ناول

سيتا هرڻ

هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 437
  • 188
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سيتا هرڻ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”سيتا هرڻ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هيءُ ناوليٽ اردو زبان جي جڳ مشهور ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار خاتون قرة العين حيدر جو لکيل آهي. هن هي ناول 1965ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. هن ناول جو سنڌي ترجمو، نامياري ليکڪ ۽ مترجم ولي رام ولڀ ڪيو آهي. ’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي لحاظ کان وسيع آهي. هن ۾ هندستان جي عظيم رزميه شاعري ’رامائڻ‘ جي واقعن کي ‘System of reference’ بڻائي، سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪئي وئي آهي.
’سيتا هرڻ‘ ناوليٽ جا ٽي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن، پهريون ڇاپو ’آگم‘ پبليڪيشن ايجنسي، حيدرآباد پاران 1977ع ۾، ڪرائون سائيز جي 264 صفحن تي ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت اٺ روپيا رکي وئي.
ساڳئي اداري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ ڇپايو، جنهن جي قيمت 18 روپيا رکي وئي، بعد ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري/ حيدرآباد هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن 1997ع ڌاري ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو،


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

سنڌيڪار جي قلم مان

قرة العين حيدر، جنهن جو نالو اڙدوءَ جي چوٽي جي ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نويسن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، اڙدوءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار مرحوم سجاد حيدر يلدرم جي ڌيءُ آهي. سندس ماءُ به ناول نگار هئي. پاڻ 1927ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ڄائي، جتي پڻس مسلم يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار هو. 1947ع ۾ لکنئو يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب مان ايم-اي ڪيائين ۽انهيءَ کان سواءِ چِتر ڪلا ۾ به نالو ڪڍيائين. ادبي زندگيءَ جي شروعات 1944ع ۾ ڪهاڻي لکڻ سان ڪيائين، جيڪا اڙدوءَ جي ماهوار رسالي ”همايون“ ۾ شايع ٿي ۽ پسند ڪئي وئي. انهيءَ وقت کان وٺي لاڳيتو لکندي پيئي اچي. سندس ڪهاڻين جا ڪافي مجموعا، ناول، ناوليٽ رپورٽيج، آتم ڪٿا ”ڪارِ جهان دراز هي“ وغيره شايع ٿيل آهن، جن مان ”ستارون سي آگي“، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، ۽ ”ميري ڀي صنم خاني“ سندس پهريون ناول آهي، جيڪي 1947ع ۾ ڇپيا. اهو ناول ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ اڙدوءَ جي پهرين ڏهن جديد ناولن ۾ ليکجي ٿو، پر مشهوري کيس”آگ ڪا دريا“ کان پوءِ ملي، جيڪو 1959ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ‘Stream of Consciousness’ ٽيڪنيڪ تي اڙدوءَ جو پهريون سڀ کان ڪامياب ناول سمجهيو ويندو آهي. اهو ناول هند و پاڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا ڇپيو ۽ نيشنل بوڪ ٽرسٽ پاران هندستان جي چوڏهن ٻولين ۽ روسي ٻوليءَ کان سواءِ، دنيا جي ٻين سڌريل ٻولين ۾ ترجما شايع ڪيا ويا آهن. اهو ناول ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اڙدوءَ جي ايم-اي جي ڪورس تي نصاب طور پڻ رکيل هو. انهيءَ کان سواءِ ساهتيه اڪادمي پاران سندس مجموعو ”پت جهڙ ڪي آواز“ تي، جيڪو ٽن ڀاڱن (Trilogy)- ”پت جهڙ ڪي آواز“، ”جلاوطن“ ۽ ’هائوسنگ سوسائٽي‘ تي مشتمل آهي، 1967ع ۾، ۽ ”آخرِ شب کي هم سفر“ تي 1971ع ۾ انعام به ڏنا ويا آهن.“ [1]
کيس تاريخ سان گهري دلچسپي آهي. سندس وڏا صوفي پرچارڪن مان هئا، جيڪي ٻارهين عيسوي صدي ڌاري بخارا کان هندستان لڏي آيا هئا. سندس پڙ ڏاڏو انگريزن سان 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهيو هو ۽ پڻس ”نوجوان ترڪ هلچل“ ۾ حصو ورتو هو ۽ ترڪي ڪهاڻيون جديد اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيون هئائين.
قرة العين حيدر ڪهاڻي- کيتر ۾ انساني جذبن جو ڀرپور اظهار ڪري ٿي، جنهن ڪري سندس فن اعليٰ شاعريءَ جي اُتاهين تائين وڃي ٿو ڪلهو هڻي. وٽس نديءَ جي وهڪري جهڙي تيزي ته ناهي، پر چانڊوڪي رات ۾ باغ جي سڳنڌ ضرور ملي ٿي. هوءَ انسان جا لڙڪ ۽ مرڪون، خوشيون ۽ خواب پنهنجي پلاند ۾ کڻي نڪري ٿي ۽ جيڪي پلاند ۾ اٿس. ونڊيندي ورهائيندي ٿي وڃي. جيڪي انسان ضمير جي آرسيءَ ۾ جيون جي سڀني دکن ۽ سپنن جو روپ ڏسڻ ٿا چاهين ۽ اِهو به چاهين ٿا ته انساني جيون ڪنهن سپني جي ساڀيا بنجي پوي ته اُهي سندس رچنائن کي پسند ڪن ٿا. گهڻو ڪري حقيقي ڪردار ۽انهن جي سپنن جا پاڇولا، سندس ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻجيو ائين ٿا گڏجيو وڃن جو کين هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. وقت جيڪڏهن هڪ مسلسل حقيقت آهي، جو ڪڏهن به ڪٿي نٿو بيهي ۽ روان دوان آهي، ته وڏي ۾ وڏي ٽرئجڊي به اُن وقت تائين انسان جي عظيم جذبن ۽ اُمنگن جي ترجمان نٿي بنجي سگهي، جيستائين قرة العين حيدر جهڙين ليکڪائن وانگر اها ڪوشش نه ڪئي وڃي ته جيون جي ڏکن ۽ سکن جي رنگن مان جيڪي ڪردار جنم وٺن ٿا، اُهي سڀيئي انهن سپنن جا پاڇولا بنجي وڃن ٿا، جن جو واسطو هڪ عظيم انساني سماج ۽ عظيم انساني تصور سان آهي. عظيم انسان مان منهنجي مراد خيالي انسان نه، پر هڪ اهڙو انسان آهي، جنهن جو درد سمنڊ جيترو گهرو ۽ آڪاس جيڏو وشال آهي. لڙڪن ۾ معصوم انسان جي مرڪ ۽ مرڪندڙ انسان جي منهن تي دکي انسانن جي ڏکن جا پاڇولا- اها اُس- ڇانوَ واري ڪهاڻي جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ ناهي، ته اها عظيم ڪهاڻي ٿِي نٿي سگهي.
”سيتا هرڻ“ ۾ فن جون بنيادي ڌارائون هڪ هنڌ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن ڪري اهو ناوليٽ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هن ناوليٽ جو ڪينواس جاگرافيائي، تاريخي ۽ تهذيبي طور تي وسيع آهي، جنهن ۾ هندستان جي رزميه شاعري ”رامايڻ“ جي واقعن کي ‘System of reference’ بنائي سيتا ميرچنداڻيءَ جي ڪهاڻي ‘Personal involvement’ سان پيش ڪئي ويئي آهي.
ناوليٽ جو مرڪزي ڪردار، سيتا ميرچنداڻي، هڪ پڙهيل لکيل عورت آهي پروگريسو سوچ جي حامي ۽ پرچارڪ آهي. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ”هندستان جي سماجي انقلاب“ جي موضوع تي ريسرچ ڪري پي ايڇ- ڊي جي ڊگري ورتي اٿس. هوءَ مذهب، سياست، زندگي، موت ۽ دنيا جي هر شيءِ جي باري ۾ سوچي ٿي ۽ بحث ڪري ٿي. هندو آهي، پر سندس پهرين محبت ۽ پوءِ شادي جميل نالي اڙدو ڳالهائيندڙ هڪ مسلمان سان ٿئي ٿي، جيڪو فيض آباد (هندستان) جو رهاڪو آهي، پر نوڪريءَ سانگي آمريڪا ۾ رهي ٿو. هوءَ پاڻ اصل ۾ سنڌي ۽ حيدرآباد جي رهاڪو آهي. سندس ننڍپڻ سنڌ ۾ گذريو آهي. سندس پيءُ ڪراچيءَ ۾ عامل ڪالونيءَ ۾ ميڊيڪل پرئڪٽس ڪندو آهي، پر ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ٿو وڃي.
ناوليٽ جي شروعات، جميل جي ٻي شاديءَ جي خبر سان ٿئي ٿي، سيتا علمي، ادبي ۽ ثقافتي قسمن جي گڏجاڻين ۾ مشغول رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. سندس دوستيءَ جي دائري ۾ مٿئين طبقي جي امير پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي دنيا آهي، جيڪا بيحد ذهين، خوبصورت ۽ آزاد آهي. سندس دلچسپيون، گفتگوءَ جا موضوع، ماحول ۽ گڏجاڻيون- سڀ هڪ جهڙا آهن. زندگي انهن لاءِ خوشيءَ جي کيڏ آهي، چهچٽو آهي، پر زندگيءَ جي دک جو ايذاءُ کيس چُڀيندو ۽ ڪُرائيندو رهي ٿو. ننڍڙي پٽ راهُل جي ياد ۾ جميل لاءِ محبت جي ڇڪ، انهن ٻنهي ڪارڻن ڪري، زندگي کيس خالي ۽ فضول لڳي ٿي. پوءِ هوءَ هيڪلائي جي شديد احساس هيٺ حالتن جي بيرحم ۽ تکين لهرن ۾ بيوس بنجي اڳيان لڙهندي وڃي ٿي ۽ خبر نٿي پويس ته نيٺ انهيءَ جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. پر زندگيءَ جي دکن سکن مان گذرندي سندس بنيادي احساس پڻ وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃي ٿو ۽ ڏوهه جو احساس ڇاتيءَ تي بار بنجي بيهي ٿو وڃيس. انهيءَ بار کي جهڪو ڪرڻ لاءِ، آسائش جون پناهگاهون ڳولي ٿي. پڇاڙيءَ ۾ عرفان، جيڪو سندس آخري پناهه گاهه آهي، جي بيوفائيءَ کان ته سيتا جي دل بلڪل وساميو وڃي ٿي ۽ زندگي هيڪاري وڌيڪ اونداهي ٿي وڃيس ٿي. تمام شديد گهرو احساس سندس دل ۾ روح تي حاوي پئجي ٿو وڃيس.
سيتا جي جذباتي محرومي، هن ناوليٽ جي دل آهي. اها محرومي هڪ ماءُ جي محرومي آهي، هڪ زال جي محرومي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي جنم ڀوميءَ کان به محرومي آهي، جيڪا ليکڪا پنهنجو وطن ڇڏي پرڏيهه ۾ اچي محسوس ڪئي هئي ۽ سيتا جي ڪردار ۾ سموئي، تاريخي فريم ۾ رکي، موضوع ۾ وسعت ۽ گهرائي پيدا ڪئي اٿس. بنيادي طور تي سيتا جي ٽرئجڊي، ليکڪا جي پنهنجي فطرت ۽ سڀاءُ جي ٽڪراءُ جو نتيجو آهي. پنهنجي وطن مان لڏڻ جي تجربي مان، ٽرئجڊيءَ جو عمل شديد ٿئي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ، جوان ٿيندڙ مهاجر نسل جون پاڙون ڪنهن زمين ۾ نٿيون کُپن. سندس جذبا جن علائقن سان ڳنڍيل هئا، کين اُتان نڪري ٻين هنڌن تي وڃي رهڻو پيو. ليکڪا انهيءَ جذبي کي شدت سان محسوس ڪري هيءُ ناوليٽ لکيو آهي. تهذيبن جومٽجڻ، لکين ماڻهن جو ڏتڙجي جلاوطن ٿي بي گهر ٿيڻ، قرة العين حيدر جا پسنديده موضوع آهن. هن ناوليٽ ۾ جلاوطنيءَ جي مسئلي کي ننڍي کنڊ جي حدن کان ٻاهر وسيع پئماني تي ۽ ڀرپور انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، جيڪا سندس فني پئٽرن ۾ هڪ نئين شيءِ آهي.
قرة العين جي ڪهاڻي- رچنا جي شروعات محدود ماحول ۽ خاص طبقي کان ٿي آهي، پر سندس ذهني اُڏام جو ’Aperture‘ آهستي آهستي کُلندو ويو آهي، ايتري قدر جو سموري ثقافت سندس موضوعن ۾ سميٽجي آئي آهي. پر سندس ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ جيڪي موضوع داخل ٿيا آهن، انهن جو رنگ ۽ روپ سندس ذاتي تجربن جي روشنيءَ ۾ بلڪل بدلجي ويو آهي. جيئن سندس تجربن ۾ محرومي ڀريل آهي، انهيءَ ڪري انسانيت پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي پيشڪش ۾ سندس لهجو مايوس ڪُن آهي. سندس لکڻيون ترقي پسند تحريڪ جي اوساري جي حيثيت رکن ٿيون، جنهن جي پويان سندس حساس شخصيت پوري آب ۽ تاب سان اُجاگر ٿئي ٿي. هيءُ ناوليٽ بي انت خلوص سان ڀرپور جذباتي تاثر جو نتيجو آهي، جنهن ۾ خوبصورت عورت جي محبت جو ڏکائيندڙ ڪلائمئڪس، سندس پنهنجي وطن جو وڻن مان لڏڻ جو تجربو ۽ انسانيت پرستيءَ جي روايت جي ناڪاميءَ جو اوسارو- اهي ٽي موضوع، جيڪي قرة العين جي ڪهاڻيءَ ۾ تاڃي پيٽي جي حيثيت رکن ٿا- اچي وڃن ٿا ۽ جذبات جي انهيءَ خانه جنگيءَ کي انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پرکڻ گهرجي.
ترجمي ڪندڙ کي ترجمي ڪرڻ وقت تخليق جي تجربي مان گذرڻو پوندو آهي. آءٌ جڏهن به ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جي ادب جي ڪنهن به صنف جي شهپاري کان متاثر ٿيندو آهيان، ته اُن کي هڪدم پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي خواهش جاڳندي اٿم. پر اهڙين شاهڪارن کي ترجمي ڪرڻ وقت ڪيتريون ئي ڏکيائون پيش اينديون آهن ۽ پوءِ اهو ڪم هڪ فرد جي وِت کان ٻاهر بنجيو وڃي. ادب جي شاهوڪاريءَ جو مدار نه رڳو ڌرتيءَ، جي اصلوڪين تخليقي لکڻين تي آهي، پر پرڏيهي ۽ ڌارين ٻولين جي ترجمي تي پڻ آهي. دنيا جون شاهوڪار ٻوليون- انگريزي، فرانسيسي، اسپيني، جرمن، روسي يا اٽالين وغيرهه رڳو پنهنجي تخليقي ادب ۽ ڏيهي لکڻين جي ڪري مهندار نٿيون ليکجن، پر دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب کي پاڻ ۾ سمائڻ ڪري به اُتم آهن. رومن لٽريچر کي اينگلو سئڪسن ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ جديد انگريزي ۾، نه ته روم جي زوال کان پوءِ سندن تهذيب جو خاتمو ٿي وڃي ها. نثر جي زبان، جيڪا تمدن جي زبان آهي، انگريزي نثر جي ٻوليءَ کي اليزبيٿ پهرين ۽ جيمس جي زماني ۾ مترجمن سڌاريو ۽ سنواريو. فيلسوفن جي فڪر جا ترجما ڪري لبرل سوچ کي اڳاهون ڪيو ويو. ترجمن وسيلي ئي بحر روم جي رهاڪن جا خيال يورپ تائين پهتا ۽ پوءِ ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ ۽ هالينڊ جي نون بورجوائي (Dialectic) فيلسوفاڻي نظرين ۽ ترقي پسند تحريڪن ڏکڻ جو سفر ڪيو. اهو ڪم گهڻو ڪري فرانسيسي مترجمن ڪيو، جنهن ڪري فرانس ۾ انقلاب آيو، جيڪو آمريڪا جي انقلاب جو پيش خيمو بنيو.
اسان جي ٻوليءَ جو ادب به فڪر، ٽيڪنيڪ، فارم ۽ ڪنٽينيٽ جي جن مرحلن مان گذري، جنهن منزل تي پهتو آهي، انهيءَ کي ڏسبو ته اسان بيشڪ پنهنجي ڌرتيءَ جي تاريخي، جاگرافيائي، سياسي، معاشي، مذهبي ۽ سماجي حالتن جو ڪچو مال استعمال ڪيو آهي، پر ساڳئي وقت پرڏيهي ادب جي مختلف ذهني ۽ فڪري لاڙن ۽ نظرين کي قبولي فارم ۽ ٽيڪنيڪ جا تجربا به ڪيا آهن. اهڙي قسم جا تجربا اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻين ٿا ۽ هڪ ٻئي سان ڳانڍاپي ۾ مدد ڪن ٿا. ادب جي چاشنيءَ جا سمنڊ ڀريا پيا آهن، پر انهيءَ چاشنيءَ کي چکڻ لاءِ اسان کي پرڏيهي ادب جي هر صنف جي شاهڪار ڪتابن کي ترجمو ڪرائڻ ضروري آهي. انهيءَ ڪم لاءِ جامع رٿابندي جي ضرصورت آهي، جيڪا قومي سطح جا ادارا ئي ڪري سگهن ٿا.
آخر ۾ هن ناوليٽ جي ترجمي بابت ذڪر ڪندس. ترجمو ڪيئن ٿيو آهي، انهيءَ جو فيصلو پڙهندڙن تي آهي، پر موضوع جي لحاظ کان اسان وٽ هيءُ نئون ۽ نرالو موضوع آهي، جيڪو جيڪڏهن محدود طبقي کي پسند ٿو اچي، ته انهيءَ جو بار نه ليکڪ تي آهي ۽ نه سنڌيڪار تي.



[b] ولي رام ولڀ
[/b]2- شمس چيمبرس، ٽماڙ،
رسالا روڊ، حيدرآباد، سنڌ.
15- مئي 1977ع


[b](1) ويجهڙائيءَ ۾ سندس ٻه ناول ’گردش رنگ چمن‘ ۽ ’چاندني بيگم‘ پڻ شايع ٿيا آهن، جن ۾ ليکڪ پنهنجي سموري ذات ۽ ڏاهَپ سان موجود آهي.[/b]

1

اُها منجهند به هميشه وانگر بلڪل عام منجهند هئي، جڏهن ڊاڪٽر سيتا ميرچنداڻيءَ کي سُڌ پيئي ته جميل ٻي شادي ڪري ورتي آهي. گهڙي اڳي وانگر ٽِڪ ٽِڪ ڪري رهي هئي. نومبر ۾ پکي اڳي وانگر آسمان ۾ ڦيرا ڏيئي رهيا هئا. ’ايشين ٿيئٽر انسٽيٽيوٽ‘ ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ’ٻارن جي ٿيئٽر‘ جي ڪلاس ۾ اڳي وانگرڪٺ پتليون ٺاهڻ سکي رهيا هئا. ٻئي ڪمري ۾ اڳي وانگر ’ڳوٺاڻي ٿيئٽر‘ تي ليڪچر ڏنو پئي ويو. نئين دهليءَ جي رستن تي بسون اڳي وانگر هلي رهيون هيون. هوءَ للتا سان ملڻ لاءِ هتي آئي هئي. ٽين وڳي کيس هيما وٽ پهچي، شهزاد سان گڏجي ’مدرا راڪشس‘[1]جي ريهرسل ۾ وڃڻو هو. رات جو ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جي ميمبرن کيس مسز ڊولي سين وٽ مانيءَ تي ڪوٺ ڏني هئي، زندگي ڪيتري مصروف هئي، (۽ ڪيتري خالي هئي). اڍائي وڳي هوءَ مٿرا روڊ کان بس ۾ علي پور روڊ ڏانهن رواني ٿي هئي ۽ ڪمشنر لين ۾ اچي ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي ڳاڙهي بجريءَ واري ڊگهي روڊ تي پهتي هئي. هوءَ ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي چبوتري تي ويٺل ڇوڪرين کي ’هيلو هيلو‘ ڪندي، ’پيلي ڪوٺيءَ‘ جي گارڊن هائوس جي گئلريءَ ۾ گِهڙي هئي. دروازي جي ڀرسان شهزاد جو ڪمرو هو. هُن پردي مان ڏٺو هو ته شهزاد اڃا تائين آرام سان ليٽيو پيو هو. هوءَ هيما جي ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي ته گئلريءَ جي ٻئي فون جي گهنٽيءَ وڄڻ لڳي. گهنٽي ڪافي دير تائين وڄندي رهي ۽ وچ ۾ ڪجهه کن بند ٿي ويئي هئي. شهزاد ننڊاکڙي آواز ۾ بيزاريءَ مان رڙ ڪئي هئي، ”اڙي ڪو فون ڇو نٿو کڻي!؟“
هُن اُڇل ڏيئي رسيور کنيو هو. اُن وقت ٽي وڳا هئا. ٻئي پاسي کان بلقيس زور زور سان چئي رهي هئي: ”هيما، ڇا تو وٽ سيتا پهچي ويئي آهي؟“
”هاءِ... بليس.... مان سيتا ٿي ڳالهيان. ڪا خاص ڳالهه آهي؟“
”اڙي تون ته ڏاڍو جلدي پهچي وئينءَ. خاص ڳالهه...؟ اوهه... اڙي بابا ها ... اڄ ڏاڍو مزو آيو ... پرديپ، ڪامران کي چوڻ لڳو ...“
”بلقيس، تو هن وقت مون کي ڇو فون ڪئي؟“
”ڪجهه به نه ... ائين ئي ...“ بلقيس جو آواز معمول کان وڌيڪ پُر سُڪون هو، ”هي هي هي. مون سوچيو ته خبر وٺان ته اڄ جون ڪهڙيون خبرون آهن. تو للتا کي حميدا جو نياپو ڏنو يا نه؟“

انهيءَ کان پوءِ ويهه منٽ کن بلقيس شهرجي ٿيئٽر گوسپ
(Theater Gossip) ڪئي هئي. ڊراما سيزن شروع ٿي چڪي هئي ۽ شهر جا ٽيهه چاليهه ڊراما گروپ قسمين قسمين ڊراما اسٽيج ڪرڻ ۾ رُڌل هئا.
هاڻي ساڍا ٽي وڳا هئا. سيتا بيزار ٿي چيو هو: ”بِلي ڊيئر، ڇا تو مون کي اهوئي ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي آهي؟“
”اڙي... هو...“
”نيويارڪ کان ڪو خط آيو آهي؟“
”ها.“ بلقيس جي آواز جو جڙتو جوش هڪدم ڍرو پئجي ويو.
”ڇا ڳالهه آهي بلقيس؟“
”جميل ... جميل شادي ڪري ڇڏي آهي.“
گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ. شهزاد زور سان پاسو ورايو ۽ سندس پلنگ جي اسپرنگ مان چيڪاٽ جو آواز نڪتو. ٻاهر عنابي گلاب جي ٻارين ڀرسان هيما جو ٻار روئڻ لڳو. ڊائننگ روم ۾ بشن سنگهه ٺڪاءُ سان الماري بند ڪئي.
”ڪنهن سان؟“ سيتا اهڙي طرح پڇيو ڄڻ ڪنهن پراڻي ڦِٽل کوهه مان ڳالهائيندي هجي.
”ڪا ڪانٽينينٽل ڇوڪري آهي.“ ڪئين ميل پري، چ اڻڪيا پوريءَ ۾، بلقيس جي گهر ۾ به زندگي هميشه وانگر جاري هئي. ٻار شور مچائي رهيا هئا. چانهه جا ٿانوَ کڙڪيا پئي. ننڍي ماسي، رام اوتار تي ناراض پئي ٿي. بلقيس جي وڏي ڀاڻيجي فرش تي اوڪڙو ويهي ٽيپ رڪارڊر وڄائي رهي هئي: ’تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار.‘ دروازو ٻيڪڙي ڇڏ. خاموش! اڙي ڳالهائڻ کان بس به ڪر. واهه واهه! خوب! ڪهڙي ڳالهه ڪجي ته غمزه و ادا ... ادا وري ته پڙهجو، ’تمام عمر رها ...‘ اهو غزل بلقيس وارن وٽ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن شاعر ترنم سان پڙهيو هو، ۽ سيتا کي ڏاڍو وڻيو هو.
انهن سڀني آوازن سان بلقيس جو آواز چٽو ٻڌڻ ۾ نٿي آيو.
”اڃا ڪجهه زور سان ڳالهاءِ، تو وٽ گهر ۾ ڏاڍو روڄ راڙو متل آهي.“ سيتا به ٿوري رڙ ڪري چيو هو.
”هڪ ڪانٽينينٽل ڇوڪريءَ سان، تفصيل جي ته خبر ناهي پر فقط ايترو لکيو اٿس ته يو اين ۾ سندس آفيس ۾ ڪم ڪندي آهي. ڪا هوندي اڙي مظفر، منهنجي مٿي تي ڇو ٿو لُڏين؟ ٻاهر وڃي کيڏ. اڙي ها، ڪا هوندي ويٽرس يا ٽائيپسٽ نڀاڳي!“
”هو منهنجي طرفان ايلزبيٿ ٽيلر سان وڃي شادي ڪري، منهنجو ڇا وڃي.“ سيتا رُکائيءَ سان وراڻيو. هاڻي هوءَ فون ڀرسان رکيل آرام ڪرسيءَ تي ويهي رهي هئي. گئلريءَ ۾ اونداهي ڇانيل هئي ۽ غير معمولي طور تي سردي به.
”انهيءَ ۾ فقط هڪ خرابي آهي سيتا ڊيئر، ايلزبيٿ ٽيلر ته شادي ڪري چُڪي آهي ۽ ٻڌو اٿم ته پرنسيس مارگريٽ جي هٿن ۾ به اڄ سڀاڻي ميندي لڳڻ واري آهي. سموري دنيا ۾ اهي ئي ٻه ڇوڪريون کيس پسند هيون ۽ ٽين نرگس. هن به هاڻي وڃي پنهنجي گهر ٻار وسايو آهي.“
بلقيس انور علي، مُلڪ جي چوٽيءَ جي اسٽيج ايڪٽريس جي حيثيت سان هاڻي وري ڏاڍي نارمل آواز ۾ ڳالهائي رهي هئي. گذريل سال بمبئي جي ”انڊين اڪيڊمي آف ڊرئمٽڪ آرٽ“ مان ڊپلوما حاصل ڪئي هئائين. هن سال کيس ‘دهلي ناٽيه سنگهه‘ طرفان بهترين ايڪٽريس جو ايوارڊ مليو هو. ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جي ايندڙ پيشڪش ۾ هوءَ غضب جي اَلميه اداڪاري ڪرڻ واري هئي. پوءِ هوءَ پنهنجي آواز مان ڪهڙي طرح ظاهر ٿيڻ ڏيندي ته دراصل ڇا سوچي رهي آهي.
”بلقيس.“
”ها سيتا.“
”تون ايتري قدر ڪميڻي ڪيئن ٿي ٿِي سگهين! چڱو، مان هيما سان ملي وٺان. شام جو ملاقات ٿيندي.“
”باءِ سيتا.“



(1) ڇهين صدي ڌاري (؟) وساک دت جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ ’مدرا راڪشس‘ (وزير جي خانگي مُنڊي)، جنهن ۾ چندر گپت موريا کي تخت تي مضبوطيءَ سان وهارڻ لاءِ نند گهراڻي جي آخري راجا جي وزير، راڪشس جي منصوبن کي ناڪام بنائڻ لاءِ چاڻڪيا جي رٿائن جو بيان ڪيل آهي.

2

بلقيس رسيور رکي ڇڏيو ۽ لائونج مان لنگهي پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ لڳي. وچ واري ڪمري ۾ ننڍي ماسي، ناسي شال ۾ مٿي کان پيرن تائين ڍڪيل، تلسي پور کان آيل ڪنهن مائٽ سان ڳالهين ۾ رُڌل هئي. پوئين لان تي ٻار ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. آخري سرءُ جو تمام ڌنڌيل ڌنڌيل سج لائونج جي شيشن مان ليئا پائي رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ وڃي، بلقيس ڊريسنگ ٽيبل تان خط کنيو جيڪو ڪلينڪس جي دٻي تي اڌ کليو پيو هو. اسٽول تي ويهي هن ٻيو ڀيرو پڙهڻ شروع ڪيو. سندس ماسات جميل هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين کان پوءِ آخر ۾ فقط هڪ پئرا وڌيڪ لکي هئي:
”مون گذريل آچر جو هڪ اسپينش ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. هوءَ منهنجي ئي سيڪشن ۾ ڪم ڪندي آهي. ڏاڍي معقول ڇوڪري آهي. انٽليڪچوئل ناهي. اسمٿ ڪاليج ۾ پڙهي آهي، جيڪو هتان جو وڏو ارسٽوڪريٽڪ ڪاليج آهي. انهيءَ ڪري دلجاءِ ڪجانءِ ته تنهنجي ڀاڄائي ’شاپ گرل‘ ناهي، جو توهان نيٽِو (Native) ڇوڪرين جو اجايو خيال آهي ته توهان جا بيهودا ڀاءُ مغرب ۾ اچي شاپ گرلز ۽ بقول تنهنجي، ڌوٻڻين کي ٻُهاري ايندا آهن. واقعي! توهان ڪيتري قدر زبردست سنوب (Snob) آهيو! بهرحال، تصوير جلدي موڪليندس. ڪارمن خوبصورت ناهي پر ساڙهيءَ ۾ بلڪل هندستاني لڳندي، ڇو جو ’آج ڀي اس ديس مين عام هئه چشمِ غزال‘ وغيره. اها ڳالهه امان کي ٻڌائي ڇڏج. راهُل بلڪل ٺيڪ آهي، ڪارمن سان هينئر ئي هري مري ويو آهي ۽ خوب ٿلهو ٿيندو ٿو وڃي. ماشاالله.
تون ايندڙ سال فال جي وقت هتي اچ. اُن وقت اڀرندي ڪناري جي شاندار وڻڪار، ڳاڙهن پنن جي هوبهو باهه ۾ وڪوڙيل هوندي آهي. ٻڌو اٿم توکي هتي ايڪٽنگ سکڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي ويئي آهي. ڪڏهن ٿي اچين؟ اسان ڪرسمس تي بوسٽن وينداسين.“
سيتا جي باري ۾ هن هڪ لفظ به نه لکيو هو. سيتا، جيڪا سندس پٽ راهُل جي ماءُ هئي.
1951ع ۾ بلقيس وٽ جميل جو خط انهيءَ نيويارڪ مان آيو هو. انهيءَ ڏينهن به هوءَ ساڳي طرح هڪ ريهرسل لاءِ ٻاهر وڃڻ واري هئي. اهي ئي ماڻهو هئا. اها ئي دنيا، اهي ئي مصروفيتون.
ڪجهه گهرو ڳالهين کان پوءِ، هن پڇاڙيءَ ۾ لکيو هو:
” ... ۽ ٻي ڪا خاص ڳالهه لکڻ لاءِ رهي ڪانهي.
ها، هڪ ڳالهه البت ٻڌائڻ ڀلجي ويس. مون گذريل هفتي هڪ سنڌي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي. هوءَ ڪولمبيا ۾ سوشيالاجيءَ ۾ پڙهي ٿي. بي حد ذهين ڇوڪري آهي، ڏاڍي زبردست انٽليڪچوئل قسم جي. ذات جي عامل آهي، جيڪا سنڌين ۾ وڏي ذات سمجهي ويندي آهي. انهيءَ ڪري امان کي گهٽ ۾ گهٽ دلجاءِ ڪرڻ گهرجي ته مون ڪنهن ’نيچ فرنگڻ‘ سان پلؤ ڪونه اٽڪايو آهي. هاڻي تون اهو ڄاڻڻ لاءِ بي آرام ٿيندي هوندينءَ ته هن جي شڪل صورت ڪهڙي آهي. بي حد سهڻي آهي. سرخ ۽ سفيد. عورتن جي حسن جي تعريف جي معاملي ۾ مان هميشه ڪنجوس رهيو آهيان، (ڇو ته ٿوري تعريف سان سندن دماغ خراب ٿي ويندو آهي.) پر حقيقت اها آهي ته هوءَ صورت ۾ من موهيندڙ آهي. قد ۾ توکان وڏي ٿيندي. اڙدو تمام صاف نٿي ڳالهائي پر وڏو پائنچو پائيندي ته هوبهو چاندپور جي تلسي پور ضلعي فيض آباد جي سيداڻي لڳندي. دلجاءِ ڪج. اسان هينئر ئي طئه ڪيو آهي، انهيءَ ڪري ٻڌائڻو پوندو ته راهُل، گوتم ٻُڌ جي پٽ جو نالو هو. هاڻي توکي ڏاڍو ڏک ٿيو هوندو ته منهنجي بيبي ايڏي فروٽ آهي جو هاڻي ئي اهڙيون ڳالهيون ڊسڪس ٿي ڪري. ته بابا قصو هيئن آهي ته تون آهين پهرئين نمبر جي پراڻي اولڊ انڊين. ڀل کڻي اعليٰ تعليم يافته آهين ۽ ترقي پسند به، پر سماجي لحاظ کان اڃا تائين بيحد فيوڊل به آهين.س يتا بلڪل نئين عورت آهي. توهان وانگر ڳوٺاڻي ناهي. جيئن ته هوءَ اڃا نئين ڪنوار آهي، تنهنڪري ٻار جو ذڪر ٻڌنديئي شرمائجي ڪمري مان ڀڄي ويندي ... لاحول ولا. بهرحال پُٽ جو نالو راهُل رکبو ۽ جيڪڏهن ڌيءُ ڄائي ته انهيءَ جو نالو ’گل رخ‘ رکنداسين، جو اهو نالو سيتا کي ڏاڍو وڻي ٿو. چوي ٿي ته ڪراچي گرامر اسڪول ۾ انهيءَ نالي واري هڪ هم ڪلاسڻ پٺاڻ ڇوڪري سندس پياري سهيلي هئي. آيئه سمجهه ۾؟“
بلقيس خط ميز تي رکي ڇڏيو. ڏاڍي لڱ ڪانڊاريندڙ ڳالهه هئي. ٻئي خط هڪ جهڙا هئا. هڪ ئي ماڻهو لکيا هئا. پوءِ هن آهستي اُٿي الماري کولي ۽ ساڙهيون ڪڍي اُٿلائيندي پٿلائيندي رهي. اڃا کيس تيار ٿي ’مدرا راڪشس‘ جي ريهرسل لاءِ وڃڻو هو. ايندڙ اڌ ڪلاڪ ۾ اُهي سڀ گڏ ٿيندا. اُهي سڀ پراڻا دوست، للتا، راڪيش، ڪامران، حميدا، شهزاد، ڄاتل سڃاتل چهرا. مانوس هستيون، زندگي هميشه اهڙي طرح جاري رهندي.

3

گئلريءَ جي ٻئي طرف هيما جي ڊريسنگ روم ۾ ڪنهن شيءِ ڪِرڻ جو آواز آيو. هيما هاڻي ٽوال مٿي تي ويڙهي غسلخاني جي دروازي کان باغ ۾ داخل ٿي چڪي هئي. سندس ڪمري ۾ اُهو دروازو، جيڪو جمنا ڏانهن کليو ٿي، زرد گلاب جون وليون جهُڪي آيون هيون.
هوءَ فون رکي اُٿي ۽ دروازي تي بيهي سراپجي ٻاهر ڏسندي رهي. پوءِ پڙدو هٽائي هيما جي ڪمري ۾ ويئي. ڪمرو خالي هو. وارڊ روب تي گهڻائي پڪچر پوسٽ ڪارڊ ۽ هيما جي مرهٽي مڙس جي تصوير سجائي رکيل هئي، جيڪو ڪنهن اعليٰ ٽريننگ لاءِ لنڊن ويل هو. ٻار جي بيڊ جي ٽوڪري پلنگ ڀرسان رکيل هئي. صوفي تي نيري رنگ جي ڪٽڪ جي ساڙهي پيئي هئي، جيڪا هيما انهيءَ صبح جو خريد ڪري آئي هئي. ڪنڊ ۾ ميز تي چغتائيءَ جي ”انڊين پينٽنگس“ جي ڪتاب تي کير جي بوتل رکي هئي. سرخ روغني فرش تي سرءُ جي مڌم سج جا مڌم ڪرڻا ڦهليل هئا. گارڊن هائوس جا سڀ دروازا باغ ۾ کليا ٿي، جتي پيلا پن اڏري چانئٺن ۽ درين جي شيشن سان ٽڪرائجي رهيا هئا. ڏاڍي ماٺ ڇانيل هئي.
ڪجهه کنن کانپوءِ ڀرواري ڪمري ۾ سُس پُس ٿي. هيما جو ننڍو ڀاءُ شهزاد ٽپو ڏيئي پلنگ تان لٿو ۽ پوءِ باٿ روم جي شاور مان پاڻي وهڻ جو آواز اچڻ لڳو. اُهو بيڊ روم جيڪو پيلي ڪوٺي جي ڏس ۾ هو، انهيءَ جي دروازي تي هيما جي ماءُ تڏو وڇائي گيتا پڙهي رهي هئي. ڪيڏي نه پراڻي مذهبي عورت هئي! ايڏي تعليم يافته روشن خيال اولاد جي اهڙي اولڊ فيشن ماءُ! عجيب لڳو هو! سندس پنهنجي ماءُ به ايڏي ئي مذهبي هئي. سندس سس به. بلقيس جي ماءُ به. شالن ۽ چنين ۾ ويڙهيل سيڙهيل گُڏين جهڙيون ننڍيون ننڍيون ڪمزور عورتون، جيڪي هر وقت پنهنجي اولاد لاءِ دعائون گهرنديون رهنديون هيون، چڱا مدا سوڻ ڏسينديون هيون، ورت ۽ روزا رکنديون هيون. مائون کلڻ جهڙيون ٿينديون آهن. هوءَ خود ماءُ هئي. هيما به هاڻي ماءُ بڻجي چڪي هئي، جيڪا پنهنجو سڄو جرمن فلسفو ڀلجي، ڪالهه کان پنهنجي پٽ جي معمولي بيماريءَ جي ڪري چوي ٿي پيئي هئي ۽ ڊاڪٽر کي فونن مٿان فون ڪري رهي هئي.
هوءَ گئلريءَ جي ڏاڪڻ لهي ٻاهر آئي. لان جي پرئين ڀر ”پيلي ڪوٺيءَ“ جي چٻوتري تي واڻ جي کٽ تي ويهي، اُوما جيجي پنهنجي پٽ کي هڪ مشهور هندي نظم پڙهائي رهي هئي. ٻارين جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا گلاب هئا. هوءَ ٻارين تان لنگهي چبوتري تي آئي. اُوما جيجي سندس کڙڪي تي ڪنڌ کڻي ڏٺو، خاموشيءَ سان مشڪي ۽ وري ڪتاب تي جُهڪي پيئي. ها پڙهه:
بنديلي هر بولون سي يه هم ني سني ڪهاني ٿي،
خوب لڙي مرداني وه تو جهانسي والي راني ٿي.“
پر پٽس پڙهڻ بدران پنهنجي ماءُ سان ضد شروع ڪيو، ”ممي، مان نه پڙهندس. چڱو، هڪ رپيو ڏي ته پڙهان.“
”ڏنگائي نه ڪر، اڳتي پڙهه.“ اُوما جيجي کيس ڇينڀيو.
”اهو مرداني جو ڇا مطلب آهي؟“
”بهادر.“ اُوما جيجي ٽهڪ ڏيئي جواب ڏنو.
ٻار لُڏي لُڏي پڙهڻ شروع ڪيو. سيتا ڪجهه کن اهو پُرسڪون منظر بيٺي ڏٺو. پوءِ هيما جي پراڻي ڪمري ۾ گهڙي، جتي هوءَ پنهنجي شاديءَ کان اڳ رهندي هئي. المارين ۾ ڪتاب بيڪسيءَ جي عالم ۾ پيا هئا. ڀتين تي مني پوري ٽوپيون ۽ جڳن ناٿ جون مورتيون ٽنگيل هيون. ڀرواري ڪمري جي هڪ الماري ديوي ديوتائن سان ڀريل هئي. وچ واري تختيءَ تي ديويءَ جو ننڍڙو پلنگ هو. هر اڱاري تي ديويءَ کي اشنان ڪرائي ڀوڄن ڪرايو ويندو هو ۽ نوان ڪپڙا پارايا ويندا هئا. هن گهر ۾ ديوي ديوتائن جي ايڏي گهڻ هئي، جو سيتا جو جيءُ ڏڪي ويندو هو. هيما انهن مورتين کي فرنيچر جوهڪ حصو سمجهي، انهن کان بلڪل بي نياز هئي. هوءَ مذهبي يا غير مذهبي، ڪجهه به نه هئي. هوءَ هڪ تمام نارمل قسم جي ڇوڪريءِ هئي. اهو ته سيتا جي دماغ ۾ خلل هو جو هوءَ مذهب، سياست، زندگي، موت ۽ دنيا ڀر جي هر شيءِ جي باري ۾ سوچي سوچي چري ٿي پوندي هئي. پر هاڻي هيما به پنهنجي تازي ڄاول ٻار کي وٺي، هر اڱاري جو پنهنجي ماءُ ۽ پڦين سان گڏجي، ڪالڪا جيءَ جي مندر ۾ ويندي هئي.
سيتا ڊرائنگ روم مان نڪري مهڙ واري ورانڊي ۾ آئي، جتان پرائيويٽ روڊ ور کائي علي پور روڊ ڏانهن مُڙيو ٿي. سامهون هيما جي هڪ ڪزن پرميلا پنهنجي آفيس کان اچي رهي هئي. هن هٿ لوڏي سيتا کي ”هيلو“ چيو ۽ اڳتي هلي ويئي. سيتا وري اندر آئي ۽ سڀني ڪمرن ۾ چڪر ڏيندي رهي. کيس اها ”ڪوٺي“ شروع کان پسند هئي. کيس گهر ۾ اچي، انهيءَ جي ڀاتين سان ملي، هڪ عجيب راحت ۽ حفاظت جو احساس ٿيندو هو. هنن ماڻهن جي زندگي ڪيتري نه پُرامن هئي. وٽن هتي ڪي دماغي يا نفسياتي يا جذباتي مونجهارا نه هئا. سٺ ستر ورهين کان هيءُ ڪٽنب پنجن ڇهن وڏين وڏين ڪوٺين ۾ اهڙي نموني رهندو آيو ٿي. سندن مرد اورنگزيب جي زماني کان مغل دربار ۾ وقائع نويس ۽ مُنشي هئا ۽ مغل بادشاهن انهن کي ”راءِ“ جو لقب ڏنو هو. سعيد احمد مارهروري جي ڪتاب ”امرائي هند“ جا ڪئين باب انهيءَ خاندان جي بزرگن جي تذڪري سان ڀريل آهن. دهليءَ جي ٽڪسالي اڙدوءَ جي سلسلي ۾ ڪائسٿ گهراڻي جي زبان به سند طور پيش ڪئي ويندي هئي. هيما جو ڏاڏو، صاحبِ ديوان هو، پڙڏاڏي لغت تصنيف ڪئي هئي، ۽ تڙ ڏاڏي فارسي شاعري جو تذڪرو لکيو هو. هيما جي ماءُ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اصطلاح ڪم آڻي وٺندي هئي، جيڪي سيتا جي سمجهه ۾ نه ايندا هئا. انهيءَ تي هوءَ چوندي هئي: ”اڙي لکنؤ ۾ تنهنجا ساهورا آهن، هاڻي ٻولي سکي وٺ.“ ۽ پوءِ نڪ کي موڙو ڏئي چوندي هئي: ”۽ لکنؤ وارن نڀاڳن کي به اڙدو ڪٿي ٿي اچي- پوربيا ته آهن.“
حقيقت ۾ اهي ايتري قدر شائسته، مهذب، نستعليق، بيحد وضعدار ۽ بي انتها غير سياسي قسم جا ماڻهو هئا، جو سيتا کي حيرت ٿيندي هئي. ايڏو وڏو هنگامو آيو ۽ لنگهي ويو، دنيا هيٺ مٿي ٿي ويئي، پر اهي ماڻهو انهيءَ سڪون سان انهن ڪوٺين ۾ ويٺا رهيا. هوءَ خود بي گهر بنجي، هندستان جي ڪيترن ئي ريفيوجي ڪيمپن مان ٿيندي، 1948ع ۾ دهلي آئي هئي. هتي سندس ملاقات هيما سان، بلقيس جي وڏي ڀيڻ فرخنده جي گهر ۾ ٿي هئي، جيڪا لوڪ سڀا جي ميمبر هئي. وٽس صبح کان شام تائين شرنارٿين ۽ هيسيل مسلمانن جي قطار لڳي پيئي هوندي هئي ۽ هوءَ نهايت ئي دردمندي ۽ صبر سان انهن سڀني لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪندي رهندي هئي. هيما، جيڪا اُنهي سال آءِ. سي.ايس (I.C.S) ۾ پاس ٿي هئي، ريهيبليٽيشن منسٽريءَ ۾ نوڪري ڪندي هئي. انهيءَ ڏينهن فرخنده جي ڊرائنگ روم جي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هڪ ڊنل ڇوڪريءَ کي بلقيس پنهنجي ڀرسان سڏي هيما کي چيو هو، (جيڪا اوڏي مهل پنهنجي عنابي رنگ جي ڪار ”ديش“ ڊرائيور ڪندي اچي لٿي هئي)، ”هيما، اُما جيجي ڪالهه سنڌي ڀرت جي ساڙهي ڀرائڻ لاءِ چيو ٿي. سيتا جي ماءُ ڏاڍيون خوبصورت ساڙهيون ٿي ڀَري.“
”او، هائو ونڊرفل!“ هيما چيو هو. ”هڪ ڪاٽن ساڙهيءَ جو پلؤ ۽ ول توهان ڪيتري ۾ ڀري ڏينديون؟“
”ڏهه رپيا.“ سيتا ڪَڙو ڍُڪ پيئندي وراڻيو هو. اُن وقت اهو محسوس ڪري ته هوءَ غريب ۽ رحم لائق شرنارٿي آهي، سندس سڄو بدن ڏڪڻ لڳو هو. پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ بلقيس سان گڏجي هيما جي گهر ويئي هئي. سندس ڪٽنب جي ٻين ڀاتين جون ڪوٺيون ڀرسان هيون ۽ پنهنجي رنگن جي مناسبت سان مشهور هيون. هيما پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ”پيلي ڪوٺي“ ۾ رهندي هئي. سندس وڏو چاچو ”نيري ڪوٺيءَ“ ۾، وچيون چاچو ”لال ڪوٺيءَ“ ۾، ۽ ننڍو چاچو ”سائي ڪوٺيءَ“ ۾ رهندا هئا. اهي سڀ بيحد زندهه دل، خوش مزاج، دوست نواز ۽ پُر خلوص ماڻهو هئا. سندن لاتعداد ڇوڪريون ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهي رهيون هيو. ڇوڪرا به گهڻو ڪري زيرِ تعليم هئا. شهزاد، مهتاب، اقبال،گلزار، نهار، خوشونت ۽ الائجي ڪهڙا ڪهڙا...... وٽن غرور جو ته نالو به نه هو. انهيءَ جي باوجود سيتا شروع شروع ۾ کانئن پري پري رهندي هئي. هوءَ ان وقت عمر ۾ ننڍي ۽ بيحد حساس هئي. فرخنده ۽ هيما جڏهن ساڻس وڏين ڀينرن جهڙو ورتاءُ ڪنديون هيون ته سندس اکين ۾ هڪدم لڙڪ اچي ويندا هئا.
هن سان اها ڪهڙي مصيبت هئي جو دردمندي ۽ اخلاص جي هڪ هڪ ننڍڙي ڳالهه سندس دل تي لکجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن اونهاري ۾ جڏهن سڀني نرگس جي نئين فلم جو سيڪنڊ شو ڏسڻ لاءِ ڪناٽ سرڪس ويا هئا ته ورانڊي ۾ ٿنڀن ڀرسان هڪ گلن وارو جوهي جي گلن جا هار وڪڻي رهيو هو. سيتا اوڏانهن پاسو ورائي ڏٺو ئي هو ته نعمت مامي هڪدم کيس گلن جا هار وٺي آڻي ڏنا هئا. ان کان پوءِ جڏهن اُهي ٻيو ڀيرو سئنيما ڏسڻ لاءِ، انهيءَ جاءِ تي ويا هئا ته نعمت مامو ڪار مان لهي خود ئي ڊوڙي وڃي گل وٺي آيو هو. ”مون کي خبر آهي، ته توکي سفيد گل پسند آهن“ هن چيو هو. نعمت مامو هاڻي اُتر پرديش ۾ ڪٿي فارمنگ ڪري رهيون هو. سندس شادي ٿي ويئي هئي. شهزاد به هاڻي وڏو ٿي چڪو هو. کيس آءِ. سي. ايس ۾ آئي به ست اٺ سال ٿيڻ وارا هئا. هيستائين هو مغربي بنگال جي ضلعن ۾ مقرر ٿيل هو۽ تازو مرڪز ۾ بدلي ٿي هئس. هيما جي پيءُ کي گذاري وئي هاڻي ٽي سال ٿي چڪا هئا. هيما جي شادي ٿي چڪي هئي. هوءَ پنهنجي ٻار ۾ ايڏو رڌل هئي جو سيتا ڏانهن ڌيان ڏيڻ لاءِ وٽس وقت ئي نه هو. شهزاد ٿيئٽر موومنٽ ۾ رڌل هو. هيما جون سڀ ڪزنس تعليم پوري ڪري وڃي نوڪري کي لڳيون هيون. ڪن ته وڃي پنهنجا گهر وسايا هئا. اقبال ۽ مهتاب فوجي آفيسر هئا ۽ ڪشمير ۾ مقرر ٿيل هئا.
گذريل نون سالن ۾ انهيءَ خاندان ۾ ڪافي تبديليون اچي ويون هيون. هيءُ گهر، جيڪو هميشه اَڻمٽ سُڪون جو هندورو معلوم ٿيندو هو، ٿورو ٿورو بدليل ٿي لڳو. شايد انهيءَ ڪري جو هوءَ پاڻ هڪدم بدلجي چُڪي هئي.
پر اهي ڪمرا، اهي غاليچا، تصويرون، پڙدا، فرش جون ٽائيلس، باغ ۾ گل – هر شيءِ اُتي ئي هئي. هيءُ گهر هينئر به بندرگاهه تي بيٺل هڪ محفوظ خاموش جهاز هو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ هتان جي سڪون سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. چوڌاري رنگ برنگي ڪوٺيون به هميشه وانگر پُرسڪون ڏسڻ ۾ آيون ٿي. هيٺ وڪڙ کائيندي ڊگهي خاموش سڙڪ جي پريان، جمنا ساڳئي سڪون سان وهي رهي هئي. ڇا سچ پچ ايڏو سڪون ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڪمرن مان چڪر ڏيئي، هوءَ وري هيما جي پراڻي ڪمري ۾ واپس آئي.
”اڙي سيتا، ڪٿي ٿي پيئي گهمندي وتين، بانورين وانگر. ٻاهر اچ. اندر ڏاڍي اُبس آهي.“ چبوتري تان هيما جي ماءُ جو آواز آيو، جيڪا چاکڙيون پائي کٽ کٽ ڪندي، پنهنجي ديوي ديوتائن واري ڪمري ڏانهن وڃي رهي هئي. هوءَ هن جي پويان پويان ڪمري ۾ ويئي ۽ ٿورو وسامجي دروازي ڀرسان بيهي رهي.
”اڙي، هن کي پرڻام ته ڪر. تنهنجو ڪهڙو نقصان ٿ ي ندو. ڀڳوان ته هر شيءِ ۾ آهي. اڙي بانوري ڊپ ڇاجو! منهنجي ٻن ڀائٽين به مسلمانن مان شادي ڪئي. اڄ ڪلهه ته هوا ئي اها پيئي هلي. کين گهرمان ٿوروئي ڪڍيو ويوآهي! پڻس ته ايڏي وڏي ’ايٽ هوم‘ ڏني هئي... نالو ڇا اٿس، مون کي ته نڀاڳي جو نالو به ياد نٿو رهي. منهنجي پنهنجي هيما غيرن مان شادي ڪئي. ايڏو پري مرهٽن ۾ وڃي نڪتي. پوءِ ڇا ٿيو! زمانو ئي اهڙو آهي.“ امان الماري کولي ديپ محل ۾ چراغ ٻاريندي چيو.
هوءَ الماريءَ جي سامهون اچي بيٺي جتي ديوي ديوتا سينگاريل هئا. انهن پويان ساڌن ۽ جوڳين جا فوٽوگراف رکيل هئا ۽ انهن تي گينڊي جا هار پيل هئا.
هيما جي ماءُ سان سيتا جي ملاقات کي ايڏو عرصو نه ٿيو هو، انهيءَ ڪري هوءَ کانئس ٿوري ڊنل رهندي هئي. جڏهن 1948ع ۾ هوءَ دهلي ۾ هئي، تڏهن هوءَ پنهنجي ڀاءُ وٽ لکنؤ ويل هئي. ٽي ورهيه اڳ جڏهن هوءَ امريڪا مان ڪجهه مهينن لاءِ دهلي آئي هئي، تڏهن ئي پهريون ڀيرو سندس منهن تي چڙهي هئي. هوءَ هميشه وانگر گاهه تي مُوڙو رکي ويهي گيتا پڙهي رهي هئي. هيما اڳتي وڌي چيو، ”امان، هيءَ سيتا آهي.“
”آداب عرض.“ سيتا عادت مطابق هٿ سان سلام ڪندي چيو هو.
هيما جي ماءُ عينڪ پيشانيءَ تي چاڙهي پنهنجون وڏيون وڏيون شربتي اکيون ڇنڀي کيس غور سان ڏٺو ۽ ٿورو مشڪي چيو هئائين: ”نالو ته تنهنجو سيتا آهي ۽ ’جئه رام جي‘ جي بدران ’آدابِ عرض‘ ٿي چئين!“
۽ ٻاهر اچي ڪار ۾ ويهندي هن غصي مان چيو هو: ”تنهنجي ماءُ به ته عجيب آهي. مان ’جئه رام جي‘ ڇو چوان؟ “I am no a bloody Hindu”
امان هڪ وڏي شديد چقمق جهڙين اکين واري جوان سنياسڻ جي تصوير جا هار مٽائڻ لڳي ويئي. ڳچيءَ ۾ تلسي مالها پاتل، وار وکريل ۽ بنان بلائوزر جي ساڙهي ڍڪيل، اُها سنياسڻ هڪ ٻئي وڌيڪ چقمق جهڙين اکين واري نوجوان سنت سان گڏ صندل تي ويٺل هئي. سنت ڏاڍو هينڊسم هو.
”امان، هي ڪٿي ٿا رهن؟“ سيتا سنت ڏانهن اشارو ڪري آهستي سوال پڇيو.
”هي، هي پنهنجو شرير ڇڏي چڪا آهن.“
”اوهه!! What a pity ڪيڏو خوبصورت هو ويچارو.
”۽ هيءَ؟“ هن سنياسڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
”هيءَ؟ راڌا؟ هيءَ به ٻه ورهيه ٿيا ته پنهنجو شرير ڇڏي چڪي آهي.“
”اهي ٻئي؟“
”ها، اهي ٻئي دنيا جي نظرن مان زال مڙس هئا.
ننڍپڻ ۾ راڌا جي ساڻس شادي ڪئي ويئي هئي پر اِهي ڪهن زال مڙس وانگر نه رهيا.“
’What a nonsense!‘ سيتا دل ۾ چيو.
امان هاڻي ديويءَ جي پوشاڪ مٽائي رهي هئي.
”امان، توهان کي ساڌن سنتن جي سنگت ۾ وڏا وڏا طاقتور سنت مليا.“ سيتا ڪجهه دير رکي پڇيو. هن پنهنجي سمجهه مطابق Spritual‘ power‘ جو ترجمو ’طاقتور‘ ڪيو هو. نيٺ ته هوءَ ڏهن سالن کان اڙدو پڙهي رهي هئي.
”مون کي جيڪي سنت مليا، اُهي تمام وڏي روحاني طاقت وارا هئا.“ هن اکيون بند ڪري جواب ڏنو.
”اوهه.“
”اڄ ديويءَ کي هيما جي پُڦيءَ جي گهر وڃڻو آهي.“ امان مورتيءَ تي مُڪٽ سجائيندي چيو.
”چڱو.“
هوءَ ٻاهر آئي.
بي معنيٰ، بي معنيٰ، زندگي ڪيتري قدر بي معنيٰ هئي!
هاڻي لان تي هيما جون ٽي چارڪزنس گڏ ٿي چُڪيون هيون. هيما گلابي هائوس ڪوٽ ۾، گهمندي گهمندي ٻار کي سمهاري رهي هئي. شهزاد به وهنجي سهنجي اندران نڪتو هو. ساڻس دوست به گڏ هو. هو ايترو ته خوبصورت هو، جو سيتا کيس ڏسندي رهجي ويئي. هو عمر ۾ تمام ننڍو هو. وڌ ۾ وڌ ڇويهه سيتاويهه ورهين جو هوندو. ۽ نڀاڳي جون اکيون قيامت هيون ۽ وار ڪيڏا نه خوبصورت هئس!

”هيلو سيتا، This is Kailash“ شهزاد چيو.
”هيلو.“
”مسز جميل اوهان اڄ اسان جي ريهرسل ڏسڻ اچي رهيون آهيو؟“ نوجوان ڏاڍي پنهنجائپ ۽ بيساختگيءَ سان ڳالهه شروع ڪئي. هن ڊراما گروپ وارن جي ڏاڍي عجيب جٿيبندي هئي.
”ڊاڪٽر ميرچنداڻي.“ هن آهستي چيو.
”اوهه! I do beg your pardon“ وري هن شهزاد کان پڇيو، ”يار مون خلل ته نه وڌو؟“
”اڙي نه يار، سڀ ٺيڪ آهي.“ شهزاد وراڻيو. پوءِ هن مُڙي سيتا کان پڇيو، ”تون هاڻي هلين ٿي يا پوءِ اچي پِڪ اَپ ڪريان؟“ هوءَ بي اختيار ڪيلاش جي اکين ڏانهن ڏسي رهي هئي. کيس اهڙي طرح پاڻ ڏانهن ڏسندو ڏسي ڪيلاش گهٻرائجي ويو ۽ وڌيڪ ڌيان سان پرميلا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
”سيتا!“ شهزاد وري چيو.
”اوهه!“ هوءَ ڇرڪي. ”مان هيما سان گڏ اينديس. توهان ڀلي وڃو.“ هيما ٻار جي فڪر ۾ غلطان هئي. سندس بخار گهٽيو نه هو ۽ ننڊ نٿي آيس. هن سيتا جي ڳالهه ئي نه ٻڌي.
”هيما!“ سيتا چيو.
فضول. فضول. هر شيءِ فضول.
”اوهه ساري، ها سيتا، نه، مان ڪيئن ٿي وڃي سگهان. آنند جي حالت ته ڏس.“
”چڱو، تون ڇهين وڳي ڪافي هائوس پهچي وڃجان. ڪيلاش توکي اُتان پڪ اپ ڪري وٺندو.“ شهزاد چيو ۽ ٻئي ڄڻا لان جي ڇٻر تان لنگهي ڪار طرف هليا ويا.
سامهون ’نيري ڪوٺيءَ‘ جي چبوتري تي سڀيئي ڇوڪريون نٽنگ ۾ مشغول هيون ۽ نيزا کائي رهيون هيون ۽ ڏاڍي آرام سان نارمل ڳالهيون ڪري رهيون هيون.
هيما آيا کي سڏائي کير جون بوتلون صاف ڪرائڻ ۾ لڳي ويئي.
”هيما، مان ٿورو پنهنجي گهران ٿي اچان ٿي.“ سيتا اٿندي چيو.
”گهر؟“
”ها قرول باغ، اتان ئي اوڏانهن هلي وينديس. گُڊ نائيٽ.“
”گُڊ نائيٽ سيتا.“
هوءَ پنهنجي بئگ کڻي ڳاڙهي بجريءَ واري روڊ تي آئي ۽ بس اسٽاپ ڏانهن رواني ٿي ويئي.

4

ڪامران هڪ ٿنڀي جي پٺيان لڪي ڪجهه کِٽ پِٽ ڪري رهيو هو. پوءِ هن فرش تي پيل تارن تي جهُڪي سوئچ دٻايو. اسٽيج تي هلڪو سفيد اجالو ڦهلجي ويو. اسٽيج ڊائريڪٽر خالي آڊيٽوريم کي مخطاب ٿي چوڻ لڳو:
”مختصر بيان ڪريان ٿو. مون کي اڪيڊمي طرفان چيو ويو آهي ته توکي گهرجي ته ’راڪشس جي مُنڊيءَ‘[1] نالي ناٽڪ، جيڪو مهاراجا ڀاسڪر دت جي پٽ ۽ سامنت واتيشوردت جي پٽ تمثيل نگار وساک دت لکيو آهي، اڄ پيش ڪر. مون کي خوشي آهي ته هيءُ ناٽڪ هڪ اهڙي ميڙ جي سامهون پيش ڪيو ويندو، جيڪو هڪ ادبي تخليق جي خوبين کي ساراهي سگهي ٿو، ڇو ته اناج جي سٺي فصل جو مدار پوکيندڙ جي ذاتي خوبين تين ٿو ٿئي. هاڻي مان گهر وڃان ٿو جيئن پنهنجي زال سان گڏ سنگيت جي تياري ڪري سگهان.“ پوءِ هن اسٽيج جو هڪ چڪر ڏنو. ”هيءُ رهيو منهنجو گهر. هاڻي مان اندر وڃان ٿو.“ هن چؤطرف نهاريو. ”آهه“ ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن ڏڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. نوڪر پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ رڌل آهن. هڪ داسي پاڻي کنيو پيئي اچي. ٻي خوشبودار جڙي ٻُوٽيون ڪُٽي پئي. هيءَ ڇوڪري هار پوئڻ ۾ لڳي پيئي آهي ۽ هوءَ داسي ته ڏسو جا ڪُٽڻ ۽ ڇاڻڻ سان گڏ راڳ به پيئي جهونگاري. هاڻي مان گهرڌياڻيءَ کي ٿو سڏيان.“
ٺڪاءُ سان پلاءِ وُڊ جو وڏو تختو هڪ پاسي سِرڪيو ۽ سردار پرديپ سنگهه اوور آل پائي هٿ ۾ مترڪو کڻي ظاهر ٿيو.
”پرديپ توکي به هن وقت گوڙ ڪرڻو آهي.“ بلقيس هال ۾ رڙ ڪري چيو.
”منهنجي ڪَئي تي پاڻي ڦري ويو. شهزاد ڪٿي آهي؟“ پرديپ ڪاوڙ ۾ چيو.
”اڙي اڙي، هي تخت هيڏانهن گسڪاءِ.“
”اي پاڪباز عورت، سگهڙ ۽ خوش تدبير! منهنجي گهر جي سياست جي ماهر! اي منهنجي گهر ٻار جي راڻي! هيڏانهن اچ.“ راڪيش چوندو پئي ويو.
هاڻي ’ايڪٽريس‘ سامهون آئي. ”مهاراج مان هتي آهيان،. پنهنجي هدايت سان مون کي سرفراز ڪريو.“
بلقيس وري چيو: ”راڪيش، جتي ظالم حمله آور وارو جملو آهي، انهيءَ کان اڳتي ٿورو وري چئو.“
”چڱو ڏس! ’ظالم حمله آور‘ ڪيتُو سان گڏ چندرما کي نيچو نِوائڻ ٿو چاهي. ها ڪير آهي!! جڏهن مان هتي بيٺو آهيان ۽ ...“
هاڻي ست وڳا هئا. ’سيتا اڃا تائين نه آئي هئي.‘ بلقيس گهڙيءَ تي نظر وجهي سوچيو.
هاڻي پاٽليپترا جي نند راجا جو وزير راڪشس جو دوست ’چندن داس‘ چئي رهيو هو:
منهنجي مٿان بادلن جي گجگوڙ آهي
منهنجو پريتم پري آهي
هي ڇا ٿيو؟
امر ٻوٽيون برفاني جبلن تي آهن.
۽ انهن تي نانگ ڇَپ هڻي ويٺو آهي.
هاڻي چندر گپت چئي رهيو هو:
”هوءَ مغرورن کان ڪيٻائي ٿي، ڊڄڻن وٽ نٿي ترسي، ڇو ته کيس ڊپ ٿئي ٿو. کيس بي آراميءَ کان، احمقن کان نفرت آهي. هوءَ وڏن وڏن گڻوانن سان به بي تڪلف نٿي ٿئي. بهادرن کان گهٻرائي ٿي. وئش ناريءَ وانگر کيس ڏاڍي مشڪل سان ريجهائي سگهجي ٿو.“
”سيتا اچي ويئي.“ ڪامران چاڻڪيا جي گهر جي دريءَ مان ڳچي ڪڍي للتا کي ٻڌايو. سيتا هال مان لنگهي، پاسي واري ورانڊي جي ڏاڪڻ تي ويهي رهي، جتي اونداهي هئي.
ڪامران سوئچ دٻايو. اسٽيج تي اُداس زرد روشني ڦهلجي ويئي.
هاڻي چندر گپت چئي رهيو هو:
”اُفق جي منظر کي، سرءُ ڪيڏو نه خوبصورت ٺاهيو آهي. ڇو ته آهستي آهستي سُڪندڙ ندين جي ٻنهي طرف وارياسا ڪنارا جرڪن پيا.
سارسن جا ٽولا ۽ ڪنول جي گُلن جا جهُڳٽا
۽ چانديءَ جا بادل ۽ اڏامندڙ ٻگهه
۽ سانجهيءَ جو آسمان ۾ دکندڙ ستارا!“
”سيتا!“ بلقيس ورانڊي مان نڪرڻ مهل سڏ ڪيو.
”هاءِ بِلي.“
بلقيس سندس ويجهو وڃي ڏاڪڻ تي ويهي رهي. ”هتي ڪافي ٿڌ آهي، اندر هل.“
”نه، هتي ئي ٺيڪ آهي.“
”اچڻ ۾ دير ڇو ڪيئي؟ اسان ڪافي ٺاهڻ مهل تنهنجو ڏاڍو انتظار ڪيوسين. تنهنجون ٻه ٽي فونون به آيون هيون.“
”ڪنهن جون؟“
”خبر ناهي، ٻڌ سيتا، انهيءَ وقت تو منهنجي پوري ڳالهه به نه ٻڌي ۽ هڪدم فون رکي ڇڏيو هيئه.“
”هاڻي ڪهڙي ڳالهه ٻڌائڻ رهجي ويئي آهي توکي؟“
”اهو ته ٺيڪ آهي سيتا ڊيئر، پر...“ بلقيس بي چينيءَ سان پاسو بدلايو. ”اصل ۾ ڪالهه رات وچين ماسي ڪراچيءَ مان ٽرنڪ ڪال ڪيو هو. قيصر جي شادي آهي نه ايندڙ هفتي. ته وچين ماسيءَ ڏاڍو زور ٻَڌو آهي تون انهيءَ ۾ ضرور شريڪ ٿي. وڏي ماسي تلسي پور مان نه ٿي وڃي سگهي، ادا اصغر جي بيماريءَ جي ڪري. سندس نهن جي حيثيت سان سندس نمائندگي توکي ڪرڻي آهي وغيره.“ هن نڙيءَ صاف ڪئي. سردي هوندي به هوءَ پگهرجي پيئي هئي.
”ڪراچي!“ سيتا جي دل ڄڻ بيهي ويئي هئي. ”ڪراچي!“
”ها ها، ٻيو ڇا!“ بلقيس هڪدم پاڻ سنڀاليو ۽ وري ايڪٽنگ شروع ڪري ڏنائين: ”هلي هل، ڏاڍو مزو ايندو. سڀني پاڪستاني مٽن مائٽن سان ملبو. انهن کي ته مون نوَن سالن کان ڏٺو ناهي. اٺن ڏينهن کان پوءِ هليا اينداسين. نادر تمام ڊگهو پروگرام ٺاهي موڪليو آهي. موهن جو دڙو ڏسندا، ڪار ۾ لاهور وينداسين.اُتي ٻه ڏينهن اديءَ منور وٽ ترسي واپس دهلي، ڇا خيال آهي؟“ پوءِ هوءَ سيتا سان نظرون ملائي نه سگهي ۽ تڪڙ ۾ تمثيل جو فائيل اٿلائڻ پٿلائڻ لڳي. ”هلي هل، سچ پچ وري ايندڙ مهيني مون کي ٿيئٽر سيمينار لاءِ بمبئي وڃڻو آهي.“
”مون کي خبر آهي ته تون بيحد مصروف، بيحد اهم ماڻهو آهين. هندستان جي سڄي ٿيئٽر موومنٽ تنهنجي ڪري ئي ته هلي ٿي.“
”بڪ نه ڪر. اڙي اڙي... روئين ڇو ٿي ڪريڪ داس؟ سچ، هل مون سان گڏ ڪراچي.“ پوءِ هوءَ خوش دليءَ سان چوڻ لڳي: ”ٿورو سوچ، مان اڄ تائين ڪنهن فارن ڪنٽري نه ويئي آهيان. هڪ فارن ڪنٽري ته ڏسي اينديس. بقول مجاز...“
سيتا خاموش رهي.
”هلو، هتان مسز سين ڏانهن وڃڻ جي بدران سڌو گهر هلنداسين ۽ مانيءَ کان پوءِ ويهي اسڪريبل کيڏنداسين. هن ڀيري لئٽن لفظ ٺاهبا. ايڏي دير ڪري ڇو آئينِءَ؟ پنهنجي گهر هلي ويئي هئينءَ ڇا؟“
”ها، مون ڪجهه دير مميءَ وٽ چپ چاپ ويهڻ ٿي چاهيو.“
”تو، تو هن کي ٻڌائي ته نه ڇڏيو؟“
”ها، ٻڌائي ڇڏيم.“
”ڇا چيائين؟“
”ڪجهه به نه، چوڻ لڳي، سڀ ڪرمن جو ڦل آهي.“
اندران چندر گپت جو آواز وري اچڻ لڳو. هو پنهنجو ڊائلاگ ورجائي رهيو هو: ... ۽ چانديءَ جا بادل ۽ اڏامندڙ ٻگهه
۽ سانجهيءَ جو آسمان تي دکندڙ ستارا...
”وچين ماسيءَ جو خط مون کي به آيو آهي.“
سيتا آهستي چيو: ”وڏي ادا جو به. هينئر مون مميءَ کي ائين به چيو ته وچين ماسي مون کي قيصر جي شاديءَ تي ڪراچي گهرايو آهي. چوڻ لڳي، ”ضرور وڃ، تنهنجو اصل گهر، تنهنجا ساهورا آهن. ڪراچيءَ ۾ تنهنجو وڏو ڏير رهي ٿو ۽ وڏو ڏير سهري جي برابر ٿيندو آهي. سندس چيو هرگز نه ٽارجانءِ. “And so on and so forth
بلقيس ورانڊي کان هيٺ لڳل گلن کي ڏسندي رهي. هاڻي ڪوهيڙو گهرو ٿيندو ويو. هڪدم هن هڪ فرض شناس ڊائريڪٽر جي حيثيت سان اندران ايندڙ چندر گپت جي صاف ۽ گهري آواز تي ڪن ڏنو.
هو چئي رهيو هو:
سانجهيءَ جو آسمان ۾ دکندڙ ستارا
۽ پوءِ
ندين جون اڀرندڙ لهرون، موسم جي ڳالهه ٻڌي، پنهنجي پنهنجي آرائن ۾ سمائجي ويون آهن.
فصل جا سنگ مروت وچان جهُڪي ويا آهن، مور پنهنجو غرور ڇڏي چڪا آهن.
عجب ته انهيءَ ڳالهه جو آهي ته ڪيئن سموري دنيا کي پن ڇڻ، مقبوليت جي راهه تي هلڻ ۾ ڍرو ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ قاتل وانگر جيڪا محبتن جا قصا ڏاڍي مهارت سان ٻڌائيندي هجي.
پن ڇڻ، گنگا کي دريائن جي خدا وٽپهچائي، سندس سڪون کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.“
هاڻي ڀاٽ چئي رهيو هو:
”آسمان سندس گلن جي پيلي روشني

شَوِ جي جسم جي رک وانگر ڦهليل آهي.
سيتل ڪرڻن واري چنڊ، بادل وکيري ڇڏيا آهن
اُهي شِوَ جي هاٿيءَ جي کل وانگر مٽي هاڻا هئا.
تکي چانڊوڪي سندس کوپرين جي مالها وانگر چمڪي پيئي.
هوا ۾ اڏامندڙ راج هنس سندس ٽهڪن وانگر جرڪن پيا.
خدا ڪري سرءُ، جيڪا وشنو جي بدن وانگر زرد آهي، تنهنجا دک دور ڪري.“
هاڻي چاڻڪيا چئي رهيو هو:
”چئني ساگرن جي وارياسن ڪنارن تائين

جي تاڙيءَ جي پنن سان اونداها جهنگ ڇانوَ ڪيو بيٺا آهن،
جن جو گهرو پاڻي هيبتناڪ مڇين جي ترڻ ڪري مضطرب آهي
تنهنجو حڪم، تازن گلن جي هارن وانگر

هڪ سؤ راجائن پنهنجي سر تي کنيو آهي.“

”بلقيس!“ پويان ڪيلاش جو آواز آيو. هو هال جي آخري دروازي مان نڪري ڏاڪڻ ڏانهن آيو.

”ها.“ بلقيس پويان مڙي پڇيو، “What is it?”

”تعارف ۾ ڇا ڇا لکبو؟“ هو فرش تي گوڏن ڀر ويهي رهيو. ”آئوٽ لائين ٺاهي ڏي، مان اندر وڃي لکي وٺندس.“

”بس، اهو ئي لکي ڇڏ ته هيءَ ماڊرن ٿيئٽر جي چوٿين ڪلاسيڪل پيشڪش آهي.“

”اها تو ڪيتري قدر نئين ۽ پروفائونڊ ڳالهه ٻڌائي آهي، مڃان ٿو.“

”۽ ٻيو اهو لک ته ...“ بلقيس سوچيندي مٿو کنهيو.

”ستن ائڪٽن جو جدا جدا اختصار! ۽ شروع ۾ ڇا لکان؟“

بلقيس فائيل کوليو. ”هتي ڪجهه پڙهڻ ۾ ئي نٿو اچي، اونداهيءَ ۾.اهو لک ته هي ناٽڪ چوٿين عيسوي صديءَ ۾ گُپتا عهد ۾ لکيو ويو. ڊراماٽسٽ وساک دت انهيءَ جو ليکڪ هو. ڏي، مون کي ڏي، مان پڙهندي وڃان ٿي.“ دروازي مان ايندڙ جهڪي روشني ڏانهن جهُڪي هن پنا اٿلايا. ”وساک دت انهيءَ جو ليکڪ هو. شهنشاهه چندر گپت ٻئي جي عهد ۾ پاتليپترا ۾ پهريون ڀيرو اسٽيج ٿيو. چندر گپت ٻئي جو زمانو شايد سنه 375ع کان سنه 413ع تائين آهي. ڪتاب ۾ چيڪ ڪري وٺج.“

سيتا اُٿي بيٺي. ”مان ٿورو ٻاهر وڃان ٿي.“

بلقيس سندس ڳالهه نه ٻڌي. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ ٻيهر محو ٿي چڪي هئي. هيما وانگي هن کي به سيتا ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي فرصت نه هئي. هوءَ چئي رهي هئي: ”۽ اهو لک ته هيءُ ڏاڍو سيريس ۽ سياسي قسم جو پلي آهي. پوءِ ٻئي پئراگراف ۾ سنسڪرت ڊرامي ۽ پيور آرٽ ٿيئٽر جو ذڪر ڪج. رينو لي آئوٽ تيار ڪري ڇڏيو؟“

”گيلي پريس مان ايندي، تڏهن ته هوءَ لي آئوٽ ٺاهيندي.“
ڪيلاش وراڻيو.

اندر چاڻڪيا چئي رهيو هو:

”سرڻيون ۽ ڳجهون دونهين جي گول ڇلن وانگر،

آسمان تي چڪر هڻي رهيون آهن.

اُڏامڻ وقت سندن کنڀ بلڪل نٿا ڦڙڪن.

گهوڙن پنهنجي ٽاپن سان آسمان مٿي کڻي ڏنو آهي.

فوجن اڳيان هلندڙ هاٿي ساڪت بيٺا آهن

۽ ويرين جي لاهه چاڙهه جي نشانن وانگر سندن گهنٽيون خاموش آهن.“

سيتا سموري عمارت جو چڪر لڳائي وري ورانڊي ۾ آئي. بلقيس ۽ ڪيلاش اسٽيج ڏانهن وڃي چڪا هئا. وقت آهي جو اڏامندو پيو وڃي. هوءَ وري ڏاڪڻ تي ويهي رهي.

اندر پنجين ائڪٽ ۾ شهزاد ملايا ڪيشو جو جُڙتو دوست ڀاگورائين شهزادي سان مخاطب هو:

”راجڪمار اُهي آهن، جيڪي سياست ۾ عملي طور تي حصو وٺن ٿا. مقصدن جي ضرورت، دشمن، ساٿين ۽ غير جانبدار ڌُرين جي گروهه بندي جو تعين ڪري ٿي. غير سياسي انسانن وانگر فقط ذاتي پسند جي بنياد تي، اهي دوستيون تسليم نٿيون ڪيون وڃن، شهزادا! سياسي مقصدن جي سبب ڪري، دوست دشمن ۾ ۽ دشمن دوست ۾ تبديل ڪيا ويندا آهن. جهڙي طرح انسان پنهنجي موجوده زندگيءَ ۾ اڳئين جنم جون ڳالهيون ڀلجي ويندو آهي، تهڙيءَ طرح حڪمت عملي سڀني پراڻين پابندين کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي آهي.“

هڪ عملدار اسٽيج تي اچي ٿو. ”مهاراج جي جئه ٿئي!“ هن چيو، ”حفاظتي چوڪيءَ جي نگران درگهه رڪش جو عرض آهي ته هڪ شخص جنهن وٽ راهداري جو پروانو نه هو، هڪ خط سان شاهي خيمي گاهه مان فرار ٿيڻ ٿي چاهيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.“

هاڻي ڀاگورائين چئي رهيو هو:

”مهاراج ڪمار! اسان کي ڪُسم پوره تي حملو ڪرڻ گهرجي، جيئن لوڌرا جي گلن جي غازي سان سجايل ڳلن وارين گوڙڪيءَ عورتن جا چهرا مٽي هاڻا ٿي وڃن ۽ سندن ڀنورن جهڙن گهنڊيدار وارن جي چمڪ، اسان جي شهسوار دستن جي ٽاپن سان اُڏايل ڌوڙ جي ٿنڀن سان ڍڪجي وڃي. ۽ ڌوڙ جي واچوڙن جا اهي ٿنڀا، اسان جي جنگي هاٿين جي سونڍن مان وسندڙ پاڻيءَ سان وڃجي وڃي دشمن جي ڪنڌن مٿان ڪرن.“

ورانڊي ۾ هڪ ٽولو ڳالهيون ڪندو گرين روم ڏانهن هليو ويو. برسات ۾ ڪنهن ڪار جي اسٽارٽ ٿيڻ جو آواز آيو. چنڊ املتاس جي اوٽ مان نڪري آيو هو.

ڪجهه دير کان پوءِ، اهي سڀئي مسز ڊولي سين ڏانهن ويندا ۽ سگريٽ جي دونهين سان ڀريل ڊرائنگ روم جي غاليچن تي ويهي ڏاڍي جوش ۽ خروش سان پنهنجي پروفيشنل گفتگو ۾ مصروف ٿي ويندا.

پويان کيس ڪيلاش جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هو گئلريءَ مان نڪرندي پرديپ کي چئي رهيو هو: ”مسز سين ڏانهن هلڻ کان اڳ ٿورو نڙي آلي ڪرڻ گهرجي.“

نڙي آلي ڪرڻ کيس به وڻندي هئي.انهن ڇوڪرين کي انهيءَ ڳالهه جي خبر نه هئي، نه ته جيڪر اُهي هڪدم کيس مدعو ڪري وٺن. سندن گروهه جي ڪا ڇوڪري ڊرنڪ نه ڪندي هئي. هاڻي يارهن وڄي رهيا هئا. ٻارهن وڄندا. آڌي رات ٿيندي. فقط ڊرنڪ ڪري اهو احساس ٿيندو آهي ته وقت بيهي ويو آهي. ڪيلاش ڪيڏو خوبصورت آهي.

ڊرامو ختم ٿيڻ وارو هو ۽ سمڌير چئي رهيو هو:

”انهن دوستن کان جدائي، جن لاءِ دل ۾ جاءِ آهي، راڳ رنگ ۾ مشغول ۽ شراب خانن ۾ مئه نوشي ڪندي به دل ۾ کٽڪي ٿي.“

ڪيڏو نه حال سان ٺهڪندڙ ڊائلاگ آهي! هوءَ مشڪي. ڪنهن جي جدائي؟ ڪنهن کان جدائي؟ ڪنهن ڪنهن جي جدائي؟ ۽ کٽڪو ڇا جو؟ ڊيم ڊيم.

هاڻي آخري ايڪٽ جي شروع ۾ راڪشس آهستي آهستي چئي رهيو هو:

”هيءُ باغ ڪيڏو نه سنسان آهي ڇو ته هتي بارهه دري جيڪا هڪ طاقتور شاهي خاندان وانگر تعمير ڪئي ويئي هئي، ڀڄي ٽُڪر ٽُڪر ٿي ڪري چڪي آهي.

بنا گلن جي وڻ، نااهل بادشاهن جي سياسي ڪارواين وانگر اُجڙيل آهن.

زمين تي گاهه بيوقوف انسانن جي دماغ جي ناقابل عمل منصوبن وانگر اُڀري رهيو آهي.

۽ ڪهاڙين سان وڍيل ٽاريون، سرڻين جي ڪُوڪُو جي ڪري، ڄڻ درد وچان ڪنجهي رهيون آهن.

نانگ پنهنجي پيارن دوستن جي انهيءَ دک کي ڏسي، انهن جي ٽارين تي ائين ويڙهجي ويا آهن، ڄڻ سندن زخمن تي پٽيون ٻڌل هجن.

بناهه پنن جي، وڻ ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن جي اٿيءَ سان وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هجن.“

اسٽيج جون بتيون وسامڻ لڳيون. ڪامران هال ۾ کيس پڪاري چيو:

”سيتا!“

هوءَ ڇرڪي.

”اوهان جي فون. مسٽر چوڌري آهي.“

هوءَ اُٿي اسٽيج جي پوئين ڪمري ۾ ويئي. بلقيس ۽ ڪيلاش ميز تي جهُڪي پوري ڌيان سان تعارفي ڪتابچي جو مضمون لکڻ ۾ رُڌل هئا.

”اڄ تنهنجون ڏاڍيون فونون آيون آهن.“ للتا اسڪرپٽ تان ڪنڌ کڻي چيو.

”هيلو.“ هن رسيور کنيو.

”هيلو، سيتا.“

”هيلو. يس.“

”سيتا، مان قمر ٿو ڳالهايان. اسان اڄ ئي ڪلڪتي کان آيا آهيون، فيسٽيول لاءِ پنهنجو پلي کڻي. توکي صبح کان ڪيترن هنڌن تي ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم. نيٺ پتو پيو ته تون هتي بلقيس جي ريهرسل ۾ اچڻ واري آهين. بلقيس ڇا پيئي پروڊويوس ڪري؟“

”هاؤ آر يُو قمر؟“

”فائين، تون ٻڌاءِ، نيويارڪ کان ڪڏهن آئي آهين؟“

”ڪافي ڏينهن ٿي ويا. تون ته گهڻي عرصي کان هتي ئي آهين.“

”ها، پر مارچ ۾ اسان ماسڪو پيا وڃون، انهيءَ پلي سان. ۽ ڪجهه پراڻيون ڳالهيون ٻڌاءِ سيتا، نيويارڪ اسان جي اچڻ کان پوءِ اُداس ته نه ٿي ويو هو؟ هاؤ از اولڊ جميل؟ پوءِ ساڻس ملڻ ٿيو؟ تنهنجو ڪهڙو پروگرام آهي؟ سيتاتوکي ڏسڻ تي دل ٿي چوي. ٻڌ، تون هيئن ڪر جو تون هينئر ئي ڪانسٽي ٽيوشن هائوس پهچي وڃ. هتان گڏجي اشوڪا هوٽل هلنداسين. پروجيش بابو پارٽيءَ ۾ مدعو ڪيو آهي. نه، تون گيٽ ڪريشنگ بلڪل نه ڪجانءِ. پروجيش کي نه ٿي سڃاڻين... پوءِ اڃا دنيا ۾ ڇا ڪيو آهي؟ مان تنهنجي ’نه‘ نه ٻڌندس. اچين پيئي نه؟ گُڊ، هينئر ئي پهچ.“

سيتا کلي کلي هن جي ڳالهين جا جواب ڏيندي رهي ۽ بلقيس لکندي لکندي ڪنڌ کڻي حيرت وچان کيس ڏسندي رهي.

5

سيتا سان ڳالهائڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ، ابوالفصاحت قمر السلام چوڌري اشوڪا هوٽل ڏانهن روانو ٿيو. ڪي منٽ اڳ ماڌوري رنگاراءُ پنهنجي ڪار ۾ کيس وٺڻ لاءِ اچي پهتي هئي ۽ چيو هئائين: ”جلدي هل، پارٽيءَ ۾ تنهنجو گهڻي دير کان انتظار پيو ٿئي.“ ۽ انهيءَ وقت تائين کيس وسري ويو هو ته هن سيتا کي ڪانسٽي ٽيوشن هائوس ۾ ملڻ لاءِ چيو هو.

قمرالسلام چوڌري مرشد آباد جو رهاڪو هو. سندس آواز ڏاڍو خوبصورت هو. ڊگهيون ڊگهيون اکيون، سانورو رنگ، نج رومانٽڪ شڪل. هو اهڙو ماڻهو هو، جنهن لاءِ ڪاليجن جون شاعر پرست ڇوڪريون زهر کائينديون آهن. ڪلڪتي مان ايم-اي ڪرڻ کان پوءِ، ڪيترائي سال هو ترقي پسند ڊراما پروڊيوس ڪندو رهيو، فلمن ۾ ڪم ڪيائين، بنگالي ۽ انگريزيءَ ۾ شاعري ڪيائين، فنڪارن جي ڊيليگيشن سان روس، مشرقي يورپ ۽ عوامي چين جا چڪر ڏنائين ۽ پوءِ آمريڪا ويو، جتي سندس انگريزي شاعريءَ کي ڊسڪوَر ڪيو ويو. تازو ويجهڙائيءَ ۾ سندس نظمن جو پهريون مجموعو لنڊن مان شايع ٿيو هو، جنهن انگريزي ادب ۾ نالو پيدا ڪري ڇڏيو. ڊوم موريز کان پوءِ هيءُ ٻيو هندستاني هو، جنهن جي شاعرانه صلاحيت کي انگلينڊ ۽ آمريڪا جي عظيم ترين نقادن به داد ڏنو. ’نيو اسٽيٽسمين‘ ۽ ’ٽائمز لٽرري سپليمنٽ‘ ۾ سندس باري ۾ ڊگها ڊگها مضمون لکيا پئي ويا. ايڏي بين الاقوامي شهرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو ڇوڪرين جي نظرن ۾ اڃا وڌيڪ گليمرس ٿي ويو هو، پر قمرالسلام لٻاڙي ۽ غير ذميوار هو. دوستن کان پيسا اڌارا وٺي واپس نه ڪندو هو. گهڻو ڪري بيروزگار هوندو هو. هو اهڙي قسم جو ماڻهو هو، جنهن کي عورتن تي خود عاشق ٿيڻ جي تڪليف ئي نه وٺڻي پوندي هئي. عورتون کيس پنهنجو محبوب بنائڻ وڌيڪ پسند ڪنديون هيون.

بلقيس کي ته هُو ڏٺو نه وڻندو هو ۽ کيس ابوالقباحت قمرالسلام چوڌري چوندي هئي. سندس غير پروفيشنل حرڪتن کان ساڙ ٿيندو هوس ۽ سندس پوز کي برداشت نه ڪري سگهندي هئي. اڄ ڪلهه ماڌوري رنگاراءُ مٿس اور گهور هئي. هوءَ مالاباري حسن جو نمونو هئي ۽ سيتا کان گهڻو وڌيڪ دلڪش ۽ فرمانبردار هئي ۽ کيس سيتا کان گهڻو وڌيڪ گرمجوشيءَ سان چاهيائين ٿي. سيتا جي باري ۾ کيس يقين نه هو ته هوءَ هاڻي هن سال ڪهڙي قسم جو رويو اختيار ڪندي.

۽ قمر السلام چوڌريءَ جو انگريزي زبان جي انهيءَ مثال ۾ يقين هو ته هٿ تي ويٺل هڪ جهرڪي، وڻن جي جهڳٽي ۾ ويٺل ٻن جهرڪين کان وڌيڪ بهتر آهي.



(1) ’مدرا راڪشس‘ جي پهرئين منظر جو پهريون ڊائلاگ

6

ڪنوار پيڪن مان موڪلائي وڃي چڪي هئي. وچين ماسي ڪنڊ پاسي لڙڪ پئي لاڙيا. وڏو ڀاءُ گهڙيءَ گهڙيءَ لڙڪ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ماڻهن جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ، شامياني ۾ صوفا ڪجهه بي ترتيبيءَ سان پيا هئا. مسند، جتي نڪاح ۽ بعد ۾ آرسيءَ ۾ منهن ڏسڻ جي رسم ادا ٿي هئي، اُتي هاڻي ٻار کيڏي رهيا هئا. گلن جا هار وکريا پيا هئا. ميراثڻيون ڳائيندي ڳائيندي ٿڪجي چڪيون هيون. شهرجي وڏي سوسائٽيءَ جا فرد ميزبانن کي خدا حافظ چئي موٽرن ۾ سوار ٿي رهيا هئا. بلقيس مائٽن جي هجوم اندر زور زور سان کلي رهي هئي. ڪاري شيرواين ۽ چوڙيدار پاجامو پاتل سندس ڪزن نادر، مهمانن کي سگريٽ پيش ڪري ڪري ٿڪجي صوفي تي وڃي ويٺو هو. سندس ڀاڀي شامياني جي هڪ ڪنڊ ۾ پنهنجي دوستن جي ميڙ ۾ بيهي زوردار تقرير ڪري رهي هئي. ’هيءَ اسان جي پَت وڃائيندي‘- نادر ٿورو پريشان ٿي سوچيو ۽ پوءِ ڪافي گهرائڻ لاءِ ڪوٺيءَ ۾ هليو ويو.
هوءَ ساڳي طرح بحث ۾ رڌل هئي ته هڪ تمام شاندار شخص هٿ ۾ ڪافي جو ڪوپ کڻي سندس ڀرسان لنگهيو ۽ کيس ڏسي ڏاڍي اُداسيءَ سان مشڪيو، ڄڻ سندس اکين ۾ ترندڙ بي انت دک کي سمجهندو هجي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. سندس وارن جي انداز ۾ جميل جي ٿوري جهلڪ هئي، جنهن هڪ کن لاءِ کيس ڏاڍو بي چين ڪري ڇڏيو. ڪجهه دير اڳ هن ڏٺو هو ته هو مسند جي ڀرسان بيهي بلقيس سان ڏاڍي اخلاق سان ڳالهائي رهيو هو ۽ هوءَ به انهيءَ اخلاق سان ڳالهين جا جواب ڏيئي رهي هئي. هڪ مائٽياڻي ڇوڪري ڪافيءَ جي ٽري کڻي ڏانهس آئي. ”هيءُ صاحب ڪير آهي؟“
”هي ئي ته عرفان آهي.“ ڇوڪري جواب ڏنو ۽ اڳتي هلي ويئي.
پوءِ نادر سُڪل ميوي جي پليٽ کڻي وٽس ويجهو آيو. هن ٿورو هٻڪي وري اُهوئي سوال ڪيو: ”هيءُ صاحب ڪير آهي؟“
”اڙي! توهان اڃا هنن سان مليون ناهيو؟ ترسو، هاڻي ته سڏيانس ٿو.“ هو ڊگها ڊگها قدم کڻندو انهيءَ شخص وٽ پهتو. ”عرفان، هيڏانهن اچو، اوهان اسان جي ڀاڄائيءَ سان اڃا تائين مليا ئي نه آهيو؟“ هو کيس پاڻ سان گڏ وٺي واپس آيو. ”سائين، هيءَ اسان جي ڀاءُ جميل جي ڪنوار آهي، ڊاڪٽر سيتا جميل.“
هن ڏاڍي ادا سان عادت موجب ’آداب عرض‘ چيو.
’آداب‘ انهيءَ شخص جواب ڏنو. ’اچو هيڏانهن ٿا وهون. اوهان ايتري دير بيهي ٿڪجي ته نه پيون آهيو؟ مان اڌ ڪلاڪ کان توهان جي تقرير ٻڌي رهيو آهيان.“ اهي ٽيئي پريان هڪ ڪنڊ ۾ رکيل صوفي تي وڃي ويٺا.
”مان پنهنجي ڪيس جو نقطهء نظر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هيس، پر توهان ٻيءَ ڌر جي نقطهء نظر سمجهڻ لاءِ تيار ئي نٿا ٿيو. هونئن ٿورو منطق استعمال ڪريو. جلدي اموشنل ٿي ويندا آهيو توهان. مون ڏٺو آهي ته توهان جا گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهو به ڏاڍا سادا آهن.“
”Every case is emotional, the rest is argument“ عرفان مشڪي جواب ڏنو.
هوءَ ٿورو تعجب سان کيس ڏسڻ لڳي. ايتري ۾ سندس هڪ ٻيو ساهوراڻي سڱ جو مائٽ ناصر اچي ڀرسان ويٺو. ”ڀاڄائي، ڪافي گهرايان؟“ نادر پڇيو.
”اوهان کي ڪراچي ڪيئن لڳي؟“ عرفان پڇيو. ڪيڏو شديد بيوقوفاڻو سوال فقط سوشل گفتگو خاطر مون کي به ڪرڻو پيو آهي. هن دل ۾ سوچيو.
هاڻي نادر، ناصر ۽ عرفان، ٽنهي ساڻس هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪري ڏنيون. عرفان کانئس پڇيو: ”اوهان ڪهڙيون ڊاڪٽر آهيو؟ دوائن واريون يا ٻيون؟“
”جي نه سائين. هيءَ دل جي دارونءَ جو ڪاروبار ڪن ٿيون.“ ناصر ڏير جي ناتي ساڻس مذاق ڪيو. جڏهن کان هوءَ هتي آئي هئي، تڏهن کان هڪ ميڙ سندس پويان پويان هوندو ئي هو. سڱ ۾ ڏير ۽ نڙاڻون هر وقت کيس ڇيڙينديون رهنديون هيون.
تلسي پور جون ميراثڻيون، جيڪي سندس خاندان سان گڏ هجرت ڪري ڪراچيءَ آيون هيون ۽ هتي لاکيت ۾ رهنديون هيون، رات جو قيصر ۽ بلقيس کي وري وري ٻڌائي، ساڻس مخاطب ٿيون ٿي:
ساس هماري يون ڪهه گئي ٿين
ڀر جوگي ڪو چٽڪي دي دينا ناري
مين البيلي ڀول گئي ٿي
مين ني جوگي ڪو نندي دي ڊاري ري.
نادر هُن جي لاءِ طرح طرح جا پروگرام ٺاهيا ٿي، خاص ڪري انهيءَ خيال کان ته جميل کيس طلاق ڏيڻ کان سواءِ ٻي شادي ڪئي آهي. اهي سڀ کيس خوش رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ۾ لڳل هوندا هئا.
”ڪنوار، اسان ته تو اڳيان ڏاڍو شرمسار آهيون.“ وچين ماسي هر هر چوندي هئي.
”جميل منهنجي سامهون ناهي، نه ته جيڪر ماري ماري سڌو ڪري ڇڏيانس ها. کيس منهنجي غصي جي خبر آهي.، وڏي ڀاءُ کيس چيو هو.
وچين ماسيءَ راهُل جون تصويرون هر ايندڙ ويندڙ کي ڏيکاريون ٿي: ”ڏس، ڪهڙو نه چنڊ جهڙو آهي، بلڪل منهنجي جميل تي ويو آهي.“
”اسان جي ڀاڄائي ڏاڍي قابل آهي.“ نادر وڏي فخر سان عرفان کي ٻڌايو. عرفان نظرون کڻي سيتا ڏانهن ڏٺو. هوءَ ٿورو گهٻرائجي ويئي.ايتري ۾ وڏو ڀاءُ اُتي آيو. سيتا هڪدم ساڙهيءَ جي پلؤ سان مٿو ڍڪيو ۽ ٽيئي ڄڻا ادب وچان اُٿي بيٺا.
”ڪنوار،“ وڏي ڀاءُ مخاطب ٿي چيو، ”بلقيس چوي ٿي ته هوءَ ايندڙ آچر جو واپس وڃڻ ٿي چاهي، تُنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟“
ايندڙ آچر جو، هوءَ وسامجي ويئي. ايتري جلدي، ايترو جلدي هوءَ هتان هلي ويندي ۽ پوءِ شايد انهيءَ شخص کي ڪڏهن سموري ڄمار ٻيهر ڏسي نه سگهي.
”اسان جي ته مرضي آهي ته توهان اڃا ڪجهه ڏينهن هتي رهو. هيءُ به توهان جو گهر آهي. پر بلقيس جلدي ڪري رهي آهي جو کيس جلدي بمبئي پهچڻو آهي.“ وڏو ڀاءُ چئي رهيو هو.

”ادا سائين! اسان سوچيو هو ته ڪار ۾ لاهور وينداسين.“ نادر چيو،

اچو ڀاڄائي، اندر هلي بلقيس کان پڇو ٿا.“

هوءَ عرفان کي، ’شب خير‘ چئي نادر سان گڏ ڪوٺيءَ ۾ هلي ويئي.

انهيءَ رات، جڏهن هوءَ ڏاج واري ڪمري ۾، سامان ۽ شيون سنواري رکڻ ۾ ڇوڪرين جي مدد ڪري رهي هئي تڏهن وچين ماسي اوچتو کانئس پڇيو: ”ڪنوار تو عرفان کي ڏٺو؟“

”جي ها.“

”سندس ماءُ، هن جو بلقيس جي سڱ لاءِ دهلي پيغام موڪليو آهي. اسان بلقيس کي، عرفان ڏسڻ لاءِ ئي ته گهرايو آهي، پر هوءَ اهڙيءَ ته عقل جي اُبتي آهي جو کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.“

”ائين آهي تڏهن؟“ سيتا هڪ سعادتمند هنن وانگر خانداني مسئلن ۾ دلچسپي وٺندي چيو. ”مون کي ته چڱو معقول ماڻهو ٿو لڳي.“

”معقول ته آهي، پر بلقيس به جڏهن سمجهي.“

”ڪهڙو ڪم ڪندو آهي؟“

”تمام وڏي نوڪري اٿس. هزار ٻه پگهار اٿس، ڇوڪريءَ کي ڇا کپي؟ گهر به سٺو اٿس.“ وچين ماسي تحفن جا پئڪيٽ هيٺ مٿي رکندي جواب ڏنو.

”هر دوئي جو رهندڙ آهي. هردوئي جي خبر اٿيئي؟“

”جي نه، جي ها.“ هن مُنجهي جواب ڏنو.

”اسان جي بلقيس جي دماغ ۾ پاڪستان اچڻ جي ڳالهه ئي نٿي اچي. هاڻي ڏس نه، عرفان ته پاڪستاني آهي.“ سيتا ٽانڪيل جوڙا کڻي پلنگ تي رکندي ويئي.

”سڀاڻي تون نادر سان گڏجي وڃي پنهنجي ڪوٺي ته ڏسي اچ“

ڪراچي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هوءَ بلقيس کي پنهنجي گهر قرول باغ وٺي ويئي هئي. بلقيس کي هن اڄ تائين گهر ڪوٺ به ڏني هئي. هوءَ پنهنجي دوستن مان ڪنهن کي پنهنجو صحيح پتو نه ٻڌائيندي هئي، پر جنهن ڏينهن هوءَ ڪراچيءَ لاءِ سامان ٻڌي رهي هئي ته سندس ماءُ زور ڪيو هو ته هوءَ بلقيس کي مانيءَ تي سڏي.

”ڪيڏي نه خراب ڳالهه آهي جو مون اڄ تائين تنهنجي نڙاڻ کي ڏٺو به ناهي.“

سيتا ڪجهه مهينن کان هڪ سرڪاري کاتي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ آفيس مان هن بلقيس کي فون تي دعوت ڏني هئي.

انهيءَ کان هڪدم پوءِ بلقيس، هيما کي فون ڪيو ته هوءَ شام جو سيتا جي گهر وڃي رهي آهي ۽ کيس پڪ اپ ڪندي ويندي. ٻن پهرن جو هوءَ لنچ جي وقت ڪناٽ سرڪس جي ريسٽارنٽ ۾ بلقيس سان ملي ته بلقيس کيس چيو هو: ”مان پراڻي دهليءَ وڃي، هيما کي وٺندي، اٺين وڳي تائين تو وٽ پهچي وينديس.“

”هيما کي وٺندي ايندينءَ؟“

”ها ها، ڇو؟“

”هيما کي ڇو سڏيو اٿيئي؟

بلقيس حيران ٿي ويئي هئي. ”هيما تنهنجي ايتري پراڻي سهيلي آهي، کيس سڏڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟ منهنجو ته خيال هو ته اڳ ۾ ئي کيس ٻڌائي چڪي هوندينءَ“

”پر بلقيس، هيما ايڏي شاندار حويليءَ ۾ رهي ٿي، مان کيس پنهنجي گهر ڪيئن سڏيان. مون وٽ ته ويهڻ جي جاءِ به ناهي. تون منهنجي مائٽياڻي آهين، تنهنجي ٻي ڳالهه آهي.“

”سيتا!“ بلقيس جو منهن حيرت وچان کليو رهجي ويو. ”سيتا! ۽ تون ڪلاس ۽ طبقاتي شعور جي باري ۾ ايتريون تقريرون ڪندي آهين!!“

”اهو سڀ ٺيڪ آهي.“ هُن چڙي جواب ڏنو هو.

”But I happen to have a lot of personal pride“

”Good heavens ته هاڻي مان هيما کي ڪيئن منع ڪريان.“

”هاڻي ڪيئن منع ٿي ڪري سگهين؟“

انهيءَ شام جو بلقيس هيما کي ساڻ ڪري سيتا جي ٻڌايل پتي تي قرول باغ جي هڪ گهٽيءَ ۾ پهتي. دريءَ مان سيتا جون ننڍيون ڀينرون جهاتي پائي ڏسي رهيون هيون. سيتا جي ماءُ دروازو کوليو. اهو ڪنهن هيٺين وچين طبقي جي مسلمان جو ڇڏيل تنگ ۽ اونداهو ننڍو گهر هو. ممي ٻنهي ڇوڪرين کي وچين ڪمري ۾ وٺي ويئي ۽ گلم تي ويهاريائين. هڪ طرف پلنگ پيل هو ۽ ڀت سان ٽرنڪون هڪ ٻئي مٿان چڙهيل هيون. الماڙيءَ جي مٿان سري ڪرشن جي وڏي تصوير ٽنگيل هئي. ڪجهه دير کان پوءِ ممي الماڙيءَ جي پويان فريم ڪيل ڪلمو ڪڍيو ۽ ڇنڊي اچي ميز تي رکيائين. ”بلقيس، هيءُ ڪلمو هن ڪمري ۾ لڳل هو. مون اهو لاهي احتياط سان رکي ڇڏيو آهي. ڪيترا ڀيرا سيتا کي چيم ته توکي پهچائي ڏي، متان غلطيءَ سان هتي ڪنهن کان بي ادبي ٿي نه وڃي. هاڻي تون کنيو وڃجان.“

”ٺيڪ آهي.“ بلقيس جواب ڏنو هو.

ممي ٿالهيون ۽ ڪٽوريون گلم تي پرڇي رکيون. هيما ۽ بلقيس ڏاڍي آرام سان ٽنگون سڌيون ڪري ديوار جي سهاري ويهي، مميءَ ۽ سندس ننڍين ڀينرن-ليلا ۽موهنيءَ سان ڳالهيون ڪنديون رهيون. سيتا ٻيءَ ديوار سان ٽيڪ ڏيئي ويٺي انهن سڀني کي تڪيو. سامهون ديوار تي هنومان جي تصوير ٽنگل هئي، جيڪو جبل تريءَ تي کنيو اُڏامندو پئي ويو. مون به زندگيءَ جو جبل کڻي آسمان تي اڏامڻ جي ڪوشش ڪئي هئي – هن دل ۾ سوچيو هو.

”پُٽ، ڪراچيءَ جي عامل ڪالونيءَ ۾ اسان جي ارڙهن ڪمرن جي ٻه ماڙ جاءِ هئي.“ مميءَ گلاسن ۾ پاڻي اوتيندي، بلقيس سان مخاطب هئي.

سيتا ڏاڍي بيزاريءَ سان کيس ڏٺو هو. اهو قصو هرڪنهن هڪ کي ٻڌائي کيس ڪهڙي قسم جو اطمينان محسوس ٿئي ٿو؟

”انهيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب، سيتا جي ڊيڊي ڇهن ڪمرن ۾ سنگ مرمر جو فرش هڻايو هو.“

”ممي، هاڻي اها رام ڪهاڻي کڻي ختم ڪر.“ سيتا چڙي چيو هو.

”بلقيس تون وڃي ضرور ڏسج، منجهس نيري رنگ جي شيشن جون دريون آهن. ’دولت راءِ محل‘ لکيل آهي، جو پري کان ئي پيو ڏسبو آهي، جمشيد روڊ کان موتي لعل نهرو روڊ ڏانهن جڏهن مڙندينءَ.“

”ممي هاڻي ٺيڪ آهي. ڏسي وٺنداسين. هيما تو دهي بڙا کنيا؟“

انهي وقت ڊيڊي اندر گهڙيو هو.

”ڇو هي توکي دولت محل جا قصا پيئي ٻڌائي نه؟ هن جي اها عادت مشڪل سان ويندي.“ هن کلندي چيو ۽ اُتي ئي گلم تي ويهي رهيو هو. پوءِ هن مهمان ڇوڪرين کي چيو هو: ”پٽ،توهان ٻئي هيترن ورهين کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو اسان جي غريب محل ۾ آيون آهيو، انهيءَ کي دولت محل سمجهي وري به اچجو.“

”صبح جو نيرن کانپوءِ نادر توکي تنهنجي جاءِ ڏيکاري ايندو.“ وچين ماسي برتن سليقي سان رکندي وري چيو.

”جي نه، نه ڏسنديس. ڪهڙي ضرورت آهي!“ هن جواب ڏنو،. وچين ماسي چپ ٿي ويئي.

چاندپور هائوس ۾ هڪ هفتو گذري ويو. چاندپور هائوس سندس وڏي ڏير جي اسڪينڊنيوين طرز جي ٻه ماڙ ڪوٺيءَ جو نالو هو، جيڪا هن هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ ٺهرائي هئي.

”اهو ٻڌائڻ جي خبر ناهي ڪهڙي ضرورت آهي ته توهان هڪ پراڻي قسم جا سابق تعلقيدار آهيو ۽ هڪ پراڻي قسم جو اوهان جو چاند پور تعلقي تلسي پور، ضلعي فيض آباد ۾ 1947ع تائين موجود هو. ٻيو ڪجهه نه ته هتي پاڪستان اچي اوهان رفيوجي ماڻهو، پراڻن نالن سان اڃا تائين چنبڙيل آهيو.“ بلقيس هڪ ڏينهن صبح جو نيرن تي عادت مطابق پنهنجي پاڪستاني مائٽن سان جهيڙو لائي ڏنو.

”اسان جو چاندپور هائوس هو يا نه، لکنؤ وڃي پلنگ روڊ تي ڏسج.“

وچين ماسي چيو. سندس آواز ۾ سيتا کي پنهنجي ماءُ جي آواز جي جهلڪ ٻڌڻ ۾ آئي. هوءَ بيزاريءَ وچان دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي.

ڊرائيور تي سندس ڪار اچي بيٺي. هو لٿو ۽ ورانڊي جي ڏاڪڻ چڙهي ڊائننگ روم ۾ گهڙيو، جتي بلقيس بي نيازيءَ سان ٽوسٽ تي مکڻ لڳائڻ ۾ مشغول هئي.

انهيءَ هڪ هفتي جي دوران هو هر روز صبح شام چاند پور هائوس ايندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سڀني سان ڳالهيون ڪندو رهندو هو، پر هميشه انهيءَ موقعي جي تلاش ۾ رهندو هو ته سيتا جي ڀرسان ويهي سگهي، پر ڪنهن کي اها خبر نه پوي ته هو ڪو سيتا جي قربت جو خواهان آهي. وچين ماسي اهو سوچي پيئي خوش ٿيندي هئي ته هو بلقيس جي ڪري اچي پيو. جڏهن ڪو ايڏي خوشامد ڪندو ته ڇوڪريءَ کي پاڻيهي ها ڪرڻي پوندي. هن هڪدم بلقيس جي ماءُ کي، جيڪا سندس وڏي ڀيڻ هئي، تلسي پور اهڙو خط لکي موڪليو ته ماشاالله بلقيس جي ڳالهه هتي تقريباَ پڪي ٿي ويئي آهي.

نوجوان پارٽيءَ جو گهڻو وقت نادر جي ڪمري جي سامهون ورانڊي ۾ گذرندو هو. هڪ ڏينهن اُهي ورانڊي ۾ ويهي ٽپهريءَ جي چانهه پي رهيا هئا ته عرفان، سيتا کي چيو: ”توهان کي واپس وڃڻ جي ايتري جلدي ڇو آهي؟ اسان پاڪستاني ايترا خراب ته ناهيون! ڪجهه ڏهاڙا اڃا ترسي پؤ.“

”مان ته دنيا ۾ ڪنهن کي به خراب نٿي سمجهان. مذهبي جنون ۽ شاؤنزم جو فلسفو ته اوهان جهڙن غير اشتراڪين جي برڪت سان مليو آهي.“

”بلڪل ڀاڄائي! هڪ مهينو ٻيو ترسو، اوهان جي ويزا مان وٺرائي ڏياريندس فٽافٽ.“ نادر چيو.

”ڪيئن ترسان مان؟ منهنجي پويان سي-آءِ-ڊي نه لڳي پوندي!“

”خير سيتا، اڃا تون ايتري اهم به ناهين جو سي –آءِ-ڊي وارا رڳو تنهنجي لاءِ پنهنجي ننڊ خراب ڪن.“ بلقيس کلي چيو. ”ڪجهه سالن کان پوءِ جيڪڏهن انهيءَ رفتار سان ترقي ڪندي رهينءَ ته انٽرپول وارا تنهنجي پويان البت لڳندا.“

هن اداسي سان انهن ٽنهي ڏانهن ڏٺو.

فضول. فضول. دنيا ڪيڏي نه فضول جاءِ هئي.

”توهان جو ميڊن نالو ڇا آهي؟“ عرفان پڇيو. هُو ’پروڊڪشن‘ رسالي جا پنا اٿلائي رهيو هو، جيڪو نادر ڏاڍي شوق سان پڙهندو هو.

”ميرچنداڻي.“

”اسان وٽ هردوئيءَ ۾ هڪ سنڌي انجنيئر بدلي ٿي آيو هو، مان تڏهن ننڍو هوس.“ عرفان ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سندس نالو ميرچنداڻي هو. هڪ ڏينهن هو ملڻ آيوته نوڪر اندر اچي چيو ته بيگم صاحب، مڇرداني صاحب آيو آهي. انهيءَ کان پوءِ هو ڪافي ڏينهن تائين کيس مرچ داني چوندو رهيو. اهو واقعو مون کي اڃا تائين ياد آهي. اسان انهيءَ زماني ۾ سنڌي ڏٺا به نه هئا. گنج ۾ ٻن ٽن سنڌين جا دڪان هئا ۽ بس.“

”ها.“ نادر چيو. ”بلقيس توکي فروٽ مارٽ وارو سنڌي ياد آهي، جڏهن تو اندر والٽرز لاءِ کانئس پڇيو هو ته ڇا سندس شادي ٿي ويئي ۽ ڇا هوءَ واقعي تمام گهڻي ڪريڪ آهي، ته هن جواب ڏنو هو:

”Yes madam, she is mad and married both“

”ها ها ها.“ اسان سڀئي سندس حاضر جوابيءَ تي ڪيڏو نه کليا هئاسين.

”ها ها ها.“ عرفان به کليو ۽ پوءِ رسالو ڏسڻ لڳو. نادر پراڻين يادن ۾ گُم ٿي ويو.

فضول. فضول وقت گذري رهيو آهي.

اوڏيءَ مهل هن عرفان کان پڇيو: ”توهان کي خبر آهي ته ٿرڊ ڊگري ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي؟“

”ڇو؟ توهان کي انهيءَ جو خيال ڪيئن آيو؟“ عرفان پڇيو.

”ائين ئي. خيالن ۾ ربط ۽ منطق جو ڪهڙو ذڪر؟“ عرفان کيس غور سان ڏٺو ۽ وري ڳالهه ٽارڻ چاهيائين: ”اوهان اهو لطيفو ٻڌو آهي؟“

”ڪهڙو؟“

”اهو ئي ته هڪ دفعي نيويارڪ ۾ ليفٽ ونگ اديبن جي هفتي وار ميڙ ۾ اڌ کان وڌيڪ خفيه پوليس جا ماڻهو هوندا هئا. هڪ ڏينهن هڪ جلسي ۾ هڪ اديب اٿي حاضرين کي هن ريت مخاطب ٿيو:

”Comrades and gentlemen of F.B.I“

”ها ها ها.“ نادر ٽهڪ ڏنو.

پوءِ اهي چارئي کوکلا ٽهڪ ڏيندا رهيا.

شام ٿي ته سمجهه ۾ نٿي آيو ته هاڻي ڇا ڪجي.

”هلو پڪچر تي هلون، ڀاڄائي.“ نادر کيس چوندو هو، ”روز پڪچر! ايتريون انگريزي آمريڪي فلمون ڏسي توهان جي دل نٿي ڀرجي؟“

عرفان سان بحث ڪندي ڪندي هوءَ بيزاريءَ مان چوندي هئي: ”ڪا پوليٽيڪل انڊرسٽينڊنگ ناهي، ڪتاب ناهن، سٺيون فلمون ڏسڻ لاءِ نٿيون ملن، اخبارن ۾ بس وڃي رهي آهي، اهائي هڪ ’مارننگ اسٽار!‘ جيڪا قوم ’مارننگ اسٽار‘ پڙهي ۽ انهيءَ جا ڪارٽون ڏسي ڏسي سڄي عمر گذاري ڇڏي، انهيءَ جي سائيڪالاجيءَ جو ڪهڙو حشر ٿيندو!“

”ڀاڄائي، توهان بيشڪ اسان جا لاهه ڪڍائينديون. پاڻ ته هليون وينديون پر اسان جو جيڪو حشر ٿيندو، اهو دنيا ڏسندي. هر محفل ۾ اهڙيءَ طرح اُبتيون سبتيون فضول ڳالهيون اُڏائينديون رهنديون آهيو.“

هن نادر جي احتجاج جو ڪو نوٽيس نٿي ورتو ۽ اهڙيءَ طرح چوندي رهندي هئي.

عرفان جون موڪلون ختم ٿي چُڪيون هيون ۽ کيس لاهور واپس وڃڻو هو. آخر اهو فيصلو ٿيو ته اُهي سڀ ٻن موٽرن ۾ گڏجي لاهور ويندا.

انهيءَ ڏينهن شام جو وقت سيتا ورانڊي ۾ اڪيلي ’لائيف‘ رسالو ڏسي رهي هئي ته هو آيو. اهو پهريون موقعو هو جو هنن ٻنهي وٽ ٽيون ڪو به نه هو. ”پرينءَ صبح جو انتظام ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر صاحب.“ هو ٿورو پرڀرو هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهيو.

”مون کي ڊاڪٽر صاحب نه چوندا ڪريو، ڏاڍو خراب ٿو لڳي.“

”پوءِ ڀلا ڇا چئجي؟ مسز جميل بيگم صاحبا، شريمتي جي؟“

”توهان کي خبر آهي ته منهنجو سڌو سنئون نالو سيتا آهي.“

”بيحد پيارو نالو آهي، انهيءَ ڪري نالو وٺندي ڊپ لڳندو اٿم.“

هوءَ خاموش ٿي ويئي. هوءَ بلقيس جي سڳي ماسات جي زال هئي. هو ڄڻ سندس ٿيڻ وارو نڙان جو مڙس هو ۽ انهيءَ لحاظ کان مذاق جي رشتي جو پهلو نڪتو ٿي. شايد انهيءَ ڪري هو کيس مستقل ڇيڙيندو رهندو هو.

شايد.

”اوهان جو رامچندر جي پنهنجو راڄ پاٺ سنڀالڻ لاءِ اجوڌيا ڪڏهن پڌاربو؟“ عرفان پڇيو. کيس اهو ٻڌايو نه ويو هو ته جميل ٻي شادي ڪري ورتي آهي. اهو نجي خانداني معاملو ۽ عرفان پوءِ به ڌاريو هو.

”هاڻي سندن ٽرم وڌيڪ ٻن سالن لاءِ وڌي ويو آهي. اوهان نيويارڪ ويا آهيو؟“

”جي ها.“

”جڏهن توهان اُتي نه هيو.“

”مان ته اُتي 1949ع کان آهيان.“

”مان به اُتي 1949ع ئي ۾ پهريون ڀيرو ويو هوس. دراصل منهنجا ۽ توهان جا حلقا مختلف رهيا هوندا. هاڻي آمريڪا ڪڏهن ٿيون وڃو؟“

”اڃا ڪجهه طئه ناهي.“ هن گهٻرائجي دروازي ڏانهن ڏٺو ۽ دعا گهرڻ لڳي ته بلقيس يا ڪو ٻيو اتي اچي وڃي ۽ اهو موضوع ختم ٿئي.

جنهن ڏينهن صبح جو اُهي سڀ سفر تي روانا ٿيڻ وارا هئا، انهيءَ رات جو بلقيس کي فِلو ٿي پئي ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ وڃڻ ملتوي ڪرڻو پين.

هاڻي جو بلقيس بيمار ٿي پيئي ته سيتا ئي اڪيلي نادر ۽ عرفان سان گڏجي ٻاهر ويندي رهندي هئي. ايتري عرصي ۾ هوءَ نادر جي دوستن جي حلقي ۾ ڏاڍي مقبول ٿي ويئي هئي. نادر جا دوست گهڻو ڪري انٽلڪچوئل قسم جا هئا. انهن سيتا کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. عرصي کان پوءِ کين هڪ جيئري جاڳندي هندو ڇوڪري نظر آئي هئي. پهريون ڀيرو جڏهن نادر پنهنجي ڪجهه انٽلڪچوئل دوستن کي سيتا سان ملائڻ لاءِ چاند پور هائوس ۾ ڪوٺ ڏني ته وچين ماسي پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان جهاتي پائي چيو هو: ”هيءَ نادر جي پارٽي آهي يا شوجيءَ جي ڄڃ، هڪڙو ٻئي کان ڪسر هليو پيو اچي.“

”اهي سڀ ڀاڄائيءَ سان ملڻ لاءِ گهرايا ويا آهن.“ هڪ ڇوڪري جواب ڏنو هو.

”تنهنجي ڀاڄائي پڻ خبطڻ آهي.“ وچين ماسي چيو هو.

هاڻي عرفان بي تڪليفيءَ سان سيتا جو نالو وٺندو هو ۽ کيس ’تون‘ چئي مخاطب ٿيڻ لڳو هو. قيصر چالي (1) لاءِ آيل هئي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ پشاور وڃڻ واري هئي.

رات جو قيصر جي ساهورن جي مان ۾ چاندپور هائوس ۾ تمام وڏي ڊنر هئي. بلقيس هاڻي چاق ٿي چڪي هئي ۽ نادر انهن ٻنهيءَ سان گڏ شام جو ريڪس ۾ پڪچر ڏسڻ جو پروگرام ٺاهيو هو.

ٽپهريءَ جو سيتا جلدي جلدي تيار ٿي ٻاهر وڃڻ لڳي ته بلقيس کيس سڏ ڪيو.

”يس بِلي.“ سيتا دروازي ۾ رڪجي پڇيو.

”هاڻي ٻاهر پيئي وڃين؟“

”ها. تون ساڍي پنجين وڳي پئليس هوٽل اچجان. مان توکي اُتيئي بار ۾ ملنديس.“

”بار ۾؟“

”ها ها. منهنجيءَ اُتي ڊڪ سان اپائنٽمنٽ آهي.“

هو ڪلهه اتفاق سان مون کي الفنسٽن اسٽريٽ ۾ ملي ويو. مون سان گڏ ڪولمبيا ۾ هو. هتي ورلڊ بئنڪ جي سلسلي ۾ آيل آهي. ڇو؟

”سيتا ڊارلنگ،“ بلقيس پلنگ تان لهي هائوس ڪوٽ پائيندي چيو، ”تون ضرورت کان وڌيڪ Emancipated ٿي ويئي آهين. هي آمريڪا يا انگلينڊ ناهي.“

”اوهه، مون کي انهيءَ ڳالهه جو خيال ئي نه آيو. چڱو تون پوڻي ڇهين وڳي تائين عرفان جي گهر پهچ. مان ڊڪ کي چونديس ته مون کي اُتي لاهي ڇڏي. عرفان پئليس هوٽل ڀرسان ئي ترسيل آهي. ڪچهري روڊ تي ڪلهه اسان کيس اتيئي ڊراپ ڪيو هوسين نه.“

”عرفان جي گهر!“ بلقيس وڌيڪ پريشان ٿيندي چيو، ”ڊارلنگ، هو بيچلر آهي، اڪيلو رهي ٿو. تون سندس گهر ڪيئن ٿي وڃين سگهين؟“

”او ماءِ گاڊ! چڱو ساري. مان توکي وڌيڪ ڏکوئڻ نٿي چاهيان.“

”ڊنر لاءِ هينئر کان ئي مهمان اچڻ شروع ٿي ويندا. توکي واپس اچي تيار به ٿيڻو آهي. نادر کي چئينس ته اڄ پڪچر گول ڪري.“ بلقيس چيو.

”چڱو.“ هن فرمانبرداريءَ سان وراڻيو.

پنهنجي امريڪن ڪلاس فيلو سان پئليس جي بار ۾ ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پوءِ هن ڪائونٽر تي وڃي عرفان کي فون ڪيو. هاڻي کيس جلدي چاندپور هائوس واپس وڃڻ گهربو هو، پر سندس دل چئي رهي هئي ته هوءَ شام هيڪلائيءَ ۾ عرفان سان گذاري.

ڪجهه منٽن کان پوءِ عرفان پهچي ويو. ساڻس گڏ سندس دوست عثمان به هو. اهي ٽيئي وڃي لائونج ۾ ويٺا.

سيتا کي سُرخ رنگ جي سونهري ڀرت واري ساڙهي پاتل هئي جيڪا کيس تمام ٺهي رهي هئي. ڊنر جو وقت اچي پهتو پر هوءَ بيپرواهيءَ سان ڳالهيون ڪندي رهي. عرفان سندس ويجهو صوفي تي ويهي مٿس نهن کان چوٽي تائين نظر وجهي مشڪندي پڇيو:

”ميلا هي چاند گنج مين سورج گهن ڪا آج

تم ڪس لئي نه غيرت شمس و قمر گئي؟“

هوءَ کلڻ لڳي. ”سچ پچ توهان اڙدو دانن ۾ ڦاسي منهنجو ته بقول نادر، چڱو حشر ٿيو آهي.“

”۽ اڙدودان به وري ڪهڙا- لکنؤ جي رند ۽ آرزو کان گهٽ ته ڳالهه ئي نٿا ڪن.“ عرفان جي دوست چيو. ڪجهه دير کان پوءِ هن سيتا کان اجازت ورتي ۽ هليو ويو.

هاڻي رات جي اونداهي ڇانئجي ويئي هئي. پئليس هوٽل جي اُنهيءَ حصي ۾ نسبتاَ َ خاموشي هئي. ماڻهو لاگورمي ڏانهن وڃي چڪا هئا.

”ڪافي پيئندينءَ؟“ عرفان پڇيو. کيس خبر نه هئي هت هو سج لهڻ کانپوءِ فقط ڪاري قهوي تي گذارو ڪرڻ پسند نه ڪندي آهي. هو کيس غور سان ڏسندو رهيو.

”تون سچ پچ ڏاڍي خوبصورت آهين.“

”مهرباني.“

پوءِ هن سيتا جي وارن تي نظر وڌي. ”تون سينڌ ۾ سيندور ڇو نٿي لڳائين؟“

”دراصل... اها منهنجي سيندُور جي دٻي ڪٿي وڃائجي ويئي – ڪراچي کان ايندي. وچين ماسي ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهي ته ڪنوار تو سيندُور لڳائڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي. تنهنجي ٻُسي سينڌُ ڏسي مون کي ڀؤ ٿو وٺي. هن جي خاطر مون سوچيو آهي ته ضرور لڳائينديس، پر هتي ملي ويندو سيندُور؟“

”خبر ناهي.“ عرفان آهستي آهستي وراڻيو. ”پڇا ڪرائينس.“

”توهان ڪٿان ڳولا ڪرائي گهُرائي ڏيو.“ پوءِ هوءَ هڪدم چپ ٿي ويئي ۽ سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. ڪيڏي نه عجيب و غريب صورت حال هئي! هُن کيس سيندُور آڻڻ لاءِ ڇو چيو، جيڪو هوءَ جميل جي نالي تي لڳائيندي.

او ماءِ گاڊ! هو دل ۾ ڇا سوچيندو هوندو هن وقت. هن طئه ڪيو ته کيس سموري ڳالهه ٻڌائي ڇڏي.

”توهان کي خبر ناهي.“ هن رُڪي رُڪي چوڻ شروع ڪيو، ”مان سيندُور ڪنهن جي لاءِلڳايان! جميل مون کي ڇڏي چڪو آهي.“ پوءِ هوءَ نرڙ ۾ گهنج وجهي اکين جا ڇپر ڇنڀيندي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳي، جيئن لڙڪ نه لڙي پون.

”مون کي خبر آهي.“ عرفان ڌيمي آواز ۾ جواب ڏنو. ”مون کي ڪنهن به نه ٻڌايو هو، تڏهن به مون کي خبر پئجي ويئي هئي. پهرئين ڏينهن جڏهن تو کي شامياني جي هيٺ مليو هوس، تڏهن تنهنجي اکين کي پڙهي ورتو هئم ته تون ڪيڏي نه دُکي آهين. اچ،“ هو هڪدم اٿي بيٺو. ”چاندپور هائوس هلون. توکي قيصر جي دعوت ۾ دير سان پهچڻ نه گهرجي. تون هن گهراڻي جي نهن آهين.“

”۽ توهان کي به دير ڪرڻ نه جڳائي. توهان انهيءَ گهراڻي جا ناٺي بنجڻ وارا آهيو.“ سيتا آهستي چيو: ’ڇا ڪريان! ڇا ٿو ٿي سگهي؟‘

”بلڪل نه. توکي خبر آهي ته بلقيس منهنجي ته تر جيتري به پرواهه نٿي ڪري.“

”۽ توهان کي، توهان کي به سندس پرواهه ناهي؟“

”بلڪل نه، پر توکي انهيءَ جو يقين ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هل، اٿي دير نه ڪر.“

انهيءَ رات هو چاندپور هائوس جي ڊنر مان جلد واپس هليو ويو. گهر پهتو ته دير تائين ننڊ نه آيس. سنسان ڪمرو کائڻ ٿي آيس. نيٺ بيزاريءَ مان هن عثمان کي فون ڪئي.

”مان اعظم جي اسٽيگ پارٽي ۾ وڃان ٿو. تون به جيمخاني هليو اچ.“

عثمان جواب ڏنو.

”مان هاڻي وڌيڪ ڪنهن پارٽيءَ ۾ نٿو وڃي سگهان.“

”يار، تون اچ ته سهي، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي تنهنجي سيتا جون ڳالهيون ڪنداسين. آؤ حسين يار ڪي باتين ڪرين!“

”چڱو ڀلا اچان ٿو“

هو پنهنجي فليٽ مان لهي گهمندو جيمخاني پهتو. عثمان اڃا ڪونه آيو هو. هو ورانڊي ۾ تمام پري وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو.

سيتا سيتا.

”سيتا جميل ڏاڍي زبردست فلرٽ ٿي لڳي.“ هو ڇرڪي ويو. پام جي ڪونڊين وٽان زور شور سان گفتگو ٻڌڻ ۾ پئي آئي. شايد اُهائي اسٽيگ پارٽي جاري هئي، جنهن لاءِ عثمان کيس ڪوٺ ڏني هئي. هو اکيون بند ڪري ٻڌي رهيو هو. کيس محسوس ٿيو ڄڻ سندس دماغ تي هٿوڙن جا ڌڪ لڳي رهيا هجن.

”بلڪل ديسي خالص ’ڪُمايون جي آدم خور‘ (Man-eater of Kumayun) ٿي لڳي.“

”۽ مٿان وري پنهنجو پاڻ کي پروگريسو ٿي پڌرو ڪري.“

”سُرخن وٽ اخلاق جو تصور تمام بلند آهي.“

”تڏهن اها ڳالهه آهي!“

”روسي ته انهي سلسلي ۾ چڱا خاصا وڪٽورين آهن.“

”بڪواس، انهن ۾ سڀ شيون مشترڪ، ٿينديون آهن.“

”شايد اوهان کي خبر ناهي ته روسين کي ’پاڻيءَ جي گلاس جي ٿيوري‘ رد ڪئي به عرصو گذري ويو.“

”توهان کي انهيءَ خاتونِ محترم برين واش ڪري ڇڏيو آهي.“

”واهه سائين واهه! هوءَ ويچاري ڇا برين واش ڪندي، پر توهان انهن ماڻهن مان آهيو جن جي دلين تي الله سائين مهر هڻي ڇڏي آهي. سچ آهي، جهالت ۾ وڏي برڪت آهي.“

”مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته انسان جي ذاتي زندگيءَ کي سندس سياسي عقيدن جي ڪسوٽيءَ تي ڇو ٿو پرکيو وڃي.“

”افسوس جو فقط انهيءَ ڇوڪريءَ سان ملي، جا ايڏي ڪنفيوزڊ آهي، اوهان سڀني ڇوڪرين کي هڪ ئي تارازيءَ ۾ ٿا توريو. بدقسمتيءَ سان هتي آئي به ته ڪير: سيتا جميل. انڊيا کان هتي فقط بي ڪلاس فلمون گهرائڻ جي اجازت آهي ۽ سيتا جهڙيون Phoney ڇوڪريون.“

”خير، ڳئون کي ٻئي جي ٻنيءَ جو گاهه هميشه سر سبز نظر يندو آهي.“

”ڳالهائي ڏاڍو ٿي. ڪلهه رحمان جي مانيءَ تي ڪلاڪ کن سڀني سان ڄاڙي هڻندي رهي.“

”ٻڌو آهي ته ڏاڍو سٺو نچي ٿي ڄاڻي – ڪٿاڪلي.“

”اڙي عورتون ڪٿاڪلي ناچ نه نچنديون آهن.“

”هلو خير. مان ڪو ناچو ته نه آهيان جو مون کي ناچ جي قسمن جي خبر هجي.“

”ڏاڍي سٺي ڇوڪري آهي ڀائو. بس ٿورو پيئندي سرس آهي. جيئن چوندا آهن: مڇيءَ وانگر پيئندي آهي.“

”اهائي سندس هڪ ادا آهي، جيڪا اسان کي ڏاڍي وڻي.“

”واهه! جان عالم واجد علي شاهه توهان ئي ته آهيو.“

”اسان ٻڌو آهي. ته پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏنو اٿس.“

”پوءِ ته موقعو آهي. قسمت آزمائڻ گهرجي. اوهه! هوڏانهن عرفان صاحب لڪو ويٺو آهي. اڙي عرفان، ڇا خيال آهي؟ تون هن معاملي تي روشني ته وجهه.“

”عرفان صاحب سان ڳالهائڻ بيڪار آهي. ولي الله آهي.“

هو خاموشيءَ سان اتان اُٿي هليو آيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو سيتا کيس چاند پور هائوس جي ڦاٽڪ تي ئي ملي ويئي.

”رات توهان مانيءَ کان پوءِ ايترو جلدي هليا ويا. اُتي خوب ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو رهيو.“ هن چيو.

”هون.“

”مون توهان کي ڪافي رات گذرئي کان پوءِ فون به ڪئي هئي پر نوڪر ٻڌايو ته توهان جيمخاني هليا ويا آهيو.“

”هون!“

”ڇو، توهان کي ڇا ٿيو آهي؟“ هن ٿورو وسامجي پڇيو.

”سيتا!“

”جي.“

”ماڻهو تنهنجي باري ۾ طرح طرح جون ڳالهيون ڪن ٿا. مون کي بلڪل سٺو نٿو لڳي. ڇا دهليءَ ۾ به تنهنجي لاءِ ماڻهو اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا اهن؟“

”ضرور ڪندا هوندا. مون کي خبر ناهي.“

”پرواهه به نه اٿيئي.“

”اونهن.“ هوءَ هڪدم جهنجهلائجي ويئي. اُهي ورانڊي جي ڏاڪڻ تائين پهچي ويا هئا. ”اندر هلو. سامان ٻڌجي تيار ٿي ويو آهي. توهان جو انتظار پيو ٿئي.“ هن سردي مهريءَ سان جواب ڏنو.

اندر باقاعدي روئڻ پٽڻ متل هو. ڪراچيءَ جون مائٽياڻيون شاديءَ ۾ آيل هندستاني عورتن سان ڀاڪر وجهي زارو قطار روئڻ ۾ رڌل هيون. بلقيس سُون سُون، ڪندي پئي ڦري. مرد ماڻهو به نڪ سڻڪي لڙڪ اگهي رهيا هئا. وچين ماسي ڀاڪر وجهي سڀني تان گهور پئي ويئي.

عرفان گيلريءَ جي دروازي تي بيٺي، اهو منظر پئي ڏٺو ۽ کيس بي اختيار کل اچي ويئي. ”اهي سڀيئي ڪيڏا نه گڏهه آهن.“ هن آهستگيءَ سان سيتا کي چيو.

هندستاني سڀ مائٽ هوائي جهاز ۾ واپس وڃي رهيا هئا. بلقيس ۽ سيتا، نادر ۽ عرفان سان گڏ لاهور وڃڻ واريون هيون. ڪراچيءَ کان به ٻه ٽي ڪزن لاهور تائين ساڻن گڏ وڃي رهيا هئا. سموري پارٽي ٻاهر اچي موٽرن ۾ لڏجي ويٺي. سيتا، بلقيس سان گڏ نادر جي ڪار ۾ اچي ويٺي. عرفان ٻين عزيزن کي پنهنجي ’شيو‘ ۾ ڀريو. امام ضامني جي گوڙ ۾ موٽرون ’فارٽي سيڪنڊ اسٽريٽ جي ڏنگن ڦڏن ۽ آڏن اُبتن رستن مان نڪري ڊرگ روڊ تي آيون ۽ ٺٽي طرف روانيون ٿيون.


فٽ نوٽ

(1) چالي جي رسم، شاديءَ کان چاليهن ڏينهن کان پوءِ، ستاوڙي وانگر ٿيندي آهي.

7

”ننگر ٺٽو!“ نادر، شاهه جهان جي مسجد جي سامهون ڪار بيهاريندي ڄڻ انائونس ڪيو.

جڏهن اُهي ٽاڪ منجهند جو جامع مسجد جو چڪر هڻي واڻين جي گهٽيءَ مان لنگهي رهيا هئا، تڏهن انهن اُجاڙ گهرن ۾، جيڪي سرِن ۽ مٽيءَ جي گاري مان ٺهيل هئا، هوا هڪدم ڏاڍي تيزيءَ سان لڳڻ لڳي ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ انهيءَ هنڌ، دنيا جي سڀني بي گهر، رولو ۽ مفلس روحن جو واسو آهي. سيتا خاموشيءَ سان بلقيس جي پويان پويان هلندي رهي. ڪجهه دير کان پوءِ عرفان ساڻس گڏوگڏ هلڻ لڳو. ”توهان کي خبر آهي، هن شهر جو نالو ٺٽو ڇو آهي؟“ هن گوگلز لاهيندي عرفان کان پڇيو.

”نه.“

”مغل گورنرن جي وقت جي هيءُ شهر ايڏو رونق وارو ۽ آباد هو، جو هتي سڄي ايشيا مان آيل ماڻهن جا ٺٽ جا ٺٽ لڳا رهندا هئا، توهان کي تاريخ پڙهڻ جو شوق آهي؟“

”بلڪل نه.“

”اوهه!“

جڏهن اُهي ڪارن ۾ سوار ٿيڻ لڳا ته بلقيس کيس آهستي چيو: ”تون عرفان جي ڪار ۾ وڃي ويهه. مان ٿورو ادي نسيم وغيرهه سان گپ شپ ڪرڻ چاهيان ٿي. پر مان هن جي ڪار ۾ وڃي ويهنديس ته عرفان ۽ مان ٻئي خوامخواهه بيزار ٿينداسين، خاص ڪري اديءَ نسيم جي سامهون. مان انهن سڀني کي نادر جي ڪار ۾ سڏائي ٿي وٺان.“

هاڻي اهي سڀ صحرا مان گذري رهيا هئا. سيتا عرفان کان پڇيو: ”توهان انهيءَ ڏينهن مون کان سوال پڇيو هو ته مون کي ڪراچي ڪيئن لڳي. هاڻي اهوئي سوال توهان کان مان پڇان ته منهنجي سنڌ توهان کي ڪيئن ٿي لڳي؟“

هو مٿس نظر وجهي چپ رهيو.

”هاڻي مون کي اهو سوچي سوچي پريشاني ٿي رهي آهي ته ڊيڊي مون کان سوال مٿان سوال ڪري منهنجو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيندو، ته تو فلاڻي جاءِ ڏٺي، فلاڻي ڳوٺ مان لنگهي هُئينءَ. ممي ايترو چيو هو ته پنهنجي جاءِ ڏسج ته ڪهڙي حال ۾ آهي. مون ته اها به نه ڏٺي.“

”تنهنجو ڊيڊي ڪراچيءَ ۾ ڇا ڪندو هو؟“

”ڊاڪٽر هو. رام باغ ۾ سندس ڪلنڪ هوندي هئي.“

”رام باغ؟“

”رام باغ ڪراچي ۾ آهي. توهان ڏٺو ناهي ڇا؟“

”اڙي ها، جنهن کي آرام باغ چوندا آهن.“

سامهون اُٺن جو قافلو وڃي رهيو هو. هڪ ٻڪري رستو پار ڪندي ڪار جي اڳيان آئي ته هن زور سان بريڪ هنئين. لوڏي اچڻ سان سيتا تقريباَ عرفان جي مٿان وڃي ڪري. ”ساري“ سيتا گهٻرائجي چيو.

”قصور منهنجو هو، ٻڪريءَ جو نه. اڃا، اڃا تنهنجو ڊيڊي دهليءَ ۾ پرئڪٽس ڪندو هوندو.“ عرفان به گهٻراهٽ ۾ پنهنجي گفتگو جو سلسلو اتان کان ئي جوڙڻ چاهيو.

”جي نه، هو ڪيترن سالن کان بيمار آهي، تنهنڪري ڪجهه به نه ڪندو آهي. منهنجو ڀاءُ ڀلائيء جي اسٽيل مِل ۾ انجنيئر ٿي ويو آهي. هن ويچاري جي ڪري گذر سفر پيو ٿئي.“

”اوهه!“

”هو سامهون ڏسو، اسين حيدرآباد ويندي گهڻو ڪري هن وڻ هيٺان ڪار بيهاريندا هئاسين. هتي ئي هڪ ڀيرو منهنجي ٽنگ ۾ ڏاڍو ڌڪ لڳو هو.“

هو چپ چاپ ڪار هلائيندو رهيو.

”ڇا توهان کي اهو احساس ناهي ته هيءُ منهنجو ديس آهي، منهنجون ٻنيون، منهنجا ڳوٺ، منهنجي پيرن جون مزارون؟“ هن فڪر منديءَ سان پڇيو.

”مون کي خبر نه هئي ته تون ايتري قدر سنٽيمينٽل آهين.“ عرفان چيو.

”جڏهن به توهان دهلي ايندو ته رستي ۾ جمنا جي پُل تان گذرندي مان ڏسنديس ته توهان سينٽيمينٽل ٿيو ٿا يا نه؟“

”مان يادن جي بيماريءَ کي ويجهو اچڻ نه ڏيندو آهيان.“

”چڱو ٿيو جو اوهان مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي!“

”ٻي ڳالهه ته مان دهلي به ڇو ايندس.“

”ڇو ته اُتي توهان جا ٿيڻ وارا ساهوار جو آهن.“

”لاحول ولا قوة. تو وري پيڪن – ساهورن جو وظيفو شروع ڪري ڏنو. عورتن واريون پراڻيون ڳالهيون.“

هن ڪار جي رفتار اڃا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏي. هو بلڪل نادر جي ڪار کان اڳيان اڳيان پئي ويو ۽ خيال رکيائين ٿي ته هنن جي پٺيان نه رهجي وڃي، جيئن ٻئي ڄڻا پوئين موٽر ۾ ويٺلن جي نظرن جي سامهون هجن.

’ڪيتري قدر محتاط ماڻهو آهي.‘ سيتا سوچيو.

ڪجهه دير خاموشي رهي. هڪ ٽرڪ ڌوڙ اڏائيندي ڀرسان لنگهي ويئي. هاڻي اهي هڪ قديم قبرستان جي ڀرسان لنگهي رهيا هئا.

”سموري سنڌ قبرن جو ملڪ آهي.“ عرفان ڪجهه لمحن کان پوءِ پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو.

”توهان کي خبر آهي ته هيءُ ڪيترو پراڻو ملڪ آهي؟“ هوءَ شايد سندس معلومات ۾ اضافو ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺي هئي.

’سچ پچ ڏاڍي بڪ بڪ ڪندڙ ڇوڪري آهي. ڪجهه دير ماٺ ڪري نٿي ويهي سگهي؟ پر شايد انسان پنهنجي گهٻراهٽ لڪائڻ لاءِ لاڳيتو ڳالهيون ڪندو ويندو آهي. ٿرڊ ڊگريءَ جو هڪ طريقو اهو به آهي.‘ عرفان سوچيو.

”نه.“ هن زور سان چيو، ”مان تاريخ ۾ هميشه ڏڏ هوندو هوس.“

”ممي ٻڌائيندي هئي ته پُراڻن ۾ لکيل آهي ته راجڪمار سبيءَ جو اولاد بلوچستان ۾ پکڙيو ۽ اجوڌيا جي رامچندر جو ڀاءُ ڀرت، سنڌو ديس جي راڄ گديءَ تي ويٺو. هوءَ ڏاڍي يقين سان چوندي آهي ته مهاڀارت کان پوءِ ڪلجگ شروع ٿيو، جنهن ڪري انهيءَ کان پوءِ پُراڻن ۾ سنڌ جو ذڪر نٿو ملي.“

”اها ڳالهه آهي؟ پوءِ وڌيڪ ٻڌاءِ.“

”چرچو نه ڪريو.“

”اڙي نه نه. ٻڌاءِ نه. مان ڏاڍي دلچسپيءَ سان پيو ٻڌان.“

”يوناني هن ملڪ کي انڊوسيٿيا چوندا هئا، ڇو ته لاڙ جا ماڻهو آريا نه، پر سٿين هئا.“

”اها ڳالهه آهي! مون کي انهن ٻنهي نالن جي فرق جي خبر ناهي. مان ته آهيان اڻ ڄاڻ ماڻهو، پر تون ٻڌائيندي هل. تنهنجي آواز ٻڌڻ ۾ مون کي ڏاڍو لطف ٿو اچي.“

”گڊ گاڊ!“

هاڻي اُهي حيدرآباد جي ويجهو ايندا پئي ويا. ”ويسٽ ايشيا کان آيل اهي ئي سٿين لوڪ ڪاٺياواڙ ۽ راجسٿان تائين پکڙجي ويا، جيڪي هاڻي راجپوت سڏبا آهن.“

”اها ڳالهه آهي!“

”پراچين زماني ۾ ميرپورخاص ۾ برهما جي هڪ وڏي سُندر مورتيءَ جو مندر هو ۽ ملتان ۾ سُوريه جو مندر هو. سيوهڻ ۾ پراڻن آرين شِو جا مندر جوڙيا هئا.“

”تون ڪڏهن مندر ويئي آهين؟“

”ها، ننڍپڻ ۾ گهڻو ويندي هيس. ٽنڊوآدم ۾ بي شمار شِوالا هئا. انهيءَ ڪري اهو سنڌ جو ڪاشي سڏبو آهي. هيم ڪوٽ ۾ مهاديو جو مندر. ماسيءَ سان گڏجي هڪ ڀيرو ويئي هيس ۽ ڪلفٽن تي جيڪو مندر هو، اُتي مان شِوراتڙيءَ جي ڏينهن مميءَ سان گڏجي ويندي هيس. منهنجي ڏاڏي ڪاليءَ جي گهڻي پوڄا ڪندي هئي. اسان وٽ ڪاليءَ جي هڪ روپ کي ٿر مائي چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي، ٿر- ريگستان جي ديو.“ پوءِ هوءَ چُپ ٿي ويئي. ڪجهه دير کان پوءِ هن پاڻيهي ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”ممي وڏي رام ڀڳت آهي. ڪراچي ۾ هئي ته ڏاڍي تمنا هيس ته تيرٿ ڪرڻ لاءِ اجوڌيا وڃي. جڏهن مون جميل سان شادي ڪئي ته کيس ٻڌايم ته جميل جو ڳوٺ تلسي پور، اجوڌيا کان فقط چار پنج ميل پري آهي. ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي!“

”ڪا خاص ڳالهه ته ناهي. تون زندگيءَ جي هر معمولي کان معمولي واقعي کي به حد کان وڌيڪ ڊرئميٽڪ بنائي ٿي ڇڏين.“

”اوڪي اوڪي. توهان مون کي بلڪل مورک سمجهو ٿا. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻ آهي ته عورت جو عقل سندس کُڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ سج لهڻ کان پوءِ اُتان به نڪري ويندو آهي. توهان جو به شايد اهوئي خيال آهي! پر مان ته ساڌ ٻيلي به وينديس.“

”ضرور وڃج. تون جذباتي سفر تي نڪتي آهين. هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهجي!“

”هيلو! ڪجهه منهنجو ادب ڪر.“

”لائيڪ هيل. (Like hell)“

”هڪ ڳالهه ٻڌاءِ.“

”جي؟“

”توهان هندو پپر جي ٽاريءَ وڍڻ تي وڙهڻ لاءِ ڇو تيار ٿي ويندا آهيو؟ هر دوئيءَ ۾ جڏهن به تعزيو پپر ۾ لڳو ناهي ۽ مٿاڦاڙ ٿي ناهي.“

”پپر ۾ مهاديوجي جو رهي ٿو.“

”اوهه، آءِ سي!“ هو ٽهڪ ڏيئي کلي پيو. پوءِ، ڪجهه دير کان پوءِ هن چيو: ”پپر جي به اسان جي زندگين ۾ عجيب و غريب اهميت هئي. امان چوندي هئي ته پپر ۾ ڏائڻيون رهنديون آهن. پپر جي هيٺ شهيدن جون مزارون هونديون هيون. هردوئيءَ ۾ منهنجي گهر سامهون پپر جو جيڪو وڻ هو، امان اسان ٻارن کي ٻن وقتن جي ملڻ مهل، نماشام جو، انهيءَ جي هيٺيان ڪڏهن وڃڻ نه ڏيندي هئي، متان ڇانوَ نه ٿي پوي ۽ روز شهيد جي مراز تي چراغ روشن ڪرائيندي هئي.“ هن جو آواز جذباتي ٿي ويو هو.

”هاڻي سينٽيمينٽ: ڪير ٿي رهيو آهي؟“ سيتا چيو.

”شٽ اپ.“

پري کان حيدرآباد جا منگهه نظر اچڻ لڳا.

”هاڻي سُون سُون ڪري روئڻ شروع نه ڪج. وٺ رومال.“

عرفان کيسي ۾ هٿ وجهي رومال ڪڍيو. هوءَ کلي پيئي. سرڪٽ هائوس جي رستي ڏانهن ڪار موڙيندي هن سيتا کي چيو: ”تون مون کي سنڌ جو داستان ٻڌائي رهي هئينءَ، اُهو ته پورو ڪر. سٿين لوڪ آيا، پوءِ ڇا ٿيو؟“

هوءَ هٿ تي هٿ رکي سنجيدگيءَ سان ويهي رهي ڄڻ يونيورسٽي لئبرري ۾ ويٺي هجي. ”پوءِ هتي ٻُڌمت خوب ڦهليو ۽ هتي سارسوت برهمڻ رهندا هئا ۽ راجپوت ۽ جاٽ، اروڙ شهر جا رهاڪو، مسلمان جي حملي جي وقت پنجاب ڀڄي ويا. منهنجي ممي لاهور جي اروڙا آهي. سنڌي، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي پراڻي مذهب جي عزت ڪندا رهيا. بيشمار درگاهون ٺهي ويون. انهن سڀني پيرن مان هڪ هڪ نالو هندُو هو ۽ هڪ هڪ نالو محمدن“

“سچ پچ؟“

”ها. راجا پرتري هري، لال شهباز جي نالي سان مشهور ٿيو. پير پٺو، پير سلطان سڏجي ٿو. زندهه پير کي خواجا خضر سڏين. اڏيرو لال کي شيخ طاهر چون ۽ لالو جسراج، منگهو پير ٿي ويو.“

”منگهو پير، اڙي اهوئي ڪراچيءَ وارو منگهو پير؟“

”جي ها.“

”اهو ته ڪمال آهي.“

”ڪڏهن توهان منهنجي ڊيڊيءَ سان ملو ته هو توهان کي اهي سڀ قصا ٻڌائيندو. کيس سنڌ جي هسٽريءَ جي گهڻي ڄاڻ آهي. هاڻي به اڪثر ويٺو چچ نامو پڙهندو رهندو آهي.“

”اڃا ٻڌاءِ.“

”بس، جيئن هندُن وٽ هر شيءِ جو ڪونه ڪو ديوي، ديوتا ايجاد ڪيو ويندو آهي، تيئن مسلمانن وٽ به هر شيءِ جا جدا جدا پير بنجي ويا. راڳن جا پير، مٽيءَ جي برتنن جا پير، پينگهي جو پير. سموري سنڌ پيرن جو ديس ٿي وئي. نانگن جي منتر جنتر جا ڄاڻو جوڳي سڀ مسلمان هوندا هئا، پر شو جي فرقي سان تعلق ٿي رکيائون ۽ گرو گورکناٿ کي مڃيندا هئا. انهيءَ سان گڏوگڏ رمضان جو مهينو هندُون لاءِ پوتر بڻجي ويو ۽ اُهي تعزين جي اڳيان نذر و نياز چاڙهڻ لڳا. توهان وٽ به ائين ئي ٿيندو هوندو؟“

”ها.“

”مذهب سچ پچ اسان لاءِ اوائلي سوين سالن تائين زبردست آفيم جو ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ کان پوءِ گولي بارود جو.“

”هاڻي تون پنهنجي تقرير متان شروع ڪرين. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. سرڪٽ هائوس پهچندي ئي مانيءَ جو انتظام ڪر منهنجي لاءِ.“

”توهان کي سمجهائڻ بلڪل بيڪار آهي. ري ايڪشنري!“

7

رات جو مانيءَ کان پوءِ نادر، سيتا کي سگريٽ دکائي ڏنو ۽ هوءَ بلقيس ۽ ٻيا ڳالهيون ڪندا ڊرائنگ روم ۾ هليا ويا. هوءَ ميز تي ويهي گلدان مان هڪ گل ڪڍي انهيءَ جون پنکڙيون جدا ڪندي رهي. عرفان سامهون ڪرسيءَ تي آهلجي کيس سگريٽ جا ڪش لڳائيندي ڏسي رهيو هو.

”مون کي خبر نه هئي ته تون ڪو سگريٽ به ڇڪيندي آهين.“

”انهي ’به‘ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“

”ڪجهه نه. تون، تون هن وقت ضرورت کان وڌيڪ اُداس آهين. تو هتي جو باغ ڏٺو؟ ڪيڏو نه خوبصورت آهي!“

”جي.“

”اڄ چانڊوڪي رات آهي، انهيءَ ڪري پاڻ کي وڌيڪ وڻي ٿو.“

”جي.“

ڊائننگ روم مان ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا.

عرفان کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته کيس ڪهڙي طرح خوش ڪري. نفسيات جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جيڪڏهن انسان جا مونجهارا مٽائڻا هجن ته ساڻس ننڍپڻ جون ڳالهيون ڪريو.

”مون کي ڪجهه پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌاءِ.“ هن وڏي ماهرِ فن وانگر پڇيو.“

”توهان ته ائين پيا پڇو ڄڻ يُنگ جو روح توهان ۾ داخل ٿي ويو آهي.“

”ها ها ها.“ هو وري پنهنجي کوکلي کِل کلڻ لڳو.

”پوءِ توهان پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيندؤ. معاف ڪجو، اِها به تمام پراڻي ٽيڪنڪ ۽ گسيل سچوئيشن آهي.“

”لاحول ولا قوة. تون ته ڪا به ڳالهه ئي ڪرڻ نٿي ڏين. توکي بيريسٽر هئڻ گهربو هو.“

جميل به کيس پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌايو هو. هن ڏاڍي جذباتي آواز ۾ چيو هو: ”اسان جو گهر گهاگهرا کان ٿورو پرڀرو آهي. منهنجي ماءُ ماني ڏاڍي لذيذ پچائيندي آهي. منهنجي ننڍي ڀيڻ جو نالو قيصر آهي – وڏي ڏائڻ آهي. هاڻي ته هوءَ وڏي ڀاءُ سان گڏ پاڪستان هلي ويئي آهي. مان کيس ڏاڍو ماريندو هوس. هڪ ڀيري کيس وٺي وڃي مٿي ڪمري ۾ بند ڪري هيٺيان ڪڙو ڏئي ڇڏيم. پوءِ منهنجي به چڱي دُرگت ٿي. منهنجون ٻه ماسيون آهن. ادي فرخنده، ننڍي ماسي جي ڌيءُ آهي. ادي فرخنده وڏي ديش ڀڳت ۽ وڏي گريٽ عورت آهي – بلڪل ديوي آهي هڪدم. تون ساڻس دهليءَ ۾ ڪڏهن ملڻ نه ويئي آهين؟ مان چاهيان ٿو ته تون به هن جهڙي بڻجي پؤ. سندس ننڍي ڀيڻ جو نالو بلقيس آهي. مان ۽ بلقيس تُلسي پور ۾ وڏي بابا جي باغيچي ۾ وڃي خوب زيتون چوري ڪندا هئاسين ۽ جڏهن نڀاڳي قيصر وڃي چغلي هندي هئي ته...“

فضول، فضول وقت گذري پيو.

پر اوڏيءَ مهل هن محسوس ڪيو ته سندس تلخ لهجي عرفان کي رنج پهچايو هو. هن سچ پچ عرفان جي خلوص جو جواب بدتميزيءَ سان ڏنو هو ۽ هن کيس ناراض ڪرڻ نٿي چاهيو. هن ته جميل کي به ناراض ڪرڻ نٿي چاهيو، پوءِ هي ڇا ٿيو!؟

”مان، مان هن حيدرآباد ۾ پيدا ٿي هيس.“ هن ٿورو ڏوهه جو احساس هيٺ چوڻ شروع ڪيو ۽ اکين جا ڇپر کڻي کيس ڏٺائين ته هو ٻڌي به ٿو يا نه.

اسان چار ڀائر ڀينر هئاسين، اسان چار ...“ پوءِ سندس آواز نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

”دراصل،“ عرفان کيس چيو، ”مان ورهاڱي کان اڳ ڪڏهن به سنڌ نه آيو هئس، تنهنڪري کوٽي کوٽي توکان سوال مٿان سوال پيو پڇان. مون کي ڪا خبر ناهي ته اڻ وراهيل هندستان ۾ لاهور ۽ پشاور ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌ ڪهڙا شهر هئا ۽ اتان جا رهواسي ...“

”انهن شهرن مان هڪ جي رهواسڻ ته مان پاڻ ئي توهان جي سامهون موجود آهيان.“

’رهواسڻ‘ تي هو بي اختيار کلي پيو ۽ ڏاڍي پيار سان سيتا کي ڏسڻ لڳو. والله، تون به خوب شيءِ آهين.“

پوءِ هن چيو: ”دراصل سيتا تون مون کي بيحد غيرجذباتي سمجهين ٿي. پر جلاوطن جو مسئلو مون کي به ڏاڍو پريشان ڪندو آهي. مغربي برلن ۾، هانگ ڪانگ ۾، هر هنڌ مون پناهگيرن کي ڏٺو آهي. آمريڪي شهرن ۾ مشرقي يورپ مان ڀڳل ماڻهن سان مليو آهيان، جارڊان ۾ فلسطيني مهاجرن جي حالت ڏٺي اٿم. ۽ مان جيڪو ڳالهه ٻولهه ۾ توسان اٽڪيو بيٺو آهيان ۽ تنهنجي هر ڳالهه چرچي ۾ ٽارڻ چاهيان ٿو، انهيءَ جو سبب اهو آهي ته اسان هڪ اهڙي دؤر ۾ زندهه آهيون، جنهن ۾ چاليهه ڪروڙ ماڻهن جي نفسيات هڪدم بدلجي ويئي آهي. سندن خيال، نظريا، جذبا، ردعمل. منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ هاڻي ڪو قدر مشترڪ بچيو ناهي. مون کي خبر ناهي ته تون ڇا ٿي سوچين، ڇا ٿي پڙهين، ڇا ٿي ڪرين؟ جڏهن بلقيس پنهنجي ٿيئٽريڪل مصروفيتن جو ذڪر ڪندي آهي، تڏهن ائين لڳندو اٿم، ڄڻ ٻيءَ دنيا جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هجان. ڇڏينس، اسان وري پاليٽڪس شروع ڪري ڏني، جنهن کان مون کي نفرت آهي.“

”توهان منهنجي ننڍپڻ بابت پئي پڇيو؟“

”ها ها.“

”اسان چار ڀائر ڀينر هئاسين.“ هن فرمانبرداريءَ سان وري ٻارن وانگر ڄن سبق ٻڌائڻ شروع ڪيو، ”پهرين اسان هتي حيدرآباد ۾ رهندا هئاسين. هيرآباد ۾ اسان جو گهر هو، جيڪو اسان جي ڏاڏي ٺهرايو هو. پوءِ ڊيڊي ڪراچيءَ ۾ پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ اتي گهر به ٺهرايائين. مان گرئمر اسڪول ۽ انهيءَ کان پوءِ سينٽ جوزفز ڪاليج ۾ پڙهندي رهيس. اسان جو تمام وڏو خاندان هو. چاچا، ماما ۽ ماسيون. انهن مان ڪي عامل ڪالوني ۾ رهندا هئا ۽ ڪي لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾. منهنجو ڀاءُ فقط هڪ آهي ۽ ٻه ڀيڻون اٿم. اهي ٽيئي پارٽيشن جي وقت گهڻو ننڍا هئا.“ پوءِ سندس آواز اُداس ٿيندو ويو. ”اُنهيءَ سال اسان جهاز ۾ ڪاٺياواڙ جي هڪ پورٽ تي وڃي لٿاسين. آگسٽ کان پوءِ وارن ٽن مهينن ۾ لکين شرنارٿي هوائي جهاز، ريل ۽ سمنڊ رستي هتان ويا هئا.“

”انهيءَ زماني ۾ ٽرين هلندي هئي؟“

”جي ها. اسپيشل ريفوجي ٽرين هلائي هئائون جيڪا ميرپورخاص کان مارواڙ جنڪشن تائين ويندي هئي. اُتي ٽرانزٽ ڪيمپون قائم ڪيون ويون هيون، جيڪي ماڻهو هتان ويا، اُهي گهڻو ڪري شهري واپاري هئا. کليل زمين تي رهڻ، انهن جي لاءِ ڏاڍو مشڪل هو. اهي سڀئي بمبئي پريزيڊنسي، مڌيو پرديش ۽ راجسٿان جي رفيوجي ڪيمپن ۾ موڪليا ويا. منهنجا مائٽ احمد آباد، جوڌپور، ونڌيا پرديش ۽ الائجي ڪٿي جو ڪٿي پکڙجي ويا. گهڻا سنڌي شرنارٿي ڀوپال موڪليا ويا.“

”توهان ڪٿي وڃي رهيا؟“

”اسين پهرين گانڌي ڌام ۾ رهياسين، پوءِ الهاس نگر ۾. اهي سنڌين لاءِ نيون سيٽلمنٽ وسايون ويون هيون. گانڌي ڌام ۾ ڊيڊي تمام سخت بيمار ٿي پيو. سڀني سنڌي شرنارٿين وانگر کيس ٻن سالن تائين مالي امداد ڏيندا رهيا. اها امداد 1950ع جي شروع ۾ بند ٿي ويئي. ڪن ڪيمپن ۾ بيمارن ۽ پوڙهن کي رکيو ويو هو. ڊيڊيءَ کان پوءِ اسان سڀيئي دهلي آياسين. انهيءَ وقت تائين سڀ شرنارٿي ڪاروبار جي ڳولا ۾ سموري هندستان ۾ پکڙجي چڪا هئا.“ هن هڪ ڊگهو ساهه کنيو.

ڊرائنگ روم ۾ هاڻي رمي شروع ٿي ويئي. عرفان سگريٽ دکايو پر کيس پيش نه ڪيائين.

”هاڻي اسان اُهي ماڻهو آهيون، جن جو ڪو پنهنجو ديس ناهي. پنجابين کي گهٽ ۾ گهٽ مشرقي پنجاب ته مليو.“

”تنهنجو ڊيڊي هاڻي ڪجهه به نه ڪندو آهي؟“

”نه، مون ٻڌايو نه، ته هو مستقل بيمار گذاري ٿو. اسان عامل گهڻو ڪري ڊاڪٽر، وڪيل، پروفيسر – اهڙا ماڻهو هئاسين. توهان وٽ ڪائسٿ آهن نه يو – پيءَ ۾، اهڙي طرح اها به هڪ ڪاسٽ هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ اهي ئي ماڻهو سموري ائڊمنسٽريشن هلائيندا هئا، انهيءَ ڪري عامل چوائڻ ۾ آيا.“

”توهان ڪير آهيو، برهمڻ؟“

”نه. عامل کتري ٿيندا آهن، پر هن لڏ پلاڻ جي ڪري سڀ طبقا هيٺ مٿي ٿي ويا. عاملن ۽ برهمڻ کي به اُتي فٽ پاٿ تي دڪان کولڻا پيا. پراڻيون ريتون رسمون، پير فقير، درگاهون، مندر، سڀ هتي رهجي ويا. هتي جو اصل مذهب صوفي ازم هو. انهيءَ صوفي ازم جي اثر ڪري اسان ڪٽر قسم جا مذهب پرست ڪڏهن به نه رهيا آهيون.“

چند منٽن تائين هوءَ ميز جي چادر تي ڪانٽي سان ليڪون ڪڍندي رهي.

”تون سنڌي پڙهي سگهندي آهين؟“

”ها بلڪل. توهان ڇا ٿا سمجهو ته مان ايڏي ميم صاحب آهيان جو پنهنجي ٻولي به نٿي ڄاڻان؟ توهان ته هتي سنڌي ضرور سکي ورتي هوندي؟“

”نه.“ عرفان ڪجهه هٻڪي جواب ڏنو. وري پڇيائين: ”تنهنجو ڊاڪٽريٽ ۾ ڪهڙو مضمون هو؟“

”اهوئي ’سنه 1947ع کان پوءِ هندستان جو سماجي انقلاب‘ توهان وٽ به انهيءَ سبجيڪٽ تي ڏاڍو ڪم ٿيو هوندو. مون کي ڪجهه ڪتابن جا نالا ٻڌائجو. منهنجو موضوع ’پنجاب جا شرنار ٿي‘ هو.“

”هاڻي ساڍا ٻارهن وڄن ٿا، وڃي سمهه.“

”بهتر.“ هوءَ ساڳي فرمانبرداريءَ سان اٿي ۽ کيس ’گڊنائيٽ‘ چئي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي ويئي.

صبح جو هوءَ نيرن کانپوءِ ورانڊي ۾ بيٺي هئي ته ايتري ۾ سرڪٽ هائوس جو مالهي گُل کڻي آيو. عرفان سندس ڀرسان بيٺو هو. ”بيگم صاحب لاءِ گل کڻي آيو آهيان سائين!“ مالهيءَ چيو.

”چڱو، بيگم صاحب کي ڏينس.“ عرفان مشڪي جواب ڏنو. هوءَ تيزيءَ سان اندر هلي ويئي.

موٽرن ۾ سوار ٿيڻ وقت عرفان کيس چيو: ”ڪالهه تو منهنجو ڏاڍو دماغ کاڌو آهي. اڄ مان ٿورو آرام ڪرڻ ٿو چاهيان، انهيءَ ڪري تون نادر سان گڏجي وڃ“.

جنهن وقت اهي سڀ خيرپور مان گذريا پئي ته سيتا هڪدم چيو: ”مان پير الله بخش جماليءَ سان ملڻ چاهيان ٿي.“

سڀني کيس سوالي نگاهن سان ڏٺو.

هن بيگ مان نوٽ بوڪ ڪڍي ڏس پتو ٻڌايو. ”ڊيڊيءَ جو دوست هو. ڊيڊي چيو هو ته ٻئي ڪنهن سان نه ته گهٽ ۾ گهٽ هن سان ضرور ملج.“

گهڻي دير تائين اهي پير الله بخش جماليءَ جو بنگلو ڳوليندا رهيا.

”هلو، سرڪٽ هائوس هلي، اتان پڇا ڪرايون.“ بلقيس رٿ ڏني. اسٽيٽ گيسٽ هائوس ويندي پير صاحب جو بنگلو نظر اچي ويو.

شام جي چانهه کان پوءِ هڪدم اونداهي ڇانئجي ويئي.

”مون کي وسري ويو هو ته سياري ۾ سج جلدي لهي ويندو آهي.“ نادر چيو، ”هلو، هاڻي توهان کي توهان جي پير صاحب وٽ ٿا ڇڏيون. ادا عرفان، توهان ڀاڄائيءَ کي وٺي وڃو. اسان جي هن سموري ڄڃ جي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

”هاڻي تون وري منهنجي مٿان سوار ٿي وئينءَ.“ عرفان ڪار جو دروازو کوليندي کيس آهستي چيو، ”منهنجو خيال هو ته هاڻي جند ڇٽي.“

پير صاحب جي بنگلي تي پهچي هن سيتا کي چيو، ”تون اندران ٿي اچ، مان ڪلاڪ کن کان پوءِ اچي توکي وٺي ويندس.“

”واهه! توهان ڇو نه هلندؤ؟“

”مون کي سنڌين سان ملندي ذرا گهٻراهٽ ٿيندي آهي.“ عرفان شڪي ٿي شرمندگيءَ سان چيو.

”اها ڳالهه آهي!“

”تون ئي کڻي ٻڌاءِ، هو هوندو پراڻي قسم جو ’اصلي تي وڊو‘ وڏيرو. نه مان سندس ڳالهه سمجهي سگهندس ۽ نه وري هو منهنجي سمجهندو. ۽ اها ته ڏاڍي زيادتي ٿيندي جو ٻاهران اچي توکي هن جي جذبن جي ترجماني ڪرڻي پوي.“

سيتا ڪار ۾ ويٺي ويٺي باغ جي گهاٽن وڻن کي ڏسندي رهي. ”مان ننڍپڻ ۾ ڊيڊيءَ سان گڏ هتي ايندي هيس. ڊيڊي پير صاحب جو فيملي ڊاڪٽر هو. اسان جو ڏاڏو حيدرآباد جو مشهور وڪيل هو. حُربخش ميرچنداڻي جو نالو توهان اڃا به ٻڌندا هوندؤ.“

هن اهو نالو نه ٻڌو هو تنهنڪري سگريٽ دکائي خاموش رهيو.

”منهنجو ڏاڏو، پير صاحب جو قانوني مشير هو. ٻين وڏيرن وانگر پير صاحب به مستقل مقدما وڙهندو هو.“

عرفان هارن وڄايو پر چؤطرف سناٽو ڇانيل هو.

سيتا وري ڳالهه شروع ڪئي: ”توهان کي خبر آهي ...“

”نه، خبرنه اٿم!“ عرفان مشڪي سندس ڳالهه ڪٽي.

”توهان کي خبر آهي ته انگريزن جي زماني ۾ هندُن ڏاڍي ترقي ڪئي ۽ هندُو واپارين وٽ مسلمان تقريباَ گروي هئا. سنڌي مسلمانن جو ڪو مڊل ڪلاس ڪونه هو ۽ اهي وڏيرا اهڙيءَ طرح پنهنجي فيوڊلزم ۾ قلعا ٻڌي ويهي رهيا ۽ شايد اڃا تائين اهڙي طرح ويٺا آهن.“

”سموري هندستان جي هندو مسلمانن جي اهائي هڪ ڪهاڻي هئي. شايد انهيءَ سبب ڪري پاڪستان ٺهيو.“ عرفان وراڻيو.

”ننڍپڻ ۾ مان پير صاحب جي زالن جا زيور ۽ لباس ڏسي حيران ٿي ويندي هيس ته اهي ڪيتري قدر بئڪ ورڊ ۽ڪيڏا دولت مند آهن، جنهن جو توهان اندازو نٿا لڳائي سگهو.“

هڪ مُڇن وارو سنڌي ملازم، وڏي گهير واري ڪاري شلوار ۾ اندران نڪتو. هن هٿ ٻڌي ٻنهي کي سلام ڪيو ۽ ڊرائنگ روم ۾ وٺي ويو. سيتا جلدي اندر زنانخاني ۾ هلي ويئي. عرفان هڪ صوفي تي ويهي رهيو. ڪمرو قيمتي فرنيچر سان سينگاريو پيو هو. فرش تي اعليٰ ترين غاليچا وڇايل هئا. نرم ريشمي پردن تي سونهري ڏوريون ٻڌل هيون. ڪجهه دير کان پوءِ ڀنڀي ڏاڙهي ۽ وڏين اکين وارو پير الله بخش جمالي اندران ٻاهر آيو ۽ جهُڪي ٻنهي هٿن سان عرفان سان کيڪار ڪري خاموشيءَ سان صوفي تي ويٺو. ايتري ۾ چانديِءَ جي ٽي – سيٽ ۾ چانهه آئي ۽ هُن هيڏانهن هوڏانهن جي ڳالهين کان پوءِ ملڪي سياست تي اجائي سجائي گفتگو شروع ڪري ڏني. اهو سر فيروز خان نون جي وزارت جو زمانو هو ۽ ملڪ ۾ افراتفري متل هئي.

پوءِ هو اُٿي اندر ويو ۽ سيتا کي پاڻ سان گڏ وٺي واپس آيو ۽ وڏي ريشمي رومال سان لڙڪ اگهي، سيتا جي مٿي تي هٿ گهمايائين. جڏهن سيتا پير صاحب سان سنڌيءَ ۾ ڳالهيون پئي ڪيون ته ان وقت عرفان کي شدت سان محسوس ٿيو ته هو ان جاءِ تي ڪيترو نه اجنبي هو.

مڇن واري ملازم هڪ وڏي اٽيچي ڪيس ڪار ۾ رکي. ڪار اسٽارٽ ٿيڻ کان پوءِ عرفان چرچي ۾ پڇيو: ”ڏاڏا وڏا تحفا هٿ ڪيا اٿيئي!“

”مون ڏٺو به ناهي، هن ڊيڊي، ممي ۽ منهنجي لاءِ جدا جدا الائجي ڪهڙيون شيون ڏنيون آهن. ڏاڍو قيمتي سامان هوندو! اهي ماڻهو ڏاڍا جذباتي ۽ بي حد مهربان آهن.“

”تون جذبن جو ايترو قدر ڪرين ٿي ۽ مٿان وري پاڻ کي منطقي پڌرو ٿي ڪرين فراڊ!“

ٻئي ڏينهن سندن قافلو خيرپور شهر مان لنگهي رهيو هو. رستي جي ٻنهي طرفن کان پراڻين سرن جون اداس عمارتون هيون، جن جي محرابن جي هيٺيان پوڙها باوقار سنڌي بيٺا هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. انهن سڀني هٿ جوڙيا ٿي ۽ جهڪي آواز ۾ ۽ جهيڻي موسيقي ريز لهجي ۾ گفتگو ٿي ڪيائون. ڏاڍي عجيب، اُداس نرم ۽ ڌيمي تهذيب هئي، جيڪا عرفان انهيءَ ملڪ ۾ نون سال رهڻ جي باوجود اڃا تائين ڏٺي نه هئي.

”ڪمال آهي!“ عدالت جي اڳيان گيئر مٽائيندي هن سيتا کي چيو.

”واقعي عجب جهڙي ڳالهه آهي جو مان هن ملڪ جو رهواسي آهيان ۽ تون غير ملڪي آهين.“

”پر مون کي هاڻي اها صورت حال ڏسڻ جي عادت پئجي چُڪي آهي. گذريل ڀيري جڏهن مان نيويارڪ کان جميل سان گڏ هندستان آئي هيس ته وچين ماسي پنهجي ڀاڻيجيءَ سان ملڻ لاءِڪ راچي کان فيض آباد آئي هئي ۽ هن مون کي سموري لکنؤ جو سير ڪرايو هو ۽ تلسي پور ۽ چاندپور جي پراڻين ريتين ۽ رسمن کان روشناس ڪرايو هئائين، پر فيض آباد کان لکنؤ پهچندي ئي هڪ غير ملڪيءَ جي حيثيت سان کيس پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي اچڻ ۽ انهيءَ کان پوءِ روانگيءَ جو اطلاع درج ڪرائڻو پيو هو.“

سنڌ جي شهرن ۾ هر طرف اداسي ۽ بي رنگي ۽ ريتي ۽ ڌوڙ هئي. انگريزي عهد جون يادگار ضلعن جون عمارتون، سول لائينز جي مٽياڻن رستن جي پاسن کان خاموش بيٺيون هيون. انگريز سموري ننڍي کنڊ ۾، پشاور کان وٺي مدراس تائين ۽ بهار کان وٺي سنڌ تائين، ضلعن جي طرز تعمير ۽ ماحول ۽ مسئلن جو هڪ جهڙو پئٽرن ٺاهي روانا ٿي چُڪا هئا. اُهي ئي ڪچهريون،ا ُهي ئي باغ، اُهي ئي ڊاڪ بنگلا، اُهي ئي ريلوي اسٽيشن جا ڪول تار سان ليپيل ويٽنگ روم ۽ انهن جو هڪ جهڙو واهيات فرنيچر.

سکر جو اهو سرڪٽ هائوس، جنهن ۾ اهي سڀ هاڻي اچي ترسيا هئا، بلند شهر يا بلاسپور يا گيا، ڪنهن به جاءِ تي کڻي رکي سگهيو ويو ٿي. اُهو ئي بئرو هو، جنهن سامهون اچي وڏي صاحب کي سلام ڪرڻ کانپوءِ پڇيو ٿي ته ماني ڪهڙي مهل کائيندؤ. سندس نالو گُربچن هجي يا رسول بخش، مالهيءَ جو نالو چراغ دين هجي يا رام رکيو. پر دنيا بدلجي چڪي هئي، انسان بدلجي ويا هئا. ڇا سچ پچ انسان بدلجي ويا هئا؟ انهيءَ سوال جو جواب ديانت سان ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو.

”مان ساڌ ٻيلي وينديس. مان اُهي هميشه هر سال ميلي ۾ ويندي هيس ۽ خوب ميوزڪ ڪمپيٽيشنس ٿينديون هيون.“ سيتا ورجايو.

شام جي وقت لانچ ۾ ويهي، اُهي درياء پار ڪرڻ لڳا. پريان ساڌ ٻيلي جي ٻيٽاري، وڏي جهاز وانگر لهرن جي وچ ۾ بيٺي هئي. ڪناري تي پهچي، اُهي ڏاڪڻ چڙهيا. ڪناري تي ڪافي وڏو پويلين هو، جنهن جي ديوارن تي، ڪبير جون ٻاڻيون اُڪريل هيون. مٿاهين تي عمارتون سُنسان هيون – بيشمار ننڍا وڏا مندر ۽ شوالا، ڇوڪرن جي هاسٽل، ڪلب هائوس. سيتا، عرفان سان گڏجي چؤطرف گهُمندي ڦِرندي رهي. پارٽيءَ جا ٻيا همراهه ٿڪجي هيٺ هڪ بينچ تي ويهي رهيا هئا.

”مون کي ڀاڄائيءَ تي ڏاڍو ترس ٿو اچي.“ سيتا کي اُتاهين تي هڪ اونداهي مندر جي ڏاڪڻ چڙهندي ڏسي نادر چيو.

مندرن جي ديوارن تي عجيب عجيب خوفناڪ ۽ کلڻهاب شڪل وارين مورتين هيٺيان پينسل سان طرح طرح جا جملا لکيل هئا:

’ديوي ماتا! مان هندستان وڃي رهيو اهيان، مون تي پنهنجي ديا ڪج.‘ - هري ڪيولراماڻي. 12 نومبر 1947ع.


’ڀڳوان! مان اڄ تنهنجو در ڇڏي انڊيا ڀڄيو ٿو وڃان. مون کي معاف ڪج. - منگهالال گوورڌن داس. 25- سيپٽمبر 1947ع.

ماتا! مان توکي ڇڏي وڃي رهيو آهيان. هاڻي ڪڏهن پرساد چاڙهي نه سگهندس. منهنجي اولاد تي ديا ڪندي رهج.

-رام سچديو خوبچند. 19 ڊسمبر 1947ع.

سيتا ۽ عرفان، ڳولي ڳولي انهن دردناڪ جملن کي پڙهندا رهيا، ايتري قدر جو سج مهراڻ جي لهرن ۾ ٻڏي ويو.

ٻي اُتاهينءَ تي بڙ جي هيٺيان هڪ اونداهو مندر هو. اندر گهُپ اونداهيءَ ۾ ريشمي ڪپڙن ۾ راڌا جي آدم قد مورتي اونڌي منهن پيئي هئي. عرفان کي ڏاڍي وحشت ٿي. ”هاڻي ٻاهر اچ.“ هن جلدي چيو.

هيٺ لهي ڪلب هائوس جي مرمرين ڏاڪڻ تي ويهندي سيتا بي اختيار کانئس پڇيو: ”هيءَ جاءِ ڀوتن جو شهر ناهي؟ منهنجي ڏاڏي مون کي اڪثر رات جو چوندي هئي، ته اڄ مون تنهنجي لاءِ ڏاڍو سٺو سپنو ڏٺو. رات ڪنهن گوسائين مهراج جي نيڪ آتما گهر جي مٿان لنگهي هوندي. يا مون اڄ تمام خراب سپنو ڏٺو. ڪنهن موچيءَ جو بدروح مٿان لنگهيو هوندو. سندس چوڻ هو ته ڪي بدروح ٻارن جي شڪل ۾ نڪرندا آهن، جن جي هٿن ۾ چار چار آڱريون هونديون آهن ۽ بدروح هوا ۾ ڏياٽين وانگر به اُڏامندا آهن. هيڏانهن ڏسو، ڪٿي هوا ۾ ڏياٽيون ٻري رهيون آهن؟ ساڌٻيلو منهنجي سڄيءَ قوم جو قبرستان آهي.“

هوءَ اُٿي ٻيءَ ڏاڪڻ تي وڃي ويٺي. ”ڪيڏي اونداهي آهي! هن اونداهيءَ ۾ منهنجون سڀ آرزوئون، سڀ آدرش، سڀ پڇتاوا اگيات بيتال (جن ڀوت) وانگر جڳمڳائين ٿا. هاڻي مون اکيون بند ڪيون ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ڀيرو جي سواريءَ جو ڪتو، ڪاٺ جي وهٽ تي سوار ٿي، قبرستانن ڏانهن ويندڙ ڏائڻين، هزارين ورهين جي مري کپي ويل روحن، سڀني گڏجي مون کي چئني طرفن کان گهيرو ڪيو آهي ۽ مان تمام جلدي مري وينديس.“ هن وسامجي عرفان جو هٿ جهلي ورتو.

”اسان وٽ هڪ وڏي ڀوائتي رسم هئي.“ هن ڪجهه کن رکي وري چوڻ شروع ڪيو، ”جيڪڏهن جيڪو ماڻهو ڪنوارو مري وڃي ته کيس ڳاڙهي ڪپڙي ۾ ويڙهي شمشان ڀوميءَ ڏانهن کڻي ويندا هئا ۽ زور زور سان دهل وڄايو ويندو هو، ڄڻ هن موت سان لائون لڌيون هجن.“

”هيءُ سامهون سنڌو پيو وهي. اسان جي ماڻهن جو عقيدو هو ته انهيءَ جي اولهه ۾، جتي چنڊ لهي ٿو، اُتي موت جو ديس آهي ۽ هر سنڌي جيڪو مري ٿو، اُنهي گئو ماتا وسيلي، جيڪا هن زندگيءَ ۾ برهمڻ کي دان ڪئي هوندي، انهيءَ جي پڇ ۾ چنبڙي، هن درياء مان پار لنگهي ويندو. ڀڊي جي پورڻماسيءَ جو سندس آتما انهيءَ ڪشتيءَ ۾ سوار ٿي واپس ايندي، جيڪا سندس گهر وارا پورڻماسيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌو درياء ۾ ڇڏي ايندا هئا.

”چيٽ مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو هو. دراصل سڀ کان وڏو خدا، اهو درياء ئي هو، ڇو ته ريگستان ۾ وهندو هو، جهڙي طرح پراچين مصري، نيل کي ديوتا مڃيندا هئا. انهيءَ سکر ۾، مڇيءَ جي پُٺيءَ تي سوار دريا – ديوتا جو مندر هو، جنهن کي مسلمان درياء پير ۽ خواجا خضر چوندا هئا. ڏکڻ پنجاب جا هندو انهيءَ کي ’درياء صاحب‘ چوندا هئا. ذرا سوچيو: ڪيڏا فيسينيٽنگ عقيدا هئا! نانگ ديوتا لاءِ اهو چوڻ ۾ ايندو هو ته اُهو ٺٽي کان اڳتي سنڌوءَ جي ڪناري تي رهي ٿو.“

انهيءَ رات هوءَ سکر بيراج تي بيهي ڳچ دير تائين سنڌوءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندي رهي ۽ پوءِ هڪدم اوچتو خاموش ٿي ويئي. ان وقت عرفان ڏٺو ته هوءَ انهي عظيم الشان باجبروت بند جي ديوار تي جهُڪي بيحد اڪيلي، بيحد ڪمزور ۽ بيحد اجنبي لڳي رهي هئي.مهراڻ جي سمنڊ جهڙين ڇولين ۾ گهيريل، ميلن ۾ ڊگهي پُل جي روشنيءَ جي جهرمر ۽ صدين تائين ڦهليل صحرا جي وسعت ۾ وڃايل ويچاري ڇوڪري!

هيٺ سنڌو چانڊوڪي ۾ لهرون هڻي رهيو هو. ٻنهي ڪنارن تي روهڙيءَ ۽ سکر جون روشنيون جڳمڳائجي رهيون هيون. پل تان موٽرن، ٽانگن، بسن ۽ سائيڪل سوارن جو وهڪرو لنگهي رهيو هو. نومبر 1957ع جي سنڌ جي اها دنيا، تمام مختلف هئي- ايتري قدر مختلف، جو انهيءَ ۾ قرول باغ دهليءَ کان آيل سيتا ميرچنداڻيءَ لاءِ ڪا پنهنجائپ نٿي ٿي سگهي.

”توهان ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي ڪهاڻي ٻڌي آهي؟“ هن هڪدم عرفان کان پڇيو.

”نه.“

”شاهه سائين چيو آهي ...“

شاهه سائين ڪهڙو؟“

سيتا حيرت مان ڏانهس ڏٺو. ”توهان کي خبر ناهي؟ شاهه عبداللطيف جي خبر نه اٿو؟“ هن آهستگيءَ سان پڇيو.

”ٻڌاءِ ٻڌاءِ.“

”نه. رهڻ ڏينس.“ هن جهَڪي آواز ۾ جواب ڏنو، ”هلو ته واپس هلون. سيءُ پيو پوي. نادر، اڳيان ڪهڙو اسٽاپ ايندو سڀاڻي؟“

سنڌ مان روانو ٿي نڪرندي نادر کيس چيو: ”ڀاڄائي، توهان جي سنڌ جو به خوب سير ڪيوسين. ادا ع رفان ته توهان جي پيرالله بخش جماليءَ جي زيارت به ڪري آيو.“

”سنڌ نه منهنجي، نه پير الله بخش جماليءَ جي. سنڌ جا اصلي والي وارث اُهي هاري آهن جن جي باري ۾ سوچڻ جي توهان اڄ تائين ضرورت ئي نه سمجهي هوندي.“ سيتا وراڻيو.

”انقلاب زنده باد!“ نادر خوشيءَ مان نعرو هنيو. عرفان خوش ٿيو جو هوءَ پنهنجي جذباتي موڊ تي قابو پائي ٻيهر نارمل ٿي رهي هئي، يعني سياسي بحث ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چُڪي هئي.

بهاولپور ۾ پنج ند جي ٻيلن جي ڊگهن مٽي هاڻن وڻن ۽ پنج دريائن جي سنگم تي وسندڙ چانڊوڪي ڏاڍي خوشگوار هئي. اُتان اڳڀرو هليا ته چانڊوڪي اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويئي. روشنيءَ ۾ چمڪندڙ سڌي رستي تي ڪار آڻي، عرفان، سيتا کي چيو، ”صحرا جي ٿڌي، عجيب چانڊوڪي رات – هاڻي مان ڇا ٿو ڪري سگهان، جيڪڏهن مون کي اختر شيرانيءَ جا شعر دل تي تري اچن، جيڪي اسان اسڪول جي اڙدو ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسين – ’صبح بنارس‘، ’شامِ اؤڌ‘ ۽ ’شبِ مالوه‘. صبح بنارس ۽ شامِ اؤڌ ته سمجهه ۾ ايندا هئا پر اهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته ريگستان جي رات ۾ سواءِ ڌوڙ جي ٻيو ڇا رکيو هوندو. اها هاڻي هتي اچي خبر پيئي. تو بنارس جي صبح ۽ اؤڌ جي شام ڏٺي آهي؟“

”جي ها.“

چانڊوڪيءَ ۾ سندس هٿ جو ڪنگڻ تيزيءَ سان چمڪيو. هو ڪجهه دير ماٺ ڪري ڪنگڻ ڪرائيءَ ۾ گهمائيندي رهي.

”ڏاڍو خوبصورت ڪنگڻ آهي... اطالوي آهي نه؟“ عرفان پڇيو.

”جي ها.“

”نيپلز ۾ خريد ڪيو هوءِ؟“

”جي نه، ڪئناڊا ۾.“

”ڪئناڊا! دنيا ۾ ٻيا به هزارين ملڪ آهن ... اهو توکي ڪئناڊا وڃڻ جو ڪيئن سُجهيو؟“ عرفان مشڪي کانئس پڇيو.

”منهنجو مامو اُتي تجارت ڪندو هو. پارٽيشن کان پوءِ، هن ڊيڊيءَ کي لکيو ته توهان جي مالي حالت هاڻي اهڙي ناهي جو سيتا کي اعليٰ تعليم ڏياري سگهو. کيس مون ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.“

”ته تون ڏاڍي خوش ٿي هوندينءَ؟“

”ظاهر آهي، هڪ ايڪويهن سالن جي بي انتها حساس ڇوڪري، جيڪا شرنارٿي ڪيمپن ۾ رهڻ کان پوءِ قرول باغ جي هڪ ننڍي گهر ۾ رهندي هجي ۽ بس ۾ ويهي، پري رامجس ڪاليج پڙهڻ ويندي هجي، کيس اوچتو ٻڌايو وڃي ته کيس ڪئناڊا يا آمريڪا موڪليو ٿو وڃي ... منهنجي لاءِ ته اها بلڪل پرين جي ڪهاڻين جهڙي ڳاله هئي. مامي کي ڪو اولاد نه هو. هو ۽ مامي ويهن پنجويهن ورهين کان آمريڪا ۾ رهيا پئي، سندن ڪاروبار چڱو وڌندڙ هو ۽ سال ۾ ڇهه مهينا نيويارڪ ۾ رهندا هئا. انهن هوائي جهاز جي ٽڪيٽ وٺي موڪلي ڏني ۽ ڪولمبيا ۾ منهنجي داخلا ڪرائي ڇڏيائون.“

”اُتي وڃي تون سُرخن جي سنگت ۾ ڦاسي وئينءَ.“

هوءَ کلي. ”سرخن جي سنگ ۾ ته مان دهليءَ ۾ ئي اچي ويئي هيس. منهنجو هڪ ڪزن، جيڪو لاهور کان شرنارٿي ٿي آيو هو، اڙدوءَ جو ڪهاڻيڪار هو. شيام نارايڻ اروڙا. توهان هن جون ڪهاڻيون ضرور پڙهيون هونديون. هو تمام ريڊ (Red) هو. سندن گهر ۾ هر هفتي ادبي ميٽنگ ٿيندي هئي ۽ ڪهاڻين تي ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون.“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا...“

”نيويارڪ ۾ ڇا ٿيو؟“

هوءَ چُپ ٿي ويئي.؟

هن کانئس جيڪا ڳالهه پڇڻ ٿي چاهي، اها پڇڻ جي کيس همٿ نه ٿي.

”اوهان، اوهان شايد جميل جي باري ۾ پڇڻ ٿا چاهيو.“ ڪجهه دير کان پوءِ، هن فرمانبرداريءَ سان پاڻيهي چوڻ شروع ڪيو ڄڻ پنهنجي استاد جي اڳيان ويٺي هجي. ”جميل سان مان هڪ سُرخن جي جلسي ۾ ملي هيس. اُنهيءَ زماني ۾ مڪارٿي ازم اڃا شروع نه ٿي هئي ۽ گرينچ وليج ۾ ڪافي ليفٽ ونگ گروپ هئا، جن ۾ گهڻو ڪري يهودي، حبشي ۽ ٿورا هندستاني هئا. جميل اتي انهيءَ سال يو – اين ۾ ملازم ٿي انڊيا کان آيو هو.“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا ... پوءِ بس!“

”ڏاڍو سٺو. مڃان ٿو ته تون به اهلِ زبان چوائڻ جي حقدار ٿي ويئي آهين.“

”هڪ فيض آباديءَ سان شادي جو ڪئي هيم سو ايتري اڙدو به نه سکي هوندم! جميل سان ملڻ کانپوءِ مون اڙدوءَ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ڇو ته هو لٽريچر جو ڏاڍو شائق هو ۽ ساڻس ڳالهين ڪرڻ لاءِ مون کي لازمي هو ته مان پاڻ کي سندس هم مذاق بنايان ۽ اهي ڳالهيون سوچيان ۽ ڪريان جيڪي کيس پسند هيون. جڏهن هو منهنجي وڌيڪ ويجهو آيو ته بعض دفعا بي ساختا اؤڌيءَ ۾ مون سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳندو هو. جڏهن مان سندس ڳوٺاڻي زبان تي کلندي هيس ته هو فخر سان چوندو هو: جناب، مان ۽ منهنجا گهر وارا اُها زبان ڳالهايون ٿا، جنهن ۾ تلسي داس رامايڻ لکي هئي!‘“

”شاديءَ کان اڳ مان روز شام جو ڪئمپس کان سڌو جميل جي اپارٽمنٽ تي ويندي هيس، جتي هڪ سردار جي جيڪو سندس تمام گهاٽو دوست هو، باقاعدي مون کي اڙدو پاڙهيندو هو. پر انهيءَ سردار جيءَ کي ڪهاڻيون لکڻ جي اهڙي علت هئي جو پهريون ڪلاڪ ويهي مون کي سندس تازي ڪهاڻي ٻڌڻي پوندي هئي. ڪمري ۾ هلندي هلندي چوندو هو ته هو تمام جلدي ڪرشن چندر ۽ راجندر سنگهه بيديءَ کي ڊائون ڪرڻ وارو آهي. خبر ناهي ويچارو اڄ ڪلهه ڪٿي آهي؟“

”اڙدو مون کي آسانيءَ سان اچي ويئي ڇو ته اڙدوءَ ۽ سنڌي جي اسڪرپٽ هڪ ئي ته آهي نه. مون کي ياد آهي ته جميل شاديءَ کان ٻه سال پوءِ پنهنجيءَ ڀيڻ کي لکيو هو ته منهنجي زال اڙدوءَ ۾ اهڙي ڀڙ ٿي ويئي آهي جو ڪنهن کي وارو ئي جيڪر نه ڏي. توهان کي خبر آهي ته مان ڏاڍي ڪميڻي به آهيان!“

”اهو ڀلا ڪيئن؟ ٻڌاءِ!“

”جميل سان جڏهن مان پهريون ڀيرو ملي هيس ته هن جيءَ ۽ منهنجيءَ هڪ ڪامن دوست ٻڌايو ته هو فرخنده جو ڪزن آهي. اهو ڄاڻي مان ساڻس اڃا به وڌيڪ خصوصيت سان مليس، نه ته شايد شروع ۾ کيس Snub ڪري ڇڏيان ها.“

”اها ڳالهه آهي ته، توهان شروع ۾ ماڻهن کي ’Snub‘ ڪنديون آهيون.“

”ڊوُ شٽ اپ. ڳالهه ته ٻڌو، پر مون کيس معلوم ٿيڻ نه ڏنو، ته مان ادي فرخنده يا بلقيس کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي ڇو ته هنن شروع ۾ ئي مون کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته سندس مڱڻو خاندان ۾ ئي هڪ ڪزن سان ٿي چُڪو آهي، جيڪا شايد بلقيس جي سؤٽ ۽ سڱ ۾ جميل جي ڀاڻيجي ٿي ٿئي. اوهان مسلمانن ۾ انهيءَ قسم جي ڏاڍي گڙٻڙ ٿئي ٿي. خير، سو جيڪڏهن مان کيس ٻڌائي ڇڏيان ها ته مان ادي فرخنده کي سڃا‎ڻان ٿي ته هو هڪدم دهلي خط لکي ها ته سيتا مير چنداڻيءَ سان شادي ٿو ڪريان ۽ انهيءَ خبر تي ادي فرخنده ۽ بلقيس مون کي ڪيڏي ڪميڻي ۽ ذليل سمجهن ها. احسان فراموشيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي! اُهي ٻئي دهليءَ ۾ منهنجو ڪيڏو خيال ڪنديون هيون ۽ هاڻي مان سندن هڪ ڀيڻ جي وَرَ کي ڦاسائي رهي هيس.“

”پنهنجي لاءِ اهڙا ڪڌا لفظ استعمال ته نه ڪر.“

”نه، بلڪل ٺيڪ ته چوان ٿي. سڀئي ڇوڪريون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مردن کي ڦاسائينديون آهن. خالي سندن Modus operandi مختلف ٿين ٿا ۽ اوهان جاهلن انهيءَ جو نالو کڻي محبت وغيره رکيو آهي. هر ڇوڪريءَ جي زندگيءَ ۾ فقط هڪ تمنا ٿيندي آهي ته هوءَ ڪنهن نه ڪنهن بيوقوف کي ڦاسائي ساڻس شادي ڪري. باقي سڀ بڪواس آهي.“

”ماشا الله! اوهان جو گوناگون فلسفو داد جي لائق آهي.“

”مهرباني“

هوا ۾ اُڏامندڙ وارن کي پيشانيءَ تان هٽائڻ کان پوءِ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. ”جميل سان جنهن ڏينهن مان پهريون ڀيرو ملي هيس، اُنهيءَ ڏينهن، رات جو پنهنجي هاسٽل واپس اچي مون پنهنجي روم ميٽ گريس کي چيو هو: ’اڄ مون کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو آهي ته هيستائين مان اينسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا هيس- هاڻي هڪ عورت آهيان.‘

”شاديءَ کان اڳ مان جميل سان ٿوري ٿوري ڳالهه تي خفا ٿي پوندي هيس ۽ تمام سرچي ويندي هيس. هڪ ڀيري هن مون کي چيو هو: ’تون ڪڏهن شينهڻ وانگر ڀوائتي ٿي وڃين ٿي ۽ ڪڏهن ٻليءَ جي پونگڙي وانگر ميائون ميائون ڪرين ٿي.‘ مون هڪدم چيو هو: ’لاحول ولا.‘ سڀ کان اڳ کانئس مان اهوئي جملو سِکي هيس. ’انهيءَ ۾ لاحول جي ڪهڙي ڳالهه آهي!‘ هن چيو هو.

اي ي ي ڪ. مون منهن ٺاهيو هو، جنهن تي هن چيو ته ’تون اهڙي مادي مان ٺهيل آهين، جنهن مان اولڊ ميڊز تخليق ڪيون وينديون آهن.

”شاديءَ کان پوءِ جڏهن مان خفا ٿي ڪمرو اندران بند ڪري ڇڏيندي هيس ته چوندو هو: ’هاڻي ته اسان جي سيتا اونڌي کٽ وجهي ’ڪُوپ ڀَون‘ ’۾ وڃي سُتي. جميل لفظن جو بادشاهه هو.“

ڪيترا ميل- پٿر لاڳيتا گذري ويا.

”پوءِ.....“ عرفان گهڻي دير کان پوءِ پڇيو، ”شادي ڪيئن ٿي؟“

”هڪ ڏينهن اسان ڪٿان واپس پئي آياسين ته رستي ۾ سب- وي جي هڪ اسٽيشن تي لهندي جميل چيو......“

”سب- وي ۾؟“

”جي ها. شام جو پنجين وڳي جي ڀيڙ ڀڙڪي ۾.“

”جيڪا ڏاڍي سخت غير رومئنٽڪ ڳالهه هئي.“

”بلڪل. پر جميل کي همبگ (Humbug) کان چڙ هئي. مان جيئن ته پليٽ فارم تي هجوم جي ڌڪن ۾ اڳتي نڪري چڪي هيس، انهيءَ ڪري کيس زور سان رڙ ڪري چوڻو پيو ۽ جڏهن مان ٻي ٽرين ۾ چڙهي رهي هيس ته هن پويان پويان ’مڙي چيو هو: ’سيتا، سيتا، مون سان شادي ڪندينءَ؟ جواب ڏي. جلدي. وقت تمام ٿورو آهي. هُن گهڙي کي اهڙي طرح ڏٺو هو ڄڻ هڪ ٻن منٽن جي دير سان وڏو فرق پئجي ويندو ۽ مون انهيءَ رش ۾ دروازي ۾ چڙهندي پويان مڙي زور سان وراڻيو هو: ’ها.‘ “

”پوءِ؟“

”پوءِ، مون مامي کي نه ٻڌايو ۽ ايندڙ هفتي هڪ هندستاني دوست جي گهر تي اسان جي شادي ٿي. ڏاڍيون تصويرون نڪتيون، جيڪي شام جي اخبارن ۾ ڇپيون: بيوٽيفل انڊين برائڊ (Beautiful Indian Bride) وغيره. دوستن خوب خوشيون ملهايون. مامي کي ڊپ وچان نه ٻڌايم جيتوڻيڪ مان انهيءَ وقت چوويهن سالن جي ٿي چڪي هيس. مامي کي اخبار وسيلي ئي خبر پيئي ۽ کيس صدمي وچان دل جو دؤرو پيو ۽ مرندي مرندي بچيو. کيس مون سان ڏاڍي محبت هئي. هن مون کي ڌيُ ڪري پاليو هو. جميل ساڻس ملڻ لاءِ هن جي آفيس ۾ ويو ته ساڻس مليو به نه. مامِي جيتوڻيڪ پراڻي قسم جي آهي، پر مامي کان وڌيڪ سمجهدار آهي. منهنجي خيال ۾ عورتن ۾ ڪامن سينس وڌيڪ ٿيندو آهي. وري ويهه سال آمريڪا ۾ رهي، هوءَ ٿورو روشن خيال به ٿي ويئي آهي. مامو ڏاڍي پوڄا پاٺ ڪندو آهي. مامِي جميل سان هڪ ڊرگ- اسٽور ۾ اچي ملي ۽ کيس ڏاڍو پسند ڪيائين. جميل ۾ اهائي ته هڪ ڳالهه هئي جو عورتن جي دل پل ۾ موهي وٺندو هو. پوءِ مامي منهنجي مميءَ کي خط لکيو: ’سيتا شادي ڪري ورتي آهي. ڇوڪرو پنهنجي ذات برادري مان ناهي. نالو جميل اٿس.‘ بعد ۾ مامي مون کي کلي چوندي هئي ته ’جميل ۽ جيمل‘ ۾ ڪهڙو فرق آهي، فقط نُڪتن ئي جو ته فرق آهي!

”ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، هُن مميءَ کي به راز ۾ شريڪ ڪري ورتو ۽ هُن به انهيءَ نُڪتن جي فرق واري ٿيوري کي قبول ڪري ورتو. ڊيڊيءَ کي هن اهوئي چيو ته ڇوڪرو آهي ته هندو، پر تمام آزاد خيال آهي. ڪنهن مذهب کي ڪونه مڃي ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙو هندو ڇوڪرو مذهب کي مڃي ٿو. ڊيڊيءَ جي سمجهه ۾ اها ڳالهه اچي ويئي ڇو ته کيس خبر هئي ته اسان جي گهر ۾ به دهلي اچڻ کان پوءِ ڀاءُ شيام جي ڪري ترقي پسنديءَ جي ’چرچا‘ ٿيڻ لڳي هئي.

”هتي تو ثابت ڪري ڇڏيو ته اڃا پوري طرح اڙدودان بني ناهين. ’چرچا‘ اڙدوءَ ۾ مذڪر آهي.“

”اوهه، ساري. ’چرچو‘ (چؤٻول) ٿيڻ لڳو هو.“ هن هڪ هڪ لفظ جدا جدا ادا ڪيو.

”ڪجهه مهينا پوءِ، مون ۽ جميل گڏجي ڊيڊيءَ کي خط لکيو ۽ سربستي ڳالهه لکي ڇڏي. ڊيڊيءَ مون کي لکيو: ’مان توکان خفا ضرور آهيان پر جيڪڏهن تون خوش آهين ته ٺيڪ آهي.‘ جميل کي هن اهوئي لکيو هو جيڪو سڀني ڌيئرن جا پيئر پنهنجي ناٺين کي چوندا آهن. ’منهنجي ڌي نازن پاليل آهي، سندس دل ڪڏهن به نه ڏکوئجانءِ‘ پوءِ هو خود ئي کِلي پيئي.

”ويچارو ڊيڊي. ڊيڊي ڏاڍو لٽرري ماڻهو آهي. هن جميل کي انهيءَ خط ۾ ’رامايڻ‘ ڪوٽ (Quot) ڪئِي هئي:

’جهڙيءَ ريت هماليه گِرِي مهيش کي، سمنڊ لڪشمي هري کي

سؤنپي هئي، اهڙيءَ ريت جنڪ سيتا کي رام جي سپرد ڪيو. ساڳئي طرح پٽ، مان پنهنجي سيتا توکي سوپيان ٿو.‘

جميل پاڻ تلسيداس جيءَ جو هم وطن. هُو اهو پڙهي ٻهڪڻ لڳو. عامل ته ڪافي آزاد خيال ٿيندا آهن پر ممي پنهنجي پيڪن کان، جيڪي ڪٽر آريه سماجي آهن، اها خبر اڄ تائين لڪائي رکي آهي ته مون هڪ مسلمان سان شادي ڪري ورتي آهي. اُهي اڃا تائين اهوئي سمجهن ٿا ته ڇوڪرو يو- پيءَ جو ڪائسٿ آهي ۽ جميل نالو اٿس.

”جڏهن راهُل ڄائو ته ممي، ڊيڊي، مامو ۽ مامي سڀ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ انهيءَ ڳالهه تي پاڻ وڌيڪ خوش ٿيا ته جميل ايترو آزاد خيال آهي جو هن پنهنجي پٽ جو هندواڻو نالو رکڻ ۾ ڪو هرج نه سمجهيو.

”ٻن سالن کان پوءِ، جميل کي ٽن مهينن جي فرلو (موڪل) ملي ۽ اسان دهلي آياسين. ادي فرخنده ۽ بلقيس وغيره مون سان ايڏي محبت سان مليون جو مان شرمسار ٿي ويس. ممي پنهنجي پيڪن اروڙن کي اڳ ۾ ئي سمجهائي ڇڏيو هو ته ڇوڪرو لکنؤ جو ڪائسٿ آهي، انهيءَ ڪري اڙدو سٺي ٿو ڳالهائي ۽ڳالهه ڳالهه تي ’لاحول ولا‘ چوي ٿو ۽ ’خدا جو قسم‘ ٿو کڻي. اسان شرنارٿي يو- پيءَ وارن کان اڳ ۾ ئي ناخوش هئاسين، انهيءَ ڪري خاندان وارا اصولي طور تي خفا رهيا ته ڇوڪري غير سنڌين ۾ ڇو ويئي. دهليءَ ۾ اسان ڪجهه ڏينهن ترسياسين ۽ پوءِ جميل جي وطن چاندپور ۽ تلسي پور هليا وياسين. مون فيض آباد ۾ لکنؤ ڏٺو، ڪشمير جو سير ڪيو ۽ انهيءَ کان پوءِ واپس امريڪا، انهيءَ سال هڪ ڇوڪرو ڪلڪتي کان ايڪٽنگ سکڻ لاءِ نيويارڪ آيو. سندس نالو چڱو ڊگهو هو؛ ابوالفصاحت قمرالسلام چوڌري.“

”قمر السلام چوڌري؟ مشهور انگريزي شاعر، جنهن کي اڄ جي هندستان جو ٽي. ايس. ايليٽ چوندا آهن؟“

”جي ها، اُهو ئي. انهيءَ وقت هو بلڪل مشهور نه ٿيو هو ۽ اداڪاريءَ جي ميدان ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيو هو. ڪيترن ئي ترقي پسند بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو هو ۽ انگريزيءَ ۾ ڏاڍا چڱا نظم ٿي لکيائين. اهو به اسان جي گروپ ۾ شامل هو. هو ان وقت پنهنجو پاڻ کي وڏو انقلابي چوائيندو هو، پر هاڻي جڏهن کان لنڊن ۾ سندس ڪتاب ڇپيو آهي، تڏهن کان ٻڌو اٿم ته اينگري ينگ مئن (Angri young man) بنجي ويو آهي.“

”انهيءَ کان پوءِ؟“

”انهيءَ کان پوءِ ڇا..... توهان ته ائين ٿا لڳو ڄڻ ڪهاڻي لکڻ ويٺا آهيو.“

”اجائي ڳالهه نه ڪر. اڳتي ٻڌاءِ.“

”انهيءَ زماني ۾ ..... خير ڇڏيوس. هاڻي هُن جي ذڪر مان ڪهڙو فائدو.“

”نه نه، ضرور ٻڌاءِ. مون کان ڪجهه به نه لڪاءِ“

”توهان منهنجو سائڪالاجيڪل علاج پيا ڪريو، ڪٿي انهيءَ خيال ۾ نه رهجو.“

”لاحول ولا قوة.“

”چڱو خير، پوءِ اهوئي ٿيو... نه ڄاڻان ڇا ٿيو.... مان يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هوندي هيس. گهر واپس اچي راهُل جي نگهباني ڪندي هيس. کاڌو تيار ڪندي هيس. دوستن جو گروپ به اهوئي هو. سڀيئي ڳالهيون پراڻيون هيون، پر خبر ناهي ڇو. جميل آهستي آهستي ري- ايڪشنري ٿيندو ويو. خير، مان کيس به برداشت ڪري وٺان ها، پر هن حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ شروع ڪري ڏنو. جڏهن هو رات جو دير سان شراب خاني مان موٽندو هو ۽ مان ماني رکي سندس اوسيئڙي ۾ واٽ ڏسندي هيس، تڏهن قمر مون وٽ ويٺو هوندو هو.“

”۽ تو سان همدردي ڪندو هو. اهو همدرديءَ جو ري ايڪٽ (React) چڱو ٿئي ٿو.“

”توهان پاڻ هن وقت انهيءَ ري ايڪٽ ۾ شامل ناهيو؟“

عرفان غصي مان کيس ڏٺو. ”خدا جو قسم، بلڪل برداشت کان ٻاهر آهين. ها، اڳتي ٻڌاءِ.“

”ٺيڪ آهي، نٿي ٻڌايان. چڱو خير.“ هن سنجيدگيءَ سان ڳالهه جاري رکي: ”نه، همدرديءَ جي ڳالهه ناهي عرفان. بس الائجي ڇا ٿيو. انسان واقعن ۽ وقت جي ڌارائن ۾ لڙهندو ويندو آهي ۽ کيس ڪا خبر نه پوندي آهي ته ڇا ٿيڻو آهي. دراصل منهنجي ۽ قمر جي دوستي اهڙي طرح شروع ٿي جو هڪ ڏينهن ڪئمپس ۾ قمر مون کي چيو ته مان شام جو سندس اپارٽمنٽ تي اچان، جو سندس هڪ دوست، جيڪا ڪاليج م ايلوڪيوشن (Elocution) سيکاريندي هئي، ساڻس ملڻ ٿي آئي ۽ مان ساڻس ملي ڏاڍي خوش ٿينديس. منهنجي ۽ جميل جي اچڻ وڃڻ جا وقت بلڪل ڌار ڌار هئا. هو ماني يو- اين ۾ ئي کائيندو هو ۽ گهڻو ڪري شام جو گهر اچڻ بدران اُتان ئي دوستن سان گڏجي هليو ويندو هو.

جميل ٻين عورتن سان فلرٽ (Flirt) نه ڪندو هو. انهيءَ ڳالهه جو مون کي اڄ تائين وشواس آهي. هو مون سان هميشه وفادار رهيو پر انهيءَ جي باوجود نه ڄاڻان ڇا ٿيو، جيتوڻيڪ عام طور تي گهر ٻين عورتن جي ڪري برباد ٿيندو آهي.“

”يا ٻين مردن جي ڪري؟“

”جي ها. بهرحال، اسان ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي تي پورو پورو ڀروسو هو ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.“ سندس نڙي بند ٿي ويئي.

”سگريٽ وٺ.“

”مهرباني.“ هن سگريٽ دکايو. ”مان سگريٽ فقط انهيءَ ڪري نٿي ڇڪيان جو اهو عورت جي سماجي ۽ اقتصادي آزاديءَ ۽ مردن سان برابريءَ جو سمبل آهي. بس آمريڪا ۾ ڪاليج ۾ داخل ٿيندي ئي انهيءَ جي عادت پئجي ويئي هئي... توهان کي خراب ته نٿي لڳي؟“

”نه.نه“ ڪار جي رفتار هڪدم تيز ٿي ويئي. هن جي سگريٽ ڇڪڻ يا نه ڇڪڻ تي مان اعتراض ڪندڙ ڪير؟ هن مون کان اهو سوال ڇو ڪيو؟

”اسان ڇا پئي چيو؟“

”جي؟“

”اوهه، معاف ڪجو. ايترا سال جميل سال گڏ رهي مون کي مستقبل ’مين‘ (مان) جي بجاءِ ’هم‘ (اسان) چوڻ جي عادت پئجي ويئي هئي. توهان اؤڌ وارا ’هم‘ (اسان) چوندا آهيو نه- مان ڏاڍي احتياط سان ’هم‘ (اسان) چوندي هيس ۽ ’هماري ڪي هان‘ (اسان وٽ) ۽ ’بهت‘ (گهڻو) جي بجاءِ ’بُهت‘ – جميل جي لهجي ۾ اڙدو ڳالهائڻ جو نقل ڪندي هيس. ’نمستي‘ چوڻ ڇڏي، باقاعدي ’آداب عرض‘ چوندي هيس. جنهن لڳاءَ سان پنهنجي پاڻ کي جميل جي ڪلچر ۾ ٺهڪائڻ جي ڪوشش ڪيم، ٻيءَ ڪنهن ڇوڪري پنهنجي پتيءَ لاءِ ايترو ڏاڍو مشڪل ڪيو هوندو. مون فقط انهيءَ ڪري شراب به وڌيڪ پيئڻ شروع ڪيو جيئن شام جو ساڻس گڏ رهي سگهان. پر جڏهن مان ساڻس گڏجي بار ۾ ويندي هيس ته خفا ٿي ويندو هو ته ڇو هر وقت پاڇي جيان مون سان چهٽي پيئي آهين.

”جڏهن اسان تلسي پور وياسين ته محرم جو زمانو اچي ويو هو. جميل جي گهر تي زوردار محرم ٿيندو هو. مان به ڪاري ساڙهي پائي، پنهنجي سس ۽ نڙاڻن سان گڏجي مجلس ۾ شامل ٿيس، جيتوڻيڪ هر مذهب کي بي معنيٰ سمجهان ٿي. جڏهن مون کي اسلام ئي سان دلچسپي ناهي ته شيعي- سُنيءَ جي قصي سان ڪهڙو مطلب هوندم. پر جميل شيعه گهراڻي جو فرد هو، تنهنڪري مون کي ساري دنيا جا شيعا ڏاڍا چڱا لڳندا هئا.“

”ڪنهن ڏاهي تمام ٺيڪ چيو آهي ته عورتون بي حد بوگس (Bogus) ٿينديون آهن.“

”ڳالهه ته ٺيڪ آهي.“ هوءَ وري سوچ ۾ ٻڏي ويئي.

”هاڻي ڇا پيئي سوچين؟“

”ڪجهه به نه. مون کي تلسي پور جو محرم ياد اچي ويو هو. ڪيئن نه سپني وانگر وقت گذاريو هوم ۽ اُتي مون ٻي هڪ عجيب ڳالهه ڏٺي ته اُتي جي مجلسن ۾ گهڻو ڪري پنجابي ۽ سنڌي شرنارٿي عورتون به شريڪ ٿينديون هيون. ادي فرخنده ٻڌايو هو ته گهڻو ڪري يو- پي اسٽيٽ ۾ اهوئي ٿي رهيو آهي. اڄ ڪلهه ڏسو ڪلچر پيٽرن ڪهڙي طرح بدلجن ٿا! تلسي پور ۾ اُنهن جا گهر خالي پيا آهن، جيڪي پاڪستان هليا ويا پر ڪو شرنارٿي انهن ۾ نٿو رهي جو اها سيدن جي گهرن جي بي ادبي ٿيندي. هيڏانهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ سيدن جي بي حد عزت ڪئي ويندي هئي نه.“

”يا الله!“

”جي!“

”علم جو سمنڊ آهي جو ڇوليون پيو هڻي!“

”توهان ڳالهائڻ ته ڏيو نه ٿا.“

”مان ته فقط اهو پيو سوچيان ته جميل غريب به دل ۾ ڇا چوندو هوندو ته ڇوڪريءَ سان نه پر پوري لئبرريءَ سان شادي ڪئي اٿم.“

”ويري فني (Very Funny). ها ها!“

”چڱو تقرير جاري رک.“

”ته شام جو مان قمر وٽ پهتيس. سندس ڪمري ۾ سڀيئي بوهيميئن (Bohemians) جمع هئا. عرفان، انهيءَ ڇوڪري جينيفر ڪرين کي ڏسي منهنجا ته ماشائي گم ٿي ويا ۽ جڏهن قمر سڀني اڳيان کيس پنهنجي مَڱ چئي سندس تعارف ڪرايو ته اسان ڏسندا رهجي وياسين. پر اسا سڀ انٽلڪچوئل هئاسين ۽ انٽلڪچوئل دنيا ۾ انوکيون ۽ نراليون ڳالهيون ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن. جينيفر ڪرين حد کان وڌيڪ ٿلهي ۽ بي ڊولي هئي ۽ قمر ڪافي هينڊسم (Handsome) ڇوڪرو هو.“

”ها، مون انڊين هاءِ ڪميشن ۾ سندس هڪ فلم ڏٺي هئي.“

”آهي نه هينڊسم؟ ۽ جينيفر ڪرين خوفناڪ حد تائين ٿلهي هئي، پر سندس شڪل ڏاڍي پياري هئي، انهيءَ ڪري پاڻ وڌيڪ بي تُڪي ٿي لڳي. ائين ٿي لڳي ڄڻ ڪنهن وڏي گليشير (Glacier) جي پويان ڪا جل پري مٿو ڪڍي جهاتي پائي رهي هجي. هوءَ قمر کي بوسٽن جي ڪنهن ٿيئٽر ورڪشاپ ۾ ملي هئي، جتان سندس پويان نيويارڪ آئي هئي. ايڪٽنگ جي وڏي قابل استاد سمجهي ويندي هئي. قمر سان ملڻ کان اڳ، هوءَ هڪ گجراتي ڇوڪري تي عاشق هئي. جڏهن هو کيس دل شڪتو ڇڏي بمبئي هليو ويو ته هوءَ بيئر پي پي روئندي ويندي هئي ۽ تجريدي نظم لکندي هئي. سندس نظم ’نيو ورلڊ رائيٽنگ‘ ۽ ’هڊسن رويو‘ ۾ ڇپبا هئا. انهيءَ ڳالهه جو اسان سڀني تي رعب هو ڇو جو اسان ڪافي ننڍي عمر جا هئاسين ۽ سڀني انٽرنيشنل سيليبريٽي ٿيڻ ٿي چاهيو پر اها خبر نه هئي ته ڪهڙي طرح ٿيون.“

”هاڻي قمر جا وارا نيارا ٿي ويا.“

”جي ها. پر ڪنهن جي قسمت قمر جهڙي نه هوندي. هو ۽ جينيفر اهڙو عجيب الخلقت جوڙو ٿي لڳو جو اسان سڀ بي اختيار کلڻ لڳاسين ۽ ڏاڍيون خوشيون ملهايوسين. شراب جا دؤر هليا. جينيفر، جيئن ته پاڻ بوهيميئن هئي، تنهنڪري پنهنجي ٿولهه جو پاڻ مذاق اڏايائين ٿي. سڀني کي سامهون ويهاري پنهنجي نفسياتي مونجهارن جو تجزيو ڪندي، قمر کي زور ڀري رهي هئي ته هو سندس سامهون ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ تي عاشق ٿئي، جيئن هو حسد ۽ ٽريجڊيءَ جي جذبات جو تجربو ڪري بهترين نظم لکي سگهي.

”هڪ ڀيري هن مون کي چيو ته هوءَ هندستان جي روح ۾ جهاتي پائي ڏسڻ ٿي چاهي، انهيءَ ڪري قمر سان شادي ڪري رهي آهي.“

”خوب!“

”قمر ساڻس شادي ته نه ڪئي پر هوءَ قمر جي اپارٽمنٽ ۾ منتقل ٿي ويئي. اسان انهيءَ ڳالهه جو نوٽيس اصل نه ورتو ڇو ته توهان کي خبر آهي ته اولڊ مارلٽي (Old morality) جا...“

”ها ها، خبر اٿم. ڳالهه ٿوري ۾ پوري ڪر.“

”سالن کن کانپوءِ، قمر ڪلڪتي واپس هليو ويو. جينيفر ڪرين روز رات جو مون وٽ ايندي هئي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيئر پيئندي هئي ۽ اڳي کان وڌيڪ تجريدي شاعري ڪندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هوءَ به انڊيا هلي ويئي ۽ اُتي وڃي هن سچ پچ قمر سان شادي ڪري ورتي. پر انهيءَ کان پوءِ... توهان بور ته نٿا ٿيو؟“

”مان بي وقوفيءَ جي سوالن جا جواب نه ڏيندو آهيان ... ٻڌائيندي وڃ.“

”پر اها ته تمام ڊگهي ڪهاڻي آهي.“



ملتان شهر ۾ گهڙندي ئي نادر زور سان نعرو هنيو:

”اور ديوان شرر ملتاني – مونڇ سفيد اور منه پر جواني.

اور ديوان ...“

نادر ڀرسان اچي زور سان هارن وڄايو. هاڻي سڀئي ملتان اچي پهتا هئا.

”ڪيتري قدر بي تڪو آهين والله!“ عرفان دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي داد ڏنو: ”اڳتي ارشاد.“

”اڳتي ياد نه اٿم.“ نادر کلندي جواب ڏنو.

سڀئي سرڪٽ هائوس پهتا. ڪار مان لهندي نادر ڳالهه جاري رکندي چيو: ”ڪمال آهي! هن وقت مان سوچي رهيو آهيان ته ننڍپڻ جون ڪي ڳالهيون ذهن تي ڪيڏو نه نقش ٿي وڃن ٿيون. ڀاءُ عرفان، توهان انهيءَ تي روشني ته وجهو. توهان وڏا نفسيات جا ماهر آهيو.“

”واقعي؟“ سيتا خوشي دليءَ سان منهن ٺاهي چيو، ”تڏهن ته سموري رستي تي مون کان منهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ئي پڇندو رهيو. مون ننڍپڻ ۾ ’نيرنگ خيال‘ ۾ هڪ نظم پڙهيو هو جيڪو ديوڪارانيءَ جي انگريزي فلم ’ڪرما‘ جي باري ۾ هو. بيحد پُرلطف. اڪبر جي دهلي دربار قسم جهڙو. انهيءَ جو بس هڪ شعر ياد اٿم. ٻيو به ڪجهه هو. بلقيس ياد آهي؟“ نادر پڇيو.

”جميل کي پورو نظم زباني ياد هو. کيس هزارين شعر زباني ياد رهندا آهن.“ پوءِ هوءَ سيتا ڏانهن ڏسي اوچتو چُپ ٿي ويئي.

نادر ڇرڪي موقعي کي سنڀالڻ گهريو. ”اور ديوان شررملتاني...“ هن بيوقوفن وانگر آلاپڻ شروع ڪيو. هاڻي سڀئي ورانڊي ۾ گهڙي هئا.

”ڪجهه ٻيا چنڊُوخانن جا شعر ٻڌايان ڀاڄائي؟“ نادر گهٻرائجي سرگرميءَ سان پڇيو.

”ضرور ٻڌايو.“ سيتا ماءُ واري مامتا سان ڏانهس ڏٺو. ويچارو منهنجو ڏير!

”بلقيس نيشنل اينٿم (National anthem) شروع ڪريو.“ نادر رڙ ڪئي:

”ڪها مجنون سي يه ليليٰ ڪي مان ني“

بلقيس وارن مان مٽي ڇنڊيندي ساڳئي ڌيان سان پڇيو ۽ پوءِ هن ٺاهي ڳائڻ شروع ڪيو:

”ڪها مجنون سي يه ليليٰ ڪي مان ني“

”ڪيا ڪها؟“ نادر قوالن جي انداز ۾ پڇيو.

”ڪه بيٽا گرتُو کرلي ايم – اي پاس.“ بلقيس تانَ هنئي.

آرام ڪرسيءَ تي ويهندي عرفان سيتا کي چيو، ”هاڻي ملتان جي هسٽري شروع ڪر.“

”شٽ اپ.“

”اجي ڪها مجنون ني ... اهو چڱو ٻڌايئه.“ بلقيس جوش و خروش سان ڳائي رهي هئي؛

”يهي ٺهري جو شرط وصلِ ليليٰ ... تو استعيفا ... اجي استعيفا.“

اٽيچي ڪيس ميز تي اڇليندي، نادر ڪنڌ ڌوڻيندي نيشنل اينٿم جي ٽيپ جو بند کنيو؛

”الله اگر توفيق نه دي، انسان ڪي بس ڪا ڪام نهين.

اهي وا. فيفانِ محبت عام سهي، عرفانِ محبت عام نهين...

عرفان محبت ...“

عرفان، عرفان، عرفان.

ٻئي ڏينهن ڏاڍي تکي اُس هئي ۽ مٽيءَ جو طوفان هو. شمس تبريز رحه جي مقبري جي ورانڊن ۾ خوفناڪ سرخ اکين وارو قلندر ۽ غليظ برقعن ۾ ملبوس عورتن ۽ چرس جا دم هڻندڙ لوفرن ۽ طوائفن جو هجوم هو. هر شخص خوفناڪ هو. ڏڪائيندڙ شڪلين وارا، ڪنن ۾ وڏا وڏا والا پاتل فقير ۽ شاهه دُولا جا ڪوئا ۽ قسمين قسمين فقيرياڻيون.

”اهوئي اوهان جي صوفي ازم جو ڪلچر آهي.“ عرفان طنزيه آواز ۾ سيتا کي چيو. پر هوءَ مقبري جي ٻاهر هڪ ڀت جي پاڇي ۾ مسحور بيهي قلندرن کي ڏسندي رهي.

ملتان کان روانا ٿي، جڏهن اهي ٻيهر رستي تي آيا ته عرفان چيو،

شهرزاد، پنهنجو داستان شروع ڪر.“

”اڃا ڪيستائين ٻڌايان، پڇاڙيءَ جي ته توهان کي خبر آهي.“

”نه، مون کي پڇاڙيءَ جي خبر ناهي، معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان.“

”جيئن توهان پنهنجو حڪم هلائي سگهو؟“

”نه، مان پنهنجو فيصلو ڪري سگهان.“

”اوهه! توهان غير اشتراڪي ڪيتري قدر رومينٽڪ ٿيندا آهيو! ها ته مون ڪيستائين ڳالهه ڪئي هئي؟“

”جينيفر ڪلڪتي وڃي قمر سان شادي ڪئي.“

”ها، ته اڃا سندن شاديءَ کي ڇهه مهينا ئي گذريا هوندا ته هڪ ڏينهن بورچي خاني ۾ راهُل جي لاءِ کير تيار ڪري رهي هيس ته دروازي جو بيل وڳو. مون در کوليو. سامهون قمر بيٺو هو. مون کانئس پڇيو: ’تون ڪيئن آيو آهين؟ تو ته ڪلڪتي ۽ نيويارڪ کي گهر جو اڱڻ سمجهي رکيو آهي.‘ تڏهن هن هڪ نهايت ڊرامائي ڳالهه ڪئي. هو گنڀير بنگالي رومينٽڪ آواز ۾ چوڻ لڳو: ’سيتا، مان تنهنجي ڪري واپس آيو آهيان!!“

”اول ته مان سمجهيس ته هو پنهنجي ڪنهن ڊرامي جو ڊائلاگ ڳالهائي رهيو آهي. مون کيس مذاق ۾ ٽارڻ چاهيو پر هو بلڪل سنجيدو هو.

”بس، انهيءَ کان پوءِ،“ هوءَ آهستي آهستي چوڻ لڳي، ”نه ڄاڻان مان هڪ ٻئي وهڪري ۾ وهڻ لڳيس. جميل مون سان ڪئين ڀيرا ٽي ٽي ڏينهن نه ڳالهائيندو هو. صبح جو ماٺ ميٺ ۾ تيار ٿيندو هو. راهُل کي پيار ڪندو هو. هو پنهنجي راهل تي عاشق هو. ۽ آڌي رات کان پوءِ گهر موٽندو هو. شروع شروع ۾ مون کي خيال آيو ته مان جميل جي بي پرواهيءَ جو بدلو وٺان پر اصل ۾ ڳاله اها هئي ... ته...“

”ته؟“

”ته مان واقعي قمر ڏانهن ڇڪبي ويس... جيئن نانگ ڏانهن سندس شڪار ڇڪبو ويندو آهي. هڪ ڏينهن مون کي ٻڌائڻ کان سواءِ قمر، جميل وٽ بار ۾ ويو ۽ کيس چيائين: ’جميل، مون کي تنهنجي بِيبيءَ سان عشق ٿي ويو آهي.“

”گُڊ گاڊ! نو؟ (Good God! No?)“ عرفان چيو.

”جميل به پهرين ائين سمجهيو ته قمر پنهنجي ڊرامي جو ڊائلاگ پيو ڳالهائي. پر جڏهن سموري ڳالهه کيس سمجهه ۾ آئي ته هُن ...“

”ظاهر آهي،“ عرفان سندس ڳالهه وچ ۾ ڪٽي، ”هن اول ته قمر جي مرمت ڪئي هوندي ۽ پوءِ گهر اچي تنهنجي خبر ورتي هوندائين... چڱيءَ طرح.“

”توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟“ سيتا حيرت مان پڇيو.

”منهنجو مطلب آهي ته جيڪڏهن مان جميل جي جاءِ تي هجان ها ته ائين ئي ڪريان ها.“

”هن بلڪل ائين ئي ڪيو.هن قمر کي ڏاڍا ٺونشا هنيا ۽ گهر اچي مون کي ڏاڍو ماريائين. مان ڪڏهن سوچي به نٿي سگهيس ته جميل جهڙي مڌُر ۽ نرم مزاج ماڻهوءَ تي به ايترو جُنون سوار ٿي سگهي ٿو. هن مون کي ڏاڍو ماريو.“

”شاباس منهنجا شينهن!“ عرفان چيو، ”۽ انهيءَ وقت جميل ائين به چيو هوندو ته هينئر جو هينئر منهنجي گهر مان نڪري وڃ. ۽ رات جو وقت هوندو ۽ ٻاهر برسات پئجي رهي هوندي.“

سيتا هڪي ٻڪي ٿي کيس ڏسڻ لڳي. ”جي ها، بلڪل ائين ئي ٿيو هو.“ هن آهستي جواب ڏنو.

”ڏس سيتا،“ عرفان چوڻ لڳو، ”تون جو چئين ٿي ته هر ڳالهه مختلف ۽ اوريجنل، نرالي ۽ گهري هئڻ گهرجي... ته سيتا! هيءَ زندگي هزارين لکين ڀيرا ورجايل داستان آهي. ائين هميشه ٿيو آهي ۽ هميشه ٿيندو رهندو. ماڻهو اهڙي طرح محبت ۾ گرفتار ٿيندا، هڪ ٻئي کان مايوس ٿيندا، اهڙي طرح دليون ڀڄنديون، ۽ اهڙي طرح دک سهبا. تون يا جميل يا قمر، نراليون عجيب هستيون ته ناهيو، تون مون کي سطحي ۽ غير جذباتي سمجهين ٿي پر، مان ڄاڻان ٿو ته ڪهڙي طرح تون جميل جي گهر مان (جيڪو تنهنجو گهر هو) نڪتي هوندينءَ. ڪهڙي طرح هن راهُل توکي ڏيڻ کان انڪار ڪيو هوندو. ڪهڙي طرح تون مدد لاءِ قمر ڏانهن ويئي هوندينءَ ۽ شايد هن به توکي سهارو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجي. اهڙيون ڳالهيون توهان سان نه هئڻ گهربون هيون، ڇو ته تون، جميل ۽ قمر تمام غير معمولي دل ۽ دماغ وارا ماڻهو هئا، پر زندگيءَ جي چڪيءَ ۾ سڀ گڏ پيسبا آهن. انهيءَ ۾ انٽلڪچوئل ۽ غير انٽلڪچوئل ۾ ڪو فرق ناهي.“



هويءَ دريءَ تي مٿو ٽڪائي سامهون رستي ڏانهن ڏسندي رهي. هاڻي پنجاب جون سرسبز ٻنيون شروع ٿي چُڪيون هيون. ڳاڙهيون ۽ ڪاريون گوڏيون پاتل هارياڻيون پيچرن مان پئي گذريون. منٽگمري ضلعي کان اڳتي سج لهڻ جي روشني ۾، آسمان بلڪل ٻرندڙ اَڱرن وانگيان ٿي لڳو. رستي تي مڪمل سناٽو هو. نار جي چوڌاري ڍڳا ڦريا پئي. هڪ هاري وڏو پٽڪو ٻڌي، سفيد چادر پائي، ڍڳن جو جوڙو هڪليندو گهر پئي موٽيو. گهڻي دير تائين گهنڊين جو سريلو آواز شام جي گلرنگ سناٽي ۾ ترندو ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سيتا هٿ وڌائي ريڊيو کولي ڇڏيو. ريڊيو سيلون تان لتا جو گيت شروع ٿيو، جنهن ۾ گٽار جو چڀندڙ آواز پئي وڳو.

”انهيءَ کي بند ڪر.“ عرفان بيزاريءَ مان چيو.

سيتا هڪدم تعميل ڪئي ۽ سوئچ آف ڪرڻ کان پوءِ وري مٿو دريءَ تي رکي ڇڏيائين.

”روءُ نه.“ عرفان نرڙ ۾ گهُنج وجهي چيو.

هن سڏڪو ڀريو ۽ آڱر سان اک جي ڪنڊ اُگهيائين.

”مان تنهنجي لاءِ جيڪو ٿي سگهيو، اُهو ڪندس، پر اهو ته ٻڌاءِ ته مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟“

”عرفان، مون کي منهنجو راهُو کپي. جيڪڏهن توکي مون سان ٿوري به همدردي آهي ته جميل کان منهنجو پٽ مون کي واپس وٺي ڏي.“

”راهُل، جميل سان هريل آهي.“

”هو کيس چرين وانگر چاهي ٿو. امريڪا مان ايندڙ دوستن مون کي ٻڌايو آهي ته آفيس مان سڌو گهر اچي کيس ئي کارائيندو رهندو آهي. هڪ ٻڍي شيدياڻي سندس سارسنڀال لاءِ رکي اٿس. شام جو گهر ۾ اڪيلو ويهي ڊرنڪ ڪندو رهندو آهي، پر اها ڳاله سندس ٻيءَ شاديءَ کان اڳ جي آهي. هاڻي ته هن راهُل کي بورڊنگ هائوس ۾ رهايو آهي. ڪيئن به ڪري مون کي منهنجو پٽ واپس وٺي ڏي عرفان.“

”تو سندس گهر وارن کي ڇا چيو؟“

”مان کين ڇا ٿي چئي سگهان؟“

”قانوني مشورو ڪيو؟“

”مان ڪجهه نٿي ڪري سگهان. مون ادي فرخنده سان ڳالهه ڪڍي هئي. هوءَ ويچاري هر طرح مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هُن جميل کي گهڻئي خط لکيا آهن پر اهو هڪ مُنجهيل مسئلو آهي ڇو ته جميل سندس ڀاءُ آهي. هن مون کي طلاق ڏيڻ کان سواءِ ٻي شادي ڪئي آهي. هاڻي ٿورا ڏينهن ٿيا آهن.“

”اڙي! تو سول ميريج (Civil marriage) نه ڪئي هئي؟“

”نه. مسلمان ڪري منهنجو نڪاح پڙهايو ويو هو ڇو ته جميل جي پيءُ کيس چيو هو ته جيڪڏهن آمريڪا وڃي ڪنهن غير مسلم سان سول ميريج ڪندو ته هو کيس وراثت کان محروم ڪري ڇڏيندو ڇو ته هو شيعو مجتهد آهي. جميل مون کي اها ڳالهه ٻڌائي ... مان سندس عشق ۾ ايڏي شدت سان مبتلا هيس جو مون کيس جواب ڏنو ته ڪو حرج ناهي، سندس شرط پورو ڪر. ٻڍي ماءُ پيءُ جي دل ڏکائڻ جي ضرورت ناهي ۽ فرق به ڪهڙو ٿو پوي. مسلم ۽ غير مسلم – مان ته انهن ڳالهين کي بنياد کان مڃان ئي ڪين. نڪاح نامي تي منهنجو اسلامي نالو شايد سعيده بيگم لکيو ويو هو. مون بي حد اسرار ڪري بلڪل شرعي حق رکايو جيڪو فقط چند ڊالر ٿيو ٿي. جيئن ته جميل مون کي طلاق ڏني ناهي، انهيءَ ڪري اُنهيءَ اسپيني ڇوڪريءَ کي به مسلمان ڪري شادي ڪئي هوندائين.

”هو مون کي طلاق نه ڏيئي، چڱي طرح سزا ڏيڻ ٿو چاهي. قصور سراسر منهنجو هو. مون کيس دوکو ڏنو هو. مان ڪيترن مهينن تائين، ٻن پهرن جو يا رات جو، جڏهن موقعو ملندو هو، قمر جي گهر هلي ويندي هيس. سندس دوستن کي به خبر پئجي ويئي هئي، ته مان سندس مسٽريس (Mistress) بنجي چڪي آهيان.

”پر جنهن وقت جميل مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو ته مان ڪيترائي ڪلاڪ ٻاهر برسات ۾ سائيڊ واڪ تي بيٺي رهيس. جيڪڏهن انهيءَ وقت هو هڪ ڀيرو به دروازو کولي، فقط ايترو چوي ها: ’سيتا، برسات ۾ پُسين پيئي، اندر اچ‘ ته مان سموري ڄمار کيس دوکو نه ڏيان ها. پر دروازو ساڳي طرح بند رهيو. اندران راهُل جي روئڻ جو آواز اچي رهيو هو. هو بيڊ روم ۾ بتي ٻاري، کيس سمهارڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. سندس پاڇو مون ڪمري جي دريءَ تي پوندي ڏٺو. هو راهُل جي پلنگڙيءَ تي جهُڪي کيس سمهاري رهيو هو. کيس ڪنبل پارائڻ کان پوءِ، هو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي صوفي تي ويهي رهيو، مون دير تائين ساهه روڪي دريءَ اندران ڏٺو ٿي، ته متان هو مون کي اندر سڏي وٺي. پر هو ساڳيءَ طرح بُت بنيو اندر ويٺو رهيو ۽ انهيءَ کان پوءِ بتي وسائي ڇڏيائين.

”توهان پورو اندازو لڳايو هو. مان اُتان ٽئڪسي ڪري قمر جي گهر پهتيس. انهيءَ وقت وٽس محفل متل هئي. هن مون کي تعجب سان ڏٺو. ’ايڏي برسات ۾ ڇو آئي اهين؟ ڪيئن آهين؟‘

”مون کيس سربستي ڳالهه ٻڌائي. هو خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چوڻ لڳو ’مون غلطي ڪئي هئي. مان توسان ڪڏهن نباهي نه سگهندس. مان ڏاڍو غير ذميوار ماڻهو آهيان. واپس هلي وڃ ۽ جميل کي چئينس ته توکي معاف ڪري ڇڏي. هو تمام نوبل ماڻهو آهي. ضرور معاف ڪندو. مان به کانئس معافي وٺندس ... اسان ٻئي جذبات جي سيلاب ۾ وهي ويا هئاسين، سيتا راڻي! زندگي جو اصلي سڪون توکي هڪ سالڊ (Solid) ماڻهوءَ جي گهر مان ئي ملي سگهي ٿو.‘ هو نه ڄاڻان ڪهڙا ڪهڙا ڊائلاگ چوندو رهيو. مان ٻاهر نڪري آيس.

”ڪجهه ڏينهن مون پنهنجي دوست گريس جي اپارٽمنٽ ۾ گذاري ۽ پوءِ ماميءَ کان ڀاڙي جا پئسا وٺي دهلي آيس. هاڻي سال کن کان دهليءَ ۾ آهيان.“

”تو راهُل لاءِ جميل کي لکيو؟ خُلع جي ڪوشش نٿي ڪري سگهين؟“

”عرفان اِهي ايڏيون ڊيڄاريندڙ ڳالهيون آهن، جو مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جنهن ماڻهوءَ کي مون پنهنجي زندگي، پنهنجي دل، دماغ، روح ۽ سڀڪجهه سونپي ڇڏيو هو، کانئس هڪ ڏينهن علحدگي حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني جهيڙو ڪرڻو پوندو. مون جهيڙو وڌائڻ نٿي چاهيو ڇو ته ڊيڊيءَ کي سموري ڳالهه جو تفصيل معلوم ٿئي ها ته صدمي جي ڪري هارٽ فيل ٿي وڃي ها. هڪ بئريسٽر دوست جي ذريعي البت جميل کي خط لکرايو هوم ته هن جواب ڏنو ته انهيءَ عورت جي اخلاقي حالت اهڙي ناهي جو هڪ معصوم ٻار جي پرورش ڪري سگهي. عرفان، سندس پائنٽ شايد ٺيڪ به هئي. گهٽ ۾ گهٽ دنيا جي نظرن ۾.“

”واٽ اَ ربش! (What a Rubbish!)“



لاهور اسٽيشن تي انڊيا ويندڙ ٽرين ۾ سوار ٿيڻ کان اڳ، پليٽ فارم جي سيخن جي اوريان ويٺل ڪانسٽيبل ڪاغذن جي خانه پوريءَ لاءِ سوال پڇڻ شروع ڪيا. هڪ خاني تي اچي هن پڇيو: ”مذهب؟“

سڀ گڙ ٻڙ آهي. بلقيس فارم مڪمل ڪرائي ٽرين جي ڀرسان بيهي اڳي وانگر مٽن مائٽن سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ مشغول هئي. نادر ۽ عرفان، سيتا سان گڏ پوليس جي ميز وٽ موجود هئا. ڪانسٽيبل پاسپورٽ کولي ٻيهر ڏٺو ۽ ويزا تي نظر وڌائين:

نالو: مسز سيتا جميل.

”سفر جو مقصد؛ عزيزن سان ملڻ لاءِ پاڪستان آئي هئي.

مڙس جي قوميت: جمهوريه هند جو شهري.

هن وري هڪ ڀيرو سيتا تي نظر وڌي. عجيب نالو هو. پيشانيءَ تي تلڪ لڳايو اٿس. پاڪستان کان هندستان وڃي رهي آهي. چڱو پُراسرار معمو آهي.

”مذهب؟“ هن ٻيهر سوال ڪيو.

”اهو سوچڻو پوندو. چڱو فري ٿنڪر (Free thinker) لکو.“ عرفان کلندي چيو.

ڪانسٽيبل لکيو.

”ها ها ها.“ نادر ٽهڪ ڏنو. ”ڀاڄائي فري ٿنڪر! سڀ سؤڻ وڏي ماسيءَ کان پڇي تلسي پور ۾ ڪندي هئي، جڏهن جميل ڀاءُ بيمار ٿيو هو. ها ها.“

”ها ها ها.“ عرفان کوکلي کِل کليو.

”ها ها ها.“ سيتا به سندس ساٿ ڏنو.

8

ٽرين لاهور کان دهلي پهتي. بلقيس انهيءَ ڏينهن پالم وڃي بمبئي رواني ٿي ويئي. سيتا قرول باغ واپس پهتي، ٻئي ڏينهن هيما سان ملي ۽ ٽئين ڏينهن کان آفيس وڃڻ لڳي. سندس مصروف ۽ خالي زندگيءَ جي معمول جو سلسلو اُتان کان شروع ٿي ويو، جتان ڇڏي هوءَ ٽن هفتن لاءِ پاڪستان ويئي هئي.

بلقيس جي بمبئي موٽڻ کان پوءِ ’مدرا راڪشس‘ شروع ٿيڻ وارو هو ۽ ’ماڊرن ٿيئٽر‘ جا رڪن انهيءَ جي تيارين ۾ ڏاڍا رڌل هئا.

’فرسٽ نائيٽ‘ جي موقعي تي سيتا ٿيئٽر هال جي ڏاڪڻ تي بيهي ڪجهه دوستن سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. هُن محسوس ڪيو ته ٿنڀي جي پويان ڪو ماڻهو کيس ڏاڍي ڌيان سان ڏسي رهيو آهي. سندس شڪل ڪجهه ڄاتل سڃاتل لڳي ٿي پر کيس سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪير آهي. هوءَ اطمينان سان ڳالهين ۾ محو رهي. جڏهن سڀئي اندر وڃڻ لڳا تڏهن به، انهيءَ ماڻهوءَ هڪ ٻه ڀيرا مڙي کيس اُڇاتري نظر سان ڏٺو. ناٽڪ ختم ٿيڻ تي جڏهن هوءَ بلقيس کي مبارڪباد ڏيڻ جي ارادي سان للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويئي ته ان وقت اُهو ماڻهو اُتي اڳ ۾ ئي موجود هو ۽ کيس چار پنج ڄڻا گهيريو بيٺا هئا. پنهنجي اندازسان هو ڪا وڏي هستي ٿي لڳو. للتا، سيتا جو ساڻس تعارف ڪرايو: ”پروجيش ڪمار چوڌري!“

پروجيش ڪمار چوڌري ملڪ جو عظيم ترين مصور، عالمگير شهرت جو ايڪسپريشنسٽ آرٽسٽ (Expressionist artist)، جنهن جون تصويرون هُن نمائشن، رسالن ڪتابن ۾ ڏٺيون هيون، جنهن جي باري ۾ آمريڪا جي آرٽ مخزنن ۾ مضمون پڙهيا هئائين. پروجيش ڪمار چوڌري انهيءَ وقت جيئرو جاڳندو سندس سامهون موجود هو!!

”هيلو سيتا ديوي.“ هو چئي رهيو هو. ”قمر توهان جو گهڻو ذڪر ڪندو هو. ڏاڍي خوشي ٿي جو هن وقت توهان سان ملاقات ٿي آهي. اچو، هيڏانهن ويهون.“

اُهي لباسن جي انبار ڀرسان اسٽولن تي ويهي رهيا. پروجيش بيحد اخلاق سان گفتگو ڪندو رهيو. ’هوءَ هندستان جي سڀ کان وڏي مصور سان ڳالهائي رهي آهي‘، اهو سوچي کيس ڏاڍو تعجب محسوس ٿي رهيو هو.

پروجيش پڪي عمر جو هو. سندس شخصيت ڏاڍي دلڪش هئي ۽ عورتن کي موهڻ جو به فن کيس خوب ٿي آيو.

”ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان. ڪولمبيا ۾ ته اسان توهان جي تصويرن جي، نمائش به ڪئي هئي، ’انڊيا ايوننگ‘ جي سلسلي ۾ هڪ ڀيري.“ سيتا چيو.

”هون“ هو ڏاڍي شفقت ۽ پنهنجائپ سان مشڪيو.

’ننڍپڻ کان توهان جو نالو ٻڌندي پئي اچان‘- اها ڪهڙي نه رسمي ۽ احمقانه ڳالهه چئي ڇڏيم. پر اها حقيقت هئي ته اُن وقت هوءَ هڪ ڀيرو بي حد نروس (Nervous) ٿي ويئي هئي. مشهور شخصيتن کان موعرب ٿيڻ سندس وڏي ڪمزوري هئي ۽ کيس انهيءَ ڪمزوري جو احساس به هو. پل ئي پل ۾ انهن سڀني مشهور ماڻهن جو جلوس سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳو جن جي هوءَ ننڍپڻ کان هيرو- ورشپ (Hero-worship) ڪندي آئي هئي. ”منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان بلڪل ننڍي آهيان. ٻي کن ۾ هن پاڻ سنڀالي چيو.

”ڇو نه. تون ته منهنجي ڌيُ جي برابر ٿيندينءَ.“

”خير اهو ته غلط آهي!..... ڌيءَ؟“ هن ٿورو ترسي چيو:

”ها. جيڪڏهن منهنجي ڪا ڌيُ هجي ها ته تو کان ڪا چار پنج سال ئي ننڍي هجي ها، عمر ۾“

سيتا کي خبر هئي ته جڏهن کان هُن پنهنجي هنگرين (Hungraian) زال کي طلاق ڏني هئي (جيڪا پاڻ وڏي مشهور سنگتراش هئي)، پروجيش ڪمار چوڌري ٻي شادي به ڪئي هئي. جيئن گورڪي سموري دنيا کي پنهنجي يونيورسٽي سمجهندو هو، تيئن پروجيش سموري دنيا جي خوبصورت عورتن کي پنهنجي حرمسرا جون ڪنيزون تصور ڪرڻ جو قائل هو ۽ ائين سوچڻ ۾ هو صحيح هو، ڇو ته تمام گهٽ عورتون سندس شخصيت جي سحر کان بچي سگهنديون هيون. گذريل ويهن سالن کان سندس بي تڪلف دوستن جي حلقي ۾ سندس مختلف ’پيريڊ‘، مشهور هئا. 1938ع کان وٺي 1941ع تائين، جڏهن هو الله آباد جي ڪشميري آرٽسٽ پريمابخشيءَ تي عاشق هو ته اهو زمانو سندس مصوريءَ جو ’ڪشميري پيريڊ‘ چوڻ ۾ ايندو هو. انهيءَ کان پوءِ هڪ ٻئي پويان چيڪو سلواڪين، گجراتي ۽ راجسٿاني دؤر جاري رهيا. 1946ع کان 1953ع تائين جڏهن نامور هندي ليکڪا ڪماري راج راڻي مصرا کانئس متاثر ٿي، ٽي وڏا ناول لکيا ته اُهو پروجيش ڪمار چوڌريءَ جو ’گنگا جمني دؤر‘ سمجهيو ويو. 1952ع کان هن وقت تائين سندس جدا جدا مرهٽي، فرانسيسي، روسي ۽ پنجابي پيريڊ شروع ٿي ختم ٿي چڪا هئا. انهيءَ وچ ۾ سندس هنگرين زال آئي به ۽ هلي به ويئي. هيڏانهن ڪجهه عرصي کان سندس جذباتي زندگيءَ جو ڪو پيريڊ منظرِ عام تي نه آيو هو.

هو للتا جي ڊريسنگ روم ۾ ويهي دير تائين سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندو رهيو. سڌيون ساديون، گهٽ گهريون غير مابعد الطبعياتي ڳالهيون!

’اڙي، هي هيڏو وڏو ماڻهو ايترو نارمل ۽ سڌو سادو نڪتو! سندس طبعيت ۾ ڪيتري نه مروت هئي! ڪيتري نه ملائميت!‘ سيتا حيرت مان سوچيو ۽ جڏهن پروجيش چيو ته ڇنڇر جي رات جو مون سان گڏجي ماني کائو ته هن هڪدم قبول ڪيو. ”قمر ۽ ماڌوري به ايندا.“ پروجيش اضافو ڪيو.

”اوهه، هائو ونڊر فل! (How Wonderful!) مان قمر سان ڪافي زماني کان نه ملي آهيان.“ سيتا گرمجوشيءَ سان جواب ڏنو.

ڇنڇر جي شام جو جڏهن هو پروجيش ڪمار چوڌريءَ سان گڏ ريسٽورنٽ ۾ گهڙي پئي ته ٻنهي کي گڏ ڏسي ورانڊي ۾ بيٺل ڪنهن ڇوڪري آهستي پنهنجي ساٿي کي چيو: ”شو گرل! (Show girl!)“

سيتا جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. ’شڪر آهي جو پروجيش اهو واهيات رمارڪ نه ٻڌو‘، هن سوچيو.

اُهي ٻئي اندر وڃي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا. هال ٽهڪن سان جڳمڳائجي رهيو هو. آرڪيسٽرا تي ڪا تازه ترين ڌن وڄي رهي هئي. ماڻهو ٻاهران اچي ميزن سامهون ويٺا ٿي يا ٻاهر وڃي رهيا هئا. پروجيش پنهنجي ڪنهن واقفڪار سان ڳالهائڻ لاءِ اُٿي ٻيءَ ميز ڏانهن هليو ويو. سيتا پنهنجي جاءِ تي ويهي ريسٽورنٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏسندي رهي. عجيب عجيب ماڻهو. هندستان جي نئين اسٽيج جا اداڪار. اڙدوءَ جا شاعر ۽ ليکڪ، نوان دولتمند سنڌي ۽ پنجابي، جيڪي ڏهه سال اڳ هن ئي شهر ۾ پاڪستان کان شرنارٿي بنجي آيا هئا. ٻاهر ڪناٽ سرڪس جي رستن تي موٽرن جو وهڪرو وهي رهيو هو. مرڪزي حڪومت جا اعليٰ عهديدار. فلم سيمينار لاءِ آيل بمبئي ۽ ڪلڪتي جا مشهور ايڪٽر ۽ ايڪٽرياڻيون ۽ ڊائريڪٽر. ڪانگريس ۽ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽين جا اڳواڻ. انهيءَ نئين سوسائٽي جي باري ۾ ريسرچ ڪري هن پي ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتي هئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ پروجيش ميز تي واپس آيو ۽ نرم نرم آواز ۾ ساڻس ڳالهيون ڪندو رهيو. انهن نڀاڳن بنگالين جي آواز ۾ ڪيڏو جادو هوندو آهي!

ٿوري ۾ قمر ۽ ماڌوري اچي ويا. ماڌوريءَ جي سينڌ ۾ سيندُور لڳل هو.

”مسز چوڌري!“ پروجيش سيتا سان تعارف ڪرايو.

”مبارڪ هجي قمر!“ سيتا مشڪندي چيو.

”ٿينڪس سيتا! اسان ايڏو جلديءَ ۾ شادي ڪئي آهي جو ڪنهن دوست کي اطلاع به نه ڏيئي سگهياسين ۽ تون پاڪستان هلي ويئي هئينءَ.“

قمر ڏاڍي محبت ۽ خلوص سان سيتا سان ڳالهيون شروع ڪيون، ڄڻ ڪي ٻه پراڻا دوست پاڻ ۾ مليا هجن.

انهيءَ وقت پروجيش هڪ روسي دوست کي پنهنجي ميز تي سڏي ورتو، جيڪا اڙدوءَ ۾ ريسرچ ڪرڻ لاءِ ماسڪو کان علي ڳڙهه آيل هئي. ڪجهه دير کان پوءِ، ٻه ٻيا روسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي ويا. اُهي ٻئي ڀلائيءَ۾ انجنيئر هئا. اهي ’هندي وارا‘ هئا ۽ ’اڙدو واري‘ روسي ڇوڪريءَ سان اُڙدو- هنديءَ جي بحث ۾ لڳا پيا هئا ۽ نهايت ئي مشڪل اڙدو ۽ نهايت ئي شڌُ هندي ڳالهائي رهيا هئا.

پروجيش ٽهڪ ڏيئي کليو. ”اڙدو- هنديءَ جو ته اهڙو جهيڙو آهي جو توهان کي به کڻي ڪريو.“ هن چيو.

جيئن جيئن رات گهري ٿيندي ويئي تيئن تيئن پروجيش جي مهمانن ۾ واڌارو ايندو ويو. ڊنر جي ختم ٿيڻ تي جڏهن سيتا ٻاهر وڃڻ لڳي ته قمر ۽ ماڌوري کيس گرمجوشيءَ سان ايندڙ آچر تي پنهنجي گهر اچڻ جي ڪوٺ ڏني.

قمر ۽ ماڌوريءَ جي شادي کي اڃا هڪ مهينو به نه ٿيو هو. اُهي سُندر نگر جي هڪ فليٽ ۾ رهيا ٿي. ماڌوري سرڪاري آفيسرياڻي هئي ۽ پنهنجي ڪار هلائيندي هئي، انهيءَ ڪري قمر کي پنهنجي مالي ڪاميابيءَ جي باوجود ڪار خريد ڪرڻ جي ضرورت نه پيئي هئي. انهن ڏينهن ۾ اُهي ٻئي پنهنجو گهر انتهائي آرٽسٽڪ انداز ۾ سجائڻ ۾ رُڌل هئا ۽ گهڻو ڪري شام جو ٻاهر وڃڻ جي بدران پنهنجن ويجهن دوستن کي پاڻ وٽ مدعو ڪري وٺندا هئا، جتي سڀ گڏجي کاڌو ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪندا هئا.

آخر جي شام جو وعدي مطابق هوءَ پروجيش سان گڏجي قمر جي گهر پهتي. قمر ڪال بيل جو آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي ڊوڙندو هيٺ آدر ڀاءُ لاءِ آيو. مٿي پهچي هن مهمانن کي سٽنگ روم ۾ ويهاري، انهن جي خاطر داري ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.

پروجيش، جيڪا وڏي پينٽنگ قمر کي شاديءَ جي تحفي ۾ ڏني هئي، انهيءَ هيٺان صوفي تي ويهي سيتا ڏٺو ته ڪاميابي قمر کي ڪنهن حد تائين مختلف شخصيت بنائي ڇڏيو هو. هن جي انداز ۾ خود اعتمادي اچي ويئي هئي. شايد هو هاڻي ايترو لٻاڙي به نه رهيو هو. مهمانن سان ڳالهيون ڪندي ڪندي هن ڪڏهن ڪڏهن نظرون کڻي ڏاڍي پيار سان ماڌوريءَ کي ڏسي ورتو ٿي. ماڌوريءَ مٿس ڏاڍو چڱو اثر ڇڏيو هو. اهو ظاهر هو ته هوءَ سندس بوهيميئن دور ڪرڻ ۾ ڏاڍي مصروف هئي.

قمرالسلام چوڌري انهيءَ وقت هڪ ڪامياب نامور دولتمند انسان هو. مسرور ۽ مطمئن. ڪاميابي روح لاءِ ڪيڏي عمدي شيءِ آهي!

انهيءَ وقت هو ڏاڍي بي نيازي ۽ بيرواهيءَ سان پنهنجي برطانوي ۽ آمريڪي پبلشرز جو ذڪر ڪري رهيو هو ۽ سيتا ڏٺو ته سندس گفتگو ۾ ڪٿي به غرور يا وڏائي جي جهلڪ نه هئي. ڪاميابي انسان کي مروت به سيکاري ڇڏيندي آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو ماسڪو وڃي رهيو هو. سندس نئين تمثيل مشرقي برلن ۾ اسٽيج ڪئي وڃڻ واري هئي. تازو هن پنهنجو پهريون ناول مڪمل ڪيو هو. انهيءَ ناول کي ڇپائڻ لاءِ کيس جلدي نه هئي ڇو ته نظمن جي مجموعي جي اشاعت سان کيس ايتري شهرت ملي ويئي هئي جو هاڻي کيس وڌيڪ شهرت جي پرواهه نه رهي هئي. ڪاميابي انسان کي مطمئن ڪري ڇڏيندي آهي.

بيل وڳو ۽ گوپال ۽ جينيفر ڪرين اندر آيا. جينيفر سيتا کي ڏسندي ئي نعرو هڻي ساڻس ڀاڪرين پئجي ويئي. ”ڊارلنگ، توکي هيترين صدين کان پوءِ ڏٺو اٿم. ڪيئن آهين؟“

”مان هاڻي مسز گوپال آهيان. ۽ تون؟“

ستيش گوپال مشڪندي سيتا کي نمستي ڪيو. سيتا ساڻس هڪ ڀيرو بلقيس وٽ ملي چڪي هئي. هو تمام خوش اخلاق ۽ يار ويس پنجابي ڇوڪرو هو. اطلاعات کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ٿي ۽ شاعر هو.

”هندستان جي روح ۾ جهاتي پائڻ جو تنهنجو پروجيڪٽ اڃا مڪمل نه ٿيو آهي؟“ مانيءَ لاءِ جاپاني وضع جي ڊگهي چؤڪي ڀرسان ڪُشن تي ويهندي، سيتا جينيفر کان پڇيو.

”بنگال کان پوءِ پنجاب جو جائزو وٺڻ بي حد ضروري هو.“ جينيفر ڊيئر!“ سيتا چيو.

”خدا منهنجي مدد ڪندو!“ جينيفر اکيون گهمائي ڇت ڏانهن ڏسندي جواب ڏنو.

”سيتا جي!“ ستيش ساڻس مخاطب ٿيو، ”قمر صاحب زور ٻڌو آهي ته مان سندس ناول جو اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪريان. توهان پڙهيو آهي؟“

”اڃا ته نه.“

قمر هڪدم مسودي جو فائيل ڪڍي کڻي آيو.

”نالو ته ڏاڍو سٺو آهي ’بادلن جو شهر.‘ مطلب؟“ پروجيش عنوان تي نظر وجهي چيو.

”اڙي صاحب، هيءُ نيويارڪ جي اسڪاءِ اسڪريپرز جي بادلن ۾ رهندو آهي نه! پنهنجي سمجهه ۾ ته اهو آيو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ کي به قمر صاحب پنهنجي پينٽنگس وانگر ناقابلِ فهم بنائڻ جي ڪوشش ته پوري ڪئي آهي.“ ستيش گوپال جواب ڏنو.

ماني کائڻ کان پوءِ قمر مسودو کڻي سيتا جي ڀرسان اچي ويٺو. ”سيتا، مان ڪنهن ڏينهن اهو ناول توکي پاڻ پڙهي ٻڌائيندس. توکي نيويارڪ اها طوفاني رات ياد آهي جڏهن تون مينهن وسندي ۽ مون وٽ آئي هئينءَ ۽ مان ڪجهه چئي نه سگهيو هوس. ياد اٿيئي نه؟ مون انهيءَ طوفاني رات جو باب پنهنجي رت سان لکيو آهي.“ هن آهستي چيو.

سيتا نفرت ڀري نظر مٿس وڌي. ’تون زندگين سان انهيءَ ڪري کيڏين ٿو، جيئن بعد ۾ انهن جي باري ۾ ڪامياب ناول لکي سگهين. توهان انٽلڪچوئل دراصل ڪيڏا وڏا فراڊ آهيو!‘ هن دل ۾ چيو.

جينيفر ڪافي ٺاهڻ ۾ ماڌوريءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ بورچي خاني ۾ وڃي چُڪي هئي ۽ اُهي ٻئي ڪنهن ڳالهه تي خوش ٿي کلي رهيون هيون. ستيش بُڪِ ڪيس ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ مصروف هو ۽ قمر سان ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو.

هڪ کن لاءِ سيتا جو مٿو چڪرائجي ويو. هي بوهيميئن انٽلڪچوئل شادين جي سلسلي ۾ هڪ قسم جي ميوزيڪل چيئرز راند کيڏي رهيا هئا ۽ ناقابل اعتبار هئا، ڇو ته کين پنهنجي زندگين تي اعتبار نه هو.

هڪدم اوچتو کيس عرفان ياد آيو ۽ انهيءَ ياد کيس بيحد دل گرفته ڪري ڇڏيو. ’هن گهڙيءَ هو نه ڄاڻان ڪٿي هوندو؟ پشاور؟ پنڊي؟ واقعي هن ٺيڪ چيو هو: ”تون مون کي غير جذباتي سمجهين ٿي پر هاڻي تنهنجي وڃڻ کان پوءِ مان مستقل هي شعر پڙهي لڙڪ وهائيندو رهندس. لڙڪ وهائڻ ته ٺهيو، نڙيءَ تاڻي رڙيون ڪري رئندس.“

”ڪهڙو شعر؟“

”عرض ٿو ڪريان:

وه ڪب ڪي آئي ڀي اور گئي ڀي، نظر مين اب تک سما رهي هين

يه چل رهي هين وه ڦر رهي هين، يه آ رهي هين وه جا رهي هين.“

9

پنج ڇهه مهينا گذري ويا.

هڪ ڏينهن ڪافي رات گذري ويئي هئي. بلقيس ماني کائي هٿ ڌوئڻ لاءِ غسلخاني ڏانهن وڃي رهي هئي ته فون جي گهنٽي زور زور سان وڄڻ لڳي.

”سيتا هوندي. هوءَ ئي اهڙي طرح وقت بي وقت فون ڪندي آهي.“ بلقيس ننڍي ماسيءَ کي چيو ۽ لائونج ۾ وڃي رسيور کنيائين.

سندس خيال ٺيڪ نڪتو. هيما جي گارڊن هائوس مان سيتا ڳالهائي رهي هئي: ”بلي، مان سڀاڻي صبح جو ڪولمبو وڃان پيئي.“

”ڇا چيو؟ ڪولالمپور؟ خدا جي واسطي..... ڇو ڀلا؟“

”ڪولمبو.“ سيتا جي آواز ۾ ڏاڍي ڪمزوري هئي.

”پر ڇو؟“

”مون کي هاڻي خبر پيئي آهي ته جميل اُتي يو- اين جي ڪنهن ڪم سان آيل آهي.“

”پوءِ ڇا؟“

”مان وڃي آخري ڀيرو کيس پرارٿنا ڪنديس ته راهُل مون کي ڏي.“

”اهو جهنگلي بدڪ جو پيڇو ڪرڻو ٿيو، سيتا ڊيئر. ۽ تون اُتي ڇو ٿي وڃين؟ شايد هو دهلي به اچي. ايڏو ويجهو اچي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هُو هِتي نه اچي. پر هن ته اسان کي ڪولمبو اچڻ جي باري ۾ لکيو به ناهي.“

”هو اُتي فقط هفتي کن لاءِ آيل آهي ۽ پوءِ سڌو جڪارتا هليو ويندو، جتان واپس نيويارڪ. مون يو- اين انفرميشن آفيس مان سڀ ڪجهه معلوم ڪيو آهي.“

”۽ ڪولمبو ۾ تون کيس هٿ ڪندينءَ؟“

”ها، مان سڀ انتظام ڪنديس.“

”يا الله! تون ڏينهون ڏينهن پُراسرار ٿيندي ٿي وڃين. سيتا ڊيئر، اهو ڪهڙيءَ طرح؟ ڏاڍي ريسوريسفُل (Resoursful) آهين!“

”هو تو وارو مهاشيه به اڄ ڪلهه اُتي آهي. ڪنهن ڪانفرنس جي چڪر ۾ ويو آهي.“

”مون وارو مهاشيه ڪهڙو؟“

”اُهو ئي.“ هوءَ ٿورو هٻڪي، ”عرفان!“

”توکي ڪهڙي خبر؟“

”مون کي، مون کي هُن لکيو هو.“

”هون، ته تنهنجي هن سان خط و ڪتابت به آهي. تون واقعي وڏي زبردست ڊارڪ هارس آهين سيتا راڻي! جيڪڏهن خدا نه ڪري، مان ساڻس شادي ڪرڻ واري هجان ها ته هينئر ئي توسان ڊوئل (Duel) لڙان ها!!“

”جيئن ته مون کي خبر آهي ته تون ساڻس شادي نه پيئي ڪرين، انهيءَ ڪري مون سندس خطن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪو حرج نه سمجهيو.“

”اوهه! نيور مائينڊ (Never mind)- مون چرچو پئي ڪيو. تون ڪيتري قدر بور بنبي پيئي وڃين. مون کي تنهنجو فڪر لڳو پيو آهي. چيئر اپ!“

”ته هو عرفان صاحب ڏاڍو سمجهو ماڻهو آهي. مان کيس چونديس ته جميل کي سمجهائي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، تنهنجي ناتي. هن مون سان پاڪستان ۾ وعدو ڪيو هو ته هو هر ممڪن مدد ڪندو. انهيءَ کان سواءِ مان ڏيڍ سال ڪم ڪندي ڪندي ٿڪجي پيئي آهيان. ٿورو سئر به ڪري وٺان.“

”ته سئر ڪرڻ لاءِ ڇا هتي جايون کُٽيون آهن.“ ڪشمير يا ڪيرالا هلي وڃ. ايڏو پري وڃي پيسا برباد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! ۽ وري تو اهائي بيهودي ڳالهه چئي. منهنجو ڪهڙو ناتو؟“

”منهنجو مطلب آهي ته هو توهان جو فيملي فرينڊ آهي.“

”ٻي ڳالهه اها ته جميل ٻن ٽن جي سمجهائڻ سمجهڻ جي بدران پاڻ وڌيڪ ناراض ٿيندو. توکي سندس غصي جي ته خبر آهي. مان ڀيڻ آهيانس، مون کي خبر آهي.“

”مان سندس زال آهيان، بلقيس.“

”گڊ گاڊ! سيتا توکي عقل جي ڳالهه ٻڌائڻ بلڪل بيڪار آهي. سڌي ڳالهه نٿي ڪرين ته تو لاءِ پاڪستان وڃي عرفان سان ملڻ تقريباَ َ مشڪل آهي ۽ اسان سڀني لاءِ آڪورڊ به، انهيءَ ڪري تون فقط ساڻس ملاقات ڪرڻ ڪولمبو پيئي وڃين. تون ڪنهن کي بيوقوف بنائڻ ٿي چاهين، سيتا ڊيئر؟“

”بلقيس،“ سيتا غصي مان چيو، ”تون مون سان اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿي ڪرين؟“

”انهيءَ لاءِ ته تون ڏينهون ڏينهن احمق ٿيندي پيئي وڃين. ماڻهو هتي تنهنجا اسڪينڊل بيان ٿا ڪن ۽ شرم اسان کي ٿو اچي.“

”گُڊ نائيٽ بلقيس!“ سيتا غصي ۾ ڏڪندي زور سان رسيور کڻي رکيو.

”ڪنهن سان وڙهي رهي هئين؟“ هيما ٻار کي لولي ڏيندي پنهنجي ڪمري مان ڏاڍي مٺي آواز ۾ پڇيو.

”توهان سڀئي گڏجي مون کي ڳڙڪائي وينديون.“ سيتا زهر ڀرئي لهجي ۾ وراڻيو ۽ بيگ کڻي تير وانگر گئلريءَ مان ٻاهر نڪري ويئي.

10

”واڻيءَ ۽ وناٽڪ کي منهنجو پرڻام، جن لفظن ۽ انهن جون معنائون جوڙيون آهن. والميڪ، هنومان، ڀواني ۽ شنڪر، رام ۽ سيتا کي منهنجو پرڻام!

”هري هر، جنهن جي ڪارڻ هيءَ دنيا حقيقي نظر اچي ٿي، جيئن رسيءَ کي نانگ سمجهيو ويندو آهي. هري هر، جنهن جا چرڻ ئي اهڙي ڪشتي آهن، جن جي ذريعي سنسار – جنم ۽ مرڻ جي سمنڊ- کي پار ڪري سگهجي ٿو. وشنو، جنهن جو چهرو هاٿي جهڙو آهي، جيڪو ڪَل يُگ جي بديءَ کي جلائي رک ڪري ٿو ڇڏي، مون تي پنهنجي ديا ڪر!

”کير جي سمنڊ ۾ رهندڙ ڀڳوان، جيڪو نيل ڪنول جهڙو نيرو آهي، مون تي ديا ڪر. گُرو رامانند جي قدمن جي مٽيءَ سان، جيڪا امرت آهي، مان پنهنجي ٻُڌيءَ جي اکين کي صاف ڪندس. سنتن جا ڪرم، ڪپهه جي گلن وانگر آهن، خشڪ، سفيد ۽ نرم. منهنجو گُرو، جيڪو دنيا ۾ پرياگ جو سوروپ آهي، جتان گنگا ماتا وهي ٿي، جيڪا رام جي ڀڳتي آهي، جيڪا ڌيان آهي، جيڪا سرسوتي وانگر آهي، هري ۽ هر جي ڪهاڻي تروپڻي (1) وانگر آهي. ڌرم، بڙ جو مضبوط وڻ آهي. بدنفس، هن دنيا ۾ ڪيتُو وانگر ناس ڪندڙ آهن ۽ ڪُنڀ ڪرڻ وانگر ننڊ ۾ آهن. ڀڳوان ۽ منش، دولت ۽ غربت، راجا ۽ فقير، ڪاشي ۽ مگد (2)، گنگا ۽ ڪرم ناش (3)، مارواڙ ۽ مالوا (4)، برهمڻ ۽ ڪاسائي – ويدن انهن ۾ فرق ٻڌايو آهي. مان سفيد پني تي اُهوئي لکان ٿو، جيڪو سچ آهي. ملايا کان جيڪو ڪاٺ اچي ٿو، جنهن کي ڏاڍو قيمتي سمجهيو ويندو آهي، انهيءَ کي فقط ڪاٺ ڪير ٿو سمجهي؟ شاردا (5) جون بوندون سپ ۾ پوندي ئي پورڻ ماسيءَ جي رات جو موتي بنجي وينديون آهن.


”اؤڌ جي پوترنگر ۽ پور ندي سرجُوءَ کي منهنجو پرڻام! سيتا ۽ رام ايئن آهن، جيئن لفظ ۽ انهن جي معنيٰ، پاڻي ۽ ان جي موج. رگهُو پتيءَ جي ڀڳتي برسات جي موسم آهي. رام ڀڳت، سارين جا نسرندڙ سلا آهن. رام نام جا اکر، ساوڻ ۽ بڊي جا مهينا آهن. پتر پريم، اهو جهنگ آهي، جنهن ۾ رام ۽ سيتا گهمندا آهن. ذهين سوال، ڪشتيون آهن ۽ انهن جا جواب آهن ماهر ملاح. رام جا لفظ مضبوط گهاٽ آهن.

”منو مهاراج، جيڪو انساني نسل جو پيءُ آهي، سندس پوٽو هري ڀڳت هو. منُو ۽ سندس زال راڄ – پاٺ تياڳي، تپسيا لاءِ جهنگ ڏانهن نڪري پيا. اُهي جهنگ ۾ اهڙي طرح هليا ٿي ڄڻ گيان ۽ ڌرم گڏ هجن. ’اوم نمو ڀڳوتي واسديوا‘ جو جاپ ڪندا، اُهي جڏهن گومتيءَ جي ڪناري پهتا ۽ هزارين سال تپسيا ڪيائون تڏهن ايشور کين چيو ته گهُرو جيڪي گهرڻو هجيو. منُو چيو: اي ايشور، مون کي تو جهڙو پٽ گهرجي. ايشور وراڻيو: منهنجو ثاني ڪوبه ناهي. مان البت ايترو ڪري سگهان ٿو ته تنهنجي پُٽ جي روپ ۾ دنيا اندر جنم وٺي اچان.“

”اڙي هيما،“ امان رامايڻ جي صفحي تي آڱر رکي پنهنجي ڪمري مان سڏيو، ”اڙي، ڇا سيتا هلي ويئي؟ کيس ماني ته کارايوس.“

هيما ڪوبه جواب نه ڏنو. هوءَ بيڊروم اندران بند ڪري ٻار کي سمهارڻ ۾ مصروف هئي. سڄو گارڊن هائوس خاموش هو. شهزاد اڃا نئين دهليءَ کان واپس نه آيو هو. امان عينڪ لڳائي ٻيهر پڙهڻ شروع ڪيو:

”... مهاراجا ستيه ڪيتو جي پٽ جي راڄ ۾ سموري ديس ۾ کير جون نديون وهڻ لڳيون. اُهو راجا ڏاڍو نيڪ ۽ بهادر هو. هڪ ڏينهن هو ونڌياچل جي جبلن ۾ شڪار ڪرڻ ويو ۽ هڪ تمام خوبصورت جهنگلي سوئر جو پيڇو ڪندي هڪ آڊرم ۾ وڃي نڪتو، جتي هڪ راجڪمار جوڳيءَ جي ويس ۾ رهندو هو. کيس راجا جنگ جي ميدان ۾ شڪست ڏني هئي ۽ تڏهن کان هو سندس دشمن هو. راجا کيس سڃاڻي نه سگهيو ۽ نقلي جوڳي چيس: منهنجو نالو ايڪ تنو آهي. دنيا جي شروع ٿيڻ کان وٺي هڪ ئي جسم ۾ رهندو آيو آهيان، جو تپسيا سان انسان کي وڏي طاقت حاصل ٿئي ٿي. ساده لوح راجا کيس چيو ته گرُو، اهڙي ديا ڪر جو مان ۽ منهنجو راڄ پاٺ امر ٿي وڃي. انهيءَ چالاڪ سنياسي چيو ته اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن تون برهمڻن کي راضي ڪري پنهنجو ڪرين. برهمڻن جي سراپ سان سڀ طاقتون وس ۾ اچي وينديون آهن. تون منهنجي هٿ جو ٺاهيل کاڌو هر روز هڪ لک برهمڻن کي کاراءِ ته اُهي سڀ تنهنجي وس ۾ ٿي ويندا. جوڳيءَ جي مدد سان راجا برهمڻن جي دعوت ڪئي.، جيئن ئي برهمڻن کائڻ شروع ڪيو ته آڪاش واڻي ٿي ته خبردار، هن ڀوڄن کي هٿ نه لڳائجو. هن ۾ برهمڻن جو ماس رڌيل آهي. برهمڻن انهيءَ تي ناراض ٿي راجا کي سراپ ڏنو ته هو ايندڙ جنم ۾ راڪشس ٿي جنم وٺندو. ان وقت آڪاش واڻي ٿي ته برهمڻو! توهان سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ سراپ ڏنو آهي. راجا بي ڏوهي آهي. پر برهمڻن جو ڏنل سراپ واپس نه ٿي ٿي سگهيو. اهڙيءَ طرح ٻئي جنم ۾ راجا، راڪشس جي روپ ۾ جنم ورتو. کيس ڏهه سِر هئا ۽ ويهه هٿ. هو بي حد بهادر ۽ جنگجو هو ۽ سندس نالو راوڻ هو. سندس وزير سندس ننڍي ڀاءُ وڀيشڻ جي روپ ۾ جنم ورتو، جيڪو وڏو وشنو ڀڳت ۽ ڏاهو هو. جڏهن راوڻ گهڻي تپسيا ڪئي، ته برهما کانئس پڇيو، ته گهُر جيڪي گهُرڻو هُجيئي. راوڻ چيس: منهنجي خواهش اها آهي ته فقط انسان يا باندر جي هٿان ماريو وڃان. برهما چيو: تنهنجي اها آرزو پوري ٿيندي.

”سمنڊ جي وچ ۾ هڪ جبل آهي، جنهن تي برهما هڪ مضبوط قلعو ٺاهيو، جيڪو اِندر جي شهر امراوتيءَ کان وڌيڪ خوبصورت هو ۽ لنڪا چوائڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جي چوطرف سامونڊي پاڻيءَ جي کاهي هئي ۽ ڀتيون سون جون ٺهيل هيون، جنهن ۾ هيرا جواهر جُڙيل هئا. راوڻ انهيءَ لنڪا کي پنهنجي راڄ ڌاني بنايو ۽ منجهس اطمينان سان رهڻ لڳو. عيش عشرت، دولت، اولاد، فوج، فتح، طاقت، ذهانت – سڀ سندس هئا. سندس ڀاءُ ڪُنڀڪَرڻ جيڪو تمام گهڻو کائيندو هو ۽ پيئندو هو، سال ۾ ڇهه مهينا سمهندو هو.

”پنهنجي طاقت جي نشي ۾ اچي هڪ ڏينهن راوڻ سموري ڪائنات جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سموري دنيا سندس محڪوم ٿي ويئي. نيڪي هن دنيا مان موڪلائي ويئي. تڏهن ايشور چيو: زمانو گذريو ته مون ڪيشيپ ۽ آوتيءَ سان، سندن هڪ آرزو پوري ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. هاڻي مان سورج ونسي گهراڻي ۾ جنم وٺان ٿو ۽ منهنجو نالو رام هوندو.

”آؤڌ جي شهر ۾ رگهوونسي راجا دسرٿ راڄ ڪندو هو، جيڪو ويدن جو ماهر، نيڪ، عقلمند ۽ وشنو جو پوڄاري هو.“


ٻاهر موٽر اچي بيٺي. شهزاد آهستي آهستي سيٽي وڄائيندو اندر آيو. پوءِ سندس قدمن جو آواز سندس بيڊ روم ۾ وڇايل غاليچي ۾ گم ٿي ويو.

امان ڪيترائي پنا اٿلائي اڳتي پڙهڻ شروع ڪيو:


” ... ۽ جڏهن ٻئي شهزادا اُنهيءَ خوبصورت شهرج ي ٻاهران پهتا، جتي درياء جي ڪناري ٻيا گهڻيئي راجڪمار پنهنجا تنبو هڻي ويٺا هئا، ته وشوامتر چيو: رگهو! اسان هتي ترسنداسين.

”جڏهن مٿلا جي راجا کي خبر پئي ته رشي وشوامتر جن پڌاريا آهن ته پاڻ کين ملڻ لاءِ آيو ۽ کانئن اچي پڇيائين: اي مهاراج، ٻڌايو، هي ٻئي سهڻا ڇوڪرا، جن مان هڪ سانورو ۽ ٻيو گورو آهي، ڪير آهن؟ ڇا ساکشات ايشور، جنهن کي ويدن ۾ ’هي ناهي‘ چيو ويو آهي، اوتار وٺي هن سنسار ۾ آيو آهي؟ تنهن تي وشوامتر ٻڌايو ته اهي ٻئي عاقل ۽ بهادر ڀائر رام ۽ لڪشمڻ آهن.

”۽ شهر جون عورتون، جيڪي درين جي ڄارين مان جهاتي پائي ڏسي رهيون هيون، تن هڪ ٻئي کي چيو: هو سانوري جسم ۽ ڪنول ن يڻن وارو، جنهن جي هٿ ۾ تير ڪمان آهي، ڪوشليا جو پٽ رام آهي. ۽ هو گوري رنگت وارو، جيڪو رام جي پويان پيو وڃي، سندس وفادار ۽لاڏلو ڀاءُ ۽ سمترا جو پٽ لڪشمڻ آهي. اهي ٻئي هتي ڌنش ڀڃڻ جي مقابلي جو نظارو ڏسڻ آيا آهن.

”۽ سيتا گوري پوڄا لاءِ باغ ۾ آئي ۽ رام هن جي پازيب جي ڇمڪي تي نگاهون مٿي کنيون. سندس نگاهون سيتا جي چهري تي ائين ڄمي ويون، جيئن چنڊ چڪور کي ڏسندو آهي. ۽ لڪشمڻ چيو: ڀراتا، هيءَ جنڪ جي ڌي سيتا آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌنش ڀڃڻ جو مقابلو ٿي رهيو آهي.

”وڻن جي جهڳٽي مان سيتا، رام ڏانهن نهاريو. سندس نظرون رام تي ائين ڄمي ويون جيئن چڪور سرءُ جي چنڊ کي ڏسندو آهي. هن رام کي اکين وسيلي دل ۾ داخل ڪري اکين جي ڇپرن جا طاق بند ڪري ڇڏيا.

”جڏهن رام، سيتا سان شادي ڪري ايوڌيا موٽيو...“

”امان،“ هيما دروازي ۾ اچي چيو، ”آنند روئڻ کان بس ئي نٿو ڪري. ٿورو اچي کيس ماٺ ڪرائينس.“

”ڇوڪري، تون مون کي چين سان ويهي پاٺ ڪرڻ نه ڏيندينءَ.“ ڪتاب هٿ ۾ کڻي بڙ بڙائيندي هوءَ ٻئي ڪمري ۾ ويئي ۽ آنند کي هنج ۾ سمهاري، ٻئي گوڏي تي ڪتاب رکي لوڏا ڏيندي سمهاريندي چيائين، ”هان، تون به ٻُڌ. رام نام ٻڌي ڏسان ته تون ڪيئن ٿو پنهنجي ماءُ کي تنگ ڪرين؟“ پوءِ هن ٻيون چؤپايون پڙهڻ شروع ڪيون:

” ...دسرٿ جو حَوس هڪ جهنگل مثل هو، جنهن ۾ راحت، خوش پکين وانگر اڏامندي ڦرندي هئي. انهيءَ جهنگ ۾ ڀيلياڻي شڪارڻ، ڪيڪئي پنهنجي لفظن جا باز ڇڏڻ واري هئي. هن چيو: مهاراج، هڪ ڀيري توهان مون کي وچن ڏنو هو ته مان جيڪا به فرمائش ڪنديس، توهان پوري ڪندؤ. سورج ونسي راجا پنهنجي قول تان ڦرندا ناهن، هاڻي منهنجي هڪ آرزو پوري ڪريو: رام جي بدران منهنجي پٽ ڀرت کي راڄ گاديءَ تي وهاريو ۽ رام کي چوڏنهن سال بنواس موڪليو.“

ٻار زور سان پنهنجو ننڍڙو پتڪڙو هٿ هنيو ۽ ڪتاب هڪدم بند ٿي هيٺ وڃي ڪريو. امان ڪتاب کڻي وري پڙهڻ جاري رکيو:

” ... رام ۽ لڪشمڻ جي وچ ۾ سيتا ائين هلي رهي هئي ڄڻ ساکشات ايشور ۽ آتما جي وچ ۾ فريب نظر. گهاٽن جهنگلن ۾ رشين جا هجوم رام سان گڏجي هليا ۽ (چتر) ڪوٽ پهچي ماليئتي نديءَ جي ڪناري رام قيام ڪيو.“

”امان، بشن سنگهه ٿو پڇي ته صبح جو مانيءَ ۾ ڇا ٺاهبو؟“

اوما جيجي ڊائننگ روم مان آواز ڏنو.

ٻار هاڻي سمهي چڪو هو. کيس سمهاري هوءَ بڙ بڙائيندي ٻئي ڪمري ۾ آئي. ڪجهه دير کان پوءِ واپس اچي هن جهاتي پائي ٻار تي نظر وڌي ۽ پنهنجي بيڊ روم ۾ هلي ويئي. هيما هاڻي غسل خاني مان نڪري چهري تي ڪولڊ ڪريم لڳائڻ کان پوءِ سمهڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته کيس وري امان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”هيما، هيڏانهن اچ.“

”جي امان؟“ هن گيلريءَ ۾ اچي پڇيو. امان اکين تي هٿ رکي پلنگ تي ليٽي چڪي هئي.

”هينئر ئي سمهي ته نه پؤ امان!“ هن چيو.

”منهنجي اکين ۾ سور آهي. تون ٿوري دير هتي ويهي مون کي رام نام ٻڌاءِ.“

”چڱو امان.“ هيما هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ڪرسي گهلي فرمانبرداريءَ سان ويٺي. ”ڪٿان پڙهان؟“

”ڪٿان به پڙهه... بن واس جو قصو پڙهه.“

”چڱو.“


”ڪاري گهٽا جهڙو سانورو رام گوداوريءَ جي ڪناري پهتو ته لڪشمڻ چيو: ڀراتا، مون کي گيان ۽ سنياس (بي تعلقي) ۽ مايا (فريب مجاز) جي باري ۾ ٻڌايو.“

”اڃا اڳتي هل.“

”چڱو. ’انسويا چيو...‘ اهو پڙهان؟“

”ها اهو پڙهه.“ امان اکيون بند ڪري آرام سان پاسو ورائيندي چيو.

” ...انسويا چيو: ’ٻڌ راجڪماري، ماءُ، پيءُ ۽ ڀاءُ سڀ پنهنجا سڄڻ ۽ مددگار آهن، پر کانئن محدود خوشي حاصل ٿيندي آهي. مڙس جي سنگ ۾ بي انت خوشي آهي. اُها عورت نيچ آهي، جيڪا پنهنجي مڙس جي عزت نٿي ڪري. همٿ، اصول، دوست ۽ زال- اهي چار شيون ڏکئي وقت ۾ پرکيون وينديون آهن. مڙس ڀلي پوڙهو هجي يا بيمار، احمق هجي يا بدمزاج يا سخت مصيبت ۾ مبتلا هجي – جيڪڏهن زال سندس عزت ۽ مان نه رکندي ته اُها نرڪ ۾ ويندي. ويدن ۽ پُراڻن مطابق، عورت جا چار درجا آهن. بهترين عورت اُها آهي، جيڪا سمجهي ته سندس مڙس کان سواءِ دنيا ۾ ٻيوڪوبه مرد ناهي. ٻئي درجي تي اُها عورت آهي جيڪا مڙس کان سواءِ غير مردن کي پيءُ، ڀاءُ يا پٽ سمجهي. اُها عورت سڀني ۾ نيچ آهي جيڪا فقط موقعي نه ملڻ ڪري پاڪدامن رهي.“

”اڃا اڳتي هل.“

” ... هڪ ڏينهن راوڻ جي ڀيڻ سورپنکا جيئن گوداوريءَ جي ڪناري تي آئي، تيئن کيس ٻئي راجڪمار نظر آيا. اي گرڙ، عورت، خوبصورت مرد کي ڏسي ائين ڀُري پوندي آهي، جيئن سج جي اڳيان وارياسو پٿر.“

”اڳتي هل.“

” ... جڏهن لڪشمڻ ڪاوڙ ۾ اچي سورپنکا جو نڪ ڪپيو...‘ اتان ٻڌايان؟“

”هون.“

” ... ته جڏهن هوءَ رُئندي راڪشسن وٽ پهتي ته اُنهن جي سردار ڌومڪيتو چوڏهن هزار راڪشسن جي فوج وٺي رام ۽ لڪشمڻ تي حملو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

انهيءَ وقت جهنگل ۾ گدڙ اونائڻ لڳا. ڀوتن، جنن ۽ بد روحن جون ک وپريون جمع ڪيائون. خونخوار ڏائڻيون انهن کوپرين جا دهل وڃائڻ لڳيون ۽ انهن جي تال تي نچڻ لڳيون. سورپنکا پنهنجي ڀاءُ کي چيو...“

”اڳتي هل جتي ’سيتا هرڻ‘ ٿئي ٿي.“

” ...۽ ستونتي سيتا ڏٺو ته هڪ سونهري هرڻ جهنگل ۾ ڊوڙندو پيو وڃي. ناٿ! هن چيو: انهيءَ جو شڪار ڪري کل منهنجي لاءِ آڻي ڏيو. رگهوپتي سمجهي ويو ته اهو هرڻ ڪير آهي، پر ديوتائن جو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ هن تير ڪمان کنيو. رگهُو پتي لڪشمڻ کي چيو: ادا، جهنگل ۾ راڪشس گهمن پيا. ڌيان، عقل ۽ طاقت سان سيتا جي حفاظت ڪندو رهج. رام کي ڏسندي ئي هرڻ تکو ڀڄڻ لڳو ۽ رام سندس پٺ ورتي ۽ تمام پري نڪري ويو.

”جڏهن هرڻ رام جي تير سان زخمجي ڪريو ته هن هڪ زوردار دانهن ڪئي. دانهن جو آواز ٻڌندي ئي سيتا گهٻرائجي لڪشمڻ کي چيو: لڪشمن، تنهنجي ڀاءُ تي ڪا آفت آئي ٿي ڏسجي. جنهن جي اک جي اشاري سان ساري ڪائنات تخليق ٿي، اُهو هن وقت پاڻ خطري ۾ گهيريل آهي. هڪدم وڃ. لڪشمڻ مجبور ٿي ماٺ ڪري رام کي ڳولڻ لاءِ هليو ويو.

۽ راوڻ جوڳيءَ جي ويس ۾ سيتا جي ڪُٽيا ۾ پهتو ۽ کيس زبرستي کڻي هليو. سيتا دانهون ڪيون: رگهوراءِ... رگهوراءِ...“

هيما کي هاڻي ننڊ پئي آئي. هن اکيون مهٽي امان ڏانهن ڏٺو ته شايد سمهي چڪي هجي، پر هوءِ ساڳي طرح شرڌا سان اکيون ٻوٽي پير لوڏي رهي هئي. اهي چؤپايون هوءَ هزارين ڀيرا پڙهي چڪي هئي پر الائجي ڪهڙي ويڌن هيس! هن اوٻاسي ڏيئي وري پڙهڻ شروع ڪيو:

” ... راوڻ سيتا کي رَٿ ۾ وهاريو ۽ تيزيءَ سان اُڏامڻ لڳو. سيتا شڪاريءَ جي ڦندي ۾ ڦاٿل ڊنل هرڻي وانگر دانهون ڪندي آسمان تان گذري. جڏهن هن هيٺ هڪ ٽڪريءَ تي باندر کي ويٺل ڏٺو، ته هريءَ جو نالو وٺي پنهنجو رئو اوڏانهن اڇلايائين. راوڻ کيس پنهنجي راڄ ڌانيءَ ۾ وٺي ’اشوڪ واٽڪا‘ ۾ قيد ڪري رکيو.“



هوءَ وري اوٻاسي ڏيڻ لڳي ته شايد هاڻي هوءَ بس ڪرڻ لاءِ چوي.

”هاڻي ’هنومان جيءَ واريون چؤپايون‘ پڙهه.“ هن اکيون ٻوٽيل حالت ۾ اطمينان سان فرمائش ڪئي.

”او- ڪي امان.“ هيما ٿڌو ساهه کڻي وراڻيو.

” ... ۽ باندرن لنڪا تائين پهچڻ لاءِ پُل ٺاهي ۽ رگهوراج انهيءَ تي بيهي سمنڊ تي نگاهه وڌي. مانگر مڇ ۽ سمنڊ جي سموري مخلوق سندس درشن لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ پُل تي ايتري قدر ڀيڙ لڳي جو باندرن کي هوا ۾ اڏامڻو پيو.

باندرن ڪناري تي پهچي خوب ميوا کاڌا...“


”هائوس سويٽ!“ هيما کلي پيئي. ”هون.“ امان غصي سان هونگر ڏني.


” ... ۽ جبلن جون ڇپون ڀڃي لنڪا ڏانهن اڇلڻ لڳا.

”سامهون لنڪا هئي: سون جو شهر چؤڪ ۽ بازار ۽ گهٽيون هاٿي ۽ گهوڙا. رٿ ۽ راڪشسن جون فوجون جهنگل ۽ جهنگلي گل ڍنڍون ۽ تلاءَُ ۽ انسانن ۽ نانگن ۽ گنڌرئن جون سهڻيون ڌيئرون. هنومان انهيءَ شهر جي مضبوط قلعبنديءَ ڏسي نرسنگهه جو ڌيان ڪيو ۽ مڇر جي صورت ۾ اچي لنڪا ۾ داخل ٿيو. هڪ راڪشس، جنهن جو نالو لنڪني هو، للڪاري چيو: ’تون منهنجي اجازت کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟ ۽ هنومان کيس ٺؤنشو ٺڪاءُ ڪيو ۽ ...“ (1)

(1) تلسي داس جي لکيل رامايڻ مان.

11

بينگ بينگ بينگ. انجڻين جو گوڙ گهٽ ٿيو ۽ هوائي جهاز آسانيءَ سان ’رتمالنا‘ ايئرپورٽ تي لٿو. مدراس کان هيستائين، گهاٽن بادلن جي ڪري اُڏام ڏاڍي خراب رهي هئي. هوءَ جهاز تان لهي سڌو انڊين ايئرلائينز جي ڪائونٽر تي ويئي ۽ ڪولمبو پلان جي آفيس ۾ فون ڪيائين.
”جي نه، هتي ته ڪو مسٽر عرفان ناهي. شايد ٻي ڪنهن بلڊنگ ۾ هجي. ترسو خبر وٺي ڏيان ٿو. اوهان ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻيهر...“
سندس دل ۾ ڌڌڪو ٿيو: ’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
”يو-اين جي آفيس ڪٿي آهي؟“ هن ٽئڪسي واري کان پڇيو.
ڊرائيور ٽئڪسي هڪ بلڊنگ جي اڳيان اچي بيهاري. ’انهيءَ اندر ويٺو هوندو: جميل. پنهنجي ڊيسڪ تي پنهنجي ڪم ۾ رڌل هوندو. جيڪڏهن هو هن وقت ٻاهر نڪري اچي ته ڇا ٿيندو؟‘ هڪدم کيس ڏاڍو ڊپ لڳو ۽ سڌو، ’مائونٽ ليونيا‘ هوٽل ڏانهن رواني ٿي ويئي.
انهيءَ ڏينهن ڏاڍي خوشگوار اُس ڦهليل هئي. رستي جي ٻنهي طرفن کان لڳل ڳاڙهن گلن جا گهاٽا ٻوٽا، ناريل جا وڻ سمنڊ جون لهرون – هر شيءِ جڳمڳائجي رهي هئي. مائونٽ ليونيا جي هيٺ، ڪناري تي، انگريز ۽ آمريڪي سن باٿ وٺي رهيا هئا. فضا ۾ ڏاڍي عجيب سُستي ڇانيل هئي.
پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ڪجهه دير کان پوءِ هن دري کولي. سامهون سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو.
ڪاريون سنهالي آيائون، ڪن انگريز ٻارن کي واريءَ تي کيڏائڻ ۾ مصروف هيون. هڪ سنهالي عورت وارن ۾ گُل هڻي، مونگيءَ جا هار وڪڻندڙ دريءَ هيٺان لنگهي. ”بيڊس ميڊم؟ ويري نائيس بيڊز.“ (Beads madam? Very nice beads.) هن مٿي نهاري چيو.
هن دري بند ڪري ڇڏي ۽ ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون اچي ويٺي. ’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
ڪلاڪ کان پوءِ دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ اڇي سرونگ ۾ ملبوس بيري اندر اچي هڪ ڪارڊ پيش ڪيو: ’عرفان احمد ڪاظمي.‘
”اوهه! ٿينڪ يو!“ پوڙهي سنهالي بيرو ڏاڍي شفقت سان مشڪيو. هوءَ جلدي جلدي وار سنواري هيٺ هلي ويئي.
عرفان ٽيرس تي رنگين ڇٽيءَ هيٺ ويهي ڪنهن سنهاليءَ سان ڳالهائي رهيو هو. کيس ڏسي هو ڪرسيءَ تان اُٿيو.
”مسٽر رتن سنگهه جي – سوريه!... مسز ڊاڪٽر ميرچنداڻي!“ هن سنهاليءَ سان سندس تعارف ڪرايو.
”مسٽر جي- سوريه هتان جي هڪ وڏي اهم سنهالي اخبار جو ايڊيٽر ۽ منهنجو پراڻو دوست آهي.“
سيتا مشڪي هٿ جوڙيا. ٽيئي ويهي رهيا. سيتا ٿوري بي چئنيءَ سان چوطرف نظر ڊوڙائي. پڪي عمر جو مسٽر جي-سوريه کيس ڏاڍي دلچسپيءَ سان ڏسي رهيو هو. عرفان سان ڳالهائڻ کانپوءِ، هُن سيتا کي رات جي مانيءَ جي ڪوٺ ڏني ۽ اجازت وٺي اُتان هليو ويو.
عرفان پاسو بدلائي سگريٽ دکايو.
”ته تون اچي وئينءَ!“
”جي ها.“
هيترن ڏينهن کان پوءِ اها وڏي اَن سيريمونيئس (Unceremonious) ملاقات هئي.
”تو اهو لکيو ئي نه ته اوچتو هتي ڇو نازل ٿي رهي آهين. مون سمجهيو ته تون به ڪنهن سرڪاري ڪم سان اچڻي آهين. ڪولمبو انٽرنيشنل ڪانفرنسن جو شهر آهي.“
”خط ۾ سڄو داستان ڪهڙو ويهي لکان! توهان کي ته چڱيءَ طرح خبر آهي.“
”سچ ته اهو آهي ته هاڻي مان سوچيان ٿو ته مون کي تنهنجي باري ۾ ڪا به خبر ناهي.“
سندس دل ٻڏڻ لڳي. ٻيءَ کن ۾ هن پاڻ سنڀالي پڇيو: ”توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته مان هتي آهيان؟“
”مان به هتي ترسيل آهيان. تو اهو به نه لکيو هو ته ڪهڙي ڏينهن پهچين پيئي. بهرحال، توکي ڳولڻ ۾ وڌيڪ دقت نه ٿي.“
”جميل سان ملاقات ٿي؟“
”جميل هتي ئي آهي؟ تون هن سان ملڻ آئي آهين؟ وڏي بلئڪ هارس (Black horse) آهين!“ هن ايش- ٽري ۾ سگريٽ وسائيندي چيو. ان مهل هو ڏاڍو مايوس نظر آيو.
”توهان جو خيال هو ته مان ايترو پري کان هلي فقط توهان جو درشن ڪرڻ آئي آهيان؟“
”يو هيوَ هوپس. (You have hopes)“ هن کِلي جواب ڏنو.
هڪدم ماحول جي ڇڪتاڻ دُور ٿي ويئي. هو به خوب کليو: ”ها ها ها.“
”توهان هُن سان ملو. هاڻي هڪدم يو-اين وارن کان خبر وٺو ته هو ڪٿي ترسيل آهي.“
”ڪهڙي خبر ته هو به هتي هجي!“
هن جو رنگ اڇو ٿي ويو. پوءِ هن جلدي جلدي چوڻ شروع ڪيو: ”توهان هن سان راهُل جي باري ۾ ڳالهايو ۽ کيس چئوس ته هڪ ڀيرو مون سان ملي، فقط هڪ ڀيرو.“
هو پنهنجي گهٻراهٽ لڪائڻ لاءِ ڪجهه کنن تائين ڪوٽ جي کيسن ۾ سگريٽ ڪيس ڳولڻ کان پوءِ چوڻ لڳو: ”مان ساڻس اڄ تائين نه مليو آهيان، سيتا! منهنجي ساڻس ايتري بي تڪلفي ڪيئن ٿي ٿي سگهي، جو ساڻس ملنديئي سندس ذاتي معاملي ۾ اهڙيءَ طرح وڃي ٽنگ اڙايان.“
”پر توهان چيو هو...“
”ها ها، بلڪل ٺيڪ آهي. مان ضرور ساڻس ملندس. هاڻي ڪا تجويز سوچيون ٿا. تون ايستائين رليڪس (Relax) ته ڪر. هان سگريٽ وٺ.“
”مان ڪيئن ٿي رليڪس ڪري سگهان؟“
”اهو به ٺيڪ آهي.“ هو وري منهن لاهي خاموش ٿي ويو.
سامهون بي حد خوبصورت ’ڊچ برگر‘ ڇوڪرين جي هڪ ٽولي لنگهي. منجهن هڪ ڇوڪري نيري فراڪ ۽ نيري پڪچر هئٽ ۽ سفيد دستانن ۾ بلڪل گنيز برو جي پينٽنگ ٿي لڳي. هندستاني ساڙهين ۾ ملبوس سنهالي ۽ تامل عورتون، قيمتي سوٽن ۾ ملبوس ڪارا مرد، گنڀير شڪلين وارا انگريز، بي فڪرا آمريڪي هيڏانهن هوڏانهن گهُمي ڦري رهيا هئا. ٽيرس کان هيٺ سمنڊ گجگوڙ ڪري رهيو هو.
”شام جو ڇا ڪري رهي آهين؟“
”ڪجهه نه.“
”جي-سوريه جي پارٽيءَ ۾ هل – گال مينس.“
”مان هِتي سوشل ملاقاتن لاءِ نه آئي آهيان.“
”تڏهن ڇا جهنگل ۾ ويهي تپسيا ڪندينءَ؟“
”هيءُ ماڻهو به عجيب بوگس هو. هاڻي ڇا ٿيندو؟ ’هاڻي ڇا ٿيندو؟‘
هوءَ اُٿي بيٺي.
”هاڻي ڪٿي جو ارادو آهي؟“
”جهنم جو.“
”اڙي ڙي ڙي. خطا ٿي وئينءَ ايڏو جلدي؟“
’هاڻي ڇا هو به جميل جو شينهن ۽ ٻليءَ جي پونگڙي وارو جملو ورجائڻ وارو هو؟
”او ماءِ گاڊ!“
هوءَ ريلنگ تي جهڪي ڪناري ڏانهن ڏسڻ لڳي. ”توهان هتان ڪڏهن واپس ويندا؟“ هن ڪجهه کن رکي موضوع بدلايو.
”ڏهه پندرهن ڏينهن ٻيا لڳندا.“
”واپس لاهور؟“
”نه منهنجي ٽرانسفر پئرس ٿي آهي. ڪراچي پهچڻ کان پوءِ ايندڙ مهيني پئرس روانو ٿي ويندس.“
”هائو ونڊرفل! لڪي يو.“ (How wonderful! Lucky you.) ”پئرس وڃڻ ڪا خاص ’ونڊرفل‘ ڳالهه ته ناهي ۽ ’لڪي‘ ته مان زندگيءَ ۾ اڄ تائين ڪنهن سلسلي ۾ رهيو ئي ناهيان.“
”اُتي ڪيترو عرصو رهندا؟“
”خبر ناهي. في الحال ته ٻن سالن لاءِ وڃڻو آهي. چڱو، جيڪڏهن تون ڊنر تي نٿي هلين ته مون کي اجازت ڏي. مون کي به ٿورو ڪانفرنس جي ڪن ماڻهن سان ملڻو آهي. مان جيترو جلدي ٿي سگهيو، تنهنجي پتي ديو کي جهلڻ جو جتن ڪريان ٿو ۽ پوءِ کيس ڪلٽيويٽ (Cultivate) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، تُنهنجي خاطر.“
”ماڻهن کي ڪلٽيويٽ ڪرڻ ته توهان کي خوب اچي ٿو. ڪوشش جي ڪهڙي ضرورت آهي.“ سيتا ٿوري تلخيءَ سان جواب ڏنو.
هو کليو. “چڱو، هاڻي خفا نه ٿيءُ. چيئر اپ. سڀاڻي سويرئي ڪانفرنس جو اجلاس آهي. جيڪڏهن موقعو مليو ته فون ڪندس. تون بريڪفاسٽ لاءِ هيٺ ايندينءَ؟“
”جي نه.“
”چڱو ته مان ڪانفرنس وڃڻ کان اڳ فون ڪندس. گُڊ نائيٽ.“
”گُڊ نائيٽ.“
هو ڊگها ڊگها قدم کڻندو ٽيرس تان ٻاهر هليو ويو. هوءَ ريلنگ تي مٿو رکي سمنڊ کي ڏسندي رهي، جتي سج لهي رهيو هو ۽ ڪناري تي بڪني پاتل انگريز عورت ٽهڪ ڏيندي اڳيان ڊوڙندي پئي ويئي ۽ هڪ ٿلهو انگريز ساهه ۾ ڀرجي واريءَ تي هُن جي پٺيان ڊوڙندو پئي ويو.
ٻئي ڏينهن هوءَ شهر جو چڪر هڻي ٽپهريءَ جو موٽي رسيپشن ڪائونٽر تي سندس نالي عرفان جو خط رکيو هو: ”مون کي هن نمبر تي ٽيليفون ڪر، بيحد ضروري ڳالهه آهي.“
هن پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ڌڙڪندڙ دل سان فون ڪئي.
عرفان پنهنجي ڪمري مان ڳالهائي رهيو هو؛ ”سيتا ٻڌ، گهٻرائج نه. ڪلهه رات هڪ وڏو قصو ٿي پيو. جي –سوريه جي ڊنر ۾ جميل صاحب به آيل هو. گهڻي دير تائين ساڻس تعارف ٿي نه سگهيو. هو پريان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي شراب پيئڻ ۾ مصروف هو. انهيءَ کان پوءِ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، پر ڪنهن سان به هڪ لفظ به نه ڳالهايائين. جي-سوريه مون کي ٻڌايو ته هو ڪالهه کان بي حد ڊپريسيڊ آهي، ڇو ته کيس خبر ملي آهي ته سندس زال هڪ پاڪستانيءَ سان ڀڄي آئي آهي ۽ مائونٽ ليونيا ۾ ترسيل آهي.
سيتا، هن جي ڪاوڙ ۽ رنج حق تي آهي، اها حقيقت آهي.“
”جي؟“
”اها حقيقت آهي ته تون مائونٽ ليونيا ۾ ترسيل آهين! ها ها ها، چڱو. هاڻي ڀلا اها سڌ پوڻ کان پوءِ مان ساڻس ڇا ٿي ڳالهائي سگهيس. مان ته ڊنر ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ڪن لڪائي ڀڄي آيس.“
”توهان ايترو ڊڄڻا نڪتا!“
هو وري کليو. ”اڙي مان ته چرچو پيو ڪريان. هاڻي هڪدم ڪو ’آغا حشر‘ جو ڊرامو ته ٿئي نه پيو جو مان سندس سامهون وڃي ڊائلاگ چوڻ شروع ڪريان. هڪ ٻن ڏينهن ۾ موقعو مهل ڏسي ساڻس ڳالهائيندس. ماڻهو ڪافي ڏکيو ٿو ڏسجي. پنهنجي ٻين خاندان وارن کان بلڪل مختلف آهي. ڪلهه شام ٽيرس تي مون کي توسان ڳالهيون ڪندي ڏسي ڊنر تي ڪافي ماڻهن مون کان پڇيو ته اها ڪير پريزاد هئي، جنهن سان تون چانهه پي رهيو هئين، وغيره. توکي خبر آهي ته گوسپ جي عادت انساني فطرت ۾ داخل آهي،جنهن کي بدلائي نٿو سگهجي. هاڻي ڪانفرنس ۾ وڃان ٿو. شام جو جيڪڏهن چئين ته تنهنجي ڪمري تي اچي پوري رپورٽ ڏيان. هيٺ پبلڪ ۾ تو سان ملڻ ٿورو ٺيڪ ناهي.“
”جي نه. رات جو ڏهين وڳي کان پوءِ فون ڪجو.“
”چڱو.“
رات جو سندس فون نه آئي. ٽئين ڏينهن هوءَ ڏاڪڻ لهي باغ ۾ وڃي رهي هئي ته هال کان ايندي هو کيس ملي ويو. ”سيتا، مون کي معاف ڪج.“ هن جلدي جلدي چيو، ”مان رات وري تمام دير سان موٽيو هوس. ٻڌ، هيڏانهن اچ. مان اڄ لنچ تي جميل صاحب سان ملاقات ڪري رهيو آهيان.“ اُهي هڪ گل مهر جي هيٺيان بيهي رهيا. ”ٻڌ، هتي هڪ جاءِ ’سان مشيل‘ (San Machael) آهي. اهو هڪ ڍنڍ جي اندر ٻيٽ آهي، جتي هڪ ريسٽورنٽ آهي. مان شام جو اُتي ايندس ۽ تون به اُتي پهچج. ساري رپورٽ اُتي ٻڌائيندس.“
”اُتي ڪو هندستاني پاڪستاني ته نه هوندو؟“ هن ٿورو ڊڄندي چيو.
”منهنجي خيال ۾ ته ڪو هندستاني پاڪستاني ايترو پري نه ويندو. شام جو وقت گهڻو ڪري ماڻهو شهر جي نائيٽ ڪلبن ۾ گذارڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن، چڱو، تون ڇهين وڳي اُتي ضرور پهچج.“
”اڪيلي؟“
”اڙي ساري دنيا گهمي چڪي آهين ۽ اتي اڪيلي نٿي پهچي سگهين. حد آهي!“
”چڱو چڱو.“ سيتا جلديءَ ۾ جواب ڏنو. هو تيزيءَ سان باغ جي ٻارين جي ڪنارن تان لنگهندو هيٺاهين ڏانهن لهي ويو.
ٽيڪسي ڪولمبو جي پسگردائيءَ مان نڪري سڌي رستي تي رواني ٿي ويئي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڊگهن وڻن جا گهاٽا جهڳٽا هئا ۽ جهنگل جي اندر ور وڪڙ کائيندڙ رستن تان لنگهندي ڍنڍ جي ڪناري تي وڃي بيٺي. وڻن جي هيٺيان ٻه ٽي موٽرون هيون. هوءَ لهي ڪاٺ جي بوٽ هائوس ۾ ويئي. کيس ڏسي موٽر بوٽ واري، موٽر بوٽ ڏاڪڻ سان لڳائي ڇڏي. ڪکائين ڇت جي انهيءَ سنسان بوٽ هائوس ۾ ٻرندڙ سُرخ روشني ڏاڍي پراسرار ٿي لڳي. ايتري ۾ ٻه چار ٻيا ماڻهو به اچي ويا ۽ سڀئي وڃي موٽربوٽ ۾ ويٺا. اُهي تامل مرد ۽ عورتون هئا ۽ سڀ ماٺ ڪري ويٺا هئا. بوٽ گهڙ گهڙ ڪندي پاڻيِءَ تي هلڻ شروع ڪيو. ڍنڍ ۾ مڪمل خاموشي هئي. پري ڪنارن تي ناريل ۽ چندن جي جهرمر لڳل هئي. آسمان جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ڍنڍ جي وچ ۾ ’سان مشيل‘ جي چوٽيءَ تي روشني ٿي رهي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ بوٽ گهاٽ سان وڃي لڳي. هوءَ ڪاٺ جي ڊگهي ڪوريڊار مان لنگهي ريسٽورنٽ ڏانهن ويئي. ٻارين جي ڪنارن مٿان کير جهڙيون جاپاني قنديلون ٻري رهيون هيون. اندر ريسٽورنٽ ۾ ڪجهه سنهالي ڪيٿولڪ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا نچي رهيا هئا. ورانڊن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو بيٺا هئا. ڏاڍو اُداس ۽ ڊپريسنگ ماحول هو. آرڪيسٽرا ’انيتا برانيٽ‘ جو اداس گيت وڄائي رهيو هو ۽ هڪ ڊچ برگر ڇوڪري مائڪرو فون جي اڳيان ڳائي رهي هئي:

“O come along with me
To my little corner of the world
And dream a little drem
In my little corner of the world.”

هن چؤطرف ڏٺو. عرفان ڪٿي به نه هو. هوءَ ڏاڪڻ لهي ٻيٽ جي ٻئي ڪناري ڏانهن ويئي، جتي هڪ ڪاٺ جو پويلين، جيڪو ڍنڍ جي بلڪل وچ ۾ ڪاٺ جي ٿنڀن تي بيٺل هو، هڪ ننڍي پل جي وسيلي ٻيٽ سان ڳنڍيل هو. هوءَ انهي پويلين ۾ داخل ٿي. اهو به سنسان پيو هو. ڇيڙي تي ڪو سنهالي جوڙو ريلنگ تي ٽڪيل پاڻيءَ جي لهرن کي ڏسي رهيو هو. هاڻي سج لهي چڪو هو. ڍنڍ جو پاڻي ڪرمچي ٿي ويو هو. ڪجهه کنن لاءِ پوءِ اها سُرخي، رات جي ڪاراڻ ۾ بدلجي ويئي.
”سيتا!“
هُن مُڙي ڏٺو.
عرفان ڪنڊ واري ميز تان اُٿي آيو. ”تو ڏٺو ڪونه ته مان هن طرف ويٺو هوس.“
اُهي ريلنگ جي ڀرسان رکيل ڪرسين تي ويهي رهيا. سيتا جهُڪي لهرن کي ڏسڻ لڳي. ”ڪيڏي خوبصورت جاءِ آهي هيءَ!“
”ها. ها، خوبصورت ته آهي پر هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌ.“
”ٻڌاءِ.“ سيتا نظرون کڻي کيس ڏٺو. هو ڏاڍو بزنس لائيڪ نظر اچڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هو. پرين اچ گهر ۾ ڇوڪريءَ جو آواز لائوڊ اسپيڪر تي گونجي رهيو هو:

“You will soon forget that there is any other place
And if you care to stay in may little corner of the world
Then we can hide away in my little corner of the world.”

”ڪالهه کان اڄ تائين ڏاڍا واقعا ٿيا.“ عرفان سگريٽ دکائي جلدي جلدي چوڻ شروع ڪيو، ”هڪ ته ڳالهه ڪافي پکڙجي ويئي آهي ته تون هتي آيل آهين ۽ عجيب ڳالهه آهي نه، ته تون ۽ تنهنجو صاحب بهادر، ٻئي هن شهر ۾ موجود آهيو. ۽ ماڻهو خبر ناهي ڇو مون کي ’رقيبِ روسياهه، سمجهڻ لڳا آهن. اهو ته چڱو هنگامو ٿيو. تو پهريائين انهيءَ باري ۾ ڇو نه سوچيو؟ هاڻي ڪانفرنس کان پوءِ شام جي محفلن ۾ ماڻهن کي اها بيحد عمدي گوسپ هٿ اچي ويئي آهي ۽ انڊو- پاڪستان جي جهيڙن جي پيش نظر اها صورت حال پاڻ وڌيڪ تشويشناڪ آهي. ڪن ماڻهن کي ته اها خاطري آهي ته مان جميل جي بيبيءَ کي ڀڄائي کڻي آيو آهيان ۽ کيس مائونٽ ليونيا ۾ لڪائي رکيو اٿم. اڄ هڪ شخص چيو ته ڇو، پريشان ڇو ٿو ٿين؟ ٻئي جي زال اغوا ڪرڻ ماسيءَ جو گهر ناهي.“
سيتا ٿورو ڏڪي ويئي. ”هاڻي ڇا ٿيندو؟“
هو کليو. ”ٿيندو ڇا؟ انڊو- پاڪستان تعلقات وڌيڪ خراب ٿيندا. ٿي سگهي ٿو ته ڪو ڪرائسس (Crisis) به ٿئي، جنهن تي اسان جي پرڏيهي وزير جو بيان به ڇپجي ۽ توهان وٽ لوڪ سڀا ۾ سوال ڪيا وڃن. اخبارن ۾ ڌڙا ڌڙ خبرون ڇپبيون. ڏسندي وڃ. اڀي تو ابتدائي عشق هي...!“
”توهان ته ڪنهن به وقت مذاق ڪرڻ کان نٿا مڙو، پر مون کي ٻڌايو ته مان ڇا ڪريان؟“
”مان پڇان ٿو ته تون هتي ڇو آئينءَ؟ جيڪڏهن جميل سان ملڻو هو ته امريڪا هلي وڃين ها.“
”امريڪا هلي وڃان ها ۽ اوڏانهن وڃڻ جو ڀاڙو توهان ڏيو ها.“
هن ڪاوڙ مان چيو.
”اڄ لنچ تي جميل صاحب سان ملاقات نه ٿي سگهي. هو آيو ئي ڪونه، تنهنڪري ٽپهريءَ جو مٿي تي ڪفن ٻڌي، جي-سوريه سان گڏجي گال مينس ويس، جتي موصوف قيام پذير آهي. پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ قلعه بند ٿي هميشه وانگر شراب پيئڻ ۾ لڳو پيو هو. مون جي-سوريه کي اندر موڪلي چورايو ته مان انهيءَ ساري قصي جي چٽائي ڪري سندس اها خوفناڪ غلط فهمي دور ڪرڻ چاهيان ٿو. جي-سوريه اهو جواب کڻي آيو ته عرفان صاحب کي چئي ڇڏ ته قمرالسلام چوڌريءَ کي جهڙي مار نيويارڪ ۾ ڪڍي هئم، اُها هو اٺ ڏينهن تائين وساري نه سگهيو هوندو. تنهنڪري جيڪڏهن پنهنجو ساهه پيارو اٿيئي ته منهنجي سامهون نه اچج.“
پويلين ۾ هوا جي ٿڌي لهر داخل ٿي ۽ سيتا جا وار اُڏرڻ لڳا. هن ڪارا وار سميٽي مٿو ڍڪيو.
”توکي خبر آهي،“ هو آهستي آهستي چوڻ لڳو، ”تون پنهنجون ٻيڙيون ساڙي چڪي آهين. قمر جو قصو جيڪو هو سو ٿيو. جميل کي پروجيش چوڌريءَ جون خبرون به پهچي چڪيون آهن.“
سندس رنگ سفيد ٿي ويو.
”توهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“
”مون کي سمورو وقت تنهنجو خيال رهندو آهي ۽ تون دل ۾ نه ڪج، ڇو ته تون ائڊلٽ (Adult) بڻجڻ جي ڪوشش ڏاڍي ٿي ڪرين، پر آهين ڪانه. توکي اها به چڱي طرح سُڌ آهي ته مان تو ۾ ڪافي دلچسپي ٿو وٺان. شايد تون انهيءَ جو علاج نٿي ڪري سگهين ته ماڻهو تو ۾ هٻڪي دلچسپي وٺن. اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي حد تائين تون انهن جي دل ٽوڙڻ نٿي چاهين.“
”اوهان هن وقت ايتري قدر ذليل ۽ ڪميڻي ڳالهه چئي آهي جو مان انهيءَ جو جواب ڏيڻ نٿي چاهيان. مان توهان کي پنهنجو دوست سمجهي ڪولمبو آئي هيس.“
”دوست! دوست ڪهڙي بلا آهي؟ ڊيم.“
شام جو گهري سناٽي ۾ ٻيٽ جي طرف کان اندڙ سنگيت هاڻي تمام صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو. ناچ گهر اندر ڇوڪري اهو ئي گيت ڳائي رهي هئي:

“I always knew I’d fine some on like you
So welcome to my little corner of the world.”

هو هڪم اُٿي بيٺو. ”هاڻي ڪافي رات ٿي ويئي آهي. ڪولمبو واپس وڃ. تون اڳ ۾ پهرين بوٽ ۾ ڪناري ڏانهن واپس هلي وڃ. مان پوءِ هليو ايندس. ڪهڙي خبر واقعي ريسٽورنٽ ۾ ڪو مون کي يا توکي سڃاڻي وٺي.، رات پوڻ سان هتي ماڻهو وڌيڪ جمع ٿيندا آهن. گُڊ نائيٽ.“
هو کيس پويلين جي پل تائين ڇڏڻ به نه آيو. هوءَ ٻاريءَ جي ڪناري تي آئي. گهاٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ ناچ گهر جي رستي تان لنگهي ته ريسٽورنٽ جو سنهالي مئنيجر ڊي-جي پائي، جيڪو بلڪل پينگوئن پئي لڳو، سامهون اچي چيو، ”مس! توهان جلدي واپس پيا وڃو. ڊنر لاءِ نه ترسندؤ؟“ ڀرسان لنگهندڙ ٻن تامل عورتن کيس غور سان ڏٺو. هوءَ تکا تکا قدم کڻندي ڪوريڊار تائين پهتي. ڪوريڊار جي ڇيڙي تي هڪ ٻيو سنهالي جوڙو ريلنگ تي جهڪيو بيٺو هو. رات جي آسمان جي وسعت ۽ سناٽي جي مقابلي ۾ سندن مٿان هڪ سُرخ ۽ سبز جاپاني قنديل ٻري رهي هئي. چؤطرف بي انت هيڪلائي هئي.
گهاٽ تان لهي هوءَ موٽر بوٽ ۾ ويٺي. اندر روسي سفارت خاني جا ڪجهه مرد ۽ عورتون ويٺا هئا. انهيءَ جاءِ جو اهڙو جادو هو جو شايد ڳالهه ڪندي به ڊپ ٿي ٿيو ته اهو جادو ٽٽي نه پوي.
ٻئي ڏينهن عرفان کيس لائونج ۾ مليو. ”مون اڄ جميل صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ملاقات لاءِ تيار ناهي. لاحول ولا قوة، تو مون کي ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسائي ڇڏيو.“
”مون کي افسوس آهي ته مون توکي مصيبت ۾ ڦاسايو آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان ٽيئي ڪلچرڊ ماڻهو آهيون ۽ انهيءَ سطح تي اهو خالص هيومن معاملو، منهنجي صلاح مشوري سان نبيرجي سگهندو.“
”تو وري اجايو سجايو چوڻ شروع ڪيو!“ عرفان چڙي چيو. ”مان ايندڙ ڇهن ڏينهن تائين ڪانفرنس جي ڪم ۾ بي حد مصروف رهندس. تون هتي ايترو وقت بيڪار ڪيئن ڪاٽيندينءَ. بهتر اهو آهي ته اسڪينڊل جو زور گهٽائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هفتي کن لاءِ ڪينڊي وغيره هلي وڃ. ايندڙ اڱاري کان مان واندو آهيان. انهيءَ کان پوءِ اسان ويهي سوچي سگهنداسين.“
”پر جميل؟“
”انهيءَ جو فڪر نه ڪر. هو به اڃا هفتو ڏهه ڏينهن کن ترسندو. پر تون هاڻي خدا جي واسطي هتان رفو چڪر ٿي. ڪنهن امريڪي ٽورسٽ پوڙهيءَ کي پاڻ سان گڏ کڻ. هوٽل اهڙين پوڙهين سان ڀريا پيا آهن. ڪمپني به رهندي ۽ تون دل کولي هن جي جنرل ناليج ۾ و اڌارو ڪندي رهج.“
”چڱو.“ هن هڪ ڀيرو وري فرمانبرداريءَ سان وراڻيو.
”مان آمريڪن ايڪسپريس وارن سان ڳالهائي تو لاءِ تمام فرسٽ ڪلاس ٽُور جو انتظام ڪرائي ٿو ڏيان.“ هن ڪائونٽر تي وڃي ٽيليفون جو رسيور کنيو.

12

سوا ڇهه فوٽ ڊگهي ۽ نيرين اکين ۽ سرخي مائل زرد وارن واري، ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش ريسٽ هائوس ۾ پهچي ڪار روڪي ۽ هڪ ڀيرو پويان مڙي ڏٺائين ته شايد اها سليٽي رنگ جي هلمين، جنهن ۾ اُها خوبصورت ڇوڪري ويٺي هئي، انهيءَ طرف ايندي هجي. هو ڪولمبو جي پسگردائيءَ کان هيستائين سندس پيڇو ڪري رهيو هو. سندس خيال هو ته شايد هوءَ به انهيءَ ريسٽ هائوس ۾ اچي ترسندي، پر جهنگل مان گذرندڙ ورن وڪڙن وارو رستو سنسان پيو هو. هو ڪار مان لهي ورانڊي ۾ آيو. بيري نيرن جي ٽري سندس سامهون اچي رکي. هن بلئڪ ڪافيءَ جو ڪپ ختم ڪرڻ کان پوءِ ٽائيپ رائٽر کوليو ۽ مضمون ٽائيپ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين: ’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر.‘ پنهنجي ڪتاب جو ٻيو باب کيس جلد از جلد مڪمل ڪري رسالي جي ايڊيٽر کي هارورڊ موڪلڻو هو ۽ وقت تمام گهٽ هو. کيس هتان کان مغربي بنگال ۽ ڪيرل به وڃڻو هو.
ورانڊي ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ يوروپين ٽورسٽ بيئر جو گلاس اڳيان رکي چُپ چاپ ويهي اخبار پڙهي رهيا هئا. باغ ۾ ڳاڙها گل ٽڙيا هئا. آسمان تمام شفاف ۽ نيرو هو. هن سامهون واري پُرسڪون منظر کي ڏسي ڊگهو ساهه کنيو ۽ ٻيهر ٽائپ ۾ لڳي ويو.
ڪلاڪ کان پوءِ هو هڪ ڀيرو وري خاموش ڪاري رستي تي روان هو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان رٻڙ جا گهاٽا وڻ هئا ۽ ڦوٽن جي وڻن تي پيلا پوپٽ اڏري رهيا هئا.
ڪرو وينگالا ۾ هاٿيءَ جي شڪل جهڙي ڪاري چوٽي اُفق تي ظاهر ٿي. هتان کان چڙهائي شروع ٿئي ٿي، پري پري تائين پام جا جهُنڊ هوا ۾ جهومي رهيا هئا. هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي خوبصورت بازار مان لنگهندي اوچتو کيس اُها سائي رنگ واري ڪار ٻيهر ڏسڻ ۾ آئي. ڪجهه دير تائين اها اڳيان پئي ويئي ۽ هڪ ڳوٺ ۾ ميوي جي دڪان اڳيان بيهي وري پويان رهجي ويئي.
لزلي مارش کي پاڻمرادو کل اچي ويئي. هو اها ڪهڙي مسخري ڪري رهيو هو. جيڪڏهن انهيءَ ڇوڪري مڙي ڏسي ورتو ته سمجهندي ته ڪو ٻيو ٽورسٽ پويان پيو اچي ۽ حقيقت ۾ هو به ائين.
ڳوٺن جي رستن جي ڪناري تي لڳل رنگ برنگي ڪاغذي چرخيون هوا ۾ تيزيءَ سان ڦري رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي ٻُڌ مندرن جي ڦاٽڪن تي اڇا جهنڊا لڳل هئا، جن مان ظاهر ٿي ٿيو ته اُتان جي پروهت جو ديهانت ٿيو آهي. اونداهن جهنگلن ۾ پورچوگالي ۽ ولنديزي عهد جون جوڙيل ڪيٿولڪ چرچ لڪيون بيٺيون هيون. خوبصورت ڪاٽيجن جي درين جا پردا لهرائي رهيا هئا.
ڪجهه دير کانپوءِ منظر تبديل ٿيڻ شروع ٿيو ۽ زمرد جي رنگ جهڙيون ٽڪريون نيڻ نهار تائين ڦهليل هيون.
پولو نروا ۾ ’پراڪرم سمندر‘ جي ڪناري ريسٽ هائوس ۾ پهچي هن اُميد ڀريل نگاهن سان چوطرف ڏٺو. هوءَ اُتي به نه هئي.
ڪمري ۾ وڃي هن هٿ منهن ڌوتا ۽ لنچ جو آرڊر ڏيڻ کان پوءِ ٻاهر اچي شيشي جي لائونج ۾ ويٺو، لائونج جي ٽن طرفن کان پراڪرم سمندر لهرون هڻي رهيو هو. اندر ميزن تي وڏا وڏا زرد گل گلدانن ۾ جرڪي رهيا هئا. درين ڀرسان ٽي چار آمريڪي ۽ يوروپي سياح عورتون ڪافي پيئندي آهستي آهستي ڳالهيون ڪري رهيون هيون. پاڇي وانگر مؤدبانه هلندي سنهالي بيرا انهن جي خاطرداريءَ ۾ لڳل هئا.
ڊائننگ هال ۾ ٽورسٽ ڊپارٽمنٽ جي هڪ ڇوڪري مشڪي کيس نمستي ڪيو.
”پولونروا جا کنڊر ڏسڻ ۾ ڪيتري دير لڳندي؟“ هن پڇيو.
”اهو انهيءَ تي منحصر آهي ته کيس منجهن ڪيتري دلچسپي آهي.“ ڇوڪري ڏاڍي اخلاق سان وراڻيو.
”مان آرڪيالاجسٽ آهيان.“
”اوهه! تڏهن توهان کي ’انوُراڌاپورا‘ به ضرور وڃڻ گهرجي!“
”افسوس آهي جو هن دفعي مان انوُراڌاپورا وڃي نٿو سگهان. آرڪيالاجي منهنجي هابي آهي، پر اڄ ڪلهه مان هڪ جدا موضوع تي ڪتاب لکڻ خاطر هتي آيو آهيان. تنهنجو ڪنهن سياسي پارٽيءَ سان تعلق هجي ته مون کي ڪجهه ڳالهيون ٻڌاءِ.“ هن بيهي ٻي ڪرسي ميز جي ويجهو کسڪائيندي چيو، ”تون تامل آهين يا سنهالي؟“
”تامل! پر منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان تعلق ناهي. معاف ڪجو، مون کي هن وقت ڪولمبو واپس وڃڻو آهي.“ ڇوڪري مشڪي جواب ڏنو ۽ نمستي ڪري اڳتي هلي ويئي.
ماني کائي هو ٻاهر آيو. ورانڊي ۾ سري لنڪا ۽ پولونروا جو نقشو ۽ ’پراڪرم باهو پهرين‘ جو فرمان فريم ۾ ٽنگيل هو:
’برسات جو ٿورو پاڻي به انسان جي ڪم اچڻ کان سواءِ سمنڊ ۾ وهي نه وڃن گهرجي - پراڪرم باهو.‘
هن ’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر‘ جو مسودو بند ڪري، پورٽ فوليو مان ٻيو مسودو ڪڍيو ۽ نقشي سامهون ڏاڪڻ تي ويهي جلدي جلدي نوٽ وٺڻ شروع ڪيائين:
’عيسيٰ جي پيدائش کان پنج سؤ سال اڳ، هندستان جي پرنس وجئه، لنڪا تي حملو ڪيو. ساڻس گڏ آيل ماڻهو مگڌي نسل جا هئا جيڪي سنهالي چوائڻ ۾ آيا ۽ انهيءَ نسبت سان اهو ٻيٽ ’سنهلديپ‘ سڏجڻ لڳو، يعني شينهن جو ٻيٽ. پرنس وجئه، لنڪا جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي هئي. لنڪا جا قديم رهاڪو Pre-Dravadian Astroloids هئا، جيڪي ڇوٽا ناگپور جي علائقي کان ٿي ملايا، جاوا ۽ آسٽريليا تائين پکڙجي ويا. لنڪا ۾ انهن جي راڄڌانيءَ جو نالو لنڪاپور هو. شايد انهن کي، هندن جي قديمي ايپڪ (Epic) رامايڻ ۾، اتر هندستان جي آرين پنهنجي نسلي برتريءَ جي احساس جي بنياد تي، سياح فارم راڪشسن جي قوم چيو.‘
يشيا ۾، نسل ۽ رنگ جو فرق، مشرق جي ڪلربار-انهيءَ مسئلي تي مون کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو‘. هن فوٽ-نوٽ ۾ لکيو ۽ ڪيمل سگريٽ دکائي پراڪرم سمندر جي مؤجن کي ڏسڻ لڳو. انهيءَ واڱڻائي ساڙهيءَ واري ڇوڪريءَ جو خيال دماغ مان ڪڍي ڪجهه کن کان پوءِ هن وري لکڻ شروع ڪيو:
’سيلون جا موجوده جهنگلي، جن جي اوڙيسا جي جهنگلي قبيلن سان گهڻي مشابهت آهي، ’ويدا‘ سڏجن ٿا ۽ اِنهن ئي اوريجنل رهاڪن جو اولاد آهن.
’سنهالي بادشاهه ايڪيويهين صدي تائين انهيءَ ٻيٽ تي حڪمران ٿي رهيا. انوراڌاپورا انهن جي راڄڌاني هو. اشوڪ جو پٽ شهزادو مهندر پهريون ٻڌ پرچارڪ هو، جنهن انوراڌاپورا اچي، سنهالي بادشاهه ’ديونام پيار تسا‘ کي ٻُڌمَت ۾ داخل ڪيو. شهنشاهه سمندرگپت جي الله آباد واري ٿنڀي تي اُڪريل آهي ته جن حاڪمن کيس گذارش ڪئي ته گپتا حڪومت جي چارٽر ذريعي کين پنهنجي علائقن ۾ رهڻ ڏنو وڃي، تن ۾ سنهالا جا رهاڪو به شامل آهن. بائبل ۾ ڏکڻ لنڪا جي ساحلي شهر تارشش ياگال جو ذڪر آهي، جتان ملڪه صبا ۽ سليمان جي لاءِ مور ۽ هيرا ايڪسپورٽ ڪيا ويندا.
’اٺين صدي عيسوي تائين لنڪا، اُتر هندستان جي موريا ۽ گپتا ڪلچر کان متاثر رهي ۽ نائين صديءَ کان ڏکڻ هندستان جي سياسي ۽ تهذيبي حلقهء اثر ۾ داخل ٿي. ڪرشنا نديءَ جي اولهه ۾ انهيءَ وقت چولا، پاندليه ۽ ڪيرالا جون بادشاهيون قائم هيون. لنڪا جي تخت جا مختلف دعويدار پنهنجي گهرو جنگين جي دوران گهڻو ڪري انهن بادشاهن کان مدد وٺندا هئا. يارهين صديءَ ۾ چولا جي رهاڪن انوراڌاپورا جي بادشاهت کي شڪست ڏيئي ٻيٽ جي وڏي حصي کي چولا سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيو ۽ پولو نروا کي پنهنجي راڄڌاني مقرر ڪيائون، پر انهيءَ صدي ۾ سنهالي بادشاهه پراڪرم باهو – پهريون، ڏکڻ هندستان جي تسلط کان آزاد ٿي ٻيهر پنهنجي سلطنت قائم ڪري ورتي.
’لنڪا جو تخت انوراڌاپورا تيرهن سؤ سالن تائين آباد رهيو. اهو عرصو روم، قرطاجنه ۽ ٿيبز کان ڊگهو آهي. ۽ پوءِ جهنگل کيس ڳڙڪائي ويو.
’پولو نروا، لنڪا جي عظيم ترين بادشاهه پراڪرم باهو- پهرين جي عهد ۾، پنهنجي عروج تي پهچي چڪو هو. هن شاندار ٿيئٽر هال، محلات، آرٽ گئلريون، استوپ ۽ مندر جوڙيا. هن سموري ٻيٽ ۾ آبپاشيءَ جو اهڙو زبردست ۽ حيرت انگيز انتظام ڪيو جو پري پري ڪشمير جا حاڪم پڻ هتان کان انجنيئر گهرائيندا هئا. (ڪولمبو پلان انهيءَ وقت کان شروع ٿيو هو – ليزلي مارش دل ۾ چيو.)
’پرياڪرم باهو عظيم الشان مصنوعي سمنڊ تيار ڪرايو. (لکندي هُن ’سمندر‘ ڏانهن ڏٺو ۽ وري سامهون لڳل فرمان تي نظر وڌائين: ’برسات جو ٿورو پاڻي به انسان جي ڪم اچڻ کان سواءِ سمنڊ ۾ وهي نه وڃڻ گهرجي.‘) انهيءَ کان پوءِ زوال شروع ٿيو‘

لزلي مارش لکڻ جاري رکيو.
’۽ آهستي آهستي ايندڙ صدين ۾ پولونروا به جهنگل جي وڌندڙ سيلاب ۾ غرق ٿي ويو.

”هُن گهڙي ڏٺي. هاڻي هلڻ گهرجي نه ته رات تائين سگريه پهچي نه سگهبو. ڪتاب ۽ ڪاغذ سميٽي هن پورٽ فوليو ۾ رکيا ۽ ريسٽ هائوس مان ٻاهر نڪتو. ڪجهه قدمن تي پراڪرم باهو جو عاليشان مجسمو هڪ هيٺاهين چوٽيءَ تي بيٺل هو. انهيءَ مجسمي کي سنهالي سنگتراشن نؤ سو ورهيه اڳي ٺاهيو هو. انهيءَ مجسمي جي پاڇي ۾ بيهي، لزلي مارش پاڻ کي بيحد حقير محسوس ڪيو. ’مان ڪير آهيان؟‘ دور دراز نيو انگليند کان آيل لزلي ونسٽ مارشل، جيڪو هن وقت مشرق کي تهذيب سيکارڻ نڪتو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته مشرق جي سڀني دکن جو علاج فقط وٽس آهي، مشرق کي پنهنجي دکن جو پاڻ ئي علاج ڪرڻ جو ڪوبه حق ناهي.
مجسمي جي ڀرسان، مٿي جا وار کُٿل ۽ ڪاري رنگ جو هڪ نوجوان، اکيون ڦاڙي ۽ ڏند ڪڍي بيٺو هو، جيڪو شايد کانئس خرچي گهري رهيو هو. کيس ائين لڳو ڄڻ هُو، انهن قديم جهنگلن، انهن سرسبز ٽڪرين، انهيءَ لهرون هڻندڙ نيري ڍنڍ، انهيءَ ڳاڙهي پٿر جي نيري مجسمي جو روح آهي، جيڪو اڄ جي ڪلچرڊ دنيا جي اونداهي لاشعور ۾ اوچتو نمودار ٿي مٿس چٿرون ڪري رهيو آهي.
ڪيمرا کڻي، هو ٽڪرين جي چوٽين تان لهندو هوا ۾ سوساٽ ڪندڙ ڊگهن وڻن جي جهنگل ۾ داخل ٿيو، جتي ڳاڙهي پٿر جا کنڊر چؤطرف پري پري تائين پکڙيل هئا.
اُڪر ٿيل ٿنڀن جي ’مون اسٽون‘ تي ويهي، هو پنهجي ڪيمرا فوڪس ڪري رهيو هو ته کيس اوچتو هوءَ نظر اچي ويئي. هوءَ ٻئي طرف کان ڏاڪڻ لهي پراڪرم باهو جي ’پنجاهه ڪرم واري محل‘ ڏانهن وڃي رهي هئي. هو هڪدم پٺيان ٿيو. گاهه تي وکريل پيلن پنن تي هن جي قدمن جي آهٽ ٻڌي، هُن پُٺ ورائي.
”هاءِ.“ لزلي مارش مشڪي چيو.
”هاءِ“ جواب ۾ هوءَ به مشڪي.
هو ساڻس گڏ هلڻ لڳو. ”هيءُ ٻيٽ ايتري قدر خوبصورت آهي، جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي.“ هن ڳالهه شروع ڪي.
”ها.“ واڱڻائي ساڙهي واري ڇوڪري جواب ڏنو. ”اسان جي مقدس ڪتاب رامايڻ ۾ لکيل آهي ته سائي ۽ سونهري لنڪا اهڙي ته دلفريب هئي ڄڻ آڪاش تي باغ لڳل هجي.“
”ڪيڏو حسين اڏاوت جو نمونو آهي اِهو!“ لزلي مارش، محل کي ڏسندي حيرت ۾ بيهي چيو. ”مان جڏهن به ايشيا ايندو آهيان ته پنهنجو پاڻ کي بيحد ننڍو محسوس ڪندو آهيان.“
”تو ڏکڻ هندستان جا مندر ڏٺا آهن؟“
”ها. تون به هندستاني آهين نه؟“
”ها. هُو ڏس ’ست محفل وهار.‘ اهو راڻي روپ متي ٺهرايو هو. مون هاڻي گائيڊ بوڪ ۾ ڏٺو.“
”منهنجو نالو ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش آهي. مان هارورڊ کان آيو آهيان.“
”مان ڊاڪٽر ميرچنداڻي آهيان. مان 1954ع تائين ڪولمبو ۾ پڙهي آهيان.“
”مس ميرچنداڻي يا مسز ميرچنداڻي؟“
”ميرچنداڻي منهنجو ميڊن (Maiden) نالو آهي.“
”توکي خبر آهي ته مان ڪولمبو کان هيستائين تنهنجو پيڇو ڪندو آيو آهيان. تو هڪ دفعو به پويان مُڙي نه ڏٺو.“
”هارورڊ جا ماڻهو ته بيحد سنجيدا ۽ معقوليت پسند مشهور آهن.“
”ها ها ها. تون ڪولمبيا ۾ انگلش ڊپارٽمنٽ جي ڊاڪٽر ايڊورڊ مارش کي سڃاڻين؟ هو منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي.“
کنڊرن جا چڪر ڏيندي، هنن آمريڪا جون ڳالهيون شروع ڪيون. هو انهيءَ پس منظر مان آيو هو، جتي سيتا پنهنجي زندگيءَ جو بهترين وقت گذاريو هو. شايد انهيءَ ڪري هن اجنبي آمريڪي سان هڪ عجيب ويجهائپ محسوس ٿي.
’اينٿراپالاجي‘ ۽ ’آرڪيالاجي‘ منهنجا وڻندڙ مضمون آهن، پر يونيورسٽيءَ ۾ پوليٽيڪل سائنس پڙهائيندو آهيان. اڄ ڪلهه هڪ ڪتاب لکڻ خاطر هتي آيو آهيان. تون به ڪتاب لکڻ آئي آهين؟“
”نه. هي ڏس.“ هن جلدي گائيڊ بوڪ کوليو. ”هيءُ راڻين جي وهنجڻ لاءِ ڪنول جي شڪل جهڙو تلاءُ. هتي لکيل آهي ته انهيءَ ۾ پراڪرام سمندر مان ڪسيءَ جي ذريعي پاڻي ڀريو ويندو هو.“
اُهي سموري کنڊر ۾ گهمندا رهيا. لنڪا تلڪ مندر. جيت ون وهار. راڻي روپ متيءَ جو ٺهرايل استوپ. پراڪرم باهو جي راڻي ’سڀدرا‘ جو ٺهرايل ’ڪيري وهار.‘ ڏکڻ هندستان جي طرز جا ڀڳل ٽٽل شيوديوالا. سرن مان جوڙيل گوتم ٻُڌ جو بيحد ڊگهو مجسمو، جيڪو سڌو بيٺل هو ۽ جنهن جي گوٿڪ وضع جي مندر جي ڇت ڪري چڪي هئي. ڪارين ٽاڪرو چوٽين وچ ۾ گاهه تي ليٽيل گوتم ٻُڌ، جنهن کي ’نرواڻ پدوي‘ ملي چڪي هئي ۽ جنهن جي سيرانديءَ کان آنند هٿ ٻڌي پنهنجي مالڪ جي موت تي اداس بيٺو هو. هڪ وڏي ۽ ويڪري چبوتري تي پدم آسڻ ۾ ويٺل گوتم ٻڌ، جنهن جي سامهون وڻن تي پوڄارين پنهنجون پنهنجون مرادون ماڻڻ لاءِ سفيد جهنڊيون ٻڌي رکيون هيون، ۽ جنهن جي چوطرف سنهالي عورتون اچي سجدي ۾ ڪري پيون هيون. مورن، هاٿين ۽ راج هنسن جا نفيس ۽ لسا مون اسٽون. لزلي هڪ هڪ شيءِ ڏسي بي حال ٿيندو ٿي ويو.
”توهان آمريڪي به خوب آهيو.“ سيتا کلي چيو.
”هو ڏس، ’ست محل پرسات.‘“ لزلي سامهون اشارو ڪيو. انهيءَ زماني ۾ ماڻهو ست ست ماڙ عمارتون جوڙائيندا هئا. ڪمال آهي!“
”رامايڻ ۾ تلسي داس لکيو آهي ته لنڪا جا محل خود وشو ڪرم ڀنڊار جي ديوتا ڪُٻير جي رهائش لاءِ پنهنجي هٿن سان جوڙيا هئا.“ سيتا چيو.
”جي؟ وري چئجو.“ هن هڪدم پنهنجو نوٽ بڪ ڪڍيو. سيتا کِلي پيئي. ”۽ اهو به لکو ته وشڻو، جادو جو شهر جوڙيو هو، جنهن ۾ شهزادي وشو- موهني رهندي هئي.“ هوءَ هڪ ڀڳل ٿنڀي تي ويهي رهي. لزلي نوٽ بڪ بند ڪري ڇڏيو.
”توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان.“ هن چيو، ”هندو ديومالا ۽ رامايڻ جي ڪهاڻي پڙهي، مان هميشه سوچيندو هوس ته سيتا ڪهڙي هوندي.“
”۽ اُها اڄ ڏسي ورتي.“ هوءَ اڃا زور سان کِلي.
فضول. فضول وقت گذري رهيو آهي.
واپسيءَ ۾ کين پري کان ’رڻ ڪوٽ وهار‘ جو عظيم الشان استوپ نظر آيو. جنهن جي وسيع گنبذ تي گهاٽو گاهه اُڀري آيو هو. ”ڪيڏي ڀوائتي ڳالهه آهي.“ سيتا چيو، ”انسان جهنگل جي سامهون بيوس ٿي ٿو پوي.“
”ها.“ لزلي کيس غور سان ڏسندي جواب ڏنو، ”تون بلڪل ٺيڪ ٿي چئين.“
ريسٽ هائوس جي اڳيان پهچي هن سيتا کي چيو، ”جيڪڏهن تون اهو نٿي چاهين ته مان ٻيهر تنهنجو پيڇو شروع ڪريان ته تون منهنجي ڪار ۾ اچ ۽ پنهنجي ڊرائيور کي چؤ ته اسان جي پويان پويان اچي.“
سيتا ائين ئي ڪيو.
پولونروا جا کنڊر پويان ڇڏي، اُھي وري سڌي رستي تي آيا. سيتا مٿو پويان ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيون. گذريل سال هوءَ عرفان سان بهاولپور جي مٽيهاڻي رستي تان لنگهي رهي هئي. عرفان هن وقت ڪولمبو ۾ هو. جميل به ڪولمبو ۾ هو. هوءَ لزلي ونسنٽ مارش سان گڏ سگريه وڃي رهي هئي.
رات ٿي ويئي.
’ستي ساوتريءَ جهنگل ۾ چيو هو: رات اسان جي چوڌاري گهري ٿيندي ٿي وڃي. سج لهي چڪو آهي. رات جا حيوان چئني طرفن کان گهمي رهيا آهن ۽ ڏاڍي بي رحميءَ سان طنزيه ٽهڪ پيا ڏين. انهن جي هلڻ سان پن کڙ کڙ پيا ڪن. ڏکڻ اولهه کان ايندڙ گدڙن جون ڀيانڪ اونائيون منهنجي دماغ کي لوڏي رهيون آهن. منهنجي دماغ کي... منهنجي دماغ ...‘
رات جي اونداهيءَ ۾ سگريه ريسٽ هائوس تي گهري خاموشي ڇانيل هئي.
”تنهنجي رزرويشين موجود آهي؟“ لزلي ڪار مان لهندي پڇيو.
”ها.“
”توهان جو ڪمرو هن طرف وِنگ ۾ آهي، ڊاڪٽر مارش.“ ريسٽ هائوس جي مئنيجر اچي چيو.
”چڱو مهرباني.“ هو اٽيچي ڪيس کڻي ڊگها ڊگها قدم کڻندو ٻئي ورانڊي ڏانهن هليو ويو.
صبح جو جڏهن هوءَ پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتي ته هو ورانڊي ۾ ويهي ٽائيپ ڪري رهيو هو.
”گڊ مارننگ!“ هن منهن مٿي کڻي چيو.
”گڊ مارننگ ٽو يو پروفيسر!“ سيتا وراڻيو ۽ ڀر ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
هو ٽائيپ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.
”ڇا لکي رهيا آهيو؟“
لزلي ٽائيپ ڪيل ڪاغذ ڏانهس وڌايا.
’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر.‘ ’سيلون جي سري لنڪا فريڊم پارٽيءَ جو ڍونگ‘ ٻئي باب جو پهريون عنوان هو. هوءَ ڪجهه صفحن تي نظر وجهي بيزاريءَ سان ٻاهر ڏسڻ لڳي.
”تنهنجي ڳالهين مان لڳو هئم ته تون معقول قسم جو ڊيموڪريٽڪ آهين.“ ڪجهه منٽ رکي هن چيو.
لزلي ٽائيپ بند ڪري کلڻ لڳو. ”مون ڪلهه شام پولونروا ۾ توسان بحث ڪرڻ کان پوءِ طئه ڪيو آهي ته ايڏيون خوبصورت گهڙيون سياسي گفتگوءَ ۾ برباد نه ڪندس ڇو ته جڏهن تون تقرير شروع ڪري ٿين ته ٻئي ڪنهن کي ڳالهائڻ ئي نٿي ڏين ۽ اهڙي طرح تمام قيمتي وقت ضايع ٿئي ٿو. تو جهڙين حسين ڇوڪرين کي انٽلڪچوئل بلڪل ٿيڻ نه گهرجي.“
سيتا کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ ساڻس گڏجي بريڪ فاسٽ جي ميز ڏانهن ويئي.
نيرن کائڻ کان پوءِ هن گهڙي ڏٺي.
”هاڻي جلدي سگريه ڏسي اچڻ گهرجي.“
”ڇو؟ ڪهڙي جلدي آهي؟“ لزلي سندس سگريٽ دکائيندي پڇيو.
”منهنجي دل ٿي چوي ته هڪ ٻه ڏينهن هتي رهڻ گهرجي.“
”مون کي اڱاري جي صبح جو ڪولمبو واپس پهچڻو آهي.“
”ڪولمبو پهچڻ لاءِ ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟ تو ته چيو ٿي ته پراچين لنڪا جي سياحت لاءِ آئي آهين. انگريزن جي آباد ڪيل هن ڪالونيل (Colonial) شهر ۾ ڇا رکيو آهي؟“
هوءَ ميز تي ماچس جي تيلين مان اکر ٺاهڻ ۾ لڳي رهي. هڪ تمام ننڍي عمر وارو سنهالي جوڙو، جنهن جي انداز مان ظاهر ٿيو ٿي ڄڻ هني مون ملهائڻ آيو هجي، پنهنجي ڪمري مان نڪري ڪائونٽر تي آيو. ڇوڪري، ڪولمبو ٽرنڪ ڪال ڪري رهي هئي:
”مما، اسان خير سان آهيون. چڱو... مان؟ ماني تمام سٺي آهي... ها ها. مون اووليٽن پيتي آهي. مان رتنا کي تمام گهڻا پڪچر پوسٽ ڪارڊ موڪلينديس. جارج سان ڳالهاءِ.“
ڪافي ختم ڪري لزلي اُٿي بيٺو. ”جيڪا تنهنجي مرضي. هلو، سگريه ڏسي اچون.“
سگريه جي ڇهه سؤ فٽ هيبتناڪ چوٽيءَ تي پهچندي پهچندي ڪافي وقت لڳي ويو. هوا ڏاڍي تيز هئي ۽ هلڪي اُس هيٺين حد تائين ٻنين ۾ ڦهليل هئي.
پري اُفق ۾ تيز نيريون ٽڪريون ڏسڻ ۾ پئي آيون. چوٽيءَ تي پهچي چوڌاري ڏسندي هُن هڪدم لزلي کي چيو، ”گناهه جو احساس سگريه جي چوٽي وانگر خوفناڪ ۽ اٽل، اونداهو ۽ ڊيڄاريندڙ آهي.“
”تون ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون گهريون ڳالهيون ڪندي آهين جو انهن لاءِ باقاعدي فوٽ نوٽس جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي. ٻڌاءِ، دنيا جي ڪهڙي لائبريريءَ ۾ تنهنجي ڳالهين جو اشارو ملي سگهي ٿو؟“ لزلي چيو.
سيتا اکين جا ڇپر کڻي ڏانهس ڏٺو. ڪيتري قدر احمق ماڻهو آهي.
فضول فضول فضول.
هڪ ٻي چوٽيءَ جي سطح کي پار ڪري هوءَ فرسيڪوز ڏانهن ويندڙ لوهي ڏاڪڻ هيٺ پهچي ويئي. لزلي هڪ قدم ڀت تي رکي مٿي نهاريو.
”جيڪڏهن اِتان کان ماڻهو ڪري پوي ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟!“ هن اکين تي هٿ رکي ڇانوَ ڪندي وري چوطرف ڏٺو. هڪدم هن مُڙي سيتا کان سوال ڪيو. ”تون گناهه جي احساس جي ڪهڙي ڳالهه ڪري رهي هئينءَ؟“
”ڪجهه نه.“ هوءَ ڀت تي ويهي رهي.
”مون کي ضرور ٻڌاءِ.“ لزلي ضد ڪيو.
”رات مان سگريه جي ڪهاڻي پڙهي رهي هيس.“ سيتا ڳالهه ٽارڻ لاءِ چوڻ شروع ڪيو، ”ته پنجين عيسوي صديءَ ۾ ڌتوسين لنڪا جو راجا هو.“
لزلي هڪدم نوٽ بوڪ ڪڍيو ۽ گوڏا کوڙي سندس سامهون ويهي رهيو.
”کيس ٻه پٽ هئا.“ سيتا هوا جي لهر تي اڏامندڙ رئي جي پلؤ کي چيلهه جي چوڌاري ويڙهيندي چيو، ”ڪيشيپ ۽ موگُلنا. راجا جي ڌيُ جي شادي سندس سيناپتيءَ سان ٿيل هئي. هڪ ڏينهن راجڪماري پنهنجي پيءُ کي چيو ته سندس پتي کيس چهبڪ سان ماريو آهي. ڌتوسين غصي ۾ اچي سندس سس کي جيئري جلائي ڇڏيو. سيناپتي، راجا تي پاڻ حملو نٿي ڪري سگهيو، تنهنڪري هن ڪيشيپ کي پاڻ سان گڏ ڪيو ۽ ڪيشيپ بغاوت ڪرڻ کان پوءِ، پڻس کي جيئري دفن ڪيو ۽ پاڻ تخت تي ويٺو. موگلنا ساهه بچائي هندستان ڀڄي ويو پر کانئس پوءِ مهاراجا ڪيشيپ کي گناهه جو احساس ستائڻ شروع ڪيو. کيس يقين ٿي ويو ته انتقام جي ديوي کيس سندس ڏوهه جي سزا ڏيندي. انهيءَ ڪري هر وقت ڊنل راجا، سگريه جي انهيءَ اوچي چوٽيءَ تي پنهنجو قلعو جوڙايو، جيئن دنيا کان محفوظ رهي سگهي. انهيءَ چوٽيءَ جي سطح تي هن محل، ٻه محلا، تلاءُ ۽ حوض ٺهرايا ۽ هتي رهڻ لڳو پر ارڙهن سالن کان پوءِ ...“
هن ڀت تان اُتي وري مٿي چڙهڻ شروع ڪيو. لزلي نوٽ بوڪ کڻي گڏ ڪنڌ جهُڪائي ڏاڍي ڌيان سان ڪهاڻي ٻڌندو پئي ويو. هلندي هلندي هڪ ڏاڪي تي سيتا جو پير ترڪي پيو.
”اڙي اڙي! سنڀالي هل.“ هن گهٻرائجي چيو. ”ها پوءِ؟“
”ارڙهن سالن کان پوءِ موگلنا فوج وٺي هندستان کان موٽيو ۽ انهيءَ چوٽيءَ هيٺيان پنهنجي ڀاءُ سان جنگ جوٽيائين ۽ ڪيشيپ جنگ جي ميدان ۾ خودڪشي ڪئي.“
اُنهن خطرناڪ لوهي ڏاڪڻ چڙهڻ شروع ڪئي ۽ چند منٽن ۾ مٿي پهچي ويا. چوٽيءَ جي بلڪل ڪناري سان گئلري هئي، جنهن جي ديوار تي اجنتا جي نموني جا فريسڪوز ٺهيل هئا.
”گلن جي ورکا ڪندڙ اپسرا جي ري پراڊڪشن ايترا ڀيرا ڏٺي اٿم جو کيس سچ پچ ڏسندي اعتبار نٿو اچي.“ لزلي چيو.
”تو اجتنا جا فريسڪوز ڏٺا آهن؟“ سيتا پڇيو.
”نه، هاڻي وڃي ڏسندس. ٿورو سوچ، اهي خوبصورت تصويرون ڪهڙن فنڪارن ڪيڏا جوکا، کڻي ٺاهيون هونديون!“
”اجتنا ڏسڻ کان پوءِ، هي پنج ڇهه ننڍيون ننڍيون تصويرون بلڪل پٿر جهڙيون ٿيون لڳن. مون کي ته ڏاڍي مايوسي ٿي. اجايو ايترو مٿي چڙهي آيس. هلو، هاڻي هيٺ هلي گريفٽي ڏسون.“ سيتا گائيڊ بوڪ کولي چيو. لزلي تصويرون ڏسڻ ۾ محو هو. هوءَ سندس ڀرسان وڃي بيٺي.
”تنهنجي تصوير جيڪڏهن ڪنهن قديم پٿرائين ديوار تي اهڙي طرح ٺاهي وڃي ته جيڪر ڪيئن لڳي؟“
لزلي مڙي کيس غور سان ڏسندي چيو، ”خبر ناهي ته اهي ڇوڪريون ڪير هيون.“
سيتا وارن جي چڳ نرڙ تان هٽائي آهستي چيو، ”وجولتا- وڄ جي شهزادي. ميگهه لتا- بادلن جي آشهزادي. اپسرائون- رمڀا ۽ مينڪا.“
هن گائيڊ بوڪ ۾ انهن جا نالا پڙهيا. انهن اپسرائن جون ماڊل ڇوڪريون اصل زندگيءَ ۾ ڪهڙيون رهيون هونديون.
فريسڪوز کان اڳتي وڌي. اُهي گريفٽيءَ جي ڊگهي ديوار هيٺ بيهي رهيا. هيٺ شهر جي عظيم الشان چنبن جي وچان نڪري، ڪي سياح ڏاڪڻ چڙهي رهيا هئا. سنهاگريءَ جو ڀوائتو پاڇو پري پري تائين ٻنين تي پئجي رهيو هو.
”سگريه ايندڙ سياحن، ڪيئن صديون اڳ اُنهيءَ ديوار تي جيڪي ڪجهه لکيو هو، ساڳي طرح محفوظ آهي.“ سيتا گائيڊ بوڪ کولي پڙهڻ شروع ڪيو: ”هن عظيم الشان گريفٽيءَ تي، جيڪا ’شيشي جي ديوار‘ سڏجي ٿي، ڇهه سؤ اسي تحريرون اُڪريل آهن، جن کي تو مون جهڙن سياحن لکيو هوندو. گهڻا مزاحيه نظم سوال جواب جي صورت ۾ آهن.
’دوست‘... هڪ هنڌ لکيل آهي: ’انهن سونهري ڇوڪرين جون تصويرون هر هنڌ مٽجي سپني مثل ٿي ويون آهن. ڪٿان ڪٿان انهن جو رنگ اڏامي ويو آهي ... ڇا هاڻي ڪو اهڙو باقي بچيو ناهي جو سندن زماني ۾ ساڻن پيار ڪندو هجي؟‘
هڪ هنڌ ڪنهن عورت لکيو آهي: ’ٻُڌُ ٻُڌُو، اسان ڇوڪريون توهان سان مخاطب آهيون – توهان، احمقو! توهان، جيڪي سگريه آيا آهيون ... گيت ڳائڻ ۽ نظمن لکڻ کان سواءِ توهان اهو به سوچيو آهي ته اسان عورتون آهيون ۽ اسان کي مدرا گهرجي.‘
ڪينڊيءَ ۾ شاطوءَ جي دريءَ مان ڍنڍ نظر پئي آئي، جنهن جي چؤطرف ٽڪرين تي ڳاڙهين پڇتي وارا بنگلا پام جي گهاٽي جهرمر ۾ لڪا بيٺا هئا. ٽڪرين تي ور وڪڙ کائيندو ڇانو وارا ڊرائيوز (Drives) هئا، جن جا نالا سابق برطانوي گورنرن جي زالن جي نالن تي رکيا ويا هئا: ليڊي هورٽن. ليڊي بليڪس. ليڊي مڪ ڪليم ... آسمان سامهون، ’بائبل راڪ‘ کُتل هئي.
شاطوءَ جي مالڪ ڪو رومن ڪئٿولڪ بئريسٽر هو، جنهن جو اڌ نالو پورچوگالي، اڌ سنهالي ۽ اڌ تامل هو. هيٺين منزل جي ڊرائنگ روم ۾ سندس فئملي گروپ جا فوٽا ٽنگيل هئا. مٿي ڊائننگ روم ۾ بئريسٽر جي روغني تصوير ٽنگيل هئي. تصوير جي هيٺيان لکيل هو: ’ڊون فرننڊيز ڊي ڪوسٽا سمر سنگهار ونامد ليار.‘
”ڪالونيل مشرق ۽ سامراجي مغرب جو اهو ناجائز ڳانڍاپو مون کي هانگ ڪانگ کان وٺي گوا تائين هر هنڌ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو.“ لزلي نئپڪن کڻي دريءَ ڀرسان ڊائننگ ٽيبل تي ويهي چيو.
”تو ڪينڊيءَ جي رقاصائن جو ناچ ڏٺو آهي؟“ سيتا پڇيو.
”ها، مان جنگ جي زماني ۾ برما ويندي، هتي ڪجهه ڏينهن ترسيو هوس ۽ اتفاق سان اِنهيءَ شاطوءَ ۾ ترسيو هوس. انهيءَ زماني ۾ ڪينڊي، لارڊ مائونٽ بئٽن جي سائوٿ ايسٽ ايشيا ڪمانڊ جو هيڊڪواٽر هو.“
پوءِ هو ترسي ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو.
”ڇا ٿو سوچين؟“ سيتا سلاد جي پليٽ ڏانهس وڌائيندي سوال ڪيو.
”ڪجهه به نه.“ هن ڇرڪي چيو. ”برما ۾ ڏاڍو زخمي ٿيو هوس ۽ ڪئين سال جنگي قيدي ٿي رهيو هوس. منهنجا ٻه ننڍا ڀائر ٽوڪيو تي بمباري ڪندي مارجي ويا هئا. جنگ ڏاڍي خوفناڪ شيءِ آهي، هني!“
”۽ هاڻي تون هڪ ٻي جنگ وڙهڻ ٿو چاهين.“
”“ڇو ته تنهنجي هن خوبصورت ايشيا کي ڪميونزم کان بچائڻ لازمي آهي، هني.“
سيتا هڪ دفعو وري خاموشيءَ سان کائڻ شروع ڪري ڏنو. ”هلو ته سُٺن سياحن وانگر ’ڏند مندر‘ ڏسي اچون.“ کائڻ کان پوءِ هن ٿوري بيزاري سان لزلي کي چيو.
ڪينڊيءَ جي مشهور ’ڏند جي مندر‘ ۾ شام جو پوڄا ٿي رهي هئي. انهيءَ سان لاڳيتو ڪينڊيءَ جي آخري مهاراجا ’سري وڪرم راج سنگهه‘ جو ننڍو محل سنسان پيو هو. لزلي انهيءَجي ديوارن جي نقش نگارن کي آڱرين سان ڇهندو هليو. انهيءَ بادشاهه کي 1815ع ۾ انگريزن شڪست ڏيئي لنڪا تي قبضو ڪيو هو. سيتا کي ياد آيو، هن ڪولمبو ميوزيم ۾ سري وڪرم راج سنگهه جي راڻيءَ جو طلسمي بلائوز هڪ شوڪيس ۾ رکيل ڏٺو هو، جنهن جي ڪلهي وٽ رت جو هلڪو داغ هو. بلائوز جي هيٺيان لکيل هو: ’ڪينڊيءَ کي ناس ڪرڻ کان پوءِ راج محل تي حملو ڪندڙ برطانوي سپاهين مهاراڻيءَ جي ڪنن مان جيڪي واليون ڪڍيون هيون، اِهو انهيءَ جو رت آهي!‘
جهانسيءَ جي لڪشمي ٻائي. لکنؤ جي راڻي حضرت محل. ڪينڊيءَ جي مهاراڻي.
شاطو واپس اچي رات جو مانيءَ کائڻ کان پوءِ لزلي سان وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ بدران، هوءَ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي. هوءَ ساڻس ٽي ڏينهن مسلسل ڳالهيون ڪري بيزار ٿي پيئي هئي.
ڪافي رات گذرڻ کان پوءِ لزلي جي ڪمري مان ٽائيپ رائيٽر جو آواز ايندو رهيو. شايد هو انهيءَ وقت ’ڏکڻ ايشيا ۾ ڪميونزم جو اثر‘ جو ٽيون باب لکي رهيو هو.

ٻئي ڏينهن سوير اُهي ڪينڊيءَ مان روانا ٿيا. شهر کان ٻاهر مهاويلي گنگا ۾ هاٿي وهنجي رهيا هئا، ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي سيلون يونيورسٽيءَ جون ڳاڙهي رنگ جون خوبصورت عمارتون پري پري تائين ٽڪرين تي پکڙيل هيون. ڇانو وارن رستن تي سوٽي ساڙهين ۾ سانوري رنگت جون ڇوڪريون ڪتاب کڻي هيڏانهن هوڏانهن آيون ۽ ويون پئي. ’خبر ناهي، ويچارين جي قسمت ۾ ڇا ڇا لکيل آهي؟‘ ڪار ۾ لزليءَ جي ڀرسان ويٺي هن سوچيو: هوءَ به ڪنهن زماني ۾ ساڳي ذوق ۽ شوق سان ڪتاب کڻي پڙهڻ ويندي هئي.‘ هاڻي کيس سمجهه ۾ آيو ته سندس ساهورن جون وڏيون، ڪنوارين ڇوڪرين کي سلام جي جواب ۾ الله نصيب چڱو ڪريئي‘ ڇو چونديون هيون. وڏي ماسي، وچين ماسي ۽ ننڍي ماسي- ٽيئي جواب ۾ کيس ’سدا سهاڳڻ رهين‘ ۽ ’سينڌ ٿڌي رهي‘ جون دعائون ڇو ڪنديون هيون!

ڪينڊيءَ کان اڳتي اوچتو وڌيڪ اوچن جبلن جو سلسلو شروع ٿي ويو. پام جا جهڳٽا هاڻي ختم ٿيندا ٿي ويا هئا ۽ انهن جي جاءِ، اوچن اوچن الپائن جي وڻن ورتي هئي.

ٽپهريءَ جو اهي انوارا ايليا جي هِل اسٽيشن تي پهچي ويا. ’روشنين جو شهر.‘

انگريز ڪنٽري هائوس جي نموني جي ٻماڙ ’گرينڊ هوٽل‘ هڪ گلن سان ڍڪيل ٽڪريءَ تي بيٺل هئي.، ان وقت هلڪي هلڪي برسات پئجي چُڪي هئي. هوا ۾ جابلو گلاب جي تيز سُڳنڌ هئي. هر طرف ڊيزي ۽ ڪارمنيشن جا ٻوٽا لهرائي رهيا هئا. هوٽل اندران مڌم مغربي موسيقيءَ جو آواز پئي آيو.

”اوهه!“ لزلي ڪار مان لهي هوا کي سُنگهندي چيو، ”مون کي هڪدم ائين پيو لڳي ڄڻ ايشيا جي تند و تيز سحر کان بچي هڪ ڀيرو وري پنهنجي محفوظ ۽ سرد مغرب ۾ واپس اچي ويو آهيان.“

جيتري دير ۾ سيتا پنهنجو سامان سنڀالي نڪتي، هو هال ۾ وڃي ڪائونٽر تي ويهي ڪلرڪ سان ڳالهائڻ ۾ مصروف ٿ ي چڪو هو. هوءَ به ڀرسان وڃي بيهي رهي. ڪلرڪ رجسٽر کوليو ۽ لزلي ڏانهن سوالي نظرن سان ڏٺائين.

”ڊبل روم سَر؟“

”ها.“ لزلي جواب ڏنو.

”نالو؟“

”مسٽر اينڊ مسز لزلي.“ مارفش لزلي جواب ڏنو.

ڪلرڪ لکي ڇڏيو.

”توکي ڪو اعتراض ته ناهي، هني؟“ هن آهستي پڇيو.

هوءَ چپ رهي.

ٻئي ڏينهن صبح جو جبلن تي تمام گهاٽو ڪوهيڙو ڇانيل هو. ڌنڌ صاف ٿي ته سيتا هائوس ڪوٽ پائي دريءَ تي ويئي ۽ گلن وارو پڙدو هٽائي ٻاهر ڏسڻ لڳي.

”اڄ ڪهڙو پروگرام آهي؟ هن مُڙي لزلي کان پڇيو.

”تون ئي ٻڌاءِ.“ هن شيوَ ڪندي ڊريسنگ ٽيبل جي اڳيان جواب ڏنو.

”مان تنهنجي وس آهيان.“

سيتا دريءَ جي سرد شيشي سان نڪ لڳائي دير تائين ٻاهر جو نظارو ڏسندي رهندي.

لزلي هاڻي انتهائي بي سُري آواز ۾ ڏکڻ پلانٽيشنز جو هڪ اُداس نغمو جهونگاري رهيو هو. ٻاهر چوٽين تان بادل ترندا پئي ويا. پري جبلن تي آبشار تيزيءَ سان ڪري رهيا هئا.

نوارا ايليا ۾ زمين هڪ فوٽ تائين ڪاري آهي. هتان جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته سيتا کي بچائڻ لاءِ هنومان هتي اچي سموري جبل کي باهه لڳائي هئي ۽ تڏهن کان اها زمين سڙيل آهي. سيتا هتي ئي گم ٿي هئي. راوڻ، سيتا کي انهيءَ هنڌ قيد ڪري رکيو هو.

ٻن پهرن جو سيتا ۽ لزلي جبلن تي گهمندا ڦرندا هڪ آبشار جي ڪناري وڃي پهتا.

”ٿورو هتي ترسجو.“ سيتا لزلي کي چيو. آبشار کان ٿورو پاسيرو هڪ ننڍو اڇي رنگ جو مندر بيٺل هو. هوءَ ڪار مان لهي چوٽيون پار ڪندي مندر ڏانهن وڌي.، لزلي به ڪيمرا کڻي پويان ويو. مندر جي هيٺيان جابلو نديءَ جو شور مچائيندڙ پاڻي وهي رهيو هو. اندران پوڄاري نڪتو. آمريڪي ٽورسٽ کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو جو اڄ دولت جي خدا جو درشن ٿيو هوس. ڏهن رپين کان گهٽ خرچي نه ڏيندو.
”هيءُ سيتا پرميشوري جو مندر آهي.“ وارن کي ويڙهي، مٿي ۾ عاج جي ڦڻي وجهي، هڪ راهگير سنهالي، سيتا کي ٻڌائي رهيو هو: ”ڏسو مئڊم، اُها آبشار جي ڀرسان هڪ ننڍي سرنگهه آهي، جنهن مان سيتا کي ’ايلا‘ مان ماني موڪلي ويندي هئي. راوڻ هتان کان اٺٽيهه ميل پري ’ايلا‘ ۾ رهندو هو.“
”گڊ گاڊ!“ سيتا زور سان کِلي، پر لزلي ڏاڍي عقيدت سان پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ لکندو ويو.
”اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي ڪتاب جي ’فوڪس بليفس‘ (Folks bliefs) جي باب ۾ لکندس. مان ثابت ڪندس ته تنهنجي ساري ڪميونزم جي باوجود سڄي ايشيا ۾ - هندستان، پاڪستان، لنڪا، هر جاءِ، عوام ڪيڏي شدت سان پنهنجي مذهب جا پابند آهن ۽ پنهنجي مذهبي روايتن ۾ ڪيڏو اٽل ۽ گهرو ويساهه رکن ٿا. هاڻي هن ويچاري غريب سنهالي مزدور کي ڏسو! هيءُ ڪيڏي ويساهه سان پيو ٻڌائي ته راوڻ هتان کان اٺٽيهه ميل پري ايلا ۾ رهندو هو. اها مشرق جي لازوال طاقت آهي، هتي، جنهن کي تنهنجي انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ يا برما جا تخريب پسند يا هتي جا اشتراڪي ۽ ’همسفر‘ ڪير به ختم نٿو ڪري سگهي.“
سيتا چوٽيءَ تي جهُڪي اُنهيءَ سرنگهه ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن جي وسيلي سيتا کي ماني سپلاءِ ڪئي ويندي هئي.
لزلي منادر جي نيم اونداهي ڪوٺڙيءَ اندر وڃي پوڄاريءَ کان انٽرويو وٺڻ شروع ڪري ڏنو. پوڄاري سندس مٿي تي تلڪ لڳايو. ڊاڪٽر لزلي مارس ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان ڳاڙهو ۽ اڇو تلڪ لڳرايو. مٿي تي تلڪ لڳرائي، هو بيحد مسخرو ٿي لڳو. ويچارو بيوقوف آمريڪن!
اُهي انوارا ايليا جي اِنهيءَ ڪنٽري هائوس جي انهيءَ سرخ گلن جي پردن واري ڪمري ۾، جنهن جي ٻاهران جابلو گلاب ٽڙيل هئا ۽ پري کان آبشار جو آواز آيو ٿي، چار ڏينهن رهيا پيا هئا.

13

” ... ۽ هنومان راڪشس جي محل اندر ويو پر سيتا اُتي نه هئي. انهيءَ محل جي ڀرسان هڪ ٻيو محل هو، جنهن جي اندر هريءَ جو مندر ٺهيل هو، جتي وڀيشڻ رهندو هو، جيڪو هري ڀڳت هو. هن هنومان کي چيو: مان هن جاءِ تي ائين رهندو آهيان جيئن ڏندن جي وچ ۾ زبان.
” ... رگهوپتي لڪشمڻ کان پڇيو: ڀاءُ! تون جنڪ جي ڌيُ کي جهنگل ۾ اڪيلو ڇو ڇڏي آئين. جتي چؤطرف راڪشس گهُمن ڦرن پيا!
”رام جهنگل ۾ پڇندو رهيو: پکيو! جانورو! ڀنؤرو! توهان منهنجي مرگهه نيڻي سيتا کي ڪٿي ڏٺو؟ طوطا، هرڻ، مڇيون، وڄ، پن ڇڻ جو چنڊ، نانگ، ڪام جو تڪش، بدڪون، هاٿي، شينهن، هاڻي پنهنجي حسن تي ٻيهر ناز ڪري سگهن ٿا. ٻُڌ جانڪي! ول جو ميوو، سون ۽ ڪيلا هاڻي خوش آهن، ڇو ته تون وڃي چڪي آهين. اُهي سرها آهن جو هاڻي سونهن ۾ سندن مقابلو ڪوبه نٿو ڪري سگهي.
”رام جهنگل ۾ هلندي لڪشمڻ کي چيو: ’ڏس لڪشمڻ، جهنگل ڪيڏو خوبصورت آهي! انهيءَ جي سونهن پسي ڪير بيقرار نه ٿيندو! جڏهن هرڻ اسان جي آهٽ تي اُٿي ڀڄن ٿا ته اِنهن جون هرڻيون کين چون ٿيون، ’ڊڄو نه، توهان ته جنم جنم کان هرڻ آهيو، پر اِهي ٻئي ته هڪ سونهري هرڻيءَ جي تلاش ۾ آيا آهن. ڀاءُ ڏس، بسنت رت ڪيڏي نه خوبصورت آهي! ڪامديو، سيتا جي گم ٿيڻ ڪري مون کي اُداس ڏسي، جهنگل ۽ ماکيءَ جي مکين ۽ جهرڪين جي مدد سان مون تي حملو ڪرڻ پيو اچي. وڻن تي پکڙيل وليون، سندس فوج جا تنبو آهن. ڪيلي ۽ تاڙيءَ جا پن، سندس جهنڊا. گلن جا ٻوٽا، سندس تير انداز ۽ ڪوئل جو آواز ڄڻ سندس جهنگلي هاٿيءَ جي گجڪار آهي. ٻگهه ۽ مينائون، ڪامديو جا اُٺ آهن. مور ۽ راج هنس، سندس عربي گهوڙا آهن. پاموز پکي (ڪبوتر) ۽ جهنگلي تتر، سندس پيادا آهن. جبلن جون چوٽيون، ڪامديو جا رَٿ آهن. آبشار، سندس نغارا، ۽ سڳنڌ ڀريون هوائون، سندس جاسوس آهن. اي لڪشمڻ، جيڪو ڪام ديو جي فوج جو مقابلو ڪري سگهي ٿو،ا ُهو سچ پچ وڏو بهادر آهي. ڪام ديوتا جو سڀ کان وڏو هٿيار عورت آهي.
” ...هاڻي سرسبز زمين، گاهه سان ائين ڍڪجي ويئي آهي جو پيچرا ڏسڻ ۾ به نٿا اچن، جيئن مقدس صحيفا بدعتين جي مباحثن ۾ لڪي ويندا آحن. ڪڪرن واري ڪاري رات جي اونداهين ۾ ٽانڊاڻا ائين پيا چمڪن، جيئن منافقن جو خفيه جلوس ٿيندو آهي. ٿڪل مسافر هيڏانهن هوڏانهن ائين آرام پيا ڪن، جيئن ڳولائو، گيان حاصل ڪرڻ کان پوءِ آرام ڪندا آهن.
”پر لڪشمڻ، ڏس، ساوڻ گذري ويو ۽ پن ڇڻ جي رُت اچي ويئي آهي. زمين هاڻي گلن جي پنن سان ائين ڍڪجي ويئي آهي، جيئن ٻڍاپڻ هوريان هوريان ايندو آهي. رستن تي وهندڙ برساتي پاڻي ائين خشڪ ٿي ويو آهي، جيئن آسودگي، حوس کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي.“ (1)


[b]فٽ نوٽ
[/b]
(1) تلسي داس جي لکيل ’رامايڻ‘ مان.

14

اونداهي جهنگل ۾ لڪل ريسٽ هائوس جي هيٺين طرف ڪاليني گنگا شور ڪندي سرخي مائل ڪارين چوٽين تان وهي رهي هئي. وڻن تي پکي رات جو اَجهو وٺڻ کان اڳ، زور زور سان ’چون چون‘ ڪري رهيا هئا. هوا ناريل جي وڻن مان سوساٽ ڪري رهي هئي.
سيتا ڪافي دير کان دريءَ تي ويهي نديءَ جي اونداهين لهرن کي ڏسندي رهي هئي. نوارا ايليا کان واپس ايندي، هتي پهچي لزلي مارش کانئس موڪلائي پنهنجي سفر ڏانهن اڳتي روانو ٿي چڪو هو. نوارا ايليا ۾ کيس ڪيبل ملي هئي ته کيس هڪدم ڪولمبو موٽي ٽن ڏينهن اندر ڪلڪتي پهچي وڃڻ گهرجي.
سيتا کانئس موڪلائڻ کان پوءِ پنهنجي بيڊ روم جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو هو. اهو ڊاڪ بنگلو سيلون جي گهاٽن جهنگلن ۾ لڪل، ٻين ڊاڪ بنگلن وانگر ماڊرن ۽ جڳمڳائيندڙ هو. انهيءَ جو فرنيچر به پراڻو هو. فرش تي مُڃ جون تڏيون وڇايل هيون. ڊريسنگ ٽيبل جون آرسيون تمام ڌنڌليون هيون. ٻيو ڪو غير ملڪي سياح انهيءَ وقت اُتي موجود نه هو. هوءَ سموري ريسٽ هائوس ۾ بلڪل اڪيلي هئي. امريڪن ايڪسپريس جو ڊرائيور ڪار کي گئريج ۾ بند ڪرڻ کانپوءِ شاگردن ڏانهن وڃي چڪو هو. مانيءَ کائڻ وقت بئري ڏند ڪڍي کيس چيو هو: ”ميڊم! بِرج آن رِورَ ڪِوائي (Bridge on River Kiwai) جي شوٽنگ هن هنڌ تي ٿي هئي. هو سامهون هنڌ، جتان گنگا وهي ٿي، اُها برج اِنهيءَ تي جوڙي ويئي هئي! اليڪ – گنس ۽ وليم هولڊن ۽ سڀ وڏا ايڪٽر هن ريسٽ هائوس ۾ ترسيا هئا. ڏاڍي رونق هئي، مئڊم!“ هوءَ اها ڳالهه ٻڌي به متاثر نه ٿي هئي. ماني کائڻ کان پوءِ هوءَ ڪمري ۾ وڃي دريءَ تي ويهي رهي هئي، ۽ انهيءَ کان پوءِ بتي وسائي پلنگ تي ليٽي پيئي هئي. سڀاڻي صبح جو کيس ڪولمبو وڃڻو آهي.
رات گهري ٿيندي ويئي. رات، جيڪا چندن جي جهنگلن ۾ ڀٽڪي رهي هئي، لونگ ۽ الائچيءَ جي ٻوٽن ۾ سمهي پيئي هئي. رات، جيڪا ’ڪينڊيءَ‘ جي مندر جي ڏاڪڻ تي وکريل سفيد گلن تي سمهيل هئي. رات، جيڪا ڪاليني گنگا جي ڪناري، دريائي گاهه ۾ نانگ وانگر وراڪا ڏيئي رهي هئي. رات، جيڪا اونداهن جهنگلن ۾ لڪل ڊچ ۽ پورچوگالي ديولين وانگر خاموش هئي. رات، جيڪا ڪينڊيءَ جي شاهي هاٿين جي شاهي مهاوت وانگر باوقار ۽ مغرور هئي. رات، جيڪا گنگا ۾ وهندڙ هاٿين وانگر ڪاري ۽ رفتار ۾ ڍري هئي. ڪينڊيءَ ۾ ٽارچ لائيٽ جلوس نڪري رهيو آهي. ’ٻوڌ جي ڏند جو جلوس.‘ ٻڌ جو ڏند، سون چاندي سان جهنجهيل، هاٿيءَ جي جڳمڳائيندڙ هودي ۾ رکيل هيرن جواهرن جي صندوقڙيءَ ۾ رکيل آهي. گاهه تي ليٽيل ٻُڌ، ڏند ڪڍي کِلي رهيو آهي. کيس نقلي ڏند لڳل آهن. مهاتما ٻڌ جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا.
رات، جيڪا هنٽرن جو آواز آهي، بنسريءَ جو آواز، بئگ پائپ (Bag pipe) جو آواز، ستارن جو آواز.
’پريام ميورا پرتي نرتيتي.‘ مور پنهنجي محبوبا ڏانهن نچندو وڃي رهيو آهي، پريام ... اڙي مون کي ته سڀيئي ٻوليون وسري ويون. ڀلا مان ڪيتريون ٻوليون ڄاڻان ٿي؟ هڪ به نه. مان بلڪل گوني آهيان.
لفظن جا بادشاهه! اي لفظن جا بادشاهه! واڻيءَ ۽ وناٽڪ کي منهنجو پرنام، جن لفظن ۽ انهن جون معنائون جوڙيون آهن ... مان وساک دت آهيان – مهاراجا ڀاسڪر جو پٽ ... منهنجي مٿان بادلن جي گجگوڙ آهي. منهنجو پريتم پري آهي...
هي ڇا ٿيو؟ اڙي هي ڇا ٿيو؟
امروٽيون برفاني جبلن تي آهن ۽ انهن تي ڇپ هڻي نانگ ويٺو آهي ... ڇپ هڻي نانگ...
ابوالحماقت قمرالسلام چوڌري مون کي ’چنڊي داس‘ جو اُهو ڪهڙو گيت ٻڌايو هو؟
رات اونداهي آهي ۽ ڪارا بادل. تون اهڙي رات ۾ ڪيئن ايندينءَ؟ اهو گل بن ۾ بيٺو مينهن ۾ پسندو رهيو.
منهنجون سس ۽ نڙاڻون ڏاڍيون ظالم آهن.
چنڊي داس چوي: سکي ڙي، سکي ڙي.
۽ مها ٻُڌ پاڌيئه شري پروجيش ڪمار چوڌري، ’وديا پتيءَ‘ جي ڪهڙي گيت جي معنيٰ ٻڌائي هئي؟
راڌا جي اڌ ٻوٽيل اکين جي ماڻڪي، ائين آهي ڄڻ ڪنول جي گل تي ڀنور ويٺو هجي. ها ها ها.
۽ هوا جي جهوٽي جي زور تي پنکڙين ۾ سِرڪيو وڃي.
وهنجڻ کانپوءِ سندس اکيون، ڪجل لڳڻ سان ائين لڳنديون آهن، ڄڻ ڪنول تي سيندُور لڳل هجي.
۽ اي ي ي ڪ- اي ي ي ڪ
۽ هوءَ رات جو شب رنگ ساڙهي پائي ڪرشن سان ملڻ ويندي آهي.
اجي سُنادي سُنادي ڪرشنا،
تو بنسري ڪي تان سُنادي ڪرشنا.
آن آن آن سُنادي.
رامايڻ ۾ تلسي داس جيءَ لکيو آهي ته نوجوان عورت شعلي جي لاٽ مثل آهي. اي آتما! تون انهيءَ جو پروانو بڻج.
پر ڪو گڏهه جو پٽ تلسي داس جي ڳالهه ئي نٿو ٻڌي.
رتن پورا ۾ جيڪڏهن اُها چنتامڻي هيرو ملي وڃي جيڪو سڀ خواهشون پوريون ڪري ٿو ڇڏي.
سري لنڪا جا سڀ جبل ترڇا ٿي ويا.
خدا ڪري پن ڇڻ، جيڪا وشڻو جي بدن وانگر زرد آهي،
تنهنجا دک دور ڪري.
اونهو پاڻي، هيبتناڪ مڇين جي ترڻ ڪري بيقرار آهي.
تنهنجو حڪم، تازن گلن جي هارن وانگر مون پنهنجي سر تي کنيو آهي.
بيلا ڦولي آڌي رات، گجرا مين ڪي ڪي گري ڊارون...
اري ڀائي! مين گجراڪي ڪي گري ڊارون
مهاراج جي جئه ٿئي! هڪ شخص، جنهن وٽ پاسپورٽ نه هو، هڪ خط کڻي اسان جي ڪيمپ مان فرار ٿيڻ چاهيو، کيس گرفتار ڪيو آهي.
ٿرڊ ڊگري ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي؟ ٿرڊ ڊگري. ايف-بي-آءِ.
سي-آءِ-ڊي. پي اي- ڊي. ڪي-ايل-ايم. پئن امريڪن، ايئر انڊيا انٽرنيشنل.
بنا پنن جي وڻ ائين بيٺا آهن، ڄڻ ڪنهن جي ارٿيءَ سان وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هجن.
هاڻي مان شمشانن ۾ وڃي پربت منتر ٿي جاڳايان. ڪالي ڪلڪتي والي. ماريپور جي بستيءَ ۾ شمشان گهاٽ هو، جتي ويچارن مسلمان رفيوجين جهوپڙيون ٺاهيون هيون. جئه ڪالي ڪلڪي والي.
ڪائنات جا ابتدا جو اسرار، ڪاليءَ جي جسم وانگر ڪارو آهي. شفق جي سرخي، ڪاليءَ جو غصو آهي. طوفان ۽ بيماريون ۽ موت. سندس ساٿي آهن. اسان بنگالي، صدين کان ڪاليءَ جو تماشو ڏسندا آيا آهيون ... شري پروجيش ڪمار چوڌري جي اسٽيٽمنٽ ٽو دي پريس ...
بوگس ايڪسپريشنسٽڪ آهي. بوگس.
ميري ريکا کانچي بلڪل بيڪار گئي
انسويا ني ڪها سنو راج ڪماري
پوترتا، پتي ورتا، معصوميت، وفاداري ... هاءِ هاءِ ... ليڊيز اينڊ جنٽلمين ... ڪامريڊس ... پائيو تي پينو ... اوهان سڀني جي سڌ لاءِ اطلاع ٿو ڏجي ته سيتا اڄ جي دنيا جي خوفناڪ جهنگل ۾ گم ٿي ويئي. انهيءَ کي اڄ جي دنيا جو ڪو راوڻ کنڀي کڻي ويو. سائين منهنجا! هيءَ دنيا، جيڪا ٻن ڪيمپن ۾ ورهايل آهي – اينگلو آمريڪن سامراج جي شڪار دنيا، جنهن ۾ معصومن کي جڏهن ٿرڊ ڊگري ڪيو وڃي ٿو ته ڪو هنومان بچائڻ لاءِ نٿو اچي. للتا ڊيئر، مائيڪرو فون فيل ٿي ويو. اڙي ڪيلاش ناٿ ماٿر، ٿورو ڪرنٽ ته ڏي، جلدي. ها، ته سائين منهنجا! مون چيو پئي ته اڄ جي دنيا ۾، جتي هائڊروجن بم جا راوڻ، پنهنجي ٻاڻن سان شهرن کي کن ۾ ڀسم ڪرڻ وارا آهن، جتي ايشيا ۽ آفريڪا جون لکين سيتائون اغوا ڪيون وينديون آهن ... اڙي رامايڻ پڙهندڙ ٻگلا ڀڳتؤ، توهان 1947ع ۾ ڪيتريون مسلمان سيتائون اغوا ڪيون هيون، انهن جو ٿورو حساب ته ڪريو. ۽ اڙي يزيد ۽ شمر تي لعنت وجهندڙ مسلمان مجاهدو، توهان جي ...
سيتا ميرچنداڻي ... رول نمبر 963...؟
يس پليز (Yes Please).
جي ها، منهنجو نالو ئي سيتا آهي.
هاءِ سيتا ... هني...
سيتا ... منهنجي جان.
جانِ – من
سيتا ڊارلنگيسٽ
ٻڌاءِ، تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش ڪهڙي آهي؟
منهنجي خواهش؟ اِهائي ته سري لنڪا جي جواهرن جي شهر رتن پورا جا سڀ هيرا مون کي ملن. پوءِ ڏسجو ته مان سڀني جي ڪيئن ٿي خبر وٺان.
هاءِ هاءِ، مان وڏي سخت بورجوا آهيان.
هيلو هيلو هيلو ... آواز ... ڪهڙا ڪهڙا آواز ... ٽيليفون جي تارن جي جهڻجهڻاهٽ ... ريل جي ڦيٿن جي ڇڪ ڇڪ ڇڪ ڇڪ ... موٽر بوٽ جي گهڙ گهڙ هوائي جهاز جي انجڻ جي زون زون گهون گهون شائين شائين ٽائين چين پٽاخ رين رين اولڊ انڊين ڦٽيچر مس ڊمپلاٽ فلفٽ اظهار اختر ڊگلس اسڪاٽ ... روان رون ڌائين ڇوا ڇُو ... ڌوٻيءَ جو آواز... بيگم صاحب اڄ ڇا پچايون ... تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار.
دهل. بنارس جي مندرن جي روشن چوڪي. قيصر جي ڄڃ جي بينڊ. راجا ڪي آئيگي بارات. سنڊي ڪي سنڊي ... محرم جا نغارا ... جعفر بانديءَ جو نوحو ... اري بلبل ڪو گل پسند، گلون ڪو هوا پسند ... هم بوترابيون ڪو هي خاڪِ شفا پسند ... تجهه ڪو ارم پسند.، همين ڪربلا پسند. همين ڪربلا ... همين ڪربلا پسند ... راوڻ جلي ٿو ... سيتا جلي ٿي ... لنڪا جلي رک ٿي ويئي.
اجهو هيءُ راهُل مشڪيو؟ راهُل جي مشڪ. جميل جو ٽهڪ، شراب جي گلاسن جي کڙ کڙاهٽ. ٻه پوڙها زال مڙس، جيڪي بروڪ لِن برج تي بيهي ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن ڳالهه تي کليا پئي ... ٻارن وانگر ڏاڍا خوش ...
مان مري وينديس ... مؤت ... ۽ منهنجون ٽنگون اولهه ڏانهن ڪيون وينديون، جيئن منهنجي آتما ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سنڌ مها ساگر تان پار لنگهي سگهي. چکيا جا شعلا ... موم بتيون ... تازا گل ... قبر جي تازي مٽي ... تلسي پور جو قبرستان، جتي ادي جميلا کي دفنائڻ ويا هئا ... اڙي جميلا ڪير هئي؟ ۽ سندس مڙس واڪا ڪري روئي رهيو هو. بلقيس ٻڌايو ٿي ته سندس مڙس کي اُنهيءَ سال ٻي شاديءَ جو فڪر اچي کنيو. سوائين. آل مين آر سوائين. (Swine. All men are swine.) ... جميل ڊارلنگ، مان اڃا به رات جو گهڻو ڪري اهوئي پريشان سپنو ڏسندي آهيان ته مان ايم. اي جو پيپر حل ڪري رهي آهيان، جيڪو ڪنهن اهڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي جيڪا سمجهه ۾ نٿي اچي. ۽ ٽي ڪلاڪ پورا ٿيڻ وارا آهن ... ٻه ڪلاڪ ... هڪ ڪلاڪ ... ويهه منٽ ... پنج منٽ ... هڪ منٽ ...

Give me five minutes more
Only five minutes more
Only five minutes more of your charms
Give me five minutes more
In your arms.

هاٿيءَ جي شڪل جهڙي جبلن جي چوٽي! اتاهين چوٽيءَ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪريو ته پير ترڪي ٿو وڃي، مان سِگريه کان به اوچي چوٽيءَ تي وڃي لڪان تڏهن به پڪڙجي پونديس.
اوهان جي سڃاڻپ؟
جي مان؟ مسز بيچ لگزري هوٽل
۽ توهان ...؟ شري اشوڪا هوٽل ... پڌرايو پڌرايو ...
انڊيا ڊئٽ از ڀارت، مهاراج ڌيراج اشوڪ جا ٿنڀا ڳولي لڌا. اشوڪ چڪر ڳولي لڌو، اشوڪا هوٽل ڳولي لڌي.
هيءَ منهنجي نڙاڻ آهي ... نڙاڻ بجلي بسنت ... بلقيس انور علي ... نمبر ون ايڪٽريس پروفيسر انٽيلڪچوئل. دهليءَ جي دل جي ڌڙڪن. اي جمني بيگم ... امراءُ بيگم ... کيتو بيگم، سڀيئي هيڏانهن اچو. اڙي هي ڪانون وارو لُڙ ڇو مچايو اَٿو؟ جميل جي ڪنوار پنهنجي کُڙي ڏنڀاءِ، ڪٿي نظر نه لڳي. توتي ڪا مصيبت پوي ڀوري بيگم، گوشه نشين ٿي وئينءَ ۽ هاڻي ٻن گهڙين لاءِ آئي آهين ميار لاهڻ. ڦڦي بندي، او ڦڦي بندي، ڪالهه کان ادا جميل کي بخار ٿي پيو آهي. منهنجي ته دل ٿي ٻوڌي، رات مون مولا مشڪل ڪُشا جي نالي رپيو ڌوئي کنيو هو ... ۽ ٻُڌ کيتو بيگم، مون بدنصيب تي ڪيڏا نه الزام هنيا آهن ڄڻ پاڻ ته ست ونتي زال آهي. عروج جي زال وڏي چالاڪ آهي، هن جي ور نه چڙهجانءِ امان. هوءَ ڪنهن کي ڇا کارائيندي. مانگهه ننگي ويساک اگهاڙي. ... رات مولا مشڪل ڪُشا سپني ۾ آيو هو. ادا جميل ... او ادا جميل ...
آءِ ايم اَ ڪائو (I am a cow)
مسٽر سينڊ مين ... مسٽر سينڊ مين ... مِيري جِي ڪي ورنداون مين ...

In my little corner of the world
To night my love – To night my love.

ٻُڌ جي سماڌين تي رات لهي آئي آهي.
اڙي اِنهيءَ رات، وري مون تي حملو ڪيو؟
هوا ڪيڏي تيز ٿي ويئي آهي.
هوا، پراڪرم سمندر تان وهندي پيئي اچي ...
ڪاليني گنگا تان ٿيندي پيئي اچي. ڪولمبو ڏانهن سڏڪا ڀريندي روئندي پيئي وڃي ... هوا...
هوا ...
چنڊ .....
چنڊ، صندل جي ٽارين تي سمهندو آهي. انهن ماڻهن جي اکين ۾، جيڪي پرڻين ڪاٽيجن ۾ سمهيا پيا آهن. صدين جي ننڊ آهي. ڊون فرننڊيز ڊي ڪرسٽا سمر سنگهارو نامدليار. رتن سنگهه جي – سوريه. گن پال گن وردن. انهن جي اکين ۾ جهنگل جي ننڊ آهي. زرهه پائي پورچوگالي ڊچ قلعن تي حملو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. انگريز پلانٽرز جا روح مهاهنيا جي رستي جي پاسن کان بيهي امريڪي سياحن کان مکڻ ۽ کنڊ پيا گهرن. چنڊ اڃا مهاويلي گنگا ۾ وهنجي پيو. هاٿي، جيڪي هزارين ورهين جي جهنگل ۾ باندي روح آهن.
چنڊ
رات.
رات، سيتا مهاراڻيءَ جا وار آهن رام رگهوراءِ جو سانورو جسم آهي. ڪاليءَ جو چهرو آهي، تخليق کان اڳ جي اونداهي. اسان سڀ هر وقت انهيءَ تخليق کان اڳ واري اونداهيءَ ۾ قيد ٿيل آهيون ۽ سمجهندا آهيون ته وڏا اووليوشن (Evolution) ٿيو آهي. ڪاري ... ڪاري ... ڪاري رات.
مون پنهنجي ننڊ نيويارڪ ۾ وڃائي ڇڏي. جهنگل ۾ تاڙيءَ جا ڪارا وڻ ڊگها ٿي آسمان سان وڃي لڳا. لنڪا جو کنڊر به ڏند ڪڍي کلي ٿو. هي هي هي. ڪنول جو تلاءُ اوجاڳيل اکين وانگر کليل آهن ... ليلاوتي ... روپوتي ... سيتاوتي...
رڻ ڪوٽ وهار جي اسٽوپا ۾ هڏيون هڪ ٻئي سان انٽرنيشنل سچوايشن (International situation) تي گفتگو ڪري رهيون آهن. پراڪرم باهو پهريون، ايشيا ۾ ڪميونزم جو پنجون باب لکي رهيو آهي. جهنگل مون کي ڳڙڪائي ڇڏيو.
منهنجا ڳهڻا ڪهڙا ڪهڙا هئا، جيڪي وڏي ماسيءَ مون کي رونمائي جي مهل ڏنا هئا ... ڪنوار جا ڳهڻا ... رتن پورا جا سونارا، جڙاءُ چندن هار ٺاهين پيا. روشني روشني ... چمڪ چمڪ چمڪ. جهنگل جا آواز ... جهرڪين جا، سمنڊ جا، رستن جا، هاربر جا، جبلن جا ... سناٽي جا آواز...
آواز
فقط هڪ آهي:
هيڏانهن هلي آءُ ... مون وٽ هلي آءُ ... مون وٽ هلي آءُ ... هلي آءُ.

15

”مان اجهو هاڻي اچي پهتي آهيان ... ڪهڙي نيوز آهي؟“ سيتا مائونٽ ليونيا ۾ پنهنجي ڪمري مان شام جو فون ڪئي.
”اوهه ... هيلو سيتا! تون اچي وئين!! ونڊرفل ... اجازت ڏين ته مٿي تنهنجي ڪمري ۾ اچان.“
”اچو.“
هو پنجن منٽن کان پوءِ ڪمري ۾ موجود هو.
”تون بي حد خوش پيئي لڳين. جهنگل جي هوا تو تي ڏاڍو سٺو اثر ڪيو آهي. آءِ ايم سو گلئڊ! (I am so glad)“
”ويهو.“
هو پهريون ڀيرو سندس ڪمري ۾ آيو هو ۽ ٿورو گهٻرايل ٿي لڳو. ڪمري جو هڪ چڪر هڻي، هو ڪنڊ ۾ پيل صوفي تي ويٺو. هوءَ پلنگ جي ڇيڙي تي ويهي نٽنگ ڪرڻ ۾ مصروف هئي.
”ڇا ٿي اُڻين؟“
”راهُل لاءِ سويٽر ڪوٽ ... مون سوچيو هو ته مڪمل ڪري جميل کي ڏيئي ڇڏينديس ته وڃي راهُل کي پارائي ... پر مون کي خبر ئي ناهي ته هاڻي هو ڪيڏو وڏو ٿيو هوندو. الائجي کيس پورو ايندو يا نه. اٽڪل تي اُڻيان پيئي.“
هو خاموش ٿي ويو. ٿوري دير کانپوءِ هن پڇيو: ”ٻيو ٻڌاءِ ... پوءِ ڇا ٿيو؟“
”پوءِ؟ بس!“ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي.
”تون هڪ هفتو ڏاڍي ياد آئينءَ. ڪانفرنس ۾ ته منهنجي دل ئي نٿي لڳي ... خبر ناهي ته رپورٽ ۾ ڇا جو ڇا لکيو اٿم. تنهنجو سفر دلچسپ رهيو آهي؟“
”تمام دلچسپ.“
”امريڪن پوڙهيون ڪيئن لڳيون؟“
”آمريڪن پوڙهيون ته نه، پر هڪ آمريڪن ٽورسٽ جو ساٿ پولو نروا کان ملي ويو ۽ هو پوڙهو نه هو.“
”يُو آر اَ بچ (You are a bich).“ عرفان هڪدم چپن ۾ چيو ۽ چپ ٿي ويو.
”توهان پنهنجي عدت مطابق پڇيوئي نه ته پوءِ ڇا ٿيو.“ ڪجهه کنن جي خاموشيءَ کان پوءِ سيتا پڇيو.
”تون خود ئي ٻڌاءِ.“
”او ... اهو آمريڪن آرڪيالاجسٽ هو.“
”پوءِ ته خوب ساڻس لنڪا جي تاريخ ڊسڪس ڪئي هوندءِ ... جيئن تو مون کي سنڌ جي تاريخ پڙهائي هئي.“
”ها.“ هوءَ بي تعلقيءَ سان نٽنگ ۾ مشغول هئي.
هو ڪجهه دير تائين کيس ٽڪٽڪي لڳائي ڏسندو رهيو. پوءِ هڪدم ڪاوڙ ۾ باهه ٿي صوفي تان اٿيو. سندس هٿن مان نِٽنگ جا سوئا ۽ پشم کسي هڪڙي پاسي کڻي اڇليائين ۽ کيس گهليندو دريءَ ڏانهن وٺي ويو.
”تاريخ ڊسڪس ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ڇا ٿيو؟“ هن گجي پڇيو.
سندس رنگ سفيد ٿي ويو.
”مان پڇان ٿو ته ڇا ٿيو؟ ڳالهائين ڇو نٿي؟“
هوءَ هڪدم ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي ويئي. ”شٽ اپ! توهان کي اهڙي طرح سوال ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ توهان حد کان وڌيڪ وڌندا ٿا وڃو.“
هو چپن کي چڪ پائيندو رهيو. ”حق ته توتي قانوني مڙس جو به ناهي، جنهن کي ڇڏي تون ٻن سالن کان موجون ڪندي وتين ٿي.“
”شٽ اپ عرفان!“ هن سموري طاقت سان رڙ ڪري چيو، ”گيٽ دي بُل آئوٽ آف هيئر. گيٽ آئوٽ گيٽ آئوٽ. (Get the bull out of here. Get out get out.) نه ته مان هاڻي ... مان هاڻي بيري کي سڏيان ٿي.“ هوءَ نهن کان چوٽي تائين ڏڪي رهي هئي.
هڪ کن تائين هو پٿر بنجي کيس تڪيندو رهيو. پوءِ هوريان هوريان قدم کڻندو دروازو کولي ڪمري مان نڪري ويو. دروازي کان ٻاهر نڪري هن ڏاڍي نارمل ۽ هيٺين آواز ۾ سڪون سان چيو: ”ڏاڍي ڪوشش کان پوءِ جميل ملاقات جو وقت ڏنو آهي. نيٺ هو اڄ رات ملڻ لاءِ تيار ٿيو آهي. مان ساڻس گال مينس هوٽل ۾ ڊنر تي ملاقات ڪندس. انهيءَ کان پوءِ سندس جواب توکي ٻڌائيندس. گُڊ نائيٽ.“
رات جو ٻارهين وڳي کان پوءِ سندس مٿي کان رکيل فون جي بيل دير تائين وڄندي رهي، پر هن فون نه کنئي.

16

هوءَ ساري رات رُئندي رهي هئي. ايترو آڪٽوبر 1947ع جي انهيءَ رات به نه رني هئي، جنهن جي صبح جو هوءَ ۽ سندس ڪٽنب ڪراچيءَ کان ڪاٺياواڙ روانا ٿيا هئا، يا جڏهن نيويارڪ ۾ جميل کيس گهر مان لوڌي ڪڍيو هو. قرول باغ ۾ هوءَ اڪثر راتيون جاڳي راهُل لاءِ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي هئي ۽ صبح سوير اڱڻ واري نلڪي تي وڃي اکين تي چڱي طرح پاڻي جا ڇنڊا هڻندي هئي، جيئن پڻس کي سندس ڳوڙهن جو پتو نه پوي. پر هن وقت مائونٽ ليونيا جي هن خوبصورت ڪمري ۾ سندس لڙڪ ڏسي پريشان يا رنج ٿيڻ وارو ڪوبه نه هو. انهيءَ ڪري هوءَ اطمينان سان بستري تي سُتي رهي. سندس سامهون سارو ڏينهن، ساري زندگي، ساري دنيا خالي پيئي هئي. ڀيانڪ، اونداهي پولار جو طوفاني سمنڊ، جنهن جو ڪٿي ڪو ڪنارو نه هو ... اٺين وڳي ڌاري بيرو نيرن کڻي آيو ... مهربان، شفيق مشڪ وارو ٻڍو سنهالي، جيڪو سندس ڳاڙهيون اکيون ڏسي فڪرمند ٿي نظر آيو، ڇو ته هو به ٻن نوجوان ڌيئرن جو پيءُ هو، ٽري ميز تي رکي چپ چاپ ٻاهر هليو ويو.
ڏهين وڳي ڌاري تيار ٿي، هُن رِزرويشن لاءِ هوائي جهاز جي آفيس ۾ فون ڪئي. سمنڊ تي تکي اُس پکڙيل هئي، جنهن جي چمڪ اکين کي نٿي وڻي. سمنڊ جي ڪناري تي ڪجهه انگريز ٻار واريءَ جا قلعا جوڙڻ ۾ مصروف هئا. تمام پري مونگيءَ جا هار وڪڻندڙ عورتون ڪنڌ جهُڪائي هڪ طرف وڃي رهيون هيون ۽ آلي واريءَ تي سندن پيرن جا نشان چٽا نظر اچي پئي آيا. ڏينهن اُجاڙ هو. سمورو مائونٽ ليونيا، سمورو ڪولمبو، سموري دنيا اُجاڙ هئي، اُجاڙ اُجاڙ اُجاڙ.
ڪجهه منٽ ريلنگ جي سهاري بيهڻ کانپوءِ، هن طئه ڪيو ته ٻن پهرن تائين شهر جو چڪر لڳائيندي رهي ۽ پئڪنگ ڪرڻ کان پوءِ وقت کان گهڻو اڳ ايئرپورٽ هلي وڃي. اوڏيءَ مهل هال پورٽر اچي کيس چيو ته رسيپشن ۾ سندس فون آهي.
هوائي جهاز جي آفيس مان اطلاع هو ته مختلف ڪانفرنس مان آيل ڊيليگيٽس واپس وڃي رهيا آهن، تنهنڪري سيٽ ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي.
هن بئگ کولي ٽريولر چيڪ بوڪ تي نظر وڌي. چيڪ ختم ٿيڻ وارا هئا.
”ميڊم، توهان ’ڪيلانيا مندر‘ ڏٺو؟“ رسيپشن ڪلارڪ کانئس پڇيو.
”نه، هاڻي وڃي ڏسنديس.“ هن ڇرڪي جواب ڏنو ۽ ٻاهر هلي ويئي.
ٻاهر اچي هُن ٽئڪسي واري کي اشاري سان سڏيو.
”ڪيلانيا ٽيمپل.“
”ساري ميڊم.“ هن ڪنڌ لوڏي چيو.
”ڇو؟“
”شايد ڪرفيو لڳي. شهر ۾ تامل- سنهالي جهيڙي جو انديشو آهي.“
’او ماءِ گاڊ....‘ هوءَ هڪ وڻ جي سهاري بيهي رهي .... ’هتي به ....‘
’هاڻي ڇا ڪريان؟‘
هڪدم کيس رتن سنگهه جي – سوريه جو خيال آيو. هن ڌارئي ملڪ ۾ هوءَ، عرفان ۽ لزلي مارش کان پوءِ فقط ٽئين ماڻهو جي – سوريه سان ملي هئي. شايد هو ڪوشش ڪري هوائي جهاز ۾ سيٽ ڏياري.
اندر موٽي هن جي – سوريه کي فون ڪيئي. ان وقت جي – سوريه جي اخبار جي آفيس ۾ هڪ هنگامي ڪانفرنس ٿي رهي هئي. ظاهر هو ته سندس آواز ٻڌي کيس ڪافي تعجب ٿيو.
”هيلو .... هيلو .... ڊاڪٽر ميرچنداڻي! ڪيئن ياد ڪيوَ؟“
هن رزرويشن جي باري ۾ سربستي ڳالهه ٻڌائي.
”اوهه .... ٻڌو .... هن وقت مان ڏاڍو مصروف آهيان. توهان صبح جي اخبار پڙهي هوندي؟“
هن صبح جي اخبار پڙهي نه هئي.
”جيڪڏهن توهان تڪليف وٺي هتي اچو .... مسٽر عرفان ڪڏهن واپس پيو وڃي؟“
”خبر ناهي.“
”اوهه .... چڱو، توهان اچو .... مان توهان جو انتظار ڪيان ٿو.“
اخبار جي آفيس ۾ هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو. ٽيلي پرنٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي لڳاتار ٽڪ ٽڪ، سب ايڊيٽرن ۽ رپورٽرن جي ڀُڻ ڀُڻ ۽ ٽيليفون ايڪسچينج واري ڪاري ڇوڪريءَ جي بي انتها مٺي آواز ۾ هڪ جهڙي ’لنڪا ديپ – گُڊمارننگ‘ جي رَٽ، سندس دل جي ويرانيءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿي ڇڏيو. ڪجهه منٽن جي انتظار کان پوءِ چيف ايڊيٽر کيس اندر گهرائي ورتو. هوءَ هال مان لنگهي جي – سوريه جي ڪئبن ۾ داخل ٿي.
هو هڪ ڊگهي ۽ ويڪري ڊيسڪ تي ويهي ٻن ٽيليفونن تي هڪ ئي وقت ڳالهائي رهيو هو ۽ وچ وچ ۾ انٽرڪام تي ڪجهه ڳالهائيندو به ويو ٿي. هوءَ ڪنڊ ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. جي- سوريه هڪ پاسي جي ٽيليفون بند ڪندي، ڦرندڙ ڪرسي ٿورو ڏانهس ڦيري، کيس اهڙين عجيب نظرن سان ڏٺو جو هوءَ پگهرجي ويئي .... ’ڊرٽي اولڊ مئن (Dirty old man)‘. هن شديد نفرت سان چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي.
جي – سوريه ٻي رسيور تي هٿ رکي کيس مخاطب ٿي چيو: ”گُڊ مارننگ ڊاڪٽر ميرچنداڻي! اجازت ڏين ته ’سيتا‘ ڪري مخاطب ڪريان. آرام سان ويهه. ڪلهه رات مون کي عرفان سڄي ڳالهه ٻڌائي.“
ٻئي فون جي بيل وڳي ۽ هن هڪدم سنهاليءَ ۾ گفتگو شروع ڪري ڏني.
سيتا کي چڪر اچي ويو .... هن مضبوطيءَ سان ڪرسيءَ جي ٻانهن کي جهليو ۽ ڪجهه کنن لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري اکيون بند ڪري ڇڏيائين .... ’ڇو نٿي زمين ڦاٽي پوي جيئن مان اندر هلي وڃان ....‘ پر جيئن ته سيتا ۽ ساوتريءَ جي دنيا نه هئي، ڪل يُگ هو، انهيءَ ڪري نه زمين ڦاٽي ۽ نه سيتا اُن ۾ پيهي ويئي. ٻيءَ کن ۾ هن پرس مان سگريٽ ڪيس ڪڍي هڪ سگريٽ دکايو.
جي- سوريه فون تي ڳالهه پوري ڪري ڏانهس مڙيو. ”اوهه معاف ڪج. مون توکي سگريٽ پيش نه ڪيو. هن سيتا کي غور سان ڏٺو. هوءَ بي انتها سفيد نظر پيئي آئي. ’هن ويچاريءَ جا حواس ضرورت کان وڌيڪ ڪمزور آهن.‘ هن دل ۾ اهو سوچي وري کيس چيو، ”گهٻراءِ نه. مان عرفان جو پراڻو رازدار آهيان. شايد توکي خبر ناهي ته هو ۽ مان، جنگ کان اڳ ڪئين سال جرمنيءَ ۾ گڏ رهيا آهيون.... اُن وقت تون ته تمام ننڍي ٻار هوندينءَ.“ هن هڪ دفعو وري سيتا کي انهن ئي ڏڪائيندڙ نظرن سان ڏٺو. ”عرفان جي نجي جذباتي زندگيءَ جي ڪا ڳالهه مون کان لڪل ناهي. تنهنجو راز به مون وٽ محفوظ رهندو. ڪڏهن ڪڏهن جرنلسٽن تي به ڀروسو ڪري سگهجي ٿو!! چڱو .... هاڻي هڪ خوشخبري ٻڌ. اڄ ڪرفيو نه لڳندو .... ڪافي پيندينءَ؟“ هن بيل وڄائي.
”نه مهرباني.“ سيتا کي پنهنجي سموري وجود کان نفرت محسوس ٿي. ’مان هتي ڇو آيس؟‘
”مان .... هو .... هوائي جهاز جي سيٽ.“ هن ڪمزوريءَ وچان چيو.
”شيور .... شيور .... ماءِ ڊيئر. (Sure … sure…. Dy dear) مون کي هڪدم سڀاڻي جو ايڊيٽوريل لکڻو آهي .... پنهنجي سيڪريٽريءَ کي چوان ٿو.“
هو انٽرڪام ڏانهن جهُڪيو. ”رتنا، ٿورو مارٽن کي هيڏانهن موڪل .... ۽ تون به اچ.“
ٻيءَ کن ۾ سندس سنهالي سيڪريٽري ۽ ڪلرڪ اندر آيا. سندس پويان نيوز ايڊيٽر به آيو ۽ ڊيسڪ تي جهُڪي کيس جلدي جلدي ڪجهه چوڻ لڳو.
هڪ دفعو وري جي – سوريه سيتا جي موجودگي وساري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو. هوءَ ڪجهه وقت ويهي ڇت کي گهوريندي رهي، پوءِ اُٿي ڀرواري ڪمري ۾ هلي ويئي. انهيءَ ڪمري ۾ گهنڊيدار وارن ۽ گهري سانوري رنگ جو هڪ تامل نوجوان دريءَ وٽ بيهي هيٺ رستي تي ٽريفڪ ڏسي رهيو هو .... شايد هو به جي – سوريه سان ملاقات جو منتظر هو. سيتا ڏاڪڻ ڏانهن وڃڻ لاءِ وک وڌائي ته جي – سوريه جي سيڪريٽري کيس سڏڻ لاءِ ڊوڙندي آئي ۽ کيس ڪئبن ۾ ٻيهر وڃڻو پيو. ايتري ۾ جي- سوريه انٽرڪام تي چيو، ”رتنا، مسٽر راما سوامي کي هيڏانهن موڪل.“
پردو مٿي ٿيو ۽ اُهوئي تامل نوجوان ڪمري ۾ داخل ٿيو. هن مشڪندڙ نظرن سان سيتا ڏانهن ڏٺو ۽ ديوار سان بيهي رهيو.
پنهنجي اسٽاف سان ڳالهيون ڪندي ڪندي، ڪرسي سيتا ڏانهن گهمائي جي – سوريه چيو، ”سيتا، هي بيحد شرير نوجوان منهنجو دوست راما سوامي آهي. اسان جي ملڪ جو شعله بيان ڪالم نويس آهي. اسان جي مخالف اخبارن ۾ لکندو آهي پر مون جهڙن فرقي پرستن سان ڪڏهن ڪڏهن ملندو آهي .... ويهه رام، اسان جي هندستاني مهمان ڊاڪٽر ميرچنداڻيءَ سان مل. هندستاني هئڻ جي ناتي، ٿي سگهي ٿو ته هيءَ تنهنجي هم خيال هجي!“ انهيءَ تعارف کان پوءِ جي- سوريه وري پنهنجي گفتگو ۾ لڳي ويو.
راما سوامي سيتا کي نمستي ڪيو ۽ ڏاڍي سلجهيل ۽ ميل جول واري انداز سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو: ڇا هوءَ بمبئيءَ کان آئي آهي؟ دهلي کان .... هو به دهلي ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪيئن سال رهي چڪو آهي .... دهليءَ ۾ هو فلاڻن فلاڻن صحافين کي سڃاڻي ٿو؟ وغيره وغيره. هن اهو به ٻڌايو ته هن جو اڌ ڪٽنب مدراس ۾ رهندو آهي، پر هو پاڻ اوورسيز انڊين آهي.
۽ ان وقت اوچتو هڪ ڏاڍي نرالي ڳالهه ٿي .... اجنبي سنهالين جي مجموعي ۾ گهيريل، سيتا پنهنجي هم عمر انهيءَ تامل نوجوان لاءِ هڪ عجيب ويجهائپ محسوس ڪئي .... جهڙي طرح صدين پراڻي، ابديت پرست پولونروا جي سنسان کنڊرن جي وچ ۾ هُن جديد انسان، لزلي مارش لاءِ انهيءَ جذبي کي محسوس ڪيو هو .... ڇو ته هو سندس ڄاتل سڃاتل، ويهين صديءَ جي مغربي، ماده پرست دنيا جو هڪ فرد هو. پولونروار ابديت هئي. ڊاڪٽر لزلي ونسنٽ مارش تاريخي وقت. جهڙي طرح انهيءَ لزلي مارش جي ڀيٽ ۾، جابلو رستن تان لنگهندي هن مٿي جي وارن جون چوٽيون ڪندڙ ۽ سيررنگ پائيندڙ سنهالي هاري مردن ۽ عورتن لاءِ ويجهائپ محسوس ڪئي هئي، ڇو ته اُهي هن جي پنهنجي تهذيب جو حصو هئا ۽ لزلي مارش غير ملڪي، مسيحي، مغربي انسان هو .... جهڙيءَ طرح مائونٽ ليونيا جي ڊائننگ هال ۾ ويٺل فيشن ايبل سيلوني مردن ۽ عورتن جي ڀيٽ ۾، پاڪستان کان آيل عرفان بلڪل هن جو پنهنجو معلوم ٿي ٿيو، ڇو ته هن جي اُپکنڊ جو رهاڪو هو، جيڪو هن جي تهذيب جو هڪ حصو هو.... انسان پنهنجي پيچيده زندگيءَ ۾ هڪ ئي وقت ڪيترن مختلف ۽ متضاد سطحن تي زنده رهي ٿو.
هاڻي راما سوامي به جي – سوريه سان گڏ ڪنهن بحث ۾ اڙجي ويو هو. ڪئبن ۾ ڳالهين جو گوڙ تمام وڌي ويو. سندس مٿي ۾ سور پئجي ويو هو، اوچتو بي انتها بيزار ٿي هوءَ ڪئبن کان ٻاهر نڪتي ۽ تيزيءَ سان ڏاڪڻ لهي رستي تي آئي.
دڪانن جي سامهون ورانڊي ۾ بنا مقصد جي هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ کان پوءِ هوءَ ڪتابن جي اسٽال تي اچي بيٺي ۽ اسٽال واري کان آءِ – اي- سي جي آفيس جي ڏس پڇيائين.
”هلو، مان ٿو توهان کي اُتي پهچايان.“
هن مڙي ڏٺو. راما سوامي مشڪي رهيو هو.
”مهرباني، مون کي فقط ڏس ڏيئي ڇڏيو، مان پاڻيهي هلي وينديس.“
”توهان جي وڃڻ کان پوءِ مسٽر جي – سوريه ڏاڍو پريشان ٿيو ته توهان ڪيڏانهن غائب ٿي ويون، پر هِن تامل – سنهالي ڪرائسس ڪري اهو ايترو منجهيل هو جو کيس ڪجهه سمجهه ۾ ڪجهه نٿي آيو، جنهن وقت توهان اُٿي هليون ويون ته هو فون تي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ڳالهائي رهيو هو، جيڪو ڪئبنيٽ ۾ منسٽر آهي. اڄ هن جي وزارت به خطري ۾ آهي.“
هو ورانڊي ۾ سيتا سان گڏ هلڻ لڳو.
”هيءُ جهيڙو ڇا تي ٿي رهيو آهي؟“ سيتا گهڙي ڏسي بي خياليءَ سان سوال پڇيو.
اچو، ڏهه منٽ ڪٿي ويهي ڪافي پيئون.... تون اڄ ئي دهلي واپس وڃڻ ٿي چاهين؟“
اُهي هڪ ڪافي هائوس ۾ گهڙيا، جتي يونيورسٽيءَ جا شاگرد ۽ اخبار نويس زور شور سان بحثن ۾ مصروف هئا. هتي به ڏاڍو گوڙ پئي ٿيو. اُهي دروازي جي ڀرسان هڪ ميز تي ويٺا. سيتا آهستي آهستي آڱرين سان دروازي جي ڀرسان ڪن بند ڪيا. ڪيڏو شور هو. سموري دنيا ۾ ڪيڏو هنگامو هو.
”اوهه.... معاف ڪجو .... مان اجهو اچان ٿو.“ ايترو چئي رام تيزيءَ سان مرشد آبادي ريشمي ساڙهي واري هڪ ڇوڪريءَ ڏانهن ويو، جيڪا انهيءَ وقت ڪافي هائوس مان ٻاهر وڃي رهي هئي. ڇوڪري مڙي قهر ڀريل نگاهن سان سيتا کي ڏٺو ۽ ٻاهر هلي ويئي. رام رومال سان مٿي جو پگهر اگهندو واپس اچي بيٺو.
”هيءَ منهنجي مڱ هئي....“ سيتا جي سوالي نظرن سان نظرون ملائي هن ٿورو هٻڪي جواب ڏنو. هو ڪيڏو ننڍو ۽ جوشيلو هو.
هو سندس هم عمر هو. هوءَ سندس زبان، سندس جوش، سندس جذبو سمجهي سگهي ٿي.
”هئي .... ڇا مطلب؟ هاڻي ناهي؟“ سيتا مشڪندي پڇيو.
”انهيءَ جومدار تازن ترين سياسي صورت حال تي آهي.“
”ڪافيءَ جي پيالي ڏانهن اُداسيءَ سان ڏسندي هن ٻڌايو، ”هيءَ ڇوڪري سنهالي ٻُڌسٽ آهي .... جيئن ته منهنجو تامل هندو گهراڻي سان تعلق آهي، تنهنڪري ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ انهيءَ شادي جي خلاف آهن. ڇوڪري بلڪل غير سياسي آهي پر هو کيس ايجوڪيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي. انهيءَ ڇوڪري جو پيءُ يو-اين – جو ليڊر به آهي ۽ سندس سمورو فيوڊل خاندان بي انتها دولتمند، بي انتها ري ايڪشنري ۽ بي انتها آمريڪا پرست آهي.
”گذريل هفتي مان ساڻس وڙهي پيس. منهنجو ضد هو ته ٻئي ڪنهن شهر هلي سول ميريج ڪريون ۽ انهيءَ کان پوءِ ڪجهه عرصي لاءِ مدراس هليا وڃون. پر هوءَ انهيءَ لاءِ تيار ناهي. ڊڄڻي ڪنهن جاءِ جي! نه ڄاڻان ڇو مان پنهنجو داستان ٻڌائي توکي بور پيو ڪريان.“
”مون کي پنهنجي باري ۾ اڃا ٻڌاءِ....“ سيتا هن جي لاءِ ڪافيءَ جو ٻيو ڪپ اڳيان ڪندي چيو.
”تون هتي نيٽو (Native) ماڻهن سان ملي آهين؟“
”سواءِ جي- سوريه جي، ٻئي ڪنهن سان نه ملي آهيان ۽ هڪ ڊچ برگر ڇوڪري جو نغمو ٻڌو اٿم.“
”يعني مسٽر جي-سوريه کان سواءِ، پهريون خالص نيٽو مان آهيان، جنهن سان تنهنجو مُکاميلو ٿيو آهي؟ ڊچ برگر هتي جا اينگلو انڊين آهن.... هيترا ڏينهن ٻيو ڇا ڪيو؟“
”بس.... سارو وقت نوارا ايليا ۾ گذري ويو.
”پوءِ ته تون صحيح معنيٰ ۾ غير ملڪي سياح آهين؟ توکي مسٽر جي-سوريه پنهنجي ڊنر ۾ مدعو ڪيو هو؟“
”ها، توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
شايد توکي انهيءَ جو اندازو ناهي ته ڪولمبو ننڍو شهر آهي ۽ تو انهيءَ ۾ چڱو چؤٻول مچايو آهي. منهنجي هڪ ساٿڻ، پنهنجي اخبار جي سوشل ڪالم ۾ تنهنجو ذڪر به ڪيو هو .... ’مائونٽ ليونيا ۾ ترسيل دلفريب هندستاني خاتون، جيڪا انتها خوبصورت ساڙهيون پائي ٿي.‘ هن تنهنجو انٽرويو به وٺڻ ٿي چاهيو پر تون کيس ڪنهن صورت ۾ ملي نه سگهينءَ!“
”گڊ گاڊ!“
رام نظر ڀري کيس ڏٺو. ”تون مون کي پهرين ڇو نه ملينءَ؟“
’خدايا .... خدايا .... هي به....‘
”منهنجو مطلب آهي .... مان فقط ايترو چوان ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ توسان ملاقات ٿئي ها ته مان توکي هتي جي اصلي ڌڙڪندڙ زندگيءَ جي جهلڪ ڏيکاريان ها، تامل گهراڻن ۾ مدعو ڪريان ها، پنهنجي ڀينرن سان ملايان ها.“
”پنهنجي مَڱ سان نه؟“
”هوءَ منهنجي گهر ڪٿي ٿي اچي!“ هو پوءِ اُداس ٿي ويو. ”۽ منهنجي تمنا آهي ته هوءَ پنهنجو محل ڇڏي منهنجي ٽن ڪمرن جي فليٽ ۾ اچي رهي! سيتا، تو ڪينڊيءَ جي فيوڊل طبقي جي ۽ يوروپين پلانٽرز جي زندگي ڏٺي ناهي .... برطانيا جي حسين ترين ’ڪرائون ڪالوني‘ واقعي اُنهن ماڻهن لاءِ جنت هئي ۽ هاڻي به آهي. تون ته مڊل ڪلاس آهين نه؟“
”ها، لوئر مڊل ڪلاس.“ سيتا وراڻيو.
”منهنجي بي انتها ارسٽو ڪريٽڪ ويلما، هاڻي مون کان پڇي رهي هئي ته تون هندستان جي ڪهڙي فلائنگ مهاراڻيءَ کي ڪافي پيو پيارين!!!“
سيتا کِلي پيئي.
”اڄ صبح واريون خبرون ته ڏاڍيون پريشان ڪندڙ آهن. اُتر ۾ وڏو فساد ٿيو آهي.“ هن رام جي هٿ مان اخبار وٺي چيو.
ميز جي ڀرسان لنگهندي ڪجهه دوستن کي ڏسي هو مشڪيو. ايڏو بدشڪل ڪارو شخص، پر سندس چهري مان ذهانت پئي بکي! هن جا ڏند ڏاڍا خوبصورت هئا ۽ کلندي ڏاڍو وڻيو پئي. سيتا کيس بي ڌيانيءَ سان ڏٺو. ”ها .... ٻڌاءِ،“ هن ڪنڌ جهُڪائي ڪن تي آڱر رکي چيو. ”توهان وٽ ايڏا جهيڙا ڇو ٿا ٿين؟ هڪ ملڪ جا رهواسي ٿي ڪري پاڻ ۾ وڙهو ٿا.“
”سڀڪجهه ڄاڻيندي، ايڏو اڻڄاڻائيءَ جو سوال شايد تون انهيءَ ڪري ٿي ڪرين جو واقعي بور ٿي چڪي آهين.... تو لاءِ اڃا ڪافي گهرايان .... براءِ!“ هن سڏ ڪيو. ”توهان وٽ جهيڙو ڇو ٿو ٿئي؟ توهان به هڪ ملڪ جا رهواسي آهيو. توهان ۽ اسان ٻئي سرمائيدار بورجوا سياست جو شڪار آهيون.“
سندس لهجي جي تلخي سيتا کي ياد ڏياريو ته هڪ دفعي نيويارڪ ۾ جميل جو تعارف سندس وڏي ڀاءُ جي هڪ هم وطن سان جڏهن ڪرايو ويو هو ته جميل انهيءَ تلخيءَ سان جواب ڏنو هو. جي .... مان هاڻي به انهيءَ ملڪ جو آزاد شهري آهيان، جنهن کي توهان ڪجهه سال اڳ ’جنت نشان‘ چوندا هئا.“
”توهان تاملن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي مين لينڊ (Main land) ڏانهن نهاريندا آهن .... جهڙي طرح سڀ اوورسيز چيني، مين لينڊ چائنا ڏانهن نهاريندا آهن“ سيتا کيس چيو.
”مون دهليءَ جي اخبارن ۾ لنڪا جي انڊين پرابلم جي باري ۾ سلسليوار مضمون لکيا هئا. توکي انهن جي ڪٽنگ موڪليندس.... شام جو منهنجي گهر مون سان ماني کائج.“
”ضرور رام! توکي خبر آهي ته منهنجي هميشه کان اها خواهش رهي آهي ته سموري دنيا ۾، جتي جتي اوورسيز انڊين رهن ٿا، انهن کي وڃي ڏسان .... ويسٽ انڊيز .... ماريشس .... آفريقا .... فِجي .... ملايا .... ۽ نه ڄاڻان ڪٿي ڪٿي .... مدتن کان پنهنجي وطن کان هزارين ميل پري رهندي، انهن جي زندگي ڪيئن هوندي .... انهن جي تهذيب، رهڻي ڪهڻي، انهن جي نفسيات، منهنجو مضمون سوشيولاجي آهي .... انهيءَ کان سواءِ .... منهنجي دماغ ۾ خلل به آهي.“ هن ٻيهر گهڙيءَ تي نظر وڌي.
”توکي ڪولمبو مان ڀڄڻ جي ايڏي جلدي ڇو آهي؟ تو جهڙا خوبصورت مهمان هتي روز روز ڪڏهن ٿا اچن.“
”ڇو؟ اسان جا هندستاني فلم اسٽارز ۽ ڊانسرز ته هتي اڪثر ايندا رهندا آهن!“ سيتا سندس آواز جي وڌندڙ جذباتيت کان گهٻرائجي، ڳالهه کي چرچي ۾ ٽارڻ چاهيو.
”توکي خبر آهي .... تون ’لنڪا ديپ‘ جي انهيءَ ڪمري ۾ جڏهن داخل ٿئينءَ ته مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪشمير جي خوشگوار هوا جو جهوٽو ڪٿان اچي ويو هجي!“
”مان سنڌي آهيان.“
”ها، پر بلڪل ڪشميري ٿي لڳين!“
”سنڌي به بدصورت نه هوندا آهن.“
”هو کلڻ لڳو. انهيءَ وقت .... ڪولمبو جي هڪ ننڍي ڪافي هائوس ۾ ويٺل ٻه نوجوان .... هڪ سيلوني اورسيز انڊين تامل .... هڪ هندستان کان آيل پاڪستان جي ’سنڌي شرنار ٿي‘.... ساڳئي وقت ڪيترا خوش ۽ ڪيترا اُداس ٿي لڳا .... کين خبر هئي ته زمين، سندن اڄ جي نوجوان پيڙهيءَ جي پيرن هيٺان نڪري چڪي آهي ۽ سموري دنيا جو مستقبل سندن ڪيڏي وڏي ذميداري آهي! ڇا وڏن کي اها خبر هئي ته سندن پيڙهيءَ جي سياستدانن جي بنايل دنيا ۾ سندن اولاد کي ڇا ڇا سهڻو پوندو؟
”هل، توکي ڪولمبو گهمايان.“ رام ڪرسيءَ تان اٿندي چيو.
”پر ايئر لائنز جي آفيس؟“

”جهنم ۾ وڃي تنهنجي ايئر لائينز جي آفيس، هي لنچ ٽائيم آهي. سڀ آفيسون ٽين وڳي تائين بند رهنديون. فڪر نه ڪر، توکي سڀاڻي هوائي جهاز ۾ روانو ڪيو ويندو.“
”شايد تون انهيءَ جو علاج نٿي ڪري سگهين جو ماڻهو تو ۾ دلچسپي وٺن، اها ٻي ڳالهه آهي ته پنهنجي حد تائين تون به انهن جي دل ٽوڙڻ نٿي چاهين.‘
”تو ڪهڙي جاءِ اڃا تائين نه ڏٺي آهي؟“ ٽئڪسيءَ جو دروازو بند ڪري رام پڇيو.
”ڪيلانيا ٽيمپل.“ هن مرڻينگ آواز ۾ جواب ڏنو. مندر جي چڙهائيءَ تي پهچي، چؤطرف نظر ڊوڙائيندي سيتا چيو، ”توهان وٽ سياسي صورت حال ڪهڙي به هجي، پر مون کي گذريل اٺن ڏهن ڏينهن کان بلڪل ائين پيو لڳي ڄڻ ته ڏکڻ هندستان ۾ آهيان. ساڳيا منظر آهن، ساڳيو ڪلچر.“ هوءَ ٿڪجي ڏاڪڻ تي ويهي رهي. ’دنيا ۾ ايڏو هنگامو ڇو متل آهي؟‘
”گائيڊ .... ليڊي ....؟ فرسٽ ڪلاس گائيڊ!“ هڪ سنهالي اوچتو ڪٿان نروار ٿي اچي پڇيو.
هو ڏاڪڻ تان اُٿي. ”توهان جي ٻُڌسٽ مندرن ۾ هندو ديوي ديوتائن جو ايڏو زور ڇو آهي؟“ هُن عمارت ڏانهن هلندي سوال پڇيو. رام ڪنڌ جهڪائي خاموشيءَ سان ساڻس گڏ پئي آيو.
”اهي هندُو ديوي ديوتا، لنڪا ۾ اسان جي ٻڌ ڌرم جا رکپال آهن.“
گائيڊ وڏي ڀروسي سان چيو.
”ها، هي به ٻڌي ڇڏ!“ سيتا، رام کي چيو ۽ کيس ڊاڪٽر لزلي مارش ياد اچي ويو.
”پورچوگالين جي اچڻ کان اڳ تائين، لنڪا تهذيبي لحاظ کان بلڪل هڪ هو ۽ برطانوي تسلط کان تامل – سنهالي جهيڙي جو وجود به نه هو.“ رام چوڻ شروع ڪيو پر وري تنگ ٿي چُپ ٿي ويو.
نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾، وڏا وڏا تاڙيءَ جا وڃڻا کڻي، ڀکشوئن جي هڪ ٽولي سامهون اچي لنگهي.
”تون مون کي ڪجهه چئي رهيو هئين؟“
”ڪجهه نه. تون سوشيولاجسٽ آهين نه .... تو هاڻي ڏکڻ هندستان جي ڳالهه پئي ڪئي. تو صحيح پئي چيو ته سنهالي رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقو، بنيادي طور تي هندُو رهڻي ڪهڻي جو طريقو آهي. پر پوءِ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ٻُڌازم يا گهٽ ۾ گهٽ لنڪا جو ٻڌازم، هندو مُت جو هڪ ورشن (Version) آهي يا کيس جدا مذهب ۽ ڪلچر سمجهيو وڃي؟ سنهالي سماج جو بنياد ڪاسٽ تي هو، جيتوڻيڪ ڪاسٽ سسٽم ٻُڌازم ۾ ناهي. گهڻائي ٻُڌسٽ هندُوئن جي خدائن کي پوڄيندا آهن .... پوءِ قومي ڪلچر ڇا آهي؟ نج سنهالي قومي ڪلچر ....؟ نج هندستاني قومي ڪلچر؟ نج پاڪستاني قومي ڪلچر؟
مون جي – سوريه جي ڊنر ۾ اُنهيءَ ڏينهن مين لينڊ کان آيل ڪجهه هندستاني ۽ پاڪستاني مهمانن کان پڇيو هو ته ڇا پاڪستاني اسلام، اُهو ئي آهي جيڪو سعودي عرب يامصر ۾ رائج آهي؟ ۽ ڇا هندستاني هندو عوام جو ڪلچر اُهو ئي آهي جيڪو اشوڪ جي زماني ۾ هو؟ جڏهن مان جي – سوريه کي چوان ٿو ته توهان تاريخ جي ارتقا کي ڪهڙي رُخ کان ٿا ڏسو ته هو هڪدم اسان جلاوطنن جي نفسيات تي هڪ تقرير شرع ڪري ٿو ڏي.“
”هتي برطانوي دؤر جي نئين مڊل ڪلاس، نوڪريون ۽ سياسي سهوليتون حاصل ڪرڻ لاءِ ايجي ٽيشن ڪيا هوندا .... ۽ مڊل ڪلاس جي مختلف نسلي ۽ مذهبي فرقن جي مفادن جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿيو هوندو؟“
سيتا پڇيو.
”ها .... هاڻي ٻُڌسٽ ڪانگريس جو مطالبو آهي ته لنڪا جي تاريخ نئين سر لکي وڃي .... ايشيا جي هر ملڪ ۾ نئين سر لکي پيئي وڃي .... پر تاريخ کي ڪهڙي زاويي کان انٽرپريٽ ڪيو ويندو؟“
مندر جي پاسي واري ديوار تي ٻين خدائن سان گڏ، راوڻ جو ننڍو ڀاءُ وڀيشڻ ڏند ڪڍي کلي رهيو هو. ڀڳوان وڀيشڻ ويچارو ڀڳوان هئڻ جي باوجود راڪشس به هو. انهيءَ ڪري سندس ٻه ڏند ٻاهر نڪتل هئا. ”گهر جو ڀيدي، اهو مهاشيه هو!“ سيتا رام کي چيو ۽ وري کيس انهيءَ پهاڪي جو مطلب سمجهايائين.
هال ۾، آرٽ اسڪول جو هڪ شاگرد، فريسڪوز جو نقل ڪرڻ ۾ مصروف هو. رام کي ساڻس ڳالهيون ڪندو ڇڏي، هوءَ اڳتي وڌي ويئي.
ڀرواري ڪمري ۾ گوتم ٻڌ جي تمام ڊگهي ليٽيل مجسمي جي قدمن ۾ پوڄارڻين مان ڪنهن هڪ جو ننڍڙو ٻار ميري ڪپڙي ۾ ويڙهيل، مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هو ۽ سندس ماءُ ٿڌي مرمرين فرش تي سجدي ۾ جهڪيل هئي.
راهُل .... راهُل .... راهُل....
تمام هوريان هوريان ۽ سنڀال سان قدم رکندي، متان سندس پيرن جي آهٽ تي ٻار جاڳي نه پوي، هوءَ ٻي ڪمري ۾ ويئي، جتي هڪ ٻيو سونهري گوتم ٻڌ هميشه وانگر ڪنول تي سڪون سان ويٺو هو. هوءَ اکيون ٿورو بند ڪري مورتيءَ اڳيان مرمرين ڏاڪڻ تي ويهي رهي .... ڪجهه پل رکي هن اکيون کوليون ....
سامهون عرفان بيٺو هو.

17

هن خاموشيءَ سان منهن ٻئي پاسي ڦيري ڇڏيو ۽ ديوار جون تصويرون غور سان ڏسڻ لڳي.
عرفان اڳتي وڌيو .... ”سيتا .... ٻڌ.... ڏس.... ڳالهه ٻُڌ.... گوتم ٻڌ امن جو شهزادو هو .... مان سندس سامهون جهُڪي توکان معافي ٿو وٺان .... سيتا مون کي معاف ڪر .... مون کي معاف ڪر .... سيتا ....“
هن فريسڪوز تي نظرون ڄمائي ڇڏيون.
”سيتا .... ٻڌين پيئي....؟ سيتا .... سيتا.... سيتا....“

18

”ڪالهه مان دل جو آرام پائڻ لاءِ مهاتما ٻُڌ جي مندر ويو هوس، پر اڄ منهنجو موڊ ايترو ڊرامائي ناهي .... تنهنڪري اڄ شام جو هلو ته شهر کي رونق بخشيون.“ مائونٽ ليونيا جي بالڪنيءَ تي جهڪيل عرفان رٿ ڏني.ڍ
”هلو.“ سيتا خوش ٿي جواب ڏنو.
”ليٽل هَٽَ (Little hut) هلي، چيني ڪئبري (Cabret) ڏسنداسين .... سڀني نائيٽ ڪلبن ۾ هلنداسين.“
”هلنداسين.“
”سان مشيل هلي، ڊچ برگر ڇوڪريءَ کان پنهجي فرمائش جا نغما ٻڌنداسين.“
”ٻڌنداسين.“
”زُو ۾ هلي هاٿي کي هارمونيم وڄائيندي ڏسنداسين.“
”ڏسنداسين.“
”پر توکي ته پنهنجي جرنلسٽ دوست جي گهر وڃي اوورسيز ۽ اسٽيٽ ليس انڊينس (Overseas and Stateless Indians) جيم سئلن جي تجزيي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻو هو.“
”او عرفان .... واقعي ....!“ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي.
”تون به ڪهڙن ڪهڙن قسمين قسمين ماڻهن کي ڪٿان ڪٿان پڪ اپ ڪري ٿي وٺين! ڪمال آهي!“ عرفان جي لهجي ۾ ڪا طنز، ڪا تلخي نه هئي. هو هڪ بي تڪلف ساٿي وانگر ڳالهائي رهيو هو .... جيڪو حاسد، بد گمان، شڪي، ڪم ظرف عاشق نه هو پر فقط هڪ پراڻو دوست هو .... انسان ڪيئن نه جدا جدا وقتن ۾ مختلف ٿيندو رهندو آهي. ”اڙي .... پنهنجي هُن هنومان کي فون ته ڪر ته سندس ڊنر ۾ اچي نٿي سگهين.“
”هنومان ڪير؟“
”اهوئي تنهنجو راماسوامي اپاسوامي ڪير آهي؟“
اها حقيقت آهي ته ان وقت تائين هوءَ راما سواميءَ کي بلڪل وساري چڪي هئي. عرفان کيس ڪڏهن جو واپس گهرائي ورتو هو. راما سوامي جي ننڍي عمر، سياسي هم خيالي، تهذيبي ويجهائپ – هر شيءِ، سندس دماغ مان ڪيلانيا جي مندر ۾ ئي نڪري ويئي هئي .... دنيا ۾ ماڻهو فقط هڪ ئي هو .... عرفان .... عرفان .... اول ۽ آخر .... عرفان .... ٽيون ڏينهن شام جو جڏهن عرفان سندس بيعزتي ڪئي هئي ۽ سندس روح، سندس دل ۽ دماغ جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا هئائين.... ڪالهه رات .... جڏهن هوءَ ڦٽي هانءُ روئندي رهي هئي .... اُها خوفناڪ صبح جڏهن کيس جي –سوريه جي آفيس ۾ ويهڻو پيو هو .... اُها اُجاڙ منجهند، جڏهن هن راماسواميءَ سان گڏ سگريٽن جي دونهين سان ڀريل ڪافي هائوس ۾ سيلون جي سياست تي ڳالهيون ڪيون هيون .... اهي سڀ هڪ دفعو سندس ذهن مان نڪري ويا .... کن .... حال .... کن، جيڪو موجود آهي .... جيڪو تنهنجي هٿ ۾ آهي .... اهو قابو ڪري رک .... مضبوطيءَ سان قابو ڪري رک .... ڇو ته ڏينهن ۽ رات تيزيءَ سان کسڪندا ٿا وڃن.
وقت اجهو ختم ٿيڻ وارو آهي.

19

انهيءَ رات عرفان لِٽل هَٽَ کان موٽندي پهريون ڀيرو جميل جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته لڙائي واري رات، هن ٻارهين وڳي اهو ٻڌائڻ لاءِ فون ڪئي هئي ته جميل سان ملاقات ته ٿي هئي، پر وٽس ڪي ماڻهو اچي ويا، جنهنڪري ڪا ڳالهه ٿِي نه سگهي، پر سڀاڻي شام جو ته هو ضرور ڪنهن به صورت ۾ جميل سان ملندو.
”مان توهان جي انهيءَ ملاقات جي ڪوشش ۽ ملاقاتن مان ايڏي بور ٿي چڪي آهيان جو هاڻي مون کي بلڪل ڪا پرواهه ناهي.“ سيتا بي ڌيانيءَ سان جواب ڏنو. ”مان هاڻي وڃان ٿي دهلي واپس.“
پر ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سندس دروازو کڙڪيو.
”ڪير آهي؟“ هوءَ ڇرڪي اُٿي ويٺي ۽ وڃي دروازو کوليائين.
”آ....ڇي....“ عرفان ڇڪون ڏيندو اندر داخل ٿيو.
”اڙي .... توهان ڪيئن آهيو ....؟ سيتا پريشان ٿي پڇيو.
”بلڪل ٺيڪ آهيان .... فڪرنه ڪر .... منهنجو حشر قمر جهڙو نه ٿيو آهي .... دراصل ڪلهه رات گهڻي دير تائين سمنڊ جي ڪناري گهمندي زڪام ٿي پيو اٿم .... هوا ڏاڍي تيز هئي.“
”هون....! ته توهان سمنڊ ڪناري گهُميا پئي! ڪنهن سان گڏ؟“
”هيلو!“ عرفان کيس غور سان ڏٺو. صوفي تي ويهي هو خوشدليءَ وچان کليو. ”تنهنجي پتي ديو سان گڏ.“ هو بي انتها سُٺي موڊ ۾ هو. ”ڏاڍو لطف آيو .... تنهنجي مڙس سان منهنجي ته دوستي ٿي ويئي .... خوب شيءِ اهي.“ هو سگريٽ دکائڻ کان پوءِ ڏاڍو کليو.
”“ڳالهه ته ٻڌايو....“ سيتا وهاڻن جي سهاري اونڌو ليٽي سوال پڇيو.
عرفان ساڳي طرح خوشيءَ وچان کلندو رهيو. ”تنهنجي پراڻ ناٿ جو جواب ناهي والله. ڪلهه شام جو جڏهن مان گال مينس پهتس ته هن مون کي مٿي پنهنجي ڪمري ۾ سڏائي ورتو. هميشه وانگر تمام گهڻو ڊرنڪ (Drunk) هو. نه دعا نه سلام، گهڙندي ئي هن مون کي ’پدماوت‘ جو ’سنگلديپ کنڊ‘ ٻڌائڻ شروع ڪيو .... ائين لڳو ڄڻ مَلڪ محمد جائسيءَ جي روح منهنجو واسو ڪيو هجي .... دوها پڙهندو ٿي ويو ۽ توکي ياد ڪري زاروزار روئندو ٿي ويو. جڏهن ’سنگلديپ کنڊ‘ پڙهي چڪو ته پنهنجي موجوده زال جي تصوير ڏيکاريائين ۽ علامه اقبال جا اسپين وارا شعر پڙهڻ لڳو.“
موجوده زال جي ذڪر تي عرفان محسوس ڪيو ته سيتا جي چهري تي هڪ هلڪو بادل ڇانئجي ويو ۽ هن بي چئنيءَ وچان پاسو بدلايو.... عرفان ٿوري ڳالهه مٽائي چيو، ”سيتا .... تون نيرن ڪيڏي مهل ڪندي آهين؟“
نيرن جو فڪر نه ڪريو .... ڳالهه ٻڌايو ....“
”چڱو سائين ....“ هن نڙي صاف ڪئي. ”انهيءَ کان پوءِ جميل صاحب ۾ تلسي داس جيءَ جي روح اچي واسو ڪيو ۽ هن رامايڻ جون چؤپايون وٺي پڙهڻ شروع ڪيو .... کيس ب ي انت چؤپايون زباني ياد آهن .... واقعي تو ڪنهن ڪرئڪ سان شادي ڪئي هئي!“
سيتا کي اها ڳالهه نه وڻي. ”هو ڪرئڪ بلڪل ناهي .... لٽريري شخص آهي .... اوهان جهڙا خالي ماڻهو پدماوت ۽ رامايڻ کي ڇا سمجهن.“
”اوهه .... ڪاوڙجي وئينءَ. اڙي تون حڪم ڪرين ته سمورو مهاڀارت، سمورو ڪاليداس، سمورو ديوان حافظ، سمورو شيڪسپيئر، سمورو ايليٽ، جيڪو چاهين ٻڌايان .... پر انهيءَ فراڊ ۾ منهنجو يقين ناهي .... توهان عورتون، اهڙين ڳالهين جي چڪر ۾ اچي ته بيوقوف بنبيون آهيو .... ڇا توکي خبر ناهي ته اهي وڏا شاعر ۽ ڪهاڻيڪار، جيڪي محبت ۽ زندگيءَ جي حسن جي ساراهه ۾ هزارين صفحا ڪارا ڪندا آهن ۽ نه ڄاڻان زمين ۽ آسمان کي ڪٿان جو ڪٿان پاڻ ۾ ملائيندا آهن، گهرن ۾ پنهنجين زالن سان سلوڪ ڪيئن ڪندا آهن؟ خبر .... پوءِ ته هو، رامايڻ ڇڏي وري ’سنگلديپ کنڊ‘ کان شروع ٿيو .... ۽ انهيءَ ڀيري مون کي ڇينڀيندو به ويو ته مان به ايترو وڌيڪ شراب ڇو نٿو پيان .... پوءِ هڪ هڪ دوهو ڏهه ڏهه ڀيرا مون کان پڙهايائين. ڪمال جو ماڻهو آهي والله .... گريٽ مين .... ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي ويچارو ....“
عرفان پنهنجي ايڪسائيٽمنٽ (Excitement) ۾ اُٿي دريءَ ڏانهن ويو. هو بيحد خاموش هو.
”هڪ ٻه دوها تون به ٻڌندينءَ؟“ هُن مڙي سيتا کان پڇيو.
”نه.“
”نه ڪيئن....؟ ٻُڌڻا پوندا .... توکي شڪايت آهي ته مان لٽريري ناهيان.“ هن پسار ڪندي نڙي صاف ڪئي. ”ڪهتا هي اُستاد ڪه
”سنگلديپ کٿا اب گائون
او سو ’پدمن‘ هرڻ سناؤن!“
ٻڌايان؟“
”نه.“
”تنهنجا ته وڏا به ٻُڌندا. جيئن تنهنجي مڙس مون سان ويڌن ڪئي آهي، تيئن مان به تنهنجي خبر ڇو نه وٺان.... ٻُڌ.... ويچاري جميل ڪيتري قدر روئندي ٻڌايو هو:
راگهو جو سيتا سنگ لائي – راوڻ هَرلي ڪون سڌ پائي
يه سنسار سُپن کر ليکا – بچڙ گئي جانو نه ديکا (1)
هاءِ هاءِ .... اڃا ٻُڌ:
سنگديلپ جو نانهه نڀاهو
يهي ٺانون سانڪر سب ساهو (2)
”ها.... انهيءَ جو ڪجهه اندازو ته مون کي به آهي....!
سيتا کي بي اختيار کل اچي ويئي. هو پنهنجي جوش ۾ پسار ڪندو وري دريءَ وٽ آيو ۽ هيٺين طاق تي ٺونٺيون رکي دوهي مٿان دوهو ٻڌائيندو رهيو. هو واقعي ايڏو خوش هو ڄڻ ڪو وڏو مقابلو جيتي آيو هجي .... سيتا کيس اڄ تائين ايڏو خوش نه ڏٺو هو.
”اڃا ٻڌ، ڇا چيو اٿس ظالم ....
محمد جيون جل ڀرن رهنٽ گهري کي ريت
گهري جو آئي جيون ڀري ڍري جنم گا بيت (3)
”توهان تي به منهنجي پتيءَ جي ڪرئڪپڻي جو اثر ٿيو ٿو ڏسجي.“ هن عاجز ٿي چيو، ”هاڻ اصل ڳالهه تي اچو.“
”اڃا ٻُڌ.... ٻُڌ .... پوءِ نه چئجان ته مون کي نه ٻڌايئه .... اڙي هاءِ هاءِ .... هو سندس ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ٻُڌائيندو رهيو:
”هي ڪي جوت ديپ جو سوجها – يه جو ديپ انڌيرا بوجها
جو پي ناهين اسٿر وسا – جگ اجار کا کيجئي بسا.“
”ڇا مطلب آهي؟“ سيتا پڇيو.
”ملڪ محمد چوي ٿو ته دل جي روشنيءَ ۾ سنگلديپ ڏٺم .... ۽ هن اونداهي دنيا ۾ بلڪل ڪارو ڪارونڀار آهي. جڏهن محبوب ئي وس ۾ ناهي، ته دنيا آباد هجي يا ويران، تنهن کي ڇا ڪبو .... ۽ ٻڌ....“ هو هڪدم رائٽنگ ٽيبل تي ويٺو....
”محمد چنگ پيم کي سن مهه گگن ڊرائي،
ڌن برهن او ڌن هيا جيهين يه آگ سمائي“ (1)

هن سيتا کي انهيءَ دوهي جو مطلب وري سمجهائڻ جي ضرورت نه سمجهي ۽ منهن هيٺ ڪري خاموش ٿي ويو.
”توهان به وڏا گُڻوان نڪتا!“ سيتا چيو.
هن جهُڪي سلام ڪيو. ”اڙي، توکي ڪهڙي خبر، مان وڏو لڪل رستم آهيان. ڇا ٿي سمجهين، بس اڪيلو تنهنجو جميل خان ئي اُستاد آهي؟“
”اوهان ديوانا آهيو بلڪل!“ هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
”سيتا“
”جي؟“
”هاڻي هو هڪ دفعو بيحد سنجيدو بڻجي غور سان پنهنجي بوٽن
ڏانهن ڏسي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجي بي چئني لڪائڻ لاءِ قلمدانن ۾ رکيل پينسلن سان کيڏڻ شروع ڪيو.... ”سيتا....“ هن ٻيهر چيو.
”جي....؟ جميل.... جميل.... ڇا چيو؟“ سيتا ساهه روڪي پڇيو.
”جميل کي مون سموري ڳالهه سمجهائي، اڌي رات جو جڏهن مون کيس سمنڊ جي ٿڌي هوا پئي کارائي تڏهن هو سوبر (Sober) ٿي چڪو هو .... مون کيس چيو ته توکي طلاق ڏيئي ڇڏي .... ڇو ته .... ڇو ته.... ڇوته .... مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان. سچوئيشن بيحد پراڻي ۽ گٺل آهي نه.... پر تون پاڪستان نه ايندينءَ .... يا ايندينءَ؟“
گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ تيز ٿي ويئي، ٻاهر سمنڊ ۾ گجگوڙ هڪدم وڌي ويو. ڪجهه کنن جي ماٺ کان پوءِ سيتا چيو: ”توهان اِهو ڪيئن سمجهيو ته مان....“
”منهنجو سمجهڻ يا نه سمجهڻ بلڪل منهنجو فعل آهي.... ۽ جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته مان پنهنجي فعل جو پاڻ مختيار آهيان. اوهان منهنجي سوال جو جواب ڏيو، مهرباني فرمائي....“
”اوهان هتان هليا وڃو.“
”ڪيڏانهن....؟ ڪمري کان ٻاهر....؟ هليو ويندس. هڪ دفعو تون اڳ ۾ به ٻاهر ڪڍي چڪي آهين. هونئن اهو سمجهي ڇڏ ته مان نٺر آهيان.... ۽ خبر ناهي ته ڪهڙي مصيبت آهي جو هاڻي توتي غصو نٿو اچيم .... بس پيار آهي، جو وڻين ٿي ....ٻُڌ، ايندڙ مهيني مان پئرس پيو وڃان .... تون هڪ ڪم ڪر ....“ هن بي انتها نروس (Nervous) ٿي وري پينسلن سان کيڏڻ شروع ڪيو .... ”تون هيئن ڪر جو اُتي اچ.“
هوءَ پلنگ تان اُٿي بيٺي. ”جو ٿيڻو هوندو سو ٿيندو .... هاڻي وڃو.“
”چڱو .... هڪ دوهو ٻيو به ٻُڌي ڇڏ. انهيءَ تي سوچجانءِ....“ هن دروازي تي پهچي چيو.
”محمد! مڌ جو پيم ڪا هيي ديپ نيهه راک!
سيس ندئي پتنگ جيون تب لگ جائي نه پاک (1)


فٽ نوٽ

(1) اي محمد! محبت جي شراب سان دل جو ڏيئو ٻار. پرواني وانگر جيستائين سر نه ڏيندين تيستائين پرين وٽ ڪيئن پهچي سگهندين؟

[b]فٽ نوٽ
[/b]
(1) رام چندر جيءَ سان گڏ سيتا هئي پر ڪنهن کي خبر هئي ته کيس راوڻ کڻي ويندو. هيءَ دنيا سپني مثل آهي، اُهي ائين وڇڙيا ڄڻ هڪ ٻئي کي ڏٺو به نه هئائون.
(2) سنگلديپ جهڙي جاءِ تي ڪيئن پهچندين، اهو هنڌ لنگهڻ سڀني لاءِ ڏکيو آهي.
(3) اي محمد! هيءَ زندگي نار مثل آهي جنهن ۾ پاڻي ڀريو آهي ۽ هاربو آهي. گهڙي ۾ پاڻي ڀرجڻ ڄڻ زندگي آهي ۽ پاڻي جو هارجڻ موت.

فٽ نوٽ

(1) اي محمد!محبت جي چڻنگ کان ته زمين ۽ آسمان به ڊڄن ٿا. شاباس آهي محبتين ۽ انهن جي دلين کي، جن ۾ اها آگ سمائجي وڃي ٿي.

20

”....۽ جڏهن ڪامديو، شمڀو کي آڻ مڇائڻ لاءِ روانو ٿيو ته سڀيئي مقدس صحيفا بيڪار ٿي ويا، پوترتا، صبر، سنياس، فرض، معرفت، علم، بي نيازي، سڀيئي ميدان ڇڏي اٿي ڀڳا. عقل ڪتابن ۾ وڃي لڪو.
رتيءَ جو پتي (1) پنهنجو تير ڪمان کڻي ايڏي غصي ۾ ڪنهن کي ٿو پنهنجو شڪار بڻائڻ وڃي؟ ساري ڪائنات محبت ۾ گرفتار ٿي ويئي. وڻ جهُڪي ولين تي ڇانئجي ويا. نديون وڃي سمنڊ جي ڀاڪر ۾ ڀيڙيون ٿيون .... جل ٿل هڪ ٿي ويا .... پکي ۽ جانور، ديوتا ۽ پريون انسان ۽ نانگ، لطيف ارواح ۽ جهنگلي ڀوت پريت، شمشان جا ڀوت ۽ ساڌو سنت سڀ سندس طلسلم ۾ وٺي ويا.
عاقل، جيڪي هيستائين دنيا کي برهما جو پاڇو سمجهندا هئا، سموري دنيا هاڻي کين عورت جي روپ ۾ نظر اچڻ لڳي .... اهڙي حالت ۾ ڪامديو، شمڀو وٽ وڃي پهتو.“ (2)
۽ ڪاليداس لکيو آهي ....“
ته اُنهيءَ وقت مدن جي ٻاڻ تي، جيڪو انب جي مُکڙين سان سجيل هو، بهار جي ماکيءَ جون ڪاريون مکيون اهڙي طرح ويهاريون ويون هيون، ڄڻ اُهي خيال مان پيدا ٿيل خدا جي نالي جا اکر هئا. هلال جهڙا گل، نهن جي نشانن جهڙا هئا، جيڪي بسنت رُت جي ويڙهجڻ ڪري جهنگل جي بدن تي پئجي ويا هئا.... بهار، تلڪ جو گل لڳائي، ڀنؤرن جي ڪاري ڪجل سان گڏ، پنهنجي چپن کي (جيڪو انبن جو ٻور هو) صبح جي سج جي سرخيءَ سان سجايو هو .... پيال

جي وڻن مان ڇڻندڙ زرگُل سان هرڻن جو اکيون ڌنڌلائجي ويون هيون ۽ اُهي جهنگل جي پنن تان ڇلانگ ڏيندا ٿي ڦريا .... ڪوئل جو آواز، خود محبت جو آواز بنجي ويو هو .... ڪوئل جو آواز، جيڪو مغرور عورتن جي سرد مهريءَ کي ٽوڙڻ ۾ ڏاڍو ماهر آهي .... مدن جي حڪم سان وڻ هڪ هنڌ بيهي ويا هئا. ڀنؤرا خاموش، جهرڪيون چپ چاپ ۽ هرڻ ماٺ ٿي ويا هئا .... سارو جهنگل ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو ڄڻ هڪ وڏي تصوير هجي.“ (1)


فٽ نوٽ
فٽ نوٽ

(1) ڪامديو، هندو ديومالائي عشق جو ديوتا.
(2) تلسي داس جي لکيل رامايڻ مان.
(1) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ ’شڪنتلا‘ مان

21

پئرس ۾ سيتا ۽ عرفان ڪئين مهينن تائين رهيا. عرفان جو بولوارسُوشي ۾ هڪ ڏاڍو خوبصورت فليٽ هو، جنهن کي سيتا اڳي کان به وڌيڪ نفاست سان سجايو هو.، عرفان صبح جو آفيس هليوويندو هو. سيتا بازار مان سؤدو وٺي اچي ماني تيار ڪندي هئي .... عرفان جا ڪپڙا استري ڪندي هئي، گهر جي صفائي ۽ ٻهاري ڏيندي هئي. شام جو هو ڪم تان موٽندو هو ته جلدي سندس گرم سليپر سندس صوفي جي هيٺيان آتشدان وٽ رکندي هئي .... سمهڻ جي وقت کان گهڻو اڳ ۾ سندس سليپنگ سوٽ کي گرم پاڻيءَ جي بوتل ۾ ويڙهي سندس بستري تي رکندي هئي. هوءَ اهڙي مڪمل ۽ سُڪون بخش ۽ آرامده هائوس وائيف هئي جو عرفان کي عجب لڳندو هو.
هوءَ هر روز صبح جو ٽپاليءَ جو ڏ اڍو انتطار ڪندي هئي. شايد اڄ نيويارڪ کان سندس طلاق نامو اچي .... شايد .... پر ڏينهن گذرندا ويا ۽ ڪو طلاق نامو نه آيو. هوءَ ڪولمبو کان دهلي واپس وڃي ڪنهن سان به ملي نه هئي. هن پنهجي ماءُ پيءُ کي چيو هو ته کيس پئرس ۾ نوڪري ملي ويئي آهي ۽ هوءَ اوڏانهن وڃي پيئي. اُهي به هاڻي کيس ڪجهه به نه چوندا هئا ۽ نه ڪجهه پڇندا هئا. اهڙين ڳالهين جو وقت ڪڏهوڪو نڪري چڪو هو. پئرس وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن ڪناٽ پئليس کان بلقيس ۽ هيما کي فون تي ”خدا حافظ“ چيو هو.
”هاڻي ڪڏهن ايندينءَ....“ بلقيس پڇيو هو.
”خبر ناهي. ڳالهه اها آهي ته منهنجي دل هتي نٿي لڳي ۽ جيڪڏهن هڪ دفعو يورپ پهچنديس ته اُتان نيويارڪ وڃڻ ۾ آساني ٿيندي.، راهُل کي ڏسڻ.“
”ٺيڪ ٿي چوين....“ بلقيس وراڻيو هو، ”پر ڪڏهن ڪڏهن خط ته لکندي رهج.“
”بلڪل لکنديس.“
بلقيس کانئس اهو نه پڇيو هو ته هو پئرس ڇو پيئي وڃي. کيس خبر هئي ته پئرس ۾ سيتا جو شادي ڪئي بنا عرفان سان گڏ رهڻ، ڪا نرالي ڳالهه نه هئي. سمنڊ جي کاٻي ڪناري تي اهڙي طرح ڪئين جوڙا ورهين کان رهندا پيا اچن ۽ سندن قانوني طور تي شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو نه هو.
موڪل جي ڏينهن اُهي ’سين‘ جي ڪناري گهمڻ ويندا هئا .... ’ڪارتر لاطين‘ ۾ آوارا گردي ڪندا هئا .... ڪنهن ڪافي هائوس ۾ بلئڪ ڪافي پيئندي، هوءَ سوچ ۾ پئجي ويندي هئي ته هو پڇندو هو: ”ڇا پيئي سوچين؟“
”مون سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي، فقط محسوس ڪندي آهيان.“ هوءَ ڪنڌ مٿي کڻي جواب ڏيندي هئي.
ڪنهن پُل جي ديوار تي جهُڪي ڳالهيون ڪندي ڪندي هوءَ هڪدم اوچتو ماٺ ٿي ويندي هئي ته هو کيس سگريٽ دکائي ڏيندو هو: ”هان، سگريٽ ڇڪ .... لڳي دم، مٽي غم....“
هڪ ڀيري عرفان کيس چيو، ”توکان سواءِ، هڪ ٻيءَ به تون آهين.... جڏهن تون اوچتو ماٺ ٿي ويندين آهين، ته مان اڪيلو رهجي ويندو آهيان .... تون مون کان هزارين ميل پري هلي ويندين آهين .... تون تمام بلنديءَ تي هوندي آهين. مان تنهنجون ڳالهيون سمجهڻ چاهيان ٿو، پر ڊپ ٿو ٿئيم.“ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ پنهنجي انهيءَ طريقي جي ڊگهي ماٺ مان بيزار ٿي خود چوندي هئي، ”عرفان.... ڳالهاءِ نه.“
”ڳالهائيندي ڊپ ٿو ٿئيم.“ هو جواب ڏيندو هو.
سرءُ جي موسم ۾ اُهي بني اسپين ويا، جتي مسجد قرطبه جي ڏاڪڻ تي چانڊوڪي رات ۾ کين هڪ پاڪستاني شاگرد مليو. جنهن بيحد وڻندڙ سُر ۾ اقبال جو نظم ٻڌايو:
”سلسلهء روز و شب نقش گِر حادثات
سلسلهء روز شب اصلِ حيات و ممات.“
”هاڻي مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهاءِ.“ سيتا عرفان کي چيو.
ڪافي دير تائين شعر جي تشريح ڪرڻ کان پوءِ عرفان ڪڪ ٿي کيس چيو: ”تون پنهنجا ڪاليداس تلسي داس ڪندي رهه، اقبال تو کان زور آهي.“
هڪ ڏينهن امريڪا کان خط آيو. هن کولي پڙهيو ۽ پوءِ خاموشيءَ سان ڪپڙا استري ڪندي رهي.
”سيتا!“ عرفان ڪمري ۾ داخل ٿي کيس سڏيو.
”ڇا آهي؟“ هُن چڙي چيو ۽ استريءَ جو سوئچ بند ڪري دريءَ ڏانهن هلي ويئي.
”آپ آهو چشم هين اهو نهين
هم سي وحشت کي نه ليجي آيئي.“
عرفان آتشدان ڀرسان صوفي تي ويهي ڏانهس ٻانهون ڊگهيريندي چيو.
هوءَ ساڳي طرح دريءَ کان ٻاهر ڏسندي رهي.
”سيتا ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي ٻڌاءِ.“
”ڪجهه ناهي عرفان.“ هُن مڙي جواب ڏنو،
”ماميءَ جو نيويارڪ مان خط آيو آهي.... لکي ٿي ته هاڻي هوءَ ڪهڙن نالن جا نُڪتا تبديل ڪندي رهندي؟“
هو خاموش رهيو.
”عرفان .... منهنجو خيال آهي ته اسان وڏي سخت غلطي ڪئي آهي. مان ڪيستائين اهڙي طرح تو سان رهنديس.“
”ڇو؟“ هو کوکلي کل کليو. ”ڪجهه مهينن ۾ ئي گهٻرائجي وئينءَ؟ ’گيري نندني اُوما‘ ته شمڀو سان شادي ڪرڻ لاءِ هڪ هزار سال تپسيا ڪئي هئي .... ’ڪُمار سنڀو‘ (1) پڙهه.“
”مون کي نٿو کپي تنهنجو ڪُمار سنڀو.“ هن بيزار ٿي چيو.
”ها ها .... هاڻي تنهنجو عقل ٺڪاڻي آيو آهي. مون توکي چيو نه هو ته تنهنجو سمورو ڪاليداس، شاعري، ادب، فلاسافي، سڀ فراڊ آهن .... زندگيءَ جي تلخ حقيقتن آڏو سڀ اجايون آهن يا نه؟“
نيٺ هُن هڪ ڏينهن ڊڄندي ڊڄندي بلقيس ڏانهن خط لکيو .... پئرس جي موسم بابت لکيائين. فرخنده ۽ ننڍي ماسيءَ جي خيريت جو پڇيائين، پر اهو پڇڻ جي همٿ نه ٿيس ته جميل کين سندس باري ۾ ڪجهه لکيو آهي يا نه.

بلقيس جو هڪدم نهايت ئي مفصل جواب آيو. تمام نارمل، خوش ۽ غير شخصي خط هو، جيڪو ڪنهن ذاتي تذڪري جي بدران فقط ٿيئٽر جي تازين خبرن سان ڀرپور هو.
- اَپٽا (Indian Peoples Theatre Association) جي اٺين سالياني ڪانفرنس جو هن سال ڊاڪٽر راڌا ڪرشن افتتاح ڪيو. ڪافي روسي ڊيليگيٽ به آيل هئا. گوپي ناٿ به ڊانس ڪئي.
- هن ڀيري ’راج نگريءَ‘ ۾ تون ڏاڍي ياد آئينءَ.
- انڊين آرٽ ٿيئٽر طرفان ’خيال ميرزا‘ اسٽيج ڪيو ويو آهي.
چڱو آهي.
- ’نئي نؤٽنڪي‘ وارا نؤٽنڪيءَ جي طرز تي ’مٽيءَ جي گاڏي‘ (1) پروڊيوس ڪري رهيا آهن. چڱو دلچسپ تجربو ٿيندو .... للتا ڪالهه توکي ڏاڍو ياد ڪيو ٿي.
- بمبئي جو لِٽل بيلي گروپ، ’ميگهه دوت‘ (2) اسٽيج ڪرڻ وارو آهي ....
’آهه ڪاليداس! ڪاليداس!! شڪنتلا .... آگرابازار .... مٽيءَ جي گاڏي .... هماچل پرديش جا فوڪ آرٽسٽ....‘ خط بي دليو هڪ پاسي اُڇلي. هوءَ بورچي خاني ۾ هلي ويئي.
عرفان سان گڏ رهندي کيس اهي ڳالهيون ڪنهن ٻي دنيا جون ٿي لڳيون.

هڪ مهينو ٻيو گذري ويو.
”عرفان ٻڌاءِ، هاڻي مان ڇا ڪريان؟“ هن بيوس ٿي پڇيو،.
”وري بلقيس جي خوشامد ڪرينس، ٻيو ڇا....؟“ هن ٿورو بي پرواهيءَ سان وراڻيو ۽ ڪوٽ پائي آفيس هليو ويو.
دريءَ تي ويهي سيتا وري بلقيس ڏانهن خط لکڻ شروع ڪيو:

”مان جميل سان ڪولمبو ۾ ڳالهائي به نه سگهيس، ڳالهائڻ ته ٺهيو پر سندس هڪ جهلڪ به ڏسي نه سگهيس. تون ٺيڪ چوندي هنئينءَ ته اهو جهنگلي بدڪ جو پيڇو ڪرڻو آهي. خدا جي واسطي کيس لکينس ته مون کي جيترو جلد ٿي سگهي. آزاد ڪري. هو مون کي ڪافي سزا ڏيئي چڪو آهي.“
۽ سندس لڙڪ ڪاغذ تي ٽپ ٽپ ڪرڻ لڳا. هوءَ صفحن جا صفحا لکندي ويئي ۽ هڪ ڊگهو ساهه کڻي لفافو بند ڪيائين.
اُنهيءَ خط جي جواب ۾ بلقيس لکيو:
”توکي اهو پڙهي خوشي ٿيندي ته ’بلونت گارگيءَ‘ جو ’سوهني مهيوال‘ ماسڪو ۾ ڇهن مهينن کان هلي رهيو آهي. پاٽنا جي ’اَپٽا‘ (A.P.T.A) وارن ’تال ڪٽورا ڊراما فيسٽيول‘ ۾ هن دفعي پنهنجو ڊرامو ’پير علي‘ ڏيکاريو، انهيءَ جو هڪ ايڪٽر تنهنجو پراڻو ڪلاس فيلو نڪتو. توکي سلام چيا اٿس.
- ميرا نالني سارا ڀائي، گجراتيءَ ۾ نوه تمثيلون پرڊيوس ڪري رهي آهي.
- يونيٽي ٿيئٽر وارا فيروز شاهه ڪوٽلا جي اوپن ايئر ٿيئٽر ۾ ’اورنگزيب‘ اسٽيج ڪرڻ وارا آهن. ۽ آغا حشر جي تجديد جي سلسلي ۾، توکي ٻڌي خوشي ٿيندي ته دهلي پِلي هائوس وارا ’رستم سهراب‘ پيش ڪري رهيا آهن.“
هڪ شام جو سئنيما کان واپس اچي پنهنجي فليٽ ۾ پهتا ته ڪونسي اَرج (Concierge) هڪ ڪيبل آڻي سيتا جي هٿ ۾ ڏني. عرفان ڪلف کولي اندر وڃي چڪو هو. سيتا چانئٺ تي بيٺي لفافو ڦاڙيو. سندس ڀاءُ کان اطلاع آيو هو: ’ڊيڊي گذاري ويو.‘
جڏهن عرفان ڪپڙا تبديل ڪري سِٽنگ روم ۾ آيو، ان وقت هوءَ آتشدان اڳيان ڪنڌ لاڙي ويٺي هئي ۽ آهستي آهستي ڏڪي پئي.
”ڪهڙي ڳالهه آهي، لٽل وومن (Little woman)؟“ عرفان جهڪي سندس مٿي تي هٿ گهمايو.
”ڪجهه نه.“ هن ڪنڌ مٿي کڻي عرفان ڏانهن ڏٺو. سندس اکيون بلڪل خشڪ هيون. هن ڪيبل عرفان جي هٿ ۾ ڏني.
”اوهه! آءِ ايم ساري. (Oh! I am sorry) ڪاغذ تي نظر وجهندي عرفان آهستي چيو.
”مان دهلي وڃان ٿي.“
”چڱو.“
”مان مميءَ سان ڪجهه عرصو رهنديس.“
”ها ها، ٺيڪ آهي. ضرور وڃ.“ عرفان وراڻيو.
رحمت منزل قرول باغ تي پهچي، هوءَ ڪيترا هفتا گهر کان ٻاهر نه نڪتي. بلقيس جي ’ماڊرن ٿيئٽر گروپ‘ عذرخواهي لاءِ وٽس اچڻ چاهيو ٿي، پر هن بلقيس ۽ شهزاد هٿان سڀني کي منع ڪئي. هڪ مهيني ۾ هوءَ بلڪل پيلي پئجي چڪي هئي.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ چيو، ”هي تو ڪهڙي دشا بنائي رکي آهي. وڃ، ٻاهران گهُمي اچ.، بيمار ٿيڻو اٿيئي ڇا؟“
سندس ماءُ اڃا تائين ساڻس پئرس يا عرفان جي باري ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. هاڻي اها اسٽيج اچي ويئي هئي جو سندس ڌيءُ جي ذاتي زندگي بلڪل سندس ذاتي معاملو هو.
نيٺ هڪ ڏينهن ٽپهريءَ جو هوءَ تيار ٿي ’چاڻڪيا پوري‘ ويئي. بلقيس وٽ سڀني ڏاڍي محبت سان سندس آدرڀاءُ ڪيو. فرخنده دير تائين ساڻس ڳالهيون ڪندي رهي. انهيءَ وقت نئين تمثيل جو اسڪرپٽ کڻي ڪيلاش اچي پهتو.
چانهه کان پوءِ هن ڳالهين ڳالهين ۾ سيتا کي چيو، ”سيتا، پروجيش بابو توهان جو ڏاڍو پڇيو ٿي. دهليءَ ۾ جڏهن به اسان سان ملندو هو ته بلڪل توهان جو ذڪر ڪندو هو. پر توهان ته اسان سڀني کان منهن موڙي ولايت کي پنهنجو ديس بنائي ڇڏيو.“
هوءَ ڏاڍي اخلاق سان مشڪي. ”اڄ ڪلهه پروجيش بابو ڪٿي آهي؟“
”سندس نمائش ٿي رهي آهي، انهيءَ ڪري هتي آيل آهي.“
”ڪٿي ترسيل آهي؟“
”اتيئي.... سندس پراڻو هنڌ. بلقيس، هي للتا جو پارٽ ڏسي وٺ.“
سيتا اُٿي لائونج ۾ هلي ويئي.
”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟ رات جو اسڪريبل کيڏنداسين.“ کيس ويندو ڏسي بلقيس ڊرائنگ روم مان سڏيو.
”نه بلي، هاڻي مان وينديس، ممي گهر ۾ اڪيلي آهي.“
”ٿورو اڃا ترس، رات جو توکي گهر ڇڏي اينداسين.“ ننڍي ماسيءَ چيو.
”اڄ اسان فرينچ لفظ ٺاهينداسين.، تون ته فرينچ تمام گهڻي سکي ويئي هوندينءَ.“ بلقيس ڪيلاش سان گفتگو ڪندي وچان چيو، پر هاڻي سندس آواز ۾ مصروفيت هئي. سيتا ٻاهر نڪري آئي.
وقت تيزيءَ سان گذرندو ويو. شروع شروع ۾ عرفان کيس پابنديءَ سان هر هفتي خط لکندو هو. پر گذريل ڪجهه مهينن کان بلڪل خاموش هو. سيتا هيستائين کيس ڪافي خط لکي چڪي هئي پر ڪنهن جو به جواب نه آيو هو. عرفان آخري خط ۾ کيس لکيو هو ته اهو آفيس جي ڪم سان جرمني وڃي رهيو آهي. پر انهيءَ ڳالهه کي به ڪافي وقت ٿي ويو هو.
هاڻي هوءَ انهيءَ شدت سان عرفان جي خط جو انتظار ڪندي هئي، جيئن هو هيستائين جميل جي طلاق نامي جو انتظار ڪندي رهي هئي. سندس ماءُ کي ڪليم جي معاوضي جي ڪجهه رقم ملي هئي ۽ سندس ڀاءُ درگاپور مان پنهنجي اڌ پگهار موڪلي ڏيندو هو. انهيءَ اميد تي ته هوءَ جلدي عرفان وٽ واپس هلي ويندي، هن نوڪريءَ جي ڳولا به نه ڪئي. سارو ڏينهن رسوئيءَ ۾ ماڻس وٽ ويٺي هوندي هئي.
زندگي ڏينهون ڏينهن اونداهي ٿيندي ويئي.
اُن رات ڏاڍو پارو پئي پيو. ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ جي نلڪي تي هٿ ڌوئندي، اوچتو کيس خيال آيو ته سندس ڪو دوست ناهي. هيڏي وڏي دنيا ۾، هيڏي وڏي عظيم الشان جڳمڳائيندڙ دارالسطنت ۾، واقفڪارن جي هيڏي وڏي هجوم ۾، ڪو سندس همدرد ناهي. ڇو ناهي؟ هن ڪنهن جو ڇا ڦٽايو آهي؟ پروجيش هڪ ڀيري کيس چيو هو: ’سيتا ديو! تون اهڙي عجيب و غريب ڇوڪري آهين جو توکي هن دنيا ۾ اُها خوشي مشڪل سان ئي ملندي. جنهن خوشيءَ جي تون ڳولا ۾ آهين.‘ .... پروجيش؟؟
”ممي، مان ٿورو ٻاهر ٿي وڃان“ هٿ اُگهڻ کان پوءِ اوور ڪوٽ پائي هن گهٽيءَ ۾ لهندي چيو. سندس ماءُ اڱڻ ۾ اچي ڏيڍيءَ جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيو.
نئين دهلي ويندڙ بس لڳ ڀڳ خالي هئي. هوءَ هڪ دريءَ جي شيشي سان مٿو ڀرائي ويهي رهي ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ’هاڻي مون کي ائين ٿو لڳي.‘ هن پنهنجي دل ۾ سوچيو، ’ڄڻ رات جي اونداهيءَ ۾ گهڻيئي ٻيڙيون گهاٽ سان اچي لڳن ۽ مون کي خبر نه پوي ته انهن مان منهنجي ڪهڙي آهي....‘
پروجيش جي رهائش تي پهچي هن ڪلرڪ کان پڇيو: ”مسٽر چوڌري آهي؟“
”“ڪهڙو مسٽر چوڌري؟“
”جيڪو ڪلڪتي کان هتي آيل اهي.“
”اهو جيڪو ايڪٽر آهي؟“
”نه.... جيڪو آرٽسٽ آهي.“
”اوهه .... جي ها.... هيڏانهن اچو.“
جڏهن هوءَ هلي ويئي ته ڪلرڪ مٿو کنهندي دل ۾ چيو: ’خوب .... سال ڏيڍ ٿيو، مون کي ياد اچي ٿو ته هيءَ ساڳي طرح رات جو آئي هئي. تڏهن ڪلڪتي واري ايڪٽر مسٽر چوڌريءَ جو پڇيو هئائين. هي سڀ ڇاجو چڪر آهي؟‘
پروجيش ڪمار چوڌري ڪمري ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪجهه لکي رهيو هو. کيس دروازي تي بيٺل ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويو. ”سيتا ديوي ....“ هن کيڪارڻ لاءِ هٿ وڌائي ڏاڍي ڊرامائي انداز ۾ چيو، ”مون کي خبر هئي ته هڪ ڏينهن تون ضرور واپس ايندينءَ هڪ ڏينهن ضرور منهنجي روح جي پڪار تو تائين پهچندي .... تون هڪ ڏينهن ضرور مون وٽ ايندينءَ.“
گوري، ڪامني، سيتا، سانوري پروجيش ڪمار چوڌريءَ جي ٻانهن ۾ ائين وڃي ڪري جيئن گنگا جو شفاف پاڻي، جمنا جي تاريڪ غضبناڪ پاڻيءَ سان وڃي ملندو آهي.
انهيءَ کان پوءِ تمام جلد دهليءَ جي فنڪارن جي حلقي ۾ اها خبر ڦهلجي ويئي ته شري پروجيش ڪمار چوڌريءَ جو ’سنڌي پيريڊ‘ شروع ٿي چڪو آهي.
ڇهه مهينا ٻيا لنگهي ويا. سيتا پروجيش سان گڏ ’اسپرنگ فيسٽيول‘(Spring festival) لاءِ سرينگر ويل هئي. اُتان موٽي هوءَ ساڻس گڏجي ڪلڪتي هلي ويئي. نيٺ ڊسمبر ۾ پروجيش جي جاپان وڃڻ کان پوءِ هوءَ دهلي واپس آئي. اچڻ سان سندس ماءُ کيس ٻه لفافا ڏنا. هڪ تي روم جي مهر لڳل هئي. تمام مختصر خط هو:

”تازه ترين خبرون جيڪي تنهنجي باري ۾ ٻڌيون اٿم، صحيح آهن؟
- عرفان.“

ٻيو ڊگهو لفافو نيويارڪ مان آيو هو. سندس دل تيزيءَ سان ڌڙڪڻ لڳي. جميل جو خط .... جميل جي هٿ سان لکيل سندس نالو .... سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. شام ٿي رهي هئي. دريءَ تي وڃي هن پڙهڻ شروع ڪيو .... اهو خط به تمام مختصر هو:
”راهُل بلڪل ٺيڪ آهي. مان توکي طلاق ڏيان ٿو. تون هاڻي آزاد آهين ۽ جنهن سان چاهين، شادي ڪري سگهين ٿي. راهُل کي مان ايندڙ سال دهلي جامعه مليه موڪليندس، جيئن هو پنهنجي ملڪ ۾ رهي ۽ هندستاني ٿئي، هتي بلڪل امريڪن ٿي ويو اهي. هو دهليءَ ۾ اچي ته تون فرخنده وٽ وڃي ساڻس ملي به سگهين ٿي. مون کي ڪو اعتراض ناهي.

فقط جميل“

کيس ڏاڍي ڪمزوري محسوس ٿي رهي هئي. هوءَ اُتيئي دريءَ وٽ فراسيءَ تي ويهي رهي ۽ ديوار جي سهاري ويهي هنومان جي تصوير ڏسڻ لڳي. جيڪو هٿ جي تريءَ تي جبل کنيو اُڏامندو پئي ويو.
ٻئي ڏينهن هن عرفان کي ايترو مختصر جواب لکيو:

”مان پنهنجي ڀاءُ جو انتظار پيئي ڪريان. هو جيئن ئي هتي ايندو تيئن ئي ممي ۽ ليلا ۽ موهنيءَ کي ساڻس درگاپور موڪلي، هڪدم تو وٽ پهچنديس. منهنجو انتظار ڪر. مان توکي .... ۽ فقط توکي پيار ڪريان ٿي ۽ انت سمي تائين اهڙيءَ طرح پيار ڪندي رهنديس.“

’وقت نڪرندو پيو وڃي. وقت ڊوڙندو پيو وڃي. هاڻي مون کي دير ڪرڻ نه گهرجي.‘ هن لفافو بند ڪندي پنهنجو پاڻ کي چيو.
پر هاڻي وقت جي ڪهڙي پرواهه آهي! هن ٻيهر پاڻ کي ياد ڏياريو .... هاڻي هوءَ تمام جلدي مسز عرفان بنجي ويندي. هوءَ هاڻي قانوني طور تي آزاد آهي. هوءَ عرفان سان شادي ڪندي، جيڪو انٽيلڪچوئل يا بوهيمين ناهي .... بيحد سمجهدار سڌو سادو سالڊ (Solid) ماڻهو آهي .... پوءِ هوءَ پاڪستان هلي ويندي ۽ پاڪستاني شهري جي حيثيت سان پنهنجي شهر ڪراچي واپس هلي ويندي، جيڪو هاڻي سندس ناهي پر پوءِ ٿي ويندو .... شايد .... پوءِ هوءَ انهن سڀني جاين تي ٻيهر ويندي .... حيدرآباد .... ساڌ ٻيلو .... سکر .... ملتان .... پنج ند جو اهو ڊاڪ بنگلو جتي رات جي راڻي مهڪي هئي.
جميل ۽ قمر ٻنهي سندس روح کي مالا مال ڪرڻ بدران اٽلندو سندس روح کي گهايل ڪيو هو. پروجيش پنهنجي عظمت ۾ ايڏو گم ٿيل هو، هو سندس روح کي ڇهيائين به نه .... پر عرفان .... عرفان.
سيتا ميرچنداڻي .... سيتا جميل .... سيتا عرفان .... ۽ هاڻي تمام جلدي سندس پراڻا دوست، بلقيس، هيما، للتا، هن جي لاءِ غير ملڪي ٿي ويندا. سندس ماءُ، سندس ڀاءُ ڀيڻ، سموري هندستان ۾ پکڙيل سندس ماڻهو .... سنڌ مها ساگر هاڻي جن جو ناهي .... پر سيتا ميرچنداڻي سنڌ ديس واپس وڃي رهي آهي. نيٺ کيس پنهنجو گهر ملي ويو .... عرفان جو خيال، هن جي لاءِ هاڻي ائين هو جيئن اُماس جي رات ۾ اوچتو چنڊ نڪري اچي.
ٻه هفتا کيس سفر جي تياري ۾ لڳي ويا. جنهن ڏينهن هوءَ جلدي جلدي پنهنجون ساڙهيون استري ڪري سوٽ ڪيس ۾ رکي رهي هئي ته هن جي ماءُ سندس ڪمري ۾ اچي پڇيو: ”هاڻي ڪٿي ٿي وڃين؟“
”ممي .... مان عرفان سان شادي ڪرڻ وڃان ٿي.“ هن سوٽ ڪيس بند ڪري سڪون سان وراڻيو.
منجهند جي وقت ڪناٽ پئليس ۾ ايئرلائنز جي آفيس مان ٻاهر نڪري هن سوچيو ته سڀني دوستن کي آخري ڀيرو ’خدا حافظ‘ چوي. ڪافي هائوس اڃا سنسان پيو هو. هونئن للتا ۽ ڪيلاش جو گروپ گهڻو ڪري شام جي وقت يا آچر جي صبح جو اتيئي ملي ويندو هو.
آٽو رڪشا ۾ هوءَ سڀ کان اول نظام الدين ويسٽ ويئي، جتي چوڌاري پري پري تائين نون بنگلن ۾ گهڻو ڪري وچئين طبقي جا پنجابي آباد هئا. هوءَ پهريون ڀيرو للتا وٽ وڃي رهي هئي. ڏاڍي مشڪل سان کيس للتا جو ننڍڙو گهر مليو. هوءَ اندر اڱڻ ۾ سليپنگ سُوٽ تي شال اوڍي اُس ۾ ويٺي هئي. سندس ٻار اسڪول مان موٽي اڱڻ ۾ ٽرائيڪل هلائي رهيو هو. سندس مڙس اڃا آفيس مان واپس نه آيو هو. رسويو بورچيخاني ۾ ماني تيار ڪري رهيو هو. سيتا وڃي للتا وٽ کٽ تي ويٺي.
”اڄ جمعدارڻ اڃا تائين ناهي. سموري گهر ۾ ايترو ڪچرو پيو آهي.“ للتا مطمئن آواز ۾ کيس چيو. کيس زڪام ٿي پيو هو. ”هيڏانهن اچ، هاڻي اُس تان کسڪي پريان هلي ويندي.“
نئين هندستاني اسٽيج جي هيءَ بلندپايه اداڪارا پنهجي گهر جي چوديواريءَ ۾ محفوظ، ڪيڏي سڪون سان ويٺي هئي.
هوءَ ڪلاڪ کن سيتا سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي رهي. هن به سيتا کان وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. جڏهن اُس اڱڻ مان کسڪي هلي ويئي ته هن چيو: ”اچ، سامهون هلي ويهون.“ هوءَ چپ چاپ اُٿي ٻاهر آئي، جتي ننڍڙي لان ۾ ٻه موڙا وجهي للتا کيس ويهڻ لاءِ چيو.
”هاڻي هلنديس.“ ڪجهه دير رکي سيتا چيو.
”واهه! ماني کائي وڃجانءِ.“
”نه، دير ٿي ويندي.“
”چڱو، موهن جو ته انتظار ڪر، هاڻي ايندو هوندو.“
”چڱو.“
سامهون ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي نظام الدين اولياء جي مقبري جي ديوار تي اُس لهرون هڻي رهي هئي. فضا ۾ ڏاڍي بي چئني ۽ اُداسي هئي. سيتا ٿڪجي پاسو بدلايو. للتا چپ چاپ رستي ڏانهن ڏسندي رهي.
نظام الدين اولياء جي مسجد مان آذان جو آواز آيو. فضا جو سناٽو گهرو ٿي ويو.
”للتا، هاڻي مان هلنديس. ڪيلاش، پرديپ، ڪامران، سڀني کي منهنجا سلام چئج ۽ ڪافي هائوس واري سموري ڪرائوڊ (Crowd) کي.“
”چڱو.“
نوڪر آٽو رڪشا وٺي آيو.
رستي تي هنڌ هنڌ تي واچوڙا هئا. هوءَ للتا کان موڪلائي آٽورڪشا ۾ اچي ويٺي. آٽو رڪشا واري سردارجيءَ جي ڊگهي اڇي ڏاڙهي، سياري جي ٿڌي هوا ۾ لهرائي رهي هئي.
للتا پنهنجي ننڍڙي ڦاٽڪ تي جهُڪي دير تائين رستي ڏانهن ڏسندي رهي.
املتاس جا پيلا پن واچوڙي ۾ اُڏري رهيا هئا. اُس هاڻي ٿڌي پئجي چُڪي هئي.
”ڪيڏانهن هلون بِيبِي؟“ سردارجي ٻاهر مين روڊ تي اچي پڇيو.
بلقيس جي گهر ۾ اُن وقت ڌوٻي آيو هو. ننڍي ماسي پٺئين ورانڊي ۾ ڀاڄي واري کان پٽاٽا ترائي رهي هئي. فرخنده جا ٻار اسڪول مان موٽي هميسه وانگر پاڙي جي ٻارن سان پٺئين لان ۾ ڪرڪيٽ کيڏي رهيا هئا. بلقيس لائونج ۾ بيد جي ڪرسين جا ڪور لاهڻ ۾ مصروف هئي.
”هن ڪمري ۾ اچ، مان ٿورو اِهي چادرون لاهي وٺان.“ سيتا کي ڏسي هن سڪون سان چيو.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڊائننگ روم جا ميز پوش سميٽي هوءَ فرخنده جي بيڊ روم ۾ آئي.
”هن پاسي وارو دروازو بند ڪرينس، ڏاڍي هوا پيئي لڳي.“ هن سيتا کي چيو. پوءِ هوءَ جلدي جلدي ڊريسنگ ٽيبل جون شيون هٽائي فرش تي رکڻ لڳي. سيتا صفائي ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪندي ويئي. بلقيس، فرخنده ۽ گهوٽس جي پلنگن جا پوش لاٿا. ائش – ٽري صاف ڪيائين. نيرن پردن جي پٺيان لڪيل، ’هندستان ٽائيمز‘ جي ڍير تان مٽي ڇنڊيائين، گهوٽس جا ڪپڙا، جيڪي ڪمري ۾ وکريا پيا هئا، سميٽيائين.
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
ڀر واري ڪمري ۾ ننڍي ماسي هيٽر جلايو ۽ شال ۾ نهن کان وٺي چوٽي تائين ويڙهجي پلنگ تي اوڪڙون ويهي رهي ۽ سوپاري ڪترڻ لڳي. ٻاهران ٻارن جي کلڻ ۽ وڙهڻ جا آواز آيا پئي.، سردي هاڻي وڌي ويئي هئي.
چاڻڪيا پوريءَ جي ڊپلوميٽڪ ڪالونيءَ ۾ اعليٰ آفيسرن جا سرڪاري فليٽ ۽ سفارت خانن جون عمارتون پري پري تائين بي نيازيءَ سان ڦهليل هيون. مسرور ۽ مطمئن انسان، انهن عمارتن ۾ رهندا هئا. پريان گردوغبار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل اشوڪا هوٽل پنهنجي عظمت ۾ سربلند ۽ اٽل ڳاڙهي پٿر جي اوچي عظيم الشان جبل وانگر بيٺي هئي. باغن ۾ سرءُ جا گل ٽڙي چڪاهئا.

تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار

لائونج جو دروازو کڙڪيو. ڪيلاش آيو هو. پرديپ جي فون آئي. ٻارن ڊرائنگ روم ۾ ٺڪاءُ سان گلاس ڀڃي وڌو. ادي بتول ورانڊي ۾ ٽپهريءَ جي نماز کان پوءِ وظيفو پڙهندي هونگر ڏني.
چاڻڪيا پوريءَ مان رواني ٿي، سيتا شام جو ڪمشنر لين پهتي. ’نيري ڪوٺيءَ‘ جي ورانڊي ۾ بيٺل ٻن ٽن ڇوڪرين کيس نمستي ڪيو.
گارڊن هائوس ۾ هيما پنهنجي ٻار سان بيڊروم ۾ وڃي چڪي هئي. سندس مُڙس لنڊن مان موٽي آيو هو ۽ هوءَ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ ساڻس گڏجي پنهنجي ساهورن شولاپور وڃڻ واري هئي.
گارڊن هائوس ٻاهران گاهه تي ٻه ننڍڙا تبتي ڪتا کيڏي رهيا هئا: ’چنگ ۽ چائو.‘ شهزاد انهن کي هنج ۾ کڻي سيتا سان انهن جو تعارف ڪرايو: ”اهي ٻئي دلائي لاما سان گڏ هتي آيا آهن.“
”اڇا!؟“
”اقبال وٺي آيو آهي سرحد تان. هو دلائي لاما جي قافلي سان ڊيوٽيءَ تي هو نه! خبر اٿيئي، اقبال هاڻي ليفٽننٽ ڪرنل ٿيڻ وارو آهي!“
”هائو ونڊرفل!“
امان ٻاهر نڪري آئي.
”اڙي سيتا، ڪافي ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آئي آهين. ڪيئن آهين؟“
”ٺيڪ آهيان امان.“
”شام ٿي ويئي آهي، سرديءَ ۾ ٻاهر نه بيهه.“
”چڱو امان.“
”انهيءَ گهڙي، جڏهن ٻئي وقت پاڻ ۾ ملندا آهن، تڏهن مهاديو ۽ پاروتي ڪيلاش تان لهي اُڏامندا ڦرندا آهن.“ اهڙي ئي هڪ سرد شام جو امان کيس ٻڌايو هو.
هيما ۽ شهزاد کان موڪلائي هوءَ رات جو قرول باغ موٽي. صبح جو سوير هوءَ پئرس لاءِ فلاءِ ڪرڻ واري هئي.

[b]فٽ نوٽ
[/b]
(1) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.
(1) ڪاليداس جي سهيوڳي ناٽڪ ڪار، شودرڪا جو سنسڪرت ۾ لکيل واحد ناٽڪ ”مرڇَڪَٽڪَ“ (The Little Clay Cart).
(2) ڪاليداس جو سنسڪرت ۾ لکيل ناٽڪ.

22

جنوري 1961ع جي انهيءَ اونداهي ٽپهريءَ جو مينهن اوهيڙا ڪري وسي رهيو هو. جڏهن ٽئڪسي ’بوليوار سوشي‘ جي هڪ ڄاتل سڃاتل عمارت هيٺيان وڃي بيٺي، ته سيتا کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ صدين کان پنهنجي گهر موٽي آئي هجي، ڇو ته جتي عرفان آهي، اُهو سندس گهر آهي. جميل سندس نوعمري جو پيار هو، جيڪو ڪجهه مهينن کان پوءِ ئي ختم ٿي ويو. قمر جي بي پرواهي، کيس پاڻ ڏانهن ڇڪيو هو. پروجيش چوڌري کي ساڻس همدردي محسوس ٿي هئي.، شهرت، عزت، دولت، ۽ مقبوليت، انهن چئني شين جي وٽس گهڻائي هئي. عورتون مٿس ساهه ڇڏينديون هيون. مرد مٿس رشڪ ڪندا هئا، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هو بيڪس لڳندو هو. سيتا کي پهريون ڀيرو اهو محسوس ڪري شديد خوشي ٿي هئي ته اُن وقت تائين کيس رحم جي قابل سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي هوءَ پاڻ به ڪنهن تي رحم کائي سگهي ٿي. انهيءَ رات پروجيش ڪانسٽيٽيوشن هائوس ۾ سيتا کي چيو هو: ”سيتا ديوي، مان ساري عمر بلڪل اڪيلو رهيو آهيان. دنيا منهنجين تصويرن کي سمجهي سگهي ٿي پر مون کي نٿي سمجهي. منهنجا دوست، منهنجا نقاد، منهنجا مداح، ڪوبه، اصلي پروجيش چوڌري کي نٿا سڃاڻين. ڪوبه اُنهي پروجيش چوڌري کي نٿو سڃاڻي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آڌيءَ رات جو ڪلڪتي جي سنسان گهٽين ۾ پنهنجي روح جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو وتندو هو، ۽ هاڻي شهرت ۽ عظمت جي سڀ کان اوچي سنگهاسن تي ويٺو آهي، پر پوءِ به خوش ناهي. بي شمار سهڻيون ڇوڪريون منهنجي زندگيءَ ۾ آيون، سيتا ديوي، پر منهنجي روح جي گهراين تائين ڪابه پهچي نه سگهي.“
سيتا کي خبر هئي ته پروجيش ڪمار چوڌري لٻاڙ پئي هنئي پر پروجيش جي انهيءَ فراڊ تي ته کيس ترس اچي ويو. جڏهن هو ٻارن وانگر کيس چوندو هو ته مون کي تنهنجي ضرورت آهي سيتا ديوي، ته سندس اندر لڪل ماءُ جاڳي اُٿندي هئي.
پر عرفان. عرفان ....
هيستائين هوءَ قانوني طور تي مسز جميل هئي، پر هاڻي اهو ڪاغذ آمريڪا مان اچي ويو. ’مسز عرفان‘ سڏائڻ جو حق هاڻي کانئس ڪوبه نٿو کسي سگهي. هاڻي اُهي جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد شادي ڪندا. عرفان هاڻي سندس ’عاشق‘ نه هوندو پر سندس ’مڙس‘ هوندو. مجازي خدا، ديوتا، سڀني سڱن کان اُتم، مقدس، خوبصورت ۽ پيارو سڱ. سندس قانوني مڙس.
هوءَ تيزيءَ سان ڏاڪڻ چڙهي مٿي آئي ۽ پنهنجي فليٽ جي دروازي تي وڃي زور زور سان ڪال بيل وڃائڻ لڳي. دروازو کليو، اندران هڪ اجنبي مهانڊي ڪنڌ ڪڍيو.
”ڪير؟“
”مان ’ميڊم عرفان‘ آهيان.“
”جي؟ ميڊم عرفان؟“ اجنبي، جيڪو ڪُراڙو فرانسيسي هو، دروازي مان اڌ ٻاهر نڪري، کيس غور سان ڏٺو. ”توهان کي يقين آهي ته توهان ميڊم عرفان آهيو؟“
”جي ها. ڇو؟ ڇا مطلب؟“ غصي، شرم ۽ خفت کان سندس ٽنگون ڏڪڻ لڳيون.
”پر موسيو عرفان ته ڪالهه ئي صبح جو ميڊم عرفان سان ٻن مهينن جي موڪل تي ’ڪرانسي‘ ويو آهي، اوتري عرصي لاءِ تنهنجو فليٽ مون کي ڏيئي ويو آهي، اچو مئڊم، اندر اچو.“
”ميڊم عرفان؟“ سيتا ٻُڏندڙ آواز ۾ اهڙي طرح چيو ڄڻ کوهه جي اونهائيءَ مان ڳالهائي رهي هجي.
”اُهائي ميڊم، جيڪا اڳ ۾ ’مادموزيل مارسيل دوبير‘ هئي. هوءَ موسيو عرفان جي آفيس ۾ ڪم ڪندي هئي. شادي گذريل آچر تي ٿي هئي، ميڊم. سابق مادموزيل دوبير، نارمنڊيءَ جي ملڪهء حُسن رهي چڪي اهي. ننڍي عمر جي آهي. لڳ ڀڳ اُڻويهن سالن جي ٿيندي.“
رومال سان هٿ اگهندي بالڪنيءَ ۾ وڃي هوءَ آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳي.
”ڪيترن ڏينهن کان سج نڪتو ئي ناهي. اڄ ڏاڍي ٿڌ آهي. خبر ناهي ته بهار هن سال ڪيتري دير کان پوءِ ايندو. اچو، اندر اچو. هتي هوا ڏاڍي تيز آهي.“
تمام عمر رها غمزه و ادا ڪا شڪار
اڃا ڏينهن باقي آهي. پوءِ رات پوندي. پوءِ صبح ٿيندو. هڪ ٻيو ڏينهن، هڪ ٻي رات.
سلسلهء روز و شب نقش گِر حادثات.
ڏينهن ۽ رات جو حساب رکڻ جي غلطي ڪڏهن نه ڪج. وقت جو حساب ڪوبه لڳائي نه سگهيو آهي.
تُجهي پرکتا هي يه، مُجهي پرکتا هي يه
سلسلهء روز و شب صيرفي ڪائنات
”ڏينهن ۽ رات جو حساب. زندگي ڪا تنهنجي ڪا ڊاڪيومينٽري فلم آهي جو سموري زندگيءَ کي کڻي لانگ مڊڪلوز (Long mid-close) ۾ سموئي ڇڏيندينءَ.؟“ بليس هڪ ڀيري صولت کي چيو هو.
سلسلهء روز و شب تارِ حرير دو رنگ
هوا جي جهوٽي سان دروازو زور سان بند ٿي ويو. ....