ناول

هائوسنگ سوسائٽي

هائوسنگ سوسائٽي ورهاڱي جي پسمنظر ۾لکيل ناول آهي، جنهن ۾ 1947ع ۾ هندستان کان لڏي آيل ٻن گهراڻن جو قصو آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي تصوير پيش ٿيل آهي ته ڪيئن ماڻهن ڪوڙ ڳالهائي ڪوڙا ڪليم داخل ڪري هتي مال ملڪيتون ورتيون ۽ ڪيئن اتي جا سکيا ستابا ماڻهو پنهنجي حقن وٺڻ کان محروم ٿي ويا.
Title Cover of book هائوسنگ سوسائٽي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”هائوسنگ سوسائٽي“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب اردو ٻوليءَ جي نامياري افسانا نگار ۽ ناول نگار قرت العين حيدر جو لکيل ناول آھي جنھن جو سنڌيڪار منصور ٻرڙو آھي.
هائوسنگ سوسائٽي ورهاڱي جي پسمنظر ۾لکيل ناول آهي، جنهن ۾ 1947ع ۾ هندستان کان لڏي آيل ٻن گهراڻن جو قصو آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي تصوير پيش ٿيل آهي ته ڪيئن ماڻهن ڪوڙ ڳالهائي ڪوڙا ڪليم داخل ڪري هتي مال ملڪيتون ورتيون ۽ ڪيئن اتي جا سکيا ستابا ماڻهو پنهنجي حقن وٺڻ کان محروم ٿي ويا.
ھي ناول ماھوار ڪرزمہ ميگزين ۾ ڇپيو ھيو جنھن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]