آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

قيد ڪشالا زندگي

ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايو بِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن.
  • 4.5/5.0
  • 544
  • 178
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book قيد  ڪشالا  زندگي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”قيد ڪشالا زندگي“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب استاد ۽ شاعر الھورايوبِھڻ جي لکيل آتم ڪٿا آھي. ھي ھڪ اھڙي قيدي ٻار جي ڪٿا آھي جيڪو حُر ڪيمپ ۾ قيد ھيو پر علم جي تلاش ۾ رھيو ۽ اھو سفر قلمبند ڪيائين. حر ڪيمپ جي لوڙھن ۾ قيد ۽ ان زماني جون يادون ۽ سارون سندس خاص موضوع آھن. پاڻ لکن ٿا:
”مون جيئن ته پنھنجي شعور جي اک حرن لاءِ قائم ڪيل جيل CONCENTRAION CAMP ۾ کولي ۽ پنھنجي معصوم ٻاروتڻ جا ڪامل ڏھه سال پنھنجي امڙ ۽ بابي سان ان قيد و بند ۾ گذاريا. ان ڪري منھنجي دل ۾ سامراج ۽ سامراج جي ڇاڙتن خلاف شديد ڌڪار موجود پئي رهي آهي. ان جو سمورو بيان مون پنھنجي هن آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي.
هي ڪتاب نارا ريسرچ ۽ پبلشنگ آرگنائيزيشن سانگهڙ پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون عظيم رونجھي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ ۽ شروعات

[b]ارپنا[/b]

ارپيان ٿو،
هيءَ تحرير
جيجل امڙ جي نانءَ

______


[b]ڌڻيءَ در دُعا
[/b]
المدد منهنجا ڌڻي!
ڪارڻي او ڪارڻي!
سنڌ ساري پئي سڙي،
ڀٽ ڌڻي او ڀٽ ڌڻي!
باه جو درياءُ آ_،
پاتڻي او پاتڻي!
دل سندي ڌرتي بڻي،
ڇانوڻيءَ تي ڇانوڻيءَ!
دار جي وهنوار جي،
ريت آهي پارڻي.
ظلم جي ديوار هيءَ،
ڊاهڻي آ ڊاهڻي.
ڳل مٿي ڳوڙها ته ڏس!
سانوڻي آ سانوڻي.

- الهورايو اُداسي

_________

[b]حُر ڪئمپ جو قيدي ٻار
استاد الهورائي بهڻ جي سارُوڻين متعلق ويچار[/b]

الهورائي بهڻ صاحب پنهنجي زندگيءَ جا پهريان تقريبن يارهن سال ”ڄائي ڄم کان ڏوهاري مجرم قبيلي“ (ڪرمنل ٽرائبز) جي فرد جي حيثيت سان نوابشاھ، شهدادپور، ۽ جهول جي لوڙهن يعني ڪنسنٽريشن ڪيمپن يا سيٽلمينٽن ۾ گذاريا. پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين يا يادگيرين جي هن مختصر ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ قيد بند جو اهو سڄو داستان، الهورائي صاحب جي سرگذشت جو پهريون حصو آهي، جنهن کي بهڻ صاحب تمام سهڻن، سادن لفظن ۾ ٻاراڻي سوچ ويچار يا فڪر عين پٽاندڙ، اهڙي تدريجي انداز۾ بيان ڪيو آهي، جنهن مان هن هوشيار، تجسس جي مجسمي، ذهين ٻار جي فڪر ۽ بصارت جي اوسر ۽ واڌ ويجھ جو نهايت ئي دلڪش ۽ مؤثر نقشو چٽيو ويو آهي.
دم شاخ ۽ جمڙائو واھ جي ڀرپاسي ۾ الهورايو پٽ آگو بهڻ، 1942ع ڌاري، زان زان روسو جي قول مطابق ”آزاد ڄائو“، ۽ سو به حشمت ۽ برڪت واري ”گڙنگ“ بنگلي واري ڳوٺ ۾، پر ڄمڻ شرط بيٺڪي راڄ وارن آڻي ماءُ پيءُ سميت نوابشاھ لوڙهي ۾بنا زنجيرن جي سوگهو ڪيائونس.
Here he is in chains. One thinks oneself the Master of others, and still remains a greater slave than they.”
لوڙهي جي گهُٽيل محدود ماحول ۾، سنگينن ۽ بندوقن جي پاڇي هيٺ، مجبور، مقهور۽ مظلوم،ننڍڙو الهورايو نپجڻ پلجڻ لڳو. پهريان لفظ جيڪي صبح شام سندس سجاڳ ۽ سَرلن ڪنن تي هر روز پيا ٿي اُهي هُئا ”حاضر سائين، حاضر سائين“ جيڪي قطارن ۾ بيٺل حـُر جماعت جي اٻوجھ قيدي مردن توڙي عورتن جي واتان ”حاضريءَ دؤران نڪتا ٿي. ڏهڪاءَ هيٺ نڪرندڙ اهي لفظ سندس دل جي ڪنن تي تتل شيهي جي پُلٽ وانگر وري وري وسڪارا ڪندا رهيا ٿي. جن ساهوارن جي آڏو اهڙا ”حاضر سائين، حاضر سائين“ چوڻو ٿي پيو، سي هُئا، بيٺڪي راڄ جا نمڪ خوار، ڪهڪاءَ کان وانجهيل، اڀاڳا، ندورا ۽ ڪڳوراسپاهي ۽ لوڙهن جا منشي ۽ مئنيجر، جن جي آڏو دل تي پٿر رکي، زهريلي ڳيت سان اهي لفظ چيا ٿي ويا، جيڪي اهڙن شخصن جي باري ۾ چيا ٿي ويا، جيڪي ڪنهن به ليکي اهڙن خطابن ۽ اهڙين دعائن جي لائق نه هُئا، اهي دعائون ڄڻ ته دليئون پاراتي جي صورت اختيار ڪري ظاهري وات مان ٿي نڪتيون. ڄڻ حڪومت جي ٻَرَ ۽ زور تي بَعل بت جي پوڄا ابراهيم عليه السلام جي اولاد کان ٿي ڪرائي وئي.
اهي آواز ٻڌندي ٻڌندي،ننڍڙو الهورايو، اُن ڊگهي بيٺڪي راڄ دؤران، قيدين ۽ غلامن جي حيثيت سان، سانڀر ڀريو ٿيڻ لڳوته ڪڏهن رات جي ٻاٽ اونداهين ۾ ته ڪڏهن ڏينهن جو ادي ڪرڙيءَ جي گهر ۾ پنهنجي ڀائرن ڀينرن سان راند ڪرڻ وڃڻ لڳو ته ڪڏهن راتين جي اونداهين ۾ يا تارن جي سُهاءَ ۾ يا چنڊ جي چانڊوڪين ۾ ”نانا جانيءَ“ جي زباني، آزاد اڏامندڙ ديون ۽ پرين، جنن ۽ ڀوتن، نائڪن ۽ راڪاسن، بادشاهن ۽ فقيرن جون ڪهاڻيون، ٻُڌي، روضي ڌڻيءَ جي چئن تسبيحن واري ذڪرسان دل کي سُرور وٺائي، ۽ سرفراز ڪلهوڙي جي مناجات ”بسم الله، لڳ الله، ... ڀلا ڄام هن غلام سندو سوال سڻج تون “ آلاپيندي وڏو پي ٿيو.
لوڙهي يا ڪنسنٽريشن ڪيمپ جي ڀرسان هر روز لنگهندڙ ريلوي گاڏيءَ جون ڪُوڪون ۽ ڇِـڪ ڇـِڪ ٻُڌي، ننڍڙو الهورايو سوچيندو ٿي رهيو ته اُهي ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي انهيءَ گاڏيءَ ۾ سفر ڪندا هوندا، اُهي ڪهڙي رنگ روپ جا هوندا، ڪهڙي ڊيل ڊول جا، ڪهڙيءَ هاٺي ڪاٺي جا هوندا، ڪهڙيءَ شڪل صورت وارا هوندا، ڪهڙا ويس وڳا پائيندا هوندا؟ مرد هوندا يا عورتون؟ مون جيڏا ڪي ٻار به هوندا يا نه؟ اُهي ڪيرهوندا جيڪي انهيءَ”مُئيءَ گاڏيءَ“ جي گاڏن ۾ سوار ٿي، آزاد، پنهنجي مرضيءَ مطابق،بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي، ڪنهن پابنديءَ کان سواءِ، دنيا جي الائي ڪهڙي ڪُنڊ کان الائي ڪهڙي پاسي ايندا ويندا هوندا. (ننڍڙو الهورايو ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ڪڏهن هو به سوچيو هجي ته الائي انهن گاڏن ۾ ويٺل ماڻهن کي به جهڙس ”ٻه اکيون ٽيو نڪ“ هوندو، يانه؟ انهن ماڻهن ۽ ساڻس لوڙهن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ الائي ڪهڙو فرق هوندو! ٻيو نه ته سـڱ ته ضرور هوندن!)، نيٺ هڪڙي ڏينهن بابا کيس گاڏيءَ جي ويجهو به وٺي ويو، جتان خوب پيٽ ڀري گاڏيءَ ۾ ويٺل ماڻهن کي ڏٺائين، سندُن مهن مهانڊن جو مطالعو ڪيائين، سندن لباس تي تجسس ڀريل نظر وڌائين.
ننڍڙو الهورايو ٿورو وڏڙو ٿيوته لوڙهي ۾ موجود اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي ”بيٺڪي راڄ جي بادشاھ کي ”اسان جي شهنشاھ“ سڏي، کيس وڏي ڄمار نصيب ٿيڻ لاءِ دعائيه گيت به ”طوعا او کرها“ ڳائڻا پي پيس. پر، نيٺ هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو آيو جو ڪنهن وقت (بظاهر14 آگسٽ 1947 کان پوءِ) اوچتو اهو شهنشاھ جي شان ۾ سندس ڊگهي عمر جي دعائيهِ ”زور جي ميندي وارو گيت“ (قومي ترانو، نيشنل اينٿم؟) ڳارائڻ بند ڪيو ويو. معصوم الهورائي کي سمجھ ۾ نه آيو ته ائين ڇو ٿيو!
ڪو وقت آيو جو انهيءَ لوڙهي جي ڀرسان لنگهندڙ گاڏيءَ ۾ ڪي اوپرا ماڻهو، اوپري نياري لباس وارا، ۽ اوپرن آراڌن مهانڊن وارا ماڻهو، تمام وڏي تعداد ۾، ٽمٽار گاڏن اندر ڳُتيل ڀرڀريل ماڻهن کان سواءِ گاڏن جي ڇتين تي ماڻهو ويٺل نظر ايندا رهيا، جن مان ڪي نواب شاھ ۾ لهي ٿي پيا. ننڍڙي الهورائي ڏٺو ته لوڙهن جي قيدين، پنهنجي ڪنگالپڻي، تنگدستيءَ ۽ ڪسمپرسيءَواري حالت هوندي به، پنهنجي ڏتڙيل، تڙجي آيل، پناهگير مهاجر، ”مسلمان ڀائرن“ لاءِ ڀَت جون ديڳيون رڌي ڪيتري وقت تائين کارائڻ لاءِ کڻي ويندا رهيا.
ان وقت پاڻئون وڏن ٻارن جي واتئون پنج ساله ننڍڙي الله جي ورايل کي خبر پئي ته ماڻهو چون پيا ته ”ملڪ آزاد ٿيو آهي.“ انگريز بيٺڪي راڄ جي شهنشاھ جي نالي ٻار چون پيا ته ”مائيءَ جنا“ ڀڄائي ڇڏيو آهي، پر ڪي ٻار چون پيا ته اهو ماڻهو مائي ڪانهي، مڙسالو آهي. پر ننڍڙي وريل فقير کي وري خبر نه پئي پوي ته ”آزادي“ ڪهڙي ساهواري جانور يا بيساهي شئي جو نالو هوندو، جيڪا الائي ڇو اڃا لوڙهي جي گهٽيءَ تي پهتي ڪانهي. الائي ڪڏهن ايندي؟
نيٺ هڪڙي ڏينهن پاڙهڻ واري قيدي ماستر اسڪول جي ٻارن کي ايندڙ ڏينهن تي ڌوتل ڪپڙن پائي اچڻ جو چيو. چيائين ته ”وزير صاحب“ اسڪول ۾ ايندو. انهي کي گڏجي گلن جا هار پارائي سندس آجيان ڪجو. ۽ هڪڙي آواز ۾ گڏجي کيس آزاديءَ لاءِ عرض ڪجو. وڏڙن جو خيال هو ته ”آزاديءَ جي ديوي“ وٽن، سندن لوڙهي جي سوڙهيءَ گهٽيءَ تي به نيٺ ته پرگهٽ ٿيندي. ”اليس الصبح بقريب! “ (ڇا صبح ويجهو ناهي؟) (قرآن، سورة هود 11.81)
“Oh Western Wind,
If winter comes,
Can Spring be far behind?” (Percy Bysshe Shelley (4/8/1792-8/7/1822.
الهورايو ٻئي ڏينهن امڙ جي هٿان ساڙيل لاڻيءَ مان ٺهيل ڪاريءَ کارُ سان ڌوتل ڪپڙا زيب تن فرمائي صبح سوير،آزاديءَ جي پري ڏسڻ خاطر، وزير صاحب جي آجيان ڪرڻ لاءِ اچي حاضر ٿيو. استاد ۽ مائٽن جي چوڻ تي، وڏي خوشيءَ سان عمل ڪندي وزير صاحب جي خدمت اقدس ۾ گلن جا نذرانا پيش ڪيا ويا، ۽ ”بخدمت عاليشان فيضواري جناب“ جي شان ۾ قصيدا پڙهڻ کان پوءِ آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو ويو. پر ڪاري کارُ سان ڌوتل ڪپڙن پاتل ٻارن جي نوراني چمڪندڙ چهرن ۽ اُگهاڙن پيرن جو ”حُضور وزير صاحب“ جي کَهُري پٿر مان جُڙيل دل تي ذرو به اثر ڪونه ڪيو، نڪي گلن جي نذراني جي رُکي سُکي رشوت جو ڪو مثبت نتيجو نڪتو. جيئن ئي معصوم ٻارن وزير بهادر کي هڪ آواز ٿي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو، ته وزير جواب ۾ فورن، بنا هٻڪ، معصوم ٻارن کي سندُنِ ابن ڏاڏن جي ڌاڙن هڻڻ جو مهڻو ڏنو. ”اوهين آزادي ٿا گهرو، هوڏانهن اوهان جا ابا پيا ڌاڙا هڻن!“) ٻارڙن جي دلين تي ۽ سندُن آسُن ۽ اميدن مٿان سياري واري ٿڌي پاڻيءَجي مٽَن جا مٽَ هارجي ويا. ۽ ٻين ٻارن وانگر معصوم ننڍڙو الهورايو فقير به سوچيندو رهيو، ۽ کيس ڪنهن به صورت ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي ته سندُس پيءُ ماءُ ۽ ٻين ٻارن جا پيئر مائر ته لوڙهي (ڪنسٽريشن ڪيمپ) ۾ ڪسمپرسي (يعني ڪير نه پڇي ته ڪهڙو حال اٿئي) واري زندگي گذاري رهيا هُئا، ان صورتحال مطابق اُهي الائي ڪنهن جا ابا ڏاڏا هُئا جيڪي وزير جي دل تي ڌاڙا هڻي رهيا هُئا، جنهن جي ڪري انگريز جي ظالماڻي بيٺڪي راڄ خلاف وڙهڻ جي سلي ۾ سڄي حر جماعت جا ماڻهو، سندن ابن ڏاڏن جي زماني (1895 کان 1952ع تائين) تقريبن سٺن سالن کان لوڙهن ۽ جيلن ۾، ٻارين ٻچين، زندگيون گهاري رهيا هُئا. هاڻي جڏهن انگريز ڀڄي ويو آهي ته به نوَن حاڪمن جي نظر ۾ هو قاتل ۽ ڌاڙيل، ڪرمنل ٽرائبز Criminal Tribes (مجرم ڏوهاري قبيلن جا فرد هُئا). ننڍڙي وريل فقير کي ڪهڙي خبر ته حاڪمن جا جاسوسي ادارا پنهنجي ڇڏيل ماڻهن هٿان قتل ڪرائيندا آهن ۽ چوريون ۽ ڌاڙا هڻائيندا آهن، ۽ پوءِ پنهنجي دشمن جي نالي مشهور ڪرائيندا آهن. اهڙي طريقهءَ ڪار کي عـُرف عام ۾ ”ڪوڙن جهنڊن واريون وارڌاتون“ (false flag operations) سڏبو آهي، جيڪي اڄ به هر نام نهاد مهذب قومن جا اڳواڻ ڪرائيندا آهن ۽ ان وقت به ڪونه گهٽائيندا هُئا. لوڙهن کان ٻاهر ڪي ٿورا اهڙا ماڻهو اُن زماني ۾ به هُئا جيڪي (قرباني ۽ ٻين اخبارن وزيرن ۽ حاڪمن کي اپيلون ڪري،انگريز جي اجتماعي سزا (collective punishment)واري بي انصافي ۽ غير قانوني ڪڙن ۽ ڪارن قانونن جي بطلان ڏانهن توجهه ڇڪائي اهو پڇندا رهندا هُئا ته نمڪ حلالي ملهائڻ وارن جا ”ابا ڏاڏا“ انگريز ندورا ته مُجاهدن جي ڪاررواين ان بيزار ٿي، نيٺ مُلڪ ڇڏي ويا هُئا هليا، پوءِ ڌرتيءَ جي آزادي لاءِ وڙهندڙ مجاهدن جا ٻار اڃا ڪهڙي حساب ۾ لوڙهن يا ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾ بند هُئا؟ پر انگريز جي پوئتي ڇڏيل اولاد جا منصوبا سخت ناپاڪ هُئا.
آزاديءَ جي ديوي، لوڙهن کان پري پري، ڪٿي ٻين ماڻهن جي شهرن ۽ بيابانن ۾ پنهنجو وقت گذاري رهي هئي، پر حُرن جي انهن لوڙهن ۽ جيلن جي ڀر پاسي ۾ به نڪا سندُس بوءِ هئي نڪا سندس باس هُئي.
نيٺ هڪڙو ڏينهن خدا جو اهڙو آيو جو ميٺ ماٺ ۾، بنا توجه ۽ توضيح جي شهنشاھ جي وڏي عمر لاءِ دعائيه گيت ڳائڻ جو رواج بند ٿيو. وري ائين ٿيو جو بنديخانن ۾ رهندڙ ڪٽنبن جي لوڙهن کان ٻاهر رهندڙ مائٽن کي ملاقاتن جي سهولت ڏني وئي، جو ننڍڙي وريل فقير جو وڏو ڀاءُ جهول مان مکڻ ۽ ماکي کڻي ملاقات لاءِ آيو. لوڙهن ۾ رکيون سڪيون مانيون کائڻ وارا ٻار مکڻ ماکي کائي گهڻو خوش ٿيا. وري ڪيوڙي فقير جهڙا تارڪ فقير به ملاقات لاءِ اچڻ لڳا، جيڪي پنهنجي حيران ڪندڙ گودڙي، لٺ، ۽ راڳ روپ ذريعي جماعت ڳوريءَ جي ننڍن وڏن کي دين ايمان تي قائم رهڻ ۽ صبر ۽ استقامت کان ڪم وٺڻ جا درس ڏيڻ لڳا.
اهڙين ننڍڙين ننڍڙين نعمت ڀريل سهولتن ملڻ کان پوءِ، ڪنهن وقت ننڍڙي الهورائي کي سندس ماءُ پيءُ سُميت نوابشاھ جي لوڙهي مان بدلي ڪري، انهي ڀرسان لنگهندڙ مسحور ڪندڙ ريل گاڏيءَ تي سوار ڪرائي، شهدادپور لوڙهي ۾ وٺي آيا. ٻيون قيد بند جون حالتون ساڳيون رهيون. ”حاضر سائين، حاضر سائين،“ جون پڪارون بدستور ساڳيون جاري رهيون، رزق روزگار (کاڌي پيتي) جي تلاش ساڳيءَ طرح ڏُکي رهي. پر نواب شاھ ۾ هميشه يا گهڻو ڪري بنا ڳـُنڌڻ، جيڪا سُڪل ماني رُکي سُکِي کائڻي پوندي هُئي، تنهن ۾ ايترو سو فرق آيو جو شهدادپور جي ويجهڙائپ (ڀر پاسي) ۾ ڪن مائٽن مٽن وٽان کين ڪڏهن ڏُڌَ ته ڪڏهن کيرَڪڏهن مهي، ڪڏهن ڌئونرو ملڻ لڳا، جيڪي اڳي نوابشاھ جي لوڙهي کان مائٽن جي ڏورانهن پنڌن تي هُئڻ جي ڪري ڪونه ٿي ملي سگهيا. هاڻي اُها اڻڀي سُڪل رُکِي ماني ڪڏهن ڪڏهن ڏُڌ ۽ کير واري(nutritious) غذا جي نعمت ملڻ ڪري، رُکي چٻاڙڻ، ڳيتون ڏئي ڳهڻ، ۽ ويلي ويلي تي وِيلي ڏيڻ بدران چَهَر سان چٻاڙڻ، ڳُنڌڻ سان ڳِهڻ، ۽ هيجئون هضم ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ورتي۽ ”غذائيت جي اڻاٺ“(malnutrition) جو ستايل،سنهڙو سيپڪ، ڏُٻرو، اَڀَروالهورايو، هڏن تي ماس ورائڻ لڳو، ۽ اڳي جي اڀرائيءَ مان نڪري نسبتا سڀرو، سگهارو ۽ صحتمند ٿيڻ لڳو. حالانڪ آزاديءَ جي پرِي اڃا به لوڙهن ۽ جيلن کان پاسو ڪيو، ڪٿي ڏوراهين ڏيھ ۾ سيبتي ۽ ٿانيڪي ٿيو سُتي پئي هُئي، ۽ الهورائي ۽ سندس ڪٽنبن جي اوڏي وينجهي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. اهڙي گهٽتائيءَ جي احساس جي باوجود وريل خان ۽ سندس گهر جا سڀئي ڀاتي اڳي واري ارهائي واري اڙانگي حالت مان نڪري صحت ۽ سرهائيءَ هاڻا ٿيا. البته بنديخاني جا بند اڃا ساڳيا سوگها رهيا.
اُن زماني ۾ نوابشاھ واري لوڙهي ۾ مولا بخش جي مارُن جي ڇانوُن هيٺان پلجي وڏي ٿيندڙ هن چار درجا پڙهيل ۽ خوشخط الهورائي بنديخاني جي باندين لاءِ سندن بدلين ۽ ٻين حاجتن لاءِ درخواستون لکڻ جو ڪم شروع ڪري ڏنو. اهڙيءَ طرح مفت ۾ منشگيري ڪندي، نيٺ ڏسندي ڏسندي، هڪڙي ڏينهن پنهنجي دل جي تانگھ تي، پنهنجي والد صاحب کان پڇڻ بنا،هڪ درخواست لکي ٽپال ۾ وجهي ڇڏيائين. ان درخواست جي نتيجي ۾ ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ(ٿوري ڪين گهڻين ڏينهن)، شهدادپور واري لوڙهي مان سندس ڪٽنب جي جهول شهر جي ويجهو وڌل لوڙهي ۾ بدلي ٿي وئي. اهو جهول وارو لوڙهو سندن اصلي ڳوٺ گڙنگ جي ويجهو هو. نوابشاھ ۽ شهدادپور وارن اڳيان لوڙها جهول واري لوڙهي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرانها هئا. وَريل فقير جو وڏو ڀاءُ عرس اڳي ئي جهول ۾ رهيو ٿي. ان ڪري جڏهن هن ڪـُٽنب جي بدلي جهول ۾ ٿي ته گهر جا سڀ ڀاتي وڌيڪ سَرها ٿيا. جهول شهر ۾ پهچڻ شرط، پهريون دفعو، ننڍڙي الهورائي ٻارن کي ڀڄ ڊوڙ ڪرائڻ واري (ڊُڪندڙ ۽ ڊُڪائيندڙ) بنا دونهين واري، هڪ ڦيٿي، ”مشين“ يا ”گاڏي“ هٿ ڪئي، جنهن کي ”ڊيڪلي“ٿي سَڏيائين. ان بنا بجلي ۽ بنا پيٽرول تي هلندڙ ڊيڪليءَجي پويان ڊوڙندي، الهورايو جهول جي ننڍڙي، ”ڏيڍ اڍائي، پوڻن پنجن ۽ ساڍن ستن“ گهرن واري ننڍڙي شهرجهول ۾، ڊوڙندي ۽ ڊوڙائيندي، اکين ۽ ڪنن کي ڪم آڻيندي، هوائي جهاز واري سواريءَ وارا مزا وٺندي، پنهنجون اکيون تيز ۽ ڪن سرلا ڪري، ماڻهن، عمارتن، روڊن، رستن، ريل گاڏين جون پنهنجي مرضيءَ سان، بنا پگهار، حاضريون ڀريندي، ۽ ريل ۾ چڙهيل ماڻهن کي حسرت ۽ حيرت جي نظرن سان ڏسڻ ۽ آبزرو (observe) ڪندي، شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ سان واقفيت پيدا ڪندو رهيو. ماڻهن جي مهانڊن، لباس، ڪپڙن، ۽ هلڻ چلڻ جو من ئي من ۾ مطالعو ڪندو رهيو. نيٺ وڏڙن جي ڳالهين مان اهڙا آسرا ٿيڻ لڳا ته هي قيد بند ٽٽڻ وارا هُئا، ظلم جا اهي لوڙها نيٺ کڄڻ جا امڪان ٿيڻ لڳا. ۽ آسرا ٿيا ته بنديخاني وارا باندي آزاد ٿي پنهنجي ماڳن تي موٽندا، ۽ سندس امڙ، پنهنجي سوچن کي لفظ ڏئي، ان اُميد جو اظهار ڪرڻ لڳي ته ڪيئن پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن موٽي گڙنگ ڳوٺ وڃبو ۽ اتي رهي، ٻني ٻاري جو اهو ڪم وري سنڀالبو جيڪو بنديخاني ۾ اچڻ کان اڳي ڪبو هو.
(ٻارن کي تاريخن جي خبر ڪانه هُئي، پر هاڻي وڏن کي خبر آهي ته پير صاحب سورهيه بادشاه شهيد جا شهزادا ڊسيمبر 1951 ۾ وطن واپس آيا، ۽ چوٿين (4) فبروري 1952ع تي گادي بحال ٿي، ۽ ان سونهاري موقعي کان پنجونجاھ ڏينهن پوءِ، ايڪٽيهين مارچ 1952ع جي شام جو لوڙهن جي قيدين کي ٻُڌايو ويو ته اڄ رات جڏهن گهنڊ تي پورا ٻارهن وڄندا ته لوڙهن جا دروازا هميشه لاءِ کلندا، ۽ڪرمنل ٽرائبز جا بيڏوها قيدي آزاد ٿيندا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي مرضيءَ مطابق، پنهنجي پنهنجي خرچ تي يا پنهنجي پيرن جي زور تي،آزاديءَ ڏانهن اڳتي قدم وڌائي سگهندو. وڏي انتظار کان پوءِ بقول وريل فقير اُها ”اپريل فول“ واري گهڙي نيٺ آئي، ۽ رات جي ٻارهين وڳي سچي پچي گهنڊ وڳا، ۽ ڏهڪاري سپاهي ڪٿي اوڏو ويجهو ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، (الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا)، حُرن جا ننڍا وڏا ٻار آزاد ٿي پنهنجي ماڳن مڪانن ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا. ننڍڙو الهورايو ۽ سندس ماءُ پيءُ انهي آزاديءَ جون آخري گهڙيون لوڙهي ۾ ئي گذاريون، ايندڙ صبح جو لوڙهو پوئتي ڇڏي، ساڳئي شهر ۾ موجود سندس وڏي ڀاءُ جي گهر ۾ وڃي رهيا. وري سگهوئي پنهنجو ڇپر اڏي ان ۾ رهڻ لڳا. گڙنگ تي وڃي ٻني ٻاري ۽ سندن پراڻن گهرن جي حالت ڏسڻ لاءِ هڪڙي ڏينهن نيٺ وڏين امنگن ۽ جذبن سان، ۽ ڌڙڪندڙ دلين سان، ”اکيون پير ڪري“ جڏهن پهتا، ته اُتي 1942ع ۾ ليمبرڪ جي باهين ڏنل گهرن ۾ ڪاريءَ وارن ڪکن جو نظارو ڏسي، نجهرا سڙيل ۽ پڊ ويران پسي، زمينون پراون ڌارين ماڻهن جي قبضن ۾ ڏسي، گڙنگ موٽي اچڻ جي حسرت دل ۾ سانڍي وري جهول موٽي آيا، ۽ اڃا تائين اتي آهن.
سگهوئي خبر پئي ته تڙجي آيل ڏتڙيل ڀائر پنهنجي ديس ڀائي عملدارن، وزيراعظمن، ڪليڪٽرن، پوليس ۽ ملٽريءَ ڪامورن جي آڌار تي زمينن ۽ ملڪيتن، جاين، مڪانن ماڳن، باغن بستانن جا مالڪ ٿي ويهي رهيا، ۽ ڏسندي ڏسندي عرب جي اُٺ وانگي، سنڌي تڙيل ۽ ڌڪاريل ٿي ويا، سندن زمينن تي ڌارين جو قبضو ٿي ويو، ۽ ٻاهران آيل ڌرتيءَ جا ڌڻي ٿي ويا ۽ جاگيردار ۽ نواب ٿي ويا، ۽ سنڌ جا ”ڀائو“ انهن جا هاري ۽ ڌنار ٿي ويا..
او قابيل، اکين ۾ تير تکا توکي!
اياڻي ۽ اٻوجهه ”ڀائوءَ“سان زيرڪ ۽ ڀڙ ”ڀائيءَ“ اهڙي ڪئي جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان. ڀائر هجن ته اهڙا!)
وقت وڏو مرهم آهي. اهو گڙنگ ڳوٺ آهستي آهستي نيٺ آباد ٿيو، ۽ ڪي ماڻهو موٽي آيا، نيٺ اتي اسڪول کليا، هاءِ اسڪول برپا ٿيو. ڪو وقت ٿيو آهي ته گڙنگ ۾ سورهيه بادشاھ جون ورسيون ٿيڻ لڳيون آهن جيڪي اڃا ملهائجن پيون.
پنهنجي سرگذشت جي ٻئي حصي ۾ بهڻ صاحب رزق روزگار جي سلسلي ۾ لاهين چاڙهين ۽ علم جي تلاش ۾ هٿ پير هڻڻ جي مختلف مرحلن جو بيان ڪيو آهي.
هن سرگذشت پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته لوڙهن ۾ رهائش جي زماني ۾ ”ماسترن جي مار، نڪا خبر، نڪا چار“ وارا لقاءَ ڏسي، الله جي ننڍڙي ورايل جو ارواح هيڪر ته پڙهڻ تان بلڪل وري (کَڄِي) ويو. ايتري قدر جو مڪتب جي وڌيڪ مارن کان بچڻ لاءِ پاڻهئي پاڻمرادو پنهنجي مائٽن آڏو تجويز پيش ڪيائين ته هو اسڪول جي در جو مُنهن ڏسڻ بدران مينهون چارڻ وڌيڪ پسند ڪندو. پنهنجي ٻاراڻي سمجھ مطابق ڀايائين ته پڙهڻ جي ڪـُلهن ڇنندڙ ڪم کان مينهون چارڻ جو ڪم وڌيڪ سولو ۽ سُودمند ٿيندو. اهو فيصلو جڏهن مائٽن اڳيان پيش ڪيوويو ته انهن به بنا ”چون“ (ڪيئڻ) ۽ ”چرا“ (ڇو، ڇا لاِءِ)، سندِيَس اها تجويز قبول ڪرڻ فرمائي. ان منصوبي جي پيش نظر، هن ننڍڙي مٽيءَ جي ماڻهوءَ کي، بنا پگهار، بنا وِرو (ڏيهاڙي گذر سفر جي الائونس) جي، لسي ڏُڌ مکڻ جي آسري تي، مائٽ پنهنجون مينهون چارڻ جي ماموريت ڏئي ڇڏڻ ۾ بلڪل ارها ڪونه ٿيا. هن ننڍڙي همراھ به نڪا ڪئي هم نڪا تم، پنهنجي قد کان ڊگهي لٺ هٿ ۾ کڻي، وڃي مينهُون پهرايون، ۽ جهنگن جي وڻن ٽڻن، پکي پکڻ، ساهوارن، ڍورن ڍڳن جي صحبت اختيار ڪيائين:
مطلب ته(ترجمو):
”(۽ چوپاين کي خلقيائين، توهان لاءِ انهن ۾ آهي گرم اوڇڻ، ۽ (کائڻ پيئڻ ۽ ڪم ڪار جا) گهڻا فائدا آهن، ۽ توهان انهن مان کائو ٿا، ۽ توهان لاءِ انهن ۾ زيب (سينگار) آهي جڏهن (مال شام جو چاري ورائي ٿا اچو، ۽ جڏهن صبح جو مال ڇوڙي، چارڻ لاءِ ڪاهي، وٺي ٿا وڃو. (سورة النحل آيتون 5 ۽ 6)
جُتي لڀي ڪانه، آڙهڙ ۾ هڪڙي پاسي ڪنڊا، ٻئي پاسي پير سڙن، سياري ۾ سيءُ تپائي ڏئي، ۽ اونهاري ۾ وري گرميءَ جي شدت ۾ پاڻيٺ جي کوٽ (ڊي هائڊريشن dehydration)، جگر جيرا بڪيون بڪيون سيخن ۾ ٽيئي، مڙس اڳئي سنهڙو سيپڪ ۽ حالئون هيڻو، سُورئون ٻيڻو، يرقان ۽ سائيءَ جو خطرو.
هيڏانهن سائين الهورايو 11 دم ۽ جمڙائو جي وچ تي پنهنجون مينهون چاريندو رهيو، هوڏانهن هي خاڪسار، حالتن کان لاچار، 22 دم ۽ 49 جمڙائو جي وچ ۾ پنهنجون ڍڳيون چارينديون رهيو. نيٺ اسان ٻنهي کي جڏهن هوش آيو ۽ ڪو صوفي نما ماستر سهڻو لڳوسون ته هڪ ٻئي جي حالتن کان ٻئي بي نياز، وڃي اسڪول ڀيڙا ٿياسون. سائين الهورايو، جهول مان پرائمري ۽ مڊل اسڪول جي ”گريجويشن“ ڪري وڃي ميرپور خاص الفقراءَ هفتيوار جي محمد رحيم ولد محمد فقير مهر جي اوطاق ۽ دفتر پهتو، ۽ هاءِ اسڪول ۾ ڇهين درجي انگريزي تائين اُتي پڙهيو. وچ ۾ ورنيڪيولر (سنڌي فائنل) جو امتحان به ڏنائين، ۽ ميرپور خاص جون گهٽيون، محلا، بازاريون، به گهمندو رهيو، ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن، دڪانن، وهٽن، گاڏين، جو مطالعو به ڪندو رهيو، محمد حيات جوڻيجي جي گهر الفقراءَ پهچائڻ جي ڪري جيڪو روپيو خرچي (Tip) ملندو هوس ان مان فلمون ڏسي ديا بابت پنهنجي معلومات وڌائيندو هو ۽ فڪر ۽ ذهن کي وسيع ڪرڻ جو بندوبست ڪندو هو، بچيل چئن آنن مان ٻيا کائڻ پيڻ ۽ ڪتاب وٺڻ جا عيش ڪندو هو. ڪوڙن ڪليمن جا ڌڻي (لڏ پلاڻ ڪرڻ جي ارادي رکڻ) (intending evacuees) جي بهاني سان سندس هندو ڪلاس ڀاين جي مائٽن مٽن جي اُتي موجود هوندي سندن گهرن تي قبضو ڪندا ويا. نيٺ ڳالهه ايستائين پهتي جو ڪوڙن ڪليمن وارا ڌڻي اچي محمد رحيم مهر جي پويان لڳا، جيڪو الفقراءَ جو دفتر بند ڪري، شهر پناهگيرن جي حوالي ڪري، پاڻ رمندو رهيو، ۽ وڃي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ واسو ڪيائين. هيڏانهن الهورايو ڇهين درجي جا رهيل امتحان بُک تي ڏئي، ريلوي جي ڦاٽڪ (گيٽ) تي وڃي بيٺو ته من ڪو ڳوٺ وارو اچي جنهن جي واهر سان واپس جهول پهچي سگهجي. رب پاڪ ڪو واهرو موڪليو، جنهن اسان جي مٽيءَ هاڻي ماڻهوءَ کي مانيون به کارايون ۽ آڻي ماڳ ڀيڙو پهچايو. ان کان پوءِ روزگار جي تلاش ۾ ڪنهن ڌنڌي سکڻ جو خيال آيو ته الهورائي جهول جي درزي مهراج جو وڃي ٻالڪو ٿيو جنهن ڪاڄن کان سلائي ۽ ڪٽنگ سيکاري وريل سائينءَ کي ”ڀَڙ“ يعني قابل درزي (ٽيلر ماسٽر بنائي ڇڏيو، ۽ ان کان پوءِ ڪنهن وقت ”مجيد پنجاپي“ وٽ ڪپڙا سبندو رهيو، تان جو ڪو پرائمري استاد وٽس ڪپڙا سبائڻ آيو جنهن ڳالهين ڪندي سائينءَ سڳوري کي صلاح ڏني ته جيڪڏهن سنڌي فائنل جو امتحان ڏنل هجئي ته ماستريون پيون ملن. حالانڪ ان زماني ۾ درزي چڱو موچارو روزگار ڪمائي وٺندو هو ۽ پئسا به نقد نارائڻ کان هر روز ملندا هُئا، پر ”ازل جو لکيو دير ڪري، پر وقت مقرره تي ڪڏهن به نه ٽري.“ درزي استادن کان موڪلائي، سنڌي فائنل جو سرٽفڪيٽ هٿ ڪري، سائين الهورايو وڃي ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر اسڪولز آڏو پيش ٿيو، ۽ ٿورين ڪين گهڻين ڏينهين نوڪريءَ جو پروانو اچي مليس ته نواب الهداد ٽالپور صاحب جي ڳوٺ ۾ وڃي هيڊ ماستر ٿيءُ ۽ جيڪڏهن اسڪول هٿ اچئي ته اُتي وڃي پڙهاءِ. وڏين مشڪلن سان اهو ڳوٺ ۽ اسڪول وڃي پاڻ واري سائينءَ هٿ ڪي. جتي وڻ جي ڇانو ۾ بلئڪ بورڊ لڳائي، تڏي تي ٻارن کي ويهاري، وڃي پڙهائڻ شروع ڪيائين. رلي ڪلهي تي، ماني راڄ جي چڱي مڙس تي، پوءِ ڪڏهن سريوالن جي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن پياري لنڊ جي ڳوٺ ۾ ته ڪڏهن ڪٿي ته ڪٿي، سائينءَ کي ماستريءَ جو مقدس پيشو اهڙو مٺو لڳو جو نه ڇڏيائينس؛ تان جو وڃي رٽائر ڪري زور مس ڪري گهر موڪليائونس. پر سائينءَ الهورائي کي جس هُجي جو پنهنجي ساروڻين ۾ انهن مڙن ئي ڳوٺن جي ماڻهن جا نالا، انهن جون ذاتيون، انهن جو ماحول، پسگردائي بابت تمام سهڻي ۽ مؤثر معلومات ياد ڪري بيان ڪئي آهي، جنهن جي ڪري اُهي ڳوٺ ۽ اُهي ڀيڻيون زندھ جاويد ٿي پيا آهن. جنهن مان سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۽ اٿڻ ويهڻ ۽ سٺن ۽ ڀلن ۽ لانون ۽ اڍنگن استادن، شاگردن، وڏيرن، اميرن، غريبن، هفيسرن، جو ذڪر تمام سهڻي پيرائتي ۾ ڪيو ويو آهي.
پرائمري استاديءَ تي سائين ورچي ڪونه ويٺو. (ورنه گـُلشن مين علاج تنگيءَ دامان بهي هي..“ جي مصداق سائين الهورائي تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندو رهيو: ميٽرڪ ۽ بي اي جا امتحان خانگي طور پاس ڪري، نيٺ بي ايڊ (بچيلر آف ايجوڪيشن) جي تربيت لاءِ سڪرنڊ روانو ٿيو.
هاڻي سڪرنڊ ۾ سندس رهائش جي زماني جون ڳالهيون تمام دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيون اٿس جيڪي نوجوان پڙهندڙن لاءِ تمام ڪارائتيون (مفيدھ ٿينديون ته ڪيئن هاسٽلن ۾ رهبو آهي. تفصيل پڙهڻ وارا پاڻهئي پڙهندا، پر ٻه ٽي ڳالهيون پنهنجي طرفان ”واڌو حد ادب“ سان اضافو ٿيون ڪجن:
جتي ”سڪرنڊ“ جو شهر يا ڳوٺ آهي اُتي ڪنهن وقت مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ هُئي، جنهن جي ڪري چون ٿا ته ”شڪر ڍنڍ“ (مٺي ڍنڍ، سڪرڍنڍ، سڪرنڍ، سڪرنڊ) اهو نالو پيو. ڪنهن وقت مير صاحبن پنهنجا محلات هتي ٺاهيا هُئا جتي ڍنڍ ۽ جهنگ جا شڪار ڪندا هُئا. پاڻي۽ ٻنين جي لحاظ کان انگريزن جڏهن پهريان لوڙها 1901 ۾ محمد يعقوب جي سفارش تي وڌا ته هن ڍنڍ جي ڀرسان جلالاڻين جي ڳوٺ وٽ لوڙهو وڌائون. جتي بهڻ صاحب جي وڏڙن جي اڳئين نسل مان ڪي رهي چُڪا هوندا ۽ ڪي اڃا ان وقت تائين رهندا پئي آيا. حاجي ڪيريو صاحب به ان علائقي ۾1947ع ۾ ڄائو. جارج پنجون 1910 کان 1936ع تائين انگلنڊ جو بادشاھ رهيو. سندس راڄ دؤران،سڪرنڊ ۾ 1929ع ۾ ڪنگ جارج ففٿ ايگريڪلچر انسٽيٽيوٽ جُڙي راس ٿي، شروع ٿي، جتي پوني مان پڙهيل ماڻهو پڙهائڻ آيا. 1960 واري زماني ۾ به پوني مان پڙهي آيل هتي جا ڪي پروفيسر ٽنڊي ڄام ۾ پڙهائيندا هُئا، جيئن آغا حبيب الله.هن انسٽيٽويٽ کي پوءِ ڪاليج جو درجو ڏنو ويو،جتي بي ايس سي ايگريڪلچر (B.Sc. Agriculture) جي ڊگري ڏيندا هُئا. هتي تحقيق (ريسرچ) لاءِ باغ ۽ ٻنين پوکڻ لاءِ جهجهي ايراضي مُيَّسر هُئي. هڪڙو عاليشان بوٽانيڪل گارڊن ۽ وڏو فروٽ فارم هو. اُن جهڙو ٻيو فروٽ فارم ميرپورخاص ۾ رکيو هئائون، جنهن جي جوڀن جا ڏينهن ڏسندڙن ڏٺا. ان مان پيدا ٿيل جيڪ فروٽ (ڪٽهل) جي ڀٽ شاھ ۾ نمائش ۾ وضاحت ڪرڻ لاءِ مون کي به 1958ع ڌاري وجهه مليو. انهن سرڪاري باغن کي ڏسي، سنڌ جي زميندارن به پنهنجا باغ پوکيا، جن مان ڪاڇيلي وارن جا باغ اڄ به مشهورآهن. پر سرڪاري ۽ ذاتي باغن جو نتيجو اهو نڪتو جو سرڪاري باغ سڀئي سڙي ٻري، کُٽل کاتي وانگي،ويران ٿي ويا، پر ذاتي باغن مان ڪي اڃا به موجود آهن. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي، ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي اي ٿامس (G.A. Thomas) کي رب پاڪ ڪڍيو، ۽ سنڌ تي لانسيلاٽ گراهام (Lancelot Graham) گورنر مقرر ٿي آيو، جيڪو 1936 کان وٺي مارچ 1941ع تائين سنڌ جو گورنر رهيو. ان عرصي دؤران ڪنهن وقت ان بلڊنگ جو اضافو ٿيو، جنهن تي الهورائي صاحب ”سر ليسينلاٽ گراهام“ جي طرفان رکيل سنگ بنياد جو ذڪر پنهنجي هن سرگذشت ۾ ڪيو آهي. هن ڪاليج ۾ 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ميرچنداڻي پرنسيپال هو.
ايگريڪلچر وارن کي هڪڙي پاسي سُجهيو پئي ته مٺي ڍنڍ (شڪر ڍنڍ) سُڪندي ٿي وئي، ۽ مڇرن اچي ملڪ کي تپائي ڏنو هو، ان ڪري ڪنهن وقت سنڌ حڪومت کي عرض ڪيو ويو ته ٽنڊي ڄام جي علائقي، رسول بخش ٽالپر صاحب کان زمينون وٺي، اُتي ايگريڪلچر ڪاليج ۽ ريسرچ ۽ ورڪشاپ ٺاهيا وڃن. انهي منصوبي تحت هيءُ ايگريڪلچرڪاليج 1955ع ڌاري ٽنڊي ڄام بدلي ٿي ويو. پوئتي رهيل بلڊنگون سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ رهيون، جن مان ڪي ايگريڪلچر جي فيلڊ اسسٽنٽن جي تربيت لاءِ استعمال ٿيون ٿي، جتي ڪنهن وقت پروفيسر عبدالحئي سومرو صاحب پرنسيپال رهيو، ۽ پوءِ ڪنهن وقت ايگريڪلچر ڪاليج ۾ اسان جو ڪلاس فيلو سجاد ڀٽي به پرنسيپال رهيو. ڪي بلڊنگون تعليم کاتي وارن کي مليون، جن مان ڪنهن بلڊنگ ۾ اهي هاسٽلون هيون ۽ ڪلاس هُئا جن ۾ سائين الهورايو وڃي رهيو ۽ پڙهيو. هاڻي ان ڪيمپس ۾ وٽرنري (جانورن جي مرضن ۽ جانورن جي پرورش جي علم جي) يونيورسٽي به هلي رهي آهي، ۽ ڪي ٻيا انيڪ اسڪول ۽ ڪاليج موجود آهن. نواب شاھ ۾ اڳ ئي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪاليج هُئا جن مان ڪيترا هاڻي يونيورسٽين جي درجن تي پهچي چُڪا آهن.
بهرحال، الهورايو بهڻ بي ايڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن وقت ايم ايڊ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پراڻي ڪيمپس (ايلسا قاضي ڪيمپس) ۾ داخل ٿيو، ۽ استاد نور محمد جي لائبررينشپ مان مستفيض ٿيڻ جو ذڪر ڪيو اٿس، ۽ ايني بيسنت هال جي ڀرسان ٻاويهين جمڙائو جي استاد احمد علي آرائين جي ميٺارام هاسٽل ۾ رهي، کاڌي پيتي ۽ هيٽر کان مستفيض ٿيڻ جو ذڪر به موجود آهي. ۽ اهو به ٻُڌايو اٿس ته ڪيئن استاد پرويز شامي ۽ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر، ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ليڪچرن مان علم جي وهندڙ واهڙن مان ڪي سُرڪيون پي، وري وڃي پڙهڻ پڙهائڻ جي ڪم کي لڳو.
انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ائنڊ ريسرچ جيڪا پوءِ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ٿي، ان ۾ آءٌ به ڪو وقت گذاري چڪس، ۽ جن پروفيسرن ۽ استادن جو ذڪر سائين الهورائي صاحب ڪيو آهي، اهي منهنجا بزرگ ۽ ساٿياري رهي چُڪا، ان ڪري اُنهن جو ذڪر خير ڪيوسون.
**
پر الهورايو صاحب، هٿن ۽ اکين جو صاحب (اولي الايدي والابصار) (سورة ص 38.45)، رب پاڪ وٽان ڏسندڙ اکيون، ٻُڌندڙ ڪن، ۽ محسوس ڪندڙ دل (سمع، بصر ۽ فواد)( 16.78، 17.36،23.78)،وٺي پيدا ٿيو جو قيد بند جي زماني توڙي نام نهاد آزاديءَ وارن مختلف دؤرن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيائين، تفڪر ۽ تدبر کان ڪم ورتائين، ۽ ترقي ڪندو رهيو تان جو پرائمري، مڊل، ۽ هاءِ اسڪول ۾ استاد رهي، پنهنجي تجسس ۽ تفڪر وارن حواسن کان ڪم وٺي، سائين الهورائي، ماڻهن جي منهن مهانڊن، ويس، وڳن، کي جاچيندي، دنيا جي لاهين چاڙهين کان گهڻو واقف ٿيو، ۽ نيٺ آپا شمس عباسي صاحبه جي برڪت وارين ڪارگذارين جي ڪري ٻاهرين ملڪن جون اسڪالرشپون پرائمري تعليم جي استادن لاءِ منظور ٿيون ۽ برٽش ڪائونسل وارن جي نظرداريءَ هيٺ سائين الهورايو ٻين استادن سان گڏجي مليشيا، سنگاپور، ۽ آسٽريليا جي سفر تي روانو ٿيو. اول ڪوالالمپور پهچي، مليشيا جي تعليمي ترقيءَ تي گامزن نظام تعليم کي تپاسي، ”جيون ۾ ٻه ڀيرا سنگاپور“ مان ايندي ويندي، آسٽريليا جي سڊني ۽ ميلبرن جي سير تفريح کان سواءِ ايڊليڊ ۾ تعليمي ڪاليج ۾ شاگرديءَ جو شغل فرمايو، جتي لبنان جي عرب خاندان، بس اسٽينڊ تي بيٺل بنگلاديش جي خاتون، روهڙيءَ جي ڊاڪٽر قاضي صاحب ۽ ٻين نه وسرندڙ سنڌي ۽ پاڪستاني ماڻهن سان ملاقاتون ڪرڻ کان سواءِ آسٽريليا جي لوڙهن اصيل (Original) ماڻهن کي (ڪنسنٽريشن ڪيمپن ۾) ۽ ٻاهر رهندڙ ڌرتيءَ جي ڌڻين کي بي واهو، سنڌي حرن کان وڌيڪ ڏتڙيل ڏٺو، ۽ گهڻو حيرت، اندوھ ۽ علم ڪجهه پرائي، وطن موٽي آيو، ۽ پنهنجي جوانيءَ جا عزيزترين ڏينهن تعليم کاتي ۾ ٻيا استاد ۽ شاگرد پيدا ڪندي، ادبي سنگتن ۽ ٻين سماجي ڪارگذارين ۾ اڳواڻي ڪندي گذاريائين، تان جو رٽائر ٿيا، ۽ سائينءَ جي زندگيءَ جي سرگذشت جو هيءُ ٻيو حصو خير خوبيءَ سان پڄاڻيءَ کي پهتو.
هاڻي ذڪر ڪريون ٿا سائين الهورائي صاحب جي هن آتم ڪهاڻيءَ جي ٽئين حصي جوته ڪيئن جهول ۽ سانگهڙ ۾ ڪيئن تعليمي، ادبي ۽ سماجي ڪارروايون ۽ جاکوڙون شروع ڪيائون ۽ ڪيئن ڪي تمام اوچيون ڪاميابيون حاصل ٿيون، ۽ ڪي مايوسيءَ جا سبب به يا. ڳالھ شروع ٿا ڪريون ته ڪيئن باقر رضا صاحب سانگهڙ ۾ هيڊ ماستر ي آيو، جنهن جي همت افزائيءَ سان الهورائي صاحب پهريون مخزن تيار ڪرائي ڇپايو. باقر صاحب منهنجو به ٽنڊي ڄام ۾ استاد رهي چڪو هو، ۽ ساڻن تا حياتي تعلق ۽ اچڻ وڃڻ رهيو.) باقر صاحب جي صحبت ۾ رسالن ڇپائڻ کان سواءِ سوشل ۽ لبرل ادب پڙهڻ جو شوق وڌيو ۽ ويجهيو ۽ ان کان اڳ ۽ پوءِ خورشيد قائم خاني ۽ حسن عسڪري، لکمير ڏاهري، آفتاب نظاماڻي، محمد صالح گوپانگ جهڙن ذهين ۽ علم پرور ماڻهن جي رفاقت ۾ لينن، مارڪس،وغيره پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو. خصوصا بهڻ صاحب شهزادي پرنس ڪروپاتڪن Prince Peter Protopkin جي ڪتاب An Appeal To The Young (1888) ذڪر ڪيو آهي جيڪو برڪت آزاد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. بهرحال، انهن سڀني اثرن جي ڪري جهول، سانگهڙ شهر بلڪه پورو سانگهڙ ضلعو ڪامريڊن ۽ انٽيليڪچولز، سندن چواڻي ”چريا پڙِيءَ“ جي سڳنڌ سان هُٻڪار جي ويا، ۽ گهڻا نوجوان ليکڪ، اديب، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن پيدا ٿي پيا جيڪي خدمت خلق ۾ لڳي پيا آهن. ان کان سواءِ، ويهن ٽيهن سالن جي ان جاکوڙ کان پوءِ سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترا افسانه نويس، شاعر، ليکڪ، ۽ صحافي پيدا ٿي ويا. الهورائي جو اهو سڄو بيان تمام گهڻو دلچسپ آهي، جو ان ۾ فڪر ۽ اوسر جا لاها چاڙها تمام تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن، ڪليمن ۾ ويل گهرن ۽ زمينن، مختلف ذاتين ۽ قومن جي اڀرڻ ۽ انهن جي زوال جو تجزيو ڪيو ويو آهي، ۽ اين جي اوز (NGOs) ۽ ڌرتي سڌار سنگت جي ڪوششن سان جيڪي پراجيڪٽ تيار ٿيا، ڪامياب ٿيا يا ناڪام ٿيا، ۽ انهي چريا ڙيءَ جي ڪوششن جي خلاف جيڪي پراجيڪٽ (مثلا سم پاڻيءَ جا واھ ڪهڙي نموني ڌرتيءَ لاءِ نيٺ هاڃيڪار ٿيا ۽ تعليم جو نظام ڪيئن پرائويٽ يونيورسٽين ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ مان جاري ٿيندڙ ڪوڙن سرٽيفڪيٽن ۽ هاڃيڪار ۽ بربادي پکيڙيندڙ ڪاررواين جي ڪري تباھ ٿيو. اُهي ٽريننگ ڪاليج جيڪي محبت جي پاڻيءَ سان اُساريا ويا، سي ڪيئن بيپرواهي ۽ خودغرضين جي ور چڙهي برباد ٿيا. پيغمبراڻي پيشي وارا استاد جيڪي اڳي عزت ۽ ايمان جا علمبردار هُئا، سي ڪيئن رشوتن ۽ علم جي اڻاٺ ڪري اسفل سافلين ۾ ڪري پيا، ۽ هاڻي 77 سالن جي عُمر جو استاد الهورايو، جهول جي سوڙهيءَ گهٽيءَ ۾ آرام سان ويٺو سوچي ته هي ڇا مان ڇا ٿي ويو، ۽ هيءُ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو، سو اڳتي قدم آهي يا پٺتي قدم؟ ماڻهو ته پڙهي لکي ڪامريڊ ٿي ويا، پر تعليمي نظام اڳتي ڊهندو يا ٺهندو؟ اها ڳالھ سائين ويٺو ڳڻي، ۽ جهوريءَ ۾ جهڄي! پر وري گذريل وقت جي ڪاميابين ڏانهن نظر ڊوڙائي، سائين الهورائي جي چهري تي سرهائي اچي ٿي جو چوي ٿو ته هيترا اديب ۽ شاعر سانگهڙ ضلعي پيدا ڪيا آهن، ۽ حر جماعت جي ڪم ۾ جيڪا اڳواڻي سانگهڙ جي هنن فقيرن ڪئي آهي، اُها مايوسيءَ ۽ نا اميديءَ جي مقام کان اميديءَ جي آسٿان ڏانهن ”مٿي چاڙهو“ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ساڍن ٽن سون صفحن جو هيءُ ڪتاب نئين نسل جي پڙهڻ لاءِ هڪ ضروري سُوکڙي آهي جو ان پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڌارئين بيٺڪي راڄ جي ڪري ملڪ ڪهڙي مصيبت ۾ هو، ڌارئين جي نڪري وڃڻ کان پوءِ پنهنجن هن ملڪ سان پنهنجن ڪهڙو ڪم ڪيو. ڪوڙن ڪليمن، رشوتن، ڪرپشن، ۽ عام انتظامي بڇڙائيءَ هن ملڪ کي ڪهڙيءَ منزل تي اچي پهچايو آهي. ۽ .”نيٺ ڇا ڪجي“، ليو ٽالسٽائيءَ جو سوال جيڪو پنجاھ ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ سائين الهورائي کي اچي ستايو هو، سو اڃا به ڪر کنيو بيٺو آهي، ۽ ”غلاميءَ مان مٿي ڪيئن چڙهجي“، آزديءَ جي ڇڙواڳيءَ جي برباديءَ مان ڪيئن ٻاهر نڪرجي. استاد بخاري گذاري ويا، استاد الهورايو رٽائر ٿيو ويٺو آهي، جهول ۾ يادگيرين جي ڇانوَ ۾ وقت پيو ڪاٽي، ۽ ”اُستاد نظاماڻي“ محمد ابراهيم جهڙن استادن جو هاڻي وقت آهي، قوم ملڪ ۽ جماعت جون اکيون انهن ۾ آهن. ڏسجي ته اهي ڇا ٿا ڪن؟! اميد ٿي ڪجي ته قوم ۽ ملت جي هيءَ ٻيڙي نون استادن جي هٿن لڏندي پر ٻُڏندي ڪانه.
آخر ۾ مونکي خيال آيو ته ليمبرڪ ۽ دِم واهه کي ياد ڪندي، پڙهڻ جي خدمت ۾ عرض ڪجي ته اسان ۽ الهورائي صاحب جي وچ ۾ جمڙائو ۽ ڦٽل دم قدر مشترڪ آهن جن جي پيچ سان اسان ٻنهي جا ڳوٺ ۽ کيت سرها ۽ سر سبز ٿيندا هُئا.
ٻي ڳالهه ته جڏهن ”مٽيءَ هاڻو“ ماڻهو، الهورايو فقير، يارهين دم تي پنهنجون مينهون چاريندو هو تڏهن، تقريبن ساڳئي زماني ۾، ٿورو پرڀرو، هيءُ خاڪسار، ٻاويهين دم جي ڦٽل دڙن تي پنهنجي ڍڳين جي پويان لٺ کنيو گهمندو وتندو هو. ٽي ڳالهه ته اها نوابشاھ ۽ جهول مان لنگهندڙ ريل گاڏي اسان جي ڳوٺ پراڻي نوآباد جي ڀرسان نوآباد اسٽيشن وٽان اُئين ئي ”ڇڪ ڇڪ“ ڪندي، ڪوڪون ڪندي لنگهندي هُئي، جيڪا پنجاب پاڪستان جي حاڪمن بند ڪري ڇڏي.
پر هاڻي سنڌ جي حصي جو سڄو پاڻي پنجاب وارا کڻي ويا، ۽ اسان وٽ سنڌ م هر سال پاڻيءَ جو قحط ۽ پوکن ۾ ڏُڪر سالي آهي، ۽ زمينون سڀ ڪلر ٿي ويون آهن.
سائين الهورائي ۽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ چوٿون قدر مشترڪ اهو به رهيو ته اسان ٻنهي سنڌي فائنل جا امتحان ڏنا ۽ پاس به ٿياسون. سائين بهڻ صاحب ماستري ڪئي، آءٌ به هٿ پير هڻي، نيٺ وڃي ماستر ٿيس.
پنجين قدر مشترڪ اها ته سڪرنڊ جي ڪيمپس ۽ سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن سان اسان ٻنهي جو ڪنهن نه ڪنهن زماني ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان واسطو رهيو.
ڇهين قدر مشترڪ اها ٿي جو سائين مليشيا، سينگاپور مان ٿيندو، آسٽريليا مان فارين ريٽرنڊ ٿي آيو، ۽ هيءُ خاڪ جو پتلو مليشيا جي ڀرسان بورنيو ٻيٽ جي برونائي واري علائقي ۾ وقت، مليشيا ۽ سينگاپور مان ٻه ٽي بار ٿيندو، آسٽريليا کان پري، نيوزيلينڊ جا وڻ وسايو ويٺو آهي، ۽ ويٺو رڙيون ڪري ته:
”حيف تني کي هوءِ وطن جنين وساريو!“
سائين الهورائي کي رب پاڪ وڏي عمر، صحت عافيت، دين ايمان، ۽ رزق اگوندرو عطا فرمائي. مونکي حڪم ڪيائون ته ”ٻه اکر“ هن ڪتاب بابت لکي ڏي. مون عرض ته ڪيو ته ٻن اکرن جي بدران 6172 لفظ لکي حاضر ٿو ڪريان، پر ڪم جي ڳالهه شايدئي ڪا هُجي.

[b]محمد عمر چنڊ
[/b] 
نيوزيلئنڊ،
27 فبروري 2019ع

_______________


[b]ساروڻيون ساڻيهه جون
[/b](ٻه اکر ڪتاب متعلق)

محترم سائين الهورايو بهڻ صاحب جي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ اسان جي هٿن ۾ آهي، جيڪا ڪنهن وڏي سياستدان، فلسفي، عظيم ليکڪ، ناول نگار، کلاڙي، موسيقار يا ڪنهن سائنسدان جي ناهي، هي هڪ پورهيت گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ، حساس طبيعت جي مالڪ هڪ اُستاد؛ شاعر، سجاڳ فرد جو مختصر زندگي نامو آهي.جنهن جو بچپن حُرڪئمپن ۾ باقي زندگي اڙانگن پيچرن جي سفر ۾ گذري،جيڪو هن ڪتاب جو خاص موضوع پڻ آهي.سائين الهورائي بهڻ صاحب جو جنم ٻي عالمي جنگ دوران فيبروري 1942ع ۾ ٿيو، سندن جنم جي ڪجه مهينن بعد پهرين جون 1942ع ۾ حُرن خلاف سنڌ جي اوڀر پاسي مارشلا لڳي جڏهن ته حضرت سيدصبغت الله شاه شهيد سنڌ کان ٻاهر جيل ۾ قيد و بند ۾ هو، هن معصوم ٻالڪ جي ڪُٽنب سميت حُرجماعت جا ماڻهو ڪربناڪ بيڪسي جي حالت ۾ قيد ڪيا ويا، ڪئمپن اندر بک، بدحالي، وبائي بيمارين جي ڪري ڪيترائي گُل ٽڙڻ کان اڳ مرجهائي ويا.
”بي موت مئا تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين مان نه رڳو.“
(اياز)
برصغير ۾ واحد سنڌ جا حُر ئي هئا جن کي هندستان جي مختلف علائقن ۾ پکڙيل ويهارو ڪنسنٽريشن ڪئمپن ۾ قيد ڪري رکيو ويو، ڪنهن به قوم سان ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ستم ٿيندو جو معصوم ٻار هڪڙي ڪئمپ ۾ هجن، ۽ والدين انهن کان پري ڪنهن ٻي ڪئمپ ۾، کين به اها خبر نه هجي ته سندن عزيز ڪٿي آهن! زنده به آهن يا نه؟
سائين الهورائي بهڻ صاحب جيڪي به مشاهده، تجربه، ۽ ڳالهيون، لکيون آهن، ظاهر آهي اسان کي ٻين ليکڪن جي ڪتابن ۾ ڪون ملنديون، اهائي آتم ڪٿائن جي خاصيت واهميت هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري ٿي. آتم ڪٿا ۾ ڏنل ڄاڻ، گهڻي ڀاڱي نئين اڻ ڇپيل ڳالهين تي مشتمل هوندي آهي. تمام وڏا ماڻهو جن جي فڪر قومن ۾ تبديليون آڻي ڇڏيون پر سندن زندگي ڪيڏي ڪٺن گذري سا خبر سندن آتم ڪهاڻين ۽ جيون ڪهاڻين کي پڙهندي پوي ٿي. دنيا ۾ کوڙ ساريون آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جيڪي ڏاڍيون مقبول پڻ رهيون آهن جن جا ايڊيشن بار بار پئي شايع ٿيا آهن، نيلسن منڊيلا، مهاتما گانڌي، ارنيسٽ هيمنگوي، ليو ٽالسٽائي، ميڪسم گورڪي، جڏهن ته اردو ادب ۾ قدرت الله شهاب، جوش مليح آبادي، قرت العين حيدر وغيره اهي وڏا نالا آهن جن جي لکيل ڪتابن برصغير جي پڙهندڙن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، جن جي آتم ڪٿائن جا بار بار ايڊيشن شايع ٿيندا رهن ٿا. پر ڪي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو ڪو ڪلاس اوچي طبقي وارو ڪون هو نه ئي ڪي وڏا سياستدان اديب هئا، پر انهن جي آتم ڪهاڻين يا جيون ڪهاڻين وڏي مڃتا ماڻي. جيئن سنڌي ادب ۾ مجنون بلوچ جو مسڪين جهان خان کوسو تي لکيل جيون ڪهاڻي جو ڪتاب.
آتم ڪهاڻي هڪ انسان جي زندگي جو رڪارڊ هوندو آهي، جنهن مان ليکڪ جي خيالن، ويچارن جي خبر پوي ٿي، ڇاڪاڻ ته ليکڪ پنهنجي ڪاميابين ۽ ناڪامين جا سبب به ڄاڻائيندا آهن. پڙهندڙن خاص طور نوجوانن کي ڄاڻ سان گڏ هڪ تجربي ڪار ماڻهو جي زندگي مان سکڻ جو سبق به ملي ٿو.
مون جڏهن الهورائي بهڻ صاحب جي هي آتم ڪهاڻي پڙهي، ته مطالعي جي آڌار قيد و بند تي لکيل ڪجهه آتم ڪهاڻيون منهنجي شعور جي وهڪري ۾ وهڻ لڳيون، حالانڪه انهن آتم ڪٿائن جي ليکڪن جو ڪلاس، سائين الهورائي سان ڀيٽا ڪون ٿو رکي، پر جڏهن موضوع آتم ڪٿا جو نڪري پيو آهي ته انهن مان ٻن ٽن جو مختصر ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان ته ڪهڙن حالتن ۾ ليکڪن پنهنجون آتم ڪٿائون لکيون، بعد ۾ انهن جي ڪيڏي اهميت رهي.
1995ع ۾ مان جڏهن لاهور جي مال روڊ جي فوٽ پاٿ تي وڪامندڙ پراڻن ڪتابن کي ڏسي رهيو هيس، ته منهنجي نظر هڪ جلد ٿيل ڪتاب ”ڪالا پاني“ تي پئي، جنهن جو پهريون ٽائٽل هو تاريخ عجوبه، جعفر ٿانيسري(1838ع کان 1905ع) جو لکيل اهو ڪتاب پهريون دفعو 1884ع ۾ ڇپيو هو. مون ڪتاب کي ڏسي يڪدم خريد ڪيو، ڇاڪاڻ ته ’ڪالا پاني‘ جو عنوان ڏسي منهنجي ذهن ۾ اهو آيو ته سنڌ جا حُر به ’ڪالا پاني‘ جي علائقي ڏانهن قيد ٿي ويا هئا، مون انهن ڏينهن ۾ انهي موضوع تي مضمون پڻ لکيو پئي. مولانه جعفر ٿانيسري جيڪو 1866ع ۾ انگريزن طرفان دهشت گردي جي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ڪاري پاڻي (جزائر انڊيمان ) ۾ ويهه سال قيد رهيو. اتي جون يادگيريون تاريخ عجوبه جي نالي سان لکيائين، جيڪا قيد وبند جي اردو ادب ۾ پهرين مقبول ترين آتم ڪهاڻي آهي. ٻيو ڪتاب جيڪو مون اتان خريد ڪيو هو اهو هوديوان مفتون سنگهه جو قيد وبند ۾ لکيل “ناقابل فراموش” جي نالي سان. جيڪو هن ناگپور جيل ۾ لکيو. انهي جيل ۾ سورهيه بادشاه به قيد ۾ رهيو هو. ديوان مفتون صاحب، ڪمال جو صحافي ليکڪ هو. هن جيل مان پنهنجي اخبار لاءِ ڪالم لکيا جيڪي بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ مالي مدد سندس دوستن ڪئي. دوستن کيس اهو شرط وڌو ته سندن نالو ظاهر نه ڪيو ويندو. ڪتاب بعد ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو. انهن ڪتابن ۾ ليکڪن جي سچائي، ڪمٽمينٽ، پخته ارادي جو عزم ۽ بلند حوصلو پڙهي منهنجو ذهن ڪيترو قت انهن تحريرن جي سحر ۾ جڪڙيل رهيو، سچائي، انسانيت، جذبو جيڪو هاڻ ناپيد ٿي ويو آهي، ڪجهه انسان آهن جيڪي اڄ به پنهنجي سچائي جي سينڌ کي سنواريو بيٺا آهن. اهي ئي مهان انسان جن جون ڳالهيون اڳتي هلي يقينن ڪنهن داستان وانگي هونديون، بس انهي اردو شعر وانگي جيڪو ديوان صاحب جي ئي ڪتاب ۾ آهي.
ہے آج جو داستاں اپنی،
کل اس کی کہانیاں بنے گی۔
مون پنهنجي مطالعي واري زندگي ۾ ايترا ناول ڪون پڙهيا هوندا جيتريون ماڻهن جي زندگي بابت لکڻيون پڙهيون آهن، ان جو سبب اهو آهي ته اهي انسان جيڪي پنهنجي زندگي جي مشاهدن، حالتن کي پيش ڪن ٿا، انهن مان اسان گهڻو ڪجهه سکون ٿا، دلچسپي جي لحاظ کان آتم ڪٿا، يا جيون ڪهاڻيون ڪنهن ناول وانگي سرير ۾ سُرورُ بخشينديون آهن. جڏهن اسان سنڌي ادب ۾ لکيل آتم ڪٿائن کي کوليون ٿا ته انهن ۾ اهم اوائلي ڪٿا سيٺ نائونمل هوتچند جون يادگيريون آهن سيٺ نائونمل پهريون سنڌي هو جنهن پنهنجون يادگيريون لکيون، ‘جيڪڏهن سيٺ اهي يادگيريون نه لکي ها ته شايد اسان کي سنڌ جي تاريخ جا اهم واقعا جيڪي 1804ع کان وٺي 1878ع تائين پيش آيا، انهن جي ڄاڻ نه ملي ها.‘
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ٻي اوائلي آتم ڪهاڻي مرزا قليچ بيگ جي ”سائو پن ڪارو پنو“ لکي سمجهي وڃي ٿي، جيڪا مرزا صاحب پنهنجي وفات کان ڇهه سال اڳ يعني 1923ع ۾ لکي مڪمل ڪئي. مرزا قليچ بيگ؛ حضرت پيرحزب الله شاه مسند ڌڻي، جيڪو حضرت سورهيه بادشاه جو پڙ ڏاڏو هو تنهن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيو هئائين، ان جو ذڪر به ڪيو اٿس. پاڻ 1929ع ۾ وفات ڪري ويو، سندن زندگي ۾ شهيد سورهيه بادشاه 1921ع) ۾ گادي نشين ٿيا. مرزا صاحب جي خوبي اها هوندي هئي جو هو پنهنجو روزنامچو (ڊائري) لکندو رهندو هو، شايد اهو واقعو به پنهنجي ڊائري ۾ ڪٿي نوٽ ڪيو هُجيس،پر سندن مختصر آتم ڪٿا ۾ ان جو ذڪر ناهي، مرزا صاحب ذاتي حوالي سان واقعن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. آس پاس جي واقعن حالتن تي تفصيل نه ڏنو اٿس. ان بعد ٻي آتم ڪهاڻي شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي لکيل آهي، جيڪو پڻ هڪ پورهيت (ڊکڻ،) جو پُٽ هو جيڪا ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ جي نالي سان 1959ع ۾ شايع ٿي. مون جڏهن حُر تحريڪ جي حوالي سان مواد ڳولڻ لاءِ ان دور جو اکين ڏٺي گواه محمد اسماعيل عرساڻي؛نالي وارو ليکڪ؛ تعليمي ماهر، جنهن پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”سکر سي ئي ڏينهن“ لکيو. پاڻ 1935ع ۾ ايڊيوڪيشن سپروائيزر جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين. ميرپورخاص، سڪرنڊ، نوابشاه، هالا، حيدرآباد ۽ سڪرنڊ ٽريننگ اسڪول جيڪو 1956ع ۾ کليو. هو ان جو هيڊ پڻ رهيو، پاڻ جتي به رهيا، ان جو احوال تفصيل سان لکيو اٿن، هي اهو دور هو جڏهن حُرجماعت جا ماڻهو انگريزن جي سخت عتاب هيٺ هئا، انهن ڏينهن ۾ عرساڻي صاحب جو حُر ڪئمپن جي پاسي کان گذر به ٿيندو هوندو پرآتم ڪٿا جي صفحن ۾ ڪٿي به هڪڙي لائن ڪون ٿي ملي. انهن آتم ڪٿائن کانسواءِ بعد ۾ کوڙ ساريون آتم ڪهاڻيون شايع ٿيون آهن، پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي ۾ مارشلائن جي دور جا ڪيترائي زندان نامه شايع ٿيا، سنڌ جي سياستدانن اديبن شاعرن به پنهنجون جيل ڊائريون لکيون، انهن آتم ڪٿائن جي احوال ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته، حُر ڪئمپن يا حر تحريڪ جو احوال انهن ۾ نه آهي. لکڻ ۽ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اُهي ليکڪ جيڪي ان وقت يعني 1900ع کان 1952ع تائين جا اکين ڏٺا گواه هئا، 1942ع جي مارشل لا ۽ حرڪئمپن جو قيام، سوين ماڻهن جو ڦاسي چڙهڻ؛سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو گهٽ سانحو نه هو. جڏهن سائين الهورائي صاحب جي آتم ڪٿا ۾ حُر ڪئمپن جو اندوهناڪ احوال پڙهون ٿا ته ذهن اهو سوچڻ تي مجبور ٿئي ٿو، ذي هوش حساس ليکڪن کان اهو پاسو ڇو موضوعِ ممنوع رهيو. صرف قاضي فيض محمد، لڇمڻ ڪومل به صرف چند سٽن ۾ اظهار ڪيو آهي، ڪجهه احوال ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي يادگيرين جي سلسلي رهاڻ هيرن کاڻ ۾ ڪيو آهي. ان کان علاوه ڪجهه سال اڳ (2015ع ۾ ) مرحوم امير بخش شر جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ”رائي پير رت ڪيا“ ڇپيو آهي جنهن ۾ حُرتحريڪ ۽ سانگهڙ شهر ۾ ٿيندڙ واقعن جو مختصر احوال لکيو آهي.
ان لحاظ کان هي آتم ڪٿا ”قيد ڪشالا زندگي“ انهن سڀني کان منفرد آهي، سائين الهورائي جي آتم ڪهاڻي جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي جو پاڻ ان حُرڪئمپن جي اذيت گاهن جا اکين ڏٺا قيدي ليکڪ آهن. انهن اذيت گاهن جو ذڪر به گهڻي ڀاڱي جماعت سان وابسطه ليکڪن ئي ڪيو آهي. انهن ۾ سائين الهورائي صاحب جو مواد منفرد آهي. سائين الهورايو صاحب جيڪڏهن تاريخ جي لڪيل گوشن تي قلم نه کڻي ها ته شايد ايندڙ نسل هزارين انسانن جي قربانين؛ عقيدي جي عشق ۾ جلندڙ پروانن جي پَرجَ جو پڙلاءَ پنهنجن سينن ۾ نه سُڻي سگهن ها.
ڳالهه هلي پئي حُر ڪئمپن جي يادگيرين جي، ملهار فقير خاصخيلي به پنهنجي ڪتاب ”پنهنجون پچارون ۾“ ٻن حُرڪئمپن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، سائين الهورائي صاحب؛ ڪئمپن جو ذڪر پنهنجي شاعري جي ڪتاب ايڏو درد عميق، جي مهاڳ ۾ به ڪيو. ڪجهه سال اڳ سائين الهورائي صاحب جو سان گڏ نوڪري ڪندڙ شاعر اُستاد عبدالرشيد لغاري صاحب جي آتم ڪٿا جو ڪتاب ڇپيو آهي، سائين جن حُرتحريڪ دوران پيش ٿيندڙ هڪ واقعي جو ذڪر ته ڪيو آهي، پر وڌيڪ تفصيل نه ٿو ملي. حاجي ولي محمد نظاماڻي، عبدالرشيد لغاري صاحب، الهورايو صاحب هڪڙي ئي دور ۾ سانگهڙ جي حالتن جا اکين ڏٺا پڙهيل لکيل شاعر، اُستاد آهن، گڏ قــربدار به رهيا آهن؛ پنهنجن لکڻين ۾ هڪ ٻئي جو ذڪر به ڪيو اٿن. اهي تحريرون نوجوان طبقي لاءِ خاص طور سانگهڙ تي لکندڙ ن لاءِ اهم دستاويز آهن.
اسان جڏهن حاجي ولي محمد نظاماڻي صاحب سان ڪچهري ڪندا هئاسين؛ تڏهن سائين جي زباني حُر ڪئمپن جو ذڪر ٿيندو هو ۽ سائين الهورايو به حُر ڪئمپن جو درد ڀريو حال احوال اوريندو هو. جڏهن مون جهونگار 1999ع ۾ شايع ڪرڻ شروع ڪيو ته؛ سائين الهورائي صاحب کي گذارش ڪيم ته ’سائين اوهان پنهنجون يادگيريون جهونگار لاءِ لکي ڏيو.‘ هن کان اڳ محترم حاجي ولي محمد نظاماڻي صاحب؛ پنهنجي ڊائري مونکي آڻي ڏني هئي، اها ڊائري نوٽس جي شڪل ۾ موجود هئي،جنهن ۾ لوڙهن جون يادگيريون، لکيل هُيون، جيڪي مون فيئر ڪري ”ڳالهيون من اندر ۾“ جي عنوان سان پهرين جهونگار (مارچ 1999ع) کان شايع ڪرڻ شروع ڪيون. اهڙي نموني سائين الهورائي بهڻ صاحب پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي جي پهرين قسط ”جي مون گهاريا بند ۾“ لکي ڏني جيڪا جهونگار نمبر-3، مارچ 2000ع ۾ شايع ٿي. اهڙي نموني سائين الهورائي صاحب پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو باقاعده آغاز ڪيو. بعد م حاجي گُل محمد نظاماڻي به پنهنجيون يادگيريون لکيون، ان کان علاوه بعد ۾ حاجي خان ڪيريو پنهنجي آتم ڪهاڻي واري ڪتاب ۾ سنجهوري لوڙهي جو مختصرٽن صفحن جو احوال ڏنو آهي، جيڪو جهونگار نمبر-9 ، 2003ع ۾ ڇپيو هو. جڏهن حُر ڪئمپن جو اهو المناڪ داستان پڙهندڙن تائين پُهتو ته پڙهندي پڙهندي سندن نيڻ ڀرجي ٿي پيا. اهي حُرڪئمپن واريون يادگيريون پڙهندڙن لاءِ نيون ڳالهيون هيون، جن جي اهميت کي محسوس ڪندي مون انهن ٽنهي باندي ٻارن جون شروعاتي آتم ڪهاڻيون سهيڙي ”جي گهارياسين بند ۾“ جي عنوان سان هڪ ڪتاب ۾ شايع ڪرايون اهو ڪتاب سنجيده حلقي ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو ۽ اڄ به مقبوليت جي عروج تي آهي. خوش قسمتي سان انهيءَ جو تسلسل موجوده تاريخي ڪتاب پڻ ڇپرائڻ جو شرف حاصل هئڻ ڪري، بزرگن جي خدمت جو موقعو ملي رهيو آهي.
سائين الهورائي صاحب پنهنجي ٻاروتڻ کان وٺي حُرڪئمپن جي خاتمي يعني 1952ع تائين جا حالات قلم بند ڪري قلم رکي ڇڏيائون، جيتوڻيڪ مان سائين کي بار بار گذارش ڪندو رهيس، ته سائين وڌيڪ قسطون لکي آتم ڪٿا جو سلسلو مڪمل ڪيو. پر سائين شايد انهي ڪئمپن جي ڪسمپرسي واري ڪيفيت مان نڪري ڪون سگهيو، وڌيڪ لکڻ تي طبع مائل نه پئي ٿيس. ڇاڪاڻ ته سندسن ذهني ڪيفيت کي مان ئي محسوس ڪري پئي سگهيس، جن ماڻهن جا خاندان، گهر تڙ قربان ٿي وڃن، ۽ نتيجو:
منزل انہیں ملی جو شریک سفر نہ تھے۔
تازو وري سائين قلم کنيو زندگي جي باقي حصي واريون يادگيريون لکڻ شروع ڪيائون، سائين جي اها طبيعت نه رهي جيڪا ڏهاڪو سال اڳ هئي،. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڳالهيون جيڪي سائين لکڻ چاهيندو هجي، هيڻائي ڪري لکي نه سگهيو هجي. جنهن جو اظهار سائين پنهنجي پيش لفظ ۾ به ڪيو آهي.
جڏهن پهريون دفعو ڪتاب ”جي گهارياسين بند ۾“ ڇپرايو هيم تڏهن ٻه اکر لکندي من ملول ٿي پيو هو، اڄ به طبيعت تي سوز جي ڇمرن جو سايو آهي. ڇاڪاڻ ته هي ڪٿا هڪ ٻار جي ڀوڳنائن جي نه پر هڪ نسل جي المين جو طويل داستان آهي، هي جيڪو قيد ڪشالن، پيڙائن جو سمنڊ آهي جنهن ۾ سنڌ جي اڌ آبادي ؛ لڙهندي؛ ٻڏندي رهي. سائين الهورائي جو شاعراڻو نثر؛ خوبصورت ٻولي؛ رشين ناول نگارن جهڙي منظر نگاري، پڙهندي؛ پڙهندڙ سحر ۽ سوز ۾ سمائجي ٿو وڃي.
”سج لھڻ وقت ڪارخاني جي در مان ٻاھر نڪرندي، جڏھن اھي ٿڪل ٽٽل معصوم قيدياڻيون، ڪونجن وانگر قطارون ڪري، راجا واري ريل گاڏيءَ وٽان گذرنديون ھيون تڏھين اوچتو آواز ايندا ھئا. ” ڀلاڙي مئي ڪاري گاڏي! الئه ڪڏھن اسان کي پنھنجي اباڻن ماڳن ڏي وٺي ھلندئين!!“ حسرت منجھان ريل جي پٽڙيءَ ڏانهن نهاريندي، اھو ڪونجن جو قافلو واپس اچي قيد خاني ۾ قابو ٿيندو ھو ۽ وري ساڳئي قيد جي ڪارمُنهين رات ظاھر ٿيندي ھئي. مظلوم، مقھور، بکيا، ڏکيا، ڏٻرا، جسم وري بنديخاني جو در لتاڙي ساڳئي ميدانتي قطارن ۾ بيھي حاضر سائين! حاضر سائين! جي صدا بلندا ڪندا ھئا.” (ڪتاب مان سٽون)،
حُرتحريڪ دوران جيڪو حُرجماعت جي ماڻهن ڀوڳيو، ان جو حقيقي اندازو صرف ان تحرير مان ئي لڳائي سگهجي ٿو مان سمجهان ٿو سائين الهورايو، انهن ڪئمپن تي جيڪڏهن ناول لکي ها ته رشين ليکڪن جهڙو ناول تخليق ڪري پئي سگهيو.پاڻ انتهائي خوبصورت انداز سان ڪئمپن ۾ ستم جو منظر پيش ڪيو اٿن، انهي ڪئمپن جي سموري سفاڪي هن چند سٽن ۾لکي ڄڻ سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿن.
سائين الهورايو اڳتي لکي ٿو،
”حر تحريڪ جي تاريخ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مردن، عورتن، ٻارن کي قيد و بند ۾ قابو رکڻ جو ھيءُ عذابناڪ داستان، اسان کي احساس ٿو ڏياري ته، ھنن باندي ماڻھن جا سندن قيد دوران، پيارا عزيز تخته دار تي لٽڪايا ويا، سندن ڳوٺ جلائي ڀسم ڪيا ويا. سندن مال لٽايا ويا. سندن عورتون اغوا ڪيون ويون. ۽ سندن ڪيترائي جگر گوشا گم ٿي چڪا ھئاته پوءِ جڏھين سانوڻ جو واءُ ورندو ھو، پوربي ھوائن ۾ برسات جي خوشبو رچندي ھئي ۽ ڪڪر ڪنڍرون ڪري، اتر پاسي کان اٿندا ھئا ۽ جڏھين وڏڦڙا مينهن وسندا ھئا، تڏھن ھنن قيدين کي پنهنجا دل گھريا دلدار ڪيئن نه ياد ايندا ھوندا؟“
سائين محمد عمر چنڊ صاحب لکن ٿا ته ”پاڪستان جي آزادي تي جيڪي به هيستائين تاريخون لکجي ڇپجي چُڪيون آهن تن مان ڪنهن هڪ ۾ اهو لکيل ڪونهي ته سنڌ جي هن ڌرتي تي انگريزن جي خلاف هڪ ڍڪيل ڇپيل نه پر کليل ۽ پڌري تحريڪ هلندڙ هئي جيڪا هڪ ڏينهن يا هڪ مهينو ڪانه هلي پر هڪ پوري صدي تائين هلي جنهن ۾ جيلن ۽ لوڙهن۾ ويندڙ ماڻهن جو تعداد پنج ست ماڻهو نه هيا پر گھٽ ۾ گھٽ ڇهه لک ماڻهن جا هئا جيڪي نسل در نسل پيڙهين جون پيڙهيون ٻارن ٻچن سميت، ڍورن ڍنگرن سميت يا ڪنسنٽريشن ڪيمپس ۾ بي يارو مددگار سڙندا ۽ اذيتون سهندارهيا. جن لوڙهن ۾ انهن ماڻهن کي رکيو ويو سي رڳو سنڌ ۾ نه هئا پر سنڌ کان هزارين ميل ڏور هندوستان جي اڻڄاتل اڻ سڃاتل، پرانهن علائقن (راجستان، دکن بينگال، ۽ انڊيمان جي ٻيٽن ۾) هوندا هئا. پاڪستان جي آزادي جي تاريخ تي جيڪي به ڪتاب هيستائين لکيا ويا آهن. تن مان ڪنهن هڪ ۾ به اهو لکيل ڪونهي ته انگريز جي حڪومت سان هڪ سئوساله ڊگهي هن جنگ ۾ ڪي ڏهه پندرهن ليڊر نما ماڻهو نه ڪي ٻه ٽي سئو ڪارنده نه پرهزارين ماڻهو مقابلن ۾ شهيد ٿي ويا يا گرفتار ٿي ڦاسين تي چڙهي ويا. يا حر هئڻ کان انڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ماريا ويا يا ڪنهن غير مريد جي ٿانو مان پاڻي نه پيئڻ جي ڪري شهيد ڪيا ويا. ايترين عقوبتن هوندي ايترين اهکاين ۽ تڪليفن سهندي مجموعي طرح هن قوم جي وڏائي جي آڏو هڪ سئو سالن تائين آڻ نه مڃي ايستائين جو 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو.“
سائين الهورائي جي آتم ڪهاڻي جو ٻيو حصو 1952ع کانپوءِ جي زماني جو آهي. ڪئمپن کانپوءِ باشعور طبقي ۾ ذهني طور تبديليون به آيون جيڪو فطري ردعمل هو. سائين جي باقي زندگي به غربت جي چڪي ۾ پسجندي، جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿي، قيد ڪشالن جي ڌٻڻ مان نڪري تعليم حاصل ڪري پنهنجي پيرن تي بيهڻ؛ پنهنجي خاندان جو ڀرجهليو بڻجي ان کي منزل تائين پهچائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪونهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي فرد چڪي ۾ پيسجي ٻاهر نڪرن وري پيرن تي بيهي ڏيکارين سي مانجهي مڙس مٿير ئي ٿي سگهن ٿا.
پهرا منهنجي پريت تي، اوچا ڪوٽ ڪڙيون،
ساروڻيون ساڻيهه جون، ڳوڙهن منجهه ڳڙيون،
آڌيءَ اُڀ اڙيون، اکڙيون باک اُڪنڍيون.
(اياز)
سائين الهورائي بهڻ صاحب؛ هجرتن جي موسم کي اکين سان ڏٺو ته ڪيئن هڪڙا ديس واسي وڇوڙي جا گيت ڳائيندا پرديس پيا وڃن ۽ ٻيا ديس واسي (حُر) پنهنجي وطن ۾ رهندي به مهاجر بنجي ويا. ملڪن جي ورهاڱي جا منظر، وڇوڙن جي ورلاپ ۾ رت جا دريا، خوشحال خوبصورت مُکن تي بيوسي جا ڳوڙها ڳڙندي ڏٺائون. ملڪ آزاد ٿي ويو پر معصوم حُر قيدين لاءِ خاردار تارون،سنگينن جا پهرا پوءِ به گهايل دلين کي ڏکوئيندا رهيا. کين ايتري به آزادي نه هئي جو پنهنجي پاڙيسرين کي وداع جا ٻه لڙڪ آڇي سگهن.
نيٺ زنجيرون ٽُٽيون، پکين کي پرواز جي آزادي ملي، هي ٻالڪ (سائين الهورايو) فطرت جي وسيع ميدانن تي هڪ ڌنار جي حيثيت سان چرند، پرند، وڻن، ٻوٽن جو مشاهدو ڪندي نظر اچي ٿو، علم جي دروزاي ڏانهن وک وڌائيندي، تعليم حاصل ڪري پيغمبري پيشي ۾ داخل ٿئي ٿو. جتي ڪتاب ۽ قلم سندس پاڇي جيئان ساڻ سفر ڪري شعوري طور روشن دنيا ۾ داخل ٿئي ٿو
سائين الهورايو صاحب جنهن جي شعوري تبديلي جو سبب بڻجندڙ روسي انقلابي اديب پرنس پيٽر ڪروپاٽڪن جو نوجوانن ڏانهن (Message to youth) ڪتاب آهي. ڪروپاٽڪن پنهنجي هن ڪتاب ۾ در اصل اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته:
”سماج ۾ ماڻهو خاص طور نوجوان طبقي کي ڪهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؟ ايئن هن ڪتاب جو ليکڪ ڪروپاٽڪن انجنيئر، وڪيل، ماستر ۽ فنڪار وغيره بنجڻ جي خواهش رکندڙ نوجوانن کي مخاطب ٿيندي تلقين ڪري ٿو ته،“انجنيئر، وڪيل، ڊاڪٽر، ماستر يا فنڪار وغيره بنجڻ وڏي ڳالهه ناهي، پر پنهنجي غريب عوام ۽ ماڻهن جي بهتري، ڀلائي، آسودگي توڙي سندن سڀ طرفي ڇوٽڪاري واسطي هلندڙ تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ پنهنجي صلاحيت آهر حصو وٺڻ ۽ توڙ نڀائڻ ئي اصل ڳالهه آهي ۽ ان لاءِ انقلابي سائنسي پورهيت فڪر ۽ نظرئي سان هٿياربند ٿيڻ اڳواٽ، لازم ۽ ضروري شرط هجڻ گهرجي.“ (کنيل حوالو)
سائين الهورايو بهڻ صاحب هڪ اُستاد جي حيثيت سان پنهنجي زندگي فڪري طور روشن خيالي جي تبليغ ڪندي گذاري، انهي فڪر تحت شاعري،توڙي نثر لکيائون، جنهن ۾ پڻ سنيهو ۽ سنديس پورهيت عوام جي آجپي لاءِ آهي.
غربت جي چڪي ۾ پيسجي نڪرندڙ هن پورهيت انسان جي آتم ڪٿا، نه صرف هڪ فرد جي ڪٿا آهي بلڪي هن سنڌي سماج جي تاريخ آهي، اهو سماج جيڪو هڪ وڏي بحران ۾ گذريو، سائين جي آتم ڪٿا جو ٻيو حصو سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي ان وقت جي داستان آهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو لڏپلاڻ جي سفر ۾ وڃايل منزل جي ڳولا ۾ سرگردان رهيا. انهي لڏپلاڻ ۾ سنڌ جي ماڻهن ڇا پئي سوچيو ۽ کين ڇا نصيب ٿيو! ان تي سائين پنهنجي خيالن جو اظهار هنن عنوانن ۾ ڪيو آهي:
- ”هندو ڀائي بند ۽ مقامي تاڪائو طبقو، سنڌي سماج جو ورهاڱو.“
- ”خالي ٿيل جهول شهر ۽ دڪانن تي قبضه“
- ”سنڌي ماڻهن جي دڪانداري فقط چند روز.“
انهن عنوانن ۾ ان دور جي حالتن، سنڌي ماڻهن جي نفسيات، ايندڙ پرڏيهين جي ڪاروباري سوچ، مقامي ماڻهن جي ترقي نه ڪرڻ جو الميو، مهاجرن جو ڪاروبار سان گڏ ملڪيتن تي قبضي وارو رجحان، حرفت بازيون ۽ چالاڪيون ملن ٿيون. تاريخ جي ورقن کي ورائيندي اهو به پڙهيوسين ته قومون جيڪي زوال، المين مان اڀري سبق پرائينديون آهن، اُهي ئي عظيم قومون ٿي اُڀريون، پر هتي سنڌ جي ماڻهن ڇا وڃايو ۽ پِرايو؛ ان آتم ڪٿا جو هڪ هڪ ورق سمجهڻ سلجهڻ جهڙو آهي.
سائين الهورائي صاحب ان وقت جو مشاهدو، تجربو، گهري فڪر ۽ دورانديشي سان قلمبند ڪيو آهي. اڳتي قلمبند ٿيل هن حصي ۾ جيڪي جهول شهر ۾ رهندڙ مختلف ذاتين، برادرين، خاندانن متعلق، انهن جي سماجي پسمنظر جو جائزو نه صرف هڪڙي علائقي جو مشاهدوآهي، پر انهي فڪري آئيني ۾ اسان سموري سنڌ جي سماجي صورتحال کي پُرجهي پروڙي سگهون ٿا. اڳي سنڌ جي شهرن جي ڪهڙي حالت هئي، هاڻي ڇا آهي؟ سنڌ جي ٻهراڙي جا ماڻهو علم، هنر جي ميدان ۾ ڪيترو اڳتي آهن، ڪيتري تبديلي آئي آهي، ان جو ليکڪ تُز نتيجو ڪڍيو آهي. رڳو سانگهڙ جهول ۽ ان جي آس پاس ئي ڏسجي ته قدرتي وسيلن تي ڪنهن جو قبضو آهي، مارڪيٽ ۾ ڪير حاوي آهن، تعليم ۽ نوڪرين ۾ هاڻي اسان ڪهڙي درجي تي آهيون. ان متعلق ليکڪ ماضي جي تجربي آڌار آگاهي ڏني آهي.
سائين پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ جڏهن آسٽريليا جو سفر ٿو ڪري ته انهن سانورن ابارجين Aborigine (آسٽريليا جي اصلي رهاڪن) لاءِ پنهنجي لفظن ۾ پاٻوه سان اظهار ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ڌڻين سان جڏهن ڌاريا ويساه گهاتيون ڪن ته، ان کان وڌ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. انهن جي دردن کي اهوئي سمجهي سگهي ٿو جن جي پيرن هيٺان پنهنجي ڌرتي، ٻولي کِسڪندڙ هجي.
ان قحط الرجال واري دور ۾ سائين پنهنجي انهن هم عصرن، دوستن، مشاهيرن جو به ذڪر ڪيو آهي جيڪي اونده ۾ ٻرندڙ لاٽ مثل هئا. جن جو سماج ۾ هڪڙو اهم ڪردار هو، سائين جي جنب جا ساٿي؛ پورهيت ڪلاس جا هم سفر، جن مان ڪجهه جيئرا آهن، ڪي گذاري ويا آهن، انهن جي خاصيتن، خصلتن جو احوال ڄڻ هن ڪُني جو اهو چاڻوُ آهي. جنهن کانسواءِ هي دسترخوان بي سوادو آهي. اڃان به سائين جي دل جا ڪي دمساز هوندا، جن جي نازبوءَ جهڙي خوشبو تي قلم کڻندي کڻندي سندس هٿ رُڪجي ويا هوندا، سائين ته دولابن سان به دغا نه ڪئي، .... پوءِ ...؟ اهي لُڙڪن مرڪن جون ملاقاتون، روح جون رمزون، جن جو ميلاپ ڪنهن اجنبي اسٽيشن تي ٿيو، ۽ هميشه لاءِ ساه جي سڳي ۾ سبجي، ساڻ سانجهه جي شفق تائين به سرنهن جي پيلن گُلن وانگي، سندن روڳي روح مٿان جهومندا رهيا، هن بي مروت سماج ۾!... اهڙا سبب به آهن جن جو اختيار ليکڪ کي به ناهي.
وڏي وقت کانپوءِ سائين کي سهنج نصيب ٿيا آهن، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته کيس اهنجن جي اُجاڙ اَڇ مان اُڪرڻ مهل ڪيترن جذبن جي بلي ڏيڻي پئي.
سائين الهورائي صاحب جي هن آتم ڪٿا جو بيانيه انداز اهڙو ته سهڻو سلوڻو آهي جو پڙهندڙ ڄڻ لفظن جي لهرن ۾ پاڻ به ترندو پيو وڃي. نيٺ ڪتاب ختم ٿي ٿو وڃي، ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ پڙهندڙ ڪناري تي پهچي به حيرت مان دريا جي وهندڙ لهرن کي پيو ڏسي.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هي آتم ڪٿا ڪيتري مقبوليت ماڻيندي اهو ته وقت ثابت ڪندو، مان ذاتي طور اهو ضرور چوندس ته، سنڌي ادب جي آتم ڪٿائن تي ڪو به محقق جڏهن ٿيسز لکندو تڏهن هن ڪتاب کي نمايان حيثيت حاصل هوندي..ڇاڪاڻ ته هي آتم ڪٿا، انهن اوجاڳن جي آتم ڪٿا آهي جن خوابن جي ساڀيان لاءِ پنهنجا لڙڪ به مرڪن جي آڙ ۾ تبديل ڪري خوشين جا گل نڇاور ڪيا. هي ڪٿا ان مسافر جي آهي جنهن پنهنجا پير پٿون ڪري ٻين کي منزل تي پهچايو. هي ڪٿا ان پورهيت جي آهي جنهن جي مرڪ به هميشه گهايل رهي.
مون هتي لکڻ ته ٻه اکر اڌ صفحي جيترا پئي چاهيا، پر سنڌي ڪي بورڊ جي ٽڪ ٽڪ ماٺي ئي نه ٿي ٿئي، نه ئي روح ٿو رهي. نيٺ ڪي بورڊ تا آڱرين کي نه چاهيندي به هٽائڻو ٿو پوي، مان هاڻ وڌيڪ هن پوِتر جهرڻي کي جهوٻِڻُ نه ٿو چاهيان.....! بس، سائين الهورائي صاحب کي هميشه هڪڙي شڪايت رهي آهي، جنهن جي اظهار لاءِ ايترو ئي امداد حُسيني جي سٽن وانگي:
رت لُڙڪ، مس مان، ان لاءِ ڪهڙا اکر لکان مان،
ڪنهن قوم آ وڪيو، اتــهاس رديءَ ۾.


[b]اُستاد نظاماڻي
[/b]سانگهڙ، سنڌ.
15-فيبروري 2019ع

مھاڳ: وه صبح ڪڀي تو آئي گي

سائين الھورايي بھڻ پنھنجي جيون ڪٿا جا شروعاتي ٻه لفظ لکڻ لاءِ جڏهن مونکي چيو ته مونکي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿي ته سائين انهن قيمتي لفظن لاءِ مون جهڙي غير معروف ۽ اڌ اکري ماڻهوءَ جو انتخاب ڪري سچ پچ ته منھنجي لاءِ تمام وڏي انعام جو اعلان ڪيو آهي. اها ته سائين کي به خبر هئي ته ”آتم ڪٿا“ تي ڇا لکبو؟ جڏهن لکندڙ پنھنجي زندگيءَ جو بيان خود پاڻ ڪندو هجي اُتي ليکڪ يا بيان ڪيل ڪٿا لاءِ ڀلا ڇا لکندو؟ انڪري جيڪي ٻه لفظ مان هن آتم ڪٿا لاءِ لکان پيو تن ۾ جيڪڏهن ڪو ورجاءُ محسوس ٿئي ته ان کي فطري سمجھيو وڃي. آتم ڪٿا تي لکڻ ۾ ايئن ٿيڻو ئي هوندو آهي.
سائين الھورايي بھڻ سان منھنجي ڏيٺ ويٺ اوڻيهه سؤ ڇهاسي ستاسيءَ دوران سنڌي ادبي سنگت سانگھڙ ۽ پاڪستان نيشنل سينٽر جي گڏجاڻين ۽ پروگرامن ۾ ٿي. تڏهن مان نئون نئون ادبي سنگت ۾ آيو هوس، ۽ سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون پڙهندو هوس. اُنهن ڏينهن ۾ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت جنرل ضياءَ الحق جي ڇانوَ ۾ عوام سان رابطي ۾ رهڻ خاطر پاڪستان نيشنل سينٽر ذريعي مختلف پروگرام ڪرائيندي هئي، ۽ ڪي چونڊ قومي، مذهبي ۽ عالمي ڏهاڙا به ملهائيندي هئي. ظاهر آ ته اهڙن موقعن تي سرڪاري ماڻهن سان گڏ شهر جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جي به کين ضرورت پوندي هئي، انڪري اُن نيشنل سينٽر جي پروگرام انچارج ۽ انتهائي پياري ماڻهو سائين غلام محمد لاڙڪ جي دعوت تي اسان به انهن پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين؛ ڇو ته شهر اندر علمي ۽ ادبي مشغولين جا مرڪز گھڻو ڪري اهي ئي ٻه ادارا هوندا هئا، ۽ اسان جي گڏجڻ جا ٿاڪ به اڪثر پاڪستان نيشنل سينٽر (جتي روز ويهي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب پڙهبا هئا)، نيشنل يوٿ ليگ جي آفيس ۽ پوءِ ڀٽائي پرنٽنگ پريس جهڙا هنڌ هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن وري الفقراءَ پرنٽنگ پريس يا پريس ڪلب سانگھڙ ۾ ملي وٺبو هو. پر نواز شريف جي پهرين حڪومت دوران جڏهن نيشنل سينٽر کي ختم ڪيو ويو ته ان کانپوءِ سائين بھڻ صاحب سان اسان جو ملڻ اڪثر ڀٽائي پريس تي ٿيندو هو جتي سائين اليمينٽري ڪاليج سانگھڙ ۾ پنھنجي ڊيوٽي ڏيئي سڌو پهچندو هو. پوءِ جڏهن 1994ع ۾ منھنجي سانگھڙ ڪاليج ۾ ليڪچرر جي حيثيت ۾ پوسٽنگ ٿي ته مان ڪاليج مان واپس ايندي سائين الهورائي بھڻ وٽ اليمينٽري ڪاليج ۾ ٻه منٽ ترسندو هوس، ۽ پوءِ اتان گڏجي ڀٽائي پريس ايندا هئاسين، ۽ شام تائين ويٺا هوندا هئاسين. ڀٽائي پريس تي سائين سان اسان جون اڪثر ڪچهريون ادب، تعليم، سياست، صحافت، تاريخ، حُر تحريڪ، خانه بدوشن، موسيقي، چوٽياري ڊيم تي ڪم شروع ٿيڻ ڪري مکي ٻيلي، مکيءَ جي ڍنڍن ڍورن، جھنگلي جيوت ۽ ماحول جي امڪاني تباهي بابت هلنديون هيون.ڊيم جو سروي ٿي چڪو هو، ٺيڪيدار ڪمپنيون پنهنجا خيما کوڙي چڪيون هيون. ناري، کپري واهه ۽ بان واهه جي بندن تان وڏا وڏا ٽالهين جا وڻ آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳا. وڻن جي گم ٿيڻ، ايل بي او ڊي تحت سانگھڙ، نوابشاه، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعن ۾ سم نالن جو ڄار وڇايو پئي ويو . سائين بھڻ صاحب تڏهن هتي جي ماڻهن کي ماحولياتي سڄاڳي ڏيڻ خاطر ”ڌرتي دوست سنگت“ جو بنياد رکي چڪو هو، ۽ ان جي پليٽفارم تان مختلف پرائمري اسڪولن، مڊل توڙي هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مفت وڻڪاري مهم، ليڪچر ۽ سيمينارن جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو. ساڳئي پليٽفارم تان هر سال ماحول توڙي ڌرتيءَ جي عالمي ڏينهن تي نه فقط جاڳرتا ”واڪس“ جو بندوبست ڪيو ويندو هو، پر انهن ڏهاڙن تي پريس ڪلب سانگھڙ، نيشنل سينٽر يا ڪنهن اسڪول يا ڪاليج ۾ ننڍا ننڍا پروگرام پڻ ڪيا ويندا هئا. سائين بھڻ صاحب پهريون ڀيرو سانگھڙ ۾ ماحوليات جي تعليم بابت ليڪچر ڏنا، ۽ اسان جهڙن غزل، ٽيڙو ۽ جڏيون سڏيون ڪهاڻيون لکندڙ نوجوانن جو فطرت جي حسن ۽ ان جي توازن ڏانهن ڌيان ڇڪايو. اهو ئي اهو دؤر آهي جڏهن سانگھڙ مان ادبي، ماحولياتي ۽ تاريخي سلسلا ”ترشنا“، ”درشن“، ”جھونگار“ ۽ ”منصور“ نڪرڻ شروع ٿيا، جن ۾ ادب، حر تحريڪ، ماحوليات، لسانيات، جھنگلي جيوت، انٿراپالجي ۽ سنڌ جي تاريخ تي مضمون ڇپجڻ لڳا. حُر تحريڪ جي حوالي سان حُر غازين جي انٽرويوز، يادگيرين، خاڪن ۽ مضمونن کي سنڌ جي ماڻهن، عالمن ۽ اديبن هاڪاري موٽ ڏني. گڏو گڏ ماحوليات جي سجاڳيءَ جي تحريڪ کي سرڪاري ادارن کان ويندي خانگي تنظيمن به سنجيدگيءَ سان وٺڻ شروع ڪيو. سائين بھڻ صاحب هن ئي دؤر ۾ پنھنجي آتم ڪٿا جو پهريون ڀاڱو ”جي گھارياسين بند ۾“ لکيو، جيڪو استاد نظاماڻي ”پنھنجي تاريخي سلسلي جھونگار ۾ ڇپجندڙ لوڙهن ۾ قيد ٻن ڀائر ٻارڙن حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادگيرين سان گڏي ساڳئي عنوان سان ڪتاب جي شڪل ۾ ڇاپيو، جنهن کي عام ماڻهن توڙي سنجيده ادبي حلقن ۾ تمام گھڻي موٽ ملي.ان به بعد سائين الهه ورايو بھڻ برابر جھول توڙي سانگھڙ جي علمي ادبي حلقي سان گڏ علم جي شمع کي روشن رکندو آيو. پوءِ جڏهن سائين ايليمينٽري ڪاليج سانگھڙ جي تدريس ۽ سکيا واري شعبي مان ريٽائمينٽ ورتي ته لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي باقاعدي جنبي ويا. سڀ کان پهريان سندس علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ واسطي اسان ڪجھه دوستن گڏجي، سائين جي رضامندي ۽ سهڪار سان ”ماڻهو مٽي هاڻو“ نالي سان ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ سانگھڙ توڙي سانگھڙ کان ٻاهر رهندڙ علم، ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل دوستن پنهنجا تاثراتي مضمون لکي سائين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. علمي، ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتون پيش ڪندڙن کي مڃتا ڏيڻ جو سلسلو اتي رڪجي بيھي ڪونه رهيو، پر ان کي اڳتي ريڙهيندي سائين مونکي سانگھڙ جي بهترين استاد ۽ سياسي ورڪر مرحوم لکمير ڏاهريءَ جي مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ اتساهيو، ۽ پوءِ ڪامريڊ حسن عسڪري، قاسم عادل، مون ۽ سائين الهه ورائي بھڻ گڏجي چندو ڪري اُهو ڪتاب ڇپرايو، جنهن جون بعد ۾ ورڪرز پارٽي آفيس سانگھڙ ۽ پريس ڪلب سانگھڙ جي هال ۾ ڌار ڌار شاندار تقريبون ڪوٺائي مهورت ڪرائي سين.انهن ياد رکڻ جهڙن ڪمن جو سهرو سائين الهه ورائي بھڻ جي سر تي سونهين ٿو. سندس هيءُ آتم ڪٿا به انهي سلسلي جي ڪڙي آهي. هڪ حصو لکڻ بعد اسان سائين کي بار بار چوندا رهياسين ته ”سر، ان کي مڪمل ڪيو!“ پر سائين جو اصرار ته ”يار، مون اهڙو ڇا ڪيو آهي جو ويهي لکان! جيڪو مونکي لکڻو هو سو ته مون لکي ڇڏيو.“ پر ڪجھه وقت گذرڻ کانپوءِ سائين نيٺ ان ڳالهه تي راضي ٿيو ته پاڻ جيڪو علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سفر ڪيائون، ان سفر دؤران جن جن مڻيادار ماڻهن سان روح رهاڻيون رچايائون تن جو احوال، مختصر ئي سهي، پر بيان ڪرڻ ضروري آهي.ايئن سائين هن آتم ڪٿا کي اڳتي وڌايو. سائين پنھنجي يادگيرين جي هن سفر کي ٽن حصن ۾ ورهايو آهي. پهريون حصو: لوڙهڻ ۾ واڙجڻ کان اوڻيهه سؤ ٻاونجاهه جي لوڙهن کڄڻ واري اپريل ڦول تائين. حصو ٻيون: تعليم ۽ نوڪريءَ جو سفر، ۽ حصو ٽيون: سانگھڙ جو علمي ادبي ماحول. پهرئين ڀاڱي ۾ سائين پنھنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. مال چارڻ، حُر تحريڪ جو شروع ٿيڻ ۽ انگريز سرڪار طرفان کين لوڙهن ۾ واڙڻ. پوءِ لوڙهن اندر قيد بند جون سختيون جھيليندڙ خاندانن، عورتن ۽ مردن جو ذڪر آهي، ۽ ان دوران مختلف واقعن جو احوال آهي. ٻئي حصي ۾ علم جي تلاش ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃڻ، معلم جي حيثيت ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر آهي، اڳتي وڌڻ جي جستجوءِ آهي، ۽ ان زماني جي تعليمي صورتحال، آفيسرن ۽ ملڪ کان ٻاهر تعليم جو تفصيلي ذڪر آهي. ٽئن ڀاڱي ۾ دوستن، احبابن، سانگھڙ جي علمي ادبي ماحول، ادب ۽ ادب دوستن، ادبي منڊلين، پروگرامن جو ذڪر آهي. اهڙي نموني هيءَ اتم ڪٿا سائين جي زندگيءَ توڙي ان ۾ رونما ٿيندڙ اهڙن حادثن، گوشن ۽ لقائن جو مختصر احوال آهي، جيڪو اسان کي هن ملڪ جي تاريخ جي مختلف دورن ۾ وٺي وڃي ٿو جتي بقول جالب جي:
وه جس ڪي روشني ڪچي گھرون تڪ پهنچتي هئي،
نه وه سورج نکلتا هئي نه اپني دن بدلتي هين!

سائين بھڻ صاحب هڪ پورهيت جي گھر ۾ جنم ورتو. قيد و بند جي تڪليفن ۽ رڪاوٽن باوجود تعليم پرائڻ لاءِ مينهون به چاريون ته مزدوري به ڪئي، سائين پنھنجي سموري زندگي هڪ پورهيت جيئن گذاري. پنهنجن ٻچن کي تعليم به ڏياري ته قوم جي ٻچن کي پاڙهيو به سهي. هُن ملڪ ۾ پورهيت طبقي جي خوشحاليءَ جا جيڪي خواب ڏٺا، غلاميءَ کان مٿي چاڙهي جي جيڪا آرزو ڪئي سا وطن عزيز مٿان سامراجي پڪڙ مضبوط هئڻ ڪري تا حال آرزو ئي رهي. سائين پنھنجي سماجي زندگي صوفين جيئن فقيريءَ ۾ گذاري، سماج کان ڪٽجي يا تياڳ واري تپسيا ۾ نه، پر عام ماڻهن سان گڏ، عام ماڻهن جي وچ ۾، عزت ۽ خوداريءَ سان. اڄ جڏهن سندس عمر ستر سالن کان به مٿي چڙهي وئي آهي، سائين تڏهن به اسان جي ادبي منڊلين، سياسي سماجي پروگرامن، ڪچهرين، خوشين ۽ غمين ۾ جيئن جو تيئن شريڪ آهي. سائين سچ پچ ته اُن ”صبح“ کان اڃا مايوس ناهي ٿيو، جنهن لاءِ ساحر لڌيانوي چيو هو ته :
جب امبر جھومي ناچي گا، جب ڌرتي نغمي گائي گي،
وه صبح ڪڀي تو آئي گي، وه صبح ڪڀي تو آئي گي!


[b] امر لغاري
[/b] سانگھڙ، سنڌ.

ليکڪ طرفان ٻه اکر

منھنجي جنم جو سال 1942ع آهي. هي اهو زمانو هيو، جو سنڌ جي وسيع ايراضي ۾ انگريز ڇتي مارشل لا نافذ ڪري ڇڏي هئي. هڪ سازش تحت حر تحريڪ خلاف خصوصا ً۽ سنڌ جي ماڻهن مٿان هن مارشل لا دوران ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا. ان وقت اڄوڪن ڀوتارن جي وڏن واري سنڌ اسيمبلي حر ايڪٽ پاس ڪري، انگريز حاڪمن ۽ سنڌ پوليس خواهه برٽش فوج کي ظلم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
مون جيئن ته پنھنجي شعور جي اک حرن لاءِ قائم ڪيل جيل CONCENTRAION CAMP ۾ کولي ۽ پنھنجي معصوم ٻاروتڻ جا ڪامل ڏھه سال پنھنجي امڙ ۽ بابي سان ان قيد و بند ۾ گذاريا. ان ڪري منھنجي دل ۾ سامراج ۽ سامراج جي ڇاڙتن خلاف شديد ڌڪار موجود پئي رهي آهي. ان جو سمورو بيان مون پنھنجي هن آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو آهي. ان بعد موهن جي دڙي جي سرزمين هڪ نئين نالي سان نئين مملڪت ۾ شامل ڪئي ويئي. اهو نئون نالو ان کان اڳ دنيا جي ڪنهن زبان ۽ ان جي لغت ۾ موجود ڪونه هو. ان نئين نالي واري حڪومت ۾ آسرو هيو ته اسان کي 1947ع ۾ قيد و بند کان آزاد ڪندي پر ائين نه ٿيو.هزارين عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي 1952ع تائين ساڳئي سلوڪ تحت قيد رکيو ويو. چون ٿا ته گورو حاڪم ويندي ويندي نئين نوابي حڪومت کي اها وصيعت ڪري ويو هو ته هنن باغين کي اڃان به 10 سالن تائين باندي رکيو وڃي. بھرحال اسان اسيرن کي پھرئين اپريل 1952ع تي آزاد ڪيو ويو. جڏهن ته اسان جا اصلي ماڳ مڪان يا ته ميٽجي چڪا هئا يا والارجي چڪا هئا. ان ڪري اسان نوان پناهگير ٿي، پنھنجي ڌرتيءَ ڏانهن واپس آياسون.
ان نئين صورتحال ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي“ جو سوال سامھون آيو ته هن سماج ۾ نئين سر شروعات ڪيئن ڪجي؟ بھرحال زندگيءَ جو اهو سفر ڏکن ۽ سکن ۾ گذرندو رهيو. ”غلاميءَ کان مٿي چاڙهو“ جي خيال کي ساڻ کڻي، زندگيءَ جي جدوجهد جاري رهي. هاڻي جڏهين زندگيءَ جي سفر جي آخري پڙاءَ تي پھتو آهيان ته پنھنجي يادگيرين جي هن ڪتاب ”قيد ڪشالا زندگي“ ۾ پنھنجي آتم ڪهاڻي لکي پوري ڪئي اٿم. اها ڪٿا پوري ۽ اڻ پوري به چئي سگهجي ٿي. ڪيتريون ڳالهيون پيٽ ورن ۾ پيون رهيون، ڇوته هن دور ۾ سلڻ جھڙيون نه هيون.
زندگيءَ جي هن پوڃاڙي واري پھر ۾ (برين اسٽروڪ جي ڪري) حافظو به ڌنڌلو ٿيندو پيو وڃي، ان حالت ۾ قصو بيان ڪيو اٿم. مطلب ته ”هيءَ جا سورن پئي سَلي آهي، سازندگي ڏاڍي ڀلي آهي“ جي مصداق، زندگيءَ جي واھڙ جو وهڪرو جيڪو شروع ۾ لھوارو تيز تر وھندو آهي ۽ پوءِ جندڙيءَ جو اهو واھوندو ڌيمون ٿيندو ويندو آهي. ۽ نيٺ وڃي ماٺ جي پرشانت ساگر ۾ پھچندو آهي.
سنڌي زبان ۽ ادب سان منھنجي چاهت سڄي ڄمار قائم رهي. مونکي ياد آهي ته 1960ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول جي ساٿين سان گڏ ادب جي مطالعي جو موقعو مليو. هڪ دفعي روسي باغي دانشور ”پرنس ڪروپاتڪن“ جي لکيل ڪتاب ”نوجوانن ڏانهن“ جو سنڌي ترجمون پڙهڻ جو موقعو مليو، ان بعد ڪتاب ۾ ڏيکاريل راھه ۽ رستو منھنجي زندگيءَ جي منزل بڻيو.
مون شاعريءَ تي به طبع آزمائي ڪئي ”ايڏو درد عميق“ جي نالي سان منھنجو شاعريءَ جو مختصر ڪتاب شايع ٿيل آهي. منھنجي شاعري ان وقت ”نئين زندگي“ ” روح رهاڻ“ ۽ ماھوار ”سھڻي“ ۾ شايع ٿيندي هئي. پنھنجي نظرياتي اصولن موجب آئون ھميشه ڀوتارڪي سماج خلاف لکندو رھيو آهيان. نظرياتي ڌارا ۾اوڀارو سفر ڪرڻ جي ڪري، نوڪريءَ دوران ڪافي ڪٺنائون برداشت ڪرڻيون پيون. بھرحال ماضيءَ جا اهي ڏک ڏاکڙا هاڻي عزيز پيا لڳن. هن ڪتاب ۾ ڪجهه دوستن جون ساروڻيون شامل آهن. حافظي جيترو به ساٿ ڏنو آهي ته انهن يارن جو ذڪرِ خير ڪيو اٿم.
77 سالن جي عمر ۾ آئون وڏي ڪيڙ ۽ ڪٽنب جو بزرگ آهيان. پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن جي ڦلواڙيءَ ۾ پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو. منھنجا چار عدد فرزند ڊاڪٽر رسول بخش، جيڪو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ٻيو فرزند امين بخش سرڪاري ملازمت ڪندڙ آهي، ادب جي مطالعي جو شوق رکي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو فارغ التحصيل آهي. منھنجو ٽيون نمبر فرزند حسين بخش اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ ڊگري ڪاليج ۾ پاڙهي ٿو. ۽ چوٿون نمبر فرزند قادر بخش تازو ٽنڊو ڄام يونيورسٽيءَ مان D.V.M پاس ڪري چڪو آهي. منھنجو ڀاڻيجو حضور بخش سٺو مطالعو رکندڙ استاد آهي. مون اها علم ۽ ادب جي جيڪا مختصر دولت هئي، سا پنھنجي اولاد کي ڏني آهي. جنھن کي آئون پورھيت ماءُ پيءُ جي دعائن جي برڪت سمجهان ٿو.
زندگيءَ جي هن موڙ تي ڪيترائي هم عمر سنگتي ۽ ساٿي موڪلائي چڪا آهن. سندن يادگيريون دل تي نقش آهن. ٻئي پاسي منھنجا ساٿي منھنجا ڪتاب آهن جن کي هڪ گهڙي به پاڻ کان جدا ڪرڻ نه ٿو چاهيان. منھنجي هيءَ قلمي ڪاوش خبر نه آهي ته علم دوست حلقن وٽ ڪيتري قبوليت جو درجو حاصل ڪندي؟ اهو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا.

[b] الھورايو بھڻ
[/b] جهول (2019-01-10)

منھنجو اٻالو ٻاروتڻ ۽ انگريز جي قيد واري ڪئمپ، نوابشاھه

بلاڪ زمين جي چوڌاريڪنڊن جو تمام اوچو لوڙھو. ان جي آمھون سامھون ڪُنڊن تي ٽيھه، پنجٽيھه فوٽ اوچا مورچا ٺھيل، ۽ مورچن مٿان چوويھه ڪلاڪ چوڪيدارچاري ۽ سپاھي. جن جي ڀريل بندوقن جا نشانا ھر وقت اسان اسيرن ڏانهن سڃيل. قيد خاني جي سامھين پاسي ھڪ تمام وڏو شاھي دروازو لوھي شيخن وارو ۽ ان دروازي جي سامھون وردي پاتل سپاھي، سندن بندوقن جي مٿان سنگينون چاڙھي، روبوٽن وانگر رائونڊ ھڻندڙ سپاھي. سندن چھرا ڪنهن به قسم جي احساسن کان عاري. عجيب شڪلين وارا سپاھي. الائجي ڪٿان اترين سرحدن ۽ پنجن دريائن جي قحط جي ماريل علائقن مان اسان تي عذاب نازل ڪرڻ لاءِ آندل سپاھي. ھي ڪيڏا نه گوري سماج سان وفادارماڻھو ٿي ڏٺا. انهيءَ شاھي دروازي وٽ ھر ڪلاڪ کان پوءِ قيد و بند جي صعوبتن واري وقت جي شدت جو احساس ڏياريندڙ گھنڊ. رات ڏينهن چوويھه ڪلاڪن جو احساس ڏياريندڙ گھنڊ وڄندو ٿي رھيو. مغرب جي وقت قيد خاني جي اندرئين طرف کان ھڪ وسيع ۽ کليل پلاٽ تي، ھن بند جا سڀ باندي قطار در قطار ھڪ ھنڌ زمين تي صفون ٺاھي اچي ويھن ٿا، قيد خانن جو مئنيجر، حاضري پڪاريندڙ منشي، سنگينون سڃيندڙ سپاھين جي جلوس ۾ اچي ٿو. ڪرسيون رکجي وڃن ٿيون، ٽيبل تي گولا ٻاري رکن ٿا. پوءِ منشي جو آواز گونجي ٿو...” پنهل!“ ”حاضر سائين!“ پوءِ اھو حاضر سائين وارو جملو ٽي چار سئو دفعا مختلف واتن مان ورجائجي ٿو ۽ ان سان گڏ بنديخاني جي محافظن کي يقين ٿيندو ٿو وڃي ته ” اھي حاضر سائين چوڻ وارا آواز، ھاڻي ڄاڻ ته اچي سفيد سامراج جا مطيع ٿيا آھن. ( پر اھو سندن خام خيال ھو) حاضري ڀرائيندي ھرڪو اٿندو وڃي ٿو. پنھنجين پنھنجين اونداھين جھوپڙين ڏانهن. جيڪي رات جي اونداھيءَ ۾ عجيب مايوسيءَ جو منظر پيش ڪن ٿيون. ڪٿي ڪٿي ڪنهن جھوپڙي جي سوراخن مان اندران ٻرندڙ ڏيئي جي ٿڪل روشنيءَ جا ڪجھه باغي ڪرڻا اونداھه جو سينو چيري ٻاھر وسيع انڌيري جي راڄ ۾ جرڪندي نظر اچن ٿا. ورنه ھر پاسي وانداھيءَ جو عالم.... پر ان اونداھه ۾ رھندڙ روحن جون دليون ايمان ۽ اميد جي روشنيءَ سان منور.
اسان قيدين جون اھي سڀ جھوپڙيون سڌين قطارن ۾ ٺھيل آھن. اسان سڀني اسيرن جا اڱڻ گڏ آھن. اھڙي طرح اسان سڀني جو درد به ساڳيو آھي. ۽ اسان جي گڏيل اڱڻ وانگر اسان سڀني جون دليون به مليون پيون آھن. انهيءَ ويل بنديخاني جي ھرھڪ جھوپڙيءَ مان ذڪر جو آواز بلند ٿئي ٿو. سوين ماڻھن جا سوز ۾ ٻڏل ۽ ڏکايل آواز، جيئن جيئن بنديخاني جي فضا ۾ اڀرندا ٿا وڃن، تيئن تيئن تنواريندڙ ماڻھن جي دلين ۾ اميدن جو سوجھرو جرڪندو وڃي ٿو. سمورو قيد خانو ”ذڪر“ جي آواز ڪري لرزش ۾ اچي وڃي ٿو. الله جي درٻار ۾ ٻاڏائيندڙ ۽ پڪاريندڙ مردن، عورتن ۽ ٻارن جا معصوم آواز. آزاديءَ جي اسيرن جا اھي سڏ، سڀئي گڏ ۽ ھم آواز، آزاديءَ جي سوجھري ڪندڙ سج لاءِ پنھنجي دلين جي تڙپ سان تنوارين پيا. اھي معصوم آواز، ستين عرش تي پھچندڙ التجائون ۽ عرض، گوري سامراج جي ايوانن جي در و ديوارن سان ٽڪرائجي واپس ورندا رھن ٿا. اھي مجبور ۽ مقھور آواز يڪ زبان ٿي ”آزاديءَ“ جي آلاپ ڪندڙ، درجي به درجي ماٺ ٿي وڃن ٿا ۽ رات جي ڪاري ديو جو راڄ، بنديخاني مٿان ڇانئجي ٿو وڃي.
اسين کيس ”نانو جاني“ سڏيندا ھئاسين. سٺ ستر سالن جو پوڙھو انسان، معصوم ٻار جھڙو پيرسن، پنھنجي پٽن ۽ ڏھٽن کان ڌار ھتي اڪيلو ۽ بي واھه، اسان سان جيل ۾ بند آھي. ”نانو جاني“ ھر رات اسان جي اڱڻ جي سامھون اڏيل پيھيءَ تي رات گذاريندڙ بزرگ. جڏھن روزانه ذڪر ڪندو آھي ته اسين ٻارڙا، ساڻس گڏجي بلند آواز ۾ ذڪر ڪندا ھئاسين. نانو جاني چوندو ھوته ” ابا اوھان معشومڙن جي دعا، الله جي درٻار ۾ ضرور قبول پوندي!“ اسين اھو ٻڌي وڌيڪ زور سان ذڪر جون تسبيحون آلاپيندا ھئاسين. پوءِ چوٿين تسبيح جي پڄاڻيءَ تي مراقبي ۽ ڊگھي دعا بعد:
”ڀلا ڄام، ھن غلام سندو سوال سڻج تون!“
اسان سڀئي ننڍا ۽ وڏا اھو ڪلام ھڪ آواز ٿي، ٻاڏائيندڙ سرن ۾ ڳائيندا ھئاسين. ھي دُعائن وارو ڪلام اسان ٻارن کي شروع کان وٺي آخري مصرع تائين ياد ٿي ويو ھو. ھن ڪلام جي سر تار جو درد اسان ٻارڙن جي دلين کي ڇُھي ويندو ھو. ھن ڪلام بعد اسان ڏسندا ھئاسين ته ناني جانيءَ کي سندس پُٽن پوٽن، پنھنجي ڳوٺ، پنھنجي کيتن جي ياد اچي ويندي ھئي. تڏھن ھو وڏو ساھه کڻي ھڪ اندوھناڪ آواز ۾ ”الفراق اشد من الموت“ چئي چپ ٿي ويندو ھو. ان کان پوءِ سندس ليڪن ڀريل چھري تي رنج جو ھڪ عجب ۽ گھرو عالم طاري ٿي ويندو ھو ۽ پوءِ اسين ٻارڙا سندس انهيءَ غم کي محسوس ڪندي، ماٺ ميٺ ۾ اتان اٿي ويندا ھئاسين. اسان کي خبر ھئي ته اھڙا سوين جاني، پنهنجن پيارن کان پري، رنج و الم جون تصويرون بنجي پيا ”قيد الماءَ“ جون گھڙيون ھتي اسان سان گڏ گھارين.
فجر ويل، وري ساڳئي سامراج جا گماشتا، سنگينون سڃي، ساڳئي حاضري واري ميدان تي ايندا ھئا. ۽ وري ...... حاضر سائين! حاضر سائين! جي آوازن جي گونج ۾ غلطان قيدي ھلندا ويندا ھئا. عزيزن جي وڇوڙي جو فڪر، اٽي لٽي جو اونو، غلاميءَ جي ڳڻتي... ھر شب و روز اھا ريت.... حاضريءَ وقت ڪڏھن ڪڏھن ڪو اجھل ۽ باغي آواز ”حاضر سائين!“ پاران صرف ”حاضر“ چئي سنگينن اڳيان سينو ساھي گذري ويندو ھو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ خبرناھي ته اھڙا ماڻھو ڪيڏانهن گم ٿي ويندا ھئا. شايد اسان واري قيد و بند کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ظلمت جي بنديخاني ۾....!
چوڏھينءَ جي چانڊوڪي راتين ۾ حاضري ڀرائي، ذڪر کان فارغ ٿي، فقير ھڪ حلقو ٺاھي، سمھه (سماع) لاءِ اچي گڏ ٿيندا ھئا. سفيد ريش، نوراني نکٽن وارو ابوڙو فقير، وڏي درديلي آواز ۾ بيت جھونگاريندو ھو. ھن سگھڙ ۽ فقير شاعر کي سموري سنڌ جي مشھور شاعرن جو ڪلام برزبان ھو. فقير ھڪ گول دائري ۾ بيھندا ھئا. ۽ وچ ۾ ابوڙو فقير ھڪ ڪَن جي مٿان ھٿ رکي، بيت جھونگارڻ شروع ڪندو ھو. تڏھن سندس ساٿي واري واري سان ساڳي داستان، ساڳئي سُر وارا بيت ڳائيندا ويندا ھئا. ۽ آھستي آھستي درجي بدرجي ھن باندي شاعر جو آواز جيئن بلند ٿيندو ويندو ھو. تيئن ھنن مانجھي مڙسن جي ميڙ ۾ عجيب جوش ۽ جولان، عجب وجدان پيدا ٿي ويندو ھو. ھن ميڙ ۾ شريڪ ھر ھڪ فرد جو پنھنجو درد ھر ڪنهن جو سينو چيري، ٻاھر اڌما ڏيئي اچي ويندو ھو. سندن آواز جو سوز وڌي وڃي چوڏھين جي چنڊ کي ڇھندو ھو. آڌيءَ رات جي وقت ۾ اھي پرسوز دليون رکندڙ ”محبوس آواز“ ھن عشق ۽ وجدان واري نرت يا ناچ ۾ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا، جو سندن اکيون آسمان ۾ بيٺل چنڊ ۾ کتل ۽ قدم ھڪ گول دائري ۾ گردش ڪندا رھندا ھئا. ائين پيو محسوس ٿيندو ھو ته، سندن درد کي فقط چنڊ ئي سمجھي سگھي ٿو. ۽ سندن دلين جي بي چينيءَ کي فقط ڌرتي ئي سندن قدمن جي لوچ مان سمجھي سگھي ٿي.
اھڙي طرح ابوڙي فقير جو آواز ھن مصرع تي پھچندي، عشق ۽ جنون جون سڀئي سرحدون ڇھڻ لڳندو ھو.
”سسئي تو جي سڏ ڪيا!“
”سسئي تو جي سڏ ڪيا!“
”اي سسئي تو جي سڏ ڪيا!“

پوءِ ٻيو ماڻھو ٻول وراڻيندو ھو؛

”ھوت ٻُڌا ڪي دوست ٻُڌا!“

انهيءَ سماع جي ميڙ جا سڀ رفيق اُڀ ۾ اکيون کپائي، چنڊ اندر سسئي جي شبيھه کي ڳوليندي ھم آواز ٿي وراڻي ڏيندا ھئا. ” سي ھوت ٻڌا، يا دوست ٻڌا!“ اسين سڀ پنھنجي سڏڙن کي ڪنهن اڻ ڏٺي ھوت ۽ دوست کي ٻڌائڻ لاءِ وڏا واڪا ڪري وجد ۾ اچي آخر ۾ پڪاريندا ھئاسين. ” پير پاڳاري جا دشمن دوزخ ويندا.“
ھي جملو ھر ڪنهن سماع جي محفل جي روحاني طور عروج تي پھچڻ وارو جملو ھوندو ھو. حلقي ۾ شريڪ اڌ فقير وڏي واڪي چوندا ھئا.
”پير پاڳاري جا!“
ٻيو ٽولو ھم آواز ٿي جواب ڏيندو ھو؛
”دشمن دوزخ ويندا!“
پوءِ اھي چنڊ جي زرد روشنيءَ ھيٺ ٿڙڪندڙ جسم بغاوت جا گيت آلاپيندي آلاپيندي آخر چپ ٿي ويندا ھئا. وري آخر ۾ دعا گھربي ھئي؛
” ساري جھان جي مخلوق جي صدقي، مرشد جو خير! جماعت جو خير! سڀني انسانن جو خير! آمين!! آمين!!“
ڪيڏي نه آفاقيت رکندڙ اھا دعا ھئي....!
پرھه ڦٽيءَ ويل ڳڀي جي ڳولا ۾ بنديخاني جا مرد ۽ ڪجھه عورتون ٻاھر نڪري مختلف طرفن ڏي رخ رکن ٿا. ڦٽين ٽاڻڻ جي ڪارخاني ۾ ڦٽين سان ڀريل پلاٽن تي سرديءَ جون ماريل عورتون، ملول چھرا، ڏٻرا جسم، ميرا ڪپڙا، ٽولا ڪريو ”ڳاڙھه “ پيون چونڊين. زرد رنگ جي ڪپھه جا ٻُڙا، ڪک ڪانيون چونڊي گڏ پيون ڪن. ٻئي پاسي سندن ٻارڙا، اڌ انگ اگھاڙا، ڦٽين جي مٿان بولاٽيون کائيندي راند پيا ڪن. مٿي آسماني منظر تي ڪارخاني جي بلند چمني ڪارو دونهون پئي اوڳاري ۽ ماين جا ھٿ ڦٽين مان ڪک ڪچرو، مشيني انداز ۾ پيا چونڊين. اھو ڪچرو شام جو تُرندو ۽ انهيءَ وزن موجب رپيو سوا مزدوري ملندي. ھٿ ھلائيندي، گيت جھونگاريندي اوچتو ڪو آواز اڀري ٿو.... ”ادي! سورنهن چُوڙ ڪنڍين مينهن جي ڌڃاڻي ھئس.....“ پوءِ ماٽين ۽ مکڻ جا قصا، وڇڙيل عزيزن جون ساروڻيون، ٿڌا ساھه، ڪجھه ڳوڙھا، خاموش ڳلن تان ڳڙي ٿا پون ۽ بنا اگھڻ جي خشڪ ٿي ٿا وڃن. عورتن جو اھي درد ڀريون ڳالھيون جاري رھنديون ھيون.
سج لھڻ وقت ڪارخاني جي در مان ٻاھر نڪرندي، جڏھن اھي ٿڪل ٽٽل معصوم قيدياڻيون، ڪونجن وانگر قطارون ڪري، راجا واري ريل گاڏيءَ وٽان گذرنديون ھيون تڏھين اوچتو آواز ايندا ھئا. ” ڀلاڙي مئي ڪاري گاڏي! الئه ڪڏھن اسان کي پنھنجي اباڻن ماڳن ڏي وٺي ھلندئين!!“ حسرت منجھان ريل جي پٽڙيءَ ڏانهن نهاريندي، اھو ڪونجن جو قافلو واپس اچي قيد خاني ۾ قابو ٿيندو ھو ۽ وري ساڳئي قيد جي ڪارمُنهين رات ظاھر ٿيندي ھئي. مظلوم، مقھور، بکيا، ڏکيا، ڏٻرا، جسم وري بنديخاني جو در لتاڙي ساڳئي ميدان تي قطارن ۾ بيھي حاضر سائين! حاضر سائين! جي صدا بلندا ڪندا ھئا.
اسان ٻارڙن خواھه اسان جي مائٽن کي ٻاھرين دنيا جا ماڻھو عجب شڪ جي نگاھن سان ڏسندا ھئا. انهن ماڻھن کي سامراجي دلالن شايد اھو ٻڌايو ھو ته، اسين چور، ڌاڙيل ۽ قاتل آھيون! پر جڏھن ھو اسان جي مائٽن کي حق حلال جو پورھيو ڪندي، ساڳي ٻولي ٻوليندي ڏسندا ھئا. تڏھن سندن شڪي چھرن تان اوپرائپ جون ليڪون آھستي آھستي غائب ٿي وينديون ھيون. مگر اھي ٻاھريان ھمدرد ماڻھو به اسان جي ھن قيد و بند جي جھان بابت خاموش ھوندا ھئا. شايد اھي آزاد انسان به سامراج جي ڪنهن اڻ ڏٺي پنجوڙ ۾ قابو ھئا.
اسڪول جي ٻاھران بيھي پري کان چور نگاھن سان ٻارن کي ماستر کان ڪڏھن ڪڏھن مار کائيندي ڏسي، خوف وچان وري جھوپڙي ۾ اچي لڪي ويھي رھندو ھوس ۽ پوءِ ھڪ ڏينهن اھا ڏٺل مار سھائي، پنھنجو پاڻ وڃي اسڪول ۾ ويٺس. ڀڳل پٽيءَ جي مٿان ”الف“ ظاھر ٿيو ۽ پوءِ بنديخاني جي ”ب“ به لکجي ملي ۽ اھي سزا جا سمورا حرف مونکي ياد ٿيندا ويا.
” اسان جي شھنشاھه کي تون، سلامت رک خداوندا!“
اھو راڳ ٻين ٻارن سان گڏجي عجب درد ۽ سوز سان ڳائيندو ھوس. منھنجي دل ۾ اھو شھنشاھه جارج پنجون نه پر اسان جو ”مرشد بادشاھه“ ھوندو ھو. اھو غلاميءَ جو گيت اسان معصوم ٻارن لاءِ پنھنجي مرشد جو ترانو پئي لڳو. روزانو اسڪول ۾ اھو راڳ آلاپيندي آلاپيندي ھڪ ڏينهن استاد سائين اسان کي شھنشاھه جي تراني ڳائڻ کان جھلي ڇڏيو!!
ان ڳالھه جو اسان ٻارن کي به ڪجھه احساس پئي ٿيو ته شايد بنديخاني کان ٻاھر جي دنيا ۾ ڪا تبديلي اچي رھي ھئي. اھا تبديلي جنهن جو اسان سڀني کي انتظار ھو.
اسان کي پنھنجي استاد جڏھن، اسڪول ۾ صبح جي وقت ڳائجندڙ ترانو ” اسان جي شھنشاھه کي تون، سلامت رک خداوندا!“ ڳائڻ کان منع ڪئي، تڏھين اسان سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي. وڌيڪ حيرت ان ڳالھه تي به ٿي ته، ان راڳ جي پاران ڪو ٻيو راڳ ڳائڻ بابت به استاد ڪجھه ڪونه چيو. سائين سڪيلڌو ھنڱورو اسان جو استاد، اسان حرن جي ئي بنديخاني جو ھڪ قيدي ھو. پر وڌيڪ پڙھيل ھئڻ ڪري کيس اسان کي پڙھائڻ جو ڪم سونپيو ويو. سائين سڪيلڌي جي شبيھه بلڪل اھڙي ھئي، جھڙي مرزا غالب جي تصوير ديوان غالب تي ڇاپيل آھي. سندس ٽوپي به لڳ ڀڳ اھڙي نموني جي ھئي. سندس مک ھڪ مھربان مائٽ وانگر لڳندو ھو. سندس پڙھائي ۾ اسين سمورا ٻار ڏاڍا خوش رھندا ھئاسين.
اسان جو قيد خانو ريلوي لائين جي لڳ اڀرندي پاسي، نواب شاھه شھر کان ميل ڏيڍ اتر پاسي واقع ھو. ھن ريلوي لائين تي رات ڏينهن ريل گاڏين جي اچ وڃ لڳي پئي ھوندي ھئي. اسان مان گھڻن ٻارن لاءِ، انهن ريل گاڏين جو مشاھدو ڏاڍو وندرائيندڙ ھوندو ھو. ڪاري رنگ جون انجڻيون دونهان ڪڍنديون، پويان لڳل گاڏن جون ڊگھيون قطارون ڇڪ ڇڪ ڪنديون ڇڪينديون وينديون ھيون. انهن ريل گاڏين ۾ ڪي بار گاڏيون ھونديون ھيون ته ڪي مسافر گاڏيون. اسان جي مشاھدي جو مزو تڏھن ٿيندو ھو، جڏھن ڪنهن سبب جي ڪري اھي مسافرن سان ڀريل ريل گاڏيون اسان واري قيد خاني وٽ بيھي رھنديون ھيون. اسان ڪجھه تجسس ڪجھه خوف جي جذبي سان پري کان بيھي، مسافرن ڏي نهاريندا ھئاسين. ظاھري طور اھي مسافر ڏسڻ ۾ ڪي ايترا ته نرالا ڪونه ھئا پر اسان کين ڏاڍو خوشنصيب سمجھندا ھئاسين. جو ھڪ ته ھو ريل گاڏيءَ ۾ سوار ھئا، ٻيو ته ”آزاد“ ھئا ۽ پنھنجي ماڳ مڪان ڏانهن وڃي رھيا ھئا. اسان پنھنجي مائٽن کان اھو ته ٻڌو ھو ته ھن قيد خاني ۾ پھچائڻ لاءِ پوليس ۽ فوج، ريل گاڏيءَ ۾ ويھاري اسان کي ھتي کڻي آئي ھئي. ڪن جا مائٽ اتر کان گاڏيءَ تي آندا ويا، ڪن جا مائٽ ڏکڻ کان آندا ويا. ۽ اسين اوڀرپاسي کان ايندڙ راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ ھت آندا ويا ھئاسين. تنهنڪري منھنجي اھا خواھش ھئي ته جنهن ريل گاڏيءَ ۾ اسان کي ھت آندو ويو ھو، ان کي ويجھو ٿي ڏسان. پوءِ ھڪ ڏينهن نوابشاھه جي اسٽيشن تي بابا مون کي اسان واري ڳوٺ ويندڙ راجا گاڏي پري کان ڏيکاري. منھنجي من ۾ ھميشھ اھا خواھش رکندي ھئي، ڪاش! ان ريل گاڏيءَ ۾ چڙھي، پنھنجي ڳوٺ وڃي ڏسجي ته اھو ڪھڙو ملڪ آھي؟ پر اھا خواھش جيستائين پوري ٿئي، ايستائين جڏھن به موقعو ملندو ھو تڏھن راجا واري ريل گاڏيءَ کي وڏي اڪير سان ڏسڻ ويندو ھوس. بابو اسٽيشن جي ڀرسان، نشاط سئنيما وٽ ڪپھه ٽاڻڻ جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندو ھو. اتي وڃڻ ۽ ڪارخاني جا ڪل پرزا ۽ مشينون ھلندي ڏسڻ جو نظارو تمام مزيدار رھندو ھو. بابو ڪارخاني جي بوائلر لاءِ ڪاٺ وڍڻ، چيرڻ ۽ ٽڪرا ڪرڻ جو ڪم ڪندو ھو. جتي آئون ڏسندو ھوس ته، ڪيئن نه بوائلر جي دريءَ مان باھه ڀڙڪا ڏئي نڪرندي ھئي. جڏھن مزدور ان ۾ ٻارڻ وجھندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪارخاني جي مشين واري حصي ۾ ليئو پائڻ جو موقعو ملي ويندو ھو. ڪارخاني جي انجڻ ۾ ھڪ تمام وڏو ڦيٿو يعني ويل لڳل ھوندو ھو. جنهن جي مٿان ھڪ ٻه نه پر چار کن پٽا چڙھيل ھوندا ھئا جيڪي ٻئي پاسي ڪيترين ئي پلين کي پيا ڦيرائيندا ھئا. ڪارخاني جي انجڻ ھڪ خاص رڌم سان آواز ڪندي، مست ھاٿيءَ وانگر ھلندي ڏسبي ھئي. ان جي ڪيترن ھنڌن کان ٻاڦ جھڙو دونهون پيو نڪرندو ھو. مشين ھال ۾ ڪيترائي مستري تيل سان ڀريل سوٽ پايو مختلف پرزن کي تيل پيا ڏيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ڪارخاني جي مٿئين منزل تي ڦٽين مان ڪپھه ۽ ڪڪڙا ڌار ڪندڙ مشينون ڏسڻ لاءِ وڃبو ھو. جتي تمام گھڻو گوڙ ۽ ڪپھه جي دز ھوندي ھئي. اتي خبرپوندي ھئي ته، انهن ڦٽين مان ڪيڏي نه سفيد ۽ نرم نرم ڪپھه ٿي ٺھي. ڪارخاني جي مختلف ھنڌن تي ڪم ڪندڙن مزدورن کي محنت ڏسي منھنجي دل به چوندي ھئي ته آئون وڏو ٿي، انهيءَ ڪارخاني جي ديوھيڪل انجڻ ھلائڻ وارو مستري ٿيندس. ڇو ته اھا انجڻ مونکي ڏاڍي پرڪشش لڳندي ھئي.
ڪڏھن ڪڏھن اتفاق سان شھر ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو ھو. ھڪ دفعي بابا جي بيمار ٿيڻ تي، امان چانديءَ مان ٺھيل ڪجھه شيون شھر جي سوناري وٽ وڪڻڻ لاءِ مونکي به ساڻ وٺي وئي. اتي مون پھريون دفعو سوناري کي ڪم ڪندي ڏٺو ۽ سندس دوڪان تي سون چانديءَ جا ٺھيل ڳھه ڳٽا پڻ ڏٺم. پر مونکي انهن ڳھن ڳٽن سان ڪابه دلچسپي محسوس نه ٿي. ان بجاءِ مون جڏھن سوناري جي مون جيتري نينگري صاف سٿرا ڪپڙا پھريل ڏٺي، تڏھن اھا مونکي ڏاڍي وڻي ۽ مون پنھنجي ماءُ کي ٻڌايو ته اھا نينگري ڪيڏي ته سھڻي ھئي ۽ کيس ڪيڏا نه ڀلا ڪپڙا پھريل ھئا. منھنجي ان ريمارڪ تي امان ڪيترو وقت کلندي رھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن مونکان پڇندي ھئي ته ھا ڀلا اھا سوناري جي ڇوڪري توکي ڪيئن ٿي لڳي! انهن ئي ڏينهن ۾ اسان ڪئمپ جي مئنيجر کان ليٽر وٺي، بابا کي شھر جي سول اسپتال ۾ وٺي وياسين. جتي پھريون دفعو مون ڊاڪٽر صاحب ڏٺا، جن وٽ ماڻھن کي تپاسڻ جو ھڪ اوزار ھو، جنهن کي دوربيني ٿي چيائون. اسان جي قيدخاني ۾ ماڻھو بيمار ٿيندا رھندا ھئا ۽ انهن مان ڪي ويچارا ته چُڙي چُڙي بچي ويندا ھئا پر اڪثر ماڻھو بنان دوا دارونءَ جي مري ويندا ھئا. ماڻھو جڏھن سخت سڪرات ۾ ھوندا ھئا ته انهن جي مٿان سورت ياسين پڙھبي ھئي. دعائون گھربيون ھيون ۽ مريض کي ھمت نه ھارڻ لاءِ وڏا چوندا ھئا ته ”ھمت ڪر! صورت کي ياد ڪر!“ پوءِ ڪي ويچارا ھمت ڪري الله جي پاڇي ۾ بچي پوندا ھئا ته ڪي ٻئي جھان ڏي ھليا ويندا ھئا. پنجن، ڇھن سون جي آبادي واري ھن لوڙھي ۾ آباديءَ جي لحاظ کان وڌ موت ٿيندا ھئا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته تمام گھڻا. ۽ پوءِ ڪئمپ ۾ ڪانه ڪا وھمي ڪھاڻي ماڻھن جي زبان تي اچي ويندي ھئي. ڪنهن ڏانئڻ جي جيڪا رات جي اونداھين ۾ ماڻھن جو ساھه ڪڍي ويندي ھئي ۽ سموري قيد خاني جا مسڪين ھڪ شديد خوف ۾ مبتلا ٿي ويندا ھئا.
اسان جي ھن ڪئمپ ۾ تمام ٿورڙا ماڻھو پڙھيل ڳڙھيل ھئا. انهن مان اسان جو استاد سڪيلڌو ھنڱورو به ھڪ ھو. جيڪو تمام مھربان صورت، خاموش طبع ماڻھو ھو. اسان کي پڙھائڻ ۽ گھر ۾ پنھنجي ننڍڙي نياڻي کي ھنج کڻي ريجھائڻ سندس اھم مشغولي ھوندي ھئي. سائين عام طور ڪچھرين ۽ مولودن وغيره کان پاسي ھوندو ھو. ھن ڪئمپ جو ٻيو ڪجھه قدر پڙھيل پر گھڻو ڳالھائيندڙ ۽ سرگرم شخص ملھار فقير خاصخيلي ھو. مامو ملھار اڪثر ڪري ڪئمپ وزٽ ڪندڙ سرڪاري آفيسرن جي اڳيان نهايت ھمت ۽ بي باڪيءَ سان قيدين جا مسئلا پيش ڪندو ھو ۽ پوءِ گھر اچي فقيرن کي خبرون چارون ٻڌائيندو ھو. خاص ڪري اھڙيون خبرون، جن ۾ ملڪ جي آزادي ۽ مرشد جي گاديءَ جي بحالي بابت ذڪر ٿيل ھوندو ھئو. منھنجو سڳو مامو سُھيلو بھڻ، جيڪو پڻ اسان سان ساڳئي گھر ۾ رھندو ھو. اھو به پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو ھو. اسان جي گھر ۾ مامي سُھيلي جو شاھه جو رسالو پيل ھوندو ھو. جنهن کي آئون اڪثر ڪري پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس ۽ پھرئين ڪلاس جا ڪجھه سبق پڙھڻ وقت، آھستي آھستي آئون رسالي مان اھي بيت ۽ وايون صاف نموني سان بلند آواز سان پڙھي سگھندو ھوس، جيڪي اڪثر ڪري اسان جا فقير ڳائيندا رھندا ھئا.
مامي سُھيلي وٽ ھڪ تمام سھڻي فائونٽين پين ۽ ھڪ مس ڪپڙي ”واٽرمين“ جي نالي سان ھوندي ھئي. مامي وٽ سڄو ڏينهن فقير پيا ايندا ھئا. پنھنجي مسئلن بابت درخواستون لکرائڻ لاءِ خاص ڪري پاس جاري ڪرڻ ۽ ھڪ ڪئمپ مان ٻئي ڏانهن بدلي ٿيڻ بابت درخواستون تمام گھڻا ماڻھو لکائڻ ايندا ھئا. اھڙين درخواستن جو سرنامون ۽ ٻيو احوال باربار ٻڌندي ۽ مامي کي لکندي ڏسندي ۽ گڏوگڏ پڙھندي پڙھندي مونکي ياد ٿي ويو ھو ۽ جيئن ته مامي جا اکر تمام صاف ۽ سھڻا ھوندا ھئا، تنهن ڪري آئون پورين درخواستن جا مضمون لکڻ ياد ڪري ويس ۽ جڏھن مامون گھر نه ھوندو، تڏھن مامي جي انڊپين کڻي ماڻھن کي درخواستون لکي ڏيندو ھوس. بس ائين ئي سرنامون شروع ڪبو ھو؛
”خدمت ۾ عالي شان جناب ڊپٽي حُر سيٽلمينٽ جي عرض“ وغيره وغيره، پوءِ آئون عرضدار فلاڻو ولد فلاڻو، با ادب عرض ٿو ڪريان ته....... ۽ آخر ۾ اھو ضرور لکبو ھو ته سائين جن جي آل اقبال جو دعاگو رھندس. واڌو حد ادب ......... ۽ درخواست پوري. مون ھڪ دفعي ڇا ڪيو جو، پنھنجي والد جي نالي نوابشاھه ڪئمپ مان بدلي جي درخواست لکي، کٻو آڱوٺو ھڻي ڊپٽي جي آمد تي رش ۾ وڃي اھا درخواست منشي جي ٽيبل تي رکي آيس.
اسان جي ڪٽنب سان ويجھڙائپ رکندڙ آڪھيون سانگھڙ، اَڇ، جانب ڍورو، گڻنگ ۽ آسپاس جي علائقن مان آيل ھيون. اسان ڀاءُ ۽ ڀيڻ ادي ڪرڙيءَ جي گھر راند رھڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا ھئاسين. ھڪ ته ادي اسان کي ڏاڍو پيار ڏيندي ھئي ۽ سندس گھر ۽ جھوپڙي ڏاڍي صاف سٿري ھوندي ھئي. ٻيو ته سندس گھر ۾ ٻيا ٻار به ڪونه ھوندا ھئا. تنهن ڪري اسين روزانه پنھنجي ان ڀيڻ جي گھر ضرور ويندا ھئاسين. مائي ڪرڙي چئن ڀائرن جي اڪيلي ڀيڻ ھئي. سندس ھڪ ڀاءُ محمد اسماعيل ڪيريو ساڻس گڏ لوڙھي ۾ قيد ھو. ٻيا ڀائر ٻئي ھنڌ قيد ھئا. سندس وڏو ڀاءُ ڪافي وقت جماعت جي وڏن غازين ۽ ويڙھاڪ ٽولي جو رڪن ھو. مائي ڪرڙي پڻ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ھئي، جتان پوءِ کيس نوابشاھه ۾ سندس ڀاءُ سان گڏ رکيو ويو.
ادي ڪرڙي جيڪا منھنجي ماءُ کي پڦي چوندي ھئي، ان جو ۽ امان جو گڏيل ڏک اھو ھو ته امان جي اڪيلي موڀي ڀاءُ کي ڪو پٽ جو اولاد نه رھيو ھو. ۽ ادي ڪرڙي جا چارئي ڀاءُ بغير شادي جي مختلف جيلن ۾قيد ھئا. ھنن ٻنهي جي خواھش ھئي ته ھتان کان آزاد ٿي، پنھنجي ڀائرن کي موڙ ٻڌي شادي ڪرائين ۽ سندن پُٽ ڏسن.
مامو گھنور ھنڱورو جيڪو ھن ڪئمپ ۾ اڪيلو قيد ھو، سندس ٻين ٻن ڀائرن مان وڏو ڀاءُ ”ولات“ جي ڪنهن ”ويساپور“ واري جيل ۾ بند ھو. اسان جي جماعت جا ڪيترائي ماڻھو گجرات، بمبئي، حيدرآباد دکن جي جيلن ۾ قيد ھئا. اسين انهن بابت ”ولات“ جي حوالي سان ذڪر ڪندا ھئاسين. مامو گھنور اڪيلو مڙس ڪڏھن ڪاٺين جي ڀري وڪڻي گذر ڪندو ھو ته ڪڏھن ڪڏھن ٻاھران اوڌر تي ڪو پوڙھو ڍڳو وٺي ڪئمپ کان ٻاھر ”مھاندي“ ڪندو ھو. پوءِ گھنور جي ان ڍڳي جو گوشت سموري ڪئمپ جا ماڻھو پڻ ساڳي ريت اوڌر تي وٺندا ھئا ۽ مامو گھنور پنھنجي اوڌر جي اوڳاڙي لاءِ پيو گھرن جا ڦيرا ڏيندو ھو ۽ جي قرض نه به ملندو ھيس ته به ماني ملي ويندي ھئس. مامو گھنور اڪثر ڪري سياري جي راتين ۾ باھه ٻاري ويھندو ھو ۽ اسان ٻار حلقو ٺاھي اچي ويھندا ھئاسين. پوءِ مامون گنهور اسان کي راجائن، بادشاھن، راڻين، چورن ۽ ڌوتن جون ڪھاڻيون وڏي آواز سان ٻڌائڻ شروع ڪندو ھو. کيس ڪھاڻي کي وڏي آواز ۽ اداڪاري سان بيان ڪرڻ جي ڏات مليل ھئي. ھو ھرھڪ ڪھاڻي شروع ڪرڻ کان پھريائين، چوندو ھو ته ”ھڪڙو ھو بادشاھه! بادشاھه پاڻ خدا آھي، پر ھي زماني جي بادشاھه جي ڳالھه آھي، خدا جي ڪرڻي اھڙي ٿي ته، ملڪ جو بادشاھه دوست يار گڏ ڪري گھوڙن تي شھسوار ٿي، جڏھن شڪار تي نڪتو تڏھن ..........“ پوءِ ڪھاڻي جي رواني، جملن جي ادائيگي جو جادو اسان ٻارن کي آخرتائين انهيءَ ڪھاڻي جي تاڃي پيٽي ۾ قابو جھليو ايندو ھو، تان جو ڪھاڻي ختم ٿي ويندي ھئي. ڪھاڻي ختم ڪري مامو گھنور چوندو ھو ته ”ٻارو! ھاڻي ڪک پن ٿيو ته ڍڳا چرن“ ۽ پوءِ ٻار ڪھاڻي جي انجام تي سوچيندا گھرن ڏانهن ھليا ويندا ھئا.
مامي گھنور جي ٻي ڪلا ھئي مداحون ۽ مناجاتون ڳائڻ جي. ھو جڏھن ڪھاڻي ٻڌائڻ جي موڊ ۾ نه ھوندو ھو ته پوءِ سندس من پسند مدح ”ڪرايو ديدار مھدي امام، اٿم اميدون تو منجھه جام“ ھي مدح ايڏي ته سڪ ۽ اڪير سان ڳائيندو ھو جو اسان سڀني ٻارن کي مھدي امام جي ديدار جو انتظار ھوندو ھو ته اجھوڪي اجھو مھدي امام آيو ۽ اچي اسان جي قيد جون زنجيرون ڪاٽي اسان کي آزاد ڪرائيندو.
ٻي مدح جيڪا مامو ساڳي وجدان سان ڳائيندو ھو. اھا ھئي؛

”ڀلا ڄام ھن غلام سندو سوال سڻج تون!“
” آھيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون.“

ھي سڀ مداحون ۽ مناجاتون اسان ھر وقت آلاپيندا رھندا ھئاسين ته اسان جون اھي آھون الله جي درٻار ۾ قبول پون ۽ اسان جو ھيءُ قيد ختم ٿئي.
انهيءَ سال 1946ع يا اول 1947ع ڌاري اسان جي ڪئمپ ۾ ھڪ قدرتي لقاءَ بابت گھر گھر ڳالھيون ٻڌجڻ لڳيون. لقاءُ اھو ھو ته سج لٿي مھل ڪيترن ماڻھن جو چوڻ ھو ته سج ۾ ” جھنڊو“ ٿو ظاھر ٿئي. اھو جھنڊو ڏسڻ جي جيڪي ماڻھو دعوى ڪندا ھئا. انهن جو چوڻ ھو ته اھو جھنڊو اسلام جي فتح جو جھنڊو آھي. مغرب جي وقت اڪثر ننڍا وڏا، ڳاڙھي سج کي تڪيندي چوندا ھئا ته ”وو! ھو ڏسو! جھنڊو چٽو چٽو ظاھر پيو ڏسجي!“ انهيءَ جھنڊي واري لقاءَ ڪافي ماڻھن جي روح کي آٿت ڏني ته اسلام جي فتح ۽ ڪامرانيءَ جو جھنڊو ھاڻ ظاھر ٿيو آھي ۽ اجھوڪي اجھو ڪو امام مھدي ٿو اچي. جيڪو اسان کي ھتان آزاد ڪرائيندو ۽ پوءِ ان سان گڏجي ڪافرن کي فتح ڪنداسون.
اھي ساڳيا ئي ڏينهن ھئا، جو ماڻھن جي ڳالھه ٻولھه ۾ ”پاڪستان“ ۽ ”جناح“ جا لفظ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. چاچي علڻ وساڻ، قائداعظم محمد علي جناح بابت ھڪڙو بيت ٺاھيو، جنهن جي پھرئين مصرع ھئي ته ”اجھو اچي پيو جنا (جناح)، ڪفر ماري ڪندو فنا!“ چاچي علڻ جي بيت کي سڄي ڪئمپ ۾ وڏي پذيرائي ملي. اھو بيت ٻار خواھه وڏن جي زبان تي ھوندو ھو. اسان اھڙن سڀني اھڃاڻن مان اھو مطلب پئي ڪڍيو ته ھاڻي ڪاري قيد جا ڏينهن ۽ راتيون ڄاڻ ته اچي پورا ٿيا آھن. ۽ پوءِ اسان کي احساس ٿيو ته استاد سڪيلڌي ھنڱوري ڇاجي لاءِ اسڪول اسيمبليءَ ۾ انگريز حاڪم جو ترانو ڳائڻ بند ڪرائي ڇڏيو آھي.
پوءِ وري ھڪڙو ٻيو عجيب نظارو ڏسڻ ۾ آيو. اھو لقاءُ اسان جي ڪئمپ وٽان ھلندڙ وڏي ريل گاڏين بابت ھو. پھرئين ڇا ٿيو جو فوج جون ڀريل ريل گاڏيون تمام گھڻيون نظر اچڻ لڳيون ۽ پوءِ اسان کي خبر پئي ته ” پاڪستان“ ٺھي ويو آھي. ھاڻي اسلامي حڪومت ٺھندي ۽ اسين سڀ آزاد ٿي پنھنجي ماڳن ڏي موٽنداسون.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ريل گاڏين جا نه رڳو وقت ٻيا ٿي ويا پر مسافر گاڏين ۽ مال گاڏين ۾ انساني انبوھه سوار نظر آيا. ايتري قدر جو گاڏين جي ڇتين تي به ماڻھو وڏي تعداد ۾ سفر ڪندي نظر آيا. گھڻو ڪري ھي گاڏيون اتر کان الاءِ ڪٿان ماڻھن جا انبوھه لڏي پئي آيون. پوءِ خبر پئي ته اھي قافلا لٽيل ھندستاني مسلمانن جا آھن. جن کي ڪافرن لٽي ڦري ھيڏانهن ڌڪيو آھي. ۽ ھاڻي ھي ھتي ”پناھگير“ ٿي آيا آھن. اسان روزانو اھو منظر ڏسندا ھئاسين ته اھي گاڏيون رات ڏينهن ھزارين بلڪه لکين انسان اتر کان ڏکڻ کنيو پيون اينديون ھيون. پوءِ مائٽن اسان کي ٻڌايو ته اھي مسلمان ڀائر نوابشاھه جي اسٽيشن ۽ شھر ۾ ھزارن جي تعداد ۾ اچي لٿا آھن. ھڪ شام جو حاضري کان پوءِ فقيرن گڏجي صلاح ڪئي ته انهن مسلمانن جي مدد ڪرڻ گھرجي. ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ کين کاڌو پھچائڻ لاءِ سموري ڪئمپ جي ھر گھر مان مانيون ۽ ٻيو جيڪي ڪجھه ملي سگھي اھو کڻي وڃي، مھاجرن کي پھچائجي. پوءِ ڏٺو سين ته دال جا ديڳڙا، ڀت جو ديڳيون، مانين جو ڀريون کڻي ماڻھو روز صبح شام وڃي اھي مسلمان ڀائرن ۾ ورھائي ايندا ھئا.
انهيءَ دوران ھڪ ٻي عجيب حرڪت يا تبديلي ڏسڻ ۾ آئي، اھا اُھا ته اسان جي ڪئمپ ڀرسان ريلوي لائين جي الھندي پاسي، جيڪي ڪمند، مڪائي، جوئر، ٻاجھريءَ جا کيت ھئا. سي سڀئي رات پيٽ ۾ ڀيلجي ويا. ماڻھن اھي سڀ فصل وڍي تاراج ڪري ڇڏيا. ياد رھي ته اھي فصل سک قوم جي ماڻھن جا ھئا. جن کي عجيب ڀيروارا پٽڪا ٻڌل ھوندا ھئا ۽ سندن ڏاڙھيون به خوفناڪ قسم جون ھونديون ھيون. ساڳئي وقت چيلھه سان تلوارون ٻڌيو پيا ھلندا ھئا. سندن ٻنيءَ ڏانهن ويندي عام طور ماڻھن کي خوف ٿيندو ھو. پر ھڪ ٻن ڏينهن ۾ اھي سڀ فصل تلف ٿي ويا. پوءِ اھا به خبر پيئي ته ڪالھه راجا واري ريل گاڏي جيڪا پوري سکن جي عورتن، ٻارن ۽ سامان سان ڀرجي ھندستان ڏي پيئي وئي، سا گاجرا واھه ٽپي بيھي رھي ۽ پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان گاڏيءَ جي مسافرن کان ڦرلٽ ٿيندي رھي. ڪافي مرد سک قتل ٿي ويا. سندن مال و اسباب لٽجي ويو ۽ اھو پڻ ٻڌو ويو ته ھاڻي اھا ريل گاڏي نوابشاھه اچڻ بند ٿي ويئي آھي. ملھار فقير خاصخيلي فقيرن کي پئي ٻڌايو ته ”نوابشاھه جي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش، نوابشاھه جا ڏاميچ ماڻھو گھرائي، سکن کي قتل ڪرايو. ڇوته سندس عزيز پنجاب ۾ سکن ماري ڇڏيا ھئا.“ فقير اھو به چيو پئي ته ھاڻي واڻين ۾ ”ڀاڄ“ پوڻ واري آھي. اھا ڀاڄ پوڻ واري ڳالھه مون کي ڪافي وقت تائين سمجھه ۾ ڪونه ٿي آئي.
آئون ھڪ ڏينهن بنا ٻڌائڻ جي نوابشاھه شھر ھليو ويس. پادرين جي مريم بستي کان اڳتي ھلي، ڪوچڙن وارين جھوپڙين وٽان ٽپي، جيئن مون ڦاٽڪ وٽان ريلوي اسٽيشن ڏي نهاريو ته اتي ماڻھن جا انبوھه ويٺا ھئا. اتان کان پاسو ڪري آئون موني بازار ڏي ويس ته اتي به عجيب ”دوسرا“ ماڻھو پئي ڦريا ۽ جڏھن مون اتي وڃي ڏٺو ته اھو سوناري وارو دڪان به بند ھو ۽ اھو علائقو به اوپرن ماڻھن سان ڀريو پيو ھو. منھنجي اکين ان سھڻي سوناري نينگري لاءِ نهاريو جيڪا اتي موجود ڪونه ھئي. ان گھٽيءَ ۾ عجيب ويرانيءَ جو منظر پئي محسوس ٿيو. ڪوبه ٻار مونکي راند روند ڪندي نظر نه آيو. مون چڪري واري ھنڌ ماڻھن جا ٽولا ھيڏانهن ھوڏانهن ھلندي ڏٺا. جن جا نکٽ ۽ نمونا مونکي اوپرا پئي محسوس ٿيا. پوءِ آئون وري ساڳي ڊوڙ ۾ پوئين پير اچي ڪئمپ پھتس. اھو حال پنھنجي ساٿي ٻارن کي ٻڌايم ته آئون ڇا ڏسي آيو آھيان.
ھاڻي جڏھن ته پاڪستان جو نالو نه رڳو نيشانبر ٿي چڪو ھو ۽ پاڪستان جي حڪومت جي حڪومت قائم ٿي چڪي ھئي. ھاڻي اسان جي ڪئمپ ۾ آزاديءَ جي اميد پيدا ٿي چڪي ھئي ته ڄاڻ قيد ۽ بند مان آجا ٿيڻ وارا آھيون.
ھڪ ڏينهن ملھار فقير ۽ ٻين وڏن اسان ٻارن کي گڏ ڪري چيو ته سڀاڻي وزير صاحب لوڙھو ڏسڻ ايندو. ۽ پوءِ اھو اوھان ٻارڙن جو اسڪول پڻ گھمڻ ايندو. اوھان کي اسان گلن جا ھار ڏينداسون. اوھان اھي ھار وزير صاحب کي پارائجو. ۽ پوءِ سڀ جا سڀ ٻار ھٿ ٻڌي يڪ زبان ٿي وزير صاحب کي عرض ڪجو ته ” سائين! ھاڻي پاڪستان ٺھي ويو آھي، اسان جو عرض آھي ته اسان کي آزاد ڪريو.“ اھو جملو باقاعدي اسانکي ياد ڪرايو ويو. ٻئي ڏينهن جڏھن ھڪ ڊگھي قد وارو، عجيب ٽوپي پاتل ماڻھو، اسان جي اسڪول ۾ جلوس سان پھتو، تڏھن اسان جي استاد کيس ھار پيش ڪيو. ۽ پوءِ اسان سڀني اٿي بيھي، ٻانهون ٻڌي کيس آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو. اسان کي اميد ھئي ته وزير صاحب اسان معصوم ٻارن جو عرض اگھائيندو. پر وزير صاحب صاف سنڌي ٻوليءَ ۾ چيو ته ” اوھان کي آزاد نه ٿو ڪري سگھجي، ڇوته اوھان جا بابا ٻاھر ڌاڙا پيا ھڻن!“ وزير صاحب جي ھن جملي سان، اسان آزاديءَ جا آسرا ۽ اميدون لاھي ويھي رھياسون. پر ساڳئي وقت ھن ماڻھو جي غرور اسان جي دلين کي وڏي ڏک ۽ رنج ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. اسان سوچيو ته ”اسان جا بابا ته اسان سان گڏ قيد ۾ قابو آھن، وزير صاحب الائجي ڪھڙن بابن جو ذڪر پيو ڪري!!“
ھن وزير خبر نه آھي، ڪنهن جي بابن بابت پئي ڳالھه پئي ڪئي. وزير صاحب جي اھڙي جواب بابت جڏھن گھر اچي اسان پنھنجي گھر ڀاتين کي ٻڌايو ته انهن جي اميدن تي ماڪ پئجي ويئي. ھن وزير جي رويي جي ڪري اسان جي آزادي، جيڪا سامھون پئي نظر آئي، سا وري ڏاڍي ڏور ٿي ويئي.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اسان قيدين جون آزاديءَ بابت جيڪي اميدون ۽ آسرا ھئا. سي آھستي آھستي نا اميديءَ ۾ تبديل ٿيندا پئي ويا. اسان جي انهن اميدن ۽ آسرن جو سبب اھو ھو ته انگريز سان جنگ جوٽڻ ڪري اسان کي ھن قيد ۾ قابو ڪيو ويو ھو. ھاڻي پاڪستان جو اسلامي ملڪ وجود ۾ اچي ويو آھي. تنهن ڪري اسان کي ھڪدم شان مان سان آزاد ڪيو ويندو. پر ائين ڪو نه ٿيو. تنهن ڪري اسان جي دلين ۾ ڪاوڙ ۽ مايوسي پيدا ٿي. ٻئي پاسي ائين به ٿيو ته نوابشاھه ۾ فسادن جي ڪري ڪيترائي ڪاروبار ڪجھه وقت لاءِ بند ٿي چڪا ھئا. ان ڪري حر ڪئمپ جي قيدين لاءِ مزدوري ملڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پئي. روزانه مزدوري ڪندڙ، بار ڍوئيندڙ، ڪاٺيون وڪڻندڙ ماڻھو بلڪل بيروزگار بنجي ويا. ھندن ۽ سکن ۾ ڀاڄڙ پوڻ ڪري ھيءُ شھر روزگار پيدا ڪندڙ آسامين کان خالي ٿي ويو. سندن جاءِ تي ايندڙ ماڻھو اڃا تائين انبوھن جي صورت ۾ ريلوي اسٽيشن جي شيڊن ۽ ٻين ھنڌن تي پناھه گزين ھئا. اھي ويچارا اسان کي ڪھڙي مزدوري ۽ ڪھڙو روزگار فراھم ڪري پئي سگھيا. اسان ٻار جڏھن شھر ويندا ھئاسين، تڏھن ھنن اوپرن ۽ نرالن ماڻھن کي جاچي ڏسندا ھئاسين. اسان کي سندن لباس، خاص ڪري ڪپڙن جون ٽوپيون ۽ سوڙھا پاجاما عجيب لڳندا ھئا. سندن ٻوليءَ بابت ته اسان ٻارن کي ته ڪا ڄاڻ ئي ڪانه ھئي.
ملھار فقير خاصخيليءَ جي جھوپڙي، اسان واري جھوپڙي جي ويجھو ھئي. تنهن ڪري شام جو ملھار فقير وٽ فقيرن جي ڪچھري ۾ ٿيندڙ خبرون ڪن لائي ٻڌندا ھئاسين. ملھار فقير ڪڏھين ڪڏھين شھر مان اخبار به کڻي ايندو ھو. ھڪ دفعي اسان اخبار ۾ ھڪ ڦوٽو ڏٺو عينڪ ۽ شيرواني پاتل ھڪ ٿلھو متارو ماڻھو، پنھنجي ھٿ جي مُڪ مٿي کڻي بيٺو ھو. چيائون ٿي ته ”پنھنجي پاڪستان جي وزيراعظم نواب زادي لياقت علي خان، ھندستان کي مڪو ڏيکاري، ڪشمير فتح ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.“ جنهن منجھان اسان ٻارن اھو انومان ڪيو ته وڏو طاقتور پھلوان آھي ۽ اڪيلو ئي وڃي، وڙھي ڪشمير فتح ڪري ايندو. ھن موقعي تي ملھارفقير جماعت جي طرفان جاري ٿيل اخباري بيان به پڙھي ٻڌائيندو ھو ته ”سنڌ جي حرن ڪشمير جي جھاد ۾ حصو وٺڻ لاءِ حڪومت کي پنھنجيون خدمتون آڇيون آھن. ته جيڪڏھن کين آزاد ڪري، ڪشمير ۾ وڙھڻ لاءِ موڪليو ويندو ته ھزارين حر وڃي جھاد ڪري ڪشمير فتح ڪندا.“ پر ائين ڪونه ٿيو. نڪو اسين آزاد ٿياسين، نڪو ئي ڪشمير آزاد ٿي سگھيو.
اھڙين مايوسين ھوندي به اسان جي دلين ۾ آزاديءَ لاءِ ھڪ جھيڻي اميد موجود رھندي پئي آئي. پاڪستان ٺھڻ بعد ايترو ضرور ٿيو جو، ھاڻي قيدين کي ضروري ڪمن لاءِ سندن ڳوٺ وڃڻ بابت ”پاس“ ملڻ جو ڪم ڪجھه قدر آسان ٿي پيو ھو. ساڳئي وقت اسان جي ملاقاتي عزيزن کي ڪجھه ڏينهن اسان سان گڏ رھڻ جي اجازت پڻ ملڻ لڳي. ان ڪري سموري بنديخاني جي اسيرن جا عزيز جيڪي اڳي ٻاھران ٻاھر ملاقات ڪري ھليا ويندا ھئا. سي اسان سان ملڻ ۽ اسان وٽ ڪجھه وقت رھڻ لڳا. ماڻھو پنھنجي وڇڙي ويل عزيزن سان ملاقاتي ٿي سرھائي محسوس ڪرڻ لڳا. خود اسان جا عزيز و اقارب جڏھن اچي اسان وٽ رھندا ھئا. تڏھن اسين ڏاڍا خوش ٿيندا ھئاسون. پر اسان جي اھا خوشي ڏاڍي عارضي ھوندي ھئي. ڇوته حال احوال اورڻ دوران جڏھن انهن عزيزن جو ذڪر ٿيندو ھو، جيڪي انهيءَ ڪال ڪوٺڙين واري عرصي دوران ھي جھان ڇڏي چڪا ھئا. تن جي وڇوڙي جو ٻڌي ماڻھن جي ڳلن تي لڙڪن جو لارون وھي ھلنديون ھيون. انهيءَ درد واري حال احوال دوران وڇڙي ويل پيارن جي شڪل شباھت، سندن پيار ڀرين عادتن ۽ ھمٿن جو ذڪر نهايت متاثر ڪندڙ ۽ جذباتي جملن ۾ ڪيو ويندو ھو. اڪثر ڪري ائين چيو ويندو ھو ته مرھيات اوھان سڀني کي ساريندي ساھه ڏنو!! اھڙا جملا ماڻھن جي جيءَ کي جھوري وجھندا ھئا. اھڙا منظر ته اسين ٻارڙا به ڏسي نه سگھندا ھئاسين.
مونکي ياد آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اسان جو مامو گھنور پاس تي اسان جي ڳوٺان ٿي آيو ھو. ۽ شام جي پھر اسان جي گھر اچي، اسان جي امڙ کي سندس ويجھي عزيز جي موت جي خبر ڏني ھئائين. جنهن کي لنڊي بلا پاڻي ورائڻ دوران ڏنگي وئي ۽ ھو فوت ٿي ويو ھو. اھڙي قسم جا موت جيڪي جدائيءَ جو داغ دلين کي ڏئي ڇڏيندا آھن، انهن جي درد جا پاڇولا تا عمر ماڻھوءَ جي من کي تڙپائيندا رھندا آھن.
مونکي پنھنجي ماءُ جي ھمت ۽ بھادريءَ جو وڏو احساس ھوندو ھو. مصيبت جي وقت مون کيس ھمت ڏياريندڙ ڪردار ادا ڪندي ڏٺو. جيڪو اسان جي گھر جي ڀاتين لاءِ ھميشھ وڏو سھارو سمجھيو ويندو ھو. پر سندس ھڪ ڳالھه جيڪا ٻاروتڻ ۾ منھنجي سمجھه ۾ ڪونه ايندي ھئي، سا اھا ته جڏھن به سانوڻ جي رُتِ ايندي ھئي، چوطرف ميگھه ملھار ڇانئجي ويندي ھئي ۽ وڏڦڙي جي وسڪار ٿيندي ھئي، تڏھن اسين ٻار ته چولا لاھي، برسات ۾ بدن پسائيندا ۽ ”ڀيڄ پاڳارا“ جا نعرا ھڻندا ڊوڙندا رھندا ھئاسين. اھا مھل ھر ساھه واري لاءِ خوشيءَ جي مھل ٿي پوندي ھئي. پر اھڙي خوشيءَ جي ويلي، امان جو چھرو رنج ۽ الم جي آرسي بنجي پوندو ھو. ۽ ھوءَ خاموشيءَ سان ڳوڙھا ڳاڙڻ شروع ڪندي ھئي. مونکي عجب لڳندو ھو ته آخر ھن برسات جي خوشيءَ واري موقعي تي امڙ ڇو ھڪدم ڏکاري ٿي ٿئي؟
ان درد جي احساس جي پروڙ مونکي ھاڻي پئي آھي ته برسات ۾ انسان کي خوشي ته ٿئي ٿي، پر اھا تڏھن جڏھن ماڻھو آزاد ھجي ۽ پنھنجي عزيزن، قريبن سان گڏجي مينهڙا وسائي. پر پنھنجي مٺن ماروئڙن، ڀٽن، ڀاڻن، ٻنين ٻارن کان ڏور، برسات ھڪ طرح سان دکدائڪ ۽ جدائي جي يادگيرين جا اندر ۾ اوھيرا وسائي ٿي ڇڏي. جنهن جي ڪري ماڻڪ ماڻھن جا منهن ملول ٿيو پون. آئون ھينئر جڏھن حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي سر مارئي کي پڙھندو آھيان ته، مونکي پنھنجي امڙ جي ان ڏک جو احساس ٿيندو آھي. توھان ان درد جي احساس کي ڇھڻ لاءِ ھي بيت پڙھي ڏسو.

*سھسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام،
اباڻن جي آسري، ڪتي ڪانه ڪيام،
جا ڍٽ ڍڪيام، تنھنجو پرور پن رھائيين.

*سِبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نينهن نه ڪڄيو،
کَٿِيءَ وَٽيون کُٿيون، سَتِي سِيوي سي،
مڇڻ چَونم ڪي ته لَڄايُئِي ٿر ڄائيون.

*مون سين ماروئڙيون، ڪھڙي رِيت رُسَنديُون،
چوٽيءَ ۾ چِيڙُ پيو، پِيئن رَتُ ڄَيُون،
نيڻن نِنڊ وِھُه ٿي، ساري ساڏويون
ھِتي جي ھُيون ته سُڌِ پين سيل جي.
.............................................................................
حر تحريڪ جي تاريخ ۾ ھزارن جي تعداد ۾ مردن، عورتن، ٻارن ۽ پيرسن انسانن کي قيد و بند ۾ قابو رکڻ جو ھيءُ عذابناڪ داستان، اسان کي احساس ٿو ڏياري ته، ھنن باندي ماڻھن جا سندن قيد دوران، پيارا عزيز تخته دار تي لٽڪايا ويا، سندن ڳوٺ جلائي ڀسم ڪيا ويا. سندن مال لٽايا ويا. سندن عورتون اغوا ڪيون ويون. ۽ سندن ڪيترائي جگر گوشا گم ٿي چڪا ھئا ته پوءِ جڏھين سانوڻ جو واءُ ورندو ھو، پوربي ھوائن ۾ برسات جي خوشبو رچندي ھئي ۽ ڪڪر ڪنڍرون ڪري، اتر پاسي کان اٿندا ھئا ۽ جڏھين وڏڦڙا مينهن وسندا ھئا، تڏھن ھنن قيدين کي پنهنجا دل گھريا دلدار ڪيئن نه ياد ايندا ھوندا؟
انهن ئي ڏينهن ۾ منھنجو وڏو ڀاءُ عرس اسان سان ملاقات لاءِ نوابشاھه آيو. پاڻ سان گڏ ھڪ مکڻ سان ڀريل چئونري ۽ ھڪ گيھه جو شيشو پڻ کڻي آيو. ھن ٻڌايو ته جھول جا واڻيا، گھڻا تڻا شھر ڇڏي لڏي ويا آھن. (ياد رھي ته منھنجو ڀاءُ ھندن جي ڳئن جي گوھر چاريندو ھو) ھن اھو به ٻڌايو ته واڻين جي جاءِ تي ھندستان مان آيل ڪجھه اوپرا ۽ ڪجھه ٻيا نوان ماڻھو اچي رھيا آھن.
ملاقاتن ۾ نرمي ٿيڻ کان پوءِ، اسان جي عزيزن سان گڏ حر جماعت جا بزرگ، تارڪ فقير به اچڻ لڳا. انهن بزرگ تارڪ فقيرن وٽ ھڪ گودڙي نما ھڙ، جنهن کي بگري چوندا ھئا. سا ھميشھ ساڻن گڏ ھوندي ھئي. ان سان گڏ ھڪ لٺ پڻ ساڻ کڻي ھلندا ھئا. اھڙن بزرگ فقيرن مان 70-80 سالن جو ڪيوڙو فقير اڪثر اسان وٽ مھمان ٿي ايندو ھو. ڪيوڙو فقير جماعت جو وڏو تارڪ ۽ راڳي فقير ھو. ان عمر ۾ به اسان کي ڪيتريون ئي ڪافيون جھونگاري ٻڌائيندو ھو. منھنجي لاءِ فقير جي لٺ دلچسپيءَ جو باعث بنبي ھئي. ھڪ ته اھا لٺ مونکي اصل کڻڻ ڪونه ڏيندو ھو. جي غلطيءَ سان سندس لٺ، پٽ تي پيل مونکان اورانگھجي ويندي ھئي ته فقير صاحب ڏاڍو ڪاوڙبو ھو ۽ مونکي لٺ جو ادب ٽوڙڻ ڪري دڙڪا ڏيندو ھو. مونکي ان ڳالھه تي حيرت ٿيندي ھئي ته فقير آخر ڪاٺيءَ جي لٺ اورانگھڻ تي ناراض ڇو ٿو ٿئي؟ جماعت سڳوري ۾ تارڪ فقيرن جو ھي طبقو سموري جماعت ۾ سفر ڪندي عمر گذاري ڇڏيندو ھو. سندن خاص ڪم اھو به ھو ته جماعت کي مرشدن جي رشد و ھدايت جون حقيقتون ٻڌائيندا رھن ۽ فقيرن کي جماعت جي مرشد جي ڏسيل راھه تي ھلڻ جي تلقين ڪندا رھن. ھي فقير جيئن ته دنيا جا رشتا تياڳي پئي ھلندا ھئا، تنهن ڪري کين جماعت ۽ فقيرن طرفان جتي ڪٿي خوش آمديد چيو ويندو ھو. سندن ھدايتن کي ادب سان ٻڌو ويندو ھو.
حر ڪئمپ ۾ انگريز صرف اھو ڪم ڪيو ھو جو، ھزارن ماڻھن کي قيد ۾ قابو ڪري، سندن مٿان پوليس جا پھرا مقرر ڪري ڇڏيا ھئائين. پر قيدين جي کاڌي خوراڪ، صحت ۽ صفائي بابت ھنن وٽ ڪوبه پروگرام ڪونه ھو. نه ڪو ڪنهن ڏاھي ۽ ڊاڪٽر طرفان ڪا صلاح ڏني ويندي ھئي ته. اتي ڪھڙي ريت صفائي رکي وڃي وغيره. ان جو نتيجو اھو نڪرندو ھو جو عورتون ۽ ٻار اڪثر ڪري وچڙندڙ بيمارين ۾ مبتلا رھندا ھئا. مٿان وري اھا مصيبت جو ڪئمپ ۾ نه ته ڪنهن ڊاڪٽر يا ڪمپائوڊر جي مقرري ٿيل ھئي نه ڪو ڪا اھڙي قريبي اسپتال ھئي. جنهن ۾ ايمرجنسي طور مريضن جو علاج ٿي سگھي. تنهن ڪري اھي ٻار، ٻڍا ۽ عورتون بيمار ٿيڻ بعد الله جي ليڪي ۾ پيا دانهون ڪندا ھئا. ماڻھو ويچارا ھڪ ٻئي کان پُڇي گھريلو ستيون، ڦڪيون ۽ دُعائون پيا ڪندا ھئا. پر جيئن ته مريضن جو ڪو سٺو علاج ڪونه ٿيندو ھو. تنهن ڪري ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جي موت جا واقعا وڏي تعداد ۾ پيا ٿيندا ھئا. اھڙي طرح اھي قيمتي حياتيون ضايع ٿينديون رھنديون ھيون. سرڪار کي سندس اھڙي وھنوار بابت ڪنهن به شرم ڪونه ڏياريو. ايتري قدر جو پاڪستان ٺھڻ بعد به سرڪار جي انهيءَ فرنگي رويي ۾ ڪوبه فرق ڪونه آيو.
اسان جي ڪئمپ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ھيءَ صورتحال ھئي ته عورتون ڏينهن ۾ ڪيترا ڀيرا کليل کڏن مان پاڻي ڀرينديون ھيون، جتي ساڳئي وقت ڪتا، ٻلا پيا تڙڳندا ھئا. ان ڪري ھنن قيد خانن ۾ اڪثر ڪري موتمار وبائون پکڙي وينديون ھيون.بغير ڪنهن ويڄ طبيب جي، بنان ڪنهن دارون دوا جي ڪيتريون ئي انساني زندگيون ضايع ٿي وينديون ھيون. ھنن لوڙھن ۾ عورتن جي قضاءَ حاجت لاءِ ڪوبه بندوبست ٿيل نه ھو. اڪثر قيد خانن ۾ قيدي ونگار ڪري، ڪنڊن پاسن ۾ کڏا کوٽي، سَرن جو پترون ڏئي، اھڙا ڪميونٽي بيت الخلا ٺاھيندا ھئا، جن ۾ ڪابه جراثيم ڪش دوا ڪونه ھئي. جيڪا ڇڙڪي ماحول کي مرضن کان آجو ڪري سگھجي.
اسان جي ڪئمپ لاءِ نه ته ڪو ڊاڪٽر مقرر ٿيل ھو، نه ڪو ڪمپائونڊر. انتظاميھ طرفان ڪڏھن به ان سلسلي ۾ ڪابه مدد ڪونه ملي سگھندي ھئي. اسان ٻارن جو اکيون اٿي پونديون ھيون ته مائرون ڪرمچي رنگ وارو پاڻي علاج خاطر اکين ۾ وجھنديون ھيون. جنهن ڪري اسان جا ڪپڙا اڪثر ڪري ھوليءَ جي رنگ جو ڏيک ڏيندا ھئا.
مطلب ته انگريزن جڏھن پنھنجي ديسي حمايتين سان گڏجي، ھنن ھزارين ماڻھن کي قيد ۾ رکيو ته ان فيصلي ۾ نه ڪو داد نه انصاف. وري جڏھين قيد دوران ھزارين ماڻھو مري ويندا ھئا. تڏھن به ڪا شنوائي ڪونه ٿيندي ھئي. افسوس جي ڳالھه اھا آھي ته ان زماني ۾ ڪنهن به وڏي سياسي ليڊر، ڪنهن زوردار نموني سان سرڪار کي شرم و حياءَ ڏيارڻ لاءِ ڪابه جدوجھد ڪانه ڪئي. ھيڏي ساري ظلم ۽ بي حسي جي پويان، سامراجي سرڪار جو مطلب اھو ھيو ته ” ھنن ماڻھن کي جيلن ۽ ڪئمپن اندر اھڙي ماحول ۾ رکيو وڃي، جيئن اھي سڀ مري کپي وڃن يا سندن بھادري ۽ جرئت وارو ڪردار تبديل ٿي وڃي.“
مون ھن مضمون ۾ ھڪ ھنڌ اھو لکيو آھي ته منھنجو وڏو ڀاءُ جڏھن اسان سان ملڻ آيو ھو، تڏھن ھو گيھه جو شيشو ۽ مکڻ جي چونري اسان لاءِ کڻي آيو. ھن وقت توھان اندازو نه ٿا لڳائي سگھو ته اھو گيھه ۽ مکڻ ڏسي اسان ٻارن کي ڪيڏي نه خوشي ٿي ھئي. اھا ان ڪري جو اسان قيدين جو کاڌو، جيڪو اسان کي ھن زندان ۾ ميسر ھو، ان کي ڪھڙو کاڌو چئي ٿي سگھياسين. ھتي ته سڀ کان پھريائين اسان جا مائٽ پورھيو ڪري اٽي جو سير اڌ وٺي گھر پھچائيندا ھئا. تڏھن سڪل، سڙيل ڍوڍو نصيب ٿيندو ھو. اڪثر ڪري گھرن ۾ جنڊ موجود ھئا. تنهن ڪري اسر ويل گھرن مان جنڊن جي ھلڻ جا مخصوص آواز پيا ايندا ھئا. سڪل ڍوڍي کي کائڻ لائق بنائڻ لاءِ اڪثر ڪري، بصر، سرنهن يا ڄانڀي جو ساڳ. ھڪ موسم ۾ ڏاڍو ڪم ڏيندو ھو. سياري ۾ ڪڏھن ڪڏھن ته ائين به ٿيندو ھو ته ڪڻڪ مان ”چِلُ“ جو گاھه پٽي ان جي ڀاڄي رڌي کائبي ھئي. گوار جون ڦريون وڏي تحفي واري ڀاڄي سمجھي ويندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ته ماڻھو لوسڻ به رڌي لوڻ مرچ وجھي پيٽ جي دوزخ جي باھه اجھائيندا ھئا. ان ڪري مکڻ ۽ لسي جو ملڻ ته عيد برابر سمجھيو ويندو ھو. ان زماني ۾ کاڌي پيتي ته ڇا پر ڪپڙي ۽ ٻين عام شين جو ڏڪار ھوندو ھو. باھه ٻارڻ لاءِ ماچيس ڪونه ملندا ھئا. ان ڪري بابا ھڪ رڪ جو ٽڪرو ۽ چقمق وارو پٿر ساڻ رکندو ھو. رڪ جي ٽڪر کي پٿر جي چقمق سان ٽڪرائڻ ڪري جيڪي چڻنگون نڪرنديون ھيون، ان وسيلي باھه ٻاربي ھئي. انهيءَ زماني ۾ ڪپڙو ملڻ به ڏاڍو مشڪل ھو. چون ٿا ته ٻي عالمي جنگ سبب انهن سڀني شين جو قحط پئجي ويو ھو. ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ صابڻ جو ڪوبه تصور نه ٿي ڪري سگھياسين. جيڪڏھن سوڍا کار ملي ويندي ھئي ته واھه واھه نه ڇا ٿيندو ھو جو، لاڻيءَ جا ساوا سڪا ٻوٽا وڍي ڍير ڪري، ان کي باھه ڏبي ھئي. ان جي سڙي وڃڻ کان پوءِ جيڪا ڇار بچندي ھئي، ان کي ڪاري کار چوندا ھئاسون. اھا کار ٺاھڻ ۽ ان جي مدد سان ڪپڙا ڌوئڻ ۽ اڇا اجرا ڪرڻ جو ڪم عورتون ڪنديون ھيون. اھو موقعو اسان ٻارن لاءِ ھڪ قسم جي پڪنڪ برابر ھوندو ھو. بنديخاني کان ٻاھر ڪنهن واھڙ تي وڃي ڪپڙا ڌوئبا ھئا. ان لاءِ ڪُنو چاڙھبو ھو. يعني ٽين جي دٻي ۾ ڪاري کار وجھي ان ۾ ڪپڙا پسائي، ان کي باھه تي رکي پوءِ ڏونگرين سان ڪُٽي اڇو ڪبو ھو. ان موقعي تي اسين ٻار جن وٽ اڪثر ھڪڙو ئي وڳو ھوندو ھو. سي جيسين تائين اسان جا ڪپڙا ڌوپي سڪي تيار نه ٿيندا ھئا، تيستائين راند روند پيا ڪندا ھئاسين، ان بعد ڌوتل ڪپڙا پھري واپس گھر ايندا ھئاسون.
پوءِ ھڪ دفعي رات واري حاضريءَ تي نواب شاھه لوڙھي جي مئنيجر بابي کي ٻڌايو ته ”اسان جي آڪھه جي بدلي ھاڻي شھدادپور واري ڪئمپ ۾ ٿي آھي، ان ڪري ھڪ ٻن ڏينهن ۾ ليٽر وٺي، توھان شھدادپور وڃي حاضر ٿيو.“ ان خبر جي ڪري اسان جي ڪئمپ ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي. سال کن اڳ منھنجي لکيل ٻاراڻي درخواست نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. شھدادپور جي ڪئمپ ھڪ ته نوابشاھه جي مقابلي ۾ اسان جي ڳوٺ جي قريب ھئي. ٻي ڳالھه اھا ته شھدادپور کان ٻه ٽي ميل پري اسان جي عزيزن جو ڳوٺ ھو. جتي اسان جي ڀيڻ پرڻيل ھئي ان کي پڻ ويجھي ھئي. ان ڪري اسان کي اھا تسلي ٿي ته شھدادپور ۾ رھندي اسين پنھنجي ڳوٺ ۽ عزيزن کي وڌيڪ ويجھا ٿينداسين. پوءِ ٿيو ڇا جو ٻئي ڏينهن ٽپڙ ٻڌجي ويا. اسان وٽ ھڪ کٽ ھئي، جنهن جون ايسون اکوڙي، ان ۾ ڪجھه ٽپڙ ويڙھي، موڙي ڪري ٻڌاسين. چوندا آھن ته ” ميان جي مڏي، ٻه ڏندڻ ٽين تڏي“ ان جي مصداق اسان اھي پنهنجا مختصر سامان کڻي، نوابشاھه کان ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿي اچي شھدادپور پھتاسين، جتي اسان کي ھڪ اڳ بدلي ٿي ويل ڪٽنب جي خالي ڪيل جھوپڙي الاٽ ڪئي ويئي. نوابشاھه کان شھدادپور اچڻ اسان ٻارن لاءِ ھڪ وڏي تفريح جو موقعو ھو. ڪجھه ڏينهن تائين شھدادپور ۽ آسپاس وارن علائقي ۾ گھمڻ جو خوب موقعو مليو. ان بعد نيٺ اسڪول جي ھيڊ ماستر مونکي طلب ڪري اسڪول ۾ داخل ڪيو. شھدادپور ۾ پڙھڻ لکڻ جو ھڪ تمام نئون ۽ سخت ماحول ھو. صبح کان منجھند تائين پرائمري اسڪول ۾ پڙھبو ھو. موڪل ملڻ بعد منجھند جي ماني کائي فورن پوءِ مسجد ۾ قائم ڪيل مدرسي ۾ حاضر ٿبو ھو. جتي قرآن شريف، ناظره ۽ ابتدائي فارسي جي تعليم ڏني ويندي ھئي. وچينءَ جي نماز تائين مدرسي ۾ موجود رھبو ھو ۽ پوءِ مس مس گھر وڃڻ جي موڪل ملندي ھئي. شھدادپور جو ھي سال ڏيڍ اسڪول ۽ مدرسي ۾ قيد ڪاٽڻو پيو. فقط جمعي جي ڏينهن نماز کان پوءِ اڌ ڏينهن موڪل ملندي ھئي. ھڪ ٻن ڪلاڪن جي اھا آزادي اسان کي وڏي نعمت سمجھڻ ۾ ايندي ھئي. نه ته اسڪول ۾ کوڙن ۽ حسابن جي غلطين تي مار ۽ مدرسي ۾ فارسيءَ جو سبق ياد نه ڪرڻ تي بي حساب موچڙا ملندا ھئا. اسان جو مولوي صاحب پڙھائڻ وقت ڪابه رعايت نه ڪندو ھو. قرآن ڪريم جو سبق روزانو انفرادي طور ٻڌي پوءِ اڳتي سبق ڏيندو ھو ۽ ان سان گڏ فارسيءَ جي پڙھائي، خاص ڪري فارسيءَ جا بيت روزانه بلند آواز ۾ خاص رڌم سان مولوي صاحب کي ٻڌائڻا پوندا ھئا. جنهن ۾ غلطيءَ جي ڪا گنجائش نه ھوندي ھئي. ان دوران جيڪڏھن ڪا ھڪ سٽ ”ڪريما“ جي وسري وئي ته پوءِ مار جا وسڪار ٿي ويندا ھئا. ان وقت ھيءُ مدرسو اسان ٻارن کي ھڪ قيد خانو لڳندو ھو. جنهن کي به روئي رڙي پيا منهن ڏيندا ھئاسين. جمعي واري موڪل جي دوران آئون بابي سان گڏجي اسان وارن مائٽن جي ٻنيءَ تي گاھه ڪرڻ ويندو ھوس. شھدادپور ۾ پھچڻ کان پوءِ اسان کي ھڪ مينهن ڌارڻ لاءِ ملي وئي ھئي. جنهن مان کير، مکڻ ۽ لسي خوب ملڻ لڳي. ان لاءِ گاھه ڪرڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو ھو. انهيءَ ساڳئي شھدادپور جي روڊ تي اھا ٻني ھئي. جتان شام جو گاھه جي ڀري کڻي، بابي سان گڏجي اچبو ھو. واٽ تي روڊ جي اترئين ڀر چنڙن جي ڳوٺ وٽ ھڪ گھاٽي ڪنڊي جو وڻ، جنهن جون لامون ھيٺ تائين پيون لڙڪنديون ھيون، جنهن کي ”ٿڳڙئي پير“ جو ڪنڊو“ چوندا ھئا. اھو منھنجي دلچسپي جو مرڪز بنجي ويندو ھو. ھن ڪنڊيءَ جي ٽارين ۾ سوين ھزارين ڪپڙي جو ليڙون ۽ اڳڙيون ٻڌيون پيون لڙڪنديون ھيون. اھي اڳڙيون ماڻھو ويچارا پنھنجي من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ سُکا طور ٻڌي ويندا ھئا. مونکي جڏھن اھا خبر پئي ته پوءِ ايندي ويندي ڪپڙي جو ليڙون ٿڳڙئي پير واري ڪنڊي ۾ ان مراد سان ٻڌندو ھوس ته ھاڻي ھتان کان به آزادي ملي وڃي. (تازو اڳئين ھفتي ھڪ شادي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ جھول کان موٽر سائيڪل رستي شھدادپور وڃڻ ٿيو. مون ڏٺو ته ٿڳڙئي پير جي ڪنڊي وارو وڻ ڪر کنيو بيٺو ھو. جيتوڻيڪ اھو وڻ ايترو سرسبز ۽ سايه دار نه رھيو ھو. نه ڪو ان جون ڪي ڊگھيون لامون پئي لڙڪيون، پر تنهن ھوندي به اھو اڳڙين، ٿڳڙين سان ڀريو پيو ھو. منھنجي دل چاھيو ته، آئون وڃي ٿڳڙئي پير جي ڪنڊيءَ ۾ ڪا نئين اڳڙي ٻڌي اچان. ڇو ته منھنجي ٻاروتڻ واري آزادي جيءَ سُکا اڃان تائين پوري ڪونه ٿي ھئي. شھدادپور ڪئمپ ۾ اسان جي آڪھه جي زندگي ۾ نوابشاھه کان وڌيڪ بھتري آئي. ھڪ ته مينهن ڌارڻ ڪري، کير، مکڻ ۽ لسي پنھنجي ٿي پئي ھئي ۽ کاڌي پيتي جو ٻيو سامان به ڳوٺان اچي ويندو ھو. ليڪن ھتي اسڪول ۽ مدرسي جي لاڳيتي حاضريءَ جو عمل ڏاڍو ٿڪائيندڙ ھوندو ھو. صبح جو اسڪول وڃبو ھو، منجھند جو جھڙي تهڙي ماني کائي، سڌو مسجد ۾ پڙھڻ وڃبو ھو. جتي زور زور سان ڪنڌ ڌوڻي، خاص سر سان ڪورس ۾ ” ڪريما به بخشائي برحال ما،ڪھ ھستم اسيري ڪمند ھوا.“ وارو نظم پڙھندا ھئاسين. مولوي صاحب به ماشا الله مار ڏيڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو مستعد ھوندو ھيو، جنهن جو ٿورو سبق ڪچو ٿيو پوءِ لٺين جو وسڪارو ۽ ڇورن جون ڇڙھيون ۽ رڙيون پيون لڳنديون ھيون. بھرحال مسجد سڳوريءَ جي ٻهاري سھاري ۽ فرش ڌوئڻ جو ڪم به ڪرڻو ھوندو ھو. ھاڻي اسان مان ڪجھه سينيئر طالبن اذان پڻ ڏيڻ شروع ڪئي ھئي.
جيئن مون اڳ به اھو لکيو آھي ته شھدادپور ڪئمپ ۾ اچڻ کان پوءِ قيد و بند جي صعوبتن جو جيڪو شديد احساس ۽ عذاب سر تي سوار ھوندو ھو، ھو ھتي اچي گھٽجي ويو. ڇاڪاڻ ته ھاڻي ڳوٺ ويجھو ھو ۽ مٽن مائٽن سان اسان جو ملڻ آسان ٿي ويو ھو. اسان جي والده کي سندس اڪيلي ڀاءُ مامي سُھيلي جي شاديءَ بابت تمام گھڻي اڻ تُڻ ھوندي ھئي. مامو سھيلو جيڪو پنجاھه، پنجونجاھه سالن جي عمر جو ھيو، ان جي شادي بابت امڙ کي ڳڻتي ان ڪري ھئي جو مامي کي پھرئين شادي مان جيڪو اڪيلي پٽ جو اولاد ھو، سو عين ڦوھه جوانيءَ ۾ مارشل لا وقت گذاري ويو. سندس گھر واري به فوت ٿي وئي. کيس فقط ٻه نياڻيون ھيون، جن مان وڏي نياڻي به فوت ٿي چڪي ھئي. تنهنڪري امڙ چاھيو پئي ته سندس موڀي ڀاءُ جي ٻي شادي ڪرائي ته جيئن وري پٽڙن جو پيءُ بنجي ته سندس اباڻي نک جو سلسلو جاري رھي. آخرڪار وڏي جدوجھد بعد، اسان جي مامي جي شادي جي مراد پوري ٿي ۽ ھاڻي امڙ سندس ڀاءُ جا پٽ ڏسڻ جي آس من ۾ رکندي، پيرن فقيرن جون باسون باسڻ لڳي.
انهيءَ درميان اسان جي ھڪ وڌيڪ درخواست جي نتيجي ۾ اسان جي آڪھه کي شھدادپور ڪئمپ مان بدلي ڪري، جھول واري ڪئمپ ۾ وڃڻ جي اجازت ملي. انهيءَ ڪري اسان لاءِ ته ڄڻ عيد ٿي پئي. ڇوته جھول جي ڪئمپ جھڙو ڪر اسان جي ڳوٺ جھڙي ٿي پئي. اسان جو اباڻو ڳوٺ گڻنگ اُتان کان ويجھڙو ھيو. ساڳئي وقت جھول شھر، جنهن ۾ منھنجو مامو رھندڙ ھو سو به گھر وانگي ھو. ان ڪري اسان جڏھن جھول جي ڪئمپ ۾ اچي لڏو لاٿو ته غلاميءَ جي زنجيرن جي جڪڙ جو احساس ويتر گھٽ محسوس ٿيڻ لڳو. ڪئمپ ۾ جھوپڙي ملڻ بعد ٽپڙ ٽاڙي سولا ڪري رکي، پوءِ ھڪ ڏينهن ابي امان سان گڏجي اسان وارو ڳوٺ گڻنگ گھمڻ وياسين. پنھنجي جنم ڀومي واري ڳوٺ کي ڏسڻ وارو پنڌ مون لاءِ نهايت خوشي وارو پنڌ ھيو. آئون سموري واٽ وڻ ٽڻ، ٻنيون ٻارا ڏسندو پئي ھليس ۽ امان مونکي انهيءَ رستي تان اھو ٻڌائيندي پئي ھلي ته ھي ٻني ڦلاڻي آڪھه وارا ڪاھيندا ھئا. ھي کٻڙ جو وڻ تمام پراڻو ۽ اسرارن ڀريل وڻ آھي وغيره وغيره. مون ڏٺو ته امڙ کي ان راھه تي ھلندي وڻن، ٽڻن، ڪنڊن ۽ ڪرڙن ۽ سڀني پيچرن بابت چڱي ڄاڻ ھئي. ۽ ان درميان جيڪي وڻ اتان غائب ھئا، ان بابت ٻڌائيندي ھئي. اھڙي طرح نيٺ اسين وڃي پنھنجي ڳوٺ گڻنگ پھتاسين. امان ان ڳوٺ جي اولھه پاسي ھڪ آباد زمين واري ھنڌ بيھي ھيڏانهن ھوڏانهن نهارڻ لڳي. بابي کان ڪجھه سوال پڇيائين، اسان وارو ڳوٺ ويران پٽ تي مشتمل ھو، اتي تمام ٿورا گھر ڏسڻ ۾ آيا.
مون ڏٺو ته ڳوٺ ڏانهن اچڻ وقت امان جي مک تي جيڪا اميدن ڀري خوشي ھئي، پنھنجي اباڻن پڊن کي ڏسڻ جي ۽ سندس قدمن ۾ اوڏانهن ھلڻ جي جيڪا بي تابي ھئي، سا ھاڻي جھڪي ٿي چڪي ھئي.
”ھتي اسان جو ٿلھو ٺھيل ھو، ھن پاسي گيدوڙي جو وڻ ھو ۽ ھتي جيڪا نم پوکيل ھئي. اھي سڀ الائجي ڪيڏانهن ويا؟“ پوءِ کيس ياد آيو ته 1942ع ۾ ھن ڳوٺ کي ملٽري وارن جيڪا باھه ڏني ھئي. جنهن ۾ سمورو ڳوٺ باھه جو بک ٿي ويو ھو. ھاڻي ان ھنڌ اھي گھر، اھي ڇپر، اھي ڇنا ۽ سرسبز وڻ ڳولڻ اجايا ھئا. اتي ته ڪاري وارا ڪک لڳا پيا ھئا. پوءِ امان کي ياد آيو اسان جي گھرن کي باھه لڳائڻ جو منظر.......” ابا ڳوٺ کي ملٽريءَ اچي گھيرو ڪيو، بندوقون تاڻي گھرن ۾ ڪاھي پيا. سڀني کي گھرن کان ٻاھر ڪڍي بيھاريائون ۽ پوءِ گھرن جي ڇپرن مٿان گاسليٽ ھاري تيلي ڏنائون ۽ باھه جا ڀڀڙ اٿي آسمان کي ڇھڻ لڳا. اسان جي اکين جي سامھون اسان جا گھر باھه جو بک ٿي ويا ۽ انگريز جا ڪارا سپاھي، اسان تي بندوقون تاڻيو بيٺا ھئا. ھن ٻڌايو ته مون جھٽ پائي سڙندڙ باھ مان اٽي سان ڀريل تس ۽ ھڪ چونري ڪڍي ورتي ته ھڪ سپاھي اچي اھي ٻئي شيون مون کان کسي واپس باھه جي ڀڀڙ ۾ اڇلائي ڇڏيون! ھڪ ويلي جو اٽو ڇڏڻ جي به رعايت نه ڪيائون!!
گڻنگ جو ڳوٺ جيئن ته حرتحريڪ جي مرڪز گڻنگ بنگلي جي ڀروارو وڏو ڳوٺ ھيو ۽ انگريز کي چغلن اھا رپورٽ ڏني ھئي ته ھن ڳوٺ ۾ حر ويڙھاڪ اچن ٿا ۽ ماني کائين ٿا. تنهن ڪري ھنن ھن ڳوٺ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. گڻنگ جو اھو وڏو ڳوٺ جيڪو ان وقت جلي ويران ٿيو ھو، سو 1950ع تائين به ائين ئي ويران لڳو پيو ھو. ڪجھه ڪنڊن جا باکڙ وڻ موجود ھئا، باقي منظر مڪمل طور ويرانيءَ جي ور چڙھيل ھو. واپسيءَ ويل امان ابي کي چوڻ لڳي ته ” ھاڻ گڻنگ پنھنجي رھڻ جھڙو ته نه رھيو آھي! پاڻ وٽ نه ته اھي مال آھن نه مينهون، نه ڪو ڏاند نه گاڏي......“
انهيءَ دوران بابو اسان جي مجيري وڏيري حبيب الله خان ڀنڀري سان به ملي آيو ھو. اسان جي زميندار حبيب خان به پنھنجي ڳوٺ مان مارشل لا دوران لڏي اچي جھول وسايو ھو. مجيري جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي پڊن تي ڀلي اچي آباد ٿيون. ۽ ساڳي ٻني به ھارپي تي ڀلي آباد ڪيون، پر ڳوٺ جي ويراني کي ڏسندي اسان اتي آباد ٿيڻ جو ارادو بدلائي ڇڏيو.
ان زماني ۾ جھول شھر منھنجي دلچسپين جو مرڪز بنجي چڪو ھو. آءُ اڪثر ڪري روزانه جھول جي ريلوي اسٽيشن تي وڃي ريل گاڏيءَ جو نظارو ڏسندو ھيس. نوابشاھه ۽ ميرپور خاص کان ايندڙ راجا واري ريل گاڏي جھول اسٽيشن تي الائجي ته ڪھڙين ولائتن کان مسافر آڻي ھتي لاھيندي ھئي. جيئن ئي گاڏي بيھندي ھئي ته ڀرپاسي وارن ڪارخانن جون مڪراني مزدور عورتون ٿانو کڻي، ريل جي انجڻ سان لڳل ٽانڪيءَ مان پيئڻ لاءِ پاڻي ڀرينديون ھيون. اسٽيشن جي اترئين پاسي ڪيترائي ٽانگا، ٽيڪسيون، ڍڳي گاڏيون ۽ گھوڙن جا وھٽ مسافرن کي کڻڻ ۽ پھچائڻ لاءِ ھتي موجود ھوندا ھئا. ريل جو نظارو ڏسڻ کان پوءِ آئون روزانه جھول شھر ۾ پنھنجي مامي جي گھر ويندو ھوس، جتان سج لٿي مھل وري واپس ڪئمپ ۾ ايندو ھوس.
جھول جي حر ڪئمپ ۾ جيڪي جماعت جا معزز فقير اسان سان گڏ قيد ھئا، انهن جي اڪثريت سکر ضلعي جي اوٻاوڙي، ميرپور ماٿيلي، پني عاقل ۽ ان پاسي جي ڳوٺن ۽ شھرن جي ھئي. اترادي فقيرن جي ڳالھائڻ جو نرالو نمونو . اتي مونکي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ آيو. اتر پاسي جا ھي فقير اڪثر ڪري روزي نماز جا پابند ھئا. روزانو ”ذڪر“ ڪرڻ سندن معمول ھوندو ھو. ھنن فقيرن ۾ ڪيترائي سگھڙ، شاعر ۽ اسان جي جماعتي راڳ جا ملوڪ ھئا. اسان جي گھر جي ڀرسان ”اٽل فقير“ جو گھر ھوندو ھو. اٽل فقير اڪثر ڪري سندس ڳوٺان آندل ڪتل (کجي) وڪرو ڪندو ھو. اسين ٻار آنو ٽڪو کنيو اٽل فقير وٽ بيٺا ھوندا ھئاسين. ڪتل تورڻ وقت فقير چرچو ڪندي کيس چوندا ھئا ” اٽل! ڪر اُٽل!“ يعني ته ڪتل توريندي ڪجھه سرس ڏي. اسان جي گھر جي ڀرسان، جانوري فقيرن جو ھڪ گھر آباد ھو. ڪل ٽي ڀاتي ھئا. ھڪ ننڍڙي نينگر، ٻه زال مڙس. اھو جانوري فقير به ڏاڍو دلچسپ ماڻھو ھو. ٻني جو ڪم ڪندي ڪندي اوچتو ڇا ڪيائين جو سندس گھر جي سامھون مٽيءَ جو ھڪ چلھو ٺاھڻ شروع ڪيائين. انهيءَ چلھي جي تعمير دوران اھو جانوري فقير ۽ سندس گھر واري ٻروچڪي ٻوليءَ ۾، جيڪا اسان کي سمجھه ۾ نه ايندي ھئي ان ۾ وڏي آواز سان جملن جي ڏي وٺ ڪندا ھئا. ٻئي روز جانوري فقير انهيءَ چلھي ۾ باھه ٻاري، ان جي مٿان گيھه سان ڀريل ڪڻاھي رکي، جڏھن ” جليبيون“ ترڻ شروع ڪيون، تڏھين اسان ٻارن جا اتي ميڙ لڳي ويا. گھران آنو، ٽڪو کڻي اچي جليبيون وٺندا ھئاسون. اسان پاڙيسري ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ فائدي واري ڳالھه اھا ھوندي ھئي ته شام جو بچيل جليبين مان (جيڪي الاھي بچي پونديون ھوس) اسان کي مفت ۾ ڍءُ ڪري کائڻ جيتريون جليبيون ملي وينديون ھيون. اھو جليبين ٺاھڻ جو عمل ھفتي کن لاءِ ھلندو ھو. آخر ڪار مايوس ٿي ھي فقير جليبيون ٺاھڻ بند ڪري وري مزدوري ڪرڻ لاءِ ھليو ويندو ھو. پر مستقل طور مايوس نه ٿيندو ھو. ٻه ٽي مھينا ترسي وري ساڳيو چلھو ٺاھي، ساڳيو عمل دھرائيندو ھو ته اسان لاءِ عيد ٿي پوندي ھئي.
اسان جي پاڙي ۾ خاصخيلي ذات جو ھڪ ڪٽنب رھندو ھو. ھي فقير ٿر جي صفا اندرئين علائقي جا رھندڙ ھئا. ۽ گھر ۾ ٿري يا ڍاٽڪي ٻولي ڳالھائيندا ھئا. سندن ھڪ ننڍڙي نياڻي ھوندي ھئي، جنهن کي شام ويل ماءُ چوندي ھئي ”اري جا جوت لي آ!“ اھا جوت معنى باھه يا ٽانڊو. اسين ڍاٽڪي ٻوليءَ جي ڳالھه ٻولھه تمام ڌيان سان ٻڌندا ھئاسون. وري ساڳيا جملا وڏي آواز ۾ دھرائيندا ھئاسون. اھو ڪم اسان ٻارن لاءِ وندر جو باعث بنبو ھو.
ھاڻي ائين پئي محسوس ٿيو ته اسان جي عذابن، مصيبتن، وڇوڙن ۽ جدائين جو طويل سفر شايد پنھنجي پڄاڻي تي پھچڻ وارو آھي. اسان کي اھو اندازو پنھنجي وڏن جي ڳالھه ٻولھه مان پئي ٿيو. ھنن ڏينهن ۾ اسان جي بزرگن جي گفتگو جو موضوع اڪثر ڪري پير صاحب جي گاديءَ جي بحاليءَ جو ھوندو ھو. اسين سڀ اسير ان ڳالھه جا مشتاق ھئاسون ته اسان جو مرشد جلد ولائت کان واپس اچي ۽ درگاھه شريف تي وري ذڪر جي گونج ٿئي. جماعت سڳوري جا ساڳيا اجتماع ٿين، مرشد ڪلنگي ۽ دستار پھري، اسان کي ديدار ڪرائي ته جيئن ھن دردناڪ قيد و بند جا سور ھڪ لحظي ۾ لھي وڃن. انهيءَ حساب تحت ھاڻي سنجھي ويل ۽ اسر وقت جماعت ۾ ”ذڪر“ وڏي آلاپ ۽ بلند آھنگ سان ٿيڻ لڳو. ”لا الھ الا الله “ جو آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو. ھن آواز ۾ ايڏو ته زور ھوندو ھو جو ڄڻ ته فقيرن ذڪر جي زور سان ھن قيد جا ڪڙا ڀڃڻ ٿي چاھيا. ھاڻي اسان ڏٺو ته فقيرن ھڪ ٻئي جون دعوتون جھلڻ شروع ڪيون. اڄ ھڪڙي گھر ۾ بزرگن جي دعوت آھي ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي فقير وٽ. انهن دعوتن دوران اسان جا بزرگ جيڪي به ڳالھيون ڪندا ھئا. اسين ٻار اھي سڀ وڏي ڌيان سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين. ھنن ڪچھرين ۾ اڪثر ھي جملا بار بار ورجايا ويندا ھئا. ”بابا! الله جا شڪرانا آھن ۽ مرشد جي دعا آھي. جو ھن ڪاري قيد جو ڏک ڏيندڙ سفر، جماعت سڳوريءَ جي ھمٿ ۽ صبر سان ڄاڻ ته اچي پورو ٿيو آھي. اسان ھي مصيبتن جو درياءُ، پنھنجي ايمان جي سلامتيءَ سان جھاڳي اچي پورو ڪيو آھي. فقير سائين! جھڙي ريت اسين پنھنجي مرشد جي محبت ۽ پنھنجي دين ايمان جي امانت کڻي آيا ھئاسين. اھا ساڳي، محبت ۽ امانت سلامت کڻي ھتان آزاد ٿينداسين. اھي انگريز جا ٿاڻا اتي ئي ٿڪون پيا جھليندا!!“ ھن زماني ۾ لوڙھن اندر سماع جون محفلون به وڌنديون ويون. سماع جي محفل جي دوران سگھڙ فقير جيڪي بيت جھونگاريندا ھئا، انهن ۾ اسان جي ايمان جي فتح و نصرت جو پيغام سمايل ھوندو ھو.
اسان جي ننڍڙي ڪٽنب ۾ ھاڻ، انهن ڳالھين تي گھڻو بحث ٿيندو ھو ته ھتان نڪري ڪٿي آباد ٿينداسون؟ منھنجي امڙ ان مسئلي بابت تمام گھڻي فڪرمند ھئي. کيس ان ڳالھه جو وڏو ويچار ھو ته اسان جو اباڻو ڳوٺ گڙنگ، ھاڻي اھو اڳيون آباد ڳوٺ نه رھيو ھيو. ھاڻي نه اتي ساڳيا وڻ ھئا، نه ئي ويڙھيچن جا ويڙھا. امان جي ڳالھه ٻولھه ۾ ھاڻي اسان جي وڇڙي ويل عزيزن قريبن جو ذڪر وڌيڪ ٿيڻ لڳو ھو. انهيءَ دوران ماھه محرم ۾ امان ھرتلي فقير واري قبرستان مان ٿي آئي ھئي. گھر اچڻ بعد ھن ھرھڪ عزيز جي قبر جي حالت ۽ ان عزيز سان وابسته ساروڻين جي بابت ڳالھيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. انهن عزيزن جي وڇوڙي جو داستان خاص ڪري انهن جي جدائيءَ جو حال، جيڪي اسان جي قيد و بند دوران اسان کان بنان موڪلائي وڇڙي ويا ھئا. مون محسوس پئي ڪيو ته امان اھو طويل غيرحاضري جو خال ڀرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. پنھنجي اباڻن پڍن کان جدائيءَ جو خال، پنھنجي ٻني ٻاري کان پري رھڻ جي وٿي. مطلب ته امان ھاڻي اھو پئي چاھيو ته قيد و بند جي خاتمي کان پھريائين سڀني مئن، جيئرن، ٻوٽن، وڻن، وٿاڻن، ويڙھيچن ۽ ٻنين ٻارن سان وري تعلق قائم ڪري، ھڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪري. ھن پنھنجي زمين کي اھو سنيھو پئي ڏيڻ چاھيو ته، ھاڻي وري نئين سر گڏجي زندگي گھارڻ جو ويلو اچي ويو آھي.
پوءِ ھڪ ڏينهن شام جو، قيدين جي حاضري بعد، سڄي لوڙھي ۾ اھو ھُل ھلي ويو ته سڀاڻي رات جو ٻارھين وڳي کان پوءِ جيل جو گھنڊ وڄندو ۽ پوءِ ھرڪو آزاد ھوندو!! پھريائين ته ماڻھن کي ان ڳالھه تي ويساھه ڪونه پئي آيو ته ڀلا ھڪدم ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي. متان اھو ڪوڙو افواھه ته ناھي! پر پوءِ ماڻھن کي يقين ٿي ويو ته اھو سچ آھي. ۽ واقعي ھاڻي آزاديءَ جي اھا سھائي گھڙي اچڻ واري آھي، جنهن لاءِ ھزارين انسانن جا روح پيا تڙپندا ھئا. جنهن لاءِ اسان ڏينهن رات آسمان ڏي نظرون کڻي پيا نهاريندا ھئاسين ته من غيب مان ڪو امام مھديءَ جھڙو مددگار اچي ۽ اسان کي آزادي ڏياري.
ھن خبر ٻڌڻ کان پوءِ قيد خاني جا مرد ۽ مايون، خوشيءَ مان ٻهڪندڙ چھرن سان ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ھنن سڀني جي مک تي فتح ۽ ڪامرانيءَ جي ھڪ فاخرانه مرڪ جي جھلڪ ڏسڻ وٽان ھئي. ھي سڀ ھزارين انسان جيڪي الائجي ڪيتري مدت کان ”آزاديءَ“ جي قدمن ۾ پنھنجي تمام پيارين شين جي ڀيٽا ڏيئي چڪا ھئا. سي ھاڻ ھن دين و دنيا جي ڀيٽا ۾ سرخرو ٿيڻ وارا ھئا. ھاڻ سندن وطن سان وفا وارو وچن پورو ٿي چڪو ھو.
انهيءَ آزادي واري رات ذڪر کان پوءِ ماڻھو ھڪ ٻئي کان جڏھن آخري موڪلاڻيون ڪري چڪا، تڏھن ھر ھڪ گھر جا ڀاتي جاڳي، انهيءَ آزادي جي جرس جو انتظار ڪرڻ لڳا. جنهن کي آخر ڪار اڄ رات ٻارھين وڳي وڄڻو ھو. آڌيءَ رات ويل جڏھن سڀ ڳالھيون کُٽي ويون، بھار رت جي ٿڌي ھوا گھلڻ لڳي، تڏھين اسان جا ڪن ان ساڳيءَ گھنٽيءَ جي آواز ٻڌڻ لاءِ اتاولا ٿيڻ لڳا. ھيءَ اھا ساڳي گھنٽي ھئي. جيڪا رات ڏينهن ھر ڪلاڪ بعد وڄندي رھندي ھئي ۽ اسان کي پنھنجي قيد جي طويل ۽ اڻ کٽندڙ وقت جو احساس وڌيڪ شدت سان ڏيندي رھندي آھي. جنهن سان اسان اڳي ته نفرت ڪندا ھئاسين پر اڄ اسان سڀني کي ان گھنٽيءَ جي مڌر آواز جو ڪيڏي نه بي تابيءَ سان انتظار پئي ڪيو!! ۽ نيٺ رات جي خاموشيءَ کي گھنٽيءَ جي تيز آوازن اچي ٽوڙيو. ھن وقت اھو وقت جو گھنڊ وڏي آواز سان طويل عرصي تائين ٽڻ ٽڻ ڪندو رھيو. ان وقت ماڻھو ” ڀيڄ پاڳاره“ جا نعرا ھڻي ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي والھانا انداز سان نچڻ لڳا. اھا آڌيءَ رات جي آزادي (Midnight Freedom)نيٺ اچي وئي!
ان کان پوءِ ترت ئي اسان ڏٺو ماڻھو پنهنجا ٽپڙ کڻي، قيد جي دروازي کان ٻاھر وڃڻ لڳا. اسان ڏٺو ته ھاڻي سنگينن سان سينگاريل بندوقن وارا سپاھي اتي موجود ڪونه ھئا. ماڻھو تيز تر قدمن سان ڪئمپ کان ٻاھر قطارن ۾ ھلندا ويا. انهن مان گھڻن جو رخ جھول جي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ھو. جتان ھن اڳ ان ساڳي راجا واري ريل ۾ قيد ٿي ھتي آيا ھئا. ۽ اڄ وري اھا ساڳي ريل، کين پنھنجي محبوبن سان ملائڻ لاءِ واپس وٺيو پئي وئي. اھڙيءَ ريت صبح تائين ھي بنديخانو نوي سيڪڙو خالي ٿي ويو. اھي سڀ جھوپڙيون خاموش ۽ خالي ٿي چڪيون ھيون، ھاڻي انهن پڃرن جا پکي آزاد ٿي اڏامي ٿي چڪا ھئا، پنھنجي نئين ماڳ ڏي.
جيئن ته اسان جو ڳوٺ اتي ئي ھو، تنهن ڪري اسان کي ڪا جلدي ڪونه ھئي. تنهنڪري آئون ان صبح جو تيز تيز قدمن سان ڊوڙندو سڌو ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويس، جتي فقيرن جا قافلا پنھنجي زالن ۽ ٻارن سميت پھچندا پئي ويا ۽ ريل جو انتظار ڪرڻ لڳا. جنهن کي ڏھين وڳي ڌاري اچڻو ھو. اسٽيشن تي آئون تڙ تڪڙ ۾ پنھنجي سنگتين ساٿين کان موڪلائڻ ويو ھوس. اتي منهنجا اسڪولي ساٿي ڪافي تعداد ۾ موجود ھئا. راند جا ساٿي به ھئا. اھي سڀ ٻار پنھنجي اڻ ڏٺل ڳوٺن ڏانهن پھچڻ لاءِ بي تاب ٿي نظر آيا. خاص ڪري ريل گاڏيءَ ۾ سواري ڪرڻ جي شوق ٻارن جي دلين ۾ ڇوليون پئي ھنيون. ۽ پوءِ ريل گاڏي ڇڪ ڇڪ ڪندي، ڪارا دونهان ڪڍندي اچي پھتي. ماڻھن پنهنجا مختصر سامان ريل گاڏيءَ ۾ رکيا. ۽ ريل گاڏي رواني ٿي ويئي....... اھا ساڳي ريل ھاڻي نئين منزل ڏانهن گامزن ھئي. حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي قول موجب؛

ھي ھنڌ ڀيڻيون ھاڻ، ساڙيان سڀ ڏيھين ريءَ
ڪُل شيءِ،يرجع اِلى اصله، ٿي جھڄان جھانگين ڪاڻ
ڀري پنھنجي ڀاڻ، پسان ملڪ ملير جو.

بھرحال پھرئين اپريل 1952ع جي ڏينهن اھا آزادي جي ديوي جنهن جي انتظار ۽ اڪير ۾ اسان ڪيترائي ڏينهن، ڪيتريون ئي اونداھيون راتيون. اميدن جا ڏيئا ٻاريندي ڪاٽيون ھيون، سا اوچتو ئي اوچتو سچ پچ ته اسان جي سامھون مرڪندي اچي بيٺي ھئي.
ڪئمپ مان آزاد ٿيڻ بعد اسان جھول شھر ۾ مامي سُھيلي جي گھر اچي ديرو دمايو. منھنجو سڳو مامون سُھيلو حر مارشلا دوران قيد ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. پوءِ اتان کان کيس نوابشاھه جي لوڙھي ۾ موڪليو ويو. جيئن ته مامو سُھيلو پڙھيل، لکيل ماڻھو ھو، تنهنڪري پنھنجي آزاديءَ لاءِ درخواستون لکندو پئي رھيو. جنهن جي نتيجي ۾ کيس آزاد ڪيو ويو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ اچي جھول شھر ۾ مقيم ٿيو. منھنجو وڏو ڀاءُ محمد عرس پڻ اتفاق سان قيد ٿيڻ کان بچي ويو ھو، ڇاڪاڻ جو ھو ان وقت جھول شھر ۾ سيٺين جون ڳئون چاريندو ھو ۽ ھندن جي گھرن جو پاڻي ڀريندو ھو.
جھول شھر ۾ ھن وقت جنهن جاءِ تي اسان جا گھر واقع آھن، ان وقت اتي خالي پڌر موجود ھو، جنهن بابت چيائون ٿي ته اتي ھندن جي ڳئن جو واڙو ھو. ۽ ھڪ ڪنڊ ۾ ڪنهن ڪنڀر جي آوي جا آثار پڻ موجود ھئا. اھو سمورو پڌر مال جي ڀاڻ ۽ ڪنڀر جي ڀڳل ٿانون جي ٺڪرن سان ڀريل ھو.
ان جاءِ تي وساڻن، شنهڙن ۽ بھڻن جي آڪھن اچي ڪئمپ قائم ڪئي. ھي سڀ ماڻھو پنھنجي اصلي ڳوٺن ، ماڳن مڪانن جي ڳولا ۾ ناڪام ٿي، مايوسي جي حالت ۾ ھتي اچي گڏ ٿيا ھئا. ڇاڪاڻ جو سندن اصلي ڳوٺ انگريز جلائي برباد ڪري چڪا ھئا. ھاڻي انهن ھنڌن تي اھي ڳوٺ ۽ ويڙھا، سندن عزيز ۽ آڪھيون موجود ڪونه ھيون. تنهن ڪري ھي سڀ ويچارا ھتي اچي ڪٺا ٿيا ھئا.
شروع وارن ڪجھه ڏينهن تائين اھي سڀ پنھنجي لاءِ اجھا اڏڻ خاطر ڪاٺيون، ڪک، ڪانا جمع ڪرڻ ۾ جنبي ويا ته جيئن سِر لڪائڻ لاءِ ڪا جھوپڙي جوڙي سگھن. انهيءَ ڪم لاءِ ڏينهن جو اڏاوت جي سامان تلاش ڪرڻ لاءِ ٽڙي پکڙي ويندا ھئا. پوءِ شام جو ڪٿان ڪاڃڻ ته ڪٿان ڪايو، ڪٿان سرن جو ھڪ ٻه گَڏو ھٿ ڪري ايندا ھئا. اھڙي ريت ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنھنجي لاءِ جھوپڙيون جوڙي ٿانيڪا ٿي ويٺا. ھنن سڀني ماڻھن جي رات جو جڏھن ڪچھري مچندي ھئي، تڏھن سندن گفتگو جو موضوع سندن اباڻن ڳوٺن، پاڙي ۾ وسندڙ ماڻھن ۽ سندن ٻنين ٻارن بابت ھوندو ھو. ھو ھڪ ٻئي کي ور ور ڏيئي ٻڌائيندا ھئا ته ھاڻي پوئتي انهن ماڳن تي ڪجھه به موجود ڪونه ھو. ھو نالا وٺي ٻڌائيندا ھئا ته، سندن وڳر مان قفس جي قيد ۾ ڪھڙا ڪھڙا پيارا ڀاتي وڇڙي ويا آھن ۽ اڄ اھي ساڻن گڏ ھن واھيري تي ڪونه آھن، ھتي جتي سندن ڳوٺ آباد ھئا. ھاڻي اتي ڦٽل ۽ برباد پڊن کان سواءِ ڪجھه باقي ڪونه بچيو ھو. مون محسوس ڪيو ته ھنن جي دل ۾ جيڪا آزادي جي آس ھئي ۽ پنھنجي ڳوٺن ۾ آباد ٿيڻ جي جيڪا تمنا ھئي، واپس وڃي سندن کيتن کي آباد ڪرڻ جي جيڪا چاھت ھئي، سندن ان آس کي وڏو صدمو پھتو ھو. ھو سڀ جو سڀ ڏينهن جو ڳڀي جي ڳولا ۾ ھليا ويندا ھئا. پر رات جو وري ساڳيو ماضي جي مزارن وارو مامرو سندن زبان تي ھوندو ھو. ۽ ساڳيا دل دکائيندڙ داستان دھرايا ويندا ھئا. مون اھو به ڏٺو ته شروع وارن ڏينهن ۾ سندن چھرن تي جيڪا آزادي ملڻ واري مرڪ ھئي، اھا غائب ٿيندي پئي ويئي، کين اھو ڏک ورايو بيٺو ھو ته ھو ڪنهن جي ڳوٺ ۾ وڃي پناھه وٺن؟ ھتي جھول شھر ۾ مون اھو پڻ ڏٺو ته ھندو ڀائي بندن جي گھرن، دوڪانن ۽ ماڙين ۾ ھندستان مان ھجرت ڪري آيل، پناھگير ماڻھو براجمان ھئا ۽ پنھنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ مصروف ھئا. پر اسان واري ھنن نو آزاد ماڻھن وٽ نه ڪو ڌنڌو ھو، نه ڪو ٻڄ، نه ھر ڦار، نه ڪو ھلٽ، جو ڪنهن وٽ وڃي ھارپي تي ڪو ٻني ٻارو آباد ڪن. اسان جي ھنن ماڻھن کي آسپاس جي ماڻھن کان بيگانگي واري ھلت بابت پڻ شڪايت ھئي. کين ڪوبه دوڪاندار اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه ھو. ڇاڪاڻ جو ھنن دوڪاندارن حرن کي خطرناڪ ماڻھو ٿي سمجھيو. کين سندن اوڌر موٽي ملڻ بابت پڪ ڪونه ھئي. ماڻھن جي اھڙي حالت کي محسوس ڪندي، اسان جا ماڻھو پنھنجي پاڻ کي نڌڻڪو محسوس ڪرڻ پئي لڳا. اھڙي مايوسي واري وايو منڊل ۾ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ھمراھن پنهنجا ھوش سنڀاليا ۽ حوصلا قائم ڪيا. سڀني کان پھرئين مامون ھوت چاڪي خبر ناھي ته ڪٿان کان ھڪ عدد ڏاند ڪاھي آيو ۽ ان سان گڏ تيل پيڙڻ جي گھاڻي جو سمورو ساز و سامان به کڻي آيو. ھن الله توھار ڪري جھول جي ڦٽل بازار ۾ سيٺ مختيار واري دوڪان جي اوڀر پاسي ھڪ ڊٺل دوڪان جي جاءِ تي ڇپر اڏي، گھاڻي جا ڪاٺ زمين ۾ کوڙي، تيل پيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو. مون ڏٺو ته سندس دوڪان تي چھچٽو لڳي ويو. سڄو ڏينهن تيل پيڙائڻ وارا ۽ سرنهن جي نج تيل وٺڻ وارا ماڻھو پيا ايندا ھئا. ان واقعي مان اسان جي ٻين ماڻھن کي پڻ حوصلو مليو ۽ ڪوشش ڪري ڪٿي نه ڪٿي پورھيي سان لڳي ويا.
جيئن ته منھنجو وڏو ڀاءُ ان وقت ھر ھاري ھو، وٽس ڍڳن جو ڀلوڙ جوڙو، ڍڳي گاڏي ۽ ٻيو ھرڦار وارو ھلٽ موجود ھو، تنهن ڪري منھنجو والد صاحب به، ھن سان ٻنيءَ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. جيئن ته اسان پنھنجي مامي جي گھر ۾ پئي رھياسين، تنهنڪري نئين گھر اڏڻ لاءِ مکيءَ مان ڪيترائي سَرن جا گَڏا ۽ لئي جي وڻ جا ڪايا ۽ ڪاٺيون گڏ ڪري رکيوسين ته جيئن واندڪائي ۾ گھر اڏي سگھجي. منھنجي لاءِ آزادي جي شروعات تمام گھڻي خوشگوار ھئي، ھڪ ته روزانه اسڪول وڃڻ کان آزادي ملي ويئي ھئي، جتي روزانه ڪجھه قدر مار جو ڊوز ملندو رھندو ھو. جيئن ته مون پنھنجو ھوش ڪئمپن ۾ سنڀاليو ھو ۽ اتي ساڳيا ماڻھو ساڳيون جھوپڙيون، ساڳيان سنگينن وارا سپاھي ۽ پھريدار ڏسندو رھيو ھوس. ھاڻي منھنجي دل چاھيو پئي ته جھول جا ماڻھو ۽ مڪان جانچي ڏسان ته ڪيئن ٿا لڳن!
انهيءَ زماني ۾ مونکي ھڪ ڊيڪلي ھٿ اچي وئي ھئي. جيڪا ھر وقت ڊوڙائيندو رھندو ھوس. سو مون انهيءَ ڊيڪلي پويان شھر جي مختلف گھٽين ۾ ڊوڙڻ شروع ڪيو. ان وقت جھول شھر ايڏو وڏو ڪونه ھو. شھر ۾ آئون سڀ کان وڌيڪ سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙي کان متاثر ٿيس، ڇوته اھا ماڙي شھر جي سڀني عمارتن کان اوچي ٺھيل ھئي. ان جي ڀرسان سيٺ لکو مل جي ماڙي، جيڪو ھڪ تمام وڏو گھر ھو. اسان جو مجيري وڏيرو حبيب الله خان ڀنڀرو جنهن ماڙي ۾ رھندڙ ھو اھا به لڏي ويل ھندو ڀائي بندن جي ملڪيت ھئي. شھر ۾ گھڻي قدر دوڪان ته سادا سودا ھئا، ڪيترا دوڪان ڊٺل پُٺل ھئا. شھر جي وچ تي جامع مسجد جھول جي ننڍي مگر خوبصورت عمارت مونکي ڏاڍي وڻندي ھئي. ساڳي مسجد جي پيش امام حاجي محمد صالح شر جي نوراني شڪل مونکي تمام گھڻو متاثر ڪيو. ھي بزرگ مسجد ۾ نماز پڙھائڻ کان پوءِ پنھنجي ريزڪي دوڪان تي ويھڻ سان گڏ اتي به ننڍڙن ٻارن کي پاڙھيندو رھندو ھو.
اسان جي مجيري وڏيري حبيب الله خان جي گھر واري دروازي وٽ، جتي منھنجو روز وڃڻ ٿيندو ھو، ھڪ مندر موجود ھيو. جنهن جي دروازي تي تالو لڳو پيو ھو، منھنجي دل چاھيندي ھئي ته، ان مندر ۾ جھاتي پائي ڏسان ته ڀلا ڀڳوان ڇا پيو سوچي يا ڇا پيو ڪري؟ پر افسوس ھڪ ته مندر کي مستقل تالو لڳل ھيو، ٻيو ان ۾ مڪمل خاموشي ڇانيل ھئي. شايد اھو ڀڳوان به ھتان کان ھجرت ڪري، ڀائي بندن سان ھند ڏي ھليو ويو ھو ۽ اتان کان وري موٽ ۾ ايندڙ ماڻھن جو يزدان ھجرت ڪري ھتي آيو ھو.
ھا ھتي ھڪڙي جاءِ اھڙي به ھئي، جنهن جي ماڙي واري مُھاڙي مونکي ڏاڍي وڻندي ھئي. اڄ ڪلھه جنهن ھنڌ کي انصاري چوڪ چيو ٿو وڃي، اتي بيھي ڏکڻ طرف ڏسبو ھو ته ان ماڙي جي بلند مھاڙي جي بلڪل وچ تي ھڪ خوبصورت گلابي رنگ جو بت جيڪو بانسري وڄائي رھيو ھو، ۽ ان جي ٻنهي پاسي سھڻا مور نهايت ڌيان سان شايد ڪرشن ڪنهيي جي بانسري ٻڌي رھيا ھئا. آئون ايندي ويندي ان بانسري واري فنڪار کي ڏسندو ھوس ۽ سھڻن مورن تي نگاھه وجھندو ھوس. پوءِ ڪجھه عرصي بعد ان جاءِ جي مھاجر مڪينن کي احساس ٿيو ته ھاڻي اھا جاءِ ڀڳوان ڪرشن جي ناھي رھي، تڏھن ھنن ڇا ڪيو جو پھريائين اھا مورت اتان گم ڪري ڇڏيائون ۽ پوءِ آخر ڪار مور به گم ٿي ويا. مونکي ماڻھن جا چھرا، مھرا ۽ لباس به جاچي ڏسڻ جو شوق ھوندو ھو، اھو پڻ شايد ان ڪري جو قيد بند ۾ ساڳيا ماڻھو، ساڳيا لباس، ۽ ساڳيا مھانڊا ڏسندو رھيو ھيس. پر مون ھاڻي شھر جي محلن ۾ وڃي، ڀانت ڀانت جا ماڻھو ڏسڻ پئي چاھيا ته مايون، مرد ۽ ٻار ڪھڙي قسم جا آھن؟ اسان واري پاڙي جي اوڀر پاسي جيڪي مڪين ھيا، تن جي ماين کي ڪاري رنگ جا ڊگھا چولا ۽ گھاگھرا پھريل ھئا. اڪثر ماين جو قد ڊگھو ۽ مھانڊا موھيندڙ ھئا. ھاڻي جڏھن انهن جي اولاد اھو لباس پھرڻ ڇڏي ڏنو آھي ته انهن جي شڪلين خواھه لباس ۾ اھا ڪلاسيڪل ڪشش ڪونه رھي آھي. ٻئي پاسي ھڪ محلي ۾ سوڙھن پاجامن وارا ماڻھو، Yellow Turban عجيب و غريب شڪيلن وارا لڳندا ھئا. ھي ڀيلواڙي راجستان جا ماڻھو ھئا، جيڪي ھاڻي تمام ماڊرن ٿي پيا آھن. شروع شروع ۾ ھنن ماڻھن جي ٻولي به گھٽ سمجھه ۾ ايندي ھئي. ڊگھي قد جا گھاگھرا پھريل عورتون ۽ پھراڻ گوڏ وارا ”کرل“ ذات جا ماڻھو فيروزپوري پنجابي ڳالھائيندا ھئا.
جھول شھر جي ھن ساڳئي مين روڊ جي اتر پاسي ان وقت ڪوبه دوڪان يا آبادي ڪونه ھئي. ڏکڻ طرف ڪجھه حصي تي شھر ۽ بازار ھئي، اتر طرف روڊ سان لاڳيتو باغ پوکيل ھيو. سيٺ لکومل جو ھي باغ پھرئين دفعي گھمڻ سان مونکي ڏاڍو سھڻو لڳو. ڇوته ھن کان اڳ مون باغ بستان ڪونه ڏٺا ھئا. روڊ سان لاڳيتو پوکيل باغ ۽ باغ جي اتر کان روڊ جي پوروڇوٽ ۾ وھندڙ واٽر ڪورس. اھو باغ ۽ اھو واٽر جھول جي ماڻھن لاءِ آرام ۽ آسيس جا ھنڌ ھئا. باغ ۾ گلاب ۽ موتئي جا تمام گھڻا گل ٻوٽا بھاري لايو بيٺا ھوندا ھئا. ڪن قطارن ۾ زنگي گل ۽ باغ جي اولھه ۾ واٽر جي ڪنارن سان ڪيلي جا ٻوٽا ساوڪ بخشيو بيٺا ھوندا ھئا. ڪٿي ڪٿي خفتي تاش جي راند ۾ مصروف ھوندا ھئا. مطلب ته رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ھن باغ جي اڀرندي طرف واري حصي ۾ زيتونن ۽ توتن جا وڻ لڳل ھئا. توت جا وڻ بھار جي مند ۾ نئين سر گونچ ڪڍي ڦٽندا ھئا. اھي ساوا چھچ وڻ، ماڻھو ڇيڻو، پکي پکڻ لاءِ راحت جو سبب ۽ سامان ھئا. جھول شھر ۾ ھن مين روڊ تي ھن وقت جتي ڪيريا خاندان جي ڊگھي عمارت آھي، شروع ۾ اھو ھنڌ بلڪل خالي ھو ۽ خيري واھه جو اتي ڀڏو ھو. شھر جي شاھي بازار جو اھو مھاڙي وارو ھنڌ به ان وقت تائين خالي پڌر ھو. جامع مسجد جھول جي اترئين طرف ھڪ شاھي پپر جو وڻ ھو، جنهن جون تمام ڊگھيون ۽ پکڙيل ٽاريون ۽ ڏار پري پري تائين ڇانو ڪري بيٺا ھوندا ھئا. ھن پپر کان اتر پاسي نمن جا ٻه ٽي وڏا وڻ ھوندا ھئا. جنهن ڪري پپر ۽ نمن جي درميان ھڪ وسيع ڇانو وارو ميدان ٺھي پيو ھو، جتي ھر وقت مسافر آرام پيا ڪندا ھئا. پپر ھيٺيان به سارو ڏينهن ڪچھريون قائم لڳيون پيون ھونديون ھيون. شھدادپور ۽ سانگھڙ کان ايندڙ لاري ۽ ٽانگي وارا ھتي اچي بيھندا ھئا. سامھون لارين جو اسٽينڊ ھو، ان ڪري ھتي رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ھن وسيع ميدان ۾ شھر جا ڇوڪرا بلورن ۽ لاٽن سان رانديون ڪندا ھئا ۽ ساڳئي وقت ماڻھو پپر جي ڇانو ۾ ويٺا ھوندا ھئا.
ھڪ ڀيري مون ڏٺو ته ھڪ ڪاري کٿي پھريل فقير اتي ويٺل ماڻھن سان اچي ڪچھري ڪئي، ماڻھن کي وڏي آواز ۾ بيت چئي ٻڌايائين. جيڪي سندس ئي جوڙيل ھئا. فقير جي بيان ۽ ڪلام ۾ جيڪا رواني ھئي، ان کان آئون ان وقت به ڏاڍو متاثر ٿيس. ھو ڳالھائيندو ويندو ھو ۽ قافيھ ۽ رديف ملائيندو ڪلام ٺاھيندو ويندو ھو. ھلندي ڦرندي ماڻھن کان نالا پڇندو ويندو، مثال طور ”ابا! نالو ڇا اٿئي؟“ ”سائين! راڻو“ پوءِ فقير شروع ٿي ويندو ھو. ” ابا! نالو اٿئي راڻو، متان ڪرين ماڻو“ اھڙي طرح بيت جوڙي وڃي پار پوندو ھو. ھيءُ فقير جڏھن به جھول شھر ۾ وارد ٿيندو ھو ته آئون ان جا ٻول ٻڌڻ لاءِ ان جي پويان ھلندو ھوس. ان فقير ھڪ ڏينهن حسبِ معمول بيت ٻڌائڻ کان پوءِ چيو ته ”بابا! ھن جھول شھر جو چڱو مڙس ڪير؟“ ڪنهن چيو ته رئيس ڦلاڻو، ڪنهن چيو ته مير صاحب، ڪنهن ڪنهن جو نالو ورتو ته ڪنهن ڪھڙو پر فقير نه مڃيو. چيائين ته ” بابا! ھن جھول شھر جو چڱو مڙس آھي، ھي پپر جو وڻ! جنهن جي ڇانوَ ۾ ھندو، مسلمان، امير، غريب، ٻار ۽ وڏا سڀ امن آرام سان ويٺا آھن. بابا! ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو چڱو مڙس ھوندو ڇا؟ جھول شھر جو چڱو مڙس ھي پپر جو وڻ آھي.“
اھي ڏاھپ ڀريا بيت ۽ نقطا ٻڌائڻ وارو ماڻھو، ھن تر جو مشھور سگھڙ بچايو فقير رند ھو. جيڪو جتي به چاھيندو ھو، ڪچھري قائم ٿي ويندي ھئي. سندس ھر ھڪ بيت ھڪڙي وراڻيءَ تي پورو ٿيندو ھو ” بخش گناھه بچائي جا، تون سيد جي صدقي!“
جھول شھر ۾ مون ڏٺو ته اسڪول ھندن جي خالي ڪيل ھڪ پيڍي نما عمارت ۾ قائم ٿيل ھو. جنهن جي رستي سان ٺھيل کليل ورانڊي ۾ ٻار گوڙ شور سان پڙھڻ ۾ مصروف ھئا. مون ڏٺو ته اتي ھڪ ڊگھي ڪاري اڇي ڏاڙھي واري عجيب ڀير سان گيڙو رنگ جو پٽڪو پھريل ۽ عينڪ پاتل استاد حڪم پئي ھلايو. ھن استاد جي شخصيت مونکي ڏاڍي دلچسپ ۽ نرالي لڳي. پر جيئن ته مونکي اسڪول ۾ پڙھڻ جو ھاڻي ڪوبه ارادو ڪونه ھو. ڇاڪاڻ ته مونکي جھول شھر ۽ آسپاس کي ڏسڻ، پرکڻ جو شوق کنيو بيٺو ھو. بس گھران ماني کائي، ڊيڪلي کڻي، ان کي جھول جي گلين ۾ ڊوڙائيندو رھندو ھوس. جھول شھر جي اندرئين پاڙي ۾ ھڪ ماڙي ڏاڍي دلچسپ ھئي. اھاننڍڙي ماڙي، جنهن جون گئلريون ڪاٺ جي ھنر سان سينگاريل ھيون، ان جي ھيٺين منزل جي درين تي ڪاٺ مان ٺھيل ڀولڙن جا بت لڳل ھئا. اھي بت ڏاڍا مزيدار لڳندا ھئا. انهن بتن ۾ ڀولڙيون پنھنجي ٻچڙن کي ببا ڌارائيندي ٺھيل ڏيکاريل ھيون. ھن ماڙي جي مٿئين گئلرين سامھون پڻ ساڳيا ڀولڙن جا بت جوڙيل ھئا.ھن خالي ماڙي کي ڏسندي عجيب ويراني ۽ خوف گاڏڙ احساس اڀريو ٿي. مون ڏٺو ته اھا ماڙي آخر تائين مڪينن کان خالي رھي ۽ آخر ڊھي وئي. پر ان ۾ ڪوبه آباد ٿيڻ جي ھمت ساري نه سگھيو.
جھول شھر جي سرسري سروي ڪرڻ کان پوءِ مون جھول جي ڪاٽن فيڪٽري ڏانهن رخ رکيو. اسان جڏھن نوابشاھه ڪئمپ ۾ قيد ھئاسون. تڏھن بابو ڦٽين جي ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندو ھو. ان ڪري اھو ڪارخانو منھنجو ڏٺل وائٺل پئي لڳو. ان جي ڏکڻ اوڀر واري ڪنڊ تي پوسٽ آفيس قائم ٿيل ھئي، جنهن ۾ ھڪ بابو صاحب ٽيليفون تي ھلو ھلو ڪندو رھندو ھو، يا ٽيلي گراف مشين تي ٽڪ ٽڪ ڪندو رھندو ھو ۽ پوسٽ مئن صاحب خطن تي زور زور سان ٺپا پيو ھڻندو ھو. اھا ڳالھه منھنجي لاءِ نئين ھئي.
پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو ھنڌ مونکي وڻندو ھو، سو اھا ھئي جھول جي ريلوي اسٽيشن. ھتي شايد ٻه دفعا گاڏيون نوابشاھه، ميرپورخاص کان اينديون وينديون ھيون، آئون تصور ۾ سوچيندو ھوس ته اھي ڇڪ ڇڪ ڪندڙ ۽ دونهان ڪڍندڙ ريل گاڏيون، آخر ڪار ڪٿي وڃي ڇيھه ڪنديون ھونديون. اھو سارو ملڪ يا ڏيھه ڪھڙو ھوندو. اتي جا ماڻھو ڪھڙي شڪل ۽ لباس جا ھوندا، منھنجي دل ۾ ھميشھ ھڪ اجھل خواھش اھا به ھئي ته، ڪڏھن ان گاڏيءَ تي چڙھي وڃي ڏسجي ته آخر ڪيستائين ٿي وڃي ڇيھه ڪري! آئون روزانه ڊيڪلي ڊوڙائي ڏينهن ۾ ٻه دفعا وڃي ريلوي اسٽيشن تي بيھندو ھوس. ان زماني ۾ جھول ريلوي اسٽيشن ھر وقت ماڻھن جي اچ وڃ سان آباد ھوندي ھئي. اسٽيشن جي اتر طرف مسافرن کي کڻي اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ موجود ٽيڪسيون، ٽانگا، بيل گاڏيون، سنجيل گھوڙا موجود ھوندا ھئا. شھدادپور سانگھڙ ۽ ٻين ھنڌن کان ماڻھو اچي ريل مان لھندا ھئا. ۽ ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ انتظار ڪندا ھئا ۽ ڪيترا سنجيل وھٽ، ٽانگا ۽ گاڏيون، ايندڙ مسافرن کي کڻڻ لاءِ بيٺل ھوندا ھئا. ھن سموري چھچٽي ۾ منھنجي دلچسپي جو سامان ڀانت ڀانت جا ماڻھو ۽ سندن چھرا مھرا، ۽ لباس ڏسڻ ھوندو ھو. آئون ريل اچڻ وقت به ايندڙ ويندڙ مسافرن کي جاچي ڏسندو ھوس. ريل گاڏي ۾ ويٺل ماڻھو به منھنجي دلچسپي جو مرڪز ھوندا ھئا. عورتن وارا گاڏا، ان ۾ ويٺل عورتون، سندن لباس، سندن زيور، سندن شڪل شباھت نهايت غور سان ڏسندو ھوس. مونکي اھڙي انساني مشاھدي تي تمام گھڻي خوشي ٿيندي ھئي. آئون جڏھن ان ڳالھه تي اڄ سوچيان ٿو ته ان جو سبب اھو ٿو لڳي ته، ھوش سنڀالڻ کان وٺي اٺن سالن جي عمر تائين، مسلسل ھڪ محدود جاءِ ۾ قيد رھڻ کان پوءِ مون ھن ڌرتي ۽ ان جي ماڻھن کي ڏسڻ، سڃاڻڻ ۽ پرکڻ ٿي چاھيو. اھوئي سبب ھو جو ڀانت ڀانت جا ماڻھو، قسمين قسمين لباس پھريل ماڻھو، نرالين نکٽن ۽ صورتن وارا ماڻھو ڏسڻ جو شوق منھنجي دل ۾ ڀريو پيو ھو. ريل گاڏيون اينديون ھيون ۽ ريل گاڏيون ڪوڪون ڪنديون، ڇڪ ڇڪ جا آواز پيدا ڪنديون ھليون وينديون ھيون. آئون اھو منظر ڏسي ڏاڍو خوش ٿي، ڊيڪلي ڊوڙائي گھر ڀيڙو اچي ٿيندو ھوس، ۽ ٻئي ڏينهن وري وڃڻ جو پڪو ارادو دل ۾ موجود ھوندو ھو.
ھڪ دفعي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ کان پوءِ مون خيال ڪيو ته وڃي ڪئمپ کي ڏسي اچان، ڇو ته ريلوي اسٽيشن وٽان ڪئمپ جا اوچا مورچا نظر ايندا ھئا. آئون جڏھن ڊيڪلي ڊوڙائيندو، ڪئمپ جي وڏي در وٽ ويس ته اتي ڪوبه سنگينن وارو سپاھي موجود ڪونه ھو. جڏھن ڪئمپ اندر داخل ٿيس ته مڪمل ويرانيءَ جو واسو ھو. مون ھڪ دفعو جيڪو اھا ويراني ڏٺي، ان جو منظر اڄ تائين به ياد اٿم. ڇاڪاڻ جو سڀ جا سڀ گھر خالي، ڪوبه انساني آواز نه، ان کي محسوس ڪندي يڪدم ٻاھر ڀڄي آيس ۽ وري ڪڏھن به اوڏانهن گھمڻ ڪونه ويس.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي مائٽن چيو ته ”ھاڻي وڃي اسڪول ۾ پڙھه!“ پر مون ٺڙ ٺپ جواب ڏنو ته ”اسڪول ۾ پڙھڻ ڪونه ويندس.“
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مون ڏٺو ته اسان وٽ ٻه عدد مينهون الاءِ ڪٿان کان پھچي ويون. ھي ڦرن واريون، تازيون سُئا مينهون منھنجي لاءِ دلچسپي جو مرڪز بنجي پيون. امان ٻڌايو ته اسان جو اھي ڏھه ٻارھن مينهون مارشل لا دوران ڪاھي ويا ھئا. انهن مان ھي ٻه موٽي مليون آھن. ٿوري وقت ۾ مينهن لاءِ منهن ۽ آھورا ٺھي ويا. ٻه مينهون مامي جون اڳي ئي ھيون، ھاڻي اسان وٽ چار مينهون ٿي پيون.
انهيءَ دوران ھڪ ڏينهن بابي پڇيو ته ڀلا پڙھڻ نه ٿو وڃين ته پوءِ مينهون چارڻ وڃ! اھو ٻڌي مون يڪدم ھا کڻي ڪئي. فيصلو ٿيو ته ٻئي ڏينهن صبح سان آئون پنھنجي چئن مينهن کي جھنگ ۾ پھرائي چارڻ ويندس. منھنجي جھنگ کان اڻ واقفيت کي محسوس ڪندي، اھو فيصلو ڪيو ويو ته آئون اسان جي مجيري، وڏيري حبيب الله ڀنڀري جي مال جي ڌراڙ سان گڏ (جيڪو منھنجو ھم عمر ۽ مائٽ ھو) وڃي مال چاريندس. ڌنار بنجڻ لاءِ تياري طور ھڪ لٺ ڏني وئي ۽ ھڪ ننڍڙو پٽڪو پڻ ٻڌرايو ويو.
اھڙي طرح صبح جو چڙن جي چونگار ۾ آئون ڌراڙ بنجي مال پھرائي، گڻنگ وارو ڪچو رستو وٺي روانو ٿيس. پھريائين ڪجھه ڏينهن منھنجي دل ۾ جھنگلي جانورن جو خوف ھوندو ھو ته متان اوچتو جھنگ جي جھڳٽي مان ڪو بگھڙ نڪري حملو نه ڪري. ٻين ڌراڙن کان جدا ٿي پري وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندو ھوس. ان زماني ۾ جھول جي آسپاس خاص ڪري اتر، اُلھندي ۽ اڀرندي پاسي چڱا موچارا جھنگ ھوندا ھئا. ڪرڙ، ڪنڊيءَ جا جھنگ ان زماني ۾ تمام وسيع ايراضيءَ ۾ ھئا. اھي سڀ زمينون جھنگ سان آباد ھيون. ان ڪري مال چارڻ وارن ماڻھن جي موج ھئي. مال چارڻ دوران پھرئين ڪجھه ڏينهن تائين آئون پري کان پنھنجين ۽ پراين مينهن جي پرک ڪري نه سگھندو ھيس. تنهن ڪري منھنجو مائٽ ڌراڙ مونکي چوندو ھيو ته ”اھا پريان تنھنجي مينهن ڀيل ڪرڻ لاءِ پئي وڃي! ڊوڙ وڃي ورائي اچ، نه ته ٻنيءَ وارو ھاري مار ڪڍندئي!“ پوءِ آئون ڀڄندو ڀڄندو وڃي مينهن جي ويجھو پھچندو ھوس. تڏھن خبر پوندي ھئي ته، اھا ته مون واري مينهن ڪونه ھئي. ڪافي ڏينهن کان پوءِ مونکي پنھنجي، پرائي مينهن سڃاڻڻ جي تميز ٿي. پوءِ درجي به درجي آئون مينهن جي نالن ۽ قسمن بابت سکندو ويس. چال مينهون، ڪنڍيون مينهون، ماڻڪين اکين واريون ڀِلون ڀٽاريون ۽ ٻيا قسم.
مينهن چارڻ دوران منهن جي لاءِ جھنگ ۾ سڀئي وڻ ٻوٽا ھڪ دلچسپيءَ وارو سامان ھئا. ٻاروتڻ ۾ تمام گھٽ وڻ ٻوٽا ڏسڻ جو موقعو مليو ھو. پر ھاڻي وڻن ۽ ٻوٽن جي وسيع ميدان ۾ پئي گھميس. ان لاءِ سڀني وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن جي ڄاڻ حاصل ڪيم. گڻنگ ڏانهن ويندي رستي وٽ 11 دم واري موريءَ کان سَر اڀرندي پاسي ميراڻي زماني جي واھه جو ڀڏو ڄاڱرين ٻيرين جي وڻن سان ڇانيل ھوندو ھو. اتي مال پھچڻ بعد اسين بي فڪر ٿي پيا ھلندا ھئاسين. ڄاڱرين ٻيرين جا کٽا مٺا ٻير اسان لاءِ وڏي لذيذ ميوي آچار ھوندا ھئا. اھڙي طرح پڪن جي مند ۾ سمورا ڪرڙ انهيءَ گلابي فروٽ سان ڀرجي ويندا ھئا. اھي پڪا کائڻ ۾ ڏاڍا مٺا ۽ لذيذ لڳندا ھئا. ڪي ڪي اڻ ڄاڻ ماڻھو پڪا گھڻي تعداد ۾ ٻج سوڌو کائي ويندا ھئا. پوءِ اڪثر ماڻھن جا لنڊ ٻَجھي پوندا ھئا.
پھرئين ڏينهن جڏھن آئون سج لٿي مھل مينهون چاري گھر پھتس ته سڄو جسم ٿڪاوٽ کان چور ھو. بنان کاڌي کائڻ جي کٽ تي سمھي رھيس ۽ وڃي صبح جو جاڳ ٿي. وري پٽڪي ٻڌي، لٺ کڻي مال سان روانو ٿي ويس. ڇو ته ان ۾ ڪوتاھي ڪرڻ جي ھرگز اجازت نه ھئي. ائين آئون اٽڪل ٻه سال کن مينهن جو ميھار رھيس. انهي دوران مونکي وڻن ٽڻن، پکين ۽ جانورن جو ڏاڍو مزيدار مشاھدو ٿيو. ھاڻي منھنجي من مان جھنگ ۽ جانورن جو خوف ختم ٿي ويو. ۽ آئون پاڻ کي ان جو حصو سمجھڻ لڳس.
جھول جي ڪئمپ جتي قائم ھئي، ان جي اترئين پاسي غير آباد ڪرڙن جو جھنگ ۽ اڇي اجري زمين جو پوٺو ھوندو ھو. شام جو اسان اتان کان مال ڪاھي ڳوٺ ڏي موٽندا ھئاسين، ان وقت آئون ڪرڙ جون قلم جھڙيون ڪاٺيون ڳولي، ان سنئين سڌي اڇي پوٺي تي ويھي، الف ب جا وڏا اکر ۽ پنھنجي ڌنار دوستن جا نالا لکندو ھوس. مون ڏٺو ته اڃا مونکي سھڻا اکر لکڻ جي چاھت آھي.
برسات جي زماني ۾ اھي ڪنڊي ۽ ڪرڙن سان ڇانيل جھنگ ڏاڍا خوبصورت ٿي پوندا ھئا. قسمين قسمين گاھه گلزاري ڪندا ھئا. انهيءَ زمين تي ھڪڙو ننڍڙو گاھه اڀرندو ھو، جنهن کي ”ڌاڃورو“ چوندا ھئاسين. ان ننڍڙي ڪَل جھڙي گاھه جي پاڙ کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. ان جي پاڙ ۾ ھڪ اھڙي خوشبو ھوندي ھئي. جيڪا اڄ تائين مونکي ياد آھي. اھا مٽيءَ جي عطر جي خوشبوءَ جھڙي ھوندي ھئي. ھاڻي ڪلر، مصنوعي ڀاڻ، پيسٽيسائيڊ جي ماريل زمينن مٿان نه ته اھڙو ڪو خوشبو دار گاھه ٿو اڀري، نه ڪو سانوڻ جي برسات جا تازا ڇنڊا پوڻ وقت ھن مئل مٽيءَ مان ڪا خوشبو ٿي اچي!!
ھنن مينهن ڀٽارين کي چاريندي، مون ڏٺو ته گھر ۾ امان جي مصروفيت ڏاڍي وڌي وئي ھئي. ھن ھڪ مٽيءَ جو ٿلھو ٺھرائي، اتي مينهن جو کير ولوڙڻ جو ”نهرو“ اچي کوڙيو. ڪاٺيءَ جو اھو نهرو ڏاڍو نرالو ھو. ان جي مٿان ڪيتريون ئي ٽاريون ھيون، جن کي ڪپي صرف انگھا ڇڏيا ويا ھئا. جن مٿان چنئوريون، ٽڀا ۽ ٻيا الاھي ٿانو ٽنگيا پيا ھوندا ھئا. امان صبح جو سوير اٿي کير جو ولوڙو شروع ڪندي ھئي. انهيءَ دوران گھر جا ڀاتي ٻين ڪمن ۾ مصروف ٿيندا ھئا. اسان وٽ کير ڏيندڙ سوئائون، ڀليون مينهون ھونديون ھيون. انهن جي کير ولوڙڻ وقت جھو جھو ماٽيءَ وارو بيت ياد اچي ويندو ھو. اسان ٻارن کي صبح جي وقت مکڻ ماني کائڻ سان ڏاڍي دلچسپي ھوندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن مکڻ ماني ملندي ھئي. ۽ اڪثر ڪري مکڻ ۽ ڳڙ سان پچيل (پڪل) ماني جنهن کي ”بُسري“ يا ”ڳڙھاري“ چوندا ھئا، اھا به ملندي ھئي، وڏي لذيذ چيز ھئي.
کير ولوڙڻ جي وقت مون ڏٺو ته، امان ڪنهن بني بشر کي ويجھو اچڻ ڪونه ڏيندي ھئي. کيس خوف ھو ته، جيڪڏھن ٻئي مکڻ جي چاڻي ڏسي ورتي ته نظري ڇڏيندو ۽ پوءِ ايترو مکڻ ڪونه لھندو. ان ڪري آئون ڪوشش ڪندو ھوس ته مکڻ جي چاڻي ٺھڻ وقت وڃي امان جي ڀر جھلي بيھان. ائين ڪرڻ وقت امان دڙڪا ڏيئي پري ڀڄائي ڇڏيندي ھئي. اسان محسوس ڪيو ته قيد و بند جي ڏڪار ۽ بکن کان پوءِ ھاڻي اسان وٽ جھڙوڪر سڪار ۽ سکن جو وقت اچي ويو آھي. ھر چنڊ جي يارھين تاريخ امام بادشاھه پير جي يارھين طور کير ورھائي ڇڏيندي ھئي. ۽ ان رات کيرڻي به تيار ٿيندي ھئي. مون محسوس ڪيو ته، امان کير ولوڙڻ، مکڻ گڏ ڪرڻ، مکڻ مان گيھه تيار ڪرڻ جي عمل ۾ ڪيتري نه قابل ھئي. ھوءَ کير ولوڙڻ وقت گھر تي پنھنجي بادشاھي سمجھندي ھئي. سامھون بندر تي ڀلاريون ڀٽاريون مينهون ۽ ڀلوڙ ڏاند ٻڌل ھئا. سڀ اھل ۽ اولاد خوش ھئا. وڏي ڳالھه ته امان جي موڀي ڀاءُ سُھيلي کي سندس ٻي شاديءَ مان پٽ جو اولاد به پيدا ٿيو ھو. جيڪا امان جي ديرينه خواھش ۽ خواب ھئو. ھن خواب جي پورائي ٿيڻ ڪري امان ڏاڍي خوش ۽ مسرور ھئي. پاڻ کيرن، پٽن واري، مال ڌڻ واري ٿي پئي ھئي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي خوشحالي ٿي پئي سگھي. ھن سال جڏھن سانوڻ جي مند آئي، مينهن وسيا ته مون ڏٺو، امان ساڳي قيد و بند واري رسم موجب مينهن وسندو ڏسي روئيندي ھئي. پر ھن سانوڻ ۾ امان ڪونه رني، سندس اڱڻ تي چال ۽ چوڙ ڪنڍيون مينهون، سندس ڀاڪر ۾ سندس ٻچا ۽ ڀائر سڀ موجود ۽ خوش ھئا!

وري علم جي تلاش ۾

ھاڻي جڏھين مينهون چاريندي، وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، گاھه گلزار، پُسيون ۽ پڪا، موسمون، سرديون، گرميون، سانوڻيءَ جون برساتون، ھاري ۽ سندن ھر، فصل ۽ ڦٽيون، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجھر، ھلر ھلھي ملھي، اناج جا انبار، بادشاھه پير جون بٽايون، اھي سڀ مشاھدي ھيٺ اچي چڪا ته پوءِ وري خيال ٿيو ته ھاڻي وري واپس علم جو دڳ وٺجي. انهيءَ زماني ۾ بدقسمتي سان اسان جي جھوپڙين ۾ اچي باھه لڳي، جيڪي ڪک ڪانا گڏ ڪري مس مس وڃي جوڙيون ھيوسين. اھي گھرن ۾ پيل مختصر سامان سميت باھه جو بک بنجي ويون. اسان لاءِ اھو حادثو ھڪ وڏو صدمو ھيو، پر شڪر آھي جو اسان جون مينهون ۽ مال بچي ويو. اسان عارضي طور وڃي مامي سُھيلي جي گھر ۾ پناھه ورتي ۽ ٻئي طرف وري ڪک ڪانا ۽ ڪايا گڏ ڪري جھوپڙيون جوڙڻ شروع ڪيوسين.
آئون حسبِ معمول صبح جو مينهون ڇوڙي، پھرين وڏيري حبيب الله جي اوطاق تي ويندو ھوس، جتان مجيرين جي مال سان گڏجي ديھه 11-دم ڏانهن مال ڪاھي وڃبو ھو. روزانه انهيءَ انصاري چوڪ واري گھٽيءَ مان گذرندي، سامھون اسڪول ۾ ٻارن کي پنهنجا سبق زور زور سان پڙھندي ٻُڌندو ويندو ھئس. ھيءُ اسڪول ھندن جي خالي ڪيل ھڪ وڏي ڀانڊي ۾ ھلندڙ ھو. انهيءَ اسڪول ۾ ھڪ دراز ريش، گيڙو پڳ ٻڌل استاد ٻارن کي پاڙھيندي ڏسندو ھئس. اھو صوفي منش استاد روزانه منھنجي ڌيان جو مرڪز بڻجندو پئي ويو، پوءِ دل ۾ خيال جاڳيو ته ڇونه انهيءَ صوفي صفت استاد وٽ وڃي علم پرائڻ خاطر حاضر ٿجي. نيٺ ھڪ ڏينهن شام جي وقت جڏھين مال ڪاھي گھر موٽيس، سج لٿي ماني کائيندي، مون پنھنجي والد صاحب کي چيو ” بابا! ھاڻي آئون مينهون ڪونه چاريندس، ھاڻي آئون اسڪول وڃي پڙھندس!“
منھنجي ان اعلان کي بابا سائين بلڪل قبول ڪندي چيو ته ” بابا! جيڪا تنھنجي مرضي تون ڀلي اسڪول وڃي پڙھه!“
سو ھڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ آئون پاڻ ان اسڪول ڏانهن ھليو ويس، جنهن جو روز مشاھدو ڪندو ھيس. انهيءَ مھربان صورت استاد جو وڃي سلام ڪيم. عرض ڪيومانس ته آئون حرن واري ڪئمپ جي اسڪول ۾ چوٿون درجو سنڌي پڙھندو ھيس، ڪجھه سال مال جو ڌراڙ ٿيس، ھاڻي وري پڙھڻ جو شوق ٿيو اٿم، ان لاءِ حاضر ٿيو آھيان. استاد سائين چيو ته ” بابا! انهيءَ اسڪول جو سرٽيفڪيٽ کڻي اچ ته توکي اسڪول ۾ داخل ڪيون!“
واپس گھر اچي امان کي سرٽيفڪيٽ ڳولڻ لاءِ چيم. ھن مامي جي گھر جي ڀتين جي جارن ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن اھو ڪاغذ ڳوليو، پر ڪونه لڌو. واپس وڃي استاد سان ڳالھه ڪيم. چيائين ته ” بابا! ھاڻي ھيئن ٿا ڪريون، جو آئون تنھنجو امتحان ٿو وٺان، پوءِ جھڙي درجي جو لائق ھوندي ان ۾ توکي ويھاريندس!“
پوءِ انهيءَ مھربان سائين سليٽ تي مونکان ”صورت خطي“ لکرائي ان کي چيڪ ڪيو، ڪجھه بيت پڙھڻ لاءِ چيائين ۽ آخر ۾ ٻه سليٽي حساب ڪرڻ لاءِ ڏنائين، جيڪي ٻئي مونکان حل نه ٿيا. پوءِ سائينءَ چيو ته ” بابا! سڀاڻي کان تون اچي، ھن ٽئين ڪلاس جي شاگردن سان گڏجي پڙھائي شروع ڪر!“
اھو محترم ۽ مھربان سائين، سومر خان لغاري صاحب ھيو، جيڪو ڳوٺ جعفر خان لغاري جو رھواسي ھيو. بھرحال ٻئي ڏينهن آئون ھٿ منهن ڌوئي، ڏندڻ پاڻي ڪري، سليٽ پين کڻي وڃي اسڪول ۾ ويٺس، جتي ٿورن ڏينهن پڄاڻان اسڪول جي سڀني ٻارن سان شناسائي ٿي وئي. ٿورن ڏينهن اندر کوڙا، ونڊ ۽ ضرب جا حساب سڀ وري ذھن ۾ اڀري ياد ٿي پيا ۽ سائينءَ کي ٻڌايم ته اھي حساب ھاڻي آئون حل ڪري سگھان ٿو. استاد امتحان ورتو ۽ پوءِ مونکي چوٿين ڪلاس ۾ ويھڻ جي اجازت ڏنائين. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ امان کي منھنجو سرٽيفڪيٽ به جاري ۾ رکيل ڪپڙي ۾ ويڙھيل ملي ويو ۽ اھو مون وڃي استاد جي حوالي ڪيو. ان بعد اسڪول ۾ منھنجي باقاعده داخلا ٿي ۽ پڙھائيءَ جو ڪم شروع ٿي ويو. سائين سومر خان لغاري جي شبيھه جو آئون اڄ به تصور ڪريان ٿو ته مونکي گرونانڪ جي شڪل واري بزرگ جي تصوير ذھن ۾ اڀري ٿي. ھي صوفي منش استاد منھنجي واپس پڙھڻ لاءِ اتساھه جو سبب بنيو. سائين اھڙو ته پيارو استاد بلڪه ”گرو“ ھو، جيڪو ٻالڪن تي ھميشھ مھربان رھندو ھئو. ھن وٽ ٻارن لاءِ ” پيار جي سنوار“ وارو فلسفو ھئو.
اسان جو اسڪول ھندو لوڪن جي خالي ڪيل ھڪ وسيع ڀانڊي ۽ رستي سان قائم ورانڊي ۾ قائم ھيو. ان جي ديوارن تي ڪنهن خوشخط استاد حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جا قلمي اکرن ۾ بيت لکي ديوارن سان چنبڙائي رکيا ھئا. مونکي اھي بيت ڏسندي ياد ٿي ويا. انهن بيتن ۾ ھڪ بيت تمام وڏن اکرن ۾ آئون روزانو پڙھي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس، اھو بيت ” وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سجھن نيلا“ جي سٽ سان شروع ٿيندو ھو. آئون اھو سوچيندو ھئس ته اھي نيلا نانگ ڪھڙا ھئا، جيڪي ويچاري سسئي جو رستو روڪيو بيٺا ھئا! ھتي حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو ذڪر نڪتو آھي ته حضرت شاھه عبداللطيف جي رسالي جو ھڪ نسخو (مرزا قليچ بيگ وارو) منھنجي مامي وٽ موجود ھوندو ھئو. آئون ان رسالي مان بيت پڙھڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس ۽ ٽئين درجي ۾ پھچڻ تائين ڪچي ڦڪي انداز ۾ شاھه صاحب جو سمورو رسالو پڙھي ڇڏيو ھئم. منھنجو مامو سُھيلو بھڻ پڙھيل لکيل ماڻھو ھو. مونکي ياد آھي ته جھول شھر جا اڪثر ماڻھو وٽس ان ڪم لاءِ ايندا ھئا ته کين آفيسرن ڏانهن درخواستون لکي ڏئي. مامي سُھيلي جا اکر تمام سھڻا ۽ لکڻي صاف سٿري ھوندي ھئي، ان کي ڏسي مونکي سھڻا اکر لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. ان زماني ۾ درجي چوٿين، پنجين ۽ ستين تائين ھڪ عجيب و غريب مضمون (Subject) ھوندو ھو ” ليٽر پڙھڻ“ ان لاءِ استاد ڇا ڪندا ھئا، جو مٿئين ڪلاسن جي شاگردن کي اسڪول جو وزيٽرس بوڪ ڏئي، ان مان وزٽ نوٽ پڙھڻ لاءِ چوندا ھئا. مقصد اھو ھو ته شاگرد مختلف ماڻھن طرفان لکيل ھٿ اکر رواني سان پڙھي سگھي. انهن اکرن ۾ ڪن صاحبن جي اڌ اکري انداز ۾ به تحريرون ڏسي پڙھڻيون ھونديون ھيون. ھڪ دفعي استاد اسان کي وزيٽرس بوڪ ڏنو، جنهن ۾ عبدالڪريم سنديلي نالي صاحب جا وزٽ نوٽ پڙھڻا ھئا. سنديلي صاحب جا اکر تمام پرڪشش، سھڻا جھڙوڪر موتين جا داڻا، ڏسي مون ڪوشش ڪئي ته آئون به ان طرح ۽ اسٽائيل ۾ اکر لکان. ان زماني ۾ اھا چوڻي مشھور ھئي ته ”سھڻا اکر اڌ علم آھن.“ اسان جي اسڪول ۾ اڪثر ڪري صورتخطي جانچڻ وقت استاد شاگردن جي سھڻن اکرن لاءِ لفظ ”شاباس“ لکندا ھئا. ان ڪري شاگردن ۾ اکرن جي سھڻائيءَ لاءِ وڌيڪ شوق جاڳندو ھو. اسان جي اسڪول ۾ گنگو نالي ھڪ ميگھواڙ ڇھين، ستين ڪلاس ۾ پڙھندو ھو، ان جا اکر تمام سھڻا ۽ بلڪل عبدالڪريم سنديلي جي صاحب جي تحرير وانگر ھئا. ھي گنگو ميگھواڙ عجب قسم جو ماڻھو ھو. جنهن وقت اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙھندو ھيو، سندس خرچ پکو مير الھه بخش خان ٽالپر جي طرفان ملندو ھو. اڪثر ڪري مير صاحبن جا لاٿل وڳا وڏي شان سان پھري اسڪول ۾ ايندو ھو. ھي ميگھواڙ فيملي اصل ۾ ڳوٺ ” اڀپور“ جي رھاڪو ھئي. ھنن جا وڏا چمڙي جي ڪم جا وڏا ڪاريگر ھئا، وقت جي اميرن لاءِ چاندي مڙھيل جتيون ٺاھڻ ۽ گھوڙن جي سنجن تي چانديءَ جو ڪم سندن مشھوري ۽ شاھوڪاريءَ جو باعث ھئو. سندن عورتون ڀرت ڀرڻ جون ڪاريگر ھيون. ھاڻي ته اھي سڀ ھنر ۽ فن ماضيءَ جو قصو بنجي ويا آھن. اسان وارو اسڪول فيلو گنگو ميگھواڙ سنڌي فائنل امتحان ۾ ويٺو، خبر نه آھي ته ڪھڙي سبب امتحان ۾ ناپاس ٿي پيو. ان بعد سندس ذھني حالت عجيب غريب ٿي وئي. سفيد پٽڪو ٻڌندو ھو ۽ وڏي لنبي ڏاڙھي ڇڏي ڏنائين ۽ مڇون ڪوڙيل. مزي واري ڳالھه اھا ته مسلمانن سان اسڪول ۾ پڙھڻ دوران کيس قرآن شريف جون ڪافي صورتون برزبان ياد ھونديون ھيون، بلڪل عالم فاضل لڳندو ھو. کيس مسلمانن کان اھا شڪايت ھئي ته کانئس وياج تي ڏوڪڙ وٺي واپس ڪونه ڪندا ھئا. ڪچي ٻول ۽ وياج تي ڏوڪڙ ڏيڻ ڪري وٽس چڱي خاصي رقم موجود ھوندي ھئي. ڪڏھين ڪڏھين ڇا ڪندو ھئو، جو ملڪ جي ڪنهن ڏورانهين ھنڌ وڃي فقراءَ بنجي زڪوات، خيرات وٺندو ھئو. ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي ته لاڙ جي پاسي پنھنجي پاڻ کي سيد سڏائي، خير خيرات جو ڌنڌو ڪري رھيو ھو ۽ پنھنجو نالو سيد علي ڏنو شاھه ڪوٺايائين. شڪ ۾ پوليس کيس گرفتار ڪيو ۽ جڏھن جھول وارن کي خبر پئي، تڏھين مون سائين علي ڏني شاھه قلندر بخاري کي چيو ته ” يار! گنگو، تنھنجي نالي تي خيراتون پيو وٺي!“ سائين چيو ته ”يار گنگوءَ جو اڀپور وارن جي مٿان الاھي قرض رھيل آھي، ڳوٺاڻي ھجڻ ڪري جيڪڏھن منھنجو نالو اختيار ڪري خيرات ورتي اٿس ته معاف اٿس!“
جھول شھر جي مين روڊ جي اتر ۾ ھڪ ھائوسنگ ڪالونيءَ ۾ گنگوءَ ھڪ پلاٽ خريد ڪيو. ان پلاٽ تي جھول شھر جي ھڪ سياستدان ۽ مدرسي جي ھڪ مھتمم قبضو ڪيو. گنگو گھڻو ئي گوڙ ڪيو، مختلف ماڻھن جي درن تي وڃي دانهن ڏنائين، نيٺ پئنچن چيس ته ”ويھه ته فيصلو ٿا ڪريون!“ فيصلي ۾ کيس چيائون ته ” چڱو ھاڻي توکي پلاٽ جا ڏھه ھزار ٿا ڏيون!“ اھو فيصلو ٻڌي گنگو چيو ته ”آئون اوھان سڀني کي سڃاڻان! منھنجو حق کائڻ لاءِ سڀ متفق آھيو! مون اوھان جي تاريخ پڙھي آھي، اوھان وحشي ماڻھو آھيو، اوھان کان انصاف ڪونه ملندو. منھنجو پلاٽ اوھان ڦٻائي چڪا آھيو، ھاڻي مونکي اھي ڏھه ھزار ڪونه ٿا کپن!!“

سنڌي اسڪول ۾ پڙھڻ سان گڏ انگريزي ٻولي پڙھڻ

سنڌي اسڪول ۾ پڙھڻ سان گڏ انگريزي ٻولي پڙھڻ

چوٿين ڪلاس دوران جھول شھر ۾ انگريزي پاڙھڻ جو اسڪول کليو، جنهن اي پي ڪلاس (Anglo Primary Class) چوندا ھئا. انهيءَ اي پي ڪلاس ۾ ھڪ عدد انگلش ٽيچر ھوندو ھئو. جھول ۾ اھو اسڪول ڍورن واري ڍڪ ۾ موجود ھڪ ڪمري ۾ کوليو ويو. ڀرسان ڍڪ منشيءَ جي آفيس ۽ ان سان متصل جانورن جو واڙو، جنهن ۾ ھڪ شيڊ ٺھيل ھو. ڍڪ يعني ”جانورن جو جيل“ ان جو مضبوط لوھي شيخن وارو دروازو. انگريزي پڙھڻ سان گڏ اھو ڍڪ ٻارن جي دلچسپيءَ جو مرڪز ھوندو ھئو. ڪڏھين ڪڏھين انهيءَ ڍڪ ۾ پاڻيءَ جي واھن جا داروغا، ڌراڙن جو مال ڪاھي اچي ڍڪ ۾ ھڻندا ھئا ۽ ڪڏھين ائين به ٿيندو ھئو جو ڍل ڏيڻ ۾ ناڪام زميندارن جا ڍور ڍڳا تپيدار ڪاھي اچي ڍڪ ۾ واڙيندا ھئا. ان زماني ۾ ڍل نه پيارڻ ڪري زميندارن جا نه رڳو ڍور ڍڳا واڙيا ويندا ھئا پر ڪڏھن ڪنهن قرضي ۽ کٽل زميندار جي کٽارو جيپ به تپيدار پڪڙي ڍڪ ۾ واڙي ڇڏيندا ھئا. انهيءَ موقعي تي واھن جي پٽڙين سان کنئونس ڪندڙ، پنھنجو مال ڍڪ مان ڇڏائڻ لاءِ ڍڪ منشي سان بحث مباحثو، منٿ ميڙ ڪري ڏنڊ جي رقم گھٽ ڪرائي مال آزاد ڪرائي ويندا ھئا.
ائنگلو پرائمري اسڪول جي جيئن ته پڙھائي فقط ھڪ سبجيڪٽ يعني انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيندي هئي، تنهن ڪري تعليم جا ٻيا مضمون پڙھڻ لاءِ ڪلاس چوٿين، پنجين، ڇھين ۽ ستين جي پڙھائي صبح جي شفٽ اندر پرائمري اسڪول ۾ ٿيندي ھئي. ھڪ وڳي ڌاري موڪل ٿيڻ بعد گھر ۾ ٻه ڪلاڪ آرام ڪرڻ کان پوءِ انگريزيءَ جا ڪتاب کڻي ڍڪ ۾ قائم ٿيل اسڪول ۾ شام جو ساڍي چئين وڳي تائين وڃڻو پوندو ھو.
شروع ۾ اسان جو نگلش ٽيچر عبدالرحيم خانزادي نالي مقرر ٿيو. ھي سائين سرھاڙي جي پاسي جو رھاڪو ھو. سنڌي ٻولي به چڱي خاصي ڳالھائيندو ھو. سندس خوبي اھا ھئي ته تمام نرم طبيعت انسان ھو. ڪڏھن به ڪاوڙ ڪونه ڪيائين، ھاڻي شروعات ٿي وڏي اي بي سي (A B C) سان ان بعد ننڍي a b c، آخر ۾ گلن واري اي بي سي. ٽن ليڪن واري نوٽ بوڪ تي لکڻ جي مشق ڪرڻي ھوندي ھئي. لکڻ لاءِ مس واري پين ممنوع ھئي. او “O” نب واري اسٽيل سان اکر لکڻا پوندا ھئا. اسان جي ھر ڊيسڪ تي ٻن شاگردن جي سيٽ جي سامھون مس ڪپڙيون به فٽ ٿيل ھونديون ھيون. ان زماني ۾ نيري رنگ واري مس جون ھڪ آني ۾ ٽي چار ٽڪيون ملي وينديون ھيون، جن مان زبردست قسم جي نيري رنگ جي مس جُڙي پوندي ھئي. جيئن ته مونکي سنڌي صورتخطي ۽ خوشخطيءَ جو شوق ھوندو ھو. استادن جي رھنمائي سان ڪانهن مان قلم تراش ڪرڻ ۽ ميٽ لڳل پٽيءَ تي قلمي اکر لکڻ جي ڪافي قدر مشق ڪيل ھئي، ان ڪري انگريزي اکرن ۾ به ھڪ توازن ۽ خوبصورتيءَ جو ھنر حاصل ٿي ويو. يعني ته انگريزي جي تحرير ۽ ڊڪٽيشن (Dictation) تي استادن کان شاباس ملندي ھئي. ساڳئي وقت ۾ انگريزي زبان جي تحرير ۾ Spelling جو اوکو ڪم جيڪو اڪثر شاگردن لاءِ شروع ۾ ڏکيو ٿيندو آھي، اھو ھنر به منھنجي حافظي ۾ محفوظ ٿيندو ويو. ياد رھي ته انگريزي جو اچارڻ (Spelling system) عجيب و غريب ۽ ڪنهن ھڪ اصول ۾ ڪونه ٿو اچي، جنهن تي عبور حاصل ڪرڻ شروع ۾ ٿورو مشڪل ضرور لڳندو آھي. ھاڻي ڇا ٿيو جو انگريزيءَ جو پھريو درجو (Standard) پاس ڪري ٻئي درجي ۾ آياسين، انگريزي لکڻ ۽ پڙھڻ جي مھارت چڱي خاصي حاصل ٿيندي وئي، مگر ٻولي جي ھڪ مھارت يعني ڳالھائڻ (Speaking) جو چاڙھو ڪونه ھو. اھا ان زماني جي تدريس ۾ خامي يا ڪوتاھي ھئي. اسان فقط رٽيل سوالن جا جواب ڳالھائي سگھندا ھئاسون، مگر رواني سان انگريزي ڳالھائڻ جي سکيا ڪونه ٿيندي ھئي.
سائين عبدالرحيم خانزادي کان پوءِ اٽڪل ٻن مھينن لاءِ ھڪ باريش بزرگ جيڪو پھريان ريلوي ۾ اسٽيشن ماسٽر ھو، اھو ڪنهن سبب جي ڪري اھا نوڪري ڇڏي، اسان وٽ استاد ٿي آيو. سندس انگريزي جي تحرير تمام خوبصورت ھوندي ھئي. اھو بزرگ فقط ٻه مھينا اسان وٽ رھيو. ان بعد رحيم بخش لغاري استاد بنجي آيو. سائين رحيم بخش لغاري ھالا سعيد آباد جي پاسي جو رھاڪو ھو. اسين ھاڻي انگريزي ٽئين درجي ۾ اچي وياسين.
ھوڏانهن ٻئي پاسي سنڌي زبان جي تعليم ڇھين، ستين درجي ۾ پھچڻ واري ھئي، ان وقت پرائمري تعليم جو نصاب تمام وسيع ھوندو ھئو، ڪلاس پنجين کان ستين تائين انگي حساب (Arithmetic)، جاميٽري، برصغير جي تاريخ، چندر گپت کان لارڊ مائونٽ بيٽن تائين ۽ دنيا جي جاگرافي سان گڏ ھڪ ٻيو مصيبت ڀريو مضمون ” ڏيھي حساب“ ھوندو ھئو، جيڪو اڪثر مسلمان شاگردن کي سمجھه ۾ ڪونه ايندو ھئو. اھو ان ڪري جو ڏيھي حساب اسان جي ديسي وڻج واپار ۽ ڏيھي بئنڪنگ جي مضمونن تي مشتمل ھوندو ھئو. نِرو وياج (Simple interest) گڏيل وياج (Compound Interest) جا سوال، اناجن جي تور ماپ، اگھه پاڙ معلوم ڪرڻ، روپيا، آنا، پئسا ۽ پاين جو حساب لڳائڻ، مسلمانن جي مغز ۾ اچڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو. پوءِ ان سان گڏ ھنڊي، پائنٽ، پرپائنٽ جا مقصد به عقل ۾ ڪونه ٿي ويٺا. اھا ھنڊي وغيره شڪارپور جي بئنڪنگ جي اصولن تي مشتمل سبجيڪٽ ھوندو ھئو. تنهنڪري ڇا ٿيندو ھيو ته فائنل جي امتحان ۾ اڪثر مسلمان شاگرد ڏيھي حساب ۾ ڦاسي پوندا ھئا. انهيءَ فائنل امتحان ۾ صحت سکيا جو مضمون تمام اھميت وارو ھوندو ھيو، اھڙو مضمون اڄڪلھه مڪمل طور ڪونه ٿو پڙھايو وڃي.
بھرحال سائين صوفي سومر خان لغاريءَ جي مھربان صورت مونکي ڌراڙ مان ڦري علم پرائڻ واري راھه تي لڳايو. سائين سومر خان صوفي کان پوءِ استاد عبدالرحيم ٽالپر، جيڪو ڳوٺ جمعي خان ٽالپر جي پاسي جو رھاڪو ھو، سو مٺياڻيءَ مان ماستري جي ٽريننگ وٺي اچي اسان واري سنڌي اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. سائين جو مزاج ميراڻو ۽ نادري ھيو. سندس ميز تي ”مولا بخش“ موجود رھندو ھو ۽ غلطيءَ جي سزا ھٿن تي ڌڪن جا سور سھندي، سھڻي پوندي ھئي.
ان زماني ۾ جھول جي مشھور ھندو زميندار، سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ تي ڪنهن مير صاحبان جي مخالف ماڻھو ٿي قبضو ڪيو. تنهنڪري مير جان محمد خان ٽالپر، استاد عبدالرحيم ٽالپر کي چيو ته انصاري چوڪ وارو ڀانڊو اسڪول خالي ڪري وڃي سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ درس و تدريس ۽ علم جا واھڙ وھايو. پوءِ اسان کي استاد عبدالرحيم جو حڪم نادري ٿي ويو. اسڪول جون ميزون ۽ بئنچون ڍوئي، سيٺ ڪلياڻ داس جي مشھور ماڙيءَ ۾ رکيوسون. ياد رھي ان زماني ۾ جھول شھر جيڪو سمورو ھندن جي گھرن، محلن ۽ دوڪانن تي مشتمل ھئو، انهن عمارتن ۾ ان وقت سيٺ ڪلياڻ داس جي اوچي بلند و بالا ماڙي مشھور ھئي، جنهن جي ھيٺين منزل ۾ ھڪ وڏو ھال، اتر طرف ھڪ ننڍو ڪمرو، اولھه طرف گھٽيءَ ۾ وسيع ورانڊو ۽ مٿئين منزل تي ھڪ ڪمرو، پاسي ۾ ورانڊو ۽ چڱو خاصو اڱڻ موجود ھو. جھول شھر جي مرڪزي آباديءَ ۾ گھر، گھٽيون، حويليون، ماڙيون، دڪان ۽ بازاريون سڀ ھندن جي ملڪيت ھيون، سواءِ ننڍڙي مگر سھڻي جامع مسجد جي. اھي محل ماڙيون، ويران ٿيون، ان بعد ڇا ٿيو، ان جو ذڪر اڳتي ھلي ڪندس.
ان وقت اسان جي پرائمري اسڪول ۾ مير ضيغم الدين ولد مير الھه بخش ٽالپر، سندس ھم عمر جيڪي جونيئر ڪلاس ۾ پڙھندا ھئا. مير غازي خان ٽالپر جو ٻيو نمبر فرزند مير ظفر علي، سداواھي خاصخيلين جا ڪجھه ڇوڪرا ۽ شر بلوچن جا ٻار اسان جا ھم مڪتب ھئا. شرن ۾ چاچي مالڪ ڏني جو فرزند ادو گل حسن منھنجو ھم ڪلاسي آھي، تمام گڻائتو ماڻھو آھي، جنهنجو اڳتي ھلي ذڪر ڪرڻو آھي.

شخصيتون ۽ شھر جو حال

شخصيتون ۽ شھر جو حال

مير ظفر علي جڏھين جھول ۾ پڙھائيءَ ۾ چاڙھو ڪونه ڪيو، تڏھين مير وڏي، مير ظفرعلي خان کي ڪنهن مدرسي ۾ ديني تعليم ڏيارڻ جو ارادو ڪيو ۽ مير ظفر علي خان کي وٺي وڃي ٺيڙھيءَ جي سنڌ مشھور مدرسي ۾ داخل ڪرايائين، جتي ھڪ سال کان پوءِ مدرسي جي معلمن مير وڏي کي اچي عرض ڪيو ته پنھنجي فرزند کي گھر ڀيڙو ڪري، ڇوته ھو ٻين خطابين کي فلمون ڏيکاري خراب ٿو ڪري. بھرحال ٺيڙھي پلٽ مير صاحب، سندس والد جي وفات کان پوءِ فقھ جعفريھ اختيار ڪئي. ياد رھي ته سندس والد مير غازي خان مذھبي خيالن جو نيڪ نمازي سُني طريقي تي ھلندڙ بزرگ ۽ جھول شھر جي جامع مسجد جو مستقل صدر ۽ مددگار ھوندو ھو.
استاد عبدالرحيم ٽالپر جون ٻه خوبيون مشھور ھيون، ھڪڙي شاگردن کي زبردست مار ڏيڻ ۽ سندس ٻي خوبي ھئي، پگھار جي پئسن جي ڪيئن بچت ڪجي. ان زماني ۾ استادن کي پگھار اسڪول ۾ اچي ادا ڪيو ويندو ھو. ھر دفعي جڏھن استاد کي پگھار 80-90 رپيا ملندو ھو، ان مان فقط 10 رپيه رکي، باقي پئسا پوسٽ آفيس سيونگ بئنڪ ۾ رکندو ھو. سندس صبح جي ماني وڏيري حبيب الله خان ڀنڀري وٽان ايندي ھئي ۽ رات جي ماني مير صاحبن جي حويلي مان. استاد جا سليپر پالش يا مرمت جي طلب ڪندا ھئا ته ميگھواڙ شاگرد کي ڏيندو ھيو، جيڪو پنھنجي موچي پيءُ کان ڳنڍ ٽوپ ۽ پالش مفت ۾ ڪرائي کڻي ايندو ھو. استاد کي شيو ڪرڻ لاءِ ھڪ استرو/ پاڪي ھوندو ھو، ان کي تيز ڪرڻ لاءِ حجام جي ڇوڪري کي ڏيندو ھو ته سندس والد جي دوڪان تان پاڪي تيز ڪرائي اچي. باقي رھيا ڪپڙا ڌوئارڻ ان لاءِ آئون خود ۽ ماستر لکاڏنو خاصخيلي سندس ڌوٻي ٿي ڪم ڪندا ھئاسون. ڪپڙن جا ھڪ ٻه ميرا وڳا ٻن آنن واري ڪاري صابڻ جي ٽڪي سان اسين جھول جي وڏي کڏ/ تلاءَ وٽ ڌوٻي گھاٽ جي پٿر تي ڌوئي، سڪائي اچي پيش ڪندا ھئاسون. ھن ڪم مان مونکي پنهنجن ڪپڙن ڌوئڻ جو ھنر مليو ۽ ميرپور خاص ۾ پڙھڻ دوران آئون پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئي پائيندو ھوس. اسان جي استاد پنھنجي حق حلال جي پگھار مان بچت ڪري آخري ڏينهن ۾ اٽڪل ٽي سئو ايڪڙ زمين جا ٺاھيا ۽ آخري عمر تائين حڪمت سان گڏ سانگھڙ شگر مل وٽ ھڪ مانڊڻي کولي، ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ڊرائيورن کي ڪمند جا انڊينٽ فارم ڀري ڏيندو ھو. ان سان گڏ حڪمت به ھلائيندو ھو.
ھن محترم استاد جي مار کان ڪوبه شاگرد ڪونه بچيو، ڀلي مير ھجي يا وڏيرو. مونکي ھڪ دفعي چڱي خاصي مار ڏنائين ته آئون آچر ڏينهن اڀپور ۾ علي ڏني شاھه قلندر بخاري وٽ والي بال مئچ کيڏڻ ڇو ويو ھوس. حاجي عثمان خاصخيلي، ادو گل حسن، خود مير ضيغم ٽالپر کي استاد جي مار جو مزو چکڻو پيو. ھوت تنبراڻي وڏي ڊگھي قد وارو شاگرد ۽ گھنڊڻ مان ايندڙ چانگ شاگرد پڻ مار جو مزو چکي چڪا ھئا. مار جي وقت ادي گل حسن جي ترڪي ٽوپيءَ جو گل ھر ڌڪ تي لڏندو ھو. حاجي عثمان خاصخيلي مار ملڻ کان اڳ پڪي گاني جي انداز ۾ رڙيون ڪندو ھو. بھرحال استاد ته ھر حال ۾ استاد ھو ۽ پنھنجو وارو وڄائي ويو. البته اھو چوندس ته سائين ڊيوٽيءَ جو پابند ۽ پڙھائڻ جي ھنر جو وڏو ڄاڻو استاد ھو، جنهن ماري ڪٽي اسان کي ته پڙھايو، پر افسوس سندس فرزندن مان ڪوبه باقاعده پڙھي ڪونه سگھيو.
آئون اڃان ٽئين درجي انگريزي ۾ ھئس ته منهنجا ھم ڪلاسي وڌيڪ انگريزي پڙھڻ لاءِ ٻين شھرن ڏانهن وڃڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته جھول وارو A.P class فقط ٽن درجن تائين تعليم ڏيندڙ ھو. ان ڪري مونکي به شوق ٿيو ته وڌيڪ تعليم لاءِ آئون به ڪٿي وڃان. غربت سبب ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي. ڪافي ڏينهن انهيءَ ٻڏتر ۾ گذريا، نيٺ وڃي ان مسئلي جو حل ڳوليم. ان زماني ۾ فقير محمد رحيم مھر ميرپور خاص ۾ مقيم ھو. اُتي ھفتيوار ” الفقراءَ“ اخبار ڪڍندو ھو. مون حجت ڪري وڃي کيس چيو ته مونکي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپور خاص ۾ داخلا وٺرائي ڏئي. منھنجو خيال ھو ته ھاءِ اسڪول جي بورڊنگ ھائوس ۾ مونکي ”فري بورڊر“ جي سھولت ملي ويندي. ان جي نتيجي ۾ محمد رحيم مھر مونکي مير پور ۾ پنھنجي رھائش گاھه تي رھايو ۽ ھاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنائين.
آخر تياري ڪري ھڪ ڏينهن جھول جي ريلوي اسٽيشن تي بابا مونکي الوداع ڪرڻ آيو. مونسان گڏ ھڪ سونهون ماڻھو به گڏ ھيو، جنهن کي ميرپور شھر ۾ مونکي الفقراءَ ھائوس تائين پھچائڻو ھو. انهيءَ راجا واري ريل ۾ سفر ڪرڻ جو اڳئي دل ۾ ڪافي شوق ھيو. منھنجو پھريون ريل جو سفر مونکي ڪافي قدر رومينٽڪ پئي محسوس ٿيو. جھول کان ميرپور خاص ڏانهن اسٽيشون ڳڻيندو پئي ويس، نيٺ ميرپور خاص جنڪشن اچي وئي. ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن واقعي شاندار ٺھيل ھئي. اتان اسٽيشن تان ٽانگي تي سوار ٿي ميرپور خاص جي بُخاري پڙ، نائي پاڙي ۾ واقع الفقراءَ ھائوس پھتاسون. الفقراءَ ھائوس بخاري پڙ جي چونڪ ۾ ھندن جي ڇڏيل ھڪ ٻه ماڙ بلڊنگ ۾ واقع ھو. سامھون بخاري پڙ جو وسيع چوڪ ھو، جنهن ۾ نمن جا وڏا وڻ ڇانو ڪيو بيٺا ھئا.
ھڪ ٻن ڏينهن ۾ منھنجي داخلا گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ميرپور خاص ۾ ٽئين درجي انگريزي ۾ ٿي وئي. ان وقت ھاءِ اسڪول ميرپور خاص جو ھيڊ ماستر دين محمد آرائين تعلقي سنجھوري جي ديھه 22 جو رھاڪو ھو. پھرئين ڏينهن ڪلاس ۾ ويھڻ کان پوءِ مونکي احساس ٿيو ته آئون غريب جو ٻار، مال جو ڌراڙ ھن ڪلاس ۾ اوپرو پيو لڳان. خاڪي پينٽ ۽ سفيد قميص ان وقت ھاءِ اسڪول جي شاگردن جي ڊريس ھئي. پھرئين ڏينهن جڏھن ڪلاس ٽيچر جڏھن حاضري پڪاري ته مون اٿي بيھي Yes Sir چيو. ڪلاس ٽيچر سائين نظر محمد عباسي مونکي ڏسي مسڪرايو، ھيءُ ڄٽ ڪٿان اچي ويو آھي. مون سائين نظر محمد کي ديدار خواھه پوشاڪ ۾ واقعي ھڪ مثالي استاد جي نظر سان ڏٺو. سائين جا دليپ ڪٽ وار، سوٽ، ٽائي ڪافي متاثر ڪندڙ ھئا.
پھرئين ڏينهن سائين ٽئين درجي جي انگريزي ڪتاب مان ڊڪٽيشن لکائي، ڪلاس جي شاگردن جا نوٽ بوڪ ميز تي رکي چيڪ ڪيا. اسپيلنگ جي غلطين تي گول ليڪا ڏيندو پئي ويو. خوشقسمتيءَ سان منھنجي لکائي ۾ ڪابه غلطي ڪونه ھئي ۽ منھنجي انگريزي تحرير به ڪافي قدر معياري ھئي. استاد ڪلاس جي شھري ٻارن کي ٻڌايو ته الھورائي جي ڊڪٽيشن ۾ ڪابه غلطي ڪونهي. استاد جي ان ريمارڪ منھنجي خود اعتمادي بحال ڪري ڇڏي. موڪل کان پوءِ گھر وڃي مون ڪوشش ڪئي ته منھنجي مٿي جي وارن جي ھيئر ڪٽ بلڪل ڪلاس جي ٻين شھري ڇوڪرن وانگر ھئڻ گھرجي، ان لاءِ نائي پاڙي جي حجام کان مدد ورتيم.
اھا سڄي شام آرسي جي سامھون بيھي ” چٻي سينڌ“ اردوءَ ۾ جنهن کي ”ترڇي مانگ“ چيو ويندو آھي، ان اسٽائيل تي ويھارڻ جي ڪوشش ڪيم. نئون تجربو ھو جنهن بابت ڪوشش ڪري وارن جي اسٽائيل کي رائج فيشن مطابق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. ان وقت ھاءِ اسڪول ۾ سائين الھڏتو مھر صاحب به استاد مقرر ٿيل ھيو، جيڪو اسان واري رھائش جي ڀرسان رھندو ھو. صبح جو سائين مھر صاحب سان گڏ اسڪول ويندو ھئس. الھڏتو مھر صاحب، ميرپور خاص (کاڻ) جي جماعتي مھرن مان پڙھيل لکيل نوجوان استاد ھو، ھن صاحب به منھنجي ڪافي حوصلا افزائي ڪئي. ٻئي پاسي سائين نظر محمد عباسي جي مھربان طبيعت به مونکي ڪلاس ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. سائين نظر محمد عباسي صاحب، ٿور ڳالھائو ۽ مسڪرائيندڙ طبيعت وارو استاد ھيو. ڪلاس ۾ پھريائين واقفيت شرف الدين نالي ھڪ شاگرد سان ٿي. جيڪو کڏڙي جي پاسي کان ھتي، پڙھڻ آيو ھو. ڪلاس ۾ سائين نظر محمد عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ”مظھر عباسي“ ننڍڙي قد وارو ھوشيار ٻالڪ به ھم ڪلاسي ھيو. ھڪ ٻيو مزيدار ڪلاس ميٽ ھيو ”خوشي رام“ ميرپور خاص جي اوائلي وڏن سيٺين جو اولاد. قد بت ۾ ڪجھه وڌيڪ ٿلھو ھوندو ھئو، جنهن ڪري اسڪول جا شرارتي ڇوڪرا موٽو موٽو ڪري خوشيءَ کي چيڙائيندا ھئا ۽ خوشي به پنھنجي طبيعت ۾ ويڙھاڪ طبع ھو، چٿر ڪندڙ ڇوڪرن سان ٺونشي بازي ڪرڻ لڳندو ھو. خوشيءَ سان به ڪافي بي تڪلفي ٿي. ٽيون نمايان شاگرد ھندو سيٺين جو، کڙو قد، ٿور ڳالھائو ۽ ھميشھ مسڪرائيندڙ ڇوڪرو جنهن کي ”جئه“ سڏيندا ھئاسين، سندس رھائش عمر ڪوٽ روڊ جي پاسي ڪاٽن فيڪٽرين ڏي ھوندي ھئي.

استادن جو ذڪر

استادن جو ذڪر

اسان جي سنڌي سيڪشن ۾ سائين نور محمد ناريجو صاحب رياضيءَ جو ٽيچر تمام چست اداڪار ٽيچر، سائين الھڏنو مھر صاحب به پنهنجا سبجيڪٽ پاڙھڻ ايندا ھئا. پھريون ڀيرو جڏھن ”ڊرائينگ“ جو پيرڊ لڳو ته سمورو ڪلاس مٿئين منزل ۾ ” ڊرائينگ ھال“ ۾ وڃي ويٺو. ڊرائينگ ھال ننڍين وڏين تصويرن سان تمام سھڻو سينگاريل ۽ متاثر ڪندڙ ھو. اسان جو ڊرائينگ جو ٽيچر سائين ٺارو شاھه نالي تمام ڀلوڙ استاد ھو. مزيدار ڳالھه اھا ته سائين ٺارو شاھه جو تعلق به سنڌ جي شھر ٺارو شاھه سان ھو. جيڪو مشھور راڳي ماسٽر چندر جو شھر ھيو. ڊرائينگ ھال ۾ پنھنجي پنھنجي ڊيسڪ تي ويٺاسين. استاد صاحب چوٿو پنو ڊرائينگ پيپر، ھڪ پينسل ۽ رٻڙ ھرھڪ شاگرد کي ڏنو ۽ پاڻ بورڊ تي ڪنهن شئي جي نمائشي تصوير ڪڍي سمجھائيندو به ويو ۽ پوءِ اسان کي چوندو ھو ته اھا تصوير پينسل سان ڏنل ڪاغذ تي ٺاھي پنھنجو نالو ۽ ڪلاس لکي استاد جي حوالي ڪريو. آئون جيڪو وقت ھاءِ اسڪول ۾ ھوس. انهن ٽن چئن سالن دوران ” ڊرائينگ ھال“ منھنجي لاءِ آرٽ جو ھڪ نمايان نمائشي ھال رھيو. مون ڏٺو ته ڊرائينگ ۾ ڪيترائي شاگرد تمام وڏيون تصويرون ٺاھي رھيا ھئا. ان اسڪول ۾ مولوي قادر بخش ميرپور خاص واري جامع مسجد نزد ريلوي اسٽيشن جو خطيب عربي پاڙھيندو ھو. آئون فارسي پڙھندو ھوس، جيڪا عباسي صاحب ھڪ بندري قد جو تمام چست ۽ سخت طبيعت وارو استاد پاڙھيندو ھيو. اھو عباسي صاحب جنرل ايوب جي زماني ۾ پوءِ اسلام آباد ڪنهن آفيسرانه عھدي تي چونڊجي ويو ۽ پوءِ اسان جو جماعتي استاد الھڏتو مھر صاحب پوليس ۾ ASI ڀرتي ٿي ڪراچي ھليو ويو.
اردو ڪلاسن جي استادن ۾ نمايان ”قمر صاحب“ چوٿين درجي جو ڪلاس ٽيچر، پينٽ ۽ شيرواني ۾ ملبوس ۽ نڪ تي خاص عينڪ پاتل ھڪ شاعر نما استاد ھوندو ھيو. سندس شخصيت به متاثر ڪندڙ ھئي. اھو ان لاءِ ٿو چوان جو شايد پنجين، ڇھين ڪلاس دوران آئون ھڪ مھينو لاڳيتو غير حاضر رھيس ۽ ڪلاس مان منھنجو نالو خارج ڪيو ويو. مھيني کان پوءِ واپس جڏھن اسڪول ويس ته مونکي ھيڊ ماستر دين محمد آرائين صاحب وٽ پيش ڪيو ويو. مون وري داخلا لاءِ عرض ڪيو، دين محمد صاحب غيرحاضري بابت سخت سرزنش ڪرڻ کان پوءِ چيو ته سنڌي سيڪشن ۾ ڪابه سيٽ خالي نه آھي، باقي اردو سيڪشن ۾ تنھنجي داخلا بحال ٿي سگھي ٿي. مون لاچار ھا ڪئي. ان سال اردو سيڪشن جو ڪلاس ٽيچر محترم ”قمر صاحب“ ھيو، جنهن تمام پياري انداز ۾ مونکي ڪلاس ۾ ويھاريو ۽ جڏھن لوڪل امتحان ٿيو ته ان ۾ منھنجو ٻيو نمبر اچڻ تي ڪلاس ۾ اسٽيج تي سڏي اردو شاگردن کي چيائين ته ”ڏسو ھي سنڌي ميڊيم جو شاگرد ھڪ سال اوھان سان گڏ اردو ميڊيم ۾ پڙھيو ۽ نمايان نمبر حاصل ڪيو اٿس.“
انهيءَ عرصي دوران ھڪ ڏينهن مولوي قادر بخش بزرگ صورت عالم، فاضل عربيءَ جو استاد اسان جي ڪلاس ۾ آيو ۽ چيائين ته عربي ڪلاس ۾ تمام گھٽ طالب علم آھن، حالانڪه اھا اسان جي قرآن شريف جي ٻولي آھي، ان جي تعليم حاصل ڪرڻ ھر ھڪ مسلمان لاءِ تمام ضروري آھي. تنهن ڪري منھنجي عربي ڪلاس ۾ اچي نالا داخل ڪرايو. آئون پنھنجي اسلامي جذبي سان سرشار ٿي وڃي عربي ڪلاس ۾ ويٺس ۽ فارسيءَ کي الوداع ڪيم. حالانڪه ڪئمپ جي قيد دوران ڪئمپ جي مدرسي ۾ ناظره قرآن پڙھڻ سان گڏ، آئون ڪافي قدر فارسيءَ جو درس حاصل ڪري چڪو ھئس. مونکي ان ڪتاب مان ”ڪريما به بخشاء برحال ما- ڪ ھستم اسيري ڪمندِ ھوا“ سمورو ياد ھو. باقي عربي پڙھڻ مان ثواب ته ٿيڻو ھو سو ٿيو، باقي عربي زبان جي سمجھڻ، پڙھڻ، لکڻ، ڳالھائڻ ۾ ڪابه نمايان حاصلات ڪو نه ٿي. اڄ تائين اسان جي اسڪولن ۾ عربي لازمي مضمون ته آھي، پر پاڙھڻ وارا مولوي صاحبان ٻولي سکيا (Teaching of language) بابت ڪجھه به ڪونه ٿا ڄاڻن. تنهنڪري اھو مضمون نقل سڪل ڪري فقط پاس ڪرڻ لاءِ ھوندو آھي. اصل مطلب ھو اسان جي مدرسائي ۽ جديد تعليمي نظام منجھان سعودي اشاري تي فارسي کي نيڪالي ڏيڻ. باقي فارسي ته سنڌ جي مدرسن ۾ مغلن، ارغونن، ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ رائج ھئي ۽ مغل/ ايراني سامراج جي زيردست ٻولي ليکبي ھئي. ان دور ۾ فارسي جي ايتري ئي اھميت ھئي، جيتري ھينئر انگريزي جي آھي. ٻيوته فارسي سامراج دوران جيڪو به ادب برصغير بابت لکيو ويو، اھو نوي سيڪڙو فارسي ٻوليءَ ۾ ھيو. پر فارسي پاڪستان مان ايراني ۽ عربي تڪرار سبب تڙجي ويئي ۽ عربي ڪو چاڙھو ڪونه ڪيو، ڇاڪاڻ ته عربي ٽيچر صرف نالي جا عربي استاد ھئا، ھنن وٽ عربيءَ جي مھارت بلڪل ڪونه ھئي. تنهن ھوندي به مون جڏھن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته عربيءَ جي مضمون ۾ Distinction حاصل ڪيم.
اسڪول ۾ باز خان نالي انگريزي فوج مان ريٽائر ٿيل اسان جو ڊرل ماستر عجيب غريب شخص ھو. ٿورو منڊائي ھلندو ھو ۽ پريڊ ڪرائڻ وقت قدم کڻڻ جي ٽائمنگ ۽ ٻار جي پوزيشن جو وڏو خيال ڪندو ھو. اسان جي ڪلاس ۾ لال داس نالي ڇوڪرو پڙھندو ھو، سندس ماءُ، پيءُ سيشن جج جي بنگلي تي صفائي جي عملي ۾ شامل ھئا. اتي ئي سرونٽ ڪوارٽر ۾ رھندا ھئا. لال داس صاف سٿرو ۽ سھڻو ٻار ھو، سندس ليفٽ رائيٽ باز خان کي ڏاڍي وڻندي ھئي. ڪوئيڪ مارچ جو آرڊر ڏيڻ کان پوءِ ”باءِ دي ليفٽ“ جو آواز ڪندي زور سان چوندو ھو ته ”لال داس ڪا پوزيشن بھت اڇا ھي.“ مطلب ته لال داس جا قدم باز خان کي پسند ھئا.
ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر دين محمد آرائين صبح جي اسيمبليءَ ۾ ھڪ حديث شريف جو ڪتاب کڻي واعظ فرمائيندو ھو. گرميءَ جي موسم ۾ سندس واعظ تمام ڊيگھه ڪندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين ڪمزور ٻار ڦيري کائي زمين تي ڪري به پوندا ھئا پر سندس فرمان ھوندو ھئو ته ” ڪمزور لڙڪي بيٺ جائين اور واعظ سنين!!“
موڪل کان پوءِ اڪثر ڪري آئون ۽ خوشي رام پھلوان گڏجي نڪرندا ھئاسين. ڪليڪٽوريٽ جي آفيس کان اچي حيدرآباد روڊ وٺي شھر ڏانهن ھلندا ھئاسين. پادري اسپتال کان ٿورو اڳتي ھلندي، پوليس لائين جي مخالف طرف شاھه لطيف گرلس ڪاليج ايندي ھئي. اھا ھڪ تمام وسيع ۽ قلعي نما عمارت ۾ قائم ھئي. ان وٽان گذرندي خوشي رام چوندو ھئو ” الھورايا! اھا بلڊنگ اسان جي ھئي، ڀيڻ ......... (گار ڏئي) اسان کان ڦري ورتي، ھاڻي اسين پنھنجي ٻي جڳھه ۾ رھون ٿا.“ ھڪ دفعو اسڪول جي ڪم سانگي اسان ڪجھه شاگرد ان گرلز ڪاليج ۾ وياسين، مون ڏٺو ته بلڪل قلعي نما ديوار اندر ھڪ وسيع محلات تعمير ٿيل ھئي! انهيءَ عمارت جي سڄ ڌڄ ڏسڻ بعد مون سوچيو ته خوشي رام جي ان جارحانه انداز ۾ ڪيتري نه سچائي ھئي. ميرپور ڇڏڻ کان پوءِ نه وري ڪو لال داس سان ملاقات ٿي، نه ڪو خوشي رام پھلوان مليو، جئي بابت مون ٻڌوته ھو انڊيا لڏي ويا آھن. (جئھ ميرپور خاص جي وڏي سيٺ جو پٽ ھو) انهن ھم ڪلاسي دوستن مان فقط مظھر عباسي سان ملاقات ٿي سگھي. ھو ھاءِ اسڪول جو سينيئر ٽيچر ھو، پرائمري سپروائزر به رھيو ۽ جڏھين ميرپور ۾ بورڊ قائم ٿيو ته بورڊ ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندڙ ھو. ھڪڙا ٻه ڄڻا چاچڙ برادرز به منهنجا ھم ڪلاسي ھئا. اصل ۾ اتر پاسي جا ھئا. سندن مائٽ ٽيليفون ڊيپارٽمينٽ ۾ ملازم ھئا، انهن يارن سان به اسڪول لائيف بعد ملاقات ڪو نه ٿي. ٻڌو اٿم ته ھمراھه ساڳئي ٽيليفون کاتي ۾ ملازمت ڪندا رھيا.

منھنجو شھر جانان- ميرپور خاص

منھنجو شھر جانان- ميرپور خاص

حر ڪئمپ مان نڪري جھول شھر ۾ آباد ٿياسون. مينهون چاريندي چاريندي اسڪول وڃي پڙھڻ جو شوق جاڳيو. ھاڻي جھول جا وڻ ڇڏي، علم جي تلاش ۾ جڏھين 1955ع ڌاري وڃي ميرپور خاص شھر جا درشن ڪيم، ان وقت منھنجي لاءِ شھر ميرپور خاص وڏو روشنين ۽ باغن بستانن، گلن ۽ سونهن ڀريو شھر لڳو. مير صاحبان جو وسايل ھيءُ شھر مون لاءِ تمام وڏو اتساھه ڀريو شھر ثابت ٿيو.
الفقراءَ جي آفيس نائي پاڙي بخاري پڙ ۾ واقع ھئي. ھن نائي پاڙي جا لڏي آيل ماڻھو گھڻو ڪري، راجستان سان واسطو رکندڙ آھن. مطلب ته ورھاڱي وقت جڏھين ھنن فيصلو ڪيو ته ھاڻي ھجرت ڪري ھلون ٿا Promised land ڏانهن، تنهنڪري جئھ پور ۽ جوڌپور سندن قافلا راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ جوق در جوق سوار ٿي اچي سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ميرپور خاص جنڪشن واري شھر انهن کي ڪشش ڪئي پوءِ لڏو لاھي لھي پيا ميرپور ۾. ھنن لاءِ گھر، محل، ماڙيون، دوڪان ۽ ھتان لڏي ويل ھندو خالي ڪري ڇڏي ويا ھئا. ھنن نوان لڏي آيل لوڪن، نيون ٻوليون ٻوليندڙ ماڻھن ڪجھه اوپري ديدار ۽ پوشاڪ وارن اچي ھيءُ شھر وسايو. نائي پاڙي ۾ پير غلام رسول شاھه جيلانيءَ جو حويلي نما گھر ھو. پير صاحب جا نوڪر ۽ نوڪراڻيون (ڏاڏا ۽ ڏاڏيون) بخاري پڙ وٽان گذرندي نظر ايندا ھئا. پير غلام رسول شاھه صاحب جو خاندان، پنھنجي روحاني جماعت جو رھبر ته ھيو، پر ميرپور خاص شھر ۾ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو قدردان چيو ويندو ھو. پير صاحب ھر سال سموري ملڪ مان ڪلاسيڪي راڳي گھرائي ٽن ڏينهن لاءِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي محفل سجائيندو ھو.
ميرپور ۾ اچڻ کان پوءِ مونکي خيال ٿيو ته ھاڻي ھي شھر جانان گھمي ڦري ڏسجي. اڪيلو وڃڻ کان لھرايم پئي، جو واپسي مھل گھر جون گھٽيون ڀلجي ٿي ويس. ان ڪري الفقراءَ جي نوڪر مشتاق کي چيم ته ”يار! گڏجي ھل ته شھر گھمي ڏسجي.“ نائي پاڙي جي ھڪ پاسي ھڪ گھٽي ھئي، جنهن ۾ ڪپھه پڃڻ وارا پينڃارا ڪم ڪندڙ ھئا. ان گھٽيءَ جي ٻئي پاسي تيلين جو پاڙو ھو، اھي تيلي به سڀ راجستان مان لڏي آيل ھئا. ان گھٽيءَ مان ھلندي ”ڪاھو بازار“ ۾ داخل ٿبو ھو. ان وقت ڪاھو بازار جي اھا گھٽي ٿوري ويران ٿي ڏٺي، ان ۾ ھيڪڙ ٻيڪڙ ڪي ٿورا دڪان آباد ھئا. ڪاھو بازار وڃي ميرپور جي شاھي بازار ۾ پوندي ھئي. ميرپور خاص جي شاھي بازار چڱي خاصي ڊگھي بازار ٿي ڏٺي. ان جي ٻنهي طرفن کان دوڪان موجود ھئا. شاھي بازار جي منهن وٽ ميرپور جي مشھور حلوائي ”ڦوٽي حلوائي“ جو مشھور دوڪان ھيو. ھيءُ نالي وارو حلوائي ھو. ٻڌو اٿم اڃان تائين سندس نالي سان مٺائي جو دوڪان ھلندڙ آھي. اتان ھلندي اچي ميونسپل چوڪ تي پھچبو ھو جتان کان ھڪ رستو حيدرآباد روڊ شروع ٿيندو ھو ۽ اسٽيشن جي پاسي ھلندي ٻنهي پاسن کان ھڪ وسيع رستي واري بازار ھئي. جنهن جي ھڪ طرف فروٽ جا نهايت سجايل دوڪان ھوندا ھئا ۽ پاسي ۾ جنرل اسٽورن جي قطار. اھا بازار وڃي ”مامون جي شاپ“ ھوٽل ۽ وڏو جنرل اسٽور واقع ھو، اتي پهچندي هئي. ياد رھي ته ھن ھوٽل جو وڏو معيار ھو، جتي غريب غُربي جي جاءِ نه ھئي، فقط زميندار طبقي جا ماڻھو کاڌ پيت ڪندا ھئا.
ٿورو اڳتي اسٽيشن ڏانهن ھلندي، مسافر خانه ۽ ھوٽلون شروع ٿينديون ھيون. ھڪ پاسي ريڊيو دھلي ھوٽل ته ٻئي پاسي پھلوان ھوٽل واقع ھئا. جتي تمام وڏن لائوڊ اسپيڪرن جي ذريعي فلمي گانن ۽ قوالين جي موسيقي گونجندي رھندي ھئي.
سامھون ميرپور خاص جنڪشن جي شاندار ريلوي اسٽيشن واقع ھئي. ھيءَ اسٽيشن ان زماني ۾ منھنجي رومانٽڪ مشاھدي جو مرڪز ھوندي ھئي. ھن اسٽيشن تي الفقراءَ اخبار جي ڪم سانگي ھفتي ۾ ھڪ ٻه دفعا وڃڻو پوندو ھو. ھن اسٽيشن تي انگريزي طرز جو ھڪ عاليشان ريسٽورنٽ ھو. جنهن جي ٻاھرين پارڪ ۾ شام جو خاص ڪلاس جا ماڻھو ويٺل ڏسبا ھئا. باوردي بئرن جي اچ وڃ لڳي پئي ھوندي ھئي.

مير پور جا ٽانگا ۽ مسافر خانه

مير پور جا ٽانگا ۽ مسافر خانه

ان زماني ۾ ميرپور خاص (ٿرپارڪر) واحد ضلعو ھيو، جيڪو مٺي عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ کوکرا پار تائين پکڙيل ھيو. ھتي سموري ضلعي جون آفيسون، ڪامورن جا دفتر ۽ عدالتون قائم ھيون. ان وقت ميرپورخاص نه صرف واپار جو وڏو مرڪزي شھر ھيو، پر ان سان گڏ سرڪاري دفترن ۾ دور دراز کان ايندڙ ماڻھن جا انبوھه لڳا پيا ھوندا ھئا. ھن وقت جيئن ھر پاسي رات ڏينهن بس سروس ھلي ٿي، تنهنڪري سرڪاري دفترن جي سائلن جي ڪابه رش ڪونهي، پر انهيءَ زماني ۾ انهيءَ اسٽيشن روڊ تي رات جو رونق لڳي پئي ھوندي ھئي. ھوٽل گراھڪن سان ڀريا پيا ھوندا ھئا ۽ مسافرخانه ” ھنڌ کٽولا ماڙيءَ تي“ جي مصداق وڏي تعداد ۾ ماڻھو ترسائيندا ھئا. ان ڪري مغرب جي وقت انهن مسافر خانن جا منشي مين روڊ تي ايندڙ ويندڙ کي ھنڌ کٽولا ماڙيءَ تي ترسڻ جي دعوت ڏيندا ھئا. تيل مالش جا آواز ڪڍندي مالشيا پيا ھلندا ھئا.
ميرپور خاص جي اسٽيشن تي ٽانگا اسٽينڊ، ڪنهن به ريل گاڏيءَ جي آمد تي آباد لڳو پيو ھوندو ھو. ھتي تمام سھڻا ٽانگا ۽ سھڻا سنجيل گھوڙا ڏسڻ وٽان ھوندا ھئا. سريلن ٽانگن جي اسپيشل قطار ڏانهن امير ڪبير ۽ پئسي واريون ڌريون رخ ڪنديون ھيون. ڪرايو گھٽ وڌ ٻولي ماڻھو سوار ٿي مختلف محلن، دفترن ۽ بازارين ڏانهن راھي ٿيندا ھئا. ميرپور خاص جي اھا خوبصورت ٽانگا سروس رڪشا دور کان اڳ پنھنجي عروج تي ھئي.
ميرپور خاص مان ان وقت ھفتيوار ”الفقراءَ“ کان سواءِ ھفتيوار ”ھمدرد“ اخبار به نڪرندي ھئي. ان جي پريس ۽ دفتر عثمانيه ھوٽل، (جنهن ۾ اڪثر مسڪين جھان خان کوسو ترسيل ھوندو ھو، ياد رھي ته مسڪين جھان خان غريب، مسڪينن ۽ مظلومن طرفان اپيلون ۽ درخواستون کنيو پيو ڪامورن وٽ ھلندو ھو.) مسافر خاني ڀرسان ھيو. ٻي ھڪ تمام دلچسپ اخبار ”سچائي“ جي نالي سان ھڪ بيباڪ صحافي غلام محمد لغاري صاحب جي ايڊيٽري ۾ شايع ٿيندڙ ھئي. ھن اخبار جو ايڊيٽر ھڪ دل صاحب جي ادارت ۾ شايع ٿيندڙ اخبار جي ايڊيٽر سان ڪونه ٺھندو ھو. تنهن ڪري ”خادمِ وطن“ اخبار تي وڏيون چوٽون ڪندو رھندو ھو. لغاري صاحب ڇا ڪندو ھيو جو ” دل“ لفظ جو جمع لفظ ٺاھي، ان پويان سردار لکي ڇڏيندو ھو. خادمِ وطن اخبار جو ايڊيٽر سردار لطف علي دل صاحب ھوندو ھيو. ميرپورخاص جي اخبارن جو ذڪر ان ڪري پيو ڪريان جو الفقراءَ اخبار جي دفتر ۾ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ الفقراءَ اخبار جون ڪاپيون ھمعصر اخبارن کي پھچائڻيون ھونديون ھيون.

مير پور خاص ۾ گلن جي نمائش

مير پور خاص ۾ گلن جي نمائش

ميرپورخاص باغن، فروٽ فارمن، پارڪن جو شھر ھو. ھتي ھر سال ميونسپل جي آفيس جي وسيع اڱڻ ۾ گلن جي ھڪ عاليشان نمائش منعقد ٿيندي ھئي. مون پھريون ڀيرو جڏھن اھا نمائش ڏٺي، ان ۾ موجود رنگ برنگي گلن جي بھار لڳي پئي ھئي. آئون جيڪو ڪئمپ ۽ قيد ڪلچر جو ٻار ھئس، مون ھن کان اڳ صرف قيد و بند جا ڪنڊا ڏٺا ھئا يا پوءِ جھنگ جا گُل، پُسيءَ جا ڳاڙھا گل، سرينهه جي وڻ جا نازڪ خوشبودار گل، نمن جي ٻور جھڙا گل ضرور ڏٺا ھئا. پر ھن نمائش کي ڏسڻ کان پوءِ، فطرت طرفان تخليق ڪيل حسن ڏسي حيرت ۽ خوشيءَ جا جذبا پيدا ٿي ٿيا. ياد رھي ته قاضي فيض محمد پنھنجي داستانِ حيات واري ڪتاب ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي ته جرمنيءَ جي ھڪ پارڪ ۾ گلن جي رنگا رنگي جھرمر ڏسي، سندس طبيعت ايتري ته جذباتي ٿي وئي جو چوي ٿو ته ان منظر جي وجدان ۾ نيٺ زمين تي ويھي رھيس. ڇاته فطرت جو حسن ۽ ان جو نظارو ھو.
ھن نمائش ۾ مختلف سرڪاري کاتن ۽ دفترن طرفان گلن جون ڪونڊيون موڪليون وينديون ھيون، مگر ھر سال ھڪ پرائيويٽ واپاري ڪمپني ”والڪرٽ برادرز“ طرفان موڪليل گل نمائش ۾ پھريون انعام کٽندا ھئا. اھي ”والڪرٽ برادرز“ وارا سنڌ ۾ ڪپھه جي ايڪسپورٽ جا تمام وڏا واپاري ھئا. ميرپور خاص ۾ ڀان سنگھه آباد واري ڦاٽڪ جي پريان والڪرٽ برادرز جي ھڪ وڏي ڪاٽن فيڪٽري ھوندي ھئي. جنهن وٽ ميرپور خاص جو پاور ھائوس واقع ھو.
والڪرٽ برادرز اصل ۾ برطانيھ جي ڪمپني ھئي، جيڪا ان وقت سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪپھه برطانيه ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندي ھئي. ياد رھي ته ان وقت برطانيھ جو شھر مانچسٽر سموري دنيا ۾ ٽيڪسٽائل انڊسٽري جو وڏو مرڪز ھو. برطانيه سرڪار ھندستان مان ڪپھه گھرائي سموري دنيا کي ڪپڙو وڪڻندي ھئي. ان لاءِ انگريز جڏھن سنڌ ۾ وارد ٿيو، انهيءَ وقت اھا سوچ کڻي آيو ھو ته نوابشاھه ضلعي ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي بئراج ايريا کي ”ڪاٽن بيلٽ“ بنايو وڃي، ان لاءِ سرڪار نارا ڪئنال جي ري ماڊلنگ ڪري، ان مان منڍ جمڙائو وٽان جمڙائو ڪئنال ڪڍيو، جيڪو سانگھڙ ضلعي مان گذرندي، ٿرپارڪر ضلعي تائين ٻارھن مھينا زراعت لاءِ پاڻي پھچائي پئي سگھيو. ياد رھي ته جمڙائو ڪئنال 1901ع ۾ مڪمل ٿي وھڻ لڳو. ھتي حر تحريڪ ھلندڙ ھئي. ان ڪري انگريز ڪمشنر مسٽر لوڪاس ان جو بھانو بنائي، خاص ڪري جمڙائو ڪئنال جي تمام ڊگھي پيچ واري ايراضيءَ ۾ سنجھوري تعلقي کان وٺي ڊگھڙي، جيمس آباد تائين لڌيانه، امرتسر، مشرقي پنجاب کان آباد ڪار طبقو لڏائي اچي انهن علائقن ۾ زمينون ڏئي آباد ڪيو. انگريز جو اھو خيال ھو ته اھي پنجابي لوڪ ڪپھه جا ڪاريگر آبادگار آھن، جيڪي مانچسٽر جي ٽيڪسٽائيل ملن لاءِ جام ڪپھه پيدا ڪري سگھن ٿا. ان لاءِ انگريز سرڪار تمام وڏي پلان سان انهن علائقن ۾ ڪپھه ٽاڻڻ جي ڪارخانن جو بندوبست ڪرايو. جنهن لاءِ ھندو ۽ مارواڙي سرمائيدارن کي مائل ڪيو ويو ته انهيءَ راجا واري ريلوي لائين تي موجود ھر ھڪ ريلوي اسٽيشن وٽ ھڪ ”ڪاٽن جننگ فيڪٽري“ قائم ڪن، جتي ڪپھه کي ٽاڻي انهيءَ ساڳي ريلوي لائين وسيلي وڃي ڪراچي بندرگاھه تي پھچائجي، جتان کان اھا چمڪندڙ چاندي وڃي مانچسٽر پھچي. انگريز سرڪار جي ان رٿابندي بھرحال 1901ع کان پوءِ ھن علائقي ۾ زراعت کي وڏي ھٿي ڏني. ياد رھي ته حرتحريڪ جو جيئن ته ٽڪراءُ برطانيھ سرڪار ۽ سنڌ سرڪار سان ھيو. تنهنڪري پاليسي موجب حرن کي ڪابه نئين زمين ڏيڻي ڪونه ھئي. ان تي پنجابي آبادگارن کي ترجيح ڏني وئي.
ميرپورخاص شھر پنھنجي نالي ۾ ته برابر ميرصاحبان جي حاڪميت وارو شھر ھيو، پر ان ۾ اھي واپار، بازاريون، دوڪانن جون رونقون گھڻو ڪري سنڌي ھندن سان لاڳاپيل ھيون. ميرپور خاص ۾ ان زماني ۾ پراڻا محلا ۽ ان ۾ موجود محل ماڙيون، گھر ۽ گھٽيون انهن ڀائي بندن جون تعمير ڪيل ھيون. ميرپور خاص ۾ ھڪ ”ٽاٽا“ وارن جو محلو به ھيو، جتي شايد ھندستان جي وڏي سرمائيدار ڪمپني ڪا انڊسٽري لڳائڻ واري ھئي.
جمڙائو ڪئنال ۽ ناري مان نڪرندڙ وڏن واھن جھڙوڪ مٺڙائو ڪئنال، جنهن کي مقامي ماڻھو بان واھه سڏيندا آھن، اھو ان ڪري جو ميرن جي زماني جي مٺڙائو واھه کي ري ڊزائين ڪرڻ واري انگريز انجينيئر جو نالو ”مسٽر بان“ ھو. اھي علائقا جڏھين آباد ٿيا ۽ ڪپھه ٽاڻڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا، انهن ڪارخانن ۾ سرمائيدارن ٻاھريان پورھيت آڻي اچي ڪارخانن ۾ انهن جون ڪالونيون قائم ڪيون. ان زماني جي ڪاٽن فيڪٽرين ۾ تمام گھڻا مزدور ٽن شفٽن ۾ ڪم ڪندا ھئا. عورتون پڻ ڦٽيون صاف ڪرڻ جي مزدوري ڪنديون ھيون. ھنن مزدورن ۾ اڪثريت بلوچي، مڪراني لوڪن جي ھئي. ھن وقت اھي فيڪٽريون اتي ناھن رھيون، پر انهن بلوچ مزدورن جون ڪالونيون قائم آھن. انهن ٻاھرين مزدورن جي ھتي اچي مزدوري ڪرڻ جو سبب اھو ھو، جو سنڌي ماڻھو ان زماني ۾ اھڙي مزدوري ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو. سنڌي ماڻھو ھر ھاري ٿيڻ، مال ڌارڻ ۽ چارڻ کي وڌيڪ پسند ڪندو ھيو.
ڍولڻ آباد محلو: ميرپور شھر جون حسناڪيون ڪيتريون بيان ڪجن. ھن شھر ۾ ھڪ محلو ”ڍولڻ آباد“ جي نالي سان قائم ھيو. ھن محلي جي خوبصورتي اھا ھئي ته ڪنهن ڍولڻ نالي سيٺ اھو محلو کليل سڌين گھٽين ۽ ھڪ قطار ۾ ٺھيل گھرن سان تعمير ڪرايو ھو. مون جھوپڙي نشين جڏھن ان محلي جا گھر ڏٺا، جن سڀني گھرن جي سامھون مھاڙيون ھڪ جھڙي ڊيزائين سان تعمير ٿيل ڏسي واقعي دل اھا شاھدي ڏني ته ڍولڻ آباد واقعي ”ڍولڻ“ ماڻھن جو محلو ھوندو ھو.

الفقراءَ آفيس جي مزدوري

الفقراءَ آفيس جي مزدوري

ان زماني ۾ الفقراءَ اخبار جو صحافتي دنيا ۾ چڱو نالو ھيو. اخبار جو ايڊيٽر فقير محمد رحيم ان زماني جي غلط سياست ۽ راشي ڪامورن خلاف بي باڪيءَ سان لکندو ھو. ھن اخبار جي دفتر ۾ اٽڪل ٻه ڏينهن اسان لاءِ ڪم ڪار جي مصروفيت ھوندي ھئي. اھا اخبار حيدرآباد جي ڪنهن پرنٽنگ پريس ۾ ڇاپي ويندي ھئي، ميرپور خاص مان ڪجھه خبرون، ڪجھه مراسلھ ۽ ايڊيٽوريل موڪليا ويندا ھئا، باقي تازين خبرن ۽ سيٽنگ لاءِ ان پريس ۾ ھڪ ڄاڻو صحافي ڪم ڪندو ھو.
اخبار مقرر ڏينهن تي حيدرآباد مان ڇپجي، ريل رستي ميرپور پھچندي ھئي. اخبار جا بنڊل ميرپور خاص ريلوي جي Luggage آفيس مان وٺي ڪلھن تي کڻي آفيس ۾ پھچائبا ھئا ۽ پوءِ فوري طور اھو ڪم ڪرڻو هوندو ھيو ته خريدارن جي ائڊريسن واري وڏي پيڊ تان ھر ھڪ گراھڪ جي پوسٽل ائڊريس جي چٽڪي ڪاٽي، اخبار کي ويڙھي ان جي مٿان چنبڙائي ۽ ھڪ پئسي جي قيمت واري پوسٽ آفيس جي ٽڪلي لڳائبي ھئي. اھو ڪم رات تائين پورو ڪري رکبو ھو. ۽ ٻئي ڏينهن اھي اخبارون کڻي ميرپور خاص جي وڏي پوسٽ آفيس ۾ پھچائبيون ھيون، جتان اھا اخبار پوري سنڌ ۾ پڙھندڙن ڏانهن پھچندي ھئي. ان زماني ۾ صحافت ۽ اخبار جي سماج ۾ وڏي اھميت ھوندي ھئي. حڪومت به اخباري خبرن ۾ عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ھئي.

ميرپور شھر جي مقامي معززين کي ھٿو ھٿ اخبار پھچائڻ

ميرپور شھر جي مقامي معززين کي ھٿو ھٿ اخبار پھچائڻ

ٻئي ڏينهن اھو به ھڪ اھم ڪم ھوندو ھو ته ميرپور خاص شھر جي معززين کي ھٿوھٿ اخبار پيش ڪجي. آئون اڪثر ڪري خانبھادر حاجي محمد حيات جوڻيجي صاحب کي سندس ميرپور واري مڪان تي اخبار ڏيڻ ويندو ھوس.
ساٺيڪي سال جي عمر وارو، ننڍي سفيد ڏاڙھي، ٿلھن شيشن واري عينڪ پاتل حاجي محمد حيات ھڪ سادو ڳوٺاڻو لڳندو ھو. ۽ ھر دفعي اخبار وٺڻ مھل مونکي ھڪ رپيو روڪ پنڌاڙي خاطر خرچي ڏيندو ھو. اھو ھڪ رپيو آئون انگريزي فلم ڏسڻ جي عياشيءَ لاءِ سنڀالي رکندو ھوس.
اخبار جي دفتر لاءِ ان زماني ۾ مختلف ملڪن جي انفارميشن سروس جا پريس بيان ايندا ھئا. انهن ۾ سوويت يونين طرفان ڪافي معلوماتي مواد سنڌي خواھه اردو ۾ ايندو ھو. ڪامريڊن طرفان ھڪ اردو ماھوار رسالو ”طلوع“ پھچندو ھو. آمريڪا بھادر جي سروس جي طرفان به ڪيترائي خبرناما پھچندا ھئا. ساڳئي وقت برطانوي سفارت خاني طرفان راڻي ايلزبيٿ جي تصويرن وارا رسالا ۽ خبرناما پڙھڻ لاءِ ملندا ھئا. اھو مواد آئون نهايت غور سان پڙھندو ھوس. جنهن معرفت مونکي ان وقت جي دنيا بابت ڪجھه معلومات ۽ ڪجھه سياسي سڌ ٻڌ ملندي ھئي.
ساڳئي زماني ۾ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جو رسالو ”انسان“ به دفتر ۾ ايندو ھو. ان زماني ۾ ڏيپلائي صاحب ھڪڙي پاسي وڏيرا شاھي خلاف لکندو ھو ۽ ٻئي پاسي ون يونٽ ۽ تخت لاھور بابت وڏا ليک ڇاپيندو ھو. مونکي ياد آھي ته ڏيپلائي صاحب پنھنجو مشھور ڊرامون ”ڏڪار ناٽڪ” لکيو. ان ڊرامي وڏي مشھوري ماڻي. اھو ڊرامو ٿر ۾ ڪاري ڏڪار بابت ٿر جي انسانن جي بک ۽ بي وسيءَ بابت ھو ته ان انساني ٽريجڊيءَ کي تخت لاھور ۾ ويٺل ون يونٽي حاڪم ڪيئن ٿو ڏسي!
ٿر ۾ ڏڪار پوي ٿو، ماڻھن وٽ کائڻ لاءِ اناج ناھي. ماڻھو بکن بي حال ڪري ڇڏيا آھن!! انهيءَ صورتحال ۾ سنڌ مان لاھور جي حاڪم ڏانهن ٽيليگرام ڪيا ٿا وڃن ته ”ڏڪار ڊڪليئر ڪريو“ جيڪو سنڌ حڪومت جو پراڻو انتظامي قدم ھوندو ھو ته برساتون نه پوڻ ڪري ٿر لاءِ ڏڪار ڊڪليئر ڪري، ٿري ماڻھن کي مفت ۾ اناج فراھم ڪيو ويندو ھو. ھاڻي جڏھن ون يونٽ ۾ سموري سرڪار وڃي تخت لاھور تي براجمان ٿي ويٺي، تڏھن لاھوري حاڪمن اھي ٽيليگرام پڙھي، ھڪ ميٽنگ ڪوٺائي. بقول ڏيپلائي جي ھن ميٽنگ ۾ حاڪمن ۽ ماھرن لفظ ”ڏڪار“ يعني قحط سالي جو مطلب اردو، پنجابيءَ ٻوليءَ ۾ اھو ورتو ته جيئن ته ٿر ۾ ”ڊڪار“ يعني بد ھضمي جي اوڳراين جي بيماري پکڙي وئي آھي. ان لاءِ لاھوري ڏاھن اھو علاج تجويز ڪيو ته سنڌ جي ٿرين لاءِ ٻه ٽي لک ”سوڍامنٽ“ جون گوريون موڪلي ڏيو ته جيئن ان سان سندن بدھضمي دور ٿي سگھي.
ڏيپلائي صاحب جي ون يونٽ خلاف ان تحرير وڏي مشھوري ماڻي. بھرحال اھي سڀ تحريرون آئون تمام دلچسپيءَ سان پڙھندو ھوس. الفقراءَ جي آفيس سامھون ھڪ بزرگ ٻه آنا لائبريري ھلائيندو ھو. اتان کان ڪتاب وٺي پڙھندو ھوس. تاريخي ڪتابن سان گڏ دت ڀارتي جا رومانوي ڪتاب وٺي پڙھبا ھئا. منھنجي ذھن ۾ مطالعي جو شوق درجي به درجي وڌندو ويو. منھنجي مطالعي جي طلب ھفتي ۾ ٻه چار ڏينهن رات جو 7 وڳي ڌاري مونکي ميرپور خاص جي بلديه لائبريري ۾ وٺي ويندي ھئي. ان زماني ۾ لائبريري جي ريڊنگ روم جون ڪرسيون پڙھندڙن سان ڀريل نظر اينديون ھيون. روزنامھ اخبارون، مشھور رسالا، انگريزي رسالا، ٽائيم لائيف وغيره. پوءِ مطالعو ڪندي نيٺ لائبريري انتظاميھ لائبريري بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ھئي. ۽ پوءِ ٻاھر نڪري ميرپور خاص جون ھوائون جھٽيندي واپس اچبو ھو.

فلم جي تفريح

فلم جي تفريح

ميرپور خاص شھر ۾ ان وقت ٻه سئنيمائون ھلندڙ ھيون. ھڪڙي مشھور سئنيما ”فردوس ٽاڪيز“ اسٽيشن ڀرسان ھلندڙ ھئي. ان زماني ۾ اڪثر ڪري ھندستان جون مشھور فلمون ھفتن جا ھفتا پيون ھلنديون ھيون. سئنيما تي ٺھي جڙي وڃبو ھو. پھرئين وڃي ھلندڙ فلم جا پوسٽر فوٽو ڏسبا ھئا ته فلم جا ڪھڙا خاص پارٽ آھن. عام ماڻھن کي لڙائي واري فلم سان دلچسي ھوندي ھئي. ڪنهن به تمام مشھور نئين فلم لڳڻ سان سڄي شھر ۾ ٽانگي تي اسپيڪر رکي پاسن کان وڏا پوسٽر لڳائي پبلسٽي ڪئي ويندي ھئي. نئين فلم جا شروعاتي شو وڏي رش وٺندا ھئا. ان ڪري خاص ڪري ھيٺين ڪلاس يعني 6 آني ۽ ٻارھين آني واري ٽڪيٽ ونڊو تي وڏيون قطارون لڳل ھونديون ھيون. اھي عوامي ڪلاس جون ٽڪيٽون بليڪ به ڪيون وينديون ھيون. رش جي وقت مايوس تماشاين جي ميڙ ۾ مڪراني ٽائيپ جا ھيرو دٻيل آواز ن ۾ ”چلو ڇي آني والا بارھه آنا.“ ” چلو بارھ آني والا دو رپيه.“ ”جلدي ڪرو!“ جيڪو ماڻھو کين ڇڏ ڇوٽ لاءِ چوندو ھو ته ناراض ٿي چوندا ھئا ”جائو ڙي.!“
انهيءَ زماني ۾ فردوس سئنيما ۾ ھندستاني فلم ”ڀائي ڀائي“ لڳي. ڪافي ھفتن ھلڻ کان پوءِ رش ختم ٿي، آئون سيڪنڊ ڪلاس جي ٻارھين آني واري ٽڪيٽ وٺندو ھئس، حاجي محمد حيات واري ڏنل رپئي مان ٻارنهن آناٽڪيٽ تي، باقي چار آنا چانهه پاڻي تي خرچ ڪبا ھئا. فلم ڀائي ڀائي جو اھو گانو ته ” اس دنيا ۾ سب چور چور، ڪوئي بڙا چور ڪوئي ڇوٽا چور.“ گانو نميءَ کي ڳائيندي ڏسڻ مونکي ڏاڍو وڻندو ھو. ان لاءِ ھڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا اھا فلم ڏٺي سون.

ميرپور خاص جا ميوزڪ ريڪارڊنگ وارا ھوٽل

ميرپور خاص جا ميوزڪ ريڪارڊنگ وارا ھوٽل

ميرپور خاص ۾ اسٽيشن ڀرسان تمام وڏا ۽ مشھور ھوٽل آمھون سامھون ھوندا ھئا. جن تي سڄو ڏينهن ۽ خاص طور تي شام مھل فلمي گانن ۽ قوالين جي رڪارڊن وڄائڻ جي ڌم لڳي پئي ھوندي ھئي. انهن ٻنهي ھوٽلن جي درميان ميوزڪ وڄائڻ جو مقابلو ھوندو ھو.
انهيءَ زماني ۾ ثريا ملتانيڪر جو ھڪ مجري وارو غزل ”بڙي بي مروت ھين يھ حسن والي، نگاھين ملاني ڪي ڪوشش نه ڪرنا.“ ھن گاني جي انهن ھوٽلن تي وڏي ڌم لڳي پئي ھوندي ھئي. بھرحال ثريا ملتانيڪر جو اھو گانو موسيقي ۽ عاشقي جي دنيا ۾ ڏاڍو مقبول ۽ مشھور ٿيو.
منھنجي دل جڏھن به اداس ٿيندي ھئي ته آئون شام جو ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪندو ھئس. فرسٽ ڪلاس واري گيٽ وٽ ڪتابن جو اسٽال ھوندو ھو، انهيءَ تان اخبارون ۽ رسالا ڏسندي، ٻي آني ۾ پليٽ فارم جي ٽڪيٽ وٺي وڃي ريلوي اسٽيشن جي پل تي ھوا جو رخ جاچي ويھي رھندو ھوس. ايندن ويندن مسافرن کي ڏسندي پنھنجي خيالن ۾ پنھنجي دل کي پيو ريجھائيندو ھوس. دل جيڪڏھن اداس ھئي ته ان جو سبب مون وارو غريبي حال ھو.
الفقراءَ جي دفتر ۾ اڪثر ڪري ٿر جي پرانهين علائقن کان مھمان اچي ترسندا ھئا. ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ويچارا ٿري ماڻھو ھڪ ٻه ڏينهن سفر ڪري ميرپور خاص ۾ دوا دارون لاءِ ۽ سرڪاري ڪمن لاءِ ايندا ھئا. اھي جماعتي ماڻھو ھتي الفقراءَ منزل تي اچي ترسندا ھئا. فقير صاحب جي دسترخوان تي ڪافي مھمان موجود ھوندا ھئا ۽ مدد لاءِ به فقير صاحب کي گذارشون ڪندا ھئا جو سرڪاري ڪامورن لاءِ کين سفارش جي ضرورت ھوندي ھئي.

سنڌي فائنل جو امتحان ڏيڻ

سنڌي فائنل جو امتحان ڏيڻ

آئون جڏھين ستين درجي ۾ پڙھندو ھوس ته ھڪ ڏينهن سائين نظر محمد عباسي صاحب کي ڏٺم ته ڪنهن امتحان جا فارم ڀري رھيو ھو. مون سائين کان ان امتحان جي باري ۾ پڇيو. سائين فرمايو ته ھي سنڌي فائنل جي امتحان جا فارم آھن. جيڪي سڄي ضلعي ٿرپارڪار مان آيل آھن. ڇاڪاڻ جو انهيءَ امتحان جو واحد مرڪز گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مقرر ٿيل آھي. مون سائين کي عرض ڪيو ته ”سائين! مھرباني ڪري منھنجو فارم ان امتحان ۾ شامل ڪيو.“ بھرحال فارم ڀرجي ويو ۽ آئون بي فڪر ٿي پنھنجي ڇھين درجي جي پڙھائي ۾ مصروف ٿي ويس. تان جو فائنل امتحان جو ٽائيم ٽيبل اچي نرواور ٿيو. انهيءَ ديسي تعليم جي امتحان لاءِ منھنجي ڪا خاص تياري ڪونه ھئي. مونکي خبر ھئي ته سموري سنڌ مان امتحان ۾ سوين شاگرد شريڪ ٿيندا ھئا. مرڪزي پرائمري اسڪولن ۾ پڙھندڙ ستين درجي جا چونڊ ھوشيار شاگرد ان امتحان ۾ ويھڻ جي ھمت ڪندا ھئا. امتحان کان اڳ لائق استاد شام- رات جو ٽيوشن جا خاص ڪلاس گاسليٽ جون بتيون ٻاري ھلائيندا ھئا. انهن شام جي خاص ڪلاسن جي ڪا به في نه ھوندي ھئي. اسان جا استاد ان امتحان کي چيلينج سمجھي پنهنجا شاگرد تيار ڪندا ھئا.
ھاڻي جڏھين ميرپور ھاءِ اسڪول ۾ پوري ٿرپارڪر جي وسيع ضلعي لاءِ اھو امتحان شروع ٿيو، آئون ريگيولر ڪلاسن مان موڪل وٺي پيپر ڏيڻ ۾ مصروف ٿي ويس. ھن موقعي تي مون ڏٺو ته سموري ٿرپارڪر ضلعي مان لائق استاد پنهنجا ٻه چار شاگرد امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وٺي آيا ھئا. جيستائين پيپر ھلندو ھو، تيستائين اسڪول سامھون ميدان ۾ استاد وڻن ھيٺيان انتظار ۾ ويٺا ھوندا ھئا. سندن شاگرد جيئن ئي پيپرڏئي ٻاھر نڪرندا ھئا ته ھو اڳتي وڌي پنهنجن پنهنجن شاگردن کي وڻن ھيٺيان ويھاري وڏي اشتياق سان پيپر بابت سوال ڪندا ھئا ته ڀلا ھن سوال جو جواب ڪھڙو لکيو اٿن وغيره وغيره.
اھڙي نموني وڃي ايندڙ ڏينهن جي پيپرن جي شاگردن کي تياري ڪرائيندا ھئا. منھنجي اھا حالت ھئي ته آئون نهايت اعتماد سان پيپر حل ڪري گھر ڏانهن راھي ٿيندو ھوس. مونکي صرف ھڪڙي مضمون يعني ”ڏيھي حساب“ جي مشڪلات جو انديشو ھو. پر جڏھن پيپر سامھون آيو ته انهيءَ واڻڪي سبجيڪٽ واري پيپر کي مناسب نموني حل ڪري ڇڏيم. ان بعد ھڪ ڏينهن واءِ وا جو پروگرام رکيل ھو. انٽرويو وٺندڙ استاد تمام ڪڙڪ مزاج پئي لڳا. مون کان ھڪ ٻه سوال گرامر جا ڪيائون. ۽ پوءِ ھڪ بيت ”وقت چوي آئون بادشاھه“ اھو بلند آواز سان پڙھڻ لاءِ چيائون. مونکان پڇيائون ڪھڙي اسڪول مان آيو آھين؟ مون کين ٻڌايو ته ھن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان شريڪ ٿيو آھيان. اھڙي طرح ھي امتحان پنھنجي پڄاڻي تي پھتو. ان بعد مونکي موقعو ئي ڪونه مليو ته ڪجھه مھينن بعد امتحان جو نتيجو معلوم ڪري سگھان.
بھرحال سنڌي زبان جو اھو امتحان پنھنجي تمام وسيع نصاب موجب انتهائي اھم امتحان سمجھيو ويندو ھو. ھن امتحان ۾ پاس ٿيندڙ اڪثريت ۾ استاد طور مقرر ڪيا ويندا ھئا. يا تپيداري جي نوڪري وٺندا ھئا. ان بعد جڏھن آئون پنھنجي انگريزي وارن ريگيولر ڪلاسن ۾ وڃي حاضر ٿيس، ھم ڪلاس دوستن مونتي چرچا ڪرڻ شروع ڪيا ته ”يار! الھورايو ھاڻي تپيدار ٿين وارو آھي!“
ان زماني ۾ پرائمري استادن لاءِ اھو وڏو اعزاز سمجھيو ويندو ھو ته فائنل امتحان ۾ سندن ڪيترا شاگرد پاس ٿيا آھن. اڪثر ڪري ٻه چار پرائمري استاد پاڻ ۾ جڏھين گڏجي ويھندا ھئا ته ھڪ ٻئي کان اھو ضرور معلوم ڪندا ھئا ته فائنل امتحان ۾ توھان جا ڪيترا شاگرد پاس ٿيا؟ ان جي جواب ۾ استاد پنھنجي پاس ٿيل شاگردن جو تعداد نهايت فخر سان ٻڌائڻ پسند ڪندا ھئا. اھوئي اعزاز ۽ انعام ھو ته سندن لائق شاگرد ھڪ منزل ڪاميابيءَ جي ماڻي ورتي آھي.

اسلاميھ ھاءِ اسڪول کپرو جا شاگرد ۽ مئٽرڪ جو امتحان

اسلاميھ ھاءِ اسڪول کپرو جا شاگرد ۽ مئٽرڪ جو امتحان

انهيءَ سال مولوي محمد حسن صاحب پھوڙ کپري وارو، جيڪو کپري شھر ۾ مدرسو ۽ ھاءِ اسڪول ھلائيندو ھو. غريب شاگردن جي رھڻ، ڪرڻ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو ھيو، اھو ھڪ درجن کن شاگرد مئٽرڪ جي امتحان ۾ شريڪ ڪرائڻ لاءِ اچي الفقراءَ آفيس ۾ ترسيو. الفقراءَ طرفان شاگردن جي رھائش ۽ ماني ٽڪي جو حسب معمول بندوبست ڪيو ويو. انهن شاگردن ۾ مولوي صاحب جي پنھنجي نياڻي به امتحان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي ھئي. اھي شاگرد امتحان ڏئي پنھنجي ماڳ مڪان ڏي راھي ٿيا. مون ڏٺو ته مولوي پھوڙ صاحب شاگردن جي امتحان بابت ڏاڍو فڪرمند پئي لڳو. بھرحال انهيءَ پرائيويٽ اسلاميه ھاءِ اسڪول جي مدرسي مان ڪيترائي غريب شاگرد مئٽرڪ پاس ڪري وڃي، سرڪاري روزگار سان لڳا. انهن ۾ پروفيسر ھنڱورو صاحب به ھڪ شاگرد ھيو، جيڪو جيڪو پوءِ وڃي انگريزي زبان ۽ ادب جو ڪاليج ٽيچر ٿيو. مولانا صاحب جي نياڻي به اسڪول ٽيچر مان ترقي ڪندي، تعليم کاتي جي آفيسرياڻي ٿي ويئي. مولانه صاحب جيڪو علم جو ڏيئو روشن ڪيو اھو سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ يادگار رھندو.

ميرپورخاص کي الوداع ۽ تعليم جي سفر جو اچانڪ خاتمو

ميرپورخاص کي الوداع ۽ تعليم جي سفر جو اچانڪ خاتمو

انهيءَ سال آئون ھاءِ اسڪول ۾ ڇھين درجي انگريزيءَ جو لوڪل امتحان ڏيئي رھيو ھوس ته اچانڪ الفقراءَ اخبار کي بند ڪيو ويو ۽ فقير صاحب لڏو کڻي ڪري سانگھڙ واقع پنھنجي زمينداري لاءِ سارڪي ڪنڊي ديھه ڏانهن ھليو ويو. الفقراءَ جنهن ھندڪي جڳھه ۾ ھلندڙ ھئي اھا جاءِ ڪنهن مھاجر کي ڪليم ۾ ملي چڪي ھئي. ان جڳھه خالي ڪرائڻ لاءِ قانوني چاره جوئي جاري رکي. فقير صاحب جي چاھي ھا ته اھا جڳھه ڪليميءَ کان خريد ڪري پئي سگھيو. پر ھن ميرپور ۾ رھڻ جو ارادو ڪونه ٿي رکيو.
انهيءَ دوران مون چاھيو پئي ته امتحان جا ھڪ ٻه پيپر پورا ڪري پوءِ ڳوٺ وڃجي. آخري رات ۽ صبح جو بغير ڪنهن نيرن ناشتي جي مون وڃي آخري پيپر ڏنو. ان بعد واپس اچي پنھنجي ڪتابن جي ھڙ ٻڌي ڳوٺ واپس اچڻ جي تياري ڪيم. ھڪ ته ان ڏينهن مون وٽ منجھند جي مانيءَ لاءِ پئسو نه ھو، اھا بک جھليو پئي ھليس. ٻيو وڏو مسئلو ھو ته ميرپور خاص کان جھول تائين مون وٽ ريل جو رپيو سوا جي ٽڪيٽ لاءِ رقم به موجود ڪونه ھئي. بھرحال تمام گھڻي ڏک ۽ بک کي ساڻ کڻي، اچي ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن جي گيٽ تي بيٺس. راجا واري ريل گاڏي جيڪا جھول کان اچڻي ھئي ان جي انتظار ۾ ته متان ڪو جھول مان واقفڪار ماڻھو ملي وڃي! خوشقسمتيءَ سان جھول مان منھنجو پاڙيسري ۽ واقفڪار ھمراھه گيٽ تي نمودار ٿيو، اڳ جھلي ھمراھه سان وڃي مليس، کيس احوال ٻڌايم. ھن چيو ته شھر ۾ ٿورو ڪم آھي، اھو لاھي واپسيءَ واري ٽرين ۾ جھول ھلون ٿا. انهيءَ درميان ان دوست منجھند جي ماني پڻ کارائي. اھڙي طرح تمام گھڻي مايوسي پاڻ سان کڻي آئون جھول اچي گھر ڀيڙو ٿيس. يعني ته علم جو سفر ختم. Back to square one. وري ساڳئي زيرو تي زندگي اچي ڇيھه ڪيو. منھنجي تعليمي سفر جو اچانڪ خاتمو ٿيڻ، مون لاءِ تمام وڏو دلي صدمو ھيو. پر ڇا پئي ٿي سگھيو. والدين جو حال تمام غريباڻو ھو. منھنجي سوچ به مايوسيءَ ۾ بلڪل ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.
بھرحال منھنجي گھر واپس اچڻ ڪري امان ڏاڍي خوش ٿي. سڀ کان پھريائين منھنجي ڪمزور صحت کي ڏسي چيائين ته ” ابا! شھر جي مرچن وارن کاڌن توکي تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي.“ واقعي ميرپور جي کاڌن ۾ سواءِ مرچن جي ٻيو ڪجھه ڪونه ھو.
ھڪ ته ڪئمپ ۾ ٻاروتڻ جي شروعات ۾ ئي، منھنجي صحت کي وڏو ڇيھو رسيو، ڇو ته قيد ۾ صحت مند کاڌو ميسر ڪونه ھيو. منھنجو ڏٻرو جسم Malnutrition جو اڳ ئي شڪار ٿيل ھو. تنهنڪري اسڪول جي دوستن منھنجو نالو ئي ” سنهڙو“ رکيو ھو. ميرپور خاص جي ماحول ويتر منھنجي صحت کي خراب ڪري ڇڏيو. ان لاءِ امان منھنجي کاڌي پيتي جو خاص بندوبست ڪيو. صبح جو کير ولوڙڻ وقت منھنجي لاءِ ”مھيءَ“ جي وٽي ڀري رکندي ھئي. آئون مکڻ ۽ مھيءَ سان نيرن ڪندو ھوس. ڪجھه ڏينهن کير، مکڻ ۽ لسيءَ جي خوراڪ طبيعت ۾ ڪجھه قدر بھتري ضرور آندي.

نيٺ ڇا ڪجي!

نيٺ ڇا ڪجي!

منھنجي ذھن اھو سوال بار بار اڀري پيو ايندو ھو. پر ظاھر ۾ ڪوبه چارو نظر ڪونه ٿي آيو. اباڻو ڌنڌو ھارپ جو ھو، جنهن لاءِ منھنجي جسم ۾ گھربل توانائي ڪونه ھئي. مينهون ڀٽاريون ته موجود ھيون، پر ھاڻي مال چارڻ اوکو پئي لڳو. بازار ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن ڦرندي مونکي خيال ٿيو ته ڇونه درزڪو ڪم سکجي. ان لاءِ مائٽن کان پڇڻ کان سواءِ وڃي ”پونجا مھراج“ وٽ شاگرد ٿي ويٺس. جيڪو اسان جو مھاڙيو درزي ھو. ان مونکي پھريائين ڪاڄ ٻڌڻ تي ويھاريو. ڪافي ڏينهن ڪاڄ ٻڌندي جڏھن ان ھنر ۾ صفائي اچي ويئي ته پوءِ استاد سلائي مشين تي سڌا ٽوپا ھڻڻ جي اجازت ڏني. ان ۾ سلوارن جي ڏرن جي سڌي سلائي ڪرڻ، ائين وڌندي وڌندي وڌيڪ Skill وارا ڪم سکڻ شروع ڪيم، تان جو ٻهراڙي جي فيشن جي قميص ۽ سلوار سبڻ سکي ورتيم. ان بعد سيٺ اسماعيل انصاريءَ جي دوڪان سامھون ڪم ڪندڙ استاد ” مجيد پنجابي“ جي شاگردي اختيار ڪيم. ھن ڪاريگر جي ڪٽائي ۽ سلائي ۾ ڪافي صفائي ھوندي ھئي. خاص ڪري قميص جي سامھون پليٽ، ڪالر ۽ کيسي جي صفائيءَ کي ھن ھنر ۾ وڏي اھميت حاصل ھئي. استاد مجيد وٽ ڪم ڪندي چار پنج مھينا گذريا ته ھڪ ڏينهن ھڪ پرائمري استاد اتان گذرندي مونکي ڪم ڪندي ڏٺو. خوش خير عافيت کان پوءِ مونکان چيائين ته جيڪڏھن فائنل پاس ڪيل اٿئي ته پوءِ پرائمري استادن جي نوڪري لاءِ سانگھڙ وڃي درخواست ڏئي اچ!
مون بنا ڪنهن تصديق جي چيو ته منھنجو فائنل جو امتحان ڏنل آھي. ٻئي ڏينهن وڃي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ڀرسان واقع D.I.S جي آفيس ۾ درخواست جمع ڪرائي آيس. ھاڻي اھو ضروري ٿيو ته فائنل جي امتحان جو پاس سرٽيفڪيٽ ھجڻ لازمي آھي. ان لاءِ ٻڏ تر ڪندي نيٺ ھڪ ڏينهن راجا واري ريل ۾ سوار ٿي وڃي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ وارد ٿيس. اتي منهنجا مھربان استاد مليا، جن کي پڻ منھنجي تعليم منقطع ٿيڻ جو افسوس ھيو. ھڪڙي استاد چيو ته ”بابا! اسان سمجھيو پئي ته تون انگريزي ٻوليءَ جو استاد يا وڪيل ٿيندين!“ بھرحال مون درخواست لکي پيش ڪئي ته مون ڦلاڻي سال فائنل جو امتحان پاس ڪيو آھي. مونکي سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي! درخواست ته ڏئي ويٺس، پر دل ۾ اھو پئي سوچيم، ڇاڪاڻ ته مون رزلٽ بابت اڳ پڇا ڳاڇا ڪانه ڪئي ھئي. تنهنڪري خدا ناخواسته جيڪڏھن فيل ھوندس ته وڏي کل جوڳي حالت ٿيندي. بھرحال امتحان جي انچارج جي ميز سامھون ڌڙڪندڙ دل سان وڃي ويٺس. ھن صاحب ھڪ وڏو ليجر کوليو. صفحن جا ورق ورائيندي مونکي چيائين ته ”بابا! تنھنجو پاس سرٽيفڪيٽ ۽ مارڪس شيٽ اڳ ئي تيار پئي آھي. ھن رجسٽر تي صحيح ڪري کڻي وڃ!“
استاد جو اھو جملو منھنجي توڪلي دل لاءِ وڏو سھارو ۽ خوشيءَ جو باعث بنيو. سرٽيفڪيٽ وٺي سڌو ريلوي اسٽيشن جو رخ ڪيم. حالانڪه دل جي چاھت چاھيو پئي ته ھڪ نظر وڃي بخاريءَ جي پڙ تي لڳايان. پر دليل جي وڪيل چيو ته اتي وڃي ٻيھر دکي ٿيندين!! دل ۾ دٻيل يادن کي دھرائڻ سان وڌيڪ ڏک پرائبو. تنهڪري راجا جي ريل ۾ سوار ٿي اچي جھول پھتس. ٻئي ڏينهن اھي سرٽيفڪيٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي آيس. اتي ٻڌايو ويو ته ڦلاڻي تاريخ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي سينٽرل ھال ۾ D.I.S سيد جلال الدين صاحب اميدوارن جا پاڻ انٽرويو وٺندو. انهيءَ ڏينهن وڃي سانگھڙ ھاءِ اسڪول جي ھال ۾ حاضر ٿياسون. اٽڪل سٺ، ستر اميدوار موجود ھئا. D.I.S صاحب سامھون اسٽيج تي اچي ويٺو. ھرھڪ اميدوار کي پاڻ وٽ گھرائيندو ويو ۽ ميز ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويھاري، سامھون رکيل قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ لاءِ چوندو ويو. نيٺ منھنجو وارو آيو، مون تلاوت ڪئي، شاھه صاحب چيو ته ” بابا! روز صبح جو ڪلام پاڪ جي تلاوت ڪندو ڪر!“
انٽرويو واري انهيءَ عمل کان پوءِ شاھه صاحب سامھون واري ديوار ۾ لڳل بليڪ بورڊ تي تمام صاف اکرن ۾ ٽي سوال لکيا، ۽ بلند آواز ۾ پڙھي ٻڌايائين. ھال ۾ ويٺل اميدوارن کي سفيد ڪاغذ جا چار صفحا ڏنا ويا ۽ بورڊ تي لکيل سوالن جا جواب لکڻ جو چيو ويو. ھن عمل جي خود شاھه صاحب نگراني ڪري رھيو ھيو. ان بعد چيائين ته انهن ڪاغذن ۾ پنھنجي ماڳ مڪان جي ٽپال واري ائڊريس لکي پيپر ميز تي رکي ھليا وڃو. جنهن کي آرڊر ڏيڻو ھوندو، ٽپال وسيلي توھان کي پنھنجي گھر پھچي ويندو. ھتي پنڌ ۽ پڇائون ڪرڻ جي ضرورت ناھي.
مون واپس اچي پنھنجو درزڪو ڪم جاري رکيو. ان زماني ۾ استاد مونکي ٽي رپيه روزانو مزدوري ڏيندو ھو. ھڪ ڏينهن پنھنجي ڪم ۾ مصروف ھئس ته ٽپالي ھڪ خاڪي لفافو اچي ڏنو. يڪدم کولي پڙھڻ شروع ڪيم، پني جي مٿان آفيس آرڊر لکيل ھو. ھيٺ عبارت ھينئن شروع ٿي.
” مانوارو منشي الھورايو ولد آگو خان بھڻ ٿئي ھه- م گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ مير الھداد خان ٽالپر تعلقو کپرو.........“
شايد ان آرڊر تي ماھوار پگھار به لکيل ھو، جيڪو مبلغ سٺ رپيا مھينو ھو. منھنجي دل خوشيءَ سان ٽمٽار ٿي وئي. ان لاءِ آئون علم جي سفر ۾ جنهن ڏاڪڻ جي آخري ڏاڪي تان ھيٺ ڪري اچي درزي ٿيو ھوس، ھاڻي وري مونکي موقعو مليو ته علم جو سفر جاري رکان ۽ علم جي سکيا به ڏيان. مون پنھنجي نوڪري جي پرواني جي ڳالھه استاد مجيد سان بيان ڪئي، جنهن چيو ته ”چريا! توکي ھن وقت به آئون 90 رپيھ مھينو ۽ چانهه پاڻي ڏيان ٿو. پوءِ تون ڇو سٺ رپين تي وڃي، پرديس ۾ ڌڪا ٿو کائين!!“
مون بھرحال استاد کي عرض ڪيو ته ھاڻي مونکي درزڪو ڪم ختم ڪرڻ جي اجازت ڏيو ته مھرباني.!

وري واپس علم جي شاھراھه تي

وري واپس علم جي شاھراھه تي

منھنجو پرائمري ٽيچر جو آرڊر آڪٽوبر 1960ع ڌاري جو ٿيل ھو. ھاڻي آئون اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي دخلڪار ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. ٽين جي ھڪ ننڍي پيٽي ۾ ٻه وڳا ڪپڙن جا، ڪجھه ڪتاب مير الھه بخش پبلڪ لائبريري مان ورتل. مونکي ياد آھي ته جيئن قاضي محمد عالم معصوم ھالائي، جھول ۾ حاجي خدا بخش ڪيرئي واري ماڙيءَ جي دوڪانن ۾ مير الھه بخش پبلڪ لائبريري جاري ڪئي ته ڪتابن پڙھڻ جي ڪشش مونکي لائبريري ۾ وٺي وئي. قاضي صاحب سان به شناسائي ٿي ۽ ڪتابن جي مطالعي جو مون لاءِ مرڪز به کلي پيو ھو.
ھاڻي سڀ کان پھرئين سوال اھو ٿيو ته آخرڪار مير الھداد ٽالپر جو اھو ڳوٺ ۽ اسڪول کپري جھڙي وسيع تعلقي ۾ ڪھڙي ھنڌ واقع آھي. مونکي ڪنهن ماڻھوءَ ڏس ڏنو ته اھو ڳوٺ سنڌڙي واري بان جي موريءَ کان ٿورو اوڀر پاسي، کپري روڊ جي اتر ۾ واقع آھي. سنڌڙي جي موريءَ کان بلڪل سڏ پنڌ ٿيندو ۽ اتر کان ھڪ وڏو ڪوٽ به ڏسڻ ۾ پيو اچي.
آئون بھرحال سنڌڙي موريءَ تي بس مان لھي، ٽين جي پيتي کڻي وڃي انهيءَ نواب الھداد جي ڪوٽ وٽ پھتس. ڪوٽ جي پراڻي دروازي کان اندر ھڪ وڻ ھيٺيان ٻه ٽي ھمراھه ويٺل نظر آيا. سلام دعا بعد مون کين ٻڌايو ته آئون مير الھداد جي ڳوٺ ۾ استاد مقرر ٿي آيو آھيان، مونکي اسڪول جو ڏس ڏيو. اھا ڳالھه ٻڌي ھڪڙي ھمراھه حقو پيئندي ھلڪي مسڪراھٽ سان وراڻيو ته ھيءُ ڪوٽ ۽ زمين برابر مير صاحب جي آھي ۽ اسين زمين جا مقاطعي دار آھيون پر ھتي ڪوبه اسڪول ڪونهي. مير صاحب جون سنڌ ۾ ڪيتريون ئي جاگيرون آھن، توھان جو اسڪول ڪنهن ٻئي ھنڌ ٿي سگھي ٿو. ان ويلي سج به ذري گھٽ لھڻ وارو ٿي چڪو ھو. ھاڻي وڃجي ته ڪھڙي پاسي! ان زماني ۾ ميرپور کپرو روڊ تي ايتري گھڻي ڪا بس سروس به موجود ڪونه ھئي. ھاڻي بس ڌڻيءَ تي رکي واپس اچي روڊ ورتم ھنڱورني شھر ڏانهن. ٿوري گھڻي اوندھه ٿي چڪي ھئي، اتي ھڪ دڪاندار کان ھنڱورني شھر جي پرائمري اسڪول جي پڇا ڪيم، نيٺ ڪنهن طرح سان اسڪول وٽ اچي پھتس. اسڪول جي استادن بابت پڇا ڪيم، مونکي ٻڌايو ويو ته سامھون ھڪڙي ڪمري اندر ھڪ ٻه استاد رھندڙ آھن!
بھرحال اتي وڃي ڪلوئي مھمان ٿي، زور سان سلام واريم. ھڪ ھمراھه نڪتو، مون کيس ڪونه سڃاتو، پر ھن مونکي سڃاڻي ورتو ۽ نالو وٺي چيائين ته ”الھورايا! يار ھتي ڪٿي؟“ پوءِ مون سڃاتو ته اھو استاد ”عبدالله ٽالپر“ منھنجي استاد عبدالرحيم ٽالپر جو ڀاڻيجو ھو ۽ اڳئي واقفڪار ھئاسون. مون کيس مون واري نوابي پرائمري اسڪول ۾ استاد جي نوڪري جي ڳالھه ٻڌائي. رات جو رھياسون ھنڱورني شھر ۾. اتي مونکي استادن ٻڌايو ته واقعي ميرن جون جاگيرون سنڌ ۾ پکڙيون پيون آھن. خبر نه آھي ته تو وارو اسڪول ڪٿي آھي. ھينئن ڪر جو کپري واري لاريءَ ۾ سوار ٿي، تعلقي اسڪول جي ھيڊماستر سان مل. جنهن وٽ سموري تعلقي جي اسڪولن جي معلومات آھي. صلاح کي ٺيڪ سمجھندي صبح جي وقت بس ۾ سوار ٿي وڃي کپري ۾ پھتس. اسڪول جو پتو پڇندي نيٺ وڃي تعلقي پرائمري اسڪول کي ڏوري ڏٺم. اسڪول ھندن جي پراڻي ڌرم شالا جي عمارت ۾ ھلندڙ ھو. تعلقي ماستر جو پڇائي وڃي ميز اڳيان بيٺس. ھڪ عجيب و غريب شخصيت کي ڪرسيءَ تي براجمان ڏٺم. ھڪ رعبدار مڇن وارو ڪُلو ٻڌل، ڪوٽ پاتل شخص جو وڃي سلام ڪيم. حال احوال ورتائين، اسڪول جي نالو ٻڌي مُڇن جي زير لب مسڪراھٽ سان چيائين ته ”بابا! ڏاڍي ڏکئي ھنڌ وارو اسڪول اٿئي! خير ھاڻي ائين ڪر جو ھتان کان ڪچي رستي تي ھڪ کٽارو بس کاھي پٿورو ويندي آھي. انهيءَ ۾ سوار ٿي وڃي کاھي شھر ۾ پھچي، اتان کان الھندي طرف کاھي کان ڦلھڏيون وارو ڪچو رستو ڏئي، ٻه ڪلوميٽر ڦلھڏيون جي پاسي پنڌ ڪندين ته رستي جي ڏاکڻي پاسي، مير الھداد ٽالپر وارو اسڪول واقع اٿئي!“ مونکي اھو به ٻڌايائين ته ”بابا! ٻه ٽي مھينا ٿيندا ته انهيءَ اسڪول ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نوابشاھه ضلعي جو ھڪ ڀٽي ذات جو استاد دماغي ڳڙٻڙ سبب موڪل تي ھليو ويو آھي، ھاڻي تون وڃ! الله ڀلي ڪندو!“
بھرحال آئون ۽ مون واري ٽين جي ننڍڙي پيتي، انهيءَ ڪچي رستي واري کٽاري لاريءَ ۾ لوڏا کائيندا وڃي کاھي پھتاسون. اتان ڏس مطابق ڦلھڏيون رستو وٺي اسڪول جي تلاش ۾ روانو ٿيس. واٽ تي جيڪو به ماڻھو ٿي مليو ان کان ڏس پڇندو پئي ويس. نيٺ سج لٿي مھل ٻنين مان گذرندي وڃي مير الھداد جي جاگير واري ڳوٺ ۾ پھتس. اسڪول جي پڇا ڪرڻ تي ھڪ ٻن ميگھواڙ قوم جي ماڻھن کلندي، مونکي اچي اسڪول واري ھنڌ پھچايو. پوءِ اتي ھڪ اوڏڪي ڀت واري ڊٺل ڪمري ڏانهن اشارو ڪري چيائون ته ”ماستر! اھو اٿئي تو وارو اسڪول جيڪو گذريل برساتن ۾ ڊھي پيو آھي.“
منھنجي دل ۾ خيال اڀريو ته مير الھداد ٽالپر ميرپور سرڪار جي ٽالپر حاڪمن جي نشاني، سنڌ ۾ دولتمند ۽ شاھوڪار ترين شخصيت جي ديھه ھالارو، تعلقي کپري واري جاگير واري ڳوٺ جو اسڪول ڊٺو پيو آھي يعني ” نام بڙا، درشن ڇوٽا!“
خير ٿوري دير کان پوءِ مير صاحبن جو مئنيجر جيڪو چانڊيا ذات جو ڀلو مڙس ھو، اھو اچي مونسان مليو. سندس چوڻ ھو ته اڳوڻو استاد بيماري سبب موڪل تي ھليو ويو، پويان اوڏڪي ڀت وارو اسڪول جو ڪمرو برساتن ۾ ڊھي ويو، پر اسڪول جون بئنچون محفوظ پيون آھن. اسڪول جي رڪارڊ واري پيتي به پئي آھي.
مون کيس عرض ڪيو ته في الحال اھي بئنچون ھن ٻٻر جي وڻ ھيٺيان رکي ڏيو. ڪاٺ جو بليڪ بورڊ مون رسيءَ سان ٻٻر جي ٿڙ سان ٻڌي ٽنگي ڇڏيو. ڳوٺ ۾ تمام مختصر گھر ھئا، جن ۾ اڪثريت ميگھواڙ قوم جي ھئي. ھڪ ٻه گھر ماڇي قوم جا ھئا. چڱو موچارو گھر چانڊئي صاحب جو موجود ھو. مون کين عرض ڪيو ته ھڪ کٽ مھرباني ڪري ھن ٻٻر ھيٺيان رکي ڇڏيو. باقي ڪم منھنجو آھي ته آئون ڪيئن ٿو ھلايان.
ٻئي ڏينهن ٻٻر جي وڻ ھيٺيان اسڪول جي پڙھائي شروع ڪيم. ڪافي ڏينهن لڳا ٻارن کي سندن وساريل سبق ياد ڏيارڻ ۾. چانڊئي صاحب جو ھڪ فرزند ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندو ھو، ڪافي ادب ۽ لحاظ وارا ماڻھو ھئا. آئون اسڪول ٽائيم ۾ ٻٻر ھيٺيان پڙھائي ڪندو ھئس. ٻارن کي موڪل ڏئي، ٻٻر جي ڦرندڙ ڇانو ۾ کٽ ريڙھي، ان تي آرام ڪندو ھوس. ٽي ويلا ماني مئنيجر صاحب وٽان ايندي ھئي. صبح جو لسي ماني، ڪڏھن مکڻ ڦٽي، يا ڪڏھين چانهه ماني ملندي ھئي. منهجند به دال ماني ۽ لسي ملي ويندي ھئي. رات جو کير مانيءَ تي گذارو ٿيندو ھو.
مھيني ۾ ھڪ دفعو کاھي وڃي، اتان پگھار وصول ڪبو ھو. سواريءَ لاءِ غريب طبع گھوڙي سنجي ڏيندا ھئا. اُھا اچي کاھي شھر ۾ گھوڙن ٻڌڻ جي پڙيءَ حوالي ڪبي ھئي. جتي ھڪ ماڻھو چوڪيداري جي معمولي رقم وٺندو ھو. پگھار وٺي وري پوئين پير اسڪول ڏي واپس اچبو ھو. ڪڏھين کاھي شھر کان ڳوٺ پيادل به واپس اچبو ھو. رستي ۾ شر ذات جي ھمراھه جي رڍن جي واڙي ۽ گھرڙو ٺھيل ھيو، سندس ذھين پٽڙو مون وٽ پھرئين درجي ۾ پڙھندو ھو. اتان کان گذرندي جيڪڏھن شر بلوچ جي نظر پئجي ويندي ھئي ته حجت ڪري گھران کٽ کڻي، ڪنهن وڻ ھيٺ رکي، مکڻ مانيءَ سان لنچ ڪرائي پوءِ ڇڏيندو ھو. غريب ھاري ھوندي به ھي ھمراھه ڏاڍو دل جو سخي مھمان نواز بندو ھو.

کاھي عشق جي ڦاھي

کاھي عشق جي ڦاھي

کاھي شھر بابت ٻهراڙيءَ جا ماڻھو اڪثر ڪري اھو مٿيون جملو دھرائيندا ھئا. ان جو ڪو خاص مطلب ته ڪونه ھو. صاف ظاھر ھو ته کاھي شھر ڀرسان قديم عرصي کان سدا سھاڳڻين جي لال بازار ھلندڙ ھئي. ٻڌو اٿم ته ان جا ڪجھه آثار اڃان به باقي به آھن. جتي وزيٽر اچن ٿا. کاھيءَ جو علائقو مير صاحبن جي ديھه ھالاري واري جاگير کان سواءِ مري بلوچ قوم جو علائقو آھي. جتي ھن قوم جون ٻنيون ٻارا، ڳوٺ ۽ گام قائم آھن. ڇوٽن موٽن ڳوٺن کي ڇڏي کاھي شھر، مري خاندان جو شھر آھي. جتي ھنن جي وڏي زمينداري ھئي. ڀرسان ڀٽ ڀائٽي جا مري وڏا رئيس ڪوٺبا ھئا، جن جون زمينون وڏي علائقي ۾ پکڙيل ھيون. 1960ع ۾ مون کاھي شھر کي زوال پذير ڏٺو. اتي رئيسن جي ڪاٽن فيڪٽري به بند پيل ھئي. شايد ڪنهن مالي مشڪلات سبب. کاھي شھر کان کپري، ڪلر جي زمين جو ڪچو رستو ھو. ٻئي پاسي اولھه ۾ ڦلھڏيون ڪچو رستو ويندو ھو. ڦلھڏيون کان پراڻي ميرپور واري روڊ تائين ڪچو رستو ھو. کاھي کان پٿورو ۽ گرھوڙي شريف به ڪچو رستو ھوندو ھو. مون واري اسڪول کان اتر طرف فقير يار محمد مري جو مئخانو ھو. جتي صوفيانو راڳ رنگ جاري رھندو ھو. مونکي ان مئخاني ڏسڻ جو موقعو ڪونه مليو. باقي ٻين محفلن ۾ فقير يار محمد جو صوفيانه راڳ ضرور ٻڌو ھئم.

مير الھداد خان ٽالپر، مال ڌارڻ جو وڏو شوق رکندڙ شخصيت

مير الھداد خان ٽالپر، مال ڌارڻ جو وڏو شوق رکندڙ شخصيت

ميرپور جو مير خاندان سنڌ جو چوٿون پايو ليکيو ويندو ھو. ٽالپرن جي شاھي خاندان جو ھيءُ ميرصاحب، مال ڌارڻ جو وڏو شوق رکندڙ شخص ھو. ھرھڪ مال مان خاص نسل جا جانور خريد ڪرڻ، انهن کي پالڻ، انهن جا تُور وٺڻ. چون ٿا مير صاحب سنڌ ۾ گھمندي سندس ٻڪرين جي نسل واري ٻڪري ڪنهن ٻئي ھنڌ ڏسندو ھو ته ان کي سڃاڻي ويندو ھو. ھالاري واري جاگير تي ڪجھه گھوڙيون ۽ خاص نسل جا گھوڙا به رکيل ھئا. ڪجھه ڳئون ۽ ٻڪريون به موجود ھيون. آئون جنهن زماني ۾ نئون نئون اتي ويس ته وونڻن جو فصل بيٺل ھو. ان جا آخري چونڊا ٿي رھيا ھئا. مون ڏٺو ته وونڻن جي فصل ۾ ھڪ لاسي گڏھه تمام وڏي قد ڪاٺ واري جال پئي چرندي ھئي. منھنجي پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ان نسل جي اھا کوتي مير صاحب جي طرفان ڇيڪ ڇڏيل ھئي.
ھڪ روز ڇا ٿيو جو ھڪ ھاري اچي مئنيجر صاحب کي ٻڌايو ته مير صاحب جي اھا لاسڻ گڏھه ٻنيءَ ۾ مئل پئي آھي. يڪدم ماڻھو ڊوڙايا ويا، جن ٻڌايو ته گھڻي عمر سبب پنھنجي ماريءَ مري وئي آھي. مئنيجر صاحب پنھنجو نائب ڪمدار، جيڪو ڳاڙھي ڏاڙھي وارو قداور اڌيڙ عمر جو ماڇي قوم سان تعلق رکندڙ بزرگ، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو ، ڳالھائڻ جو ڀڙ ھيو. ان کي مئنيجر صاحب چيو ته صبح واري لاريءَ ۾ ميرپور وڃي مير وڏي کي ھن جانور جي مري وڃڻ جو اطلاع ڪري اچ. ٻن ڏينهن بعد نائب ڪمدار صاحب مير صاحب کي رپورٽ ڪري واپس آيو ۽ اچي چانڊئي مئنيجر کي حال ٻڌايائين. چيائين مير صاحب ڳالھه ٻڌي چيو، ”يار! اھا لاسڻ تُور ڏيڻ کان سواءِ مري وئي، جي تور ڏئي وڃي ھا ته ڀلو!“

کاھي مان بدلي ڪرائڻ جو چمتڪار

کاھي مان بدلي ڪرائڻ جو چمتڪار

ھڪ ڀيري ھڪ ٻه ڏينهن موڪل تي جھول آيس. واپسيءَ دوران خبر پئي ته ميرپور ڦلھڏيون کاھي رستو بند آھي. لاري ڪونه ٿي ھلي. مونکي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي پھچڻو ھو. ان لاءِ متبادل رستو اھو ھو ته ميرپور مان ريل رستي وڃي پٿورو اسٽيشن تي پھچان. اتان پنڌ ڪري وايا گرھوڙ شريف اسڪول ۾ پھچان. ان پروگرام موجب ميرپور مان ريل تي سوار ٿي وڃي پٿوري اسٽيشن تي لٿس. اسٽيشن کان ٻاھر نڪرندي مون ڏٺو ته ميرپور ھاءِ اسڪول ۾ ٿورو وقت پاڙھيندڙ منھنجو استاد محمد جمن دائودپوٽو صاحب، پنھنجي ڪٽنب جي ٻن ماين سان گڏ اچي اسٽيشن تي ٽرين مان لٿو. مونکي ڏسي سڏ ڪري ويجھو اچڻ لاءِ چيائين. کيس حال ٻڌايم ته آئون گرھوڙ شريف کان ٻه ڪلوميٽر اتر طرف ھڪ ڳوٺ ۾ پرائمري ٽيچر آھيان. ھاڻي اوڏانهن پئي ويس. مونکي سائين چيو ته چڱو ھاڻي پاڻ ٽانگو ڀاڙي ڪري ٿا ھلون گرھوڙ شريف. مونسان گڏ جيڪي مستورات آھن، انهن جي گرھوڙ شريف تي باس باسيل آھي. تون به اسان سان گڏجي ھل. سائين محمد جمن دائودپوٽو اصل ۾ چوٽيارين جو رھاڪو ۽ اسان جي جماعت جو فرد ھو. بھرحال رستي ۾ استاد دائودپوٽي مونکي ٻڌايو ته ھو ھن وقت تعلقي سنجھوري تي تعليم جو سپروائيزر مقرر ٿيل آھي، تنهنڪري جلد ئي واپس وڃي تنھنجي بدليءَ جو آرڊر ڪرائيندس. گرھوڙ مان آئون سائينءَ کان موڪلائي اسڪول پھتس.
ڪجھه ڏينهن کان پوءِ منھنجي اسڪول جو ساليانو امتحان وٺڻ لاءِ جناب سپروائزر صاحب رئيسن جي جيپ ۾ سوار ٿي اچي پھتو. انهيءَ عرصي ۾ مون اسڪول لاءِ ڳوٺاڻن جي مدد سان ھڪڙو ڪکائون ڇپر جوڙائي ڇڏيو ھو. ٻارن جو تعداد ٿورڙو ھو، صاحب امتحان فرمائي رزلٽ شيٽ جا پنا کڻي، ساڳئي جيپ ۾ ھليو ويو. مونکي ھڪ ھفتي ۾ گرھوڙ شريف مان رزلٽ واپس وٺڻ جو حڪم ڪيائين. منھنجو ھي سپروائيزر ميمڻ صاحب ڪنهن زماني ۾ ميرپور ھاءِ اسڪول ۾ ٽيچر ٿي رھيو ھو. پر منھنجو ساڻس ڪو واسطو پيل ڪونه ھو. مقرر ڏينهن تي پنڌ وڃي گرھوڙ شريف پھتس. صاحب سامھون اسڪول ۾ ويٺو ھو. ان جي ڪنهن واٺي مونکي چيو ته پنج رپيه في شاگرد مھماني طور طلب ڪيا ويا آھن. انهن جي ملڻ بعد صاحب صحيح ڪندو. اھا رقم سئو، سوا سئو کان ڪجھه وڌيڪ ٿي، مون وٽ ته ڪجھه ڪونه ھو. ان ڪري اسڪول کان ٻاھر وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويٺس. اتي ھڪڙي ھمراھه مونکان پڇيو ته ”بابا! ڪير مڙس آھين؟“ مون کيس تعارف ڪرائي ٻڌايو ته صاحب ڪجھه رقم لاءِ ترسايو ويٺو آھي. ھن ھمراھه ٻڌايو ته آئون رئيس جو ڪمدار آھيان ۽ ھن صاحب کي رئيسن کان جيپ به مون وٺي ڏني آھي. بس تون ويھه آئون ھن کان ڪاغذ صحيح ڪرائي کڻي ٿو اچان! ڪجھه دير کان پوءِ اھو مھربان رزلٽ شيٽ جون ڪاپيون صحيح ڪرائي کڻي آيو. مطلب ته تعليم کاتي ۾ مھمانيءَ جي نالي ۾ رشوت جي ھيءَ ھڪ سادي شروعات ھئي.

ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پاڙھڻ

ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پاڙھڻ

ٿورن ڏينهن کان پوءِ سائين جمن دائود پوٽي وعدي موجب منھنجي بدليءَ جو آرڊر ڏياري موڪليو، جنهن ۾ لکيل ھيو ته:
” مانوارو منشي الھه ورايو ٿئي ن-م گورنمينٽ پرائمري اسڪول گل حسن سريوال.“ اھو آرڊر ڏسي مونکي تمام گھڻي خوشي ٿي ته ڪيئن نه قدرت منھنجي لاءِ مددگار ٿي گرھوڙ شريف جي پنڌ ۾ موڪليو ۽ منھنجو وڏو مسئلو حل ٿي ويو.
ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ استاد محمد يوسف سومري صاحب وٽ، اچي ڊيوٽي رپورٽ ڪيم. استاد محمد يوسف سومرو اصل موري، نوابشاھه جو رھاڪو ھو. ان وقت موري، نوشھري ۽ نوابشاھه جا تمام گھڻا استاد ضلعي سانگھڙ ۾ سروس ڪندڙ ھئا. سائين محمد يوسف ھڪ با اصول ۽ ھوشيار استاد ھو. ان مونکي رئيس داري خان سريوال سان متعارف ڪرايو. اسان وارو اسڪول رئيس داري خان سريوال جي اوطاق جي احاطي اندر ھڪ صفحي ۽ ورانڊي ۾ ھلندڙ ھو. رئيس روايتي نموني سان ڀليڪار ڪئي ۽ آڇ ڪيائين ته ”ھتي نيرن پاڻي به ڪندا ڪريو!“ رئيس تمام سادي طبيعت وارو ۽ مھمان نواز ھو، اسان لاءِ اڪثر منجھند جي ماني پاڻ کڻي ايندو ھو. سندس فرزند به قربائتا ماڻھو ھئا.
سريوال ذات جا ماڻھو سرائيڪي ڳالھائيندا آھن، سري وال معنى سري وارا ماڻھو، يعني سنڌ جي اتر کان ايندڙ لوڪ. ھن ڳوٺ جي سريوال برادري جا ماڻھو پنهنجن ٻارن کي اسڪول ۾ داخلا وقت ذات جي ڪالم سريوال ۽ بريڪٽ ۾ نظاماڻي ضرور لکائيندا آھن. يعني ته سريوال نظاماڻي. ڳوٺ گل حسن سريوال ۾، سريوال برادري سان گڏ مڱريا، وساڻ، خاصخيلي ذاتيون رھندڙ ھيون. ھي سڀ ماڻھو جماعت روضي ڌڻي سان تاريخي طور وابسته ھئا. باقي ڳوٺ ۾ ڪھيري ذات جي ماڻھن جا ھڪ ٻه گھر ۽ پارڪريا ڀيل ذات جا ماڻھو به رھندڙ ھئا.
جيئن ته سرائيڪي لوڪن جو رواج آھي ته ھو ھڪ ٻئي کي اڪثر ڪري ”رئيس“ لفظ جي لقب سان مخاطب ٿيندا آھن. اھو رواج سڀني سرائيڪي ڳالھائيندڙ ذاتين ۾ موجود آھي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪلھوڙا دور جي تاريخ ۾ ھي ماڻھو سنڌ ۾ اچي مقيم ٿيا ۽ مير صاحبن جي حاڪميت تائين ڪافي قدر سنڌ ۾ ڇيڙي نبيري ۽ زمين جا مالڪ رھيا آھن.
سريوالن جي بزرگن جا نالا به يوناني ڪردارن وارا ھوندا ھئا. ھنن ۾ ”دارا“ ”سڪندر“ ۽ ”رستم“ جھڙا نالا عام ھئا. بھرحال رئيس دارو خان ڳوٺ جو ھڪ رڄ چڱو مڙس، انتهائي سادي طبيعت رکندڙ، علم لاءِ چاھه رکندڙ انسان ھو. سندس وڏو ڀاءُ حاجي سڪندر تمام مذھبي ماڻھو. ڳوٺ جي مسجد ۾ نمازن جي امامت ڪندڙ ۽ ھر جمعي نماز دوران مولانا جتوئي صاحب جي رسالي مان خبطو پڙھڻ. ديني صلاح مصلحت ۾ ماڻھن جي مدد ڪندڙ بزرگ ھيو. رئيس دارا خان جا ھاري اڪثر ڪري پارڪري ڀيل ھوندا ھئا. مون ڏٺو ته رئيس ڀيلن سان نهايت روانيءَ سان پارڪري ڀيلڪي ٻولي ڳالھائيندو ھو. ھن ڳوٺ جا مڱريا فقير ۽ خاصخيلي گھڻو ڪري ھاري ناري ھئا.
اسڪول ۾ انهن سڀني ذاتين جا ٻار زيرتعليم ھئا. استاد محمد يوسف جي ڳوٺاڻا تمام گھڻي عزت ڪندا ھئا. ھن ڳوٺ ۾ رھندڙ ماڻھو پنھنجي نياڻين کي به ساڳئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ موڪليندا ھئا. ھن ڳوٺ مان شروعاتي شاگردن مان گل محمد مڱرئي کي 1970ع ڌاري ”حبيب بئنڪ“ ۾ ملازمت ملي. سريوال برادري جي ھڪ ٻئي زميندار ڪٽنب مان رئيس عبدالڪريم سريوال پڙھي وڪيل ٿيو ۽ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر به رھيو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر محمد علي سريوال ضلعي سانگھڙ ۾ صحت کاتي جي مختلف عھدن تي رھيو. آئون جنهن وقت سريوال ڳوٺ ۾ مقرر ٿي آيس، ان وقت رئيس عبدالڪريم وارن جو ڪٽنب پنھنجي برادري سان زمين تان جھڳڙي سبب لڏي وڃي سانگھڙ ۾ مقيم ٿيو. اسڪول ۾ اچڻ وڃڻ لاءِ مون ھڪ ”ھرڪيولس“ سائيڪل خريد ڪئي. صبح جو سائيڪل تي اسڪول ٽائيم اندر وڃبو ھو. جھول مان اسڪول ڏانهن نڪرندي مونسان گڏ ھڪ شخصيت سائيڪل تي ھمسفر ھوندي ھئي. اھو بزرگ ”صوفي صاحب“ سانگھڙ پوليس ۾ ايس پي صاحب جي دفتر ۾ ھيڊ ڪلارڪ مقرر ھيو. سياري اونهاري اڪثر ڪري صبح جي وقت جھول کان سانگھڙ ڏانهن مونسان سائيڪل جي سفر جو ”ھم سفر“ ماڻھو نهايت سادو ۽ پوليس کاتي جي اھم ٽيبل تي تعينات ھوندي به فقط حق حلال جو پگھار کڻندڙ انسان ٿي گذريو آھي.

گولاڙڪي جو ڳوٺ

گولاڙڪي جو ڳوٺ

گولاڙڪي پرائمري اسڪول گل حسن سريوال مين پرائمري اسڪول جي برانچ ھو. گولاڙڪي اسڪول جو استاد جڏھن ڪجھه ڏينهن جي موڪل تي ويندو ھو ته مين اسڪول مان مونکي گولاڙڪي موڪليو ويندو ھو. گولاڙڪي ڳوٺ ۾ مري بلوچن ۽ خاصخيلي ذات جي ماڻھن جي آبادي ھئي. ڳوٺ انتهائي غربت جو ڏيک ڏيندڙ ھو. اسڪول ۾ تمام ٿورڙا ٻار پڙھڻ لاءِ ايندا ھئا. ھن وقت جا تمام وڏا زورآور مري زميندار، ان وقت ٻني ٻاري وارا ڪونه ھئا. سندن ٻار به ذھني غربت جو شڪار ٿي ڏٺا. زماني جي ردوبدل ۾ ھاڻي اھي وقت جا وڏا زميندار ۽ محل ماڙين وارا ٿي ويا آھن.

چندن پٽي

چندن پٽي

گولاڙڪي اسڪول ڏانهن ويندي، رستي ۾ ھڪ نيم وارياسي ڊٻ ايندي ھئي، جنهن ۾ کِپ جا ٻوٽا ھوندا ھئا. ان وارياسي زمين جي پٽي کي مقامي ماڻھو ”چندن پٽي“ جي نالي سان سڏيندا ھئا. اتي بھرحال چندن جا خوشبودار ڪاٺيءَ وارا وڻ ته ڪونه ھئا. البته ان پٽ جو نالو تمام شاعراڻو آھي. ھن وقت چندن پٽيءَ واري زمين تي سانگھڙ شھدادپور روڊ تي رئيس عبدالڪريم سريوال جي ڏنل زمين تي او- پي- ايف وارن ھڪ تمام وڏو تعليمي ادارو تعمير ڪرايو آھي. رئيس عبدالڪريم زمين ته دان ڪري ڇڏي، پر انهيءَ تمام مھانگي تعليمي اداري کي ھدايت ڪونه ڪيائين ته سنڌي زبان به سيکارين ۽ اھڙي ڪابه شرط ڪونه رکيائين ته آسپاس ڪم از ڪم سريوال ڳوٺ جي غريب شاگردن جي في معاف ڪري ھن اداري ۾ داخلا ڏني ويندي.

ڪليمن جي ڪاري ڪاروبار جو دور

ڪليمن جي ڪاري ڪاروبار جو دور

1960ع واري زماني ۾ سنڌ اندر ھندن جي ڇڏيل زمينن ۽ سنڌ جي سڀني شھرن ۾ ھندن جي شھري ملڪيتن بابت ايوب حڪومت ڪليمن جي ڪاري ۽ ڪوڙي ڪاروبار جي پٺ ڀرائي ڪندي، حڪم ناما جاري ڪيا ته ھندن جون زرعي زمينون ۽ شھري ملڪيتون، دوڪان، محل ماڙيون ھندستان مان ھجرت ڪري ايندڙ ھمراھن جي قوم لاءِ سندن ڪليمن موجب انهن جي حوالي ڪيون وڃن. ڪليم ڀرڻ جي عمل کي تمام گھڻو آسان ڪيو ويو. ڪليم فارم ۾ ھندستان ۾ پوئتي ڇڏي آيل زمينن ۽ مڪانن بابت فقط ھڪ سادي سودي شرط ھئي ته ڪو به گزيٽيڊ ڪامورو ان تي تصديقي دستخط ڪري. اھو ڪم ماٺ ميٺ ۾ ڪو اڳيئي ٿي چڪو ھو. اسان جي تر جي ”واڻڪين زمينن “ جا اچانڪ دعويدار ڪليم بوڪ ھٿن ۾ کڻي، ڪٿان ڪٿان اچي ظھور پذير ٿيا. مون ڏٺو ته ان زماني ۾ روينيو کاتو، ھندستان کان آيل ڪليمين جو وڏو مددگار ٿي پيو. ان زماني جا مختيار ڪار ۽ تپيدار ڪوڙن ڪليمن جا وڏا ٻانهن ٻيلي ٿي پيا. خاص ڪري سنڌي ھارين جي ان طبقي جي خلاف جيڪي ھندن جي ڇڏيل زمينن تي ھارپو ڪندڙ ھئا ۽ پوءِ انهن کي ”الاٽي ھاري“ جو نالو ڏئي 8-10 ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ڏني وئي ھئي. اھا زمين الاٽي ھاري آباد ڪري فصل کڻڻ لڳا ۽ ساڳئي وقت سرڪاري ڍل به ادا ڪندا رھيا. ڪليمن جو ھيءُ ڪارو قانون الاٽي ھارين مٿان مصيبت وانگر نازل ڪيو ويو. الاٽي ھارين کي دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ سندس نالي الاٽ ٿيل زمينن جي بلي ڍل کانسواءِ زمين جي مقاطعي جا ڳرا بل روينيو کاتي جاري ڪيا، جن جي ادائيگي ڪرڻ ھارين جي وس کان ٻاھر ھئي. ان بعد انهن الاٽي ھارين کي قبضو ڇڏڻ ۽ زمين ڪليمين حوالي ڪرڻ جا حڪم ناما جاري ٿيا.
منھنجي وڏي ڀاءُ جي نالي ديھه 11-دم تي زمين جا ڪجھه ايڪڙ الاٽ ٿيل ھئا. انهيءَ تي پنجاب کان آيل ڪليمين زوري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جھڳڙو ٿي پيو. ڪليمين وڃي ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. پوليس ھڪدم ايڪشن ۾ اچي گرفتاريون شروع ڪيون ۽ معاملو ڪورٽن، ضمانتن ۽ وڪيلن تائين پھتو. ان واقعي ۾ زمين ته ڪليمي ڦري ويا، پر جھيڙي جي ڪيس ۾ ڍڳا ڍور وڪڻي وڪيل ڪري مس وڃي جان ڇڏائي سون!

شھري ملڪيتن ۾ ڪليمي ڪاروبار

شھري ملڪيتن ۾ ڪليمي ڪاروبار

جھول شھر ۾ ھندن جي ڇڏيل گھرن ۽ دوڪانن تي ڪليمي ڪاروبار اچانڪ شروع ٿي ويو. ھن شھر ۾ راجستان جي ڀيلواڙي ضلعي مان لڏي آيل انصاري لوڪن وڏو فائدو ورتو. ھنن جو ايجنٽ حاجي ڊالڊا نالي ھڪ لکنوي انداز جو ماڻھو ھيو. جيڪو نهايت چرب زبان ۽ رشوتون باسي ڪليم پڪا ڪرائڻ جو ماھر ھو. راجستاني ڪليمين ڇا ڪيو جو ھن حاجي کي ھڪ ڪار ۽ ڊرائيور مقرر ڪرائي ڏنائون. جيڪو حيدرآباد، نوابشاھه جي سيٽلمينٽ کاتي جي آفيسرن کي رشوتون ڏيئي ھنن لاءِ اڌ شھر جا دوڪان ۽ مڪان حاصل ڪري آيو.
جھول شھر ۾ ٻيو به ”ھڪ اکيو“ جمعدار ڪليمين حاصل ڪرڻ جو وڏو ماھر ھو. ان ماڻھوءَ به ڪوڙن ڪليمن جي حوالي سان جھول شھر ۾ وڏيون ملڪيتون پنھنجي نالي ۽ سندس عزيزن جي نالي حاصل ڪري ورتيون. ھن شخص جھول شھر جي ديني بزرگ جامع مسجد جي پيش امام حاجي محمد صالح شر کي ڪوڙا ڪيس ڪري، سندس دوڪان مان زبردستي بي دخل ڪيو. ھن صدمي ۾ ھيءُ نيڪ نام بزرگ آخري عمر ۾ صدمي سان دوچار رھيو ۽ ذھني طور عليل ٿي پيو. حالانڪه ھو ھڪ ٻئي انصاري ذات جي ٺڳ ڪليميءَ کي ان دوڪان لاءِ رقم ڏئي چڪو ھو، جيڪو ڌوڪو ڪري سندس رقم ڦٻائي ويو.

خاصخيلي پاڙي ۾ اسان جون اروڙيءَ جي ڍير مٿان ٺاھيل جھوپڙيون به ھندو پراپرٽي ۾ شامل

خاصخيلي پاڙي ۾ اسان جون اروڙيءَ جي ڍير مٿان ٺاھيل جھوپڙيون به ھندو پراپرٽي ۾ شامل

مونکي اھو ڏينهن ياد آھي جنهن ڏينهن گھنڊڻ جا ٻه رانگڙ ڀاءُ (سلامو ٺونٺو) صبح ساڻ اچي اسان کي گھران سڏيو. ۽ ڪليم جا ڪاعذ ڏيکاريندي چيائين ته ھي اوھان جا گھر جھوپڙا، جنهن پلاٽ تي اڏيل آھن، اھو اسان کي ڪليم ۾ مليو آھي. تنهنڪري توھين قبضو خالي ڪريو. انهيءَ دوران مون ان زماني جي ڪليڪٽرن، مختيار ڪارن کي درخواستون موڪليون ته اسان جا گھر واڻين جي نه پر ڳوٺ جي زمين تي ٺھيل آھن. جتي ھندو پنھنجي ڳئن جا ڇيڻا اڇلائيندا ھئا، پر ڪجھه نه وريو. مونکي صلاح ڏني وئي ته نوابشاھه ۾ سيٽلمينٽ ڊپارٽمينٽ وارن جو دفتر آھي، اتي وڃي اھڙي درخواست پيش ڪر.درخواست سنڌي ٻولي ۾ صاف، سھڻن اکرن سان لکي وڃي پيش ڪيم. اتي اردو ڳالھائيندڙ بابو ٽائيپ پان کائيندي چيو ته درخواست اردو ۾ لکائي اچ! ٻاھران الاھي ٽائيپسٽ ماڻھن جون درخواستون ٽائيپ ڪري رھيا ھئا. انهن کان انگريزي ۾ عريضي ٽائيپ ڪرائي، پان کائو ڪلارڪ کي پيش ڪيم. جنهن پڙھي چيو ته”آپ ڪي گھر جس پلاٽ پر واقع ھين، وه ھندئون ڪي ڇوڙي ھوئي زمين پر واقع ھين، اور ڪليم مين مھاجرون ڪو مل گئي ھين، اس ليي مين ڪڇ نهين ڪر سڪتا!“
منھنجي روينيو کاتي کي ڏنل درخواست جي نتيجي ۾ ھڪ ڏينهن مختيار ڪار تعلقو سنجھورو جن سرزمين ڏسڻ لاءِ جھول ۾ تشريف فرما ٿيا. مون موقعي تي مختيار ڪار صاحب کي ٻڌايو ته اسان جا گھر ڪنهن به ھندڪي پلاٽ تي واقع نه آھن، پر ڳوٺ جي حصي ۾ آھن. ان ڪري ڪليميءَ جو ڪليم رد ڪيو وڃي. مختيار ڪار صاحب سنڌي ماڻھو ھو. ان کي به حاجي سخاوت ڪليمي ايجنٽ ڏئي وٺي پنھنجي فائدي ۾ فيصلو ڪرائي ڇڏيو.
پوءِ ڇا ڪيائين جو اسان واري گھرن جا پلاٽ ۽ منھنجي مامي جي جڳھه گھنڊڻ وارن رانگڙن کان خريد ڪري ورتائين ۽ اسان کي قبضو ڇڏي ھتان لڏي وڃڻ جو چوڻ لڳو.
ھڪ ڏينهن جھول يونين ڪائونسل جي چيئرمين وڏيري خدا بخش ڪيريئي صاحب کي اھو سخاوت حسين وارثي عرف حاجي ڊالڊا اسان کي سمجھائڻ وٺي آيو. مون وڏيري صاحب کي چيو ته ھيءُ ماڻھو توھان جو خاص الخاص ماڻھو آھي. ھن کي چئو ته اسان جي پچر ڇڏي، اھي پلاٽ اسان کي وڪرو ڪري ڏئي. مون ڏٺو ته وڏيري خدابخش جو ان ماڻھو چوڻ نه ڪيو. ھڪ دفعي قاضي محمد عالم معصوم ، حاجي ڊالڊا کي چيو ته اسين ھاڻي تنھنجي ڪليمي ڪاروبار کي اخبارن ۾ لکنداسون. تنھنجي خلاف تحريڪ ھلائينداسون. تو اسان سنڌين کي ڇا سمجھيو آھي! ٻئي پاسي مير جان محمد خان ٽالپر به سخاوت حسين وارثيءَ جو سخت مخالف ھيو، ڇاڪاڻ جو اھو سخاوت وڏيري حاجي خدا بخش ڪيريئي صاحب جي لابيءَ جو خاص سياسي صلاحڪار ھو. ۽ ڪيريئي صاحب کي جيئن ته يونين ڪائونسل جي چيئرميني لاءِ مھاجرن جي ووٽن جي ضرورت ھئي. بھرحال ھڪ ڏينهن سخاوت وارثي مونکي چيو ته ”آئون پلاٽ اوھان کي وڪرو ڪري ڏيان ٿو، پر قيمت جيڪا آئون طلب ڪندس، اھا اوھان کي ڏيڻي پوندي!“ مون لاچار اھا ڳالھه قبول ڪئي ۽ ھاڻي اسان انهن اروڙي وارن مختصر پلاٽن جي خريداري ۾ ٽي ڄڻا گڏجي خريدار ٿياسون. منھنجي مرحومه ھمشيره، محمد صديق بھڻ ۽ مون اھي پلاٽ سخاوت کان رجسٽري ڪرائي ورتا! ھن ماڻھو اتي به بس نه ڪئي، پر مرندي مرندي ساڳئي نمبر وارا، اسان کي وڪرو ڪيل پلاٽ ٻيھر پنھنجي ھڪ نام نهاد وارث پٺاڻ طالب علم کي لکي ڏئي ويو. حالانڪه اسان جي رجسٽري تعلقي آفيس جي دفتر ۾ داخل ٿيل ھئي، جنهن جو مون وٽ سچو نقل به موجود آھي. ويندي ويندي لکنئو جو ٺڳ آخري ٺڳي ڪري چڪو، جنهن جي خبر مونکي چاليھارو سال گذرڻ کان پوءِ ھاڻي پئي آھي!
جھول شھر ۾ ھندن جي ڇڏيل ملڪيتن ۾ سنڌي ماڻھن مان مرحوم حاجي فتح علي لسڪاڻيءَ ڀرپور فائدو ورتو. حاجي صاحب پڙھيل لکيل ماڻھو ھو، جڏھن عالمي جنگ دوران ھتي ڪپڙي لٽي جو ڪال ھو. ڇاڪاڻ ته ڪپڙو انگلستان مان ايندو ھو، عالمي جنگ جي ڪري اھو اچڻ بند ٿي ويو. ھند انگريز حڪومت ھتي ڪپڙي جا ڊيپو کوليا. جھول وارو ڊيپو حاجي فتح علي لسڪاڻي ھلائيندو ھو. ياد رھي ته عالمي جنگ دوران ھتي ماڻھن کي ڪفن لاءِ ڪپڙو به ڪونه ملي سگھندو ھو. حاجي فتح علي لسڪاڻي ساڳئي وقت مسلم ليگ جو گارڊ پڻ ھو. پاڻ چوندو ھو ته ھندستان کان ايندڙ مھاجرن کي ريلوي اسٽيشن تي وڃي سندن آجيان ڪندا ھئاسون.کين دعوت ڏيندا ھئاسون ته ھندن جي خالي ڪيل مڪانن ۽ ملڪيتن ۾ ھلي آباد ٿين. انهن ڪليمن جي ڌنڌي مان اسان جي يار محترم حاجي غلام نبي شر صاحب به چڱو موچارو فيض حاصل ڪيو.
ھوڏانهن آسپاس ۾ سنڌي الاٽي ھاري زمين تان بي دخل ڪيا ويا، انهن غريبن کي ڏھه ٻارھن سال خود کيڙڻ ۽ کائڻ جو جيڪو موقعو مليو، اھو اوچتو ختم ڪيو ويو ۽ سندن معاشي حالت ويتر خراب ٿي وئي. سماجي طور به اھو ھڪ الميو ٿي گذريو ته اھي لڏي آيل جڏھين خود ھاري ھئا ته ان وقت سنڌي ھارين سان سندن تمام دوستانه تعلقات ھئا. ھڪ ٻئي جي ھارپ واري زمينن تي ھڪ ٻئي جون ونگارون وھندا ھئا، شادي غميءَ ۾ به ھڪ ٻئي جي سان شريڪ ٿيندڙ ھئا پر پوءِ جڏھين ھنن لڏي آيل ماڻھن کي ڪليم ۾ زرعي زمينون ملي چڪيون ته اھي سماجي تعلقات تبديل ٿي چڪا ۽ ھو پاڻ کي زميندار ۽ وڏي اھميت وارا اعلى شھري سمجھڻ لڳا، نون پراڻن ماڻھن ۾ جيڪا ثقافتي ويجھڙائي پئي ٿي اھا ختم ۽ ھڪ نئون حاڪم ڪلاس جُڙي پيو.

جھول شھر، ان جا ڍول ماڻھو ۽ شخصيتون

جھول شھر، ان جا ڍول ماڻھو ۽ شخصيتون

ميرن جي دور ۾ جھول شھر ھڪ غريباڻي وستي ھئي. مير صاحبن درياءِ سنڌ مان ھڪ شاھه واھه کوٽايو ھو، جيڪو چون ٿا ته سعيد آباد کان درياھه جي اڀرندي ڪناري کان نڪري اوڀر جو رخ ڪندي ڊٺڙي وٽان، جعفر لغاريءَ جي ڳوٺ جو اتريون پاسو ڏيئي ميتلن کان سر اڀرندي، رُڪن ٻرڙا وٽان گذرندي، ڏيپر گھانگھر واري ٺُل جو اتريون پاسو وٺي اڀرندي پاسي وھندي وڃي ساڏوڻي پاسي ڇيھه ڪندو ھو. انهيءَ شاھي واھه مان نڪرندڙ ٻه واھه جھول واري بستيءَ جي اولھه اوڀر ۾ پور وڇوٽيءَ سان وھندڙ ھئا. ڏکڻ پاسي محمد علي واھه وھندڙ ھو ۽ بستيءَ جي اتر طرف خير واھه وھندڙ ھو. ھي ميراڻا واھه درياھه مان آبڪلاڻي جي موسم ۾ ڀرجي وھندا ھئا. انهن جو پاڻي ھُرلا ھلائي Up Lift ڪري خريف جي موسم جا فصل پوکيا ويندا ھئا. جن ۾ جوئر، ٻاجھري، ڪپھه ۽ ٻيا فصل ٿيندا ھئا. سياري ۾ درياھه جو پاڻي گھٽجڻ ڪري ھي واھه بند رھندا ھئا. جھول جي وستي انهن ٻن ميراڻن واھن درميان ھيٺاھين زمين تي واقع ھئي ۽ تاريخ جو سفر طئھ ڪندي وڌندي وڌندي ھڪ ننڍو شھر بنجي وئي.
انگريزي حڪومت جي طرفان ھن خطي ۾ جمڙائو ڪئنال جي پراجيڪٽ سان گڏوگڏ ان مان پاڻي کڻڻ لاءِ شاخون تعمير ڪيون ويون. ميرن جي شاھي واھه جو نالو شاھو برانچ رکيو ويو. جيڪا جمڙائو مان نڪري ٿي. محمد علي واھه جو نالو دم برانچ مان نڪرندڙ شاخ محمد علي برانچ تي رکيائون ۽ باقي دم واھه جيڪو مکيءَ ڍنڍ وٽان وھندو ھو، ان کي جمڙائو ڪئنال مان ڪڍي ساڳيو نالو ”دم برانچ“ ڏنائون.
1901ع ۾ جمڙائو ڪئنال وھي ھليو ۽ ان جون جملي شاخون ۽ برانچون مستقل طور درياھه جو پاڻي دور دراز زمين تي پھچائڻ لڳيون، ھاڻي خريف سان گڏ ربيع جا فصل به عام جام ٿي پيا. زرعي زمين جي قيمت ۽ اھيمت وڌي وئي. انگريز حاڪمن حر تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب مان آبادگار لڏائي اچي جمڙائو ڪئنال تي آباد ٿيندڙ ھنڌن تي زمينون الاٽ ڪري ويھاريا. جيڪي تعلقي سنجھوري کان ويندي ڊگھڙي تائين پھچن ٿا. حرن لاءِ اھو خاص حڪم ھو ته جمڙائو تي حرن کي ڪابه زمين نه ڏني ويندي. اھا پاليسي پاڪستان قائم ٿيڻ تائين قائم رھي. مکيءَ کي قابو ڪرڻ خاطر منڍ جمڙائو تائين پھرئين ۽ ٻي عالمي جنگ تان موٽندڙ رٽائر فوجين کي مفت زمينون ڏئي چڪ آباد ڪيا ويا.
جھول جي آسپاس ڏکڻ پاسي ڌامرکيءَ جو وڏو ڳوٺ آباد ھو. اولھه پاسي ڪرڪلي وڏو ڳوٺ آباد ھو، وچ ۾ اڀپور جو تاريخي ڳوٺ واقع ھو. منڍ جمڙائو بئراج جي تعمير وقت جھول وٽان پڪو روڊ تعمير ٿيو، جيڪو سانگھڙ کان ويندي منڍ جمڙائو پھچندو ھو. ٻئي پاسي راجا واري ريل جوڌ پور کان نوابشاھه- حيدرآباد تائين جڙي راس ٿي. جھول ۾ ڦٽين ٽاڻڻ جو ڪارخانو لڳو ۽ تجارتي سرگرميون وڌيڪ تيز ٿينديون ويون. تنهنڪري جھول شھر ھندو ڀائي بندن، پڪن دوڪانن،گھرن ماڙين جي اڏاوت سان آباد ڪيو. ان وقت به جھول واپار جو مرڪز بنجي چڪو ھو. ڇاڪاڻ ته آسپاس جي آبادين، ڳوٺن وارا ماڻھو جھول ۾ خريداري لاءِ اچڻ پسند ڪندا ھئا يا ريل ۾ سفر ڪرڻ لاءِ پيا ايندا ويندا ھئا.
ياد رھي ته جھول شھر جي اندروني حصن ۾ سڀ دوڪان ۽ مڪان ڀائي بندن جا ھئا. ھن شھر ۾ 1947ع تائين ڪنهن به مسلمان جي ڪچي پڪي جاءِ يا ڪو مڪان ڪونه ھيو. فقط ڪنڊي فقير ڀنڀري جو اوتارو ۽ انصاري محلي ۾ سوني خان ڪِھور واري ڀنڀري جي ھڪ ننڍي اوطاق ھئي، باقي سمورو شھر ڀائي بندن جو آباد ڪيل ھو.

جھول شھر لڳ سنڌين جا ڳوٺ

جھول شھر لڳ سنڌين جا ڳوٺ

جھول شھر جي اتر طرف پٺاڻ ڳوٺ ۾ ڀنڀرا، مھراج ۽ ڪجھه ٻيا رھندڙ ھئا. اسٽيشن وٽ شرن جو ڳوٺ ھو. جنهن ۾ حاجي ادريس شر ۽ ٻيا رھندڙ ھئا. جھول جي ڏکڻ طرف مين شھر سان لاڳاپيل خاصخيلي ماڻھن جا ڇپر ڇنا ۽ ڳوٺ ھو. اتان ڏکڻ پاسي شرن جو ٻيو ڳوٺ جنهن جو مُک حاجي محمد صالح ۽ ٻيا شر ذات جا ماڻھو آباد ھئا. شھر جي اوڀر ۾ ڪجھه گھر پيڃارن جا ھئا. ھنن ڳوٺاڻن جي اڪثريت ڀر وارين زمينن تي ھارپ ڪندي ھئي. ڪجھه ماڻھو مال چاريندڙ ھئا. شر ذات وارا وڏا ريڍار ھئا. جھول جي خاصخيلين مان سومر خاصخيلي ۽ عرس خاصخيلي ٻڪرار مشھور ھئا. مکڻ خاصخيلي وارا ميھار ۽ ٻڪرار ھئا. سندن ڪجھه ڇوڪرا ڳوٺ جون يعني ڀائي بندن جون ڳئون چاريندا ۽ ڏھندا ھئا. ڪجھه ماڻھو ”گاڏر“ ڪوٺبا ھئا. اھي ڍڳي گاڏين وسيلي واپارين جو مال شھدادپور مان کڻي جھول، سانگھڙ ويندي پيرون مل تائين پھچائيندا ھئا. جھول جي اسٽيشن تي جھول ۽ سانگھڙ جو واپاري مال پھچندو ھو، تنهنڪري ھتي واپارين جي اچ وڃ جاري رھندي ھئي. ۽ اسان وارا گاڏر اھو مال آڻيندا ۽ نيندا ھئا.
جھول جي ڪپھه واري ڪارخاني تي مقامي ماڻھو نالي ماتر به مزدوري ڪونه ڪندا ھئا. ڪارخاني جي مالڪ مڪراني بلوچ پري پري کان ھٿ ڪري اچي ڪارخاني جي اتر (اسٽيشن پاسي) ۽ اوڀر ۾ انهن کي جھوپڙيون بنائي آباد ڪيو. اھي ماڻھو ابتدائي دور ۾ ڪارخاني لاءِ مزدور فورس فراھم ڪندا ھئا. سنڌي ماڻھو ڪارخاني جي مزدوري کان ڪنارو ڪندا ھئا.

ھندو ڀائي بند ۽ مقامي تاڪائو طبقو. سنڌي سماج جو ورھاڱو

ھندو ڀائي بند ۽ مقامي تاڪائو طبقو. سنڌي سماج جو ورھاڱو

اصل ۾ 1939ع ڌاري مسجد منزل گاھه جي بھاني سان سکر پاسي جيڪي ھندو مسلم فساد ڪرايا ويا، انهي عمل سان ھندو مسلم اتحاد ۾ ڏار پيا ۽ سنڌي سماج مذھبي بنيادن تي ھڪ مخصوص سوچ تحت تقسيم ڪيو ويو. سنڌ اھو پھريون صوبو ھيو، جنهن جي اسيمبلي 1943ع ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي قرارداد پاس ڪري، انهيءَ عمل کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. سنڌي سماج ۾ انگريز جي حاڪميت دوران ھڪ پڙھيل ڳڙھيل، پنھنجي وطن ۽ ان جي ٻولي سان پيار ڪندڙ مڊل ڪلاس اڀري آيو. جنهن سموري سنڌ ۾ سھڻن شھرن کي آباد ڪيو. مسلمان زميندارن سان گڏ گڏ ھندو ماڻھو به ڪافي زمينن جا مالڪ بنجي ويا. واپار جي ڪاروبار ۾ تمام ھوشيار طبقي جا ماڻھو مسلمان سنڌي زميندارن کي ضرورت تحت سندن عياشين لاءِ وياج تي رقم فراھم ڪندڙ ھئا. سندن شاھوڪاريءَ ۽ سياسي ھوشياري جو سنڌي وڏيرو ڪلاس مقابلو ڪري نه ٿي سگھيو. تنهنڪري دھليءَ وارن جي دلبي تي لڳي مسلم ليگي اڳواڻن ھندن کي پنھنجي ڌرتي تان ڌڪا ڏيئي ھتان کان ھڪالي ڪڍڻ جو پروگرام طئھ ڪري ڇڏيو ھو. سنڌ ۾ ان وقت فقط ٻه ھستيون ھيون جن ھندو مسلم فساد ۽ تقسيم نه پئي چاھي. انهن ھستين ۾ حضرت سورھيھ بادشاھه ۽ الھه بخش سومري صاحب جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. پوءِ ھنن ٻنهي ھستين کي شھيد ڪرايو ويو.
پاڪستان ٿيڻ بعد ترت لياقت علي خان جي قيادت ۾ مھاجرن جو اھو طبقو، جيڪو ھندستاني سماج ۾ پنهنجا ويساھه وڃائي چڪو ھو. ان کي اندران اندر چيو ويو ته ھاڻي ھجرت فرمايو. اوھان لاءِ سنڌ ھڪ Promised land ھندن کان خالي ڪرائي ڇڏي آھي.
سنڌ جي ھڪ طبقي اھو پئي سوچيو ته ھندن جي وڃڻ کان پوءِ سندن شھر، جايون، ماڙيون ۽ زرعي ملڪيتون کين مفت ۾ ملي وينديون. ۽ ھندن جي قرض جون پوٿيون به ڦاٽي فوتي کاتي ۾ ھليون وينديون. سنڌي نا عاقبت انديش تاڪائو طبقي جي من ۾ اھا لالچ ويٺل ھئي ته مٿان وري لياقت علي خان جيڪا پاتال ۾ ڳالھه سٽي ھئي، اھا اچي نازل ٿي. لڏي آيل ماڻھو اسٽيٽ جي حڪم سان شھرن، محلن، ماڙين جا حقدار بنجي ويا، ھندن جون ڇڏيل زمينون به انهن کي ڪليمن جي انعام ۾ ملي ويون، ھي تاڪائو طبقو ھٿ مليندو رھجي ويو، تاحال ھٿ مليندو رھي ٿو.

خالي ٿيل جھول شھر ۽ دوڪانن تي قبضا

خالي ٿيل جھول شھر ۽ دوڪانن تي قبضا

اڃا من و سلوى جا طالب مھاجر پھتا ئي ڪونه ته جھول شھر ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھن خالي پيل دوڪانن تي قبضو ڪري، ڪاروبار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. جھول جا خاصخيلي، ڀروارا جلالاڻي، شھر وار شر، ڪارخاني وارا مڪراني انهن دوڪانن ۾ 1947ع کان براجمان ٿي ويٺا. ٿوري گھڻي دوڪانداري ڪندا رھيا. باقي بچيل دوڪانن ۾ راجستان کان آيل انصاري ماڻھو ڪنڊ پاسو جھلي ويھي رھيا. ڪجھه دوڪان پنجابي ماڻھن شروع ڪيا ۽ اھو سلسلو ھندن جي لڏڻ پڄاڻان ائين شروع ٿيو.
جھول شھر ۾ ھندن جا خالي ڪيل ٻه ٽي شاندار گھر ٽالپر خاندان پنهنجا ڪيا، مرڪزي شھر جي ماڙين کي پنھنجيون اوطاقون بنايائون. مطلب ته وڏيرو حبيب الله خان ڀنڀرو، مير الھه بخش ٽالپر، مير غازي خان ٽالپر، جمعي خان ٽالپر ڳوٺ مان مير پير بخش خان ٽالپر جھول شھر جي چونڊ عمارتن ۾ اچي پنهنجا گھر ٻار قائم ڪيا. باقي جايون مھاجرن جي حوالي ڪيائون. سنه 1958ع تائين مقامي سنڌي ماڻھن جا ڪن گھرن ۽ واڻڪن دوڪانن تي قبضا رھيا.

سنڌي ماڻھن جي دوڪانداري فقط چند روز

سنڌي ماڻھن جي دوڪانداري فقط چند روز

ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻھو اصل ۾ تجارتي ڪلاس جا ماڻھو ڪونه ھئا، تنهنڪري ھندن جي خالي ڪيل بازار ۾ ديکا ديکي دوڪان کوليائون، پر ”ھٽ واڻيو“ ٿي واپار ڪرڻ جو ھنر وٽن ڪونه ھو. تنهن ڪري درجي به درجي مارڪيٽ مان ناڪ آئوٽ، يعني ته ناڪام ٿيندا ويا. منھنجو نالي ڀائي پاڙيسري خاصخيلي واڻين جي خالي ڪيل دوڪان جي دڪيءَ تي سال اڌ سيٺ ٿي ويٺو، پر درجي به درجي سندس دوڪانداري محدود ٿيندي وئي ۽ دوڪان بند ٿي ويو. جتي پوءِ ڪنهن ڪليمي اچي قبضو ڪيو ۽ مون وارو نالي ڀائي شاھي بازار جي مرڪزي چونڪ ۾ اس ۾ بيھي ڇولا وڪڻندو ھو.
انهيءَ ساڳي چوڪ تي اسماعيل انصاري نالي ھمراھه کٽ پاسيري رکي ان تي گوڏ ٻڌڻ وارا ٽوال ٽنگي وڪڻندو ھو. سو درجي به درجي ترقي ڪندي جھول شھر ۾ ڪپڙي جو وڏو تاجر ٿي ويو ۽ ڪليمن جي ذريعي حاجي سخاوت ان سيٺ کي اڌ شھر جا دوڪان ۽ مڪان حاصل ڪري ڏنا. ھنن مڪانن ۾ سيٺ ڪلياڻ داس جي مشھور ماڙي به ان سيٺ کي ملي، جنهن پنھنجي تجارت جي شروعات فوٽ پاٿ تان ڪئي ھئي. اھڙي طرح باقي دوڪانن ۾ ڌنڌو ڪندڙ ملوکاڻي، جلالاڻي، شر ۽ مڪراني بازار مان آئوٽ ٿيندا ويا ۽ انهن دوڪانن تي لڏي آيل ماڻھن اچي بزنس شروع ڪئي. انصاري ماڻھو راجستان جي ڀيلواڙي جا رھاڪو ھئا. سندن اصلي ڌنڌو ٻيڙيون ٻڌڻ جو ھيو. زالين، مڙسين ٻيڙين جا ٻاڌا ھئا. پوءِ درجي به درجي ڪپڙي ۽ ريزڪي دوڪانداري ۾ داخل ٿيا. اڄ اھي ماڻھو مالي طور مستحڪم آھن ۽ اسان جي پاڙي وارا اصلي باشنده سندن ٻڪريون ۽ مينهون چارين ٿا، جيڪي پھرئين ھندن جون ڳئون پھرائيندا ھئا. يعني ته ” اُتي ئي آھين. جتي اوھان ڇڏيون!“ جي مصداق ايڏي اٿل پٿل ۾ لڏي ايندڙ ڪامياب ثابت ٿيا. اسان ماڻھو ساڳي غربت جي دنيا ۾ ويٺا رھياسين.

ھندن جون ڇڏيل زمينون

ھندن جون ڇڏيل زمينون

ھندن جون ڇڏيل زمينون سڀ جو سڀ ڪليمين کي ملي چڪيون، انهيءَ عمل ۾ وڏن وڏيرن جي قبضن ۾ آيل زمينون ڪليمي کڻي ويا! انهن ڪليمين مان ڪجھه ماڻھو ھندوستان ۾ به زرعي پورھيو ڪندڙ ھئا. جيتوڻيڪ اھي تعداد ۾ ٿورا ھئا. ليڪن ڪليم ۾ مليل زمينن تي پاڻ آبادي ڪرڻ لڳا. ھنن ماڻھن ۾ پنجاب، ھريانه کان آيل ڪليمين جو طبقو زراعت ڪرڻ لڳو. باقي ڪافي اھڙا به ڪليمي ھئا، جن کي زمينون ته مليون پر اصل ۾ اھي سچا پچا ڪاشتڪار ڪونه ھئا. انهن فقط ڪليم جي ڪاغذن ۾ دعوى ڪئي ته ھندستان ۾ سندن زمينون ۽ ”ڦودني جا باغ“ ھئا. انهن انتظار پئي ڪيو ته مناسب وقت تي سٺي اگھه ۾ اھي زمينون وڪڻندا. اھي ڪليمي سنڌ جي وڏيري جا اڳتي ھلي گراھڪ بنجڻ وارا ھئا. درجي به درجي اھڙا ڪليمي پھرئين زمينون مقاطعن تي ڏيندا ويا ۽ پوءِ آھستي آھستي مقامي وڏيرن کي مفت ۾ مليل زمينن جو چڱي خاصي قيمت تي وڪرو ڪندا ويا. اھڙي طرح سنڌ جي ھن تاڪائو طبقي جي طبيعتن کي تقويت ملي.

نوان مھاجر مجيري ۽ سنڌي ھاري

نوان مھاجر مجيري ۽ سنڌي ھاري

سنڌ جي تاريخ جي ھڪ دور ۾ فارسي ڳالھائيندڙ مغلن ۽ ترخانن جا خاص امير سنڌ ۾ حاڪم ھئا، يعني اھي فارسي ڳالھائيندڙ وڏيرا اسان جا مجيري بنيا. اسان جو فارسيءَ وارو استاد ھڪ لطيفو ٻڌائيندو ھو ته فارسي مجيريءَ جو ھاري سندس گھوڙيءَ کي وھنجارڻ لاءِ درياءَ تي ڪاھي ويو. اتفاق سان گھوڙي درياءَ ۾ ڪري پئي ۽ لڙھي وئي. سنڌي ھاري ويچارو، فارسي مجيري وٽ ڊڄندي ڊڄندي ويو. ھن ڇوٽ ۾ گھوڙي بابت پڇيس ته ”ڪجا بودي“ يعني ته ”گھوڙي ڪيڏانهن وئي؟“ سنڌي ويچاري سامھون سنڌي ٻوليءَ ۾ جواب ڏنو ته ”سائين سنجن سوڌي“. اھو جملو ٻڌي فارسيدان امير چيو ته ”چمي گوئي“ يعني ”ڇاٿو چوين؟“ سنڌي ھاري جواب ڏنو ته ”سائين! ائين ڦري (ڪُن ۾) جيئن ڀت ۾ ڏوئي!“
سو ڇا ٿيو ته مون واري ڳوٺ گڻنگ جي ڏاکڻي پاسي واري زمين انگريز سرڪار تحت پوليس کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ واري ڊپٽي صاحب کي عنايت ڪئي جيڪو ڪڏھين به آبادگارنه رھيو ھو. ان کي صبح جو اطلاع مليو ته سڀاڻي صبح جو مھاجر مجيري ٻني گھمڻ ايندو، ان ڪري ڪمدار ھارين کي چيو ته پنھنجي پنھنجي ڪم تي سوير پھچي وڃن. آخرڪار نئون مجيري اچي پھتو. ٻني گھمندي ڏٺائين ته ھڪ ھاري ڍڳن جي جوڙي سان بيٺو آھي، پر ھر ڪونه پيو ڪاھي. مجيري ان کي چيو ته”تم بيڪار ڪيون کڙي ھو، ھل ڪيون نهين چلاتي؟“ نئين مجيري کي سنڌي ھاريءَ جواب ڏنو ته ” سائين! ميرا ڏورڻا ٽوٽ گيا ھي، ڪمدار بنوا ڪي نهين ديتا.“ اتي مجيري ڪمدار کي گھرائي ڇنڊ پٽي ته ” اس ڪو ڊورنا بنوا ڪي دو!“

ھاري تحريڪ ۽ سانگھڙ جون زرعي زمينون

ھاري تحريڪ ۽ سانگھڙ جون زرعي زمينون

جھول جي آسپاس ھاري تحريڪ جا ڪجھه ڪارڪن- ميمبر موجود ھئا. حاجي محمد ادريس شر، محمد حيات جلباڻي، ڌڻي پرتو وساڻ، ڳجھه ھيرڻ اڀپور وارو، اھي بزرگ ھاري تحريڪ سان واڳيل ھئا. سانگھڙ پاسي مجنومسلم ھاري تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن ھو. ھاري تحريڪ جا ڪارڪن درجي بدرجي زميندار ٿيندا ويا. اھو ھڪ الڳ داستان آھي. 1942ع ۾ ھن خطي ۾ حرن خلاف مارشلا دوران ماڻھن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۽ زمينن کان محروم ڪيو ويو. انگريز حڪومت جي 1890ع کان اھا پاليسي ھئي ته ھتي ٻاھران آبادگار آڻي ويھاريو. حرن خلاف مارشلا جي ائڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن جو حڪم ھيو ته ھن علائقي ۾ حرن کي بالڪل زرعي زمين الاٽ نه ڪئي وڃي. باقي بچيل زمين تي پھرئين عالمي جنگ مان بچي ايندڙ ھندستاني سپاھين سان گڏ 1945ع ۾ ختم ٿيندڙ ٻي عالمي جنگ ۾ برطانيھ لاءِ وڙھندڙ سپاھين کي مکي ٻيلي جي اولھه طرف منڍ جمڙائو تائين زمينون ڏيئي آباد ڪيو ويو. ان پاليسيءَ جي ردعمل ۾ جناب حيدربخش جتوئي صاحب ھاري حقدار ۾ لکيو ته ” ھزارين حرن کي قيد و بند ۾ رکي، انهن جون زمينون ٻاھران آيل ماڻھن کي ڏيئي ظلم ڪيو پيو وڃي.“ پر افسوس ته ان وقت جي سنڌ حڪومت انگريز جي حڪم تي سرڪاري خرچ تي اھي زمينون مشينن ذريعي ھموار ڪري فوجين حوالي ڪيون، اھو بيٺڪي راڄ اڃا تائين قائم دائم آھي.

حر ائڪٽ تحت ملندڙ زمينون

حر ائڪٽ تحت ملندڙ زمينون

1950ع ڌاري سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو ته جمڙائو ڪئنال جي پيچ تي باقي بچيل زمينون حرن کي ڏنيون وڃن. سرڪار جي انهيءَ فيصلي جي ڄاڻ فقط چند ھوشيار ماڻھن کي ۽ روينيو کاتي وارن کي ھئي. حقدار حرن کي انهيءَ فيصلي تحت زمينون ملي ڪونه سگھيون، پر ڪافي ماڻھن جيڪي حر ڪونه ھئا. انهن حر سڏائي زمينون حاصل ڪيون. افسوس ته ان وقت جي جماعتي قيادت حرن کي حق ڏيارڻ کان بي خبر رھي. اھڙي طرح حرن کي اڪيلو ڇڏيو ويو. حالانڪه انهن جو ھن سرزمين تي ٻين سڀني کان وڌيڪ حق ٿي ٿيو. اھي ماڻھو جيڪي وطن خاطر وڙھيا، انهن کي انگريز پنھنجي ٽائوٽ ڪلاس جي زميندارن ۽ ڪامورن جي مدد سان الٽو مجرم ٺھرايو. ان ڪم ۾ سنڌ جي اسيمبلي ۽ ان جا اڪثريت ۾ ميمبر شامل آھن، جن ھن نام نهاد اسيمبليءَ مان ”حُر ائڪٽ“ پاس ڪرائي، انگريز کي موقعو فراھم ڪيو ته حرن سان جيڪا به ”ھلتا“ ڪري سا جائز آھي.
اھا حقيقت آھي ته حر جماعت جا فقير ھر ھاري، ننڍا وڏا زميندار ۽ مکيءَ ۾ مال چاريندڙ، خوشحال ماڻھو ھئا. انهن سان سن 1901ع ۾ ٿرپارڪر جي انگريز ڪمشنر ۽ سندس نائب يھودي نزاد شيخ يعقوب Criminal Tribe Act لاڳو ڪيو. حرن کي سنڌ ۽ ھند جي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو. ٻار ٻڍا عورتون ۽ مرد باندي بنايا ويا.
حر تحريڪ جي تاريخ جي سچار مصنف ملھار خاصخيلي ان موضوع تي ڪتاب لکيا. ھيءَ 1950ع ڌاري جي ڳالھه آھي، ملھار فقير جي حرن جي آزاديءَ بابت درخواستن جي نتيجي ۾ حرن جي وفد کي ڪراچي گھرايو ويو. وفد ۾ ميرالھه بخش ٽالپر جھول وارو، خان بھادر محمد حيات جوڻيجو، خليفو احمد لغاري ۽ ملھار فقير شامل ھئا. گورنرصاحب فرمايو ته سنڌ حڪومت حر ڪئمپون ختم ڪري، غلام محمد بئراج تي حرن کي زمينون ۽ وستيون ٺاھي ڏيندي. پر انهن مٿان پوليس جو پھرو جاري رکيو ويندو! ملھار فقير چيو ته ”اسان پوليس جي پھري ھيٺ حر ڪئمپن ۾ قيد ڪاٽيون پيا، اوھان جي فيصلي موجب ھڪ قيد مان نڪري ٻئي قيد ۾ وڃڻ ڪا آزادي ناھي.“ ان تي گورنر صاحب چيو ته ”بابا! اوھان جا ڳوٺ ۽ زمينون لڏي ايندڙ ماڻھن جي حوالي ٿي چڪيون آھن. ھاڻي اوھان جي اصلي ماڳن ۾ اوھان لاءِ ڪجھه نه بچيو آھي.“ ان تي ملھار فقير چيو ته ”اسان کي فقط آزادي گھرجي، باقي زمينون جيڪڏھن مھاجرن کي مليون آھن ته ڏٺو ويندو!“
انگريز سرڪار جي پاليسي موجب سانگھڙ ۽ سنجھوري ۾ زمين جي وڏي ايراضي انگريز وفادار طبقي جي حوالي ڪئي وئي. ان يھودي نزاد شيخ يعقوب کي سنجھوري ڀرسان سوين ايڪڙ انعام ۾ ڏني وئي. سنجھورو ۽ سانگھڙ تعلقو انگريز وفادار ڪامورن جي انعامي زمينن تي مشتمل آھي. حرن کي اھڙي طرح آزادي ملڻ باوجود غريب الوطني پلئه پئي.

ھو جي ھت ھئا (جھول شھر جي قديم رھاڪن جو مختصر احوال)

ھو جي ھت ھئا (جھول شھر جي قديم رھاڪن جو مختصر احوال)

جيئن ته آئون ھن کان اڳ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته شھر جھول جا اڏيندڙ ھندو ڀائي بند ھئا، باقي شھر سان لڳولڳ مسلمانن ۾ خاصخيلي، شر بلوچ، ڀنڀرا فقير ڳوٺڙن ۾ رھندڙ ھئا. جيڪي گھڻو ڪري مال چاريندڙ ۽ ھارپو ڪندڙ لوڪ ھئا. جيڪي شھر جي سيٺين وٽ به نوڪري چاڪري ڪندڙ ھئا.
جھول شھر جو ڍينگ زميندار سيٺ ڪلياڻ داس ھو، جنهن جون زرعي زمينون تعلقي کپري، کيراھي ۽ جھول جي ديھه 11 دم تي واقع ھيون. جھول ٿاڻي جي ڏکڻ طرف وارا نمبر به سيٺ ڪلياڻ داس جي کاتي جا ھئا. سيٺ جي اصل رھائش ميرپورخاص جي ھئي. پر ھن جھول ۾ ھڪ ڳاڙھين سرن سان تعمير ڪيل بلند و بالا ماڙي اڏائي، جنهن ۾ زمينات جا ليکا چوکا ۽ نظرداري ڪرڻ لاءِ اچي ترسندو ھو. ھن سيٺ وٽ ان وقت به سواري لاءِ قيمتي ڪار موجود ھئي. وڏي دٻدبي وارو سيٺ ھيو. جنهن کي سندس وڏائي واري مزاج جي ڪري مسلمان گھٽ پسند ڪندا ھئا.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ شايد صدمي ۾ ھيءَ سيٺ عليل ٿي پيو، پر انڊيا ڏانهن لڏي ڪونه ويو. پاڪستان سرڪار سندس زمينون Evacue Property ۾ شامل ڪري ڇڏيون. جيتوڻيڪ ھو ھتان لڏي ڪونه ويو، پر کيس Intednding Evacuee جو درجو ڏئي سندس زمينون ضبط ڪيون ويون. انهيءَ لفظ جو مطلب آھي ته ھيءُ ماڻھو ھتان کان نيٺ لڏي وڃڻ چاھيندو، تنهنڪري سندس زرعي زمينون ۽ جڳھيون بحق سرڪار ضبط! انهي دوران اھو سيٺ علالت کان پوءِ ديھانت ڪري ويو. سندس ھڪ پٽ آئل مل سرڪار ۾ زمينون واپس وٺڻ لاءِ درخواستون پيو ڏيندو ھو. مون آئل مل کي جھول ۾ ھڪ دفعو ڏٺو، ميري پائجامي ۾ انتهائي بري حالت ۾. اھو ڀائيبند منھنجي مامي سُھيلي سان ملڻ لاءِ جھول آيو ھو. ياد رھي ته منھنجو مامو سُھيلو بھڻ، سيٺ ڪلياڻ داس وٽ منشي ھو، سندس زمينات ۽ فصلن جو حساب ڪتاب رکندو ھو.
سيٺ سيتلداس جھول جو ٻيو مک ماڻھو ھو. ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ کان اولھه طرف سندس وسيع رھائشي مڪان ھو. سيٺ سيتلداس بابت چيو وڃي ٿو ته ان جا تعلقات مسلمان برادري سان تمام سٺا ھئا. ۽ ھي سيٺ مسلمانن سان تعاون ڪندڙ چيو وڃي ٿو. جھول شھر مان گذرندڙ مين روڊ جي اتر طرف روڊ لڳ سندس عاليشان انبن جو باغ، جنهن ۾ گل ڦل گلزار ڪندڙ ھئا. ورھاڱي کان پوءِ به اھو باغ ڪافي وقت تائين آباد رھيو. شھري گرمين ۾ اڪثر ڪري باغ جي اتر کان وھندڙ ستين واٽر ۾ وھنجي اچي باغ ۾ ويھندا ھئا. وڻن ھيٺيان ڪچھريون لڳيون پيون ھونديون ھيون. ڪي ڏور بيت ڏيندا ھئا ته ڪي ھمراھه پتي راند ۾ مگن ھوندا ھئا. اھو باغ جنرل ايوب جي زماني ۾ ڪليمن جو شڪار بنجي ويو. نوابشاھه جي طرف جو ڪو ھڪ ڪليمي ھيو، جنهن صوبيدار زرين خان پٺاڻ سان پارٽنرشپ ڪري وڻ وڍائي رھائشي ڪالوني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
جھول شھر جا ٻيا ھندو اڪثريت ۾ لھاڻا برادري سان واسطو رکندڙ ھئا. 1942ع ۾ حرن خلاف مارشلا لڳڻ کان پوءِ ٻهراڙيءَ جي وڏن ڳوٺن ۾ رھندڙ ھندو به لڏي اچي جھول ڀيڙا ٿيا. ڪي شھدادپور جي پاسي وڃي آباد ٿيا.
جھول جي اوڀر طرف اٽڪل ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سک زميندار سما سنگھه رھندڙ ھو. سما سنگھه جي ڳوٺ جي ماڙيءَ تي اڏيل مورچو جھول مان به نظر ايندو ھو. سال 1934ع جي جھول واري پرائمري اسڪول جو رجسٽر ٻڌائي ٿو ته سما سنگھه جا ڇوڪرا ۽ نياڻيون جھول جي پرائمري اسڪول ۾ زير تعليم ھيون. سما سنگھه وارن جا جھول جي محترم مير غازي خان ٽالپر سان دوستانه تعلقات ھئا. مونکي ياد ٿو پوي ته 1964ع ڌاري سما سنگھه جو پٽ پاسپورٽ تي ڪجھه ڏينهن لاءِ جھول اچي مير صاحب جو مھمان ٿيو. جھول شھر جي اڏيندڙ ۽ پوءِ لڏيندڙ ڀائي بندن جا نالا ڪليمن واري ڪتاب ۾ موجود آھن. جن مان ڪجھه نالا مير الھه بخش خان ٽالپر بابت ڇپيل ڪتاب ۾ تفصيل سان ڏنل آھن.

جھول جا مسلمان مشاھير

جھول جا مسلمان مشاھير

جھول شھر جيتوڻيڪ مير الھه بخش خان ٽالپر جي حوالي سان علمي، ادبي ۽ سياسي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو پر ھتي آئون جھول جي انهن بزرگن جو ذڪر ڪندس، جيڪي پنھنجي ليکي جھول جھڙي ڍول وستي جا رھاڪو ھئا. آئون اڳ ۾ لکي آيو آھيان ته جھول جي خاص شھر ۾ ڪنهن به مسلمان جو مڪان يا دوڪان ڪونه ھئو. پر جھول شھر سان لڳو لڳ مسلمانن جا ڳوٺڙا ھئا. انهن ۾ شر، خاصخيلي، ميگھواڙن ۽ مھراجن جون ذاتيون ھيون.

شر ذات جا مک ماڻھو

شر ذات جا مک ماڻھو

شر بلوچ ذات جا ماڻھو خبر نه آھي ته ڪڏھين رڍن جا ڌڻ چاريندي اچي جھول جي بستيءَ جا مڪين بڻيا. ھن ذات جي ماڻھن جا جھول شھر جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي ڳوٺڙا ھئا. شر برادريءَ ۾ ٻه ٽي ڀائر مشھور ٿي گذريا آھن. وڏي ڀاءُ جو نالو حاجي محمد ادريس ھو ۽ سندس ننڍي ڀاءَ جو نالو حاجي محمد صالح، جيڪو جھول شھر جي جامع مسجد جو پيش امام ھو. حاجي محمد ادريس جا اڌ درجن پٽ ھئا. سڀئي پھلوان مڙس ھئا. عيسو شر پھرئين جوڙ جو ملھه ٿي گذريو آھي. حاجي محمد صالح دين دار ۽ علم وارو نهايت پرھيزگار بزرگ ھو. دير سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٽي پٽ آھن. حاجي صالح جو وڏو پٽ نيڪ نمازي، ٻڪرين پالڻ جو شوقين ۽ موسيقي ٻڌڻ جو خفتي، نهايت سنجيده شخص آھي.
شر ذات جي ماڻھن جو جھول شھر ۾ جامع مسجد جي تعمير ڪرڻ ۽ ان کي آباد رکڻ جو وڏو ڪردار آھي. سندن اھا روايت آھي ته جمعي جي ڏينهن ڌوتل پوتل ڪپڙا پھري، اڇيون پڳون ٻڌي جوق درجوق جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز خاطر اچي جمع ٿيندا آھن. ھيءَ مسجد سڳوري ايوب خان جي دور ۾ سرڪار پنھنجي تحويل ۾ ورتي. جيتوڻيڪ مسجد سڳوريءَ جي ملڪيت ۾ شاھي بازار ۾ ڪافي دوڪان آھن، پر انهن جي مسواڙ سرڪار جي خزاني ۾ وڃي پئي. ان ڪري مسجد جو ڪارووھنوار ھلائڻ لاءِ بھرحال چندي جو سھارو وٺڻو پوي ٿو. منھنجو پيارو دوست ۽ ھم مڪتب گل حسن شر ڪافي وقت کان جامع مسجد جي خدمت ڪندو پيو اچي.
چاچو مالڪ ڏنو شر، پنھنجي جواني ۾ پھلوان مڙس، جھول ۾ ھاري دوستن سان ڪچھرين جو ڪوڏيو، ملاکڙن ۾ ملھه پھلوانن کي انعام ڏيڻ ۾ اڳرو. کيس ڀلا ڏاند ڌارڻ جو شوق ۽ ڏاند رکڻ وارن سُريلن ھارين سان دوستي. منھنجي ڀاءُ محمد عرس وٽ به ھميشھ ڀلن ڏاندن جو جوڙو رھندو ھو، سندس چاچي مالڪ ڏني سان گھري دوستي ۽ روزانو ڪچھريون قائم ھيون. شرن جي پاڙي مان ڏور ڳجھارت، ڪچھريءَ جو ڪوڏيو بيربل شر نهايت قدآور بزرگ، گاڏڙ جو ڌنڌو ڪندو ھو. يعني ته پنھنجي ڍڳي گاڏيءَ تي واپارين جو مال اسٽيشن تان کڻي شھرن ۾ پھچائيندو ھو. ميلي ملاکڙي جو شوقين. جوانيءَ ۾ ملھه پھلوان رھيو ھيو. تنهنڪري مقامي ميلن، ملاکڙن ۾ پھلوان ملھن کي مقابلي وقت سندرا ٻڌرائڻ، ٻک وجھرائڻ ۽ پوءِ ملھه پھلوانن جا انگ، جانٺا ۽ وارا ڏسي، پھلوانن جي ھمت افزائي ڪرڻ سندس دلچسپيءَ جو مرڪز ھوندو ھو. ملاکڙن ۽ سگھڙ ڪچھرين ۾ مصروف رھڻ ڪري، بيربل شر جا ڏاند ڏاڍا ڏٻرا ھوندا ھئا، ڇوته انهن جي پرگھور لھڻ جو وٽس وقت ڪونه ھوندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين ڇا ٿيندو ھو، جو بار سان ڀريل گاڏي ڪٿي ڪنهن کڏ کوٻي ۾ ڦاسي پوندي ھئي ۽ سندس ڏٻرو ڏاند زور لڳائي نه سگھندو ھو ته بيربل شر ڪمزور ڏاند جي پاسي کان پنھنجي ڪلھن جو زور لڳائي گاڏيءَ کي اڳتي ھلائيندو ھو.
حاجي ھمير شر ڪڻڪ پيھڻ جي مشين جو مستري ۽ جامع مسجد ۾ سريلي انداز ۾ مولود شريف پڙھندو ھو. جڏھن به ڪا مذھبي تقريب ٿيندي ھئي، ان ۾ شرڪت ڪري مولود پڙھڻ جي سلسلي ۾ حاجي ھمير شر مشھور ماڻھو ھو. چون ٿا ته حاجي ھمير صاحب جڏھين حج ڪرڻ ويو ته عرب آفيسرن سندس پاسپورٽ تي ھمير نالي کي ”حمير“ ڪري پڙھيو، وري ذات ۾ شَر َ پڙھي کلڻ لڳا. حالانڪه ”ھمير“ سنڌي نالو آھي. عربي معنى سان ان جو واسطو ناھي. بھرحال شر ذات جي ماڻھن ۾ ذھانت ته موجود آھي. سندن لاڙو مشين سازي ڏانهن وڌيڪ آھي. جيڪڏھن شوق سان تعليم حاصل ڪن ھا ته ترقي ڪرڻ ناممڪن ڪو نه ھئي. ھن وقت ٿورو گھڻو واپار ۽ ڇوٽو موٽو ڪاروبار ڪندڙ آھن.

جھول جا خاصخيلي

جھول جا خاصخيلي

جھول شھر جي ڏاکڻي پاسي خاصخيلين جو پاڙو جھول جو قديم پاڙو آھي. ھن پاڙي ۾ مکڻ خاصخيلي جو ويڙھو، آچر خاصخيلي ٻڪرار جو ويڙھو، مخدوم صاحب ھالا جي مريدن جو ڪٽنب، حاجي الھوسايو خاصخيلي، چاچي جونڪي وارن جو ويڙھو وسيل آھي. چاچي جونڪي وارا پاڻ ۾ ڇھه ست ڀائر ھئا، انهن جو اولاد ھن پاڙي ۾ رھندڙ آھي. چاچو جونڪي ڇپر ٻڌڻ جو وڏو ڪاريگر ھو. ھن تر ۾ کيس ڇپر ٻڌڻ لاءِ ماڻھو وٺي ويندا ھئا.
هالا جي مخدومن جي مريدن ۽ خليفن ۾ عيسو فقير آخري ڏينهن ۾ ڪاٺ وڍڻ جو ڪاروبار ڪندڙ ھو.
حاجي الھوسايو جھول جي خاصخيلين ۾ نهايت دلچسپ بزرگ ٿي گذريو آھي. سندس دوڪان شاھي بازار جھول ۾ واقع ھو. 1950ع ڌاري سندس دوڪان ۾ گھوڙي جا سنج وڪامندا ھئا. ان زماني ۾ ھن تر اندر ماڻھن وٽ وڏي تعداد ۾ گھوڙا سواري لاءِ ڌاريل ھوندا ھئا. ان ڪري گھوڙن جي سنجن جو ڪاروبار سٺو ھلندڙ ھو. پوءِ جڏھن اھو ڪاروبار ماٺو ٿي ويو ته حاجي الھوسائي مڻيارڪو وکر رکڻ شروع ڪيو. دراصل حاجي الھوسايو ھميشھ پنهنجا خيال پيو تبديل ڪندو ھو. آخري ڏينهن ۾ حاجي صاحب پنھنجي دوڪان ۾ ھيئر ڪٽنگ سيلون يعني حجامڪو ھٽ کوليو، جنهن ۾ ڪاريگري به پاڻ ڪندو ھو.
حاجي الھوسايو اصل ۾ موسيقي جو ماڻھو ھو. چون ٿا ته ڪچي جوانيءَ ۾ کيس راڳ سکڻ جو شوق ٿيو. ۽ ان وقت جي مشھور ڳائڻي احمد حاجياڻو جو وڃي شاگرد بڻيو. حج ڪرڻ بعد به مقامي شادي مُرادي جي راڳ جي محفل ۾ ھارمونيم کڻي پھچي ويندو ھو. آئون ساڻس راڳ بابت ڪچھريون ڪندو رھندو ھئس. آخري عمر ۾ حاجي صاحب محلي ۾ چندو ڪري ھڪ ننڍڙي مسجد تعمير ڪرائي. انهيءَ مسجد سڳوري جي خدمت ۾ مصروف رھندو ھو. مغرب جي اذان نهايت سريلي انداز ۾ ڏيندو ھو. آئون سندس راڳداري جي شوق بابت ڪڏھين ڪڏھين جامع مسجد جي مک دروازي وٽ ميھر ........ جي ميوزڪ شاپ تي ڪنهن شاستري پنڊت جي ڪئيسٽ کڻي ميھر کي چوندو ھئس ته حاجي صاحب صبح جي وقت جڏھين ڀاڄي خريد ڪرڻ لاءِ ڇٻو کڻي انصاري چوڪ وٽ پھچي ته تون اھا ڪئيسٽ وڄائڻ شروع ڪري ڇڏ. پوءِ حاجي الھوسايو راڳ جو آلاپ ٻڌي دوڪان وٽ رکيل بئنچ تي ويھي راڳ ٻڌي پوءِ بازار ويندو ھو.

حڪيم حاجي غلام نبي شر فقير قادري

حڪيم حاجي غلام نبي شر فقير قادري

حاجي غلام نبي شر جي گھڻ پاسائين شخصيت بابت لکندي ھڪ طرف ته مونکي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رھي آھي. ٻئي پاسي سندس ھفت پھلو شخصيت جي مڙني پھلوئن تي لکڻ ۾ مشڪلات درپيش اچن پيون.
حاجي صاحب ڪنهن زماني ۾ حاجي فتح علي لسڪاڻي جي سرڪاري ڊيپوءَ تي ڪم ڪندو ھو. ان بعد ڪجھه وقت ٿڌا مشروبات جھول جي شھرين کي پيش ڪيائين. بعد ۾ مڻياريءَ جو جنرل اسٽور جامع مسجد وارن دوڪانن ۾ کوليائين. سندس دوڪان مان اوھان کي عطر جو ٻڙو ڪن ۾ رکڻ لاءِ ملندو. عورتن لاءِ مڻيا، رنگين ڌاڳا، سُرما ۽ سرمي دانيون، ڪپڙا رڱڻ جا مختلف رنگ، سينگار جا سامان وٽس وڪري لاءِ موجود ھوندا ھئا. ادو گل حسن شر انهيءَ دوڪانداري جي ھنر سکڻ بابت سندس لائق شاگرد ھو.
حاجي صاحب خوش خوراڪ، خوش گفتار ۽ خوش دل انسان ھيو. جھول جي جامع مسجد جي توسيع ۽ تعمير بابت ڪافي سرگرم رھيو. ساڳئي وقت يونين ڪائونسل جھول جو وائيس چيئرمين به چونڊيو ويو. حاجي صاحب جھول شھر جو گشت ڪري ماڻھن کي تجاوزات ھٽائڻ لاءِ ھدايتون ڪندو ھو. حاجي فتح علي جي ساٿ ۾ اھو ھنر پڻ حاصل ڪيائين ته ھندن جا خالي ڪيل دوڪان سئٽلمينٽ کاتي کان ڪيئن حاصل ڪجن. ان ڪم ۾ چڱو ڪامياب ويو ان ڪري جھول جي بازار ۾ سندس فرزندن مان ھرھڪ کي پنھنجو پنھنجو دوڪان موجود آھي.
پنھنجي مڻياداريءَ وارو دوڪان ھلائيندي، حاجي صاحب کي خيال آيو ته حاذق حڪيم ٿيڻ گھربو ھو. ان ڪري پنھنجو اھو جنرل اسٽور پنھنجي موڀي پٽ جي حوالي ڪري پاڻ وڃي حڪمت ۽ پسارڪي وکر جو دوڪان کوليائين. آئون سندس حڪمت واري دوڪان تي اڪثر ڪري وٽس ڪچھري ڪرڻ ويندو ھوس. حاجي صاحب چانهه آڻڻ جو آرڊر ڏئي ٻاھر واري کي ان چانهه ۾ ڪجھه جڙي ٻوٽيون به شامل ڪرڻ جو چوندو ھو. حاجي صاحب جي دعوى ھئي ته يوناني حڪمت ۾ ھر مرض جو علاج موجود آھي ۽ ان جا وٽس معتبر نسخا تيار ٿيل موجود آھن. پوءِ چاھي ايڊز جو مرض ھجي يا ھيپاٽائيٽس جي بيماري. ھڪ دفعي ذڪر ڪيائين ته ”ٻڌو اٿم ته ڄام ..........صاحب کي جگر جي تڪليف ٿي پئي آھي. ان جو وٽس علاج شافي موجود آھي. حاجي صاحب طب جي قديم نسخن ۾ پنھنجي تحقيق موجب واڌارا پڻ ڪندو ھو. جنهنڪري نيون دوائون ايجاد ٿي پونديون ھيون ۽ انهن دوائن جا انساني طبيعتن تي ابتدائي تجربا ۽ نتيجا مخالفن ۾ مشھور ٿي ويا.
سندس جھول جي ٽن شر ڀائرن، رسول بخش شر لاري ڊرائيور، قادر بخش شر ۽ غفور شر سان تڪرار ھلندڙ ھو. رسول بخش شر لاري ڊرائيور تمام دلچسپ ماڻھو ھو. غريب عوام پارٽي جي نالي سان پمفلٽ شايع ڪرايائين. اسان کيس ”صدر صاحب“ جي لقب سان ياد ڪندا ھئاسون. قادربخش شر پلاٽن جو واپاري به دلچسپ ماڻھو ھو. سندس مير ضيغم الدين ٽالپر سان دوستي ھوندي ھئي. ھنن جو ننڍو ڀاءُ غفورو شر تمام شرارتي ۽ چرچائي ماڻھو ھو. ڪڏھين ڪپھه ۽ اناج جو واپار ڪندو ھو. آخر ۾ صحافي بنجي ويو. اھو چوندو ھو ته شر ذات جي ماڻھن درميان ھلندڙ تڪرارن جي پئنچائت ۾ شڪي ڏوھي کي جڏھين اھو چئبو ھيو ته ”جيڪڏھين تون بي ڏوھي آھين ته ثابت ڪرڻ لاءِ حاجي صاحب جون ايجاد ڪيل گوريون کائي ڏيکار.“ ويچارو ڏوھي شر گوريون کائڻ کان انڪار ڪندي، نيٺ ڏنڊ ڀري ڏيندو ھو. حاجي صاحب ڪجھه سال ٿيندا ته نوان ڪشتا تيار ڪري پاڻ سان سعودي عرب عمري ڪرڻ وقت کڻي ويو. جدي ايئرپورٽ تي ظالم ڪسٽم آفيسرن اھي ناياب ۽ قيمتي ڪشتا ضبط ڪري ڇڏيا.جنهن جو حاجي صاحب کي ڏاڍو ارمان ٿي پيو. اسان جو ھيءُ پيارو دوست پنھنجو ڪثير اولاد ڇڏي آخرڪار وڃي رب کي پرتو.

جھول جا پيڃارا

جھول جا پيڃارا

جھول شھر ۾ پيڃارا ذات جي ماڻھن جا پنج ڇھه گھر ھئا. ھو ان وقت پڃارڪو ڌنڌو ته ڪونه ڪندا ھئا. البته جھول وارا پيڃارا ڪاسائڪو ڪاروبار ڪندڙ ھئا. گھڻو ڪري ٻڪر جو گوشت وڪرو ڪندا ھئا. وڏي ڍور جو گوشت ڪونه ڪندا ھئا. لڳي ٿو ته ھندن جي زماني ۾ سندن ٻڪر جي گوشت جو ڪاسائڪو ڪاروبار تمام سٺو ھلندڙ ھو. ھنن پيڃارن مان فيض محمد پيڃارو واندڪائي ۾ سگھڙ ڪچھريون پڻ ڪوٺائيندو ھو. پاڻ به ڏور بيت جو سٺو سگھڙ ھو. سندس وفات بعد به سندس ياد ۾ سگھڙ ڪچھريون ھتي منعقد ٿينديون ھيون.

گرڙن مھراجن ۽ ميگھواڙن جو پاڙو

گرڙن مھراجن ۽ ميگھواڙن جو پاڙو

چيو وڃي ٿو ھي گرڙا مھراج ڇپني واري ڏڪار دوران راجستان مان لڏي ھن خطي ۾ اچي آباد ٿيا. سندن برادريون ميرپور، ڪنڊياري، پيرون مل، ٻيراني ۽ ٽنڊي آدم تائين آباد آھن. ھنن جو ڌنڌو اصل ۾ درزڪو ڪم آھي، ان سان گڏ ڀيل ميگھواڙن جي شادين ۾ڌرمي رسمون پڻ ادا ڪندڙ آھن. جھول شھر مان ڪپڙا سبڻ جو ڪاروبار اڪثر ڪري مھراج ماڻھو ڪندا آھن. ھاڻي ڪپڙن جا به ننڍا ننڍا دوڪان کوليا اٿن. ھنن مھراجن تعليم پرائڻ ۾ تمام گھڻي محنت ڪئي آھي. تنهنڪري ڪاروبار سان گڏ سرڪاري نوڪرين ۾ سندن ذات جو چڱو تعداد موجود آھي. ھنن مھراجن ۾ مھراج پونجا رام ھڪ سٺو درزي ۽ پڙھيو لکيو شخص ھو. جھول جي يونين ڪائونسل ۾ ھندن جي سيٽ تي ڪائونسلر به چونڊيو ويو ھو.

جھول ۾ وسندڙ سنڌي ماڻھن جي ترقيءَ جو جائزو

جھول ۾ وسندڙ سنڌي ماڻھن جي ترقيءَ جو جائزو

جھول جو اصل شھر سڄو سارو ھندو ڀائي بندن جو وسايل ھو. سڀ گھر ۽ دوڪان انهن جا ھئا. باقي جھول جي لڳ مسلمان ذاتين، ميگھواڙن ۽ گرڙا مھاجرن جا ڳوٺڙا ھئا. جن ۾ خاصخيلي، شر، گرڙا، مھراج، ميگھواڙ، پيڃارا ذات جا ماڻھو اچي وڃن ٿا.
اڄ پاڪستان کي وجود ۾ آئي، جڏھن ستر سال ٿي چڪا آھن ته مون اھو ضروري سمجھيو ته انهن اوائلي لوڪن جي تعليمي ۽ مادي ترقيءَ جو ذڪر ڪريان.
شر ذات جا ماڻھو جھول ۾ وسن ٿا، اھي اتي ئي آھين، جتي اوھان ڇڏيا جي مصداق تعليمي ترقي ڪونه ڪئي اٿن. سندن پاڻ ۾ برادري ۽ سياسي اختلافن جون ڪھاڻيون مشھور آھن. ڪنهن ڏاھي چيو آھي ته شر برادري اصل ۾ ان قول تي قائم آھي، جيڪو خلقڻھار سان انهن ڪيو ھو ته اسان کي خلقي ڇڏ، باقي............. شر برادري ۾ ڪو به ڊاڪٽر يا نالي وارو تعليم دان پيدا ڪونه ٿيو آھي.
خاصخيلي برادري جھول ۾ وسندڙ اوائلي برادري آھي، ايڏي عرصي گذرڻ باوجود چند ماستر ۽ پوليس وارا ٿي سگھيا آھن. باقي سندن تعليمي حاصلات قابلِ ذڪر ناھي. اڳي ڀائي بندن جون ڳئون چاريندا ھئا. ۽ ھاڻي انصاري سيٺين جي مال جي خدمت ڪن ٿا. بازار ۾ سندن حجامڪا دوڪان ڪافي قدر آھن، ان مان سندن ڪمائي به چڱي خاصي آھي. البته سندن تعليم جي حاصلات ڪا خاص ناھي.
پيڃارا ذات جا ماڻھو پاڪستان کان اڳ جھول ۾ ڪاسائڪو ڪاروبار ڪندڙ ھئا. ۽ ڪافي خوش گذران ھئن. ھاڻي سندن اھو ڪاروبار ختم ٿي چڪو آھي. تعليمي ميدان ۾ ڪا به قابلِ ذڪر حاصلات ڪونه ڪئي اٿن.
ھاڻي اچون ٿا ميگھواڙن ۽ مھراجن جي برادري تي. ھنن لوڪن شروع ۾ درزڪي ڪم سان شھر ۾ شروعات ڪئي. ھن وقت سندن تعليمي خواھه ڪاروباري ڪاميابين جو ذڪر نهايت دل خوش ڪندڙ آھي. ھن برادري جا ماڻھو تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام ڪامياب ثابت ٿيا آھن. ان ڪري سرڪاري ملازمتن ۾ سندن سٺو تعداد خدمات سرانجام پيو ڏئي. پرائمري، ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پاڙھين پيا. ھن ڪميونٽي مان سخت محنت ڪري ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون ٿي چڪا آھن. جھول شھر ۾ سندن جنرل اسٽور، ڇوٽا موٽا ڪپڙي جا دوڪان ۽ ميڊيڪل اسٽور موجود آھن. تنهنڪري چئي سگھجي ٿو ته سندن مادي خواھه علمي ترقي قابلِ تعريف آھي.

مھاجر برادري

مھاجر برادري

جھول ۾ مھاجر ٿي آيل، انصاري برادريءَ وارن دوڪانداري ۾ قابلِ ذڪر ترقي ڪئي آھي. خاص ڪري ڪپڙي جي تجارت ۾ تمام گھڻو ڪامياب ويا آھن. شھرن ۾ سندن وڏي تعداد ۾ دوڪان، مارڪيٽ، ماڙيون ۽ محلا موجود آھن. البته علمي ترقيءَ بابت سندن حاصلات ڪجھه به نه آھي.
جھول ۾ پاڪستان بعد لڏي آيل کرل ذات جا ماڻھو وڏي تعداد ۾ آباد آھن. وٽن ڪليم مان مليل زمينون به آھن. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ وقت ھتي آباد ٿيل کرل قوم اندر تعليم ٻڙي برابر ھئي. سترسال گذرڻ بعد انهيءَ برادريءَ مان فقط ھڪ نياڻي ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري حاصل ڪئي آھي.
قريشي برادري جيڪا امرت سر مان ھجرت ڪري ھتي آباد ٿي آھي، انهن يارن به ڪا خاص حاصلات نه ڪئي آھي. جنهن جو ھتي ذڪر ڪجي. ھنن قريشي ڪوٺائجندڙ لوڪن وٽ ڪوبه ڪليم ۽ زمين ڪونه آھي. سندن جيڪو به ھنر ۽ فن ھو، اھو لڏي اچڻ وقت امرت سر ۾ ڇڏي آيا ھئا.

ڳوٺ گل حسن سريوال جي اسڪول جون يادگيريون

ڳوٺ گل حسن سريوال جي اسڪول جون يادگيريون

ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ پاڙھيندي مونکي ٽي سال گذريا، انهيءَ درميان 1963ع ۾ مون مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيو. (1963ع تائين مئٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي ھئي.) مئٽرڪ جي ھن امتحان ۾ ذاتي مطالعي سان گڏ مير پور ھاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيل پڙھائي وڏي مدد ڏني. ان عرصي ۾ جھول سنڌي ادبي سنگت جي ادبي صحبت ۽ مطالعي منھنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو، ميرپور خاص مان اچانڪ تعليمي سفر جي خاتمي جو دُک دور ٿيو ۽ منھنجي طبيعت ۾ خود اعتمادي پيدا ٿي.
ھن زماني ۾ ميرالله بخش پبلڪ لائبريري ۾ موجود ادبي ۽ تاريخي ڪتابن جو مون خوب مطالعو ڪيو ۽ شاعري جي شروعات ڪيم. دوستن ڪافي ھمت افزائي ڪئي. اھڙي طرح ادبي حلقن ۾ اٿڻ ويھڻ جو موقعو مليو. مقامي مشاعرن ۾ شاعري پڙھڻ لڳس. ان زماني ۾ شھدادپور ڪاليج، جنهن جو پرنسپال گل محمد گلاڻي صاحب ھڪ ادب دوست ۽ شاعر ھيو، سو ان ڪاليج ۾ سالانه آل پاڪستان اردو سنڌي مشاعرھ منقعد ڪرائيندو ھو. ھنن مشاعرن ۾ سينيئر شاعرن کي روبرو ٻڌڻ جو موقعو مليو. انهن ادبي سرگرمين جي ڪري منھنجي دل ۾ تعليم کي اڳتي جاري رکڻ جو اتساھه پيدا ٿيو. فرسٽ ييئر جو امتحان نوابشاھه ۾ ڏنوسين، انٽر جي امتحان جو سينٽر ھالا مقرر ٿيو. ھالا نوان ۾ انٽر جي امتحان دوران ھالا نوان ۽ پراڻا جو تعارف ٿيو. اھڙي طرح علم جي واٽ تي اڳتي ھلڻ جو سلسلو جاري رھيو. انهيءَ عرصي ۾ پرائمري استادن جي پيشھ ورانه تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ جو تعليم کاتي طرفان حڪم جاري ٿيو ته ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ وڃي دخلڪار ٿي، ٻن سالن جي S.V ٽيچر جي تربيت حاصل ڪريو. بھرحال ھتان کان بسترا گول ڪري ھالا نوان پھچي، سڪرنڊ ويندڙ بس ذريعي روانا ٿي، سڪرنڊ ڪاليج پھتاسون.

ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جي دنيا

ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جي دنيا

سڪرنڊ شھر کان ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف مين روڊ تي ٽريننگ ڪاليج جي وسيع ڪئمپس مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ھاسٽل انچارج استاد صاحب ڪمرو نمبر الاٽ ڪيو، جنهن ۾ اسان ٽي ساٿي گڏجي رھڻ لڳاسين. منھنجي ھنن ساٿين ۾ محترم مراد علي خان ڪلوئي ۽ مولا بخش حاجياڻو صاحب ھئا. ھنن دوستن سان اڳواٽ تعارف ۽ دوستي قائم ھئي. تنهنڪري ھاسٽل ۾ رھائش دوران ڪافي خوشگوار ماحول جڙي پيو.
سڪرنڊ شھر کان ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف نيشنل ھاءِ وي لڳ اولھه طرف اسان جي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول/ ڪاليج جي ڪئمپس واقع ھئي. اولھه اوڀر جي رخ سان ھاسٽل جا ٽي يونٽ پور وڇوٽ قطارن ۾ تعمير ٿيل ھئا. ھر ھڪ قطار جي درميان ھاسٽل انچارج جو ڪمرو موجود. ھاسٽل جي ورانڊن کي ڪاٺ جي ڄاري ڏنل، اوڀر پاسي راند جو ميدان، جنهن ۾ والي بال ۽ باسڪيٽ بال جا نيٽ لڳل. انهيءَ راند جي ميدان سان لاڳو ڪاليج جي پرنسپال ۽ سنيئر استادن جون رھائشي جايون موجود.
ڪاليج جي اڪيڊمڪ عمارت تمام شاندار نموني سان تعمير ٿيل. عمارت جي مرڪز ۾ ھڪ ٻئي مٿان ٻه وڏا ليڪچر ھال، ان سان متصل اڀرندي الھندي استادن جون آفيسون ۽ پرنسپال صاحب جي آفيس واقع ھئي. مين بلڊنگ جي ڏکڻ ۾ پارڪ، پارڪ وٽ سيمينٽ سان جڙيل ڌرتيءَ جو وڏو گولو (Globe) ٺھيل، جنهن تي دنيا جي اھم ملڪن جا نقشا ۽ نالا لکيل.
مون ڏٺو ته ڪاليج جي مرڪزي عمارت تي ان وقت جي گورنر سنڌ سر لئنسلاٽ گراھم جي نالي وارو بنيادي پٿر لڳل ھو، جنهن مان خبر پئي ته اصل ۾ ھيءُ ادارو زرعي تعليم جي خاطر جوڙيو ويو ھو. جيڪو خبر نه آھي ڪھڙي سبب بند ڪيو ويو ۽ ان عمارت ۾ ٽيچرس ٽريننگ جو ادارو ھلايو ويو.
مون اسان واري ھاسٽل جي ڪمري ۾ ٻن ڪٻٽن جي طاقن تي ڪن ھندو شاگردن جا نالا لکيل ڏٺا. جنهن مان معلوم ٿيو ته ھي زرعي ڪاليج، زرعي گريجيوئيٽ جي تعليم لاءِ برپا ڪيل ھئي. ھاسٽل جي ڪمرن ۾ بجلي به ھلندڙ ھئي. مگر موجودھ وقت ۾ اھو انتظام موجود ڪونه ھو. تنهن ھوندي به ھاسٽل ۾ نوابشاھه جي گرمي ھوندي به ڪمرا گرم محسوس ڪونه ٿيندا ھئا. ورانڊي ۾ لڳل جعفري مان ھوا ٿڌي ٿي ڪمرن ۾ ايندي ھئي. تنهن ڪري پکي وغيره جي ڪا ضرورت محسوس ڪونه پئي ٿي.

ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جا استاد

ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ جا استاد

ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال محترم قاضي احمد ھو، جيڪو اصل نصرپور جو رھاڪو ھو. چيائون پئي ته قاضي صاحب مختيار ڪار به رھي چڪو ھو. پر ھن صاحب استاد ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪيو. ھي صاحب سادو ۽ سٻاجھڙو انسان روزانه اسان جي ڪلاس کي ”اصولِِ تعليم“ وارو مضمون پاڙھيندو ھو. قاضي احمد صاحب ڪڏھين ڪڏھين ھڪ پيرڊ کي ڇڪي، ٻن ٽن پيرڊن تائين ليڪچر جاري رکندو ھو. نهايت سليس زبان ۾ ليڪچر ڏيندو ھو.
سيد صالح محمد شاھه، باريش بزرگ تمام سختيءَ جي حد تائين سنجيدھه استاد سنڌي زبان ۽ سنڌي زبان جي تدريس جا مضمون پاڙھيندو ھو. اصل ۾ سنڌي فائنل پاس استاد ھو، پوءِ مولوي عالم، مولوي فاضل جا امتحان پاس ڪري ان سان گڏ انگريزي ٻوليءَ جا پيپر ڏئي ان وقت بي اي پاس جي ڊگري حاصل ڪيائين. ھيءُ سائين پنھنجو علم وڌائيندي آخر ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ ڪامياب ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي زماني ۾ نصابِ تعليم جوڙڻ وارن ماھرن ۾ سندس شمار ٿيندو ھو. ھيءُ سيد اصل ۾ سعيد آباد جي پاسي جو رھاڪو ھو. سندس خاندان علمي خاندان ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ڀاءُ سيد وڏل شاھه جو نالو ڪيميسٽريءَ جي مضمون پاڙھيندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن ۾ نه صرف پاڪستان سطح تي پر بلڪه تعليمي دنيا ۾ مشھور ٿيو. سائين صالح محمد جو ڀاڻيجو شير شاھه ان وقت تازو اسان جي ٽريننگ ڪاليج واري پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي آيل ھو. ياد رھي ته استادن جي تربيتي ادارن سان پرائمري، مڊل اسڪول لازمي طرح سان موجود ھوندا آھن ته جيئن انهن اسڪولن ۾ موجود ٻارن کي زير تربيت استاد اداري جي نگراني ۾ عملي سبق پاڙھڻ جي مشق ڪري سگھن.
استاد سکيو خان چنا پڻ سنڌي سکيا جو نهايت لائق استاد ھو. سائين تمام مھربان صورت، کلمک طبع وارو استاد ٿي گذريو آھي. شاعريءَ ۾ ” مجروح“ تخلص استعمال ڪندو ھو. سائين سکيو خان چنا صاحب ڪنڊياري جي پاسي جو رھاڪو ھو. جڏھين ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سانگھڙ ۾ سن 1964ع ۾ شروع ٿيو ته پاڻ سڪرنڊ مان سانگھڙ ٽريننگ اسڪول ۾ استاد ٿي آيو. ساڻس ھميشھ رابطو رھندو آيو. پاڻ به ڀلائي جو ڀيرو ڪندي جھول خواھه سانگھڙ ۾ ديدار ڪرائيندو ھو. ياد رھي ته اسان جا اھي فاضل استاد پنھنجي قابليت ۾ تعليم جا ماھر ٿي گذريا آھن. سندن نالا اسان جي نصابي ڪتابن ۾ موجود آھن. انهن جو شاگرد ڪوٺائڻ اسان لاءِ نهايت فخر جي ڳالھه آھي.

ٽريننگ ڪاليج جا ھم ڪلاسي دوست

ٽريننگ ڪاليج جا ھم ڪلاسي دوست

ٽريننگ ڪاليج سڪرنڊ ۾ اسان کي اصل ۾ ٻن سالن جي S.V ٽيچر جي تربيت لاءِ موڪليو ويو ھو. پر پوءِ سرڪار فيصلو ڪيو ته ھنن زير تربيت استادن جي ٻن سالن جي ڪورس کي ڪٺو ڪري ھڪ سال جي تربيت ۾ پورو ڪيو وڃي. جنهن ڪري ان کي S. V condensed Course جو نالو ڏنو ويو. ھن ڪاليج ۾ ضلعي سانگھڙ جا پرائمري استاد، ٿرپارڪر جي ڪنهن تعلقي جا پرائمري استاد، ھالا تعلقي ۽ سڪرنڊ تعلقي جا استاد زيرتربيت ھئا. منهنجا روم ميٽ تمام لائق استاد ثابت ٿيا. سانگھڙ مان تربيت لاءِ آيل الھه بچايو جلالاڻي اسان سانگھڙ وارن ۾ نمايان اڳواڻي ڪندڙ پھلوان استاد ھو. سڪرنڊ پاسي جيڪي ننڍا ملاکڙا ٿيندا ھئا. انهن ۾ ملھه وڙھڻ جا مقابلا ڪري انعام کٽي ايندو ھو. اسان جي روم جي ڀرسان ھالا مان آيل آخوند الھه ورايو رھندڙ ھو. ھالا وارا استاد ھن جو نالو آخوند ادب سان وٺندا ھئا. ڇوته ھو ھالا جي انهن آخوندن مان ھو، جيڪي مخدوم صاحبن جا به استاد ٿي رھيا ھئا. ڪمري جي ٻئي ڀر خان محمد خاصخيلي نهايت قدآور ھمراھه جنهن سان گڏ ھڪ سھتو ذات جو نوجوان رھائش پذير ھئا. خان محمد خاصخيلي اڪثر Lesson Plan ٺاھڻ لاءِ اسان جي مدد طلب ڪندو ھو. ھميشھ يوناني علاج جا نسخا ڳوليندو وتندو ھو. اھا ھڪ تمام خوشگوار ياد آھي ته سڄي سال دوران اسين سڀ دوست نهايت امن امان ۽ استادن جي شفقت جي ڇانءَ ۾ رھياسين.

Practice of Teaching يعني عملي تعليم جو مرحلو

Practice of Teaching يعني عملي تعليم جو مرحلو

نظري تعليم جا مضمون پڙھندي، انهن جا نوٽس لکندي، نيٺ اھو وقت به اچي ويو ته ھاڻي تدريسي مضمونن پاڙھڻ جي عملي سکيا، پرائمري اسڪول جي شاگردن وٽ وڃي حاصل ڪجي. ھن مرحلي تي ڪاليج جي پرائمري اسڪول جا استاد اسان لاءِ تمام اھم ھستيون بنجي پيا، ڇوته ڪلاس جي نظم و نسق کي دوران تربيت قائم رکڻ ۾ اسان جي مدد ڪندا ھئا ته پوءِ سبق جي عملي سکيا ڪامياب قرار ڏني ويندي ھئي. تدريسي مضمونن جي پاڙھڻ جي عملي سکيا ۾ سنڌي، حساب، تاريخ، جاگرافي جھڙا مضمون شامل ھئا. ھر ھفتي عملي سکيا جو ٽائيم ٽيبل لڳندو ھو، جنهن ۾ ڪھڙي شاگرد کي ڪھڙا سبق پاڙھڻا آھن، انهن جا عنوان، تاريخ ۽ پيرڊ بيان ڪيل ھوندا ھئا. زير تربيت استاد جڏھن پنھنجو مليل سبق پاڙھڻ لاءِ ڪلاس ۾ داخل ٿيندا ھئا ته سندن بدحواسين جو تماشو ڏسڻ ۾ ايندو ھو. تربيتي ڪاليج سان لاڳاپيل پرائمري اسڪول جا شاگرد به تمام شرارتي ھوندا آھن. ڇوته زيرتربيت استاد انهن کي سزا ته ٺھيو، پر دڙڪو دھمان به نه ٿي ڌئي سگھيو. ان لاءِ انهيءَ ڪلاس جي ٻارن کي ڪنٽرول رکڻ لاءِ سندن ڪلاس ٽيچر جي ڪجھه قدر مدد لازمي ھوندي ھئي. عملي سکيا (Teaching Practice) جي ڏينهن ۾، ڏينهن رات سبق سيکارڻ جي تيارين ۾ مصروف رھندا ھئاسون. سبق کان پھريائين سبق جي خاڪي جي رف ڪاپي تيار ڪري، لاڳاپيل استاد کان رھبري وٺي، پوءِ ان جي فيئر ڪاپي تيار ڪري، ان استاد کان Approve ڪرائڻي پوندي ھئي. سبق سان لاڳاپيل Teaching Aid يعني ته نقشا، چارٽ، تصويرون يا اصلي شيون موجود ڪرڻ پڻ تمام ضروري عمل ھوندو ھو، ان عمل دوران زير تربيت استادن جون بدحواسيون ڏسڻ وٽان ھونديون ھيون. سبق جي سکيا جي ناڪاميءَ جو ريمارڪ (سپروائيزر استاد طرفان) تمام گھڻو پريشان ڪندڙ ھوندو ھو. اھڙو سبق زيرتربيت استاد کي وري تيار ڪري ھر صورت ۾ ڪاميابيءَ سان پاڙھڻو ھوندو ھو.
مونکي ياد آھي ته ھڪ دفعي سنڌي ٻاراڻي ڪلاس مان سيکارڻ لاءِ ٻن لفظن تي مشتمل يونٽ مليو. مونکي لفظ ” اڱر ۽ سڱر“ سيکارڻا ھئا. سبق جو خاڪو تيار ڪري، سائين سکيو خان چنه صاحب وٽ منظور ڪرائڻ لاءِ حاضر ٿيس. سبق جو خاڪو ڏسي چيائين ته ”بابا! اڱر ۽ سڱر آندا اٿئي؟“ مون عرض ڪيو ته”سائين! اڱر ته ھاسٽل جي بورچي خاني مان ملي ويا آھن، پر سڱر ھٿ نه ٿا اچن، ڇوجو سڱرن جي موسم ڪونه آھي.“ سائين فرمايو ته ”بابا! ڪنهن به صورت ۾ توکي سڱر ھٿ ڪري اچڻا آھن. انهن کان سواءِ سبق ھلائڻ ڪونه ڏيندس. سائين سکيو خان چنه تمام پيارو ۽ محبتي استاد ھو. ھاڻي ڇا ڪجي؟ اھو سوال دل ۾ کڻي اچي ھاسٽل ڀيڙو ٿيس. جيڪو به دوست مليو ٿي، ان کان سڱر ھٿ ڪرڻ لاءِ پڇا پئي ڪيم. آخرڪار ھڪ دوست چيو ته ”يار! ھي پنھنجي ھاسٽل جي اولھه ۾ جيڪو ”پئي فاريسٽ“ ٻيلو آھي، اتي وڃي ڪنڊيءَ جي وڻ ھيٺيان ڊينگھرن مان سڱر ڳولي اچ.“
وڏي مشڪل سان ٻيلي مان سڱر چونڊي کڻي اچي استاد وٽ پيش ڪيم، جنهن کان پوءِ سبق جو خاڪو منظور ٿيو ۽ سبق پاڙھڻ جي اجازت ملي.

لفظ گيگ جي سمجھاڻي: منھنجي روم ميٽ مولا بخش حاجياڻي سنڌي مضمون جو سبق پئي پاڙھيو. سبق ۾ موجود نوان لفظ کيس جملن ۾ استعمال ڪرائي پوءِ معنى ٻڌائڻي ھئي. ان سبق ۾ ھڪ جملو ھو ته ”گدڙ گيگ ڪري زمين تي ليٽي پيو!“ مولا بخش ھڪ ٻه جملا گيگ لفظ جا ٻارن کي ٻڌائي، بورڊ تي معنى لکي ” گيگ معنى مِکرُ“ سندس سپروائيزر جيڪو تمام سينيئر استاد ھو، ھن کيس چيو ته ” بابا! ٻارن کي تون گيگ ڪري ڏيکار.“ مولا بخش حاجياڻو ڊگھي قد وارو بندو اچي ڦاٿو، نيٺ فرش تي مکر ڪري ساھه گھٽي سمھي، ٻارن کي گيگ ڪري ڏيکاريائين. بھرحال پرئڪٽيڪل سبقن دوران سمورا شاگرد سرگرم نظر ايندا ھئا. ڪنهن کي سيد الھندي شاھه جي تصوير ٺھرائڻي ھوندي ھئي ته ڪو قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير پيو ڳوليندو ھو! ان زماني ۾ مجبوري اھا ھئي ته شاگرد کي گھربل تصوير پنھنجي ھٿ سان پينسل اسڪيچ موجب ٺاھڻي ھئي، يا ڪنهن دوست جي مدد سان تيار ڪرڻي ھوندي ھئي. ھن وقت ته ڦوٽو اسٽيٽ جي ڪري اھا سھولت ته موجود آھي، پر استادن جي نگراني ۾ اھا تربيت ۽ اھي ادارا نه رھيا آھن.

ھاسٽل جي زندگيءَ جون ڪجھه جھلڪيون

ٻه اڍائي سئو شاگرد ھاسٽل ۾ رھندڙ ھئا.انهن لاءِ کاڌ خوراڪ جي فراھمي تمام اھم ڪم ھوندو ھو. ھاسٽل سامھون بورچي خاني جي ڀنڊار ۾ چانور، اٽو، چڻا، داليون، گيھه ۽ مصالحن جي رسد جاري رھندي ھئي. روزانه گڏھه گاڏيون ڀرجي اچي بورچي خاني جي ڀانڊي وٽ لھنديون ھيون. ٽي ويلا ميس جي طرفان ماني تيار ٿيندڙ ھئي. جنهن ۾ دال چڻن جي ۽ چانور، دال ماني، ھفتي ۾ ھڪ ٻه ڀيرا گوشت ماني. صبح جو ھرھڪ ميمبر لاءِ ھڪ سڻڀي ماني ۽ چانهه جو ڪوپ. ماني ميس مان کڻي اچي ڪمري ۾ کائبي ھئي. ظاھر آھي اسين ٻهراڙي جا ماڻھو لسي، کير جا ھيراڪ. پوءِ ڇا ٿيو جو پھريان ھڪ ٻه ھفتا پيٽ تي ھٿ، ڪنهن کي سور ته ڪو وائي بادي جو شاڪي.
مونسان ته ميس جي ماني ڪري گذاري، تنهن ڪري پرنسپال صاحب کي درخواست لکي ڏنم ته ھاسٽل جي ماني مونکي سخت تڪليف ڏني آھي، تنهنڪري مونکي ھن سال تربيت کان آجو ڪري واپس اسڪول موڪليو وڃي. پرنسپال صاحب مونکي گھرائي چيو ته ”بابا! جيڪڏھن نوڪري ڪرڻي اٿئي ته پوءِ ڏکيو، سکيو وقت گذار، باقي تربيت کان واپسي معنى نوڪري ختم. تنهنڪري ٿوري گھڻي پرھيز سان وقت گذار!“
ڇا ڪجي؟ بھرحال درد جون دانهون ڪندي ڪندي، ڇا ٿيو جو درجي به درجي انهيءَ دال مانيءَ تي سسٽم ٺھي ويو ۽ آھستي آھستي شڪايتون دور ٿينديون ويون.
اسان ٽي ڄڻا روم ميٽ اڳيئي ھڪ ٻئي جا واقف ھئاسون. مولابخش حاجياڻو سگريٽ جو موالي، آئون به سگريٽ جا سوٽا ھڻندڙ باقي مراد علي خان ڪلوئي ڪڏھين ڪڏھين تجرباتي ڦوڪ ڀريندو ھو. ٻي ڳالھه ته اسان ٽيئي ڄڻا چانهه جا موالي. صبح جو ميس مان ڪاري چانهه سان ماني کائڻي پوندي ھئي. ان لاءِ مراد علي خان ڪلوئي، ڳوٺان گاسليٽ تي ٻرندڙ اسٽوو کڻي آيو. آئون گھران چانهه ڪاڙھڻ لاءِ ديڳڙي ۽ ڪوپ ساسريون کڻي آيس. ڀر واري ڳوٺ مان کير وڪڻندڙ ھمراھه سان صبح شام کير آڻڻ جو بندوبست ڪيوسون. اھڙي طرح چانهه جو بندوبست ٿي ويو. مونکي امڙ ھر دفعي گيھه جو شيشو ڀري ڏيندي ھئي، جيڪو ميس مان ملندڙ ٻوڙ ۾ ملائي، ان کي وڌيڪ ذائقيدار ڪرڻ سان گڏ صحتمند کاڌي ۾ تبديل ڪندا ھئاسين.

ھاسٽل ۾ ھوم ورڪ ۽ مطالعي جو پروگرام

ھاسٽل ۾ ھوم ورڪ ۽ مطالعي جو پروگرام

رات جو روزانه ھڪ ڪلاڪ لاءِ مطالعي جو پروگرام پنھنجي پنھنجي ڪمري اندر ديوار تي لڳل پروگرام موجب ڪرڻو پوندو ھو. جنهن کي ”ھائوسي“ ڪوٺيندا ھئا. ڪمري جي ميز تي لالٽين ٻاري، مناسب ڪپڙا پھري ٽائيم ٽيبل موجب انهيءَ مضمون جو مطالعو ڪرڻو پوندو ھو. ۽ فيئر بوڪ تي لکڻ جو ڪم به ٿيندو ھو. انهي دوران ”ھائوسي“ جو انچارج استاد ھرھڪ ڪمري تي وڃي معائنو ڪندو ھو. ساڻس گڏ ڪاليج جو پٽيوالو گاسليٽ جو گولو کڻي ھلندو ھو. اسين گولي جي تيز روشني کي ڏسي مطالعي جو ڪم سنجيدگيءَ سان ڪرڻ جي اداڪاري ڪندا ھئاسون، انهي ھائوسي دوران ڪيل مطالعو ۽ ھوم ورڪ سچ پچ ته اسان جي پيشھ ورانه ڄاڻ ۾ تمام گھڻو اضافو ڪندڙ ھو. روزانه سينيئر استاد جي چيڪنگ سبب شاگرد سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪندڙ ھئا. استاد کي ٿورو به شڪ پوندو ھو ته شاگرد سامھون ميز تي رکيل ڪتاب جي ان باب مان ھڪ ٻه سوال پڇڻ سان شاگردن جي سنجيده مطالعي جي خبر پئجي ويندي ھئي.
مغربي تعليمي ماھرن جا اصول تعليم پڙھڻ وقت ڪيندر گارٽن، فروبيل، مانٽيسوري جا فلسفھ پڙھڻ وقت لطيفا بيان ٿيندا ھئا. ميڊم مانٽيسوريءَ کي اڪثر شاگرد چرچي طور ”ماسي ٽوري“ ڪري ڪوٺيندا ھئاسون.

تربيت جي پڄاڻي

تربيت جي پڄاڻي

روئندي کلندي تربيت جو ھڪ سال ذري گھٽ اچي اختتام تي پھتو. ٻن سالن جي نصاب کي ھڪ سال ۾ Condensed ڪري مڪمل ڪيو ويو. سالياني امتحان جا عملي سبق به سڪرنڊ ۾ ھلي ڇيھه ٿيا. مٿان اعلان ٿيو ته ضلعي سانگھڙ جا زير تربيت استاد ھاڻي سانگھڙ جي ٽريننگ اسڪول ۾ وڃي دخلڪار ٿي ساليانو امتحان سانگھڙ ۾ ڏين.
موڪلاڻيءَ جون تقريبون ٿي گذريون، سائين صالح محمد شاھه، جيڪو تمام سنجيدھه ۽ سخت گير استاد ھو، ان پنھنجي تقرير ۾ چيو ته ”اسان برابر اوھان کي سخت محنت ۽ مطالعي ۾ مصروف رکيو. اھو عمل ٿڪائيندڙ ضرور ھو، پر ائين سمجھو ته اسان، اوھان کي علم جي بٺيءَ ۾ پچائي راس ڪيو آھي. ھاڻي اوھان پنھنجي پيشي جا ماھر استاد سڏائڻ جا حقدار ٿي چڪا آھيو.“ استاد صاحب جي اھا ڳالھه بلڪل صحيح ھئي. اسان جي ان گروپ جا ڪيترائي دوست ايم اي- ايم ايڊ تائين نهايت آسانيءَ سان ڊگريون محنت سان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
1964ع ۾ ساليانو امتحان سانگھڙ ۾ ٿيو. ھن امتحان جي نتيجي ۾ منھنجو ٽيون نمبر ھو. امتحان پورو ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس طرفان اسان کي واپس اسڪولن ۾ مقرري جا آرڊر ڏنا ويا. منھنجي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جھول ۾ نائب استاد جي حيثيت ۾ مقرري ٿي. ياد رھي ته ھن اسڪول جو آئون شاگرد رھي چڪو ھوس. ۽ ھاڻي ساڳئي اسڪول ۾ استاد جي منصب تي مقرر ٿيس. ان زماني ۾ سانگھڙ ضلعي جي پرائمري تعليم جو جڳ مشھور آفيسر حافظ عبدالستار ميمڻ ھو. حافظ صاحب گوسڙو ماسترن لاءِ تمام سخت گير ثابت ٿيو. لائق استادن جو ساڳئي وقت قدردان پڻ ھوندو ھو.

جھول پرائمري اسڪول ۾

جھول پرائمري اسڪول ۾

1964ع ڌاري S.V پاس ڪرڻ بعد گورنمينٽ پرائمري اسڪول جھول ۾ نائب استاد جي حيثيت ۾ ڊيوٽي شروع ٿي، مونکي پاڙھڻ لاءِ پھريون درجو ڏنو ويو. جيڪو مون ھيڊ ماستر صاحب کان گھري ورتو. ڇاڪاڻ ته ٻاراڻي ڪلاس جي معصوم ٻارن کي پڙھائڻ جو عمل ڏاڍو دلچسپ ھوندو آھي. اسڪول جو ھيڊ ماستر مسٽر محمد يوسف ڪوريجو صاحب اصل ۾ موري جو رھاڪو ھو. ان زماني ۾ سانگھڙ جي تعليم کاتي ۾ نوابشاھه ضلعي سان واسطو رکندڙ استادن جو چڱو خاصو تعداد نوڪري ڪندڙ ھو. محترم محمد يوسف ڪوريجو تمام سٺو منتظم، خوشخط ۽ محنتي استاد ھو. ٻيا ھمعصر استاد به ڏاڍا لائق استاد ھئا. پيارو خان لغاري مکيءَ جي پاسي جو رھاڪو، سنهڙو سيپڪڙو، نهايت مھربان استاد، والي بال سان دلچسپي رکندڙ. ياد رھي ته محترم محمد يوسف ڪوريجو شوٽنگ والي بال راند جو پھرئين جوڙ جو رانديگر ھو. آئون به سائيڊ تي کيڏندڙ والي بال جو شوقين ھوس. جھول ۾ ان زماني ۾ شوٽنگ والي بال جي زبردست ٽيم ھئي. کاھي ڪنڊا جي رھاڪو آبدار ميمڻ جا ڇوڪرا زبردست رانديگر ھئا. اسان جي پرائمري استادن مان ڪرم علي شاھه ”وفا“ جيڪو ٻوٻي شھر جي پاسي جو رھاڪو ھو. انهيءَ شاھه صاحب کي به والي بال جو وڏو شوق ھو. ھن پرائمري اسڪول ۾ منھنجو فلاسافر دوست محترم مراد علي خان ڪلوئي به ڪجھه وقت ھتي پاڙھيندو رھيو. نهايت نيڪ دل انسان ھو.
جيئن ته ھي اسڪول سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھو، انهيءَ سال جھول شھر لاءِ عبدالقادر سنجراڻي صاحب وزير صحت پاران رورل ھيلٿ سينٽر جڙي راس ٿيو، ان ڪري جھول جي ضلعي ڪائونسل جي پراڻي ڊسپينسري جيڪا بزرگ ڪنڊي فقير ڀنڀري جي پاڙي ۾ ھئي، ان جا ڊاڪٽر ھيلٿ سينٽر جي نئين عمارت ۾ منتقل ٿيا. (ان وقت 1965ع جي جنگ ھلندڙ ھئي.) اھا جڳھه خالي ٿيڻ تي محترم مير جان محمد ٽالپر اسان کي صلاح ڏني ته توھان سنڌي پرائمري اسڪول کي ھاڻي انهيءَ جاءِ ۾ وڃي ھلايو. اسان شاگردن جي مدد سان فورن لڏو کڻي نئين جاءِ اچي والاري. ياد رھي ته ھاڻوڪو سنڌي پرائمري مين اسڪول ان ساڳئي ھنڌ ھلندڙ آھي، نهايت مناسب جاءِ آھي. پر افسوس ته عمارت جي مناسب مرمت به ٿيڻ ڪري، ڇتين جا چاپوڙا ڪرڻ ڪري، تمام خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي پئي آھي.

1965ع واري پاڪ ھند جنگ

1965ع واري پاڪ ھند جنگ

اڃان اسان وارو اسڪول سيٺ ڪلياڻ داس واري ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھو، انهيءَ دوران پاڪستان ۽ ھندستان جي وچ ۾ جنگ لڳي. انهيءَ جنگ جي ڪري، رات جو روشني ڪرڻ، باھه ٻارڻ جي سختي سان منع ڪيل ھئي، رات جو مڪمل بليڪ آئوٽ رھندي ھئي. ريڊيو پاڪستان تي سڄو ڏينهن جنگي ترانا پيا نشر ٿيندا ھئا. ھڪ دفعي ڇا ٿيو جو اسان واري جي ڀرسان جيڪو گرلس پرائمري اسڪول ھلندڙ ھيو، اتي ڊاڪٽر شفيع نالي ھڪ ھمراھه ڀڄندو آيو، ھن اسڪول ۾ سندس ننڍڙيون نياڻيون پڙھنديون ھيون. ان ھمراھه بدحواسيءَ ۾ اچي ليڊي ٽيچر کي چيو ته سانگھڙ ۾ اطلاع آيو آھي ته ھندستان ھتي ھوائي حملو ڪرڻ وارو آھي. تنهنڪري ٻارن کي موڪل ڏيو!“ اھو ٻڌي ٻارن ۾ رڙو رڙ پئجي وئي.
1965ع جي جنگ دوران اسان جو سنڌي پرائمري اسڪول، جيڪو سيٺ ڪلياڻ داس جي ماڙيءَ ۾ ھلندڙ ھيو، سو نئين جڳھه ڏانهن منتقل ٿيو. اسڪول لاءِ ھي نئين جاءِ وڌيڪ بھتر ٿي. ھن جڳھه تي ٽن طرفن کان ڪمرا ۽ ورانڊو تعمير ٿيل ۽ وچ ۾ اسيمبليءَ لاءِ ڪافي وسيع اڱڻ موجود ھو. مونکي ياد آھي ته ھن اسڪول ۾ اچڻ وقت، شھر جي دوڪانن ۾ پاڪ ھند جي جنگ سبب ڪافي شين جي کوٽ پيدا ٿي. خاص ڪري کنڊ جو ملڻ محال ٿي چڪو ھو. چانهه جي موالين ۽ ھوٽل وارن کنڊ جي جاءِ تي ڳُڙ جو استعمال شروع ڪيو. ايتري قدر جو ڳُڙ به مارڪيٽ مان گم ٿيڻ لڳو.
جنگ جي ايمرجنسيءَ ۾ اسان استادن جون رات جي وقت، ريلوي اسٽيشن، پوسٽ آفيس، ٽيليگراف آفيس ۽ فون لائين تي ڊيوٽيون لڳايون ويون. سورنهن سترھن ڏينهن کان پوءِ جنگ بند ٿي ۽ روزمرھ جو ڪاروبار ھلڻ لڳو ۽ اسان استادن به وڃي سک جو ساھه کنيو.

تعليم کاتي جا ڪجھه ڪامورا ۽ آفيسر

تعليم کاتي جا ڪجھه ڪامورا ۽ آفيسر

مونکي 1960ع جي نومبر ماھه ۾ پرائمري استاد جي نوڪري ملي. ان وقت سيد جلال الدين شاھه صاحب ضلعي سانگھڙ جو DIS ھيو. ھي بزرگ نهايت سادو، نيڪ دل ۽ مھربان صورت وارو انسان ھو. ھن صاحب کان پوءِ حافظ عبدالستار ميمڻ، جيڪو اصل ۾ شڪارپور جي طرف جو رھاڪو ھو، سو ھن عھدي تي مقرر ٿي آيو. حافظ عبدالستار نهايت برجستو آفيسر ٿي گذريو آھي. ھن صاحب جو پرائمري اسڪولن تي اچانڪ ڇاپا ھڻڻ جو غلغلو سڄي ضلعي ۾ مشھور ٿي ويو. ان ڪري سموري ضلعي جا استاد وقت جا پابند ٿي پيا. سندس انهيءَ انداز جي ڪري اسڪولن جي تعليم خواھه انتظام اندر تمام گھڻو سڌارو آيو. ساڳئي وقت استادن ۾ محنت سان ٻارن کي پاڙھڻ جو سلسلو جاري ٿيو.
ضلعي جي آفيس جي ڪاروبار کي به ساڳئي وقت ذاتي طور ھلائيندو ھو. ھرھڪ استاد طرفان موڪليل ڪنهن استدعا کي پاڻ پڙھي، ساڳئي ڪاغذ جي پُٺ تي پنھنجي ھدايت- ريمارڪ لکي ٽپال رستي پاڻ موڪليندو ھو. ان زماني ۾ سياستدانن جي تعليم کاتي ۾ بي جا مداخلت بلڪل ڪونه ھئي. ان ڪري جيڪڏھن ڪو استاد ڪنهن طرح سان عتاب ھيٺ آيو ٿي ته ان کي ڇڪي جند ڇڏائڻي پوندي ھئي. حافظ صاحب قابل استادن جو قدردان۽ مددگار به ھوندو ھو. ھتي آئون ھڪ واقعي جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان، جيڪو نهايت دلچسپ ۽ مزيدار واقعو آھي.
اسان جي جھول مين سنڌي پرائمري اسڪول جي برانچ ڳوٺ دلاور خاصخيلي ۾ ھوندي ھئي. برانچ اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ استاد جيڪڏھن چار پنج ڏينهن موڪل تي ويندو ھو ته مين اسڪول مان ھڪ استاد کي اتي موڪليو ويندو ھو. ڳوٺ دلاور خاصخيلي برانچ اسڪول ۾ اڪثر ڪري مونکي موڪليندا ھئا. ھن ڳوٺ ۾ پاڙھيندڙ استاد جيڪو اصل ۾ اتر طرف جو رھاڪو ھو، ان سان ھڪ ڳوٺاڻي خاصخيلي ذات جي ماڻھوءَ جو پئسن تان تڪرار ٿي پيو. انهيءَ تڪرار دوران ھڪ نوجوان استاد صاحب کي مغز ۾ لٺ وھائي ڪڍي، استاد ويچارو زخمي ٿي پيو. اھا خبر جڏھن حافط عبدالستار ميمڻ کي پئي ته يڪدم ٿاڻي تي پھچي ان لٺڙئي خاصخيلي کي گرفتار ڪرايائين ۽ زخمي استاد کي سول اسپتال سانگھڙ کڻائي وڃي داخل ڪرايائين. حافظ صاحب جڏھن جھيڙي جي ڪارڻ جي انڪوائري ڪئي ته معلوم ٿيو ته استاد صاحب ڪجھه رقم ان ڳوٺاڻي خاصخيلي کي نفعي خاطر اڌاري ڏني ھئي، ان تان تڪرار ٿيو آھي. ھاڻي ڇا ٿيو جو حافظ صاحب کي استاد تي سخت ڪاوڙ ٿي. ان ڳالھه تي ته استاد ٿي ڪري، مسلمان ٿي ڪري وياج تي پئسا ڇو ڏنائين. سو ڇا ٿيو جو جڏھن استاد صاحب اسپتال مان فارغ ٿيو ته حافظ صاحب ان کي ”وياج“ واري الزام تحت سسپنڊ ڪري ڇڏيو. حافظ عبدالستار جيتوڻيڪ سخت طبع رکندڙ آفيسر ھو. پر نهايت ايماندار ۽ رات ڏينهن جاکوڙ سان ضلعي جو تعليمي نظام ھلائيندو رھيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ حافظ صاحب حيدرآباد ۾ رھائش اختيار ڪئي، 1980ع ڌاري تلڪ چاڙھي واري تاريخي ٽريننگ ڪاليج ۾ نماز پڙھڻ ايندو ھو. سندس گھر شايد ڪاليج جي ڀرپاسي ۾ ھو.

شيخ سراج الحق شڪارپوري

شيخ سراج الحق شڪارپوري

حافظ عبدالستار سانگھڙ جي پرائمري تعليم جي نظام کي تمام موثر نموني سان ھلائي ويو. ان کان پوءِ ھڪ عجيب و غريب قسم جو آفيسر شيخ سراج الحق اچي سانگھڙ ضلعي جو D.I.S ٿيو. ھي شيخ صاحب تمام شيخي خور شيخ ٿي گذريو آھي. ھن صاحب کي پنھنجي انگريزي تي وڏو ناز بلڪه گھمنڊ ھو. پرائمري سنڌي استادن کي ڄٽ سمجھندو ھو ۽ ان جو اظھار اسڪولن جي وزٽ دوران برملا ڪندو رھندو ھو. ان زماني ۾ تعلقي سنجھوري جو سپروائيزر محترم مراد علي خان نظاماڻي صاحب ھيو، جيڪو نهايت برجستو آفيسر ٿي گذريو آھي. ياد رھي ته نظاماڻي صاحب باگي وداداڻي ڳوٺ نزد لانڍي جمڙائو جو رھاڪو ھو. جيڪو پوءِ ضياءَ الحق جي دور ۾ لنڊن واري سفارتخاني ۾ ايجوڪيشن جو اتاشي مقرر ٿيو ۽ 1980ع ڌاري تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري رھيو.
شيخ سراج الحق جي اسڪولن ۾ وزٽ دوران نظاماڻي صاحب ساڻس گڏ ھوندو ھو. ھڪ ٻه دفعا ھن پرائمري استادن جي پٽڪن تي چٿر ڪندي کين ڄٽ ۽ ڦڳڙ باز ڪوٺيو. نظاماڻي صاحب کيس چيو ته سائين استادن جي پڳ تي چٿر نه ڪر، اھي موٽ ۾ توکي مار ڪڍندا. پر ھيءُ صاحب پنھنجي انهيءَ ھلت کان باز ڪونه ٿي آيو. ھن شيخ صاحب کي سھڻن ڇوڪرن سان پڻ دلچسپي ھوندي ھئي. حالانڪه ھو ھلڻ چلڻ ۾ منڊائي ھلندو ھو ۽ ٺاھوڪو ڇوڪرو ڏسي وڌيڪ منڊو ٿي پوندو ھو. ھن صاحب الاءِ ڪنهن کان ٻڌو ته جھول ۾ ھڪ حسين ڇوڪرو رھي ٿو، پوءِ ڇا ٿيو جو جھول جي مڊل اسڪول ۾ اچي وارد ٿيو ۽ چيائين ته رات ھتي رھنداسون! حالانڪه سندس رھائش سانگھڙ ۾ ڏھاڪو ڪلوميٽر تي واقع ھئي، سو ھتي رات رھڻ جو سندس ارادو عجيب ٿي لڳو، نيٺ شام ويلي مڊل اسڪول جي ھيڊ ماستر کي چيائين ته انهيءَ نوجوان کي گھرايو! بھرحال شيخ سراج الحق صاحب پنھنجي بدمزاجي جي ڪري نيٺ شاھپور چاڪر ۾ ھڪ مشتعل ماستر ھٿان نيٺ مار کاڌي.

شيخ عزيز ھڪ شوقين ڊي آءِ ايس

شيخ عزيز ھڪ شوقين ڊي آءِ ايس

شيخ سراج الحق کان پوءِ شيخ عزيز ضلعي سانگھڙ ۾ ڊي آءِ ايس ٿيو، ان کان اڳ ھيءُ صاحب گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ جو ھيڊ ماستر رھي چڪو ھو. نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو انگريزي مضمون پاڙھيندو ھو. نهايت اداڪارانه انداز ۾ ھيءُ صاحب ديدار ۽ پوشاڪ ۾ پاڻ کي تمام ٽپ ٽاپ رکندو ھو. ظاھر آھي ته اھڙي شوق لاءِ وٽس ڪا اضافي آمدني پڻ ھوندي ھئي. ھيءُ پھريون تعليم کاتي جو آفيسر ھو، جنهن وٽ پنھنجي ذاتي جيپ ھئي. جيڪا کيس ڪنهن سياستدان تحفي ۾ ڏني ھئي. ھن صاحب جي ايام ڪاري ۾ اسان جي ڪجھه پرائمري استادن جي پگھارن جو ڊفرنس بل خزاني آفيس مان پاس ٿي آيو. مونکي اڍائي سئو کن رپين جو ڊفرنس ملڻو ھو، ان زماني ۾ ماھوار پگھار ۽ ٻيا معاوضا تعلقي ماستر وٽان ملندا ھئا. ان وقت سنجھوري جو تعلقه ماستر مسٽر موتيرام ھڪ صاف سٿرو سينيئر ٽيچر ھو. ھي صاحب اصل کڏڙي جي پاسي جي پاسي جو ڀائي بند ھو ۽ سانگھڙ جي مشھور ڊاڪٽر ڀاڳچند جو مامو ھو. پئسا وصول ڪرڻ وقت مسٽر موتيرام چيو ته توھان جي رقم مان پندرھن سيڪڙو رقم ڪٽوتي ڪري مٿي پھچائڻي آھي. مون کيس چيوته مونکي پوري رقم ڏيو. نيٺ تڪرار ڪري پورا پئسا ورتم، اتي موجود ھڪ ٻن استادن پڻ ڪٽوتي واري رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
ٻئي ڏينهن جھول جي پرائمري اسڪول ۾ استادن جو چڱو مڙس عظيم سولنگي سنجھوري مان مون وٽ آيو. چيائين ته شيخ عزيز چيو آھي ته ”اھو ماستر بغاوت ٿو پکيڙي، انهيءَ کي آئون اڇڙي ٿر جا وڻ ڏيکاريندس!“ خدا جي ڪرڻي اھا ٿي جو ايندڙ ھفتي ۾ محترم شيخ عزيز صاحب جي ڪنهن اڳوڻي اينٽي ڪرپشن انڪوائري جي ڪري پھرئين ته بدلي ٿي وئي، پوءِ ڪرپشن ڪيس تحت ڪجھه وقت سسپينڊ پڻ رھيو. بھرحال مون تان مصيبت ٽري وئي.

محترم محمد صالح گوپانگ

محترم محمد صالح گوپانگ

1965ع ڌاري تعلقي سنجھوري تي سائين ايجوڪيشن سپروائيزر ٿي آيو. آئون ان زماني ۾ جھول شھر جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندو ھئس. انهيءَ ساڳي اسڪول ۾ جيڪو ڪنڊي فقير ڀنڀري جي درگاھه وٽ آھي. ان وقت مون وٽ سنڌي پھريون ڪلاس ھو ۽ اسڪول جي مين گيٽ سامھون ڏاکڻين پاسي ورانڊي ۾ ڪلاس ھلائيندو ھوس. ھڪ روز ڏٺم ته ھڪ صاحب لوڪ قسم جو ھمراھه، فلئٽ ھئٽ، ٽاءِ ۽ سلڪي پينٽ ۾ ملبوس اسڪول ۾ اچي پرگھٽ ٿيو. مونکي سامھون پڙھائيندي ڏسندو سڌو ھيڊ ماستر پرائمري اسڪول، مسٽر محمد يوسف ڪوريجي جي آفيس ۾ لنگھي ويو. خبر پئي ته ھيءُ صاحب محترم محمد صالح گوپانگ اسان جو نئون صاحب آھي. مون ڪلاس ڇڏي وڃي نهايت ادب سان ھٿ ملائي کيس ڀليڪار چئي. سائين گوپانگ صاحب ھفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن اسان جي اسڪول ۾ اچي ويھندو ھو، جتان ڀرپاسي جا اسڪول وزٽ ڪرڻا ھوندا ھئس. سندس انهيءَ اچ وڃ دوران آئون پنھنجي ڪلاس جي ڪم ۾ مصروف رھندو ھوس. ساڻس پھريون ڀيرو ڀليڪار لاءِ ويس. پر ان جي برعڪس اسان جي اسڪول جا ٻيا استاد ھر دفعي سائينءَ جو سلام ضرور ڪندا ھئا.
محترم محمد صالح گوپانگ ڪنڊياري پاسي جو رھاڪو ھو. پاڻ به فائنل پاس استاد جي حيثيت ۾ نوڪري جي شروعات ڪيائين ۽ ان سان گڏ تعليم به جاري رکندو آيو. انگريزي زبان ۾ ايم اي ڪري چڪو ھو. سندس سنڌي زبان جو مطالعو به نهايت وسيع ھو. اھا ھئي محترم محمد صالح صاحب سان منھنجي پھرئين شناسائي. پوءِ ڇا ٿيو جو 1970ع ۾ آئون جڏھين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿيس ته سائين اتي فرسٽ اسسٽنٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ ھو. اڪثر مئٽرڪ جي ڪلاس جا پيريڊ پاڙھيندو ھو. انهيءَ عرصي دوران سائين گوپانگ صاحب سان ويجھڙائي ٿي، پاڻ اڪثر ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ ھو ۽ چاھيندو ھو ته ان مطالعي کي ٻين دوستن سان شيئر ڪجي. آئون سندس ادبي مطالعي واري ڪچھري ۾ نهايت دلچسپي وٺندو ھوس. گوپانگ صاحب ھاءِ اسڪول ۾ نهايت ٽپ ٽاپ ۽ خوش لباس ٿي ايندو ھو. سندس سگريٽ ۽ چانهه دوران ساڻس ڪچھري جاري رکبي ھئي. ھڪ ڏينهن مونکي چيائين ته ”الھورايا! آئون جڏھن جھول ۾ تنھنجو آفيسر ٿي ايندو ھوس ته تون مونسان ڪلاس ڇڏي ملڻ ڪونه ايندو ھئين. حالانڪه ٻيا سڀ استاد حاضر ٿيندا ھئا. مون سمجھيو ته ھي ماستر مغرور قسم جو ماڻھو آھي. موقعو مليو ته کيس ”سبق سيکاريندس!“ پر يار! ھاڻي آئون ان نتيجي تي پھتو آھيان ته منھنجو اھو آفيسرانه خيال غلط ھو ۽ تون صحيح ھئين. ان ڪري جو تو پنھنجي ڪلاس جي پڙھائي کي جاري رکڻ وڌيڪ بھتر سمجھيو!“
گوپانگ صاحب جي شخصيت جي اھا خوبي ھئي ته ھو اسڪول ۾ اچڻ وقت ديدار ۽ پوشاڪ جو خاص خيال رکندو ھو. مونکي ھميشھ شيو وڌي وڃڻ تي ٽوڪيندو ھو. سندس ٻي خوبي ھئي مطالعي ڪرڻ جي، خاص ڪري انگريزي ادب جا ڪتاب پڙھندو ھو ۽ انهن مان خاص ڪوٽيشن کيس ياد رھندا ھئا. تنهن ڪري علمي، ادبي گفتگو ۾ اھي قول بيان ڪندو ھو. سائين گوپانگ صاحب پنھنجي علمي واڌاري لاءِ تمام گھڻي جدوجھد ڪئي. فائنل پاس پرائمري استاد مقرر ٿيو، ان بعد وڃي انگريزي ادب ۾ ايم- اي ڪيائين. ان سان گڏ ايم – ايڊ جو امتحان ڪاميابيءَ سان پاس ڪيائين. ساڳئي وقت پنھنجي ترقيءَ لاءِ جاکوڙيندو رھيو ۽ ضياءُ الحق جي زماني ۾ سائين گزيٽيڊ گريڊ حاصل ڪري، خيرپور جو ڊي-اي-او ٿيو. سندس ترقيءَ جي منزل وڌندي رھي. پاڻ حيدرآباد ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر به رھيو ۽ اتان پوءِ تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو. انهيءَ دوران جڏھن به ملاقات ٿيندي ھئي ته ھميشھ قرب سان ملندو ھو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ گوپانگ صاحب محنت ڪري وڃي P.H.D جي ڊگري حاصل ڪئي. يعني ته ”ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ“ جو لقب حاصل ڪيائين. سندس ڊاڪٽريٽ جو موضوع ”سنڌي زبان جي نصابي ڪتابن جو تاريخي مطالعو“ ھيو. سندس اھو مقالو سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آھي. ھن دلبر ماڻھو زندگيءَ ۾ محنت سان اڳتي وڌي عھدو ۽ عزت ماڻڻ جو مقام حاصل ڪيو. اھو سندس مثالي ڪردار جو ڪمال آھي ته ھڪ غريب خاندان جو فرد علمي ادبي محنت ڪري علم جي اعلى منزل ماڻي چڪو. رٽائر ٿيڻ بعد ڪجھه وقت حيدرآباد ۾ به وڪالت شروع ڪيائين. ڪاري ڪوٽ ۽ ٽاءِ ۾ سائين زبردست وڪيل ٿي لڳو. ھڪ ٻه دفعا آئون کيس حيدرآباد بار ۾ ملڻ ويو ھوس. سندس دل وڪالت ۾ نه لڳي ۽ پوءِ ھڪ شگر مل جي سيڪينڊري اسڪول جو پرنسپال ٿي رھيو. ھيتريون ساريون ڪاميابيون محنت سان ماڻڻ وارو ھيءُ عاشق مزاج، حسن جو پوڄاري انسان ڪچھريءَ دوران فقط ھڪ ڏک مونسان سليندو ھو. ”الھورايا! يار منھنجي خواھش جي باوجود منھنجي فرزندن مان ڪو ڊاڪٽر، انجينيئر ڪونه ٿي سگھيو، مونکي حيدر ۾ اميد ھئي ته پڙھي ڊاڪٽر ٿيندو، پر ائين ڪونه ٿي سگھيو، البته منھنجي نياڻي ايم بي بي ايس پاس ڪري ڊاڪٽرياڻي ٿي آھي.!“ سندس انهيءَ شڪايت جو سندس فرزندن کي خبر نه آھي ته ڪيترو احساس ٿيو يا نه!!

علم جي نئين منزل تي پھچڻ جي جدوجھد

علم جي نئين منزل تي پھچڻ جي جدوجھد

سال 1968-1969ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي طرفان، B.ed جي امتحان ۾ پرائيويٽ اميدوارن کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. مون ان قدم کي اڳتي وڌڻ جو ھڪ سٺو موقعو سمجھي منھنجي پياري دوست استاد مراد علي خان ڪلوئي سان صلاح مشورو ڪيو. ھيءُ دوست پڻ ساڳئي امتحان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اھڙي طرح بي ايڊ جي امتحان جي تياريءَ ۾ لڳي وياسين.
ھن امتحان جي نصاب ۾ جيڪي مختلف مضمون ۽ موضوع شامل ھئا، تن بابت ٽيچرس ٽرينگ دوران جيڪو نصاب اڳئي ازبر ٿيل ھو، ان وڌيڪ مطالعي ۾ وڏي مدد ڪئي. بھرحال نيٺ امتحان جو وقت اچي ويو. حيدرآباد جي سٽي ڪاليج کي امتحان جو مرڪز بنايو ويو. مراد علي خان ۽ آئون ڪتابن جي ھڙ ٻڌي وڃي حيدرآباد ڀيڙا ٿياسون. ھيءُ امتحان اٽڪل سورنهن سترھن ڏينهن تائين ھلڻو ھو. ان ڪري حيدرآباد ۾ رھائش جو مسئلو ڏاڍو مشڪل پئي لڳو. ان کي ائين حل ڪيوسين ته جتي ڇوٽڪي گھٽي حيدرآباد جي شاھي بازار سان ملي ٿي، اتي ھڪ ”ھنڌ کٽولو ماڙيءَ تي“ ٽائيپ جي مسافرخاني ۾ وڃي پاٿاري ڪئي سون. جنهن ڏينهن پيپر ھوندو ھو، ان ڏينهن شاھي بازار مان ھلندي، ٺوڙھي واري چاڙھي لھي وڃي ڪاليج ۾ پھچبو ھو. اتي پنھنجو پيپر ڏئي وري ساڳي واٽ واپس مسافر خاني ۾ پھچبو ھو. منهنجند جو ڇوٽڪي گھٽيءَ جي ڪنهن ننڍڙي ھوٽل ۾ دال ماني کائي گذر ڪبو ھو. امتحان جي ٽائيم ٽيبل ۾ ھڪ سھولت اھا ھئي ته پيپر ھڪ نه ٻئي ڏينهن رکيل ھوندا ھئا. تنهن ڪري وقفي واري ڏينهن صبح جو نيرن پاڻي ڪري، ڪتاب ٿيلھي ۾ وجھي وڃي راڻي باغ حيدرآباد ۾ پاٿاري ڪبي ھئي. اتي ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ ويھي ايندڙ ڏينهن جي مضمون جو مطالعو ڪبو ھو. چانهه سگريٽ سان ساھي پٽي وري پڙھڻ کي لڳي ويندا ھئاسون. منجھند جي ماني راڻي باغ ۾ قائم ھڪ ننڍڙي ھوٽل تان دال ماني گھرائي گذر ڪبو ھو. اھڙي طرح اڌ مھينو حيدرآباد ۾ بي ايڊ جو امتحان ڏيندي گذريو. امتحان پورو ڪري وري اچي ماڳ تي پھتاسين، ڪجھه عرصي کان پوءِ يونيورسٽي جي طرفان رزلٽ اخبارن ۾ ڇپجي ظاھر ٿي، نهايت بي تابيءَ سان ڌڙڪندڙ دل سان رزلٽ ڏٺي سون. پنھنجي نمبر جي ڪاميابي پسي دل ڏاڍي خوش ٿي. ڇاڪاڻ ته علم جي منزل اھو ڏاڪو بي حد محنت ۽ صبر سان پار چڙھڻ ۾ ڪامياب ٿياسون. منھنجو فلاسافر دوست مراد علي خان ڪلوئي به پاس ٿيو ۽ ھاڻي اسان کي اھا اميد پيدا ٿي ته پرائمري استاد جي عھدي کان ھاڻي سيڪينڊري استاد بنجڻ جي راھه ھموار ٿئي پئي.

ڪجھه اڳڀرو ٿيڻ جي اِڇا

ڪجھه اڳڀرو ٿيڻ جي اِڇا

بي ايڊ امتحان جو پاس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري، سنگت جي صلاح سان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن کي درخواست، ڊي آءِ ايس سانگھڙ معرفت موڪليم ته مون بي ايڊ جو امتحان پاس ڪيو آھي، تنهنڪري مونکي ترقي ڏئي سيڪينڊري استاد مقرر ڪيو وڃي. اھو عجيب اتفاق چئجي ته نه صرف منھنجي عرض واري درخواست سانگھڙ آفيس مان ٿيندي وڃي ڊائريڪٽر صاحب جي دفتر ۾ پھتي، ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس مان C.T ٽيچر جي آساميءَ تي دخلڪار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. اسڪول ۾ مقرريءَ جو آرڊر اتان حاصل ڪرڻو ھو. ڊائريڪٽر صاحب جي آفيس ۾ وڃي رپورٽ ڪئي سون، جتي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ضلعي جي گورنمينٽ مڊل اسڪول پيارو لنڊ ۾ C.T ٽيچر جي جاءِ خالي آھي. مون ڪا ويجھي واھه نه ڏسي کڻي ھائوڪار ڪئي. آرڊر نڪري ويو. بھرحال انهيءَ پياري لنڊ شھر جو نالو مون پھريون دفعو ٻڌو. حيدرآباد واري آفيس ۾ مونکي ان شھر جو ڏس پتو ڪونه ڏنائون، چيو ويو ته ٽنڊي الھيار مان وڃي پڇا ڪر!
ھاڻ گھر ڇڏي پرانهين پنڌ تي وڃي نوڪري ڪرڻ جو مسئلو ته محسوس ڪيم پئي. ان وقت منهنجا ماءُ پيءُ حال حيات ھئا. ان دُعا جو ٻل محسوس ڪندي، پياري لنڊ وڃڻ جو پڪو پھه ڪيم، ان وقت سنڌي ادبي سنگت جي دوستن سان صلاح مشورو ڪندي خبر پئي ته پياري لنڊ جو شھر ”گيھلپور“ جي سيدن واري ڳوٺ جي ڀرسان آھي. اھا گيھلپور اسان جي محترم دوست سيد علي ڏني شاھه قلندر بخاري جي ساھرن جو ڳوٺ آھي. سائين علي ڏني شاھه چيو ته پرواھه نه ڪر، اتي توکي ڪابه تڪليف ڪونه پھچندي!
پياري لنڊ شھر پھچڻ جو فقط ھڪڙو رستو ٻڌايائون ته جھول مان راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ وڃي، ميرپور خاص پھچبو. جتان کان حيدرآباد واري ريل ۾ سوار ٿي وڃي، سلطان آباد جي اسٽيشن تي پھچبو. جتان کان پياري لنڊ وڃڻ لاءِ اٺ جي سواري ڀاڙي ڪري وڃي لُنڊن جي ڳوٺ پياري لنڊ ۾ پھچبو. گرميءَ جو زمانو ھو، اٽڪل ھڪ بجي ڌاري وڃي سلطان آباد جي اسٽيشن تي ريل مان لٿس. ريلوي اسٽيشن تي نلڪي جي پاڻي مان پاڻي ڍڪ پي، چوڌاري نهار ڪيم. ڏٺم ته ھا ٻيلي ٽيشڻ جي اترئين پاسي جتن جو جٿو اٺ پلاڻيو بيٺو آھي! مون ھن کان اڳ ڪڏھن به اٺ جي سواري ڪونه ڪئي ھئي. پر اھو احساس ھئم، يعني ته ”جيڏا اٺ اوترا لوڏا“ تنهنڪري جت سان پئسا طئھ ڪري، کيس چيم ته ”ٻيلي! تنھنجو ھڪ اُٺ واقعي مھري آھي!؟ اجايا لوڏا ته نه ڏيندو!“ جت به وڏو آڙيڪاپ ھو. چيائين ته ” صاحب منھنجو ھيءُ اٺ بلڪل ھندورو اٿئي! پرواھه نه ڪر! بس سوار ٿي ته ھليا ھلون.“
اٺ تي سوار ٿي ڪجھه پنڌ ھلياسون ته لوڏن لمن جي ڪري ٽيشڻ تان پيتل پاڻي به ڇُلڪڻ لڳو! جت کي شڪايت ڪيم ته ” بابا! تو جو چيو ته ھي مھري بلڪل ھندورو اٿئي. ھيءُ ته آنڊا پيو ولوڙي!“ جواب ۾ چيائين ته ”بابا! اٺ جي سواريءَ ۾ اھي لوڏا برداشت ڪرڻا پوندئي!“ بھرحال ٻن ڪلاڪن جي پنڌ کان پوءِ اچي پياري لنڊ جي شھر پھتاسون، شاخ ٽپي اترئين پاسي، اوٺارن جي اسٽينڊ تي ٽنگون ٽيڙي لٿاسون، مونکي چيائون ته سڌو اتر طرف بازار وٺيو، ھلندو وڃ، آخر ۾ ھڪ باغ جھڙو پارڪ ۽ چارديواري نظر ايندي، انهيءَ ۾ اندر سنڌي ۽ مڊل اسڪول موجود اٿئي. ان باغ نما خوبصورت پارڪ ۾ پھچڻ کان پوءِ اھو نظارو ڏسي دل کي ڪجھه راحت پھتي.
ان وسيع پارڪ ۾ يونين ڪائونسل پيارو لنڊ جي آفيس سان گڏ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول جون عمارتون شامل ھيون. مڊل اسڪول ۾ پھچي، اتي موجود استادن سان ملاقات ٿي، انهن استادن مان ھڪ شخصيت جنهن ملندي ساڻ متاثر ڪيو، سا ھئي محترم خليل الرحمان دائودپوٽي جي. ھن سانوري سلوڻي نوجوان روايتي سنڌي انداز ۾ مونکي ڀليڪار چئي. ٻيو استاد محترم مولوي محمد جمن خاصخيلي تمام خوش طبع ماڻھو، جنهن ملندي شرط اٺ جي تمام ڏکي سواري بابت تبصرو ڪندي مونکان حال پڇيو ۽ پوءِ ٻڌايائين ته ”يار! تون ته ٺيڪ پيو لڳين، پر محمد صالح گوپانگ صاحب ھتي پھچي کٽ تي ڦان ڪري سمھي پوندو ھو!“
ھا يار!خبر پئي ته مون وارو اڳوڻو صاحبلوڪ سپروائيزر ڪنهن وڏي صاحب جي ناراضگي سبب ھتي پياري لنڊ ۾ سزا طور مڊل اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿي آيو ھو. ڪجھه عرصو اُٺن جي سواري ڪندي پياري لنڊ جي شاگردن کي علم جو فيض بخشي چڪو ھو!
پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر سائين لکا ڏني خاصخيلي سان تعارف ٿيو. ھيءُ بزرگ استاد پياري لنڊ جي مسجد سڳوري جو موذن ۽ پيش امام پڻ ھو. ساڳئي وقت پوسٽ ماستر جون خدمتون به سرانجام ڏيندڙ ھو. اسان جي رھائش ساڳئي پارڪ ۾ واقع ھڪ عمارت جي ورانڊي ۾ ٿيندي ھئي. اھو اونهاري جي مند جو زمانو ھو، رات جو کلئي آسمان ھيٺ ھنڌ کٽولو لڳائي آرام ڪبو ھو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ مونکي خبر پئي ته مڊل اسڪول پيارو لنڊ ان زماني ۾ استادن لاءِ وڏي سزا جھڙو ھوندو ھو. منهنجا ھي ٻئي رفيق خليل دائود پوٽو ۽ مولوي محمد جمن اصل ۾ ويجھي تر جا رھاڪو ھئا. مولوي محمد جمن خاصخيلي جو ڳوٺ سائيڪل جي پنڌ ھو ۽ خليل صاحب اصل ۾ نصرپور شھر جو رھاڪو ھو، خليل صاحب اٺ جي سواريءَ کي تمام مھارت سان انجواءِ ڪندو ھو.
ھاڻي استادن کان کاڌي پيتي بابت خبرچار پڇيم. مولوي محمد جمن چيو ته ”پنھنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندا آھيون! تون ٻڌاءِ ته رڌ پچاءَ جو ڪھڙو ڪم ٿو ڄاڻين؟“ مون کين ٻڌايو ته ”يار! ھن کان اڳ زندگيءَ ۾ اھڙو تجربو ڪونه ٿيو آھي.“ خليل صاحب چيو ته ”ٻوڙ آئون رڌيندو آھيان ۽ مولوي محمد جمن اٽو ڳوھڻ ۽ ماني پچائڻ جو ماھر آھي.“ مون کين عرض ڪيو ته ”يار! آئون کاڌي پيتي جا باسڻ ڌوئڻ جو ڪم ڪندس، جيڪڏھن توھان قبول فرمايو!“
ٻئي ڏينهن سائين علي ڏني شاھه قلندر بخاريءَ جا عزيز گيھلپور جا سيد ملڻ آيا، ڏاڍي محبت سان مليا ۽ ايندڙ ھفتي سندن ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏنائون. خليل صاحب ۽ مولوي محمد جمن صاحب جا ساڻن اڳئي دوستانه تعلقات ھئا. ھنن سيدن جا ڇوڪرا اسان جي اسڪول ۾ پڙھندڙ ھئا. نهايت ادب ۽ اخلاق وارا ٻار ھئا. انهن سان تا عمر دعا سلام قائم رھي، اھي نوجوان شادي مرادي جي موقعي تي اڀپور ۾ ايندا آھن، جتي ساڻن مُکا ميلو ٿي ويندو آھي.

شھر پياري لنڊ جا شب و روز

شھر پياري لنڊ جا شب و روز

شھر پيارو لنڊ اصل شھر نما ڳوٺ ٿي لڳو. آمدورفت جي وسيلن جي مشڪلات سبب شھر ۾ ڪا خاص رونق ڪونه ھئي. فقط ھڪڙي بازار سادن سودن دوڪانن واري. ھا البت ھوٽل تمام گھڻا ھئا. ھن شھر ۾ جن تي ٻهراڙي جي ماڻھن جون چانهه تي ڪچھريون قائم ھيون.
شام جي وقت اسين ٽي ڄڻا خليل دائود پوٽو، مولوي محمد جمن ۽ آئون ھوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ گڏجي نڪرندا ھئاسون. خليل صاحب جو اسٽائيل ھئو ته ٽوال ڪلھي تي رکي وڃي ھوٽل تي براجمان ٿبو ھو. خليل صاحب ريزڪي سگريٽ ھٿ ڪري ھوٽل واري کي ”پيور چانهه“ جو آرڊر ڏيندو ھو. انهيءَ چانهه جي محفل ۾ ڪڏھين ڪڏھين ھڪ نوجوان سونو خان نالي به شريڪ ٿيندو ھو، جيڪو ان وقت مئٽرڪ پاس ڪري چڪو ھو. اھو سونو خان لنڊ بلوچ مشرف ۽ زرداري دور ۾ پاڪستان اليڪشن ڪميشن جو وڏو ڪامورو ٿي رھيو. ھن وقت ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ به شايد پپلز پارٽي جي ڪنهن صلاحڪاري سروس ۾ لڳل آھي. ساڻس وري ملاقات نه ٿي سگھي.

خليل الرحمان دائود پوٽي جي شخصيت

خليل الرحمان دائود پوٽي جي شخصيت

پياري لنڊ جو اھو مڊل اسڪول ان زماني ۾ استادن لاءِ جيتوڻيڪ جھڙوڪر ڪاري پاڻي جي سزا برابر ھو. اتي خليل صاحب جي شخصيت سندس ڪچھري ۽ خوش طبعي جي ڪري زندگيءَ جي ڪٺنائن جو احساس گھٽ ٿي پيو. خليل صاحب نصرپور جي تاريخي شھر جو رھاڪو، پياري لنڊ ۾ ايندي ويندي ”شترسواري“ کي انجواءِ ڪندڙ جوان، نصرپور جي مدرسي کان متاثر. ياد رھي ته نصرپور شھر جو وڏو عالم با عمل مولوي صاحب نه رڳو نصرپور ۾ علم جي روشني ڦھلائيندڙ شخصيت ھو، پر سندس جماعت جي طرفان ميرپور خاص شھر ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول پڻ ھلندڙ ھو. جتي غريبن جا ٻار وڌيڪ تعليم حاصل ڪندا ھئا. خليل صاحب به اتان جو فارغ التحصيل بندو آھي.
انتهائي سادي زندگي گذاريندڙ، وڏو مطالعو رکندڙ ۽ بھترن استاد. ان زماني ۾ خليل صاحب صوبائي مقابلي جو امتحان P.C.S پاس ڪري، ڪراچيءَ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿيو. اتي به سندس اھا سادگي ۽ سچائي برقرار رھي. سندس سيڪشن جا ڪلارڪ ذاتي گاڏيون رکندڙ ھئا، پر خليل صاحب سنڌ سيڪريٽريٽ سامھون پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندي پنھنجي رھائش تان ايندو ويندو ھو.
جنرل مشرف جي دور ۾ خليل صاحب ضلعي سانگھڙ ۾ فنانس آفيسر مقرر ٿي آيو. ان پوسٽ تي جيتوڻيڪ ھو سرڪاري گاڏي رکي پئي سگھيو، پر مون ڏٺو ته ان جي پاران عام ٽرانسپورٽ تي ڳوٺان ايندو ويندو ھو. آئون ساڻس ڪچھري ڪرڻ لاءِ مھيني ۾ ٻه چار دفعا سندس آفيس ۾ ويندو ھوس ۽ کيس پياري لنڊ واري ساڳي ”پيور چانهه“ پيارڻ جي فرمائش ڪندو ھوس. 1969ع ۾ مونکي نصرپور شھر گھمائڻ لاءِ وٺي ويو. سندس خاندان ۽ عزيز ڪپڙي اڻڻ جو صدين کان ڪم ڪندڙ ھئا. نصرپور جون لونگيون ۽ چادرون آڏاڻن تي تيار ڪندا ھئا. ان زماني ۾ مون سندن آڏاڻن ۽ رنگسازيءَ جا ڪارخانا ڏٺا. سندن صدين جو اھو ھنر ڪيڏو نه شاندار رھيو ھيو. مون خليل صاحب کي چيو ته سندس ھنڌ تي جيڪا چادر آھي، ان جھڙي مونکي تيار ڪرائي ڏئي!
اتي ڪاريگرن روبرو مونکي ٻڌايو ته انهيءَ خوبصورت چادر جي رنگن ۽ تاڃي پيٽي جو حساب رکندڙ ڪاريگر الله کي پيارو ٿي ويو آھي. سندس اھا ڊيزائين ٻيو ڪير ڪو نه ٿو ڄاڻي،!! سنڌ ۾ سنڌ جو اھو اوائلي ھنر ائين درجي به درجي نا پيد ٿيندو پيو وڃي. خليل صاحب جي رٽائرمينٽ وٺڻ کان پوءِ آئون ھڪ دفعو نصرپور ساڻس ملڻ لاءِ حاضر ٿيس. مونسان گڏ ھڪ ٻه نوجوان ھئا، جن اھي خوبصورت لونگيون ۽ چادر اڻڻ جا ڪارخانا ڏسڻ پئي چاھيا. پر افسوس ته انهيءَ نصر پور ۾ ڪو ڪم ڪندڙ آڏاڻو نظر ڪونه آيو. خليل صاحب کي رب پاڪ خوش رکي، پاڻ ھڪ مثالي استاد، سادگيءَ جو پيڪر، رشوت جي وھندڙ درياءَ مان پنھنجو دامن بچائي، پنھنجي مانائتي سروس پوري ڪيائين. مونکي ٻڌايائين ته سندس فرزندن ڪمپيوٽر سائنس جا امتحان نمايان طور پاس ڪيا آھن ۽ مختلف تعليمي ادارن ۾ پروفيسر مقرر ٿيل آھن. اھو خليل صاحب لاءِ قدرت جو انعام چئبو. الله تعالى کيس سکيو ۽ سلامت رکي.

مولوي محمد جمن خاصخيلي

مولوي محمد جمن خاصخيلي

مولوي محمد جمن خاصخيلي صاحب پياري لنڊ مڊل اسڪول ۾ عربي ٽيچر طور مقرر ھو، جنهن وقت آئون مڊل اسڪول اسٽاف ۾ شامل ٿيس. مولوي صاحب نهايت خوش دل، چرچائي نوجوان، چُکي جي مدرسي مان فارغ التحصيل، ان وقت مئٽرڪ جو امتحان پرائيويٽ طور پاس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ھو. ساڻس گڏ چرچن ڀوڳن ۾ تمام ڀلو وقت گذريو. مولوي محمد جمن صاحب جي وڌيڪ علم پرائڻ جي جدوجھد ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. نيٺ بي اي ، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪري، حيدرآباد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچرار جي عھدي تي پھتو. اصل ۾ پياري لنڊ شھر کان اوڀر طرف سندس ڳوٺ ھو. ھن وقت رٽائرمنٽ جي زندگي گذاري رھيو آھي ۽ ميرپور خاص ۾ رھائش پذير آھي، ڪالھه ساڻس فون تي ھلو ھاءِ ٿي. ظاھر آھي ته اسين سڀ عمر جي آخري پڙاءَ تي پھتا آھيون. سندس علمي جدوجھد قابل ذڪر چئبي جو ھڪ مدرسي مان فارغ ٿي، ھن تعليم جي ميدان ۾ اھي مرحلا طي ڪيا ۽ ليڪچرار جي عھدي تي پھتو.

پياري لنڊ جا ”ميُو“ قبائل مھاجر

پياري لنڊ جا ”ميُو“ قبائل مھاجر

ننڍي کنڊ جي تقسيم جو اھو حادثو چئبو ته دھليءَ جي اتر پاسي ھريانه/ ڪرنال جي علائقي جا رھاڪو پاڻ کي راجپوت سڏائيندڙ ”ميُو“ ماڻھو ڪرنال کي ڇڏي (جيڪو ان وقت پنجاب جو حصو ھو) لڏپلاڻ ڪري اچي لاھور پھتا. چون ٿا ته ”ميُو“ تمام ويڙھاڪ نو مسلم راجپوت ھئا. انهن جو قبيلو جڏھن لاھور ۾ مھاجر ٿي پھتو ته مغربي پنجاب جي سياستدانن فيصلو ڪيو ته ھنن کي لاھور مان لڏائي سنڌ ۾ موڪلجي، ليڪن ھنن جو اھو زور ھو ته پنجاب ۾ آباد ٿيندا. پنجاب حڪومت کين سنڌ موڪلڻ پئي چاھيو. جنرل امرائو خان پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آھي ته پنجاب حڪومت کيس ”ميُو“ ماڻھن کي سمجھائڻ لاءِ موڪليو. ڇاڪاڻ جو اھو جرنيل انهيءَ قبيلي مان ھو. جنرل صاحب کين سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو پڙ ڪڍي بيھي رھيا. سنڌ ۾ وڃڻ کان انڪار ڪيائون. نيٺ پنجاب گورنمينٽ مٿن پوليس ائڪشن ڪيو، جنهن دوران ھنن جا ڪجھه ماڻھو مارجي ويا. جنهن بعد کين لاھور ڪئمپ مان ريل رستي سنڌ موڪليو ويو. ”ميُو“ لوڪن لاءِ ھندستان ۾ اھو پھاڪو مشھور آھي ته ”ميُو مري مت مانئي، جب تڪ چاليسوان نه ھو!“ ھنن راجپوتن ۾ اڃا تائين ڪافي ھندوانه رسمون رائج آھن.

ميران آباد جو شھر عرف عاشق آباد

ميران آباد جو شھر عرف عاشق آباد

پياري لنڊ ۾ رھائش دوران مولوي محمد جمن ٻڌايو ته ھن شھر جي اتر طرف ھڪ مير صاحب جي جاگير آھي ۽ اھو مير صاحب پياري لنڊ جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين پڻ رھي چڪو آھي. ان جي ڪوٽ جي ڀرسان لوٽي وارين ڪبوترين جو قبيلو رھندڙ آھي، جن کي مير صاحب جي طرفان حفاظت مليل آھي. اھي ڪبوتريون اتي قائم ھڪ ننڍڙي مارڪيٽ جي دوڪانن ۽ ھوٽلن تي پھچي وينديون ھيون ۽ ھوٽل تي ويٺل سنڌي نوجوانن سان رومانٽڪ ڊائيلاگ ڪنديون ھيون. لوٽي جي وڄت تي راڳ رنگ جاري رھندا ھئا. انهن لوٽي وارين جي تماشي لاءِ ڀرپاسي جا شوقين گھوڙا ڪاھي اچي پھچندا ھئا ۽ سارو ڏينهن لوٽي وارين جا رنگ پسندا ھئا. شام جو اڃايل بکايل گھوڙا ڇوڙي گھرن ڏي راھي ٿيندا ھئا ۽ ڪبوتريون ميرصاحب جي ڪوٽ ڀرسان سندن ڪئمپ ۾ ھليون وينديون ھيون. مونکي اھو عاشق آباد ڏسڻ جو موقعو ڪونه مليو. آخر ۾ عاشق آباد ڦٽي برباد ٿي ويو، جو اھو مير صاحب جنهن کين حفاظت ۾ رکيو ھو، ان کي پياري لنڊ جي تر جي مشھور ڌاڙيل قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اھي لوٽي واريون اھو تر ڇڏي ڇڙوڇڙ ٿي ، عاشقن کي آھون ڀرڻ لاءِ ڇڏي، لڏپلاڻ ڪري ھليون ويون.

جنرل يحى جي مارشل لا پياري لنڊ ۾

جنرل يحى جي مارشل لا پياري لنڊ ۾

مونکي ياد آھي ته انهن ڏينهن ۾ فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي استعيفى جي خبر ريڊيو تان ٻڌيسون. اھا به خبر پئي ته جنرل ايوب خان اصولي طور قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي چارج ڏيڻ بدران جنرل يحى کي ملڪ جون واڳون ڏيئي پاڻ وڃي گھر ڀيڙو ٿيو. ملڪ جي چارج ملڻ شرط جنرل يحى سموري ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪري ڇڏي. اھي ريڊيائي خبرون پياري لنڊ ۾ پئي ٻڌيوسون. ان موسم ۾ اسان ٽي استاد کليل آسمان ھيٺ ستل ھئاسون. اسان جي اسڪول ۽ يونين ڪائونسل سان گڏ ھڪ وڏو پارڪ چار ديواري اندر ئي قائم ھو. آئون صبح جو سوير اٿيس ش-ڪرڻ لاءِ. پارڪ مان لگھندي ھڪ عجيب لقاءُ ڏٺم ته پارڪ جي ڇٻر تي تلوارون، عجب طرح جا ھٿيار، ڀالا ۽ ڪجھه پراڻي ٽائيپ جون بندوقون پکڙيون پيون ھيون! اھو لقاءُ ڏسي اچي ھمراھن کي جاڳايم. اھي به اھو منظر ڏسي اچرج ۾ پئجي ويا ته آخر رات پيٽ ۾ ھي ڇا ٿي ويو آھي. پوءِ اسان ڏٺو ته فوج جا جوان پارڪ ۾ اچي پھتا، اھي ھٿيار، تلوارون، ڀالا، ڀڳل بندوقون سڀ کڻي ھليا ويا. صبح جو شھر کليو ته خبر پيئي ته فجر جي بانگ ويلي، فوجين اچي شھر کي مڪمل ڪڙو چاڙھيو. ٻهراڙيءَ جي دستور موجب جيڪي ماڻھو گھر کان ٻاھر جھنگ ۽ قضاءِ حاجت لاءِ نڪتا پئي، انهن کي فوج اتي قابو ڪري ويھاريندي وئي. انهيءَ درميان شھر جي گھر گھر جو ڪڙو کڙڪائي شھرين کي چيو ويو ته ”اوھان ھڪدم جيڪي به اوھان وٽ غير قانوني ھٿيار آھن، اھي يونين ڪائونسل جي پارڪ ۾ ڦٽي ڪري اچو! بعد ۾ اسين گھر گھر تلاشي وٺنداسين.“ ته اھو لقاءُ دراصل فوجي گھيري جي نتيجي ۾ ڏسڻ ۾ آيو، مون پارڪ ۾ ڏٺو ته اھي تلوارون، ڀالا، ديسي پستول، ڪجھه بندوقون گھڻو ڪري سڀ جو سڀ ميواتي يعني ”ميو“ قبائل جون ھندستاني طرز جون شيون ھيون. جيڪي فوج نهايت ھوشياري سان انهن کان ضبط ڪيون!
بھرحال جنرل يحى واري مارشلا ۾ ھڪ سٺي خبر اھا ھئي ته نام نهاد ”ون يونٽ“ ختم ڪيو ويو آھي ۽ پاڪستان جي صوبن جي حيثيت بحال ڪئي وئي آھي.

بُڪيرا شريف جي ياترا

بُڪيرا شريف جي ياترا

ھاڻي جڏھين پياري لنڊ ۾ رھندي، دوستن سان ھر طرح جي بي تڪلفي، نظرياتي ھم آھنگي سان گڏ ھڪ محبت جو رشتو قائم ٿي چڪو ھو. ان سان گڏ پياري لنڊ جي اُٺن ۽ اوٺارن جي سفر کي به سھسائي چڪاسون، تڏھين خبر نه آھي ڪھڙي سبب جي ڪري منھنجي ٽرانسفر جو آرڊر حيدرآباد مان اچي نازل ٿيو. مونکي پياري جي پيارن کان جدا ڪري ھاڻي ”بڪيرا شريف“ شھر جي مڊل اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. خليل دائودپوٽي وٽان خبر پئي بڪيرن جو اھو مڊل اسڪول، استاد طبقي لاءِ نهايت اوکو اسڪول آھي. بھرحال دوستن کان موڪلائي ھاڻي بڪيرا شريف جي ياترا لاِءِ نڪتاسون. مونکي دوستن ڏس ڏنو ته ٽنڊي الھيار شھر جي چمبڙ ناڪي وٽان ٽانگي جي سواري ملندي. اھا ڪچو رستو وٺي ڏکڻ طرف ڪجھه ڪلوميٽرن تي واقع بڪيرن جي شھر ۾پھچائيندي. ٻي نشاني اھا ٻڌايائون ته بڪيرن جو شھر ھڪ تمام اُتاھين دڙي مٿان اڏيل آھي ۽ شھر ۾ ھڪڙو قديم درگاھه آھي، جنهن ڪري ھن شھر کي ”بڪيرا شريف“ ڪوٺيو وڃي ٿو.
بھرحال ٽنڊي الھيار کان ٽانگي وسيلي بڪيرن جو سفر شروع ڪيوسون. رستي ۾ گوڏن برابر ڌوڙ ڇانيل ھئي. ان ڪري ڪپڙا لٽا ڌوڙ ٿي ويا. بڪيرن ويجھو ھڪ شاخ وٽ مون ڏٺو ته آفريڪن نسل جو عورتون ڪپڙا ڌوئي رھيون ھيون. ھا ٻيلي! مير صاحبن جو امپورٽ ڪيل ھي نسل جيئن لاڙ ڏي وڃبو، تيئن سندن آبادي وڌيڪ نظر ايندي وڃي ٿي. بھرحال ”ھوشو بھادر“ جا ھي مائٽ سنڌ جي نسلي رنگن ۾ ھڪ نئون رنگ ڀرين ٿا.
خير سان اوچو دڙو چڙھي، اسڪول جو پڇائيندي، وڃي شھر جي ڏاکڻي ڇيڙي تي ھڪ پراڻي عمارت ۾ موجود اسڪول تي پھتاسون. ان وقت اسڪول جي موڪل ٿي چڪي ھئي. ھڪ ماڻھو اتان جو سونهون ٿي ھليو، شھر ۾ ھڪ استاد جي رھائشگاھه تي. اتي مڊل اسڪول جو ھڪ استاد مٽيارين جو شاھه صاحب رھندو ھو. نوجوان شاھه مونسان ملي، نهايت خوشيءَ سان ان ننڍڙي جڳھه ۾ گڏجي رھڻ جي آڇ ڪئي. جيڪا مون خوشيءَ سان قبول ڪئي. بڪيرا شھر جي آسپاس ۾ زرعي زمين تمام زرخيز نظر آئي. ڪماند جو فصل وڏي ايراضيءَ ۾ پوکيل نظر آيو. ھونئن به ٽنڊي الھيار جي زمين سڄي سنڌ ۾ اول درجي جي زرعي زمين ليکي وڃي ٿي. انهيءَ زماني ۾ به ٽنڊي الھيار جي آسپاس انبن ۽ ڪيلن جا باغات ھئا. باقي بڪيرن جو شھر جنهن اونچي دڙي تي آباد ھو. انهيءَ مان مونکي اھو احساس ٿيو ته شايد ھي شھر پورالي سنڌو درياءَ جي ٻوڏ جي خطري ۾ ھوندو، جنهن جي ڪري ھن شھر جي ماڻھن اُتاھين دڙي تي پنھنجو مسڪن جوڙيو.
ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ استاد احمد ھالي پوٽي سان ملاقات ٿي، جنهن جو ڳوٺ ڀرپاسي ۾ ھو. احمد ھالي پوٽو نهايت فھميده طبيعت جو استاد آھي. ھن مونکي آٿت ڏني ته ھتي پنھنجو وقت سٺو گذرندو. اھو احمد خان ھاليپوٽو استاد مونکي دم دلاسا ڏيندو ھو ۽ اڪثر ڪري بڪيرن جي آسپاس گھمائڻ لاءِ وٺي ويندو ھو. خاص ڪري ان تر ۾ مولودن جون محفلون، دعوتون جاري رھنديون ھيون. جن ۾ نه صرف شرڪت ڪبي ھئي، پر ان سان گڏ کاڌخوراڪ جي پڻ دعوت ۾ ويلا ٽارڻ جو موقعو ملندو ھو. منھنجو ھي محترم استاد احمد خان ھاليپوٽو ترقي ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو. اُتي وڃڻ ٿيندو ھو ته بڪيرا شريف جون يادگيريون ھڪ ٻئي سان ونڊبيون ھيون،
انهيءَ زماني ۾ چمبڙ ۽ بڪيرا شريف جي تر ۾ انقلابي ھاري تحريڪ زورن تي ھئي. گھڻو پوءِ مونکي خبر پئي ته ھن تر ۾ ھڪ انقلابي سيد بخاري زيرزمين ھاري تحريڪ ۽ انقلاب جي تبليغ ڪندڙ ھو. ايتري قدر جو ھاري تحريڪ کي ھڪ خاص حيثيت ملي وئي، جنهن ڪري زميندارن جي ھارين سان ڏاڍاين جا فيصلا ھاري ليڊر ڪرڻ لڳا. اھي خبرون مونکي گھڻي قدر محترم خورشيد قائم خاني جي وسيلي پيون. انهيءَ وڌندڙ ھاري تحريڪ دوران ھن تر، پياري لنڊ ۽ چمبڙ واري تر ۾ اچانڪ مشھور ڌاڙيل پيدا ٿي پيا ۽ ماڻھن ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪيائون. ميرآباد واري مير صاحب کي ٿيٻي ذات جي مشھور ڌاڙيل قتل ڪري، ھن علائقي ۾ خوف جي حالت طاري ڪري ڇڏي. نتيجي ۾ اڀرندڙ ھاري تحريڪ درجي به درجي پوئتي پئجي وئي. مونکي اڄ تائين اھو شڪ آھي ته اھي ڌاڙيل ھاري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ھڪ پلان تحت بڇيا ويا ھئا. بھرحال بڪيرا شريف ۾ جيڪي لکئي جي ليک جا ڏينهن مقرر ھئا، اھي نيٺ پڄاڻيءَ تي پھتا ۽ اتان کان منھنجي ٽرانسفر گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ ٿي. ھتي اچي مون سک جو ساھه کنيو، ڇوته ھاڻي اچي گھر ڀيڙو ٿيس.

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ جون يادگيريون

گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ جون يادگيريون

ھيل تائين مونکي پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول ۾ پاڙھڻ جو تجربو ھيو، پر ڪنهن ھاءِ اسڪول ۾ پھريون دفعو استاد جي حيثيت ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ پاڙھڻ جو موقعو مليو. ياد رھي ته گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو نهايت اھم تعليمي ادارو ھو. ان زماني ۾ ضلعي اندر تمام ٿورا ھاءِ اسڪول ھوندا ھئا. سانگھڙ شھر ۾ عيسائين جو ھڪ پادري اسڪول ”خاتونِ فاطمھ ھاءِ اسڪول“ جي نالي سان چرچ طرفان ھلندڙ ھو. اھو گھڻو ڪري عيسائي ڪميونٽي جو اسڪول ليکيو ويندو ھو. ٻي ڳالھه ته اھو اسڪول ”اردو“ ميڊيم ھجڻ ڪري سنڌي شاگردن لاءِ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مخصوص ھو. ھن ھاءِ اسڪول جي بھترين ٻه منزله بلڊنگ ۽ تمام وڏو ٻه منزل ھاسٽل، ان سان گڏ وسيع راند جو ميدان ۽ سرسبز پارڪ موجود ھئا.
ھن اسڪول ۾ ضلعي جا سينيئر سيڪينڊري اسڪول ٽيچر مقرر ٿيل ھئا. اٽڪل ٽن درجن کن سنڌي استادن ۾ محترم محمد صالح گوپانگ، عبدالحق سومرو، حاجي ولي محمد نظاماڻي، محبوب آرائين (ديھه 22 وارو) جھڙا استاد تعليمي لحاظ کان ايم ايڊ جون ڊگريون رکندڙ ھئا.
ھن اسڪول جو ھيڊ ماستر محترم باقر رضا سيد صاحب، اردو ڳالھائيندڙ پر نهايت اشراف ماڻھو، لائق منتظم ٿور ڳالھائو شخصيت رکندڙ انسان ھو. اصل ۾ ھي سيد ھندستان جي امروھي واري علائقي سان تعلق رکندڙ ھيو. شروع ۾ مونکي ڇھين ڪلاس جي ھڪ سيڪشن جو ڪلاس ٽيچر مقرر ڪيو ويو ۽ اٺين ڪلاس تائين مختلف مضامين پاڙھڻ لاءِ چيو ويو.
ھيءُ اسڪول ان زماني ۾ پرھجوم اسڪول ھيو. ھرھڪ ڪلاس جا ڪم از ڪم ٽي سيڪشن ھلندڙ ھئا. ھن اسڪول ۾ منھنجو جھول شھر جو ساٿي سيد غلام حيدر شاھه پڻ مقرر ٿيل ھو. سائين پنھنجي شاگردن ۾ نهايت مقبول استاد ليکيو ويندو ھو. اسڪول ۾ غيرنصابي سرگرمين ۾ به سدائين اڳڀرو رھندو ھو. ھن اسڪول ۾ محترم محمد صالح گوپانگ سان ھاڻي وڌيڪ بي تڪلفي ۽ دوستي رھي. ڇاڪاڻ جو گوپانگ صاحب لٽريچر/ ادب جو تمام سٺو پڙھاڪو ھوندو ھو. تنهنڪري ساڻس ادبي ڪچھريون قائم رھنديون ھيون، محمد صالح گوپانگ صاحب، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ محبوب آرائين ڪجھه ٻيا سينيئراستاد نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا ڪلاس ٽيچر مقرر ٿيل ھئا. عبيدالله جتوئي صاحب ان وقت ايم ايڊ ۾ داخلا ورتي، اڪثر موڪل تي رھندو ھو. ياد رھي ته عبيدالله جتوئي صاحب جونيئر اسڪول مان ترقي ڪندي جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ گزيٽيڊ گريڊ ماڻي ورتو. آخر ۾ ميرپور خاص ڊويزن جو ڊائريڪٽر رھيو.
مسٽر عبدالحق سومرو ايم ايڊ پاس تمام ڪم وارو استاد خاص ڪري آفيس ورڪ ۽ ليٽر ٽائيپنگ ۾ ماھر. ساڳئي وقت سومرو صاحب سيڪينڊري بورڊ جي امتحانن جو انچارج پڻ ھوندو ھيو. نهايت مزيدار شخصيت رکندڙ سومرو صاحب دلچسپ استاد ھو، کيس ڪڏھن ڪا درخواست ٽائيپ ڪرڻ جا لاءِ چئبو ھو ته سندس فرمائش ھوندي ھئي ”سگھري چانهه“ يعني چانهه ڪيڪ، سلائس سان گڏ گھرايو. تمام تيز رفتار ٽائيپسٽ ھو. آخر ۾ گڻنگ بنگلي جي ھاءِ اسڪول جو ھيڊ ماستر ٿيو ۽ پنھنجي ايام ڪاري دوران گڻنگ ھاءِ اسڪول کي ھڪ بھترين مثالي اسڪول بنائي ڇڏيائين. ايتري قدر جو شھر کان ٽي ڪلوميٽر ٻاھر ھجڻ جي باوجود سانگھڙ شھر جا تمام گھڻا ٻار گڻنگ بنگلي ھاءِ اسڪول ۾ پڙھڻ لڳا. بھرحال اھا سندس انتظامي قابليت ھئِي. سندس ھتان کان بدلي ٿيڻ بعد اھو اسڪول استادن ۽ شاگردن لاءِ بلڪل ”رعيتي راڄ“ بنجي ويو ۽ تا حال ڪو سٺو حال ڪونه اٿس.
ان زماني ۾ سانگھڙ ھاءِ اسڪول، سيڪينڊري اسڪول ٽيچرز جي سياست جو به وڏو مرڪز رھيو. مبارڪ چانڊيو جونيئر ٽيچر ھوندي به ٽيچر ايسوسيئيشن جو سنڌ مشھور ڪردار رھيو. ڀٽي صاحب جي زماني ۾ اسٽرائيڪ ڪرائڻ جو اعلان ڪيائين. گرفتار ڪري ويس ۽ پوءِ گورنمينٽ اسڪول في جمع نه ڪرائڻ جي ڪيس ۾ کيس نوڪريءَ مان نيڪالي ملي. جھڳڙالو ھمراھه ھو، تعليم کاتي مان فارغ ٿيڻ بعد ھن سنڌ جي تعليم کي زبردست ڪاروبار بنايو. ضياءَ دور ۾ ڪيتريون ئي پرائيويٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجون کوليائين، ھزارين مئٽرڪ پاس نوجوانن کان فيون وٺي، انهن کي پي ٽي سي ۽ سي ٽي امتحانن ۾ ويھاري پاس سرٽيفڪيٽ ڏياريائين.
ھوڏانهن ڪراچيءَ ۾ ھڪ حاجياڻو صاحب ھوندو ھو. ان بعد ۾ اھي ٽريننگ ڪاليجون کولي ھزارين شاگردن ۾ تربيتي سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا. اھو سڀ ڪجھه ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي گذريو. اھڙي طرح سنڌ جي پرائمري تعليم تي جھالت جو راتاھو ھنيو ويو. جنهن جا ھن وقت نهايت خطرناڪ اثرات اسان جي ابتدائي تعليم کي تباھه ڪري چڪا آھن. اھا ڳالھه اتي پوري ڪونه ٿي، نقلي سندون رکڻ وارا سڀ استاد بنجي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿي چڪا. سنڌ ۾ ڪن ڌنڌوڙي ھمراھن پرائيويٽ B.ed ڪاليج کولي شاگرد رجسٽر ڪيا. ھزارين رپيا فيون ورتائون، سالياني امتحان دوران پنهنجا من پسند امتحاني سينٽر منظور ڪرائي، ڊگريون تقسيم ڪيائون، مٿان کان وري جڏھين ”علامھ اقبال يونيورسٽي“ جو سرڪاري طور قيام عمل ۾ آيو، انهن به تعليم جي معيار سان گھٽ ڪونه ڪئي. پي ٽي سي، سي ٽي، بي ايڊ، ايم ايڊ جا ڪورس فاصلاتي تعليم جي نالي ۾ متعارف ڪرايائون. سڄي ملڪ ۾ ان لاءِ سينٽر کوليا ويا. ان زماني ۾ اسان جي اليمينٽري ڪاليج سانگھڙ به ان جو سينٽر ھئي. انهن سينٽرن ۾ امتحانن دوران باضابطه نقل ڪرڻ جو بندوبست ٿي ويندو ھو. علامھ اقبال يونيورسٽي طرفان شايع ڪيل تعليم بابت تمام ڀاري ڪتاب شاگرد امتحان ھال ۾ کڻي ايندا ھئا. اڪثر شاگردن کي تمام ضخيم ڪتاب مان سوال جو جواب ڳولي لھڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي ھئي.
انهن ڊگرين وارا به ھزارين ماڻھو تدريسي پيشي ۾ اچي ويا آھن ۽ تاحال اچن پيا. ديکاديکي سنڌ يونيورسٽي ”آف دي ڪئمپس“ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جو پروگرامتعارف ڪرايو. آئون خود ھڪ سيشن ۾ سانگھڙ سينٽر طرفان انسٽرڪٽر مقرر ٿيل ھوس، محترما پروين منشي، يونيورسٽي طرفان ان جي انچارج ھئي. جيڪا ايم ايڊ جي لحاظ کان جونيئر ٽيچر ھئي. ڇا ٿيو جو ھڪ مولانه صورت سونهاري وارو شاگرد مون وٽ ٽرم پيپر جون ڪاپيون کڻي آيو. اھي ٽرم پيپر اصل ۾ ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ھيون، اھي اولڊ ڪئمپس واري سئمينار لئبريري مان خريد ڪيل ھيون. مون انهن ٽرم پيپرن تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. شاگرد ناراض ٿيو، پر سالياني امتحان ۾ مون ڏٺو ته ھمراھه سيڪنڊ ڊويزن ۾ ڪامياب ھو.
اڃان به اتي بس نه ٿي، ھڪ سال ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام کي چيو ويو ته پنھنجي بجيٽ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي طرفان ايم ايڊ جو پروگرام فاصلاتي تعليم موجب متعارف ڪرايو، جيتوڻيڪ انهيءَ يونيورسٽي ۾ تعليم جو ڪوبه شعبو قائم ڪونه ھو. پر ھنن ڇا ڪيو جو سموري سنڌ مان ھزارين ماڻھن کي ايم ايڊ جي ڪورس ۾ رجسٽر ڪيائون ۽ 15-16 ھزار ماڻھو پاس ڪري، تعليم جي ٻيڙي ٻوڙڻ خاطر ھن کاتي ۾ شامل ڪرڻ جي مدد ڪيائون. تعليم ۽ معيار تعليم سان ھيڏا ھاڃا ٿي چڪا آھن! ان کان پوءِ پوئتي ڪجھه به نه بچيو آھي.

1970ع واري جنگ جون يادگيريون : اسان جو ٿاڻي تي حاضر ٿيڻ

1970ع واري جنگ جون يادگيريون : اسان جو ٿاڻي تي حاضر ٿيڻ

اھا جنگ ھندستان ۽ پاڪستان درميان ڇڙي پئي، سڀ محب وطن ماڻھو پريشان ھئا، جنرل يحى جي مارشل لا قائم ھئي. ھڪ ڏينهن ايس پي سانگھڙ طرفان ھڪ ليٽر ھاءِ اسڪول ۾ پھتو ته پنھنجي تدريسي عملي جي لسٽ فوري طور موڪليو. حسبِ معمول محترم استاد عبدالحق سومرو صاحب لسٽ ٽائيپ ڪرڻ ۾ جنبي ويو. ھاءِ اسڪول جا استاد، اعلى تعليم يافته بزرگن خواھه نوجوانن جي لسٽ پوليس آفيس ۾ جيئن پھتي ته ان وقت حڪم ڪيو ويو ته اھي سڀ استاد شام جو سٽي ٿاڻي تي پھچن. حسبِ دستور اھڙو سرڪيولر جاري ٿيو، اسان کان دستخط ورتا ويا ۽ استادن ۾ شام جو ٿاڻي تي پيش ٿيڻ جو چوٻول ٿيڻ لڳو.
شام جو ٿاڻي تي حاضر ٿياسين، سڀ جو سڀ جونيئر خواھه سينيئر استاد، فقط حاجي ولي محمد نظاماڻي کان سواءِ جيڪو سڇ پچ مجاھديءَ جي جنگ ۾ سرحدن تي ويل ھو. پوليس جو رويو انتهائي خراب نظر آيو. اسان کي فورن پريڊ ڪرڻ لاءِ قطارن ۾ بيھاريو ويو. ھڪ ميانوالي جو پنجابي جمعدار پريڊ ڪرائڻ لڳو. اسان اسڪول جي زماني ۾ جيڪي ”ڪاشن“ انگريزي ۾ ٻڌا ھئا، يعني ”اٽينشن!“ ” ڪوئڪ مارچ“ ”باءِ دي ليفٽ ڪوئڪ مارچ“ ” ليفٽ ٽرن، رائيٽ ٽرن“ جي پاران پنجابي/ اردو جا ڪاشن ”بائين مڙ وي!“ ”دائين مڙ وي!“ جيستائين سمجھه ۾ اچن، تيستائين ايس پي صاحب پھچي ويو ۽ اسان واري پريڊ ڏسي سخت ناراضگيءَ جو بد تميزيءَ سان اظھار ڪيائين. مونکي ياد آھي ته اھو ايس پي ڊي سوزا نالي ھڪ عيسائي آفيسر ھو. منجھنس ماڻھپو ھجڻ کپندو ھو ته يڪدم ھڪ ڪلاڪ اندر، قدم سان قدم ملائي ڪيئن ٿي پريڊ ڪري سگھجي. پر ڇا ڪجي جنگ جي ايمرجنسي ڪري ڪڇڻ کان وياسين. پريڊ پوري ڪرڻ وقت سج لٿي مھل اسان جي ايمرجنسي ڊيوٽي لڳايائون. سڀني کي بانس جون لٺيون ڏنائون. مونکي ياد آھي ته محمد صالح گوپانگ جھڙي نفيس ماڻھوءَ کي رات جو سيشن ڪورٽ ڀرسان پاڻيءَ جي تلاءَ مٿان ڊيوٽي لڳايائون، سخت سياري ۾ کليل آسمان ھيٺ تلاءَ تي پھرو ڏيڻو ھو ته متان ڪو دشمن تلاءَ ۾ ڪو زھر ملائي وڃي! عبدالحق سومري صاحب جي ڊيوٽي اڇو ميان جي بيڪري کان وٺي ڊاڪٽر ڀاڳچند جي اسپتال تائين لڳائي وئي.
بھرحال صبح جو جڏھين اسڪول پھتاسين ته سڀ ھمراھه ٿڌ جو شڪار ھئا. ڪڙڪ چانهه ۽ مٿي جي سور جي گورين تي وٺ وٺان لڳي پيئي ھئي. ھاڻي شام جو ٿاڻي تي پريڊ ڪرڻ، رات جو شھر ۾ چوڪيداري جي ڊيوٽي ڏيڻ جي عمل اھڙو ته بيزار ڪيو جو پٽون پاراتا ڏيڻ شروع ڪياسون. ھڪ ڏينهن جي پريڊ دوران اسان کي ڪاٺ جون ”ڊمي“ بندوقون ڏيئي پريڊ ڪرائي وئي. پوءِ ٿاڻي سامھون ھڪ ننڍي اوڏڪي ڀت کي مورچو قرار ڏئي، اسان کي بندوقون سڃڻ جو ڪاشن “AIM” ڏنو ويو. اسان جو ھڪ مولانه دوست کاٻي ھٿ وارو (کاٻڙيل) ھو. انهيءَ ڇا ڪيو جو بندوق کٻي پاسي جھلي، جيئن ئي ڀت پاسي جھڪيو ته جعمدار رڙ ڪري چيو، ”اي صوفي جي! اي بندوق ڪھڙي پاسي ڦڙي اي!“ مولانا صاحب وراڻيو ” سائين! مين تو کٻا ھون!“ بھرحال نيٺ جنگ جو خاتمو ٿيو. ڊيسوزا کي اسان جي پٽ لڳي ۽ جنرل يحى جي حڪم تحت جيڪي ٽي چار سو آفيسر لاٿا ويا، ھن جو نالو به ان لسٽ ۾ ھو.
ھيءُ سڄو لقاءُ لکڻ جو مطلب اھو آھي ته ”جنگ“ بذات خود ھڪ انسانيت دشمن عمل آھي. جنهن دوران انساني حقن ۽ حقيقتن جو قتل ڪيو ويندو آھي. پوءِ اھا جنگ ٽرئجڊي جي خاتمي تي پڳي، مملڪت پاڪستان جون اوڀاريون اڌ موڪلائي ويو. اسان وارا شير ۽ دلير 80- 90 ھزارن جي تعداد ۾ جنگي قيدي ٿي پيا. پوءِ آل انڊيا ريڊيو تان روز اھو نياپو نشر ڪندا ھئا ته ”ھم سب خيريت سي ھين!“ خيريت ڇاجي؟ اڌ ملڪ ويو، ھمراھه قيدي بنجي پيا ۽ باقي بچيل ھن پاسي کي ڀٽي صاحب ”نئون پاڪستان“ ٺاھڻ جو پروگرام روٽي، ڪپڙا اور مڪان ڏنو جيڪو تاحال جاري آ. پر نه ڪا غريب لاءِ روٽي آھي، نه انگ اگھاڙن لاءِ ڪو ڪپڙو ، نه ڪو مڪان. باقي جنهن نعرو ڏنو اھو شھيد ٿي ويو. پويان ڪُٽي کائڻ وارا مجنا اھو نعرو جاري رکيو اچن.

پھريون ڀيرو لاھور- پنجاب جو سيرسفر

پھريون ڀيرو لاھور- پنجاب جو سيرسفر
لاھور ۾ پنجابي سياست جو تلخ تجربو

مونکي ياد ٿو پوي سال 1972ع جي گرميءَ جي وئڪيشن دوران، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي استادن، شاگردن کي پنجاب ۽ صوبو سرحد جي سير ڪرائڻ جو پروگرام تيار ڪيو. ھاءِ اسڪول جو بزرگ ھيڊ ماستر سيد باقر رضا انهيءَ ٽوئر ۾ شامل ٿيڻ تي راضي ٿي ويو. سيد غلام حيدر شاھه، مبارڪ چانڊيو به ھن ٽوئر جا سرگرم ميمبربنيا. مونکي به پنجاب ۽ صوبو سرحد ڏسڻ جو شوق ھو. جن شاگردن ھن ويسٽ پاڪستان ٽوئر ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ استادن وٽ نالا لکايا، سندن مائٽن کي ليٽر لکي کانئن اجازت ناما لکت ۾ ورتا ويا. ھن سموري قافلي ۾ ٽيھارو کن شاگرد ۽ اڌ درجن استاد شريڪ ٿيا. اسڪول مان ھڪ پٽيوالي کي به شريڪ ڪيو ويو. سانگھڙ جو فوٽو گرافر ......... به ھن گروپ ۾ شامل ڪيو ويو. گلم فراسيون به ساڻ کنيوسين. شھداد پور اسٽيشن کان عوامي ايڪسپريس ٽرين ۾ لاھور ڏانهن روانا ٿياسيون. لاھور ۾ سينٽرل ماڊل ھاءِ اسڪول وٽ پھچي، پرنسپال صاحب کي اسڪول جو ھڪ ھال رھڻ لاءِ ڏيڻ لاءِ چيوسون. ان ھال ۾ لڏو لاھي، ٻئي ڏينهن لاھور گھمڻ جو ٽائيم ٽيبل ٺاھيوسون. شاھي قلعو، بادشاھي مسجد، جھانگير بادشاھه جو مقبرو گھمي ڏٺوسون. ٻئي ڏينهن شاليمار باغ گھمڻ لاءِ ھڪ ڊبل ڊيڪر بس ۾ سوار ٿي شاليمار ڏسڻ لاءِ ھلياسون. ڪجھه شاگرد بس جي مٿئين منزل ۾ ويٺا. آئون ۽ حاجي ولي محمد نظاماڻي بس جي دروازي وٽ سيٽ تي ويٺل ھئاسون. شاگردن مان ڪيترن کي اجرڪون اوڍيل ھيون، بس شھر مان ھلندي ھڪ جاءِ تي بيٺي، اوچتو ان ۾ ڪجھه نوجوان داخل ٿيا ۽ نڪا پڇا نه ڳاڇا، اچي اسان سنڌين مٿان گارين جو وسڪارو لائي ڏنائون. مون حاجي ولي محمد نظاماڻي ڏانهن ڏٺو، ھو ھن اوچتي صورتحال کي حيرت وچان ڏسي رھيو ھو. مون پنجابي ڇورن کان بدتميزي جو سبب پڇيو. چوڻ لڳا ته ”توھان سنڌين، سنڌ ۾ اسان جي پنجابين کي قتل ڪيو آھي!! سنڌ ۾ توھان سنڌين فساد ڪيا آھن وغيره وغيره.“ مون ھنن کي چيو ته ”ترسو، اسان جي ڳالھه ته ٻڌو!“ مون اسان جي شاگردن ۾ اڌو اڌ سانگھڙ جي چڪن جي پنجابي شاگردن کي سڏ ڪري چيو ته ”بابا! ھنن کي سمجھايو.“ پوءِ انهن ڇوڪرن پنجابي ٻوليءَ ۾ ھنن کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڪو فساد سنڌي ماڻھن ڪونه ڪيو آھي. جيڪڏھن فساد ھجي ھا ته پوءِ اسان پنجابي شاگردن کي سنڌي استادن سان گڏ ٽوئر ڪرڻ لاءِ اسان جا مائٽ ڪيئن اجازت ڏين ھا!! ان بعد اھي بدتميز ڇوڪرا شرمنده ٿي بس مان لھي ويا.
پوءِ اسان کي اخبارن مان خبر پيئي ته سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي زبان کي سنڌ جي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ جي فيصلي بعد ڪراچيءَ جي مھاجرن فساد ڪيو ھو. رئيس امروھي جنگ اخبار ۾ فساد پکيڙڻ لاءِ ھي شعر لکيو ” اردو ڪا جنازه ھي ذرا ڌوم سي نڪلي!“ جنگ اخبار جي پھرئين صفحي تي اھو شعر چوڌاري حاشيي تي نمايان لفظن ۾ ڇاپيو ۽ ڪراچيءَ ۾ فساد جاري ڪرايائون. اسان کي پوءِ اھا خبر پئي ته لاھور جي اسپتالن مان لاوارث لاش (قدرتي فوت ٿيل) کڻي ھڪ سياسي جماعت لاھور اسٽيشن تي رکي اھي بينر ٽنگيا ته سنڌي ماڻھن ھنن کي قتل ڪيو آھي! انهيءَ ڪوڙي پروپئگنڊا کان متاثر ٿي لاھوري ڇوڪرن اسان سان بدتميزي ڪئي. ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان، ان بعد سنڌ جي شھرن ۾ فسادن جو بنياد رکيو ويو. جيڪي اڳتي ھلي تمام وڏن ويڇن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اھا روش رئيس امروھي واري ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ تاحال جاري آھي.

ڀٽي صاحب جي سانگھڙ ۾آمد (مارچ 1970)

ڀٽي صاحب جي سانگھڙ ۾آمد (مارچ 1970)

اھو 1970ع جو زمانو آھي، ڀُٽي صاحب وڏي جاھه و جلال سان اليڪشن مھم خاطر سانگھڙ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي جلسي ۾ جلوه گر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ڄام صادق علي، جيڪو پير صاحب پاڳاري جي پارٽيءَ جو خاص ماڻھو ھو، ان صاحب اچانڪ ڪنهن اشاري تي پير صاحب پاڳاري جي پارٽي ڇڏي وڃي، پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. نه صرف ايترو پر سانگھڙ ۾ پيپلزپارٽيءَ جا پير ڄمائڻ لاءِ ڄام صاحب سانگھڙ جي مشھور جوڻيجا خاندان حاجي محمد حيات جوڻيجو جي فرزندن کي به ڏٽا ڏيئي پيپلز پارٽي ۾ شريڪ ڪيو. ڄام صادق عليءَ جي سياست ڪنهن مٿئين اشاري موجب ھلندي ھئي. يحى حڪومت جي تحت جڏھين اليڪشن جون تياريون ٿي رھيون ھيون، ان وقت به ڄام صاحب، پير صاحب پاڳاري جي پارٽيءَ ۾ ھو. انهيءَ زماني ۾ پير صاحب جي حڪم تي مشرقي پاڪستان وڃي شيخ مجيب سان مليو. پير صاحب پاڳاري چونڊن ۾ شيخ مجيب سان سياسي الحاق ڪرڻ پئي چاھيو. شيخ مجيب، پير صاحب جي ان آڇ جي آجيان پڻ ڪئي ھئي. حڪمت عملي اھا ھئي ته جيڪڏھن شيخ مجيب جي پارٽيءَ جا ڪجھه ميمبر جيڪڏھن مغربي پاڪستان مان اليڪشن جيتي اچن ھا ته پوءِ شيخ مجيب کي آل پاڪستان ليول تي حڪومت جوڙڻ ۾ ڪابه رنڊڪ نه ٿئي ھا. ھتان کان سنڌ جو ڏاھو سياستدان قاضي فيض محمد، شيخ مجيب جي پارٽيءَ جو سيڪريٽري جنرل ھو. پر ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟ ان وقت جي جرنيلن پير صاحب کي شيخ مجيب سان گڏجي سياست ڪرڻ کان منع ڪئي. ظاھر آھي ته شيخ مجيب جي پارٽيءَ کي مغربي پاڪستان ۾ قدم رکڻ کان روڪيو ويو.
ان زماني ۾ ڍاڪا ۾ آمريڪي سفارت خاني جو ڪائونسليٽ پنھنجي ڪتاب “ The Cruel Birth of Bangladesh” ۾ لکي ٿو ته، ھڪ ڏينهن شيخ مجيب سخت ڪاوڙ ۾ مونسان اچي مليو. شڪايت ڪيائين ته مغربي پاڪستان وارا فوجي پير صاحب پاڳاري تي سخت دٻاءُ وجھي رھيا آھن ته ھو منھنجي پارٽيءَ سان اتحاد ختم ڪري! مطلب ته ان وقت ئي اھي ارادا ظاھر ٿي چڪا ھئا. يعني ته ” اڌر هم. اُڌر تم!“

جلسي ڦٽڻ جو اکين ڏٺو احوال

جلسي ڦٽڻ جو اکين ڏٺو احوال

مونکي ۽ غلام حيدر شاھه کي ڀٽي صاحب جي تقرير ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جو شوق ھو. ان وقت اسين ٻئي ڳوٺائي، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ استاد ھئاسون. رسيس ٽائيم تي اسان سيد باقر رضا ھيڊ ماستر صاحب کان موڪل وٺي، جلسو ڏسڻ لاءِ شھر ڏي آياسين. ان وقت اسان ڏٺو ته سنجھوري روڊ کان پير صاحب پاڳاري جا مريد سنجھوري جي تر ۾ دعوت تي جناب پيرصاحب پاڳاري جي صبح جي وقت زيارت ڪري ڍڳي گاڏين ۾ قطار در قطار پنھنجي ڪٽنب جي عورتن سان گڏ، ميرپور خاص چوڪ ڏانهن وڃي رھيا ھئا. شھر جي ٽائون ڪاميٽي وٽ پارڪ ۾ اچي پھتاسين. سانگھڙ جا روڊ ضلعي ڪائونسل کان پيرو، بچو شھيدن جي چوڪ تائين جھنڊين ۽ ڪيلن جي ٻوٽن سان سينگاريل ھئا. پير صاحب پاڳاري جي مريدن جون ڍڳي گاڏيون ذري گھٽ گذري ڇيھه ٿيون. جلسھ گاھه لطيف پارڪ ۾ قائم ڪيل ھو. جتي شاميانه کوڙي اسٽيج بنائي وئي ھئي ۽ عوام پارڪ جي ڇٻر تي ويٺل ھئي. ان وقت خانصاحب معراج محمد خان جلسي کي انتهائي انقلابي انداز ۾ خطاب فرمائي رھيو ھو. ذڪر ساڳيو روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان جو ھو. ان وقت مونکي منھنجي دوست چيو ته ھلو ته پيرو بچو چوڪ وٽ بيھي ڀٽي صاحب جي قافلي کي ايندي ڏسون! اسان چوڪ وٽ انتظار ڪري رھيا ھئاسون ته اوچتو ميرپور خاص چوڪ کان بچو چوڪ ڏانهن ماڻھن جو ٽولو رستي تي لڳل جھنڊيون ڊاھيندو پئي آيو. ۽ ھڪ ٻيو ٽولو جلسي گاھه ڏي ويو. ھن ٽولي جي اڳواڻي سانگھڙ جو ھڪ نوجوان اسٽوڊنٽ ليڊر ڪري رھيو ھيو. ھن ٽولي وڃي جلسي گاھه جي شامياني جا رسا وڍيا، اسٽيج ڊھي پئي. ان وقت معراج محمد خان سان گڏ پنجاب مان آيل ھڪ شاعر اسلم گورداس پوري ڦٿڪي سٿڪي ٻاھر نڪتا. شاعر صاحب جي ٻانهن کي جوکم پھتو. ياد رھي ته اھو نوجوان اسٽوڊنٽ ليڊر جيڪو اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان سياسي تقريرون ڪندو ھو. تنهنجا ڄام صادق علي خان سان سٺا تعلقات ھيا. تنهن ڪري اھو چوڻ مناسب ٿيندو ته سانگھڙ ۾ پ پ ۽ حر جماعت جو ٽڪراءُ ھڪ پاليسي تحت ڪرايو ويو ته جيئن سنڌي عوام جا ھي ٻه گروپ ھميشھ لاءِ ھڪ ٻئي جا مخالف رھن. ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو فارمولا تحت اھو جھڳڙو ڄام صادق علي خان جي رڌڻي ۾ پچايو ويو ۽ پوءِ جڏھين جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ ڄام صادق علي کي وئڪيشن ڪرڻ لاءِ لنڊن رھايو ويو ته مذڪور نوجوان اڪثر لنڊن وڃي، ڄام صاحب سان ڪچھريون ڪندو ھو. ۽ پوءِ ڄام صاحب ھڪ دفعو جڏھين وري سنڌ ۾آيو ۽ پ پ مخالف سياست ڪندي، سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو ته ان نوجوان کي حڪومت ۾ صلاحڪار جو عھدو ڏنائين. انهي وقت ڄام صاحب معافي تلافي ڪري حر جماعت سان پنهنجا تعلقات درست ڪري ورتا. پ پ جي حاڪميت دور ۾ جيڪي بي گناھه حر ھتي قتل ڪرايائين، انهن جي عزيزن کي نوڪريون وغيرهه ڏئي پرچائي ورتائين.ھا ته بچو چوڪ تي بيٺي اسان ڊسٽر ڪٽ ڪائونسل وٽان ھڪ ٻن بندوقن جا فائر ٻڌا، پوءِ خبر پئي ته ڀٽو صاحب، جوڻيجا پيٽرول پمپ وٽان قافلي سميت واپس موٽي ويو. سندس ڪار غلام مصطفى کر ڊرائيو پئي ڪئي. مير ضيغم ٽالپر جنهن سانگھڙ ۾ پپلزپارٽي کي آرگنائيز ڪيو، اھو پڻ مير رسول بخش ٽالپر سان قافلي ۾ شامل ھو. ھئو مئو ٽرڻ بعد اسان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل وٽ وڃي ڏٺو ته اتي روڊ تي پٿر ۽ سروٽا پکڙيل ھئا ۽ وچ روڊ تي ڳاڙھي رنگ جي ڪار کي باھه لڳل ھئي، اھا ڪار مير ضيغم الدين ٽالپر جي ھئي. جيڪو تازو وڪالت پاس ڪري، سانگھڙ بار ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو ھو. سندس ڪار قافلي ۾ شامل ھئي. جنهن کي اونڌو ڪري باھه ڏني وئي ھئي. مير صاحب پوءِ ٻڌايو ته ڪجھه سروٽا اڇلايا ويا ۽ ضلعي ڪائونسل بلڊنگ جي ڇت مٿان ڪجھه ھوائي فائر ٿيا. ان دوران ھي قافلو موٽي شھدادپور روڊ وٺي واپس ويو. مير ضيغم ان وقت مير رسول بخش ٽالپر جي ڪار ۾ سوار ھو، جنهن ٻڌايو ته مير صاحب پستول ڪڍي دريءَ مان فائر ڪندو جھول تائين آيو!
بھرحال انهيءَ واقعي بعد حر جماعت ۽ پ پ جي تعلقات ۾ جيڪا Divide ٿي، اھا سنڌ جي سياست ۾ تاحال قائم آھي ۽ اصل نسخو Divide and rule وارو ھلندڙ آھي. ان کان پوءِ ڀٽي صاحب ھن واقعي بابت انتهائي Agressive بيان ڏنا، جن جي ڪري ويتر وٿيون وڌي ويون
اھا ھڪ تاريخي حقيقيت آھي ته ڀٽي صاحب جي والد سرِ شاھنواز ۽ حضرت سورھيھ بادشاھه جا خانداني تعلقات ھئا. حضرت سورھيھ بادشاھه 1930ع کان 1936ع تائين ھندستان جي اڀرندي وارن علائقن ۾ قيد رھيو ته ان دوران حضرت سورھيھ بادشاھه ۽ سر شاھنواز ڀٽو درميان خط و ڪتابت جاري ھئي. سر شاھنواز ان وقت سنڌ مان بامبي ڪائونسل جو ميمبر ھو. پير صاحب کي قيد دوران بي ڪلاس ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ورتائين. پيرصاحب تي انڪم ٽيڪس جي چٽيءَ جا جيڪي انگريز حڪومت حڪم ڪيا، انهن جي قاعدي موجب پيرويءَ لاءِ پڻ سورھيھ بادشاھه جي لاءِ حاڪمن کي سفارش ڪيائين. اھڙا خط جيڪي تاريخ چئي سگھجن ٿا، اھي رڪارڊ تي موجود آھن. پوءِ جڏھن 1952ع ۾ پيرصاحب جي گادي بحال ٿي ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو پڻ آمريڪا مان تعليم وٺي آيو ته پير صاحب جن ڀُٽي جو ان وقت جي سياسي حلقن ۾ تعارف ڪرايو. پير علي محمد راشديءَ کي پارت ڪيائين. اھڙي طرح ڀٽو صاحب پاڪستان جي سياسي ڌارا سان متعارف ٿيو. پر اھا عجيب ڳالھه آھي ته 1972ع جي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد ڀٽي صاحب جي طبيعت تمام High ٿي وئي. سندس سياسي بيان پيرن فقيرن بابت تمام غرور سان ٽمٽار نظر اچن ٿا. ڀلا جيڪڏھن ڀٽو صاحب واقعي سوشلسٽ انقلابي ھو ته پوءِ مير پور خاص جي تقرير ۾ ”وسان ڪو ڪسان بنادونگا“ جي ڌمڪي ڏنائين ۽ روايتي وڏيري وساڻ صاحب به يڪدم پ پ ۾ شموليت ڪئي. اھڙي طرح ڀٽي صاحب جي سياسي قافلي ۾ وڏيرا شاھي درجي به درجي شامل ٿيندي وئي. باقي وڃي رھيا اصل ڪامريڊ معراج محمد خان، جي اي رحيم وغيرهه، انهن سان جيڪا ڀٽي صاحب ڪئي، ان جي تاريخ شاھد آھي. مطلب ته ڀٽي صاحب جي غرور ۾ ”ايٿ ٻيسو، اوٿ ٻيسو!“ وارو جيڪو عنصر ھو، ان جي تاريخ شاھد آھي. اھو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته پير صاحب پاڳارو سانگھڙ شھر کان ھڪ ٻه ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، روايتي دعوت ۾ آيل آھي. جنهن ۾ سوين مرد ۽ عورتون شريڪ ھيون. انهيءَ وقت اھو سانگھڙ وارو جھيڙو ٿو ڪرائي اصل ۾ ڪاري ڍڳي جي ڌڻين جي پروگرام جو حصو ھو. جنهن ۾ ڄام صادق علي جو وڏو ڪردار رھيو.

سانگھڙ جي ادبي لڏي جو ذڪر

سانگھڙ جي ادبي لڏي جو ذڪر

آئون 1970ع ۾ جڏھين گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿيس، تڏھين ان جي اسٽاف ۾ ادبي مطالعي وارو سينيئر استاد محمد صالح گوپانگ ھو، جنهن سان ادبي ڪچھريون ٿينديون ھيون. استاد محمد عمر چنڙ صاحب به ساڳئي اسڪول ۾ پاڙھيندو ھو. محمد عمر چنڙ انتهائي جذباتي قومپرست سوچ جو استاد ھو. پنھنجي نظرياتي ڳالھه منهن تي مخالفن کي ڦھڪائي ھڻندو ھو. ڪڏھين ڪڏھين محترم لکمير ڏاھري کپري کان ايندي ويندي ملندو ھو. پليجي صاحب جي جماعت سان لاڳاپو رکندڙ سنڌي قومپرست ۽ وڏيرا شاھي جوسخت مخالف ماڻھو، تنهن ڪري ان کي سدائين سزا طور کپري جي دور دراز علائقن ۾ رکندا ھئا ۽ سندس ڪمال ھو جو ٿر بر ۾ به پنھنجي ھم خيال ٻالڪن جو حلقو ٺاھي ويندو ھو.
سانگھڙ ھاءِ اسڪول جي پنجابي استادن مان ديھه 22 جو محبوب آرائين بلڪل ھڪ مثالي استاد ھو. باقي چڪن مان فوجي گھراڻن مان ايندڙ استاد صرف لٺ جي زور تي علم پکڙيندا ھئا. ان زماني ۾ محترم اقبال ملڪ انگلينڊ مان رياضي جي تعليم وٺي سانگھڙ ھاءِ اسڪول ۾ مقرر ٿيو. فوجي پسمنظر جي باوجود ھي بلڪل اشراف ماڻھو ۽ پنھنجي سبجيڪٽ جو مثالي استاد ثابت ٿيو. اقبال ملڪ صاحب پوءِ ترت ئي نصابي اداري ۾ بدلي ٿي ويو. حاجي ولي محمد صاحب ھڪ ”دبنگ“ نظاماڻي استاد رھيو. ڪافي شاگرد ولي محمد صاحب کي Like ڪندا ھئا. مون سانگھڙ ھاءِ اسڪول طرفان ”مئگزين“ شايع ڪرڻ جي رٿ سيد باقر رضا کي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ ته ھو ادبي پس منظر رکندڙ شخص ھو. تنهن ان رٿ کي خوشيءَ سان قبول ڪيو. مونکي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. جنهن ۾ مون سانگھڙ جي حر تحريڪ جو ذڪر لکيو. اردو ۽ انگريزي سيڪشن ٻين استادن ايڊٽ ڪيا. ھن مئگزين ۾ استادن جا گروپ ڦوٽو ۽ شاگردن جي سرگرمين جو حال احوال ۽ تصويرون شايع ٿيون.

سانگھڙ جون ادبي چرياڻ شخصيتون

سانگھڙ جون ادبي چرياڻ شخصيتون

ملھار فقير خاصخيلي، اٽڪل ستن اٺن ننڍن ڪتابن جو مصنف، جيڪي حر تحريڪ جي تاريخ بابت نهايت اھم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا، اھي ڪتاب ھن غريباڻي حال سارو ڪجھه نوابشاھه مان ۽ ڪجھه سانگھڙ جي لوڌي پرنٽگ پريس مان طبع ڪرائي ادبي لڏي کي تحفي طور ڏنا.
جيئن ته مامو ملھار نوابشاھه جي حر ڪئمپ ۾ اسان سان گڏ پنھنجي آڪھه سميت قيد ھو ۽ سندس جھوپڙي اسان جي جھوپڙي جي ڀرسان ھئي. تنهنڪري ھن صاحب سان تڏھوڪي شناسائي ھئي. ڊاڪٽر ڀاڳچند جي رھائش واري گھٽي ۾ سندس گھر ھو ۽ گھر سامھون ھڪ کٽ ۽ ھڪ بئنچ تي سندس ڪچھري قائم ھوندي ھئي. آئون ھفتي ۾ ھڪ ٻه ڀيرا وٽس ڪچھريءَ لاِءِ ويندو ھوس.

آفتاب نظاماڻي صاحب سان ملاقات

آفتاب نظاماڻي صاحب سان ملاقات

ڪجھه وقت کان پوءِ آفتاب نظاماڻي سان ملاقات ٿي. ڏاڍو پيارو انسان لڳو. شروع ۾ صحافت سان گڏ افسانا به لکندو ھو. کاٻي ڌر سان واڳيل وڏيرا شاھيءَ جو سخت ناقد، آفتاب سانگھڙ جي ٻين دوستن سان تعارف جو ذريعو بنيو، تڏھين سانگھڙ ۾ ” سنڌي ادبي سنگت“ جي شاخ ڪونه ھئي. مون کيس جھول سنگت جو حوالو ڏئي، ادبي سنگت جي شاخ کولڻ جي صلاح ڏني. ضياءُالحق جي مارشلا دوران، اسان گرھوڙي ادبي سنگت جي نالي سان ادبي سرگرميون شروع ڪيوسون. ان نالي تي شمشيرالحيدري اسان کي ٽوڪيو! ڇوته مخدوم عبدالرحيم گرھوڙي سخت مذھبي ۽ جھادي خيالن جو بزرگ ٿي گذريو آھي. اسان گرھوڙي فقير جو نالو ان ڪري اختيار ڪيو، جو مارشلا حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ سنڌي ادبي سنگت توڙي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن ۾ شرڪت کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڪونه ٿي ڏٺو. اسان جي دوستن اھو خيال ڪيو ته نالي ۾ ڪجھه ناھي، اصل ۾ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب بابت سرگرميون جاري رکي سگھن.
آفتاب نظاماڻي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي ميڙاڪن ۾ ھتان کان دوستن کي ساٿ ۾ وٺي ويندو ھو. سندس ڪھاڻين جي مجموعي ۾ ”اوھيرا“ جو مھورت حيدرآباد ۾ ڪيوسون، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب شريڪ ٿيا. آفتاب صاحب جي علم دوستي، سندس قلم ۾ وڏيرا شاھي جي خلاف سخت تنقيدي ڪھاڻيون، ان زماني ۾ ڪافي مشھور ٿيون. سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”ارپنا“ اڳ شايع ٿي چڪو ھو، اڪثر ڪري سياري ۾ برھمڻ آباد جي آثارن ۾ وڃي مچ ڪچھري مچائيندا ھئاسين. برھمڻ آباد جي آثارن سان سندس جذباتي لڳاءُ، ان موضوع تي سندس ڪھاڻيون خاص ڪري عربن جي سنڌ تي قبضي ۽ راڻي لاڏيءَ جي موضوع تي لکيل آھن. آفتاب صاحب جي آزاد خياليءَ کي سندس نظاماڻي قبيلي جا خاص افراد جن کي ھو ”ڍينگ“ لفظ سان سڏيندو ھو، ان کي پسند ڪونه ڪندا ھئا. اڪثر ھن شريف ماڻھو خلاف جرڳائي فيصلا صادر ڪندا ھئا.
انهيءَ زماني ۾ نوابشاھه کان صالح بلو، آفتاب سان ملڻ ايندو ھو، جنهن بابت آفتاب جو چوڻ ھو ته صالح صاحب، سندن ” انڊرگرائونڊ انقلابي پارٽي“ جو عھديدار آھي، ھميشھ اڪيلائي ۾ پارٽي ميٽنگ ڪندا ھئا. صالح بلو صاحب حال حيات آھي، آفتاب شھيد جي ورسيءَ تي، نواب شاھه مان سانگھڙ ايندو آھي. صالح ھن وقت نوابشاھه مان ھفتيوار اخبار ” سنڌ گرين“ جي نالي سان شايع ڪري ٿو.
بھرحال اھو ڪريڊٽ شھيد آفتاب نظاماڻي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن سانگھڙ جھڙي عجيب و غريب سماج ۾ نه صرف ادبي سرگرميون جاري ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوانن کي ادب پڙھڻ ۽ لکڻ جو اتساھه مليو، ساڳئي وقت سانگھڙ جي تاريخ سان پڻ دلچسپي پيدا ٿي پئي. سانگھڙ جي اھا تاريخ جيڪا انگريزي راڄ خلاف سنڌ ملڪ مان پھرئين عوامي بغاوت ھئي. ان تاريخ کي پڙھڻ، سھيڙڻ ۽ لکڻ جو اڳتي ھلي رواج پيو.
1980ع جي اوائلي مھينن ۾ مونکي ملائيشيا ۽ آسٽريليا وڃي ڪجھه سکڻ جو موقعو مليو. آفتاب صاحب مونکي صلاح ڏني ته انهن ملڪن بابت سفر ناما لکان. مون ”رنگا رنگ ملائيشيا“ جي نالي سان سفرنامو لکيو، آفتاب صاحب ان کي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان ڪتاب جو تمام سٺو ادبي مھورت پڻ منعقد ڪرايائين. ھيءُ يار سندس افسانن، اخباري تحريرن، مضمونن بابت دوستن جي تنقيد يا ٽيڪا ٽپڻي تي بلڪل ناراض نه ٿيندو ھو. اڄڪلھه جا نوجوان قلم ڪار پنھنجي تحريرن تي ھلڪي تنقيد برداشت نه ٿاڪن ۽ ادبي مخالفت تي لھي ٿا اچن. آفتاب صاحب ان زماني ۾ ھڪ جنرل انشورنس ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندڙ ھو. ھن صاحب پھريان پنھنجو نئون گھر تعمير ڪرايو، ان بعد ھڪ پڙھيل ڳڙھيل خاندان مان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس پٽن جو اولاد ٿيو. (آفتاب صاحب جي پھرئين شادي مان کيس ھڪ پٽ ۽ نياڻيءَ جو اولاد آھي.)
اھو 1988ع جو سال آھي، آئون ان وقت اپريل مھيني ۾ ڪراچيءَ جي انڪل سيريا اسپتال ۾، سخت بيماري سبب داخل ھوس. جتي منھنجو ميجر آپريش ٿيو. ان بعد نهايت ڪمزور حالت ۾، اچي گھر ڀيڙو ٿيس، علاج جاري ھو. ھلڻ چلڻ جو ست ساھه ڪونه ھو. انهيءَ حالت ۾ آفتاب صاحب جي شھادت بابت اخباري خبرپڙھي، وڏو صدمو پھتو. ان زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ايم ڪيو ايم وارن، قتل و غارت گريءَ جو فساد شروع ڪيو ھو. حيدرآباد ۾ ڪرفيو لڳايو ويو ھو، آفتاب صاحب جو ھڪ مھاجر دوست جيڪو ٽنڊو آدم نيشنل بيئنڪ جو مئنيجر ھو، ان کيس چيو ته شام جي وقت ڪرفيو لھندو، تون مھرباني ڪري پنھنجي ڪار ۾ مونکي لطيف آباد، حيدرآباد ۾ ڇڏي اچ. ان دوست جي فرمائش تي آفتاب صاحب کيس گھر ته پھچايو، پر واپسيءَ ۾ انهيءَ لطيف آباد جي رستي تي فسادين آفتاب نظاماڻيءَ کي ۽ سندس ڊرائيور نور محمد سولنگي کي شھيد ڪري ڇڏيو.

شھيد آفتاب نظاماڻيءَ جون يادگيريون وري ياد آيون!

شھيد آفتاب نظاماڻيءَ جون يادگيريون وري ياد آيون!

آفتاب صاحب جي اھا خوبي ھوندي ھئي ته حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، سانگھڙ مان دوستن جي قافلي کي گڏ کڻي ھلندو ھو.
ھي انهيءَ ڏينهن جي ڳالھه آھي، جڏھن محترم ماھتاب چنه صاحبه سنڌ الاجيءَ جي ڊائريڪٽر ھئي. ڪنهن ادبي پورگرام ۾ آفتاب سان گڏ سنڌ الاجي جو ميوزم گھمندي، ھڪ ھال جنهن ۾ اديبن ۽ سياستدانن جا ”ڪارنر“ قائم ھئا. ان کي ڏسندي آفتاب ڏٺو ته آغا خان ۽ حضرت سورھيھ بادشاھه جي تصويرن جا فريم گڏ لڳل ھئا. انهيءَ وقت ميڊم صاحبه به ان ھال ۾ داخل ٿي، آفتاب صاحب جذباتي انداز ۾ محترمه جي سامھون وڃي چيو ته ”ميڊم! ھيءُ ڪٿي جو انصاف آھي؟ ھي ڪٿي جي تاريخي ساڃھه آھي؟ جو آغا خان جنهن، سنڌ انگريزن جي حوالي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ان شخص جي تصوير کي شھيد سورھيھ بادشاھه جي تصوير سان گڏ آويزان ڪيو آھي؟!!“
مون ڏٺو ته محترمھ جواب ڏيندي ڪاوڙ ۾ وراڻيو ”مان ڇاڪيان، توھان جا مرشد عليحده ”ڪارنر“ قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تعاون نه ٿا ڪن!“ محترمه جي ناراضگيءَ کي نظر انداز ڪندي آفتاب چيو ته ”ميڊم! في الحال توھان آغا خان جي تصوير کي سورھيھ بادشاھه جي تصوير کان الڳ ڪري آويزان ڪريو.“ ان کان پوءِ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ميڊم ماھتاب چنه ڦري ”محترمه ماھتاب راشدي بنجي وئي. قسمت جا فيصلا آھن. محترمه ھن وقت فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جي مانائتي ميمبر آھي.
حيدرآباد ۾ آفتاب نظاماڻيءَ جي نثار حسيني سان گھاٽي ياري ھوندي ھئي. جڏھين به حيدرآباد وڃڻ ٿيندو ھو ته نثار حسيني جي ”آگم پبليڪيشن“ جي حيدرچوڪ وٽ عبرت آفيس جي گھٽيءَ ۾ قائم آفيس ۾ ضرور وڃبو ھو. تمام ڊگھيون ڪچھريون ٿينديون ھيون، آگم جي آفيس ۾ نصير مرزا سان به ملاقات ٿيندي ھئي. آگم ڪچھريءَ ۾ محترمه زيب نظاماڻي، پنھنجي سھيلي فوزيھ سومرو سان گڏجي ايندي ھئي ته فوزيھ سان موسيقيءَ بابت ڳالھه ٻولھه به ٿيندي ھئي ۽ پوءِ زيب نظاماڻي ۽ نثار حسيني جو رومانٽڪ جوڙو شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
ھڪ دفعي آفتاب خيال ڪيو ته ”سازدا“ ڊيپارٽمينٽ ۾ سرڪاري نوڪري حاصل ڪجي. ان لاءِ آفتاب ھڪ درخواست موڪلي چڪو ھو. انٽرويو کان ٻه ڏينهن اڳ چيائين ته ڪراچيءَ ٿا ھلون. اتي پنھنجو جماعتي وزير عاقل ھنڱورجو آھي. ان کان ھلي ٿا سفارش ڪرايون. ھتان کان حيدرآباد قافلو روانو ٿيو. حيدرآباد مڱريو ذات جو ھڪ پراسرار ھمراھه، جنهن جي جماعت جي سياسي حلقن ۾ رھائي ھئي. ان کي ساڻ کنيوسون. ڪراچيءَ ۾ آفتاب چيو ته ھتي منھنجو پيارو دوست ”ڪسٽم آفيسر“ ذات جو لغاري صاحب وڏي رسائي وارو آھي. ان سان ملنداسين ته ڪا سفارش جي راھه ڪڍڻ ۾ مدد ڪري. ياد رھي ته ھيءُ لغاري صاحب آفتاب جو تمام قريبي دوست ھيو. ان صاحب ڀٽي صاحب جي دور ۾ پپلزپارٽي حڪومت خلاف پمفليٽ لکيا ھئا ۽ پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي کان ڪسٽم آفيسر جي نوڪري ورتائين. ان صاحب جي بنگلي تي وياسين، چوڪيدارن کي ٻڌايوسون ته ”سانگھڙ مان آفتاب نظاماڻي ۽ دوست آيا آھن. صاحب کي ٻڌايو!“ چوڪيدار ٻڌايو ته ”صاحب گھر ۾ موجود ناھي“ ان تي آفتاب ان نوڪر کي چيو ته ”لغاري صاحب جي گھر ۾ وڃي ٻڌايو ته سانگھڙ مان نظاماڻي صاحب آيو آھي!“ آفتاب کي خبر ھئي ته جنهن زماني ۾ انهيءَ لغاري صاحب وٽ سانگھڙ ۾ رھڻ جي جاءِ به ڪونه ھئي، ان وقت ڪنهن ٻي ذات مان پيار جو پرڻو ڪري آيو! سانگھڙ ۾ آفتاب ھن کي گھر لاءِ جاءِ وٺي ڏني. مطلب ته لغاري صاحب جي بيگم صاحبه کي به اھا ڄاڻ ھئي. پر ان مائي صاحبه نوڪر جي واتان چوائي موڪليو ته ”صاحب شام جو ايندو.“ اسان جي آفتاب اھا توقع پئي ڪئي ته ڪسٽم آفيسر جي بيگم صاحبه ضرور چانهه پاڻي جو پڇندي، پر ائين ڪونه ٿيو. مونکي ان ڪاموري جي اصليت بابت ڄاڻ ھئي، ڇاڪاڻ ته اھو اسان جي تر ۾ لغارين جي مشھور ڳوٺ جو رھائشي ھو. مون آفتاب کي چيو ته ”ڇڏ بابا! ڪھڙيون ٿو ياريون ياد ڪرين، ھنن منفي ڪردار وارن ڪامورن جون، پاڻ وري اتي ڪونه ھلنداسون!“ پر آفتاب صاحب نيٺ ھڪ ڏينهن شام جو ان آفيسر جي بنگلي تي وڃي کيس ھٿ ڪيو. ڪاموري کي چيائين ته ”يار! اھي ڏينهن ياد ڪر جو پوليس تنھنجي پويان پيل ھئي. تو وٽ لڪڻ جي جاءِ ڪونه ھئي. مون توکي وٺي رھايو، تنھنجي بيگم صاحبه به سڀ ڪجھه ڀُلائي ڇڏيو!!“ حالانڪه ان کي ان زماني جي پوري ڄاڻ ھئي. لغاري صاحب اِڌر اُڌر ڪري مڙئي ڳالھه کي ٽاريو. ان ماڻھوءَ کي مون سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ ڏٺو. وڏي دولت، بنگلا، ڪافي زمينات جو مالڪ ھو، پر ذھني طور تي کپي ويل انسان ٿي لڳو!
بھرحال ٻئي ڏينهن جناب وزير صاحب عاقل ھنڱوي صاحب سان سندس وزارت جي آفيس ۾ ملاقات ٿي. آفتاب صاحب کيس ٻڌايو ته ” آئون ايم اي اڪنامڪس پاس ڪيل آھيان، جماعتي آھيان، ان ڪري منھنجي نوڪري بابت وزيراعلى کي سفارش ڪريو!
عاقل ھنڱوري صاحب، آفتاب سان نظاماڻين بابت چرچا شروع ڪيا، ڳالھه کي سنجيده ڪونه ورتائين. ٻئي ڏينهن آفتاب انٽرويو ڏنو پر نوڪري ملي ڪونه سگھي.

سانگھڙ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شروعات

سانگھڙ شھر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شروعات

آفتاب نظاماڻيءَ سان ساٿ ۾ اسان سانگھڙ شھر ۾ ادبي سرگرميون شروع ڪيون. آفتاب نظاماڻيءَ جي انشورنس واري آفيس ۾ ادبي گڏجاڻيون ۽ بحث مباحثه ٿيندا ھئا. ضياءُ الحق جي زماني ۾ اسان ”گرھوڙي ادبي سنگت“ جي نالي سان ادبي سرگرميون جاري رکيون، ڇاڪاڻ جو سنڌي ادبي سنگت کي حاڪم پسند ڪونه ڪندا ھئا. بھرحال درجي به درجي سانگھڙ جا نوجوان ادبي سرگرمين ڏانهن مائل ٿيڻ شروع ٿيا. ان زماني ۾ بخشڻ مھراڻوي سانگھڙ ۾ قيام پذير ھو. سندس سربراھيءَ ۾ نوجوانن جو ھڪ گروپ پنهنجا غزل گيت گھڙي، الفقراءَ آفيس ۾ ھفتيوار گڏجاڻيون ادبي سنگت جي نالي سان شروع ڪيون. حسبِ دستور انهن نوجوانن ۾ اختلاف ٿيندا رھندا ھئا پر پوءِ بخشڻ پنھنجي دوستانه انداز ۾ رٺل دوست کي پرچائيندو ھو. مطلب ته سانگھڙ شھر جيڪو ھيل تائين ادبي سرگرمين کا خالي ھو، اُتي ھڪ نوجوانن جو طبقو پيدا ٿيو، جن ۾ لکڻ، پڙھڻ جي قدرتي قابليت ۽ شوق موجود ھو. ۽ ان کي جنهن ھمت افزائي جي ضرورت ھئي، اھا کين شھيد آفتاب نظاماڻي ۽ بخشڻ مھراڻوي طرفان ملي وئي. ھن وقت سانگھڙ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جي حيثيت ۾ سنجيده ادبي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آھي ۽ نوجوان دوستن ۾ ڪي نالي جا اديب ۽ ڪي وري نامور اديب پيدا ٿيا آھن. سندن قلم جون ڪاوشون سموري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي چڪيون آھن.

علم جي تلاش ۾ ھڪ قدم اڳتي

علم جي تلاش ۾ ھڪ قدم اڳتي

ھيءُ 1974ع جو زمانو آھي، مونکي شوق ٿيو ته بي ايڊ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد ھاڻي ايم ايڊ جي ڊگري لاءِ ڪوشش ڪجي. منھنجي ان خيال کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ پھريائين ته ڏوڪڙن جو مسئلو سامھون ھيو. ان زماني ۾ ايم ايڊ جو ڪورس ريگيولر اسٽوڊنٽ جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ”انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ واري شعبي ۾ باقاعده داخلا وٺي شروع ڪرڻو ھو. ان ڪم لاءِ تعليم کاتي طرفان Study leave اڌ پگھار سان منظور ٿيندي ھئي. ھاڻي ڀلا اڌ پگھار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ، ھاسٽل ۾ رھڻ ۽ کاڌي پيتي جو خرچ پورو ڪرڻ ھڪ مسئلو ھيو. جيڪو نهايت مايوس ڪندڙ ھو. ڇاڪاڻ ته مٿئين خرچ کان سواءِ گھر ٻارن جو خرچ به کپندو ھو. بھرحال الله توھار ڪري وڃي ايم ايڊ ۾ داخلا ورتي سون. يونيورسٽي جي اولڊ ڪئمپس ۾ قائم ان اداري جو ڊائريڪٽر جناب نبي بخش خان بلوچ ھو. بھرحال رسمي انٽرويو بعد داخلا ملي وئي ۽ اسين سنڌ يونيورسٽي جا باقاعده شاگرد رجسٽرٿي وياسين. جنرل پوسٽ آفيس جي الھندي پاسي واقع ميٺارام ھاسٽل ۾ رھائش لاءِ ڪمرا مليا. ھاسٽل ۾ ميس ھلندڙ ھئي، جتي ٽي ويلا ماني ملندڙ ھئي. ان ميس جي ماني کائي ھضم ڪرڻ انساني سسٽم جو وڏو مسئلو ھوندو ھو. اسين ماڻھو لسي ماني کائڻ وارا ھاڻي اچي ميس جي ڳاڙھين مرچن واري ٻوڙ مان ڦاٿاسون. بھرحال گذارو ته ڪرڻو ھو.
ميٺارام ھاسٽل، جنهن به تعمير ڪرايو، ان ھستيءَ کي آفرين ھجي. ھاسٽل ۾ سھڻو پارڪ ۽ وڏا خوبصورت وڻ پوکرايائين ۽ علم جي پانڌيئڙن لاءِ ھڪ سھڻو ماحول مھيا ڪيائين. ميٺارام ھاسٽل جي پاسي کان ”بسنت ھال“ تعمير ٿيل آھي. اھو مس ايني بسنت Theosophical society طرفان تعمير ڪرايل ھو. ان زماني ۾ بسنت ھال ھاسٽل جي پارڪ ۾ ھر آچر جي شام جو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد طرفان ادبي ڪچھري ٿيندي ھئي، جنهن ۾ محترم محمد ابراھيم جويو، محترم رسول بخش پليجو شريڪ ٿيندا ھئا. ان زماني ۾ آئون غزل گيت لکي وڃي ڪچھريءَ ۾ پيش ڪندو ھوس. محترم رسول بخش پليجو منھنجي غزلن تي داد ڏئي حوصلا افزائي ڪندو ھو.
انهيءَ زماني ۾ بِي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا ڪلاس سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ ھلندڙ ھئا. اسان واري سال ۾ ايم ايڊ ڪلاس ۾ ٻه اڍائي سئو شاگرد شامل ھئا. ”انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ واري اداري جو ڊائريڪٽر جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھو. بلوچ صاحب پاڻ به مھيني ۾ ھڪ ٻه پيرڊ ”ڪلچرل ائنٿرا پالاجي“ مضمون جا وٺندو ھو. سندس ليڪچر جيڪو انگريزي زبان ۾ ھوندو ھو، اھو انتهائي معلوماتي ۽ سندس سمجھائڻ جو انداز تمام پرڪشش، معياري ھوندو ھو. آءُ سندس ان لياقت جو سدائين معترف رھيس. اسان جي ڪلاس جي حاضريءَ جو انچارج پروفيسر نور محمد ميمڻ صاحب بندري قد جو، ٿلھو ٿنڀرو ۽ عام طور ڦر ڦر انگريزي ڳالھائيندڙ ماڻھو ھو. سندس اھا خوبي ھئي ته ڪلاس جي ھرشاگرد جو نالو کيس برزبان ياد ھوندو ھو. ليڪن ھو جڏھين به پنھنجي مضمون جي ليڪچر لاءِ ايندو ھو ته سندس حال پورو سارو ھوندو ھو. ان ڪري ڇا ڪندو ھو جو سندس پيرڊ واري صبح سوير اچي موضوع جون خاص وصفون ۽ حوالا بورڊ تي اڳواٽ لکي ڇڏيندو ھو ۽ اسان کي اھي لکڻ لاءِ چوندو ھو.
سائين نورمحمد ميمڻ صاحب جي ھڪ خوبي اھا به ھئي ته جيڪڏھن ڪنهن ڳالھه تان ناراض ٿيندو ھو ته پرچي به جلدي پوندو ھو. سائين ساڳئي وقت سئمينار لئبريري جو پڻ انچارج ھو ۽ منھنجي ھڪ ٽرم پيپر جو گائيڊ پڻ ھو. ٽرم پيپر جو عنوان ھو ” ڪلاس نائين ۽ ڏھين جي سنڌي ڪتابن ۾ موجود نظم/ شاعري جو تنقيدي جائزو“ ھڪ ڏينهن سئمينار لائبريري ۾ سندس ميزتي ھڪ ڪتاب “An apololgy for poetry” نالي مشھور ڪتاب پيو ھو، مون کيس عرض ڪيو ته سائين ھي فلپ سڊني جو مشھور ڪتاب مون لاءِ منھنجي ٽرم پيپر ۾ مددگار ٿيندو، مھرباني ڪري ڪجھه ڏينهن لاءِ مونکي اھو ڪتاب عنايت فرمايو. ميمڻ صاحب ٺڙٺپ جواب ڏنو ته ھي ڪتاب توکي ڪونه ملندو! ڪنهن ٻئي شاگرد لاءِ اشو ڪيل آھي. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ مون ڏٺو ته ساڳيو ڪتاب سائين جي ميز تي پيو ھو. اھو ڏسي مونکي دل ۾ ٿيو. مون کيس چيو ته ھيءُ ڪتاب ھتي فضول پيو آھي، مونکي نه ٿا ڏيو! ان تي سائين ناراض ٿي پيو. چيائين ته ”استاد سان ائين ڳالھائبو آھي ڇا؟“ بھرحال ھڪ ٻه ڏينهن کان پوءِ مون وري سائين سامھون “Sorry” چيو ۽ کيس چيم ته اولڊ ڪئمپس روڊ تي ھڪ ڀلي ريسٽورينٽ ۾ مھرباني ڪري مونسان چانهه پيئڻ قبول فرمايو، جتي آئون ٽرم پيپر بابت ڪجھه مسئلا عرض رکندس!“ مونکي خبر ھئي ته سائين ان ريسٽورينٽ جي اسپيشل چانهه ۽ ان سان گڏ ڪيڪ کائڻ تمام گھڻو پسند ڪندو آھي. سائين مھرباني ڪري مونسان گڏجي چانهه واپرائڻ ھليو. مون کيس عرض ڪيو ته ”سائين! تمام مشڪل حالات ۾ ھتي آئون ھيءُ ڪورس پيو پورو ڪريان!“ ان بعد سائين واپس آفيس اچي اھو ڪتاب مونکي عنايت ڪيو، جنهن مان ڪجھه حوالا مون پنھنجي ٽرم پيپر ۾ ڪم آندا.
ڊاڪٽر آرائين صاحب، جيڪو اصل ۾ اسان جي سنجھوري تعلقي جي ديھه 22 جو رھاڪو ھو )ياد رھي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي پرائمري تعليم ديھه 22 جي اسڪول مان حاصل ڪئي ھئي.( ڊاڪٽر آرائين، تازو آمريڪا مان Ph.D ڪري آيو ھو. تمام رعب تاب سان ڪلاس ۾ ايندو ھو ۽ گھڻو ڪري آمريڪن لھجي ۾ انگريزي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ھي صاحب قدآور، ٿلھو متارو، پھلوان شخصيت وارو ھو. سائين ساڳئي وقت ميٺارام ھاسٽل جو انچارج پڻ ھو. سندس رھائشي ڪوارٽر ميٺارام ھاسٽل جي اندر ھوندو ھو. آرائين صاحب شام جي وقت ھاسٽل جي مين گيٽ وٽ پارڪ ۾ ڪرسي رکي ويھندو ھو ۽ ھڪ پٽيوالو جنهن کي اسين ”شيرو پٽيوالو“ ڪوٺيندا ھئاسين، ان کان ڪرسي تي ويٺي بنا ڪنهن حجاب جي زور ڏياريندو ھو. ھڪ دفعي ڇا ٿيو جو سياري جو وقت ھو، آئون ڪمري ۾ ھڪ بجليءَ جو ھيٽر ٻاري Aldox Huxly جو ناول The new brave world پڙھڻ ۾ مگن ھوس ته سائين آرائين صاحب، چپ چاپ مٿان اچي بيٺو، مونکي خبر ڪانه پيئي! اچانڪ بلند آواز ۾ چيائين ”ھي ڇا پيو ڪرين؟ اسان وٽ لائيٽ ڪونهي ۽ تون وري ھيٽر ٻاري ناول پيو پڙھين!“ مون اٿي بيھي Sorry چيو. شيرو پٽيوالو ساڻس گڏ ھو. ان کي چيائين ته ھي ھيٽر کڻي ھل. اصل معاملو اھو ھيو. ان زماني ۾ PTV جو ٽيليويزن سائين جي گھر ۾ لو وولٽيج تي نه ھلندو ھو ته پوءِ ھاسٽل جي اوچتو چيڪ اپ ڪري ھيٽر ضبط ڪيا ويندا ھئا. بھرحال ھيءُ پروفيسر صاحب پنھنجي طبيعت جو صاحبِ علم ھو.
پروفيسر شامي صاحب انتهائي پرڪشش شخصيت رکندڙ استاد ھو، گورو رنگ، دراز قد، فليٽ ھئٽ، سان بلڪل انگريز لڳندو ھو. ھي صاحب اصل ۾ وڏي پنجاب جي ڪنهن شامي نالي ڳوٺ جو رھاڪو ھو. نهايت صاف لھجي ۾ انگريزي ڳالھائڻ وارو، ليڪچر دوران دلسچپ لطيفا بيان ڪرڻ وارو، سوال پڇندڙ ڇوڪرين سان جواب ۾ نهايت مزاح واري انداز ۾ مخاطب ٿيندو ھو. سندس ليڪچر اسان لاءِ تفريح طبع جو باعث ھوندو ھو. شامي صاحب شام جي وقت واڪنگ اسٽڪ سان اولڊ ڪئمپس کان ريڊيو پاڪستان وري فوٽ پاٿ تان واڪ ڪندي نظر ايندو ھو.

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر

ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر

سائين پنھنجي نج سنڌي مزاج وارو مير صاحب، پنھنجي ليڪچر جو اڌ حصو انگريزيءَ ۾ باقي اڌ سنڌيءَ ۾ ڏيندو ھو. مونکي سائينءَ جو مضمون ته ياد ناھي، پر ھر دفعي پنھنجي ليڪچر ۾ ساڳيون ڳالھيون ورجائي ويندو ھو. نهايت مھربان استاد ھو.
ھڪڙو مولانا ابوالڪلام جھڙي شخصيت رکندڙ، اردو ڳالھائيندڙ استاد، شايد اسلامي تعليمي تاريخ تي ليڪچر ڏيندو ھو. ھميشھ معياري انگريزي ليڪچر ڏيندو ھو.

حيدرآباد ۾ علم خاطر گذاريل ڏکيا ڏينهن

حيدرآباد ۾ علم خاطر گذاريل ڏکيا ڏينهن

ايم ايڊ ۾ داخلا ٿي وئي. ھاڻي ڇا ٿيو جو ان زماني ۾ ملندڙ ماھوار پگھار تعليم خاطر ڊگھي موڪل وٺڻ ڪري اڌو اڌ ٿي ويو. حيدرآباد ۾ رھڻ، ميس جي مانيءَ جا خرچ، ھڪ طرف انهن سببن جي ڪري ڏاڍو پريشان رھڻ لڳس. ان زماني ۾ منھنجو پيارو دوست نذرحسين لسڪاڻي حيدرآباد ۾ ھڪ جنرل انشورنس ڪمپني جو ريجنل مئنيجر ھو. سندس دفتر رسالا روڊ ڪوٽڙي والا چئمبر ۾ ھو. آئون اڪثر شامون سندس دفتر ۾ ڪچھري ڪندي گذاريندو ھوس.
جيئن ته نظر حسين لسڪاڻي منھنجو دل وارو دوست ھيو، اسين جھول جي پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙھياسين، ھو خود مون وانگر غريب ٻار ھو. پر پنھنجي بي انتها محنت ڪوشش بعد تمام سٺي آساميءَ تي نوڪري ڪندڙ ھو. نوڪري کان سواءِ ڇوٽڪي گھٽيءَ جي ھيٺين منهن وٽ سندس ھڪ ھئنڊيڪرافٽ جو دوڪان پڻ ھلندڙ ھو. سندس ڀائيوار حيدرآباد جو ھڪ واپاري ھو. ھن دوڪان تي سنڌي ڀرت جا نمونا، گج، چادرون وغيره به وڪامنديون ھيون. مونکي پنھنجي مالي وسائل بابت نذر حسين آڇ ڪئي ته آئون سندس دوڪان تان ڀرت جا پور پيل چادرون کڻي ڳوٺ اچان، اتي ڀرت ڀريندڙ ماين کي اھو ڪم ٻولي ڏيان ۽ ھر پندرھين ڏينهن تيار ٿيل چادرون وغيره اچي سندس دوڪان تي پھچايان. انهيءَ ڪم سان مونکي چڱي خاصي مالي مدد ٿي پئي.، جنهن ڪري گذرسفر ڪجھه آسان ٿي پيو. يار جي ھمت افزائي سان مونکي ھن حيدرآباد ۾، خاص ڪري ريشم گليءَ ۾ ڀرت جا نمونا گج، قميص جا گلا ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ جي آڇ ڪئي. آئون آچر ڏينهن اھي نمونا کڻي ريشم گليءَ جي دوڪاندارن کي ڏيکاري وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ھوس. ان مان به ڪجھه قدر ڪميشن ملي ويندي ھئي. ايتري قدر جو حيدرآباد ۾ بس سروس اونرس ايسوسيئيشن جي ھڪ ھفتيوار اخبار جي سنڌي ڪالمن جي ڪتابت لاءِ ويندو ھوس. اتان به ڪجھه ڏوڪڙ ملي پوندا ھئا. اھڙي طرح گھر جي خرچ پکي ۾ ڪا به ڪمي ٿيڻ ڪونه ڏني.

ڊاڪٽر نجم عباسي کان دوا درمل وٺڻ

ڊاڪٽر نجم عباسي کان دوا درمل وٺڻ

انهيءَ زماني ۾ مونکي عجيب و غريب ذھني بي چينيءَ جي تڪليف مان گذرڻو پئي پيو! اصل مسئلو نفسياتي ھو. ان سال منھنجي ”نيوروسس“ جي تڪليف ڏاڍو ستايو. ڇا ٿيندو ھو جو بي خوابيءَ سان گڏ ذھن ۾ خوف رھڻ لڳو. دل جي ڌڙڪن جي ڌڪ ڌڪ اچانڪ وڌي ويندي ھئي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب وٽ سندس ڪلينڪ تي، جيڪو عبرت اخبار جي پاسي ۾ واقع ھو، ھفتي ۾ ھڪ ٻه دفعا ضرور ويندو ھوس. ڊاڪٽر صاحب مونکي ھڪ شاعر جي حيثيت سان سڃاڻندو ھو. ھو صاحب ھر دفعي مونسان تمام گھڻي مھربانيءَ سان پيش ايندو ھو. مون واري دل جي ڌڙڪن کي جانچڻ لاءِ مون واري پريشان دل تي دور بيني رکي، مونکي تسلي ڏيندو ھو ته ڪجھه به نه آھي. ان سان گڏ آرام ۽ سڪون ڏيڻ خاطر مڪسچر وغيره به ٺاھي ڏيندو ھو.
ياد رھي ته ڊاڪٽر نجم عباسي صاحب پنھنجي وقت جو ناليوارو ڪھاڻيڪار، سنڌ ۽ سنڌي زبان سان محبت ڪندڙ ھستي ھو. سندس سنڌ سان محبت جو ڪاٿو ڪونه ھو. ھو ديوانگي جي حد تائين سنڌ ۽ سنڌي زبان سان محبت ڪندڙ انسان ھو. ڊاڪٽر صاحب جھڙي معصوم محبت مون ھڪ ٻي ھستي ۾ ڏٺي آھي. اھو آھي محترم عطا محمد ڀنڀرو، جنهن سنڌ سان محبت خاطر پنھنجي اولاد کي به قربان ڪري ڇڏيو ۽ صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. ھي بزرگ به سنڌ سان بي انتها محبت ڪندڙ آھي.
آخرڪار ايم ايڊ وارو ميلو نيٺ پڄاڻيءَ تي پھچڻ وارو اچي ٿيو. باقي ڪم رھيو ٽرم پيپر لکي پيش ڪرڻ جو. ان زماني ۾ ايم ايڊ جي ھر ھڪ شاگرد کي ٻه عدد ٽرم پيپر لکي پيش ڪرڻا ھوندا ھئا. مقصد اھو ھيو ته ان سطح جو شاگرد ڪنهن سنجيده تعليمي تدريسي موضوع تي ريسرچ پيپر لکي پيش ڪري. ٽرم پيپرن جا موضوع واسطيدار استاد کان منظور ڪرائي پوءِ لکڻا ھوندا ھئا. بھرحال اھو واحد ڪم ھو، جيڪو ايم ايڊ وارن دوستن لاءِ انتهائي مشڪل ڪم ھو.
ان جو آسان حل اٽڪل ستر سيڪڙو ھمراھن ان طرح ڳولي ورتو ته سئمينار لئبريري جي انچارج ھمراھه کان ڪجھه ڏيئي وٺي، ڪي پراڻا ٽرم پيپر ڪٻاڙخاني مان حاصل ڪبا ھئا. پوءِ انهن سان لڳ ڀڳ لاڳاپيل موضوع منظور ڪرائي. حيدر آباد ۾ مشھور ٽرم پيپر رائيٽر جي حوالي ڪندا ھئا. مقرر رقم جي ادئيگي بعد سدن ٽرم پيپرٽائيپ ڪري، جلد بندي ڪري ڏيندا ھئا ۽ اھي ٽرپ پيپر يار وڃي پيش ڪندا ھئا. جيڪي بغير ڪنهن اعتراض جي قبوليت جو شرف حاصل ڪري وٺندا ھئا.
مون وٽ جيئن ته ڏوڪڙ ھئا ڪونه ۽ مونکي جيڪي عنوان مليا سي مون لاءِ ھڪ چيلينج وانگر ھئا، تنهن ڪري مٿان مونا ھڻي نيٺ وڃي ٽرم پيپرمڪمل ڪري، ٽائيپ ڪرائي استاد کي پيش ڪيم. شڪر ٿيو جو استاد وٽ اھي قبول پئجي ويا.
ھاڻي ميٺا رام ھاسٽل مان ٽپڙ ٻڌاسون، يارن دوستن کان ملي موڪلائي، اچي ڳوٺ ڀيڙا ٿياسون. ھوڏانهن موڪل ختم ٿيڻ تي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن، اسان جا اسڪولن ۾ مقرري وارا حڪم جاري ڪيا. مونکي ھاءِ اسڪول ۾ موڪلڻ بجاءِ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول سانگھڙ ۾مقرر ڪيو ويو. جتي وڃي ڊيوٽيءَ تي دخلڪار ٿيس.

ٽيچرس ٽرينگ اسڪول سانگھڙ جا شب و روز

ٽيچرس ٽرينگ اسڪول سانگھڙ جا شب و روز

قسمت جي ڪرڻي اھا ٿي جو، ساڳئي ٽيچرس ٽريننگ اسڪول ۾ اسان 1963-1964ع ۾ پرائمري ٽيچرس ٽريننگ جا امتحان اچي ڏنا. ان وقت ھيءُ ڪاليج نئين نئين تعمير ٿيل ھئي. اڪيڊميڪ بلاڪ، جنهن ۾ پرنسپال جي آفيس، ھڪ آڊيٽوريم ھال ۽ ٽي عدد وڏا ڪلاس روم، سامھون تمام سھڻي وڻڪار سان خوبصورت گلن وارو پارڪ، اڪيڊميڪ بلاڪ جي اترئين پاسي به تمام سھڻي وڻڪار ۽ ان جي اتر طرف ٻه منزلا ھاسٽل جي عمارت، جنهن جي درميان ۾ ھڪ وڏو ڊائيننگ ھال، ان سان گڏيل بورچيخانو. ٻي ڀلي ڳالھه اھا ته ان وقت اھا ڪاليج، رھائشي ڪاليج ھئي. يعني ته شاگردن جي اڪثريت ھاسٽل ۾ رھندڙ ھئي. ان ڪري ھاسٽل ۾ به ھڪ تعليمي، تدريسي ماحول مھيا ڪيل ھو. شاگرد رات جو پنهنجن عملي سبقن بابت خاڪا (Lesson Plan) تيار ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي سان صلاح مشورا پيا ڪندا ھئا. ٻي بھترين انتظامي ڳالھه اھا ته صبح جو ناشتي بعد تيار ٿي، سڀئي شاگرد ڊريس پائي اچي اسيمبلي ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. حمزو چنو پٽيوالو ھارمونيم جو ساز کڻي اچي سامھون ٽيبل تي رکندو ھو ۽ پوءِ اسان جو ميوزڪ ٽيچر محترم قمر سومرو ساز وڄائي قومي ترانو پڙھندو ھو. ان بعد پرنسپال مختصر تقرير ڪندو ھو. پوءِ پي ٽي ٽيچر محمد اشرف شاگردن کي قطار در قطار ڪلاسن ۾ وڃڻ لاءِ چوندو ھو. ان وقت شاگردن جي لباس تي به ھڪ نظر وجھبي ھئي. اھا ھئي ڳالھه ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي تعليمي تدريسي ماحول جي.
ان وقت ڪاليج جو پرنسپال اردو ڳالھائيندڙ عسڪري صاحب ھو، جيڪو لنڊن مان ڪو تعليمي ڪورس به ڪري آيو ھو. سندس اسٽاف سان رويو نهايت دوستانه ھوندو ھو. ٻن ٽن ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ، صاحب کي چيم ته سائين مونکي به ٽائيم ٽيبل ۾ ڪو مضمون سونپيو ته جيئن آئون ڪلاس ۾ وڃي پنهنجا تدريسي فرائض شروع ڪريان. ھاڻي روزانه ھڪ ٻه ڪلاس وٺڻ بعد معلوم ٿيو ته شاگردن جي اڪثريت نهايت ادب ۽ سنجيدگيءَ سان ليڪچر ٻڌي ٿي. مون پنھنجي ليڪچر دوران شاگردن کي اھا به اجازت ڏني ته ليڪچر جي آخر ۾ ھو موضوع سان تعلق رکندڙ سوال ۽ وڌيڪ وضاحتون بغير ڪنهن ھٻڪ جي پڇي سگھن ٿا. اھا ڳالھه ڪلاس جي ذھين شاگردن کي تمام گھڻو پسند آئي.
مون اٿندي ئي پھرئين وڃي ڪاليج لائبريري جي چارج ورتي، ھڪ ته مونکي خود مطالعي جو تمام گھڻو شوق ھوندو ھو. ٻي ڳالھه اھا ته اھي لئبريرين ۾ پيل لاوارث ڪتاب ڇنڊي ڦوڪي شاگردن جي سامھون آڻي، انهن جي مطالعي لاءِ شاگردن ۾ آمادگيءَ جو شوق پيدا ڪرڻ، ان لاءِ مون ڇا ڪيو جو سموري لئبريري مان شاگردن جي نصاب خواھه عام مطالعي بابت اھم ڪتاب چونڊي ھڪ ڪٻٽ ڀري وڃي ھاسٽل جي انچارج جي حوالي ڪيا ۽ سندس ڊيوٽي لڳايم ته جنهن به شاگرد کي جيڪو ڪتاب پسند اچي، اھو ان کي جاري ڪري. ان جو نتيجو اھو نڪتو جو ڪافي شاگرد مطالعي ڏانهن مائل ٿيا، انهن مان ڪافي ذھين شاگرد اڳتي ھلي ترقيءَ وارن عھدن تي پھتا.

ڪاليج جي ھم ڪار دوستن جو تعارف

ڪاليج جي ھم ڪار دوستن جو تعارف

ان وقت ڪاليج جو پرنسپال مسٽرعسڪري صاحب ھو. چوڌري محمد علي جٽ، جيڪو سانگھڙ جو رھاڪو ھو، اردو پڙھائيندو ھو. محترم غلام محمد آرائين اصل ديھه 22 جو رھاڪو، اتان کان سنڌي ميڊيم وسيلي تعليم حاصل ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سائنس ۾ گريجوئيشن ۽ ايم ايڊ جي ڊگري رکندڙ سائنس جي ٽيچر طور پاڙھيندو ھو. اسان جو دوست مولوي محمد الياس پنهور اصل دادوءَ جي پاسي جو رھاڪو، ھاسٽل جو انچارج ۽ ڪاليج جي پارڪن جو ناظم، وڏين خوبين جو مالڪ، نهايت دلچسپ شخصيت رکندڙ بزرگ ھو. فزيڪل ايجوڪيشن جو ٽيچر راجا محمد اشرف چڪن جو رھائشي، فوجي فيملي سان واسطو رکندڙ، دراز قد، شيرين اکين وارو ھمراھه وڏو آڙيڪاپ ماڻھو ھو. محترقمر سومرو (ميوزڪ ٽيچر) پھرئين ملاقات ۾ دوست ٿي ويو. ھيءُ ھمراھه به دادو پاسي جو ھو. موسيقيءَ جي تعليم ٽنڊي آدم ۾ استاد منظور علي خان کان ورتي ھئائين. نهايت ڌيمن سرن ۾ ڪافي ڪلام خاص ڪري غزل جو سھڻو راڳي ھو.
باقي رھيو عبدالسلام شاھه ڊرائينگ ٽيچر، ڪاروباري ماڻھو ساڳئي وقت فوٽو گرافيءَ جو دوڪان به ھلائيندو ھو ۽ ھتي به ڊيوٽي ڏيندو ھو.

ميوزڪ ٽيچر قمر سومرو

ميوزڪ ٽيچر قمر سومرو

ھيءُ دوست يار ويس ماڻھو ھيو. ھاسٽل جي مٿئين منزل جي ھڪ ڪمري ۾ ھارمونيم رکي روزانه رياض ڪندو ھو. ديدار پوشاڪ ۾ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ رھندڙ، پيارو فنڪار ھيو. قمر سومري جي ڊرائينگ ٽيچر سلام سان ڪونه پوندي ھئي. ھو ھن کان پڇندو ھو ته ”تون شاھه ٿو سڏائين، تنھنجو والد قاضي ٿو سڏائي، تنھنجو سوٽ فوٽو گرافر رضوي ٿو سڏائي، ھيءُ ڪھڙو ڊرامو آھي؟“ سندس ان ڳالھه تي سلام شاھه ناراض ٿي اٿي ويندو ھو. قمر سومرو پوءِ سانگھڙ مان بدلي ڪرائي ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ بدلي ڪرائي ويو. اتي ساڻس ڪچھري ٿيندي رھندي ھئي.

مولوي محمد الياس پنهور

مولوي محمد الياس پنهور

مولوي صاحب اصل دادو پاسي جو رھاڪو ھو، سندس شروع کان مقرري ھن ڪاليج ۾ ٿي ھئي. مولوي صاحب سادي طبيعت جو ھڪ خوش دل ماڻھو ھو. اسان جو سينيئر دوست چوڌري محمد علي، مولوي صاحب سان چرچا ۽ شرارتون ڪندو رھندو ھو. مولوي صاحب ھاسٽل ۽ ميس جو انچارج، پارڪن جو انتظام رکندڙ، پاڻيءَ جي واري وقت نظاماڻين جي ڪمدارن کان پنھنجي حصي جو پاڻي حاصل ڪندو ھو. آسپاس جي مسجدن ۾ پيش امام ٿي رھيو. تنهنڪري محلي ۾ ڪافي واقفيت رکندڙ ھو.
مولوي صاحب سان ھڪ دفعي چوڌري محمد علي مزيدار شرارت ڪئي. اسان جي ڪاليج ۾ وئڪيشن دوران فوجين جي ھڪ ٽيم اچي رھندي ھئي. مولوي صاحب فوجين جو آڳو پيڇو ڪندو رھندو ھو. کين نمازون به پڙھائيندو ھو. وئڪيشن دوران فوجي پنھنجي ميس ھلائيندا ھئا. اڪثر ڪري ٻڪر ذبح ڪري گوشت رڌيندا ھئا. عجب ڳالھه ھئي ته فوجي ٻڪر جي منڍي استعمال نه ڪندا ھئا. تنهنڪري اھا مولوي صاحب جي حوالي ڪندا ھئا. جيڪو ان جا ميڄالا ۽ مغز پچائي جُڃ ڪندو ھو. فوجي ڪئمپ ختم ٿيڻ تي لڏو کڻڻ کان اڳ پرنسپال صاحب کان ڪليئرنيس سرٽيفڪيٽ وٺي روانا ٿيندا ھئا. چوڌري محمد علي ان ڏينهن ڏٺو ته پرنسپال جي ميز تي ھڪ الماريءَ جو لاڪ، جيڪو الماريءَ مان ٻاھر نڪتو پيو ھو. مولوي صاحب کي سڏي چيائين ته ”ھي ڏس ڪھڙو پرزو فوجي وساري ويا آھن؟ لڳي ٿو، ڪنهن ريڊار جو پرزو آھي. تنهن ڪري ڏاڍو راز وارو پرزو آھي، ھاڻي جيئن تون ان ٽيم جو انچارج ھئين، تنهنڪري اھو پرزو به ڪپڙي ۾ ويڙھي، وڃي شھدادپور ۾ فوجي ڪنوائي وٽ پھچي انهن جي حوالي ڪري اچ. پر ياد رک ته پرنسپال کان ان خفيه پرزي متعلق ليٽر لکائي کڻي وڃ ته متان رستي ۾ ڪا ايجنسي نه پڪڙي وٺي.“ مولوي صاحب تياري ڪئي. ڪُلو ٻڌائين، شيرواني زيب تن ڪيائين، پرزو ڪپڙي ۾ ويڙھي وڃي پرنسپال صاحب کي ليٽر لکي ڏيڻ لاءِ چيائين! پرنسپال صاحب چيس ته ”بابا! اھو پرزو ته ڏيکار“ مولوي ڪپڙو کولي الماريءَ جو ڀڳل لاڪ ان کي ڏيکاريو! پرنسپال کلي چيس ته ”ميان! ھي ته لوھي ڪٻٽ جو اندروني تالو آھي. توکي ڪنهن چيو ته ھي ريڊار جو پرزو آھي!! ماٺ ڪري وڃي ٽيچرس روم ۾ ويھه!“ پوءِ مولوي صاحب، چوڌري محمد علي کي اچي صلواتون سڻايون، اسين سڀ کلي کلي کيرا ٿي پياسين. بھرحال مولوي ڏاڍو پيارو ۽ مزيدار ماڻھو ھو، سندس ٻول ھميشھ ياد رھندا.

مولوي محمد الياس جو حج تي وڃڻ جو واقعو

مولوي محمد الياس جو حج تي وڃڻ جو واقعو

حج تي وڃڻ ھر ھڪ سرنديءَ واري مسلمان لاءِ فرض ھوندو آھي، پر ھتي ڳالھه آھي ھن غريب مولوي جي معجزانه طور حج تي وڃڻ جي. اھا به V.I.P حج ڪرڻ جي. ٿيو ائين جو ھڪ ڏينهن، حج وارن ڏينهن ۾ مون مولوي صاحب کان پڇيو ته ”توھان حج ڪرڻ چاھيو ٿا؟“ جواب ڏنائين ته ”ھائو سائين! پر اھو ڪيئن ممڪن ٿيندو؟“ مون کيس چيو ته ”ھڪ سفيد ڪاغذ آفيس ڪلارڪ کان وٺي اچ ته پاڻ حج بابت درخواست ٿا موڪليون، جناب صدر پاڪستان محمد ضياءُالحق ڏانهن“ مولوي صاحب ڪاغذ کڻي آيو، مون نهايت ادبن سان اردو زبان ۾ سندس حج جي درخواست پاڪستان جي صدر ڏانهن لکي ته ” غريب ديني عالم آھيان، اسلامي تعليم جي خدمت ڪندو پيو اچان، منھنجو عرض آھي ته مونکي سرڪاري خرچ تي حج جي سعادت بخشي وڃي!“
مولوي صاحب جي درخواست صدر پاڪستان کي بذريعه رجسٽري رواني ڪئي سون. مولوي محمد الياس، سندس درخواست جي قبوليت جو انتظار ڪندو رھيو پر ڪوبه جواب ڪونه آيو. پاڻ چيائين ته ”سائين! آخري حج پرواز به اڄ خيرسان رواني ٿي چڪي آھي!“ مون کيس دلاسو ڏنو ته مولوي صاحب ھن سال نه ته آئينده سال وري ڪوشش ڪنداسين!“
انهن ڏينهن ۾ آئون ۽ مولوي صاحب، آفيس جي ڪم سان حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين ۾ ويل ھئاسين ته سانگھڙ مان فون آيو ته مولوي محمد الياس کي ڊپٽي ڪمشنر طلب ڪيو آھي، جلد اچي حاضر ٿئي. مولوي صاحب چيو ته خبر نه آھي ڊپٽي ڪمشنر صاحب، ڪھڙي مسئلي بابت طلب ڪيو آھي. بھرحال مولوي ڪم اڌ ۾ ڇڏي، واپس وڃي ڊي سي آفيس ۾ حاضر ٿيو. کيس ٻڌايو ويو ته سڀاڻي صبح جو توکي حاجي ڪئمپ ڪراچيءَ ۾ پھچڻو آھي. جتان توکي حج تي روانو ٿيڻو آھي. ڪمال معجزو ٿي ويو. مولوي صاحب ھتان ھتان ٻه ٽي سئو اڌارا وٺي، رات و رات وڃي حاجي ڪئمپ پھتو. اتي مولوي صاحب کي سرڪاري طور حج بابت سڀ سرڪاري دستاويز ڏنا ويا. پر ان سان گڏ چڱي موچاري زاد راھه بابت رقم، حج بابت لباس، ھڪ شاندار سوٽ ڪيس به کيس ڏنو ويو! اصل ۾ ھن ڀاڳ واري ماڻھوءَ جي قسمت ۾ اھو معجزو ٿي گذريو. اصل حقيقت اھا ھئي ته ان سال ڪنهن سعودي شھزادي ٻه سئو مسلمانن کي حج ڪرائڻ پئي چاھيو. ان لاءِ ھن خصوصي جھاز روانو ڪيو، جنهن ۾ اسلام آباد کان حاجي سوار ٿي ڪراچي آيا، جتان سنڌ وارا حاجي جھاز ۾ سوار ٿيا. ان ڏينهن شام جو مون ٽيليويزن ڏٺي ته احرام پھريل مولوي محمد الياس کي حج جو وزير پاڻ جھاز ۾ سوار ڪرائڻ لاءِ موجود ھو!!

چوڌري محمد علي صاحب

چوڌري محمد علي صاحب

چوڌري محمد علي پنجاب جي ضلعي ھوشيارپور مان ھجرت فرمائي، سانگھڙ سنڌ ۾ اچي پڌاريو. پھريائين چڪن پاسي رھندڙ ھو. جتي سندس ٻيا عزيز رھندڙ ھئا. چوڌري صاحب، پھريان زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ ھو، پوءِ بي اي، بي ايڊ پاس ڪري اچي تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. چوڌري محمد علي جٽ ھئڻ جي ناتي سان سکن جا سوين لطيفا ٻڌائيندو رھندو ھو. ڪاليج ۾ اردو پاڙھيندڙ ھو. سائين غلام محمد آرائين، چوڌري محمد علي سان سندس لطيفن ۽ شرارتن جو جواب ڏيندو رھندو ھو. آرائين صاحب پنجابي ٻوليءَ ۾ چوندو ھو ته ”چوڌري محمد علي ني جدون وي گل ڪرڻي ھوندي آ، ھميشه ”پُٺي گل ڪردا!“ يعني ته چوڌري محمد علي جڏھن به ڪا ڳالھه (صلاح) چوندو آ ته ھميشھ ابتي ڳالھه ڪندو آھي. چوڌري محمد علي ھميشھ عجيب و غريب شرارتون ڪندو رھندو ھو. اسان جي ڪاليج ۾ محترم غلام محمد سومرو صاحب بدلي ٿي آيو. باريش بزرگ، نيڪ نمازي، سنڌي ٻوليءَ جو بھترين استاد، سادو ۽ صابرين استاد، سندس فرزند ان وقت نائين ۽ ڏھين ڪلاس ۾ پڙھندڙ ھئا. اصل سڪرنڊ جي پاسي جو ھيءُ بزرگ عقد ثاني يعني ته ٻي شادي ڪرڻ جي زبردست خواھش رکندڙ ھو. چوڌري محمد عليءَ کي سندس ان اڇا جي خبر پئجي وئي. ھن ھڪ شرارتي سازش سٽي ورتي چڪن پاسي چوڌريءَ جا ڪجھه چرچائي دوست ھوندا ھئا. انهن جي خاندان جو حوالو ڏئي، سائين غلام محمد سومري صاحب کي چيائين ته سائين چڪن مان ڦلاڻي فيمليءَ مان عقد ثاني لاءِ رشتو ته ملي ويندو، پر جيئن ته ھو ماڻھو ڪجھه قدر ماڊرن آھن، ان ڪري اوھان به پاڻ ۾ ڪجھه قدر تبديلي آڻيو ته جيئن اھو رشتو ملي سگھي. پھرئين تبديلي اھا ته ريش مبارڪ کي ڪجھه قدر مختصر ڪريو ۽ ان جي سفيد رنگ کي خضاب لڳائي ڪاري ڪريو ته پوءِ ھلي ٿا رشتو طلب ڪريون! بزرگ صاحب ان ڳالھه تي يڪدم عمل ڪيو. ظاھر آھي ته ان ميڪ اپ بعد سائين ڪجھه قدر نوجوان نظر اچڻ لڳو. اسان سڀني دوستن ان تبديلي کي خوش آمديد چيو! پر ان سموري ڊرامي جو ڊراپ سين ان وقت ٿيو، جڏھين ان نقلي فيملي رشتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو. سائين کي ظاھر آھي ته ڪجھه صدمو ته پھتو، پر سائين سومرو صاحب ”تو نهين اور سھي!“ جي آسري تي عقد ثاني بابت جدوجھد جاري رکندو آيو. چوڌري محمد علي جي شرارتن جو سائين غلام محمد آرائين ھميشھ سخت جواب ڏيندو رھندو ھو. چوڌري صاحب پروموشن کان پوءِ ھن ڪاليج جو پرنسپال به ٿي رھيو. عجب خوش مزاج ماڻھو آھي. حال حيات اڌ فيملي ملتان، اڌ سانگھڙ ۾ رھيس ٿي. تنهنڪري ھميشھ ريل گاڏي ۾ ملتان ويندو رھندو آھي. جنهن لاءِ غلام محمد آرائين چوندو ھو ته ”چوڌري بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندو آھي. ٽي – ٽي کي ايندو ڏسي سيٽ ھيٺيان يا باٿ روم ۾ لڪي ويندو آھي“

محترم غلام محمد آرائين

محترم غلام محمد آرائين

آرائين صاحب اصل ديھه 22 جمڙائو جو رھاڪو. سندس وڏا سن 1890ع ڌاري جلنڌر مان، ٿرپارڪر جو ڪمشنر جيمس لڏائي ھت وٺي آيو ھيو. انگريز جو خيال ھو ته پنجابي لوڪ زراعت جا وڌيڪ محنت ڪندڙ ماڻھو ساڳئي وقت انگريز سرڪار جا وفادار بندا پڻ آھن. اھو ان ڪري جو انهيءَ دور ۾ ھتي انگريز خلاف مکي ٻيلي ۾حر گوريلا تحريڪ ھلندڙ ھئي. انگريز جمڙائو ڪئنال تعمير ڪري رھيو ھيو. جنهن جي پيچ ڊگھڙي تائين پھچڻي ھئي ۽ ھيءُ سمورو علائقو انگريز جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري لاءِ ”ڪاٽن بيلٽ“ وانگر ڪپھه جي پيداوار ڏيڻ وارو ھو. ان ڪري انگريز سنجھوري کان وٺي جيمس آباد، ڊگھڙي تائين پنجابي لوڪ آڻي آباد ڪيا ۽ سن 1901ع ۾ جمڙائو واھه وھي ھليو.
غلام محمد آرائين سائنس گريجوئيٽ، ايم ايڊ پاس سنڌي خوانده بھترين استاد ھو. اڪثر ڪري ھيڊ ماسترن سان سندس ٺاھه نه رھندو ھو. ڇاڪاڻ جو ھو سچ سندن منهن تي وھائي ڪڍندو ھو. آرائين صاحب سان منھنجي دوستي آخر تائين قائم رھي. سندس ٽي فرزند جيڪي سنڌي ميڊيم سان پڙھيا، ٻه ڊاڪٽر ٿيا ۽ ٽيون ڇوڪرو مال جو ڊاڪٽر بنيو. محترم آرائين صاحب دوستن جو دوست نهايت خوش مزاج انسان خاص ڪري مونسان تمام مھربان رھيو. خاص ڪري 1988ع ۾ منھنجي سخت بيماري ۽ ميجر آپريشن دوران، منھنجي ھمت ۽ حوصلو وڌائيندو رھيو. حق مغفرت ڪري عجب آزاد ماڻھو ھو.

محمد اقبال ملڪ

محمد اقبال ملڪ

محمد اقبال ملڪ 1972ع ڌاري گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿي آيو. ان وقت ھي صاحب برطانيه مان رياضيءَ جي مضمون ۾ ھڪ سال جي تربيت وٺي آيو. ھاءِ اسڪول ۾ ٿورو وقت رھڻ کان پوءِ کيس بيورو آف ڪريڪيولم حيدرآباد ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور گھرايو ويو. اُتان کان پوءِ اسان جي ٽرينگ ڪاليج جو پرنسپال ٿي آيو. اصل ۾ ملڪ صاحب چڪن جو رھاڪو ھو. سندس والد صاحب رٽائر فوجي ھو ۽ کيس ان پاسي زمين مليل ھئي. اقبال ملڪ صاحب انتهائي ايماندار ۽ سٺو منتظم پرنسپال ٿي رھيو. ان سان گڏ ھڪ مثالي استاد پڻ ھو. ٽرينگ ڪاليج ۾ ڪجھه عرصو گذارڻ بعد کيس وري واپس بيورو آف ڪريڪيولم ۾ مقرر ڪيو ويو. مونکي يقين محمد لغاري جي انتقام کان پڻ بچائيندو رھيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ وڃي مقيم ٿيو.

يقين محمد لغاريءَ جو ڪارو ڪال

يقين محمد لغاريءَ جو ڪارو ڪال

ٽريننگ ڪاليج سانگھڙ ۾ يقين محمد لغاري ميرپور خاص جي ڪنهن اسڪول مان بدلي ٿي آيو ھو. ھيءُ صاحب خانصاحب عزيز محمد بلوچ لغاري جو نياڻو ھو. اصل ۾ اردو خواندھه، ايم اي انگريزي، ايم ايڊ ۽ ايل ايل بي جا سرٽيفڪيٽ رکندڙ ھو. ڪنهن به بحث يا ڪچھريءَ دوران سندس تڪيه ڪلام اھو ھوندو ھو ته ”توھان منھنجي ڳالھه نه ٿا سمجھو!“ اصل ۾ ھو صاحب سمجھڻ واري انداز ۾ ڳالھه ڪري ڪونه سگھندو ھو. ڪلاس ۾ به سندس ڪارڪردگي اھا ھئي ته شاگردن کي آخر تائين پتو نه پوندو ھو ته سائين اڄ ڪھڙي مضمون بابت ليڪچر پيو ڏئي.
منهنجا جيتوڻيڪ سانگھڙ وارن سندس عزيزن سان سٺا تعلقات ھئا. خاص ڪري محترم محمد اسماعيل لغاري بلوچ ايڊوڪيٽ سان ادبي دوستي رھي. ھي صاحب سرائيڪي ٻوليءَ جو صاحبِ طرز اديب ھو. ان کان علاوه يقين محمد جي ٻين عزيزن سان پڻ منھنجي دعا سلام ھئي. پر خبر نه آھي ته ڪھڙي سبب جي ڪري ھو دل ئي دل ۾ مون کان تعصب رکندڙ ھو.
پرنسپال جي چارج وٺڻ بعد ھڪ مھيني جي اندر محترم عبدالرشيد لغاري جيڪو اسان جي پرئڪٽسنگ پرائمري اسڪول جو ھيڊ ماستر، سٺو اديب، شاعر ۽ بھترين منتظم استاد ھو. ان خلاف سنگين الزام لڳائي ڊائريڪٽر ڏانهن موڪلي ڏنائين. رشيد لغاري صاحب جا سنڌ جي پرائمري استادن يعني پ-ٽ-الف وارن سان تمام گھاٽا تعلقات ھئا. جيستائين ڪا انڪوائري ٿئي، ان کان اڳ رشيد صاحب ٽريننگ ڪاليج کان جيڪو بيورو آف ڪريڪيولم جي زير انتظام ھو، بدلي ڪرائي ضلعي جي پرائمري اسڪول ۾ ويو ھليو. ڪجھه وقت کان پوءِ ھن صاحب ڇا ڪيو جو مسٽر غلام محمد آرائين صاحب خلاف ڪوڙا الزام ۽ شڪايتون لکي سندس سانگھڙ مان بدلي ڪرائي، خيرپور ميرس وڃي پھچايو. ظاھري طور ڪنهن به اختلاف جو ڪو بنياد ئي ڪونه ھو. اصل ۾ يقين محمد جو سالو ڊاڪٽر بوئي خان ڪراچيءَ ۾ وڏي اٿي ويٺي وارو ماڻھو ھو، ان جي زور تي ھن ھمراھه ھي سڀ حرڪتون پئي ڪيون. آئون جيئن ته سنڌي خواه اردو زير تربيت شاگردن سان تمام سٺو سلوڪ رکندڙ ھوس. سنڌي وارا نوجوان استاد جن کي شعر و شاعري ۽ ادب سان دلچسپي ھوندي ھئي. انهن جي ھمت افزائي ڪندو ھوس. ڪافي قدر شاگردن ۾ مون سنڌي ادب جي مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ سان گڏ کين لکڻ پڻ سيکاريو. ان زماني ۾ غلام مصطفى زرداري ھتي زير تربيت شاگرد ھو. اھو مونکي سندس شاعري ڏيکاريندو ۽ داد وٺندو ھو. اھو ھمراھه پوءِ سي ايس ايس ڪرڻ بعد اسلام آباد ۾ وڏو ڪامورو ٿي رھيو. پر جڏھين به سانگھڙ ايندو ھو ته مونسان ضرور ملندو ھو. حالانڪه منهنجا ٻيا به ڪيترائي شاگرد وڏن عھدن تي پھتا پر نه مون وٽ اچي مونسان مليا ۽ نه ڪو مون ساڻن رابطو رکيو.
بھرحال يقين محمد جي عتاب سھڻ جو ھاڻ منھنجو وارو آيو. منھنجي خلاف ھڪ وڏي رپورٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي لکيائين ته ”ھيءُ ماڻھو ڪميونسٽ ۽ جيئي سنڌ سان واسطو رکندڙ آھي. ھتي ڪاليج ۾ ويھي نوجوانن کي گمراھه ڪري رھيو آھي.“ پوءِ الله ڏئي پناھه اھا رپورٽ ان وقت جي ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم وٽ پھتي. جيڪو دادو ضلعي جو انتهائي سخت گير مزاج رکندڙ انسان ھو. سندس رويو اھڙوئي ھوندو ھو، جھڙو اڄ ڪلھه فضل الله پيچوھو جو استادن سان سندس سيڪريٽري شپ جي دوران اسان ڏٺو. بقا محمد قريشي مون خلاف ھڪ دفعو نه پر ٻه دفعا طويل انڪوائريون ڪرايون. ڳالھه ۾ ته ڪجھه به ڪونه ھو پر تنهن ھوندي به مونکي سانگھڙ مان بدلي ڪري حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج موڪليو ويو. ياد رھي ته ٽريننگ ڪاليج جي برباديءَ جو بنياد يقين محمد لغاري نهايت مھارت سان رکي چڪو ھو. ان زماني ۾ پٽيوالا. چوڪيدار، مالھي وغيره پرنسپال مقرر ڪري پئي سگھيو. يقين محمد ڇا ڪيو جو ھڪ شيدي ذات جي ڪرمنل ۽ بدنام شخص کي چوڪيدار پئي مقرر ڪيو. مون چوڌري محمد علي کي چيو ته، لغاري صاحب کي سمجھايو ته اھو ماڻھو ڪاليج کي تباھه و برباد ڪري ڇڏيندو! چوڌري محمد علي به ڪرمنل ماڻھو کي چڱي طرح سڃاڻندو ھو. پر پاڻ خود لغاري صاحب کي چوڻ بجاءِ اسان جي مولوي محمد الياس پنھنور کي موڪليائين، جنهن وڃي يقين صاحب کي چيو ته اھو ماڻھو عادي ڪرمنل ۽ منشيات جو عادي آھي. ان کي چوڪيدار ڪري نه رکو. بھرحال يقين محمد ان بدنام زمانا ماڻھوءَ کي چوڪيدار مقرر ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ھن ٽريننگ ڪاليج جو زوال شروع ٿي ويو. اسڪولن مان پکا ۽ ضروري شيون غائب ٿيڻ لڳيون. رات جو ڪاليج ڪئمپس ۾ غنڊن جو راڄ قائم ھوندو ھو. مجال آھي جو ڪو شريف ماڻھو ڪمري مان ٻاھر نڪرڻ جي جرئت ڪري! اھڙي طرح ھي تمام سھڻي ڪاليج ڪئمپس ويران ٿيندي ويئي. سٺا استاد بدليون ڪرائي ھليا ويا. ڪاليج ڪئمپس جي چارديواريءَ کي ٽوڙي، ڀر واري ڪالونين جي ماڻھن جي اچ وڃ جا رستا جوڙي ڇڏيا. وڻ، گل، پارڪ سڀڪجھه برباد ٿي ويو.
گذريل سال (2017ع) ڊاڪٽر محمد لائق زرداري مونکي فون ڪيو ته سڀاڻي آئون ٽريننگ ڪاليج سانگھڙ ڏسڻ ايندس، توھان به اچجو. ياد رھي ته ڊاڪٽر لائق زرداري شروع ۾ ھن ٽريننگ ڪاليج ۾ جونيئر استاد ٿي آيو ھو ۽ پنھنجيون ساروڻيون ونڊڻ لاءِ ڪاليج ڏسڻ پيو چاھي. مون کيس چيو ته ”يار! اچ ته ھن ڪاليج جي برباديءَ تي گڏجي ماتم ڪنداسين!“ بھرحال ٻئي ڏينهن زرداري صاحب ڪاليج پھچي ويو ۽ آئون به وڃي حاضر ٿيس. ڪاليج جي ويراني تي مرثيا پڙھياسين. ان وقت ھن ڪاليج جو پرنسپال نواب شاھه سان تعلق رکندڙ پرجوش حوصله مند نوجوان ڀٽي صاحب مليو. جنهن ٻڌايو ته مون ھن ڪاليج مان غنڊن جي ٽولي کي ڀڄائي ڪڍيو آھي ۽ ڪاليج جي چارديواري جي پڻ تعمير شروع ٿيڻ واري آھي. ھن صاحب تازو تازو ڪاليج جي ڪئمپس ۾ ڪونو ڪارپس جا چڱا موچارا وڻ لڳايا آھن. بھرحال ھن نوجوان جي ھمتن کي شاباس آھي.

بيورو آف ڪريڪيولم- آپا شمس عباسيءَ جو دور

ضياءَ الحق جي دور ۾ سنڌ جي نصاب سازي واري اداري کي غير معمولي اھميت ڏني ويئي. سنڌ جون سڀ ٽريننگ ڪاليجون تعليم کاتي بدران، بيورو آف ڪريڪيولم جي ڪنٽرول ۾ اٽيچ ڊپارٽمينٽ قرار ڏيئي، ان جي حوالي ڪيون ويون. انسپيڪٽر آف ٽريننگ انسٽيٽيوشنس جو عھدو برقرار رکيو ويو. انهيءَ زماني ۾ آپا شمس عباسي بيورو جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ اچي انتظام سنڀاليو. آپا شمس عباسي حيدرآباد جي قاضي خاندان مان ھئي. سندس رھائي رسائي اسلام آباد تائين ھوندي ھئي. آپا جي اچڻ بعد ھن کاتي مان بيورو ڪريسي وارا طريقا بلڪل ختم ٿي چڪا. ڇاڪاڻ ته آپا جو چوڻ ھيو ته ”No bossing in bureau“ يعني بيورو ۾ افسرشاھي بلڪل ختم. آپا ساڳي وقت سڀني ڪاليجن جي پرنسپالن ۽ بيورو ۾ ڪم ڪندڙ ماھرِ مضمون آفيسرن کي اھو ٻڌائي ڇڏيو ته اوھان جو رويو ٽريننگ ڪاليجن جي استادن سان تعليمي ۽ دوستانه رھندو. نتيجو اھو نڪتو جو سنڌ جي سڀني تربيتي ادارن ۾ ھڪ مثبت تبديلي اچي وئي. ان زماني ۾ عالمي بئنڪ ۽ آمريڪا سرڪار پڻ پاڪستان تي تمام گھڻي مھربان ھئي. نصاب جي سڌاري ۽ استادن جي تربيت لاءِ تمام گھڻا پروجيڪٽ جاري ٿيا. ان ڪم ۾ آپا شمس عباسيءَ جو وڏو ڪردار رھيو. ھيءَ مائي سندس انتظام ھيٺ ڪم ڪندڙ سموري عملي جي خبر چار رکندي ھئي. مجال آھي جو ڪو ڪلارڪ يا اڪائونٽنٽ ڪا اڙي ڪري.
آپا صاحبه جي ڪوشش ھوندي ھئي ته تربيتي ادارن ۾ پاڙھيندڙ استادن جو علمي استعداد بلند ڪيو وڃي. ان لاءِ مختلف مضمونن بابت سيمينارن جو ھڪ سلسلو جاري ٿيو. جنهن ۾ ولايت مان آيل ماھر اچي تربيت ڏيندا ھئا. ان زماني ۾ منعقد ٿيندڙ سيمينار نه رڳو تعليمي، تدريسي سرگرمين جي ڪري دلچسپ ھئا پر انهن ۾ شرڪت ڪندڙ خواتين و حضرات پڻ ديکا ديکي ديدارخواھه پوشاڪ ۾ سھڻا لڳندا ھئا. آپا جي ڪوشش ھئي ته ھنن ڪاليجن ۾ پاڙھيندڙ HST جا عھدا وڌائي کين سترھين گريڊ ۾ ليڪچرر جو عھدو ڏنو وڃي ۽ ٽريننگ اسڪولن جو درجو وڌائي ”اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن“ قرار ڏنو وڃي. اھي ترقياتي ڪم آپا صاحبه جي دور ۾ ٿي گذريا. آپا صاحبه جي اھڙين ڪوششن سبب استادن جي تربيت جو معيار بلند ٿيو. نه صرف ايترو پر تربيتي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي ٻاھرين ملڪن برطانيه، آمريڪا خواھه آسٽريليا ۾ مطالعاتي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ جا موقعا پڻ فراھم ڪيا ويا. آئون يقين سان چوان ٿو ته سنڌ جي ٽيچر ايجوڪيشن جو آپا جي سربراھي وارو دور سونهري دور ٿي گذريو آھي. آپا شمس عباسي جڏھين رٽائر ٿي سموري سنڌ جي ٽريننگ ڪاليجن آپا جي مان ۾ انڊس ھوٽل حيدرآباد ۾ شاندار الوداعي پارٽي ڏني. آپا صاحبه کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ھڪ سونو ھار به ڀيٽا طور ڏنو.

محمد شريف طالب جو سانگھڙ ڪاليج ۾ اچڻ

محمد شريف طالب جو سانگھڙ ڪاليج ۾ اچڻ

ھي 1977ع ڌاري جي ڳالھه آھي ته ميرپور بٺوري ٽريننگ ڪاليج مان شريف طالب بدلي ٿي سانگھڙ ڪاليج جوائن ڪئي. محمد شريف طالب ضلعي سانگھڙ جي اوائلي پنجابي جٽ آڪھه سان واسطو رکندڙ ھو. جن کي انگريز جمڙائو ڪئنال تي زمينون ڏنيون. شريف طالب جي آبائي ٻني دلور موري وٽ واقع ھئي. سندن ننڍڙو ڳوٺ پڻ آباد ھو.
شريف دراز قد، ديدار خواھه پوشاڪ ۾ پرڪشش، کيس شاعريءَ جو شوق پڻ ھيو. سنڌي خواندھه ھجڻ ڪري سٺي شاعري لکندو ھو. عاشق مزاج بندو، سندس شخصيت، قد ڪاٺ ڏسي مخالف جنس به کانئس متاثر لڳندي ھئي. شريف طالب کي فوٽو گرافي جو تمام گھڻو شوق ھو. ھو ھميشھ ھڪ معياري ڪئميرا تيار رکندو ھو. سنڌ ۾ قلندر شھباز جي ميلي کان وٺي ڀٽائي جي ميلي ۾ ٿيندڙ ثقافتي تقريبن جي فوٽو گرافي ڪندو ھو. منھنجي ھڪ اندازي ۾ وٽس انهن تاريخي پروگرامن جي فوٽو گرافيءَ جو وڏو خزانو موجود ھو. طالب صاحب ساڳئي وقت موسيقي سان به لڳاءَ رکندو ھو. ميرپور بٺوري جي ڪاليج ۾ خاصخيلي ڳائڻن سان سندس گھاٽي ياري دوستي ھئي. طالب صاحب جي، استاد محمد جمن سان به گھري دوستي ھئي. استاد محمد جمن خود به ياري دوستي وارو فنڪار ۽ ڪچھرين جو ڪوڏيو ھو، شريف طالب سان گڏ منھنجيون به ساڻس ڪچھريون ٿيون، شريف طالب جا محترمه عابده پروين سان به تمام سٺا تعلقات ھئا. اھا مائي صاحبه شريف طالب وٽ ٽنڊي آدم ۾ سندس مھمان به ٿي ايندي ھئي. شريف طالب ٽريننگ ڪاليجن جي زوال واري دور ۾ سانگھڙ جي ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. انهيءَ زماني ۾ سندس صحت خراب رھڻ لڳي. مون سندس دور ۾ نوڪريءَ مان رٽائرمينٽ ورتي. بھرحال طالب صاحب تمام پيارو دوست ھو. ھميشھ ياد رھندو.

بقا محمد قريشي جو دور

بقا محمد قريشي جو دور

آپا شمس عباسي صاحبه کان پوءِ مختصر عرصي لاءِ ڪجھه ڀلا ماڻھو ۽ ماھر تعليم بيورو جا ڊائريڪٽر رھيا. کوکر صاحب تمام ذھين ماھر تعليم ھو. جيڪو ھڪ ڪار حادثي ۾ گذاري ويو. ان کان پوءِ بقا محمد قريشي، جيڪو دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ ھڪ مخصوص منفي سوچ رکندڙ، نهايت سخت گير انسان اچي بيورو تي قابض ٿيو. ھن صاحب جي اچڻ جي ٿوري عرصي بعد بيورو ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن، اڪائونٽنٽ ۽ ڪجھه ماھر مضمون صاحبان جو مزاج انتهائي غير دوستانه بنجي ويو. آپا شمس عباسي جن ڪلارڪ گريڊ جي ماڻھن کي ترقيون ڏياري وڏن عھدن تي پھچايو. انهن جو رويو انتهائي مغرور ڪامورا شاھي وارو بنجي ويو.
باقي رھيو آءِ ٽي آءِ محمد سليمان خاصخيلي صاحب، ھيءُ جينٽلمين نهايت مھربان ۽ راڄائتو انسان ھو. ان جي خلاف به اندرون اندر ڪا سازش ٿيڻ لڳي. منھنجي مٿان يقين محمد لغاري جيڪا ڪميونسٽ ۽ جيئي سنڌ ھجڻ جي رپورٽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کي موڪلي، ضياءُ الحق جو مارشلائي دور ھو. اھا درخواست جڏھين بقا محمد قريشيءَ وٽ پھتي، مون کي خبر پيئي ته آئون ساڻس وڃي مليس. کيس عرض ڪيم ته مسٽر يقين محمد عادتي شڪايتون ڪندڙ ماڻھو آھي. ھن مون مٿان ڪوڙا ليڪن سنگين الزام لڳايا آھن. توھان مھرباني ڪري ان کي ايتري اھميت نه ڏيو. مگر بقا محمد نهايت ڪاوڙ ۾ چيو ته تنھنجي مٿان انتهائي سخت الزام لڳل آھن. اسان انڪوائري ڪميٽي مقرر ڪئي آھي. اھا اچي سانگھڙ ۾ انڪوائري ڪندي. بھرحال حيدرآباد مان انڪوائري ڪرڻ لاءِ محمد سليمان خاصخيلي صاحب، ٻيو سنڌي ٻولي جو ماھرِ مضمون جيڪو مٽياري سان تعلق رکندڙ ھو ۽ ٽيون ميمبر ياد نه ٿو پوي ته ڪير صاحب ھو. اھي سانگھڙ ۾ اچي وارد ٿيا. مونکي ڪمري ۾ اڪيلو ويھاري، شڪايت واري رپورٽ ڏيئي چيائون ته ڏھن منٽن اندر ان جو جواب لکي ڏي! مون کانئن ان جي ڪاپي طلب ڪئي. پر جواب ڏئي ڇڏيائون. بھرحال مون ان ڪوڙي رپورٽ بابت ثابتين سان لکي ڏنو ته اھا ذاتي دشمني تي مبني آھي. توھان ڀلي ڪاليج اسٽاف جي استادن کان پڇا ڪري ڏسو! پوءَ ھنن ھمراھن ڪاليج اسٽاف جي سڀني استادن کان اڪيلائي ۾ پڇا ڪئي. مونکي اھا پڪ ھئي ته دوست مون تي لڳايل الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندا، ٿيو به ائين. آئون بھرحال انهيءَ دوران ٻڏتر ۾ رھيس ته آخر ڪھڙو نتيجو ٿو نڪري. آخرڪار ھڪ مھيني کان پوءِ مونکي چيو ويو ته ھاڻي ھڪ ٻي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي آھي. جنهن جو سربراھه سکر جي ٽريننگ ڪاليج جو پرنسپال ميراڻي صاحب پنھنجي ٽيم سان اچي انڪوائري فرمائيندو. ميراڻي صاحب بنا رک رکاءَ جي مونکي ٻڌايو ته مون ڊائريڪٽر صاحب کي لکي ڏنو آھي ته يقين محمد نهايت غلط الزام لڳايا آھن. ان کان سبب پڇيو وڃي. پر ڇا ٿيو جو مونکي سانگھڙ مان حيدرآباد ٽرانسفر ڪيو ويو. جتي ٻه ٽي مھينا ڪم ڪرڻ بعد خود بخود مونکي سانگھڙ موڪليو ويو. ياد رھي بقا محمد قريشيءَ بيورو ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر ماڻھن ۾ بيوروڪريسي جو ڪلچر واپس رائج ڪري ڇڏيو. ڪجھه ماھرِ مضمون صاحبن کي ڇڏي، ٻيا سڀ ھمراھه انتهائي مغرور صاحب بنجي ويا.
بقا محمد قريشي تربيتي نصابي پروگرام اندر ”سيمسٽر سسٽم“ رائج ڪيو. جنهن ته ھيڪاري تربيت، تعليم ۽ تدريس جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ڪاليجن جا استاد انهيءَ سسٽم بابت ڪا ڄاڻ ڪونه رکندا ھئا. ھن سسٽم ۾ رڳو اسائنمنٽ جي ڀرمار ھئي. شاگرد ڇا ڪندا ھئا، جو لڳ ڀڳ ساڳين موضوعن تي ھڪ ٻئي کان اسائنمنٽون لکائي پيش ڪندا ھئا. ان ڪري استادن مٿان تمام گھڻو ورڪ لوڊ وڌي ويو. جو ڪو به ڪم ڍنگ سان ڪونه پيو ٿئي.
بقا جي دور ۾ سنڌ اندر ۾ پرائيويٽ ٽريننگ ڪاليجن جو وڏو ڪاروبار کلي پيو. مٿان وري مزيدار ڳالھه اھا ته انهن مڙني پرائيويٽ نقلي ڪاليجن جي شاگردن جو امتحان بيورو آف ڪريڪيولم جو رجسٽرار وٺڻ لڳو. اھڙي طرح ھزارين ماڻهو نقلي طور پي ٽي سي ۽ سي ٽي جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري تعليم جي ڌارا۾ شامل ٿي ويا. انهن سان گڏ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي به فاصلاتي تعليم جي نالي ڪوس ڪرايا، جيڪي پڻ نقل جو شڪارٿيا.
بھرحال محمد بقا قريشيءَ جو دور ٽيچر ايجوڪيشن سنڌ جو انتهائي زوال وارو دور بنجي ويو. ھن صاحب جو ذاتي مزاج بلڪل اڄ ڪلھه جي سيڪريٽري ايجوڪيشن مسٽر پيچوھو صاحب جھڙو ھيو. الله معاف ڪريس، مونکي آخر تائين زيرعتاب رکندو آيو. ان زماني ۾ آئون سخت بيماري جي ڪري ڇھه مھينا موڪل وٺي ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ آپريشن ڪرائي ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري تي پيو ھوس. ھو صاحب منھنجي موڪل واري معاوضي جا ڪاغذ روڪي رکي ويٺو. نيٺ آئون سندن ذات واري ھڪ وڪيل وٽ دانهن کڻي ويس. ان پنھنجو فرزند مونسان گڏ محمد بقا قريشي ڏانهن موڪلي ڏنو. جنهن کيس چيو ته ھي استاد توھان تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اسان وٽ آيو آھي. اوھان آخر جائز ڪم ڇو نه ٿا ڪريو! ان بعد ھن منهنجا ڪاغذ وڃي اي- جي سنڌ ڏي روانا ڪيا! خدا رحم ڪريس، عجب ظالم مزاج ماڻھو ھو.

عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان پرائمري ايجوڪيشن پروجيڪٽ جو پروگرام

عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان پرائمري ايجوڪيشن پروجيڪٽ جو پروگرام

ھيءَ غالبن آڪٽوبر – نومبر 1979ع جي ڳالھه آھي، عالمي بئنڪ طرفان بنيادي تعليم جي سڌاري بابت تمام وڏي رقم سان پاڪستان ۾ انهيءَ پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي ويئي. ھن پروگرام تحت پاڪستان جي ماھرين تعليم کي ٻاھرين ملڪن ۾ مطالعاتي خواھه تربيتي پروگرامن لاءِ موڪلڻ جو بندوبست ڪرڻو ھو. اھي ماھرِ تعليم اھڙا ماڻھو ھئا. جن جو واسطو پرائمري تعليم جي نصاب ۽ خاص ڪري استادن جي تربيت سان ھيو. پاڪستان مان ھڪ ھڪ درجن ماھرن جا ٻه گروپ ٺاھيا ويا. جن کي پھريائين پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ طرفان مقرر ڪيل ماھرِ تعليم کي اسلام آباد، لاھور ۽ ڪراچيءَ ۾ اچي تعارفي تربيت ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو.
قسمت سانگي ڇا ٿيو جو انهن ماھرِ تعليم جي ھڪ گروپ ۾ منھنجو نالو بيورو آف ڪريڪيولم طرفان Alternate candidate جي حيثيت ۾ تجويز ڪيو ويو. ھن پروگرام جو اصل اميدوار سيد شيرشاھه، جيڪو منھنجو پراڻو واقفڪار دوست ھيو. سندس نالو Principal candidate جي حيثيت ۾ تجويز ڪيل ھو. ھن پروگرام ۾ اصل ڳالھه اھا ھئي ته Alternate candidate کي به انهن سڀني پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻي ھئي. جيڪي ھن پروجيڪٽ پروگرام جو حصو ھئا. مطلب منھنجو نالو ”پَخَ“ طور شامل ڪيو ويو. ان لاءِ سمورا مڪمل ڊاڪيومينٽ ورتا ويا ويندي پاسپورٽ تائين.
بھرحال انهيءَ پروگرام تحت اسلام آباد، لاھور، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تعارفي تربيتي پروگرامن ۾ سائين شيرشاھه سان گڏ آئون به ”پَخَ“ طور شريڪ رھيس. مونکي اھا سئو سيڪڙو پڪ ھئي ته اصل اميدوار سائين شيرشاھه آھي، جنهن کي ٻاھر موڪليو ويندو. سنڌ مان انهيءَ پروگرام لاءِ اسان جي سابق پرنسپال محترم اقبال ملڪ ۽ اسان جي پياري دوست محمد صالح گوپانگ جو نالو به شامل ھو. ان زماني ۾ تعليم کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محترم مراد علي خان نظاماڻي صاحب ھوندو ھو. ياد رھي ته مراد علي خان نظاماڻي صاحب، اسان جي تر جو رھاڪو ھو ۽ ڪنهن زماني ۾ جڏھين آئون پرائمري استاد ھوس، تڏھين اسان جو سپروائيزر به رھي چڪو ھو. ان زماني ۾ ھن صاحب مونکي چيو ته ”الھورايا! تون جيئن ته پرائمري ٽيچر رھي چڪو آھين. ھن پروگرام لاءِ سٺي انگريزي ڄاڻندڙ ماڻھو چونڊيا ويندا“ مون کيس چيو ته ”سائين! اصل اميدوار ته سيد شير شاھه صاحب آھي، باقي منھنجي انگريزي ڄاڻي آئون ڄاڻان!“ ڊسمبر 1979ع جي آخري ھفتي ۾ برٽش ڪائونسل جا ماھر تعليم حيدرآباد ۾ آيا، اسان سنڌ وارن سان ٻه ڏينهن پروگرام ڪيائون. جنهن ۾ تعليم جي مختلف موضوعات تي ڪجھه سوال جواب ڪجھه ڳالھه ٻولھه ٿي. ھنن دراصل اسان واري انگريزي ٻوليءَ جي صلاحيت کي پئي ڏٺو.
بھرحال قسمت جي ڪرڻي اھا ٿي جو. 12 جنوري 1980ع ۾ مونکي برٽش ڪائونسل طرفان بيورو آف ڪريڪيولم معرفت اطلاع ڏنو ويو ته آئون ٻاھرين ملڪ وڃڻ لاءِ تيار رھان! منھنجي حيرت جي حد نه رھي ته آخر ھي ڇا ٿيو؟ بھرحال انهيءَ دوران اسان کي Gratus Pasport ملي ويا. ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور ملائيشيا جي ھوائي ٽڪيٽ، ويزا وغيرهه سڀ ملي ويا. اسان واري گروپ ۾ سنڌ مان محترم عبدالحميد بلوچ، ڪراچيءَ وارو دوست مسٽر سميع الله ۽ آئون شامل ھئاسين. مونکي ھن ڳالھه تي تمام گھڻو تعجب ھيو ته آخر شير شاھه صاحب جو مک نالو ڇو ڪاٽيو ويو. حالانڪه شير شاھه نهايت ھلندي پڄندي وارو استاد ھو. خاص ڪري بيورو ۾ سندس تمام گھڻي رھائي پِڻ ھئي. خبرناھي ڇا ٿيو!
بھرحال 12 جنوري 1980ع تي اسان جي گروپ جا ٻارنهن ميمبر اچي موجود ٿيا. برٽش ڪائونسل جو نمائندو اسان کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪرڻ آيو ۽ اسان جي جھاز ڪراچيءَ کان اڏام ڀري. ان ڏينهن مون وٽ ايئرپورٽ ٽيڪس جا به ڏوڪڙ ڪونه ھئا. جيڪي شايد عبدالحميد کان اڌارا ورتم. بھرحال جھڙي تهڙي حال ۾ وڃي ڪوالالمپور جي ھوائي اڏي تي پھتاسين! جھاز مان لھڻ کان پوءِ خبر پئي ته ھتي ته سخت آڙنگ واري گرمي آھي. جسم تي پاتل سويٽر لاھي ڦٽي ڪياسون. اتي اسان جو استقبال برٽش ڪائونسل ڪوالالمپور جي نمائندي ڪيو. ڇاڪاڻ جو ھن اسٽڊي پروگرام جو ٺيڪو عالمي بئنڪ طرفان برٽش ڪائونسل کي ڏنل ھو. ملائيشيا جي پندرھن روزه اسٽڊي پروگرام بابت مون پنھنجي سفرنامي ”رنگارنگ ملائيشيا“ ۾ مڪمل تفصيل لکيو آھي. اھو ڪتاب سن 1983ع ۾ مرحوم آفتاب نظاماڻي صاحب جي ڪوشش سان شايع ٿيل آھي.

ملائيشيا ۾ 15 ڏينهن ترسڻ

ملائيشيا ۾ 15 ڏينهن ترسڻ

جيئن ته ملائيشيا ۾ اسان جي پروگرام جا 15 ڏينهن تمام گھڻي مصروفيت ۾ گذريا. ملائيشيا وارو برٽش ڪائونسل وارو ھمراھه ڪافي دلچسپ ۽ تعاون ڪندڙ انگريز ھو. انهن پندرھن ڏينهن جي مطالعي ۽ مشاھدي مان معلوم ٿيو ته ھيءُ ملڪ جيڪو 1948ع ۾ انگريز کان آزاد ٿيو. ھن قوم تعليم جي اھميت کي اوليت ڏيندي، پنهنجا پرائمري ۽ سيڪينڊري اسڪول اعلى معيار تي پھچائي ڇڏيا آھن. ھنن اسڪولن ۾ قومي سطح جي ٽيچرس ڪميشن جوڙي، اعلى صلاحيتين وارا استاد ڀرتي ڪري انهن کي تمام سٺي تربيت ڏئي، سٺين پگھارن ۽ سھولتن سان اسڪولن ۾ مقرر ڪيو آھي. اتي جي تعليمي ماھرن جو چوڻ ھو ته ھاڻي اسين ھائر سيڪينڊري ۽ يونيورسٽين جي تعليم جو بندوبست ڪري رھيا آھيون. پوءِ واقعي اھو به ثابت ڪري ڏيکاريائون. ھن وقت ملائيشيا جي يونيورسٽين جو معيار دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. بھرحال ھيءُ ملڪ ذاتي طور مونکي ڏاڍو پسند آيو. 26 جنوري تي اھو فيصلو ٿيو ته ھاڻي وايا سينگاپور آسٽريليا وڃڻو آھي.

جيون ۾ ايڪ بار جانا سينگاپور!

جيون ۾ ايڪ بار جانا سينگاپور!

27 جنوري صبح جو ڪولالمپور مان فلائيٽ رستي ٿوري دير ۾ وڃي سنگاپور پھتاسين. جيئن ته شام جو سينگاپور مان اسان کي آسٽريليا اڏام ڪرڻي ھئي، تنهنڪري سموري گروپ پنھنجو ھڪ روز سينگاپور جي سير ۽ خريداريءَ ۾ گذاريو.
مونکي سينگاپور مان ھڪ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر وٺڻو ھو. ڇاڪاڻ ته آسٽريليا ۾ سنڌي موسيقي جو بندو بست ڪري وڃڻو ھو. آئون ڳوٺان استاد منظور علي خان، عابده پروين ۽ ڪجھه ٻين فنڪارن جون ڪئسٽون ساڻ کڻي ويو ھوس. ٽيپ رڪارڊر ھٿ ڪري، ھندستاني ٽائيپ جي بازار شايد سرنگون روڊ تي پئي گھمياسين ته ھڪ دوڪان مان جڳجيت ۽ چترا جو غزل ٻڌڻ ۾ آيو. ڳولي وڃي ڪئسٽ خريد ڪيم. بھرحال سنگاپور ايترو اوپري يا اجنبي ڪونه لڳي. ھتي ھندستاني، سک، پاڪستاني پنجابي جتي ڪٿي نظر آيا. شام ستين وڳي اسان جي سڊني ڏانهن اڏام ھئي. آسٽريليا جي ڪئنگرو ڇاپ ايئر لائين وسيلي شام جو ايئرپورٽ پھچي سج لٿي مھل سامان چيڪ ڪرائي، بورڊنگ ڪارڊ وٺي اٺين وڳي ڌاري جھاز ۾ روانا ٿياسون. مونکي اٽڪل پنجن ڪلاڪن جي ڊگھي فلائيٽ ۾ ننڊ ڪونه آئي. انهن 5 ڪلاڪن ۾ اوڀر ڏانهن سفر ڪندي رات وھامي چڪي ۽ صبح جي وقت اچي سڊني ايئرپورٽ تي پھتاسون. اتي برٽش ڪائونسل جو نمائندو آجيان لاءِ موجود ھو. جنهن ايئرپورٽ تي اسان لاءِ ڪجھه ساھي پٽڻ ۽ ناشتو ڪرڻ لاءِ ھڪ ڪمرو بڪ ڪرايو. اتي وڃي سامان رکيوسون، ھٿ منهن ڌوئي ناشتي جو انتظار پئي ڪيوسين ته اوچتو ھڪ ”ٽال اينڊ بلانڊ“ آسٽريلين عورت تمام مختصر لباس سان ھڪ ڪارو ڪتو ڪاھي اچي اسان جي گروپ کي ”ھيلو“ ڪيو. وڏي زبردست سرپرائيز ڏنائين! جو اسان جي وفد ۾ شريڪ ملتان مان آيل محترمه دانهن ڪري چيو ته ”اس ڪي ڪپڙي ڪڌرھين!“ پوءِ خبر پئي ته ان مڊم ڪارو ڪتو شايد اسان جو سامان سونگھڻ لاءِ آندو ھو. بھرحال گوري نسل جي سيميٽالاجي واھه جا وڻي!
ھاڻي اسان کي ساڳئي وقت سڊني ايئرپورٽ تان، آسٽريليا جي گاديءَ واري شھر ڪئنبرا لاءِ فلائيٽ پڪڙي، سامان سڙو کڻي برٽش ڪائونسل جي ھمراھه جي اڳواڻيءَ ۾ ڪئنبرا لاءِ جھاز ۾ سوار ٿياسون. ڪلاڪ کن جي اڏام ھئي، ھوائي جھاز به ننڍو ھو. ڪئنبرا جي ھوائي اڏي تي اسان جي استقبال لاءِ ڊاڪٽر وينزٽي صاحب موجود ھو. ياد رھي ته ڊاڪٽر وينزٽي اسان جي ھن سفر کان ٽي مھينا اڳ اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ اسان جي رھبري لاءِ آيل ھو. ھن صاحب اسان جو ساز و سامان ھڪ وين ۾ رکي، اسان کي وڃي ھڪ ھوٽل حوالي ڪيو.
ھن ھوٽل جو عجيب نالو ھو ”گيري ڪامن ويلٿ ھوٽل“ پنج سئو ڪمرن تي مشتمل ھي تمام وڏو عوامي ھوٽل ٿي لڳو. اسان کي ھوٽل جي ھڪ منزل تي لاڳيتا ٻارھن ڪمرا ڏنا ويا. ڊاڪٽر وينٽزٽي ٻڌايو ته ”سڀاڻي آسٽريليا جو قومي ڏينهن آھي. جنهن ڪري موڪل ھوندي. سموري گاديءَ واري شھر مان مفت بس سروس ھلندي ۽ خاص ميلي واري ھنڌ پھچائيندي!“ ٻئي ڏينهن استاد وينٽزي جي سربراھي ۾ وڃي ميلي۾ پھتاسون، جتي راڳ رنگ، ناچ گاني ۽ ٻين ڪيترين ئي سرگرمين جو مشاھدو ڪيوسون. ميلي واري ھنڌ Captin Cook جو يادگار پڻ ٺھيل ھو برلي ڍنڍ جي ڪناري تي. ياد رھي ته اھو برطانوي رولاڪ جھازي ھو، جنهن آسٽريليا جو کنڊ ڳولي اتي برطانيه جو جھنڊو اچي کوڙيو ھو. مون جھڙي ٻهراڙيءَ سان واسطو رکندڙ ماڻھوءَ جو مغربي مڊمون ڏسي وات گودو ٿي پيو. ڇا ته انساني حسن جو نماءُ ھيو.

ڪئنبرا ڪاليج آف ايڊوانس ايجوڪيشن جو شاگرد بنجڻ

ڪئنبرا ڪاليج آف ايڊوانس ايجوڪيشن جو شاگرد بنجڻ

ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر وينٽزٽي جي سربراھيءَ ۾ وڃي ڪئنبرا ڪاليج جي ”اسڪول آف ايجوڪيشن“ جي شعبي ۾ پھتاسون. ھتي اسان پاڪستانين جي لاءِ ھڪ عليحده ڪلاس – سيمينار جو بندوبست ڪيل ھو. ياد رھي ته ھيءُ نالي ۾ ته ڪاليج ھئي پر آسٽريليا جي جديد تعليمي بندوبست جي اعلى معيار جي ڪاليج، جنهن ۾ سائنس، آرٽ، فلمنگ ۽ ٻيا ڪيترائي شعبا شامل ھئا. انهيءَ ڏينهن ڊاڪٽر وينٽزٽي ڪاليج جي شعبن جو سير ڪرايو. ڪاليج جي تمام وسيع سينٽرل لائبريري گھمايائين. گڏوگڏ ان لائبريري جي ميمبرشپ وٺي ڏنائين. ساڳئي وقت هن اسان کي ڪاليج جي شاگردن ھجڻ جا ڪارڊ پڻ حوالي ڪيا. ٻئي ڏينهن اسان کي”اسڪول آف ايجوڪيشن“ جي پرنسپال ڪرنل رچرڊسن جي چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿي تعارف ڪرائڻو ھيو.

ڪرنل رچرڊسن سان دلچسپ ملاقات

ڪرنل رچرڊسن سان دلچسپ ملاقات

ٻئي ڏينهن اسڪول آف ايجوڪيشن جي پرنسپال ڪرنل صاحب جي آفيس ۾ وڃي پھتاسين. ڪرنل صاحب اسان لاءِ نهايت پرتڪلف چانهه بسڪوٽن جو اھتمام ڪيو ھو. پھريائين پرنسپال صاحب ڪرنل رچرڊسن پنھنجو تعارف ڪرايو. ھن صاحب ٻڌايو ته ھو ڪئپٽن جي حيثيت ۾ برٽش-انڊين آرمي ۾ شامل ٿيو. ھاڻي اسان جي تعارف جو وارو آيو. پشاور واري ھمراھه تعارف ڪرايو ته ڪرنل صاحب چيو ته آئون پشاور ۾ سروس ڪري چڪو آھيان. مون کيس سانگھڙ بجاءِ حيدرآباد جو ٻڌايو. چيائين ته حيدرآباد به رھي چڪو آھيان. ڏاڍو گرم علائقو آھي. مطلب ته ستر سالن جي عمر وارو پوڙھو پرنسپال سموري برصغير ۾ رھي چڪو ھو. اھو ٻه ٻڌايائين ته پاڻ قائداعظم محمد علي جناح صاحب سان به ملي چڪو ھو. ھيءُ بزرگ تاريخ جي مضمون ۾ ايم اي ۽ قانون جي ڪا ڊگري رکندڙ ھو. ڪچھري دوران ھن اسان کان ھڪ عجيب سوال پڇيو! Are there bara sahib in Pakistan? ان سوال کان پوءِ ھن برٽش انڊيا جي بڙي صاحبن جي ھڪ دلچسپ ڪھاڻي ٻڌائي. چيائين ته ٻي جنگ عظيم دوران آئون ھماليه/ دارجلنگ جي پاسي جنگي محاذ تي وڃڻ لاءِ ريل گاڏي جي فرسٽ ڪلاس ۾ وڃي سوار ٿيس. ٿوري دير کان پوءِ ريلوي جي آفيسر اچي چيو ته ”ھيءَ بوگي انڊين ريلوي کاتي جي جنرل مئنيجر لاءِ بوڪ ٿيل آھي. تنهنڪري توھان اھا خالي ڪريو!“ مون نوجوان فوجي ڪپتان جي سيٽ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو. نيٺ ريلوي جي عملي گڏجي مونکي بڙي صاحب جي گاڏي مان لاھي ڇڏيو! خير ريل گاڏي ھلڻ شروع ڪيو، بدقسمتي سان چار پنج ميل ھلڻ کان پوءِ ٽرين پٽڙي تان لھي بيھي رھي! چيائين ته مون ڇا ڪيو جو پنھنجي فوجي ڪٽ ڪلھي تي رکي واپس اسٽيشن ڏانهن پيدل ھلڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران بڙي صاحب چيو ته اسٽيشن ماسٽر کي ٽرين بابت اطلاع ڏجانءِ! مون کي صاحب تي ڪاوڙ ھئي، تنهنڪري مون اھڙو اطلاع ڪونه ڏنو ۽ ڪنهن ٻي ٽرين ۾ سوار ٿي محاذ تي ھليو ويس. پر بڙي صاحب منھنجي خلاف آرمي ۾ شڪايت موڪلي ڇڏي. جيڪا منھنجي سروس بوڪ ۾ لکجي وئي. سو ھاڻي اوھان جي پاڪستان ۾ ڪي اھڙا بڙا صاحب آھن يا نه؟ مون ٻڌايو ته توھان وارن گورن صاحبن کان اسان وارا بڙا صاحب ٻه ٽي ڊگريون وڌيڪ مغرور آھن. دوستن مون ڏي اکيون ڦوٽاري نهاريو. پر سچ چوڻو ھو سو مون چئي ڇڏيو! ڪرنل صاحب مسڪرائيندي چيو ته ريلوي واري بڙي صاحب سان منھنجي آخري ملاقات ڪراچيءَ جي بيچ لگزري ھوٽل ۾ 1947ع ڌاري پاڪستان بنجڻ کان پوءِ ٿي. مون ڏٺو ته مون واري ٽيبل تي ھڪ انگريز تمام عجب حال ۾ اخبار پڙھي رھيو ھو. مون کيس سڃاڻي ورتو ته اھو ساڳيو مغرور بڙو صاحب آھي. جنهن مونکي زبردستي ريل گاڏيءَ جي بوگيءَ مان لاھي ڇڏيو ھو. ھن وقت سندس طبيعت جو برو حال ھو. مون چرچي طور ٻڌايو ته آئون اھو ساڳيو ڪئپٽن آھيان، جنهن کي تو پنھنجي بوگيءَ ۾ سفر ڪرڻ نه ڏنو ھو. ٿورو شرمندو ٿي ٻڌايائين ته ھتان جي سروس ختم ٿيڻ بعد ھاڻي جھاز جي انتظار ۾ آھيان ته جيئن واپس برطانيھ وڃي سگھان! بھرحال ڪرنل رچرڊسن ڏاڍو دلچسپ ماڻھو ھو. سندس عملي جا سڀ پروفيسر P.H.D ھئا ۽ ھي صاحب محض ايم اي ھو. مون ڊاڪٽر وينزٽيءَ سان اھا ڳالھه ڪئي. ھن چيو ته ڪرنل صاحب وڏو ليکڪ ۽ تاريخ دان آھي، اسان جو قومي اثاثو آھي. جيستائين چاھي اھو عھدو ماڻي سگھي ٿو.
ڪئنبرا ڪاليج آف ايڊوانس ايجوڪيشن نالي ۾ ته ڪاليج ھو پر تعليم جي جديد شعبن جا ڪيترائي ادارا ان ۾ ھلندڙ ھئا. وسيع ۽ خوبصورت پارڪن، گلن ڦلن جي ماحول ان کي وڌيڪ پرڪشش بنائي ٿي ڇڏيو. ڪاليج جي ڪينٽين ۾ شاگردن کي سندن ڪارڊن موجب تمام گھٽ قيمت تي ناشتو ۽ لنچ فراھم ڪئي ويندي ھئي. ھن ڪاليج ۾ نون ڪتابن جو وڏو دوڪان ۽ اسٽوڊنٽ يونين بوڪ شاپ جنهن ۾ سيڪنڊ ھئنڊ سستا ڪتاب موجود ھئا. اتان کان مون ٻولي جي سکيا بابت ڪافي ڪتاب خريد ڪيا. ڪاليج جي سينٽرل لائبريري رات جو دير تائين مطالعو ڪندڙ شاگردن لاءِ کليل رھندي ھئي.
ھن ڪاليج ۾ اسان پاڪستانين جي گروپ لاءِ عليحده ڪلاس ھلندو ھو، جنهن ۾ ايجوڪيشن بابت ليڪچر ٿيندا ھئا.
شھر مان ايندڙ شاگردن لاءِ بس سروس جو ھڪ سلسلو ھلندڙ ھو. اسان واري ھوٽل جي سامھون بس اسٽاپ تي ٽائيم ٽيبل موجب بس سروس موجود ھئي. جيڪا انتهائي خوبصورت وجود کڻي علم جي جنت ۾ پھچائيندي ھئي.

گيري ھاسٽل جي سامھون يوڪلپسٽس جي وڻ ھيٺيان ويٺل ھڪ عجيب ماڻھو

گيري ھاسٽل جي سامھون يوڪلپسٽس جي وڻ ھيٺيان ويٺل ھڪ عجيب ماڻھو

ڪاليج مان شام ڌاري موٽڻ مھل، ھوٽل جي بس اسٽاپ تان لھي ھوٽل ڏانهن ويندي روڊ سائيڊ تي بيٺل وڏي وڻ ھيٺيان آسٽريليا کنڊ جو اصلوڪو رھاڪو وڻ جي ڇانو ۾ نهايت گيان ڌيان ۾ ويٺل نظر ايندو ھو. خبر ناھي ته روزانو ڪٿان اچي پرگھٽ ٿيندو ھو ۽ شام ڌاري وري ڪھڙي پاسي ھليو ويندو ھو. آئون ايندي ويندي ان ڌرتي ڌڻيءَ کي دلچسپيءَ سان ڏسندورھندو ھئس. ڪاليج ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته آسٽريليا جي ان وقت واري آدمشماري ۾ اھي اصلوڪا ڌڻي فقط ھڪ فيصد ھئا. جيڪي سندن لاءِ جڙيل Reserve نالي بستين ۾ رھندا ھئا. آسٽريليا جي وچين حصي ۾ گھڻا شڪاري دور ۾ رھندڙ ھئا. ياد رھي ته آسٽريليا کنڊ جو مرڪزي حصو Desret تي مشتمل آھي.
آسٽريليا کنڊ پھريان برطانيه سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙن لاءِ ڪاري پاڻي وانگر جيل طور استعمال ٿيندڙ ھو. خاص طور ھتي آئرلينڊ جي باغين کي سزا طور موڪليو ويندو ھو. ان بعد جڏھين انگريز ھتي آباد ٿيڻ شروع ڪيو ته ھتي جي اصل رھاڪن کي ڌڪي جھنگن ڏي موڪلي ڇڏيائون. آسٽريليا جي ھڪ ٻيٽ تسمانيا ۾ رھندڙ اصلي باشندن کي ڳولي ڳولي گوليون ھڻي ختم ڪيو ويو. مين لئنڊ ۾ ھي ويچارا مرڪزي بيابان ۾ رھڻ لڳا. آئون ڊاڪٽر وينزٽي صاحب کي چوندو رھندو ھوس ته مونکي ھنن اصلوڪن ماڻھن جي بستي ڏيکار ۽ انهن سان ملاقات ڪراءِ! نيٺ ھڪ موڪل واري ڏينهن ڪاليج وين ۾ اسان کي اصلي باشندن جي ڳوٺ Reserve وٺي ھليو. ڳاڙھين سرن سان اڏيل قطارن ۾ ڪواٽر ٺھيل ھئا. ان بستيءَ ۾ ھڪ پرائمري اسڪول ھيو. اسان کي وليج چيف يعني بستيءَ جي پئنچ سان ڪچھري به ڪرائي وئي. ھن صاحب ڊاڪٽر وينزٽي جي روبرو انگريز قوم جي سندن ملڪ تي قبضي بابت سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ٻڌايو ته انگريز اسان جي نسل کي گاڏڙ ۽ گڊو ڪري ڇڏيو آھي. نج نسل وچ آسٽريليا ۾ شڪاري زندگي گذاري ٿو. ياد رھي ته اسان جو گروپ جيڪا به فيلڊ وزٽ ڪندو ھو، ان بابت سڀني کي پنھنجي مشاھدي جي رپورٽ لکڻي پوندي ھئي. مون پنھنجي رپورٽ ۾ آسٽريليا جي گوري گورنمينٽ جو اتي جي اصلوڪن رھاڪن سان غلط سلوڪ بابت ڪجھه سخت لفظ لکيا. ڊاڪٽر وينزٽي ان جي جواب ۾ نوٽ لکيو ۽ آخري جملو لکيائين Not really يعني ته مون وارو خيال درست ناھي.

گيري ھوٽل ۾ آسٽريليا جي اصلوڪن لوڪن جو اجتماع

گيري ھوٽل ۾ آسٽريليا جي اصلوڪن لوڪن جو اجتماع

ھڪڙي ڏينهن شام جو مون ڏٺو ته ھوٽل جو ٽي وي ھال جنهن ۾ سئو سوا سئو سيٽون رکيل ھيون، اھو Aborigin ماڻھن سان ڀريو پيو آھي. مون انهن کان معلوم ڪيو ته اوھان جو اڳواڻ ڪٿي آھي؟ ڇا آئون ان سان ملي سگھان ٿو؟ يڪدم مونکي انهيءَ ھمراھه سان ملاقات ڪرايائون، مون کانئس انٽرويو ڪرڻ پي چاھيو. ھن چيو ته اسان جو ھي قومي سطح جو سيمينار Aborigin نوجوانن ۾ شراب نوشي جي نقصانن بابت آھي. سيمينار جي خاتمي بعد اوھان ڀلي مونسان ٽي وي ھال ۾ ملجو! ملاقات ٿي مونکي ٻڌايائين ته اسان جا نوجوان بک تي بي تحاشا شراب پي مري پيا وڃن. ايتري قدر جو شراب نه ملي ته شيونگ لوشن يا اسپرٽ به پي ٿا وڃن ۽ انهن جا جگر ڦاٽي ٿا پون. مون کيس چيو ته توھان وٽ تاريخي طور شراب رائج ڪونه ھو. اھا شئي ته گوري سماج پاڻ سان آندي ۽ گوري سماج جا نوجوان خوب شراب پيئن ٿا پر انهن جي صحت کي ايترو ھاڃو ڪونه ٿو پھچي. پوءِ ڀلا توھان جا نوجوان آخر ايترو وڌيڪ موتمار الڪوحل ڇو ٿا پيئن؟ وراڻي ڏنائين ته اسان جي نوجوانن جي دلين ۾ احساس محرومي جو شديد احساس رھي ٿو. ان کي مٽائڻ لاءِ ھو بي تحاشا شراب ۾ ٻڏا رھن ٿا. مونکي ان وقت پنھنجي سنڌ جي نوجوانن جي ٺري واپرائڻ جو مثال ياد آيو.

بنگال جو جادو

بنگال جو جادو

ڪجھه ڏينهن کان پوءِ اسان واري بس ۾ ھڪ بنگالڻ نوجوان شاگردياڻي سفر ڪرڻ لڳي. اسان واري گروپ ھيل تائين سونهري وارن، نيرين اکين واريون عورتون وات گودو ڪري پئي ڏٺيون. ليڪن ھن بنگالي نينگري جا زلف بنگال ۾ شام رنگ ۽ ڪاريون اکيون سموري گروپ جو نظرن جو مرڪز بنجي پئي. ظاھر آھي ته اھو اسان جو ديسي ھندستاني ڪلچر جو لقاءُ ھو. مون ھڪ ڏينهن سلام دعا کان پوءِ ان کان پڇيو ته ”توھان ڪھڙي بنگال جا آھيو؟“ ھن محترمه وراڻيو ته ”آئون بنگلاديش مان آھيان.“ مون سندن آزادي جي تعريف ڪندي کيس چيو ته ان وقت جي جدوجھد جو ڪجھه اکين ڏٺو احوال ٻڌايو. ھن چيو ته ان زماني ۾ آئون اسڪول ۾ پڙھندي ھيس. پوءِ اسان ڪيڏانهن ٻئي پاسي ھليا وياسين. تنهنڪري آئون ڪجھه ٻڌائي نه ٿي سگھان. مونکي خبر ھئي ته اھا نياڻي بنگلاديش جي ڪئنبرا ۾ سفير جي ڌيءُ ھئي. مون کيس چيو ته ڇا آئون سندس والد سان ملي سگھان ٿو. اھو منھنجو چريائپ وارو خيال ھو. ٻئي ڏينهن ھن ٻڌايو سندس والد اھڙي ڪنهن به انٽرويو کان انڪار ڪيو آھي. ھڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو اسان جي گروپ مان ھڪ پنجابي ھمراھه، جڏھن ھو بس اسٽاپ تي بس جي انتظار ۾ بيٺل ھو، بنگالي ڇوڪريءَ کي ان وقت چيو ته توھان جو ساڳيو وطن پاڪستان آھي. اسين چاھيون ٿا ته ڪجھه وقت کان پوءِ پاڻ وري ھڪ ٿي وڃون. اھو ٻڌندي ئي ڇوڪري سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويئي ۽ اسان واري ھمراھه کي اگرا لفظ چوندي چيائين ته ”اسان قاتلن سان ڪيئن ٿا گڏجي سگھون، تون منھنجي اڳيان ٽري وڃ.“ ڀرسان بيٺل انگريز ڇوڪري ظاھري طور ھن جي شديد ڪاوڙ ۽ Yelling محسوس ڪندي، ان انگريز ڇوڪري ڀاڪر ۾ وجھيTake it easy چوندي مس وڃي بس ڪرايو. انهيءَ درميان اسلام آباد مان آيل ڊڳي صاحب به ذري گھٽ معافي وٺي جند ڇڏائي.

لبناني عرب فيملي سان واقفيت

لبناني عرب فيملي سان واقفيت

جمعي نماز لاءِ گروپ جو خيال ھو، ڪئنبرا جي مسجد ۾ ادا ڪجي ته جيئن اتي رھندڙ مسلم ڪميونٽي سان ملاقات ٿي سگھي. ڪئنبرا شھر جي ٻاھرين محلي ۾ ھڪ سادي سودي مسجد واقع ھئي. وڏو وسيع اڱڻ ۽ ڪارپارڪنگ جي جڳھه موجود ھئي. نماز بعد ڪافي ملڪن جي مسلمانن سان سلام دعا ٿي. ان موقعي تي خاص طور ھڪ لبناني عرب مھاجرن جي ڪٽنب سان تعارف ٿيو. ٻه نوجوان سندن گھر وارين سان آيل ھئا. انهن سان گڏ سندن وڏي ڀيڻ جميلا ۽ جميلا جون ٻه ننڍيون ڀينرون موجود ھيون. عبدالحميد بلوچ جيئن ته رياض يونيورسٽي مان عربي پڙھي آيو ھو، تنهن ھنن سان عربي ۾ ڳالھه ٻولھه ڪئي. ڏاڍا محبتي ماڻھو ھئا. ھر آچر تي مائي جميلا اسان جي ھوٽل ۾ اچي ھر ڪنهن کان خيريت دريافت ڪرڻ بعد اسان واري وفد ۾ شامل واحد ملتاني محترمه سان ڪچھري ڪندي ھئي.

عبدالحميد بلوچ کي شادي جي آڇ

عبدالحميد بلوچ کي شادي جي آڇ

مائي جميلا جون خوبصورت ڀينرون جن لاءِ ھو، ھن انگريز ڪلچر واري ملڪ ۾ پريشان ھئي. تنهن اسان واري ملتاني محترمه سان ذڪر ڪيو ته جيڪڏھن عبدالحميد آسٽريليا ۾ رھي، اسان جي ڀيڻ سان شادي ڪري ته ڏاڍو سٺو. مون عبدالحميد بلوچ کي چيو ته ”يار! ڀاڳ کليو اٿئي کڻي ھا ڪر.“ پر حميد صاحب دل نه جھلي ۽ انڪار ڪيائين، پوءِ به مائي جميلا اسان وٽ اچي خير عافيت حسبِ معمول دريافت ڪندي رھي. ھڪ دفعي اسان جي گروپ جي دعوت به ڪيائون. سڄو خاندان تمام محبتي ماڻھن تي مشتمل ھو.

ڊاڪٽر وينزٽي جي گھر واري محترمھ ھيلدا صاحبه

ڊاڪٽر وينزٽي جي گھر واري محترمھ ھيلدا صاحبه

ڊاڪٽر وينزٽي جا وڏا اٽلي مان مھاجر ٿي گھڻو وقت اڳ آسٽريليا آيا ھئا. ڊاڪٽر وينزٽي سائوٿ آفريڪا ۾ پڙھائڻ دوران آفريڪي نسل جي ھن محترمه سان شادي ڪري ورتي. ھيلدا جو پيءُ اتي ڪنهن چرچ جو پادري ھو. ھڪ ڏينهن ڊاڪٽر وينزٽي سندس گھر ۾ اسان جي گروپ جي دعوت ڪئي. درمياني سائيز جو گھر، ان سان متصل باغيچو جنهن ۾ ھڪ ڪنڊ ۾ باربي ڪيو لاءِ چلھه ۽ کاڌو پچائڻ جو بندوبست ٿيل ھو. مائي ھيلدا کي اسان واري گروپ جي محترمه سلوار قميص تحفي ۾ ڏني ھئي. جيڪا زيب تن ڪيو ويٺي ھئي. ان لباس ۾ منھنجي پاڙي رھندڙ ھڪ محترمه سان سندس نکٽ مليا پئي. ياد رھي ته اسان جي سنڌ ۾ آباد ڏاڏا گڊو نسل پيدا ڪري چڪا آھن. ڊاڪٽر وينزٽي لبناني خاندان جي مائي جميلا جي خاندان کي پڻ دعوت ڏني ھئي. اٽالين نسل جي گوري وينزٽي جا ٽي ٻار بلڪل رنگ خواھه شبيھه ۾ پنھنجي ماءُ جھڙا ھئا. ميڊم ھيلدا صاحبه اسان لاءِ ٻين کاڌن سان گڏ برياني به تيار ڪئي ھئي. ساڻن ڏاڍو سٺو وقت گذريو. ڊاڪٽر وينزٽي سندس ڪالوني جو ٻاھر ھلي اسان کي ڏيک ڏيکاريو، تمام وڏي وسيع ڪالوني ھئي. جنهن ۾ سڀئي گھر ھڪ منزله ۽ انهن ۾ ھڪ ننڍڙو باغيچو لازمي ھو. ڊاڪٽر وينزٽي ٻڌايو ته ھن ڪالوني ۾ ٻن ٽن منزلن وارا گھر ان ڪري منع ڪيا ويا آھن، جو اھي اُچا گھر پاڙي وارن گھرن جي سورج روشني ۽ ھوا ۾ رڪاوٽ نه وجھن. ڊاڪٽر وينزٽي جي گھر واري ڪنهن نرسنگ اسڪول ۾ انسٽرڪٽر ھئي. ڪڏھن ڪڏھن شام جو اسان جي ھوٽل تي مائي جميلا سان گڏجي اسان جي خيرعافيت دريافت ڪرڻ ايندي ھئي.

آسٽريليا کنڊ جا اصلوڪا جانور پکي پکڻ

آسٽريليا کنڊ جا اصلوڪا جانور پکي پکڻ

ياد رھي آسٽريليا زمين جو وڏو ٽڪڙو يعني کنڊ آھي. ان جي پکيڙ ذري گھٽ يونائيٽڊ اسٽيٽ آف آمريڪا جي ملڪ برابر ٿيندي. ھتي جو اصلي جانور ڪينگرو، ڪوالا (ھڪ ننڍڙو ڀالو جھڙو جانور) جيڪو يوڪلپٽس وڻ جا پن کائي ٿو، ان تي چڙھيو ويٺو ھوندو آھي. ھتي جا اصلوڪا وڏا طوطا، سفيد ڪانو جھڙا پکي، اسان کي جتي ڪٿي نظر آيا. انگريز بھادر جڏھين ھن کنڊ ۾ برطانيه مان آبادگار ماڻھو آڻي ھتي اچي ويھاريا، انهن لوڪن پاڻ سان گڏ اُٺ، گھوڙا، رڍون، ڳائو مال به ھتي آندو. صاحب بھادر ھندستان کان ڪٻريون (مينائون) ۽ سيھڙ جانور به ھتي درآمد ڪيا. شروعات ۾ اُٺن سان گڏ پٺاڻ جت به ھتي آندائين، جن جي مدد سان ھنن سموري آسٽريليا جي سروي ڪري نقشا جوڙيا. انهن پٺاڻن جو نسل اڄ تائين به ھتي آباد آھي. ھن کنڊ تي اُٺ جھڙو جانور ايترو ته وڌيو جو اٺ جھنگلي ٿي ويا. اھڙي طرح سھا به ايترو ته وڌيا جو فصلن کي نقصان پھچائڻ لڳا. انهن جانورن سان گڏ انگريز ميڊمن پنھنجيون پياريون ٻليون ۽ ڪتا به ھتي آندا. ياد رھي ته آسٽريليا جي تسمانيا ٻيٽ ۾ تمام خونخوار ڪتن جونسل موجود ھو. باقي مئن لينڊ ۾ اھو جانور انگريز آندو پھري لاءِ حفاظت لاءِ ۽ رڍن چارڻ لاءِ. جيئن ته آسٽريليا کنڊ سورج جي تيز روشني وارو ملڪ آھي، تنهنڪري شيشي جھڙي شفاف چمڙي رکندڙ گوري نسل جي ماڻھن کي سج جا الٽرا وائيٽ ڪرڻا چمڙي جو ڪئنسر پيدا ڪن ٿا. ان جي مقابلي ۾ آسٽريليا جا اصلوڪا لوڪ پنھنجي ڪاري چمڙي سبب ان بيماري کان محفوظ رھن ٿا.

آسٽريليا جي اندروني حصن جو سير سفر

آسٽريليا جي اندروني حصن جو سير سفر

اٽڪل ڏيڍ مھيني کن جا ڪئنبرا ڪاليج ۾ ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ بعد ھاڻ اھو فيصلو ٿيو ته آسٽريليا ملڪ جي ڪن اندروني حصن ۽ ڪجھه وڌيڪ شھرن جو سير ڪجي. ان لاءِ فيصلو ٿيو ته نيو سائوٿ ويلس جي ڏاکڻي پاسي ڪئنبرا کان چار پنج سئو ڪلوميٽر پري واقع شھر ”ڊبو“ Dubbo جي وزٽ ڪجي. انهيءَ سفر جو بندوبست ھن طرح ڪيو ويو ته، گروپ جي ھڪ درجن ميمبرن مان ست عدد ميمبر ڪاليج وين ۾ سفر ڪندا، باقي 5 ميمبرھڪ ننڍي سسينا جھاز وسيلي ڊبو جو سفر ڪندا. مون ھتان کان وين ذريعي سفر ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مقصد ھو آسٽريليا جي اندروني حصي جي سرزمين، وڻ ٽڻ ۽ آبادي جو مشاھدو ڪرڻ. انهيءَ سفر دوران خبر پئي ته آسٽريليا ملڪ ۾ ڳوٺ يا وليج جو ڪو به وجود ناھي. ھتي ٽڙ پکڙ ھنڌن تي فارم ھائوس آھن، جتي اڪثر ڪري ڳئون ۽ رڍون پاليون ٿيون وڃن. اڪثر ڪري ھر ھڪ فارم ھائوس وٽ ھوائي پرن واري چڪري لڳل آھي، جيڪا رات ڏينهن زمين مان پاڻي ڪڍي ڀر واري تلاءِ ۾ وجھندي رھي ٿي، جنهن مان سندس مال پاڻي پيئي ٿو. اڪثر اھڙن دور دراز ھنڌن تي قائم فارم ھائوس وارن جي ٻارن کي ريڊيو اسڪول معرفت تعليم ڏيارڻ جو بندوبست ڪيو ويو آھي. Two way ريڊيو معرف اسٽوڊيو ۾ ويٺل ٽيچر، پنھنجي شاگردن جو آواز ٻڌي سگھي ٿو ۽ سوال جواب ڪري سگھي ٿو. پر جتي ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي گھيري ۾ جيڪڏھن وڌيڪ فارم ھائوس آھن ته انهن جي وچ تي اسڪول قائم ڪيو ويو آھي. ماڻھو پنھنجي ذاتي سوارين ۾ ٻارڙا اسڪول پھچائين ٿا ۽ واپس گھرن ڏي کڻي وڃن ٿا. البته استاد کي اتي ئي رھڻو پوي ٿو.
بھرحال ڊگھي سفر بعد ڊبو شھر جي ھڪ ھوٽل ۾ وڃي پڙاءُ ڪيوسين. ھن پروگرام دوران اسان کي آسٽريليا جي پارليامينٽ جي ميمبر جنهن کي آئرن ليڊي چيو ويندو ھو، ان سان ملاقات ڪرڻي ھئي. ٻيو ته جھنگ ۾ واقع فيلڊ اسٽڊي سينٽر جي وزٽ ڪرڻي ھئي. ان سان گڏ آسٽريليا جي زميندار سان ھڪ ملاقات رکيل ھئي. ڊبو شھر جو سير ڪيوسين. ڊبو ۾ قائم قديم جيل جيڪو ھوبھو ھتي اسان وٽ انگريز جي جوڙيل جيلن جھڙو ھو. ان کي ھتي عجائب گھر جو درجو ڏيئي، ٽڪيٽ لڳائي وزيٽرس کي ڏسڻ جو موقعو ٿي ڏنائون. مون پنھنجي استاد کي ٻڌايو ته برطانيه سرڪار اسان وٽ ساڳيا جيل ٺاھيا ھئا ۽ اھي اڃان تائين ساڳي صورت ۾ قائم آھن. تنهن ڪري اسان لاءِ ھي ڪا نئين ڳالھه ناھي. بھرحال جيل ۾ گھمي ڦري ڏٺوسون، ڦاسي گھاٽ به ساڳيا، ڏوھارين کي ڪوڙا ھڻڻ واري ٽڪٽڪي به ساڳي ضياءُ الحق واري، عورتن جي وارڊ وارن ڪمرن ۾ عورتن جا بت ٺھيل ھئا. ھرھڪ وارڊ ۾ ھڪ مشين لڳل ھئي. جنهن ۾ چاليھه سينٽ جو سڪو وجھڻ سان آواز وسيلي ان وارڊ جي تاريخ ٿي بيان ڪيائون. خاص ڪري ڦاسي گھاٽ واري مشين ڦاسي کاڌل قيدين جو تفصيل ٿي بيان ڪيو. ٻئي ڏينهن اسان کي فيلڊ اسٽڊي سينٽر جو ھڪ دورو ڪرڻو ھو. ياد رھي ته ھي فيلڊ اسٽڊي سينٽر دور دراز علائقن ۾ قائم ڪيا ويا آھن. ھنن لاءِ جوڙيل عمارتن ۾ رھائشي ھاسٽل، ڪلاس روم، سائنس ليبارٽري ۽ لئبريري جو بندوبست ٿيل ھوندو آھي. ھنن سينٽرن ۾ ٽائيم ٽيبل موجب ھاءِ اسڪول جا شاگرد مطالعاتي دوري تي پنهنجن استادن سميت اچي ترسندا آھن. ھرڪنهن جاگرافيائي علائقي جي Fana flora ۽ ٻين موضوعن جو استادن جي رھبري ۾ مطالعو ڪندا آھن. اسان جنهن اسٽڊي سينٽرتي پھتاسين ته اتي آسٽريلين زميندار سان به ملاقات ٿي. ھو صاحب ان ڏينهن اسٽڊي سينٽر لاءِ سائيڪل اسٽينڊ جي تعمير ۾ حصو وٺي رھيو ھو. سندس لباس تمام سادو، چڍي جوراب، ھڪ ٻانهن واري بنيان پاتل ھمراھه 2 ھزار ايڪڙ جو زميندار ھيو. ھن سينٽر ۾ ونگار طورڪم ڪرڻ لاءِ آيل ھو. شام جو اسان جي ساڻس ملاقات طئي ٿيل ھئي.

آسٽريليا جي زميندار سان ملاقات

آسٽريليا جي زميندار سان ملاقات

شام جو زميندار صاحب جي فارم ھائوس تي پھتاسون، ھن ٻڌايو ته وٽس ھزار، پندرھن سئو ڍڳيون آھن، اٽڪل ٻه ھزار رڍون پڻ رکي ٿو، رڍن جي رکوالي لاءِ چار ڪتا Sheep Dogs سندس ھمراھي آھن. سندس ڌراڙ اڪثر موٽر سائيڪلن تي ڌڻ پويان ويندا آھن ۽ ساڳئي وقت ڪتن جو به ساٿ ھوندو اٿن. ھن زميندار جي فارم ھائوس وٽ اناج جو ڀنڊار ڪرڻ لاءِ المونيم جون وڏيون گنديون ٺھيل ھيون. ھن صاحب ٻڌايو ته سياري ۾ ڪڻڪ ۽ بارلي جي پوک وڏي پئماني تي ڪندا آھيون. شرط اھا آھي ته برسات ٽائيم تي پوي. پوک پوکڻ لاءِ ٽريڪٽر، ھارويسٽر، ھر قسم جي مشينري سندس گئريج ۾ موجود ھئي. ھن صاحب ٻڌايو ته آئون پنھنجي آمدني تي انڪم ٽيڪس ادا ڪندو آھيان. باقي ٻي ڪابه ٽيڪس مون تي واجب ناھي.

آسٽريلين پارليامينٽ جي ميمبر صاحبه سان ملاقات

آسٽريلين پارليامينٽ جي ميمبر صاحبه سان ملاقات

اسان کي ٻڌايو ويو ته آسٽريليا جي پارليامينٽ جي ميمبر جيڪا آئرن ليڊي يعني تمام زبردست سياستدان آھي. ان اسان کي سندس رھائشگاھه تي منجھند جي ماني جي دعوت ڏني آھي. ياد رھي ته ھيءُ اھو وقت ھيو، جنهن وقت پاڪستان آمريڪا خواھه ٻين يورپي طاقتن جو تمام پسنديده ملڪ ھيو. اسان کي آسٽريليا ۾ غير معمولي لفٽ ملڻ جو ھڪ اھو به ڪارڻ ھيو. جو پاڪستان جا مجاھد افغانستان ۾ روسين خلاف زبردست جھاد ڪري رھيا آھن. آسٽريليا جي اخبارن ۾ اسان جي مجاھدن بابت روزانه تعريفي خبرون شايع ٿينديون ھيون. بھرحال ھن محترمه پر تڪلف لنچ ۾ اسان سان تمام تعريفي انداز ۾ گفتگو ڪئي. آسٽريليا ۾ تعليم بابت محترمه اسان کي ٻڌايو ته حڪومت تمام گھڻو بجيٽ تعليم تي صرف ڪري رھي آھي. جڏھين ته آسٽريليا جي آبادي ۾ برٿ ڪنٽرول سبب ٻارن جو تعداد گھٽ ٿيندو وڃي وغيره وغيره. ڊبوءَ ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول جي وزٽ دوران اتي ھڪ گجراتي ليڊي ٽيچر سان ملاقات ٿي. جيڪا ھن اسڪول ۾ رياضي سيکاري رھي ھئي. بھرحال ڊبو جو ھيءُ دورو اسان لاءِ آسٽريليا جي ٻهراڙي ڏسڻ جو تمام اھم ذريعو ٿيو. ڊبو مان ڪئنبرا واپسي ۾ اسان مان پنجن ڄڻن کي جن ۾ منھنجو نالو شامل ھيو، انهيءُ ننڍي سسينيا جھاز ۾ سفر ڪرڻ جو تجربو ٿيو.

ميلبرن جو دورو

ميلبرن جو دورو

ميلبرن جو شھر آسٽريليا جي Victoria اسٽيٽ جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ سڊنيءَ جي شھر کان پوءِ ڳتيل آبادي وارو وڏو شھر آھي. اسان کي يونيورسٽي روڊ تي W.Y.M.C جي ھاسٽل ۾ ترسايو ويو. ھن ھاسٽل جي نئين بلڊنگ جي ڪمرن ۾ معياري سھولتون موجود ھيون. مونکي ذاتي طور ميلبرن جي شھر جون چلتو ڏيک ويک ڏاڍو وڻيو.
ھتي اسان جي وڪٽوريا جي ڊائريڪٽر جنرل ايجوڪيشن سان ملاقات طئي ٿيل ھئي. ھن صاحب جي آفيس ھڪ تمام اوچي عمارت NARU House ۾ واقع ھئي. ڊائريڪٽر صاحب سندس آفيس جي ڪينٽين ۾ اسان سان گڏجي چانهه پيتي. مون ڏٺو ته ڊائريڪٽر چانهه پي، خود ڪوپ ڌوئي پنھنجي جاءِ تي ٽنگيو. ميلبرن ۾ شھر جي Out Scrit ۾ واقع ڪجھه پرائمري اسڪولن جي وزٽ شامل ھئي. جيئن ته اسان جي ھاسٽل يونيورسٽي روڊ تي واقع ھو، تنهن ڪري آسپاس بازار ۾ ڪتابن جا شاھي دڪان ڏسڻ جو موقعو مليو. مونکي ميلبرن شھر جون ٽرامون ڏاڍيون دلچسپ لڳيون. انهيءَ روڊ تي تجربي طور ٻه ٽي دفعا سفر ڪرڻ جو شغل ڏاڍو وندرائيندڙ ھو. ھن ميلبرن شھر جي وچ مان وھندڙ YARA RIVER جو نظارو خاص ڪري رات جو ڏاڍو وڻندڙ ھو. ھيڏي وڏي شھر جي وچ مان يارا ندي جو پاڻي بلڪل صاف سٿرو ھو. رات جو رومانٽڪ جوڙا ننڍڙين ٻيڙين ۾ درياءَ جو سير ڪندي نظر آيا. ميلبرن شھر ۾ واقع Flower clock ڏاڍو دلچسپ نظر آيو. ھڪ ھٿرادو پھاڙي جوڙي، ان جي سلوپ تي وڏي سائيز ۾ اھڙي نموني گل لڳايا ويا جيڪي گھڙيال جي انگن جو ڏيک ڏيڻ لڳا. انهن جي وچ ۾ گھڙيال جي مشين زمين اندر رکيل ھئي ۽ ان جا وڏا ڪانٽا گلن مٿان ٽائيم ڏيکاريندي ٿي رھيا.

ميلبرن ۾ سنڌي ماڻھن سان ملاقات

ميلبرن ۾ سنڌي ماڻھن سان ملاقات

اسان جي گروپ کي ٻڌايو ويو ته آچر جي ڏينهن ميلبرن جي پاڪستاني ڪميونٽي جي طرفان اسان کي MONASH يونيورسٽي جي ھڪ پارڪ تي منجھند جي ماني جي دعوت ڏني وئي آھي. ان لاءِ آچر جي صبح جو ڏھين وڳي ڌاري ھاسٽل جي سامھون روڊ تي اچي بيھڻو آھي. پاڪستاني ماڻھن جون ڪارون اوھان کي اتان کڻي يونيورسٽي وٽ پھچائينديون. آئون ۽ حميد بلوچ ڪجھه دير سان وڃي سواري جو انتظار ڪرڻ لڳاسون، اسان وٽ ھڪ ڪار اچي بيٺي، ان جي اڳئين سيٽ تي ھڪ مائي ۽ ٻار ڊرائيور سان ويٺل ھئا. ڊرائيونگ ڪندڙ ھمراھه اسان کي انگريزي ۾ چيو ته ”پليز ! Any two“ مون حميد صاحب کي سنڌي ۾ چيو ته تون ٻئي پاسي پوئين پاسي در کولي پوئين سيٽ تي ويھه آئون ھن دروازي کان ويھان ٿو. اھو جملو ٻڌي ڪار ڊرائيور سنڌي ۾ چيو ته ”يار! سنڌي آھيو ڇا؟“ اسان چيو ته” ھا يار! اوھان به سنڌي آھيو!! يار ڪمال ٿي ويو جو اسان سنڌي ماڻھن جو نمبر اوھان سنڌي ماڻھن جي ڪار ۾ لڳو.“ ھن جذبات ۾ چيو ته ”يار! يونيورسٽي پوءِ ٿا ھلون، پھرئين اسان جي گھر ھلو.“ پوءِ روھڙي جي قاضي فيملي سان واسطو رکندڙ دوست اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويا. جتي سندن گڏيل خاندان سان ملاقات ٿي. خاندان جو سربراھه ڊاڪٽر قاضي ميلبرن يونيورسٽي ۾ پروفيسر ھيو. سندسن ٻه ڀاڻيجا به ساڻس گڏ اتي رھندڙ ھئا. ھهڙي ست سمنڊ پار ڊائون انڊر ملڪ ۾ سنڌي ماڻھن سان ملي ڏاڍي دلي خوشي ٿي. ان بعد موناش يونيورسٽي تي وڃي مانجھاندو ڪيوسين. اتي پاڪستاني ڪميونٽي رنگارنگ ميلي جو ماحول بنايو بيٺي ھئي. شام جو قاضي فيملي اسان کي چيو ته روزانو شام جو سندس گھر وڃبو ۽ سنڌ بابت ڪچھري ڪبي. پوءِ ٻه چار ڏينهن اسان جو ھن سنڌي خاندان سان تمام خوشي ڀريو وقت گذريو.

آسٽريليا جي شھر ايڊليڊ ۽ آسپاس جو دورو

آسٽريليا جي شھر ايڊليڊ ۽ آسپاس جو دورو

اسان واري ٽيم کي ايڊليڊ شھر جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ھڪ قديم ھوٽل ۾ ترسايو ويو. ھن ھوٽل جا ڪاريڊور عجيب و غريب ورن وڪڙن وارا ھئا. اسان کي پنھنجو روم ڳولڻ ۾ دشواري ٿيندي ھئي. ھيءُ شھر تمام وسيع ۽ کليل رستن ۽ بازارن تي مشتمل ھو. چيو ٿي ويو ته ايڊليڊ سائوٿ آسٽريليا جي صوبي وارو شھر اصل ۾ لنڊن جي شھر سان مناسبت رکي ٿو. ھتان کان اسان کي وڌيڪ ڏکڻ جي علائقن جو سير ڪرايو ويو. انهن ۾ وائلا شھر جو نالو ياد اچي پيو. ھن علائقي ۾ اسان کي لوھه جي ھڪ کوٽيل کاڻ ڏيکاري وئي. ميلن ۾ Open pit mine جي زمين ۾ کڏون ۽ کاھيون کوٽيل ھيون. اتي ھڪ ماحوليات جي ماھر اسان کي ٻڌايو ته زمين جي سيني کي کوٽي معدنيات يا ڌاتون ڪڍڻ بعد اڪثر ڪمپنيون زمين جي سطح کي برباد صورت ۾ ڇڏي وينديون آھن. ھن ٻڌايو ته آسٽريليا جي تمام وڏي ڪمپني BHP ھن کاڻ کي کوٽي ھلي وئي. جنهن جا مزدور اڃان تائين معاوضن لاءِ جدوجھد پيا ڪن. ھڪڙي ڏينهن شام جو ھوٽل جي ڀرسان، ڪجھه پنڌ سير ڪرڻ بعد ”ريٽا ريسٽورينٽ“ جو بورڊ نظر آيو. ريسٽورينٽ ۾ اندر وڃڻ بعد خبر پئي ته، ھندستان کان آيل ماڻھن جو ريسٽورينٽ آھي ۽ ھندستاني ويشنو کاڌا پيش ڪري ٿو. مون ان ريسٽورينٽ تي مڱن جي دال، پاپڙ ۽ ڦلڪا کاڌا. ڪجھه پيڪ ڪرائي عبدالحميد بلوچ لاءِ ھوٽل کڻي ويس. ھن صاحب به ڏاڍو پسند ڪيا.
ھوٽل جي دريءَ مان آئون ريلوي اسٽيشن جو منظر ڏسندو رھندو ھوس. ريل گاڏي ته ڪا خاص نظر ڪونه ٿي آئي. ليڪن شام وقت سامھون روڊ تي خوبصورت ميڊمون اڪثر بيٺل نظر اينديون ھيون. پوءِ خبر پئي ته اھي سيڪس ورڪر آھن، گيراھڪن جو انتظار پيون ڪن.
ايڊيليڊ شھر ۾ ترسڻ دوران اسان کي ٻڌايو ويو ته، ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان The Sculpture Garden يعني ته پٿرن مان تراشيل باغ ۽ اتي ايڊليڊ شھر جو ساليانو جشن يا ميلو ٿي رھيو آھي، ميلي جي شروعات ۾ وڃي شريڪ ٿياسين. ميدان تي رنگارنگ پٿرن مان جوڙيل عجيب و غريب ٿنڀا ۽ سامھون Festival theater جي عمارت نظر آئي. عام جاءِ تي ڪنٽري ميوزيڪ فنڪار پيش ڪري رھيا ھئا. تماشبين چڪڙو چاڙھي پنھنجي گرل فرينڊس سان نچي رھيا ھئا. آسٽريليا ۾ گھڻو ڪري ھر شھر ۾ ساليانا ميلي جي تاريخ مقرر ٿيل آھي. ان تي ماڻھو گڏجي ميلو ملھائيندا آھن. ھاڻي اسان جو آسٽريليا ۾ ترسڻ جو باقي ھفتو کن وڃي بچيو ھو. مون اسان جي سيمينار انچارج ڊاڪٽر وينزٽي کي چيو ته پاڪستان واپس وڃڻ وقت، ھڪڙو ڏينهن رات آسٽريليا جي اڳوڻي گادي واري شھر سڊني ۾ ترسڻ جو موقعو ضرور ملڻ گھرجي. ان لاءِ اسان جي گروپ ڪئنبرا کان ڊاڪٽر وينزٽي کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. ساڻس گڏ سندسن آفريڪي گھر واري ميڊم ھيلڊا پڻ الوداع چوڻ آئي ۽ وفد جي سڀني ميمبرن کي ھڪ ھڪ رومال تحفي طور ڏنائين. سڊني ايئرپورٽ تي اسان کي آسٽريلين برٽش ڪائونسل جو نمائندو وٺڻ آيو ۽ YMCA جي پراڻي بلڊنگ ۾ واقع ھاسٽل جي بلڊنگ ۾ رھائش جو بندوبست ڪيائين. سڊني ۾ اسان کي سڊني برج، سڊني اوپيرا ھائوس، زيرزمين ميٽرو ريل ڏسڻ سان گڏ سڊني جو مشھور بيچ بونڊائي بيچ ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪجھه دوست ڪنگس ڪراس جون رونقون ڏسي آيا. بھرحال آسٽريليا جو ھي يادگار سفر چار اپريل 1980ع تي پورو ٿيو، جتان کان ھڪ رات ھڪ ڏينهن سنگاپور ۾ دوستن شاپنگ ۾ گذاريو. سنگاپور جا ڪجھه تفريحي ھنڌ به ڏٺاسين. جن ۾ سنتوشا آئلينڊ وغيره گھمي ڏٺوسون. ست اپريل تي بئنڪاڪ ۾ ھڪ ڏينهن ھڪ رات ترسڻ ٿيو، جتي مون سڄو ڏينهن مھاتما ٻڌا جا مندر گھمي ڏٺا. بئنڪاڪ جون عجيب رونقون ڏٺيوسين. مغربي سياحن جي گھڻائي نظر آئي. ھرھڪ سياح سان گڏ ٻه عدد خوبصورت عورتون به ظاھر گائيڊ طور نظر پئي آيون. ھي اھو زمانو ھو جو سنڌ جا وڏيرا اڪثر ڪري بئنڪاڪ گھمڻ ايندا ھئا. ھاڻي اھي وڏيرا دبئي جو رخ ڪن ٿا. اھڙي ريت 7 اپريل 1980ع تي بئنڪاڪ کان ڪراچي روانا ٿي، اچي پنھنجي وطن پھتاسون. ڪراچي ايئرپورٽ تي رات جو 3 وڳي پھچڻ ٿيو. جھول جي مير صاحبان مان مرحوم مير ناظم الدين ٽالپر ايئرپورٽ تي اچي مليو. مون وٽ ڪا ڪسٽم جھڙي شئي ڪونه ھئي. بھرحال مير صاحبان جا ٿورا جو رات جي وقت اچي ملڻ جو قرب ڪيائون.

نوٽ

منھنجي آتم ڪٿا ۾ آسٽريليا وارو تعليمي دورو، مون خبر ناھي ڇو شامل ڪيو آھي. آگسٽ 2017ع ۾ مونکي برين اسٽروڪ جو حملو ٿيو. جنهن ۾ کاٻي اک جي نظر تي پردو اچي ويو. حافظو ڪمزور ٿي پيو. ۽ منھنجي تحرير ۾ اھا ادبي رواني نه رھي. تڏھين به زندگيءَ جي ڪشٽ ڪشالن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي اٿم.

وطن واپسي

وطن واپسي

اپريل 1980ع ۾ ملائيشيا ۽ آسٽريليا جي Study Visit تان واپس وطن ورڻ ٿيو. امڙ جي قدمن ۾ روبرو ٿيڻ جو شرف مليو. امان جو چوڻ ھو ته ”ابا! مونکي اھو سمورو وقت ننڊ ڪونه ٿي آئي، تنھنجي ولات وڃڻ جي ڪري.“ ملائيشيا کان پوءِ آسٽريليا ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ڏسڻ منھنجي لاءِ وڏي حيرت ۽ حقيقت ۾ ’ثقافتي صدمي‘ برابر ھيو. ڇاڪاڻ ته آئون پاڪستان ۽ سنڌ جي روايتي پنڊ پاھڻ سماج ۾ کان پوءِ جديد دنيا جا منظر ڏسي دنگ رھجي ويس. بھرحال پاڪ وطن ۾ پھچڻ کان پوءِ سنڌي چوڻي موجب ”ساڳيا ٽڪر ساڳ سان“ ھتي جي سماج سان وري ھم آھنگ ٿيڻ ۾ ڪا دير ته ڪونه لڳي، البته ملائيشيا ۽ آسٽريليا جتي تقريبن سئو سيڪڙو خواندگي جو انگ اتي جي استادن جي ھوشياري، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ماحول ۽ اتان کان حاصل ڪيل تعليمي تجربن لاءِ ھتي ڪا گھڻي گنجائش ڪونه ھئي. بھرحال ”پاڪستان پرائمري ايجوڪيشن“ پروجيڪٽ تحت سنڌ خواھه ڪوئٽھ / بلوچستان ۾ ٿيندڙ ورڪشاپن ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو.
انهيءَ زماني ۾ استادن جي تربيتي ادارن جو معيار گھڻي قدر مناسب ھيو ۽ زير تربيت استادن لاءِ به تربيت وٺڻ جو سٺو ماحول ميسر ھو. ائين اھو وقت تعليمي تدريسي سرگرمين ۾ گذرندو رھيو. انهيءَ زماني ۾ آپا شمس عباسيءَ جي ڪوششن سان سنڌ ۾ موجود سڀني ٽيچرس ٽريننگ اسڪولن جو درجو وڌايو ويو ۽ انهن ادارن جو نالو ”اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن“ رکيو ويو. سانگھڙ ۾ نوجوان استادن کي پاڙھيندي سٺو وقت گذريو.

ادبي سرگرمين کان وانجھيل سانگھڙ شھر

ادبي سرگرمين کان وانجھيل سانگھڙ شھر

سانگھڙ شھر ۾ ڪنهن به ادبي تنظيم جو وجود ڪونه ھو. جڏھين 1972ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سانگھڙ ۾ مقرر ٿي آيس ته پنھنجي سنڌي ادبي سنگت جي ورڪر ميمبر جي جھول مان حاصل ڪيل تربيت کي ذھن ۾ رکندي، سانگھڙ جي ادبي ذوق رکندڙ دوستن سان رابطا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، پوءِ جڏھن محترم آفتاب نظاماڻي سان ملاقات ٿي ته انهيءَ تحريڪ کي سانگھڙ ۾ قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
آفتاب نظاماڻي سٺو ڪھاڻيڪار ۽ ترقي پسند ذھن رکندڙ نهايت پرجوش نوجوان ھيو. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان تعلق رکندڙ سرگرميون سانگھڙ ۾ برپاڪرڻ ۾ ھميشھ اڳاھون ڏسبو ھو. ان زماني ۾ اسان گڏجي سانگھڙ جي نوجوانن کي علمي، ادبي سرگرمين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مائل ڪيو. آفتاب نظاماڻي جي انشورنس واري آفيس ۾ اڪثر ڪري روزانه ادبي بحث مباحثه جاري رھندا ھئا. ان زماني ۾ محمد صلاح پنهنور سانگھڙ ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر ٿي آيو. ھيءُ صاحب اسان جي ادبي ڪمن ۾ وڏو معاون ۽ مددگار ثابت ٿي پيو. انهيءَ دور ۾ اسان سانگھڙ ۾ تمام وڏا ادبي مشاعرا، لطيف ڪچھريون، سانگھڙ جي شاعرن سان شامون ملھائڻ جا پروگرام ڪري ھن بيٺڪيت واري شھر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب بابت ھڪ لھر پيدا ڪئي، جيڪا جيئن پوءِ تيئن ترقي ڪندي رھي. ھن وقت سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم سانگھڙ ۾ باقاعده ادبي ويھڪون ڪندڙ آھي. سانگھڙ جي نوجوانن ۾ افسانا، شارٽ اسٽوريون ۽ ناول لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. امر لغاري جھڙا ڪھاڻيڪار ۽ ناولسٽ مشھور ٿيا. راجن مڱرئي جي ڪھاڻين جا مجموعا به شايع ٿي چڪا آھن. ان سان گڏ سانگھڙ مان ادبي سلسلا شايع ڪرڻ جي شروعات ٿي. حر تحريڪ بابت ”جھونگار“ ۽ ”منصور“ جا ڪتابي سلسلا ڇپجن پيا. حر تحريڪ کي انگريز جي ھدايتن موجب ’اونداھي جي سرنگھه‘ ۾رکيو ويو ھيو. ان تي سانگھڙ جي بزرگ محترم ملھار خاصخيلي، انتهائي اھم ڪتاب لکي، جماعت روضي ڌڻي جي فقيرن جي انگريزن خلاف بغاوت جو ذڪر ڪري زماني جي سامھون آندو ۽ سندس انهيءَ ڪوشش کي اڳتي وڌائيندي سانگھڙ ۾ ”حر ھسٽاريڪل سوسائٽي“ جو بنياد پيو. جنهن تحت حر تحريڪ بابت تحقيق جو ڪم جاري رھيو.
ياد رھي ته ان زماني ۾ سانگھڙ اندر حضرت سورھيھ بادشاھه جي ورسي ملھائڻ جي خيال جي به رنڊ روڪ ڪئي ويندي ھئي. پر آفتاب نظاماڻي انهن منع نامن کي نظر انداز ڪندي پھريون دفعو گڙنگ بنگلي تي 20 مارچ حضرت سورھيھ بادشاھه جي شھادت بابت پروگرام رکيو. ھن پروگرام ۾ ڪافي تعداد ۾ نوجوان اديب شريڪ ٿيا. سنڌ يونيورسٽي مان ڪافي شاگرد شريڪ ٿيا. انهن سان گڏ ڊاڪٽر قمر واحد صاحبه به شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ حضرت سورھيھ بادشاھه جي ورسيءَ جا پروگرام سنڌ جي ٻين شھرن ۾ به منعقد ٿيڻ لڳا. اھڙي طرح حر تحريڪ جو نئين نسل سان تعارف ٿيڻ لڳو. آفتاب صاحب جي ڪھاڻين جا مجموعا ”ارپنا“ ۽ ”اوھيرا“ جي ٽائيٽل سان ڇپجي ادبي ميدان ۾ آيا.
شھيد آفتاب نظاماڻيءَ جي اھا خوبي ھئي ته حيدرآباد يا ٻين شھرن ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ سانگھڙ جي دوستن کي پاڻ سان گڏوٺي ويندو ھو. اھڙي طرح سانگھڙ جي ادبي لڏي جو سنڌ جي ادبي ڌارا ۾ تعارف ٿيو. آفتاب نظاماڻيءَ جي پرجوش ۽ پياري شخصيت کي وساري نه ٿو سگھجي. 1988ع جي فسادن ۾ ھن انمول انسان کي حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ سنڌ دشمنن شھيد ڪري ڇڏيو. سندس سربراھي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرميون ان بعد سنڌي ادبي سنگت سانگھڙ ۾ نوجوانن جاري رکيون. آفتاب صاحب جي لاڏاڻي بعد سانگھڙ ۾ سگا جون سرگرميون پڻ ختم ٿي ويون.

چريا پڙي عرف ”پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ“ جو دفتر

چريا پڙي عرف ”پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ“ جو دفتر

ڪامريڊ حسن عسڪري جي سربراھيءَ ۾ ”پاڪستان سوشلسٽ پارٽيءَ“ جو ضلعي دفتر کوليو ويو. ان جي آفيس بيت الفضل جي ڏاکڻي گھٽيءَ ۾ ڏھن فوٽن جي ھڪ ننڍڙي جڳھه ۾ قائم ھئي. جنهن ۾ روزانه شام جو کاٻي ڌر وارن دوستن جون ڪچھريون قائم ھيون. اتي دوست گڏجي ويھندا ھئا ۽ پنھنجي پنھنجي انقلابي مطالعي بابت ڳالھه ٻولھه ٿيندي ھئي. ھتي ھڪ ننڍي ڪٻٽ ۾ ڪتابن جي لائبريري پڻ قائم ھئي، جنهن ۾ سوويت يونين جي مشھور ليکڪن جا ڪتاب موجود ھوندا ھئا. ھن آفيس ۾ ڪڏھن ڪڏھن محترم لکمير ڏاھري پڻ شريڪ ٿيندو ھو. لکمير ڏاھري، رسول بخش پليجي صاحب جو پرجوش ڪارڪن ھيو. ھي صاحب، حسن عسڪري صاحب سان اختلافي بحث مباحثا ڪندو رھندو ھو. ھن آفيس ۾ ھري لوھاڻو جيڪو پوءِ ھري ”آزاد“ سڏائيندو ھو، به سوشلسٽ پارٽيءَ جي ”يوٿ ليگ“ جو ڪارڪن ھو. ھڪ ٻه مالھي ذات جا نوجوان پڻ يوٿ ليگ ۾ شامل ھئا. انهن مان شنڀو مالھي اڃان تائين عسڪري صاحب کان آشيرواد حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو رھندو آھي.
اسحاق مڱريو پھريان جيئي سنڌ وارن جي ھڪ زبردست ليڊر جي قافلي ۾ شامل ھيو. اجرڪ ڪنڌ ۾، جھول ۾ منھنجي لاءِ عبدالغني ميمڻ جي ميڊيڪل اسٽور تي پمفليٽ ۽ پوسٽر رکي ويندو ھو. اسحاق مڱريو اڀپور ۾ سائين علي ڏني شاھه جي اوطاق تي اڪثر ڏٺو ويندو ھو. علي ڏنو شاھه جيتوڻيڪ پپلزپارٽي جو پرجوش ورڪر ھوندو ھو. پر ان سان گڏ شعر و شاعري سان دلچسپي رکندڙ ۽ سنڌي ادبي سنگت جھول جي ادبي گڏجاڻين ۾ پيش ٿيندڙ لکتن تي زبردست تنقيد ڪندو ھو.
ضياءُالحق جي دور ۾ اسحاق مڱريو قومپرستي جو ڪم ڇڏي، عسڪري صاحب جي سوشلسٽ پارٽيءَ ڏي مائل ٿيو. ساڻس گڏ گل حسن سريوال جي ڳوٺ جو نوجوان مير حسن سريوال به ”يوٿ ليگ“ جو پرجوش ڪارڪن بنجي ويو. ان ننڍڙي دفتر جي سارسنڀال محترم قيوم لانڊر جي حوالي ھوندي ھئي. اسڪول ٽائيم کان پوءِ جڏھن ھن انقلابي آفيس ۾ حسبِ معمول وڃڻ ٿيندو ھو ته اتي قيوم لانڊر ھڪڙي بئنچ تي ڪارل مارڪس جو ضخيم ڪتاب ”داس ڪئپيٽال“ سيراندي ڏيو ستو پيو ھوندو ھو. پوءِ آھستي آھستي ٻيا دوست اچي ڪٺا ٿيندا ھئا. حسن عسڪري صاحب پنھنجي kava saki موٽر سائيڪل تي پھچي ويندو ھو ۽ پوءِ اھا تات شروع ته ڪڏھن ٿو مغرب کان مارڪس جو لينن انقلاب اچي. ھتي دوست پنھنجي پنھنجي مطالعي جو نچوڙ ٻين دوستن سان شيئر ڪندا ھئا.
لڳ ڀڳ انهيءَ زماني ۾ ميان مير حسن سريوال کي سندس پارٽيءَ سوويت يونين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو. ان زماني ۾ اسحاق مڱريو بي روزگار ھو. ھن ڪجھه رقم ھٿ ڪري اسڪول ورڪس کاتي ۾ ٺيڪيداريءَ جو ڪم شروع ڪيو پر جلد ئي ڏيوالو ڪڍي بيٺو. سانگھڙ ۾ بجري سپلاءِ ڪرڻ وارو لالو وصولي لاءِ سندس ڳولا ڪندو رھندو ھو. پوءِ کيس حسن عسڪري صلاح ڏني ته ”جاڳو“ اخبار جو سانگھڙ مان عيوضي ٿي وڃي ۽ صحافت اختيار ڪري. اھڙي طرح اسحاق مڱريو صحافت جي ميدان ۾ ھليو ويو. آئون کيس ائنٿروپالوجي جي پس منظر ۾ شڪاري قبيلي بابت مضمون لکڻ جا ڏس ڏيندو ھئس. ھي ھمراھه اڄ ڪلھه وڏو ڍينگ صحافي آھي ۽ کيس کاھوڙي جو لقب ڏنو وڃي ٿو.
حسن عسڪريءَ کي ان ڳالھه جو بھرحال ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو، جو ھن صاحب سانگھڙ جي نوجوانن ۾ سيڪيولر سوچ ۽ انقلابي ذھن پيدا ڪرڻ جي ڪافي قدر ڪامياب ڪوشش ڪئي. حالانڪه انهن ڏينهن ۾ وٽس ڪو پارٽي فنڊ وغيره موجود ڪونه ھو. ايتري قدر جو پارٽي آفيس جي معمولي مسواڙ ڏيڻ به مشڪل مرحلو ھو. ھڪ دفعي جاءِ جي مالڪ مسواڙ نه ملڻ ڪري، ان تي پنھنجو تالو ھڻي ڇڏيو. مٿان کان وري ڇا ٿيو جو اچي مينهن پيا ۽ آفيس ۾ پاڻي ڪاھي پيو. عسڪري صاحب جڏھن ھتان ھتان ڪجھه رقم گڏ ڪري، آفيس کولي ته انقلابي ڪتاب پاڻي جي نذر ٿي چڪا ھئا. مون انهن مان ”داس ڪئپيٽال“ جو ڪتاب کڻي اچي گھر ۾ خشڪ ڪيو ۽ نهايت باريڪ بيني سان ان جي مرمت ڪري، نئون جلد ٻڌي محفوظ ڪيو. اڃان تائين قيوم لانڊر کي چوندو آھيان ته سندس تڪئي وارو ڪتاب مون وٽ آھي. جي سيراندي ڪري سمھڻ چاھي ته کيس پيش ڪريان.
سانگھڙ ۾ چريا پڙي تي باقاعده گڏجاڻيون ڪندڙ نوجوانن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ٿيو. ان زماني ۾ سوشلسٽ پارٽيءَ جو معمر رھنما جناب انيس ھاشمي صاحب، ھتي اچي ليڪچر ڪندو ھو. ياد رھي ته ھاشمي صاحب انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر رھي چڪو ھو. سندس خاندان جا دھليءَ ۾ رھندڙ فرد به ساڳي طرح انقلابي ھئا. انيس ھاشمي صاحب کانسواءِ حيدرآباد مان ڊاڪٽر مبارڪ علي خان ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جو سربراھه پروفيسر شيخ فريدالدين به سانگھڙ ۾ اچي پروگرامن ۾ حصو وٺندا ھئا. انهن عالمن جو سانگھڙ ۾ اچي ننڍن وڏن پروگرامن ۾ جديد انقلابي خيال پيش ڪرڻ، سانگھڙ جي نوجوانن لاءِ ھڪ قسم جي جدوجھد جي راھه تي ھلڻ جو ڪارڻ بنيو. سانگھڙ جا ماڻھو اسان جي ھن بيٺڪ کي ”چريا پڙي“ ان ڪري ڪوٺيندا ھئا جو اسين چانهه پاپا کائي سڄو ڏينهن جاگيردارن کان زمين ضبط ڪري ھارين ۾ تقسيم ڪرڻ جون ڳالھيون ڪندا ھئاسين.

حسن عسڪريءَ جا نظرياتي مقاطعا

حسن عسڪريءَ جا نظرياتي مقاطعا

سنڌي ٻوليءَ ۾ زمين جو مقاطعو حاصل ڪرڻ مان مراد آھي ته زمين جي اصل مالڪ کان ڪجھه رقم جي عيوض پوکيءَ جو حق خريد ڪرڻ. عسڪري صاحب جي وڏن ھريانه مان ھجرت ڪري پھرئين پنجاب وسايو ۽ پوءِ سانگھڙ ۾ کين ھندن جو ڇڏيل زمينون ڪليم ۾ مليون. سانگھڙ ضلعي کي انگريز پنھنجي وڙھايو ۽ حڪومت ڪريو جي اصول تحت بقول اردو واري جي ”ڀان متي ڪا ڪنبا“ بڻائي ويو. پھرئين ۽ ٻي جنگِ عظيم جي رٽائر فوجين کي زمينون ڏئي ھتي وسايو ويو. پاڪستان ٿيڻ بعد لياقت علي خان جي لشڪر ۾ ايندڙ افراد کي پنجاب مان سنڌ آڻي ڳوٺ گام ۽ زمينون ڏنيون ويون. حسن عسڪري پنھنجي مارڪسزم جي نظرئي تحت ھتي سانگھڙ ۾ جيڪو ترقي پسندانه جدوجھد جو پروگرام پيش ڪيو. ان جي ڪري نوجوانن ۾ بغير ڪنهن ڀيد ڀاءُ جي گڏجي سماج کي سڌارڻ جو رستو مليو. ڪيترائي نوجوان پارٽي جي ”يوٿ ليگ“ مان تربيت ۽ اتساھه وٺي زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌيا.
ھاڻ عسڪري صاحب پنھنجي انقلابي پروگرام کي ڳوٺن تائين پھچائڻ جو خيال ڪيو. سڀ کان پھريائين سانگھڙ ڀرسان واقع ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ (Cell) قائم ڪيائين. مير حسن سريوال ۽ اسحاق مڱريو ڪجھه ٻين نوجوانن سان ڳوٺ ۾ سياسي ھلچل جي شروعات ڪئي. سريوال جيئن ته ننڍي وڏي زميندار طبقي جا رئيساڻا رمزون رکندڙ راڄ جا ماڻھو ھئا. تنهنڪري عسڪريءَ جو نظرياتي فصل ڪا گھڻي پيداوار ڏئي ڪونه سگھيو. آئون جيئن ته ھن ڳوٺ ۾ ڪافي عرصو استاد رھي چڪو ھئس. تنهنڪري عسڪري صاحب کي ھن ڳوٺ ۾ Cell کولڻ کي نظرياتي مقاطعو ڪوٺيندو ھئس. ڇوته ھتي جا ھمراھه اول آخر پنھنجي پراڻي مجيرين سان ٻڌل رھيا.
ھتي گل حسن سريوال ڳوٺ جي انقلابي سيل بابت ھڪ مزيدار واقعي جو ذڪر ڪريان ٿو. بينظير صاحبه جي پھرئين حڪومت دوران اليڪشن ٿي. ان وقت ھندو اميدوران کي فقط ھندو ووٽ ڪري پئي سگھيا. ٻي ڳالھه ته قومي اسيمبليءَ جي ھندو اميدوار جو حلقو سمورو پاڪستان ھيو. ھن اليڪشن ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي قومي اسيمبلي جو اقليتي اميدوار ھو. سريوال ڳوٺ جي نوجوانن ڪامريڊ جي ورڪ ڪرڻ شروع ڪئي. اليڪشن واري ڏينهن سندن ڳوٺ جي پولنگ اسٽيشن تي پرزائيڊنگ آفيسر حاجي ولي محمد نظاماڻي مقرر ٿي آيو. حسن عسڪري صاحب جي انقلابي سيل جي چند نوجوانن ڪامريڊ سوڀي کي ووٽ ڏيڻ جو ورڪ پئي ڪيو. پر ڳوٺ جو رئيس سانگھڙ جي دولتمند ڀائي بند کي ووٽ ڏيارڻ جو وچن ڪيو ويٺو ھو. ھن کي جڏھن ڇوڪرن جي ھن ورڪ جي خبر پئي ته نوجوان ڪامريڊن کي چڱو ڪٽڪو ڪڍرايائين. حسن عسڪري صاحب به مار کائيندي بچي ويو. ھن وقت جڏھن آئون نومبر 2018ع ۾ ھي سٽون لکان پيو. عسڪري صاحب جي ھن سياسي سيل جو انقلابي جوش جذبو پڄاڻيءَ تي پھتل آھي.
ساڳئي ريت انهن ڏينهن ۾ عسڪري صاحب ڳوٺ باقر نظاماڻي ۽ ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي ۾ پنهنجا نظرياتي مقاطعا شروع ڪيا. ھنن ڳوٺن جا دوست تمام يار ويس پنھنجي تر جا چڱا موچارا ترقي پسند زميندار ۽ استاد طبقي سان واسطو رکندڙ ھئا. مونکي خبر ھئي ته اھي محبتي ماڻھو انقلاب جون ڳالھيون دلچسپي سان ٻڌندا ھئا. پر سندن روايتي سياسي ناتا ڄام صاحبن ۽ ٽنڊو آدم جي جوڻيجا خاندان سان ھئا. تنهنڪري اھي مرڪز به انقلابي جوش خروش درجي به درجي ماٺو ڪري ويٺا. بھرحال ذاتي طور ھنن محبتي دوستن جي عسڪري صاحب سان ياري اڃان تائين قائم آھي.
ھيءُ باب پورو ڪندي آئون اھو ضرور چوندس ته حسن عسڪري صاحب جي مارڪسي سياست جي ڪري سانگھڙ شھر ۾ پھرئين مئي تي مزدورن جي عالمي ڏينهن بابت ھر سال وڏي جوش خروش سان شھر ۾ مزدور ريلي ڪڍي ويندي آھي. جنهن ۾ مزدور ۽ کاٻي سوچ رکندڙ دوست سرخ جھنڊا کڻي پريس ڪلب سامھون انقلابي تقريرون ڪندا آھن.
جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ حسن عسڪري صاحب، ھاري مزدور ڪلاس جي ڏاڏي علي بخش کي آماده ڪيو ته ھو اسيمبليءَ لاءِ فارم ڀرائي. ٻئي پاسي عورتن جي نمائندگي لاءِ شھداد پور مان ميڊم گلاڻي صاحبه صوبائي اسيمبلي لاءِ فارم ڀرايو. ھن جاگيردارانه ھڪ ھٽيءَ واري سماج ۾ حسن عسڪريءَ جو اھو تجربو دراصل ھڪ ٽيسٽ خاطر ھيو ته آخر عوام جي سوچ ۾ ڪيتري قدر تبديلي آئي. نتيجو مايوس ڪندڙ رھيو. ھنن ٻنهي عوامي اميدوارن کي صرف چند ووٽ ملي سگھيا. ھن سال (2018ع) ۾ جڏھين آئون ھي سٽون تحرير پيو ڪريان، انهن چونڊن ۾ محترم حسن عسڪري صاحب پاڻ سانگھڙ مان ھڪ روايتي ڀوتار سامھون فارم ڀرايو. حسن عسڪري صاحب پنھنجي حلقي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي وڏيرا شاھي خلاف ورڪ ڪئي. اليڪشن ٿي گذري، کيس پنج سئو کن ووٽ مليا. مطلب ته ھن ملڪ ۾ ترقي پسندانه سوچ رکندڙ افراد لاءِ نام نهاد اسيمبلين ۾ وڃڻ جا دروازا بند آھن. بھرحال ”ھنوز دلي دور است!“ ھن ملڪ جي غريب عوام جي ٽنگ ۾ وڏيره شاھيءَ جو ٽوڙھو ٻڌل آھي. ويچارا فيوڊل ڪلاس جي سياسي جبر جي قيد ۾ قابو آھن.

حسن عسڪري جي چريا پڙيءَ جي ميمبر ٿيڻ جو امتحان

حسن عسڪري جي چريا پڙيءَ جي ميمبر ٿيڻ جو امتحان

حسن عسڪري صاحب جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ٿيڻ خاص ڪري ”يوٿ ليگ“ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪڙي امتحان مان گذرڻو پوندو آھي. جنهن ۾ مون پارا متفقين ڪجھه قدر ٻاھرئين ٻني تي رھيا. پر ھن گروپ جي اندروني مرڪزي سرڪل جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ڪامريڊ جي انقلابي ڀاشڻن سان گڏ، انهن نوجوانن کي عقيدن جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ Purgative طور سخت انقلابي جمال گھوٽي جو ڊوز ڏنو ويندو ھو ته جيئن ھنن جا ” غائب شاھن“ طرفان ڏنل خانقاھي ادارن وارا عقيده ڌوپي صاف ٿي وڃن. بھرحال ”يارن ڌوئي صاف ڪيو ورق وجود جو“ جي مصداق انهيءَ امتحان ۾ ڪي ٿورا سچائي سان ڪامياب ٿيندا ھئا. باقي ٻيا روايتي امتحاني طريقي موجب نقل ڪري اھو مرحلو لنگھي ”ڪامريڊيءَ“ جي ڊگري وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آھن. حسن عسڪري صاحب پنھنجي عددي ميمبرشپ ۾ واڌارو ڏسي خوش ٿي ويندو آھي. آئون سندس ان ساده دليءَ بابت ڀوڳ چرچا ڪندو رھندو آھيان. جواب ۾ مونکي چوندو آھي ته ”آخر ته تون حر جماعت جو ماڻھو آھين نه!!“
بھرحال ھن موقعي تي آئون نهايت سنجيدگيءَ سان اھو چوان ٿو ته انگريزن خلاف بغاوت ڪندڙ حر جماعت ۾ جنم وٺندڙ، حر ڪئمپن جي قيد ۾ پنھنجي والدين سان گڏ ڏکيا ڏينهن ڏسڻ وارو ماڻھو آھيان. مونکي قدرتي طور سامراج کان سخت نفرت آھي ۽ ھي جيڪي ھن وقت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺا آھن، اھي انهن ڀوتارن جو ٽيون نسل آھن، جن حرن تي ظلم برپا ڪرڻ ۾ انگريز جي مدد ڪئي. مون جڏھن روسي دانشور پرنس ڪروپاتڪن جو ڪتاب، جنهنجو ڪامريڊ برڪت آزاد سنڌيءَ ۾ ترجمو ”نوجوانن ڏانهن“ پڙھيو، انهي وقت کان وٺي پنھنجي خيال و عمل، پنھنجي تحرير خواھه تقرير ۾ مزدور انقلاب جو خواب ڏسندو رھيو آھيان. البت اھا ٻي تلخ حقيقت آھي ته ھن دور ۾ مارڪسي انقلاب جو نظريو مري ته ڪونه ويو آھي البته سوا صديءَ بعد ٺري ضرور ويو آھي. انساني نظريا ٺري ويندا آھن، پر مرندا ڪونه آھن. اھي نظريا تاريخ جي سفر ۾ نئين روپ ۾ وري نروار ٿيندا آھن.

اين -جي -او جو دور ۽ ڌرتي دوست سنگت جو بنياد

اين -جي -او جو دور ۽ ڌرتي دوست سنگت جو بنياد

93-1992ع ڌاري ڪامريڊ حسن عسڪري، مير حسن سريوال ۽ اسحاق مڱرئي وارن مونکي چيو ته پاڻ ڪا NGO ٺاھي سماج سڌارڪ تحريڪ ھلائڻ ٿا چاھيون، توھان جو ڇا خيال آھي؟ مون کين چيو ته ”جيڪا سنگت جي صلاح“ ان موقعي تي مون ان اين جي او جو نالو ”ڌرتي دوست“ رکيو ۽ دوستن قبول ڪيو. ان کان پوءِ محنت ڪري ”ڌرتي دوست سنگت“ جا متا ۽ اصول مرتب ڪيا ويا ۽ ھن تنظيم کي ڪو آپريٽو سوسائٽي وٽ رجسٽر ڪرايو ويو.
اصل ڳالھه اھا ھئي ته برطانوي اين جي او آڪسفيم جي حيدرآباد واري دفتر ۾ اسحاق مڱرئي صاحب جو ھڪ دوست ڪم ڪندو ھو. ھي ماڻھو تمام يارويس ماڻھو ھو. اصل ۾ ٻيلي کاتي ۾ آفيسر ھو، پر اتان ڊيپوٽيشن تي آڪسفيم سان ڪم ڪري رھيو ھيو. ان صاحب اسحاق مڱرئي کي اھڙي تنظيم جوڙڻ لاءِ چيو ۽ امداد جو يقين ڏياريو. حقيقت ۾ مونکي ان پسمنظر جي خبر ڪجھه دير سان پئي. آڪسفيم حيدرآباد جو انچارج مسٽر جيوڻ داس به ڀلو ماڻھو ھو. منھنجي من ۾ اھو خيال ھو ته آئون آسٽريليا مان ماحول ۽ جھنگلي جيوت کي محفوظ رکڻ بابت اتي جي ڪارڪنن جي ڪم کان ڏاڍو متاثر ٿي آيو ھئس. مون چاھيو پئي ته سنڌ ۾ اھڙي تحريڪ شروع ڪجي. آڪسفيم ڏوڪڙ مھيا ڪيا. سانگھڙ ۾ دفتر کوليوسون. ان وقت ھن علائقي ۾ L.B.O.D ۽ چوٽياريون ڊيم جو تمام وڏو پراجيڪٽ عالمي بئنڪ جي مدد سان شروع ڪيو ويو ھيو. ھن پروجيڪٽ تحت منڍ جمڙائو کان وٺي چوٽياريون ڀرسان ڊيم جو بند تعمير ڪرڻو ھو. جنهن ڪري مکي ٻيلي ۾ اولھه طرف کان موجود ننڍيون وڏيون ڍنڍون ڊيم جو حصو بنجڻ واريون ھيون. ساڳئي وقت مکي ٻيلو صاف ڪرڻو ھو. ۽ ھن علائقي ۾ ٻيلي اندر صدين کان آباد مال وند ماڻھن کي بي دخل ڪرڻو ھو. ان سڄي پروگرام بابت، پروجيڪٽ وارن تمام خوبصورت لٽريچر شايع ڪيو. ولائتي سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ڪيائون. ھارين نارين ۽ مالوند ماڻھن کي وڏيون رقمون آڇيون ويون. جن ماڻھن جون زمينون ڊيم اندر اچڻيون ھيون، انهن کي به وڏين رقمن جا وعدا ڏنا ويا.
منھنجو خيال ھو ته ھي تمام پراجيڪٽ عالمي بئنڪ جي ڊالرن کي خرچ ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو ھئو. جنهن مان ھتي جي ڪامورن ۽ ڀوتارن کي وڏا فائدا ملڻا ھئا. پر مونکي ڏک اھو ھيو ته حر تحريڪ جو تاريخي مرڪز، ماحولياتي لحاظ کان ماحول دوست خطو، ساڳئي وقت جھنگلي جيوت جو محفوظ مسڪن تباھه ٿيڻو ھو.
ياد رھي ته مکي ٻيلي ۾ وسندڙ مالوند ڪميونٽي مينهن جا ڌڻ، ھتي جا چراگاھه، کير مکڻ ۽ گيھه جي پيداوار، مکيءَ مان حاصل ٿيندڙ ماکي ۽ ٻيون ڪيتريون شيون جھڙوڪ بِھه، مڇي ۽ لوڙھه سڀ ڪجھه برباد ٿيڻ وارو ھيو. مونکي اھا به خبر ھئي ته 1943ع ۾ ھتي انگريزن، حرن خلاف مارشلا لاڳو ڪئي ھئي. مون انگريز جي فائيلن ۾ پڙھيو ھيو ته انگريز جي مرضي ھئي ته مکي ٻيلو وڍي جلايو وڃي. ان جي اولھه ۾ پھرئين ۽ ٻي عالمي جنگ جي رٽائرڊ فوجين کي مفت زمينون ڏيئي کين ھر طرح جو امداد فراھم ڪري ھتي چڪن ۾ آباد ڪيو وڃي ته جيئن حرن جي طاقت ھن ايريا مان ختم ٿي وڃي. اھو چوٽياريون ڊيم جنرل رچرڊسن (1943ع) جي سفارش موجب جوڙيو پئي ويو. بھرحال اسان ڊيم مخالف تحريڪ شروع ڪئي. جلسا جلوس، دنيا جي ماحولياتي تنظيمن سان رابطه، ايتري قدر جو صوبي سرحد ۾ تعمير ٿيندڙ غازي بروٿا ڊيم وارن رابطو سان ڪيوسون. اتان کان عمر اصغر خان (ايئر مارشل اصغر خان جو فرزند) ھتي سانگھڙ آيو ۽ اسان کي تعاون جو يقين ڏياريائين. اھو صاحب پوءِ مشرف دور ۾ ماحوليات جو وزير ٿيو ۽ سانگھڙ ۾ اچي جلسو ڪيائين ته متاثرين سان انصاف ڪيو وڃي. ورلڊ بئنڪ جو ھي تمام مھانگو پروجيڪٽ ھتي جي مقامي ڪامورن جي ور چڙھي ويو. نتيجو اھو نڪتو ته ھن پروجيڪٽ رشوت جا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ڊيم اندر زمينن جي معاوضي ۾ وڏا گھپلا ڪيا ويا. 10 ايڪڙن جي کاتي واري کي سئو ايڪڙ ڄاڻائي ادائيگيون ڪيون ويون. اصل حالت ھيءَ ھئي جو ڊيم بابت سڀني سياسي پارٽين جا ڀوتار به انهيءَ رشوت جي وھندڙ واھه مان مستفيد ٿيا. ميربحر ڪميونٽي جا ليڊر به آفيسرن جي لاري لپي لڳا. ڌرتي دوست سنگت سان ڪوبه تعاون ڪونه ڪيائون. متاثر ڪميونٽي کي آماده ڪرڻ لاءِ ھڪ خاص NGO کي ٺيڪو ڏيڻو ھو. ان لاءِ ھڪ ڪراچي ۾ واقع ماحولياتي تنظيم کي واپڊا وارا وٺي آيا. سانگھڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ھال ۾ ان تنظيم جو تعارفي پروگرام رٿيو ويو. ڌرتي دوست سنگت کي دعوت ڪونه ڏنائون. پر آئون اڻ ڪوٺيو ان ۾ وڃي پرگھٽ ٿيس. ھن پروگرام ۾ ڪافي غير ملڪي انجينيئر به ھئا. مون ان پروگرام ۾ ڳالھائڻ لاءِ انتظاميه کي چيو. نيٺ سور مرندي اجازت ڏنائون مونکي ڪراچي واري تنظيم جي اصولي مخالفت ڪرڻي ھئي. آئون انهن کي سڃاڻندو ھئس. تمام چلتا پرزا ھئا. مون واپڊا جي انجينيئرن ۽ عالمي بئنڪ جي غير ملڪي نمائندن کي ٻڌايو ته ھي امپورٽيڊ تنظيم مکيءَ جي قديم ڪميونٽي ۾ ڪم نه ٿي ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته انهن کي مقامي زبان ۽ مکي جي ماڻھن جي قديم ڪلچر بابت ڪابه ڄاڻ ناھي. تنهن ڪري اوھان جي اھو ڪم ڪرڻ چاھيو ٿا ته مقامي طور قائم شده تنظيم کي اھو ٺيڪو ڏيو. نتيجي ۾ ڪراچي وارن جو ڪليم ختم ۽ شھداد پور ۾ تازو قائم ٿيل تنظيم ”سافڪو“ کي اھا اسائنمينٽ ڏني وئي. ھن تنظيم جو اڳواڻ شروع ۾ شھدادپور ميونسپالٽي جو ملازم ھو. پر پنھنجي ھوشياري ۽ چترائي جي ڪري ھن وقت مٿاھين اقتصادي منزل تي پھتل تي آھي. سندس جايون جڳھيون حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم آھن. پنھنجي حلقي ۾ وڏو دانشور ليکجي ٿو. منھنجي سچ چوڻ تي اھو ھمراھه مونکان پرڀرو رھندو آھي.

ايل- بي- او- ڊي ۾ رشوت جي بازار

ايل- بي- او- ڊي ۾ رشوت جي بازار

اصل ۾ چوٽياري ڊيم ۽ ايل- بي- او- ڊي ھڪ وڏي پروجيڪٽ جا حصا ھئا. ايل- بي- او- ڊي پروجيڪٽ تحت نوابشاھه کان وايا سانگھڙ، ميرپورخاص ضلعن درميان وڏن ننڍن سم نالن جو ڄار بنائي ويو ھئو. نوابشاھه ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ زير زمين سم جو پاڻي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪيترائي ٽيوب ويل لڳايا ويا ھئا. ياد رھي ته انهن ٽيوب ويلن جي مشينري آمريڪا مان درآمد ڪئي وئي ھئي. ٽيوب ويلن کي ھلائڻ لاءِ بجليءَ جي لائينن جو ڄار وڇايو ويو.
پھرئين رشوت جي لھر اتان شروع ٿي ته جنهن زميندار جي زمين مان سم نالي کوٽي ٿي ويئي.اھا زمين اڪثر ڪري سخت ڪلراٺي ۽ پيداوار ڏيندڙ ڪونه ھئي. ان وقت جي ويليو پنج ھزار روپيھ ايڪڙ جيتري به ڪونه ھئي. پر ھتي به رشوت جي بازار جا جادوگر پھچي ويا. سروي ريڪارڊ ۾ لکيو ويو ته سم نالي ھيٺ ايندڙ زمين ۾ باغ بستان موجود آھن. ان ڪري ان جي ھڪ ايڪڙ جي قيمت ڪم از ڪم سٺ ھزار ھجڻ گھرجي ۽ اھا رقم زميندارن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ورھائي ھضم ڪئي. مون ان وقت به ان تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي انجينيئرن کي پنھنجي خدشي جو اظھار ڪيو ھو ته جھنگل ۾ موجود انهن ٽيوب ويلن جا ٽرانسفارمر چوري ٿي ويندا ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ ٿيو به ائين جو ٽيوب ويلن جا ٽرانسفر ۽ انهن جا قيمتي موٽر چوري ڪيا ويا. سم جي صورتحال اتي جو اتي رھي. ھن وقت انهن ٽيوب ويلن جا آثار ڏسي سگھجن ٿا. ڪروڙين ڊالرن جا پروجيڪٽ ناڪام ٿي ويا. ٻيو ڇا ٿيو جو انهن سم نالن جي ايريا ۾ موجود ڪم از ڪم ھڪ درجن شوگر ملن پنهنجا زھريلا ڪيميڪل نيڪال ڪرڻ شروع ڪيا آھن ۽ هيءُ ماحول دشمن عمل تاحال جاري آھي.

ٽائيڊل لنڪ TIDAL LINK CANAL۽ استاد ناٿو خان لنڊ

ٽائيڊل لنڪ TIDAL LINK CANAL۽ استاد ناٿو خان لنڊ

ڌرتي دوست سنگت انهيءَ پروجيڪٽ جي Enviorment Management Committee جي ميمبر ھئي. ان حيثيت ۾ ھر ماھه حيدرآباد جي حسين آباد ۾ واقع پروجيڪٽ جي مرڪزي آفيس ۾ ميٽنگ ٿيندي ھئي. آئون ان ۾ شرڪت ڪندو ھئس. اڪثر ڪري ملڪي خواھه ولائتي انجينيئرن سان مٿا ماري ڪندو رھندو ھوس.
ھڪ دفعي اسان کي پروجيڪٽ جي طرفان خط مليو ته فلاڻي تاريخ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ عالمي بئنڪ جي انسپيڪشن ٽيم سان ميٽنگ ۾ شرڪت ڪرڻي آھي. ياد رھي ته ان وقت تائين بدين کان سمنڊ تائين TIDAL LINK CANAL مڪمل ٿي چڪو ھو. آئون ۽ اسحاق مڱريو ڪراچيءَ وياسين. سنڌ سيڪريٽريٽ جي ھڪ ھال ۾ ميٽنگ منعقد ٿي. ان زماني ۾ ماحوليات ۽ ايريگيشن کاتي جي سيڪريٽري محترما ماھتاب چنا صاحبه ھئي. ميٽنگ ۾ پروفيسر اعجازقريشي، پروفيسر مشتاق ميراڻي صاحب شريڪ ٿيا. ساڻن گڏ ھڪ ڪاري کٿيءَ پھريل بزرگ موجود ھو. عالمي بئنڪ جي ٽيم جا ڪافي ماڻھو موجود ھئا. سڀ کان پھريائين ھر ھڪ ماڻھو پنھنجو تعارف ڪرايو. تعارف کان بعد ٽيم جي ھيڊ مونکي ڳالھائڻ لاءِ چيو. مون ان کي چيو ته آئون ھڪ ننڍڙي تنظيم جو ورڪر آھيان. ھتي منهنجا سينيئر پروفيسر ويٺا آھن. انهن کي پھرئين ڳالھائڻ کپي. پر ھن صاحب چيو ته ”نه توھان پھرئين ڳالھايو!“ مون پنھنجي ڳالھه جي شروعات ھن پروجيڪٽ ۾ مکيءَ جي ڪميونٽي جي بربادي جي ذڪر سان گڏ جڏھن اھو جملو چيو ته ھن پروجيڪٽ سنڌ ۾ رشوت جي بازار کولي ڇڏي آھي. اھا ڳالھه ٻڌي صاحب مونکي چيو ته تون سياسي ماڻھو ٿو ڏسجين. آئون توکي وڌيڪ ڳالھائڻ جي اجازت نه ٿو ڏيان! مون پروفيسر صاحبان ڏانهن ڏٺو. بلڪل خاموش ھئا. بھرحال آئون چپ ڪري ويھي رھيس. آخر ۾ ڪاري کٿيءَ واري بزرگ کي ڳالھائڻ لاءِ چيو ويو. جيڪو پروفيسر اعجاز قريشي جي ڀر ۾ ويٺل ھيو. قريشي صاحب سندس تعارف ڪرائيندي چيو ته ھي بزرگ استاد ناٿو خان لنڊ آھي ۽ ٽائيڊل ڪئنال واري علائقي جو رھاڪو آھي. استاد ناٿي خان لنڊ پنھنجي گفتگو جي شروع ۾ حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائي جا ڪجھه بيت پڙھيا. جن جو جھڙو تهڙو ترجمون پروفيسر صاحب انگريزي ۾ ڪيو. ان بعد استاد ناٿي خان پنھنجو اھم بيان ھڪ جملي ۾ ڏنو ته ” صاحبن کي چئو ته اوھان جو ھي واھه (TIDAL LINK CANAL) ڪونه وھندو!“ عالمي بئنڪ وارن ھڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. انهن مان ھڪ چيو ته If he is an engenier? ( ڇا ھي ڪو انجينيئر آھي؟) پروفيسر قريشي صاحب چيو ته ”ھي ريٽائرڊ پرائمري ٽيچر آھي!“ ”ته پوءِ ھي اھڙي دعوى ڇو ٿو ڪري؟“ انگريز صاحب چيو. ان تي وري استاد ساڳيو جملو دھرايو! ۽ آخر ۾ قريشي صاحب کي چيائين ته ” ھنن صاحبن کي ٻڌاءِ ته اوھان ۽ اوھان جو ھي شاھي سم واھه، سمونڊ جي طاقت کان ڏاڍو ناھي. توھان جي ھن واھه کي سمونڊ اڄ سڀاڻ ڊاھي برباد ڪري ڇڏيندو! ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته ڪجھه وقت کان پوءِ سمنڊ جي طاقت ور لھرن انهيءَ شاندار ڪروڙن ڊالرن واري واھه کي لوڙھي ڇڏيو. ان جا ڪنارا به لڙھي ويا ۽ سمنڊ جو کارو پاڻي، بدين جي زمينن ۾ ڪاھي پيو. ان علائقي جون قدرتي ڍنڍون خراب ٿي ويون.
ڌرتي دوست سنگت جي بئنر ھيٺ، سانگھڙ شھر ۾ يوم الارض ۽ ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي اسان وڏي ريلي ڪڍندا ھئاسون، جنهن ۾ ان وقت جا اھم شھري ۽ آفيسر شريڪ ٿيندا ھئا. ڌرتي دوست ڪيترن اسڪولن ۾ وڻڪاري ڪئي. ان سان گڏ سانگھڙ جھول جي آسپاس ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ۽ مجلسون ڪندي کين زھريلين جيت مار دوائن جي نقصانن کان واقف ڪرڻ جا پروگرام منقعد ڪيا. پوءِ ڇا ٿيو جو محترم حسن عسڪري چيو ته ڌرتي دوست سنگت جو جنرل سيڪريٽري محمد نواز ڪنڀر کي مقرر ڪريو. ڇو ته بخشڻ اھو عھدو ڇڏي چڪو ھئو. مون بادل نا خواسته عسڪري صاحب جي اصرار تي اھا ڳالھه قبولي پر تنظيم جي صدارت ڇڏي محترم مير حسن سريوال جي حوالي ڪيم. اسحاق مڱريو تنظيم جو ماحولياتي رپورٽر ھيو، جيڪو فنڊ مان ڇھه ھزار رپيا معاوضو وٺندڙ ھو. جڏھن آڪسفيم کان مليل فنڊ پورا ٿي چڪا ته ھڪ ڏينهن، نواز ڪنڀر ۽ مير حسن سريوال ڌرتي دوست سنگت جا فائيل، ھڪ ميز ۽ ڪجھه ڪرسيون منھنجي ٽرينگ ڪاليج ۾ ڦٽو ڪري ھليا ويا. وري ماحوليات ڏانهن منهن ڪونه ڪيائون. اسحاق مڱريو به سنگت ڇڏي چڪو ۽ پوءِ مون استاد نظاماڻي جي ”جھونگار“ ۾ مکيءَ جو نوحو ”مکيءَ کان موڪلاڻي“ لکيو. محترم اشتياق انصاريءَ جي گھر واري اھو نالو مونکان اڌارو وٺي ان ٽائيٽل سان ”مکيءَ جي موڪلاڻي“ ناول لکيو. اھڙي طرح اسان جي ناڪام جدوجھد جو اختتام ٿيو. چوٽياري ڊيم اڪثر پاڻيءَ کان خالي ھوندو آھي. پر جي پنجين ڏھين سال سيلاب اچڻ وقت ڀرجي به ٿو ته پنھنجي 22 ڪلوميٽر ڊگھي الھندي پاسي واري بند کان پاڻي زيرزمين سمي، اولھه ۾ پري پري تائين ڳوٺ ۽ گام ٻنيون ٻارا سيمو ڪري ٻوڙي ٿو ڇڏي. بھرحال انگريز جي وصيعت تي عمل ڪندي مکيءَ جي ٻيلي کي ختم ڪيو ويو. مکيءَ جي مالوندن کي ڇڙوڇڙ ۽ دربدر ڪيو ويو. تماشو اھو آھي ته اسان جا ڀوتار سڀ پنھنجو حصو وٺي ان سانحي تي چپ رھيا.

ڪجھه ذڪر سنڌي ادبي سنگت جو

ڪجھه ذڪر سنڌي ادبي سنگت جو

سانگھڙ ضلعي ۾ سڀ کان پھريائين جھول شھر ۾ س-ا-س جو بنياد 1960ع ۾ قاضي محمد عالم ’معصوم ھالائي‘ رکيو. قاضي صاحب جي قائم ڪيل سنگت اڃان تائين جھول ۾ مير الھه بخش پبلڪ لائبريري سان قائم آھي. شروع ۾ سانگھڙ کان ڪجھه نوجوان ھر آچر تي جھول سنگت جي ادبي ڪچھرين ۾ اچي شريڪ ٿيندا ھئا. ”اياز نظاماڻي“ صاحب سانگھڙ مان سائيڪل تي جھول اچي ڪچھرين ۾ شريڪ ٿيندو ھو. آئون سنڌي ادبي سنگت جي ڪوششن جو ھتي ھڪ واقعو بيان ڪريان ٿو. جنرل ايوب پنھنجي حاڪميت جا ڏھه سال پورا ڪرڻ تي پاڪستان جي ھر شھر ۾ Decade of Development جي نالي ۾ پروگرام ۽ نمائشون ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان تحت سانگھڙ ۾ ھڪ عاليشان صنعتي نمائش جو انتظام ڪيو ويو ھو. انهيءَ موقعي تي سانگھڙ جي ڊپٽي ڪمشنر صلاح الدين قريشيءَ آل پاڪستان اردو مشاعرو جيم خانه سانگھڙ ۾ منعقد ڪرايو. قاضي محمد عالم ’معصوم‘ ڊي- سي صاحب کي لکيو ته ” سنڌي زبان ۾ مشاعرو ڇونه؟“ ان تي ڊپٽي ڪمشنر قاضي محمد عالم کي گھرائي چيو ته سڀاڻي شام جو نمائش جي ثقافتي شو ۾ اوھان ڀلي اچي مشاعرو ڪريو. قاضي صاحب ڀڄ ڀڄان ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو مشاعري کان ٿورو ٽائيم اڳ محترم شمشيرالحيدري، پرواني ڀٽي ۽ ھڪ ٻئي شاعر کي حيدرآباد مان وٺي آيو. ھتان جھول مان قاضي محمد عالم ’معصوم‘ صاحب ۽ مون مشاعري ۾ ھزارن سامعين سامھون پنھنجي شاعري پيش ڪئي. ان طرح سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کي ڪامورا شاھي کان تسليم ڪرايوويو. ٻئي پاسي ڇا ٿيو جو سانگھڙ ۾ روزانه مھراڻ جي خاطو محمد حيات نظاماڻي مھراڻ اخبار ۾ ٽوڪبازي ڪندي اھا خبرشايع ڪرائي ته ”سانگھڙ واري نمائش ۾ سرخن شاعرن جو ٽيڊي مشاعرو ٿي گذريو!!“
ياد رھي ته ان زماني جا سنڌي اديب کاٻي ۽ ساڄي ڌرين ۾ تقسيم ٿيل ھئا ۽ مھراڻ اخبار ساڄي ڌر جي سرڪاري اديبن جي طرفدار ھئي. بھرحال ھن وقت سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم ۾ جھول خواھه سانگھڙ ۾ تمام بھترين ليکڪ ۽ شاعر سنڌي ادب جي آبياري ڪري رھيا آھن. جھول سنگت مان ”معصوم سانگھڙائي“ ( عبدالقادر مھر) تمام بھترين شاعر ٿي گذريو آھي. سانگھڙ سنگت ۾ ”امر لغاري“ شارٽ اسٽوري ۽ ناول جي صنف ۾ سنڌ مشھور اديب ليکيو وڃي ٿو. حر تحريڪ جي تاريخي ادب و ادب ۾ استاد نظاماڻي ۽ ولي محمد خاصخيلي پبلشر جي حيثيت ۾ تمام اھم ڪم ڪيو آھي.

تعليم کاتي مان ريٽائرمينٽ جو مرحلو

تعليم کاتي مان ريٽائرمينٽ جو مرحلو

1960ع کان جنوري 2002ع تائين مسلسل تعليم و تدريس جي عمل جي ڊگھي عرصي کان پوءِ نيٺ سرڪاري نوڪريءَ کي خير آباد چوڻ جو وقت اچي ويو. ھن موقعي تي اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن سانگھڙ جي ھم ڪار دوستن مختصر الوداعي تقريب منعقد ڪئي. ھوڏانهن منھنجي چريا پڙيءَ وارن دوستن ھڪ جدا پروگرام رٿيو ھو. حسن عسڪري صاحب ۽ سانگھڙ سنڌي ادبي سنگت جي نوجوان ليکڪن، يوٿ ليگ جي يارن ھڪ ڪتاب ”ماڻھو مٽيءَ ھاڻو“ جي عنوان سان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. انهيءَ ڪم جو انچارج امر لغاري صاحب ھو. منھنجي ادبي حلقي، ڪامريڊ دوستن، ھم ڪار استادن ۽ شاگردن کان ان ڪتاب ۾ تاثرات لکرائي جمع ڪيا ويا. اٽڪل ٽيھارو کن دوستن ان ڪتاب ۾ مون ناچيز بابت پنهنجا تاثرات لکيا آھن. پروگرام اھو رٿيو ويو ھو ته اھو ڪتاب منھنجي ريٽائرمينٽ واري ڏينهن ڇپجي پڌرو ٿئي. ۽ ساڳئي ڏينهن بوائز ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۾ الوداعي پارٽيءَ جو زبردست پروگرام منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ استادن، اديبن، ساٿي سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ھن پروگرام ۾ سانگھڙ جا سينيئر استاد شريڪ ٿيا. مشھور جپسي ليکڪ خورشيد قائم خاني به شرڪت جي مھرباني ڪئي. اسان جو دوست لکمير ڏاھري به شريڪ ٿيو. مطلب ته ھن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ مھربانن شرڪت ڪئي. اھو منظر ڏسي محترم جان محمد ڏاھري صاحب چيو ته ”ڄٽ کي وڏي لئي ڪرائي ڇڏي اٿن!“
ھن پروگرام ۾ دوستن مون ناچيز جي تعليمي ۽ تدريسي سفر بابت جيڪي ڪلمات ادا ڪيا اھي منھنجي لاءِ ھڪ وڏي ھمت افزائي جو باعث بنيا. ھن تقريب جون تصويرون منھنجي لاءِ ھڪ وڏو يادگار آھن. ڪڏھين ڪڏھين انهن کي ويھي ڏسندو آھيان ته اھي سڀ دل وارا دوست ياد اچي ويندا آھن. بھرحال ھن ڪتاب جي اشاعت ۽ تقريب ۾ حسن عسڪري صاحب جي ھمت افزائي، نورچشم بخشڻ جي دلچسپي ۽ امر لغاريءَ جو ڪتاب جي اشاعت وارو ڪم ھميشھ ياد رھندو.

ھو جي ھليا ويا........!

ھو جي ھليا ويا........!

منھنجي عمر ھن وقت ستهتر سال تي پھتي آھي. سندم زندگيءَ جا پھريان 9-10 سال انگريز طرفان قائم ڪيل حر ڪئمپ ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ قيدين سان گڏ گذريا. جڏھن 1947ع ۾”ورھاڱي“ جو واقعو ٿي گذريو ته مون ٻاروتڻ ۾ نوابشاھه ۾ قائم ڪئمپ مان پناھگيرن جي آمد جا منظر به ڏٺا.
سنڌي سماج جي ورھاڱي جو پروگرام سنڌ جي مسلم ليگي اڳواڻن دراصل 1939ع جي مسجد منزل گاھه وارن فسادن ڪرائڻ سان شروع ڪري ڇڏيو ھو. ڪنور ڀڳت جي 1939ع ۾ قتل سنڌ جي ھندن کي ڌرمي طور وڏو صدمو رسايو. ان بعد اسين ڏسون ٿا ته 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي قرارداد پاڪستان فقط 24 ووٽن سان پاس ڪري ٿي. ھن قرارداد جو متن پڙھي ڏسو ته سمورو ٻه قومي نظرئي موجب آھي.
پر منھنجي لاءِ عجيب ڳالھه اھا آھي ته اھا قرارداد جڏھين سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪئي پئي وئي ته ان وقت سنڌ جي سماج ۾ ڇا وھيو واپريو پئي. پھرئين جون 1942ع کان سنڌ جي اوڀرواري سموري حصي کان وٺي جيسلمير تائين تاريخ جي ڇتي مارشلا لڳائي وئي ھئي. جنهن ڪري حر جماعت جا ھزارين ٻڍا ٻار، عورتون ۽ مرد ڳوٺن مان گرفتار ڪري ڪئمپن ۾ قيد ڪيا ويا ۽ سندن ڳوٺ جلايا ويا. سنڌ جي سينٽرل جيلن حيدرآباد ۽ سکر جي مارشل لا ڪورٽن ۾ سوين مردن کي ڌڙا ڌڙ ڦاھيءَ جون سزائون پئي ڏنيون. ڪئمپن ۾ قيدين جا وڏي تعداد ۾ موت ٿي رھيا ھئا!
ان وقت جي ٻي اھم ڳالھه اھا ھئي ته حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ حضرت سورھيھ بادشاھه تي مارشل لا ڪورٽ ۾ ”تاج برطانيھ سان جنگ جوٽڻ“ جي الزام تحت، مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل رچرڊسن جي سربراھيءَ ۾ ساڳئي مارچ مھيني ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. حضرت قائداعظم باوجود درخواستن جي ھن ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان معذرت ڪئي.
اصل ۾ ھڪ سازش تحت ھڪ ٻن ھندن جي قتل ٿيڻ جي واقعن کان پوءِ 16 مئي 1942ع تي لاھور ميل جا ٽنڊو آدم جي ڏکڻ طرف ريل جا نٽ بلٽ ڪڍي حادثو ڪرايو ويو. سنڌ اسيمبليءَ جي ھڪ اھم ميمبر جيڪو ان وقت جي ضلعي نوابشاھه مان اسيمبليءَ ۾ چونڊيل ھئو ۽ جنهن ھنڌ ريل کي ڪيرايو ويو ان تر ۾ ان ميمبر صاحب جي وڏي جاگير ھئي. رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته هن صاحب کي ان ريل ڪيرائڻ جي پوري ڄاڻ ھئي. ڊاڪٽر حميده کُھڙو موجب هي صاحب ڄام جان محمد هيو (حوالو: ڪتاب محمد ايوب کُھڙو) تنهنڪري لاھور ميل جنهن مغرب وقت اچي حيدرآباد پھتي ته ان ۾ ان وقت سنڌ جو وزيراعلى شھيد الھه بخش سومرو اسپيشل بوگيءَ ۾ سفر ڪري رھيو ھيو. جنهن کي اھو ميمبر صاحب اوڀاريون، لھواريون ڳالھيون ڪري، ريل مان لاھي، حيدرآباد ۾ پنھنجي اوطاق تي وٺي ويو. اڳتي ڇا ٿيو جو اھا ريل ٽنڊي آدم ڀرسان حادثي جو شڪار ٿي ۽ سمورو الزام سازش تحت حرن تي لڳايو ويو. اھو حادثو 17 مئي جي رات ٿيو. ۽ پھرئين جون تي مارشلا لاڳو ڪري سنڌ جي عوام مٿان قھر برپا ڪيو ويو. انهيءَ نازڪ وقت ۾ حرن جي ھزارين لاشن مٿان سنڌ اسيمبلي اھا قرارداد پاس ڪئي. ھڪ ٻه ھندو قتل ڪرائي سنڌ جي گورنر ھيوڊو، شھيد الھه بخش سومري کي گانڌيءَ ڏانهن موڪليو. جنهن گانڌيءَ کي چيو ته حُر آزاديءَ جا پروانا ناھن. گانڌي ڇاڪاڻ ته ان وقت Quit India جي تحريڪ ھلائڻ وارو ھيو. انگريزن کي خدشو ھو ته متان مھاتما گانڌي سڄي ھندستان کي حر تحريڪ سان کڙو نه ڪري، تنهنڪري گانڌيءَ جي من ۾ اھو شڪ پيدا ڪري، سنڌ جي مارشل لا وارن ظلمن ۾ حرن کي اڪيلو ڪري ماريو ويو. ساڳي طرح حضرت سورھيھ بادشاھه کي 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد جيل ۾ شھيد ڪيو ويو.
ھن سموري سانحي ۾ سنڌ اسيمبليءَ جا سڀئي فيوڊل لارڊ ميمبر خاموش رھيا. نه ته ڪنهن اسيمبليءَ ۾ ڳالھايو، نه ڪو پريس ۾ ڪا ڳالھه ڪيائون. آئون ھيءَ ڳالھه تصديق سان چوان پيو. محترمھ حميده کھڙو جو ڪتاب سندس والد محمد ايوب کھڙو بابت پڙھي ڏسو ته اصل سازش جي پروڙ پئجي ويندي. اھي ھزارين ٻار ٻڍا عورتون ۽ مرد 1942ع کان 1952ع تائين ڪئمپن ۾ بيمار، بکيا ۽ بي حال پيا ھئا. انهن بابت ورھاڱي بعد به انهيءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪنهن اڳواڻ ڪا قرارداد پاس ڪئي ھجي ته رڪارڊ مان حوالا ڳولي ڏيکاريو! اھا ته ھلتا (ظلم) ٿي سنڌي حرن سان، باقي جيڪو جبر ۽ ڏاڍائي سنڌي ھندن سان ٿي ان جو داستان الڳ آھي.

سنڌ جو سماج

سنڌ جو سماج

ھڪ متحرڪ ۽ پرفيڪٽ سماج، ان سماج کي چئجي، جنهن جي مختلف شعبن ۾ وقت جي تقاضا موجب ھم آھنگ ٿي اڳتي وڌڻ جو شعور ھجي. اھا حقيقيت آھي ته سنڌي مسلمانن جي غالب اڪثريت ٻهراڙيءَ ۾ رھندڙ ھئي. ان جي مقابلي ۾ سنڌي ھندو ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ رھندڙ ھئا. انهن کي مسلمان ”واڻيو“ ڪري سڏيندا ھئا، جو ھندن جي اڪثريت صدين کان وٺي وڻج واپار ۽ تجارت ڪندڙ پئي رھي آھي. اسين جڏھن شڪارپور کي سنڌ جو پئرس ڪوٺيون ٿا ته ان مان مراد آھي ته شڪارپور شاھه شجاع کان به گھڻو وقت اڳ سينٽرل ايشيا تائين واپار ۽ بئنڪنگ جو مرڪز ھئي. اھو سمورو ڪاروبار سنڌي ھندن جي ھٿن ۾ رھيو. ھنن واپارين جا ڀلاوڻا ۽ ايجنٽ وچ ايشيا ۾ سمرقند بخارا تائين موجود ھئا.
مير صاحبان جي حاڪميت دوران به سندن حڪومت جا مالي ڪم ڪار ھندو عامل ڪندڙ ھئا. اھي ھندو عامل سنڌي خواھه فارسي خواندھه ھوندا ھئا. مير صاحبن جي دور ۾ مسلمانن جي ڪن مذھبي حلقن طرفان ھندن مٿان سختيون ٿيندڙ ھيون، ليڪن عام طور سنڌي ماڻھو سنڌي ھندن کي عزت ڏيندي ”ڀائي بند“ ڪوٺيندو ھو. حضرت شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دوست مدن واڻيو سدائين شاھه صاحب جي ڪچھريءَ ۾ موجود ھوندو ھو. مطلب ته سنڌي سماج جي وڏي حصي ۾ ھندن لاءِ ڪو گھڻو ڀيد ڀاءُ نه ھو.
ميرن جي صاحبيءَ کان پوءِ انگريز حاڪمن سنڌ جي شھرن ۾ ڪورٽن، آفيسن ۽ مارڪيٽن ۽ ميونسپالٽين جي نئين سر جديد انداز ۾ تعمير ڪرائي لوڪلبورڊ جو سسٽم جاري ڪيو. ھن عمل ۾ اسان ڏسون ٿا ته ھندو پنھنجو پورو حصو ادا ڪن ٿا. پنھنجي طرفان دان ڪري ڪيترائي تعليمي ادارا برپا ڪن ٿا. شآگردن لاءِ ھاسٽل تعمير ڪرائين ٿا. ايتري قدر جو جانورن لاءِ گاھه پاڻيءَ جو انتظام رکن ٿا. ھن دور ۾ ھندو ڪميونٽي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جھڙن شھرن ۾ خوبصورت عمارتون ۽ بازاريون تعمير ڪيون. حيدرآباد ۾ مکي ھائوس ۽ ھيرآباد جھڙيون خوبصورت بستيون آباد ڪيائون. سنڌ جي نئين مڊل ڪلاس بنجڻ ۾ ھندن جي واضع اڪثريت جو حصو ھيو.
ساڳئي وقت سنڌي ھندو سنڌ جي ڪلچر جو انتهائي اھم حصو ھئا. سڀ کان پھريائين اچون ٿا سنڌي ٻوليءَ تي. ڪنهن به سماج جي ٻولي ان سماج جي ثقافت جي امين ھوندي آھي. سنڌي ھندو ڀائي بندن مان سنڌي زبان جا بھترين محقق ۽ شاعر پيدا ٿيا. ھنن سنڌي زبان کي ھر طرح سان شاھوڪار بنائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ھنن طرفان سنڌي زبان ۽ ان جي اشاعت خاطر نمايان ڪم ڪيا ويا. ساڳئي وقت تعليمي ادارا پڻ برپا ڪيائون. سندن اھڙين خدمتن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگھي.

تصوف ۽ سنڌي ھندو

تصوف ۽ سنڌي ھندو

سنڌ جو ھندو پنھنجي ڌرم سان گڏوگڏ صوفي ازم سان پڻ عقيدت رکندڙ ھو. شاھه عنايت شھيد، سچل سرمست ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين ڪيترين ئي صوفي خانقاھن جو ادب سان سلام ڪرڻ وارا شاھه صاحب جا شيدائي سنڌي ھندو سنڌي سماج جو ڪارآمد ۽ مثبت حصو ھئا ۽ ھن وقت به ھند ۾ رھندي، انهن جي سنڌ جي صوفي بزرگن سڳورن لاءِ محبت ۽ عقيدت قائم آھي.
سنڌ جا سنڌو ورقي جيڪي يورپ تائين وڻج واپار لاءِ مشھور ھئا. ھنن سنڌ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون قائم ڪيون. انهن خوبين جي مالڪن کي جڏھين سنڌ مان ڌمڪائي، نڌڻڪائيءَ جو احساس ڏياري، ٻاھران ايندڙ لشڪرن کان حملا ڪرائي، ھتان پنھنجي ماڳن مڪانن مان ڌڪي ڪڍيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي سماج اندر ھڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو. ان خال کي ڀرڻ جي صلاحيت ڀوتارڪي سماج ۾ اڄ تائين پيدا ڪونه ٿي سگھي آھي. ھندن جي ھجرت جي ڪري سنڌي سماج تجارت، بئنڪنگ جي لياقت وڃائي چڪو آھي. جنهن جي ازالي ڪرڻ جو موجودھه حڪمرانن کي ڪو به خيال نه آھي.
ھندو مڊل ڪلاس جي خال ڀرڻ لاءِ ھيل تائين سنڌ ۾ جيڪو نام نهاد مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آھي. اھو گھڻو ڪري رشوت جي نتيجي ۾ مڊل ڪلاس ھجڻ جي دعوى ٿو ڪري تنهنڪري اسان جو موجوده نام نهاد مڊل ڪلاس سنڌ جي تعمير ۽ ترقيءَ بجاءِ ھر طريقي سان پنھنجي ذاتي ملڪيت ۽ طاقت کي قائم رکڻ لاءِ انتهائي، چالاڪيءَ سان سنڌي عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻندڙ طبقو آھي.
1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان جن بزرگن پاڪستان جي قرارداد منظور ڪئي ھئي، ڇا انهن کي اھا خبر ھئي ته ورھاڱي کان پوءِ دھلي ۽ پنجاب ۾ جيڪي فساد برپا ٿيندا، انهن جو سنڌ جي آباديءَ مٿان ڪھڙو منفي اثر پوندو؟ ھنن ته قائداعظم جي عشق ۾ اھو فيصلو ڪري، سنڌي سماج جي ثقافت جو نهايت اھم حصو سنڌ مان پٽي ڌار ڪري ڇڏيو. ھنن بزرگن کي ان ڳالھه جو قطعي احساس ڪونه ھو ته گنگا جمنا کان لشڪرِ جرار، نواب زادھ لياقت علي خان من و سلوى جي واعدي سان Promised Land ۾ داخل ٿيندو ۽ سنڌ جي فيوڊل ڪلاس کي ڪراچيءَ مان ڪڍي ٻاھر ڪندو. ڇا ھنن بزرگن کي اھا ڄاڻ ھئي ته ورھاڱي بعد لارڊ مائونٽ بيٽن گڏيل ھندستان ۾ نوڪري ڪندڙ ملازمن ۽ برٽش انڊيا فوج کي اھو آپشن ڏيڻ لاءِ چوندو ته ٻن ملڪن مان ڪھڙي ملڪ ۾ سروس ڪرڻ چاھيندا؟ پوءِ ڇا ٿيو جو دھليءَ مان آفيسرن جون اسپيشل ٽرينون ڪلارڪن ۽ ڪامورن سان ڀرجي اچي ڪراچيءَ پھتيون، جيڪي کٽ کي پلنگ ۽ پٽڪي کي دستار ڪوٺيندا ھئا، سي پنھنجي مغز ۾ حاڪميت جو خيال کڻي آيا ۽ نه رڳو واقعي سنڌ جا شھر، بازاريون ۽ زمينون سندن حوالي ٿيون پر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي حاڪميت جا ڌڻي ٿي ويٺا. اسان وارا بزرگ حيران ٿي ويا ته ”ھيءُ ڇا ٿي ويو!“
سنڌي سماج کان ھڪ سرگرم طبقو جدا ٿي ويو. پوئتان صدين کان قائم ڀوتارڪو فيوڊل طبقو رھجي ويو. جنهن سنڌي سماج کي پنڊ پاھڻ ڪري رکيو آھي. پر ھتان جيڪي ھٿين خالي ھندو پورب پار ويا، انهن پنھنجي عقل ۽ حڪمت عملي سان نئين ملڪ ۾ پنھنجو مقام پيدا ڪيو. سنڌي زبان کي آئيني درجو ڏيارڻ ۾ ڪامياب ويا. ۽ جڏھن اھو گيت ڳائين ٿا ته ”آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي!“ ته واقعي سچ ٿا چون. کين سندن ڪاميابيءَ تي فخر ڪرڻ جڳائي ٿو.
سنڌ کي باب السلام چيو وڃي ٿو، اھو اسلامي دروازو مغرب پار کان محمد بن قاسم اچي کوليو. جيڪي ٿيو سو ٿي گذريو. پر اسان جي بزرگن پنھنجي فيصلي سان اسلام جي نالي ۾ اوڀر طرف کان جيڪو شاهي دروازو کولي رکيو اتان کان سنڌ لاءِ ڪھڙو تحفو مليو. ھن وقت سنڌي جي چئني طرفن کان دروازا کليا پيا آھن. نه ڪا جھل نه پل ھرڪو اچي ويھي سنڌ ۾. توھان مونکي اھو چئي سگھو ٿا ته آئون پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ ۾ آخر ھن ڏکائيندڙ باب کي ڇو شامل پيو ڪريان؟ ان جو جواب ھيءُ آھي ته سنڌ جي فيوڊل ڪلاس ۾ سنڌ اسيمبلي ويھي حر ائڪٽ (1942) جھڙو ڪارو قانون پاس ڪري، ھزارين سنڌي ماڻھن کي قيد و بند ۾ بند ڪري بکيو ۽ بي حال رکيو. آئون پنھنجي ماءُ پيءُ سان گڏ انهيءَ ھلتا ( مصيبت) جو شڪار رھيس. ڇا مونکي اھو حق نه ٿو پھچي ته آئون تاريخ ۾ ٿيل انهيءَ ظلم جي اپٽار ڪري، نئين نسل کي پنھنجو داستان ٻڌايان!
اسان جي بزرگن پاڪستان لاءِ برصغير ۾ سڀني کان پھريائين قراردادپاس ڪئي. سنڌ جا جملي اثاثا پاڪستان حوالي ڪيائون. اصل ۾ اھي بزرگ ”بانيانِ پاڪستان“ ھئا. ٻين جون دعوائون ڪوڙيون آھن. انهن ”بانيانِ پاڪستان“ جي سنڌي زبان، پاڪستان جي آئين ۾ پنھنجو نالو لکائي آئينِ پاڪستان سان جڙڻ چاھي ٿي. پر ھو اسان جي ٻوليءَ کي اڃان تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناھن! آخر ڇو اسان جي زبان کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي!

فقير نصير محمد مھر

فقير نصير محمد مھر

انتھائي ذهين پر ٿور ڳالهائو، نصير محمد فقير مھر سان سال 1958ع ڌاري ميرپور خاص ۾ ملڻ ٿيو. هي همراهه ميرپور ماٿيلي مان سنڌي فائنل پاس ڪري، مير پور خاص نوڪريءَ لاءِ آيو. الفقراءَ منزل تي ڪجهه وقت گڏ گذاريوسون. نصير محمد فقير، محمد رحيم فقير الفقراءَ جو ويجهو عزيز هو. پرائمري استاد جي نوڪري ملڻ بعد، فقيرن جي ڳوٺ سارڪي ڪنڊي تعلقي سنجهوري ۾ استاد مقرر ٿيو. تمام محنتي استاد هو. مھر فقيرن جي ٻارن کي معياري تعليم ڏنائين. هنن ٻارن ۾ بخشڻ عرف محمد بخش، علي محمد ۽ سندس ٻيا ڀائر ۽ ڀينرون وٽس پڙهيا. سندس شادي فقير عبدالحميد جي نياڻيءَ سان ٿي. نصير محمد فقير فائنل پاس تعليم تائين محدود ڪونه رهيو. علم جي روشن دڳ تي اڳتي وڌندو رهيو. آخر ۾ ايم – ايڊ جو امتحان پاس ڪيائين. هن صاحب مھر ذات جي تاريخ ۽ بڻ بنياد تي هڪ تحقيقي ڪتاب، جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي رهبريءَ ۾ تحرير ڪيو. جنهن جو نسخو بخشڻ برادرز وٽ پيل آهي. هيءُ علم جو گوهر، نھايت سادو ۽ صابرين دوست، مھر خاندان جي تفاخرانه ڪلچر کان پري رهيو. سندس تعليمي خدمتون مھر برادران کي ياد رکڻ گهرجن. مون سان هن پياري انسان جو دوستانه ناتو تا عمر قائم رهيو.

پروفيسر محمد عمر چنڊ

پروفيسر محمد عمر چنڊ

پروفيسر محمد عمر چنڊ سان منھنجي پهرئين ملاقات 93-1992ع ڌاري ٿي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهين ڄام صادق علي، پير سائين سردار جن کان معافي وٺي، جماعت جي فقيرن سان پڻ دوستانه ٺاهه ڪيو. ان موقعي تي ڄام صاحب ضلعي سانگهڙ جي انتظاميه کي چيف منسٽر جي حيثيت ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ جاري ڪيا. هن ترقياتي پروگرام موجب ضلعي سانگهڙ جي تاريخ، خاص ڪري حر تحريڪ جي تاريخ تي هڪ شاندار سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو. ان زماني ۾ سانگهڙ جو ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر علي رضا سيهڙ صاحب هيو. هن صاحب مونکي سيمينار جي موقعي تي حر تحريڪ جي تاريخ تي هڪ يادگار سووينيئر ترتيب ڏيڻ لاءِ چيو. هي سووينيئر سيمينار جي موقعي تي عالمن اديبن ۾ تقسيم ڪيو ويو. ان زماني ۾ پروفيسر محمد عمر چنڊ صاحب برونائي دارالسلام جي ڪنهن تعليمي اداري ۾ انگريزي زبان پاڙهيندو هو. هن صاحب ان سووينيئر جيڪو ” سانگهڙ جي سرهاڻ“ جي نالي سان شايع ٿيو هو، انهيءَ جي مطالعي بعد چنڊ صاحب موڪل تي جڏهين پنھنجي ڳوٺ پراڻي نئون آباد آيو ته ان موقعي تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ سانگهڙ اچي پهتو. آئون اليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن سانگهڙ ۾ پاڙهيندو هئس. سائين سان پهرئين ملاقات نهايت متاثر ڪرڻ واري ثابت ٿي. محبت ۽ عقيدت جي ڌاڳي ۾ دل قابو ٿي چڪي. پروفيسر صاحب جو چوڻ هو ته ”حر تحريڪ“ سنڌي ماڻهن جي برطانوي راڄ خلاف نهايت بهادرانه جدوجهد آهي، جنهنکي هيل تائين، انگريز دوست ادارن ڄاڻي ٻجهي نظر انداز ڪيو آهي. تنهنڪري پاڻ هن موضوع تي گڏجي ڪري تحقيق ڪري حر تحريڪ کي دنيا سان متعارف ڪرائينداسون. ساڳئي زماني ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت حضرت پيرسائين پاڳاري ڇٽ ڌڻي رح سان محمد عمر چنڊ ملاقات ڪري حر تحريڪ تي قلم کڻڻ جي اجازت ورتي. چنڊ صاحب برونائي جي سروس مان رٽآئر ٿيڻ بعد واپس وطن آيو ۽ حر تحريڪ تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي معرفت اسلام آباد ۾ واقع ڪيئبنيٽ ڊويزن جي لئبريريءَ ۾ انڊيا آفيس لئبريري ۽ سنڌ اسپيشل پوليس جا فائيل اٽڪل ڇهه مهينا پڙهندو رهيو ۽ نوٽ لکندو رهيو. آخر ۾ ان لئبريري مان اٽڪل ٽي چار سئو ضروري فائيل فوٽو اسٽيٽ جلد بندي ڪرائي ڳوٺ کڻي آيو. وڏي محنت کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ ۾ اٽڪل ٻن هزار صفحن جو مواد لکي پورو ڪيائين. هن صاحب اهو ڪم في سبيل الله سنڌ جي محبت ۾ ڪيو. مٿئين مواد مان ست اٺ سئو صفحن تي مشتمل ڪتاب:
“The Brutality of the British Empire against Pir Sahib Pagaras Family” روشني پبليڪيشن طرفان شايع ٿي مارڪيٽ ۾ آيو. بدقسمتي سان باقي مواد ڇپجڻ کان رهجي ويو. ان ۾ اسان جي معتبرن جي بي پرواهي شامل آهي. گذريل 20 مارچ 2018ع تي پروفيسر صاحب، نيوزي لئنڊ مان هتي آيل هو ۽ مذڪوره تاريخ تي حضرت سورهيه بادشاهه جي سانگهڙ ۾ منعقد ٿيندڙ ورسيءَ ۾ شريڪ ٿيو. حر تحريڪ جي موضوع تي، سنڌي زبان ۾ سندس ڪافي مضامين شايع ٿيل آهن. انهن مضمونن جو مجموعو ”جهونگار پبليڪيشن“ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هي ماڻهو روحاني رمزن سان سرشار علم جو چنڊ هن وقت پنھنجي پٽن ۽ آڪهه سان نيوزي لئنڊ ۾ مقيم آهي ۽ اڪثر ڪري اسان فقيرن کي ياد ڪرڻ فرمائيندو آهي. ياد رهي ته مٿيون ڪتاب چنڊ صاحب روشني پبليڪيشن وارن کي بغير ڪنهن معاوضي جي ڇپجڻ لاءِ ڏنو هو.

خورشيد خان قائمخاني

خورشيد خان قائمخاني

خورشيد خان قائمخاني سان منھنجي ملاقات جهول ۾ مرحوم مير ضيغم الدين ٽالپر معرفت ٿي. پهرين ڪچهريءَ ۾ هن شخص جي گفتگو ۾ ماڻهپي جي مڻيا محسوس ٿي. تعارف مان خبر پئي ته خورشيد خان، قائمخاني راجپوت گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. مارو ديش يعني راجستان سان واسطو رکي ٿو. سندس قبيلو پنھنجي راجپوتي جي وڏائي جي روايت رکندڙ آهي. ساڳئي وقت سندس آبائي پيشو سپاهگيري آهي. قائمخاني راجپوت برٽش انڊيا آرميءَ جا خاص فوجي ٿي رهيا آهن. دستور موجب خورشيد خان ڪميشن وٺي پاڪ آرميءَ ۾ ڀرتي ٿيو. سندس والد برطانوي دور جي فوج جو سپاهي هو. هن پنھنجي فرزندن کي سٺي تعليم ڏياري آرمي سروس ۾ شامل ڪرايو. ان اميد سان ته سندس فرزند جرنيل ٿيندا. اهڙي ريت خورشيد خان ميجر جي عهدي تائين پهتو ۽ 1965ع واري جنگ وڙهي چڪو هئو. سال 1969ع ۾ جنرل يحى جي مارشل لا دوران، لاهور ۾ جنرل نيازي جي ماتحتي ۾ سروس ڪندڙ هو. خورشيد خان چواڻي ته هو لاهور ۾ قائم ٿيل مارشل لا ڪورٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ هو. سندس ڪنهن فيصلي سان جنرل نيازي جي ذاتي دلچسپيءَ سبب اتفاق نه ڪندي فيصلو تبديل ڪرڻ لاءِ چيو. ان ڳالهه تان هن راجپوت فوجي سخت احتجاج ڪيو. هوڏانهن جنرل نيازي هر طرح سان هڪ مخصوص مزاج رکندڙ زبان خواهه ڪلام ۾ نهايت ناقابلِ برداشت آفيسر هو. انهيءَ جهڳڙي ۾ خورشيد خان فوجي عهدي تان استعيفى ڏئي ڇڏي. ان تي سندس والد سخت ناراض ٿيو. پوءِ ڇا ٿيو جو خورشيد خان پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو. جتان اٽڪل ڏهاڪو سالن کان پوءِ واپس وطن آيو. انهيءَ دوران هن جرنيلي سڙڪ کي ترڪ ڪري، جپسي بنجي جوڳين جو پنڌ پيچرو ورتو. سندس آڪهه ان طرز جي زندگيءَ بابت وڌيڪ ناراض رهڻ لڳي، کيس راجستاني ٻوليءَ ۾ ”باولو“ ڪوٺڻ لڳي. منھنجي نظر ۾ هن زور زبردستي، جنگ و جدل جي راهه تياڳي انسانيت جو دڳ ورتو. اهوئي سبب ساڻس دوستيءَ جو باعث بنيو.
82-1981ع ڌاري خورشيد خان جرنلزم ڏانهن مائل ٿيو. سندس آرٽيڪل جوڳين، سامين ۽ باگڙين جي زندگيءَ بابت ان زماني جي انگريزي اخبار اسٽار ۾ شايع ٿيڻ لڳا. ياد رهي تي ڊان اخبار طرفان نڪرندڙ اسٽار اخبار هر آچر تي رنگين ايڊيشن ڪڍندي هئي. هن ۾ هفتيوار خورشيد خان جا مٿين لاڏائو قبيلن بابت تحقيقي آرٽيڪل شايع ٿيڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ خورشيد خان پنھنجي پهرئين ڪتاب ”ڀٽڪتي نسلين“ لاءِ سندس انگريزي مضمونن جو اردو ۾ ترجمو ڪري ڪتاب تيار ڪيو. انهن انگريزي آرٽيڪلن ۾ هن صاحب، منھنجو تعارف حر ڪئمپ ۾ قيد ٻار جي حيثيت ۾ انٽرويو ڪري شايع ڪيو. ان مضمون جو اردو ترجمو به هن ڪتاب جو حصو بنايائين. سندس هن ڪتاب ائنٿرو پائلاجي جي مضمون سان دلچسپي رکندڙ ۽ ڏتڙيل انسانن جي زندگيءَ سان دلچسپي رکندڙن ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻي. هن صاحب جا تعلقات ان وقت جي نالي وارن ليکڪن سان هئا. حيدرآباد ۾ سندس دوستي پروفيسر شيخ فريدالدين صاحب سان جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هو، ساڳئي وقت سندس دوستي تاريخ نويس ڊاڪٽر مبارڪ علي خان سان پڻ هئي. انهن ٽنهي دوستن سان حيدرآباد ۾ ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون.
خورشيد خان جا جوڳين وارا ڦيرا لڳاتار هلندا هئا. هڪ ٿيلهو ڪلهي تي، گهڻو ڪري ٽنڊي الهيار مان ريل رستي حيدرآباد پهچندو هو. سڀ کان پهريائين ريڊيو پاڪستان واري روڊ تي ڪڇي قبيلي جي ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو، جيڪي روڊ ڪناري چِکون ۽ موڙا ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا. هنن کي هڪ دفعي ميونسپل وارن اتان کان لڏايو پئي ته خورشيد خان سندن همدرديءَ ۾ اسٽار اخبار ۾ ڪالم لکيو. جنهن بعد ميونسپل هنر مندن کي اتي رهڻ جو حق ڏنو. حيدرآباد کان پوءِ خورشيد خان جهول شهر ۾ محترم مير ضيغم الدين ٽالپر وٽ پهچندو هو. جتي منھنجي ساڻس ڊگهي ڪچهري ٿيندي هئي. ڪچهريءَ جو موضوع اڪثر ڪري ڏتڙيل لاڏو قبيلن بابت هوندو هو. جهول مان ڪچهري بعد هو صاحب سانگهڙ پهچي ڪنڊياري شهر ۾ واقع جوڳين جي بستي وزٽ ڪندو هو، جتي سندس ڪافي جوڳيئڙا دوست رهندا هئا. ان بعد خورشيد صاحب ميرپور خاص پنڌ پوندو هو جتي سندس سڱيڻا عزيز رهندڙ هئا. ان بعد ڦيرو پورو ڪري، اچي ٽنڊي الهيار پهچندو هو. خورشيد خان جي والد صاحب کي ٽنڊي الهيار جي اتر پاسي زمين مليل هئي، جنهن تي انبن جو وڏو فارم هوندو هو. خورشيد خان اتي پنھنجي هارين جي ”ڀيل بستي“ قائم ڪئي ۽ پنھنجي لاءِ هڪ مختصر رهائشي جڳهه ٺاهي، اتي رهندو هو ۽ پنھنجو تحريرون تخليق ڪندو رهندو هو.
خورشيد خان جي محترمه خديجه گوهر صاحبه سان ادبي دوستي هئي. هن محترمه جا وڏا ڪڇ گجرات کان کوکرا پار ريل ۾ لڏي پاڪستان آيا هئا ۽ پوءِ سائوٿ آفريڪا ۾ رهڻ لڳا. خديجه صاحبه جي خاندان جي نيلسن منڊيلا سان دوستي هئي، جتان پوءِ محترمه اچي لاهور ۾ مقيم ٿي. انگريزي زبان ۾ سندس تحريرون ۽ ناول “The Coming Crop” ڇپيل آهي. هيءَ صاحبه اڪسردو ۾ هڪ N.G.O هلائيندي هئي. گرميءَ جي موسم ۾ خورشيد خان سندس تنظيم لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ محترمه جي مضمونن کي ٽائيپ پڻ ڪندو رهندو هو. هن محترمه جون ٻه ڌيئرون لاهور ۾ ٿيئٽر ڊرامن ۾ حصو وٺندڙ پنھنجي دور جون مشهور مايون هيون.
محترمه خديجه گوهر اسڪردو ۾ اوچتو دل جو دورو پوڻ ڪري گذاري وئي. جنهنجو خورشيد صاحب کي وڏو دلي صدمو پهتو. ان شديد صدمي بابت مون ڏانهن هڪ خط ۾ ذڪر ڪيو اٿائين. خورشيد ٿريو هجڻ جي ناتي وسڪاري جي مند ۾ اهو سارو وقت ٿر ۾ پنھنجي ”دلت“ دوستن سان گڏ گذارڻ پسند ڪندو هو. دلت دنيا جي پاڪ هند دوستن سان سندس رابطو هيو. ايتري قدر جو هن ناياب انسان جو ورلڊ جپسي آرگنائيزيشن وارن سان به لڳ لاڳاپو هيو. خورشيد خان جيتوڻيڪ ”ليفٽ“ جي سوچ وارو انسان دوست ماڻهو هيو. حر تحريڪ کي سنڌي ماڻهن جي آجپي جي تحريڪ سمجهندو هو. ان موضوع تي ڪالم پڻ لکيائين. آخري ڏينهن ۾ سندس اسڪردو وارو ٺڪاڻو ويران ٿي ويو ۽ پاڻ ڀيل بستيءَ ۾ مستقل رهڻ لڳو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن ريل رستي حيدرآباد گهانگهري واري روشني پبليڪيشن تي دوستن سان ڪچهريون ڪندو هو. 2012ع ڌاري کيس ”برين اسٽروڪ“ ٿيو پوءِ اچي گهر ڀيڙو ٿيو. سندس بيماريءَ جو ٻڌي آئون کين پڇڻ ويس. ظاهري طور ته ٺيڪ ٺاڪ پئي لڳو پر سندس حافظي کي نقصان پهچي چڪو هو. منھنجي ساڻس اها آخري ملاقات هئي. سندس وفات 8 جنوري 2013ع ۾ ٿي. سندس فرزند پهريون تعزيتي پرگرام ٽنڊي الهيار ۾ ڪيو. ان بعد سندس ورسي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي. هنن پروگرامن ۾ خورشيد خان جا جپسي ۽ جوڳي دوست شريڪ ٿيا. انهن ۾ آئون به شريڪ ٿيس. بهرحال خورشيد خان، ماروديس جو موتي ماڻهو، زماني جي فوج جي بادشاهي کي ٺڪرائي جوڳي بنيو. سندس ننڍو ڀاءُ پاڪستان جي فوج مان جرنيل ٿي ريٽائر ٿيو آهي. خورشيد خان جا هڪ سئو کان وڌيڪ خط مون وٽ محفوظ آهن. جيڪي شايع ٿيڻ جا منتظر آهن. بهرحال تمام محبوب ماڻهو هو.

مسٽر غلام محمد لاڙڪ

مسٽر غلام محمد لاڙڪ

هيءُ تمام پيارو انسان، اصل ۾ احمد پور نزد پير ڳوٺ (خيرپور ميرس) جو رهاڪو هيو. اسان جي سنڌي ادبي سنگت ۽ مير الهه بخش پبلڪ لئبريري، پيپلز پارٽيءَ جي شروعاتي عروج واري زماني ۾، ڪجهه اهم دوستن جي پ –پ سياست ۾ شرڪت سببم ڪجهه مقامي حالتن جي ڪري پوئتي پئجي ويئي هئي. ان زماني ۾ محترم غلام محمد لاڙڪ صاحب جهول ٽائون ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿي آيو. هيءُ دوست نهايت خوش خلق ۽ برجستو عملدار ٿي رهيو. جهول ٽائون جي مسئلن کي هميشه خوش اسلوبيءَ سان حل ڪندڙ دوست، ساڳئي وقت ادب ۽ شاعري سان رغبت رکڻ وارو يار هو. هن صاحب ٽائون ڪاميٽيءَ جي طرفان خالي ڇڏيل مسافر خاني جي ننڍڙي جڳهه ۾ اسان کي لئبريري قائم ڪرڻ ۾ نه صرف مدد ڪئي پر مزيد همت افزائي ڪندي محترم مير ضيغم الدين صاحب جي مدد سان پبلڪ لئبريري ۽ سٽيزن ڪلب لاءِ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر کان پلاٽ الاٽ ڪرائي ڏنائين. سٽيزن ڪلب وٽ هڪ پارڪ (حضرت سورهيه بادشاهه پارڪ) قائم ڪرائي ان ۾ هڪ ٽي وي هڻائي ڏنائين. جنهن کي شام جي وقت جهول جا شهري ڏسي پارڪ ۾ دل وندرائيندا هئا. سندس مدد سان ادبي سنگت ۽ لئبريريءَجون علمي سرگرميون وري قائم ٿيون. لاڙڪ صاحب لوڪل گورنمينٽ جي سروس دوران ڪوشش ڪري پاڪستان انفارميشن کاتي ۾ آفيسر ٿي ويو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ قائم پاڪستان نيشنل سينٽرن ۾ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. ساڻس ان عهدي دوران ڪراچي ۽ سکر ۾ به قرب ڪچهريون ٿينديون رهيون. هو صاحب سانگهڙ نيشنل سينٽر ۾ به آفيسر ٿي رهيو. اتي ته ساڻس سانگهڙ جي سموري سنگت جون ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. هي صاحب رٽائر ڪرڻ بعد پنھنجي شهر احمد پور جو نائب ناظم پڻ ٿي رهيو. لاڙڪ صاحب کجيءَ جي وڻ-فصل بابت هڪ تحقيقي ڪتاب لکي پڌرو ڪيو. ساڻس منھنجي خط و ڪتابت جاري رهي. لاڙڪ جهڙو لاکيڻو ماڻهو جڏهين جهول ۾ هيو ته اسان جي ادبي ڪچهرين جو مور ليکيو ويندو هو. سندس دوستي مير ضيغم الدين ٽالپر ۽ سيد علي ڏني شاهه سان هئي. ان ڪري هر ادبي ڪچهريءَ کي اهي دوست رونق بخشيندا هئا.

مير ضيغم الدين ٽالپر ۽ سيد علي ڏنو شاهه ”قلندر بخاري“

مير ضيغم الدين ٽالپر ۽ سيد علي ڏنو شاهه ”قلندر بخاري“

هي ٻئي عمر، هم خيال، هم مشرب دوست پنھنجين اوطاقن تي دوستن سان ڪچهريون قائم ڪندڙ هئا. جهول جي ٽالپر صاحبان ۽ اڀپور جي سيد سڳورن جا پاڻ ۾ خانداني تعلقات هئا. وڏي ڳالهه ته هي دوست هم مڪتب به هئا. هي يار مقامي زميندار طبقي سان تعلق رکندڙ هئا. منھنجي سماجي ڪلاس سان ڀيچ کائيندڙ ڪونه هئا. آئون هڪ هاري مزدور ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هئس. جيتوڻيڪ ٽالپر ۽ سيد پنھنجو خانداني فاخرانه انداز رکندڙ هئا پر سنڌي ادبي سنگت جي ناتي سان منھنجيون بي تڪلفانه ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون. سيد علي ڏنو شاهه ”قلندر بخاري“ جي تخلص سان سٺي شاعري ڪندڙ هو. جهول سنگت طرفان هفتيوار ادبي ڪچهرين ۾ پيش ٿيندڙ نظم ۽ نثر بابت شاهه صاحب تُز تنقيد ڪندو هو.
مير ضيغم الدين ٽالپر پنھنجي والد مير الهه بخش خان ٽالپر جي سياست ۽ صحافت جو وارث هو. مير الهه بخش خان ٽالپر سنڌ جي سياست ۽ الوحيد اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. مير ضيغم الدين پنھنجي سيڪينڊري تعليم نوابشاهه ۾ خوجي صاحب جي مشهور اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان بعد حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ايل- ايل- بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ان ساڳئي دور ۾ ملڪ اندر ڀُٽي صاحب روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جي نعري هيٺ سياست جي شروعات ڪئي. سندس هن نعري ليفٽ ڏانهن لاڙو رکندڙ تعليم يافته نوجوانن کي پ-پ جي سياست ڏانهن ڇڪي ورتو. مير ضيغم الدين سانگهڙ ضلعي ۾ پپلز پارٽيءَ کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ وڏي محنت، جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪري ڏيکاريو. ان وقت ائين پئي لڳو ته مير ضيغم الدين سنڌ جي سياسي افق تي پنھنجي شخصيت جي روشن خيالي سبب مقبوليت ۽ مشهوري ماڻيندو. سندس خانداني پس منظر ۽ هوشياري جي ڪري هو سنڌ جي اعلى سياسي طبقي ۾ چڱيءَ ريت سڃاتو ويندو هو. سندس اوطاق تي هميشه سياسي ليڊرن ۽ ورڪرن سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. سياستدانن کان علاوه ان وقت جي اديبن ۽ شاعرن سان پڻ هن صاحب معرفت ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. ابراهيم منشي اڪثر ڪري مير صاحب وٽ مهمان ٿيندو هو ۽ اسان کي سندس سريلو ڪلام ٻڌڻ جو موقعو ملندو هو.
ان زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب اليڪشن مهم تي سانگهڙ ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ اچڻو هو. ان موقعي تي سانگهڙ ۾ جيڪو ٽڪراءُ ٿيو، ان قافلي ۾ مير صاحب جي ڪار باهه لڳائي وئي. ڀُٽي صاحب، مير ضيغم الدين جي نقصان جو ساڻس ذڪر ڪندي مالي مدد جي آڇ ڪئي، جيڪا مير صاحب قبول ڪونه ڪئي ۽ پارٽيءَ لاءِ قربانيءَ جو ذڪر ڪندي ڀُٽي صاحب جو شڪريو ادا ڪيائين. پپلزپارٽيءَ ڪاميابيءَ کان پوءِ آئين سازي ڪري، سينيٽ لاءِ اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون. مير ضيغم الدين پنھنجي تعليمي پس منظر خواه پارٽيءَ لاءِ ڪيل قربانين جي خيال کان سينيٽر جي سيٽ لاءِ دروخواست ڪئي پر کيس ٽڪيٽ ڪونه ڏنائون. اتان کان مير صاحب پارٽيءَ جي وڏيرا شاهي کان مايوس ٿيڻ لڳو تاهم پارٽي سان جڙيو رهيو. سندس پ-پ ۾ مير برادران سان تمام گهرو تعلق رهيو ۽ جڏهن مير برادران پپلزپارٽيءَ کان مايوس ٿي وڃي پ-پ مخالف لابيءَ ۾ شريڪ ٿيا ته مير ضيغم الدين ٽالپر پ-پ کي خير آباد چئي مير گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ائين درجي به درجي مير صاحب سياست جي قومي ڌارا کان پري ٿيندو ويو. پ-پ هميشه پرخلوص ماڻهن جي بي قدري ڪندڙ پارٽي طور مشهور آهي.

پ-پ ڪلچر جو نوجوان طبقي تي اثر

پ-پ ڪلچر جو نوجوان طبقي تي اثر

پ-پ پنھنجي عروج واري زماني ۾ جن ذهين نوجوانن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو، انهن جو وڏو تعداد ان زماني ۾ پ-پ مخالف راءِ موجب ”پيو پلائو“ ڪلچر ڏي ايترو ته مائل ٿيا جو سندن محفل ۾ بنت العنب جا دُنگ کلي پوندا هئا. سندن هر محفل ۽ هر مجلس ۾ بنت العنب جا عادي عاشق مستيءَ ۾ سرشار رهڻ لڳا. ان زماني ۾ سياسي ڪارڪنن جو اهو دلچسپ شغل هوندو هو. ان ڪري اسان جي تر جا هي نوجوان ”ٽُن“ ڪلچر جا پڪا عادي ٿي ويا. درجي به درجي سندن سماجي ميل ميلاپ سياست بجاءِ سرشاريءَ جي محفلن جو مرڪز ۽ محور بنجي ويو. پ-پ ته الائجي ڪاڏي وئي، بقول پنجابي شاعر جي ”رانجها رانجها ڪھدي، مين آپي رانجها هوئي“ اهي نوجوان کائو پيو ۽ موج ڪيو جي ڪشش ۾ قابو ٿي، انقلابي راهه کان پري ٿي ويا! روز به روز سندن اها طلب وڌندي وئي، جنهنجو اثر اڪثر خاندانن جي معاشي ۽ اقتصادي زوال ڏانهن ٿيو، اباڻيون ملڪيتون سڀ رتيءَ سان رهاڻ پويان کپائي، ان سان گڏ پنھنجي سماجي حيثيت ۽ صحت کي هاڃو پهچائي ڇڏيائون.
مٿي ڄاڻايل تشبيهن، استعارن ۽ اشارن ۾ ڄاڻايل ڳالهه جو وچور اهو آهي ته منهنجا هي مهربان دوست ذهين ماڻهو، سياست جا ترقي پسندانه خيال رکندڙ انهيءَ ڪلچر کان متاثر ٿي، سياسي بتڪدن کي ڇڏي، من چاهيندڙ ميڪده آباد ڪري ويٺا ۽ جيڪڏهن ڪير دل ۾ نه ڪري ته منھنجي خيال ۾ سياسي طور ”ضايع“ ٿي ويا.

استاد عبدالرشيد لغاري

استاد عبدالرشيد لغاري

مولوي خير محمد ۽ باکوڙي جي لغاري برادريءَ جا ڪافي دوست، ماهر استاد، ادب سان چاهت رکندڙ ۽ انهن مان ڪيترائي سٺا شاعر آهن. انهن دوستن سان ادبي ڪچهريون ٿينديون رهيون. جيئن ته عبدالرشيد لغاري صاحب اسان جي ٽريننگ ڪاليج جي پرائمري سيڪشن جو هيڊ ماستر رهي چڪو هو، ان ڪري ساڻس وڌيڪ قربت ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون آهن. عبدالرشيد صاحب جا سنڌ جي پ-ٽ-الف وارن چوٽيءَ جي ليڊرن سان تنظيمي تعلقات رهيا آهن. خاص ڪري طالباڻي صاحب سان سندس دوستانه تعلق آهي. عبدالرشيد لغار ي صاحب جي محترم راشد مورائي صاحب سان خط و ڪتابت ۽ دوستي رهي. عبدالرشيد صاحب پنھنجي ساروڻين تي مشتمل ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو. بهرحال باکوڙي جا هي دوست ڪچهرين جا ڪوڏيا آهن. هن موقعي تي هنن يارن بابت مون جيڪا چوڻي جوڙي آهي، اُها اِها ته ”لغارين جي ياري، هلندي عمر ساري“ . سائين عبدالرشيد صاحب جي جهول ۾ مرحوم حاجي محمد عالم ڪيريئي صاحب سان پڻ گهاٽي ياري هئي. محترم محمد عالم ڪيريو منھنجو به پيارو دوست هو. هي صاحب اسان جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي ريٽائر ٿيو. ريٽائرمنٽ کان پوءِ منھنجون ساڻس روزانه ڪچهريون رهنديون هيون. هي صاحب نيڪ نمازي، الله جو دين دار بندو هو. سندس ياد دل ۾ قائم رهندي آهي.

شير محمد ”عاجز اڄڻ“

شير محمد ”عاجز اڄڻ“

دراز قد، شام رنگ وارو ”عاجز اڄڻ“ سنڌ ۾ سُريلي شاعريءَ ۾ وڏي مشهوري ماڻي. سندس ڪلام کي سنڌ جي مشهور راڳين نئين رنگ ۾ ڳايو آهي. عاجز اڄڻ پرائمري استاد هيو. انهيءَ تعلق سان تربيت دوران منھنجو شاگرد پڻ رهيو. عاجز اڄڻ نه صرف مشهور شاعر پر ان سان گڏ والي بال جو بهترين رانديگر هيو. سانگهڙ ۾ نوڪريءَ دوران پيار جي شادي ڪيائين. پوءِ پيرون مل ٽرانسفر ٿي ويو. اتي هڪ حادثي ۾ سندس جيون ساٿي کانئس جدا ٿي ويئي. ان صدمي ۾ هو پنھنجي ڳوٺ 18 ميل نزد پيرون مل ۾ گذارڻ لڳو. سنڌ خواهه هن تر ۾ سندس چاهيندڙن جو وڏو طبقو کيس محبت مان ياد ڪندو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ”عشق آڏيري ول“ شايع ٿيل آهي. ان کان سواءِ سندس ڪافي ڪلام اڻ ڇپيل به موجود آهي. افسوس هي جوان سال شاعر اسان کان جدا ٿي ويو.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/M9hv90j.jpg[/img]

[b]هڪ ناقابلِ فراموش ڀاءُ
[/b]
سائين الھورائي بهڻ سان منهنجي ڀائيچاري ۽ ادبي وابستگي جي تاريخ پراڻي آهي. 1990ع جي شروعات ۾ مون پنهنجي ڪتاب ” ڀٽڪتي نسلين“ ۾ سائين بابت ” حر بغاوت“ جي عنوان سان هڪ باب لکيو هو ۽ تازوئي مون ڪاوش اخبار جي پنهنجي ڪالم وسيلي سائين الھورائي کي محبت ڀريل لفظن سان ياد ڪيو آهي. آئون سندس بيحد احترام ڪريان ٿو.
سائين الھورائي جو ٻاروتڻ، ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جهيڙيندڙ حُر مجاهدن جي جيل/ ڪئمپ ۾ گذريو هو ۽ اهو تجربو ڪنهن به ٻار جي زندگيءَ تي تاعمر غير معمولي اثرات ڇڏڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. فسطائي (FACIT) ڪئمپن ۾ ٻاروتڻ ۽ غير معمولي زندگي گذاريندڙ ڪيترائي ٻار ٽروما (نفسياتي صدمي) جو شڪار ٿي ويندا آهن. ۽ پوءِ زندگيءَ ۾ ان کان پوري ريت ڇوٽڪارو حاصل ڪري ناهن سگهندا. ليڪن سائين الھورائي زندگيءَ جو مقابلو وڏي همت ۽ حوصلي سان ڪيو ۽ ڪڏهين به پنهنجي غير معمولي ٻاروتڻ جي اثرات جو احساس ٿيڻ نه ڏنو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ” ايڏو درد عميق“ ان درد کي اندر ئي اندر پي وڃڻ جو مظاهر آهي.

[b]خورشيد قائمخاني
[/b]
نوٽ: خورشيد قائم خاني صاحب کي تاثرات 2002ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ” ماڻهو مٽيءَ هاڻو“ ۾ تحرير ڪيا.