڙي پڙ ۾ پاڻ ويٺو ۽ ٻئي پڙ ۾ سندس تور جيترو سون وڌو ويو. اهو سون، ۽ جواهر جي اَميرن نذراني طور رکيا هئا، سي مٿانئس گهوري، غريبن کي خئرات ڏنا ويا. پوءِ بادشاه پنهنجن مبارڪ هٿن سان سونن روپن ڦلن ۽ سوپارين جي ورکا ڪئي، جي سڀ درٻاري وڏي چوڄ سان چونڊڻ لڳا. انهيءَ بعد اَڪبر اَبو اَلفضل جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏيندو، سيڙهي چڙهي، بالا خاني ۾ آيو؛ ۽ اُتي چندن جي تخت تي چڙهي ويٺو. ماڻهن جا حشام، جي سندس ديدار لاءِ هيٺ منتظر بيٺا هوا، سي کيس ڏسي تاڙيون وڄائڻ لڳا. پوءِ پنجاه هزار هاٿي، ٻارهن هزار گهوڙا، اڪيچار شينهن، چيتا، واگهه، شڪاري ڪتا، باز وغيره، هڪ ٻئي پٺيان قطارن ۾ لنگهيا. اِتي شام ٿي ويئي. پڇاڙيءَ ۾ گهوڙي سوارن ۽ پيادن جو قواعدو ٿيو. کن ساعت بعد بادشاه محلات ڏي موٽيو.
پوءِ اَمير اُمرا، نواب راجائون ۽ ٻيا سڀ مهمان هڪ ٻئي سان خوش خيرعافيت ڪرڻ ۽ حال احوال وٺڻ لڳا. قسمين قسمين جا سرها شربت پئي پيتائون، طرح طرح جا ميوا مٺايون پئي کاڌائون، ۽ هڪ ٻئي سان رهاڻيون پئي ڪيائون. ملڪ مسعود غياث بيگ کي مبارڪ ڏني ۽ چيائينس ته ”شال اِنهيءَ عهدي تي قائم هجين!“ غياث بيگ وراڻي ڏني ته ”يار! آءٌ ته اهڙيءَ عزت جو لائق ڪين هوس. هي سڀ تنهنجي ئي مهربانيءَ ڪري آهي“ رات اچي سهڙي هئي. هاڻ وڌيڪ ترسڻ نامناسب سمجهي، غياث بيگ ۽ ملڪ مسعود وڃي گهر ڀيڙي ٿيا.
ٻئي ڏينهن صبح جو غياث بيگ وڃي پنهنجي نئي عهدي تي چڙهيو. ٿوري ئي عرصي ۾، پيش ڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. هن جي چالاڪيءَ ۽ هوشناڪيءَ اَڪبر تي اَهڙو اَثر پيدا ڪيو، جو ٽن سالن بعد هڪ هزار گهوڙي سوارن جو مهندار ڪيائينس؛ ۽ پندرهن سالن اندر اعتماد الدونه جو عهدو ۽ لقب عطا ڪيائينس. اِنهيءَ ريت غياث بيگ جو هوند ڏکن ڏوجهرن کان هڪ ڀيانڪ رڻ پٽ ۾ ناس ٿي وڃي ها، سو ملڪ مسعود جي مهربانيءَ سان اڄ هندوستان جي چند ماڻهن مان ليکجڻ ۾ ٿي آيو. اڪبر جو مٿس اَرواح هو، ته راڻيءَ جو وري بيگم سان بي حد پيار هو.

3

اِنهن پندرهن ورهين ۾ مهرالنسا سونهن ۽ سوڀيا ۾ سرسي ڪري ويئي هئي. قد ۾ بلند ۽ نزاڪت دار مثل سرو سهيءَ جي، منهن چوڏس جي چنڊ جيان گول ۽ سفيد، ڳل ڳاڙها جهڙا گلاب جا گل، اکيون نرگس وانگر نشي دار، نڪ ڊگهو جهڙو آمي جو ڦار، وات ننڍڙو غنچي جهڙو، چپ سرخ لعل جهڙا، ڏند اَڇا جهڙا موتي، مطلب ته سندس هر هڪ عضوي مان نئي نئي قسم جو حسن پئي بکيو. وار اَهڙا سنها ۽ ڪارا هئس، جو ڄڻ ته مشڪ جون نارون آهن، سي وري جو سندس سفيد سنگ مر مر جهڙن ڳلن تي پئي لٽڪيا، تنمان ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ سج مٿان پاڇو پيو پوي. چمڙي اهڙي هيس جو ڄڻ ته گلاب ۽ موتيو پاڻ ۾ ڳتا پيا آهن.
آگري واري قلعي ۾، سمن برج محلات جي نزديڪ، هڪ جاءِ هئي جنهن کي مينا بزار ڪري سڏيندا هئا. اها اڄ ڏينهن تائين بيٺي آهي. اُتي اَڪبر ۽ سندس راڻيون ڪڏهن ڪڏهن ميلا ڪنديون هيون. اهڙن موقعن تي، شهزاديون ۽ اَميراڻيون رواجي سوداگرن وانگر دڪان کولي، هر طرح جو مين جو سامان، هيرا، جواهر، موتي وغيره، وڪڻنديون هيون. بادشاه ۽ راڻيون ساڻن سودا ڪنديون هيون، ۽ عام خريدارن وانگر ذري ذري تي ريڙه پيڙه ڪري، پائيءَ پائيءَ تي چچيون مارينديون هيون. انهيءَ تي نازنين سهڻيون سوداگرياڻيون گيگ ملائي، ڏمربيون هيون؛ ۽ چونديون هيون ته ”هل هل، مفت جو مال ته ڪينهي. جتان سستي شيءِ مليئي اُتان وڃي وٺ. لاه گوڙ.“ مطلب ته اهڙن ميلن تي هميشہ کل چرچو، ٺٺولي ۽ مسخري ٿيندي هئي. هڪڙي ڏينهن صبح جو، اَڪبر جي حرم خاني جون بيبيون مينا بازار واري چمن ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون، ڇاڪاڻ جو اُنهيءَ ڏينهن اهڙي قسم جو ميلو لڳڻو هو. اِهو چمن، جنهنکي اَنگوري باغ ڪري چوندا هوا، سو حسن ۽ زيب جي آيت هو. چئن ئي پاسن کان جي ٻارا هئس تن ۾ گلاب ۽ موتئي، سؤسن ۽ سمن، چمپڪ ۽ چنبيليءَ جي جهڳ مڳ لڳي پيئي هئي. انهن مان جا خوشبوءِ پئي نڪتي، تنهن دل ۽ دماغ کي قؤت ۽ فرحت ٿي بخشي. سرو ۽ شمشاد جي قطارن ۾ بيٺل هئا، تن ائين ٿي ڏيکاري ڏني جو ڄڻ ته بلند قد حوُورون اُڀيون آهن. گلاب جي چڪين مٿان بلبل جي لات پئي پيئي. وچ باغ ۾ جو حوض هو، تنهن منجهان اوجل پاڻيءَ جا ڦوهارا ائين پئي نڪتا جو ڄڻ ته بهشت اندران ڪؤثر جو چشمو ٿو وهي. آس پاس اَنگور جا منهن، ڊاک جا جهڳٽا نازڪ ٽارين ۾ جهليو بيٺا هوا. ڪنهن ڪنهن هنڌ وري جي اَنار جا وڻ هوا، تن جي سرخ لعل جهڙن غنچن پئي مشڪيو ۽ ڪشڪيو. مطلب ته چمن اهڙو خوش نماءُ ۽ نزاڪت دار هو جو نه رڳو اِرم ۽ نگارستان کي شہ ڏيئي ويو هو، پر عدن به مٿس ريسون ٿي ڪيون. هنڌ هنڌ دستر خوان وڇائجي ويا هوا، جن تي عمدا ۽ لذيذ شربت ۽ ميوا رکيل هوا.
چمن گهڻوئي بهشت مثل هو، ۽ طعام ۽ لقما نهايت سپڪ ۽ سوادي، پر پري پيڪر نازنينين، جن پوپٽن وانگي اُتي جهمريون پئي پاتيون، تن جي حسن ۽ خوبيءَ، رنگن ۽ روين، خانن ۽ خطن، اهڙي رونق لائي ڏني هئي جو بيان کان ٻاهر. هر طرف کان راڳ جو آواز پئي آيو. خوبصورت بيبيون مجموعا ڪيو، پئي آيون ويئون. ڪن هڪ ٻئي سان ڳالهيون پئي ڪيون، ڪن مصنوعي دڪانن تان خريديون پئي ڪيون، ڪي پينگهه پئي لڏيون، ته ڪن وري مٺا موهيندڙ آلاپ پئي ڪيا. مهرالنسا ۽ ماڻس به اُتي حاضر هيون. ماڻس اڪبر جي راڻيءَ جوڌ ٻائيءَ سان گفتگوءِ ۾ مشغول هئي، ۽ مهرالنسا حوض مان جو ڦوهارو پئي نڪتو، تنهنجي مٿان پير لوڏي پئي پاڻ وندرايو. سندس نازڪ بدن تي نهايت سٺي ۽ سهڻي پوشاڪ پيل هئي: مقيسي پهراڻ، آسماني رنگ جو پيشگير ۽ سفيد شبنما جو رئو.
اوچتو شهزادو سليم هڪ چور دروازي کان چمن اندر گهڙي آيو؛ ۽ هوري هلي اچي حوض وٽ نڪتو. شهزادو شڪل جو ٺاهوڪو هو: بدن ڊؤلائتو، ڇاتي ويڪري، چيلهه سنهي، چمڙي اڇي، وار گهنڊيدار، اکيون وڏيون ۽ پيشاني ڪشادي هيس. اڃا ارڙهين ورهين جي ڄمار جو مس ٿي ڏٺو. جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هو، تڏهن به عيش عشرت جو ڪوڏيو هو. شيرين زبان ۽ خوش خلق، پر نهايت تن پرور هو. ڪڏهن ڪڏهن ته راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن شرابخوريءَ ۾ غرق هوندو هو. لباس سادو سودو پيل هوس. مهرالنسا کيس اوڏو ايندو ڏسي، منهن تي برقعو وجهي، وڃي پاسيري ٿي بيٺي. حوض جي ڀر ۾ جي گل هوا، سي ڏسي شهزادي جي دل ٿي ته ٻه چار پٽيان. پر هٿن ۾ هئس ٻه ڪبوتر، سي جڏهن ڪو جهلي تڏهن گل ڇني سگهي. اوچتو مهرالنسا تي وڃي نظر پيس. هنکي ڏسي گهڻو خوش ٿيو، ۽ اڳڀرو وڌي، گهڻيءَ نيازمنديءَ سان چيائينس ته ”اَدي! مهرباني ڪري هي ڪبوتر نه جهلين، ته آءٌ ٻه ٽي گل ڇني وٺان؟“ مهرالنسا ڪنهن جواب ڏيڻ بنان، هٿ ڊگهيڙي، ڪبوتر وٺي، ماٺ ڪري بهي رهي. جڏهن شهزادو گل ڇني رهيو، تڏهن مهرالنسا فقط هڪ ڪبوتر موٽائي ڏنس. شهزادي چيو ته ”هي ڇا، ٻيو ڪبوتر ڪٿي؟“ مهرالنسا ڏاڍي مٺي آواز ۾ چيو ته ”سائين! ٻيو ڪبوتر ته اڏامي ويو.“ شهزادي پڇيو ته ”سو ڪئن؟“ مهرالنسا ٻئي ڪبوتر کي به اڏائي، گهڻيءَ اَٻوجهائيءَ سان جواب ڏنو ته ”ساءِ! اِجهو هيئن.“ پر ائين ڪرڻ سان، منهن تان برقعو ڪري پيس، ۽ شهزادي جي مٿس نظر چڙهي ويئي. هو اهڙي موهڻي صورت ۽ سهڻي صورت ڏسي حيران ٿي ويو. ڪجهه وقت ته ڏند چپن سان لڳي ويس ۽ ڳالهائڻ ئي نه پيو اڪليس، ڄڻ ته ڪنهن جادو وڌو اٿس. مطلب ته مهرالنسا کي ڏسڻ شرط، عشق جي اوڙاه ۾ غرق ٿي ويو. ڪنڌ هيٺ ڪري چيائين ته ”سائين! مون ڪبوتر ڄاڻي ٻجهي ڪين اُڏايو.“ شهزادو، جو مور ڇا ٿي ويو هو، تنهن هي لفظ ٻڌي چيو ته ”ڇا؟ ڪبوتر؟ مونکي ته وسري ويو هو ته ڪو اُڏامي ويو. جي اُڏامي ويو، ته صدقي ٿيو. پر ٻڌاءِ ته سهين، ته تون فرشتو آهين يا پري؟“
مهرالنسا چيو ته ”آءٌ مرزا غياث بيگ اعتماد الدونه جي ڌيءُ آهيان. سائين! مونکي معاف ڪجو، آءٌ وڃان ٿي؛ منهنجي ماءٌ مونلاءِ ترسي ويٺي هوندي.“
پر شهزادي سندس هٿ جهلي چيو ته ”اي سنگدل! تو منهنجو ڪبوتر ته اڏائي ڇڏيو، مگر منهنجي دل پنهنجي دام ۾ ڦاسائي ڇڏي اٿيئي. ڀلائي ڪري، ٿورو ترس ته سهين.“ مهرالنسا هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري چيو ته ”سائين! ڇڏيوم ته وڃان.“ پر شهزادي چيو ته”ائين بلڪل نه ٿيندو، مونکي ڦاسائي تون پاڻ ڪئن ڪڍي ويندينءَ؟“
مهرالنسا:”نه، سائين! آءٌ ضرور وينديس. توهان جهڙي اوپرو ماڻهوءَ وٽ وڌيڪ ترسي نٿي سگهان. مهرباني ڪري، هاڻ ڇڏيوم ته وڃان.“
سليم: ”تنهنجو حڪم ضرور مڃڻو پيو؛ پر مان ته تنهنجي پيرن جي خاڪ چمڻ جو به لائق نه آهيان.“
مهرالنسا: ”شهزادا! هي ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو؟ ڇو ٿا مفت مسخريون ڪريو؟ مسڪينن کي هئن ستائڻ اوهانکي هرگز نه جڳائي.“
سليم: ”ستايو ته تو پاڻ مونکي آهي. اِنهن نوراني اکين جي ناز ته مونکي گهائي وڌو آهي. آءٌ توکي سچيءَ دل سان پيار ٿو ڪريان. مهرباني ڪري، مون تي مهر جي نظر ڪر، نه ته منهنجو حال ڪونهي.“
مهرالنسا هن هٺيلي شهزادي کي پنهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح نيچ نوائيندو ڏسي. نيٺ مشڪي چيو ته ”شهزادا! هاڻي گهڻي ٺٺولي ڪيؤ. شايد مون کي ڀورڙو ۽ اَٻوجهه سمجهيو اَٿَو.“
سليم:”تون اَٻوجهه ۽ ڀورڙي؟ آءٌ ته توکي پنهنجيءَ زندگيءَ جو نور ٿو سمجهان. هيترو ستايو اَٿيئي وري ٿي شڪايت ڪرين ته مان ٿو توسان ٺٺوليون ڪريان؟“
مهرالنسا: ”آءٌ غريب مائٽن جي ڌيءُ ڪئن توهان جي ثاني شريڪ ٿي سگهنديس؟ ڇڏيوم ته هاڻي وڃان.“
سليم: ”وڃڻ قيام ڪين ڏيندوسانءِ. آءٌ سڄو تنهنجي تابع آهيان. هاڻ جئن وڻيئي تئن ڪر.“
مهرالنسا: ”چڱو، جي ائين آهي ته مهرباني ڪري ڇڏيوم ته وڃان. ڪو هڪ ٻئي سان ڳالهائيندو ڏسي وٺيئون ته مفت منهنجي گلا ٿيندي. توهانکي ڏوه ڏيڻ جي ڪنهنکي همت ٿيندي؟“
سليم: ”مجال آهي ڪنهنکي جو تنهنجي گلا ڪري سگهي؟ جيستاءِ جيئرو هوندس تيستائين ته منهنجي رڳ رڳ پيئي توکي پيار ڪندي. تون آهين شمع، آءٌ آهيان پروانو. جيستاءِ پاڻ مٿانءِ نه گهوريندس تيستاءِ آرام نه ايندو. محبت جي مچ ۾ جليو ٿو مران.“
اهڙيءَ اُڪير مهرالنسا جو من موهي وڌو. پر وري به پرک لهڻ لاءِ چياءِ ته ”سائين! هيءُ رڳو ٻاهريون ڍؤنگ آهي.“
سليم: ”ڌڻي شاهد آهي ته آءٌ توکي دل و جان سان پيار ٿو ڪريان. آءٌ نه سنڀران ته ٻيءَ ڪنهن زال منهنجيءَ دل تي اهڙو اَثر پيدا ڪيو جهڙو اڄ تو ڪيو آهي. تنهنجيءَ شڪل ڏسڻ سان اهڙي ته همت اچي ويئي اٿم، جو ساري جهان ۽ اُن جي اسباب کي هڪ خاڪ مٺ برابر به نٿو سمجهان. توساڻ زندگي آهي؛ تو بنان قيامت.“
مهرالنسا: ”شهزادا! هاڻ مونکي تصديق ٿي ته توهانجو پيار صاف ۽ سچو آهي. اهڙيءَ محبت اڳيان مونکي به پاڻ جهلڻ مشڪل آهي. پر شڪ اٿم ته هيءَ محبت گهڻو جٽاءُ نه ڪندي. هي فقط هڪ شاهاڻو خيال آهي.“
سليم: ”نه نه! منهنجو پيار بلڪل سچو آهي ۽ هميشہ جٽاءُ ڪندو. اِجها هيءَ اٿيئي اُنجي ثابتي.“
ائين چوندي ئي خنجر ڪڍي، سيني ۾ هڻڻ تي هو، پر مهرالنسا اُڇانگ ماري، خنجر کسي ورتس، ۽ گهڻي قرب سان چيائينس ته ”شهزادا! جيڪڏهن توهين مونکي سچيءَ دل سان پيار ٿا ڪريو، ته آءٌ به اوهانکي ائين ئي پيار ٿي ڪريان. پر توهان کي چڱيءَ پر معلوم آهي ته آءٌ پيءُ ماءُ جي هٿ وسيڪي آهيان؛ سو جيڪڏهن توهانکي مونسان نڪاح ڪرڻ جي نيت آهي ته اُنهن کي چؤ چاءُ ڪرايو. ائين ڪرڻ بنان توهانجو مقصد حاصل ٿي نه سگهندو.“
شهزادي جواب ڏنو ته ”اِنهيءَ جو آءٌ جلد جوڳو اپاءُ ڪندس.“ ائين چئي وٺي خوشيءَ وچان ڀاڪر پاتائينس. مهرالنسا چيو ته ”آءٌ توهانجي ٻانهي آهيان، پر هاڻ دير ٿي ٿئي؛ ڇڏيوم ته وڃان. شهزادي نيٺ اجازت ڏنيس ۽ مهرالنسا موٽي ماءُ وٽ آئي ۽ راڻيءَ سان رهاڻ ڪري، شام جو ٻئي پالڪيءَ ۾ چڙهي، گهر روانيون ٿيون.
چانڊوڪي رات هئي: جيڏانهن نهار تيڏانهن چانديءَ جا پرڇ وڇايا پيا هوا. تارن آسمان ۾ جهلڪا پئي ڏنا ۽ ٿڌيون فرحتي هيرون پئي لڳيون. غياث بيگ ۽ بيبيءَ بالاخاني تي هواخوري پئي ڪئي. هيٺان جمنا ندي گڙ گڙ ڪندي پئي وهي. غياث بيگ زال ڏي منهن ڪري چيو ته ”ڪهڙي نه سهڻي رات آهي! مونکي چانڊوڪي ڏاڍي وڻندي آهي. پر، پياري! اُها رات ياد اٿيئي جڏهن پاڻ ٽڪرين ۽ بيابانن ۾ پئي رلياسين؛ تڏهن به چانڊوڪي رات هئي، پر اُنوقت سختين اسانکي اهڙو ستائي وڌو هو، جو ڀانيوسين ٿي ته چنڊ به اسان سان جاڙون ٿو ڪري؟“ بيگم وراڻي ڏني ته ”انهن سختين جو ڇو ٿا خيال ڪريو؟ اُنهن نگرن ڏينهن جي يادگيري منهنجا ستا سوُر ٿي اُٿاري. ياد اَٿوَ ته مهرالنسا کي ڪئن نه بيابان ۾ ڦٽو ڪيو هووَ؟ پر عجب ته اِهو آهي جو مهرالنسا جو ڄمڻ ۽ اسانجو بخت بلند ٿيڻ. ڏاڍي نصيب واري ٿي ڏسجي. اڃان پندرهن ورهين جي مس آهي، پر ڏاڍي سمجهو ۽ عقل واري آهي. اسانکان به وڌيڪ دنيا جو آزمودو اٿس. سونهن جي ته منجهس ڪمي ڪانهي، وڃي ٿي ڏينهون ڏينهن برک ٿيندي. هاڻ جڳائي ته ڳولا ڪري، ڪو جهڙس لائق ور وٺي ڏجيس.“ غياث بيگ جواب ڏنو ته ”آءٌ پڻ انهيءَ خيال ۾ آهيان. هڪڙي مائٽي سجهيم جا پڪ اٿم ته توکي ضرور پسند ايندي. علي قلي بيگ جي هاڪ ته ٻڌي هونديء: نهايت نيڪ اخلاق ۽ دلير دل آهي؛ پر وڏي ڳالهه ته ايراني آهي. منهنجي دل ٿي چئي ته مهرالنسا جي کڻي هن سان شادي ڪرائجي.“ بيگم چيو ته ”ملڪ مسعود ته پيشينگوئي ڪئي هئي ته اسانجي مهرالنسا راڻي ٿيندي، پر اهڙو آثار ته ڪونه ٿو ڏسجي. شهزادو سليم ته اڳي ئي شادي ڪيل آهي.“ غياث بيگ سليم جي نالي ٻڌڻ شرط ڳاڙهو لعل ٿي ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ڇا! شهزادو سليم؟ شرابي ۽ لاٻڙٽويو؟ ڌيءُ جو سڱ ڏيانس، تنهنکان ڌيءُ کي خنجر هڻي ماري نه ڇڏيان؟“ بيگم چيو ته ”سچ! مهرالنسا کي شهزادي جي سون ۽ رپي سان ڪونه پرڻائڻو آهي پر سمجهو ته هو هنکي دل و جان سان پيار ٿو ڪري، پوءِ ڀلا ساڻس سڱه ڪرڻ ۾ ڪهڙو عار آهي؟“ غياث بيگ تپي لوه ٿي ويو ۽ چيائين ته ”آءٌ سليم کي چڱيءَ طرح سڃاڻان: منجهس ڪابه لياقت ڪانهي، عيش عشرت جو ڪوڏيو، تنهن ۾ سچيءَ محبت جو انگ ڪٿان آيو؟ پر مونکي خاطري آهي ته علي قلي بيگ جهڙو لائق شخص مهرالنسا کي ضرور سچيءَ دل سان پيار ڪندو. اُميد اٿم ته هوءَ به کيس گهڻو پسند ڪندي. اگرچ عمر ۾ البت وڏو آهي، پر اڃان جوان آهي. بهادريءَ ۽ جنگي فن ۾ ته جهڙس ڪو ڳوليو لڀي. مهرالنسا جئن وينديس وڌيڪ پرکيندي، تنئن وينديس وڌيڪ پيار ڪندي. هو به اسان وانگر وطن ڇڏي، سختيون سهي، اچي هندوستان ۾ عام سپاهي ٿي لشڪر ۾ گهڙيو هو؛ پر ٿوريئي عرصي ۾ اهڙي بهادري ۽ چالاڪي ڏيکارياءِ، جو رفته رفته وڏي عهدي کي وڃي رسيو. هاڻ هو هڪ هزار گهوڙي سوار فوج جو مهندار آهي.“ بيگم چيو ته ”ڀلا، تڏهن هاڻ کليو کلايو مڱڻو ڪري ڇڏجي ته چڱو. آءٌ وڃيو ٿي مهرالنسا کي اِها خوش خبري ٻڌايان. اهڙيءَ ڳالهه ۾ سنديس به مرضي وٺڻ گهرجي.“

4

سانوڻ جو مهنو هو: هنڌ هنڌ مينهن جا وسڪارا پئجي ويا هوا، رڻ پٽ ملڪ رجائجي ويا هوا. جيڏانهن نهار تيڏاهن زمرد رنگ جا غاليچا وڇائجي ويا هوا. بلبل گلاب جي گل کي ڏسي، مٺي من موهيندڙ للڪار سان ڳائي، گد گد پئي ٿي. ڪٿي پپيهي انب جي وڻ تي ’پيا ڪهان؟ پيا ڪهان؟‘ ڪري پئي پڪاريو. ڪٿي مور ڊيل ساڻ ڀري، سارنگ جي سهج منجهان سونهري کنڀ ٽيڙي، پئي جهمريون پاتيون. جتان ڪٿان هٻڪار پئي آئي، جنهن جان کي فرحت ۽ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اهڙو خوش نماءُ ۽ سهڻو نظارو لڳو پيو هو، جو هر ڪنهن جي دل خوشيءَ وچان ٽپا پئي ڏنا. غريب غربا جي توڻ جي تنگيءَ کان اڪثر تنگدل هوندا آهن، سي به اڄ مؤج ۾ اچي ويا هئا.
آرتوار جو صبح هو. بادل جون بوندون پئي پيئون، ۽ ٿڌي فرحتي هير پئي لڳي. غياث بيگ جي زال ۽ سهڻي مهرالنسا سونيءَ پالڪيءَ ۾ چڙهي، شاهي محلات ڏي روانيون ٿيون. اُتي اَڄ جوڌٻائيءَ ٿڌڙي پئي ملهائي. ٻئي راڻيءَ سان کيڪاري، سندس ڀر ۾ ٿي ويٺيون. پر مهرالنسا ستت ئي اُٿي وڃي سرتين ڀيري ٿي. سڀن ٺينگ ٽپا پئي ڏنا ۽ راڳ روپ پئي ڪيا. مهرالنسا به موج ۾ اچي ويئي. ساهيڙين کان ستار وٺي، طرح طرح جا سر آلاپي، اوچتو ئي هڪ نهايت دردناڪ غزل ڳايائين، جو اهڙي خوش موقع تي بلڪل اَڻ سهائيندو پئي لڳو؛ پر تنهن هوندي به سڀني کان ’واه واه!‘ نڪري ويئي. مهرالنسا جي ساهيڙين کانسواءِ، اُن غزل جو ٻڌندڙ هڪ ٻيو شخص به هو، جو ڀر واري ڪمري ۾ ڇپ ڪيو ويٺو هو. ڀانيونٿا ته اُهو شخص ڪير هو؟ اُهو هو شهزادو سليم. سندس روح راڳ جي تڪ تڪ تي ريلا ٿي ڏنا ۽ سندس رڳن ساز جي آواز تي تنبوري وانگي ٿي تنواريو. مهرالنسا ستار ٿي وڄائي ته هو گد گد ٿي ٿيو، ۽ جي هن راڳ ٿي ڳايو ته شهزادي جي روح رقص ٿي ڪيو.
مهرالنسا غزل ڳائي رهي ته جوڌ ٻائيءَ ڳراٽڙي پائي چيس ته ”ڌيءُ! تنهنجي راڳ ته منهنجو من موهي وڌو آهي. تنهنجو آواز به بلبل جيان شيرين ۽ گهائيندڙ آهي. تو جهڙي ڌيءُ ته ڪنهن بختاور کي ڄمي؛ پر نڄاڻان تو جهڙءِ ٺاهوڪو ڀتار مليئي يا نه.“ مهرالنسا جي ماءُ منهن ورائي چيو ته ”راڻي! مڙسم رات ڳالهه ٿي ڪئي ته مهرالنسا جو مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪجي ته چڱو. چئي ٿو ته هو ڏاڍو لائقن ڀريو مڙس آهي.“ جوڌ ٻائيءَ موڙو ڏيئي چيو ته ”علي قليءَ جهڙو اَڻ گهڙيو ڪاٺ سو مهرالنسا جهڙيءَ من موهڻيءَ کي ڪٿان وڻندو؟ گهڻوئي کڻي لائق ۽ بهادر هجي، پر حسن ۽ لطافت جي کيس ڪهڙي پرک يا قدر؟ آءٌ نٿي ڀانيان ته هننجو پاڻ۾ نينهن ٿي سگهندو.“ بيگم چيو ته ”بيشڪ، پر مڙسم سياڻو ۽ دورانديش آهي، جا ڳالهه کيس سهڻي نظر اچي سا اسانکي ڪرڻ حق آهي.“ راڻيءَ جواب ڏنو ته ”خبر نه آهي ته ڇو، پر مونکي اِها مائٽي بلڪل پسند نٿي اچي. خيال ته ڪر ته مهرالنسا جهڙي محبوبڙي علي قلي بيگ جهڙي رکي روح سان ڪئن جالي سگهندي؟“
مهرالنسا، جا شهزادي سليم جي خيال ۾ محو هئي، تنهن جو هيءَ مڱڻي جي ڳالهه ٻڌي سو سائي جهڙي ڀنگ ٿي ويئي، سندس ڳاڙهن ڳلن جو رنگ بدلجي خاڪ مثل ٿي پيو ۽ سندس سنڌر جهڙا چپ نيلا ٿي ويا. بدن مان طاقت ڇڏائي ويس ۽ اکين وڃي زمين ۾ کتيس، ۽ ائين پئي ڏسڻ ۾ آئي جو ڄڻ ته مٽيءَ جو پتلو آهي. نيٺ همت جهلي، اُٿي ڀر واري ڪمري ۾ گهڙي ويئي. اُتي پلنگ تي ليٽي پيئي ۽ نااُميديءَ جي اوڙاه ۾ غرق ٿي ويئي.
سليم مهرالنسا جي مڱڻي جي ڳالهه لڪي ويٺي ٻڌي. انهيءَ کيس اهڙو گهائي وڌو جو ڄڻ ته سيني ۾ تير چڀي ويو اٿس. پر جڏهن مهرالنسا کي ڪمري اندر گهڙندو ڏٺائين، تڏهن سندس محبت درياه مثل اُٿل ڪئي، ۽ پلڪ کن هنجي مڙني ڏکن کي ٻوڙي ڦٽو ڪيائين. پريڙيءَ کي پلنگ تي ليٽيل ڏسي گد گد ٿي ويو، ۽ آهستي آهستي ويجهو وڃي سندس پيرن تي ڪري پيو. مهرالنسا شهزادي کي اوچتو ايندو ڏسي، حيران ٿي ويئي ۽ اُٿي ٻاهر نڪرڻ جي ڪيائين؛ پر شهزادي جي ليلڙاٽين تي اُتي ئي ويهي رهي. ڳچ وقت تاءِ ته اَکيون اَکين ۾ کتيون پيئون هين ۽ زبان مان ڳالهائڻ نه اُڪلين. آخر شهزادي چيو ته ”معاف ڪج، جو اوچتو لنگهي آيو آهيان. ڀلائي ڪري، منهنجو عرض اُناءِ.“
مهرالنسا: ”ڇو اڄ صبح ساڻ هت پيا ڏسجو؟“
سليم: ”جڏهانڪر توکي ڏٺو اٿم، تڏهانڪر آرام ئي ڦٽي پيو اٿم؛ ۽ نيڻن ننڊ نه ڪئي آهي. توکان جدا روح کي راحت نه آهي. تنهنجي ديدار لاءِ پئي واجهايو اٿم. نيٺ اڄ کڻي خدا من جون مرادون پوريون ڪيون اٿم.“
مهرالنسا: ”شهزادا! ڇو اچي منهنجي پٺيان پيا آهيو“
سليم: ”توکي منهنجي درد جي چڱيءَ پر خبر آهي. دراوُن ته ڪونه ٿي ڪرين، اٽلو عتاب ٿي ڪرين! ڀلا، تو ڪو درد ڏٺو هجي ته درد وندن جو قدر پويئي.“
مهرالنسا: ”اَفسوس! منهنجون سڀ خوشيون ۽ فرحتون هڪ ڇن ۾ ناس ٿي وييون! توهين وڃي عيش عشرتون ڪريو، مون اَڀاڳڻ کي کڻي ڇڏيو. منهنجي مڱڻي جي ته ضرور گفتار ڪن پيئي هونديوَ؟”
سليم: ”مون ساري گفتگوءِ ويٺي ٻڌي. انهيءَ ڪري ته پاڻ وڌيڪ پريشان آهيان. پر تون فقط زبان سان هي اَکر ڪڇ’ته مان توکي پيار ڪريان ٿي،‘ ته پوءِ ڏس ته سڀ رنڊڪون ڪئن نه ٿو لاهي ڏيکاريانءِ.“
مهرالنسا: ”سو ته مون توهان کي پهرين ئي چيو هو ته ’آءٌ توهان کي دل و جان سان پيار ڪريان ٿي.‘ زالون ڪي مردن وانگر چلوليون ڪين آهن. هڪ واريءَ پيار ڪيائون ته عمر ڪين ڦرنديون. مرد ئي آهن جي زالن کي گويا رانديڪو ڪيو سمجهن. جئن نه هڪڙو رانديڪو ڦٽي ڪري ٻئي تي دل ٿيندي آهي، تئن هوُ به هڪڙي زال ڇڏيو وري ٻيءَ ڏي لاڙو ڪن.“
سليم ”تڏهن سچ ٿي چوين ته تون مونکي پيار ٿي ڪرين؟ منهنجي محبت رڳو وهم ڪينهي، منهنجو پيار بلڪل سچو ۽ ڳوڙهو ۽ هميشہ جٽاءُ ڪرڻ وارو آهي. منهنجيءَ جان ۾ مچ مثل پيو ٻري، ۽ نيچ خود غرض حرصن ۽ هوسن کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو اٿس. قبول ٿو ڪريان ته هيستاءِ پاڪ دامن نه رهيو آهيان. تنهنجو سبب اِهو هو جو سچي محبت کان غافل هوس. پر توکي ڏسڻ شرط منهنجي دل ۾ نهايت اعليٰ خيال اُتپن ٿيڻ لڳا آهن. پهرياءِ پڻهين کي منٿ ڪندس ته تنهنجو مڱڻو رد ڪري، پر جيڪڏهن قبول نه ڪياءِ ته بابي کي چئي اِهو ڪم ڪئن به ڪرائيندس.“
مهرالنسا: ”توهانکي بابي جي طبيعت جي برابر خبر نه آهي. ڪن ڳالهين ۾ هو بلڪل مدمغ ۽ هوڏي آهي. مونکي ته ڪابه اُميد ڏسڻ ۾ نٿي اچي.“
سليم: ”پر ائين ڪئن ٿيندو؟ تو کانسواءِ منهن جي زندگي عبث آهي. ڪئن به ڪري توکي پنهنجي هٿ آڻيندس. هيءَ ساري سلطنت وڃي ته وڃڻ ڏينس، پر توکي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندس. توساڻ دوزخ به بهشت آهي، ڇو ته تون منهن جي زندگيءَ جي نور ۽ جيءَ جو جياپو آهين.“
مهرالنسا: ”پر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته قضا ٻي سٽ سٽي آهي، ڇو ته توهين جلد ئي بادشاه ٿيندا، ۽ پوءِ شڪ اٿم ته مونکي وساري ڇڏيندا. پر آءٌ يقين سان ٿي چوان ته آءٌ توهانکي موُر نه وسارينديس.“
سليم: ”ڇا؟ توکي وساري ڇڏيندس؟ جي وس پڄيم ته دل کولي ڏيکاريانءِ ته ڪئن نه تنهن جي مورت اُتس اُڪري پيئي آهي.“
مهرالنسا وراڻي ڏيڻ تي هئي ته اوچتو دروازو کلي پيو، ۽ ماڻس ڌوُ ڌوُ ڪندي اندر گهڙي آئي ٻنهي کي گڏ ويٺل ڏسي، اهڙو جوُلان کڻي ويس جو هڏ هڏ پئي ڏڪيس، ۽ اَکين مان اُلا پئي نڪتس. ٿورو اَڳڀرو ٿي چياءِ ته ”شهزادا! هاءِ افسوس! تنهنجو فرض آهي ٻين کي چڱو مثال ڏيڻ؛ سو تون پاڻ ويٺو آهين منهنجيءَ ڀورڙيءَ ڌيءُ سان ڏينهن ڏٺي جو هٿ چراند ڪرڻ! واه! واه! چڱو پنهن جو شان رکيو اٿيئي!“ سليم چيو ته ”بيگم! مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه ته ٻڌ.“ پر بيگم ورندي ڏني ته ”هٿ جي ڪنگڻ کي ڪهڙي آرسي؟ مهرباني ڪري، زبان بند رک. هن بيجاءِ هلت جو ڪوبه عذر ڏيئي نٿو سگهين.“
ائين چئي مهرالنسا کي ٻانهن کان گهليندي، راڻيءَ وٽ آئي ۽ زار زار روئي، چياءِ ته ”راڻي! دنيا بديءَ سان ڀري پيئي آهي. اِشرافت ۽ پاڪدامنيءَ جو ڪو قدر ڪونهي. هن منهنجي ندوريءَ ڌيءُ ڀر واري ڪمري ۾ آرام ويٺي ڪيو ته شهزادو سليم وڃي اوچتو مٿانس ڪڙڪيو. آءٌ وڃان ته ڏسان ته ٻئي هڪ ٻئي سان رهاڻيون پيا ڪن. هي آهن پٽهن جا حال. هاڻ جئن توکي سهڻي نظر اچي تئن ڪر.“ راڻيءَ گهڻي افسوس سان جواب ڏنو ته ”منهن جو سليم اڃا جوانيءَ جي اَنڌ ۾ آهي، پر هروڀرو ويل ڪينهي. يقين ڄاڻج ته سندس انهيءَ بدچال جو جوڳو تدارڪ ڪيو ويندو. پر ڀلائي ڪري، ڳالهه ڪنهن سان نه ڪج.“ بيگم چيو ته ”مان تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر هلنديس. ڳالهه کي ڳجهي رکڻ مان اُٽلو منهنجيءَ ڌيءُ جو فائدو آهي.“
پوءِ بيگم راڻيءَ کان موڪلائي، اُٿڻ تي هئي ته مهرالنسا راڻيءَ جي پيرن تي ڪري، ليلائي چيو ته ”رحمدل راڻي! منهنجي وينتي ٻڌ. يقين اٿم ته تنهنجي دل منهنجي مائٽن جهڙي سخت نه آهي. سليم مونکي دل و جان سان پيار ٿو ڪري، ۽ آءٌ به کيس ائين ئي پيار ٿي ڪريان. خدا گواه آهي ته مونسان ڪابه بيجاءِ هلت نه ڪئي اٿس. معاف ڪجانءِ جو هئن لڄ لاهي، پنهنجيءَ محبت جو اظهار ڪيو اٿم. پر لاچاريءَ ۾ ڪي به روا آهي. آءٌ وري وري ٿي چوان ته شهزادي کي سچيءَ دل سان پيار ٿي ڪريان. آءٌ توکي ڳچيءَ ۾ پلاند پائي، منٿ ٿي ڪريان ته هيءُ گهنگهر جو منهنجي مائٽن مونلاءِ سٽيو آهي، تنهنکان مونکي آجو ڪر. علي قلي بيگ سان منهنجي اُلفت موراهين نه ٿيندي. تو به هميشہ سڳيءَ ماءُ جيان منهنجي سار لڌي آهي. هيءَ واهر جي ويل اٿيئي. همٿ ڪري هن اوڙاه مان ڪڍينم.“
هي حرف ٻڌي ماڻس جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ڌيءُ کي ڀونڊو ڏيئي چيائين ته ”ڇوري ندوري! انهيءَ کان ته هوند بيابان ۾ مري وڃي ها ته چڱو.“ پر مهرالنسا جي ليلڙاٽين راڻيءَ جي دل ڀڄائي وڌي. هڪل ڪري چياءِ ته ”بيگم! هروڀرو ايڏي ڪاوڙ؟ جي ويچاريءَ مهرالنسا پنهنجي اندر جو حال مونسان اوريو ته انهيءَ ۾ ڪهڙي اربع خطا ڪيائين؟ ڇو، منهنجي ڌيءَ نه آهي؟ توکي ڀلا ڪهڙي سڌ ته سچي محبت ڪهڙي شيءِ آهي؟ هاڻ ڇڏ انهيءَ قصي کي. مونتي ڪري رک ته سڀ چڱي ٿي پوندي. مهرالنسا! تون دل نه لوڙه. آءٌ تنهنجو ڪم پنهنجو ڪري سمجهنديس. تنهنجي سک لاءِ ترت اُپاءُ ڪنديس.“ پوءِ مهرالنسا ۽ ماڻس راڻيءَ کان موڪلائي گهر روانيون ٿيون.
شام جي وقت، شاهي محلات ۾ شمعن ۽ هنڊين جي جهرمر لڳي ويئي. اُنهنجي روشنائيءَ تي سفيد سنگ مر مر جي پٽ جهلڪا پئي ڏنا. آس پاس مر ۽ لوبان مجمرن ۾ پئي ٻريا، جنجي سڳنڌ ۽ سرهاڻ مغز کي تراوت ٿي ڏني. اڪبر اڄ ڏاڍو سرهو ٿي ڏٺو. سڀني ساڻ کيڪاري، جوڌ ٻائيءَ جي ڀر ۾ ٿي ويٺو. پر راڻيءَ کي مايوس ڏسي، پڇيائين ته ”ٻيو ته مڙيوئي خير آهي؟“
جوڌ ٻائي: ”هائو، مڙيوئي خير آهي، پر دل تي هڪ ڳالهه اٿم جنهن متيون ئي منجهائي ڇڏيون اٿم.“
اڪبر: ”ڪهڙي آهي اها ڳالهه؟ جلد ٻڌاءِ. توکي مايوس ڏسي، مونکي الائي ڇا ٿو ٿئي.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا، مرزا غياث بيگ جي نياڻي، ته ڏٺي هونديوَ. قصو ڪوتاه، ته اسانجو سليم مٿس عاشق ٿي پيو آهي.“
اڪبر: ”انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب؟ مهرالنسا اهڙي موهڻي آهي جو جيڪر ملائڪ به مٿس عاشق ٿي پون. راڻي ٿي، راڄ ڪرڻ جي هوءَ هر طرح لائق آهي. توکي ته پاڻ خوشي ۽ فخر ڪرڻ گهرجي، جو اهڙي ننهن ٿي مليئي. مونکي اها ڳالهه بلڪل پسند آهي، ۽ پڪ اٿم ته توکي به وڻي ٿي.“
جوڌ ٻائي: ”هت فقط اسان جي پسنديءَ جي ڳالهه ڪانهي،. ٻين ڪيترين ڳالهين جو خيال ڪرڻو آهي.“
اڪبر:”سچيءَ محبت اڳيان سڀ ڳالهيون آسان آهن. عشق اهڙي عجب چيز آهي، جو رڪ کي به ڳاريو پاڻيءَ جهڙو نرم ڪيو ڇڏي. ياد اٿيئي ته جڏهن مان تنهنجي دام ۾ گرفتار ٿيو هوس، تڏهن ڪنهن ٿي ڄاتو ته تنهنجا مائٽ مون ساڻ تنهن جي شادي ڪرائيندا؟ پر ڏٺءِ ته پيار جي آڳهه ڪئن نه هٿ ڪيو مانءِ. اميد ته سليم به اهڙيءَ ريت مهرالنسا کي پنهنجي وس آڻي سگهندو. پر مونکي ته سليم ۾ ٽپڙ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. عيش عشرت جو سو ڪوڏيو گهڻوئي آهي، باقي ٻيو ٿيو ڀلو.“
جوڌ ٻائي: ”جوانيءَ جي جوش ۾ آهي، پر دل بڇڙي نه اٿس. مونکي وڏي اميد آهي ته مهرالنسا سان شادي ڪرڻ ڪري سندس حياتيءَ ۾ گهڻي تبديلي ٿيندي.“
اڪبر: ”تحقيق، محبت هڪ عجيب چيز آهي. محبت جي ڪيميا ٽامي کي زرين ۽ تلخيءَ کي شيرين، ڦاهيءَ کي تخت ۽ آهيءَ کي بخت، نار کي نور ۽ ديو کي حُور، بيماريءَ کي صحت ۽ قهر کي رحمت، مردي کي زندو ۽ شاه کي بندو بنايو ڇڏي.“
جوڌ ٻائي: ”سچ، پر سليم توهان وانگر نه آهي، جو هڻي وڃي هنڌ ڪندو. اسين جي مدد نه ڪنداسونس، ته مشڪلاتون هڻي منجهائي رکنديس.“
اڪبر: ”مونکي ته ڪابه مشڪلات نظر ڪانه ٿي اچي. مهرالنسا ڪنهن جي محبت ۾ ڦاٿل آهي ڇا؟ جي ائين آهي، ته آءٌ ڪي به ڪري نه سگهندس. پر سمجهانٿو ته مهرالنسا سليم کي پيار ڪرڻ کان پاڻ روڪي ڪين سگهندي؛ ڇو ته هو به جهڙس ئي سهڻو ۽ من موهڻو آهي. آهن سي ٻئي هڪ ٻئي جا لائق.“
جوڌ ٻائي: ”مهرالنسا ته سليم جي نالي تي نهال آهي. ماءُ اڳيان پنهنجيءَ محبت جو منجهه مون سان کوليو اٿس. اڃا اڄ سليم سان ڳجهون رهاڻيون ڪيون اٿس. آءٌ سمجهان ٿي ته هن کان اڳ به ضرور پاڻ ۾ گڏيا هوندا.“
اڪبر: ”جي ائين آهي، ته پوءِ ڪهڙي مشڪلات درپيش آهي؟ مونکي يقين آهي ته مرزا غياث بيگ کي ڪو اعتراض ڪونه هوندو.“
جوڌ ٻائي: نه، نه غياث بيگ کي اعتراض آهي هن مهرالنسا جو مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهڙو هوڏي آهي جو پنهنجو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ رد نه ڪندو.“
اڪبر: ”تڏهن ڀلا، تنهنجي ڪهڙي صلاح آهي؟
جوڌ ٻائي: ”مرزا غياث بيگ کي توهين قبول ڪرايو.“
اڪبر: ”آءٌ مرزا غياث بيگ کان زوريءَ ڪوبه ڪم نه ڪرائيندس. نه فقط ائين؛ آءٌ مورڳو اِها ڳالهه به ساڻس نه چوريندس. پر تنهنجي جي هروڀرو مرضي آهي، ته کڻي ڪچهريءَ ۾ اهڙو اشارو ڪندس جنهن مان معلوم ٿيندو ته جيڪڏهن سليم ۽ مهرالنسا پاڻ ۾ شادي ڪندا ته آءٌ بلڪل ارهو نه ٿيندس. پر هاڻ ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي. اچ ته ڪو وقت فرحت ۽ خوشيءَ ۾ گذاريون.“

5

مهرالنسا ۽ ماڻس جڏهن شاهي محلات ڇڏي گهر روانيون ٿيون، تڏهن سليم کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته ڄڻ ته روشن بهشت مان نڪري اچي ڪاري ڪن ۾ پيو آهيان. اُٿي ٻاهر وڃڻ. جي ڪوشش ڪياءِ، پر درد اهڙو جهوري وڌو هوس جو اُٿڻ جي سگهه ئي ڪانه هيس. لاچار پلنگ تي ليٽي پيو، ۽ ڳچ وقت تاءِ ڳوڙهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گيرو ٿيو پيو هو، تان جو مٿان اچي نماشام ٿي. نيٺ اُتان اُٿي، رڙهندو رڙهندو اچي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو. اُتي سندس يار دوستار اڳي ئي اچي ڪٺا ٿيا هوا، جن کيس گهڻيءَ اڪير سان کيڪار ڪئي؛ پر هن نڪي ڪڇو نڪي پڇو، ماٺ ڪري وڃي بستري تي سمهي رهيو. مرزا ابراهيم جو ساڻس گهڻو گهائل مائل هو، تنهن کيس مايوس ڏسي، ويجهو وڃي چيو ته ”شراب ۽ گانو حاضر آهن. حڪم ٿئي ته پيالو پر ڪريان.“
سليم: ”منهنجي سيني اندر اهڙي باه پيئي ٻري جو ساري جهان جا شراب به اُنکي اُجهائي نه سگهندا.“
مرزا ابراهيم: ”جناب! آءٌ ته اهڙيون ڳوڙهيو ڳجهارتون نٿو سمجهان. زبان سان کڻي چئو ته ڇا گهرجيو. آسمان مان چنڊ گهرجيوَ، ته آءٌ اهو به هڪ لحضي ۾ ميسر ڪري ڏيندس.“
سليم: ”چڱو سهي ڪيو اٿيئي. يار! مونکي به هڪ چنڊ جهڙي دلدار جي فراق جهوري وڌو آهي.“
مرزا ابراهيم: ”ڇو جناب! هوءَ اوهانجو پيار نٿي موٽائي ڇا؟ مونکي ته اعتبار ئي نٿو اچي ته ڪو ائين هوندو.“
سليم: ”هوءَ ته مونکي دل و جان سان پيار ٿي ڪري.“
مرزا ابراهيم: ”تڏهن ڀلا، حڪم ٿئي ته آڻي حاضر ڪريونس.“
سليم: ”ڪا لاه لڙندي يا ڦشڪ ڦندڻي ڏٺي اَٿيئي ڪئن؟ هوءَ حياءَ ۽ مرم جي مورت، ۽ نيڪيءَ ۽ پاڪدامنيءَ جي صورت آهي؛ ۽ منهنجي محبت رڳڻو وهم يا خيال نه آهي، بلڪ هميشہ جٽاءَ ڪرڻ وارو جذبو آهي. آءٌ کيس پنهنجي تن ۽ من، ڌن ۽ دولت جي ڌياڻي ڪرڻ ٿو چاهيان.“
مرزا ابراهيم: ”جيڪڏهن توهانجي نيت آهي ته ساڻس نڪاح وجهو، ته ڀلا ٻڌايو ته سهين، ڪنهنجي ڌيءُ آهي ته آءٌ وڃي ڪو اُپاءُ ڪريان.“
سليم: ”مرزا غياث بيگ جي.“
مرزا ابراهيم: ”مار! مهرالنسا جي محبت ۾ اٽڪيا آهيو!“
سليم: ”هائو، پر نڪاح جي ڪا اُميد ئي ڪانهي، ڇو ته مرزا غياث بيگ کيس علي قلي بيگ سان پرڻائڻ جو پڪو پہ ڪيو آهي.“
مرزا ابراهيم: ”ساءِ! مرزا غياث بيگ کي جي خبر پوي ته مهرالنسا تي توهان خواهان آهيو، ته هو ته جيڪر شادمانا ڪري ڇڏي.“
سليم: ”نه، نه، هو پنهنجيءَ ڳالهه تان هرگز ڦرڻ وارو نه آهي. پر وري به جي همت ڪري وڃي زور لائينس ته شايد قصو بنجي پوي.“
مرزا ابراهيم: ”ڏسو ته آءٌ ڪئن ٿو باز آڻيانس اوهين ڪو انتظار نه ڪريو. هاڻ دير ٿيندي ٿي وڃي؛ اَچو ته پيالا پر ڪري، سڀ درد ۽ غم ميساري ڇڏيون.“
پوءِ ته سڀ سنگتي شراب، ناچ ۽ گاني ۾ محو ٿي ويا، تان جو اچي مٿان اَڌ رات ٿي.
صبح ساڻ مرزا ابراهيم سهي سنڀري، هڪ عمديءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي مرزا غياث بيگ جي گهر ڏي راهي ٿيو. خوش خيرعافيت ڪري، مرزا غياث بيگ سان سليم جي محبت جو ذڪر چورياءِ. مرزا غياث بيگ وائڙو ٿي ويو. اندر ۾ ڏاڍي مٺيان لڳيس، پر ٻاهران منهن مٺو ڪري چياءِ ته ”مهرالنسا جو مڱڻو مون علي قلي بيگ سان اڳيئي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پڪ اٿم ته جڏهن شهزادي کي هن ڳالهه جي پروڙ پوندي، تڏهن پاڻمرادو مهرالنسا جو خيال لاهي ڦٽو ڪندو.“ مرزا ابراهيم جواب ڏنو ته ”کيس هن ڳالهه جي اڳيئي خبر هئي. انهيءَ ڪري ته هيڪاري عاجز ۽ پريشان آهي. سچ ڪري پڇو ته مهرالنسا کي ڏسڻ شرط، شهزادي جي دل ڪسي ڪباب ٿي ويئي آهي؛ انتظاري ۽ بيقراري وڪوڙي ويئي اٿس.“ هنن گفتن مرزا غياث بيگ تي ڪو اَثر ڪونه ڪيو. مرزا ابراهيم بار بار ستايس، پر هو نه مڙيو. آخر خفي ٿي چياءِ ته ”نهايت ارمان اٿم جو هيءَ ڳالهه منهنجي وس کان ٻاهر نڪري ويئي آهي. علي قلي بيگ سان قؤل ڪري ويٺو آهيان، سو لاچار پاڙڻو پوندم. البت جي علي قلي بيگ مهرالنسا تان پاڻمرادو هٿ کنيو، ته پوءِ مونکي ڪو اعتراض نه آهي.“
مرزا ابراهيم خدا حافظ ڪري، سڌو آيو علي قلي بيگ وٽ، جنهن سندس گهڻي مرحبا ڪري پڇو ته ”شهزادو ته خوش چڱو ڀلو آهي؟“
مرزا ابراهيم: ”شهزادو خوش چڱو ڀلو آهي. آءٌ سندس پاران اوهان وٽ آيو آهيان.“
علي قلي بيگ: ”شهزادي کي منهنجي ڪهڙي درڪار آهي؟ آءٌ ته مٿانئس جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
مرزا ابراهيم: ”توهانجي جان جي ڳالهه نه آهي، جيتوڻيڪ شهزادي کي اُن لاءِ گهڻو قدر آهي. هيءُ ته عشق جو معاملو آهي. مهرالنسا، جنهنسان توهان جو مڱڻو ٿيل آهي، تنهن تي شهزادو عاشق آهي. مونکي موڪليو اٿس ته توهانکي منٿ ڪري، مهرالنسا تان دست بردار ڪرايان.“
علي قلي بيگ تپي لوه ٿي ويو، ۽ ڏاڍي جوش سان وراڻي ڏناءِ ته ”مون پنهنجو سر وڪيو آهي، نه عزت، مون پنهنجو بدن وڪيو آهي، نه روح مڱ تان آءٌ مُور هٿ نه کڻندس.“
مرزا ابراهيم: ”پر، ساءِ! جي خود مهرالنسا شهزادي جي محبت ۾ اَڙيل هجي، ته پوءِ توهانکي ساڻس شادي ڪرڻ مان ڪهڙي راحت رسندي.؟“
علي قلي بيگ: ”بس! وڌيڪ زبان درازي نه ڪريو.“
مرزا ابراهيم: ”پاڻيهي انهيءَ اُٻهرائيءَ نتيجو لوڙيندا.“
علي قلي بيگ هي حرف ٻڌا اَڻ ٻڌا ڪري، مرزا ابراهيم کي خدا حافظ چئي، روانو ڪيو.
مرزا ابراهيم سڌو موٽيو شهزادي وٽ، جنهن پريائين سندس لٿل منهن مان معلوم ڪيو ته فتح ڪانهي. پوءِ مرزا ابراهيم سربستي ڳالهه ڪري ٻڌايس، ۽ صلاح ڏنائينس ته ”جيڪڏهن توهانجو پيءُ انهيءَ ڏس ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪري، ته سڀ مشڪل آسان ٿي پون. بهتر آهي ته کيس هڪ خط لکو، جنهن ۾ بنان لليءَ چپيءَ سارو داستان پيش ڪريوس.“
شهزادي کي هيءَ صلاح بلڪل پسند آئي، ۽ کڻنديئي ڪاغذ ۽ قلم هن ريت خط لکيائين:
”مهرالنسا، مرزا غياث بيگ جي ڌيءُ، جنهن جهڙي خوبصورت ۽ شيرين شمايل ڪنيزڪ خدا نه جوڙي آهي ۽ نه جوڙي سگهندو، تنهنجي محبت ۾ دل گرفتار ٿي ويئي اٿم. منهنجي رڳ رڳ هنکي پيار ٿي ڪري انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ اهڙو عاجز ڪيو اٿم، جو پاڻ جهلي نٿو سگهان. اوهان کانسواءِ منهنجو ڪو ٻيو بلو ڀيڻي ڪونهي. انهيءَ ڪري لاچار حجت رکي، هيءُ خط اوهانجي پيش خذمت ڪريان ٿو. جيڪڏهن منهن جي هلت اَڍنگي يا غير واجب ڏسڻ ۾ اچيوَ، ته مهرباني ڪري معاف ڪجو. آءٌ ته سمجهان ٿو ته منهنجيءَ ساريءَ عمر جو سک اوهانجي اختيار آهي. مهرالنسا پنهنجي سر مونکي دل و جان سان پيار ٿي ڪري، پر پڻس زوريءَ علي قلي بيگ سان مڱائي ڇڏيو اَٿس. جيڪڏهن منهنجي سک جا طالبو آهيو، ته اهو مڱڻو رد ڪرايو. وڌيڪ لکڻ اجايو آهي، ڇو ته يقين اٿم ته مونتي هردم مهربان آهيو ۽ منهن جي منٿ مور نه موٽائيندا.“
پوءِ خط تي مهر هڻي، هڪ قاصد کي ڏنائين، جنهن وڃي بادشاه کي هٿون هٿ پهچايو. اَڪبر اوڏي مهل اَبو اَلفضل ساڻ مخالف دينن ۽ مذهبن بنسبت گفتگو پئي ڪئي، ۽ اُنهن جي نفاق ۽ ناسازيءَ تي اَرمان پئي کاڌو. حال مباحثو مهمل ڪيو ويو، ۽ اَبو اَلفضل کي خط جي گذارش ڪرڻ جو اِشارو مليو. هن بلند آواز سان سارو مضمون پيش ڪيو. اڪبر ٻڌي چيو ته ”اڃان رات راڻيءَ مون سان هن ڳالهه جو ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ! مهرالنسا سونهن جي کاڻ آهي. شڪ نه آهي ته انجي اُلفت سليم کي ڪپر جي ڪن مان ڪڍي، سنئين مارڳ تي آڻي. پر خبر نه آهي ته مرزا غياث بيگ جي ڪهڙي مرضي آهي. زبردستيءَ آءٌ هنکان ڪجهه به نه ڪرائيندس، مگر جي پنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان مهرالنسا کي سليم سان پرڻائي ڏيندو ته آءٌ نهايت خوش ٿيندس.“
اَبو اَلفضل: ”حضور جن نيڪر و شن هجي ته هيءُ نهايت نازڪ مسئلو آهي. بهتر ائين آهي ته اوهين پاڻ مرزا غياث بيگ سان ذڪر چوريو. جيڪڏهن هو اَنجام شڪنيءَ کان اِنڪار ڪري، ته پوءِ شهزادي کي ڪا تدبير ڪري آٽي تان لاهڻو پوندو.“
اڪبر: ”سليم جو مهرالنسا تي ڏاڍو اَرواح ٿو ڏسجي. مبادا جي مرزا غياث بيگ باز نٿو اچي ته ڏسجو ته متان سليم ڪو اُٻهرو قدم نه کڻي.“
اَبو اَلفضل: ”ائين ڇا ڪندو؟ سندس سڀاءُ اهڙو چلولو آهي جو وري نه ڪو لهرو آيس ته مهرالنسا جي محبت من تان ميسارجي وينديس.“
اڪبر: ”تڏهن، اوهان کيس پورو نه پروڙيو آهي. اڃان جوانيءَ جي اَنڌ ۾ آهي، جنهن ڪري سندس اوچا خيال ۽ نيڪ اِرادا جلد ئي برباد ٿيو وڃن، پر مونکي وڏي اميد آهي ته هو ستت ئي پاڻ سنڀاليندو. توهان پاڻ مونکي بار بار پئي چيو آهي ته منجهس برجستائيءَ ۽ برد باريءَ جي ڪمي ڪانهي.“
اَبو اَلفضل: ”بيشڪ! مگر هڪ وڏي اوڻائي جا منجهس موجود آهي سا هيءَ آهي جو ڪم تي دل اصل نٿي وريس.“
اڪبر: ”آخر اهڙو به زمانو ايندو جو مڙس ٿي ڪم ڪار کي منهن ڏيندو. شايد مهرالنسا جي محبت انهيءَ ڏس ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪري.“
اَبو اَلفضل: ”اِجهو مرزا غياث بيگ ۽ علي قلي بيگ به پيا اچن. ڏاڍو خاصو. هاڻ ويهي، هڪ وار ڳالهه جي صفائي ڪري ڇڏجي.“
اڪبر: ”بهتر ائين آهي ته اوهين ڳالهه چوريو.“ مرزا غياث بيگ ۽ علي قلي بيگ سجدو ڪري، ويهي ويا. حال احوال ڏيڻ بعد، اَبو اَلفضل مرزا غياث بيگ کي پاسيرو وٺي، ساڻس ذڪر چوريو. مرزا غياث بيگ سانت ڪري ساري ڳالهه ٻڌي، بادشاه ڏي منهن ڦيرائي عرض ڪيو ته ”آءٌ پنهنجو تن ۽ ڌن، مال ۽ ملڪيت حضور اعليٰ جي خذمت ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر نه عزت ۽ آبرو. اَفسوس! آءٌ بيوس آهيان. علي قلي بيگ سان اَنجام ڪري ويٺو آهيان. جو هرگز نه ٽوڙيندس. پر جيڪڏهن علي قلي بيگ مونکي پنهنجي انجام کان آجو ڪري، ته پوءِ البت شهزادي سان سڱ ڪرڻ منهن جي لاءِ فخر جو باعث ٿيندو.“
هي حرف ٻڌندئي علي قلي بيگ پڪاري چيو ته ”مڱ کي ڌارئي سان شادي ڪرڻ جي منظوري ڏيان، تنهن کان پاڻکي خنجر هڻي نه پورو ڪريان؟“
اڪبر: ”تڏهن، تون پنهنجي اِرادي تي قائم آهين؟ منهنجي مرضي ٻي هئي، پر ٺهيو. وڃ، وڃي هڪدم شادي ڪري ڇڏ.“
مرزا غياث بيگ: ”قبلا! اسين ٻئي جو هن ويل اوهان وٽ ڪهي آيا آهيون، تنهنجو خاص مطلب هيءُ آهي جو اوهانکي عرض ڪرڻون اٿئون ته حضور جن مهرباني ڪري شهزادي کي فهمائش ڪن ته متان مهرالنسا جي شاديءَ ۾ رڪاوٽ نه ڪري.“
اڪبر: ”سليم کي مقدور نه آهي جو ڪي ڪري. وڃي شاديءَ جو سانباهو ڪريو، پر جلد.“
مرزا غياث بيگ ۽ علي قلي بيگ رخصت وٺي، روانا ٿيا. پوءِ اڪبر اَبو اَلفضل کي چيو ته ”مون اڳيئي ٿي سمجهو ته هو ٻئي اِنڪار ڪندا. آءٌ کين ڪوبه قصور ڏيئي نٿو سگهان. البت، سکرن کي ائين ئي سيبائي. پر هاڻ سوال اهو آهي ته سليم کي ڪئن باز آڻجي. منهنجي صلاح آهي ته ڪنهن حيلي بهاني آگري کان ٻاهر ڪڍجيس، ۽ ڪا اهڙي مشغولي مقابل ڪجيس جو مهرالنسا من تان ميٽجي وڃيس. اُڌيپور جي راڻي وري فساد کڙو ڪيو آهي. ڇونه سليم کي سنڀرائجي ته وڃي اِهو فساد بند ڪري؟ جنگ جي جوش وچان مهرالنسا ياد ئي ڪانه پونديس، ۽ جيسين لڙائي پوري ٿئي، تيسين سندس سڪ اُجهامي ويندي؛ ۽ وري جي موٽي اچي ڏسندو ته مهرالنسا جو نڪاح پئجي ويو آهي، ته هيڪاري آسرو پلي ڇڏيندو. هاڻ، ڀلا، سليم کي منهنجي پاران لکو، ته سعيو ڪري اُڌيپور ڏي جلد روانو ٿئي.“

6

پيءُ جو خط پڙهي، سليم جا ڇہ ئي ڇڄي پيا. سڀ آسرا اُميدون انهيءَ ساعت چٽ ٿي ويس. هڪدم سهي ڪياءِ ته بابي جي مراد آهي ته آگري کان ٻاهر هجان؛ پر بيوس هو، ڇو ته ڄاتائين ٿي ته شاهي حڪم جي اِنحرافي ڪرڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه نه هئي. سندس حال اهڙو هو جهڙو ڪنهن پڃري ۾ ڦاٿل شينهن جو: جڪ پئي کاڌائين، مگر ڪري ڪي نٿي سگهيو. گهڻيئي اُد ماد پئي آيس. آخر اداس دل کي دلاسو ڏيئي، ويچار ڪيائين ته ”جي مهرالنسا مونکي سچو پيار ڪندي هوندي، ته مائٽس سنديس مرضيءَ جي برخلاف ٻئي ڪنهن سان پرڻائي ڪين سگهندس. پر آگري ڇڏڻ کان اڳ، ڪهڙيءَ به ريت ساڻس هڪڙو ڀيرو ملاقات ڪرڻ ضرور آهي. جي نئي سر خاطري ڏنائين ته منهنجي حق ۾ رهندي ته واه واه، نه ته ته حياتيءَ تان آسرو پلڻو پوندو.“ اڃا اِهي خيال پئي پچاياءِ ته ڪن تي ڪنهن آواز جو پڙلاءُ پيس. منهن ورائي ڏسي ته سندس ٻڍڙي دائي، فريده، جنهن کيس ٿڻن تي نپايو هو، سا وڏي واڪي بيٺي چوي ته ”پٽڙا! توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ هي هنجون ڇو هاريون اَٿيئي؟ مونکي ته پنهنجو سُور سل.“ فريده کي ڏسي سليم کي البت آٿت آيو. چيائينس ته ”مادر مهربان! تون ئي منهن جي درد جو دارون ڪري سگهندينءَ. هن مصيبت جي مهل ٻيو ڪير آهي جو منهنجي مددگاري ڪندو؟ ٻڌ ته ٻڌايانءِ: مهرالنسا جي موهڻيءَ مورت تي مفتون ٿي پيو آهيان ۽ آرزو اٿم ته ساڻس شادي ڪريان. پر ٻڌو اٿم ته پڻس سندس مڱڻو علي قلي بيگ سان ڪري ڇڏيو آهي. بابو به هن ڳالهه ۾ مونسان ٻيلي نه آهي؛ اُٽلو مونکي آگري کان ٻاهر ڪڍڻ جي سٽ سٽي اٿس انهيءَ مراد سان ته ڀل ته مهرالنسا جي شادي منهن جي پرپٺ ٿي وڃي. ڏاڍي سڪ اٿم ته آگري ڇڏڻ کان اڳ هڪ واريءَ مهرالنسا سان ملاقات ڪريان.“ فريده جواب ڏنو ته ”بابل! مهرالنسا جي قبوليت بنان ملاقات ڪئن ٿي سگهندي؟ بروقت منجهه ڏينم ها ته اِهو مڱڻو مور نه ڪرڻ ڏيان ها. ڀلا، مهرالنسا به توکي پيار ڪري ٿي يا نه؟ اڳي ڪڏهن پاڻ ۾ مليا آهيو؟ جي ها، ته پوءِ هاڻ ملي ملاقات ڪرڻ ۾ ڪهڙي مشڪلات آهي.“ شهزادي وراڻي ڏني ته ”اسين پاڻ ۾ ٻه چار ڀيرا گڏيا آهيون، ۽ پاڻ پنهنجيءَ شيرين زبان سان اقرار ڪيو اٿس ته پاڻ به مونکي پيار ڪري ٿي. تون فقط ايتري ڀلائي ڪر جو منهنجو رقعو رسائي، کانئس اُنجو جواب آڻي ڏي.“ فريده جواب ڏنو ته ”هيءَ ته آسان ڳالهه آهي. ڀلا لک رقعو ته اک ڇنڀ ۾ جواب آڻي ڏيانءِ.“ سليم ڪاغذ ٽڪر کڻي، هيئن لکيو:
”حياتيءَ کان به وڌيڪ پياري مهرالنسا! اوچتو شاهي فرمان مليو اٿم ته لشڪر سنڀرائي، اُڌيپور تي چڙهائي ڪر. لاچار حڪم مڃڻو پيو. جي سوڀارو ٿي، صحيح سلامت ماڳن تي موٽي آيس ۽ معلوم ٿيو ته منهنجي غير حاضريءَ جو وجهه وٺي، توکي علي قلي بيگ سان پرڻائي ڇڏيو اٿن ته خدا ٿو ڄاڻي جو بابي جو تخت اڏائي ڦٽو ڪندس. ڀلائي ڪري، آءٌ وڃان تنهن کان اڳ هڪ وار اچي مون سان مل.“
فريده رقعو وٺي، پالڪيءَ ۾ چڙهي، مرزا غياث بيگ جي گهر ڏانهن راهي ٿي. کن ساعت ۾ اچي اُتي پهتي. مهرالنسا ۽ ماڻس کيڪاري، حال احوال وٺي، بيگم کي کي چياءِ ته ”تڏهن مهرالنسا کي علي قلي بيگ سان شادي ڪرائڻ جو پڪو خيال ڪيو اٿيئي؟“ بيگم جواب ڏنو ته ”مڙسم جي اها مرضي آهي.“
فريده: ”پر مڙسن کي زنانن قصن جي ڪهڙي خبر؟“
بيگم: ”سچ، پر مڙس اسان جا مالڪ آهن. اسانکي سندن مرضيءَ پٽاندر ئي هلڻو آهي.“
فريده: ”نه، نه، پاڻ کي پنهنجو ڏکو رکڻ گهرجي. مردن کي مائٽين جي ڪهڙي خبر؟ اهڙين ڳالهين ۾ ته اسانکي خودمختياري هئڻ گهرجي. عجب ته تو ويهي مڙس جي آڻ مڃي آهي.“
بيگم: ”مان سمجهان ٿي ته انهيءَ ۾ اسان جي ٻار جو ڀلو آهي.“
فريده: ”ٺهيو، ڇڏ انهي قصي کي. مهرالنسا! بلڙي! ڇو، تون اڄ سن ۾ آهين؟ ڇو، اڄ نڪي ٿي پنهنجو ڀرت ڏيکارينم، نڪي ٿي گل ۽ ڦل سنگهائينم. شايد ڀانئين ٿي ته فريده ٻڍي ٿي ويئي آهي، سو انهن شين مان ڪهڙو مزو ايندس.“
مهرالنسا: ”اِجهو، ڪمري مان کڻي آڻي ٿي ڏيکاريانءِ.“
فريده: ”مورڳو آءٌ توسان گڏيو ٿي هلان.“
ائين چئي فريده اُٿي کڙي ٿي ۽ مهرالنسا سان گڏجي سندس ڪمري ۾ ويئي. اُتي کيس اَڪيلو ڏسي، سليم وارو پرزو کڻي هٿ ۾ ڏنائينس. مهرالنسا سائي ٿي ويئي، ڇو ته ڪل ڪانه هيس ته فريده جو مطلب ڪهڙو آهي. پر پرزي پڙهڻ شرط اکين مان ڳوڙها ڳڙي آيس. نيٺ ڪاغذ چمي، مٿي تي رکي، اُتي جو اُتي جواب لکيائين ته ”شام جو باغ ۾ گڏباسون.“
فريده گهڙي کن کانپوءِ، مهرالنسا ۽ ماڻس کان موڪلائي، اُٿي رواني ٿي. سڌي آئي شهزادي سليم وٽ، جو سندس موٽ لاءِ منتظر هو. مهرالنسا جو جواب پڙهي، خوشيءَ ۾ آيو. پر جيستاءِ شام اچي ئي اچي، تيستاءِ دل دڪ دڪ پئي ڪيس، ۽ پل پل ورهيه ٿي لنگهيس. نيٺ سمن جي ساعت اچي سهڙي. سليم سٽ کڻي اچي غياث بيگ جي بستانسرا وٽ پهتو. پر اُتي کيس هڪ وڏي مشڪلات درپيش آئي. باغ جو حاطو اٽڪل پنج گز اوچو هو، ۽ دروازي کي اندران قلف چڙهيل هو. هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريو، ته من اندر گهرڻ جو ڪو رستو هٿ لڳي. نيٺ هڪ بڙ جي وڻ جون ٽاريون حاطي تي نمنديون ڏٺاءِ. ٽپ ڏيئي، انهن تي لٽڪي، جئن تئن ڪري حاطو چڙهي، هيٺ ٽپو ڏناءِ. مهرالنسا ته سندس لاءِ اڳيئي منتظر ٿي بيٺي هئي، سو کيس ڏسڻ شرط، خوشيءَ وچان، بيهوش ٿي ويئي. پر ستت ئي سامت ۾ آئي، ۽ پاڻکي شهزادي جي ڀاڪر ۾ ڏٺاءِ. شهزادي ڏاڍيءَ اُڪير سان چيس ته ”پياري! ڪهڙي نه خوشي نصيبي چئبي جو وطن ڇڏي، ويرين سان سامهون ٿيڻ کان اڳ وري به هڪ وار منهن مقابل ته ٿياسين.“
مهرالنسا ڪو جواب نه ڏنو. ڪجهه وقت ٻئي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. سوَن، بلڪ هزارن سالن جا سهج اِنهيءَ هڪڙيءَ پلڪ ۾ سمايل هئا. آخر مهرالنسا چيو ته ”منهنجا پيارا! مونکي دشمنن جي وس ڇڏيو، تون پاڻ هليو ٿو وڃين؟ تو جو مون سان قؤل ڪيو هو ته بابي کي بادشاه کان چؤ چاءُ ڪرائي باز آڻيندين، سو ته ڪونه پاڙيُءِ؟ ائين آهي ڇا ته بادشاه به نابري واري آهي؟“
سليم: ”پياري! بابي کي گهڻيا ئي آزي نيازي ڪيم، پر کٿو ئي ڪين. اٽلو شهر نيڪالي نصيب ٿي اٿم. هاڻ منهنجي زندگي ۽ سک، ٻئي تنهنجي هٿ آهن. جي حڪم ڪرين ته لڪ چوريءَ هلي، ڪنهن ڏوراهين ڏيہ ۾ وطن اختيار ڪري، باقي حياتيءَ جا ڏينهن هڪ ٻئي سان محبت ونڊيون.“
مهرالنسا: ”ائين آءٌ مور نه ڪنديس. اهڙي ڪريت ڪري، اَباڻن کي ڪين لڄائينديس.“
سليم: ”ٻي ته ڪابه واه ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. اسانجو سنٻنڌ نه تنهنجي پيءُ کي ٿو آئڙي، نه منهنجي. بابو ته رڳو ’اِنصاف! اِنصاف!‘ پيو ڪري. جڏهن اسانجا پيئَر ئي اسانجا دشمن ٿيا بيٺا آهن، تڏهن ته ديس پرديس ڪري، ڪنهن ڌارئين ملڪ ۾ هلي، ڪرڻ بنان ٻيو ڪهڙو بلو ڀيڻي آهي؟“
مهرالنسا: ”اِنصاف! تحقيق، اِنصاف! جيڪي بادشاه کي اِنصاف نظر اچي ٿو، سو وڏو بي اِنصاف آهي. اسين ٻئي هڪ ٻئي کي پيار ڪريون ٿا ۽ رب به انهيءَ ۾ راضي آهي، پر بادشاه اسانجي عمر ڀر عذاب کي ’اِنصاف‘ ٿو سمجهي! جڏهن خدا مونکي مرضيءَ مختيار خلقيو آهي، تڏهن ڪهڙو حق آهي ڪنهن کي، جو مونکي چؤپائي مال جيان نيڪال ڪري؟ دل ٿي چويم ته وڃي بادشاه وٽ هن ناحق بنسبت فرياد ڪريان.“
سليم: ”منهنجي پاڻ اها مرضي آهي. ڪوبه عقل وارو انسان تنهنجيءَ حجت کي آڏو اچي ڪين سگهندو. افسوس جو منهنجي پرپٺ توکي مڙيني دشمنن سان اڪيلو چوٽ کائڻي پوندي! پر نه، نه، آءٌ توکي ائين بيوسيلو ڇڏي نه ويندس. لاچار، شاهي فرمان ٽورڻو پيو.“
مهرالنسا: ”ائين ڪو ٺهندو؟ هي ته ٿيو دشمنن کي هٿ وٺي هٿيار ڏيڻو. مفت هو بادشاه کي برغلائي، اسانجي برخلاف ڪندا. پر جي مٺي به ماٺ، مٺي به ماٺ ڪري، اُڌيپور اُسهي، راجپوتن تي فتح ڪري وري وطن ڏي واڳو واريندين، ته شڪ نه آهي ته بادشاه جي دل ڀڄي پوي ۽ پوءِ اسان جو ميڙائو ڪري وجهي.“
سليم: ”آءٌ ته نسورو تنهنجو تابعدار آهيان. جئن حڪم ڪرين، تئن ڪريان. آءٌ نٿو ڀانيان ته منهن جي پر پٺ، تنهنجي مرضي ريٽي، توکي پرڻائي ڇڏيندا.“
مهرالنسا: ”آءٌ ته وڏائي ڪارون وس ڪنديسن. هاڻ دير ٿي ويئي آهي، وڃان، متان ڪو ڏسي نه وٺيئون.“
سليم: ”مار! تڏهن، مونکان پاسي ٿيڻ لاءِ آتي آهين؟ اَفسوس! تون نه جڏهن هتان هلي ويندينءَ، تڏهن هيءُ چنڊ جو هينئر ههڙو صاف پيو چمڪي سو هڪ ڪارنهن جو ڪڪر پيو نظر ايندو. اڃان گهڙي کن ته ترس. ڪا روح رهاڻ ته ڪر. پر پٺ وساري ته ڪين ڇڏيندينئَم؟“
مهرالنسا: ”وسارينديسانءِ ڪئن؟ بار بار پنهنجي پيار جو پرو ڏنو ٿي مانءِ، پر توکي اڃا اعتبار نٿو اچي. پاڻيهي پوءِ مجرايون ڏيندين.“
سليم: ”پياري مهرالنسا! تڏهن، مون کي هرگز نه وساريندينءِ؟“
مهرالنسا: ”ڇو ٿو اهڙا خيال ڪرين؟ پر هاڻ بهتر آهي ته جدا ٿيون؛ ڇو ته مانيءَ جي مهل اچي ٿي آهي ۽ سڀ منهنجي لاءِ پيا نهاريندا هوندا.“
سليم: ”اڃان سويل آهي. اَڌ ڪلاڪ کن مس رهاڻ ڪئي اٿيئي.“
مهرالنسا: ”پر انهيءَ اڌ ڪلاڪ اندر پنهن جو تن من توکي ارپي ڇڏيو اٿم.“
سليم: چڱو ڀلا، هاڻ خدا حافظ! وري الائي ڪڏهن ميڙائو ٿيندو؟“
مهرالنسا: ”جلد ئي، ۽ هميشہ لاءِ، ڇو ته وري هرگز جدا نه ٿينداسين.“
سليم: ”هائو، جڏهن وري گڏباسين، تڏهن لڪ چوريءَ نه، پر کليو کلايو. هاڻ، خدا حافظ!“

7

صبح جو وقت هو. آسمان ۾ ڪارا ڪڪر اچي ڪٺا ٿيا هوا ۽ زمين تان هوا اُڏامي ويئي هئي. گهٽ به گهُٽن جهڙي هئي: ماڻهو ماندو پئي ٿيو. شهزادو سليم شاهي حڪم موجب، هڪ وڏو لشڪر وٺي، ڪو ملمير جي ٽڪرين ڏانهن ڪاهيندو پئي ويو. مهرالنسا اَسر جو اٿي، کڏ تي چڙهي، شهزادي کي آگري مان روانو ٿيندو ڏٺو. جڏهن سڄو ڊمبلو نظر کان غائب ٿي ويس، تڏهن سورج کان سڪايل گل جيان ڪومائجي ڪري پيئي. اُد مادن ۾ اهڙو ته محو ٿي ويئي، جو ڪنهن ڳالهه جي ڪل نه رهيس. ماڻس جا اُتي اچي سهڙي هئي، تنهنجو به سماءُ ڪونه پيس.
بيگم پٺي ٽپري چيس ته ”ڌيءُ! ڪهڙيءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي ويئي آهين؟“ مهرالنسا ڇرڪ ماري، جواب ڏنو ته ”اَما! آءٌ ڏاڍيءَ ڳوڙهيءَ ڳڻتيءَ ۾ گرفتار هيس.“
بيگم: ”ڌيءُ! هيءَ روش ته تنهنجي منهن تي ئي نٿي پوي. تون جا اڳي کل خوشيءَ کانسواءِ پلڪ نه رهندي هئينءَ، ۽ سڄو ڏينهن پيئي ٺينگ ٽپا ماريندي هئينءَ، سو هاڻ ڪلاڪن جا ڪلاڪ موڳي ۽ مت موڙهل پيئي ڏسجين، سو سبب ڪهڙو آهي؟ ڪهڙي ويڌن اَٿيئي؟“
مهرالنسا: ”اَما! ڪي ڪينهي. هيٺ ڏاڍي گرمي ۽ گهٽ هئي، تنهنڪري هت هلي آيس؛ پر هت به فرحت ڪانه ٿي اچيم. هوا صفا بند ٿي ويئي آهي: وڻن جا پن به نٿا چرن.“
بيگم: ”پياري ڌيءُ‘ ڇڏ چترائي. من تي مڙيائي ڪا ڳالهه اٿيئي، جنهن منجهائي لولا لولا ڪيو اٿيئي.“
مهرالنسا: ”اهڙي ته ڳالهه ئي ڪانهي. البت گرميءَ سو منجهايو اٿم.“
بيگم: ”مار منجهان! تڏهن مونکي اهڙي ڇسي سمجهو اٿيئي؟ نه، نه! مون به گهڻيئي سر اُٿلايا آهن. جيڪي به نه تنهنجي اندر ۾ وهي واپري پيو، سو آءٌ تنهنجي منهن مان ئي معلوم ڪري سگهان ٿي. جڏهانڪر مڱي آهين، تڏهانڪو چهرو ئي ڦري ويو اَٿيئي. ضرور چت تي ڪا چنتا اٿيئي، جنهن اهڙو مايوس ۽ اُداس ڪيو اٿيئي.“
مهرالنسا:”اَما! توکي ڪهڙي خبر؟ دل درياه کان به اونهي آهي. ڪنهن کي مجال آهي جو انجي اُپار اؤنهائي ماپي سگهي؟ جيڪڏهن آءٌ اداس آهيان، ته اُن ۾ تنهن جو ڇا؟“
بيگم: ”بيشڪ، پر اُن جي لهرن مان اُن جي اؤنهائيءَ جي پرک پئجي سگهي ٿي. مونکي تنهنجن خيالن جي چڱيءَ طرح خبر آهي. پر اٿي خوشيون ڪر. اِجهو، مهني اندر پرڻجي ويندين.“
مهرالنسا کي هي لفظ ٻڌي، ننهن کان وٺي چوٽيءَ تاءِ باه لڳي ويئي، سو اُڇانگ ماري، ماءُ کي واڪو ڪري چياءِ ته ”تڏهن مونکي ٻهر وانگر ميڙي سيڙي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻو اٿيئي ڇا؟ ڀلائي ڪري، مونسان شاديءَ بابت بنہ ڳالهه نه ڪر.“
بيگم: ”ڏٺءِ! مون ته توکي اڳيئي ٿي چيو ته آءٌ تنهنجي دل پرکي رهي آهيان. تنهنجي مرضي آهي ته علي قلي بيگ سان نه پرڻجان. مون ڀانيون هو ته ڏاڍي سياڻي ۽ عقل واري آهين، پر ڀلي هيس. تون به ٻين هٺيلين ۽ نخريلين ڇوڪرين جهڙي آهين. علي قلي بيگ جهڙو لائق گهوٽ، جو ساري عمر توکي پنهنجي اکين جو تارو ڪري سمجهندو، تنهنجي لاءِ ايڏي نفرت! پاڻکي هڪ شهوت جي گولي جي گولي ڪرڻ ٿي چاهين؟ واه تنهنجو عقل!“
مهرالنسا: ”اَما! آءٌ ڇا ڪريان؟ شهزادي تي هرک هارجي ويو اٿم ۽ يقين اٿم ته هو مونکي سچيءَ دل سان پيار ٿو ڪري.“
بيگم: ”اهي اجايا خيال ڇڏي ڏي. شهزادي جي مٺن لفظن تي موهجي نه وڃ. پڪ ٿي ڏيانءِ ته هو جلد ئي تو مان ڪڪ ٿي پوندو.“
مهرالنسا: ”ڇا ٿيو جي مون مان ڪڪ ٿي پيو؟ منهنجو هينئَون ته هيرائي هٿ ڪري ڇڏيو اٿس. انهيءَ مان جا فرحت ٿي اچيم، سائي مون لاءِ بس آهي.“
بيگم: ”مطلب ته هن تنهنجو مٿو اهڙو ته ڦيرائي وڌو آهي، جو هئن لڄ لاهي ماءُ سان ويٺي آهين محبت جون ڳالهيون ڪرڻ!“
مهرالنسا: ”ڪنڌ تي ڪاتي وهندي، ته البت ڪؤڪ به ڪبي. پر هاڻ جي تون چوين ته منهن جو ليڙو ئي لهي پيو آهي، ته اچ ته ڳالهه جو اڳو پوءِ صفائي ڪري ڇڏيون. اَما! آءٌ توکي ٺڪي ٺوڪي ٿي چوان ته منهنجي دل شهزادي سان ٻڌجي ويئي آهي، ۽ کانئس سواءِ ٻيو ڪو ڪانڌ نه ڪنديس. توکي پاڻ مون دلگير کي دلاسو ڏيڻ جڳائي. جي تو مشڪلات ۾ مدد نه ڪئي ته پوءِ ڪير ڪندو؟“
پاڻ نماڻا نيڻ کڻي پئي ماءُ ڏي نهاريائين، پر ماڻس کائڻ ٿي آيس. نيٺ گوڏن ڀر ڪري، عرضدارن وانگر هٿ جوڙي، ماءُ جي پيرن تي ڪري پيئي. اکين مان اَجهل ڳوڙها ڳڙي آيس، ۽ منهن زردو ٿي ويس. زبان مان ڳالهائڻ ئي نه پيو اُڪليس. آخر سڏڪا ڀريندي، ليلڙاٽي ڪري چياءِ ته ”اَما! مون اَڀاڳيءَ جو اَجهو به تون آهي، آسرو به تون. مهرباني ڪري، مون تي ٻاجهه ڪر. هن ويل مونکي نه وسار. جنهن شخص کي منهنجو چت نٿو چاهي، تنهن سان پرڻائڻ جي ڳالهه ڪري، منهنجي دکويل دل نه چيچلاءِ. ڀلائي ڪري، هن آفت کان رکي وٺينم. هروڀرو اهڙي ڪاسائڻ نه ٿيءُ. جي زور زبردستي ڪندينءَ، ته ڏک جي وگهي مري وينديس.“
بيگم جواب ڏنو ته ”ڇوري ندوري! هي چڱو ممڻ مچايو اٿيئي! ڀلا، اچي پڻهين ته ڳالهه ڪريانس. ڏسان ڇا ٿو چوي.“
مرزا غياث بيگ ٻاهر ڪنڊ ۾ لڪو بيٺو هو ۽ سڄي گفتگوءِ ويٺي ٻڌائين. هاڻ ظاهر ٿي چيائين ته ”مهرالنسا! اِهي لاتيون جي ماءُ سان لنويون اٿيئي، سي مونکي به ته ٻڌاءِ.“
مهرالنسا: ”بابا! آءٌ علي قلي بيگ سان نڪاح نه وجهنديس.“
غياث بيگ: ”مهرالنسا! عجب آهي جو تو جهڙي زيرڪ ۽ دورانديش ڇوڪري ڪوڙن دمن دلاسن تي ٺڳجي وڃي! تون وسهي ويٺي آهين ته شهزادو سليم توکي سچيءَ دل سان پيار ٿو ڪري ۽ تون هن جي پٽ رڻي بنبينءَ؟ ڳهيلي نه ٿيءُ. شهزادي جو سڀاءُ به بلبل جهڙو آهي: بلبل هڪ گل جو واس وٺي، اُن کي ڦٽو ڪري، وري ٻئي گل ڏانهن لاڙو ڪندي آهي. شهزادي به ڪيترين اَٻوجهه ڇوڪرين کي ٻيڙيءَ چاڙهي، ڦڙهو لاٿو آهي. شايد هو توسان شادي ڪري به کڻي، پر اُهو ٿيندو چئن ڏينهن جو چٽڪو. نيٺ ٿوڪاري کڻي ڦٽو ڪندءِ. پوءِ عمر ڀر پيئي هٿ هڻندينءَ. پر علي قلي بيگ ساري عمر توتان گهوريو قربان پيو ويندو.“
مهرالنسا: ”بابا! توهانجي هدايت اجائي آهي. آءٌ شهزادي جي ڏوريءَ ۾ ٻڌجي ويئي آهيان: هينئر پاڻ ڪڍائڻ محال آهي.“
غياث بيگ: ”وڏي بيوقوف ٿي ڏسجين. علي قلي بيگ توکي پنهن جي مٿي جو موڙ ڪري سمجهندو ۽ ڏاڍو آسودو ۽ خوش رکندءِ. پر شهزادو سليم ٿوري وقت کانپوءِ نهاريندءِ به ڪين. هن جهڙي هٺيلي ۽ شهوت پرست آدميءَ کي پيار جي ڪهڙي سڌ.“
مهرالنسا! ”بابا! هي ڇا ٿا چئو؟ ڪنهن جي پر پٺ گلا ڪرڻ سکر جي شان وٽان نه آهي.“
مرزا غياث بيگ کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ شوخيءَ سان چياءِ ته ”نامراد! هي ڇا ٿي ڳالهائين؟ آءٌ توکي يقين سان ٿو چوان ته شهزادي جي دل پليد آهي ۽ تو ۾ بڇڙي نظر اٿس، اهي خام خيال ڪڍي ڦٽا ڪر، نه ته ڏاڍي پشيمان ٿيندينءَ.“ مهرالنسا اُتامرو پئي، جواب ڏنو ته ”کٽن منهن جا ڀاڳ! اُنهيءَ ۾ اوهانجو ڇا؟ جي اُره زورائي ڪري، علي قلي بيگ سان شادي ڪرائيندؤم، ته خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ پاڻ گهات ڪنديس.“
مرزا غياث بيگ چيو ته ”بلي! بلي! تڏهن اسان کي اڳيئي پهري سجاڳ رهڻ گهرجي.“ ائين چونديئي تاڙي وڄاءِ، ته هڪدم هڪ حبشي غلام اچي حاضر ٿيو. اُن کي حڪم ڏنائين ته ”مهرالنسا کي وٺي وڃي سندس ڪمري ۾ نظر بند رک.“
مهرالنسا از خود اٿي، پنهنجي ڪمري ڏي هلي ويئي ۽ هو حبشي مٿس پهرو رکڻ لڳو. هيءَ روئداد ڏسي، بيگم جا آنڊا اُٿلڻ لڳا. مڙس کي چياءِ ته ”توهين ڏاڍا اُٻهرا آهيو. جيسين مهرالنسا کي سمت اچي، تيسين ڇونه کڻي شادي مهمل ڪجي؟“ مرزا غياث بيگ ڏهڙ ڏيئي چيس ته ”تڏهن، تون به پنهنجي نٺر ڌيءُ سان ملت آهين؟ شادي ٿيڻي آهي ته هڪدم، نه ته اصل نه. ممڪن آهي ته شهزادو ڪنهن به ويل موٽي اچي. پوءِ شادي ٿيڻ ناممڪن آهي.“ بيگم چيو ته ”جي شهزادو مهرالنسا کي سچيءَ دل سان پيار ڪندو هجي، ته پوءِ ڇونه ڪري ٻنهي جي مرضي رکجي؟“
مرزا غياث بيگ تپي باه ٿي ويو ۽ چيائين ته ”بيوقوف! متان اهڙا بيهودا خيال ڪيا اٿيئي. زال ذات جو عقل مڙيوئي ڏائيءَ کڙيءَ ۾ آهي. بار بار سمجهايو ٿي مانءِ ته به اڃان چريائي پيئي بڪين. وري ڪڏهن جي اهڙي ڳالهه ڪئي اٿيئي، ته پاڻ ٿي ڄاڻين. هاڻ آءٌ وڃان ٿو؛ ڪچهريءَ جي مهل آهي.“

8

سليم وڏي لشڪر سان گجندڙ شينهن وانگر راجپوتانا جا ميدان لتاڙيندو، مينهن واچ ڪندو پئي اڳتي وڌيو، ۽ اڌيپور جي هٺيلي راڻي کي ماري مات ڪرڻ جي خيال منجهه محو هو. انهيءَ بهادر راڻي کي اَڪبر پنهنجي آڻ مڃائڻ واسطي گهڻيئي حيلا وس ڪيا هوا، پر هو بنہ باز نٿي آيو. هن قسم کنيون هو ته پنهنجيءَ رياست غير قوم جي ماڻهن کان بچائڻ لاءِ پڄنديءَ آهر ڪين گهٽائيندس بلڪ انهيءَ ڪوشش ۾ سر ڏيندس. پر اِها ڪو هن لاءِ آسان ڳالهه نه هئي. خود اُهي ماڻهو جن لاءِ هن پنهنجي سر جو سانگو نٿي ڪيو، سي به سندس دشمنن سان اندروني طور ملت ۾ هوا؛ پر وڏي دکدائڪ ڳالهه هيءَ هئي جو سندس مٽن مائٽن مان به ڪي سندس برخلاف ٿي بيٺا هوا. سندس سڳو ڀاءُ حملي ڪندڙ لشڪر سان همراه هو، ۽ راجا مانسنگ جو سندس ويجهو عزيز هو سو انهيءَ لشڪر جو سپہ سالار هو. پر انهيءَ ڪري راڻي پرتابسنگ جي ڪا همت ڪانه هارجي ويئي هئي: پاڻ نئون جوش اچي ويو هوس. اِراولي جبلن جي وچ۾ جا قريب چاليہ ڪوه هم چورس ماٿر هئي، تنهنکي پنهنجي پناه گاه ڪيو هئائين. ماٿر جي چوگرد اوچن ارڏن ڏونگرن جون قطارون لڳيون پييون هيون، ۽ منجهه لنگهڻ جو پيچرو سوڙهن لڪن وچون هو. انهيءَ هنڌ راڻي ٽيويہ هزار سوار ۽ پيادا آڻي ڪٺا ڪيا هوا، ۽ ايتري ٿوري لشڪر سان مغلن سان جنگ جوٽڻ جو پڪو اِرادو ڪيو هئائين.
سليم جي آرزو هئي ته دشمن کي جلد جيتي، معشوق سان وڃي ملان، سو ڌؤڪيندو ماٿر ۾ گهڙي پيو. راجپوتن سندس لشڪر تي تيرن جا وسڪارا مچايا، پر شاهي توبخاني مٿن باه جي پلٽ پئي ڪئي. راجپوت فوجن هڪ ٻئي پٺيان مغلن سان سر ويچ ٿي گهڻيئي چوٽون کاڌيون، پر کين اڳتي وڌڻ کان بنہ روڪي نه سگهيا.
راڻو پرتابسنگ اوڏيءَ مهل سنان پاڻي ڪري، پنهنجن ويهن هزارن چونڊ بانڪن سان گڏ نيرن ڪرڻ ويٺو هو. چتور جي نابود ٿي وڃڻ کانپوءِ، هن قسم کڻي ڇڏيو هو ته جيستاءِ راجپوتن جو مهت وري مٿي نه ٿيندو، تيستاءِ نه سون يا چانديءَ يا ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي برتن ۾ روٽي کائيندس، نه سيج پلنگ تي سمهندس. انهيءَ ڪري طعام ڪيوڙي جي پنن ۾ پرڇيو ويو هو. راڻي اڃا ٻه چار گرهه ئي ڪين کنيان، ته سندس اڳيان هڪ توب جو گولو اچي ڪريو، پر هُو چريو به ڪين ۽ ٺهر سان نيرن پئي ڪياءِ. کن ۾ ٻيو گولو سندس ڀر مان اُڏامندو ويو، پر هو صبر ۾ رهيو ۽ بيپرواهيءَ سان وري به هڪ گره کنياءِ. پر اُنهيءَ ساعت ٽيون گولو سندس پاتل ۾ اچي ڪريو.
بس، هاڻ هنکان وڌيڪ سٺو نه ٿيو. کاڌو ڇڏي اُٿي کڙو ٿيو، ۽ هٿ منهن ڌوئي، پنهنجن سورمن کي هڪ ڪري چياءِ ته ”اي ٻلوان ۽ پهلوان مترو هن يڌ مان پاڻ بچائڻ مشڪل آهي. وطن جي آزادي خاطر يا سوڀ ڪرڻي اٿوَ يا سر ڏيڻو اٿوَ. اسانجون نيتيون ۽ نيم ٽوڙيا ويا آهن. اسانجا گهر تڙ ڦريا ويا آهن. اسانجا مندر ۽ مڙهيون ڀرشٽ ڪيون ويون آهن. اسانجي ماني، مکن مان کسي ويئي آهي. اوهانکي ڀارت جي رکيا لاءِ وينتي ٿو ڪريان. شل سائين اوهان ۾ سگهه وجهندو! ڪهڙو راجپوت هن سنسار جي کڻ ڀنگ سکن لاءِ پنهنجو ڌرم ڇوڙيندو؟ اسانجا من هينئر اسانجي وس نه آهن. اسانجي راجائي چٽ ٿي ويئي آهي. اسانجا گهر ٻار هنن ڪٺور مغلن جي هٿ آهن. پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ ٻانهو ٿي رهڻ جنهن کان موت بهتر آهي. يڌ ويلي جا آگيا آءٌ اوهانکي سدائين ڪندو آهيان، سا اڄ به ٿو ڪريان: ’ديس جي مڪتيءَ ڪارڻ، استرين جي سيل نعمت، ۽ سناتن ڌرم جي رکيا اَرٿ، اُٿي سر سنڀاريو.‘وڏ ڀاڳي هو کتري آهي جو شتروءَ جي سامهون پئي ساه ڏئي. جي جيت ٿي ته پرٿويءَ جا پدارٿ ماڻيندا؛ جي هار ٿي ته سورڳ جا سک ماڻيندا. هاڻي هلو؛ هلي جنگ ڪريو. جيڪو سامهون ٿئي، تنهنکي تلوار منهن ۾ ڏيو؛ جيڪو سون وٺي، تنهنکي شام ڏيو. جهنڊا کڙا ڪريو، تريون ۽ جهانجهه وڄايو؛ گهوڙن تي سوار ٿيو. شل ايشور اوهانکي سوڀون ڏيندو!“
ائين چئي، راڻو پرتابسنگ لانگ ورائي، پنهنجي عاليشان گهوڙي تي چڙهي سوار ٿيو، ۽ پنهن جي خوفناڪ ترار جنهن گهڻن جون سسيون گاه وانگر لڻيون هيون، سا کپ مان ڪڍي ڦيرائڻ لڳو. سندس ڳاڙهو جهنڊو هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري پئي ڦريو، ۽ سندس سونهريءَ ڇتريءَ مٿس ڇانوَ پئي ڪئي. اڃان ترين جو آواز بس ئي ڪين ٿيو، ته سورهيه راجپوت دشمنن جي فوج تي کنوڻ وانگي وڃي ڪڙڪيو مغلن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڏنائون. ڪيترا ته پنهن جا هٿيار ڦٽا ڪري اُٿي ڀڳا. سارو لشڪر پوءِ تي هٽڻ لڳو. راڻو ۽ سندس چونڊ راجپوت رت جون نديون چيريندا، ڍونڍن جا ڍير لتاڙيندا، وڌندي وک پائيندا، پئي اڳتي وڌيا. جيڪو به مغل هٿ ٿي چڙهين، تنهنکي قتل ڪندا پئي ويا.
راڻو هاڻ سليم کي اوڏو اچي رسيو هو. سليم هاٿيءَ تي سوار هو ۽ پهلوانن چوڌاري پهرو پئي ڏنس پر راڻي نڪا ڪئي هم نڪا تم؛ اوچتو اُسري اچي شهزادي جي ڪنڌ تي ڪڙڪيو. ڪڍنديئي ڀالو ڪيائين مارو پيلوان جي مٿي تي، جو هڪدم ساڻو ٿي ڪري پيو. پر راڻي جي گهوڙي جو سنب هاٿيءَ کي اهڙو زور سان وڃي لڳو، جو هو ڇرڪ ماري شهزادي سوڌو اُٿي ڀڳو. جي ائين نه ٿئي ها، ته اڄ اَڪبر پٽ جو ماتم ڪري ها. خونريزي حد کان ٻاهر ٿي رهي هئي. مغلن شهزادي کي اهڙيءَ جوکائتي حالت ۾ ڏسي، راڻي تي اُلر ڪئي. پر راڻي کين وري وري هٽائي پئي پري ڪيو. پريان راجا مانسنگ پنهنجي گهوڙي سوارن سميت راڻي تي تيرن جون ورکائون پئي ڪيون؛ پر هو بيپرواه رهيو. اڃا به سندس ڳاڙهو جهنڊو هوا ۾ پئي ڦَرڪيو ۽ تکيءَ ترار وڄ وانگي پئي جهلڪا ڏنا ۽ سندس بهادر گهوڙو واچ وانگي پئي اُڏاڻو. ڪنهن کي به ساڻس سرويچ ٿيڻ جي همت نٿي ٿي. جئن هو بکايل شينهن مثل مغلن وچون واٽ ڪندو پئي ويو، تئن هاڪارو هڻي پئي چياءِ ته ”ڪٿي آهي مانسنگ؟ ڪٿي آهي اِهو نمڪحرام دشٽ؟ ڇو نٿو اچي دوبدو ٿئي؟“
اوچتو پٺيان آواز ٻڌاءِ ته ”بيهه، اول مون سان مقابلو ڪر، پوءِ مانسنگ کي ڳول.“
راڻي للڪاري چيو ته ”ٽري پاسي ٿيءُ، ڇورا! منهنجي سامهون نه اچ. آءٌ پنهنجي ڀاءُ کي نه مارينديس.“
اِهو هو سندس ڀاءُ شڪتسنگ، جو وڃي مغلن سان ملت ٿيو هو. شڪتسنگ جواب ڏنو ته ”تو منهنجي عزت ورتي هئي، تنهنڪري لاچار مون وڃي مغلن جو پاسو ورتو. هاڻ ڀائپي وري ڪهڙي؟ بيشڪ ڌڪ هڻ.“
راڻي ترار کپ ۾ وجهي چيو ته ”جيڪڏهن توکي ڀائپيءَ جو لحاظ ڪونه ٿو پوي، ته تون بيشڪ ڌڪ هڻ. آءٌ پنهنجا هٿ ڀاءُ جي رت ۾ نه رنڱيندس.“
ڀاءُ جي اهڙي لياقت ۽ مروت ڏسي، شڪتسنگ کي اچانڪ رئڻ اچي ويو؛ ۽ هٽي پري ٿي بيٺو. راڻو ڌؤڪيندو وڃي مانسنگ جي مٿان ڪڙڪيو. مانسنگ ذري گهٽ مئو هو، پر سندس گهوڙي سوار راڻي کي وڪوڙي ويا. هاڻ خود سندس جيءُ جوکي ۾ هو. راجپوت گهڻوئي ڀيڙو ٿي، راڻي تي پتنگ جئن پئي پيا، پر وريو ئي ڪين. پوشاڪ پرزا پرزا ٿي ويئي هيس. ۽ زخمن مان خون پئي چڪيس، پر گهٻرايو ئي ڪين. اُهو ڳاڙهو جهنڊو هٿ ۾ جهليو، مغلن تي هلان ڪري، پئي هنن کي پٺ تي هٽايائين. پر هو وري وري گهيرو ڪري ٿي ويس. راجپوت سردار گهڻي تعداد ۾ مارجي ويا هئا. مٺ کن جيترا جي اڃان سلامت هئا، تن سورهين وانگر سر ڏيئي، راڻي کي ٻه چار دفعا دشمن جي چنبي کان بچايو، مگر مغل نيٺ غالب پئجي ويا. هن وئل جي وقت جي جهلا جو سورهيه سردار پنهنجو سر فدا ڪري، راڻي کي نه بچائي ها، ته راجسٿان ۾ اڄ ماتام مچي وڃي ها. راڻي کي واڪو ڪري چياءِ ته ”بس، هاڻي ڪابه اُميد ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي.“ پر راڻي جواب ڏنو ته ”جيستائين رڳن ۾ رتيءَ جيترو ساه اٿم، تيستاءِ اُميد لاهڻ نه گهرجي.“جهلا جي سردار چيو ته ”بيشڪ! ملڪ جي بهبودي اوهانتي ئي منحصر آهي. پاڻ کي بچايو ته راجسٿان جي اَجهايل جوت اڃان به جاڳائي سگهو ٿا. اڃان به ڀڄي پاڻ بچائڻ جي ويل نه ويئي آهي.“
راڻي گهڻي جوش سان جواب ڏنو ته ”پرتابسنگ رڻ ڀوميءَ مان مئي مارائي بنان مور نه موٽندو. اهڙي ڪانئرپڻي جي مت مونکي ڀلائي ڪري نه آڇ.“
جهلا جي سردار ليلائي عرض ڪيو ته ”آءٌ ته توهان کي رڳو ديس جي رکيا ڪرڻ جي وينتي ٿو ڪريان. اوهان کانسواءِ اُنجو ڪهڙو آڌار آهي؟“
راڻي جواب ڏنو ته ”اڃان به همٿ ڪري دشمن کي هڪالي سگهون ٿا. توکان سواءِ جي ٻيو ڪو مون کي ڀڄي وڃڻ جي صلاح ڏئي ها، ته هوند هڪدم سسي لاهي وجهانس ها.“
جهلا جي سردار چيو ته ”پنهنجي لشڪر ڏي ته نهاريو. ڏسو ته صبح جو جيڪي ويهه هزار سورما ساڻ آندا هئوَ، تن مان باقي گهڻا وڃي رهيا آهن، ۽ هيءُ پربت جيڏو لشڪر جو چؤگرد ورائي ويو اٿوَ تنهن ڏي به ته نگاه ڪريو. ڀلا، اسان شهزادي سليم کي ڪين لڙائيءَ جي ميدان مان ڀڄائي ڪڍيو؟ پاندؤ ڪين پهريائين رڻ ڀوميءَ مان ڀڄي ويا. پوءِ وري جڏهن موٽي آيا، تڏهن سندن جئه ٿي؟ مهرباني ڪري، راجسٿان تي رحم آڻيو. پنهن جيءَ رعيت جي صدقي، پنهنجن زالن جي عزت بچائڻ لاءِ ۽ پنهنجي قوم جي پالنا خاطر پنهنجيءَ حياتيءَ جو خير گهرو. ڀڄي وڃڻ ۾ ڪهڙو اهم آهي؟ خود شري ڪرشڻ ڪين ڪرڪشيتر مان ڀڄي ويو هو، پر پوءِ موٽي آيو؟“
راڻي وراڻي ڏني ته ”تحقيق! حال حياتي بچائڻي پيئي. اميد ته جلد ئي وجهه وٺي، دشمنن سان منهن مقابل ٿيندس.“
ائين چئي، جهلا جي سردار کان موڪلائي، وٺي گهوڙي کي ميدان ڏنائين.
جهلا جو سردار وريامن وانگر ٿي وڙهيو، ۽ سندس ترار پاڻ چڱيءَ طرح موکيو. پر هن جي همٿ هيڏي اڪيچار لشڪر سان پوري پوڻ جي نه هئي. نيٺ مارجي ويو.
راڻو پرتابسنگ مغلن جي لشڪر وچون واٽ ڪندو پئي ويو. گهڻن ئي پيادن ۽ گهوڙي سوارن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي گهوڙي جو زمين تي پير به نٿي کتو: واچ وانگر ڄڻ لشڪر مٿان اُڏامندو پئي ويو. پر ٿوريئي عرصي ۾ ساڻو ٿي ڪري پيو ۽ مري ويو. اڃان راڻي هيٺ نئڙي پنهنجي وفادار وهٽ کي چمي ڏني ئي ڪين، ته ڀاڻس شڪتسنگ جو پريان بيٺو هو. تنهن سٽ ڏيئي، مئل گهوڙي تان سنج لاهي، پنهنجي گهوڙي تي رکي، راڻي کي چيو ته ”ڀلائي ڪري، هن تي چڙهي، هڪدم پنڌ پئو. منهنجا اَپراڌ کميا ڪجو، آءٌ ئي اوهانجي درگتيءَ جو ڪارڻ آهيان. انڌ وچون مغلن سان ملي، اوهان سان ڊوه ڪري، هنن کي ماٿر جو منهن مون ڏيکاريو. جي اهڙي ڪميڻائي نه ڪريان ها، ته اڄ اُڌيپور جي راڻي کي هئن اَڪيلو ڀڄڻو ڪين پوي ها.“
راڻي دلاسو ڏيئي چيس ته ”پٽ! اِنهيءَ ۾ تنهن جو ڪهڙو ڏوه؟ ڪنهنجو ڏينهن نه ڏنگو ٿئي! پر انهيءَ ۾ به ڪو ڀلو آهي. مونکي پاڻ مهلت ملي. ڄاڻ ته وري جڌ جوٽينداسين.“
شڪتسنگ جواب ڏنو ته ”شال ايشور اوهانکي سوڀارو ڪندو! جڏهن موٽي ميدان تي لهندؤ، تڏهن مونکي پاڻسان ٻٽ ٿي وڙهندو ڏسندؤ.“
پوءِ راڻي وٺي گهوڙو هڪليو. اڃان ٿورو وڌيو ئي ڪين، ته شهزادو سليم ۽ راجا مانسنگ اچي نڪتا. شهزادي شڪتسنگ کان پڇيو ته ”راڻو ڪٿي؟ ڪيترو پري ويو هوندو؟“
شڪتسنگ سونڊ پائي جواب ڏنو ته ”توهانجي پهچ کان ٻاهر. مون کي يقين آهي ته اوهين کيس رسي ڪين سگهندا.“ شهزادي چيو ته ”ڪوڙ ٿو ڳالهائيندي: راڻي جي گهوڙي جو ڍونڍ هت پيو آهي، جنهن مان ثابت آهي ته پاڻ گهڻو پري نه هوندو. ڪر سچي. آءٌ معافيءَ جو اَنجام ٿو ڏيانءِ.“
شڪتسنگ وراڻي ڏني ته ”شهزادا! آءٌ فخر سان ٿو چوان ته راڻي کي پنهنجي گهوڙي تي سوار ڪري هتان روانو ڪيو اٿم. راجسٿان جو سارو مدار هن جي ئي مٿي تي آهي. کيس جوکي ۾ ڏسي، آءٌ واهر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. نه فقط ايترو، پر جن جن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تن مڙيني جا ڪنڌ ڪيرايا اٿم.“
شهزادي چيو ته ”حد نالائقي ڪئي اٿيئي، مگر جنهن صورت ۾ مون توکي معافي ڏيڻ جو اَنجام ڪيو آهي، تنهن صورت ۾ توکي ڪابه سزا نٿو ڏيان. هاڻ ٽر هتان. وڃي ڀاءُ ڀيڙو ٿيءُ.“
شڪتسنگ جواب ڏنو ته ”مونکي ٻيو ڪي ڪين گهرجي.“ ائين چئي، هڪ گهوڙي تي سوار ٿي، ڏونگرن ۾ غائب ٿي ويو.
سليم مانسنگ سان صلاح ڪئي ته راڻي جي ڪڍ پئجي يا نه. مانسنگ جنهنجي دل هن سورمي کي جوکي ۾ ڏسي، ڀڄي پيئي هئي، تنهن چيو ته ”راڻي جي پٺيان پوڻ مشڪل آهي، ڇو ته جن لڪن مان هو لنگهيو هوندو، سي نهايت اَڻانگا آهن. هاڻ هيءَ فتح ئي اسانجي لاءِ بس آهي.“
سليم جو عيش عشرت ۽ تن آسانيءَ جو طالبو هو، تنهن کي ته گهربي ئي اهڙي صلاح هئي؛ سو راڻي جي ڪڍ پوڻ جو خيال لاهي ڦٽو ڪيائين. سڀيئي موٽيا ڇانوڻيءَ تي، جتي شادمانا ۽ شغل ٿي ويا.

9

محبت جي ماري مهرالنسا پنهنجي ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪومايل ڪنول جيان ڍيري ٿي پيئي هئي. ڪي به نٿي اُجهيس. فڪر جي لهرن سنديس ڦٽيل دل کي پئي ڦٿڪايو. اوچتو ڪن تي آواز پيس ته ”مٺڙي! توکي ڪهڙيءَ جهوريءَ جهٽيو آهي؟“ مهرالنسا ڇرڪ ماري پڪاريو ته ”فريده! تون آهين؟ آءٌ ته ڳڻتين ۾ اهڙو غلطان هيس، جو توکي اندر ايندو نه ڏٺم. هن وقت تنهن جو هت حاضر ٿيڻ مونکي نئين اُميد ٿو ڏئي.“ فريده چيو ته ”مونکي ته تنهنجي شاديءَ جي سانباهي جي بنہ اڳهڻو مقال پيئي، سو ڀڄندي آئي آهيان ته من اچي ڪا مدد ڪريانءِ. تو ته پنهنجي قبوليت هرگز نه ڏني هوندي؟“ مهرالنسا هن جو هٿ چمي جواب ڏنو ته ”ڏاڍا لائق ڪيا اٿيئي جو هن مهل مون وٽ آئي آهين. مونکي ته هت بندياڻيءَ وانگي بند ڪري ڇڏيو اٿن، سو منهنجي نسبت جيڪي به وهي واپري پيو، تنهنجي ڪل ئي ڪانه اٿم. تڏهن مونکي هڪدم پرڻائڻ جو پڪو پہ پچايو اٿن؟“
فريده: ”آثار اهڙا ٿا ڏسجن. پر شاديءَ کي روڪڻ جو مڙيوئي ڪو رستو ڳولڻ گهرجي. ٻنهي طرفن سر انجامي ڪري ڇڏي آهي. ساٺ سوڻ ته اڳيئي شروع ٿي ويا آهن؛ شادي به ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٿي ويندي.“
مهرالنسا: ”يا خدا!“ ائين چونديئي بيهوش ٿي ويئي.
فريده هڪدم اُٿي منهن تي گلاب جو پاڻي ڇٽڪاريس ۽ پيرن تي ٿڌڙا ڪڍيائينس. ٿوري ۾ وري سامت ۾ آئي. پوءِ فريده دلداري ڏيئي، چيس ته ”ڌيءَ! دلجاءِ ڪر. رڌي ڪني به يا نصيب. ڪهڙو عجب ته شهزادو اڃان به ويل نه وڃائي؟“
مهرالنسا: ”تڏهن ڀلا سيگهه ڪر، وڃي شهزادي ڏي ڪو قاصد روانو ڪر. بيهه ته آءٌ ڏانهس خط لکي ڏيانءِ. قاصد کي چئج ته وڃي هٿون هٿ رسائيس.“
هٿ پئي ڌڏيس، پر جئن تئن ڪري هئن لکياءِ:
”پيارا شهزادا! منهنجيءَ شاديءَ جي سر انجامي ٿي ويئي آهي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ قصو ختم ٿي ويندو. جي مهلائتو اچي وئين، ته واه، نه ته يا عمر منهنجو آسرو لاهي ڦٽو ڪج.“
فريده خط وٺي چيو ته ”اِجهو ٿي قاصد سنڀرائي روانو ڪريان.“
فريده پيرسن هئي، پر همت ڀري هئي. ڪو ڪم هٿ ۾ کنيائين، ته اَ ورچ ٿي راس ڪندي هئي. وينديئي شرط، هڪ سوار ڳولي ڪڍيائين، جنهن کي خط ڏيئي، چياءِ ته ”ننڊ آرام ڦٽائي، رات ڏينهن مسافري ڪري، هيءُ خط شهزادي کي وڃي پهچاءِ.“
فريده پٺ ڏني ئي ڪين ته غياث بيگ جي محلات وٽ پالڪين جي ڌم مچي ويئي، ۽ دهلن دمامن جا واڄٽ وڄي ويا. زالون جي پالڪين ۾ هيون، سي لهي اندر وييون. مهرالنسا جي ماءُ سندين مرحبا ڪئي، ۽ وڏي چوڄ سان ڌيءُ جي ڪمري ڏي وٺي وين. هي گهوٽيتيون هيون، جنکي علي قلي بيگ جي ڀيڻ سپيرا بيگم ساڻ وٺي، ساچق، يعني سڳڙي ڪرڻ آئي هئي. سپيرا بيگم مهرالنسا جي سونهن ڏسي حيران ٿي ويئي، ۽ اچانڪ پڪاري چياءِ ته ”سبحان الله! ههڙو حسن!“ پوءِ اڳڀرو وڌي مهرالنسا کي چياءِ ته ”اَدي! چپن کي ڇو چنو لڳايو اَٿيئي؟ ڪي ڳالهاءِ ته سهين.“ مهرالنسا جي ماءُ وچ ۾ جواب ڏنو ته ”منهنجي مهرالنسا لڄاري آهي. اوهان سا هوندي مرندي، ته پاڻمرادو رهاڻيون ڪندي. هاڻ اچو ته ساٺ سوڻ ڪريون.“
سپيرا بيگم چيو ته ”سچ! ڏاڍي لڄاري ٿي ڏسجي. آءٌ ته ڏاڍو خوش ٿي آهيان جو اهڙي ڀاڄائي ملي اٿم.“
مهرالنسا جو ڪمرو ٻاين ۽ ٻانهين سان سٿجي پيو هو. از انسواءِ هار سينگار، ويس وڳا، زر زيور، تيل ڦليل، عطر عنبير به اچي ڪٺا ٿيا هوا. گهوٽيتين مهرالنسا کي ڳچيءَ ۾ ڳاڙها هار وڌا ۽ ڪنن ۾ سونا در پاتائونس. ڪنواريتين به گهوٽيتين سان گهڻيئي سهج ڪيا: گلاب جو پاڻي ڇٽيائون، طرح طرح جا شربت پياريائون، ۽ ميوا مٺايون کارايائون. چوڌاري کل خوشي ۽ مبارڪبادي مچي ويئي. پر مهرالنسا ڏاڍي مايوس ۽ اُداس هئي. دل ۾ پئي چياءِ ته ’جيڪر هار ۽ در لاهي ڦٽا ڪريان ۽ زالن کي ڇڙٻ ڏيئي ٻاهر هڪالي ڪڍان؛‘ پر حياءَ کان خاموش رهي. هي سڳن ساٺ سندس لاءِ مؤت مثل هئا. نيٺ جڏهن سڀ موڪلائي روانيون ٿيون، تڏهن البت آرام آيس.
ٻئي ڏينهن رسم موجب گهوٽ کي ڪنوار طرفان ميندي موڪلي ويئي. ٽئي ڏينهن گهوٽ کي گهوڙيءَ تي چاڙهي، وڏي ڄڃ ساڻ ڪري، دهل ۽ شرنايون وڄائيندا، گهوٽيتا اچي مرزا غياث بيگ جي گهر پهتا. علي قلي بيگ کي گهوڙيءَ تان لاهي، ڪنوار واري ڪمري ۾ وٺي ويا.
مهرالنسا سان مائٽن گهڻيئي مٿا مونا هنيان هوا ته نڪاح مهل علي قلي بيگ کي مڙس ڪري مڃڻ جي قبوليت ڏج، پر هن صفا اِنڪار ڪئي هئي. لاچار مرزا غياث بيگ نڪاح کان ٿورو اڳ کيس ذرو آفيم جو کاڌي ۾ ملائي کارايو هو، انهيءَ مراد سان ته من گيرائيءَ ڪري ماٺ ۾ رهي ۽ نڪاح ويل اِنڪار نه ڪري. قاضيءَ نڪاح پڙهي پورو ڪيو. جڏهن گهوٽ ڪنوار جي قبوليت ڏيڻ جو وقت آيو، تڏهن هن علي قلي بيگ ڏي منهن ڪري چيو ته ”توکي مهرالنسا قبول آهي؟“ هن جواب ڏنو ته ”مونکي قبول آهي.“ پوءِ ساڳيو سوال مهرالنسا کان پڇيو ويو، مگر ٽن دفعن پڇڻ سان به جواب ڪونه مليو. آخر مرزا غياث بيگ پڪاري چيو ته ”مهرالنسا کي علي قلي بيگ قبول آهي. آهي لڄاري، سو اوپرن جي اڳيان ڳالهائڻ نٿو ٿئيس. سنديس سن قبوليت برابر آهي.“ قاضي شامل رايء ٿيو؛ ۽ باقي رهيل ڪم لاهي، روانو ٿيو.
پوءِ مهرالنسا کي گيرائيءَ جي حالت ۾ ئي پالڪيءَ ۾ کڻي، علي قلي بيگ سان گڏ روانو ڪيائون. علي قلي بيگ گهر پهچڻ شرط مهرالنسا جي منهن تان برقعو لاهي سندس شڪل ڏسي چريو ٿي پيو. ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هوءَ اڃان گيري هئي. جڏهن آفيم جو اَثر ٽٽو، ۽ هوءَ هوش ۾ آئي، تڏهن وائڙي ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. نيٺ واڪو ڪري چيائين ته ”آءٌ ڪٿي اچي پيئي آهيان؟ هي خواب ته ڪين ٿي لهان؟“
علي قلي بيگ اڳڀرو ٿي چيو ته ”پياري! پنهن جي گهر آهين. آءٌ تنهنجو مڙس آهيان.“ مهرالنسا ٽپ ڏيئي، اُٿي دروازي ڏي ڊوڙي ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”مڙس ڇا جو؟“
علي قلي بيگ وڌي، نرمائيءَ سان هٿ کان جهلي چيس ته ”پياري! ٿورو ڌيرج ڪر.“ پر مهرالنسا مڙس ڏي گهور ڪري، نهارڻ لڳي. جوش وچان اکيون باه جا اُلا بنجي پيا هئس، ۽ ڳل ڪر مچيءَ جهڙا ڳاڙها. هڪل ڪري چيائين ته ”مونکي ڇڏ ته وڃان. تنهنجي شڪل ڪهڙي نه ڀيانڪ آهي!“
علي قلي بيگ ليلائي چيس ته ”تون پاڻ ته سهڻي آهين؟ هاڻ اچ ته آرام ڪريون.“
مهرالنسا خنجر ڪڍي، جواب ڏنو ته ”جي هٿ لائيندينم، ته سيني ۾ خنجر وهائي پاڻ گهات ڪنديس.“
علي قلي بيگ چيو ته ”مون کي خون ڪرين، ته ڀل ڪر. پر توکي تنهنجي وار جو به نالو ڳنهڻ نه ڏيندس.“ اِتي مهرالنسا کي هڪ اوچتو خيال آيو، سو چيائينس ته ”ڀلا، جي منهنجي لاءِ پيار اٿيئي، ته ڇهن مهنن جي مهلت ڏينم: انهيءَ عرصي ۾ نه مونکي زال ڪري سمجهه، ۽ نه آءٌ توکي پنهن جو مڙس ڪري سمجهنديس. هڪ ٻئي سان فقط دوستيءَ جو ناتو رکنداسين.“
عشق ۾ ٻڏل علي قلي بيگ جواب ڏنو ته ”هيءُ ته ظلم ٿي ڪرين. پر لاچار تنهنجو چيو نه موٽائيندس. جيڪڏهن منهنجي حياتي طلبين ها، ته اُها به خوشيءَ سان ڏيانءِ ها.“
مهرالنسا چيو ته ”مهرباني ڪري، پڪو اَنجام ڏي ۽ قسم کڻ.“
علي قلي بيگ ائين ڪيو. پوءِ مهرالنسا شڪر گذاري وچان مڙس جو هٿ چميو. انهيءَ تي علي قلي بيگ کي اهڙي تراوت اچي ويئي جو ڄڻ ته انهيءَ چميءَ ۾ آب حيات سمايل هو.

10

سليم سنگتين سان ڇانوڻيءَ ۾ شغل پئي ڪيا. صبوح جو جا هيڏي خونريزي ٿي هئي، تنهن جي ڪنهنکي ذري يادگيري به ڪانه هئي. شيرازي شراب جون ٻاٽيون کلي وييون هيون. گانو ۽ ناچ به موجود هئا. پر سليم کي جو سواد مهرالنسا جي خيالن مان ٿي آيو، تڏهن چياءِ ته ”واهه! مؤلا مهر ڪيءِ جو سهجيئي سوڀ ٿي. ليکي لل ته ڪونه هو.“ انهيءَ تي سنگتين مان هڪڙي چيو ته ”رستم ۽ سهراب مفت ملڪان ملڪ مشهور ٿي ويا آهن. اوهانجي ڀيٽ ۾ ٻئي گدڙ آهن.“
سليم جواب ڏنو ته ”گهٽتائي راڻي پرتابسنگ ۾ به ڪانهي. شير مڙس آهي. ڏٺوَ ڪين ته ڪهڙيءَ بهادريءَ سان وڙهيو. آءٌ جيڪر هنکي پنهنجو رفيق سڏائڻ ۾ فخر سمجهان.“
ٻيو سنگتي: ”استغفر الله! ڪسيري جي ڪافر کي ايڏو شرف! کانئس ڀل ڀليرا پهلوان پيا آهن، جي هوند سائينجن جي مبارڪ قدمن جي خاڪ چمڻ ۾ پنهن جو فخر سمجهن. اوهانسان سيني ساهڻ جو رڳڻو خيال ئي هن منڪر جي نسوري ناداني آهي.“
ٽيون سنگتي: ”هو هٺيلو هار جي پشيماني سهي ڪين سگهندو، سو ضرور وڃي پاڻ کي گنگا نديءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندو.“
هڪ مولوي جو مجلس ۾ حاضر هو، تنهن چيو ته ”آمين! شال خدا کيس دوزخ جي باه ۾ جلائيندو!“
سليم وراڻي ڏيڻ تي هو ته اوچتو هڪ خذمتگار اندر گهڙي آيو، جنهن سر جهڪائي عرض ڪيو ته ”حضور! آگري کان هڪ قاصد ڪهي آيو آهي جو دم به نٿو ترسي. چوي ٿو ته سائين جن لاءِ هڪ نهايت نازڪ نياپو آندو اٿم. جو کيس روبرو پيش ڪرڻو اٿم.“
سليم جواب ڏنو ته ”وڃي جهنم ۾ پوي. هن خوشيءَ جي وقت اسانکي شاهي حڪمناما ۽ فرمان نه گهرجن. فتح ٿي رهي آهي، هاڻ اِهي سڀ اجايا آهن. چئينس ته سڀاڻي تاءِ ترسي.“
خذمتگار چيو ته ”“پر، حضور! هو چويٿو ته آءٌ ڪو شاهي فرمان ڪونه کڻي آيو آهيان، مگر هڪ ضعفا جو ضروري پيغام.“
سليم نشي ۾ اَلُوٽ هو، ڳالهه مغز ۾ ئي نٿي ويٺيس، سو هڪ جو ٻيو پئي وڦليائين. نيٺ واڪو ڪري چيائين ته ”مار پوي هنن قاصدن تي. محفل جي موقعن تي هي نمڪحرام هميشہ اچيو مون کي کپائين!“ سڀ سنگتي ٽہ ٽہ ڪرڻ لڳا، ۽ خذمتگار کي ڪن کان وٺي ٻاهر هڪالي ڪڍيائون. پوءِ وري ويٺا دنگ لٽڻ، تان جو مٿان اچي پره باکون ڪڍيون.
سليم ٻه پهريءَ کانپوءِ مس مس سجاڳ ٿيو. خذمتگار کي سڏي پڇياءِ ته ”ڪهڙي خبر چار آهي؟“ خذمتگار جواب ڏنو ته ”حضور! رات آگري مان هڪ قاصد ڪنهن ضعفا وٽان اوهان لاءِ خط کڻي آيو. مون سائينجن کي بروقت اطلاع ڪيو، پر سائينجن.....“
سليم: ’اهڙو خماريل هوا، جو خط پڙهي ڪين سگهيا.‘ ائين نه؟ حرڪت ڪانهي. اهڙو ڪو ضروري خط نه هوندو. هاڻي کڻي اچ، ته مطالع ڪريونس.“
خذمتگار خط آڻي سليم کي ڏنو. پڙهندي شرط منهن جو پنو ئي لهي ويس. ٽپ ڏيئي بستري تان اُٿي کڙو ٿيو، ۽ جوش سان واڪو ڪري چيائين ته ”جي بابي هن کي ٻئي سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني هوندي، ته سندس تخت اُڏائي ڦٽو ڪندس.“
سليم جي فريادين تي سندس رفيق اندر لنگهي آيا. سليم چين ته ”مهرالنسا کي ٿا علي قلي بيگ سان پرڻائين! آءٌ سمجهان ٿو ته بابو به ساڻن شامل آهي. پر آءٌ خدا جو قسم کڻي ٿو چوان ته جي مهرالنسا پنهن جي قبضي ۾ نه آنديم، ته منهن جو نالو مٽي ڪري ٻيو رکجو.“
مرزا ابراهيم ٺاپري پڇيس ته ”اوهان کي ڪهڙي خبر ته شادي ٿيڻي آهي؟ ازانسواءِ مون ٻڌو آهي ته بادشاه آگري ۾ ڪونهي.“
سليم: ”اجهو، هيءُ خط ڏس. مهرالنسا پاڻ لکيو آهي ته شادي ڪنهن مهل به ڪئي وڃي. شڪ نه آهي ته هيلتائين ٿي ويئي هجي.“
مرزا ابراهيم: ”آءٌ نٿو ڀانيان. ڇو ته بادشاهه کي قاصد موڪلي مهمل ڪرائجي؟“
سليم: ”اهڙيون صلاحون ويڙهي رک. ڄڻ ته بابي کي خبر ئي ڪانهي ته آءٌ مهرالنسا تي عاشق آهيان؟ هيءَ سڀ هنجي ئي حرفت آهي. آءٌ به هاڻ سندس سلطنت برباد ڪرڻ بنان ڪين رهندس. وڃ، وڃي لشڪر تيار ڪر ته هڪدم آگري تي چڙهائي ڪريون.“
مرزا ابراهيم: ”حضور! انهيءَ مان ڪهڙو سود؟ ڏڌو کير ڪو ٿڻن ۾ پوي؟ جي مهرالنسا جي شادي ٿي ويئي هوندي، ته وري ته اوهانکي نه ملي؟ سلطنت ته اڳي پوءِ اوهان جي ملڪ آهي. پوءِ هروڀرو فساد ڪري، بادشاه کي پيريءَ ۾ رنجائڻ مان ڇا حاصل ٿيندو؟“
سليم: ”آءٌ اهڙن ٻنڌڻن ۾ نه ٻڌبس. آگري تي ضرور چڙهائي ڪبي. انهيءَ ئي ريت مهرالنسا کي آزاد ڪري، ساڻس شادي ڪري سگهندس. پر سيگهه ڪريو، ته بابي جي موٽڻ کان اڳ هلي آگري تي ڪڙڪؤن.“
مرزا ابراهيم: ”پر، راجا مانسنگ جو ڪي منجهه ورتو اٿوَ؟ آءٌ نٿو ڀانيان ته هو اسان سان شامل ٿيندو. منهنجي صلاح آهي ته کيس دم دلاسو ڏيئي هت ڇڏي هلون. ته ڀل پنهنجي دين ڀاين کي پيو ذبح ڪري.“
راجا مانسنگ جلد ئي اچي حاضر ٿيو. سليم حرمت ساڻ ملي چيس ته ”اوهانکي تڪليف ڏيئي هت اِنهيءَ لاءِ گهرايم ته اوهانکي ڪالهوڪي فتح جي مبارڪ ڏيان. ٻيو ته منهنجي مرضي آهي ته اوهين ڪو وقت هت ترسي، باقي رهيل باغين کي سزا ڏيو. هينئر منهنجو هت هئڻ اجايو آهي.“
راجا مانسنگ کي سليم جي سٽ جي کڙڪ پئجي ويئي هئي، سو جواب ڏنائين ته ”اوهان کانسواءِ راڻي سان مقابلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر جي اوهين هروڀرو وڃڻ ٿا چاهيو، ته اول بادشاه کي اطلاع ڪريو، نه ته نهايت ناراض ٿيندو.“
سليم پڇيو ته ”ڪنهن تي ناراض ٿيندو؟ توهان تي يا مون تي؟“ راجا مانسنگ جواب ڏنو ته ”اوهين پاڻ امين ٿيو. آءٌ اوهانکي وري به ٿو وينتي ڪريان ته چيتي قدم کڻو.“ سليم ڇوه مان چيو ته ”مهرباني ڪري معاف ڪجو. جئن آءٌ اوهان کي چوان ٿو، تئن ئي ڪريو. هاڻ خدا حافظ!“
راجا مانسنگ خستو ٿي، موٽي پنهن جي خيمي ڏي آيو. پنهنجي ڀائٽئي سورجسنگ کي سڏي چياءِ ته ”اڄ وڏي مشڪلات منهن آئي آهي. خبر ڪانه ٿي پوي ته ڇا ڪجي. معلوم ٿيو اَٿم ته شهزادو مهرالنسا تي مفتون آهي ۽ سٽ سٽي اٿس ته مونکي ويساهي، هت وهاري، پاڻ وڃي آگري کي ڪاه ڪري.“
سورجسنگ جواب ڏنو ته ”ڇونه کيس نظربند ڪري، بادشاه وٽ وٺي هلجي؟“ راجا مانسنگ چيو ته ”اِهو محال آهي، ڇو ته شهزادي جي هٿ هيٺ جو لشڪر آهي، سو اسانجي لشڪر کان ٻيڻو آهي. ازانسواءِ خانه جنگي ۽ خونريزي بادشاه کي بلڪل پسند نه ايندي. هن جو چوڻ آهي ته فسادي ماڻهوءَ کي جيتڻ لاءِ صبر ۽ پيار جهڙو ٻيو ڪو عمدو هٿيار ڪونهي. بهتر ائين آهي ته کيس اطلاع ڪجي؛ ۽ جيستاءِ حڪم ڪري، تيستاءِ ترسڻ گهرجي.“ ائين چئي هڪ قاصد سنڀرائي، هڪدم بادشاهه ڏي روانو ڪيائين.
سليم سٽون ڏيندو سگهو ئي اچي آگري سهڙيو پر ڏسي ته شهر جا سڀ دروازا بند ٿيا پيا آهن، ۽ دوارين تي پهرو بيٺو آهي. ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لشڪر کي هڪل ڪيائين ته ”هڪدم هلان ڪري، در ۽ ديواريون ڀڃي، اندر گهڙو.“ قيولج خان جو پهريدار فوج جو مهندار هو، تنهن هي حڪم ٻڌي هاڪاري چيو ته ”خبردار! بادشاه لاهور ويل آهي؛ ۽ اسان کي حڪم مليل آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي بيرق يا هٿيار هٿ ۾ ڏسو ته اُن کي شهر اندر گهڙڻ کان روڪ ڪجو. جيڪڏهن شهزادي کي اندر اچڻو آهي ته اول لشڪر کي هٽائي پاسيرو ڪري.“
سليم هي حرف ٻڌي، ڪاوڙجي باه ٿي ويو؛ ۽ واڪو ڪري چياءِ ته ”جيڪڏهن دروازا نه کوليندين، ته هڪدم ذبح ڪيو ويندين.“ پر قيولج خان پرواه ئي ڪانه ڪئي. آخر شهزادي لشڪر کي حڪم ڪيو ته ”دروازو ڀڃو.“ سپاهين اڃان اڳتي وڌي جلہ ڪئي ئي ڪين، ته مٿانئن بندوقن جي گولين جا وسڪارا ٿي ويا. ٿوري عرصي ۾ ئي همٿ هاري، اُٿي پوئتي ڀڳا. لشڪر جو ههڙو هيڻو حال ڏسي، سليم سهمجي ويو. نيٺ سنگتين سان مقابل ويهي، پہ ڪيائين ته ڇا ڪجي. ڪن جي راءِ هئي ته لاهور تي چڙهائي ڪجي؛ ڪن جي صلاح هئي ته ڇلنگيون ٿي، شهر ۾ صلح سانت سان گهڙي، پوءِ وري وڏو ميڙ ڪري، شهر تي هلان ڪجي. سليم کي ٻئي صلاحون نه آئڙيون. چياءِ ته ”آءٌ ڪو چور ڪونه آهيان جو شهر اندر اَهڙيءَ ريت گهڙان؛ ۽ جي آگري هٿ ڪرڻ جي ئي همت ساري نٿا سگهون، لاهور وري ڪئن قبضي ۾ آڻي سگهنداسين؟ ازانسواءِ، مهرالنسا جي مدد ڪرڻ لاءِ پڻ اسانتي واجب آهي ته ڪنهن ويجهيءَ ڇڪ ۾ هڪيا تڪيا هجون.“
اڃان پاڻ ۾ رد بدل پئي ڪيائون ته شهر مان. هڪ ماڻهو ٻاهر ايندو ڏٺائون، جنهن مان معلوم ٿين ته مهرالنسا جي شادي علي قلي بيگ سان ٿي ويئي هئي. هيءَ خبر سڻي، سليم ساڻو ٿي ويو، ۽ ڏاڍي ڏک ڀريل آواز سان پڪاريائين ته ”ڇا! شادي ٿي چڪي؟ مهرالنسا ڪوبه اعتراض ڪونه ورتو؟ پاڻ کي يا هنن ظالمن کي لگهوسار ڪرڻ جي به ڪوشش ڪانه ڪيائين؟“ هن ماڻهوءَ جواب ڏنو ته”مون ته اهڙي ڳالهه ڪانه ٻڌي. اها سا خبر اٿم ته مهرالنسا مڙس وٽ رهندي آهي.“ سليم چيو ته ”زال ذات تي ويساه رکڻ محض مورکائي آهي. هنن جا اَنجام سڀ اجايا آهن. ڦڙتي کائڻ ته سندن مرڪ آهي. سياڻن سچ چيو آهي ته مٿن ايترو موه رکجي، جيترو ڪنهن رانديڪي تي.“
مرزا ابراهيم: ”ساءِ! آکيو سچ ٿا. ڀلا، تڏهن هاڻ آگري هٿ ڪرڻ مان ڪهڙو کڙتيل نڪرندو؟ هلو، ته هلي عيش عشرت ڪريون.“
سليم: ”هاڻ هت رهڻ اجايو آهي. هلو ته هلو الله آباد.“
انهي ئي ڏينهن شهزادو لشڪر سميت ٻيڙين ۾ چڙهي الله آباد روانو ٿيو. اتي پهچڻ شرط شاهي قلعو هٿ ڪيائين ۽ سارو خزانو قبضي ۾ آڻي، سڪو ۽ خطبو پنهنجي نالي ڪرايائين.
اڪبر کي هن روئداد جي سربستي سماچار رسي چڪي هئي، پر ڌيرج پئي ڪيائين. مرضي هيس ته پنهنجي اَڙٻنگ پٽ کي محبت ساڻ موهي، موٽائي سنئين مارگ تي آڻيان. انهيءَ ڪري سليم کي سيکت ڏيڻ بدران، اُٽلو ٿورن ئي ڏينهن ۾ بنگالي جو نواب مقرر ڪيائينس ۽ دعوت ڏياري موڪليائينس ته اچي درٻار ۾ حاضر ٿيءُ.
سليم کي مهرالنسا جي وڇوڙي جهوري وڌو هو، سو سارو ڏينهن رات شرابخوري ڪري، پئي درد دفع ڪياءِ. جڏهن قاصد شاهي پروانو کڻي اچي الله آباد پهتو، ۽ سليم کي معلوم ٿيو ته بادشاهه کيس تنبيہ ڪرڻ بدران اٽلو مٿس هڪ وڏو عهدو عطا ڪيو آهي، تڏهن سندس من ڀرجي آيو، ۽ پيءُ سان پرچڻ جو پڪو پہ ڪيائين. انهيءَ مدنظر تي، بادشاهه کي هڪ خط لکياءِ، جنهن ۾ پنهنجي بيڏوهي ثابت ڪري، درٻار ڏي جلد رواني ٿيڻ جي اون ڏيکارياءِ. اَڪبر سليم کي ڀائيندو به ڏاڍو هو، پر مٿس گهڻو ڀروسو نه رکندو هو؛ سو جڏهن سندس خط پڙهياءِ، تڏهن سندس سچائيءَ ۾ البت گمان پيس. انهيءَ ڪري کيس نياپو ڏياري موڪلياءِ ته ”جيڪڏهن تنهن جي نيت صاف آهي، ته درٻار ۾ اڪيلو اچ ۽ پنهن جن رفيقن کي ملڪ روانو ڪر.“
سليم، جنهنجي من ۾ ٺڳي هئي، سو هيءُ حڪم ٻڌي گهٻرايو؛ پر اُنجي انحرافي ڪرڻ کان به ڊپ ٿي ٿيس. سندس سنگتي ته اڳيئي وطن وڃڻ ڪاڻ آتا هوا، سو ساٿ سنڀرائي، سڀيئي گڏجي الله آباد مان روانا ٿيا. اڃان ٻه ٽي منزلون مس ماريائون ته سڌ پين ته اَبو اَلفضل دکن کان درٻار ڏي راهي آهي. سليم اول ته حيرانيءَ ۾ پئجي ويو. نيٺ سنگتين کي چياءِ ته ”مونکي خاطري هئي ته بابو منهن جو قصور درگذر ڪندو؛ پر هاڻ هيءُ ڪميڻو اَبو اَلفضل مونتي راڄڊوهيءَ جي تهمت مڙهڻ جي اوس ڪوشش ڪندو. هو چشم پوشيءَ کي وڏي غلطي سمجهندو ۽ معافيءَ کي گيدپڻو ڀانئيندو. مفت اهڙي صلاح ڏيندو جو پرچاءُ ناممڪن ڪري ڇڏيندو.“
مرزا ابراهيم چيو ته ”ڇونه ڪا اهڙي تدبير ڪجي جو اَبو اَلفضل درٻار ۾ پهچيئي پهچي تنهن کان اڳ کيس پورو ڪري، سڌو جنت روانو ڪجيس. هو هميشہ دنيا جي بي بقائيءَ بابت لنبا چؤڙا وعظ ڪندو آهي؛ ۽ هميشہ هام هڻندو آهي ته فيلسوف کي موت جي بنہ پرواه نه آهي. سندس اعتقاد موجب کيس بدني پڃري مان آزاد ڪرڻ ته پاڻ سنديس خذمت ادائي آهي.“
سليم پڇيو ته ”هت ڪو اهڙو هٿيڪو ماڻهو ملندو جو هوند هن ڪم جي سرانجامي ڪري؟“ بيرسنگ ديو، جو هڪ ڦورن جي ٽوليءَ جو سردار هو، تنهن چيو ته ”آءٌ اهو ڪم ڪندس. يا ته پنهن جو سر ڏيندس، يا ته دشمن جو سر ڀالي جي نؤڪ ۾ لٽڪائي، آڻي پيش ڪندس.“ سليم چيو ته ”واه! واه!“ هي ته وريامن جا وچن ٻوليا اٿيئي! شال سچو ڌڻي توکي سوڀ ڏيندو!“
پوءِ بيرسنگ ديو خدا حافظ ڪري، دکن ڏي راهي ٿيو. سليم سولوين منزلون هڻندو، اچي آگري پهتو؛ ۽ پيءُ جي پيرن تي ڪري، معافي ورتائين. اڪبر چرچو ڪري چيس ته ”تڪڙ نه ڪر؛ ساري سلطنت پس پيش توکي ئي ملڻي آهي.“
اَبو اَلفضل، جو اڪبر کي موٽي ملڻ لاءِ منتظر هو، سو ساڻيہ ڏي سٽيندو پئي آيو. هڪ ڏينهن صبح جو سوير اچي گواليار جي سرحد تي پهتو. ٿورو دم دمي، جهڙو لانگ ورائي وري گهوڙي تي ٿي چڙهيو، تهڙو ڦورن جي ٽوليءَ اچي گهيرو ڪيس، ۽ ترارين ۽ ڀالن سان هڻي پورو ڪري ڇڏيائونس. پوءِ بيرسنگ ديو هنجي سسي ڪپي، رومال ۾ ويڙهي، ڀالي جي نؤڪ ۾ لٽڪائي، ۽ گهوڙي تي چڙهي، روانو ٿيو.
هن حادثي جي خبر جڏهن آگري پهتي، تڏهن ڪنهن کي همت نه جڙي جو وڃي اڪبر کي آگاهه ڪري. آخر اَبو اَلفضل جو منشي هٿن کي ڪارو رومال ويڙهي درٻار ۾ ويو. جڏهن اڪبر جي مٿس نظر چڙهي، تڏهن دل ڏاريندڙ آواز ۾ پڪاري پڇيائين ته ”هنجي معنيٰ ڇا آهي؟ منهنجو پيارو شيخ ته سر سلامت آهي؟“ منشيءَ عرض ڪيو ته ”شيخ صاحب شهيد ٿي ويو. ڪن رهزنن هڻي ماري وڌس.“
اڪبر جي اکين مان امالڪ لڙڪي لڙي پيا؛ ۽ ’هاءِ! هاءِ!‘ ڪري چوڻ لڳو ته”جيڪڏهن سليم کي سلطنت جي لوڙ هئي، ته مونکي ڇونه ٿي ماريائين! منهنجي پياري شيخ ته جيدان ڏئي ها! هاءِ! افسوس! منهنجو پيارو دوست، جو منهن جيءَ ملاقات جو مشتاق هو، سو سليم جي شامت ڪري، صدقي جي ٻڪريءَ وانگر ڪٺو ويو!“
ساري درٻار ۾ ماتم مچي ويو ۽ اڪبر گوشه نشيني ۾ گذارڻ لڳو. ڪيترا ڏينهن نه ڪنهن سان گڏيو، نه حرف ڳالهايائين. پنهنجي پياري دوست جي فراق ۾ راتو ڏينهن پيو روئندو هو ۽ ستت ئي پاڻ به اچي عزرائيل کي اوڏو ٿيو.

11

اَبو اَلفضل جي مؤت کانپوءِ، اڪبر موٽي اڳينءَ ڪڙيءَ تي نه آيو. سنديس سگهه آهسته آهسته گهٽبي ويئي، تان جو اهڙو نستو ۽ نٻر ٿي پيو، جو پلنگ تان پير به پٽ تي رکي نٿي سگهيو. ڪو وقت هو جو هُو فيل مستن سان زور آزمائي ڪندو هو، ۽ رڳو ئي رڻ گهڙي، وٽن سورهين سامهون پوندو هو. هاڻ وياڪل ۽ ويچارو ٿيو، بستري تي پيو هو. انهيءَ خال هوندي به، ملڪ ۽ رعيت جي بهبوديءَ جو وڏو اونو هوس. پرون پئي پيس ته مؤت اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو آهي. هونئن هميشہ سندس تخت جي چؤڌاري جي داناه، دوُرانديش، ۽ فاضل وزير ۽ امير ڪمر ڪشيو بيٺا هوندا هوا، تن مان باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا هوا. راجا توڏر مل، فيضي، بيربل ۽ اَبو اَلفضل وفات ڪري ويا هوا؛ ۽ سندن عهدن تي ننڍيءَ ٽهيءَ وارا عملدار مقرر ڪيل هوا: انهن کي اڪبر پورو سڃاڻندو به ڪين هو. سليم مان سڀ آسرا اُميدون لاهي ويٺو هو. پڪ هيس ته سندس وفات کانپوءِ هنجي هيڪاري کڙه لهي پوندي. رات ڏينهن خدا کي پئي ٻاڏايائين ته سليم جون مدايون ميٽي، کيس سنئينءَ راه تي آڻ. سليم جو پٽ، خسرو، سالم صالح هو، ۽ هر طرح تخت جو لائق هو؛ پر سليم پاڻ ريٽي، پٽ جي تاجپوشي قبول ڪرڻ وارو نه هو. جيڪڏهن زبردستي ڪري، خسروُ کي بادشاه بنايو وڃي ها، ته جنگيون ۽ جهيڙا جڙي وڃن ها ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ مچي پوي ها.
سليم کي ته ڪا پرواه به ڪانه هئي. البيلو ٿي، پئي ماڻيائين ۽ دارونءَ جا دنگ لٽائين. دل ۾ پئي چيائين ته ”ڪيڏانهن بابر جلد پاسو کوڙي، سلطانيءَ جون سڪون لاهيان. پر بابي جو جسم آهي جهڙو لوه، سو عجب ڪونهي ته وري اُٿي کڙو ٿئي. اها ته منهنجي لاءِ وڏي جٺ ٿيندي، ڇو ته منهنجو نا خلف پٽ هنجو دادلو آهي، ۽ شڪ آهي ته تخت سندس تابيني ڪري ڇڏي. شال خدا ائين نه ڪندو!“ اهڙيون آسون اميدون ۽ شڪ شبا هن دلي بادلي ظاهر پئي ڪيا.
اڪبر ويو ٿي ڏينهون ڏينهن ڍرڪندو. هند جا سارا حڪيم ۽ ويڄ اچي حاضر ٿيا هوا، جن گهڻيئي مٿا مونا ڏنا، گهڻيئي جنڊ پٽن سان هنيان، پر تقدير اڳيان سندين تدبير بهي نه سگهي. بيشڪ، قضا هڪ عجيب چيز آهي! ڪير جو اُن جي اَمر کي آڏو اچي؟ جئن ڪک ۽ پن واچوڙي اڳيان عاجز ۽ عليل آهن، تئن انسان قضا اڳيان هائم ۽ حيران آهن. ڦڪين ۽ ستين مان فائدو فائدي جي ماڳ، اُٽلو مرض ويو غالب پوندو. تحقيق، قضا طبيب کي به بيوقوف بنايو وجهي!
وفات کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ اڪبر سانده غشيءَ ۾ هو. قضيه جي ڏينهن صبوح جو البت سڌير ٿيو. نماڻا نيڻ کڻي، مانسنگ کي اوڏو اچڻ لاءِ اِشارو ڪياءِ، ۽ جهيڻي آواز ۾ چيائينس ته ته ”اجهو! ملڪ المؤت اچي سهڙيو آهي. هاڻ پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون خدا کي سپرد ٿو ڪريان. هو بيپرواه بادشاه آهي. جئن کيس وڻي ٿو، اُئين ڪري ٿو. آءٌ سليم کي پنهنجو وصي، وارث ۽ گادي نشين مقرر ڪريان ٿو. دل پيئي چويم ته خسرؤ کي سلطنت جون واڳون سونپي وڃان، مگر ائين ڪرڻ ڪري، منهنجي مئي پڄاڻان، خانه جنگي ۽ فساد ٿي پوندا. هاڻ سيگهه ڪريو؛ سڀن کي ڪوٺيو ته کانئن آخرين موڪلاڻي ڪريان.“
مانسنگ، جنهنجي ڪومايل اکين مان ڳوڙهن جون ڳاڙون پئي ڳڙيون، تنهن جواب ڏنو ته ”جئن حضور اعليٰ جي وصيت آهي، اُئين ئي ڪيو ويندو؛ مگر اوهان کانپوءِ اسين هن جهان ۾ ڪئن جي سگهنداسين؟“ اڪبر ٿڌو ساه کڻي چيو ته ”منهنجا همدم! دل نه لوڙه. خدا توهانکي توفيق بخشيندو، جو منهن جي وئي پڄاڻان، ملڪ ۽ رعيت جي بهبوديءَ ۽ سڌاري لاءِ اورچ ٿي پاڻ پتوڙيندا رهندا. ٻي به جيڪا مالڪ جي مرضي.“
ايتري ۾ سليم ۽ پٽس خسرو، اَمير ۽ اُمرا، راڻا ۽ راجائون اچي حاضر ٿيا. اڪبر وري به پنهن جا نيڻ مٿي ڪري، سڀني کي نياز ۽ نئڙت سان سلام ڪيو؛ ۽ فرمايائين ته ”منهنجا پيارا دوستو! جيڪڏهن مونکان ڪا ڀل چوڪ ٿي ويئي هجي، يا جيڪڏهن مون اوهان مان ڪنهنکي ڪو ايذاءُ يا اهنج رسايو هجي، ته مون کي مهرباني ڪري معاف ڪندا.“
سليم هي درد ڀريا لفظ ٻڌي، پاڻ روڪي نه سگهيو، ۽ اوڇنگارون ڏيئي، پيءُ جي قدمن تي ڪري، کانئس پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جي معافي مڱيائين. اڪبر مانسنگ کي اِشارو ڪيو ته ”هاڻ سليم جي مٿي تي منهنجي دستار رکو ۽ مون وارو چوغو پهرائي، منهن جي ترار سندس ڪمر تي ٻڌو.“ حڪم جي بجاوري هڪدم ڪئي ويئي. پوءِ اڪبر ڪنڌ نئڙائي سليم کي سلام ڪيو. ٻين به هاڻ کيس پنهنجو سائين سمجهي، وڏي تواضح سان سندس اڳيان تسليم ڪئي. اِن بعد پل کن ۾ اڪبر دم ڏنو. سليم ته اُٿي کڙو ٿيو، پر باقي وڃي رهيا مانسنگ ۽ ٻيا اَمير اُمرا، جي شاهي بستري جي چؤگرد پنهنجي سائينءَ ۽ سردار جي جدائيءَ ۾ روڄ ۽ راڙو ڪرڻ لڳا. شاهي حويليءَ جا دروازا کلي پيا. جتان ضعفائن جو وڏو ميڙ اندر گهڙي آيو. سڀن جا وار ڇڙيل هوا. مٿن تي مٽيءَ جا ٻڪ پئي وسايائون. ڪلهن تي ڇنل ڦاٽل ڪنجرا هئن ۽ ڳلن تان بوندن بس ئي نٿي ڪين. سندن آهن ۽ صدائن آسمان ٿي ڏاريو. اڪبر جي پٽ راڻيءَ، جوڌ ٻائيءَ، لاش جي سيرانديءَ کان بهي، اوساري پئي چيو ته ”اي منهنجا پيارا ڀتار اي منهنجا مٿي جا مور! مونکي هئن هيڪلو ڇڏي تون ڪاڏي ٿو وڃين؟ تو بنان هن جهان ۾ منهن جو جيئڻ اجايو آهي. اجهو، آءٌ به تنهنجي ڪڍ آيس، ڪي آيس. پوءِ وري، مور نه جدا ٿينداسين، توکان سواءِ هڪ پل به مشڪل آهي. اجهو آيس، ڪي آيس.“
ائين پڪاريندي، محلات ڏي ڊوڙي، ۽ سهيلين کي سڏي چياءِ ته ”منهنجي ساري ساهِ مونکي آڻي ڏيو ۽ سڀ کان عمدو وڳو به کڻي اچوم. هيءُ منهنجو آخرين ڏينهن آهي. جلد چکيا تيار ڪريو. ويرم نه وجهو.“ پوءِ اُٿي گنگا جل سان سنان ڪري، هڪ نئينءَ پرڻيل ڪنوار وانگر سينڌ سرمو ۽ هار سينگار ڪري، اڪبر جي ترار هنج ۾ جهلي، چکيا تي چڙهي پيئي. ستت ئي سنديس ديهي جلي، وڃي خاڪ سان خاڪ ٿي؛ ۽ دنيس آتما اُڏامي وڃي، جوت ۾ سمائي.
اڪبر جي لاش اڳيان ٻن ٽن مولوين قرآن شريف مان سورتون پڙهي، کيس ختما پئي بخشيا. درٻارين ۽ اَميرن ته واهون پئي واجهايون ته نئين بادشاه وٽ ڪئن سرخروُ ٿجي. جيتوڻيڪ ڌڻيءَ کين سڀ ڪجهه ڏنو هو ۽ هر طرح سائو ۽ سکي هوا، تڏهن به طمع وچان سليم جي مٿان ائين پئي پاڻ گهوريائون جئن پروانا شمع تي. خود سليم به سلطنت لاءِ گهڻي وقت کان سڪايل هو، سو پنهنجي تاجپوشيءَ لاءِ هڪدم سانباها ڪرڻ لڳو.
ٻن چئن خذمتگارن اڪبر جي لاش کي آخرين غسل ڏيئي، ڪفن پهرائي، تابوت ۾ بند ڪيو. پوءِ تابوت کي ڪپمخاب سان ڍڪي ڍومي، شاهي محلات جي نوانوي دروازن مان لنگهائي، آگري کان پنج ميل پري سڪندرا وٽ جو بهشت باغ آهي، تنهن ڏانهن کڻي ويا. جنازي جي پويان هر ڪنهن قوم جي ماڻهن جون جماعتون اکين مان نار وهائينديون، پئي هليون. بهشت باغ وٽ پچهڻ بعد، لاش کي لحد ۾ داخل ڪيو ويو؛ ۽ اُنجو منهن سج سامهون ڪيو ويو.
اڪبر پنهنجي مزار پنهنجي حياتيءَ جي ئي ڏينهن ۾ ٺهرائڻ شروع ڪئي هئي، پر ڪن سببن ڪري اڃان سڄي ٺهي راس نه ٿي هئي، تنهنڪري رهيل ڪم سليم پورو ڪرايو. مزار جي ارد گرد هڪ وڏو باغ آهي، جنهن ۾ رنگا رنگ وڻ، گلن جا ٻوٽا ۽ ٻارا، ۽ فرحتي ڦوهارا آهن. انهيءَ من موهيندڙ مڪان تي بلبليون گلاب جي مٿان هردم پنهنجون مٺيون لاتيون پيئون لنون، ۽ پاريهر شاهي تربت جي سفيد سنگمرمر تي ازلي محبت جو آلاپ ڪيو، مؤج ۾ پيا جهولين. سچ ته اهڙي آستان تي دفن ٿيڻ جو خيال ئي سوريءَ کي سيج ۽ مرڻ کي مشاهدو بنايو ڇڏي.
هندن پنهنجيءَ ريت موجب مرڻي جو ڪريا ڪرم ڪيو، ۽ مسلمانن پنهنجي رسم رواج موجب ڪارروائي ڪئي. هڪ مولوي ۽ هڪ پنڊت مزار جا مجاور ٿي رهڻ لڳا. اُنهن جا پويان اڄتائين انهيءَ مزار جي ٽهل ٽڪور ڪندا اچن.
اڪبر جي فوت ٿي وڃڻ جي خبر ساري ملڪ ۾ باه مثل پکڙجي ويئي. سندس ماتم ۾ ڪڙميءَ پنهنجو هر ڪري اڇلايو، ۽ واڻئي پنهنجي دڪان تي ڪڙا چاڙهي ڇڏيا. ٻهراڙيءَ مان ماڻهن جا مجموعا اچي ڪٺا ٿيا، جن وڻن هيٺان ويهي پنهنجي پياري بادشاه جون ڳالهيون ياد ڪري زار زار پئي رنو. منجهانئن هڪ ٻڍڙي ڪڙميءَ چيو ته ”اڪبر رعيت کي پنهنجن ٻچن وانگر ڀانئيندو هو. سندس زماني ۾ امن ۽ ايمان، صلح ۽ سانت هوندي هئي. سرڪاري ڍل به واجبي ۽ هلڪي رکي هئائين. قسمت سانگي جي فصل ڍلو ٿي پوندو هو، ته نه فقط ڍل اڳاڙڻ بند ڪندو هو، پر اسان جهڙن مسڪينن کي ته گهر ويٺي خوراڪ پوشاڪ وقت بوقت پهچارائي ڏيندو هو.“
ٻئي ڪڙميءَ ورايو ته ”بابر. ٽيو ورهيه جڏهن اسانکي ڏڪر سخت ڏهڪايو هو، تڏهن هن اَن جا گدام ڪري کوليا، ۽ هر ڪنهن کي گهرج ۽ لياقت پٽاندر جا مهنا قوت پئي پهتو“
هڪ برهمڻ چيو ته ”راجا آهي پرجا جو رکشڪ ۽ پتا. پنهنجي پرجا جي پالنا ڪرڻ ۾ اڪبر ته رڳو پنهنجو ڌرم ٿي سنڀاليو. هاڻ ته خبر نه آهي ته اسان سان ڪهڙي ورتڻ ٿيندي.“
اڃان ماڻهن پنهنجي پياري بادشاه جو ماتم ئي پئي ڪيو، ته آگري ۾ تاجپوشيءَ جا سانباها پئي ٿيا. سليم ماتم جي مدي تاءِ به نه ترسيو. پيءُ جي قضئي پڄاڻان ٿوريئي عرصي ۾ طائوسي تخت تي ٿي ويٺو. جا ساعت جوتشين سڳوري ٺهرائي هئي، تنهن تي تاجپوشيءَ جو جلسو ملهايو ويو. سليم تخت تي پير رکيو ئي ڪين، ته توبن جي ٺڪا ٺوڪي ٿي، ۽ نغارن ۽ شرناين جي ڌم ڌمان مچي ويئي. اَمير ۽ وزير جي صفون ٻڌيو بيٺا هوا، تن مڙيني نئڙي ڪرنشون بجاءِ آنديون. پوءِ هڪ چوبدار اڳتي وڌي، وڏي آواز سان پڪاري چيو ته ”اڄ شهنشاه نورالدين جهانگير، يعني اسلام جو سوجهرو ۽ عالم جو سوڀارو سردار، تخت ڌڻي ٿاڦيو ويو آهي. هي اُوهو صاحبقران آهي، جنهنجو زحل دربان آهي ۽ آسمان آستان. قمر سندس پيغام رسائيندڙ آهي ۽ زهرو راڳيندڙ. قضا سندس نگهبان آهي ۽ قدر ثنا خوان. تجمل ۽ توانائيءَ جو مايو آهي ۽ شان ۽ شؤڪت جو پايو. سخا جو بحر آهي ۽ عطا جو ڪڪر. سندس دؤلت ۽ دٻدٻي بهشت کي بي رؤنق بنائي ڇڏيو آهي. امير اصل آهي ۽ امير نسل؛ ملائڪ روءِ آهي ۽ ملائڪ خوءِ. شال جهان هميشہ سندس ٻانهن ٻڌ ٻانهو هجي! شال سندس حياتي قائم ۽ دائم رهي!“
ائين چئي، چوبدار پوئتي هٽيو، ته وري امير ۽ راجائون سوغاتون ساڻ ڪري، تخت وٽ نذرانو رکڻ لڳا. انهيءَ جي بدلي ۾ جهانگير پنهنجن مبارڪ هٿن سان مٿن ياقتون ۽ سونن روپن ڦلن جون ورکائون ڪيون. پوءِ هڪ خادم ميون ۽ مٺاين سان ٽمٽار ٿيل ٿالهه ڪلهي تي کڻي آيو. جهانگير پاڻ ته فقط هڪ صوف نوشجان ڪيو. باقي ٻيو سڀ مال حاضرينن تي عنايت ڪيائين، جن ليکي ته اڄ ڪو روح روان نصيب ٿيو اٿئون.
ان بعد جهانگير جي اشاري تي، هڪڙي خذمتگار اڳتي وڌي پڪاريو ته ”حضور اعليٰ فرمائين ٿا ته ’اڄ اسين پنهنجي تاجپوشيءَ جي يادگار لاءِ پڌرو ٿا ڪريون ته اسانجي سلطنت ۾ هڪ لک نوان کوه کوٽاريا وڃن، پنجاه هزار مسافرخانا رستن تي تيار ڪيا وڃن، ۽ آئينده لاءِ واپارين تان سڀ محصول معاف ڪيا وڃن. ٻيو ته هن سال سرڪاري ڍل وصول ڪرڻ ۾ نه اچي. ٽيون ته هر قسم جي مريضن لاءِ هنڌ هنڌ شفاخانا برپا ڪيا وڃن. چوٿون ته سڀني نشيدار شين جو وڪرو بنہ بند رهي. پنجون ته جنهنکي به خواهش هجي سو ڇهن مهينن تاءِ شاهي انبارن مان کاڌ خوراڪ وٺي سگهي ٿو. ڇهون ته شاهي محلات جي ٻاهرون هڪ سونو زنجير ٽنگيو ويو آهي. ان ۾ سٺ سونيون گهنڊڻيون ٻڌل آهن. جيڪڏهن ڪنهن ستم جي ستايل کي دانهن کڻي اچڻي هجي، ته انهيءَ زنجير کي ڇڪ ڏيئي، گهنڊڻي وڄائي ته اسين ترت سندس داد رسي ڪنداسين‘.“
اها منادي ڏيئي خذمتگار وڃي پنهنجي جاءِ ورتي، ۽ حاضرين ۾ خوشيءَ وچان ’واه! واه!‘ جو هوڪو پئجي ويو. پوءِ جهانگير، شريف خان نئين وزيراعظم جو هٿ وٺي، تخت تان هيٺ لٿو؛ ۽ ڌيري ڌيري درٻارين جي صفن وچون لنگهي، درٻار عام جي دالان ۾ آيو. اُتي هڪ شاندار هاٿي سينگاري بيهاريل هو، جنهن جهانگير کي ڏسي، سونڍ مٿي کڻي، سلام ڪيو؛ ۽ پوءِ گوڏن ڀر ويهي ويو. هاٿيءَ جي پاسي کان هڪدم هڪ سوني ڌاڪڻ رکي ويئي، جنهن جي وسيلي جهانگير هاٿيءَ تي رکيل تخت مٿان سوار ٿيو. اَمير اُمرا به پنهنجن پنهنجن هاٿين تي چڙهي ويٺا. هاڻ ته هڪ وڏو سرگس ٺهي ويو. اڳيان دهلن دمامن جا دس پئي لڳا ۽ ساري مجموعي شاهي مسجد ڏانهن رخ رکيو. جئن جئن مجموعو اڳتي وڌندو پئي ويو. تئن تئن جهانگير مٿان سون ۽ جواهرات جي گهور پئي ٿي.
مسجد جي وڏي دروازي وٽ بادشاه هاٿيءَ تان هيٺ لهي پيو؛ ۽ امير وزير ساڻ ڪري، اندر داخل ٿيو. شيخ الاسلام سندس آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيو ۽ کيس هٿ مان وٺي، منبر جي پايه وٽ آڻي بيهاريائين. پوءِ سندس حسب نسب بيان ڪري، کيس هندستان جو شهنشاه ٺهرايائين، ۽ مٿس نورالدين، يعني اسلام جي سوجهري جو لقب ڌريائين. ان مبارڪ موقع کي ملهائڻ لاءِ، جهانگير پنجاه هزار اشرفين جي خيرات ڪڍي. تنهن بعد، وري ساڳئي شان شوڪت سان محلات ڏي موٽيو.
شام جو محلات ۾ هڪ وڏي مجلس ڪئي ويئي، جنهن جهڙي اڳي ڪڏهن به آگري ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ نه ٿي هئي. فرش فروش ۽ گل گلم غاليچا وڇايا ويا هوا، ۽ هزارها ننڍڙيون بتيون ٻاريون وييون هيون. انهن بتين صفحي جي سنگمرمر وارن ٿنڀن تي اهڙو ته تجلو پئي ڪيو، جو ائين پئي ڀانيون ته ڄڻڪ اُهي بدخشان جي لعلن جا ٺهيل هوا. ساڳين بتين سونهري ڇت کي ته وري اهڙي رونق ٿي ڏني، جو ڀانءِ ته اها جواهرن سان جڙيل هئي. گلاب، لاله، گلشب، نرگس، سوسن ۽ سمن جا گلدستا هنڌ هنڌ رکيا ويا هوا. اُنهن جي رنگ روپ ڪري زمين زيبائتي ٿي پيئي هئي ۽ هوا دلڪش، شاهي تخت جي ٻنهين طرفن کان ٻانهان ۽ ٻانهيون ٻڌيو هڪيا هموار بيٺا هوا. امير امرا، رئيس راجائون قسمين قسمين ويس پهري، حضور ۾ حاضر هوا، انگلنڊ، فرانس، ۽ ايران مان به ايلچي آيل هوا.
جهانگير اهڙين درٻارن ۽ مجلسن جو تجمل ته گهڻائي گهمرا ڏسي ڇڏيو هو، سو اڄوڪو نظارو سندس لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. پر ته به سندس من وڌي ويو. نه فقط ائين، مگر پنهنجي مرتبي؛ جوابداهيءَ جو بوجو به محسوس ڪرڻ لڳو.
شهزادو خسرو، خان عظيم ۽ راجا مانسنگ سندس تخت نشينيءَ تي دل ۾ رنج هوا ۽ پڻ کيس بادشاهيءَ تان ريٽڻ جو منصوبو منڊيو هئائون، سي به هن موقع تي اچي حاضر ٿيا هوا. ٻاهران ائين پئي لکايائون ته جهانگير سندن اکين جو ٺار آهي، پر جان ۾ جڪ پئي ماريائون. جهانگير کي ته راجائي سکن سياڻو ۽ سٻاجهو ڪري وڌو هو، سو نه فقط هنن جي مدائي دل تان ميٽي ڇڏياءِ، پر اٽلو کين وڏا مرتبا عطا ڪيائين. خسرو کي پنجاب جو حاڪم ٺهرايائين، خان عظيم کي دکن جو نظام مقرر ڪيائين، ۽ مانسنگ کي بنگالي جو صوبو بنايائين.
مجلس برخاست ٿيڻ بعد، مانسنگ ۽ خان عظيم جهانگير جي دستبوسي ڪري روانا ٿيا. رستي تي مانسنگ خان عظيم کي چيو ته ”ڪهڙو عجيب جو هو اڃان به سڌري صالح ٿي پوي؛ ۽ پاڻ موکي پيءُ جون سڪون لاهي؟“
خان عظيم: ”ائين ٿئي ته ٻيو ڇا گهرجي؟ مگر اهڙو اهڃاڻ ته ڪونه ٿو ڏسجي. اُٽلو آثار ته اهڙا پيا پسجن جو شايد هيڪاري وڻواند وڃي. جنهن مهل جهونن يارن سان ويٺو پڪون پيڻ، تنهن مهل وري اُهيئي گڏهه، اُهيئي آٿر.“
مانسنگ: ”کٽيس قسمت! ڇڏي ڏجيس. ڏسجي ته ڪهڙا ٿو پير هلي. جي اَڍنگي هلت هليو، ته لاچار فساد کڙو ڪري، تخت تان لاهي ڦٽو ڪبس.“
خان عظيم: ”اهو اوهانجو خام خيال آهي، ڇو ته جئن وقت ويندو گذرندو، تئن کيس تخت تان لاهڻ ويندو وڌيڪ ڏکيو ٿيندو. آءٌ ته سمجهان ٿو ته اهڙي ڪوشش جي بنہ هاڻ ڪجي، تڏهن به ڪارگر نه ٿيندي.“
مانسنگ: ”تحقيق، پر هاڻ اسين ته ماٺا کائي مٿي آيا آهيون. اچو ته توڪل جو ترهو ٻڌي، باقي حياتيءَ جا دن ڌڻيءَ جي توه ۽ طلب ۾ گذاريون.“
خان عظيم: ”ائين ئي ڪرڻو پوندو؛ مگر هاڻ آگري ۾ وڌيڪ جالڻ جنجال آهي.“
مانسنگ: ”آءٌ ته صبح سوير آگري جا وڻ عمر لاءِ ڇڏيندس. اَبو اَلفضل ۽ سانجن ٻين ساٿين جو سياڳ چئبو جو وڃي اڪبر جي هٿن ۾ سکي ٿيا. اسين به جيڪر دنيا مان رحلت ڪري وڃون ها، ته اسين هنن عذابن کان آجا هجون ها.“
خان عظيم جي دل ڀرجي آئي. سڏڪو ڀري چياءِ ته ”مونکي ته وهمن وڪوڙي ورتو آهي. مان ڀانيان ٿو ته اسانجي پڇاڙي سرهي نه ٿيڻي آهي. هيءَ عنايت جا هن اسان تي ڪئي آهي، تنهن تي هيڪاري منهنجو من منجهايو آهي. چئبو ته هاڻ ته آقي باقي سندس پناري پياسين. نڄاڻان اڳتي اسان سان ڪهڙا ڀت رڌيندو.“
ائين چئي مانسنگ کي پيار سان ڀاڪر پائي چياءِ ته ”اَدا! هاڻ الله واهي! شال تنهنجي منهنجي عاقبت موچاري ٿئي!“
مانسنگ جو ڏاڍو مايوس ٿي ڏٺو، تنهن ورايو ته ”خدا حافظ! شال ڌڻي اسان سڀني جو واهي هجي!“
پوءِ ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا؛ ۽ هن جهان ۾ وري نه مليا. ستت ئي خان عظيم کي راڄڊوهيءَ جي تهمت هيٺ گرفتار ڪيو ويو ۽ جيئري ئي سندس کل لاٿي ويئي. مانسنگ به سک ٿي ڪين سمهيو. جلد ئي راجسٿان ڏي ڀڄي ويو، جتي باقي حياتيءَ جا ڏينهن گوشه نشينيءَ ۾ گذاريائين.

12

جهانگير کي سلطنت جي بوجي هاڻ گهڻو ڪي سياڻو ڪري وڌو هو. هونئن جو سارو ڏينهن نشي چشي ۾ گنوائي ڇڏيندو هو، سو هينئر هر روز ڳچ وقت رعيت جي اهنجن ايذائن جي دفع ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ لڳو. انهيءَ هوندي به، مسڪينن جي دادرسي مشڪل ٿيندي هئي، ڇو ته رشوتخور ڪامورن جي چالبازيءَ ڪري، انهن کي محلات واري زنجير کي ڇهڻ جو موقع ئي هٿ نٿي آيو. هڪ ڏينهن جئن جهانگير پنهنجي ڪچهريءَ جي ڪاروبار ۾ مشغول هو، تئن اوچتو ئي گهنڊڻيءَ جو آواز ڪن تي پيس. دربان کي هڪدم حڪم ڏنائين ته ”سگهو وڃي ڏس ته ڪير ٿو گهنڊڻي وڄائي ۽ کيس آڻي هت حاضر ڪر.“
فرمان موجب، دربان جلد ئي هڪ پير مرد کي سندس ٻڍڙي زال سميت آڻي حاضر ڪيو. کين ڇنل ڦاٽل ڪپڙا ڍڪيل هوا. ڪچهريءَ ۾ گهڙڻ شرط، نئڙي شاهي آداب بجا آڻي، اکين مان آب وهائي، پڪارڻ لڳا ته ”اِنصاف! شاهن جا شاه! اِنصاف!“
جهانگير فرمايو ته ”دلجاءِ ڪريو. مونکي پنهنجي دک درد جو دل کولي سربستو احوال سڻايو. آءٌ اوهانجو پاڻيهي اجهو ٿو داد ڪريان.“
ڪنبندي ڪنبندي پير مرد ڪڇيو ته ”حضور جو شال اقبال زياده هجي!“
ائين چئي هٻڪي بيهي رهيو، تنهنتي وزيراعظم دلداري ڏيئي چيس ته ”خوف خطرو نه ڪر، ۽ بنان ڪنهن حجاب ۽ شرم جي چٽيءَ طرح حضور اعليٰ جي اڳيان احوال عرض رک.“
پر پير مرد کان وڌيڪ اکر به نه اُڪليو. آخرڪار زالس همت جهلي، ڏڪي ڏڪي چيو ته ”جئندا قبلا! اسين مصيبت جا ماريل نٿا سور سهي سگهون، ۽ نٿا پاڻون وڏن جي شڪايت ڪري سگهون.“
هي لفظ ٻڌي، جهانگير کي ڏاڍو رحم آيو، ۽ فرمايائين ته ”خاطر جمع ڪريو. توڻي کڻي منهن جي پٽ اوهانکي ستايو هوندو، ته به آءٌ اوهان کي انصاف پلءِ وجهندس. هاڻي بنان ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي ماجرا بيان ڪريو.“
ٻڍڙيءَ جي اکين مان ته ڳوڙها بس ئي نه ڪن. نيٺ عرض ڪيائين ته ”اي اسان جا سردار! مان ۽ منهنجو مڙس بردوان جي ڏوراهين ڏيهه کان مهنن جا مهنا ڪهندي ڪهندي مس مس هت پهتا آهيون. واٽ تي پني پيٽ قوت پئي ڪيو اٿئون. حضور جي در اها اميد پائي آيا آهيون ته اسانجو پورو پورو داد ٿيندو. آهيون سي ضعيف ۽ مسڪين، ته به هيل تاءِ ڪنهن اڳيان هٿ نه ٽنگيو اٿئون. رب جي رضا تي راضي رهي، ڏکيو سکيو وقت پئي ڪاٽيو اٿئون. خدا جي فضل سان هڪ ننڍڙي رهڻ جي جاءِ ۽ ٻنيءَ جو ٽڪر به هئوسين. سڪي سڪي، پيريءَ ۾ پٽڙو ڄائوسين، جنهن کي لاڏ ڪوڏ سان نپائي، پئي نيڻ ٺارياسين. قضا سان اسان جي دادلي رستي تي راند پئي ڪئي. اوڏي مهل اَمير سيف الله به ڪو هاٿيءَ تي چڙهيو، اچي اُتان لانگهائو ٿيو. سندس بيپرواهيءَ کان، اسان جو اَبهم هاٿيءَ لتاڙي اُڦٽ ماري وڌو. هن ماجرا جي جڏهن اسان کي خبر رسي، تڏهن اسين هاٿيءَ پٺيان ڪاهي پياسين ۽ انصاف گهريوسين. پر انصاف ته انصاف جي ماڳ، مرڳوئي سرڪاري ڪامورن جي ڦٺ لعنت سٺيسون. انهيءَ تي آءٌ پاڻ جهلي نه سگهيس، سر وٺي کين ويڻ ورايم، ۽ حاڪم کي پڻ ٻن چار حرف پٽي ڪڍيم. بس، پوءِ جي اسان سان ويل وهايائون، تنجو ڪهڙو بيان ڪريون. اسانجو سارو مال ملڪيت ۽ ٽپڙ ٽاڙي حاڪم جي حڪم سان ضبط ڪيا ويا؛ ۽ پڻ اسانکي شهر نيڪالي ڏني ويئي.“
ائين چئي، ويچاري درد جي ماريل ٻڍڙي ساڻي ٿي ڪري پيئي ۽ ڏندڻ پئجي ويس.
هي روئداد ڏسي، جهانگير کي ڏاڍو ارمان پهتو؛ رڙ ڪري چيائين ته ”آهي اهو ڪير جو اسان جي ملڪ ۾ اهڙا انڌير ٿو وهائي؟ آءٌ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي ٿو چوان ته هنن ستايلن کي پوري داد ملڻ کان اڳ آءٌ سک ٿي نه سمهندس.“ ائين پڪاري، منشيءَ کي اِشارو ڪيائين ته سگهو هنن مسڪينن کي اول شاهي خزاني مان ڏه اَشرفيون آڻي ڏي ۽ پوءِ ڪاغذ قلم کڻي اچ ته انهيءَ اَڍنگي حاڪم کي سبق سيکاريون.“
منشي ’جي حضور!‘ چئي اُٿي کڙو ٿيو ۽ فرمان موجب ڏه اشرفيون آڻي پير مرد جي اڳيان رکيائين. پر پير مرد ته اشرفين کي هٿ به نه لائي، چي اسانکي داد گهرجي نه پئسا. آخر وڏي زور بعد مس مس اشرفيون پٽ تان کڻي، مٿي تي رکي، کڻي ڳنڍ ۾ ٻڌايائين. پوءِ ته منشي قلم هٿ ۾ کڻي، شاهي فرمان لکڻ لاءِ بادشاه کي ويجهو ٿيو.
جهانگير فرمايس ته هاڻ لک ته ”بنگالي جي حاڪم سيف الله کي سڏ ٿي ڏجي ته سندس ڪڌن ڪرتوتن جي اسانکي پوري پروڙ پئجي رهي آهي. هن تازو هڪ مسڪين ٻڍڙي ۽ ٻڍڙيءَ جو ڪوڏن جهڙو سڪيلڌو پٽ ناحق هاٿيءَ هٿان لتاڙائي ماري وڌو آهي. انصاف روءِ ته اهڙيءَ ڪنياءَ جو بدلو کيس هڪدم ملڻ گهرجي، پر هن دفع اسين سندس خطا تي چشم پوشي ٿا ڪريون. باقي کيس حڪم ٿا ڪريون ته پيلوان کي سخت سزا ڏئي، ۽ هنن اَڌينن کي سندن جاءِ ۽ ٻني موٽائي ڏئي؛ ۽ ٻين نقصانن عيوض کين هڪ وڏي رقم ڀري ڏئي. جي هيءُ اسانجو فرمان هڪدم بجاءِ نه آندو ويو، ته پوءِ سندس حياتيءَ جو خير نه آهي.“
انهيءَ رقعي تي جهانگير مهر ڪري، ٻڍڙيءَ کي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيائينس ته ”هيءُ وڃي پنهن جي حاڪم اڳيان پيش ڪريو، اُميد ته اوهان جا درد جلد دور ٿيندا.“
زال مڙس انهيءَ تي البت سرها ٿيا، ۽ وري منزلون ماريندا، اچي بردوان ۾ پهتا، ۽ شاهي فرمان سيف الله جي خذمت ۾ آڻي حاضر ڪيائون.
سيف الله هي فرمان پڙهي، تپي لوه ٿي ويو، ۽ اُن کي پرزا پرزا ڪري کڻي پٽ تي اُڇلايائين. ويتر حڪم ڪڍيائين ته ”هنن باغين کي پڪڙي، نظربند رکو، ۽ جيسين پنهنجي خطا نه مڃين ۽ منهنجو فيصلو قبول نه ڪن، تيسين ڀل ته قيد ۾ پيا ڪنا ٿين.“
بس، ويچارن لاءِ ته ويل وهي ويا. هڪ اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃي هنيائون. روز صبح جو هڪ داروغو پڇڻ ويندو هون ته ”ڇا، اڃان به حاڪم جو حڪم اوهانکي قبول نه آهي؟“ ڪيترن ڏينهن تائين ته ويچارن آڻ مڃڻ کان انڪار پئي ڪيو، پر نيٺ فاقا ڪڍي ڪڍي ۽ عذاب سهي سهي، لاچار کڻي هائو ڪيائون. تڏهين مس مس ٿي جندڙي آزاد ٿين. بنديخاني مان ڇٽي، رڙهي رڙهي وڃي هڪ وستيءَ ڀيڙا ٿيا، جتي ڳوٺاڻن مٿن ديا آڻي، ٽڪر ڀور اچي کاراين. جڏهن البت بت ۾ وريا ۽ هلڻ چلڻ جهڙا ٿيا، ته اُها وسي ڇڏي وري آگري ڏي روانا ٿيا. ٿوري گهڻي ڏينهين چارين وڃي سيف الله کي خبر رسائي؛ پر هو هاڻي پڪڙجڻ کان پري هوا. سيف الله کي سجهي آيو ته اجهو وري ٿو ممڻ مچي، سو آگري ۾ ڪن دوستن کي لکي موڪليائين ته ”خبر رکجو، متان هي خبيث وري نه ڪو خلم ڪن.“
زال مڙس به پنڌ کي ڀيڙيندا، اچي آگري کان نڪتا، پر ڇا ڏسن ته گهنڊڻين واري زنجير سپاهي پيا پهرو ڏين. ويچارن جون ٻه به وييون، ڇهه به وييون. هر روز صبوح کان وٺي شام تاءِ محلات جي چوڌاري پيا لامارا ڏيندا هوا، پر مجال نه ٿئين جو زنجير جي اوڏو وڃي سگهن. جي بادشاه شڪار تي نڪرندو هو، ته هي به سندس پويان لڳندا هوا، ۽ جي وري شهر مان گذر ڪندو هو، ته هي به پٺ نه ڇڏيندا هئس. بس ويچارن کي ائين ڪندي مهنن جا مهنا لنگهي ويا، پر مراد حاصل ئي نه ٿئين. نيٺ هڪ ڏينهن جئن بادشاه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، جمنا نديءَ تي شيل شڪار پئي ڪيا، تئن پير مرد پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي، ٻيڙيءَ جو ڳريو جهلي، وڏي دانهن ڪئي ته ”شاهن جا شاه! انصاف! اي شاهن جا شاه! اِنصاف!“ هيءُ فرياد ٻڌي، جهانگير تپرس ۾ پئجي ويو. جان نهاري ته هڪ پير مرد ٻيڙيءَ جي پاسي ۾ پيو تڙڳي ۽ ٿڙڦي. هڪدم حڪم ڏنائين ته پوڙهي کي پاڻيءَ مان ڪڍي، ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو ائين ڪيو ويو. پوءِ ته پوڙهي کي چڱيءَ طرح سڃاتاءِ، ۽ کانئس حال جي حقيقت پڇيائين. احوال ٻڌي، ڏاڍو غم ٿيس. ۽ سيف الله تي ڏاڍا ڇوه ڇنڊيائين. پير مرد ۽ سندس زال کي ٿانئيڪو ڪري، سيف الله ڏي قاصد روانو ڪيائين ته ”درٻار ۾ هڪدم اچي حاضر ٿيءُ.“
سيف الله کي ته خواب ۾ به ڪونه ٿي سجهيو ته سندس لاءِ ڪا مصيبت ٺهي آئي آهي. سو شاهي فرمان جي تهه طلب پيروي ڪيائين، ۽ لشڪر ساڻ ڪري، اچي جمنا نديءَ جي ٻئي ڪپ تي خيما کوڙيائين. سندس وارد ٿيڻ جي خبر وڃي بادشاه جي ڪن پهتي. انهيءَ ئي ڏينهن جهانگير حڪم ڪيو ته ”منهنجو هڪ مست هاٿي صبوح جو سوير تيار رهي.“
ٻڍڙي ۽ ٻڍڙيءَ کي پڻ امر ڪياءِ ته ”سڀاڻي اچي درٻار ۾ حاضر ٿجو.“ فجر جو زال مڙس کي هاٿيءَ تي سوار ڪري، ساڻن گڏجي جمنا ندي لنگهي پيار ٿيو. سيف الله اڃان ننڊ جي خمار ۾ ئي هئو. جهانگير حڪم ڪيو ته ”کيس چؤکنيو ٻڌي، هاٿيءَ جي اڳيان آڻي ڦٽو ڪريو. اک ڇنڀ ۾ ائين ئي ڪيو ويو. پوءِ ته هاٿيءَ هڻي سيف الله کي چپي چيڀاٽي، چيهون چيهون ڪري ڇڏيو. پنهنجي جهوني دوست جو اهڙو درد ڀريو موت ڏسي، جهانگير جي دل ڀرجي آئي، ۽ حڪم ڪيائين ته ”کيس وڏي مان ۽ طومان سان نيئي دفن ڪريو، ۽ ساري ڪچهري برابر ٻه مهنا ماتم ۾ رهي.“
انهيءَ ڏينهن هئن به درٻار ۾ ظاهر ڪياءِ ته ”توڻي سيف الله مونکي ڏاڍو پيارو هو، پر ته به انصاف هن کان وڌيڪ پيارو لڳم. ڇا به ٿي پوي، ته به بادشاه کي ضرور پوري عدالت ڪرڻ گهرجي، ۽ سندس سلطنت ۾ هر ڪنهن انسان کي خواه غريب هجي خواه غني، پنهنجا پورا پورا حق پلءِ پوڻ گهرجن.“

13

اهي مسند تي وهڻ کان اڳ، جهانگير ڀانيون ٿي ته سلطاني ڪلاه ۾ ڪي ڪل نعمتون سمايل آهن. پر اڃان تخت تي پير ئي ڪين ڄمايائين، ته پروڙ پيس ته اهو سندس خام خيال هو؛ ڇو ته جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا. تاجپوشيءَ کان اڳ ته البيلو ٿي، پئي خوب مزا ماڻيائين. هاڻ ته قسمين قسمين جوابدارين وڪوڙي ورتس. کيس تخت تي خالي چٽجي ڏکجي ڪونه وهڻو هو، نڪي ڪي رڳو ڏيک ويک واريون ڪچهريون قائم ڪرڻيون هيس. اول ته کيس ملڪ ۾ صلح سانت رکڻي هئي. ڪيترن ئي پوءِ ڍاولن رئيسن ۽ نوابن باغي ٿي، ڦرلٽ مچائي ڏني هئي ۽ رعيت ۾ بلوي جي باه پئي ڦوڪي. ٻيا ته ٺهيو، پر خود سندس جان جگر شهزادي خسرو به فتني ۽ فساد جا دليل ڏئي ڊؤڙايا. سو انهن مڙيني کي سنئين پير تي آڻي، آڻ مڃائڻي هيس.
انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جهانگير به مڙس ماڻهو هو. ٿوري ئي عرصي ۾ باغين کي ماري مات ڪياءِ. نه فقط ايترو، پر پڻس جا هيڏي ساري سلطنت پربا ڪئي هئي، تنهن ۾ امن امان ۽ عدل انصاف جو ڏؤنڪو وڄائي ڇڏيائين. پنهنجي نفس سان پڻ خوب جنگيون جوٽيندو پئي آيو، ۽ هونئن جو حرص ۾ غلطان هوندو هو، سو هاڻ سڌري صالح ٿي پيو.
مهرالنسا جي پرڻجي وڃڻ کي ٻه ٽي سال ٿي ويا هوا، مگر جهانگير جو اُن لاءِ اڃان به ڏيل پئي ڏکيو، ۽ سندس دل ۾ محبت جو مچ متوئي پيو هو. راتين جون راتيون پنهنجي مهلقا جي منهن ڏسڻ لاءِ انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ پيو ڪاٽيندو هو. ڪڏهن ته کيس اکين اڳيان اوڏو سمجهي، مٿس بيوفائيءَ جا الزام مڙهيندو هو، ۽ ڪڏهن ته سندس مٺو نالو للڪاري، کيس وصل لاءِ ورلاپ ڪندو هو.
مهرالنسا جي موَ ۾ هي مغرور مغل شهنشاه پنهن جي نرم ريشمي توشڪن ۽ تڪين تي ليٽندي اهڙا عذاب پيو سهندو هو، جهڙا قيدي سهن ڪاٺ ۾. سندس دل دائما اُدماد پئي کاڌا ته مهرالنسا کي جيڪر پنهنجي پٽراڻي ڪري باقي حياتيءَ جا ڏينهڙا سندس خذمت ۾ گولو ٿي گذاريان. مهرالنسا جي مٺيءَ لات جو پري کان پڙلاءُ اڃان به سندس ڪنن تي پئي پيو؛ ۽ هنجي من موهڻي مورت اڃان به سندس دل تي اُڪريل هئي. وڏائي وس هلايائين ته ڪئن اهي خيال چت تان لاهي، عشق جي بند مان پاڻ آجو ڪريان، پر ڪجهه نه وريس. نيٺ لاچار ٿي، سٽون سٽڻ لڳو ته علي قلي بيگ کي هرکائي، يا دڙڪا تاب ڏيئي، کانئس مهرالنسا کي طلاق ڏياري، پنهنجي من جي مراد حاصل ڪريان. سو بهاني ڪبهاني علي قلي بيگ کي پاڻ وٽ گهرائي ورتائين. اول ته سندس وڏي آجيان ڪيائين. پوءِ ساڻس اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. ڳچ وقت بعد کيس چياءِ ته ”يار! مون کي پڪ آهي ته تون ته هن جهان ۾ ئي جنت جا مزا پيو ماڻيندو هوندين. ننڍپڻ جي ڳالهه اڃان مونکان نه وسري ويئي آهي ته ڪئن مون هڪ دفعي تنهن جي گهرواريءَ کي ڏٺو. سندس سونهن، سمجهه ۽ سوڀيا انوقت منهنجيءَ دل تي واه جو اثر وڌو.“
علي قلي بيگ جواب ڏنو ته ”هائو سائين! بيشڪ هن بندي کي الله تعاليٰ نوازيو آهي. هوءَ منهنجي اکين جو ٺار ۽ ڳچيءَ جو هار آهي. آءٌ خدا جا ڏاڍا شڪر ادا ٿو ڪريان جو منهنجيءَ غريباڻيءَ اونداهيءَ مڙهيءَ کي هنجي چمڪندڙ چهري سان چمڪايو اٿس.“
هي لفظ ٻڌي، جهانگير کي جان تان جوش آيو، سو کيس چيائين ته ”البت چنڊ وانگر فقط دورانهينءَ تان توتي چمڪي ٿي؛ باقي هيٺ لهي اچڻ کان ته، مان ڀانيانٿو، ته اڃان توکان عار ڪندي هوندي.“
علي قلي بيگ جواب ڏنو ته ”سائين! گناه معاف؛ پر مون به مٿس سر، ساه فدا ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هوءَ به مونسان اهڙي ئي سچي آهي.“
جهانگير پاڻ وڌيڪ جهلي نه سگهيو، سو زوم مان هڪل ڪري چيائينس ته ”اڙي! آهين تون ڪير؟ سمجهين ڇاٿو؟ مهرالنسا تو جهڙي جي دام ۾ ڦاسجڻ واري نه آهي؟“
علي قلي بيگ به البت غصي ٿي ورايو ته ”هائو، قبلا! پر منهنجي صحبت جي تاءِ هنجي به دل مورم وانگي رجائي، نرم ڪري وڌي آهي؛ ۽ اسين ٻئي هاڻ يڪجسم آهيون.“
جهانگير گهنڊ پائي چيو ته ”بيوقوف! هوش رک. خبر اٿيئي ته ڪو وقت هو جو مهرالنسا ۽ مان هڪ ٻئي تي ليليٰ مجنون وانگي هواسين.“
علي قلي بيگ به الغرضائيءَ سان جواب ڏنو ته ”مونکي ته ڪا خبر ڪانهي. هوءَ هينئر منهنجي نڪاح ٻڌي زال آهي، ۽ ڪنهن به بني بشر کي طاقت ناهي جو کيس مونکان جدا ڪري سگهي.“
جهانگير چٽ ٻڌي چيس ته ”يار! ڪي سمجهه. هوءَ ۽ آءٌ هڪ ٻئي جي عشق ۾ اَڙيل آهيون، سو منهنجي صلاح اٿيئي ته ڪري کيس طلاق ڏي.“
علي قلي بيگ هي حرف ٻڌي، ڪاوڙ ۾ تپي لعل ٿي ويو؛ ۽ شوخيءَ سان چياءِ ته ”جيسين سر سلامت اٿم، تيسين آءٌ هن کي ڇڏڻ وارو نه آهيان.“
جهانگير وري به سمجهايس ۽ چيائينس ته ”تڏهن، تون اڃان مهرالنسا تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهين؟ باقي آءٌ توکي ٻڌايانٿو ته جيڪڏهن تون منهنجو چيو مڃيندين، ته آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندس.“
علي قلي بيگ جواب ڏنو ته ”ائين ته ڪڏهن به نه ٿيندو.“
تنهنتي جهانگير چيس ته ”جي آءٌ توکي اهڙو حڪم ڪريان، ته به انڪار ڪندين؟ ٿورو خيال ڪري، جواب ڏي.“
علي قلي بيگ وراڻي ڏني ته ”اها خيال ڪرڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي. جي حضور جن انهيءَ ڳالهه تي هوڏ ٻڌيو بيٺا آهن، ته پوءِ آءٌ به مئي مارائي کان سواءِ نه رهندس. مونکي به پنهنجي نڪ کي مر لائڻي ناهي. جيڪڏهن اڄ سائين جن کانسواءِ ڪو ٻيو اهڙي مجال ڪري ها، ته پاڻيهي ڪل پويس ها.“
ائين چئي، اُٿي کڙو ٿيو. ۽ سڌو گهر ڏي روانو ٿيو.
جهانگير کي علي قلي بيگ جي اهڙيءَ روش تي ڏاڍو صدمو پهتو، سو آرام ئي نه اچيس. هتان اُٿي پيو هت وهي. عشق جي انڌ ۾ ڇا جو ڇا پئي بڪياءِ. نيٺ دل ۾ پڪو پهه پچاياءِ ته ”مهرالنسا کي ڪئن به هٿ ۾ آڻيندس. مونکي خاطري آهي ته هن جي اڃان به مون سان لنءُ لڳل آهي، سو آخر ٿيندي به منهنجي. هن هٺيلي ايراني سپاهيءَ کي هن بيحرمتيءَ جي بدلي ۾ ضرور سر ڏيڻو پوندو. مهرالنسا ڪنهن به صورت ۾ هنجي ٻنڌڻن ۾ نه ٻڌي هوندي. لائق ئي منهنجي آهي، سو ضرور منهنجي پٽراڻي بنبي. ڦٺ هجي ههڙي تخت کي جنهن مونکي هيترو وقت کانئس غافل رکيو آهي.“
اهڙا خيال پچائي پچائي، تاڙي وڄايائين، جنهن تي سندس يار غار وزير نذير احمد هٿ ادب جا ٻڌي، اچي اڳيان بيٺس ۽ چيائين ته ”حضور اعليٰ جو ڪهڙو فرمان آهي؟“
جهانگير: ”يار! پاڻ ملهائڻ جو هاڻ عمدو وجهه اٿيئي. اُٿي ڪمر ڪش. جي ڪشالا ساڀ پيَءَ ته آءٌ به تنهنجا ٿورا عمر ڀر نه وساريندس.“
نذير احمد: ”قبلا! هي غلام حاضر آهي. جو به فرمان ڪندا، ته وس آهر ڪين گهٽائيندس، ۽ جيسين اُنجي سر انجامي نه ڪندس، تيسين ننڊ آرام به حرام اٿم.“
جهانگير: ”مونکي خاطري آهي ته تون ڪا ڪوتاهي نه ڪندين. هاڻ خيال ڏيئي ٻڌ. ڪم نهايت ڪٺن ۽ جوکائتو اٿيئي؛ ڏاڍي سنڀال گهرجي. خبر نه هونديءَ ته آءٌ مهرالنسا تي مفتون هوس، مگر اُن کي وقت بخت ياوري نه ڪئي، جنهنڪري هوءَ منهن جي هٿن مان نڪري ويئي. اهو به معلوم اٿيئي ته هاڻ هوءَ علي قلي بيگ جي گهر ۾ آهي. هيترا ڏينهن ته پئي سندس صحبت لاءِ ساه سڪايم، پر هاڻ وڌيڪ پاڻ پلي نٿو سگهان. اجهو تنهنجي اچڻ کان اڳ۾، علي قلي بيگ کي گهرائي، ڪيترو سمجهايم ته مهرالنسا کي کڻي طلاق ڏي؛ پر هن نالائق ائين ڪرڻ کان بنہ اِنڪار ڪيو.“
نذير احمد: ”ڇا؟ علي قلي ۽ انڪار؟ حضور اعليٰ جو غصو جو هوند زمين آسمان زير زبر ڪري ڇڏي، تنهن کان به نه ڊنو؟ رڳو هڪ لفظ جي دير آهي، حڪم ڪريو ته پورو ٿيو پيو آهي.“
جهانگير: ”سچ ائين آهي، پر دل نٿي چويم ته ڪو حڪومت جي شروعات ۾ ئي رعيت کي رتوڇاڻ ڪريان. پر حالتون اهڙيون بڻجي بيٺيون آهن جو لاچار ائين ڪرڻو پوندو. نادان علي قلي بيگ پاڻيهي ٿو پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي. ٻوجهه نٿي پويس ته جنهن ڳالهه تي منهنجيءَ ساريءَ زندگيءَ جي آسري جو مدار آهي، تنهن ۾ ٿو مونکي آڏو پوي. جيتوڻيڪ هن منهنجي نوڪري ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان ڏني آهي، ته به اڄ جا اهڙي اَڍنگي هلت هليو آهي، تنهن لاءِ ضرور کيس پڇتائڻو پوندو. سندس موت بنان وري مون لاءِ چارو به ڪونهي. هاڻ ٻڌ. هن کي ائين ختم ڪري ڇڏ، جو ڪنهن کي گم ئي نه پوي.“
نذير احمد: ”قبلا! دلجاءِ ڪريو. اهو ڪم ڄڻ ته ٿيو پيو آهي. اهڙي ته اٽڪل ويڙهائيندس، جو سندس ملائڪن کي به پتو نه پوندو. اوچتو ئي اوچتو ڪنهن مست هاٿيءَ جي پيرن هيٺون اهڙيءَ کيڏ سان لتاڙائي ماري وجهجيس، جو هرڪو ائين ڀانئين ته اتفاق سان فوت ٿي ويو.“
جهانگير: ”يار! واه جي رمز رٿي اٿيئي. بيشڪ مجرايون لهڻيُءِ.“
نذير احمد نئڙي ڊگهو سلام ڀري، چيو ته ”حضور جو اقبال زياده هجي. منهنجي ته هميشہ اها آرزو رهي آهي ته سائين جن جي خذمت ۾ دم ڏيان. ويندڙ ئي شرط وڃي ٿو اوهان جي ڪم کي لڳان.“
ائين چئي، ٻاهر نڪتو. دربانن وٽان معلوم ٿيس ته علي قلي بيگ کي ٿورو وقت ٿيو جو محلات جي وڏي دروازي مان نڪري، ڏاڍيءَ تڙ تڪڙ ۾، ٻالڪيءَ تي سوار ٿي، پنهنجيءَ جاءِ ڏي روانو ٿيو. نذير احمد به هڪ مست هاٿي سنڀرائي، اُن تي ٿي ويٺو ۽ علي قلي بيگ وارو رستو وٺي، هنجي ڪڍ پيو.
علي قلي بيگ جا پالڪي بردار سوڙهين گهٽين مان ، آهسته آهسته رڙهندا پئي ويا. علي قلي بيگ ته پنهنجن ئي خيالن ۾ ٻڏو پيو هو. مٿس جيڪي وهيو واپريو هو تنهنتي غور پئي ڪياءِ. آخر دل ۾ اهو پڪو ٺهراءُ ڪري ڇڏيائين ته مال ملڪيت ڌن دولت سر سميت قربان ڪندس، مگر مهرالنسا کي پنهنجي جيئري جهانگير جي حوالي هرگز نه ڪندس. ڏاڍو جوڌو جوان هو. خوف جو دل ۾ دئو به ڪونه هوس. بيپرواهيءَ وچان مڇون پئي موڙيائين، ۽ جهانگير ته آخر ۾ به نه هوس.
جئن سندس پالڪي هڪ سوڙهيءَ گهٽيءَ مان پئي لنگهي، تئن هڪ مست هاٿيءَ جي ڳوري ۽ تڪڙي قدم جو آواز سندس ڪن تي پيو. هن اها هڪ رواجي ڳالهه ڪري سمجهي، ڇو ته گهٽين مان هاٿي سدائين پيا ايندا ويندا هوا. پر اوچتو ئي پالڪي بردار پالڪيءَ کي ڦٽو ڪري اُٿي ڀڳا. انهيءَ تي علي قلي بيگ منهن ٻاهر ڪڍي نظر ڊوڙائي. جان ڏسي ته هڪ مست هاٿي مٿس ڪاهيندو پيو اچي. گهڙي اڌ جي ترسي ها، ته پرزا پرزا ٿيو پيو هجي ها؛ پر همٿ جهلي، هڪدم پالڪيءَ مان ٽپ ڏيئي ٻاهر ٿيو. کن ۾ پالڪي ته هاٿيءَ جي پيرن ۾ اچي پرزا پرزا ٿي ويئي، ڄڻ ته ڪو دفتريءَ جو ٽڪرو هو. هاٿيءَ هاڻ مٿس هلان ڪئي، علي قلي بيگ به منهن نه موڙيو؛ سينو ساهي سامهون ٿي بيٺو. ڪڍنديئي ترار وٺي جو سونڍ ڌاري هنيائينس، سو حال ته هاٿي به هٽي پوئتي ٿيو. پر ترار جي گهاءَ رسڻ ڪري هيڪاري شوخيءَ سان حملو ڪيائينس. علي قلي بيگ به هڪيو هوشيار هو، سو نڪا ڪيائين هم نڪا تم؛ وٺي جو مٿي ۾ ڀالو ٺوڪيائينس، سو رت ريلا ڪري وهڻ لڳو ۽ هاٿي شڪست کائي اُٿي ڀڳو. پوءِ علي قلي بيگ پنهنجي ترار اُگهي صفا ڪري، کپ ۾ وڌي، ۽ اهڙو بيپرواهيءَ سان گهر ڏي رمندو رهيو، جو ڄڻ ته ڪي به ڪين ٿيو هوس.
جڏهن گهر پهتو، تڏهن مهرالنسا سندس خون آلودا ڪپڙا ڏسي ڏاڍي انتظار وچان واڪو ڪري چيو ته ”خير ته آهي؟ هيءُ رت ڇاجو آهي؟ مهرباني ڪري ساري حقيقت ٻڌايو.“
علي قلي بيگ!: پياري! ڪي به ڪينهي. رڳو هڪ مست هاٿي اچي پٺيان پيم، پر مون به کيس هٽائي پوئتي ڪيو.“
مهرالنسا: ”ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا! آءٌ سڀاڻي ديگ لهرائي، اوهانجي سر تان صدقو ڪڍنديس.خدا شل اوهانکي وڏي حياتي ڏئي.“
علي قلي بيگ البت ڏکويل آواز سان چيو ته ”خدانخواسته جي آءٌ مري وڃان ها ته توکي ڪو هرج ڪونه پئي ها.“
مهرالنسا: ”خدا خير ڪري! هي ڇا ٿا چئو؟ اوهانکي مون منجهان رنج رسيو هجي ته ڀلائي ڪري جلد ٻڌايوم ته معافي وٺي اوهانکي آرامي ڪريان.“
علي قلي بيگ: البت هڏيءَ سان چيو ته ”توکي منهنجي اندر جي ڪهڙي خبر؟ جي دل کولي ڏيکاريانءِ ته پوءِ جيڪر ڪل پويئي ته ڪهڙي نه دکويل آهي. اجهو هينئر جهانگير وٽان ٿيو ٿو اچان. اڃان تنهنجي پچار نه ڇڏي اٿس. چويم ٿو ته مهرالنسا کي طلاق ڏيئي، کڻي منهنجي حوالي ڪرينس. ڀانئجي ته ائين ٿو ته تون به اُنهيءَ ۾ خوش آهين.“
اهي اکر ٻڌي، مهرالنسا جو منهن ئي سنيارجي ويو. ۽ چوڻ لڳي ته ”چئو ڇا ٿا؟ خبر ڪانهيو ته ڪنهن زماني آءٌ شهزادي کي پيار ڪندي هيس. مهنن جا مهنا سندس لاءِ بيقراريءَ ۾ گذاريم. هڪ هڪ ڏينهن منهنجي لاءِ ورهيه ٿي ٿي لنگهيو. آخر هن ته منهنجو قدر نه سڃاتو، ۽ نڪي ڪي پنهنجا ٻول پاڙياءِ. اهو به سڌ سماءُ نه رکيائين ته مون سان ڇا ٿي گذريو. توهان پنهنجا وڙ ڪري، منهنجا عيب ڍڪي، مون تان پنهنجا هٿ نه لاٿا. آءٌ مورانهين اوهانجي ايتري حاضرداريءَ جي لائق نه هيس. هاڻ ته ٻڌي ڇڏيو اٿوَ، سو مرڻ گهڙيءَ تاءِ اوهانجي ٻڌي ٻانهي ٿي رهڻ منهنجو مرڪ آهي.“
علي قلي بيگ زال کي ڀاڪر ۾ وٺي چيو ته ”پياري! اڄ تو مونکي ڄڻ ته نئون جياريو آهي. ۽ انهيءَ جو اجر توکي خدا ڏيندو! انشاءِ الله! اسين هرگز جدا نه ٿينداسون. آءٌ ته ڀانيانٿو ته جهانگير کي هروڀرو توکي هٿ آڻڻ جو ڪو اهڙو خيال نه آهي. منهنجي سمجهه ۾ ته ائين ٿو اچي ته اهو فقط هڪ شاهاڻو پُور آهي. سلطنت جي واڳن وٺڻ بعد، هو گهڻو سڌريل آهي، ۽ عدل ۽ انصاف جي راه تي وس آهر هلندو پيو اچي.“
مهرالنسا: ”گهڻو خوف خطرو ته ڪونه ٿو ڏسجي، پر ته به سنڀال رکجو، متان دشمن ٿي بيهي، ۽ اوهانجي حياتيءَ کي جوکي ۾ وجهي. آهي ڏاڍو خار باز، اوهان جو سندس امر کي آڏو آيا آهيو، سو متان بدلي وٺڻ بنان نه رهي.“
علي قلي بيگ: ”تنهنجو پيار ئي منهنجو حامي همراه آهي. سوين ماڻهو مڙي اچن، ته به آءٌ ڏندين ڏاند آهيان. مجال نه اٿن جو منهنجو وار ونگو ڪري سگهن.“
هي همت ڀري حرف ٻڌي، مهرالنسا ڀتار کي ڳر لائي چيو ته ”بيشڪ! کلي کلائي ميدان تي ڪوبه دشمن توهانجي سامهون بيهي نه سگهندو. مونکي رڳو اهو ڊپ آهي ته خدا نخواسته اوهان سان ڪو ڊوه نه ٿئي.“
علي قلي بيگ: ”پياري! ڊپ نه ڪر. يقين اٿم ته ڳجها منصوبا مونکي ڪوبه نقصان رسائي نه سگهندا. اُميد ته ڪابه حرفت مونتي اُپڙي نه سگهندي. اهو دشمن جو منهن سامهون نٿو اچي سگهي، تنهن جو ويچار ڪرڻ ئي اجايو آهي.“
مهرالنسا: ”شل خدا پنهنجي ٻاجهه ڪندو، ۽ اوهانکي هٿ ڏيئي رکندو! اهو ئي بي اَجهن جو اَجهو ۽ نسلن جو نگهبان آهي.“
هنن پاڻ ۾ هيئَن حال احوال پئي اوريو ته هوڏانهن وري جهانگير چوڌاري جهاتيون پئي پاتيون ته ڪيڏانهن نذير احمد سگهو اچي، پنهنجي فتح جي خوشخبري سڻائي. جيئن پئي ويرم پيئي، تيئن پئي وڌيڪ پريشان ٿيو. نيٺ هڪ خذمتگار نذير احمد جي گهر ڏي روانو ڪيائين ته خبر وٺي اچ ته ڪهڙو حال آهي. نذير احمد ملول ٿيو، گهر ۾ ليٽيو پيو هو؛ سو خذمتگار جي سڏ تي، سڏ تي، سڌو ساڻس گڏجي بادشاه جي خذمت ۾ حاضر ٿيو. جهانگير کيس پري کان ڏسڻ شرط پڪاري چيو ته ”سمجهجي ٿو ته تنهن جا سعيا سجايا نه ٿيا.“
نذير احمد: ”قبلا! دل ته نٿي گهريو ته اوهان جي ڪم پوري ڪرڻ بنان اوهانجي حضور ۾ اچي حاضر ٿيان. پر جڏهين سائين جن جو ماڻهو اچي نڪتو، تڏهن لاچار هليو آيس.“
جهانگير: ”مهرالنسا جي ميڙائي بنان مونکي ڪا مسروري نه آهي. نيڻن ننڊ ڇڏي ڏني آهي. سگهو ڪم راس ڪر، ته ڪا روح کي راحت رسي.“
نذير احمد: ”سائين منهن جا! هن حڪم جي بندي کي به ننڊ پاڻي حرام آهي. توهان جي ڪم جي ڪوشش ته هتان وڃڻ ويل شروع ڪيم. هڪ مست هاٿيءَ کي چونگ ڏيئي، کڻي علي قلي بيگ تي بڇيم؛ پر هن خبيث اُلر ڪري، سونڊ ڌاري اهڙا ته ڪاري ڌڪ وڄايس، جو هو ڇرڪي اُٿي ڀڳو.“
جهانگير: ”شاباس! اهو ڪم ائين ئي ٿيندو. همت نه هارج. مونکي يقين آهي ته سگهو ئي تون سوڀارو ٿيندين.“
نذير احمد: ”جئندا قبلا! اوهانجي بخت ياوري ڪئي، ته دشمن هرگز داوري ڪري نه سگهندو. آهي ڪهڙي خسيس ڳالهه؟ ڳڻتي فڪر نه ڪريو.“
جهانگير: ”پيارا دوست! سالن جي سانڍيل عشق هاڻ ڀڙڪو کائي ڀنڀٽ مچائي ڏنو آهي. جيترا بڪيون جلائي رهيو آهي. ٻن ٻيڙين جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان. مهرالنسا کان سواءِ جئڻ جنجال آهي. علي قلي بيگ جي مرڻ بنان کيس حاصل ڪرڻ محال آهي. دل نٿي مڃي ته ڪو علي قلي بيگ کي ايذاءُ پهچي. هو هڪ بانڪو بهادر آهي، ۽ منهنجو به مٿس راض آهي. هوڏانهن وري معشوق به نٿو سهسائي سگهان. ملڪ هجي، تخت هجي، پر جي مهرالنسا نه ملي ته ڇا ٿيو؟ ڇا ڪبو طائوسي تخت کي؟ ڇا ڪبو سلطاني سچ کي؟ محبوب بنان اهي مڙيئي عين عذاب آهن.“
نذير احمد: ”حضور اعليٰ کي هاڻ تر به ترسڻو نه پوندو. آخر آهڙا ڪم پل اندر پورا ڪين ٿيندا آهن. مهرالنسا بيگم جو ستارو زور ٿو ڏسجي، جو توهان جهڙو شهنشاه مٿس فدا آهي.“
جهانگير: ”انهيءَ ۾ ڪهڙو عجب؟ جهڙس حسن تي ملائڪ به موهجي وڃن، سو آءٌ سندس محبت ۾ مستانو ٿيس ته ڪهڙي وڏي ڳالهه ٿي؟ آءٌ ته ڀانيان ته سنديس نوراني نظر کان پلڪ به پراهون نه ٿيان. خدا ڪري جو سندس جمال جو تارو مونتي سدائين چمڪندو رهي.“
نذير احمد: ”رکو رب تي، مڙيئي سڻائي ٿيندي. ڪنهن کي آهي مجال جو اوهانجي آرزو ريٽي سگهي؟“
جهانگير: ”مون ته هن نامراد ايرانيءَ سان وڏا وس هلايا، پر باز نه آيو. ڏاڍو هوڏي ۽ مدمغ آهي. رڳو پنهنجي عزت آبروءَ جي تند پئي تنواريائين.“
نذير احمد: ”حضور! پڇوس ته سهين ”ليڙ پيءَ! هيءُ مان مرتبو جنهن تي ايڏو ڪڏين ٿو، سو آندءِ ڪٿان؟ اُهي ڏينهن به ياد ڪر، جڏهن دمڙي به کيسي ۾ نه هيَءِ ۽ خسيس سپاهگيريءَ لاءِ به ٻاٿون پئي کاڌيُءِ. جي حضور مرحوم جا هٿ نصيب نه ٿيني ها، ته اڄ آخر ۾ به نه هجين ها.“
جهانگير: ”جڏهن اُهي ڏينهن ڀلجي ويو آهي تڏهن ته اڄ منهنجي ڳالهه کيس ڳوري ٿي لڳي. مهرالنسا کي ته ڪنهن به دستور پاڻ وٽ آڻيندس. ڪميڻو چويٿو ته ’مهرالنسا مونتي مشتاق آهي.‘ وات جي پلاه کي ڪهڙو صرفو؟ ٻڌو ته هوندءِ ته نڪاح رات ڪئن نه لتن لعنتن جو مٿس وسڪارو لائي ڏنو هئائين، سو ٿو مڙس هاڻ هنجي حب سنديون هامون هڻي! دٻڙ دونس شادي؛ وري جي مونتي ڪوريو قربان ٿي وڃي.“
نذير احمد: ”هائو، سائين! هائو. مون پاڻ ٻڌو هو ته مهرالنسا بيگم کي ته ڏينهن جا ڏينهن سنديس شڪل به ڏٺي نٿي وڻي. ويچاريءَ کي وڏيون آسون هيون ته پس پيش اوهين کيس انهيءَ آزار مان ڪڍندا. پر اوهانتي جو اوچتو حڪومت جو بار اچي ڪڙڪيو سو اوهان به اهڙو رڌا رهيا، جو سنديس ڪر ئي ڪانه لڌيوَ. تڏهن لاچار ويچاريءَ منهن مٺو ڪري، علي قلي بيگ سان گذارڻ لڳي. هاڻ به جي پتو پويس ته اوهين مٿس اهڙائي خواهان آهيو، ته هوند پکيءَ وارا پر ڪري اچي پيش پوي.“
جهانگير: ”افسوس! مونکي اهڙي کڙڪ ئي ڪانه هئي ته ڪو ويچاريءَ مون لاءِ واجهه پئي وڌا. اها خبر بنہ هاڻ پيئي اٿم. انهيءَ سببان ڀانيان ته علي قلي بيگ کي سر بچائڻ جو وري به يڪبارگي وجهه ڏيان. جي پوري پير تي اچي ويو، ته ڏاڍو چڱو. مٿس جور جفا هلائڻ، نهايت ڏکيو ٿو لڳيم. جي ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو ڪم آڻجي؟ تون به جي مٺ محبت ۾ مڃائي آڻينس، ته دهرو دان ڏيندوسانءِ. پر جي ڪنهن به قول باز نه آيو ته پوءِ اختيار وارو آهين، جئن وڻيئي اوئين ڪج. هاڻ اُٿ، ۽ سندرو ٻڌي، وڃي ڪم جي سرانجامي ڪر.“
نذير احمد: ”قبلا! علي قلي بيگ مٺ محبت مان ڇا ڄاڻي؟ ساڻس مٿو مارڻ ئي اجايو آهي. تنهن هوندي به حضور جو حڪم مونکي اکين تي آهي. وسون ته ڪين گهٽائيندس، پر جي سڌو نه ٿيو، ته پاڻيهي نتيجو لوڙيندو. هاڻ، خدا حافظ! حضور جن تسليٰ ڪن. انشاءَ الله! ڪئن به ڪري، ڪم کي پورو ڪبو.“

14

شاهي محلات مان ٻاهر ايندي مهل، نذير احمد جو منهن خوشيءَ وچان ٽڙيل نظر پئي آيو. اکيون آسمان ۾ کوڙي، سينو ڪشي، مڇون مروڙي، دليل پئي دؤڙايائين ته اڄ مون جهڙو ملڪ ۾ ڪو ڳوليو لڀندو. دنيا دولت جي جوفي تي هڪ مسڪين مگر شير دل سپاهيءَ کي قتل ڪرڻ جون رٿون پئي رٿيائين. اهڙو ته آڦرجي ويو، جو پاڻيهي پاڻ تي آفرين ڪري، پئي چيائين ته”نذير احمد! تون به ڪا شيءِ آهين، تڏهن ته ڏينهون ڏينهن بخت وڃيئي ٿو بالا ٿيندو، ۽ شان شوڪت اعليٰ ٿيندو. ويچار ته ڪر ته اڳي جو ڳنڍيون پيو ڪتريندو هئين، سو اڄ اهڙي منزل کي وڃي رسيو آهين، جو هاڪارا حاڪم به منٿون ميڙون پيا ڪنئي. واه جو جگر ڌاريو اٿيئي! هاڻ گهڙ ڪو اهڙو گهاٽ، جو دعيءَ مدعيءَ مان مؤجان ماڻين.“
اهڙا پہ پچائيندو، اهڙيون لاتيون لنوندو، گهٽيون گهوما لتاڙيندو، اچي هڪ جهوپڙيءَ وٽ پهتو. در کي ٻه ٽي دفعا کڙڪايائين، تنهن تي هڪ ٻڍڙي عورت ٻاهر نڪري آئي ۽کيس منهن ۾ چتائي ڏسي، اندر وٺي ويئي. صفي ۾ چاليهارو کن ماڻهو ويٺا هوا، جن شراب جا پيالا پر ڪيو پئي پيتا. نذير احمد کي ايندو ڏسي، سڀني عجب ۾ پئجي، پڪاريو ته ”تون وري هت ڪئن اچي نڪتو آهين؟ اسان ليکي ته تون بادشاه جو خاصخيلي بنيو ويٺو آهين”شاهي خزاني جي لٽڻ جي ڪا تجويز سٽي هجيئي، ته اسين هردم حاضر آهيون.“
نذير احمد جواب ڏنو ته ”اهڙو ته موقعو ملڻ اڃا مشڪل آهي؛ مگر بادشاه جي چاڪريءَ ڪرڻ جو هينئر واه جو وجهه آهي. ڪريو همت ته ٺالهي ٻڌا ٽڪا ڳنڍ ٻڌايانؤ.“
موالين مان ڪيترن پڪاري چيو ته ”بادشاه جي خذمت ۾ ته اسين هردم ڪمر ڪشيون بيٺا آهيون. ڪئين سردارن ۽ سيٺين جو مال ضبط ڪري، کين سڌو جهنم ڏي روانو ڪيو اٿئون! جي ائين نه ڪريون ته هو جيڪر اهڙو فساد ۽ دنگو مچائين، جو في الحال ته ساري سلطنت کي لوڏو ڏيئي ڇڏين. هاڻ ٻڌاءِ ته اهڙي به ڪا ٻي خذمت؟“
نذير احمد مشڪي ورايو ته ”بيشڪ! اسان جو روز مره جو ڌنڌو تحسين جوڳو آهي. پر اڄ ڪا ٻي ڳالهه آهي. قصو ڪوتاه، ته جهانگير علي قلي بيگ جي سهڻيءَ زال تي مفتون ٿي پيو آهي. هوڏانهن وري هو هٺيلو ايراني پنهنجيءَ عورت تان هٿ نٿو کڻي، سو مونکي حڪم مليو آهي ته ڪنهن به دستور وڃي، هن کي ختم ڪري اچ. آءٌ به سمجهي ويٺو آهيان ته اوهانجي مدد کانسواءِ آءٌ ڪي به ڪري نٿو سگهان. اوهان کي مڙساڻو انجام ٿو ڏيان ته هن ڪم جي عيوض اوهان کي دل گهريا انعام وٺي ڏيندس. صلاح آهي ته اڄ رات ئي چمڙا پوش پهري، اوچتو هلي علي قلي بيگ جي مٿان ڪڙڪون؛ ۽ کيس قابو ڪري، زوران زوريءَ زالس جو طلاق نامو لکائي وٺونس.“
سڀني چيو ته ”سبحان الله! اهڙي به ڪا ٻي ڳالهه؟ اڌ رات ٿئي ته سڀ تيار آهيون.“
نذير احمد: ”شاباس! پهلوانو! هاڻ ٽڙي پکڙي وڃو. اڌ رات جو چؤنڪ وٽ گڏباسون.“
ائين چئي نذير احمد گهر ڏي راهي ٿيو.
اڌ رات جو وڳڙو هو. جيڏانهن نظر ڦيراءِ، تيڏانهن اونده انڌوڪار. نج نيلي آسمان تي تارن ٽمڪ ٽمڪ پئي ڪئي. زمين تي صلح سانت لڳي پيئي هئي. ماڻهو مرون، پکي پکڻ، جيت جڻيا، مطلب ته ساري مخلوقات دنيوي فڪراتن کان فارغ ٿي، ننڊ جي نشي ۾ محو هئي. شاعرن ننڊ کي مؤت جي ڀيڻ ڪري ڪوٺيو آهي. ننڊ ۾ انسان جو روح بدلجي پڃري مان نڪري، ڪٿي جو ڪٿي شيل شڪار پيو ڪري. شاه ۽ گدا، غريب ۽ غني، حاڪم ۽ محڪوم هڪجهڙا ٿيو پون. باندي پنهنجا بند وساريو ڇڏي. سلطان کي سلطنت فراموش ٿيو وڃي، الم ۽ انديشا، غم ۽ وهم دل جي ڦرهيءَ تان ميسارجو وڃن.
اجهو اهڙيءَ ويل نذير احمد ۽ سندس سڀ سنگتي اچي چؤنڪ وٽ نڪتا. اونداهيءَ وچان ائين سرندا پئي آيا، جو ڄڻ ته ڪي جن ڀوت آهن. پوءِ ته ويهي صلاحون ڪرڻ لڳا.ايتري ۾ سندن چارين اچي خبر چار ڏني ته ”پڙ پالهو پيو آهي. هاڻ ته بنان تڪليف مقصد حاصل ٿي پوندو.“ انهيءَ تي سڀ اُٿي کڙا ٿيا ۽ سڌو علي قلي بيگ جي گهر ڪاهي پيا. ان بعد نذير احمد هڪ نئين نموني جي سيٽي وڄائي، جنهن تي سندس ٻه چار سنگتي جي علي قلي بيگ جي گهر ۾ ڇپيا ويٺا هوا، سي نڪري نروار ٿيا، ۽ هڪ ننڍڙي کليل دروازي ڏي هٿ کنيائون. پوءِ ته سڀيئي ڌوڪيندا اندر گهڙي پيا. اول ته اندرين درن دروازن کي تاڙيون وجهي ڇڏيائون، ۽ انهن تي ڇهه ماڻهو پهريدار بيهاري علي قلي بيگ واري ڪمري ڏانهن وڌيا. علي قلي بيگ در دروازو کوليو، الغرضو ٿيو ستو پيو هو. هي لٽيرا اُتي پهچڻ شرط، تراريون کپن مان ڪڍي علي قلي بيگ کي وڪوڙي ويا. منجهانئن چئن ڄڻن مهرالنسا کي کٽ سوڌو کڻي وڃي ٻئي ڪمري ۾ وڌو.
نذير احمد پنهنجي ترار جي نوڪ علي قلي بيگ جي سيني تي لڳائي، تنهن تي هن ننڊاکري آواز ۾ پڪاري چيو ته ”ڪير آهين؟ ڇا لاءِ هتي آيو آهين؟“
نذير احمد ورايو ته ”اسين به تو جهڙائي انسان آهيون. تو وٽ هڪ نهايت نازڪ نياپو کڻي آيا آهيون.“
علي قلي بيگ جو اڃان ننڊ جي مؤ ۾ هو تنهن ڪر موڙي چيو ته ”ڇا جو نياپو؟“
نذير احمد ترار جي نوڪ البت زور سان چڀائي چيو ته ”اُٿي اک پٽ. جي اڃان به مهرالنسا کي طلاق ڏيئي آجو نٿو ڪرين، ۽ ڏهن هزارن اشرفين جو ڳوٿرو منهنجي حوالي نٿو ڪرين، ته ڄاڻ ته جهنم ڏي روانو ٿئين.“
علي قلي بيگ هي حرف ٻڌي، ستل شير جيان اُڇانگ ماري، نذير احمد جي هٿ مان ترار کسي ورتي؛ ۽ رڙ ڪري چيائين ته ”ڪنهن کي آهي اهڙي ٻوٿي جو اهڙا لفظ ٿو ڳالهائي؟“
نذير احمد چيو ته ”بيوقوف! ڪي سمجهه. موت اچي مٿي تي بيٺو اٿيئي. جي ڀانئين ته سندس چنبي کان ڇٽان ته ماٺ ميٺ ۾ کڻي پنهنجي زال کي طلاق ڏي، ۽ پنهنجي خزاني جون ڪنجيون آڻي اسانجي سامهون رک.“
علي قلي بيگ اُمالڪ بسترو ڇڏي، کڙو ٿي بيٺو. ۽ گجگوڙ ڪري چيائين ته ”آهي ڪير جو هي اکر ٿو منهنجي سامهون بڪي؟“
نذير احمد هاڻ پنهنجي ساٿين کي حڪم ڪيو ته ”علي قلي بيگ تي حملو ڪريو.“ پاڻ به هڪ کليل ترار هٿ ۾ کڻي ساڻن شامل ٿيو. سڄيون ساريون چاليهه تراريون هن بهادر ايرانيءَ کي وڪوڙي وييون، پر هن بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي بيپرواهيءَ سان پنهنجي تکي تلوار ڦيرائي، منجهن اهڙو ته ٽاڪوڙو وجهي ڏنو، جو هنن جي همٿ ئي هارجي ويئي، ۽ ساڻس وڌيڪ مقابلو ڪري نه سگهيا. ڪيترا ته قتل ٿي ويا، ڪيترا اڌ مئا ٿيا، باقي زخمجي پيا. علي قلي بيگ کي به گهڻائي زخم رسيا. نذير احمد وري به هڪواريءَ يڪي سر حملو ڪرڻ تي هو، پر اچانڪ دروازو کلي پيو؛ ۽ علي قلي بيگ جا ڪيترا نوڪر ساڻس اچي ڀيڙو ٿيا.
انهيءَ تي ويتر نذير احمد ۽ سندس زخميل ساٿي پڇ پائي اٿي ڀڳا، ۽ ستت ئي ٽڙي پکڙي، غائب ٿي ويا. علي قلي بيگ جا ماڻهو گهڻو ڪي سندن پٺيان پٺيان، پر هننجو پتو به ڪونه پيو.
هوڏانهن وري علي قلي بيگ مهرالنسا کي پنهن جي ماڳ تي نه ڏسي، ڏاڍو پريشان ٿيو، ۽ سندس ڳولا ڦولها ڪرڻ لڳو. آخر کيس گهر ۾ صحيح سلامت ڏسي، نهايت سرهو ٿيو. مڙس کي جوکي ۾ ڏسي، مهرالنسا جو به ساه قبض ٿي ويو هو، سو هنجو سر سلامت ڏسي، ڏاڍي اُڪنڍ مان پڪاري چيائين ته ”ڌڻيءَ جا لک شڪرانا جو مون مسڪين جي صدقي اوهانکي نئين حياتي بخشي اٿس. مون جو اوهانجي ڪمري ۾ ڪن لفنگن جو لڙ ٻڌو، سو وڃي نوڪرن کي سجاڳ ڪيم. هاڻ هت اسان لاءِ وڌيڪ رهڻ محال آهي.“
علي قلي بيگ گهر واريءَ جا اهڙا قرب ڀريا حرف ٻڌي، گد گد ٿي ويو ۽ کيس ڳراٽڙي پائي چيائين ته ”پياري! اڄ ته توئي مونکي بچايو آهي. اِهي رهزن مونکي اهڙو وڪوڙي ويا هوا، جو پاڻ ڇڏائڻ مشڪل هو، پر اوچتو نوڪر سهڙيا، ۽ هو هڪدم اُٿي ڀڳا. اُميد ته وري ويجهو نه ايندا.“
مهرالنسا: ”اوهين ته ڏاڍا زوراور ٿا ڏسجو. هي ڪي رواجي چور نه هوا. ڏٺم ته سڀني کي منهن تي برقعا پيل هوا. شڪ نه آهي ته ڪنهن زبردست دشمن جا ڇاڙتا هوا.“
علي قلي بيگ: ”منهنجي من ٺار! ڪو ڳڻتي فڪر نه ڪر. جي دشمن ڏينهن ڏٺي جو مون سان سامهون ٿيڻ کان ڇرڪن ٿا، تن جو ڪهڙو اُڊڪو ڪبو. مٺڙي! ڇڏ انهيءَ پچار کي. اچ ته هاڻ آرام ڪريون. جنهن مالڪ هن وير تائين اسانکي هٿ ڏيئي رکيو آهي، سو اڳتي به ڪين ڇڏيندو.“
جهانگير تي مهرالنسا جي نينهن وري نئين سر آرا پئي ڪيا، سو سلطنت جي معمولي ڪاروبار کان وهلور پئي ويو. شراب جون پڪون پي، پئي پاڻ پر ڀاياءِ.
اڄ رات وٽس وڏي محفل متي پيئي هئي. مشهور گوئيا، تانسين جا ثاني، لاثاني قانون هڻي، من موهيندڙ آلاپ ڪڍي، ڀانت ڀانت جا راڳ ۽ راڳڻيون ڳائي رهيا هوا. شيرازي شراب جا دؤنگ پئي لٽيا. نازڪ بدن نينگرين ناچ نچڪا وجهي، مجلس کي پرستان بنائي وڌو هو. جهانگير جي روح ويتر ريلا پئي ڏنا. پل پل پنهنجي پرينءَ جون واٽون پئي واجهايائين. اَسر ڌاري مس محفل برخاست ٿي. جهانگير نذير احمد جي اوسيڙي ۾ اُتيئي ويٺو رهيو. نيٺ نذير احمد به اچي نڪتو. سندس منهن مان ئي پئي بکيو، ته مطلب حاصل ڪري نه موٽيو آهي. جهانگير پريان ئي پڪاري چيس ته ”منهن جو نصيب اڃا ڪي کُٿل ٿو ڏسجي.“
نذير احمد: ”خدا جا شڪرانا، جو شينهن جي چنبي مان جند ڇڏائي اٿم. منهن جي ڪن ساٿين ته سائين جن جي خذمت ۾ سر ڏنو آهي.“
جهانگير: ”ساري حقيقت پيرائتي سڻاءِ.“
نذير احمد ”علي قلي بيگ ته رستم ۽ اسفنديار جو به ڏاڏو آهي. سندس همت ۽ بهادريءَ جي ڪهڙي تعريف ڪريان؟ مطلب ته قهريءَ ڪيهر وانگي اچي اسان تي ڪڪڙيو. اسان ۾ ته ٽاڪوڙو وجهي ڏنائين. ڪي ڪٺا، ڪي ڦٽيا، باقي ساه مٺ ۾ ڪري اٿي ڀڳا.“
هيءَ واردات سڻي جهانگير غصي ۾ ڀرجي چيو ته ”انهيءَ جو کانئس ضرور بدلو وٺڻ گهرجي. تنهنجن همراهن جي پويرن جي قوت گذران لاءِ آءٌ پاڻيهي جوڳو بندوبست ڪندس.“
نذير احمد: ”وڏي مهرباني. حضور جن جي جلال جو شال ساري جهان تي جلوو پوندو رهي. جيسين علي قلي بيگ کان انهيءَ جو وير نه وٺندس، تيسين مونکي نيڻين ننڊ حرام آهي.“
جهانگير: ”هاڻ ڪا ٻي رمز رچي اٿيئي؟ اُميد ته هاڻ هڻي وڃي هنڌ ڪندين.“
نذير احمد گهڻي غور بعد عرض ڪيو ته ”قبلا! اجهو هينئر هڪ ڳالهه دل تي تري آئي اٿم. سڀاڻي جو علي قلي بيگ درٻار ۾ ايندو، سو ضرور پاڻمرادو انهيءَ حادثي جي حڪايت ڪندو. اوهين به سندس سرجوشيءَ تي کيس خوب ساراهجو. ائين ڪرڻ سان هو اهڙو ته ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو، جو ڪهڙو به جوکائتو ڪم مٿس رکبو ته نابري نه واريندو. پوءِ ته آءٌ به هڪڙو ڇتو بکايل چيتو وٺي، اچي لڙائيندوسانس.“
جهانگير: ”ائين وري ڪئن ٿيندو؟ آءٌ ته تنهنجي پرولي نٿو پروڙيان. چٽو چؤ.“
نذير احمد: ”آءٌ سندس دليريءَ تي ٺٺوليون مچائي ڏيندس ۽ ڀريءَ محفل ۾ چوندوسانس ته ’جيڪي ٻڌائين ٿو سو شايد سپني ۾ ڏٺو اٿيئي.‘ انهيءَ تي ضرور ڪاوڙبو. پوءِ چوندوسانس ته ’يار! جي اهڙو پهلوان آهين، ته اسانکي به ڪو انهيءَ جو اُهڃاڻ ڏيکار. ترار کڻي، چيتي سان ته وڙهي ڏيکار‘.“
جهانگير خوش ٿي چيو ته ”هيءَ ته چڱي رمز لڌي اٿيئي. جي ائين ڪرڻ سان مقصد حاصل نه ٿيو، ته به وندر ته واه جي ٿيندي. هاڻي توکي موڪل آهي، صبح جو سويلو تيار رهج.“
مقرر ڪيل وقت تي ٻئي ڏينهن درٻار سمن برج واري ڪشادي دالان ۾ ڪئي ويئي. سامهون جمنا نديءَ گڙ گڙ پئي ڪئي. نديءَ ڪناري هڪ کليل ايوان هو، جتي اڪبر بادشاه هاٿي ويڙهائيندو هو. علي قلي بيگ اڄ البت اوير آيو. راتوڪي حادثي ڪيري دير سان جاڳيو هو. جئن جهانگير جو نئڙي اچي سلام ڀريائين، تئن هن ٺٺولي ڪري چيس ته ”رات ته ڏاڍا ڪي عشق ڪمايا اٿيئي، جو اڄ درٻار ڏي اچڻ ۾ هيتري ويرم وڌي اٿيئي.“
علي قلي بيگ ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو ته ”حضور اعليٰ! ڪالهه سارو ڏينهن ۽ ساري رات مونسان اهڙي ويل وهي گذري آهي، جو ڇا بيان ڪريان. اڳ۾ ته هڪ مست هاٿي اچي مٿم ڪڙڪيو. ذري گهٽ نهوڙي نيون هئائينم. پر الله جي مهرباني، جو نيٺ مٿس قابو پيس. پوءِ وري آڌيءَ رات جو هڪ ڪاٽڪن جي ٽوليءَ منهنجي گهر کي کاٽ هڻي، ننڊ جي غفلت ۾ مونتي هلان ڪئي. پر خدا جي فضل سان سڀن کي تڙي ڪڍيم. تنهنڪري چرڪو سمهيس، سو وري اٿيس به چرڪو.“
جهانگير: ”بيشڪ، تنهنجيءَ تلوار ۾ به عجب کيل رکيل آهن. تو جهڙو پهلوان به ڪو ڇڊو لڀندو. پر مست هاٿيءَ سان يڪي سر وڙهڻ ۽ لٽيون جي سڄيءَ ساريءَ ٽوليءَ کي ڀڄائي ڪڍڻ، اسان جو عقل ته نٿو مڃي.“
نذير احمد وچ ۾ پئي چيو ته ”قبلا! گستاخي معاف، پر علي قلي بيگ جو ڊاڙون پيو هڻين ته ’مون هينءَ به ڪيو ۽ هونئن به ڪيو،‘ سا ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ بابو سائين به جهنگ جي چيتن ۽ شينهن کي هٿيارن پنهوارن بنان چيري ڦاڙي رکندو هو، ۽ مست هاٿين کي ته ڪن کان وٺي سڌو ڪندو هو.“
جهانگير: ”علي قلي بيگ جي سورهيائيءَ ۾ به گهٽ ڪانهي. مونکي پڪ آهي ته هو به هٿيارن پنهوارن بنان چيتن ۽ شينهن کي هڻي ليٽائي رکندو.“
نذير احمد منهن گهنجائي چيو ته ”قبلا! بي ادبي معاف ڪجو، مگر آءٌ ته منجهس اهڙي ٿوم ئي نٿو ڏسان. ڀلئي ڀلائي به نه سنڀران ته ڪڏهن ڪو هن اهڙو سورماڻو ڪم ڪيو.“
علي قلي بيگ خار کائي، شوخيءَ سان چيو ته ”نذير احمد! زبان بند ڪر. جي اٿيئي ڪا مڙسي، ته لهي آءُ ميدان تي. پوءِ پاڻيهي پيو مجرايون ڏج.“
نذير احمد: ”مونتي مهت لڌءِ، ته ڇاٿي پيو؟ انهيءَ مان ڪهڙو مان مرتبو وڌندءِ؟ اچ ته ٻئي ڪنهن چيتي سان زور آزمائي ڪريون. سامهون ميدان تي هڪ چيتو بيٺو آهي. وڃي اُن سان لڙ. يا ته هار قبول ڪري، منهنجي لانگ هيٺان لنگهه، ته آءٌ ٿو وڃي چيتي کي پورو ڪري اچان.“
علي قلي بيگ: ”هش! هش! تو پارو ٿو چيتي سان وڙهي! تنهنجو اهڙو مهانڊو ئي ڪينهي، ڪٿي آهي اهو چيتو، ته آءٌ اِتي اِتي حضور اعليٰ کي ثابت ڪري ڏيکاريان، ته اهو منهنجي اڳيان گدڙ مثل آهي.“
نذير احمد: ”سامهون ميدان جي ڇيڙي تي هڪ شڪاريءَ وٽ هڪ چيتو آهي. پر عجب ته رات ٻن چئن چورن کي تڙي ڪڍڻ ڪري تنهنجو مٿو ايترو ته ڦري ويو آهي، جو پاڻکي ’چيتي مار‘ جو لقب ڏيڻ ٿو چاهين.“
علي قلي بيگ ڪاوڙجي چيو ته ”ڇا، مون کي ٻٽاڪي سمجهيو اٿيئي؟ وٺي آءُ چيتي کي، ته تماشو ڏيکاريانءِ. جي چيتو نٿو آڻين، ته هاڻ توسان وڙهڻو پوندم.“
نذير احمد هڪ نوڪر کي اشارو ڪيو ته وڃي چيتو وٺي آءُ. کين ساعت ۾ نوڪر هڪ بک جو ماريل چيتو لوڙهي آيل ميدان اندر آڻي حاضر ڪيو. علي قلي بيگ ڊنو اصل ڪين. جهانگير ۽ درٻارين کي سلام ڪري، لهي پيو پڙ ۾. چيتو، جو بک ۾ پئي آجهڙيو، تنهن علي قلي بيگ کي ڏسڻ شرط مٿس ڪاه ڪئي. پر هي وريام، گوهي ڏيئي، ٺهر سان هٽي پري ٿيو. جيسين وري چيتو موٽ کائي اچي، تنهن کان اڳ علي قلي بيگ جي تکي تلوار وڃي، گردن تي ڪڙڪيس، ۽ زخمجي زمين تي ڪري پيو. هاڻ ته هيڪاري ايذاءَ وچان، وڌيڪ وحشي ٿي پيو، ۽ وٺي گجڻ لڳو. پر جيسين وري اُٿيئي اُٿي، تيسين علي قلي بيگ ترار ڦيرائي اهڙو چتايل ڌڪ ٺوڪيس، جو سنديس سسي ڌڙ کان ڌار پري وڃي پيئي.
تماشبينن ۾ ’واه! واه!‘ پئجي ويئي. علي قلي بيگ چيتي جي سسي کڻي، اچي بادشاه جي اڳيان نذر رکي. جهانگير جيتوڻيڪ نهايت نااُميد ٿيو، جو سنديس بدنيت پوري نه ٿي، ته به علي قلي بيگ جي پهلوانيءَ مٿس از خود اثر ڪيو. مٿانئس سونن سڪن جون مٺيون ڀري گهورڻ لڳو، ۽ زري دار خلعت پهرائي، مٿس ”شيرافگن“ جو لقب ڌريائين.

15

هڪ ڏينهن جهانگير پنهنجي محلات ۾ سنجابي سنگهاسن تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو. منهن ۾ ملول هو. ڪنهن ڳوڙهيءَ ڳڻتيءَ ۾ وڪوڙيل ٿي ڏٺو. اوچتو ئي هڪ جنگ جوان اندر گهڙي آيو. جهانگير ته پنهنجن خيالن ۾ اهڙو محو هو، جو کيس ڪو به سماءُ نه پيو. ڪجهه وقت اهو شخص هڪ هنڌ ٿنڀ ٿي بيٺو رهيو ته من جهانگير جي از خود مٿس نظر پوي. پر جڏهن ڏٺائين ته اهڙي اميد ڪرڻ اجائي آهي، تڏهن واڪو ڪري چياءِ ته .ادا سائين! توسان ڪهڙي ويڌن آهي؟ ڪهڙيءَ جهوريءَ جهٽيو اٿيئي؟ منهن ڏس، ته ڪئن نه اُٻاٽجي ويو اٿيئي! ڪهڙي سبب کان تنهنجو چمڪندڙ چهرو اڄ ڪاري ڪڪر جهڙو پيو ڀانئجي؟ آخر ڇا ۾ موڙهو آهين؟ هيڏيءَ ساريءَ سلطنت جو سردار تنهنکي ڇا نٿو ميسر ٿي سگهي؟
هنن حرفن جو پڙلاءُ ٻڌي، جهانگير اونهيءَ ٽٻيءَ مان اُٿي سجاڳ ٿيو، ۽ وائڙو ٿي پڇيائين ته ”اڙي! تون قطب الدين آهين ڇا؟ تون وري هت ڪٿان آئين؟ بنگالي کان ڪڏهن موٽيين؟ آءٌ ته تنهنجي راه نت نهاري رهيو آهيان. هن ويل توکي هت ڏسي مونکي جا خوشي ٿي آهي، سا بيان ڪري نٿو سگهان. يار! مونکي هن وقت تو جهڙي دل گهرئي دوست جي گهڻي درڪار آهي.“
ائين چئي، تخت تان هيٺ لهي قطب الدين کي ڀاڪر پائي مليو، ۽ سنديس بلڪل گهڻي مرحبا ڪيائين.
قطب الدين ورندي ڏني ته ”آءٌ بنہ اڄ آيو آهيان. پر ٻڌاءِ ته سهين ته ڇو اهڙو وياڪل ۽ ويڳاڻون پيو ڏسجين؟ خوش مزاج شهزادي سليم مان بدلجي، ڳڻتي ڳريو شهنشاه جهانگير ٿي پيو آهين! شايد سلطاني ڪلاه ۽ سر جو سرور هڪ ٻئي جا ساٿي آهن؟“
جهانگير وڏو ساه کڻي، جواب ڏنو ته ”ڪهڙيون ٿيون ڳالهيون پڇين؟ بادشاهي هلائڻ ڪا سنهنجي ڳالهه نه آهي؛ هٿ وٺي آهي پاڻ کي جنجال ۾ اُڙائڻ مشڪلاتن ۽ جوابدارين ته منهنجو من ئي منجهائي لولا لولا ڪري ڇڏيو آهي. سانده ٻه سال دل و جان سان ڪوشش ڪري، رعيت سان عدل ۽ انصاف جي روش وٺندو آيو آهيان. ڏينهون ڏينهن داد خواهن جو تعداد وڃي ٿو وڌندو. جنهنڪري ڪابه فراغت ڪانه ٿي مليم. هاڻ ته اچي بنہ ڪڪ ٿيو آهيان. آرزو اٿم ته اهڙو من گهريو معشوق مليم جنهنجي صحبت ۽ محبت ۾ سڀ غم الم غرق ٿي وڃن. پر افسوس! جو اها مراد حاصل ئي نٿي ٿئي. بادشاه هئڻ ڪري، پنهنجي مقصد تي رسڻ لاءِ زور ظلم به نٿو هلائي سگهان. سچ پڇين ته غريب غربا به اڄ مونکان وڌيڪ سکي ۽ آجا آهن. جا به ڳالهه چت چاهين، سا بنان ڪنهن روڪ ٽوڪ جي بلاشڪ ڪري سگهن ٿا.“
قطب الدين: ”مار! مون ڀانيو هو ته سائينجن ڪا جنگ هارائي ويٺا آهن، يا ته ڪي سائين جن جي خلاف وڏا منصوبا مچي ويا آهن. پر هاڻ ٿو ڏسان ته اوهانجي درد جي دوا ڪنهن مهلقا جو منهن آهي. مبارڪ هجي سائينجن کي، جو عشق جي بازار اڃان اهڙي تيز رکندا پيا اچو.“
جهانگير: ”مروئان مؤت، ملوڪان شڪار! توکي لڳي آهي مسخري؛ پر مونلاءِ ته جنسي موت آهي. آءٌ ته پيو پچان ۽ پڄران، لڇان ۽ لوچان ته ڪيڏانهن منهنجو پرين اچي منهنجي دل اندر ديرو ڪري.“
قطب الدين: ”پر هت کامڻ ۽ کپڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هند جو شهنشاه ڇا نٿو ڪري سگهي؟ دنيا ته دنيا جي ماڳ پر جي چاهي ته بهشت جي حورن سان محبت ونڊيان، ته به ڪا ڏکي ڳالهه ناهي.“
جهانگير: ”اهڙيءَ ڪوڙيءَ خوشامد کان بس ڀلي آهي. خود منهنجا زر خريدا به پوريءَ طرح منهنجو حڪم نٿا مڃين، سو تون ٿو فرشتن ۽ حوُرون تي مونکي حاڪم بنائين! اها بهشت جي بادشاهت شال توکي نيبہ هجي! اسانکي جي من گهريو منٺار مليو، ته سڀڪي ٿيو.“
قطب الدين: ”سائين منهنجا! آخر سليو ته سهين ته ڪهڙيءَ مهلقا اوهانجو من موهيو آهي، ته آءٌ پنهنجي جادوءَ جي زور سان سندس روح ڪنهن دٻليءَ ۾ بند ڪري، آڻي اوهان وٽ حاضر ڪريان.“
جهانگير: ”گهڙي ساعت ٺهپر ڪر. آءٌ سربستي ڳالهه ڪري ٿو ٻڌايانءِ. ۽ جي مون ۾ ڪو قصور يا خامي ڏسڻ ۾ اچيئي، ته ڀلائي ڪري وڏا وعظ نه ڪج. منهنجي دل اڳيئي عشق جي اَري ۾ گرفتار آهي، سو عقل جي اشارن کان اصل پري آهي. تون پاڻ مونکي اَنجام ڏي ته منهنجي هر طرح مدد ڪندين، پوءِ کڻي منهنجي ڳالهه سهائيندي هجي يا اڻ سهائيندي، صحيح هجي يا غلط. آءٌ بنہ بي وس آهيان. هنئين اچي هوڏ ٻڌي آهي. تن ۾ رات ڏينهن بره جي تؤنس آهي. اهڙي سهڻي سڄڻ سان هڪواريءَ پاند اَڙائي، پوءِ پاڻ ڪڍي وڃڻ مشڪل آهي. هن کان سواءِ هاڻ وڌيڪ رهي نٿو سگهان. مونکي سندس روح دٻليءَ ۾ بند ٿيل نه کپي. شال جيئري جاڳندي، جهڙي آهي تهڙي، جلد پلءِ پويم!“
قطب الدين: ”تون منهنجو سائين ۽ سلطان آهين. جئن اَمر ڪندين، ائين ڪندس. فقط حڪم جي دير آهي.“
جهانگير:”آفرين! نالي سو ماٽي جو ڀاءُ آهين، پر سڳن ڀائرن کان به وڌيڪ سڄڻ آهين. هاڻي ٻڌ ته ٻڌايانءِ. شايد اڳيئي خبر هونديءِ، ته آءٌ مهرالنسا تي موهت هوس. هوءَ به مونتي اَڪن ڇڪن هئي. منهنجي پرپٺ پڻس سنديس مرضيءَ جي اُبتڙ کيس علي قلي بيگ سان پرڻائي ڇڏيو. خبر ملي اٿم ته مهنن جا مهنا مڙس سان ڪوبه واهپو نه رکيائين. مون ليکي ته مونسان بيوفا ٿي، پنهنجيءَ رضا خوشيءَ سان وڃي علي قلي بيگ سان شادي ڪئي اٿس. حقيقت ۾ ته ڏوهه مڙيوئي منهنجو هو، جو کيس خواب خيال ڪري وساري ويٺس. هاڻ جو ساري حقيقت معلوم ٿي اٿس، سو سندس عشق وري نئين سر اندر ۾ اُلا اُٿاريا آهن. جيسين کيس پنهنجي راڻي نه ڪندس، تيسين روح کي راحت نه ايندي. علي قلي بيگ کي گهڻيون ئي آزيون نيازيون ڪيون اٿم، ته زال کي کڻي جواب ڏي؛ پر هو منڪر اصل نٿو مڃي. هوڏانهن آءٌ مهرالنسا جي فراق ۾ ڄڻ ته دوزخ جا عذاب پيو سهان.“
قطب الدين: ”مار! هيءَ ته ڏاڍي وڏي ڳالهه ٿي! علي قلي بيگ جهڙو وڙائتو ۽ لائقن ڀريو مڙس ته ڪو ڳوليو لڀي. ازان سواءِ منهنجو ساڻس دوستيءَ جو ناتو به لڳي، سو دل نٿي چويم ته کيس ڪنهن به قسم جو نقصان رسايان. پر هروڀرو جي ڪنڌ تي ڪاتي اچي بيٺي آهي، ته لاچار. دوستيءَ جي ننگ کان وري به ڀائپيءَ جو حق وڌيڪ آهي.“
جهانگير: ”بيشڪ! مونکي به تو ۾ اهڙيا ئي اُميد هئي. جي ڀاءُ ڀاءُ جو اوکيءَ وير همراه نه ٿيندو، ته ٻيو وري ڪير ٿيندو؟“
قطب الدين: ”ڏاڍو افسوس اٿم جو وچ۾ علي قلي بيگ ٿي پيو آهي. سائين جن کي جي منهنجيءَ جان جي ضرورت هجي ته اُها فدا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. باقي علي قلي بيگ جهڙي وفادار دوست جو خون وهائڻ مون کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. پر لاچار کي ڪهڙو آچار؟“
جهانگير: ”ڀلا، ڇونه کيس ريهي ريبي باز آڻين؟“
قطب الدين: ”اهڙي اميد ئي اجائي آهي. علي قلي بيگ جهڙو عزت آبروءَ وارو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪٿان مڃيندو؟“
جهانگير: ”ٺهيو، حال ته اها ڳالهه وساري ڇڏ. اچ ته هاڻ ڪي شغل ڪريون.“
قطب الدين ”توکي وري خوشمزاج ڏسي، آءٌ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. اچ ته ڪو وقت ته گڏجي کائون پيئون ۽ مزا ماڻيون.“
پوءِ جهانگير جي حڪم تي، کانو ۽ گانو موجود ڪيو ويو، ۽ ڳچ تائين عيش عشرت ڪري، هڪ ٻئي کان جدا ٿيا.
قطب الدين جهانگير جو هو سو ماٽي جو ڀاءُ، مگر ساڻس نهايت گهائل مائل هو. ننڍي هوندي کان وٺي پاڻ ۾ گڏ گذاريو هوائون، ۽ هڪ ٻئي سان رانديون رونديون ڪيون هوائون. ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي جهانگير هنجي دل تي اثر وڌا هوا ته پنهن جي بادشاه جي وفاداريءَ سان خذمت ڪرڻ ئي سچو ڌرم آهي. تنهن ڪري هو جهانگير مٿان سر صدقي ڪرڻ لاءِ هردم تيار هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سهي سنڀري، علي قلي بيگ جي گهر ڏي روانو ٿيو. علي قلي بيگ کيس ڏسي، اُٿي کڙو ٿيو، ۽ جئن وڏيءَ اُڪير سان ٻانهون ڊگهيڙي، کيس ڀاڪر ٿي پاتائين، تئن قطب الدين هٽي پري ٿيو.
علي قلي بيگ کي ڏاڍو تعجب لڳو، سو پڪاري چيائين ته ”اُميد ته اسانجي دوستي اڃان قائم آهي.“
قطب الدين: ”منهنجي دل چاهي ٿي ته هميشہ لاءِ جيڪر توسان دوستيءَ جو ناتو نباهيان. پر، افسوس! اهڙو اتفاق اچي بڻيو آهي، جو اسان جي دوستي هاڻ شايد وڌيڪ جٽاءُ نه ڪندي.“
علي قلي بيگ: ”آءٌ ته تنهنجون پروليون نٿو سمجهان. مهرباني ڪري کليو کلايو ٻڌاءِ ته تنهن جو مطلب ڇا آهي؟“
قطب الدين: ”منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ. تنهنجي حياتي وڏي جوکي ۾ آهي. جي سر جو خير گهرين، ته هٺ هوڏ ڇڏي ڦٽي ڪر.“
علي قلي بيگ: ”هيئن منهن جي گهر اچي، مونکي ڊيڄارڻ توکي مناسب نه آهي. اهو خطرو، جنهن جي ڳالهه ٿو ڪرين، سو ڪهڙو آهي؟“
قطب الدين: ”شهنشاه جو غصو ۽ منهنجي ترار.“
علي قلي بيگ: ”ها! ها! تڏهن شهنشاه توکي به پنهنجو ڇاڙتو بنايو آهي. بس، بس، سمجهيم. يعني ته، جي پنهن جي زال ڪڍي بادشاه کي آڇيان، ته پوءِ البت تون مونکي شابس ڏيندين؟ ائين نه؟ جي اها مراد اٿيئي، ته ڀلائي ڪري پنهن جا چپ لنبي ڇڏ.“
قطب الدين: ”يار! ڪجهه سمجهه ڌار. بيشڪ زال تان هٿ کڻڻ ڏاڍو مشڪل آهي. آءٌ به توسان دلي همدردي ٿو ڪريان. پر حالتون به عجيب بنجي بيٺيون آهن. جهانگير ته مستانو ٿي پيو آهي، سو سنديس مرضيءَ پٽاندر هلڻ بنان تو لاءِ ٻيو چارو ڪونهي.“
علي قلي بيگ: ”بس، ٻڌم. اجائي بڪواس بند ڪر. اها حياتي ئي گهوري جنهن ۾ عزت آبروءَ کي وٽو لڳي.“
قطب الدين: ”جيڪي چوين ٿو سو سڀ سچ آهي، پر شاهي فرمان جي بجا آوريءَ ۾ آءٌ به گسڻ وارو نه آهيان. وري به چتاءُ ٿو ڪريانءِ ته پنهنجي حاڪم جي آوڏو نه آءُ. اها ونگي واٽ ڇڏي، ساڃهه سک.“
علي قلي بيگ: ”ڪنهن ڏينهن ته مڙيو ئي مرڻو آهي؛ پوءِ اڄ نه ته سڀان. ٿوري عرصي بعد بيعزتو ٿي مرجي، تنهن کان ڇونه هينئر ئي عزت آبروءَ سان سر ڏجي؟ مهرباني ڪري بادشاه کي وڃي ٻڌاءِ ته هاڻ آءٌ سنديس زياده نوڪري ڪرڻ ۾ عار ٿو سمجهان. مرضي اٿم ته باقي حياتيءَ جا ڏينهن وڃي پنهنجيءَ ننڍڙيءَ جاگير تي گوشه نشينيءَ ۾ گذاريان.“
قطب الدين: ”اها اجائي زبان درازي آهي.هينئر مجال نه اٿيئي جو ڪيڏانهن چري سگهين. آءٌ توکي اڃان به ٽن ڏينهن جي مهلت ٿو ڏيان. انهيءَ عرصي ۾ دل من پڇي، آخرين فيصلو ڪري ڇڏج. چوٿين ڏينهن توکان جواب وٺڻ ايندس.“
علي قلي بيگ: ”چوٿين ڏينهن ڇو، ڀل ڪري چوٿين ورهيه اچ. مون وٽان جواب ساڳيو اڄوڪي جهڙو ملندءِ.“

16

ٽي ڏينهن لنگهي ويا، مگر علي قلي بيگ ڪوبه جواب نه مڪو. قطب الدين کي اهڙي سورهيه سڄڻ سان ناحق ڊوه ڪرڻ جو رڳڻو خيال ئي نٿي آئڙيو؛ پر جهانگير سان وعدو ڪري ويٺو هو، سو مجبور هو. چوٿين ڏينهن اَسر جو هڪ فؤج ساڻ ڪري، علي قلي بيگ جي گهر ڏي راهي ٿيو.
علي قلي بيگ گهر جي چانئٺ وٽ سنديس خاطر خواه مرحبا ڪئي، پر قطب الدين جي منهن ۾ گهنڊ پيل هو، سو کهري آواز سان هڪل ڪري چيائينس ته ”ڇا ٿو چوين؟ جي اڃان به هٺ تان هيٺ نه لهندين، ته جيڪي ڪرڻو هوندم، سو بنان لڄ لحاظ جي ڪري چڪندس، ۽ تنهنجي گهر واريءَ کي هتان کڻائي ويندس.“
اِهي اکر ٻڌي، علي قلي بيگ کي ننهن کان چوٽيءَ تائين باه وٺي ويئي. واڪو ڪري چيائين ته ”نادان! زبان بند رک، مفت لڙ لڙ نه ڪر، نه ته خدا جو قسم ته انهيءَ ڪني زبان کي تنهنجي ڪميڻي وات مان ڪپي، ڪتن ڪانوَن کي اُڇلائي ڏيندس.“
قطب الدين: ”رنن جيان گارگند نه ڪڍ، مگر مڙس ٿي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيءُ.“
ائين چئي، قطب الدين ترار ڦيرائي، علي قلي بيگ تي هلان ڪئي. پر هن پهلوان، پلٿو ماري، ڌڪ گسائي ڇڏيو، ۽ اوچتو ئي اوچتو پلنگ جيان اُڇانگ ماري، پنهنجي تکي ترار قطب الدين جي سيني ۾ لنگهائي وڌائين. قطب الدين پٺيءَ ڀر پٽ تي ڪري پيو. سپاهي، هيءُ حال ڏسي، علي قلي بيگ تي بندوقون ڇوڙڻ لڳا. پر هن جي ترار باه جي اُلي وانگيان چمڪاٽ ڪري، ڀر ۾ بيٺلن ٻن چئن سپاهين جون سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري وڌيون. اهڙيءَ شجاعت ۽ مردانگيءَ سپاهين جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، سو هٽي پوئتي ٿيا. پوءِ ته مٿس توبن جا وسڪارا لائي ڏنائون. پر هن بهادر ايرانيءَ اڃان به همٿ نه هاري. تلوار ڦيرائي، هاڪارو هڻي، پئي چيائين ته ”هڪ هڪ ٿي، اچي منهنجي سامهون ٿيو.“ پر جواب ملڻ بدران، مٿس تير اوُر ڪري پئي اُڏاڻا. قضا سان هڪ زهردار تير سندس دل ۾ گهڙي ويو؛ ۽ پنهنجي مرڻينگ دوست جي ڀر ۾ ڪري پيو.
قطب الدين مٿس هٿ رکي، سس پس ڪئي ته ”ادا! مون ته فقط فرض ادائي ٿي ڪئي. مون کي معاف ڪج.“
علي قلي بيگ جواب ڏنو ته ”فڪر نه ڪر. وري به اسين دوستن وانگي ٿا دم ڏيون.“
جئن قطب الدين کيس ڀاڪر ٿي پاتو، تئن هڪدم گهٽڪو کاڌائين ۽ ڀڻڪو ڪري چيائين ته ”ادا هاڻ پرتين رب کي.“ هڪ پل اندر ٻنهي جا روح جسماني پڃري مان پرواز ڪري ويا.
هڪ سوار هيءَ خبر کڻي بادشاه ڏي ڊوڙيو. محلات جي ٻنڀي وٽ نذير احمد مليس، جو علي قلي بيگ جي خون جي خوشخبري ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيو؛ ۽ سٽ پائي وڃي جهانگير کي چياءِ ته ”قبلا! واڌايون هجن! علي قلي بيگ ختم ٿي ويو. ميرزا قطب الدين به اوهانجي صدقي شهيد ٿي ويو.“
جهانگير: ”هاءِ افسوس! منهنجو پيارو ڀاءُ منهنجي وگهي فوت ٿي ويو! شال ڌڻي مٿس ٻاجهه ڪري! توکي انهيءَ ڳالهه جي پڪي خبر آهي؟“
نذير احمد: ”سندس ئي فوج مان هڪ سوارهيءَ خبر کڻي آيو آهي. علي قلي بيگ سان سٽون ڏيندين سر ڏنائين. هو شير به شهيد ٿي ويو. ٻڌو اٿم ته بيبي مهرالنسا مڙس جي موت جي سڌ سڻي، ساڻي ٿي پيئي آهي.“
جهانگير جي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. غم ۽ خوشيءَ جي لهرن ۾ پئي لڏي. قطب الدين جي قضيئي جان کي پئي جکايس؛ هوڏانهن وري مهرالنسا جي ميڙائي جي اميد روح کي راحت پئي بخشيس. هر هر چپن ۾ پئي ڀڻيائين ته علي قلي بيگ قتل! ۽ مهرالنسا آزاد!“
ڳچ محل ته ڳوڙهيءَ ٽٻيءَ ۾ هو. نيٺ نذير احمد کي فرمايائين ته ”وڃي شهر ۾ پڙهو گهماراءِ ته ’اسانکي پنهنجي ٻنهي وفادار دوستن جي وفات جي خبر ٻڌي نهايت افسوس ٿيو آهي، سو اسين حڪم ٿا ڏيون ته ساري درٻار ماتم ۾ رهي. فوتين جا لاش شان مان سان دفن ڪيا وڃن، ۽ سندن ٻارن ٻچن جي رهڻ جو بندوبست شاهي محلات ۾ ڪيو وڃي.‘ باقي علي قلي بيگ جي گهر واريءَ کي آڻڻو آهي.“
نذير احمد نئڙي سلام ڪري، شاهي حڪم جي بجا وريءَ لاءِ ٻاهر نڪتو. پڙهو ڏياري پوءِ مهرالنسا لاءِ پالڪي رواني ڪيائين. وچينءَ ويل ٻنهي سردارن جا لاشا قيمتي شالن ۾ ويڙهي تابوتن ۾ وڌا ويا. جنازي سان مٽ مائٽ ۽ يار دوستار مقام ڏي رئندا رڙندا پئي ويا. ازانسواءِ ڪيترائي ماتمي پار ڪڍندا، سينو ڪٽيندا، اوڇنگارون ڏيو اوساريندا پئي ويا. مقام ۾ پهچڻ بعد، لاشن کي قبرن ۾ داخل ڪيو ويو؛ ۽ مٿن چار تڪبيرون پڙهي، کين ختما بخشيا ويا. سج به هاڻ موڪلائڻ تي هو. سندس پوئين تڙڪي هنن ڪونڌرن جي تازين قبرن کي هڪ عجب قسم جي نزاڪت ٿي ڏني. سڀني جون دليون غمگين هيون، پر سندن ضميرن کين تسليٰ پئي ڏني ته جو خدا مري مات ٿي ويل ڀاڄين ڀتين ۽ گلن ڦلن کي هر سال بهار جي موسم ۾ نئين حياتي بخشي سگهي ٿو، سو جدا ٿيل انساني جزن کي به وري جوڙي راس ڪري سگهي ٿو.
جهانگير محلات جي بالا خاني تي پسار پئي ڪيو. سندس روح مهرالنسا جي رهاڻ لاءِ آتو هو. ڏيئي ٻرئي مهل هڪ پالڪي اندر گهڙندي ڏٺائين، جنهن سان شاهي پهرو به همراه هو. هاڻ سندس دل خوشيءَ وچون نچڻ لڳي. پالڪي سڌو سندس خاص ڪمري ۾ آندي ويئي. جئن ويجهو وڌي پالڪيءَ جو ڍڪ مٿي ٿي ڪياءِ، تئن سندس دل اندر اهڙي دڪ دڪ مچي ويئي جو ذري گهٽ گهوماٽجي ڪري پوڻ تي هو.
مهرالنسا جي منهن تي برقعو پيل هو؛ ۽ پيرن کان وٺي چوٽيءَ تاءِ ڪارا ڪپڙا پهريل هئس. پالڪيءَ جي پردي کڄڻ شرط ٻاهر نڪري آئي؛ ۽ برقعو پري ڪري، منهن ۾ شور پائي، جهانگير ڏي نهايت نفرت سان نهارڻ لڳي.
جهانگير سنديس دهشت جهلي نه سگهيو. سارو بت ڏڪڻ لڳس. ٿنڀ کي ٽيڪ ڏيئي مورڇا ٿي بهي رهيو. مهرالنسا به سندس سامهون بيٺي رهي. جيتوڻيڪ غصي ۾ منهن ٽامڻي ٿي ويو هوس، ته به ڪهڙي نه سهڻي ۽ شاندار ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ٻه سال اڳ جڏهن جهانگير کيس پهريائين ڏٺو هو، تنهن کان هينئر سنديس رونق البت علحدي هئي. منهن مان مڻيا پئي بکيس. مکڙيءَ مان ڦري ڦليل ڦولهاريل گل ٿي پيئي هئي. هونئن جو ڀورڙي ۽ چلولي پيئي لڳندي هئي، سو هاڻ ڳوري گنڀير ٿي پيئي هئي. ڳالهائين ٻولهايائين به کڙڪي سان ٿي. جهانگير ڏي جو سنئون پئي نهاريائين. سو هن کي ته منڊي وڌائين. هو به منجهس اکيون کوڙي، ڀت ٿي بيهي رهيو.
آخر مهرالنسا چپ چوريا. نهايت لاغرضائيءَ سان چيائين ته ”مهرباني ڪري ٻڌائيندؤ ته توهانجي من جي مراد ڪهڙي آهي؟“
جهانگير ککو وکو ٿي ويو. ٿورڙو اڳڀرو ٿي، جواب ڏنائين ته ”مراد وري ڪهڙي اٿم؟ سالن جا سال پئي تنهنجون واٽون واجهايون اٿم، سو اڄ توکي هت ڏسي، منهنجو من ٿو اڇلون کائي.“ مهرالنسا منهن ۾ سونڊ پائي وراڻي ڏني ته ”ڇا؟ خبر نه اٿو ته منهنجي ڀتار اڃا تازو رضا ڪئي آهي؟ مونکي ڇڏيو ته آءٌ موٽي وڃي پنهنجي گهر ۾ رهان.“
جهانگير جوش ۾ اچي چيو ته ”ڀتار وري ڇاجو؟ اهڙي ڳالهه ئي نه ڪڍ. ان جي يادگيري به مون لاءِ نسورو ستم آهي.“
مهرالنسا ڪاوڙجي پڇيو ته ”ڇو؟ پنهنجي مڙس جي ڳالهه به نه ڪريان؟ هو مونکي هردم پيارو هو ۽ منهنجي زندگيءَ جو نور هو. جيسين جيئري هونديس، تيسين سندس سڳورو نالو دل ۾ پيئي سانڍينديس. اسين زالون اوهان مردن وانگر بيوفا نه آهيون.“
جهانگير وينتي ڪري چيو ته ”مهرباني ڪري، منهنجو عرض ڪن لائي ٻڌ. پنهنجي پيار جو پيچ وجهي، منهنجو هينئڙو هٿ ڪري ڇڏيو اٿيئي. تنهن جي لاءِ سور سٺا اٿم، تنجو ڪهڙو بيان ڪريان؟ تنهنجو مٺو نالو هردم پئي آلاپيو اٿم. جڏهن ماڻهن اچي ٻڌايم ته تو علي قلي بيگ سان پنهنجي رضا خوشيءَ نڪاح ڪري ڇڏيو، تڏهن منهنجي من ۾ البت بدگماني پيدا ٿي؛ ۽ پڪو پہ ڪيم ته تنهنجو نالو دل جي ڦرهيءَ تان هميشہ لاءِ ميٽي ڇڏيان. پر ائين ڪرڻ به ڏاڍو مشڪل هو. ويتر جو تازو ٻڌم ته توتي زوريءَ نڪاح وڌو ويو هو، سو ته منهنجو من هيڪاري تولاءِ مستانو ٿي پيو. هاڻ ته وري آزاد آهين.“
مهرالنسا واڪو ڪري چيو ته ڇا؟ آزاد! نه، ڪڏهن به نه! آءٌ ڪو تو جهڙي بي ايمان ۽ بيوفا نه آهيان، جو اهڙو ستت پنهنجي ڀتار کي وساري ڦٽو ڪنديس. ڪو وقت هو جو آءٌ برابر تنهن جي محبت ۾ اڙيل هيس، ۽ تنهنجون واٽون پئي نهاريم. ان وقت ته پل پل مون لاءِ ورهيه برابر هو، ۽ توکان سواءِ زندگي انڌي اونڌي هئي؛ پر تو منهنجو قدر نه ڪيو. مونکي وساري ويٺين. نڪاح پڄاڻان پڻ ڪي ڏينهن تنهنجي پيار جي پيالي مان ڳجهون ڳيتون پئي ڏنيم. پر منهنجي لائقن ڀرئي مڙس پنهنجي نجي ۽ لاطمع پيار سان منهنجي دل وٺي سوگهي ڪئي. آءٌ به سچيءَ نيت سان سنديس گولي ٿي پيس؛ ۽ اُميد ته هميشہ هنجي ئي حق ۾ رهنديس. ڇو ٿا مونکي اجايو عذاب ڏيو؟“
جهانگير کان ڳالهائڻ ئي نه پيو اُڪلي، نيٺ همٿ جهلي چيائين ته ”عذاب وري ڪهڙا؟“
مهرالنسا: ”اهو آهي رستو ڏکويلن سان ڏک اورڻ جو؟ جي مونسان سچو سنٻنڌ اٿو، ته منهنجن مصيبتن تي ايتري خوشي ڪئن ٿي ٿئيوَ؟“
جهانگير: ”پاڻ امين ٿي چؤ ته خوشيءَ بنان ٻي ڪابه ڳالهه مون لاءِ ممڪن آهي؟ هيڏي ساري عرصي بعد توکي وري منهن مقابل ڏسي، منهنجي رڳ رڳ ٿي رقض ڪري.“
مهرالنسا هٽي پري ٿي؛ ۽ موڙو ڏيئي، نهايت ڪراهت سان چيائين ته ”آءٌ ڪا رضا خوشيءَ سان توهان وٽ ڪانه آئي آهيان. اها ڪنن مان ڪپاه ڪڍي ڦٽي ڪجو ته آءٌ ڪا اوهان جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي آهيان. جي شرم مرم جو ڪو انگ اکر هجيو ته منهنجي جند ڇڏيو، ته وڃي پنهنجي گهر ۾ پنهنجي پياري مڙس جي ماتم داري ڪريان.“
جهانگير ڏاڍي درد ڀرئي آواز سان چيو ته ”خدا جي واسطي، مونکي نه چيچلاءِ. منهنجي دل کسي، دلداري ته ڪانه ٿي ڪرين؛ ويتر منهنجو چت چريو ڪري، پاڻ ڪڍايو ٿي وڃين. پر يقين ڄاڻج ته آءٌ تنهن جو دامن هرگز هٿان نه ڇڏيندس. آءُ، اچي منهنجي گوڏي گڏ ويهه؛ ۽ مونکي پنهنجي پاڪ نظر سان نواز، ته ورهين جا گوندر گنوائي ڇڏيان. توئي مونکي سڪڻ سيکاريو، توئي پيار ڏيکاري، منهنجو هينئڙو هٿ ڪيو؛ ۽ هاڻ جڏهن تنهن جي نينهن منهنجي اندر اهڙا آهيرا ڪيا آهن، جو تنهنجيءَ صحبت بنان منهنجو جيئڻ ئي جنجال آهي، تڏهن ٿي تون مونسان جاڙون ڪرين؟ ڪاڏي ويا تنهنجا عهد انجام؟ ڪاڏي ويا تنهنجا قؤل قرار؟ آءٌ ته اڃان به تنهنجو نسورو نوڪر آهيان. متان مونتان مهر جي نظر لاٿي اٿيئي!“
هي حرف ٻڌي، مهرالنسا جي من به ڏانهس ڇڪي کاڌي ۽ سندس نينهن جي اُجهايل آگ وري ڀڙڪو کائڻ تي هئي، پر پاڻ جهلي ورتائين؛ ۽ ڏاڍي گنڀير آواز ۾ چيائين ته ”ڇا به ٿي پوي؛ آءٌ نه مڙنديس. مونکان وڌيڪ سهڻيون ٻانهون ملڪ ۾ پيئون آهن، جي تنهن جي آڱر جي اِشاري تي هوند پاڻ مٿانءِ گهوري کڻي ڦٽو ڪن. مون کي خواب خيال ڪري ڇڏ؛ ۽ مئلن جي قطار ۾ سمجهه.“
وري به جهانگير هٿ ٻڌي، عرض ڪيو ته ”مهرالنسا! آءٌ جو ساري هندستان جو شاهنشاهه آهيان، سو پاڻکي تنهنجي گولن جو گولو ٿو سمجهان. آءٌ اڄ مڱڻهار جيان توکان تنهن جي حسن جي زڪات ٿو مڱان.“
مهرالنسا بلڪل بي پرواهيءَ، پر سانت ۽ ٺهر سان جواب ڏنو ته ”قبلا! هي سڀ اجايو آهي. منهنجي دل مات ٿي پيئي آهي. مهرباني ڪري، مون ندوريءَ جي پچر کڻي ڦٽي ڪريو.“
جهانگير چيو ته ”مهرالنسا! هروڀرو اهڙي سنگدل نه ٿيءُ. هي سڀ ڏينهن تنهنجون راهون رند پئي پڇايا اٿم، تنهنجيءَ تات طلب اندر ۾ آگيون لائي ڏنيون هيم. هاڻ جڏهن قضا تنهنجيءَ زندگيءَ جو نئين سر قلم وهايو آهي، تڏهن ٿي مونسان ٻيجاري ڪرين! هاءِ! افسوس! توکي رتيءَ جيترو به رحم نه آهي. مونلاءِ اُميد جو هڪ اکر به نه اٿيئي؟“
مهرالنسا ملول ٿي چيو ته ”منهنجو من مئو مات ٿيو پيو آهي، ۽ مڙس سان قبر داخل آهي. هن ويل اهڙيون ڳالهيون منهنجن آلن ڦٽن تي لوڻ ٿيون وجهن. مهرباني ڪري. مون ڏکيءَ کي ڇڏي ڏيو ته وڃي پنهنجي گهر گهاريان.“
جهانگير کي البت جوش جو جذبو اچي ويو، سو چيائين ته ”سچ پچ ائين آهي ڇا؟ افسوس! جو مون توکي هيترو ترسايو آهي. اميد ته آءٌ توکي وري ڪڏهن نه ستائيندس.“
ائين چئي، ڪمري مان نڪري، ٻاهر هليو ويو ۽ نذير احمد کي سڏي چيائين ته ”مهرالنسا بيگم کي وٺي وڃي منهنجي ماءُ واري محلات ۾ رهاءِ، ۽ سندس نالو خاص خذمتگارن جي ياداشت ۾ دخل ڪراءِ، ۽ کيس سٺ رپيه در مهنو پگهار مقرر ڪرائي ڏي.“
نذير احمد اهڙو حڪم ٻڌي وسمئي ۾ پئجي ويو، ۽ ڪجهه ڪڇڻ تي هو، مگر جهانگير شوخيءَ سان نهاري چيس ته ”منهنجا حڪم اَڻ ٽر آهن.“

17

مهرالنسا ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ بنان، صبر ۽ شڪر سان، شاهي حويليءَ اندر جيڪو ڪمرو سندس حوالي ڪيو ويو هو، تنهن ۾ گذارڻ لڳي. ڪيترن ڏينهن تاءِ ته ڪنهن بني بشر جو منهن به نه ڏٺاءِ. هڪ اونداهيءَ ڪنڊ ۾ پيئي هوندي هئي ۽ پنهن جو حال پاڻ سان ئي پيئي اوريندي هئي، مٿان اچي بسنت جي رت ٿي.
باغ ۽ ميدان ساوا چهچ ٿي ويا هوا. بيابان بنجي بنہ بستان ٿي پيا هوا، جهنگ جهر جنسي گلستان ٿي ويا هوا. سمن ۽ سوسن، موتيو ۽ چنبيلي، ۽ ٻيا هر طرح جا گل ڦل ڦلاريا بيٺا هوا. پٽن مٿان ولين جا پاند ورائجي ويا هوا ۽ گسن تي گاهن گلزاريون ڪري ڇڏيون هيون. اَنگورين ۽ ڪيتڪين ٻُور جهليو هو، نم ۽ سرهي جي سرهاڻ پئي آئي، کٽڻهار کڙيا بيٺا هوا؛ ۽ ٽانگرن ٽڙڻ جو ٽاڻو هو. جتان ڪٿان خستوريءَ جي خوشبوءِ پئي آئي. وڻن تي ڪوئلن ڪُوڪُون ۽ چتن چانگهارون پئي ڪيون، ۽ بلبل گلاب جي مٿان نينهن سندو نعرو پئي هنيون. جمنا نديءَ جي ڪنٺي کان سٺيون سڄر هيرون پئي لڳيون. جيڏانهن کڻي نهار تيڏانهن نئينءَ حياتيءَ جو نور نظر ٿي آيو.
مهرالنسا جو من به ڪردگار جي قدرت جا عجيب ۽ غريب نظارا پسي، ڦلن جيان ڦولي پيو. سندس غم ائين غائب ٿي ويو جئن سج اڳيان ڪڪر. سندس خيالن ۾ به ڦيرو پئجي ويو. چت چالاڪ ۽ چست ٿي پيس. دل ۾ دنيوي نعمتن جي واس وٺن جي اُڪنڊ اُتپن ٿيڻ لڳيس. حويليءَ وارين بيبين سان هاڻ رهاڻيون ڪرڻ لڳي. جيڪو مقرر ماهيانو ملندو هوس، سو ٻانهن کي وراهي ڏيڻ لاءِ مس پورو هوس. ٻين اڳيان هت ٽنگڻ کان به عار ٿي ٿيس، سو پنهنجي خرچ پکي لاءِ لاچار بازن جو پورهيو ڪرڻو پيس. ڀرت ۽ مقيس جي ڪم مان کيس مزو پئي آيو. اهو کڻي حويليءَ جي بيبين کي چڱي چوکي ملهه پئي وڪيائين. ائين ڪري پئي آسودو وقت گذاريائين.
ٿوري وقت ۾ ئي پنهنجي ڪمري کي رؤنق دار بڻائي ڇڏيائين. ڀتين تي گلڪاري ٿي ويئي، ۽ ڇت تي چٽسالي. درين ۽ دروازن تي ساوا سوسنا پردا ٽنگجي ويا. پٽ تي اوچا ايراني غاليچا وڇارائي ڇڏياءِ، ۽ هنڌ هنڌ عمديون تصويرون هڻائي ڇڏيائين. ساري ڪمري کي اهڙو ڪري سينگارياءِ، جو ڄڻ ته پرستان آهي. سهيليون ۽ سرتيون وٽس اچڻ وڃڻ لڳيون. هن جي صحبت مان کين ڏاڍو سواد ۽ مزو ٿي آيو. پر هيءَ ٻاهرين ڦير ڦار سنديس اندروڻيءَ ڦير ڦار بنسبت ڪي به ڪين هئي. هنجي دل هينئر محبت ڏي مائل ٿيل هئي. واجهه ٿي وڌائين ته من گهريو محبت اچي روح سان رهاڻيون ڪريم. اها آرزو رکي رکي مٿس اهڙو ته غلبو ڪندي هئي، جو پنهنجو پاڻ ئي ڀلجي ويندو هوس. ڪڏهن ته وري مڙس جي يادگيري پوندي هيس، تڏهن ته پنهنجي بيوفائيءَ تي نفرت سان نهاري، پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. پر هر هر جهانگير ۽ سندس محبت جي خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويندي هئي، جو لنوَ لنوَ ڪانڊارجي ويندي هيس. جئن وقت ويو ٿي گذرندو، تئن تئين ورق ورائڻ جي سڪ ويس ٿي وڌندي. رمضان اچي سهڙيو. صدق وارن مومنن روزا رکي بدن ۽ روح کي خلطن ۽ خامين کان پاڪ پئي ڪيو. مٿان اچي عيد ملهائڻ جي مهل ٿي.
عيد جي صبوح جو شاهي نؤبتخاني مان نغارن جو نعرو ۽ توبن جو ڌڌڪو ٿيو. هر هنڌ واڌايون وري ويئون، ۽ ايماندارن جون دليون خوشيءَ وچان ٽڙڻ لڳيون. مؤذن مومنن کي فجر جي نماز جي دعوت ڏني. سندس بلند آواز، شهر جي ڀتين ڇتين مان پڙلاءُ ڪندو، ٿڌي تازي هوا چيريندي پئي ويو. وڻن ۾ رنگا رنگي پکين به هن مبارڪ ڏينهن جي ملهائڻ لاءِ سنهيون، سهڻيون، من موهيندڙ للڪارون پئي ڪيون. آسمان تي عجيب لقاءُ لڳو پيو هو. سج هاڻ ڪني ڪڍي، زمين کي پنهنجن سونهري ڪرڻن سان رچي وڌو.
مسلمان مومنن لاءِ اڄوڪو ڏينهن نعمتن ڀريو ڀنڊار هو. سندن نيڻ پئي ٽڙيا ۽ سندن دلين ٽپا ٿي ڇڏيا. هزارها آدمي نوان وڳا پهري، ڪوچن ۽ محلن مان پئي آيا ۽ ويا. هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي ائين پئي گڏيا، جو ڄڻ ته گهڻن ڏينهن جا وڇڙيل آهن. نئين چنڊ جي ظاهر ٿيڻ شرط، ڳڻتيون ۽ فڪر ڄڻ ته پکه ڪري اُڏامي ويا هوا. غريب ۽ ڪنگال ماڻهو به ڏاڍا سرها ٿي ڏٺا. ٿڌا ۽ مٺا شربت پئي پيتائون، ۽ سوادي سيئون پئي کاڌائون.
شاهي حويليءَ ۾ نرمل نظارو لڳو پيو هو. دالاڻن ۾ سرها پاڻي ڇاٽارجي ويا هوا. مجمرن ۾ مر ۽ لوبان ٻئي ٻريا. جتان ڪٿان سرهاڻ ۽ سڳنڌ پئي آيو. هرڪا ڪنڊ ڪڙڇ صاف ۽ اوجل پئي لڳي. بيبين هار سينگار ڪري، نوان ريشمي وڳا پهري، بادشاه جي ماءُ سان گڏجي عيد پئي ملهائي۔
مهرالنسا پڻ اُتي حاضر هئي. بدن تي هڪ سادو سودو، پر اَڇو اُجرو وڳو پهريل هوس. زر زيور بنہ پيل نه هوس. سندس ٻانهين کي نهايت نفيس ڪيمخاب جون پوشاڪون پهريل هيون. جئن هوءَ ناز منجهان نڪري، ساهيڙين سان کلندي کيڪاريندي پئي ويئي، تئن هر ڪنهن جي زبان مان از خود سندس سونهن جي ساراه نڪريو ٿي ويئي. سادن لٽن هوندي به سڀن کان سهڻي هئي. تارن جي ميڙ ۾ چنڊ جيان پئي چمڪي.
جهانگير اڄ ماءُ کي عيد مبارڪ ڏيڻ لاءِ حرمسراءِ ۾ لنگهي آيو. بدن تي اڇو لباس اوڍيل هوس، جو ڏاڍو پئي سونهيس. ڳچيءَ ۾ هڪ موتين جي مالها پيل هيس ۽ مٿي تي ياقوتن جڙيل ڇٽ رکيل هوس. مهرالنسا جو ڀريا ڏهه مهنا منهن به ڪون ڏٺو هئائين. جئن هو اندر ٿي گهڙيو، تئن مهرالنسا جي نظر وڃي مٿس پيئي. کيس ڏسي، سنديس رڳ رڳ خوشيءَ وچون بهار ٿي ويئي. اوچتو اِلهام اچي ويس ته هوئي منهنجو حبيب ۽ روح جي راحت جو رهنما آهي. پر جهانگير جي منهن چڙهڻ جي جريت پاڻ ۾ ساري نه سگهي، تنهن ڪري اُتان اٿي سڌو پنهنجي ڪمري ڏي هلي ويئي، ۽ دروازو ٻيڪڙي ڇڏياءِ. جيڏي مهل هوءِ اٿي دالاڻ لتاڙيندي پنهنجي ڪمري ڏي پيئي ويئي، تيڏي مهل جهانگير جي به مٿس نظر چڙهي ويئي. سندس جمال جو جهاجهه پسي، ڪاوڙ غصو وساري، وري به سندس پيار جي پڪ پئڻ جو پياسي ٿي پيو. سندس هڪ مرڪ مٿان جيڪر ٻئي جهان گهوري کڻي ڦٽا ڪري ها.
ماءُ سان خوش خيروعافيت ڪري، حال احوال وٺي، وري به هڪوار پنهنجي بخت آزمائيءَ جو پڪو پہ پچايائين. هري هري مهرالنسا جي ڪمري ڏانهن وڌيو. جئن دروازو ٿي کوليائين، تئن ساري بدن ۾ ڏڪ ڏڪ ٿيڻ لڳيس. اندر هڪ عاليشان پلنگ تي نيلي ريشم جي چادر پيل هئي. اُن تي مهرالنسا ائين پئي ٻهڪي، جئن آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ. جهانگير کي ايندو ڏسي، اُٿي کڙي ٿي؛ ۽ ڏاڍيءَ خنڪيءَ سان اڳتي وڌي، ڪنڌ نمايائين. پوءِ ته جهانگير مٿس نمي پيو ۽ پنهنجي ٻانهن سندس ڪمر ۾ وجهي، کيس پاڻڏي ڇڪي، ڇاتيءَ سان لڳائي، محبت مان مٺيون ڏنائينس.
مهرالنسا جا هنجي هنج ۾ ماٺيڻي ٿي پيئي هئي، تنهن ڏانهن نهاري، پنهنجي روءِ سوءِ آهسته آهسته پئي چياءِ ته ”رب منهنجا! جيڪي هيءُ آءٌ ڏسان ٿو، سو جاڳندي يا خواب ۾. تڏهن مهرالنسا! سچ پچ هينئر هميشہ لاءِ منهنجي آهين؟“
مهرالنسا، جنهنجي دل هنجي دل سان گڏ پئي ڌڙڪي، ۽ خوشيءَ وچان نه پئي ماپي، تنهن مٺيءَ للڪار سان چيو ته ”منهنجا شهزادا! منهنجا پيارا شهنشاه! تون مونکان اِهي سوال ڇو ٿو پڇين؟ مون ته توکي انهيءَ جو جواب گهڻا ڏينهن اڳ ئي ڏيئي ڇڏيو آهي.“
جهانگير گد گد ٿي ويو ۽ چيائين ته ”حياتيءَ کان به مٺي مهرالنسا! تو اڄ منهن جيءَ جان کي نئين سر جياريو آهي. خدا ٿو ڄاڻي ته تو لاءِ ڪئن نه ورهيه واجهايو اٿم ۽ سڪ جا سور سٺا اٿم. جڏهن مونکي خبر پيئي ته تو پنهنجو پاڻ ٻئي کي ڏيئي ڇڏيو آهي، تڏهن جا مونکي نااُميدي ۽ درد پهتو، تنهنجو ڪير بيان ڪري سگهندو؟“
مهرالنسا:”تڏهن ماڻهن توسان ڳالهه ڪانه ڪئي ته مونکي آفيم کارائي، نڪاح ڪرايو هوائون، ۽ تنهن هوندي به مون پنهنجي قبوليت نه ڏني، ۽ پڇاڙيءَ تاءِ به تولاءِ پئي ڦٿڪيس؟ مون پل پل پئي ڳڻيو، پر تنهنجو پتو ئي ڪونه پيو.“
جهانگير: ”افسوس! هنن مونسان اِها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي، نه ته جيڪر آءٌ لوها ڪوٽ ڀڃي به اچي تو وٽ حاضر ٿيان ها. پر هاڻ مونکي سڄي خبر ملي چڪي آهي. بابي مرحوم جي روزنامي ۾ هڪ ڳجهي داخلا ٿيل آهي، جنهن مان مونکي ساري قصي جي حقيقت ملي آهي. بس، قسمت اسانکي منجهايو.“
مهرالنسا: ”خدا جو ارادو ائين هو! ڪهڙي خبر ته آئيندي ڇا ٿيڻو آهي؟“
جهانگير جئن هنکي پنهنجيءَ حياتيءَ سان لائي، سندس زلفن سان راند پئي ڪئي، تئن وري وري کانئس پيار جون پڪون پئي ورتائين. پوءِ اوچتو پڪاري چياءِ ته ”مهرالنسا! ٻڌاءِ ته ڇو تنهنجي ٻانهين کي اهڙا سٺا ويس پيل آهن ۽ توکي فقط هڪ سادو وڳو پهريل آهي؟“
مهرالنسا مرڪي وراڻي ڏني ته ”جيڪي ڄايون ۽ نپنيون ئي ٻانهيون ٿي آهن، تن کي ته ضرور سٺيون پوشاڪون پهرڻ گهرجن، ڇو ته ائين ڪرڻ ۾ سندن ڌياڻيون راضي ٿينديون. هو منهنجون نوڪرياڻيون آهن، تنهن ڪري هنن کي منهنجيءَ مرضيءَ موافق ئي هلڻو آهي. پر آءٌ جا ٻئي جي ٻانهي آهيان ۽ جو وري ساري هندستان جو شاهنشاه آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب پوشاڪون ڪئن پهرينديس؟“
جهانگير سندس نوراني نرڙ تي چمي ڏيئي چيو ته ”هندوستان جو شهنشاه تنهنجي گولن جو گولو آهي، ۽ آرزو اٿس ته ساري عمر تنهنجي حسن ۽ جمال جي سايه هيٺ رهي. وڇوڙي جا ندورا ڏينهن رمضان جي روزن جيان ختم ٿي ويا، ۽ ميڙائي جي چنڊ اڄ ئي منهنجي لاءِ سچي عيد آندي آهي.“
مهرالنسا، جنهنجو منهن خوشيءَ وچان ٽڙي بهار ٿي پيو هو، تنهن چيو ته ”خبر نه آهي ته ماڻهو رمضان کان ونؤ ڇو ٿا وڃن، جڏهن ٿورن ڏينهن جي روزن رکڻ ڪري کين هميشہ لاءِ بهشت نصيب ٿي سگهي ٿو، جتي طرح طرح جون نعمتون ۽ مزا موجود آهن ۽ حورن جي ته ڪمي ڪانهي.“
جهانگير ڏانهنس پيار سان نهاري چيو ته ”خدا منهنجي لاءِ ته هن جهان ۾ ئي حور موڪلي آهي. بهشت کي آءٌ ڪاڏي ڪندس؟ تون ئي منهنجو بهشت آهين، تون ئي منهنجو ڪوثر ۽ طوُبيٰ. تون ئي منهنجي رڳ رڳ ۾ رمي رهي آهين. آءٌ ته جيڪر تنهنجي هڪوار مرڪڻ لاءِ ساري عمر روزا رکڻ قبول ڪريان. پر نبين ۽ زاهدن جي سکڻن قؤلن تي ويسہ رکي سڀان جي آسن اُميدن جي لالچ تي اَڄوڪي وصال جو آب حيات آءٌ جيڪر هرگز هٿان نه ڇڏيان.“
مهرالنسا چيو ته ”منهنجي اکين جا تارا! هن ويل تنهنجي پيار منهنجي دل تي ڏاڍو تک ۽ تاءُ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ اسانجي قسمت ۾ لکيل نه هو ته ڦوه جوانيءَ جا مزا ماڻيون، تڏهن به اُن جي هٻڪار سان منهنجي دل هاڻ ڀرجي ويئي آهي ۽ محبت جي گلشن ۾ اُميد جا ڦل ڦٽا بيٺا آهن.“
جهانگير ليلائي چيو ته ”مٺي مهرالنسا! اڄوڪي رات اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ تون منهن جي زال ٿيندينءَ؟ ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان هڪ پل به جدا نه ٿينداسين.“
مهرالنسا مؤج ۾ اچي ويئي ۽ جواب ڏنائين ته ”آءٌ اوهانجي جي ٻڌي ٻانهي آهيان. جنهن ڳالهه ۾ اوهانکي خوشي ۽ راضپو ٿئي، سا آءٌ هردم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اها ئي منهنجي لاءِ سهڻي صلاح آهي.“
جهانگير هڪواريءَ وري به مهرالنسا کي ڀاڪر پائي کانئس موڪلائي، سڌو رخ رکيو درٻار ڏي. اُتي پهچڻ شرط سڀني خاص ۽ عام ماڻهن کي مهرالنسا سان نڪاح ڪرڻ جو اطلاع ڪيائين ۽ ضروري ريتين رسمن جي بجا آوريءَ جو حڪم ڏنائين.

18

پوياڙيءَ جي مهل هئي. اُڀ ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو هو، وڄُون لعل لبيس ڪري پئي چمڪيون، ۽ اوهيرن اوڪ پئي ڪئي. ٿڌي وڻندڙ هير پئي لڳي. ڌرتي ڌوپي اجل ٿي پيئي هئي ۽ سبزيءَ جو سائو لباس ڪري پهريو هوائين. جهانگير ۽ مهرالنسا جي لاءِ ڏولائي جا ڏينهن لڏي ويا هوا ۽ غم جو غبار گذر ڪري ويو هو. سندن قلب ۾ قرار هو ۽ روح ۾ راحت.
نماشام اچي ٿي. بادلن جو برسڻ بند ٿي ويو ۽ اِنڊلٺ آسمان تي ظاهر ٿي. مهرالنسا ايندڙ خوشيءَ جي خيالن ۾ ئي محو هئي، ته جهانگير هڪ قاضي ۽ ٻه شاهد وٺي اچي سندس ڪمري ۾ نڪتو. مهرالنسا جو منهن حياءَ کان ڳاڙهو لعل ٿي ويو، تنهن مٿان جو وري پگهر جا ڦڙا پئي نڪتا، سو ائين پئي ڀانيون جو ڄڻ ته ڪو گلاب جو گل آهي، جنهن مٿان ماڪ جا موتي مڙهيل آهن. شادي بلڪل ساديءَ سوديءَ طرح سان ڪئي ويئي. قاضي قران شريف مان ٿوريون آيتون پڙهي، کانئن پڇيو ته ”توهين هڪ ٻئي کي قبول ڪريو ٿا يا نه؟“ جڏهن هنن پنهنجي قبوليت ڏني، تڏهن کين قاعدي موجب زال مڙس ظاهر ڪيائين. فاتح پڙهي، دعا گهري، هڪ موتين جي مالها وٺي، قاضي صاحب گهر روانو ٿيو.
جهانگير هڪدم اُٿي کڙو ٿيو، ۽ مهرالنسا کي ڀاڪر ۾ جهلي سنديس پيشاني، اکيون، ڳل ۽ چپ بار بار چمڻ لڳو. مسين مسين هنجي ڦٽيل دل تي ٺار پيو هو ۽ سندس اُساٽيل روح کي آب حيات نصيب ٿيو هو. هڪ ٻئي جي محبت ۾ محو ٿي ويا ۽ ٻنهي جي دلين پيار جو پساه پئي کنيون.
جهانگير نهايت خوشيءَ ۾ اچي چيو ته ”اڄ عيد جي چنڊ منهنجي آسمان ۾ چمڪاٽ ڪيو آهي، ۽ منهنجو روزو پورو ٿيو آهي.“
مهرالنسا چيو ته ”يوسف جو گم ٿي ويو هو سو وري ڪنعان ۾ آيو آهي. هاڻ اسين پيار ۽ خوشيءَ جي اَٿاه درياه مان هردم پياليون پر ڪري پيا پيئنداسون.“
جهانگير چيو ته ”جيڪڏهن سالڪن کي سڌ هجي ها، ته معشوق جي مشڪي زلفن ۾ ڪهڙي فرحت ۽ لذت آهي، ته هو جيڪر بهشت جي اجائي ڳولا ڦولها ڇڏي، هاڻوڪيءَ خوشيءَ حاصل ڪرڻ لاءِ مستانا ٿي پون ها.“
مهرالنسا ڀڻ ڀڻ ڪري چيو ته ”منهنجا سڄڻ! منهنجا سپرين!“ پوءِ جهانگير ڏانهن ڏاڍيءَ اُڪير سان نيڻ کڻي نهاريائين، ۽ ڪڇڻ پڇڻ بنان صاف ڪنول جي گل جيان هنجي گلي تي ڪري پيئي.
شاديءَ جي خبر هنڌ هنڌ پکڙجي ويئي. ٻئي ڏينهن صبوح جو درٻار عام ۾ مجلسن جي تياري ڪئي ويئي. سنگمرمر جا فرش سرهن پاڻين سان ڌوتا ويا، ۽ مٿن گلم ۽ غاليچا وڇايا ويا. دستر خانن تي طرح طرح جا ميوا مٺايون ۽ پڪوان رکجي ويا. ڏاڍا گانا ۽ راڳ روپ لڳي ويا. ننڍڙين خوبصورت ڇوڪرين مٺيءَ للڪار سان سهرا پئي ڳايا. جهانگير جو منهن ٽڙي پيو هو، ۽ بيحد خوشيءَ ۾ اچي ويو هو. ساري سلطنت جا هن جي هٿ ۾ هئي، تنهن مان به ڪڏهن هنکي اهڙي فرحت ۽ مزو حاصل نه ٿيو هو، جهڙو اڄ.
هاڻ معشوق کان پل به پاسي ٿيڻ جي سمر ٿي ساري نٿي سگهيو، سو تخت جي ڀرسان هڪ پردو ٽنگائي، مهرالنسا کي هميشہ پنهنجي اوڏو وهارڻ لڳو. مٿس ’نور محل‘، يعني ’محلات جي روشنائي‘ جو لقب ڌريائين ۽ اِنهيءَ موقع جي ملهائڻ لاءِ ڳچ ڏينهن خوب مجلسون ڪيائين.
جهانگير جنهن کي اهڙو بي بها موتي هٿ اچي ويو هو، تنهن بادشاهيءَ کي تڇ ڪري ٿي سمجهيو. رفتہ رفتہ نور محل سلطنت جي ڪاروبار پنهن جي قبضي ۾ آڻيندي ويئي، تان جو سچو پچو بادشاه ٿي پاڻ بنجي پيئي ۽ جهانگير کي راجائيءَ جو رڳڻو نالو وڃي رهيو. هو فقط تخت تي سندس ڀر ۾ چپن کي چنو لڳايو ويٺو هوندو هو. ۽ انهيءَ ۾ ئي راضي هوندو هو ته نور محل جو مبارڪ سايو مون مٿي هردم قائم هجي. خود پنهنجيءَ زبان سان بار بار چوندو هو ته ”مون پنهن جي سلطنت نور محل مٿان گهوري ڇڏي آهي. منهنجي واسطي مانيءَ جو ڀور، شراب جو پيالو ۽ محبوب جي مورت ئي ڪافي آهن.“
ٿورن سالن گذرڻ بعد نور محل جو لقب ڦيرائي ’نور جهان‘، يعني ’دنيا جي روشنائي‘ رکيو ويو. تحقيق، جهانگير جي نظر ۾ نورجهان ئي جهان جو نور هئي. جهانگير شڪار تي ويندو هو، ته به نورجهان ساڻس همرڪاب هوندي هئي. هوءَ به شڪار ڪرڻ ۾ ڀڙ هوندي هئي. هڪ لڱا يڪي سر چار چيتا بندوق سان ماريائين. ڪڏهن ڪڏهن ٻئي پاڻ ۾ مشاعرا ڪندا هوا، ۽ اڪثرين نور جهان جهانگير کان گوءِ کڻي ويندي هئي. سندس شعر عاشقانو آهي، ۽ انهيءَ وقت جي ڪري يگانو. عبارت ڪٿي فصيح ته ڪٿي بليغ، پر اڪثر ڪري نهايت سليس ۽ صاف آهي. لطيف ۽ نازڪ خيالن جي ته ڪمي ڪانهي.
ملڪ مسعود جي پيشين گوئيءَ موجب نورجهان جو حڪم ملڪان ملڪ هلڻ لڳو. ذات پات جو خيال لاهي، سڀ ڪنهن سان هڪجهڙو انصاف ڪندي هئي ۽ رعيت جي ترقيءَ ۽ بهبوديءَ جو خيال سدائين سندس هردي ۾ پيو وسندو هو. هزارها نوان کوه کوٽايائين، سوين مسافرخانا ٺهرايائين ۽ ساري ملڪ کي اَمن ۽ امان ۾ رکيائين. جهانگير کي سڌاري، عدل ۽ انصاف جي راه تي آندائين. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪو غريب شخص هڪڙي ڏينهن سوني زنجير وارو گهنڊ وڄائي گم ٿي ويو. جهانگير ڪامورن کي سخت تاڪيد ڪيو ته ”اِنهيءَ ستم جي ستايل جي تلاش ڪري، هنکي درٻار ۾ جلد حاضر ڪريو. جيستائين هو داد رسيد نه ٿيندو تيستائين مونکي ماني پاڻي حرام آهي.“
ٻئي ڏينهن به اهو ساڳيو شخص گهنڊ وڄائڻ تي هو، پر ڪامورن جي نظر مٿس اوچتو چڙهي ويئي، سو کيس پڪڙي آڻي درٻار ۾ حاضر ڪيائون. پڇا ڳاڇا بعد معلوم ٿيو ته هڪڙي امير هن غريب جي شرم ۾ هٿ وجهڻ جي سٽ سٽي هئي؛ ۽ هر روز سندس گهر زوران زوريءَ لنگهي وڃي هنکي دڙڪو تاب ڪندو هو ته ”جي منهنجي ڳالهه قبول نه ڪندين ته جيئري کل لهرائيندو سانءِ.“
جهانگير هيءَ ڳالهه ٻڌي، ترار هٿ ۾ کڻي فرياديءَ سان گڏجي سندس گهر روانو ٿيو. اتي اُهو امير به ان وقت حاضر هو. جهانگير فرمايو ته “بتي گل ڪري ڇڏ.“ پوءِ ترار کپ مان ڪڍي، هڪدم امير جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين. پوءِ حڪم ڪيائين ته بتي ٻاري وڃي. جڏهن روشنائي ٿي، تڏهن امير جي شڪل چتائي ڏسي، اکين مان ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. پري اُتي جو اُتي مرڪي ڏنائين ۽ سجدو ڪري خدا جا شڪرانا ڪيائين، ۽ فرياديءَ کي حڪم ڪيائين ته ”گهر ۾ ڪو مانيءَ جو ڀور هجيئي کڻي آءُ.“ هو هڪدم سڪل روٽيءَ جو ٽڪر کڻي آيو جو جهانگير ڏاڍي ذوق شوق سان کاڌو. هيءُ حال ڏسي، فرياديءَ عرض ڪيو ته ”زبان کي طاقت نه آهي جو حضور جن جي لطف ۽ عنايت جي جوڳي شڪر گذاري ڪري سگهي. مگر هيءُ جيڪي وهيو واپريو آهي، سو مون ڪم فهم جي سمجهه کان ٻاهر آهي.“
جهانگير جواب ڏنو ته ”مونکي يقين هو ته منهن جي راڄ ۾، سواءِ منهنجي پٽن جي، ڪنهن کي به اهڙي نالائقيءَ جهڙي ڪم ڪرڻ جي بلڪل جريت نه ٿيندي. دل ۾ خيال ڪيم ته جيڪڏهن روشني هوندي، ته هن جي شڪل ڏسي، بي همٿ ٿي پوندس، ۽ کيس سندس بد افعالن جي سزا ڏيڻ کان نٽائيندس. تنهن ڪري توکي چيم ته بتي وسائي ڇڏ. ڳوڙها جي ڳاڙيم، تنهنجو سبب هيءُ هو جو انهيءَ اَمير لاءِ مونکي دل ۾ ڏاڍي عزت ۽ قرب هو، ۽ مونکي نهايت افسوس ٿيو جو هنجو موت منهنجي هٿان ٿيو. مشڪيم انهيءَ ڪري جو خوشي ٿيم ته منهنجو ڪوبه پٽ اهڙي ڪڌي ڪم ۾ گرفتار نه آهي. سجدي ڪرڻ جو سبب هيءُ هو ته مون خاڪسار جي هٿان اهڙو انصاف ۽ عدالت جو ڪم ٿيو؛ ۽ تنهنجي سڪل ماني اشتها سان انهيءَ ڪري کاڌيم، جو جنهن ڏينهن تو گهنڊ وڄايو هو، تنهن ڏينهن کان وٺي مون قول ڪيو هو ته جيستائين توکي داد نه رسائيندس، تيستائين مون کي ماني پاڻي حرام آهي.“
باقي حياتيءَ جا ڏينهن محبت ۽ ميٺاج ۾ گذاريائون. هڪ دفعو سو هڪ ٻئي کان دم ساعت دور ٿيا؛ سو هن ڪري جو محبت خان باغي ٿيو هو ۽ جهانگير کي نظربند ڪيو هوائين. پر نورجهان وڏو لشڪر ساڻ ڪري هن تي حملو ڪيو، ۽ جلد ئي پنهن جي پياري مڙس کي آزاد ڪيائين.
پر چوندا آهن ته چاڙهين پٺيان لاهيون، لاهين پٺيان چاڙهيون. وقت زبردست شاه آهي. سندس ڏنڊ سڀني کي ڏيڻو آهي. انيڪ بادشاهتون، انيڪ راجايون ڪال روپي بحر ۾ غرق ٿي وييون. هيءُ سڀ جهان فاني آهي.، هرڪو هليو ويندو، ڪوئي هت نه رهندو. جهانگير به دنيا مان گذر ڪري ويو. جئن هن پنهنجيءَ زال جي هنج ۾ ساه ٿي ڏنو، تئن هنجي دنيوي کيل تي هميشہ جي لاءِ پردو ڪري پيو. سندس دور به گل جي دور جيان چئن ڏينهن جو چٽڪو هو. سارو چرخو ڦري ويو. هڪ کن ۾ نورجهان عرش تان لهي اچي فرش تي پيئي. شاه جهان راڄ ڌڻي ٿيو، ۽ نورجهان کي لاهور ۾ شاهي محلات ۾ ڪي ڪمرا رهڻ لاءِ ڏنائين، ته ڀل ته جهانگير جي مقبري جي ويجهو رهي.
اهو مقبرو لاهور کان ٻه ڪوه پري اُتر پاسي آهي، ۽ شهديري جي نالي سان سڏجي ٿو. عمارت ڪشادي ۽ عاليشان اٿس. چوڌاري چار منارا اٿس، جن مٿان صاف برف جهڙي سنگمرمر جا گنبذ آهن. اندر ڀتين تي نهايت سهڻو چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. وچ ۾ جهانگير جي تربت آهي. مقبري جي ڪشادن ايوانن ۾ ڊگها نزاڪت دار وڻ، جهڙوڪ اَنب، سرو ۽ شمشاد، طرح طرح جا گل ڦل، جهڙوڪ گلاب، موتيو ۽ چنبيلي، ۽ قسمين قسمين خوشبوئدار ٻوٽا، جهڙوڪ ضيمران، ريحان ۽ نازبو ٽڙيا بيٺا آهن.
نورجهان به پنهنجي ڀتار جي تربت جي ڀر ۾ گهڙي ساعت گذاري، ڪومايل گل جيان باقي رهيو کهيو سڳنڌ ڇڏي، هميشه لاءِ هن جهان کي تياڳ ڪيو. هوءَ جا جيڪر جهانگير جي هٿن ۾ سرهي ٿئي ها ته مٿس تاج محل کان به وڌيڪ سهڻو ۽ شاندار قبو اَڏايو وڃي ها، سا پنهنجي مڙس کان ٿورا قدم پري هيٺائينءَ زمين تي هڪ نهايت ساديءَ ۽ سوڙهيءَ تجر ۾ دفن ڪئي ويئي. تجر جا اصل پڪ سري ٺهيل هئي، سا هاڻ ڊهي زبون ٿي ويئي آهي. اندر اونداهي لڳي پيئي آهي. تربت ڦٽي ويئي آهي، ۽ مٿانئس ڪو نالو نشان به اُڪريل نه آهي. نور جهان کي تحقيق نبين جيان الهام اچي ويو هو، جڏهن پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو هئائين ته:
”مون اِڀاڳڻ جي قبر تي، جوت ناهي نا ڪ گل ڦل؛
”نا جلي اُت پر پتنگ جو، نا ڪري اُت لات بلبل.“

تعارف

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي 8 مارچ 1884ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ڊي – جي – سنڌ ڪاليج مان 1905ع ۾ بي – اي ۽ ولسن ڪاليج بمبئي مان 1907ع ۾ ايم – اي – پاس ڪيائين لنڊن ۾ يونيورسٽي ۾ ”انگريزي شاعري ۾ تصوف“ جي موضوع تي مقالو لکيائين،
جنهن تي کيس پي – ايڇ – ڊي جي ڊگري ڏني ويئي. 1908ع ۾ ڊي – جي سنڌ ڪاليج ۾ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 11 فيبروري 1947ع ۾ وفات ڪئي. ان وقت پاڻ ڊي – جي ڪاليج جو پرنسپال هو.
آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ گهڻو چاهه هو. پاڻ هڪ اعليٰ اديب هو ۽ جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن. پر موضوع ۽ تحقيق جي لحاظ کان سنڌي ادب جو اهم ترين سرمايو آهن.
سندس تصنيفن ۾ 1 – شاهه جو رسالو (ٽي جلد) 2 – مقدمه لطيفي 3 – روح رهاڻ 4 – نورجهان 5 – لنواريءَ جا لعل شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو هي ناول، سنڌي تاريخي ناول نگاري ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.


اياز حسين قادري