آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

يادگيريون

سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. سنڌي ادبي بورڊ، نائونمل جون ”يادگيريون“ شايع ڪري، قوم جي آڏو تاريخ جي ھڪ اھم مسئلي کي پيش ڪيو آھي.
ڪتاب ۾ ھڪ طرف ميرن جي دؤر جي اقتصادي، تعليمي، سماجي ۽ سياسي حالت جو ذڪر ڪيل آھي، ته ٻئي طرف سيٺ نائونمل، پنھنجون حرفتون، حرڪتون، سازشون، چالاڪيون ۽ چالبازيون پنھنجن ئي لفظن ۾ پاڻ بيان ڪيون آھن.
  • 4.5/5.0
  • 685
  • 269
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book يادگيريون

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي نرالي ڪردار سيٺ نائونمل ھوتچند جو ڪتاب ”يادگيريون“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ڪتاب جو سنڌيڪار محمد حنيف صديقي آھي.
سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. سنڌي ادبي بورڊ، نائونمل جون ”يادگيريون“ شايع ڪري، قوم جي آڏو تاريخ جي ھڪ اھم مسئلي کي پيش ڪيو آھي.
ڪتاب ۾ ھڪ طرف ميرن جي دؤر جي اقتصادي، تعليمي، سماجي ۽ سياسي حالت جو ذڪر ڪيل آھي، ته ٻئي طرف سيٺ نائونمل، پنھنجون حرفتون، حرڪتون، سازشون، چالاڪيون ۽ چالبازيون پنھنجن ئي لفظن ۾ پاڻ بيان ڪيون آھن.
سيٺ نائونمل جي ”يادگيرين“ جو ھيءُ ڪتاب، سنڌي زبان ۾ پھريون دفعو 1968ع ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. انگريزي زبان ۾ ھي ڪتاب سن ١٩١٥ع ۾ شايع ٿيو ھو. دراصل، سيٺ نائونمل پنھنجون يادگيريون پاڻ لکيون ھيون، جنھن جو بعد ۾ سندس پوٽي راءِ بھادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو.

[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ناشر طرفان ٻھ اکر

سيٺ نائونمل جي ”يادگيرين“ جو ھيءُ ڪتاب، سنڌي زبان ۾ پھريون دفعو ترجمو ٿي، شايع ٿي رھيو آھي. انگريزي زبان ۾ ھي ڪتاب سن ١٩١٥ع ۾ شايع ٿيو ھو. دراصل، سيٺ نائونمل پنھنجون يادگيريون پاڻ لکيون ھيون، جنھن جو بعد ۾ سندس پوٽي راءِ بھادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو. سر ايڇ . ايوان، ايم. جيمس، ڪي. سي. آءِ. اي سي. ايس، آءِ. (ڪمشنر سنڌ – ١٨٩١ – ١٨٩٩ع) انھيءَ انگريزي ترجمي کي ترتيب ڏيئي مقدمو لکيو. بعد ۾، ڪتاب ”ھندستان جي تاريخ جو ھڪ وساريل ورق“ يعني ”يادگيريون“ ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل ھوتچند سي. ايس. آءِ. جون، (١٨٠٤ کان ١٨٧٨ع) نالي سان ڇپيو.
سيٺ نائونمل جي لاءِ اھو مشھور آھي تھ ھن پنھنجي وطن سان غداري ڪري، انگريزن جو ڇاڙتو ٿي، سنڌ کي غلام بنائڻ ۾ اھم حصو ورتو. سنڌي ادبي بورڊ، نائونمل جون ”يادگيريون“ شايع ڪري، قوم جي آڏو تاريخ جي ھڪ اھم مسئلي کي پيش ڪيو آھي. پنھنجي تعريف ٻڌي ۽ پڙھي ھرڪو خوش ٿئي، اھو ھڪ لازمي امر آھي، پر فقط تعريف تي قانع ٿي ويھي رھڻ، پاڻيھي پاڻ سان بي انصافي ڪرڻي آھي. جيسين تصوير جي ٻنھي رخن جو صحيح علم نھ ھوندو، تيسين حسن ۽ قبح جي سمجھڻ ۾ لغزش جو امڪان رھندو. ”نائونمل جون يادگيريون“ بھ تصوير جو ٻيو رخ آھي. جتي اسان پنھنجي ماضيءَ جا شاندار پھلو پڙھي مسرت محسوس ڪريون ٿا، اتي اچو تھ انگريزن جي ھڪ نمڪخوار جي ڪردار کي پڙھي، عبرت حاصل ڪريون ۽ ڏسون تھ قومن جي عروج ۽ زوال جا ڪھڙا اسباب ۽ علل آھن، ۽ ڪيئن ھڪ تونگر ماڻھو پنھنجي ذاتي ضد ۽ خانداني عصيبت جي ڪري، پنھنجي سر زمين کي ڌارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ٿو ڪري!


[b] ڊاڪٽر اسدالله شاھھ حسيني
[/b]
اعزازي سيڪريٽري
حيدرآباد سنڌ
سنڌي ادبي بورڊ
١٦-١٢-١٩٦٨ع

مھاڳ

پھريائين منھنجو خيال ھو تھ ھيءَ مختصر تصنيف، عوام جي آڏو پيش ڪريان، پر پوءِ، ڪيترن سببن ڪري، مون مناسب سمجھيو تھ ان جي اشاعت مخصوص رکجي تھ بھتر ٿيندو. اول تھ، ھيءُ سمورو قصو ھڪ ڪھني تاريخ آھي، ۽ ٻيو تھ جن واقعن جو ان ۾ ذڪر ڪيل آھي، سي سنڌ جھڙي ھڪ درو دراز صوبي جي تسخير سان تعلق رکن ٿا، جنھن ڪري اھي عوام لاءِ دلچسپيءَ جو باعث ڪين ٿيندا، خصوصا ھن وقت، جڏھن سلطنت ھڪ مھا ڪشمڪش ۾ مبتلا آھي ۽ جنھن جو ڀوت سڀڪنھن جي دلين ۽ دماغن تي سوار آھي. تنھن کان سواءِ، ھن قصي جا ڪي واقعا ڪنھن اختلافن جون يادگيريون تازيون ڪن ٿا، جن کي ھينئر وسارڻ مناسب آھي. مرحوم سر رچرڊ برٽن، سنڌ کي ”دکي ماٿريءَ“ جو لقب ڏنو ھو. لاشڪ ان جو پھريون سبب سنڌ جي گرمي ھوندي، ۽ ٻيو تھ جڏھن انگريزن سنڌ فتح ڪئي تھ ان وقت ملڪ جو گھڻو حصو غير آباد ھو. مگر ھن وقت تھ سنڌ، ساري سلطنت ھند – پاڪ جي سڀني صوبن کان وڌيڪ زرخير شمار ڪئي وڃي ٿي. جيڪو بھ ماڻھو سنڌ ۾ ھڪ دفعو رھيو ھوندو يا نوڪري ڪئي ھوندائين، سو سنڌ کي ھميشھ ياد ڪندو. اھو ھڪ نيڪ فال آھي تھ ھر طبقي جا ماڻھو، وڏا مسلم زميندار خواھھ پڙھيل ھندو، وفادار آھن ۽ پنھنجي ملڪ سڌارڻ جو ڏاڍو اونو اٿن. ھرڪو ماڻھو جنھن کي بھ سنڌ جي سرزمين جو ڪجھھ اونو آھي، سو سيٺ نائونمل جي ھن خود نوشتھ احوال کي دلچسپيءَ سان پڙھندو، جنھن انگريز سرڪار جي، ھڪ نازڪ وقت ۾، نمايان مدد ڪئي ھئي. سيٺ نائونمل جي انھن ڪوششن پنھنجي ماتر ڀوميءَ کي آرام، انصاف ۽ سٺي انتظام وٺي ڏيڻ سان گڏوگڏ ھر ڪنھن ظلم ۽ زبردستيءَ کي ھميشھ لاءِ ٻنجي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، جنھن ۾ خود سندس پيءُ بھ شڪار ٿيو ھو. ”يادگيريون“ ان ڪري بھ خاص دلچسپيءَ جو باعث ٿينديون جو ان ۾ سنڌجي تسخير وقت ملڪ جي جيڪا حالت ھئي، تنھن جي ھڪ چٽي تصوير پيش ڪيل آھي. تنھن کان سواءِ ان ۾ سيٺ نائونمل جي گوناگون مشاھدن ۽ واقعن جو ذڪر پڻ آھي، جن جي ھن جي حياتيءَ ۾ ڪمي ڪانھ ھئي.
جن صاحبن ان وقت جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آھي، تن کي بخوبي معلوم آھي تھ سنڌ جي تسخير لاءِ جيڪي طريقا اختيار ڪيا ويا ھئا، تن جي جائز يا ناجائز ھئڻ جي باري ۾ وڏا اختلاف آھن. ھن وقت اھو پراڻو داستان، عام ماڻھن اڳيان دھرائڻ مناسب نھ ٿيندو. تنھنڪري مان اھو بھتر سمجھان ٿو تھ ھن ڪتاب جي اشاعت، سيٺ نائونمل جي اولاد، رشتيدارن ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ عملدارن ۽ ذاتي دوستن تائين محدود رکجي.
”يادگيريون“ جي تاليف، ۾، جيتريقدر ٿي سگھيو آھي، اوتريقدر، مون سياست کان ڪنارو ڪيو آھي، تنھنڪري ان ۾ جيڪي اشارا ڏنل آھن، تن کي واضح ڪرڻ لاءِ فقط مختصر حاشيي تي اڪتفا ڪئي اٿم. جنھن کان سواءِ اھي اشارا موجوده نسل جي ماڻھن کي سمجھھ ۾ نھ اچن ھا. ان کان سواءِ مون ”تعارف“ جي ٻن بابن ۾، نائونمل جي اسرڻ وقت سنڌ جي جيڪا حالت ھئي، ان تي مختصر روشني وڌي آھي. مون پنھنجا تاثرات، سيٺ نائونمل جي ناميارن ھمعصر عملدارن، ۽ آشنائن جي لکيل دستاويزن سان ڀيٽي ڏٺا آھن. مون کي خاطري آھي تھ گھڻا انگريز – پاٽنجر ۽ آئوٽرام يا فريئر ۽ اياس جھڙن ناميارن، انگريز ھستين، جن سنڌ جي ڀليءَ ڀت خدمت ڪئي ھئي، تن جي ڪارنامن کان واقف ٿي خوش ٿيندا. جيڪڏھن ھن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ ھنن کي فريئر ۽ آئوٽرام جي جيون چرتر پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو تھ آئون ائين سمجھندس تھ مون واقعي سندن خدمت ڪئي آھي.
ڪتاب جون حاشيون سڀ منھنجو لکيل آھن، جيتوڻيڪ مصنف طرفان ان ڳالھھ جو اعتراف ڪٿي بھ ڪيل نھ آھي.
سيٺ نائونمل – خاص ڪري پنھنجي ڪن گھرو ۽ ذاتي ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي، جن جو عوام سان ڪو واسطو ڪونھ آھي، پر مان انھن ڳالھين کي حذف ڪرڻ مناسب نٿو سمجھان. افسوس آھي تھ مون کي اھڙي جنتري دستياب نھ ٿي سگھي، جنھن جي مدد سان وڪرماجيت جي سنبت جي سنن لاءِ عيسوي سالن جون صحيح تاريخون ۽ مھينا ڏئي سگھان ھا. ڪا نقاد شايد ان ڳالھھ تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن تھ مون ھندستاني تاريخن ۽ مھينن لکڻ ۾ دلچسپي ڪانھ ڏيکاري آھي. پر جنھن وقت ھنن ”يادگيرين“ ۽ ”ضميمن“ ۾ بيان ڪيل واقعا رونما ٿيا ھئا، ان وقت ھڪ زبان جي لفظن کي ٻيءَ زبان ۾ منتقل ڪرڻ جو ڪو باترتيب طريقو رائج ڪونھ ھو. مون خيال ڪيو تھ ھرھڪ لفظ جي پراڻي استعمال کي بحال رکڻ ھڪ قسم جي نمائش ٿيندي، حالانڪ ”يادگيرين“ ۾، خود مترجم بھ ڪن لفظن جي جديد صورت قائم رکي آھي. تنھنڪري مون بھ گھڻن لفظن جي، ڪتاب ۾ پيش ٿيل صورت کي قائم رکيو آھي. اميد تھ انگريزيدان ھندستانين کي پڙھڻ ۾ ڪابھ دقت ڪانھ ٿيندي، ڇاڪاڻ تھ پراڻي صورت دستاويزن ۽ انھن جي حوالن کي ھڪ ڪھنو رنگ ڏيندي.
ڪن مشڪل اشارن جي سمجھائڻ ۾ مون کي سيٺ نائونمل جي نامور پوٽي، راءُ – بھادر عالومل ٽيڪمداس بي – اي، نوازش ڪري منھنجي جيڪا مدد ڪئي آھي، ان لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو آھيان. عالومل ۽ مون کان پوءِ، نيپئر، فريئر ۽ سيٺ نائونمل جي وقت واري سنڌ ۽ جديد سنڌ جي وچ ۾ جيڪي آخري ڪڙيون بچيون آھن، سي ختم ٿي وينديون. مان ١٩٧٠ع ۾ سنڌ ۾ آيو ھوس، جڏھن اڃا ڪيترا نيپئر ۽ فريئر جا ھمعصر عملدار، سرڪاري نوڪرين ۾ ھئا، ۽ مون انھن جي واتان پراڻي زماني جا ڪيترائي قصا ۽ ڪھاڻيون ٻڌيون ھيون. ان ڪري مان سمجھان ٿو تھ ”يادگيرين“ جي اشاعت لاءِ منھنجو انتخاب غير موزون نھ آھي.


[b] ايڇ. اِي. ايم. جي
[/b]١ – جون، ١٩١٥ع

باب پھريون: تعارف (مؤلف جو لکيل)

[b] سنڌ ارڙھينءَ صديءَ جي پھرين اڌ ۾ - آڳاٽا حاڪم ٽالپر ھئا – ٽالپرن جون ٽي حڪومتون – افغانن ۽ رنجيت سنگھھ جون سنڌ ۾ حريص نگاھون – انگريزن جي مداخلت جا سبب – ڪابل جي مھم لاءِ سنڌونديءَ جي واديءَ مان گذر – حيدرآباد سان معاھدو – اميرن جون اڙيون – نائونمل جي پيدائش ۽ نسل – ٽالپرن جا ھندن سان ظلم – نائونمل جي پيءُ سان ظالمانھ ورتاءُ – نائونمل جا انگريزن سان اوائلي ناتا – سنھ ١٨٣٨ع ۾، پاٽنجر جو مدد لاءِ سوال – آئوٽرام جي سنڌ ۾ آمد – ميرن جون اڙيون – نائونمل جي آئوٽرام ۽ پاٽنجر کي واھر – آئوٽرام جو سنڌ ۾ سفير ٿيڻ – ڏيھي ماڻھن جون سازشون – نائونمل جي مير شير محمد سان ڪامياب چالبازي.[/b]

ھڪ معزز ھندوستانيءَ، جيڪو ھونئن تھ ساري ڄمار برطانيا سان وفادار رھيو ۽ ان جون خدمتون ڪيائين، پر جنھن جي وفاداري ۽ خدمتون اڄ کان بھ ڪئين پيڙھين اڳ يعني ١٨٣٧ – ١٨٤٣ع واريءَ پھرينءَ افغان لڙائيءَ جي وقت نمايان ھيون، تنھن جو ١٩١٥ع ۾ جيون چرتر شايع ڪرڻ شايد بيوقتائتو نظر اچي پر ھڪ اھڙو ماڻھو، جنھن غدر جي نازڪ زماني ۾ سر ھينري پاٽنجر، سر جيمس آئوٽرام ۽ سربارٽل فريئر جھڙين ھستين جو مڪمل اعتماد حاصل ڪيو، سو وسارڻ جي لائق نھ آھي. انھن ناميارن عملدارن، سندس اتساھھ ۽ ھمت جي بيحد واکاڻ ڪئي آھي. ھن، افغانستان واريءَ لڙائيءَ وقت پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي انگريزن جي فوج لاءِ وھٽ ۽ سيڌو سامان مھيا ڪري، ھڪ بيش بھا خدمت سرانجام ڪئي ھئي. انھيءَ خدمت جي عوض آئوٽرام کيس ”برطانيا سرڪار جو ھڪ فدائي“ ڪري سڏيو آھي، ۽ ٻيو ھڪ انگريز عملدار پڻ چوي ٿو تھ ’ان وقت اسان جو ڪراچيءَ کان وٺي قنڌار تائين، نائونمل کان سواءِ، ڪوبھ دوست ڪونھ ھو. غدر جي زماني ۾، سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر کي سنڌ جي عوام جي جذبات ۽ پاڙيوارن ملڪن جي سازشين جي باري ۾ جيڪي خبرون سيٺ نائونمل پھچائيندو ھو، تن کي ھو گھڻي اھميت ڏيندو ھو.‘ سيٺ نائونمل ڪافي عمر جو ھو، جڏھن سربارٽل فريئر کيس پنھنجي جيون چرتر لکڻ جو مشورو ڏنو ۽ سندس پوٽي راءِ بھادر عالومل (عالمچند) ٽيڪمداس پڻ ان باري ۾ مٿس زور ڀريو. تنھن ڪري ھن پنھنجو جيون چرتر پنھنجي ڏيھي زبان ۾ لکيو، جيڪو ھو پاڻ پنھنجي پوٽي کي ڏاڍيان پڙھي ٻڌائيندو ھو ۽ ھو ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو ويندو ھو. نائونمل انھيءَ ترجمي جو نقل سربارٽل فريئر ڏي موڪليو. سر بارٽل فريئر جي ھڪ خط مان (جيڪو اڃا موجود آھي) سندس اھو ارادو ظاھر آھي تھ ھيءُ ڪتاب ڇپائڻ گھرجي، پر ھو صاحب ان وقت انڊين ڪائونسل جو ميمبر ھو ۽ ھن کي ايترا تھ گوناگون ۽ مشڪل فرائض انجام ڏيڻا ھئا جو ان ڳالھھ لاءِ ھن کي فرصت نھ ملي سگھي. سر فريڊيرڪ گولڊ سمڊ، سي. بي. ڪي. سي. ايس. آءِ، جنھن جو سرجيمس آئوٽرام جي سوانح عمري لکي ھئي، تنھن جو بھ اھڙوئي ارادو ھو. پر ھو صاحب بھ صحت ٺيڪ نھ ھئڻ سبب، پنھنجي ارادي کي عملي جامو پھرائي نھ سگھيو. بعد ۾ جڏھن مؤلف سنڌ جو ڪمشنر ھو، تڏھن راءِ بھادر عالومل ٽيڪمداس، ”يادگيرين“ جو ھڪ قلمي نسخو سندس حوالي ڪيو، جنھن جي ھو ھينئر ويھن ورھين جي افسوسناڪ دير کان پوءِ، اشاعت ڪري رھيو آھي، سندس رايو آھي تھ ڪم از ڪم، انھن ماڻھن لاءِ جن جو سنڌ سان لاڳاپو رھيو آھي، سيٺ نائونمل جي دلچسپ ڪھاڻي ۽ ھن جي اعليٰ ڪردار، جيڪو ”يادگيرين“ مان ظاھر ٿئي ٿو، سو گمناميءَ جي تاريڪيءَ کان محفوظ رکجي.

اول اول، مان مختصر لفظن ۾ ٻڌائڻ گھران ٿو تھ جي انھيءَ دؤر (١٨٣٠ کان ١٨٤٥ع) ۾ جنھن سان ”يادگيرين“ جي ھڪ اھم حصي جو تعلق آھي، تنھن ۾ ڏيکاريل آھي تھ انگريز سرڪار جو سنڌ ۽ پاڙي وارن ملڪن جي باري ۾ ڪھڙو نظريو ھو – سنڌ ان وقت بھ، ھاڻي وانگر، سنڌونديءَ جي ھيٺئينءَ حصي تي مشتمل ھئي. صوبي جي ڊيگھھ ٣١٠ ميل ۽ ويڪر ١٤٠ کان ١٦٠ ميلن تائين ھئي ۽ اتر ۾ بھاولپور جي مختصر ھندستاني مسلم رياست ۽ ان جي پريان پنجاب جي سک فاتح، رنجيت سنگھھ جو وسيع علائقو ھو. اولھھ طرف ان کي جبلن ۽ ماٿرين، ڪابل ۽ قنڌار (افغانستان) جي پٺاڻ حاڪمن ۽ قلات (بلوچستان) جي بروھي سردار جي علائقن کان جدا ٿي ڪيو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ اوڀر ۾ ريگستان، جنھن جي پريان جيسلمير ۽ جوڌپور جون ڏيھي رياستون ھيون. ڪڇ جي رياست (بمبئي کانو)، جنھن کي ڪلر اٺين ڌٻڻين ۽ کارين سنڌ کان ڌار ٿي ڪيو، سا سنڌ سان ڏکڻ – اوڀر واريءَ ڪنڊ تي اچي ٿي ملي. سنڌ جا اصل رھاڪو ھندو ھئا. سنھ ٧١٢ع ۾، عربن جي فتح کان پوءِ، بھ ھندو گھراڻن، ساري ملڪ تي، وقت بوقت حڪومت پئي ڪئي. ٽالپرن کان اڳ، ڪلھوڙن جي دؤر تائين، بھ لاءَ ۾ ھندو حاڪم ھئا، پر اھي مقامي ھندو حاڪم، آھستي آھستي غائب ٿيندا ويا. ھندن جو تعداد نھ فقط گھڻو گھٽ ٿي ويو، پر تعصبي مسلمان کين حقارت جي نظر سان ڏسندا ھئا، پر ھو پنھنجي ھوشياريءَ، اعليٰ چترائيءَ ۽ تعليم جي ڪري وڻج واپار ۾ اڳرا رھيا ۽ مسلمان حاڪمن جي ھٿ ھيٺ سرڪاري ڍلن جا مقاطعيدار پڻ ھوندا ھئا.

سنھ ١٧٣٩ع ۾، نادرشاھھ ھندوستان تي حملو ڪري، دھليءَ کي تلف تاراج ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ سنڌ ڪيترن مڪاني قومن ۽ گھراڻن جي حڪومت ھيٺ، دھليءَ جي مغل شھنشاھت جو ھڪ صوبو ٿي چڪي ھئي، پر نادر شاھھ جي فتح کان پوءِ، ھوءَ ڪابل جي ماتحت ۽ خراج گذار بنجي ويئي، اڪثر ڪري سنڌي حاڪمن طرفان وقت تي خراج ڪونھ پھچايو ويندو ھو ۽ بعضي بعضي خراج جي وصوليءَ لاءِ ٻاھرين حڪمرانن کي حملو ڪرڻو پوندو ھو، جيئن عيسوي ١١- ١٨١٠ ۾ ڪيو ويو. حقيقت ۾ سنڌ، اتر – اولھھ واري حصي ۾ شڪارپور جي مشھور شھر ۽ واپاري منڊيءَ کان سواءِ، ڪابل جو دور دراز ۽ غير اھم صوبو ھئي. شڪارپور جو شھر وچ ايشيا ۽ ھندوستان جي شاھراھھ، يعني بولان جي دڙي جي ويجھي ھنڌ آھي. ڪابل جا حاڪم ان جي حق ملڪيت کي خاص اھميت ڏيندا ھئا. ان کان سواءِ، سنڌ جو اندروني ڪاروبار، جيڪا بھ مڪاني حڪومت برسراقتدار ھوندي ھئي، سا ھلائيندي ھئي. ارڙھين صدي ۾، ھڪ مسلم درويش جي خاندان، جن جو رشتو بھاولپور رياست جي دائودپوٽن حڪمرانن سان ھو، تن قبضو ڪيو. ڪلھوڙا ھڪ ظالم قوم ھئي ۽ ١٧٨٣ع ۾ کين ٽالپر بلوچن، جن جي سردارن کي ھنن وحشاني طريقي سان قتل ڪيو ھو، تن کين ملڪ مان ھڪالي ڪڍيو. ٽالپر ١٨٤٣ع تائين برسراقتدار رھيا، جڏھن انگريزن مٿن سوڀ پاتي، تڏھن ٽالپرن جا ٽي پاڙا ھئا، ۽ انھيءَ ڪري سنڌ کي بھ ٽن حڪومتن ۾ ورھايائون. لاڙ جي حڪومت جا ٽنھي حڪومتن ۾ وڏي ۽ زياده اھم ھئي، سا قوم جي سردار مير فتح علي، جنھن جي ڪوشش سان سنڌ فتح ٿي ھئي، پنھنجي ھٿ ۾ رکي ۽ ڪلھوڙن جي گاديءَ، حيدرآباد تي قبضو ڪيو، جتي ھنن ھڪ قلعو اڏايو ھو. سرو مير سھراب کي مليو، جنھن جي گادي خيرپور ۾ ھئي. ھن پڻ بکر جي مضبوط قلعي تي قبضو ڪيو، جيڪو شڪارپور جي ويجھو، سکر ۽ روھڙيءَ جي وچ ۾، سنڌوندي جي ھڪ ٻيٽ تي آھي. ڏکڻ – اوڀر جي رياست جيڪا سڀ کان ننڍي ھئي، سا مير ٺاري خان جي حصي ۾ آئي. حيدرآباد ۾ مير فتح علي پنھنجن ٽن ڀائرن: ڪرم علي، غلام علي ۽ مراد عليءَ کي پاڻ سان حڪومت ۾ شريڪ ڪيو. ھي واقعو مشرق جي تاريخ ۾ ھڪ بيمثال ڪرشمو ھو. چار ڀائر، ھميشھ پاڻ ۾ قرب سان رھندا ھئا. انھن مان جيڪڏھن ڪو گذاري ٿي ويو، تھ ان جو پٽ پنھنجي پيءُ جي حق جو وارث بڻيو ٿي. خود فتح علي کي ”رئيس“ ڪري سڏبو ھو ۽ سنڌ جي رواج مطابق پڳ جو حقدار بھ اھوئي ھو. ١٨٣٢ع ۾، چئن ڀائرن مان فقط مير مراد علي جيئرو ھو. ھو ان وقت ”رئيس“ ٿيو ۽ ھو ئي متحد حڪومت، جنھن ۾ ٻين ٽن ڀائرن جي پٽن جا حصا ھئا، تن جو وڏو ھو.

ڊاڪٽر جيمس برنس، ڪڇ جي گاديءَ مان انگريزن جي سفارتخاني جو جراح ٿي آيو. ھيءُ پھريون يورپي ماڻھو ھو، جنھن کي سنڌ جي درٻار ۾ ڳچ وقت تائين رھڻ جو موقعو مليو. ھن کي ١٨٣٠ع ۾ مير مراد علي جي ڪنھن معمولي عارضي جي علاج لاءِ گھرايو ويو ھو. ھن پوءِ، ملڪ ۽ حڪومت جي باري ۾ پنھنجا تاثرات ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيا. ھو انھيءَ ڪتاب ۾ لکي ٿو تھ ”ڪي مير خوشخلق ۽ نيڪ ھئا پر مير مراد عليءَ جي باري ۾ ھن جو خيال ھو تھ ھو ھڪ خود غرض، اداس طبع، لالچي ۽ خودسر حاڪم ھو. سري ۾، مير سھراب کان پوءِ ھن جو پٽ مير رستم گاديءَ تي ويٺو. ھو ھڪ نھايت شريف طبع حاڪم ھو ۽ انگريزن لاءِ ھڏ ڪرڪندو ھوس. مير ٺاري خان جي گاديءَ تي ميرپور وارو مير شير محمد ويٺو، جو انگريزن جو خيرخواه ڪونھ ھو. ”يادگيرين“ جي شروع ٿيڻ وقت، لاڙ ۾ مير مراد عليءَ جا پٽ مير نور محمد ۽ نصير خان، ۽ مير فتح عليءَ جو پٽ صوبدار خان ۽ مير غلام عليءَ جو پٽ مير محمد خان ٻين ميرن کان وڌيڪ اڳرا ۽ طاقت وارا مير ھئا. پويان ٻھ (مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان) مير نورمحمد خان ۽ نصير خان ٻنھي ڀائرن کان عمر جي لحاظ کان وڏا ھئا، مگر حڪومت جي ڪاروبار ۾ ايترو دخل ڪونھ ھوندو ھون.

انگريز سرڪار کي ڪيتري وقت تائين سنڌ جي متعلق محدود معلومات رھندي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ھنن سنڌ جي حڪمرانن سان ڪنھن لاڳاپي قائم ڪرڻ جي ڪا ڪوشش ئي ڪانھ ڪئي ھئي. سنڌ پنھنجي جداگانھ حيثيت جي ڪري، ٻاھرينءَ مداخلت کان پاڪ صاف رھي ھئي. ارڙھينءَ صديءَ ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، لاڙ جي ھڪ مشھور شھر يعني ٺٽي ۾ ڪوٺيون وڌيون ھيون، پر اھي قبل از وقت بند ڪيون ويون. انگريزن جا سفير جڏھن ٽالپرن ميرن جي ويجھو پوڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا تھ ھو پريشان ۽ بدظن نظر ايندا ھئا. مثلا ١٨٠٩ع ۾، جڏھن پھريون دفعو ھندستان تي فرينچن جي حملي جو خطو ھو ۽ کين، ٻين ڏيھي رياستن وانگر چيو ويو ھو تھ ھو فرينچن کي پنھنجي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ نھ ڏين. پر ھنن ھميشھ لاءِ، پاڻ کي، باقي دنيا کان منقطع رکڻ جو فيصلو ڪيو. آخر، ١٨٣٠ع ۾، اھو وقت آيو، جڏھن انگريز سرڪار ھنن جي ملڪ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي. ان وقت رنجيت سنگھھ، جيڪو انگريزن جو ھميھ پڪو دوست ٿي رھيو ھو، ۽ پاڙيوارن سان اڳرائيءَ ڪرڻ ۾ نھ ٽرندو ھو، سو پنجاب ۾ ھڪ پائدار حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ھن ڪشمير، ديرو اسماعيل خان ۽ ملتان جا پرڳڻا، جيڪي ان وقت تائين ھميشھ ڪابل جي ماتحت رھندا آيا، سي پنھنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيا ھئا. ھن سنڌ جي پاڙي واريءَ رياست، بھاولپور تي حملو ڪري، خراج وصول ڪيو. اھڙي طرح، رنجيت سنگھھ سنڌونديءَ جي سموريءَ ماٿريءَ لاءِ خطري جو باعث بڻيو. اھا ڳالھھ عالم آشڪار ھئي تھ سنڌ وٺڻ لاءِ ھن کي طمع ھئي، ۽ انھيءَ خيال سان ١٨٣٦ع ۾ سنڌ تي حملو بھ ڪيو ھئائين. ساڳئي وقت، ھند سرڪار، ايران ۽ افغانستان سان ساز باز ڪري، روس جو ھندستان تي فرضي حملي ڪرڻ جو منصوبو معطل ڪرڻ ٿي چاھيو. ان ڪري لازما ھنن جي نگاھھ سنڌو نديءَ تي پئي، جا عربي سمنڊ کان، اتر ھندستان ۽ ڪابل جي وچ ۾ قدرتي شاھراھھ آھي. سنھ ١٨٣١ع ۾، حيدرآباد جي اميرن، گھڻي جھنجھٽ کان پوءِ، سر اليگزينڊر برنس کي سنڌونديءَ مان گھوڙن کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني. رنجيت سنگھھ کي گھوڙن جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو، ان ڪري انگلنڊ جي بادشاھھ اھي گھوڙا کيس تحفي طور موڪليا ھئا. ساڳئي وقت اھو موقعو درياءَ جي ملاحظي ڪرڻ لاءِ پڻ غنيمت سمجھيو ويو. ١٨٣٢ع ۾، ميرن ھڪ اھڙي عھدنامي تي دستخط ڪيا، جنھن موجب انگريزن کي واپار لاءِ، سواءِ فوجي اسباب ۽ ھٿيار بند جھازن جي، سنڌونديءَ جي استعمال جي اجازت ڏني ويئي. ان کان پوءِ، ١٨٣٦ع ۾ ھن مجبورا درياءَ تي ھلندڙ آگبوٽن لاءِ پنھنجن ٻيلن مان ھنن کي ڪاٺين ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان کان سواءِ، ھنن ڪپتان ڪارليس کي، ڪراچيءَ جي بندر ۽ سنڌونديءَ جي دوآبي وارن بندرن جي پيمائش جي اجازت ڏني.

سنھ ١٨٣٦ع ۾ لارڊ آڪلنڊ، ھندستان جو گورنر جنرل مقرر ٿيو. ھن ترڪستان (جنھن تي روس پيشقدمي ڪري رھيو ھو) ۽ ھندستان جي وچ ۾، ھڪ دوستانھ ۽ مضبوط رياست قائم ڪرڻ جي ارادي سان معاھدو ڪيو، جنھن مطابق ڪابل جي تخت تي سابق سدوزئي حڪمران، شاه شجاع کي (جو ڪيترن سالن کان ھندستان ۾ جلاوطن ھو) وري ٿاڦي انجام ورتو تھ ڪابل مان انگريزن جي دشمنن کي تڙي ڪڍڻ ۾ سندن مدد ڪري. لارڊ آڪلنڊ جو اھو فيصلو پوءِ نھايت پرحماقت ۽ نقصانڪار ثابت ٿيو؛ ڇاڪاڻ تھ شاھھ شجاع جي اھا بھ دعوا ھئي تھ سرو سندس موروثي ملڪيت آھي. ھو جنھن وقت برسر اقتدار آيو، تڏھن ھن سنڌ جي حڪمرانن کان زوريءَ خراج وصول ڪيو. اھا ھڪ تعجب جي ڳالھھ آھي تھ مشرق ۾ جلاوطن حڪمران، تخت وڃائڻ کا پوءِ بھ پنھنجي حمايت ۾ فوج ڪٺي ڪري سگھندا آھن! اھڙيءَ طرح شاھھ شجاع بھ جلاوطنيءَ جي زماني ۾، ١٨٣٨ع ۾ فوج وٺي، شڪارپور جي ويجھو، ٽالپر ميرن کي شڪست ڏيئي، کانئن پنجن لکن روپين (1) سالياني خراج جو وعدو ورتو. سنڌ ان وقت ٻن گھيرن ۾ ھئي: ھڪ طرف افغانن جون اکيون ھيون ۽ ٻئي طرف سکن جون. انگريزن فيصلو ڪيو تھ ھو پھريون تھ سنڌ کي ٻنھي ڌرين جي لاءِ جنگي آکاڙو نھ بنجڻ ڏيندا ۽ ٻيو تھ جنھن وقت ٽالپرن کي پنھنجي ملڪ جي دفاع ڪرڻ جي طاقت ۾ پٺتي ڏسندا تھ ھو انھن جھڳڙن جو خود تصفيو ڪندا ۽ جيڪڏھن سنڌ تي ڪو حملو ٿيو تھ ھو سنڌ کي پنھنجي سرحد سمجھي ان جو دفاع ڪندا. انھيءَ ڪري انگريز سرڪار، ميرن تي دٻاءُ آندو تھ ھو ھڪ نئين معاھدي تي دستخط ڪن، جنھن جي بدولت ھو شاھھ شجاع جي وڌيڪ مداخلت کان آزاد رھندا. انھيءَ نئين عھدنامي مان ميرن کي ھيءُ نقصان ھو تھ کين شاھھ شجاع ۽ رنجيت سنگھھ لاءِ پنجويھن يا ڇويھن لکن روکين جي ڀاري رقم ادا ڪرڻي ٿي پئي. نالي ۾ تھ ھيءَ رقم خراج جي بقايا ھئي، پر دراصل اھا شڪارپور لاءِ ڀنگ جي رقم ھئي. ان رقم مان ١٥ لک رپيا رنجيت سنگھھ کي، افغانستان تي چڙھائيءَ واري منصوبي ۾ شامل ٿيڻ ۽ مدد ڏيڻ جي عيوض ملڻا ھئا. ان کان سواءِ، سنڌ جي دفاع ۾ معاون فوج جي خرچ لاءِ، ميرن کي ٽي لک رپيا ساليانو خرچ پڻ ڏيڻو ھو. ميرن گھڻي ئي گوٿناڪي ڪئي، پر عھدنامي تي صحيح ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي مٿن عملي طور دٻاءُ وجھڻ لاءِ، شاھھ شجاع جي امدادي فوج جو ھڪ حصو سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ لاٿو ويو، ۽ انگريزن جي جنگي جھازن جي مدد سان ڪراچيءَ تي زوريءَ قبضو ڪيو ويو. حيدرآباد جي ميرن تھ آخر ڪؤڙو منھن ڪري، عھدنامو قبول ڪيو، پر ھنن انگريزي فوج لاءِ وھٽن ۽ سيڌي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ رنڊڪون وجھڻ شروع ڪيون. انھيءَ وچ ۾ سر اليگزينڊر برنس، پنجاب جي طرف کان سري ۾ داخل ٿيو ۽ سري جي ٽالپر حڪمران، مير رستم کان، جو انگريزن جو ھميشھ ھڏ ڏوکي ھوندو ھو، ريھي ريبي، سکر ۽ روھڙيءَ جي وچ ۾ سنڌونديءَ جي ھڪ ٻيٽ تي بکر جو قلعو ورتائين. انھيءَ قلعي تي قبضي ڪرڻ سان درياءَ پار ڪرڻ آسان ھو، ۽ شڪارپور اچڻ ۾ بھ وڏي سھوليت ھئي.

ھاڻي، سيٺ نائونمل جو ذڪر ڪبو ۽ ٻڌائبو تھ ھن ڪيئن انھن مشڪلاتن ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو، جن جو انجام اھو نڪتو، جو انگريزن جو سنڌ تي تسلط قائم ٿي ويو. ھيءُ سمورو احوال، جيڪو سندس خود نوشت بيان تي ٻڌل آھي، نھايت احتياط سان چڪاسيو ويو ۽ ان ۾ ضرورت مطابق ۽ ان وقت جي ڇپيل دستاويزن جي روشنيءَ ۾، اضافو پڻ ڪيو ويو آھي.

سيٺ نائونمل پٽ ھوتچند، لوھاڻي قوم جو ھڪ ھندو واپاري ھو. ھو ڪراچيءَ جو رھاڪو ھو. جتي، ھن ١٨٠٤ع يا ١٨٠٥ع ڌاري جنم ورتو ھو. ھن جا وڏا اصل وچولي ۾ خدا آباد جي ويجھو ڪاھريءَ (1) جي ڳوٺ ۾ رھندا ھئا. خدا آباد ڪلھوڙن جي شروعاتي حڪومت واري دؤر جو پھريون گاديءَ جو ھنڌ ھو. ارڙھين صديءَ جي اوائل ۾، سيٺ نائونمل جو پڙ ڏاڏو (ڀوڄومل) خانداني اختلافن ۽ لاشڪ ڪلھوڙن جو تخت گاھھ، خدا آباد کان حيدرآباد ڏانھن (جنھن جو پايو ١٧٦٨ع ۾ ڪلھوڙن وڌو ھو)، کڄي وڃڻ سبب، وچولي مان لڏي ويو. ڀوڄومل پنھنجيءَ رھائش لاءِ کڙڪ بندر انتخاب ڪيو، جو ايراني نار يا اڃا بھ عمان جي نار (جا سنڌ کي قلات جي خان جي ملڪ کان جدا ڪري ٿي)، جي ڇوڙ وٽ ھڪ ننڍڙو بندر آھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ، اھو بندر واريءَ سان لٽجي ويو، جنھنڪري ھن پنھنجو گھر ۽ ڪاروبار ڪراچيءَ منتقل ڪيو. ڪراچي، کڙڪ بندر کان ٿورو پري ڏکڻ – اوڀر طرف، ھڪ ننڍي مياڻي ھئي. ان وقت ڪراچي قلات جي ماتحت ھئي، پر پوءِ جيئن اڳتي ھلي ظاھر ٿيندو تھ قلات جو خان ان تان حيدرآباد جي ٽالپر ميرن جي فائدي ۾ دستبردار ٿيو ھو. بندرن جو انتخاب نھايت دورانديشيءَ سان ڪيو ويو ھو، ڇاڪاڻ تھ ڪراچي سٺو محفوظ بندر ھو، ۽ ڪراچي سنڌونديءَ جي ڇوڙ جي ويجھو ھئي، جنھن ڪري کيس پاڻيءَ رستي، اندرين ملڪن سان واپار ڪرڻ جي سھوليت ھئي. بندر کان سواءِ ڪراچي ڪا اھڙي دلفريف جڳھھ ڪانھ ھئي. پاڻي کارو ھو، ۽ گرد و نواح، يعني اتر خواه اوڀر طرف، ٥٠ ميلن ۾ سنڌ جي زرخيز دو آبدي تائين، اٺن چارڻ جي لائق، ھڪ ويران پھاڙي علائقو ھو.

سيٺ ڀوڄومل جنھن جي نالي پٺيان ھن جو اولاد اڄ تائين پاڻ کي ”ڀوڄواڻي“ سڏائيندو آھي، ھڪ جانباز شخص ھو ۽ ڪافي دولت گڏ ڪئي ھئائين. ھنن جي ڪوٺيءَ جون وچ ايشيا ۽ ھندستان ۾ گھڻيون ئي شاخون ھيون. ممڪن آھي تھ سيٺ نائونمل پنھنجن وڏن جي تجارتي ڪاميابيءَ جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم وٺندو ھجي، مگر اڄ تائين شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ھندن جا اھڙا ڪارخانا آھن، جن جون شاخون بخارا، سمرقند، ماسڪو، پيٽرو گراڊ، بلڪ قاھره ۽ لنڊن جھڙن ڏورانھن شھرن ۾ سندن رشتيدار سنڀاليندا آھن. سچ پچ تھ ھندن جنھن جانبازيءَ ۽ جرئت سان حڪمرانن جي ظلم ۽ وحشي قومن جي جور ۽ ستم ھوندي، وچ ايشيا جي غير مھذب قومن جي وچ ۾ وڻج واپار پئي ڪيو آھي. تنھن ڳالھھ جي سمورن سياحن ھميشھ واکاڻ ڪئي آھي. تنھنڪري سيٺ نائونمل، پنھنجي خاندان جي دور دراز واپاري ناتن جو جيڪو ذڪر ڪيو آھي، تنھن ۾ ذري ماتر بھ شڪ ڪرڻ نھ کپي. حقيقت ھيءَ آھي تھ سنڌ ۾ واپار جا موجد ھندو آھن، جي شروع کان وٺي حڪومت جي مالي امداد ڪندا ھئا ۽ سندن، پنھنجن مسلمان حاڪمن تي بھ خاصو اثر ھوندو ھو. جيتوڻيڪ ھو کين حقارت جي نظر سان ڏسندا ھئا.

سنڌ جي ٽالپر اميرن جي اسي ورھين جي حڪومت جي دؤر ۾، ھندن جي حالت نھايت دکدائڪ ھئي. مير، شيعا فرقي جا مسلمان ھئا. ھو فطرتا نيڪ، بامروت ۽ خوش خلق ھئا، پر مشرڪن جي باري ۾ سختيءَ کان ڪم وٺندا ھئا. لاڙ ۾ جيڪڏھن ڪنھن بدنصيب ھندوءَ کان ڪا معمولي خطا ٿيندي ھئي، تھ ان کي جھلي، ڪلمو پڙھارائي، طھرائي ڇڏيندا ھئا. بعضي بعضي تھ ھو اھڙو بيدرديءَ جو ڪم رؤنشي خاطر ڪندا ھئا. ھت ڊاڪٽر برنس جيمس، جنھن جو ذڪر اڳتي ٿي چڪو آھي، تنھن جو ھڪ حوالو ڏجي ٿو، جنھن ۾ ھندن سان جيڪا ھلت ٿيندي ھئي، ان باري ۾ سندس تاثرات ڏنل آھن. ڊاڪٽر برنس ھڪ ھندو رياست ۾ رھندو ھو، تنھنڪري ھن جي دل ۾ مسلمان حڪمرانن جي خلاف شايد ڪجھھ تعصب ھجي، پر ھن جي بيان ۾ گھڻو وڌاءُ ڪونھ ٿو ڏسجي. ھو لکي ٿو تھ ”ميرن جو ظلم ۽ ڏاڍ سڀ کان زياده سندن تبليغي سرگرمين مان ظاھر ٿئي ٿو. عقل ان ڳالھھ سمجھڻ کان قاصر آھي تھ ھندو ھن ملڪ ۾ ڇو رھيا پيا آھن؟ ان لاءِ فقط ھڪ سبب ٿي سگھي ٿو، سو آھي پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ محبت. ان باري ۾ انسان ۽ نباتات ھڪجھڙا آھن. ھندن سان نھايت صبر آزما عقوبتون ٿينديون ھيون. ھنن کي زوريءَ مسلمانڪو لباس اوڍڻو پوندو ھو. ڪيتري وقت تائين تھ ھنن کي گھوڙي تي چڙھڻ جي اجازت بھ ڪانھ ھوندي ھئي. جن ڪامورن کي گھوڙي تي سوار ڪرڻ جي اجازت مليل ھئي، تن کي وري زين ڪم آڻڻ جو اعزاز ۽ آسائش حاصل ڪانھ ھئي. ڪيترا شاھوڪار ۽ معزز واپاري گڏھن ۽ خچرن تي سواري ڪندا نظر ايندا ھئا. حالانڪ اھا جنس اھڙي ناپاڪ سمجھي ويندي آھي، جو ٻين ملڪن ۾ ان کي ڇھندو بھ نھ آھي. جڏھن ڪو متڪبر مسلمان رستي سان لنگھندو آھي، تڏھن ھندن کي انھن نيچ وھٽن تان بھ لھي پاسو وٺي بيھڻو پوندو آھي.

مسلمانن کي ترغيب ڏني ويندي آھي تھ سنڌ ۾ جيڪي بھ ڪفر جون نشانيون نظر اچن، تن جو خاتمو آڻين. برھما جي بدنصيب ۽ اڀاڳن پوئلڳن کي، مذھب جي آزادي بھ ڪانھ آھي! گھنڊ جو آواز ورلي ٻڌڻ ۾ ايندو آھي. اجازت کان سواءِ گھنڊن وڄائڻ جي منع آھي. حيدرآباد ۾ بنا مورتين جي ڪي مندر آھن، پر انھن جي ديوارين مان بھ گاني بجاني جو پڙلاءُ ڪونھ پوندو آھي. ڪٿي بھ ٻھ مومن جيڪڏھن شاھدي ڏين تھ ھڪ ھندوءَ، قرآن جي ڪي آيتون يا ڪلمو پڙھيو آھي، تھ اھا شاھدي ھن جي ھڪدم سنت ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڄاتي ويندي آھي. ھيءَ ھڪ رواجي ڳالھھ آھي، پر مظلوم ھندو ان کي سڀ کان زياده ۽ وڏي آپدا ڪري سمجھندا آھن. مسلمانن کي ٿورڙوئي ڪو بھانو ملندو آھي تھ اھا ڪاروائي اختيار ڪندا آھن. وڏي ڳالھھ تھ ظاھر ائين ڪيو ويندو آھي تھ اھا مظلوم جي ڀلائي لاءِ آھي ۽ ان ۾ ھن جو محشر چڱو ٿيندو. اھڙيءَ طرح ھن جي جسماني عذاب ۾ دماغي ڪاوش جو اضافو ڪيو ويندو آھي.“

ڊاڪٽر برنس جي پنھنجي شاھدي آھي تھ ھڪ موقعي تي ھن پاڻ ھڪ ھندو واپاريءَ جي خلاف شڪايت ڪئي، تھ وڏي مير ھڪدم واعدو ڪيو تھ ’مجرم کي سزا طور، زوريءَ سچي دين ۾ داخل ڪيو ويندو.‘ تنھنڪري اھا ڪا غير طبعي ڳالھھ ڪانھ ھئي تھ ھندو، جن جي ملڪ تي مسلمانن جي مختلف خاندانن صدين جون صديون حڪومت ڪئي ھئي، ۽ جن لاءِ ھنن جي دلين ۾ ڪا محبت ڪانھ ھئي، سي حڪومت جي تبديليءَ جي خواھش رکن. خصوصا جڏھن ھنن ڏٺو پئي تھ ڪڇ جي پاڙيسري حڪومت ۾، ھندو ھڪ ھم – ڌرم حڪمران جي ھٿ ھيٺ سندن مقابلي ۾ وڌيڪ آرام جي زندگي بسر ڪري رھيا ھئا. لاشڪ ھن ھندوستان ۽ ڪڇ ۾ پنھنجن مقيم گماشتن کان بھ انگريزن جي طاقت ۽ انصاف جون ڳالھيون ٻڌي فيصلو ڪيو ھجي تھ ڪو موقعو ملي تھ انگريزن جي سايي ۾ رھجي.

١٨٣٢ع ۾ ھڪ ڪٽر مسلمان ڪراچي ۾ ھندن جي خلاف احتجاج اٿاريو ۽ لاڙ جي ڪن وڏن شھرن ۾ جھاد جو پرچار ڪيو ۽ مشرڪن جي خلاف مومنن کي ڀڙڪايو. اھڙا فساد مغرب ۾ ھميشھ حڪرانن لاءِ مٿي جو سور ھوندا آھن، خواھھ انھن جو مذھب ڪھڙو بھ ھجي. سيٺ نائونمل جو پيءُ، سيٺ ھوتچند، ڪراچيءَ جو ھڪ نھايت بااثر فرد ۽ سنڌ جي ھندن جو اڳواڻ ھو. ڪراچيءَ ۾ جي فساد شروع ٿيا ھئا، تن جو ھو خاص نشانو بڻايو ويو. چنانچھ وڏي مير، مراد عليءَ، ھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ڪري صدقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مير جي چشم پوشيءَ سان ڪي تعصبي ماڻھو ھن کي زوريءَ اغوا ڪري دوآبي ۾ ڪنھن مسلم درگاھھ تي وٺي آيا. ھن جو پٽ نائونمل، اھا ڳالھھ قبول نٿو ڪري تھ ڪو پڻس کي طھر ڪرائي، ذليل ڪيو ويو ھو. پر سنڌ جا ماڻھو ھميشھ ان ڳالھھ جا قائل رھيا آھن تھ سنت ادا ڪئي وئي ھئي. بند ۾، سيٺ ھوتچند، ڌرم مطابق کاڌو نھ ملڻ ڪري ڳري ڪنڊا ٿي ويو ھو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ، سيٺ ھوتچند ميرن جي برتاءُ کان بيزار ٿي وڃي ڪڇ ۾ پناھھ ورتي، جتي اتان جي راجا، جنھن کي ”راءِ“ چوندا آھن. ھن جي ھمدرديءَ ۽ عزت سان آجيان ڪئي.

سيٺ نائونمل کي ميرن جي باري ۾، جن ھن جي پيءُ سان ھھڙيون عقوبتون ڪيون ھيون، تلخيءَ پيدا ٿيڻ لاءِ ڪافي سبب ھو. ھن اھو فيصلو ڪيو ھو تھ پيءُ جي انتقام وٺڻ لاءِ ۽ عام ھندن جي بھبوديءَ لاءِ کين غلاميءَ جي طوق مان آزاد ڪرائڻ جو موقعو ملي، ان کي غنيمت ڄاڻجي. غالبا، سيٺ نائونمل جي ڪڇ جي مقامي سفير ڪرنل پاٽنجر سان پھرين ملاقات ١٨٣٢ع ۾ ٿي ھئي، جڏھن ھو سنڌونديءَ ۾ تجارتي جھازن ھلائڻ جي اجازت وٺڻ جي سلسلي ۾، معاھدي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيو ھو. ان کان پوءِ ھو ھنن سان دوستانھ تعلقات وڌائڻ جي ھميشھ ڪوشش ڪندو رھيو.پوءِ سر اليگزينڊر برنس، سان بھ واقفيت ڳنڍي، ۽ ليفٽيننٽ جان ڪين کي، جو بعد ۾ قلات جو سياسي عملدار مقرر ٿيل ھو، تنھن کي پڻ مختلف قسمن جي مدد ڪئي ھئي. ان کان سواءِ، ڪئپٽن ڪاريس ڪن ٻروچن جي ايراضيءَ ۾ بنا اجازت شڪار ڪرڻ ويو ھو، جتي کيس قاتلانھ حملي کان سيٺ نائونمل بچايو ھو. مطلب تھ ھن کي جڏھ بھ موقعو ملندو ھو، تڏھن ھو انگريزن جي خدمت ڪندو ھو.

آخر ١٨٣٨ع ۾، ڪڇ جي مقامي سفير، ڪرنل پاٽنجر، جنھن ان وقت ڪڇ ۾ وھٽ پئي گڏ ڪيا، سيٺ نائونمل کي لکيو تھ ھو جنرل ڪين جي فوج کي اٺن ۽ سيڌي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪري، ڇاڪاڻ تھ ھند سرڪار، سنڌ جي رستي، شڪارپور ڏانھن ھڪ فوج موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ھو. جتي سر وليم مئڪناٽن ۽ شاھھ شجاع بھ پنھنجن فوجن سان ان جو انتظار ڪري رھيا ھئا. سيٺ نائونمل، ميرن جي مڪاني عملدارن جي مخالفت ھوندي بھ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي، اھي تقاضائون پوريون ڪيون. فقط اھي ماڻھو، جي سيٺ کي چڱيءَ طرح سڃاڻن، محسوس ڪري سگھندا تھ سيٺ نائونمل جو وحشي ٻروچن تي ڪيترو نھ اثر ھوندو ھو. ھن ميرن جي کلم کلا مخالفت ھوندي بھ، ايتري ٿوري وقت ۾ ھڪ غير قوم جي ماڻھن کي گھربل اٺ ۽ ٻيو سامان مھيا ڪري ڏنو. ڪراچيءَ جي آسپاس جابلو ۽ ويران علائقو آھي. جتي زبردست قومون، جھڙوڪ جوکيا، نومڙيا، ڪرمتي ۽ ڇٽا ۽ ٻيون ڪيتريون زبردست ۽ سرفروش قومون، بلوچ سردارن جي اڳواڻيءَ ھيٺ رھنديون ھيون، جن جي دولت جو ذريعو اٺ ھوندا ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ سيٺ انھن کي پنھنجي تجارتي ڪاروبار لاءِ اڳيئي اٺ ڀاڙي ڪندو ھجي، ۽ انھيءَ ڪري انھن سان چڱي آشنائي ھجيس. ممڪن آھي تھ ھو، ھڪ دولتمند جي حيثيت ۾، انھن جي مالي مدد بھ ڪندو ھجي. ھڪڙو ھندو، ميرن جي عملدارن جي مخالفت ھوندي، ھڪ مختصر عرصي ۾، ايترا اٺ مھيا ڪري ڏئي سگھي! اھا ڳالھھ ڏيکاري ٿي تھ ھو ڪيڏي نھ حوصلي وارو انسان ھو.

سر جان ڪين، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ پھتو، تنھن کان پوءِ جلدئي ميجر (پوءِ ”سر“) جيمس آئوٽرام، جو انھيءَ مھم ۽ از خود شامل ٿيو ھو، سو ٻيڙيءَ رستي ڪراچيءَ ۾ انھيءَ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ آيو تھ سيٺ نائونمل، جنھن کي ھو ھڪ ”غريب واڻيو“ ڪري سڏيندو ھو، سو اٺن ھٿ ڪرڻ ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ٿيو آھي. ڪراچي ان وقت ھڪ گمنام مڇي مياڻي ھئي، جتي ھڪ – ٻھ شاھوڪار واپاري رھندا ھئا. ھو ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل جي گھر ۾ رھيو. ان کان پوءِ ھو تمام سخت تڪليفن وارو سفر ڪري، ريگستان لتاڙي وڪر پھتو، جتي سر جان ڪين جي فوج منزل انداز ٿي ھئي. ھن جي سيٺ نائونمل سان اڌ رستي ۾ گھاري وٽ پھرين ملاقات ٿي، جتي سيٺ اٺن خريد ڪرڻ لاءِ ترسيل ھو. نائونمل سان ملي، ھو اڪيلو ٩٥ ميلن جو سفر ڪري موٽي اچي جھازن تي پھتو. اڳتي ھلي سيٺ پاڻ ٻڌائيندو تھ ھن ڪيئن انگريزي فوج کي سنڌ مان لنگھڻ وقت، مختلف طريقن سان سوارين ۽ ٻئي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

ياد رھي تھ سنڌ جا مير تمام بھانھ ساز ۽ رڪاوٽون پيدا ڪندڙ ھئا. سر جان ڪين جي اچڻ کان اڳ ھنن اٺن ۽ سيڌي گڏ ڪرڻ لاءِ اجازتنامي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، پر جڏھن اھو وقت آيو تھ ھو کيس اٽلو ڌمڪائڻ لڳا. پاٽنجر مجبور ٿي کين سندن واعدا ورجايا. ھڪڙي مير تھ دوآبي ۾، فوج جي نقل و حرڪت وقت، حيدرآباد جي ويجھو، حملو ڪري نائونمل جو گڏ ڪيل ذخيرو پسپا ڪري ڇڏيو ۽ حيدرآباد ۾ ٻروچن جو ايڏو تھ لشڪر اچي ڪٺو ٿيو جو پاٽنجر سمجھيو تھ انگريزن جي فوج تي اجھو ٿو حملو ٿئي. ڇاڪاڻ تھ عين ان وقت پاٽنجر، بحسب حڪم، ميرن وٽ ھڪ عھدنامي جو مسودو پيش ڪيو ھو. جو ھر لحاظ کان انھن لاءِ ناگوار ھو. جڏھن صورتحال نازڪ ٿيڻ لڳي، تڏھن اطلاع آيو تھ انگريزن جو بحري ٻيڙو ڪراچيءَ پھتو ھو، جتي ميرن جي مقامي عملدارن حماقت کان ڪم وٺي مٿس بندوقبازي ڪئي ھئي، ۽ موٽ ۾ آڙماڙ شھر تي قبضو ڪيو ھو. اتي ميرن جا ڍڍر ڍرا ٿيا ۽ پاٽنجر جي حڪمت عمليءَ سان فوج کي بنان روڪ ٽوڪ جي لنگھڻ جي اجازت ملي ۽ عھدنامو منظور ٿيو. سيٺ نائونمل پنھنجي جانفشاني ڪندو رھيو، ۽ پنھنجي ڀاءُ ۽ نوڪرن کي، اتر ڏانھن يعني شڪارپور تائين فوج سان ھم رڪاب ڪري موڪليائين. پاٽنجر لکي ٿو تھ: ”١٨٣٩ع ۾ نائونمل ۽ سندن خاندان جي مدد کان سواءِ بمبئيءَ جو فوجي دستو بنگال جي فوج سان اتصال ڪري نھ سگھي ھا.“ ڪرنل پريڊي، جو پڻ ان موقعي تي حاضر ھو، سو چوي ٿو تھ ’جنھن صورت ۾ اسان جي ڪاميابيءَ جو سارو دارومدار تيز رفتاريءَ تي ھو، تنھن صورت ۾ تسليم ڪرڻو پوندو تھ نائونمل حڪومت جي خاصي خدمت ڪئي آھي.‘

مارچ ١٨٣٩ع ڌاري، بمبئيءَ جو فوجي دستو شڪارپور کان قنڌار ۽ ڪابل ڏانھن روانو ٿي چڪو ھو ۽ آئوٽرام پڻ انھن سان گڏ ھو. سيٺ نائونمل، ڪرنل پاٽنجر سان گڏجي ڪڇ ويو ۽ ھن جي ڪڇ خواھھ سنڌ ۾، مختلف نمونن سان مدد ڪيائين، جن جو تفصيلوار ذڪر ”يادگيرين“ ۾ ڪيل آھي. پاٽنجر پوءِ موڪل تي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي، جنوري ١٨٤٠ع ۾، آئوٽرام جنھن اڳيئي نمايان فوجي خدمتون سرانجام ڪيون ھيون، لاڙ جو سياسي سفير مقرر ٿيو ۽ سري جون گر انبار سياسي ذميداريون بھ ھن تي مڙھيون ويون. آئوٽرام جڏھن پنھنجو نئون عھدو سنڀاليو تھ سيٺ نائونمل بھ اچي ھن سان شامل ٿيو ۽ ان وقت کان وٺي ھو، غالبا ھن جي عملي جو ھڪ فرد ٿي ڪم ڪندو رھيو. سرڪاري دفتر ۾ ڪيترا واقعا بيان ٿيل آھن جي ان ڳالھھ جي تصديق ڪن ٿا تھ ان وقت ميرن ۽ ھنن جي عملي ۾ وڏا فتنا پئي ھليا، اھڙي موقعي تي سيٺ نائونمل جي وفاداري خاص اھميت رکي ٿي. سفارتخاني جي عملي جو وڏو منشي، ڄيٺا نند نالي، ھڪ ھندو ھو، جو ١٨٣٨ع کان اڳ، ڪيترا سال، حيدرآباد ۾، پاٽنجر جو گماشتو ٿي رھيو ھو. ھيءُ ماڻھو مڪار ۽ راشي ثابت ٿيو ۽ نائونمل ھن جو بدعنوانيون ظاھر ڪري ڏيکاريون. ھن گھڻيون ئي خطائون ڪيون ھيون. ھن جو ھڪ جرم اھو ھو، جو سندس قبضي ۾ مير نصير خان جو ھڪ رقعو ھو، جنھن ۾ سرحد پار جي سردارن کي انگريزن تي حملي ڪرڻ جي ھشي ڏنل ھئي. منشيءَ، ميرن کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ، اھو خط ھٿ ڪري پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ھو. ٻيو، آئوٽرام جي جڙتو صحيح ۽ مھر سان، ھڪ جعلي رقعو تيار ڪري ان جي مدد سان ھڪ غير مستحق مير لاءِ ڪجھھ زمين ۽ لوازمات منظور ڪرايا ھئائين. ان وقت، مير پور جي واليءَ مير شير محمد سان، مڪاني فوج جي خرچ لاءِ کانئس حصي وٺڻ متعلق ڳالھيون ٻولھيون ھلي رھيون ھيون، جنھن جي باري ۾ حيدرآباد جي ميرن سان اڳيئي معاھدو ٿيل ھو. مير شير محمد جي مرضي ھئي تھ کانئس جيترو ٿي سگھي اوتري گھٽ رقم ورتي وڃي. ھو منشين جي صلاح سان ويھھ ھزار رپيا رشوت ڏيڻ لاءِ تيار ٿيو. منشيءَ تي انھيءَ جرم ثابت ڪرڻ لاءِ سيٺ نائونمل، آئوٽرام جي چوڻ تي، منصوبي ۾ شامل ٿيو. ٿوري وقت ۾، ھن منشين کان کليل قبوليت حاصل ڪري پيش ڪئي(ڏسو ضميمو ٨).

بعد ۾ سيٺ نائونمل ھڪ مجرمانھ خط ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو مير شير محمد، مير صوبدار کي لکيو ھو. آئوٽرام جو خاص زور ھو تھ اھو خط ھٿ ڪجي. سيٺ نائونمل خط ھٿ ڪيو، پر ھن جي تنبوءَ مان چوري ٿي ويو، جنھن تي آئوٽرام کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ سخت ناراض ٿيو، پر نائونمل جي ديانتداري مسلم ھئي، نھ تھ چوريءَ جي ڏند ڪٿا تي ڪوبھ ماڻھو اعتبار نھ ڪري ھا ۽ ھن جي نيڪناميءَ کي عمر ڀر ٽڪو لڳي ھا. ان وقت سيٺ نائونمل ھڪ خاص خدمت سرانجام ڪئي، جنھن جو ”يادگيرين“ ۾ تفصيلوار ذڪر ڪيل آھي. ھي ١٨٤٠ع جي آخر جو ذڪر آھي، جڏھن گجرات کان ڪڇ جي رستي، ٻيلاري (1) تائين، مير شير محمد جي علائقي جي سرحد تي ھڪ ڳوٺ آھي، ڪمڪ اچي رھي ھئي ۽ آئوٽرام کي خاطري نھ پئي ٿي تھ مير شير محمد ڪا مخالفت ڪانھ ڪندو (جيئن ٻھ سال اڳ حيدرآباد جي ميرن رنڊڪن وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي). تنھنڪري ھن پھرين دستي کي ترسائي، سيٺ نائونمل کي مير شير محمد جي گاديءَ ڏانھن موڪليو. ھن کي وڏي خبرداريءَ سان سياسي ھدايتون ڏنيون ويون ھيون تھ مير سان ڪابھ ڳالھھ ٻولھھ نھ ڪري. آئوٽرام جي اھا دورانديشي (ضميمو ٧) ڏيکاري ٿي تھ نائونمل انھيءَ فرمائش کي ڪھڙيءَ نھ خوش اسلوبيءَ سان نباھيو ھو. فوج، سواءِ ڪنھن جھڙپ جي، خير سان لنگھي وئي. مير معاھدو قبول ڪيو ۽ انگريز سرڪار کي اڌ لک رپيا ساليانو خرچ جي حصي ۾ ڏيڻا ڪيائين. انگريز سرڪار ھن جي علائقي تي، ٻاھرين حملن کان حفاظت ڪرڻ جي ذميواري پاڻ تي ھموار ڪئي. مير شير محمد واري معاھدي جي تصديق ١٦ – آگسٽ ١٨٤١ع ۾ ڪئي ويئي. انھيءَ معاھدي جا بھ اھڙائي شرط ھئا، جھڙا حيدرآباد جي ميرن ١١- مارچ ١٨٣٩ع واري معاھدي ۾ قبول ڪيا ھئا. ٻنھي معاھدن مطابق سنڌو نديءَ تي محصول ڪيا ويا ھئا، فقط رواجي ڪسٽم جا لوازما ڏيڻا ھئا:

_______________
(1) لک معنيٰ سؤ ھزار. ان وقت لک روپين جي قيمت ڏھھ ھزار پائونڊ ھئي.

(1) مؤلف، ڪاھري ۽ خدا آباد جا شھر ١٨٧٠ع ۾ ڏٺا ھئا. انھيءَ وقت بھ انھن جي زبون حالت ھئي. يادگار طور، فقط خاندان جي پھرئين حاڪم، يار محمد ڪلھوڙي جو شاندار مقبرو قائم ھو. عمارت ۾ اندر ڪيترا ڏنڊا ٽنگيل ھئا، جن انھيءَ ڳالھھ جي تصديق پئي ڪئي تھ سنڌ جو اھو حصو ڪلھوڙن، پنھورن جي قوم کان آسانيءَ سان ورتو ھو. ڏنڊن رکڻ جي مراد ھئي تھ لڙائيءَ ۾ تلوارن جي استعمال جي بجاءِ لوڙھين ۽ ڏنڊن جو استعمال ڪيو ويو ھو.

(1) ٻيلاري يا ٻيلياري ڪڇ جي رڻ جي اتر واري ڇاڙ تي سنڌ جي طرف ڪڇ جي ويجھي ۾ ويجھي ڳوٺ، ڍور باتا کان ٣٠ ميل پري آھي. فوج جو ھڪ حصو ڀڄ کان، رڻ مان ھڪ مشھور رستي وٺي ٿي آيو. غالبا ٻيلاري، مير شير محمد جي علائقي ۾ پھرين منزل ھجي.

باب ٻيو

[b] سر چارلس نيپيئر – ارھھ زورائيءَ جا طريقا – اميرن جي ھار - سنڌ تي قبضو – سنڌين جي رضامندي – نائونمل جون اميدون برصواب – ھن جي جلاوطن پتا جو موٽڻ – نيپئر جي زماني ۾ نائونمل جون تڪليفون – ديوان چنديرام – نائونمل جي رھائي لاءِ پاٽنجر جي شاھدي – سر بارٽل فريئر جي دوستي – جاگير ۽ وظيفي جو ملڻ – سي. ايس. آءِ. جو خطاب – واپاري ڪوٺيءَ جو سميٽجڻ ۽ عالومل ٽيڪمداس جون اعلي خدمتون.[/b]

ھينئر سنڌ جي جداگانھ علائقي جي حيثيت جلد ختم ٿيڻ واري ھئي. ١٨٤٢ع ۾ نئين گورنر جنرل، لارڊ ايلنبرو، جنھن جي دل ۾ اھو اثر گھر ڪري ويو ھو تھ ١٨٤١ع واريءَ ڪابل جي شڪست جو باعث فوجي ۽ سياسي عملدارن جا اختلاف ھئا، تنھن آئوٽرام کي ريٽي، سر چارلس نيپئر (جنھن ھسپانيھ اپٻيٽ واري لڙائي ۾ بھرو ورتو ھو) کي مقرر ڪيو. تھ ھو سنڌ جي معاملن جون واڳون سنڀالي ۽ مختلف سياسي مسئلا سلجھائي. نيپئر آڪٽوبر ١٨٤٢ع ۾، سنڌ جي سري ۾ پھتو. ھن جي فرمائش تي، آئوٽرام (جيڪو انگلستان لاءِ روانو ٿي چڪو ھو) ساڻس سياسي مسئلن ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ، موٽي آيو. بدقسمتيءَ سان، سر چارلس نيپئر سري خواھھ لاڙ جي ميرن سان تشدد جا طريقا اختيار ڪيا، جن جن جي منظوري دراصل لارڊ ايلنبرو پاڻ ڏني ھئي. آئوٽرام انھن طريقن جو عادي نھ ھو، ۽ نڪي ھن جي مشورن کي ڪو وزن ئي ڏنو ويو ھو. انھيءَ اختلاف مان جيڪي گل ٽڙيا، سي تاريخ جو ھڪ اھم ورق آھن. اتر سنڌ ۾، خيرپور جي پوڙھي مير رستم کي (جو ھميشھ انگريزن جو خيرخواھھ ھوندو ھو) سندس ننڍيءَ ڀاءُ، مير علي مراد پنھنجي چالبازين جو نشانو بنايو ھو. مير علي مراد کي جو اباڻي ورثي جو حصو مليو ھو، تنھن تي ھو راضي نھ ھو ۽ ھن جي مرضي ھئي تھ کيس وڌيڪ ملڪيت جو حصو ملي. انھيءَ نيت سان ھن ھڪ سازش ڪري، پنھنجي پوڙھي ڀاءُ تي الزام لڳايو تھ ھو سرچارلس نيپئر جي مخفي طرح مخالفت ڪرڻ وارو آھي. نيپئر مير رستم کي اھڙو تھ ڊيڄاريو جو ھو علي مراد جي فائدي ۾ پڳ تان دستبردار ٿي، حيدرآباد ڀڄي ويو. نيپئر جي پھچڻ کان ٿورو وقت اڳ، مير شھداد ۽ ٻين ٻروچن، جن کي مير رستم جي ڳالھھ تي سرچارلس نيپئر جي اشتعال انگريز حرڪتن (جن کي ھنن چڙھائي ٿي سمجھيو) تي سخت غصو ھو، تن رات جو انگريزن جي حيدرآباد واري مقامي سفارتخاني تي حملو ڪيو، آئوٽرام ھڪ سؤ سپاھين جي مختصر دستي سان انھن جو دليرانھ مقابلو ڪيو، ۽ آخر ھو ھڪ آگبوٽ تي پناھھ وٺي وڃي سرچارلس نيپئر سان شامل ٿيو. اھڙيءَ طرح ميرن جي اڳرائيءَ ڪري مياڻيءَ ۽ حيدرآباد جون لڙايون ٿيون، جن جو انجام اھو ٿيو جو مير پيش پيا. ميرن جا گھرو زيورات فوج لاءِ مال يغما طور ضبط ڪيا ويا ۽ ساري سنڌ (1) (سواءِ خيرپور جي،) برطانيھ سلطنت ۾ شامل ڪئي وئي ۽ سڀ مير سواءِ مير علي مرادجي ڏھن سالن لاءِ جلاوطن ڪيا ويا. ٿورن سالن کان پوءِ، خود علي مراد، نھايت ڊرامائي انداز ۾، پنھنجي اعمالن جي جزا لوڙھي. ٿيو ھيئن جو جڏھن انگريزن، خيرپور جي علائقن جي حدبندي ڪئي، تڏھن ظاھر ٿيو تھ مير علي مراد نھايت چالاڪيءَ سان، جعلسازي ڪري، ڪيترا ضلعا، جن تي ھن جو ڪو حق ئي ڪونھ ھو، پنھنجي قبضي ۾ آندا آھن. انھيءَ تي لارڊ ڊلھالوسيءَ ھن جي سموري ميراث ضبط ڪئي (سواءِ سندس ننڍي پٽ جي حصي جي). ھينئر خيرپور جي ننڍڙي رياست، مير علي مراد جي پوٽي ھزھائينس مير امام بخش خان، جي. سي. آءِ. اي، جي سرپرستيءَ ۾، انگريز سرڪار جي مقرر ڪيل وزيرن جي مدد سان ڪافي ترقي ڪري رھي آھي.
ياد رھي تھ حڪومت جي تبديليءَ وقت رعايا جي طرفان ڪنھن بھ قسم جي بغاوت يا ھنگامون ڪونھ ٿيو. البت، ڪجھھ بدامني ضرور ٿي ھئي. مشرق ۾ اھڙن موقعن تي ھميشھ بدامني ٿيڻ جو امڪان ھوندو آھي. مير، مياڻيءَ ۾ لڙائيءَ وقت، ٻروچن جو ھڪ غير منظم ھجوم (ميرن جي فوج واقعي ھڪ غير منظم ھجوم ھو) وٺي آيا ھئا. دراصل عوام جي ھمدردي خيرپور جي ٻڍي مير، رستم سان ھئي، جيڪو پنھنجي ڀاءُ مير علي مراد جي سازشن سببان ڀڄي ويو ھو. مير ڪڏھن بھ عوام ۾ مقبول ڪونھ ٿيا ھئا، ۽ نھ وري ڪو ھنن ڪڏھن زور يا طاقت جو مظاھرو ڪري، پنھنجو ڌاڪو ڄمايو ھو. سر چارلس نيپئر جلد ئي ملڪھ وڪٽوريا جي سالگرھھ جي موقعي جو فائدو وٺي، ٢٤- مئي ١٨٤٣ع جي، حيدرآباد ۾ ھڪ درٻار ڪوٺائي. ھن سڀني وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن کان، نئين حڪومت جي عيوضيءَ جي حيثيت ۾، سلامي ورتي. سڀ زميندار ۽ جاگيردار، سواءِ ڪنھن اعتراض جي، وڏي تعداد ۾ اچي شامل ٿيا ۽ وفاداري جو قسم کنيائون. ان وقت کان وٺي ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪشيدگي ڪانھ ٿي آھي. غدر جي زماني ۾ يا ٻين جي لڙاين وقت، ڪنھن بھ سنڌيءَ (مسلم ھجي يا ھندو) جي وفاداريءَ ۾ لوڏو نھ آيو آھي. صوبي جي ترقي، ريلون، آبپاشيءَ جو شاندار طريقو ۽ عاليشان بندرگاھھ انھيءَ ڳالھھ جي تصديق ڪن ٿا تھ سر چارلس نيپئر جي اوچتي ۽ بنا اجازت چڙھائيءَ (جنھن جو ڪارڻ سفارتخاني تي بزدلانھ حملو ھو)، ملڪ لاءِ نعمت ثابت ٿي آھي.(1)
ميرن جو گھراڻو فقط ٦٠ سالن تائين ھليو ۽ انگلنڊ جا حڪمران اڄ (١٩١٤ع) تائين ٧٢ ورھيھ حڪومت ڪري چڪا آھن. ٿورڙن سالن کان پوءِ، سر بارٽل فريئر، جلاوطن ميرن کي سنڌ ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني. ھو انگريز سرڪار جي وفادار ۽ پر امن پينشن بردارن جي حيثيت ۾ اڄ تائين مناسب گھرن ۾ رھن ٿا، جيڪي کين ٺھرائي ڏنا ويا ھئا. ھن وقت انھن ميرن مان ڪوبھ زندھھ نھ آھي جن جي ھوندي سنڌ ختم ٿي ھئي.
اھڙيءَ طرح، سيٺ نائونمل جي دلي مراد پوري ٿي ۽ ميرن جي صاحبيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ سيٺ نائونمل، پنھنجي پيءُ، سيٺ ھوتچند جو، ميرن کان انتقام ورتو. سن ١٨٣٩ع جي بھار ۾، جڏھن انگريزن جي فوج سيٺ نائونمل جي مدد سان، ميرن جي ڳجھيءَ مخالفت ھوندي، سنڌ مان لنگھي اڳتي وڌي وئي ھئي، تڏھن سيٺ نائونمل جي ملاقات مير مراد علي خان جي پٽن، مير نور محمد ۽ مير نصير خان سان ٿي ھئي. ان ملاقات جو احوال سيٺ نائونمل ”يادگيرين“ ۾ فخر سان ڪيو آھي. ھو چوي ٿو تھ متڪبر ميرن منھنجي اٿي آجيان ڪئي، ھٿ ھٿ ۾ ڏنائون ۽ ويھاري، پڇيائون تھ ”پيءُ جو انتقام دل کولي ورتئي؟“ آءٌ ان وقت خاموش رھيس، پر مون کي اھو يقين ھو تھ بابي جي قلب کي ضرور آرام رسيو ھوندو. چئن سالن کان پوءِ، جڏھن ڪراچيءَ ۾ ميرن جي ھار ۽ انگريزن جي فتح جو اعلان ڪيو ويو، تڏھن ان وقت ھن جو ڪراڙو پيءُ، سيٺ ھوتچند، بندر کان پرڀرو (انتظار ۾) ھڪ جھاز ۾ لڪو ويٺو ھو، پنھنجي جلاوطني پوري ڪري، ھيٺ لٿو ۽ ھن کي وڏي شان مان سان گھر پھچايو ويو. ان وقت ھن جي مسرتن جو پيمانو ضرور لبريز ٿي چڪو ھوندو.
ھن وقت تائين جي خدمتون سيٺ نائونمل سر انجام ڪيون ھيون، سي بنا ڪنھن اجرت جي ھيون. ھن انگريز جي مدد غيرت وچان ڪئي، ۽ ھن جي پيءُ سان جي زيادتيون ٿيون ھيون، ھيءُ تن جو بدلو ھو. ھن ڪيترن موقعن تي جوکو کڻي، وڏيون رقمون پيشگي طور ھڙان ڏنيون ھيون. بھرحال، ھن جون اھي خدمتون نظرانداز ڪين ڪيون ويون ھيون. پاٽنجر وڃڻ کان اڳ، ھن کي روڪ معاوضي ۽ سندس چوڻ موجب بمبئيءَ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ (قانون ساز مجلس) (1) ۾ ھڪ نشست وٺي ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جا ھن عقل کان ڪم وٺي ٺڪرائي ڇڏي. ١٨٤٠ع ۾، آئوٽرام ھن جي لاءِ سؤ رپيا ماھيانو معاوضو قبول ڪرايو، جو سيٺ نائونمل جھڙي دولتمند ماڻھوءَ لاءِ اعزازي حيثيت جو نھ ھو. ھن کان پوءِ گورنر جنرل ھن کي ھڪ خلعت عطا ڪرڻ فرمائي ۽ ھن کي ڪراچيءَ ۾ ٢٠٠ رپيا ماھياني وظيفي تي سنڌ فتح تائين انگريزن جو گماشتو ڪري تسليم ڪيو ويو. اھي اعزاز ھن جي نظر ۾ ڪافي گرانقدر ھئا.
سيٺ نائونمل، انگريز سرڪار کي سخت ضرورت جي وقت مدد ڪئي ھئي. پر جڏھن خليق ۽ حليم سياسي عملدارن جي حڪومت ختم ٿي، ۽ سر چارلس نيپئر جي فوجي سربراھن جو راڄ شروع ٿيو، تڏھن سيٺ نائونمل کي اھا تبديلي ڀانءِ ڪانھ پئي. ان وقت ميرن سان جا روش نيپئر اختيار ڪئي ھئي، ان جي باري ۾ نيپئر ۽ آئوٽرام جي وچ ۾ ھڪ زھريلو بحث ڇڙي چڪو ھو. ظاھر آھي تھ جنھن جو مربي آئوٽرام ھجي، تنھن لاءِ نيپئر جو ھڏ ڪيئن ڪرڪندو؟ ھندستان ۾ اھو ھڪ رواج آھي تھ جو ڏيھي ملازم ڪنھن انگريز عملدار جو دلداده ھوندو آھي، سو، جڏھن تبديل ٿي ويندو آھي، تڏھن ھن جي جانشين جي نظر ۾ اھو ماڻھو ڪري پوندو آھي. ھن جو جانشين کيس بار بار ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آھي تھ سندس حقيقي مرتبو ڪھڙو آھي. سرچارلس نيپئر جيڪي بھ ماڻھو وڏن انتظامي عھدن لاءِ نامزد ڪيا، سي فوجي ماڻھو ھئا. سيٺ نائونمل جا ڀاڳ چڱا ھئا، جو ڪئپٽن پريڊي، جو ڪجھھ وقت ڪراچيءَ ۾ فوجي رسد جي محڪمي جو اعليٰ عملدار ٿي رھيو ھو ۽ اڳتي ھلي ڪراچي ضلعي جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو ھو، تنھن جا سيٺ نائونمل سان گھاٽا دفتري تعلقات ھئا، جنھن ڪري ھن مٿس ھٿ رکيو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ لاءِ سفارش ڪيائينس. سيٺ نائونمل، ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، پر پگھار ايتري تھ ٿوري ھيس جو جلد ئي استعيفا ڏيئي ڇڏيائين. نائونمل جا ھڪ ٻئي انگريز عملدار جنھن کي ڪراچيءَ جو انتظام حوالي ڪيو ويو ھو، ساڻس اھڙا خوشگوار تعلقات نھ ھئا. اھو عملدار، ليفٽيننٽ مارٽن ھو. ھو دلير جوان ھو ۽ مياڻي جي جنگ ۾ جڏھن ٽن، ٽن ٻروچن گڏجي سر چارسل نيپئر تي ھلان ڪئي ھئي، تڏھن ھن اڪيلي سر، انھن مان ٻن کي ماري جنرل جي حياتي بچائي ھئي. ھن جو مزاج ڪئپٽن پريڊي کان مختلف ھو. ھن سيٺ نائونمل تي الزام لڳايو تھ ھو ھن جي پوليس سان دست اندازي ڪري رھيو آھي. نيپئر کي پنھنجي پوليس تي خاص فخر ھوندو ھو، پر ان الزام جو نزلو سيٺ نائونمل کان وڌيڪ سندس دوستن تي پيو. ڪپتان پريڊيءَ، سيٺ نائونمل جي مشوري سان ديوان چنديرام نالي ٽلٽيءَ جي ھڪ شريف ھندوءَ کي مختيارڪار مقرر ڪيو ھو، ھن تي سيوھڻ سب ڊويزن، جو سنڌ جو ھڪ اھم علائقو ھو، ان ڍلون ۽ محصول وصول ڪرڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم رکيل ھو. ٿورن مھينن گذرڻ بعد، ديوان چنديرام تي ڪي معمولي غبن جا الزام لڳايا ويا. انھن جي جاچ ليفٽيننٽ مارٽن ۽ سرچارلس نيپئر جي سيڪريٽري، ڪپتان برائون، شروع ڪري ڏني. ھن جو مقدمو فوجي عدالت ۾، انھن عملدارن اڳيان ھلايو ويو جي شاھديءَ جي قانون کان غير واقف ۽ سنڌ جي حالت کان غير مانوس ھئا. آخر ديوان کي ٻھ سال قيد جي سزا آئي ۽ ھن کي ھڪ مجرم جي حيثيت ۾ رستن تي ڪم ڪرڻو پيو. آنجھاني سر وليم ميريويندر ڪي. سي. ايس. آءِ، جو ١٨٦٨ع کان ١٨٧٧ع تائين سنڌ جو ڪمشنر ھو ۽ سڀني حقيقتن کان واقف ھو، سو جڏھن ديوان جي ڳالھھ نڪرندي ھئي، تڏھن غصي ۾ اچي ويندو ھو. ھو ھميشھ ديوان جي وڏي عزت ڪندو ھو. جڏھن ھن ”تعارف“ جو راقم الحروف، سيوھڻ جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ سر وليم سان ١٨٧٠ – ١٨٧١ع ۾ گشت ڪري رھيو ھو، تڏھن سر وليم خاص تڪليف وٺي ساڻس ديوان چنديرام جو تعارف ڪرايو. دفتري ملاقات کان پوءِ، سر وليم ميريويدر، ھن کي ھٿ ھٿ ۾ ڏئي، نھايت دوستاني نموني ۾ پنھنجي خانگي تنبوءَ ۾ وٺي ويو. ڪمشنر اھڙيءَ طرح ورلي ڪنھن خانگي ماڻھوءَ کي اعزاز بخشيندا آھن. ڇاڪاڻ تھ غير معمولي دوستيءَ جي نشاني عام ماڻھن ۽ غلط فھميءَ جو باعث ٿي سگھي ٿي، ۽ ان مان بيجا فائدا بھ وٺي سگھجن ٿا.
نيپئر لاشڪ فطري طور ضابطي جو وڌيڪ پابند ھو ۽ دائمي انتظام قائم ڪرڻ لاءِ ھن لاچار موجود مواد کان ڪم وٺڻو پيو. سر بارٽل فريئر، جنھن کي سر چارلس نيپئر جي انتظامي لياقتن جي باري ۾ راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي ذريعا ھئا، تنھن جو خيال ھو تھ ھو لاشڪ ھندستان جي وڏن مدبرن مان ھو. پر ساڳئي وقت ھو مزاج خواھھ عمل ۽ عجلت پسند ھو. ھن پھرينءَ درٻار ۾، سيٺ نائونمل سان جيڪو برتاءُ ڪيو ۽ جنھن جو ذڪر ”يادگيرين“ ۾ ڪيل آھي، سو دلسوز ۽ غير واجبي ھو. سيٺ نائونمل جو چوڻ آھي تھ ’ھڪ دفعي سر چارلس ھن کي قيد جو دڙڪو پڻ ڏنو ھو.‘ تعجب آھي تھ اھا ڌمڪي عمل ۾ ڇو نھ آئي؟ مئڪالي جو چوڻ آھي تھ ”ھن ھندستاني گورنر کي فقط اشاري ڪرڻ جي دير آھي تھ فلاڻو ماڻھو تباھھ ٿيڻ کپي. بس چوويھن ڪلاڪن اندر ان جي خلاف شديد الزام، اھڙين تفصيلوار ۽ واقعاتي شھادتن سان تيار ٿي ويندا آھن جو ڪوبھ ماڻھو جيستائين ھن کي اھا خبر نھ ھجي تھ ايشيا ۽ دروغگوئي کان ڪيترو ڪم ورتو ويندو آھي، سو ائين سمجھندو تھ ھن تي جرم سورھن آنا ثابت آھي.“
سيٺ نائونمل جي ديانت مسلم ھئي. ھن وڏيون خدمتون ڪيون، پر تنھن ھوندي بھ اھا ڳالھھ ظاھر ھئي تھ ھو سرچارلس نيپئر جي حڪومت جو دادلو نھ ھو. انھيءَ ڪري ھن، عقل کان ڪم وٺي، اچ-وڃ جو سلسلو گھٽ ڪري ڇڏيو. ھڪڙي دفعي تھ ھن جي ليکي جون وھيون کڻي وڃي چڪاسي ڏٺائون، جو گمان ھو تھ ھن سرڪاري خزاني جي موڪلڻ ۾ بدديانتي ڪئي آھي. اھو الزام ھن لاءِ زھر قاتل جي مثال ھو، مگر ھو ان کان باعزت بري ڪيو ويو(1). الزام ان ڪري بھ نامنصفانھ ھو جو ھن، سنڌ جي فتح کان اڳ خواھھ پوءِ، ھنگامي حالتن ھيٺ معمولي اجوري تي، پنھنجي ڪوٺي ۽ ٻين صراف دوستن جي معرفت، نقد رقمون ھيڏانھن ھوڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ حڪومت جي وڏي خدمت ڪئي ھئي. حقيقت ۾، ١٨٤٧ع ۾، جڏھن سر چارلس نيپئر سنڌ مان آخري طور روانو ٿي ويو تنھن کان اڳ، سيٺ نائونمل ۽ ٽن دفتر جي منشين کي سرڪاري نوڪريءَ مان ڇھن مھينن لاءِ معطل ڪري، بچاءَ وٺڻ کان سواءِ، موقوف ڪيو ويو ھو. (ڏسو ضميمو ١) جنھن ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ ڪپتان پريڊيءَ جي، سيٺ نائونمل جي خدمتن جي باري ۾، ھڪ دلچسپ يادداشت ڏنل آھي. آخر اھي ڪاغذ بمبئي سرڪار وٽ پيش ڪيا ويا، جو سنڌ ان وقت تائين بمبئي کاتي سان شامل ڪئي ويئي ھئي ۽ گورنر پنھنجي ڪائونسل جي مشوري سان فيصلو ڪيو، تھ سيٺ نائونمل خلاف، غبن جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪافي ثابتي ڪانھ ھئي ۽ اھو بھ ڄاڻايو ويو تھ نائونمل جي برطرفيءَ ڪري سندس ديانتداريءَ تي ٽِڪو نھ لڳڻ کپي. انھيءَ موقعي تي، سر ھينري پاٽنجر، جو مدراس جو گورنر ٿي ويو ھو، شايد سيٺ نائونمل جي استدعا تي، ١٧- جنوري ١٨٤٩ع تي، مدارس جي گورنمينٽ ھائوس مان لکي موڪليو تھ:
”منھنجي زماني ۾ جڏھن سنڌ جو ڪاروبار منھنجي تحويل ۾ ھو، تڏھن سيٺ نائونمل جنھن سرجوشيءَ، قابليت ۽ ديانتداريءَ سان پنھنجا فرض ادا ڪيا ھئا، تنھن کان گھڻو متاثر ٿيو ھوس ۽ اڃا پڻ آھيان. انھيءَ ڪري مان سيٺ نائونمل جي، حڪومت اعليٰ کي سفارش ڪئي ھئي ۽ پنھنجي جانشين ڪرنل آئوٽرام کي بھ پارت ڪئي ھيم تھ ھن تي ھٿ رکي ۽ مھر جي نظر ڪري. مون کي ان ڳالھھ تي نھايت خوشي ٿي آھي تھ سيٺ جي ديانتداريءَ تي جو بيواجبي ٽڪو لڳايو ويو ھو، سو ھاڻي ڌوپي صاف ٿي ويو آھي. جيئن ھن درخواست سان شامل ٿيل ڪاغذ ڏيکارين ٿا. ساڳئي وقت مان ھن معاملي ۾ ڪابھ دست اندازي نٿو ڪري سگھان. البت اھڙي شاھدي خوشيءَ سان ڏيڻ لاءِ تيار آھيان تھ ھو انگريز سرڪار ۽ ان جي عملدار جو ھميشھ خير خواھھ ٿي رھيو آھي.“
ڪراچيءَ جي صدر بازار ۾، سيٺ نائونمل جون ٺھرايل چار جايون مسمار ڪيون ويون جيئن ”يادگيرين“ ۾ ڏيکاريل آھي. اھو واقعو ڏيکاري ٿو تھ ھن جا دشمن مٿس ھر طرف کان حملا ڪري رھيا ھئا. ھندستان ۾، ڪراچيءَ کان سواءِ، ٻين ڇانوڻين ۾ بھ اڄ تائين، گھرن جي پلاٽن جي باري ۾، خانگي ۽ سرڪاري حقن جي تصادم ڪري، شديد قانوني اختلاف ۽ تڪليف ده واقعا ٿيندا آھن. سيٺ نائونمل اھي جڳھيون کلم کلا فوجي اختياريءَ وارن جي ڄاڻ سان ۽ عام سھولت لاءِ ٺھرايون ھيون. ھن کي ضرور اھو خيال ھوندو، تھ اڳتي ھلي اھي جايون وڏي قيمت ڪنديون. پر جنھن صورت ۾ اھي جايون ڏيھي حڪومت جي ڏينھن ۾ ٺھرايون ويون ھيون، ۽ سيٺ نائونمل، جي دليل ڏنا آھن انھن مان بھ ائين ٿو معلوم ٿئي تھ پوءِ اھڙيءَ حالت ۾ ھن سان سخت ارھھ زورائي ڪئي وئي ھئي.
خير، سر چارلس نيپئر جي حڪومت جو دؤر آخر پورو ٿيو ۽ پوءِ، جيئن ”يادگيريون“ ڏيکارين ٿيون تھ ھن جو وري وڏن ماڻھن وٽ آڌر ڀاءُ ٿيڻ لڳو. بمبئيءَ جو لائق ۽ نامور گورنر، سر جارج ڪلارڪ ۽ سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر، پنھنجي حڪومت جي طويل عرصي ۾، سيٺ نائونمل جي خاص عزت ڪندا ھئا. بارٽل فريئر سوانحعمريءَ ۾، جا مرحوم مسٽر جان ماٽينيو تصنيف ڪئي ھئي، تنھن ۾ ھيٺان حوالا ڏنل آھن:
”ڪراچيءَ جي معزز ماڻھن مان فريئر جو سڀ کان زيادھ اچ –وڃ جو رستو سيٺ نائونمل نالي ھڪ ھندو واپاريءَ سان ھوندو ھو. نائونمل اھو ماڻھو ھو جنھن شروع کان ئي سمجھيو ھو تھ انگريزن جو ھڪ ڏينھن پلؤ ڀاري ٿيندو ۽ ھن سمورو وقت افغانستان واريءَ لڙائيءَ، خواھھ سنڌ جي فتح وقت انگريزن جي نھايت مستقل مزاجيءَ سان طرفداري ڪئي. ١٨٣٨ع ۾ جڏھن جان ڪين جي فوج، افغانستان ويندي، ڪراچيءَ جي بندر تي لٿي، ۽ ان کان پوءِ وري ان نازڪ دؤر ۾ جڏھن پاٽنجر آئوٽرام ۽ جيڪب فوج جي آمدورفت لاءِ رستن جي حفاظت ڪري رھيا ھئا، تڏھن نھايت اھم خدمتون انجام ڏنيون، جنھن لاءِ کيس گھڻائي انعام ۽ عزتون مليون. ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ سرچارلس نيپئر کي ھن لاءِ ڪابھ محبت ڪانھ ھئي. نائونمل کي اھا ڳالھھ نھ آئڙي تنھنڪري ھو لکي ٿو تھ ”نيئپر جيتوڻيڪ ظالم ۽ ستمگر آھي، پر سادھ لوح، صاف دل ۽ ڌرم آتما شخص آھي. نيپئر جي خيال ۾، ۽ شايد ٻيا انگريز بھ ائين سمجھندا ھجن تھ نائونمل خود پسند ۽ گھڻ ڳالھائو ھو، مگر فريئر جي نگاھھ ھڪدم ھن جي خوبين ڏانھن ڇڪجي ويئي، ۽ سمجھيائين تھ ھو واقعي ڪم وارو ماڻھو آھي. انھيءَ ڪري ھو ھن کي لطف ۽ ڪرم جي نگاھھ سان ڏسندو ھو. نائونمل کي اتر ھندستاني، افغانستان ۽ ايران ۾ گماشتا يا خابرو ھوندا ھوندا ھئا، جي ھن کي مقامي ماڻھن جي جذبات جي باري ۾ خبرون موڪليندا ھئا، جي ھو پوءِ فريئر کي پھچائيندو ھو. ھو فريئر کي ايرانين ۽ افغانن جي منصوبن ۾ مقامي ماڻھن جي ڪار گذارين ۽ جذبن جي باري ۾ صحيح قيمتي معلومات پھچائيندو ھو. ھن کي نائونمل جو ايترو تھ قدر ھو، جو غدر واري زماني ۾ پنھنجي ماڻھن کي، ھدايتون ڏئي ڇڏيون ھئائين تھ ھو جنھن وقت اچي، خواھھ ھجي يا رات، تھ ھن کي ھڪدم اندر اچڻ جي اجازت ڏني وڃي.
سر بارٽل فريئر ١٨٥٩ع ۾، سنڌ ڇڏڻ کان ٻھ – چار ھفتا اڳ، بمبئي سرڪار کي لکيو تھ ’سيٺ نائونمل کي ١٢٠٠ ايڪڙن جي دائمي جاگير ۽ ٽن پيڙھين لاءِ سؤ رپيا مھينو ڏنو وڃي.‘ ھندسرڪار اھي ٻئي سفارشون قبول ڪيون. ان کان اڳ سيٺ عمر لاءِ جاگير ۽ وظيفي وٺڻ کان انڪار ڪيو ھو، جيتوڻيڪ ھن ٢٠٠ رپين ماھوار پگھار جي بقايا، جا نيپئر ضبط ڪئي ھئي، وٺڻ قبول ڪئي ھئي.
جڏھن سر بارٽل فريئر بمبئيءَ جو گورنر ھو، تڏھن ھن سيٺ نائونمل کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو ھو. فريئر سيٺ سان عمر ڀر وقتا فوقتا خط و ڪتابت ڪندو رھيو. سر بارٽل فريئر ھڪ خط جي ذريعي (جيڪو ھن انڊيا آفيس ما ٧- جنوري ١٨٦٩ع جي لکيو ھو) سيٺ نائونمل کي پنھنجن ”يادگيرين“ لکڻ جو مشورو ڏنو ھو. جيئن اڳي ڄاڻايل آھي تھ سيٺ پنھنجي پوٽي، راءُ بھادر، عالومل ٽيڪمداس بي. اي کان ھنن ”يادگيرين“ جي عبارت لکرائي. سيٺ نائونمل انھن پھرين ماڻھن مان ھو، جن سر بارٽل فريئر جي سنڌ ۾ انگريزي تعليم شروع ڪرڻ جي تجويز جي پٺڀرائي ڪئي ھئي ۽ راءُ بھادر عالومل پھريون سنڌي جوان ھو، جنھن بمبئيءَ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي، اتان جي سند حاصل ڪئي ھئي. ٤- فيبروري ١٨٧٤ع جي، سر بارٽل فريئر سيٺ نائونمل ڏي ھڪ چٺي لکي، جنھن ۾ ”يادگيرين“ جي پھچ جو اقرار ڪيل آھي. ساڳئي وقت اھو بھ واعدو ڪيل آھي تھ فريئر صاحب، انگلنڊ ۾ انھن جي ڇپائڻ جو انتظام ڪندو، تھ جيئن انگلنڊ جا ماڻھو ھن جي خدمتن جي نوعيت کان واقف ٿين.
سيٺ نائونمل کي آخري اعزاز، سر بارٽل فريئر، طرفان ڪراچيءَ جي فريئر ھال ۾ ڪوٺايل ھڪ درٻار ۾ ڏنو ويو ھو. فريئر ھال ھڪ خوبصورت عمارت آھي جا سر بارٽل فريئر جي خدمتن جي يادگيريءَ ۾ سنڌ جي عوام ٺھرائي ھئي. انھيءَ درٻار ۾ سر بارٽل فريئر، بمبئي کاتي جي گورنر جي حيثيت ۾، سيٺ نائونمل کي ھندستان جي اعليٰ اعزاز سي. ايس. آءِ (ڪمپينئن آف دي اسٽار آف انڊيا) جي تمغي سان آراستھ ڪيو. ھن جو نالو خاص اعزاز طور، ملڪھ وڪٽوريا جي تيار ڪيل صلاحڪارن (Companions) جي پھرينءَ فھرست ۾، اعزاز جي ٽين درجي تي قائم ٿيڻ جو اعلان ١٢- جون ١٨٦٦ع تي ھندستان جي گزيٽ ۾ ڪيو ويو ھو. ان موقعي تي سر بارٽل فريئر جي ڪيل تقرير، لفظ بلفظ، ضميمي ۾ ڏنل آھي.
يادگيرين جي اندروني شھادت جي بناءَ تي ڪوبھ ڄاڻو ماڻھو خاطريءَ سان چئي سگھندو تھ مصنف ھڪ سنئون سڌو ۽ ديانتدار ماڻھو آھي. انھن حالتن ۾ بھ، جتي ھو مصلحت جي خلاف ھليو ھو يا غلط فھميءَ لاءِ ڪو پاڻ سبب ڏنو ھئائين، ھو حقيقتن بيان ڪرڻ کان نٿو ھٻڪائي، پوءِ ڀل تھ انھن مان ھن جي ديانتداريءَ تي ڇنڊن پوڻ جو امڪان ئي ڇو نھ ھجي. مثلا، ھو پنھنجي ڪتاب ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تھ ڪيئن اھم سرڪاري ڪاغذن جي ھڪ صندوق سندس قبضي مان چوري ٿي وئي، جنھن تي سر جيمس آئوٽرام مٿس اچي ڏمريو. ڇاڪاڻ تھ ھن سندس حڪم مطابق، صندوق، ھنن جي نائب، ڪپتان ليڪي جي حوالي نھ ڪئي ھئي. ان واقعي کي بيان ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانھ ھئي، بلڪ ھو ان کي آسانيءَ سان درگذر ڪري سگھيو ٿي ۽ اھا خبر ڪنھن کي بھ ڪانھ پئي ھا. ٻئي موقعي تي، ھو ڪن بلوچ سردارن، جن ڪراچيءَ تي حملو ڪري انگريزن جي فوج کي قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو ھو، تن جي جھلائڻ ۾ مدد ڪري رھيو ھو تھ ھن جي نوڪر اتفاق سان پستول ڇوڙي دشمن کي سجاڳ ڪيو ۽ انگريز عملدار فطرتا ائين سمجھيو تھ اھا باغيانھ حرڪت سيٺ نائونمل جي چرچ تي ڪئي ويئي آھي. سيٺ نائونمل انھيءَ واقعي جي اھميت گھٽائڻ تھ نٿو گھري، پر جنھن آزاد نموني ان واقعي جو ذڪر ڪيو آھي، سو ڏيکاري ٿو تھ ھو بلڪل بيباڪ ھو ۽ ھن جو ضمير پاڪ ھو. جيتريقدر ان وقت جي دستاويزن مان معلوم ٿي سگھيو آھي، ڏسجي ٿو تھ سيٺ نائونمل جا تاريخي حوالا بلڪل صحيح آھن. ائين آھي تھ ھو پنھنجين خدمتن کي بار بار دھرائي ٿو. پر ھن جون خدمتون لاشڪ نھايت قيمتي ھيون ۽ ھر حالت ۾ قلمبند ڪرڻ جي لائق آھن. ھن پنھنجي ھڙ مان انگريز سرڪار جي پاران وڏيون رقمون پيشگيءَ طور ڏئي، انگريز عملدارن ۾ پنھنجو اعتماد ڏيکاريو ھو، جو واقعي ثابت ڪري ٿو تھ بلڪل بجا ھو. دنيا جي ڪنھن بھ حصي ۾ اھڙا صراف مشڪل لڀندا جي اھڙيءَ طرح دل کولي پنھنجي ھڙان پئسا اڌارا ڏين، (خاص ڪري لڙائيءَ ۽ اضطراب جي زماني ۾) جڏھن سنڌ جي مستقبل جو اڃا فيصلو بھ نھ ٿيو ھجي ۽ جڏھن ھن کي اھا بھ خاطري ڪانھ ھجي تھ سرڪار انھن عملدارن جو ساٿ ڏيندي، جن کي ھن پئسا مھيا ڪري ڏنا ھئا.
راقم الحروف، ١٨٧٩ع جي بھار ۾، سنڌ ۾ نائب ڪليڪٽر ٿي سنڌ ۾ ويو، جڏھن اڃا ھو ننڍيءَ عمر جو ھو، جلد ئي سيٺ نائونمل وٽ وڃي ملاقات ڪري، سندس تعارف حاصل ڪيو. مصنف جو خيال آھي تھ ١٨٧٢ع جي سياري ۾ جڏھن وائسراءِ ارل آف نارٿ بروڪ، پنھنجي پھرئين گشت تي سنڌ مان لنگھيو ھو، تڏھن ھن جي درٻار ۾ وائسراءِ جي عملي کان سواءِ، سيٺ نائونمل، واحد شخص ھو جو سي. ايس. آءِ جي تمام شانائتي تمغي سان آراستھ ھو. ھن جي شاندار شڪل وائسراءِ کي جھڪي سلام ڪرڻ وقت، مصنف کي اڃا بھ ياد آھي. ماڻھن ۾ ان ڳالھھ تي البت مايوسي ٿي تھ وائسراءِ کي ھن سان ھٿ ملائڻ جو مشورو نھ ڏنو ويو ھو، پر ھندستانين ۾ اھڙو امتياز رکڻ ھڪ ڪٺن ڪم آھي. انھيءَ ساڳئيءَ درٻار ۾ ھڪڙي ٻي دلچسپ شخصيت بھ حاضر ھئي. اھو ڏکڻ – اوڀر سنڌ جو سابق فرمانروا، ھزھائينس مير شير محمد خان ٽالپر ھو، جنھن مياڻيءَ ۾ ميرن جي شڪست کان پوءِ، سر چارلس نيپئر جو سرجوشيءَ سان پرزور مقابلو ڪيو ھو. لارڊ ناٿ بروڪ خاص طرح فرمائش ڪئي تھ مير صاحب کي ٻڌايو وڃي تھ آءٌ ساڻس ملاقات ڪري خوش ٿيو آھيان.
سيٺ نائونمل جي پوٽي، مؤلف کي دستاويزن جو ھڪ وڏو ذخيرو ڏنو آھي، جن مان گھڻا اڳ ۾ ئي سرڪاري ڪتابن ۾ ڇپيا آھن. اھي ڏيکارين ٿا تھ ھن جي ڏاڏي ڪھڙا اھم ڪم پنھنجي ذمي ڪيا ھئا ۽ وڏا برٽش عملدار، سر ھينري پاٽنجر کان وٺي سر بارٽل فريئر تائين ھن جو ڪيترو قدر ڪندا ھئا. ضميمي ۾ انھن جو انتخاب ۽ ڪن ٻين سرڪاري ڪاغذن مان حوالا پڻ ڏنل آھن، جي ”يادگيرين“ ۾ ڏنل ڪن واقعن تي روشني وجھن ٿا ۽ انھن جي تائيد ڪن ٿا.
سيٺ نائونمل وچولي قد جو ھو، ھو سادي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ اکيون تيز ۽ چمڪندڙ ھئس. ھندو ٿي ڪري بھ ھو نھايت ھمت وارو ھو. ھن کي گھوڙن سان انس ھوندو ھو ۽ شام جو روز سواري ڪندو ھو. ھو ٻانھون لوڏي ھلندو ھو ۽ رفتار شاھاڻي ھوندي ھيس ۽ سر ھميشھ اوچو رکندو ھو. پنھنجي ڌرم لاءِ وڏو اتساھھ ھوس. ١٨٧٠ع ۾، جڏھن مؤلف پھريون دفعو ھن سان گڏجاڻي ڪرڻ ويو ھو، تڏھن سنجھا جي وقت ھن جي گھر اڳيان ڏيا ٻاريا ويا تھ ھن ان وقت ھٿ ٻڌي مختصر پرارٿنا ڪئي، ۽ ان کان پوءِ وري پنھنجي خوش گفتار شروع ڪيائين. ھن جي تصوير جا عڪس سندس شڪل جو پورو اندازو نٿا ڏين. سيٺ نائونمل ١٦- سيپٽمبر ١٨٧٨ع جي ٧٣ ورھين جي پختيءَ ۽ عزت ڀريءَ عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو. ھن پنھنجي ديھانت کان گھڻو وقت اڳ، پنھنجي واپاري ڪوٺيءَ ۾ ڌنڌي کان پاڻ کي آجو ڪيو ھو. ھن کي سنڌ بلڪ ھندستان جي سلطنت ۾ گھڻي وقت تائين ياد ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ تھ ھن انگريز سرڪار جي تمام ڏکين وقتن تي سھائتا ڪئي ھئي. جڏھن ھڪ ڏيھي ماڻھوءَ لاءِ انگريزن جي وفاداريءَ جو اظھار ڪرڻ ۽ انگريزن جي حڪومت جي فائدن جو عملي اعتراف ڪرڻ ھڪ آسان ڳالھھ نھ ھئي.
ھيءُ تعارف سيٺ نائونمل جي پوين ۽ ڌنڌي جي احوال کان سواءِ اڌورو رھجي ويندو، تنھنڪري ان جو مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. ١٨٤٨ع ۾ سيٺ ھوتچند جي وفات کان پوءِ، سيٺ ھوتچند جا ست پٽ پنھنجو گڏيل ڪارخانو بند ڪري، جدا جدا ڪم ڪرڻ لڳا. جڏھن سيٺ نائونمل انگريز سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ٻھ سال آئوٽرام جي زيردستي ۾ ھو ۽ وري ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي عھدي تي رھيو، تڏھن کان ئي، ھن پنھنجي ڌنڌي ۾ عملي دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني ھئي، جنھنڪري ھن جو ڪارخاني ۾ گھڻو حصو گھٽجي ويو ھو. سيٺ نائونمل وارن جو وھنوار، گھڻي ڀاڱي، صرافڪو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا جو ھوندو ھو. ھن پنھنجي ڌنڌي جو رھيو کھيو حصو، پنھنجي وڏي پٽ، سيٺ ٽيڪمداس جي حوالي ڪيو، جنھن جا ڪيترن شھرن ۾ گماشتا ھوندا ھئا. پر ھن پوءِ ١٨٦٠ع ڌاري پيءُ جي صلاح سان سڀ ڪوٺيون بند ڪري، سارو ڌيان کيتي ڏانھن ڏنو جنھن ۾ ان وقت وڌيڪ فائدو ھو. ڇاڪاڻ تھ ساري خاندان کي اٽڪل ٢٠ ھزار ايڪڙ زمين ھئي، جنھن ۾ ڏھھ موروثي ڳوٺ اچي ٿي ويا. بعد ۾ ھن پنھنجو حصو پنھنجي سؤٽ، سيٺ آتما رام کي وڪڻي ڏنو. خاندان جا باقي ٻيا فرد اصلوڪي ڌنڌي ۾ مشغول رھيا. سيٺ نائونمل جي ننڍي ڀاءُ جي پٽ، سيٺ گدومل ليکراج کي اڃا تائين مالابار جي ڪناري تي ڪوٺيون آھن. ھو ان جو واپار ڪندو آھي ۽ تنھن کان سواءِ کنڊ جو بھ وڏو واپاري آھي. سيٺ گدومل، ڪراچيءَ جي معزز ماڻھن ۾ شمار ڪيو ويندو آھي ۽ ڪراچي ڪارپوريشن جو رڪن پڻ آھي. سيٺ نائونمل جي ٻئي ڀاءُ، سيٺ پريتمداس جو پٽ، سيٺ آتما رام، ڪجھھ وقت ان جو واپار ڪندو ھو ۽ ھن جا پوٽا ھاڻي ان ۽ لوھھ جو ڌنڌو ڪندا آھن. خاندان جون وسيع زمينون ڪٽنب جا ٻيا فرد سنڀاليندا آھن. سيٺ نائونمل جو ننڍو پٽ، سيٺ ٿانورداس سنڌ ۾ رھندو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ ۽ عالومل جي پيءُ، ٽيڪمداس، سان گڏ جاگير سنڀاليندو ھو، جا ھند سرڪار سيٺ نائونمل کي ھميشھ لاءِ ڏني ھئي. مؤلف ھن تعارف ڏيڻ کان اڳ سيٺ عالومل (1) ٽيڪمداس جي باري ۾ ڪجھھ وڌيڪ عرض ڪرڻ ضروري سمجھي ٿو. ھڪ تھ انھيءَ ڪري جو جيڪڏھن ھو جوانيءَ ۾ تازو مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، پنھنجي عمر رسيده پتا جي واتان ٻڌل امر ڪھاڻي نھ لکي ھا، تھ اڄ ھيءَ مختصر تصنيف ڇپائيءَ جي مرحلي تي نھ پھچي ھا. ٻيو تھ ھو گذريل پنجيتاليھھ ورھيھ، مؤلف جو بھترين ذاتي دوست ٿي رھيو آھي. پر سڀ کان وڏو سبب ھيءُ آھي تھ ھو ھميشھ تعليم جي ڪم ۾ دلچسپي وٺندو رھيو آھي. ھو پھريون سنڌي ھو، جنھن بمبئيءَ جي يونيورسٽيءَ مان بي. اي جي سند ورتي ھئي. ھن ٢١- مارچ ١٨٦٨ع ۾ سرڪار جي تعليمي کاتي ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪيترا دفعا ساري صوبي جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي جا فرائض انجام ڏئي، آخر سيپٽمبر ١٩٠٣ع ۾ ھو پينشن وٺي، نوڪريءَ کان مستعفي ٿيو.
ھيٺ ڏنل انگ اکر ڏيکارين ٿا تھ مسٽر عالومل جي نوڪريءَ جي دؤر ۾ (اڄ تائين) آرٽس ڪاليج کان سواءِ، تعليم جي ڪم ۾ ٻي ڪھڙي ترقي ٿي:

[img]https://i.imgur.com/DYhfCUz.jpg[/img]

[b]خانگي ادارا، جن ۾ فيون نتيجن مطابق ورتيون وينديون آھن:
[/b]
[img]https://i.imgur.com/STSx8G9.jpg[/img]

ڪيترا سال سنڌ ۾ ڪو جدا تعليم جو ماھر انسپيڪٽر ڪونھ ھو. تعليم جي ڪم جي نظرداري اڪثر ڪري ڪمشنر جو ذاتي نائب ڪندو ھو. تنھنڪري عالومل ئي حقيقي طور تعليم جي محڪمي جو سربراھھ ھو. تنھنڪري مٿيان ڪارآمد نتيجا عالومل جي محنت جو ڦل سجھڻ گھرجن. ھن جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو اھو ھو تھ ھن سنڌ ۾ ننڍڙن خانگي ملان اسڪولن جن ۾ قرآن شريف طوطي وانگر ياد ڪرايو ويندو ھو، ڦيرائي ڪارآمد ڳوٺاڻا اسڪول بڻايو. ھن ڏس ۾ پھريون قدم مسٽر ايڇ. پي. جيڪب، جو تعليم کاتي جو ھڪ نھايت اورچ عملدار ھو، کنيو ھو. پر ان کي عملي جامي پھرائڻ جو ڪم مسٽر عالومل جي حوالي ھو.
١٨٨٩ع ۾، وائسراءِ، عالومل کي ”راءِ بھادر“ جو خطاب عطا ڪيو، جنھن جو تمغو (1) کيس ھڪ درٻار ۾ ڏنو ويو ھو، جا ڪمشنر، مسٽر جان جينڪنس، ڪي. سي. ايس. آءِ ( جو پوءِ ”سر“ ٿيو ھو) جي صدارت ھيٺ ڪوٺائي وئي ھئي. صدر ھن جو تعارف ڪرائيندي ھيٺان الفاظ ڪم آندا:
مسٽر عالومل، سنڌ ۾ ايڪيھھ ورھيھ جنھن ايمانداريءَ عقلمنديءَ ۽ سرجوشيءَ سان ڪم ڪيو آھي، تنھن جو ھن صوبي ۾ مثال ملڻ مشڪل آھي. ھن کي سنڌ جي ماڻھن جي جذبات ۽ گھرجن جي صحيح خبر ھئي، جنھنڪري ھو تعليم کاتي لاءِ ڄڻ تھ ھڪ تڪيو ھو. ڪوھستان جي خانھ بدوش جکرين ۾ تعليم جو پکڙجڻ ۽ ھن ضلعي جي ابتدائي اسڪولن ۾ ضروري سامان، سکيا ۽ انتظامي سڌارو، خصوصا ننڍن ٻچن جي نگراني ۾ سنڀال ۽ فين جي وصوليءَ جو ڪامياب حل (اھو مسئلو اھڙو ڏکيو ھو، جو سنڌ جي ڪيترن حصن ۾ اختياريءَ وارن ان جي حل ٿيڻ جي اميد بلڪل لاھي ڇڏي ھئي) ۽ اسڪولي راندين لاءِ ھر طرح جي سرجوشي، مطلب تھ اھي سڀ ترقيءَ جون نشانيون، عالومل جي جفاڪشيءَ، محنت ۽ دورانديشيءَ جو نتيجو آھن. مسٽر عالومل پنھنجن زيردستن خواھھ عام ماڻھن جن جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ ھن پاڻ کي وقف ڪيو آھي، تن سان نھايت خوش اخلاقيءَ سان پيش ايندو آھي.
ڇا، ھي ڪارگذارين جي فھرست قابل فخر ڪم نھ آھي. ھن جي ڪم جو اندازو اھي لڳائي سگھندا جي ھن جي مشڪلاتن کان واقف ھوندا. ھن کي تعصب، غفلت ۽ اڪثر مقامي مشڪلاتن سان مقابلو ڪرڻو ھو. ھو انھن سڀني مشڪلاتن تي، پنھنجي عقل، ھمت ۽ بي انتھا خوش خلقي سان، جا ھميشھ ھڪ نيڪ ۽ غمخوار دل جي ظاھري نشاني ھوندي آھي، غالب پيو. ھو نھايت ھر دلعزيز ھو ۽ سڀڪو ھن جي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪندو ھو.
جڏھن مسٽر عالومل ملازمت کان سبڪدوش ٿي پينشن تي ويو تڏھن بمبئي سرڪار، ٤- سپٽمبر ١٩٠٣ع جي چيف سيڪريٽريءَ جي صحيح سان، ھيٺيون ٺھراءُ منظور ڪيو:
”راءُ بھادر عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، سنڌ جو عارضي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ٣٥ ورھين جي نوڪريءَ کان پوءِ، ھن مھيني جي ٥- تاريخ، نوڪريءَ کان سبڪدوش ٿي رھيو آھي. اھو ڊگھو عرصو راءُ بھادر، سنڌ جي صوبي ۾ ھڪ نھايت ذميدار ۽ ڏکيو عھدو سنڀاليو آھي. ھن جي نوڪري قابليت، دانشمندي، بلند اخلاق ۽ انتظام ۾ منصف مزاجيءَ لاءِ نمايان ھئي، جنھن ڪري ننڍي وڏي کي ھن لاءِ عزت ھوندي ھئي. جناب گورنر صاحب ۽ ھن جي ڪائونسل کي راءُ بھادر عالومل جي گوناگون، ديانتداري ۽ بيش بھا خدمتن جو احساس آھي.“
مسٽر عالومل کي ٽي پٽ ڄاوا ھئا. ھن جو وڏو پٽ، ھڪ قابل اھلڪار ۽ بئرسٽر (وڪيل) ھو، جو پوءِ ھڪ سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، مگر ھو بدقسمتيءَ سان ١٩٠٦ع ۾ گذاري ويو. ڪمشنر ينگ ھسبنڊ لکي ٿو تھ ”ھن جي قبل از وقت قضيي ڪري جو انتظاميھ کي نقصان ٿيو ھو، تنھن جو مون کي پورو احساس آھي. ھن جو ٻيو پٽ، ٿر پارڪر ضلعي جي ريگستاني پر اھم علاقي جو ڊپٽي ڪليڪٽر آھي، ۽ ھن جو ٽيون پٽ، سيٺ ڪندنمل بي. اي. ايل. ايل. بي. بئرسٽر، بمبئي جي ھاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو آھي. تنھن کان سواءِ، ھن کي ڪيترين صنعتن، جھڙوڪ ڌاتن تي پاڻي چاڙھڻ، ۽ شيشي ٺاھڻ ۾ پڻ مھارت آھي. ھن اھو علم انگلنڊ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي وظيفي تي پرايو ھو، جڏھن ھو بئرسٽري پڙھڻ ويو ھو.
مسٽر عالومل اڃا ٽين پيڙھيءَ جي سؤ رپيا ماھيانو پينشن کڻندو آھي، جا ھن جي ڏاڏي کي ٽن نسلن لاءِ ملي ھئي ۽ موروثي جاگير جي پيدائش بھ سموري کيس ملندي آھي. مسٽر عالومل جو چوڻ آھي تھ جاگير مان ھاڻي ڪافي پيداوار آھي، جيتوڻيڪ شروع ۾ جھنگ صاف ڪرڻ، پراڻن واھن جي سڌاري جي نون ڪڙين جي کوٽائڻ تي ڪافي خرچ ڪيو ويو ھو. ان جي ڪل ايراضي ٥،٤٥٧ ايڪڙ آھي. ھندڪي رواج مطابق، سيٺ عالومل جي چاچي سيٺ ٿانورداس، جو سيٺ نائونمل جو ٻيو پٽ ھو، جاگير ۾ اڌ حصي جي دعوا ڪئي ھئي، حالانڪ سند موجب فقط پھريون نر اولاد حقدار ٿي سگھيو ٿي. ان ڳالھھ تان تڪرار ھليو، پر آخر ڌرين جو رضانامو ٿيو. مسٽر عالومل جو ھڪڙو سؤٽ، مسٽر ليلارام گدومل، بي. اي، ٢٥٠ رپيا مھيني جي پگھار تي، ڪراچيءَ جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آھي. ھن جو ٻيو سؤٽ

_____________________

(1) ان وقت سنڌ ۾ نيپئر جون ڪارروايون ھڪ وڏي بحث جو موضوع ھيون. ولايت ۾ سر رابرٽ پيل جي حڪومت آخري فيصلو ڪيو تھ ھاڻي جيڪي ٿيو، سو ٺھيو. ٽيھن ورھين کان پوءِ، مسٽر ڊبليو، اي. گلئڊسٽن، ان ڳالھھ تي تبصرو ڪندي چيو تھ مرڪزي حڪومت لاءِ دور دراز عملدارن تي ضابطو رکڻ ڪھڙي مشڪل ڳالھھ آھي، جنرل چرنائيف جنھن سينٽ پيٽرسبرگ مان جاري ٿيل حڪمن خلاف تاشقند فتح ڪيو ھو، تنھن جو مقابلو سنڌ ۾ سرچارلس نيپئر پنھنجي ارھھ زورائيءَ سان ڪيو ھو. مسٽر گلئڊسٽن لکي ٿو تھ ”١٨٤٣ع ۾ ھڪ ناقابل فراموش واقعو ٿيو، جڏھن نيپئر، لارڊ ايلنبرو جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ فتح ڪئي. انھيءَ حملي لاءِ، جيتريقدر مون کي ياد آھي، ڇاڪاڻ تھ مان پاڻ انھيءَ وزارت ۾ شامل ٿيو ھوس، سر رابرٽ پيل جي ڪابينھ اتفاق راءِ سان نفرت جو اظھار ڪيو ھو. پر وزارت بيوس ھئي. ملڪ کي ڇڏي ڏيڻ کان ملڪ کي ھٿ ۾ رکڻ ۾ گھٽ خسارو ھو. سنڌ جي فتح ھاڻي ھڪ حقيقت ٿي چڪي آھي.“ (ماخوذ ڪيل گولڊ سمڊ جي ڪتاب ”آئوٽرام جي سوانح عمري“ مان).

(1) جميمو 16 ۾ ڱي انگ اڳر ڙنل آهن تي ڱراچيءَ تي ٺنڍ تي واپار تي اتھوڱي ٿالٻ ۽ ٺنڍ تي مالياٻي آمدني ڙيڳارين ٿا.

(1) ھت ڪجھھ غلط فھمي معلوم ٿئي ٿي. ليجسليٽو ڪائونسل جنھن تي ٿورا ڏيھي ماڻھو ۽ غير سرڪاري ميمبر ٿاڦيل ھئا، سا بمبئيءَ ۾ ١٨٦٢ع تائين وجود ۾ ڪانھ آئي ھئي. ان تي سر بارٽل فريئر، ھڪ سابق مير کي ھڪ نشست ڏني ھئي. سيٺ نائونمل کي شايد اھا ڳالھھ دل ۾ ھئي تھ ممڪن آھي تھ ھن رقعي جي محرر کي چيو ھجي تھ جنھن صورت ۾ ھو انگريزي نھ ڄاڻندو آھي، تنھن صورت ۾ ھن جو ميمبر ٿيڻ بيڪار آھي. مان نٿو ڀانيان تھ ھن ائين چيو ھوندس تھ پاٽنجر ھن کي اھڙي آڇ ڪئي آھي. (مؤلف)

(1) ڏسو ضميمو ١١.

(1) حقيقت ۾ سيٺ عالومل جو نالو عالمچند آھي، جنھن جو تصغير عالو آھي، پر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ ان ۾ مل جو اضافو ڪيو تھ جيئن نالو وڌيڪ معتبر ڏسڻ ۾ اچي. تنھنڪري سرڪاري نوڪري ۾ اچڻ کان پوءِ ھن کي عالمچند جي بدران عالومل ڪري سڏيندا آھن ۽ سر بارٽل فريئر بھ کيس انھيءَ نالي سان سڏيو آھي.

(1) ڏسو ضميمو ١٤.

باب ٽيون

[b]نائونمل جو نسل – ڪاھري – نادرشاھھ جو حملو – سيوھڻ جي لٽ – مٿرا جي قيدين جي سھائتا – ڀوڄومل – کرڪ بندر ڏانھن لڏپلاڻ – ڪراچيءَ جو بنياد وجھڻ – قلعي جي تعمير – ڪلھوڙا - راڻي ارجن جو قتل – ڪراچيءَ کي قلات جي حوالي ڪرڻ – ڪلھوڙن جو ٽالپرن ھٿان خاتمو – ٽالپرن جو ڪراچيءَ کي محاصرو – ڪراچيءَ تي حملي وقت دريانيمل جي ٽالپرن کي واھر – دريا نيمل سان رعايتون – ھن جي دوستي مير ڪرم عليءَ سان واگھرن جا بحري ڊاڪا – نائونمل جي وڏن جي دولت – ھنگلاج – شديد ڏڪار – عظيم خان جو حملو – ڀوڄومل جي ملڪيت جي ورڇ – پوريل خزانو – لعلمڻداس - خاندان ۾ اختلاف – مير ڪرم عليءَ جي مداخلت – نائونمل جو پور بندر ڏانھن سفر – راڻي لاءِ بلوچن جو حفاظتي جٿو – لعلمڻداس جو مرتيو.[/b]


منھنجا وڏا اصل ڪاھريءَ (1) جا ويٺل ھئا. ڪاھري، ڀانن (2) جي شھر ۾ (الھندي) ناري درياءَ جي وچ تي، پنج ميل ڀانن کان ھڪ ميل ناري کان پري آھي. اھو شھر ڪنھن وقت نھايت آباد ۽ ترقي وارو ھوندو ھو. منھنجي ھڪڙي وڏي کي، جو سڄڻمل سڏبو ھو، ڪاھريءَ جي ويجھو وڏي (3) زمينداري ھئي. تنھن کان سواءِ ھو وڏو واپاري ۽ صراف ھو. ھن چڱو نالو ڪڍيو ۽ شھر واسي کيس وڏي عزت ڏيندا ھئا. ھن جي پٽ نانڪ، پنھنجي وھنوار کي زور وٺايو ۽ زمين پڻ وڌايائين. ھو وڏي ٺاٺ سان رھندو ھو. ھن جا گماشتا شاھھ بندر (4)، ٺٽي (5)، سون مياڻيءَ (6)، ٻيلي (7)، شڪارپور (8) ۽ چانڊڪي (9) ۾ ھوندا ھئا. ان وقت ڪراچيءَ جو نالو نشان بھ ڪونھ ھو. نانڪداس شادي ڪئي، جنھن مان ڀوڄومل پيدا ٿيو. جڏھن ڀوڄومل ڏھن – ٻارھن سالن جو ٿيو، تڏھن ھن جي ماءُ گذاري ويئي ۽ نانڪداس ٻي شادي ڪئي، جنھن مان ھن کي ٽي پٽ ڪيولرام، ھيمراج ۽ ڀاڳچند ڄاوا.

ان وقت پنھورن ۽ چنن (10) قومن جا ماڻھو سنڌ جي انھيءَ ڀاڱي تي حڪومت ڪندا ھئا ۽ ڪاھري، سامتاڻي پرڳڻي جو صدر مقام ھو. وڪر ماجيت جي سنبت ١٧٢٥ (مطابق ١٧٢٥ع) ۾، جڏھن ڀوڄومل سورھن سالن جو ھو، تڏھن پنھنجي ماٽيلي ماءُ سان اڻبڻت ڪري ڪاھري ڇڏي سيوھڻ ويو، جتان وري ھڪ قافلو تيار ڪري ڪنھن ٻئي ھنڌ قسمت آزمائي ڪرڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

ڀوڄومل جي وڃڻ کان پوءِ، سيٺ نانڪداس جي سيوھڻ واري ڪوٺي، ھن جو وڏو پٽ (ٻيءَ زال مان) سيٺ ڪيولرام، سنڀاليندو ھو ۽ ھن بھ پنھنجو ڌنڌو چڱو وڌايو.

سنبت ١٧٧٩ مطابق ١٧٢٣ع ۾، نادرشاھھ، ھندستان تي حملي ڪرڻ لاءِ، ڪابل مان روانو ٿيو. قلات جو خان، نصير خان اعظم، جو ھن جي ماتحت ھو، سو بھ ھڪ وڏو ڪٽڪ وٺي ساڻس شامل ٿيو. دھليءَ جو شھنشاھھ، محمد شاھھ، مٺ ماٺ ۾ پيش پيو. ٿورو وقت دھليءَ ۾ رھڻ کان پوءِ، نادر شاھھ مٿرا (1) طرف ڪاھي ويو، جتي ھن جي لشڪر انڌاڌنڌ ملڪ کي تلف تاراج ڪيو. ھو مذھبي جنون ۾ اڳتي وڌندا ويا ۽ گھڻا غلام، مرد خواھھ زالون ھٿ ڪيائون. نصير خان جي ماڻھن، مٿرا جي رھواسين جي وٺ پڪڙ ۾ وڏو بھرو ورتو. موٽ ۾ نادر شاھھ، لاھور کان ٿيندو، ڪابل ويو. نصير خان لاھور ۾ نادر خان کان موڪلائي، ملتان ۽ شڪارپور جي رستي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي آيو. جڏھن نصير خان جي لشڪر، مٿرا جا ماڻھو قيد ڪري پاڻ سان آندا، تڏھن اھا خبر ساري ھندستان ۾ پکڙجي ويئي. اھا خبر منھنجي تڙ ڏاڏيءَ، شريمتي تخت ٻائي، ڀوڄومل جي ننڍي ڀاءُ، سيٺ ڪيولرام جي زال جي ڪنن تائين بھ وڃي پھتي. سيٺ ڪيولرام کي شڪارپور ۽ ڪڇيءَ (1) جي ڪيترن شھرن ۽ سنڌ جي گھڻن علائقن ۾ ڪوٺيون ھيون. شريمتي تخت ٻائيءَ جي چوڻ تي، شڪارپور ۽ ڪڇيءَ جي گماشتن کي لکيو ويو تھ ھو ڪارخاني مان پئسا ڏيئي ٻانڀڻن کي آزاد ڪرائين. اھڙيءَ طرح، انھن بدنصيب ماڻھن جي آزادي، ڪيولرام جي گماشتن خريد ڪئي. ھنن کي في ماڻھو لاءِ ١٠٠ کان ٢٥٠ رپين تائين رقم ڏيڻي پيئي ۽ شريمتي تخت ٻائيءَ جي مرضيءَ مطابق، ھنن کي رستي جو خرچ خوراڪ ڏيئي پنھنجي گھرن ڏانھن واپس موڪليو.

ان وقت ڪراچيءَ جو ھاڻوڪو شھر خيرڪي ھو. البت حب ندي (2) جي ھن طرف کڙڪ بندر نالي ھڪ شھر ھو، جو واپار لاءِ مشھور ھوندو ھو. ڀوڄومل اتي وڃي واسو ڪيو. ھن پنھنجا گماشتا گوادر (3)، ٻيلي ۽ مسقط (4) ۾ موڪليا. مسقط واري گماشتي وري بُو شھر، شيراز ۽ بحرين (5) ۾ ڪوٺيون کوليون. آھستي آھستي شاھھ بندر ۽ لاھوري (لاھري) بندر (6)، جي ان وقت سنڌ جا مشھور بندرگاھھ ھئا، اتي شاخون کوليون ويون ۽ سورت، پور بندر ۽ ملبار سان وڻج واپار شروع ڪيو ويو. کڙڪ بندر حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ ھوندو ھو. گھڻي وقت کان پوءِ بندر جو منھن سمنڊ جي طرف کان ريتيءَ سان لٽجي ويو ۽ جھازن جو داخلو بند ٿي ويو. ان وقت سمورا جھاز، بانس جي لڪڙن مان ٺاھيندا ھئا. انھن کي لوھھ جي ڪوڪن بدران، کٻڙ جي نوڙين سان ٻڌي جوڙيندا ھئا.

بندر جي منھن پورجي وڃڻ جي ڪري واپارين کي گھڻي تڪليف ٿيڻ لڳي. سيٺ ڀوڄومل اتان جي ٻين معزز ماڻھن جي صلاح سان، رھڻ لاءِ ڪا ٻي نزديڪ جاءِ ڳولڻ لڳو، جتي کين واپار جي سھولت ٿئي، ڳولھيندي ڳولھيندي، ھنن جي نظر ڪراچيءَ جي کاريءَ تي پئي. اتي واريءَ جي بند جي منھن وٽ، ويھھ – پنجويھھ ميربحرن جون جھوپڙيون ھونديون ھيون. انھيءَ جاءِ کي ان وقت ”درٻو“ چوندا ھئا. درٻي جي ويجھو ھڪ پاڻيءَ جو چشمو ھو جنھن کي ”ڪلاچيءَ جو ڪن“ سڏيندا ھئا. ڪن جي معنيٰ آھي ھڪ اونھي پاڻيءَ واري کڏ، ۽ ڪلاچي ھڪ مير بحر جو نالو پڻ ھو. کڏ جي چوڌاري تمر جا وڻ ھئا. آخر جاءِ پسند ڪري، اتي گھر ٺھرايا ويا ۽ کڙڪ بندر مان سڀ متحرڪ سامان منتقل ڪيو ويو. پوءِ سڀ ڪلاچيءَ جي ڳوٺ، جو ان وقت ”ڪراچي“ سڏبو ھو، اتي اچي ويٺاسين. ان وقت منھوڙي (1) جي ٻار (نار) ڪانھ ھوندي ھئي. ”بابا ٻيٽ“ (2) جي مٿان ھڪ ٻي ٻار يا نار ھوندي ھئي، جنھن کي ھاڻي نئين نار چئبو آھي. آمدورفت لاءِ اھا استعمال ٿيندي ھئي. منھوڙي جي منھن وٽ ھڪ ٽڪرين جي قطار ھوندي ھئي. سنبت ١٧٨٥ع (مطابق ١٧٢٩ع) ڌاري کڙڪ بندر جا ماڻھو لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺا. ڀوڄومل جي مشوري سان، آسوديمل نالي ھڪ شخص، بيبي مرادان سان صلاح ڪئي تھ ڪراچيءَ ۾ حفاظت لاءِ ڪو قلعو اڏائجي. اھا صلاح سڀني کي پسند آئي. ماڻھن تمر جو جھنگ صاف ڪـري، ڪـاٺين ۽ مـٽيءَ جـو قـلعـو ٺاھڻ شروع ڪيو. شھـر واسين جي مدد لاءِ ٻاھريان مزور بھ گھرايا ويا. انھن کي مزوريءَ ۾ بحرين ۽ مسقط جا سڪا ۽ تازي کجور ڏني ويندي ھئي. ٿوري وقت ۾ ھڪ چڱو خاصو قلعو ٺھي راس ٿيو. مسقط کان توبون گھرائي قلعي جي ديوارن تي رکيون ويون. قلعي جي ديوار اندر اٽڪل سٺ – ستر جريبن (3) جي ايراضي ھئي. قلعي کي ٻھ دروازا ھئا. اولھھ واري دروازي کي ”کارو دروازو“ (1) يعني کاري پاڻيءَ ڏانھن ويندڙ دروازو چوندا ھئا ۽ ٻيو دروازو جيڪو اتر – اوڀر طرف ڏانھن ھو، تنھن کي ”مٺو دروازو“ مٺي پاڻيءَ ڏانھن ويندڙ دروازو چوندا ھئا. ماڻھو سڀ قلعي ۾ رھندا ھئا، جنھن جي چوڌاري تمر ۽ ٿوھر(2) جو جھنگ ھو.

شاھھ بندر جي بندرگاھھ جو منھن سنڌونديءَ جي لٽ سان بند ٿي ويو، جنھنڪري گھڻا ماڻھو اتان لڏي ڪراچيءَ آيا. انھيءَ وقت ڪلھوڙن(3) ماٺ ميٺ ۾، سواءِ ڪنھن مخالفت جي، ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ھو.

ٺٽو بھ ڪلھوڙن جي ماتحت ھو ۽ اتي ھڪ نواب حڪومت ڪندو ھو. نواب کي بجر جوکيي(4) نالي ھڪ ملازم ھوندو ھو. ٺٽو ھڪ قديمي شھر آھي ۽ چون ٿا تھ ان جو پايو ٤٠٠ ورھيھ اڳ ڪنڊي سمي (5) وڌو ھو. ٺٽي جي آسپاس جيڪي شاندار ويرانا (مقبرا) آھن، سي ان جي ماضيءَ جي شھادت ڏين ٿا. لاھوري بندر ۽ سنڪري ڌاريجي (6) ۾ راڻي ارجن نالي، ھڪ ھندو ڪنور راڄ ڪندو ھو. فطرتا ڪلھوڙن کي اھا ڳالھھ نھ آئڙي. ٺٽي ۾ پنھنجي نواب کي لکي موڪليائون تھ ھن کي مارائي ملڪ تي قبضو ڪري. نواب، بجر جوکيي سان صلاح مصلحت ڪئي، ۽ بجر راڻي کي ختم ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي ھموار ڪيو. راڻو پنھنجي حفاظت لاءِ جھڙوتھڙ پھرو رکندو ھو. بجر جوکيو، سيٺ ڀوڄومل جو واقف ھو. ھن ڇا ڪيو جو سيٺ کا پئسا اڌارا وٺي، ملير (1) جا اسي جوکيا ساڻ ڪري، ڪراچيءَ جي ڏکڻ ۾ ڪلفٽن جي راس وٽان لاھوري بندر ڏانھن ھاڪاري ھليو. راڻو ارجن ان وقت رتي جي ڳوٺ ۾، جو ھڪ ٻيٽ ھو، شڪار لاءَ منزل انداز ھو. رات وھاڻيءَ، جڏھن رائو ارجن پنھنجي تنبوءَ ۾ ڏيئو ٻاري ننڊ جي گود ۾ آرامي ٿيو، تڏھن بجر ۽ ھن جا جوان سيڻھين تي تري، تراريون واتن ۾ جھلي، وڃي مٿس ڪڙڪيا ۽ ھن کي گھات ڪيائون. راڻي ارجن کي اولاد ڪونھ ھو، تنھنڪري بجر آسانيءَ سان ھن جي ملڪ تي قبضو ڪري ويو. اھو ڪم پورو ڪري، ٺٽي جي نواب کي اطلاع ڪيائين، جنھن کيس ھڪ خلعت بھ ڏني ۽ ”ڄام“ (2) جي خطاب سان جوکين جو سردار پڻ مقرر ڪيو.

قلات جي خان جو ڀاءُ جاڙڪ خان، ڪلھوڙن سان لڙندي مارجي ويو ۽ ڪلھوڙن ان جي عيوض، خون بھا طور، ڪراچي قلات جي خان جي حوالي ڪئي. تنھن کان پوءِ، قلات جي فوج جو دستو اتي رھندو ھو.

سيٺ ڀوڄومل کي چار پٽ ھئا: سيٺ دريانومل، لعلمڻداس، ٺاڪرداس ۽ ٻلرامداس. جي سڀ ھٽا ڪٽا ۽ جانٺا جوان ھوندا ھئا. ڀوڄومل سنبت ١٨٣٨، مطابق ٨٣-١٧٨٢ع ۾ گذاري ويو. چارئي ڀائر گڏ ڏاڍي پريم سان رھندا ھئا ۽ پنھنجو واپاري ڪاروبار بھ چڱو وڌايائون. گدومل گماشتي کي سنبت ١٨٠٥ مطابق ١٧٤٩ع ۾، بمبئيءَ موڪليو ويو، جتان ھو پنھنجي ڪوٺيءَ جي ذريعي بنگال ۽ چين سان واپار ڪندو ھو. مسقط واري گماشتي، ھنسراجمل، ايران، بصري ۽ بحرين سان چڱو چوکو وھنوار قائم ڪيو. انھن جون شاخون ڪابل، قنڌار، ھرات، قلات ۽ ڪشمير ۾ بھ ھونديون ھيون، سيٺ دريانومل وڏي شان ۽ شوڪت سان رھندو ھو ۽ سيٺ لعلمڻداس (1) واپاري ڪاروبار سنڀاليندو ھو.

سنبت ١٨٤٠، مطابق ١٧٧٣ع ۾، ٽالپرن ميرن بحر (2) جي سرداريءَ ۾ سنڌ ڪلھوڙن کان کسي پنھنجي قبضي ۾ ڪئي. ڪلھوڙن ۽ ميرن جي آخري لڙائي، ھالاڻيءَ ڀيلاڻيءَ وٽ ٿي، جتي ڪلھوڙن ھارايو. مير بجر کي جوڌپور جي ملازمن ھٿان مارايو ويو ھو. ھن جا وارث مير فتح علي خان (1)، غلام علي، ڪرم علي ۽ مراد علي ھئا، جي گڏجي حڪومت ڪندا ھئا.

ٽالپر سنڌ جا والي ٿيا، تنھن کان اڳي مير ڪرم علي ۽ سيٺ دريانيمل جا دوستانا تعلقات ھوندا ھئا. ڪلھوڙا شڪست کائي قنڌار ڀڄي ويا ۽ اتان جي حاڪم کان مدد وٺي قنڌار جي فوج سان، مدد خان جي حڪم ھيٺ، سنڌ تي حملو ڪيائون. ٽالپرن وڃي عمر ڪوٽ ۾ پناھھ ورتي. سنڌ ۾ پھريون شھر جو قنڌارين ناس ڪيو، سو سيوھڻ ھو. سيٺ ڪيولرام جو ان سيوھڻ ۾ ھو. ھن جو پڻ گھر لٽيو ويو اتان گھڻو مال ھٿ آين. ھڪڙي پٺاڻ کي شڪ پيو تھ ڇت جو شھتير پورو آھي، سو وٺي جو ان کي پنھنجو ڊگھو گرز ھنيائين تھ پندرھن سؤ سونيون اشرفيون ڇڻ – ڇڻ ڪري اچي پٽ تي پيون. پوءِ تھ زمين بھ کوٽي ھيٺ مٿي ڪيائون ۽ جيڪي ھٿ آين سو کڻي ويا. مدد خان ملڪ ڦري ناس ڪري موٽي ويو. ھن ڪلھوڙن کي ٻيھر سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ڪابھ مدد ڪانھ ڪئي.

سيٺ ڪيولرام سيوھڻ مان جبلن ڏانھن ڀڄي ويو، پر ڏينھن گرم ھئا، چيٽ (اپريل) مھيني جي پڇاڙي ھئي. سيٺ ڪيولرام کي ڏينھن لڳو ۽ ھو اتي گذاري ويو. ڪيولرام جي مرڻ کان پوءِ ھن جو ننڍو ڀاءُ ھميراجمل ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. سيٺ ڪيولرام کي، مختلف جڳھن تي، اٽڪل چار سؤ گماشتا ھئا. سيوھڻ ۾ سيٺ ڪيولرام جي جيڪا بھ موڙي ھئي، سا لٽي ويا ھئا. ڪيولرام جي جيڪا بچت گماشتن وٽ ھئي، سا وٺي، سيٺ ھيمراجمل وري وڏي پئماني تي واپار شروع ڪيو. سيٺ ھيمراجمل کي چار پٽ ھئا: جھامراء، ٺارومل، ٽيڪچند ۽ خوشحالداس.

سنبت ١٨٤٨، مطابق ٩٣-١٧٩٢ع ڌاري، مير فتح عليءَ ڪراچيءَ وٺڻ لاءِ پندرھن ھزار ٻروچ چاڙھي موڪليا. ھو توبن ۽ گولن سان مسلح ھئا ۽ ھنن پنھنجي ڇانوڻي لياريءَ (1) جي ھن ڀر، شھر جي اتر – اوڀر طرف باغيچن ۾ لڳائي. ڪراچي ان وقت قلات جي خان جي ماتحت ھئي، پر حفاظت جو انتظام خيرڪي ھو. شھرواسي سڀ قلعي ۾ رھندا ھئا. جنھن جي چوڌاري تمر ۽ ٿوھر جو جھنگ ھو. مير جي حملھ آور فوج جا اڳواڻ ميان فقيرو ۽ پليو ھئا، قلعي تي توبون سڌيون ڪيون ويون. ھوڏانھن ديوارين جي حفاظت رعيت طرفان پنج سؤ ميربحرن ۽ منھنجي وڏن جي جھازن جي خلاصين، اسان جي وڏي سيٺ ٻلرامداس جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي ڪئي. شھر جي دفاع لاءِ جيڪي گولا باروت سيٺ ڪيولرام ڪم آندا ھئا، سي اسان جي گدامن (2) مان گھرايا ويا ھئا. جتي ھميشھ اسان جي واپاري جھازن لاءِ جنگي اسباب موجود رھندو ھو.

حملھ آور فوج اڍائي مھينا، شھر کي گھيرو ڪري ويٺي ھئي. شھر واسي سڀ قلعي جي اندر ھئا. اندر ڪافي سامان جمع ٿيل ھو. تنھن کان سواءِ سمنڊ جي پاسي وارو رستو کليل ھو، تنھنڪري ھنن کي کاڌي پيتي جي ڪابھ تڪليف ڪانھ ھئي. پر ان وقت، رڌڻ پچائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻي لياريءَ جي پيٽ مان آڻي نٿي سگھيا. تنھنڪري انھن کي لاچار قلعي اندر جي کوھھ ھئا، تن جي کاري پاڻيءَ تي قناعت ڪرڻي ٿي پئي. اڍائن مھينن کان پوءِ، ٻروچن جي فوج ٿڪجي بيراز ٿي، گھيرو ختم ڪري، حيدرآباد موٽي ويئي.

وري سنبت ١٨٤٩ مطابق ٩٣-١٧٩٢ع ۾ مير فتح علي خان، ڪراچيءَ جي فتح لاءِ ٻي فوج موڪلي، جنھن بھ لياريءَ جي ڪناري سان ۽ باغيجي واري محلي ۾ ڇانوڻي لڳائي، قلعي تي توبزني شروع ڪئي. وري بھ سيٺ ٻلرامداس رعيت ۽ پنھنجن جھازن جي خلاصين جي مدد سان قلعي جي حفاظت ڪئي ۽ دشمن جي توبزنيءَ جو جواب پنھنجي جھازن جي حفاظت لاءِ رکيل بارود سان ڏنو. ھن دفعي گھيرو ٽي مھينا ھليو، جنھن کان پوءِ وري سنبت ١٨٥١، مطابق ٩٥-١٧٩٤ع جي سانوڻ مھيني ۾، مير فتح علي خان ڪراچيءَ وٺڻ لاءِ ويھن ھزارن فوجين جو لشڪر چاڙھي موڪليو.

مير ڪرم علي ۽ سيٺ دريانيمل جا ھڪٻئي سان دوستانا تعلقات ھوندا ھئا، جيئن مٿي ڄاڻايل آھي. تنھنڪري ھن مير فتح علي خان ڏي لکيو تھ ”اسان کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آھي تھ ڪراچيءَ ۾ قلات جي خان جي ڪابھ حفاظتي فوج ڪانھ آھي. ھن ۾ لڙائيءَ جو دم نھ آھي اسان کي ٻڌي ڏک ٿيو آھي تھ تو اسان جي ماڻھن جي مخالفت ڪئي آھي ۽ پنھنجن جھازن جو گولابارود اسان جي فوج جي خلاف استعمال ڪري ھنن کي ٻھ دفعا شڪست ڏيئي، نراس ڪري ھٽائي ڪڍيو. اسان جي گھڻي وقت کان دوستي آھي ۽ ھموطني آھيون. تنھنڪري توکي اسان جي مخالفت نٿي جڳائي.“ اھڙيءَ طرح انھيءَ خط ۾ گھڻو ڪجھھ لکيل ھو.

خط کان پوءِ، سيٺ دريانيمل، قلات جي خان کي ٻن ٽن قاصدن جي ھٿان چوائي موڪليو تھ: ميرن، ڪراچيءَ تي حملي ڪرڻ لاءِ ٻھ دفعا فوج چاڙھي موڪلي آھي پر اسان ٻئي دفعا، سخت محنت ۽ ڪشالا ڪري، ھنن کي شڪست ڏئي ھٽائي، ڪراچي کي بچايو آھي. ھاڻي ميرن شھرن وٺڻ لاءِ ٽين فوج موڪلي آھي ۽ رعايا ۾ گھڻو وقت مقابلي ڪرڻ جي طاقت نھ آھي شھر توھان جي ماتحت آھي، تنھنڪري مزيد فوج موڪلي ڪا تدبير ڪيو. خان جواب ۾ لکيو تھ ”مون ۾ لڙائيءَ جي طاقت ڪانھ آھي ۽ نڪي لشڪر منھنجي اختيار ۾ آھي. جي تون شھر جو دفاع ڪري سگھين تھ ڀلو، نھ تھ تو ڏي ڪابھ ميار ڪانھ آھي.“

انھيءَ تي سيٺ دريانيمل پنھنجي خاص ملازم فقيري ھٿان، جو بھرامي (1) بلوچن جو چڱو مڙس ھو، خط موڪليو. خط جو مفھوم ھن طرح ھو:

”تحقيق، اسان جي گھڻي وقت کان دوستي آھي، توھان جو حڪم برچشم آھي، پر منھنجو عرض آھي تھ جڏھن ڪراچي توھان جي حوالي ڪئي وڃي تھ ٻروچ سپاھين کي، جي ھڪ سرڪش ۽ بي لغام طبقو آھن، شھر ۾ داخلا نھ ڏني وڃي. ٻيو تھ جيڪو نواب توھان مقرر ڪرڻ فرمايو، سو اسان جي صلاح سان ڪاروبار ھلائيندو ۽ رعيت تي ظلم نھ ڪندو.“

مير ڪرم علي جواب ۾ لکيو تھ ”سيٺ دريانيمل جا شرط قبول آھن ۽ واعدو آھي تھ ڪراچيءَ ۾ ميرن جي پاران جيڪو نواب مقرر ڪيو ويندو، تنھن کي ھدايت ڪئي ويندي تھ ھو سڀڪنھن ڳالھھ ۾ ساڻس مشورو ڪري ۽ کيس حقيقي مالڪ سمجھي.

سنبت ١٨٥٠، مطابق ٩٤-١٧٩٣ع ۾، ڪراچيءَ ۾ قلات جي خان پاران، ملان شفيع علي خان، نواب ھو. ھڪ ڪٽر مسلمان ھو ۽ ھڪ دفعي ”دريا خان“ نالي ھندن جي ھڪ مندر تي حملو ڪري، مندر ۽ اسان جي گھرن جي وچ تي ھڪ مسجد اڏائي ھئائين، جنھن تان ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ وڳوڙ ٿيو.

منھنجو نانو سيٺ لعلمڻداس، ھڪ ھٽو ڪٽو ۽ دلير آدمي ھوندو ھو. جڏھن مسلمان ھندن جي مندر تي حملو ڪيو تھ ھو سڌو مندر ۾ وڃي مورتيون کڻي بچائي ٻاھر آيو. ھن واقعي کان پوءِ، سيٺ دريانيمل، قلات جي خان کي شفيع علي خان جي ظلمن جي باري ۾ لکيل پڪار ڪئي، جنھن تي خان، شفيع علي خان کي برطرف ڪري، ھن جي جاءِ تي حاجي سعدو مقرر ڪيو. ھو سنبت ١٧٥١ مطابق ٩٥-١٧٩٤ع تائين نوڪريءَ ۾ ھو. جڏھن اميرن ٽيون دفعو ڪراچيءَ جي وٺڻ لاءِ چڙھائي ڪئي، تڏھن سيٺ دريانيمل، سعدوءَ کي قلات خان جي جواب کان واقف ڪيو ۽ سمجھايائينس تھ وڌيڪ لڙائي جاري رکڻ ڪري منھنجي واپار کي نقصان ٿو رسي، پر جيڪڏھن تون چاھين تھ ڀلي حملھ آور فوج جو مقابلو ڪر. حاجي سعدوءَ بھ پنھنجي ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪيو. ھن کي فڪر فقط اھو ھو، تھ ڪيئن جان بچائي قلات پھچان. سيٺ دريانيمل ھن کي محافظ ساڻ ڏيئي روانو ڪيو.

اھو سمورو وقت ميرن جو لشڪر تي گوليبازي ڪندو رھيو. ٻن– ٽن گولن ڪجھھ نقصان ڪيو، پر جلدئي ميان فقيري ۽ پليي سالارن کي مير فتح علي خان ۽ ڪرم علي خان وٽان جنگ بند ڪري دريانيمل سان مشوري ڪرڻ جي ھدايت ملي. ڇاڪاڻ تھ ڌرين جي وچ ۾ ٺاھھ ٿي ويو ھو.

تنھن کان پوءِ، سنبت ١٨٥١، مطابق ٩٥-١٧٩٧ع جي بڊي مھيني (١٢ ٻارس) جي يارھينءَ تاريخ، سيٺ دريانيمل قلعي جي دروازن جون ڪنجيون وڃي ميرن جي لشڪر جي سالارن جي حوالي ڪيون. سيٺ دريانيمل پنھنجي ملازم فقيري خان (جو بھرامي قوم جو چڱو مڙس ھو) جي معرفت فقيري ۽ پليي کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڪيو. ھنن ٻاھر نڪري، نھايت عزت سان سندس استقبال ڪيو. سيٺ دريانيمل مٺي ۽ کاري درن جون چاٻيون ميان فقيري ۽ ميان پليي جي حوالي ڪيون ۽ ھنن وعدو ڪيو تھ حڪم مطابق ڪنھن بھ سپاھيءَ کي شھر اندر اچڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي. ميان فقيرو ۽ پليو، سيٺ دريانيمل سان گڏ شھر ۾ داخل ٿيا ۽ سرڪاري سپاھين لاءِ جيڪي چبوترا ٺاھيا ويا ھئا، تن جو معائنو ڪري دريانيمل جي اوطاق (1) تي آيا. جتي شربت پاڻي پِي گلاب جي پاڻي سان تازا توانا ٿي، پنھنجي ڇانوڻيءَ ڏانھن موٽي ويا. نواب پنھنجو عھدو سنڀاليو ۽ شھر جي حفاظت لاءِ ھڪ سؤ ڪرمتي (2) قوم جا بلوچ مقرر ڪيا. تنھن کان پوءِ فوج حيدرآباد موٽي ويئي.

مير فتح علي خان ۽ ڪرم علي ڪراچيءَ جي تسخير جي خبر ٻڌي ڏاڍا سرھا ٿيا مير فتح عليءَ، مير ڪرم عليءَ کي مشورو ڏنو تھ سيٺ دريانيمل کي، اعزاز طور، ڪراچيءَ جي آمدنيءَ مان مقرر حصو ڏنو وڃي يا ھن جي ٻاھران آيل واپاري مال تي محصول جي معافي ڏني وڃي. مير ڪرم علي خان اھڙو اطلاع دريانيمل کي موڪليو، پر ھن آمدنيءَ جو حصو وٺڻ قبول نھ ڪيو. جو چيائين تھ متان عام ماڻھو يا قلات جو خان سمجھن تھ مون پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ ساڻن ڌوڪو ڪيو آھي. پر مير فتح عليءَ حڪم جاري ڪيو تھ سيٺ جي واپار تي آبڪاري محصول جي ٽئين حصي جي، ۽ باغات تي سموريءَ ڍل جي معافي ڏني وڃي. تنھن کان سواءِ ھن کي پنھنجي بٺيءَ ۾ ذاتي استعمال لاءِ شراب ٺاھڻ جي اجازت بھ ڏني ويئي. ياد رھي تھ اھا رعايت ھن جي خاندان کي ڪلھوڙن جي زماني کان ۽ قلات جي خان جي دور ۾ بھ مليل ھئي. ھاڻي ڏينھون ڏينھن سنڌ جي ميرن ۽ سيٺ جا تعلقات وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا. ڪجھھ وقت کان پوءِ، ميرن، سيٺ کي حيدرآباد اچڻ جي ڪوٺ ڏني. ھن جي وڏي شان سان آجيان ڪئي ويئي ۽ ھڪٻئي کي قيمتي تحفا ڏنائون ورتائون. سيٺ حيدرآباد ۾ مھينو رھي، ڪراچيءَ موٽي آيو.

سنبت ١٨٥١-١٨٥٠ع کان وٺي گومتي (1) ۽ ٻيٽ جي واگھرن سمنڊ ۾ آزار مچائي ڏنو. جيڪو جھاز ھٿ ٿي آين، سو ڦريائون ٿي. اسان جي خاندان کي، ڪراچيءَ واريءَ وڏيءَ ڪوٺيءَ جي ڪاروبار لاءِ ٥٠ يا ٦٠ ھر قسم ۽ ھر مقدار جون ديسي ڪشتيون ھونديون ھيون، جي ھندستان جي مغربي ساحل جي بندرگاھن تي ڪرايو کڻنديون ھيون. ۽ عربستان، ايران، بلوچستان جي ڪنارن تي اچ- وڃ ڪنديون ھيون. تنھن کان سواءِ ھنن وٽ يورپي نموني جا خواھھ ٻيا جھاز بھ ھئا، جن جو تعلق مسقط ۽ ڪلڪتي جي ڪوٺين سان ھوندو ھو. واگھرن جي ڊپ کان، ھرھڪ جھاز توبن، بارود ۽ ٻئي جنگي اسباب سان مسلح ھوندو ھو. ننڍن جھازن تي ٽي – ٽي ۽ وڏن تي ١٢ کان ١٥ توبون ھونديون ھيون، جن جي ڊيگھھ اٽڪل ٦ فوٽ ھئي. اسان جو ”لکمي پرساد“ جھاز، ملبار کان موٽندي جڏھن پور بندر جي ويجھو آيو تھ واگھرن جي جھاز جلھھ ڪيس. لکميپرساد تي ڪيترا جوکيا سپاھي ھئا. لڙائيءَ ۾ واگھرن ھارايو ۽ ھنن جا گھڻا ماڻھو مارجي ويا. ھنن جا ٽي جھاز ڪيترن ماڻھن سميت پڪڙي ڪراچي آندا ويا. جتي لکميپرساد جي فاتحانھ آمد جو اسان خوشي سان استقبال ڪيو ۽ شڪرانا بجا آندا. جڏھن گومتيءَ جي واگھر سردار کي انھيءَ واقعي جي خبر پيئي تھ ھن منھنجي ڏاڏي کي لکيو تھ سندس ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي. انھن بحري ڌاڙيلن جو دستور ھوندو ھو تھ ھو ھندي وڏي سمنڊ جي اولھائين ڪناري تي سفر ڪندڙ جھازن کان ھڪ قسم جو باج يا خراج وصول ڪندا ھئا، جنھن جي عيوض ھو خراج گذار جھازن کي ھر قسم جون راھداريون يا پروانا ڏيندا ھئا ۽ ان آڌار تي ھو سمنڊ ۾، آزاديءَ سان، واگھرن جي مداخلت کان سواءِ، آمدرفت ڪري سگھندا ھئا. واگھر جو سردار ھاڻي خراج تان دستبردار ٿيو ۽ وعدو ڪيائين تھ جن جھازن کي توھان جو پروانو ھوندو تن کان خراج وصول نھ ڪيو ويندو ۽ نھ راھداريءَ جي طلب ڪئي ويندي. ھن جا شرط قبول ڪيا ويا ۽ ھن اھڙي معاھدي تي دستخط ڪئي، ان بعد واگھرن جي قيدين ۽ جھازن کي آزاد ڪري گھر اماڻيو ويو.

سنبت ١٨٦١ مطابق ١٨٤٥ع ۾، آخر انگريز سرڪار واگھرن جي وڌندڙ سرگرمين کان متاثر ٿي، گومتيءَ ۽ ٻيٽ جي قلعن تي قبضو ڪيو پر گومتي ۽ ٻيٽ، ھندن جون پوتر ياترائون ھيون، تنھنڪري اھي گائڪواڙ جي استدعا تي احمدآباد (1) جي عيوض، ھن جي حوالي ڪيون ويون. اھڙيءَ طرح احمدآباد جو مشھور شھر انگريزن جي ھٿ آيو.

سنبت ١٨٦١، مطابق ٥-١٨٠٤ع ۾ مير فتح علي خان انتقال ڪيو ۽ پڳ مير غلام علي خان کي ملي ۽ ھو ٽالپرن جي خاندان جو حڪمران ٿيو. ھن دانائيءَ سان حڪومت ڪئي.

سنبت ١٨٦٨ مطابق ١٢-١٨١١ع ۾ مير غلام علي رحلت ڪري ويو ۽ مير ڪرم علي ۽ مراد علي، ڪراچيءَ ۽ سنڌ جا والي ٿيا. مير ڪرم علي ۽ سيٺ دريانومل گھرا دوست ھئا، ۽ ھڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا وٺندا ھئا، جا ڳالھھ مير مراد عليءَ کي پسند نھ ھئي.

سيٺ ڀوڄومل کي چارپٽ ھئا. انھن مان سيٺ ٺاڪرداس سنبت ١٨٥٦ مطابق ١٨٠٠-١٧٩٩ع مري ويو. ھن چار پٽ ڇڏيا. ويرومل، ھمٿسنگھھ، نيڻومل ۽ نيڪومل. سيٺ دريانيمل کي ٻھ پٽ ھئا: سيٺ موتيرام ۽ اڌنمل. سيٺ لعلمڻداس کي فقط ھڪ پٽ، ھوتچند ھو. سيٺ ٻلرامداس کي بھ لڇيرام نالي ھڪ پٽ ھو.

اسان جي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو پاڻ ۾ مڪمل اتحاد ھوندو ھو، جنھنڪري ھنن پنھنجي لاءِ ڪافي عزت ۽ اثر پيدا ڪيو ھو. جنھنڪري ھنن پنھنجي لاءِ ڪافي عزت ۽ اثر پيدا ڪيو ھو. ھنن جو ڪاروبار ائين ھلندو ھو، ڄڻ ھڪ ننڍي پيماني تي حڪومت آھي. ھنن کي کاڌي پيتي جي سامان، تنبن ۽ ٻئي ساز و سامان رکڻ لاءِ گڏيل گدام ھوندو ھو. ھڪ وڏي تنبيلي ۾ چاليھھ بھترين نسل جا گھوڙا ۽ گھوڙيون بيٺل ھونديون ھيون. ھڪ ٻئي اڱڻ ۾ پاليل ھرڻ، سھا، مور، ڊيلون، ڪبوتر ۽ ڪٻريون رکيل ھيون. ڪراچيءَ واري گھر جو خانگي خرچ، گماشتن جي پگھارن سميت، ٤٠،٠٠٠ رپيا سال ۾ ھوندو ھو.

سنبت ١٨٦٢ مطابق ٦-١٨٠٥ع ۾، منھنجا ڪي وڏا تيرٿ ڪرڻ لاءِ ٻارين ٻچين ھنگلاج (1) ويا. شھر جا اٽڪل ٢٠٠٠ ماڻھو بھ ھن سان گڏ ھئا. اتي ھنن دان پڃ ۾ ٻانڀڻن فقيرن کارائڻ تي وڏيون رقمن خرچ ڪيون. ھو ڪراچيءَ کان اٽڪل اڍائي مھينا غير حاضر ھئا ۽ سخاوت ۾ ايڏو نالو ڪڍيائون جو ڀٽ ۽ برھمڻ ھنن جي دان جي تعريف جا گانا ڳائڻ لڳا.

سيٺ ھوتچند جو وڏو پٽ پريتمداس سنبت ١٨٦٢، مطابق ٦-١٨٠٥ع کان اڳ پيدا ٿيو ھو ۽ مان (مصنف) ھن کان پوءِ ڄائو ھوس. سنبت ١٨٦٤، مطابق ٨-١٨٠٧ع ۾ اسان کي ٽيون ڀاءُ پرسرام ۽ ١٨٦٧، مطابق ١١-١٨١٠ع ۾ سيٺ ھوتچند کي چوٿون پٽ تلسيداس ڄائو. سنبت ١٨٦٨، مطابق ١٢-١٨١١ع ۾ سيٺ ٻلرامداس گذاري ويو. سنبت ١٨٦٨ مطابق ١٢-١٨١١ع ۾ جي آخر کان سنبت ١٨٦٩ مطابق ١٨١٢ع تائين ھالارا، ڪڇ مارواڙ ۽ آسپاس وارن ملڪن ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ اناج جي سخت اڻاٽ ٿي. ان وقت تائين منھنجن وڏن جو وھنوار ايترو تھ وڌي ويو ھو جو اٽڪل پنج سؤ شھرن ۾ ڪوٺيون ھونديون ھين. ڏڪار جي زماني ۾ ھالار (1)، ڪڇ، ماواڙ ۽ گجرات جي ماڻھن جا ھشام سنڌ ۾ ھر ھنڌ اچي گڏ ٿيا. ان وقت مون کي چڱيءَ طرح سانڀر آھي تھ ان جي ايتري اڻاٺ ھئي جو دنيادار ماڻھو، جن کي سون ۽ چانديءَ جون ٿيليون ھيون، سي بھ بک جو شڪار ٿي ٿيا. سنڌ ۾ جوئر، نانگليءَ (2) ۽ جون جھڙن سادن اناجن جا ٽي- چار سير بھ ھڪ رپئي ۾ نٿي مليا. بي انداز ماڻھو مري ويا. منھنجن وڏن سيٺ دريانيمل ۽ سيٺ لعلمڻداس وٽ ان جون ڪوٺيون ڀريل ھيون ۽ ھنن خيال ڪيو تھ دان ڪرڻ جو، ھن کان بھتر موقعو ٻيو ڪونھ ملندو. تنھنڪري ھنن ان مفت تقسيم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سواءِ ذات پات جي تميز جي، ھندو ھجي يا مسلمان يا ڪو ٻيو. مطلب تھ جنھن کي ان جي ضرورت ھئي تنھن کي في ماڻھو، روزانو سير ٻاجھريءَ يا چانورن جي حساب سان ملندو ھو. دان جو ڪم ڪوٺيءَ جي پٺئين در وٽ ھلندو ھو. گھڻا آسودا ماڻھو مجبوريءَ سبب، منھن ڍڪي وڃي خيراتي ان وٺندا ھئا. سيٺين کي خبر پئي تھ گھڻن معزز خاندانن کي پيسي تي بھ ان ڪونھ ٿو ملي ۽ ھنن کي ڏينھن ڏٺي جو، بلڪ رات جو بھ، سيٺين جي دان جي فائدي وٺڻ کان شرم ٿو اچي، ڇاڪاڻ تھ ھو ڊڄن ٿا تھ ڪوٺيءَ جي ڏيئن جي روشنائيءَ تي ڪو کين سڃاڻي نھ وٺي. تنھنڪري ھنن حڪم ڏنو تھ آئنده گدام ۾ رات جو ڏيا گل ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبھ مرد يا عورت ھٿ ڊگھيري تھ ان کي سير ان جو ڏيو.

تنھن کان پوءِ، ڪيترن آسودن خاندانن، جن کي دنيا سان بھ ان نھ پئي مليو، سيٺ جي سخاوت جو فائدو ورتو. وري جڏھن منھنجن وڏن کي خبر پئي تھ گھڻن گھرن ۾ اھڙيون وڌوائون ۽ اپاھج رھن ٿا، جن کي ٻاھر نڪرڻ جي طاقت نھ آھي، تڏھن انھن جي گھرن ڏانھن اڳواٽ مھيني جي سيڌي سامان موڪلڻ جو انتظام ڪيائون.

سنڌ جي سري ۾، ڪڇ ۽ ھالار جي ڪيترن غريبن پنھنجا پٽ ۽ ڌيئرون وڪڻي ان خريد ڪيو. منھنجي وڏن جي گماشتن بھ اٺ ڏھھ ماڻھو خريد ڪري ڪراچيءَ موڪليا. ڪراچيءَ ۾ انھن جي خاطر خواه پرورش ڪئي وئي. جڏھن ھو ساماڻا ۽ ڪمائيءَ جھڙا ٿيا، تڏھن ھنن کي آزاد ڪيو ويو. قحط ست اٺ مھينا شدت سان ھليو. تنھن کان پوءِ ڌڻيءَ جي ديا ٿي ۽ وري سڪار ٿيو.

سنبت ١٨٦٨ (١٢-١٨١١ع) ۾ مير غلام علي سنڌ جو والي، رحلت ڪري ويو. ھن جي وفات کان اڳ سنبت ١٨٦٨ (١٢-١٨١١ع)، اسان دريانيمل جن پٽ سيٺ موتيرام جي شاديءَ تي حيدرآباد وياسين. ڪراچيءَ مان اسان سان اٽڪل ٥٠٠ ماڻھو ھليا ھئا حيدرآباد ۾ سيٺ دريانومل ۽ سيٺ لعلمڻداس، مير غلامي عليءَ وٽ ملاقات لاءِ ويا. مان انھن سان گڏ ھوس. مون کي اڄ تائين ھنن جي گفتگو چٽائيءَ سان ياد آھي.

مير غلام عليءَ کان پوءِ مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي گڏجي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا. مير غلام عليءَ ھڪ پٽ نورمحمد(1) نالي ڇڏيو، جنھن کي پڳ ملي، پر ھو صغير ھو، انھيءَ ڪري ھن جي نالي ۾، ھن جا چاچا، ناظم جي حيثيت ۾ حڪومت جو ڪاروبار ھلائيندا ھئا.

سنڌ، ڪابل ۽ قنڌار يعني افغانستان جي ماتحت ھوندي ھئي ۽ سال ۾ ٠٠٠، ٩٠٠ رپيا خراج ڀريندي ھئي. ميرن جا ايلچي، ڪابل جي دربار ۾ رھندا ھئا ۽ شاھھ سجاول صدوزئي(2) جي زماني تائين رھندا آيا ڪجھھ وقت کان پوءِ شاھھ سجاول ۽ ھن جي وزيرن فتح خان (3) ۽ عظيم خان بارڪزئي جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا. شاھھ، فتح خان جون اکيون ڪڍرايون، ان تان سخت تڪرار ٿيو، جنھن جو انجام اھو نڪتو جو شاھھ سجاول شڪست کائي لڌياني ۾ وڃي پناھھ ورتي. فتح خان ۽ عظيم خان، پايندي خان وزير جا پٽ ھئا. ھنن پنھنجي حڪومت ھرات کان ڪشمير تائين، بلڪ پنجاب جي پسگردائيءَ تائين وڌائي ھئي.

سنبت ١٨٧١، مطابق ١٥-١٨١٤ع ۾، سيٺ ھوتچند کي ٻيو پٽ، سکرامداس ڄائو. سنبت ١٨٧٣ مطابق ١٧-١٨١٦ع ۾ منھنجي وڏي ڀاءُ پرتمداس ۽ منھنجي شادي ٿي ۽ سيٺيون ساٺن – ڳنن لاءِ سيوھڻ ويا. اسان سان ٢٠٠ اٺ ۽ ٨٠ گھوڙا ھئا ۽ ٽن مھينن کان پوءِ ڪراچيءَ موٽياسين. انھن شادين تي اسان جي وڏن کي ڳاٽي ڀڳو خرچ ڪرڻو پيو ھو.

سنبت ١٨٧٥، مطابق ١٩-١٨١٨ع ۾، سيٺ ھوتچند کي ٻيو پٽ، گوپالداس پيدا ٿيو. سنبت ١٨٦٧، مطابق ١١-١٨١٠ع ۾ قنڌار جو وزير اعظم خان، ھڪ وڏي فوج وٺي سنڌ تي ڪاھي آيو. ھن جو لاڙڪاڻي تائين ڪنھن بھ مقابلو ڪونھ ڪيو لاڙڪاڻي ۾ ھن سان اميرن ملاقات ڪئي ۽ ھو نولک رپيا خراج وٺي خوش ٿي واپس ويو. تنھن کان پوءِ جلد ئي خراسان (1) ۾ حالتون خراب ٿيون ۽ رنجيت سنگھھ جي اڳواڻيءَ ۾ سکن زور ورتو. رنجيت سنگھھ، اتر ۽ ڪشمير فتح ڪيو ۽ ڏکڻ ۾ ملتان تائين قبضو ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ جي ميرن خراسان يا سکن کي خراج ڪونھ ڏنو.

سنبت ١٨٧٢ (١٦-١٨١٥ع) ۾، سيٺ ڀوڄومل جي زال شريمتي پارپي ٻائيءَ جو ديھانت ٿيو ۽ سنبت ١٨٧٣ (١٧-١٨١٦ع) ۾ چار ڀائر (سيٺ ڀوڄومل جا پٽ) پنھنجي ملڪيت ھڪجيترن حصن ۾ ورھائي ھڪٻئي کان جدا ٿيا. متحرڪ ملڪيت، جايون، گھر، جھاز، ڪوٺيون، سڀ ھڪجيترن حصن ۾ ورھايائون ۽ ھڪ ھڪ ڀاءُ کي ھڪ حصو آيو. ھن کان پوءِ ھر ھڪ جدا پنھنجي ليکي وھنوار ڪندو ھو. فقط مسقط واري ڪوٺي، جنھن جو ايراني نار، بصري ۽ بوشائر ۾ سيٺ ڀوڄومل جي نالي سان وڏو واپار ھلندو ھو، ھڪ يورپي جھاز، جيڪو ڪارخاني جي ملڪيت ھو، اھو گڏجي استعمال لاءِ رکيائون.

سنبت ١٨٧٧ (٢١-١٨٢٠) ۾ سيٺ دريانومل گذاري ويو. ساڳئي سال ١٨٧٧ (٢١-١٨٢٠ع) جي پڇاڙيءَ ۾، سيٺ ھوتچند کي ستون پٽ ليکراجمل ڄايو جڏھن سيٺين، يعني سيٺ ڀوڄومل جي پٽن پاڻ ۾ ملڪيت تقسيم ڪئي ھئي، تڏھن سيٺ ڀوڄومل جو مدفن خزانو زمين مان کوٽي ڪڍيو ھئائون. اٽڪل پنج ڇھھ ٺڪر جا مٽ، جن مان ھر ھڪ ۾ ٽي مڻ ڳڙ يا مستيءَ جا پئجي وڃن، سونين مھرن، سيتارامن (1) ۽ پراڻن چاندي جي سڪن سان ڀريل، اسان جي گھر جي ڀرسان ھڪ جاءِ ۾ پوريل ھئا، جنھن کي سيٺ خوبچند جو گدام چوندا ھئا. خزاني مٿان پنج سؤ مڻ گگر جا (1) پاڻيءَ ۾ ڳوھي لنبيا ويا ھئا. زمين اھڙي تھ سخت ٿي ويئي ھئي، جو مٽن کوٽي ڪڍڻ ۾ ويھن ماڻھن کي مھينو لڳو.

انھيءَ وچ ۾، سيٺ ڀوڄومل جي چئن پٽن مان ٽي پٽ دريانومل، ٺاڪرداس ۽ ٻلرامداس گذاري ويا. باقي منھنجو ڏاڏو لعلمڻداس وڃي بچيو. ھو واپار جي ڪم ۾ ڏاڍو ڀڙ ھوندو ھو ۽ سنڌ ۾ سڀڪو سڃاڻندو ھوس. ھن جو سڄو خيال پنھنجي ڌنڌي ۾ ھوندو ھو. ھن پنھنجو ڪاروبار گھڻو وڌايو، جنھن مان کيس ججھو فائدو ٿيو.

سيٺ دريانيمل ٻھ پٽ ڇڏيا: سيٺ موتيرام ۽ اڏيرنومل، سيٺ لعلمڻداس کي فقط ھڪ پٽ، سيٺ ھوتچند ھو، جنھن کي ست پٽ ھئا. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي تھ سيٺ ٺاڪرداس کي چار پٽ ھئا: ويرومل، ھمٿ سنگھھ، نيڻومل ۽ ٽيڪومل. سيٺ ٻلرامداس کي فقط ھڪ پٽ، سيٺ لڇيرام ھو، جنھن کي ڪوبھ پٽ ڪونھ ڄائو ھو. ھو مري ويو تھ ھڪ ڌيءَ ڇڏيائين.

سيٺ لعلمڻداس جي پوين بھ واپار شروع ڪيو. ٻين جو اولاد عيش عشرت ۾ ڪاھجي پيو ۽ پنھنجو ڪاروبار منين جي حوالي ڪيائون. انھيءَ حماقت ڪري انھن کي وڏا نقصان سھڻا پيا. تنھنڪري ھنن جي بمبئيءَ واريءَ ڪوٺيءَ جي منيب گدومل وٽ جيڪا موڙي ھئي، سا سموري ڪڍرائي ورتائون، سواءِ ٥٠،٠٠٠ رپيا جي، ھنن سيٺ ڀوڄومل جي نالي ڇڏيا.

گدومل پوءِ جلدي گذاري ويو ۽ ھن جي ٻن پٽن گلابراءِ ۽ وسرامداس سيٺين جي نوڪري ڇڏي، پنھنجي ليکي ڌنڌو شروع ڪيو. ھنن ڪشمير بنگال ۽ چين تائين ڪوٺيون کوليون. ھنن ٽي سال چڱو واپار ڪيو. پر پوءِ ھنن جو ڌنڌو بيھجي ويو ھنن جي پيءُ وٽ ٥٠،٠٠٠ رپيا، جي سيٺ ڀوڄومل جي نالي امانت رکيا ويا ھئا، سي رھجي ويا.

سنبت ١٨٧٤ (١٨-١٨١٧ع) ۾، سيٺ لعلمڻداس نظر کان ويھجي ويو ۽ مان (نائونمل) ھميشھ ھن جي حاضري ۾ رھندو ھوس. جڏھن مان يارھن ورھين جو ھوس تھ روزنامچي لکڻ جو ڪم ۽ ڪراچيءَ جي ڪوٺيءَ جي وھنوار جو ڪاروبار منھنجي حوالي ڪيو ويو. شام جو ڇھين بجي کان وٺي رات جو اٽڪل ڏھين بجي تائين روز گماشتن ڏانھن واپار جي باري ۾ چٺيون لکندو ھوس. لکپڙھھ ھندو، سنڌي، پنجابي ۽ گجراتي اکرن ۾ ٿيندي ھئي. بعضي بعضي تھ وقت تي ويھھ ويھھ سڄا پنا بھ لکڻا پوندا ھئا.

ڪجھھ وقت کان پوءِ، سيٺ لعلمڻداس جو ڌنڌو چڱو وڌي ويو. ٻين ٽن ڀائرن جو اولاد عيش عشرت ۾ وقت گذارڻ لڳو ۽ پنھنجو ڪاروبار گماشتن جي حوالي ڪري ڇڏيائون. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي، جنھنڪري ھنن کي وڏو نقصان پيو. تنھنڪري ھنن کي حسد ٿيو ۽ سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام، سيٺ لعلمڻداس سان وڙھڻ لڳا.

مسقط واريءَ ڪوٺيءَ جي گماشتي جو نالو پريمراءِ ھو. اھا ڪوٺي، جيئن اڳي چيو ويو آھي تھ سيٺ ڀوڄومل جي نالي ھلندي ھئي ۽ ان ۾ سڀني ڀائرن جو گڏيل حصو ھو. گماشتن موقعو وٺي سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام کي جھيڙي ڪرڻ لاءِ ڀڙڪايو. ھنن سيٺ لعلمڻداس تي الزام لڳايو تھ ھو ساڳيءَ جاءِ، جتان اڳ ٥-٦ مٽ نڪتا ھئا، جي ٻيءَ ڪوٺيءَ مان ٽي مٽ ٻيا سون ۽ چانديءَ جا کوٽائي ھضم ڪري ويو ھو. ھنن جو چوڻ ھو تھ سيٺ دريانيمل سکيا ڏينھن گذاريا ھئا. ٺاڪرداس سنبت ١٨٥٦ (١٨٠٠-١٧٩٩ع) ۾ گذاري ويو ھو، ۽ سيٺ ٻلرامداس کي جو بھادريءَ لاءِ مشھور ھو پر لکپڙھھ مان گھڻو نھ ڄاڻندو ھو، خانداني وھنوار سان گھڻي دلچسپي ڪانھ ھوندي ھئي. تنھنڪري سيٺ لعلمڻداس ئي سمورو خانداني ڪاروبار ھلائيندو ھو. وڌيڪ چيائون تھ اسان کي وڏن جي ملڪيت جي باري ۾ ڪابھ خبر ڪانھ آھي. اھو بھ پتو نھ آھي تھ وراست ڪيئن ڪئي وئي ھئي. تنھنڪري ھنن گھر ڪئي تھ حساب – ڪتاب نئين سر ڪيو وڃي. سيٺ موتيرام مير ڪرم عليءَ کي شڪايت لکي موڪلي تھ لعلمڻداس، جو گڏيل ڪارخانو سنڀاليندو آھي، جو اسان کي حساب – ڪتاب نٿو ڏئي. مير کي پنھنجي سرڳواسي دوست سيٺ دريانيمل لاءِ عزت ھوندي ھئي، تنھنڪري ھن ٺٽي جي عملدار، حافظ، کي لکيو تھ ڪراچيءَ وڃي ھنن جو فيصلو ڪر. ھن جي اچڻ تي سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام پنھنجي ٻڍي چاچي خلاف نھايت اڻ سھائيندڙ الزام لڳايا، جن جي ٻڌائڻ لاءِ ھڪ سارو داستان کپي. آخر فيصلو خود ميرن جي ذمي ڪيو ويو. اسان بندين جا (سنبت ١٨٢٠ مطابق ٦٦-١٨٦٥ع کان وٺي) ڇھھ اٺ ڀري، حيدرآباد لاءِ روانا ٿياسين. منھنجو پيءُ سيٺ ھوتچند ۽ مان بھ انھن سان سوال – جواب لاءِ وياسين. اسان مير ڪرم عليءَ سان ملاقات ڪئي. ھن ٻنھي، سيٺ موتيرام ۽ سيٺ ھوتچند کي پاڻ سان گڏ ساڳيءَ کٽ(1) تي ويھاريو ۽ ٻنھي جي ڳچيءَ ۾ ٻانھن وجھي چيائين تھ: ”مون دريانيمل جي مٿي تي سوني پڳ رکي ھئي، ھاڻي منھنجي مرضي آھي تھ توھان کي ھيرن جي پڳ پھرايان. پاڻ ۾ نھ وڙھو، جيڪڏھن توھان مان ڪنھن کي پئسن جي لالچ آھي تھ منھنجي خزاني ۾ توھان کي ڏيڻ لاءِ ڪافي دنيا آھي، جيڪي کپيو، سو کڻو، پر پاڻ ۾ نھ وڙھو.“ اتي موتيرام ڪجھھ شرمسار ٿيو ۽ عرض ڪيائين تھ پئنچات (2) نواب ولي محمد(3) جي اڳيان اسان جي ڪاغذن جي جاچ ڪري.

آخر ھڪ جڳھھ مقرر ڪئي وئي ۽ پئنچات سڄا سارا ڇھھ مھينا ويھي دفتر جي چڪاس ڪئي. ان کان پوءِ پئنچات سيٺ موتيرام، ويرومل ۽ لڇيرام جي فائدي ۾ فيصلو ڪيو ۽ حڪم ڪيائون تھ مسقط واريءَ ڪوٺيءَ جو ڪاروبار بند ڪري، خانگي طرح فيصلو ڪيو وڃ


پوءِ اسان ڪراچيءَ آياسين. پر موتيرام ۽ ھن جا سؤٽ فيصلي تي راضي نھ ٿيا۽ سنبت ١٨٨٢ (٢٦-١٨٢٥ع) ۾ اسان وري حيدرآباد وياسين، جتي اسان جو پوڙھو ڏاڏو بھ گڏجي ھليو. مير ڪرم عليءَ کي ھن جي معذوريءَ تي ڏاڍو ترس آيو ۽ موتيرام کي ڏاڍي ڇنڊ ڪڍيائين تھ تو خاندان جو نالو ٻوڙيو آھي. موتيرام ھن جو چيو نھ ڪيو ۽ الٽو مير مراد عليءَ کي رومي بندوقون ۽ ٻيا قميتي تحفا ڏئي، ٺاھڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر جھيڙي جو نبيرو ڪونھ ٿيو ۽ اسان ڇھن مھينن کان پوءِ ڪراچيءَ موٽي آياسين، جتي اسان کي ڪيترن تڪرارن جا فيصلا ڪرڻا پيا. وري سنبت ١٨٨٤ (٢٨-١٨٢٧ع) ۾ منھنجي پيءُ سيٺ ھوتچند ۽ مون کي مير مراد عليءَ جي سڏ تي حيدرآباد وڃڻو پيو، جتي سيٺ موتيرام ھن وٽ ڪا شڪايت ڪئي ھئي. اتي گھڻو ڪجھھ وھيو واپريو. مختصر لفظن ۾، آخر منھنجن ٻن سالن ديوان(1) ھيرانند ۽ ھاسارام ۽ سيٺ موتيرام جي ٻن نياڻن، ديوان ڪان سنگھھ ۽ ديوان اننوراءَ خيرپور وارو، جو بھ ان وقت حيدرآباد ۾ ھو، تن کي خيال آيو تھ ڌرين جو ڪيترو اجايو خرچ آيو آھي، سو ويھي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تھ وچ ۾ پئي سڀني اختلافن جو دوستانو فيصلو ڪرڻ کپي. انھن جي چوڻ تي اسان مير ڪرم عليءَ ۽ مير مراد عليءَ کان موڪلائي، پار ڪوٽڙيءَ (2) وياسين، جتي چيائون تھ اسان صلاح ڪري توھان کي پنھنجو فيصلو ٻڌائينداسين. آّخر رات جو دير سان، سنڌونديءَ جي ڪناري تي گھڻيءَ ردبدل کان پوءِ منھنجي پيءُ کي چيائون تھ تون مائٽيءَ جو ننگ سڃاڻي، پنھنجن سوٽن جو سقيم حال ڏسي، کين ٤٢،٥٠٠٠ رپيا ڏي. منھنجي پيءُ صاف انڪار ڪيو ۽ چيائين تھ ھڪ پائيءَ بھ غير واجبي طور نھ ڏيندس. پوءِ مون ڏي منھن ڪري ٻاڏائي چيائون تھ تون وچ ۾ پئي اسان جي مدد ڪر. مان ڏاڍو ششدر ٿيس ۽ لاچار پيءُ جي مرضيءَ خلاف ۽ ھن ڪاوڙ ۾ غصي ھوندي، ھنن کي پنھنجي نالي، مذڪور رقم جي ھنڊي لکي ڏنم، جا قسطن ۾ ادا ڪرڻي ھئي. تنھن کان پوءِ اسان وري کير کنڊ ٿي وياسين ۽ رستي ۾ گڏ کائيندا پيئندا، ڪراچيءَ واپس آياسين.

سنبت ١٨٧٧ (٢١-١٨٢٠ع) ۾ مون کي پٽ ڄائو، پر ھو گھڻو وقت نھ رھيو. سنبت ١٨٧٨ (٢٢-١٨٢١ع) ۾ سيٺ پريتمداس کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو سيرومل رکيائون. ھن کي ٻھ ڌيون ڄايون، ھڪ سنبت ١٨٨٢ (٢٦-١٨٢٥ع) ۾، جنھن کي آچل ٻائي چوندا ھئا ۽ ٻي سنبت ١٨٨٢ (٢٦-١٨٢٥ع) ۾ جاپيوند ٻائي ڪري سڏبي ھئي. سنبت ١٨٧٩ (٢٣-١٨٢٢ع) ۾ منھنجي ڌيءَ بيگي ٻائي ڄائي ۽ ١٨٨١ (٢٥-١٨٢٤ع) ۾، منھنجي ٻي ڌيءَ اتم ٻائي پيدا ٿي. سنبت ١٨٨٤ (١٨-١٨٢٧ع) ۾، فيصلي کان پوءِ، ڪراچيءَ موٽندي، اسان کي ڪوٽڙيءَ ۾ اھا خوشخبري ملي تھ منھنجي وڏي ڀاءُ سيٺ پريتمداس کي ٻيو پٽ، جنھن جو نالو آتمارام رکيو ويو ھو، ڄائو ھو. اسان جڏھن ڪراچيءَ جي ويجھو ملير ۾ پھتاسين تھ اتي ٻي واڌائي ملي تھ منھنجو پٽ ٽيڪمداس پيدا ٿيو ھو.

سنبت ١٨٨٥ (٢٩-١٨٢٨ع) ۾، منھنجو ڀاءُ پريتمداس جو وڏو پٽ سيرومل ماتا ۾ گذاري ويو. ھندڪي رواج موجب منھنجي ڏاڏي لعلمڻداس جي مرضي ھئي تھ اسان مان ڪوسيرومل جي ڪرياڪرم لاءِ دوارڪا جي مشھور تيرٿ تي وڃي. وڃڻ لاءِ گھڻائي تيار ھئا پر منھنجي ڏاڏي انھيءَ ڪم لاءِ مون کي پسند ڪيو. چيائين تھ مان پاڻ دوارڪار، ياترا لاءِ سنبت ١٨٤٢ (١٧٨٦ع) ۾ ويو ھوس ۽ ان کان پوءِ وري وڃي نھ سگھيو آھيان. ائين برابر آھي تھ توکي گھر ۾ گھڻو ڪم آھي، پر چڱو ٿيندو تھ ٿورو وقت وڃي دوارڪا جي پوتر پاڻيءَ ۾ سنان ڪري اچ. اسان لاءِ ”ھارونگر“ نالي ھڪ ڪنيا يعني ٻن عرضن واري ٻيڙي جا اسان جي پور بندر واري ڪوٺيءَ جي ملڪيت ھئي، تيار ڪئي ويئي ۽ مان دوارڪا لاءِ روانو ٿيس. دوارڪا کان مان گومتي رستي، ”ٻيٽ“ ڏانھن ويس، جا بھ ھڪ پوتر جڳھھ آھي جو اتي ھڪ ھندن جو مندر آھي.

مان ٻيٽ ۾ ھوس تھ منھنجي ڏاڏي، ھڪ خاص قاصد جي ھٿان، مڇوي ۾، نياپو موڪليو تھ مون کي بحرين جي گماشتن وٽان اطلاع مليو آھي تھ عربي سمنڊ ۾ عطوفي (1) ڌاڙيل نڪري پيا آھن، تنھنڪري تون احتياط کان ڪم وٺجانءِ ۽ اسان جي اجازت کان سواءِ ڪراچيءَ موٽڻ جي نھ ڪجانءِ. پر جيڪڏھن تنھنجي مرضي ھجي تھ ڀل خشڪيءَ رستي مانڊوي (1) (مدائي) کان اچ يا تون وڃي پوربندر (2) ۾ اسان جي ڪوٺيءَ تي مھينو اڌ رھھ، جيستائين بحرين کان ڪا وڌيڪ خبر اچي. مان اھو خط پڙھي ڏاڍو خوش ٿيس، ڇاڪاڻ تھ ڳالھھ منھنجي دل وٽان ھئي. مان ساڳئي ڏينھن پور بندر روانو ٿي ويس. پوربندر ۾ پھتس تھ منھنجي دل و جان سان آجيان ڪئي ويئي ۽ ماڻھو مون کي وڏي شان سان جلوس ۾ وٺي ويا.

اسان جي ھڪ صديءَ جي بھ وڌيڪ عرصي کان پوربندر ۾ ڪوٺي ھوندي ھئي. پوربندر جو محصول، سال ۾ ٽن لکن راڻا شاھي ”ڪوڙين“ (3) ۾ نيلام ٿيندو ھو. فقط اسان جي ڪوٺي پنھنجي مال تي سال ۾ چاليھھ ھزار ڪوڙيون محصول ڀريندي ھئي. ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ اسان جي پوربندر واري ڪوٺي جو ڪيڏو وھنوار ھلندو ھو.

پور بندر جي راڻي جو نالو پرٿيراج ھو. ھو ان وقت پنھنجي تختگاھھ ۾ نھ پر راڻا واھھ ۾ ھڪ قلعي ۾ رھندو ھو. جو پوربندر کان فقط چئن ڪوھن (1) جي مفاصلي تي ھو. راڻي کي جنھن وقت منھنجي اچڻ جي خبر پئي تھ مون ڏي ماڻھو موڪليائين ۽ مان وٽس. ملاقات لاءِ ويس. ھن منھنجي نھايت شفقت سان آجيان ڪئي ۽ منھنجي اچڻ تي خوشيءَ جو اظھار ڪيائين. مان راڻاواھھ ۾ ھن وٽ ٽي ڏينھن رھيس. تنھن کان پوءِ مون کي رخصت ڏنائين. چيائين تھ ھن وقت منھنجو علاج ٿي رھيو آھي، مان پنڌرھن ڏينھن کان پوءِ پوربندر ايندس. تون اتي مون سان گڏبين تھ مان نھايت خوش ٿيندس. پنڌرھن ڏينھن کان پوءِ راڻو پوربندر آيو، ۽ اچي منھنجي محل ۾ رھيو. شام جو پنجين کان ساڍي ستين بجي تائين درٻار ٿيندي ھئي، جتي مان سندس فرمائش مطابق روز ويندو ھوس. راڻو پنھنجي تخت جي وچ تي رھندو ھو، ھن جي سڄي پاسي ھن جو ڀاءُ راڻو رام سنگھھ ۽ کٻي پاسي گونل جي راجا جو ڀاءُ موتي ڀائي، جو پنھنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي اچي راڻي پرٿيراج وٽ رھيو ھو، ويھندا ھئا. مون کي راڻي جي ڀاءُ، رام سنگھھ (2) جي ڀرسان ويھاريو ويندو ھو. درٻار ۾ اٽڪل ستر – اسي ماڻھو ايندا ھئا. ھو سڀ قطارون ڪري ويھندا ھئا. درٻار ۾ ھندستان جون ٻھ ڪنڃريون ناچ (3) ڪنديون ھيون. درٻارين کي آفيم (1) جو چمچو پيش ڪيو ويو، جو ھڪ رڪابيءَ ۾ رکيل ھو. مون کي بھ شريڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، پر مون انڪار ڪيو، جنھن تي راڻي پاڻ پنھنجي ھٿ سان پٻڻ جي ھڪ ڏوڏيءَ جيترو سڪل آفيم ڏنو، جنھن جي وٺڻ کان مان انڪار نھ ڪري سگھيس. مون کي آفيم روز ڏيندا ھئا، جو آءٌ راڻي ۽ درٻارين کي خوش ڪرڻ لاءِ، وٺي وات ۾ پاسي کان رکي ڇڏيندو ھوس ۽ مجلس برخاست ٿيڻ کان پوءِ ٿوڪاري ڦٽي ڪندو ھوس. پر ان جو ست تھ ضرور اندر جذب ٿي ويندو ھو، ۽ باقي ڦوڳ ٻاھر اڇليندو ھوس.

ھڪڙي ڏينھن راڻي مون کي خانگي طرح گھرائي چيو تھ ’پوربندر ۾ منھنجو منيب اتمچند گانڌيءَ نالي ھڪ ھندو آھي. ھن کي سال ۾ ٽيھھ ھزار ڪوڙيون (يعني ١١٠٠٠٠ سرڪاري رپيا) وظيفو ملندو آھي. مون کي تنھنجي لاءِ عزت آھي، تنھنڪري منھنجي مرضي آھي تھ اھا جاءِ توکي ڏيان.‘ وڌيڪ چيائين تھ ’ مون کي پنجويھھ اعتبار جھڙا جوکيا (2) پنھنجي ذاتي حفاظت لاءِ کپن‘ مون پنھنجي ڏاڏي کي لکيو، جنھن پنجويھھ جوکيا پنھنجن ملازمن مان چونڊي موڪليا. منھنجي ڏاڏي جي مرضي نھ ھئي تھ مان پوربندر جي منيب جو عھدو قبول ڪيان، ڇاڪاڻ تھ مان کانئس پري ٿي پوان ھا، تنھنڪري ھڪدم بمبئيءَ واري منيم (1)، جو ان وقت ڪراچيءَ ۾ موڪل تي آيل ھو، ۽ منھنجي ڀاءُ پرسرام کي موڪليائين تھ مون کي واپس وٺي اچن.

راڻي کي جيڪي جوکيا جان جي حفاظت لاءِ موڪليا ھئائين، تن کي ھن پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکيو ھو ۽ ھو رات ڏينھن ھن جي خوابگاھھ تي پھرو ڏيندا ھئا. راڻي جي وڏي زال ھن کان بدظن ٿي چڪي ھئي. ھن کي فقط ھڪ پٽ ھو ۽ سندس مرضي ھئي تھ راڻو انھيءَ جي حق ۾ دستبردار ٿئي. راڻي اھا ڳالھھ نھ پئي مڃي ۽ چيائينس تھ ڪجھھ وقت ترس انھيءَ تي ھنن جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي پئي. راڻي کي ھن مان ھر وقت حياتيءَ جو خوف رھندو ھو. تنھنڪري ھن کي پنھنجي لاءِ خاطريءَ جھڙا نوڪر کپندا ھئا.

پرسرام ۽ نارومل کي ھدايتون مليل ھيون تھ مون کي ھڪدم واپس وٺي اچن ۽ مان ھنن جي اچڻ تي راڻي وٽ ويس ۽ چيومانس تھ ’ڏاڏي جو حڪم آھي تنھنڪري مون کي ھن وٽ وڃڻو پوندو. منھنجي ڏاڏي جي مرضي آھي تھ توھان جي آڇ قبول ڪريان، پر ڪجھھ وقت لاءِ مون کي ضرور ڪراچيءَ وڃڻو پوندو. ڪراچيءَ مان ڏاڏي سان صلاح ڪندس ۽ ھن جي اجازت وٺڻ جي ڪوشش ڪندس. پر جي اوھين بھ ان باري ۾ کيس لکندؤ تھ مان خوشيءَ سان موٽي ايندس. پوءِ راڻي کان موڪلائي، پرسرام، نارومل ۽ مان پاڻيءَ رستي، ڪراچيءَ روانا ٿياسين، جتي اسان چيٽي (1) جي ڏينھن پھتاسين. آءٌ پوربندر ۾ ساڍا چار مھينا رھيس. موٽڻ وقت، بندر تي اٽڪل ھزار ماڻھن دھلن دمامن سان، مون سان موڪلاڻي ڪرڻ آيا. راڻي موڪلائڻ وقت مون کي سون جا ڪنگڻ، سون جا ھار ۽ ريشمي ۽ اوني شالون ۽ منھنجي ڀاءُ پرسرام کي سونا ڪنگڻ ۽ ريشمي شال ڏني. پوربندر ۾ مان جيترو وقت ھوس اھو ڏاڍو خوش گذريو ھوم.

جڏھن مان اڃان پور بندر ۾ ئي ھوس تھ مون کي ڪراچيءَ مان خبر آئي، تھ سنبت ١٨٨٥ (٢٩-١٨٢٨ع) جي مانگھھ مھيني ۾ مير ڪرم علي خان رحلت ڪري ويو ھو. مان ڪراچيءَ ۾ پھچڻ سان، ڏاڏي کي پيرين پيئي، پوربندر جي ڪوٺيءَ جي حالت کان واقف ڪيو. جيتريقدر مون کي بندين مان خبر پئجي سگھي ھئي. ھو ڏاڍو خوش ٿيو. سنبت ١٨٨٦ (٣٠-١٨٢٩ع) جي پوھھ (2) مھيني ۾، منھنجي گھر واري ۽ ٻار، ڪٽنب جي ٻين ڀاتين سان گڏجي منھنجن ڀائرن پرسرام، تلسيداس ۽ سکرامداس جي شادين لاءِ سيوھڻ ويا. مان ڪراچيءَ ۾ پنھنجي ڏاڏي سان رھيس ويساک جي مھيني ۾، ڏاڍي ٺٺ سان شاديون ملھائي موٽي آيا. سنبت ١٨٨٦ (٣٠-١٨٢٩ع) جي چيٽ ميھني ۾، سيٺ دريانيمل جو ٻيو پٽ، سيٺ اڏيرنومل گذاري ويو. ان کان مھينو پوءِ، دريانيمل جي وڏي پٽ، سيٺ موتيرام دم ڏنو. سنبت ١٨٨٧ (٣١-١٨٣٠ع) جي ڦڳڻ مھيني جي ويده (پنچم) منھنجي ڏاڏي لعلمڻداس، نھايت عجيب ۽ پراسرار حالت ۾ پر ان تياڳيا. ھن کي ھڪ اک ۾ خارش ھئي ويده پيچم ڦڳڻ (1) جي صبح جو ھن چلم پئي ڇڪي ۽ اسان ڏٺو تھ ٻڏو ٻڏو ٿي ويو ۽ حقي جي ڦوڪ سان نڙ بھ اندر وات ۾ ٿي ويس. اسان پڇيس تھ سنان ڪندا؟ جواب ڏنائين تھ جيڪا توھان جي آگيا. تنھنڪري ھندو رواج مطابق ھن کي سنان ڪرائي کٽ (2)تي ليٽايو ويو. پوءِ رپين، مھرن ۽ سيتارامين جي مٺ ڀري دان ڪرڻ لاءِ ڏنيمانس. سڪا مٺ ۾ وٺي، انھن جو وزن معلوم ڪري مون کي چيائين تھ ھاڻي ورھاءِ. ھن کي سوين ماڻھو ڏسڻ آيا ۽سڀني جي سوالن جا جواب صاف ۽ چٽي آواز ۾ پئي ڏنائين. تنھن کان پوءِ، ھمٿ سنگھھ ۽ بھارمل ۽ مون کان سواءِ، ٻين سڀني کي ڪمري مان ٻاھر وڃڻ لاءِ اشارو ڪيائين. ان وقت ڪراچيءَ ۾ ميرن جو مکيھ عملدار، جمعدار الھرکيو نياز ڪرڻ ۽ طبيعت پڇڻ آيو ھو. الھرکيو ڪوٺيءَ جي ٻاھران کليل اڱڻ ۾ بيٺو ھو، ۽ منھنجي ڏاڏي صاف ۽ بلند آواز ۾ چيس تھ ”مھربان سائين، ڀڳوان جي ديا کپي.“ اڃا جمعدار الھرکيو ويو تھ ھن جي ڏکيل اک ڦرڻ لڳي ۽ تاري جو رنگ ڳاڙھو لعل ٿي ويو ۽ اک ڇنڀ ۾ ڌڻيءَ کي ياد ڪندي، ھن جو آتما پروان ڪري ويو، ڄڻ تھ ھو ئي ڪو نھ.

ھن جي چکيا وغيره تي گھڻو خرچ آيو. ٻھ مھينا ساندھھ سڀڪنھن طبقي جي ماڻھن ھندن خواھھ مسلمانن، مردن ۽ زالن کي کارايو ويو. ھندو اسان وٽ اچي کائيندا ھئا ۽ مسلمانن کي گھرن ۾ کاڌو موڪليو ويندو ھو. ڪئين ماڻھو جدا جدا ھنڌان پرچاڻي ڪرڻ لاءِ آيا. انھن سڀني کي روٽي پاڻي ڏنو ويندو ھو. ڪراچيءَ جي نزديڪ رھندڙ ماڻھن کي حب، مگر پير(1) ۽ ملير تائين، سيڌو سامان موڪليو ويو.


_______________
(1) ديوان ھڪ اعزازي لقب آھي، جو سنڌ ۾ عام طرح معزز ھندن جي نالن سان استعمال ٿيندو آھي. گھٽ درجي وارن عملدارن کي منشي چئبو آھي.

(2) ڪوٽڙي، حيدرآباد کان چار – پنج ميل سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي آھي. اڳي اتي ڪراچيءَ سامان موڪلڻ لاءِ گھاٽ ھوندو ھو ۽ جيستائين ريل پنجاب سان نھ ڳنڍي وئي ھئي. تيستائين ڪوٽڙي انڊس اسٽيم فلوٽيلا جو صدر مقام ھئي.

(1) عطوفي، جنھن کي عطوبي بھ لکندا آھن، ھڪ عرب قوم جو نالو آھي، جنھن ١٧٧٩ يا ١٧٨٤ع ۾ بحرين جا ٻيٽ ۽ موتين جون کاڻيون فتح ڪيون ھيون. ھو مسقط ۽ ايران جا خراج بردار ھئا. ١٨٦٧ ۾ ايرانين بحرين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ١٨٧٥ع ۾ ترڪن. پر انگريزن جي مداخلت ڪري بحرين ھاڻي آزاد آھي.

(1) مانڊوي ڪڇ جي ڏکڻ ۾ ھڪ اھم بندرگاھھ آھي.

(2) پوربندر ڪاٺياواڙ جي ڏکڻ ۾ مشھور بندر ۽ رياست آھي.

(3) ”ڪوڙي“ ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جي رياستن جو ننڍڙو رپيو آھي. ان جي قيمت مخلتف ھوندي آھي، پر عموما انگريزن جي رپيي جي قيمت ٻن شلنگن کان ٿوري مٿي ھئي، پر ھن وقت ھڪ شلنگ ۽ چار پينس آھي. ١٨٨٦ع ۾ جڏھن بمبئيءَ جو گزيٽيئر مرتب ڪيو ويو ھو، تڏھن ڪڇ ۾ ٣٧٩ ۾ پوربندر ۾ ٣٠٠ ڪوڙيون، ١٠٠ شاھي رپين جي برابر ھيون. پر پور بندر جو راڻو پنھنجي آمدنيءَ وڌائڻ لاءِ چالاڪي ڪري ڍلون ڪوڙين ۾ وٺندو ھو. ۽ وري ڪافي تعداد ۾ سڪن ٺھرائن کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ھئائين. نتيجو اھو نڪتو جو غريب رعايا کي ڪوڙيون خزاني مان وري وري خريد ڪرڻيون پونديون ھيون. ڪوڙيون، حيدرآباد ۾ مطبع ٿينديون ھيون ۽ اھي غالبا ڪڇ جي سڪي جھڙيون ھونديون ھيون. انگريزن جي رپيي جي مقابلي ۾ ان جي قيمت جو دارومدار ان جي بناوت ۽ صفائي تي ھوندو.

(1) ڪوھھ، ٻھ ميل.

(2) سيٺ نائونمل سان جو پرتڪلف برتاءُ پوربندر ۽ ڪڇ ۾ ڪيو ويو، سو صاف ڏيکاري ٿو تھ ھن جي خاندان لاءِ ڪيتري عزت ۽ تعظيم ھئي.

(3) ناچ، ھندستاني رقاصائن جو مظاھرو.

(1) ممڪن آھي تھ ھي ڀنگ جو چمچو ھجي. ڀنگ زياده پئبي تھ نشو ڪندي، پر ٿوري وٺبي تھ نشو ڪانھ ڪندي ڀنگ لاءِ چون ٿا سرد تر آھي. ڪاٺياوار ۾ ڀنگ اڪثر ڪري مجلسن ۾ ورتائيندا آھن.

(2) جوکيا- ڏسو نوٽ اڳين صفحن تي. اولھھ ھندستان ۾ حيدرآباد دکن تائين ڏيھي حاڪم جوکين کي پاڻ وٽ نوڪر ڪري رکندا ھئا. جيئن شاھھ لوئي – ١١، اسڪاٽلنڊ جا ماڻھو پاڻ وٽ ملازم رکيا ھئا، جي بعضي بعضي ڏاڍو زور وٺي ايندا ھئا. انگريز عملدار انھن کي مڪراني يعني مڪران جا رھاڪو، ڪري سڏيندا ھئا، مڪران، عمان جي نار جي بلوچستان واري حصي کي چوندا آھن.

(1) منيم، يعني منشي.

(1) چيٽي چنڊ يعني چنڊ جي پھرين تاريخ يعني ڦڳڻ مھيني کان پوءِ جڏھن ھندن جو نئون سال شروع ٿيندو آھي.

(2) پھھ يا پوس، ھندو سال جو ڏھون مھينو آھي جو اڪثر جنوريءَ ۾ ايندو آھي.

(1) ڦڳڻ مھيني ۾ چنڊ جي اونداھين جو پنجون ڏينھن، جو ھندن جو سال جو پويون مھينو آھي ۽ اھو اڪثر مارچ ڌاري شروع ٿيندو آھي.

(2) شايد غاليچي بدران غلطيءَ وچان کٽ لکجي وئي آھي، ڇاڪاڻ تھ ھندن کي مرڻ وقت ھميشھ زمين تي ليٽايو ويندو آھي.

(1) مگر پير، ڪراچيءَ کان ١٢ ميل اتر طرف مشھور پاڻيءَ جو تلاءُ آھي، جنھن ۾ گرم چشمن مان پاڻي ايندو آھي. عام مشھور آھي تھ انھن چشمن جو پاڻي صحت بخش آھي. ان جي ڀرسان ھڪ قديم مسلمان وليءَ جو مقبرو آھي، جتي گھڻا ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آھن. انھيءَ تلاءَ ۾ وڏا واڳون يا مگرمڇ آھن. تنھنڪري انگريزن ان جو نالو منگھي پير مان ڦيرائي مگر پير رکيو آھي.

(ڏسو سر رچرڊ برٽن جو ڪتاب ”سنڌ جو ٻيو سفر.“)



(1) ڪاھري اڄڪلھھ ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آھي. ھن وقت ڪلھوڙن جي ڳوٺ جو ڪو نالو نشان ڪونھ آھي، سواءِ خدا آباد جي جو اتان ويجھو آھي.

(2) ڀان ھڪ ننڍو شھر آھي، جنھن ۾ ھن وقت ١٤٢٦ ماڻھو رھن ٿا. اھو شھر الھندي ناري جي ويجھو، ھڪ واھھ تي آھي، جو سنڌونديءَ مان نڪري، سيوھڻ تعلقي ۾، منڇر ڍنڍ ۾ پوي ٿو. سيوھڻ تعلقو اڳي ڪراچي ضلعي ۾ ھو، مگر ھاڻي لاڙڪاڻي جي نئين ضلعي ۾ آھي. اڳي گشتي عملدار، حيدرآباد کان سکر ويندي، سيوھڻ وٽ سنڌوندي ڇڏي اڙل درياءَ وٺندا ھئا، جنھن مان منڇر جو پاڻي سنڌونديءَ ۾ نيڪال ٿيندو آھي. اتان وري الھندي ناري رستي مٿي وڃي، سيوھڻ جي پريان سنڌونديءَ ۾ پوندا ھئا. اھڙيءَ طرح ھو درياءَ جي تکي ۽ ڏکيءَ سير کان پاسو ڪندا ھئا. الھندي ناري تي سنڌ ۾ عمدي ۾ عمدي سارين جي پوک ٿيندي آھي.

(3) سنڌ ۾ زمين جي مالڪن کي ”زميندار” چوندا آھن. گھڻا زميندار وڏين ايراضين جا مالڪ آھن. ھو زمين جي ڍل سڌو حڪومت کي ادا ڪندا آھن ۽ پنھنجون ٻنيون آباديءَ لاءِ پنھنجن ملازمن يا قوم جي ماڻھن کي، اڪثر پيدائش جي مقرر حصي تي، ڏيندا آھن.

(4) شاھھ بندر، جنھن جي لفظي معنيٰ آھي بادشاھھ جو گھاٽ، سنڌونديءَ جي حجامڙي ڦاٽ تي ھڪ قديم ۽ مشھور بندرگاھھ ھو. درياءَ جي رخ بدلجڻ ڪري، ھاڻي خشڪي تي، درياءَ کان ڇھھ ميل پري آھي ۽ ان جي آبادي فقط ٦٧٨ ماڻھن تي وڃي رھي آھي.

(5) ٺٽو، جنھن جي آبادي ھن وقت ٥٩٦٩ ماڻھن جي آھي، لاڙ ۾ دوآبي جي منھن وٽ، لاڙ جو سڀ کان مشھور شھر آھي. گھڻن محققن جو خيال آھي تھ اھو ديبل جو قديم شھر آھي جو اٺينءَ صديءَ ۾ عربن فتح ڪيو ھو. تنھن کان پوءِ اھو دھليءَ جي شھنشاھن جي نوابن جو صدر مقام ھوندو ھو. دھليءَ جي ھڪ بادشاھھ جي پٽ، جو پوءِ شاھجھان جي نالي سان شھنشاھھ ٿيو. ھڪ عاليشان مسجد منجھس ٺھرائي وئي، جا اڃا تائين چڱي حالت ۾ آھي ٺٽو، ھندستان ۾ موتين جي واپار جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ھوندو ھو. اھي موتي عرب، ايراني نار مان کڻي ايندا ھئا. تنھن کان سواءِ اتي قيمتي ريشمي ڪپڙي جا ڪارخانا ھوندا ھئا، مگر ھن وقت اھا صنعت تقريبا ختم ٿي چڪي آھي.

(6) سون مياڻي، ڪراچيءَ کان اٽڪل پنجاھھ ميلن جي مفاصلي تي قلات جي خان جي علائقي ۾، عمان جي نار ۾ ھڪ بندر آھي.

(7) ٻيلو، لسٻيلي جو مکيھ شھر آھي، ڪراچيءَ کان پنجاھھ ميل اتر – اولھھ طرف ھڪ ننڍڙي مقامي رياست آھي. رياست جي سردار کي ڄام چوندا آھن. ھو قلات جي خان جو خراج برادر آھي.

(8) شڪارپور، سري جو پراڻو تختگاھھ آھي، جتان قافلا، بولان جي دڙي کان قنڌار ۽ وچ – ايشيا ڏانھن ويندا ھئا. ١٨٣٩ع ۾، جڏھن انگريزن ڪابل تي چڙھائي ڪئي ھئي، تڏھن شڪارپور انگريزن ۽ شاھھ شجاع جي فوجن جو مرڪز ھو.

(9) چانڊڪو، اتر سنڌ جي، شڪارپور ضلعي ۾ ھڪ تعلقو آھي.

(10) چنا ۽ پنھورن قومون – چنن جي قوم ھاڻي گھڻي اھميت نٿي رکي. انھن کي ڪاھريءَ واريءَ ايراضيءَ ۾ زمينون آھن. پنھورن جي قوم سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آھي. اوائلي راوي لکن ٿا تھ: پنھورن جو سردار ھڪ طاقتور شخص ھوندو ھو.

(1) مٿر يا مترا، گڏيل علائقن ۾ ٣٥ ميل آگري کان اتر – اولھھ طرف آھي. مٿرا اھا جاءِ آھي، جتي ڪرشن ڀڳوان پاڻ کي وندرائيندو ھو ۽ ھندستان ۾ ھندن جو سڀ کان وڌيڪ پوتر تيرٿ آھي. ھاڻي اتي انگريزن جي ڇانوڻي آھي ۽ مٿرا، مٿرا ضلعي جو صدر شھر پڻ آھي.

(1) ڪڇي، اتر – اوڀر سنڌ ۽ قلات جي جبلن جي وچ ۾ ھڪ پٽ آھي.

(2) حب ندي، جا سنڌ کي قلات جي خان جي علائقي کان جدا ڪري ٿي، سا ڪراچيءَ کان ١٦ ميل اولھھ طرف وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿي.

(3) گوادر، عمان جي نار ۾، بلوچستان ۽ ايران جي سرحد تي ھڪ مشھور بندر آھي.

(4) مسقط عمان جي نار جي اولھائين ڪناري تي، گوادر جي سامھون ھڪ مشھور عرب بندرگاھھ آھي. اھو ڪنھن زماني ۾ ترڪن جي قبضي ۾ ھو ۽ پورچوگيرن بھ اتي اچي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو ھو، جنھن جون توبون قلعي جي ڪنگرن تي اڃا نظر اينديون آھن.

(5) بو شھر ۽ شيراز مشھور ايراني شھر آھن ۽ بحرين ڪيترن ننڍن ٻيٽن جو ھڪ ميڙ آھي. بحرين، جتان جا موتي مشھور آھن.

(6) لاھوري (لاھري) بندر ۽ شاھھ بندر ڪنھن زماني ۾ سنڌ جا مشھور بندرگاھھ ھئا. لاھوري بندر سمنڊ کان سورھن ميل اندر، سنڌونديءَ جي ڇوڙ جي کارين جي وچ ۾ ھو ۽ گھاري ڦاٽ جي رستي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل ھوندو ھو. لاشڪ اھو بھ شاھھ بندر وانگر کارين جي لٽجي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو. لاھوري بندر ڪيترين صدين تائين سنڌ جو ھڪ اھم بندر گاھھ ھوندو ھو. اھو چوڏھين صديءَ جي اوائل ۾ مشھور سياح ”ابن بطوطھ“ پڻ ڏٺو ھو ۽ تحقيق ان وقت جي اھم بندرن ۾ شمار ڪيو ويندو ھو. ان جو زوال ارڙھين صدي جي شروع ۾ ٿيو.

(1) منھوڙو، ڪراچيءَ بندر جي منھن وٽ، اولھھ ۾، ھڪ راس جي صورت ۾ آھي، جتي ھاڻي ھڪ مضبوط قلعو ٺھرايو ويو آھي. انگريزن جي فتح وقت بندر جي منھن وٽ ھڪ واريءَ جي بار ھوندي ھئي، جنھنڪري جھازن کي خطرو ھوندو ھو. بعد ۾ سيلاب جي روڪ ٿام لاءِ، منھوڙي جي ڪنڊ تي ھڪ مصنوعي بند ٺھرائي، ٻار صاف ڪئي وئي.

(2) بابا ٻيٽ، ڪراچيءَ جي مک گھاٽ اندر ۽ ڪياماڙي ٻيٽ جي سامھون ھڪ ننڍو ٻيٽ آھي. ڪياماڙيءَ ۾ جھازن جي بيھڻ لاءِ وڏا گھاٽ آھن. گھاٽن جو شھر سان واسطو ھڪ ڊگھي پل جي رستي ڪيو ويو آھي، جا سر چارلس نيپئر شروع ڪئي ھئي. سيٺ نائونمل جو مطلب آھي تھ بندرگاھھ جو ھاڻوڪو لنگھھ پھريائين ڪم نھ آندو ويندو ھو. جھاز بندرگاھھ ۾ ڪنھن ننڍيءَ کاريءَ جي رستي ايندا ھئا. اھا کاري ھن وقت بند آھي.

(3) عام طرح جريب، اڌ ايڪڙ جي برابر سمجھيو ويندو آھي.

(1) کارو معنيٰ لوڻاٺو ۽ مٺو معنيٰ شيرين. ھڪ در جو منھن ڏکڻ سمنڊ ڏانھن ھو، ۽ ٻئي جو اتر طرف لياري نديءَ ڏانھن ھو.

(2) ٿوھر، ھڪ جھنگلي ڪنڊن وارو وڻ آھي.

(3) ڪلھوڙن لاءِ ڏسو مقدمو.

(4) جوکيا، ھڪ قديم بلوچ (سماٽ) قوم آھي. ھو ڪراچيءَ ۽ دوآبي جي وچ ۾ جيڪو ويران پٽ آھي، تنھن جا مالڪ آھن. ھنن کي اٺن جا وڏا گلا ھوندا ھئا. اڳتي ھلي معلوم ٿيندو تھ سيٺ نائونمل، انگريزن جي فوج لاءِ وھٽ انھن کان ھٿ ڪيا ھئا.

(5) سمان ھڪ راجپوت قوم آھي، سن ١٣٥١ع کان ١٥٢١ع تائين سنڌ ۾ حڪومت ڪئي ھئي. ممڪن آھي تھ ٺٽو، واقع ئي قديم ديبل جو شھر آھي ۽ گھڻين صدين کان ھلندو پئي آيو آھي.

(6) دوآبي جي اتر – اولھھ جا شھر.

(1) ملير جي نئي، ڪراچيءَ کان ١٢ ميل اتر – اوڀر طرف آھي. نئي جي پيٽ ۾ کوھھ آھن، جتان ڪراچيءَ کي مٺو پاڻي ملندو آھي. ملير جي ڳوٺ ۾ جوکين جو ڄام رھندو آھي. اتي گھڻا ناريل ۽ ڀاڄين جا باغ آھن، جن کي کوھن جي وسيلي پاڻي ملندو آھي. مطلب تھ ملير، ريگستان ۾ ھڪ نخلستان آھي.

(2) ”ڄام“ ھڪ ھندو خطاب آھي، جنھن جي اصليت جي باري ۾ اختلاف آھن. سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن ملڪن ۾ ڪيترا سردار پاڻ کي ”ڄام“ سڏائيندا آھن ۽ اھو خطاب اڪثر ڪنھن قوم جي سردار يا رياست جي حاڪم تائين محدود ھوندو آھي. ڪراچيءَ جي ويجھو، لسٻيلي جو حاڪم، جو قلات جي ماتحت آھي، سو بھ ”ڄام“ سڏبو آھي. سنڌ جي اتر ۽ بھاولپور جي سرحد تي، روھڙي ضلعي ۾ اٻاوڙي جي وڏي زميندار کي بھ ڄام ڪوٺيندا آھن. اولھھ ڪاٺياواڙ ۾، نوانگر جو مھاراجا ۽ مشھور ڪرڪيٽ جو کيڏاري، شھزادو رنجيت سنگھھ جِي، جنھن کي اڄڪلھھ ھرڪو انگريز سڃاڻي، ڄام جي لقب سان خطاب ٿيندو آھي ۽ ھن جي رياست ۽ ان جي گادي بھ ڄام نگر جي نالي سان مشھور آھن، جيتوڻيڪ انھن جو صحيح نالو نوانگر آھي.

(1) سيٺ لعلمڻداس جي زماني کان وٺي سيٺ نائونمل جي زماني تائين، ڪوٺي لعلمڻداس جي نالي سڏبي ھئي.

(2) ”مير” ۽ ”امير“ ٻئي خطاب آھن، جن جي معنيٰ آھي سردار. ”امير“ حاڪم کي چوندا آھن. پر جتي جتي ”سنڌ جا امير“ اصطلاح ڪم آيو آھي، اتي اشارو سنڌ جي گڏيل حاڪمن ڏانھن آھي. رواجي طرح، عام گفتگو ۾، ھڪ امير کي فقط ’مير‘ سڏيو ويندو ھو. اھڙيءَ طرح، ھن جي عزيزن ويجھن خواھھ ڏورانھن، کي ساڳئي نالي سان ياد ڪيو ويندو ھو، پوءِ ڀل اھي حڪمران ھجن يا نھ. مير جو لفظ ڪنھن اھم عھدي لاءِ بھ ڪم ايندو آھي، جيئن تھ مير منشي، جو ھڪ انگريز عملدار جي ڏيھي عملي جو مکيھ ڏيھي ڪارڪن ھوندو آھي.

(1) مير فتح علي ڏسو مقدمو.

(1) لياري ندي، ڪراچي جي بندرگاھھ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اھا اڪثر سڪل رھندي آھي، سواءِ برسات جي وقت جڏھن سيلاب ايندو آھي. مگر تري ۾ کوھھ کوٽبا آھن تھ مٺو پاڻي نڪرندو آھي.

(2) گدام، سامان رکڻ جي جاءِ کي چوندا آھن. غالبا، ھي لفظ ’ملائي‘ زبان مان آيل آھي.

(1) بھرامي – ھي بلوچ جتن جو قبيلو آھي، جي اٺ پاليندا آھن، ھو برھماڻي بھ سڏبا آھن. ھو ڪراچيءَ جي اتر ۾ تمرين جي علائقي ۾، ڌماچ ۽ ٿاڻي عارب خان جي وچ تي رھندا آھن.

(1) اوطاق يعني واپاريءَ جي خانگي رھڻ جي جاءِ ۽ نھ سراءِ.

(2) ڪرمتي بلوچن جو قبيلو آھي. ھي بلوچن جو مشھور قبيلو ميرپور ساڪري ۾ رھندو آھي. جو ڪراچيءَ جي ويجھو دوآبي جو ھڪ آباد حصو آھي.

(1) گومتي يا دوارڪا ۽ ٻيٽ، ڪاٺياواڙ اپٻيٽ جي اتر – اولھھ واريءَ ڪنڊ ۾ ھندن جون ياترائون آھن. واگھر، ھڪ شاندار ۽ بھادر قوم آھي. ھو اڳئين زماني جي ٺڳن وانگر نيم مسلم ۽ نيم ھندو آھن ۽ ڪيترا سال سمنڊ جي ساحل تي ڌاڙا ھڻندا ۽ ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ جي شھرن ۾ لٽ مار ڪندا رھندا ھئا. ١٨٠٧ ۽ ١٨٧٣ع جي وچ ڌاري، انگريز سرڪار ھنن جي گوشماليءَ لاءِ تعزيري مھم شروع ڪئي. ڪجھھ وقت کان وٺي انھن جي ٺاپر آھي. اوکا منڊل جو ننڍڙو علائقو، جتي ھو رھندا آھن، ھميشھ گائڪواڙ کي خراج ڏيندو رھيو آھي. ١٨٥٧ع ۾ غدر جي وقت، جڏھن واگھرن بغاوت ڪئي ھئي، تڏھن انگريزن لاچار ان تي قبضو ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تھ گائڪواڙ انتظام نھ رکي سگھيو ھو ۽ ان وقت کان وٺي، بڙودي جي مقامي سفير جو ھڪ نائب، بمبئيءَ جي ڏيھي فوج جي ھڪ دستي ۽ اوڪامنڊل جي ھڪ خاص فوج سان اتي مستقل طور رھندو آھي.

(1) احمدآباد – اھا ڳالھھ صحيح نھ آھي تھ گائڪواڙ، احمدآباد، انگريزن کي اوڪامنڊل جي ياترائن جي بدلي ڏنو ھو. دھليءَ جي مغل حڪومت جي پستيءَ وقت، گجرات جي صوبي تي، جنھن جي گاديءَ جو ھند احمدآباد ھوندو ھو، ھاڻوڪي گائڪوار جي پرڏاڏي دماجي گائڪوار جي اڳواڻيءَ ۾، مرھٽا لٽيرن زوريءَ قبضو ڪيو ھو. پوني جي پيشوا، مرھٽن جي گڏيل رياستن جي اڳواڻ جي حيثيت ۾، سڀني فتح ڪيل ملڪن جي اڌ حصي جي گھر ڪئي ۽ ھن کي احمدآباد ۽ ٻين علائقن جو حصو مليو، پر ھن پنھنجو احمدآباد جو حصو، گائڪوار کي ١٨٠٤ کان ١٨١٤ع تائين پٽي تي ڏنو. تنھن کان پوءِ ١٨١٧ع ۾، ھن شھر جو اھو حصو ڏئي، پيشوا جي ڪنھن ٻئي علائقي سان، جو بڙودي جي لڳ ھو، مٽا سٽا ڪئي. اھڙي طرح، پيشوا جو قبضو سڄي شھر تي ٿيو. سن ١٨١٧ جي نومبر مھيني جي ١٥ تاريخ، پيشوا انگريزن تي حملو ڪيو ۽ ڪرڪيءَ جي لڙائيءَ ۾ شڪست کاڌي، جنھن کان پوءِ ١٨١٨ع ۾ احمدآباد ۽ ھن جي ٻين علائقن تي انگريزن جو قبضو ٿيو.

(1) ھنگلاج، مڪران ۾، عربي سمنڊ کان ١٢ ميل ڪراچيءَ کان ٦٠ ميل پري، ھندن جي پوتر تيرٿ آھي. ڏاڍو ڏکيو پنڌ آھي. اھو تيرٿ، ھندستان کان اولھھ طرف سڀ کان ڏورانھن جڳھھ آھي. جتي ھندن کي وڃڻ جي اجازت آھي. جيڪو ان کان پري ويندو آھي، تنھن کي ذات مان ڪڍي ڇڏيندا آھن. ھنگلاج ۾ ڪاليءَ جو ھڪ ننڍو مندر آھي.

(1) ھالار ڪاٺياواڙ اپٻيٽ جي الھندي ڪناري کي چوندا آھن.

(2) نانگلي، ھڪ قسم جو سادو ان آھي، جو ھندستان ۾ جدا جدا نالن سان سڏبو آھي. اھو ھلڪيءَ زمينن ۾ پوکبو آھي، جتي ٻي ڪابھ جنس نھ ٿي سگھندي آھي.

(1) مير نورمحمد، جو ١٨٤٠ع ۾ گذري ويو، سو مير مراد عليءَ جو پٽ ھو. ھو حيدرآباد ۽ لاڙ جو مکيھ حاڪم ھو، جنھن سان ١٨٣٩ع ۾ سر ھينري پاٽنجر ۽ سر جيمس آئوٽرام، انگريزن جي فوج کي سنڌ مان رستي ڏيڻ جي باري ۾ ڳالھيون ٻولھيون ھلايون ھيون. مير غلام عليءَ جي پٽ کي خير محمد خان چوندا ھئا.

(2) انگريزن وٽ ھو شاھھ شجاع جي نالي سان مشھور آھي. (سيٺ نائونمل، پنھنجي لھجي ۾ شاھھ شجاع کي شاھھ سجاول، صدزوئي کي صدوجئي ۽ بارڪزئي کي بار ڪجئي ٿو سڏي – مولف).

(3) فتح خان وزير کي، ١٨١٨ع ۾، ڪابل جي بادشاھھ محمد شاھھ اکيون ڪڍارائي مارايو ھو. محمد شاھھ، شجاع جو ڀاءُ ھو، جو ڪجھھ سال اڳ ڪشمير ڏانھن ۽ پوءِ لڌياني ڀڄي ويو ھو، جتي ھن کي انگريزن کان وظيفو ملندو ھو. شاھھ شجاع ھڪ ضعيف سابق حڪمران ھو، جنھن کي ١٨٤٠-١٨٣٩ع ۾، لارڊ آڪلنڊ، ڪابل جي تخت تي ٿاڦڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر جڏھن انگريزن تي اچي مصيبتون ڪڙڪيون تھ ھن کي بھ قتل ڪري ڇڏيائون. شاھھ شجاع جي پھرين جلاوطنيءَ ۾ ميرن خراج ادا ڪرڻ کان گسگاءُ ڪيو جو کانئن ڪابل جي بادشاھھ جي زماني کان وصول ڪندا ھئا، پر شاھھ شجاع ١٨٣٣ع ۾ انھن کان ٣ لک رپيا يا ٣٠ ھزار پائونڊ ورتا ھئا.

(1) خراسان دراصل افغانستان ۽ ڪئسپين سمنڊ جي وچ تي ايران جو مشرقي حصو آھي، مگر اھو لفظ سنڌ ۾ ھاڻوڪي افغانستان ۽ بلوچستان لاءِ استعمال ٿيندو آھي. سيٺ نائونمل خراسان لفظ انھيءَ معنيٰ سان ڪم آندو آھي، يعني اھو ملڪ جنھن جو صدر مقام قنڌار ھو.

(1) سيتارامي، جيڪو پوني ۽ مغربي ھندستان ۾ پتلي سڏبو آھي، سو وينس شھر جو سونو سڪو آھي ۽ جو مڪران ۾ مروج آھي. پر دکن ۾ زالن جي ھارن ۾ زيور طور ڪم ايندو آھي. ھاڻي ھندو سونارا بھ سيتاراميون ٺاھيندا آھن اھو لفظ مختلف قسمن جي ننڍن سونن سڪن لاءِ بھ ڪم ايندو آھي. رام ھندن جو مشھور ديوتا ھو ۽ سيتا ھن جي پتني ھئي. ھندن جي خيالن ۾ وينس جي سڪن تي جي شڪليون آھن، سي انھن ديوتائن جون آھن.

(1) گگر، سنڌ گزيٽيئر مطابق، مشرقي ھندستان جو واپار جو ڌوپ آھي. اھو ڌوپ ھڪ وڻ مان نڪرندو آھي جو سنڌ جي ڪوھستاني علائقي ۾ عام ٿيندو آھي. ھن موقعي تي ڏسجي ٿو تھ گگر گھڻي انداز ۾ ڪم آندو ويو ھو. گگر اوٻاري چوني سان ملائجي تھ سيمنٽ جھڙو سخت ٿي پوندو.

(1) ھيءَ شفقت جي حد ھئي.

(2) امينن جي اجلاس کي پئنچائت ڪوٺبو ھو، پر شھر جي ھندن جي پئنچن جي سڀا کي بھ پئنچات چوندا آھن.

(3) نواب ولي محمد لغاري، انگريزن جي فتح وقت، اڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ميرن جو مکيھ وزير ھو. ھو ھڪ نھايت لائق شخص ھو، جنھن جي انگريز خواھھ سنڌي سڀئي عزت ڪندا ھئا.

باب چوٿون

[b] مسلمانن جو ھنگامو – ھندن تي جلھھ – نائونمل جي پيءُ، سيٺ ھوتچند کي حيدرآباد کان سڏ – پرسرام جو فرار ٿي وڃڻ – ھوتچند سان وحشيانھ ورتاءُ – ڪڇ ۾ پناھھ وٺڻ – مير مراد عليءَ کي ليلائڻ – شاھھ شجاع ھٿان ميرن جي ھار – ڪلڪتي واري ڪوٺيءَ جو بند ڪرڻ – سر اليگزينڊر برنس – ميرن جي مخالفت – ڪئپٽن ڪارليس جو وارد ٿيڻ – نائونمل جو کيس نواب جي چنبي مان بچائڻ – بندرگاھھ جي جاچ پڙتال – نائونمل کي، ڪرنل پاٽنجر جي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ، فوج لاءِ، اٺن ۽ ٻئي سامان جي مھيا ڪري ڏيڻ لاءِ فرمائش – جو کين جو ڄام – گھاري ۽ نائونمل سان آئوٽرام جي ملاقات – نائونمل طرفان وھٽ ۽ ٻيو سامان مھيا ڪري ڏيڻ – نائونمل گھوڙا ٻاريءَ وٽ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ - پاٽنجر، ايسٽوڪ ۽ سر جان ڪين سان ملاقات – بامنيڪوٽ ۾.[/b]




سنبت ١٨٨٨ (٣٢-١٨٣١ع) ۾، ھڪڙي ڏينھن نصرپور جي ھڪ ھندو مزور جي پٽ ڪندي، سان، سندس واجھي (استاد)، جنھن وٽ پڻس کيس پڙھڻ لاءِ ويھاريو ھو، سختي ڪئي. ڇوڪر بيزار ٿي وڃي ھڪ مسجد جي در جي ڀرسان بيھي رھيو. اھا مسجد ان محلي ۾ ھئي، جتي ھاڻي ڌوٻي رھندا آھن. ڪن مسلمانن جي ھن تي نظر پئي ۽ ريھي ريبي اندر وٺي وڃي ويھاريائونس. ان تي ڪاوڙجي ھندو دڪاندارن پنھنجا دڪان(1) مسلمانن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، ۽ ھنن کي سودي سودي ڏيڻ کان انڪار ڪيائون. مسلمانن انتقام وٺڻ لاءِ لياري جي پيٽ ۾ جي کوھھ ھئا ۽ جتان ھندو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريندا ھئا، تن کي پليت ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينھن، نورل شاھھ نالي ھڪ سيد، اسان جي محلي مان بدشد ڳالھائيندو ۽ فاحش الفاظ چوندو لنگھي ويو. منھنجو ننڍو ڀاءُ پرسرام جو ان وقت محلي جي ٻاھرين در وٽ بيٺو ھو، تنھن سيد کي نرميءَ سان ورجايو تھ ھي گٿا لفظ، بدسلوڪي ۽ بيمروتي تنھنجي منھن تي نٿي پئي. ان تي ڇا تون ڇا ٿي ۽ نور شاھھ مذھبي جوش ۾ اچي چيو تھ ”پرسرام منھنجي ۽ اسان جي رسول جي شان ۾ گستاخانھ الفاظ ڪم آندا آھن.“ مسلمانن جا ھشام اچي ڪٺا ٿيا. جوش ۽ انتقام ھنن جي اکين مان پئي ٽپڪيو. ھندو بھ گڏ ٿيا ۽ رٿون رٿيائون تھ ھاڻي ڇا ڪجي. سيد نورل شاھھ ٺٽي، شاھھ بندر، مٽيارين، حيدرآباد ۽ ھالا وڃي، قرآن مصحف وجھي، مومنن کي ڀڙڪايو تھ ٻيلي ھاڻي اٿي ڪا واھر ڪريو. اھا خبر سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙجي وئي ۽ سڄي صوبي کي مذھبي جوش جي باھھ وڪوڙي ويئي. مسلمان سڀ يڪمشت ٿي ويا. ھندو بھ گڏ ٿيڻ لڳا. انھيءَ وچ ۾ منھنجو ڀاءُ پرسرام ڪنھن نموني کسڪي سنڌ مان جيسلمير (1) ھليو ويو. مسلمان، وڏي تعداد ۾ اچي حيدرآباد ۾ گڏ ٿيا ۽ ڏاڍو شور ڪيائون. مير مراد عليءَ تي زور ڀريائون تھ سيٺ ھوتچند کي فرمان (2) موڪلي تھ پنھنجي پٽ پرسرام کي حيدرآباد روانو ڪري. پرسرام ڪراچيءَ ۾ ڪونھ ھو. مير مراد عليءَ ٻيو فرمان موڪليو تھ پٽ جي بدران تون اچي حاضر ٿيءُ. تنھنڪري سيٺ ھوتچند اٽڪل ٻھ ھزار ھندو ساڻ وٺي پاڻ حيدرآباد روانو ٿيو. فرمان سان گڏ سيٺ جي حفاظت لاءِ ھڪ فوجي دستو بھ آيو ھو. ھن سيٺ کي جان جي سلامتيءَ جي خاطري ڏني ۽ چيائونس تھ اسان سان گڏجي ھل. مسلمان ارھھ زورائي ۽ سرڪشيءَ کان ڪم وٺڻ لڳا، پر مير مراد عليءَ ھنن کي منع ڪئي ۽ سيٺ ھوتچند جي خلاف ھٿ کڻڻ کان روڪيو. پوءِ مسلمان وڃي مير مراد عليءَ جي ڌيءُ وٽ پھتا. جا پڳ (3) جي وارث مير محمد جي زال ھئي. ھن کي ميڙون منٿون ڪري پنھنجي طرف ڪيائون. پوءِ ھن کي قرآن ڏئي پڻس ڏي ميڙ ڪري موڪليائون ھو کيس جواب تھ نھ ڏئي سگھيو، پر چيائينس تھ سيدن کي سمجھاءِ تھ حيدرآباد ۾ ڪا زيادتي نھ ڪن ۽ وڌيڪ ارشاد فرمايائين تھ مان ھنن کي نصرپور(4) جي پير ڏي موڪليان ٿو، پوءِ اتي جيڪي وڻين سو ڪن. پوءِ سڀ نصرپور ويا. مير مراد عليءَ پاران، سيد ذوالفقار ۽ علي شاھھ بھ ساڻن گڏجي ويا. پر مير جا عيوضي تعصبي مسلمان ھئا ۽ اندروني طرح ٻين مسلمانن سان مليل ھئا. نصرپور ۾ قاضيءَ مسلمانن کي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پاڻ وٽ بحث ڪرڻ جي اجازت نھ ڏنائين. ڇاڪاڻ تھ ھن ڏٺو تھ مسلمان ظلم تي سنڌرو ٻڌي بيٺا آھن. پر مسلمان گھڻا ھئا ۽ ڏاڍو شور ھون. ھو ھندن تي اوچتو حملو ڪري، سيٺ ھوتچند کي وچان اغوا ڪري ويا. اتان ھو سڌو حيدرآباد آيا، جتي ٻھ ٽي ڪلاڪ ترسي، ٻيڙي ڀاڙي ڪري، ٺٽي ۽ شاھبندر تعلقي (1) ۾ باگاڻيءَ ڏانھن روانا ٿي ويا. باگاڻيءَ ۾ ھو نورل شاھھ جي ھڪ عزيز، منلو شاھھ جي گھر ۾ وڃي رھيا، جو ھڪ مشھور ڪٽر سيد ھو. اتي ڏھھ – يارھن ڏينھن گذري ويا، پر سيٺ ھوتچند ھڪڙي ڏينھن بھ کاڌو نھ کاڌو. ھو فقط ڦلن جي مٺ ۽ ڀڳڙن (2) تي گذران ڪندو ھو، جو پروءَ نالي اسان جو ھڪ وفادار ملازم کيس ڏيندو ھو. اھو پرو ويس ۾ نالو بدلائي، سيٺ سان گڏ ويو ھو ۽ سمورو وقت ساڻ ھوس. آفرين آھي منھنجي پيءُ کي، جو ھو ڪڏھن بھ ملول ٿيو ۽ نڪي دل لاٿائين، ھن سڄا ڏھھ ڏينھن، بک ۽ اڃ، نھايت تحمل ۽ صبر سان برداشت ڪئي. انھن ڏينھن ۾ ھو فقط چڻن ۽ درياءَ جي پاڻيءَ تي گذران ڪندو ھو. ھن کي اھا ڄاڻ ھئي تھ مسلمان کيس ڀڄي وڃڻ نھ ڏيندا، تنھنڪري ھو جتي بھ کيس وٺي ٿي ويا، اتي ساڻن بي ڊپو ٿي ويو. باگاڻيءَ ۾ مسلمانن خيال ڪيو تھ ھن کي زوريءَ مسلمان ڪجي. پر ايڏيءَ وڏيءَ عمر واري ماڻھوءَ (ھو پنجاھھ ورھين کان وڌيڪ عمر جو ھو) جو طھر (1) ڪرڻ قرآن جي خلاف ھو. تنھن کان سواءِ، ھو ڊنا بھ پئي تھ ان ڳالھھ جو سڀان ڪھڙو حشر ٿيندو. تنھنڪري ھو ترسيا تھ من ڪو رستو نڪري اچي. انھيءَ وچ ۾ مير مراد عليءَ کي ھنن جي ارادن کان آگاھھ ڪيو ويو. ھن خيال ڪيو تھ خبر نھ آھي ان ڳالھھ جو انجام ڪھڙو ٿيندو. ڇاڪاڻ تھ ھندن، سنڌ جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين انھن ڪاررواين جي خلاف احتجاج بلند ڪيو، ڪڇ ۽ جيسلمير جي راجائن بھ سنڌ ۾ جيڪي ٿي گذريو ھو، ان تي پنھنجي ڏک جو اظھار ڪيو ھو. مير مراد عليءَ پنھنجي ڪئي تي پڇتايو ۽ ٺٽي جي نواب، غلام حيدر ڇانگاڻيءَ کي واضح حڪم موڪليائين تھ سيٺ ھوتچند کي مسلمانن جي چنبي مان آزاد ڪرائي، ھڪدم پاڻ سان حيدرآباد وٺي اچي.

چنانچھ غلام حيدر سڌو باگاڻيءَ وڃي سيٺ ھوتچند کي آزاد ڪرائي، حيدرآباد وٺي آيو. اھڙيءَ طرح سيٺ نصرپور مان اغوا ٿيڻ بعد ڏھھ – يارھن ڏينھن ساندھھ، پنھنجي ڌرم جي بچائڻ خاطر، سخت بکون ڪاٽي ۽ مسلمانن جي ھٿان طرحين طرحين جون سختيون سھي، وري اچي حيدرآباد پھتو. مسلمانن جي مرضي ھئي تھ سيٺ کي بکون ڏيئي، مجبور ڪري، پنھنجي ٿانون ۾ کاڌو کارايون. آخر حيدرآباد اچڻ سان سيٺ ھڪ ھندو رسويو رکيو، جنھن روٽي تيار ڪئي، جا ھن ڪيترن ڏينھن کان پوءِ پھريون دفعو کاڌي.

مير مراد عليءَ کي جڏھ سيٺ ھوتچند جي اچڻ جي خبر ملي، تڏھن ھڪدم کيس پاڻ وٽ گھرائي، پڇيائين تھ ”ھاڻي تنھنجو ڪھڙو ارادو آھي؟“ سيٺ جواب ڏنس تھ مون کي ھاڻي وري ھن دنيا ۾ دنيوي ماڻھو ٿي رھڻ جي مرضي نھ آھي. مان پنھنجا ڏينھن صوفي فقير(1) ٿي گذاريندس.“ مير مراد عليءَ ان ھو جواب ٻڌندي پنھنجي طرفان ڏک جو اظھار ڪيو ۽ چيائينس تھ ”جيڪا تنھنجي مرضي.“ پوءِ رخصت وٺي مير جي ھڪ خاصخيليءَ (2)، سجاول جي خالي اوطاق ۾ وڃي رھيو. اسان جا حيدرآباد ۾ سوين رشتيدار ھئا. ھو سمورو وقت سيٺ ھوتچند جي جاءِ جي ٻاھران پئي ڦريا. ھنن مخفي طرح ھاڻوڪي ٽنڊي غلام عليءَ جي مير خان محمد جي والد بزرگ، مير غلام علي خان فيروز سان ھن کي چوريءَ ڇپيءَ ڪڍي وڃڻ جو انتظام ڪيو ھو. مير غلام علي، سيٺ ھوتچند تي مھربان ھو. ھن جي وڏن جي سيٺ ڪيولرام سان دوستي ھوندي ھئي، جنھنڪري بھ ھن جي ساڻس ھمدردي ھئي. ھن جي مرضي ھئي تھ سيٺ ھوتچند جا دوست ھن کي ڪنھن طرح ڦليليءَ (3) جي ڪپ تائين پھچائين، تھ ھو پاڻھي ھن کي سنڌ جي مسلمانن جي چنبي کان ٻاھر ڪڍي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.

چنانچھ، سيٺ کي مير مراد عليءَ اطلاع ڪيو تھ تون آزاد آھين ۽ ساڳيءَ رات منھن اونداھيءَ ۾ ھو دوستن جي مدد سان ويس بدلائي ڦليليءَ جي ھن ڀر ويو. مير غلام علي اتي پاڻ ترسيو ويٺو ھو، ۽ ھو کيس پرھھ ڦٽيءَ کان گھڻو اڳ، مير محمود جي ٽنڊي جي ويجھو، راھن جي ڳوٺ ۾، خير سان پھچائي آيو. جتي وفادار محافظ کيس لکپت (1) پھچائڻ لاءِ تيار ويٺا ھئا. لکپت ۾ اسان جي ڪوٺي ھئي، جتي گھڻائي گماشتا رھندا ھئا. اسان جو سرگماشتو، ڪرمچند مولياڻي ھو، جو ڪڇ جي راءِ (2) کي سيٺ ھوتچند جي باري ۾ سڀ خبرون پھچائيندو ھو. جڏھن راءُ کي اطلاع مليو تھ سيٺ کي لکپت ٿا وٺي اچن تھ ھن پنھنجي مکيھ ڪمدار ڏي لکيو تھ سنڌ واري طرف، ڪوريءَ جي ڪناري تي، ھڪ ٻيڙي کاڌي پيتي جي سامان سان، پنجويھن سپاھين سميت تيار رکي، جي ھن کي ھڪدم لکپت پھچائين. تنھنڪري سيٺ جڏھن اتي پڌاريو تھ ھن جي پرجوش آجيان ڪئي ويئي. جڏھن مير مراد عليءَ ۽ سنڌ جي مسلمانن کي سيٺ جي لکپت پھچڻ ۽ استقبال جي خبر پئي، تڏھن ھو ڏاڍا شرمسار ٿيا ۽ مير اھڙو تھ سوگ ڪيو جو ڄڻ تھ ڪا قيمتي شيءِ ھن جي ھٿن مان اوچتو نڪري وئي ھئي. ڪراچيءَ مان اسان پنھنجي بمبئيءَ جي وڏي منيب، گدومل جي پٽ گلابراءِ ۽ ٻين کي سيٺ ھوتچند سان ملڻ لاءِ لکپت موڪليو. ڪجھھ وقت کان پوءِ منھنجو ڀاءُ پرسرام، جيسلمير جي راجا کان اٺ ۽ ماڻھو وٺي لکپت ويو. لکپت کان سيٺ ھوتچند ياترا لاءِ نارائن سر(1) ويو ۽ دان – پڃ، ٻانڀڻن ۽ اتان جي ھندن کي کارائڻ تي گھڻو خرچ ڪيائين. نارائن سر مان ٿي ھو لکپت موٽي آيو، جتي ڏھھ ورھيھ لکپت واريءَ ڪوٺيءَ جي ڪاروبار جي نظرداري ڪندو رھيو. اسان کي پراسچيت جي ڪرياڪرم تي لک رپيا خرچ ڪرڻا پيا.

اسان جي گھڻي وقت کان ڪلڪتي ۾ ڪوٺي ھوندي ھئي. ڪوٺيءَ جو مکيھ منيم يا ڪارڪن، نڀومل موٽومل ھو.

سنبت ١٨٨٩ (٣٣-١٨٣٢ع) ۾، ھن ”آبگرس“ نالي ھڪ يورپي جھاز خريد ڪيو، ۽ راچرس نالي ھڪ انگريز کي، ان جو ڪئپٽن مقرر ڪيائين، جو چار سو رپيا ماھوار پگھار کڻندو ھو. ھن جھاز ۾ ٻيا بھ مختلف عھدن وارا عملدار ھئا. ڪپتان جي ھيٺان ھڪ انگريز نائب ھو، جنھن کي مھيني ۾ ٻھ سؤ رپيا ملندا ھئا. ڪپتان سان سندس زال، جا بھ ھڪ انگريز ھئي، گڏ ھئي. اھو جھاز چين ۽ جاوا جي وچ تي ڀاڙو کڻندو ھو ۽ بعضي بمبئيءَ ۽ ملبار جي ڪناري تي جيڪي شھر آھن، تن لاءِ مال کڻي ويندو آھي.

مير مراد عليءَ سنبت ١٨٩٠ (٣٤-١٨٣٣ع) جي اسوءَ مھيني ۾ گذاري ويو. مرڻ کان اڳ، جڏھن اڃا ھن جا حواس سالم ھئا، تڏھن ھن پنھنجي دل جا غبار لاھڻ ھيٺينءَ ريت ظاھر ڪيا:

”مون کي ھاڻي بچڻ جي ڪابھ اميد ڪانھ آھي، پر مون کي ان ڳالھھ جو سخت افسوس آھي تھ مان شاھھ شجاول(1) کي لڌياني کان حيدرآباد اچڻ کان پوءِ، ڇو رھڻ جي اجازت ڏني ۽ ھن جي رھائش جو انتظام ڇو ڪيو.

٢- انگريز سرڪار سان معاھدو ڇو ڪيو. جيڪڏھن مان جيئرو ھجان ھا تھ اھو ضرور پاريان ھا، پر مون کي شڪ آھي تھ منھنجا جانشين ان جي عزت يا پوئواري نھ ڪندا.

٣- مان پنھنجن پٽن(2) جي وچ ۾ ٺاھھ ڪرائڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آھيان.“

مير انھن احساسن جي اظھار ڪرڻ کان ٻھ ڏينھن پوءِ گذاري ويو. ھن جي وفات کان پوءِ شاھھ سجاول، شڪارپور ۾ زور ورتو ۽ پنھنجو اثر وڌايو. ان تي حيدرآباد جا گڏيل حڪمران مير نورمحمد، نصير خان، مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان، بنا سوچ سمجھھ جي، ھڪ وڏو ڪٽڪ (ڏسڻ جو ڏيل) وٺي شاھھ سجاول تي ڪاھي ويا. ھو روھڙيءَ جي ڀرسان سنڌونديءَ جي ڪناري تي ڇانوڻي ھنيو ويٺو ھو. شاھھ سجاول (شجاع) جو وزير، سمندر خان، اٺ ھزار روھيلن ۽ خراساني پٺاڻن جي فوج سان ھنن جو مقابلو ڪيو. سنڌونديءَ جي ھن ڀر، سکر طرف سخت لڙائي لڳي، جنھن ۾ ميرن جي پنجاھھ ھزار لشڪر شڪست فاش کاڌي. ھن واقعي، يعني سمندر خان جي فتح ۽ ٽالپرن جي شڪست جي سڀڪنھن کي خبر آھي، تنھنڪري ان کي تفصيلوار دھرائڻ جي ضرورت نھ آھي.

سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾ سيٺ ٺاڪرداس جو پٽ ويرومل گذاري ويو. سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾ منھنجي ڀائرن گوپالداس ۽ تلسيداس جون ڌام ڌوم سان شاديون ٿيون. تلسيداس جي اھا ٻي شادي ھئي، ھن جي پھرين زال گذاري وئي ھئي.

سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) جي آخر ۾، ليفٽيننٽ ڪرنل (جو پوءِ سر ھينري ٿيو ھو) پاٽنجر (1)، حيدرآباد آيو. منھنجي ساڻس ان وقت کان ڏيٺ ٿي، جنھن مان اڳتي ھلي اسان جي وچ ۾ لکپڙھھ جو رستو پيدا ٿيو. سنبت ١٨٩٣ (٣٧-١٨٣٦ع جي اسوءَ مھيني ”سدتيراس“ ڏينھن مون کي ٻيو پٽ، ٿانورداس ڄائو. سنبت ١٨٩٣ (٣٧-١٨٣٦ع) ۾ اسان جي بمبئيءَ واريءَ ڪوٺيءَ جي منيم نارومل ڏٺو تھ ھوتچند لکپت ۾ ويٺو آھي ۽ ٻيا جيڪي ڪراچيءَ ۾ آھن، سي يا ننڍا آھن يا لاغرض يا اڻ آزمودگار آھن، سو اھو وجھھ وٺي، بي ايماني ڪري، امانت ۾ خيانت ڪرڻ لڳو. اسان کي ھن جي بدعنوانين جي خبر بمبئيءَ مان ڀيرومل ٺاڪرداس کان پھتي، جو اسان جو عزيز ھو ۽ نارومل جي ھٿ ھيٺ بمبئيءَ ۾ ڪم ڪندو ھو. انھيءَ خبر ملڻ تي اسان نارومل کي واپس گھرائي، ڪوٺيءَ جو ڪم ڀيرومل جي حوالي ڪيو. خدا جو شڪر آھي جو اسان جي وڏي سيٺ ساجنمل جي زماني کان وٺي، اسان جي خاندان جو اصول ھوندو ھو تھ امانتون (1) پاڻ وٽ نھ رکندا ھئاسين ۽ واپار پنھنجي پڄنديءَ آھر ڪندا ھئاسين. اسان جي سڀني منيمن ۽ گماشتن کي اھا ھدايت ڪيل ھئي تھ انھيءَ اصول جي ھرحالت ۾ پيروي ڪئي وڃي.

اسان کي مخفي طور ڪلڪتي مان ھڪڙي دوست کان خبر پئي تھ اسان جي منيم، نيڀومل جو ڀائٽيو، ڄيٺانند پرمانند، اسان جي پئسي سان خوب عيش ۽ شرابخوري ڪري رھيو آھي ۽ ھنن جو چاچو ان باري ۾ ھن کي ڪابھ ملامت نٿو ڪري. چون ٿا تھ ھڪ ڏينھن نشي جي حالت ۾ ھن ھڪ طائفھ کي ھزار رپيي جي ”رٿ“ (موٽر) ڏني ھئي. انھيءَ تي اسان نيڀومل کي لکيو تھ ڪلڪتي جي ڪوٺيءَ جو ڪاروبار ھڪدم بند ڪري، ڪتاب کڻي ڪراچيءَ ھليو اچي. نارومل بھ اسان جي لکڻ تي حساب – ڪتاب ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ کان موٽي آيو. ھن ڏانھن اسان جا گھڻا پئسا نڪتا. منھنجي ڪنھن بھ ڀاءُ کي حساب – ڪتاب نھ ايندو ھو ۽ مان ان وقت انگريز عملدارن سان رابطو رکي چڪو ھوس ۽ پنھنجو سمورو وقت ھنن جي فرمائش ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو ھوس. تنھنڪري مون کي نارومل جي حساب – ڪتاب ڏسڻ جو وقت ڪونھ ھو (1). ھن جو چوڻ ھو تھ مان غريب آھيان ۽ پورو ڪپڙو بھ انگ تي نھ اٿم.

سنبت ١٨٩٢ (٣٦-١٨٣٥ع) ۾، مسٽر (پوءِسر) اليگزينڊر برنس، جو ڀڄ ۾ ميجر پاٽنجر جو نائب ھو، مسٽر ليڪيءَ سان گڏجي سنڌ ۾ آيو، جتان ھن کي بمبئي سرڪار جي حڪم مطابق لاھور ۽ ڪابل وڃڻو ھو. ڪابل کان موٽڻ بعد، مسٽر اي. برنس کي لاھور ۾ رکيو ويو، جتان ھن سنبت ١٨٩٤ (١٨٣٧) ۾ ھڪ خط لکيو تھ جيڪڏھن تون سرڪار جون خدمتون منھنجي معرفت ڪرين ھا تھ مان توکي اڄ ڪنھن وڏي عھدي تي رسايان ھا. ھوڏانھن مسٽر ليڪيءَ جو پٺيان قلات ۾ رھي پيو ھو، تنھن مون کي لکيو تھ اڍائي سؤ رڍون (2) وٺي بمبئيءَ موڪل، جو انھن جي انگلنڊ ۾ ضرورت آھي. اھي رڍون، دجا سوڍو، سون مياڻي ڪاھي آيو ۽ مون پنھنجي گماشتي کي لکيو تھ بمبئيءَ ڏياري موڪلي.

سنبت ١٨٩٣ (٣٧-١٨٣٦ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر مون کي لکيو تھ مسٽر برنس جي ننڍي ڀاءُ، ڊاڪٽر برنس کي سنڌ جي رستي لاھور وڃڻو آھي. ھو ڪراچيءَ ۾ لھندو، جتان حيدرآباد ڏسندو، اڳتي ويندو. تون وڃي ھن سان مل ۽ سندس واھر ڪر. حيدرآباد جي ميرن کي بھ اطلاع ڪيو يو تھ ڊاڪٽر برنس ڪراچي ڏسڻ گھري ٿو. ھنن پنھنجي نواب ڏي لکيو تھ ڊاڪٽر برنس کي ڪراچيءَ ۾ لھڻ جي اجازت نھ ڏني وڃي، بلڪ ھن کي گذري (1) تي لاھي وري ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ چاڙھي، ڪيٽي بندر رستي حيدرآباد نيو وڃي. مير جا ماڻھو ڊاڪٽر برنس جي تاڙ ۾ ويٺا ھئا. ھو جيئن پھتو تھ ھن کي گذري نيئي، اتان ٻيڙيءَ ۾ چاڙھي حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيائون. منھنجا ماڻھو بھ ھوشيار ھئا. جيئن ئي موقعو ملين تيئن وڃي ڊاڪٽر برنس سان مليا ۽ کيس منھنجا سلام ڏنائون ۽ منھنجي طرفان مکڻ ۽ سڪو ميوو نذر رکيائون. ھن کي ڪرنل پاٽنجر جي خط جي خبر ھئي ۽ منھنجو شڪريو ادا ڪيائين.

سنبت ١٨٩٤ (٣٨-١٨٣٧ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر لکيو تھ ڪپتان ڪارليس ٻارھن ٻين صاحب لوڪن سان ”پالينوس“ جھاز ۾، ڪراچيءَ جي بندرگاھھ جي منھن جون ماپون وٺڻ لاءِ، اچي ٿو. ڪپتان ڪارليس جي پارت ھجيو ۽ ھن جي ھر طرح واھر ڪندا. اھڙو اطلاع حيدرآباد جي ميرن ڏانھن بھ موڪليو ھو ۽ کين عرض ڪيو ھئائين تھ ھن جي مدد ڪن ۽ ھن جي ڪم ۾ رنڊڪون نھ وجھن. انھيءَ تي ميرن، ڪراچيءَ جي نواب، حسن خان ڏي لکيو تھ ڪپتان ڪارليس جو انتظار ڪري. ھو صاحب ٥ – مارچ سنبت ١٨٩٤ (١٨٣٧ع) آچر جي ڏينھن، ٻارھن صاحبن سان پھتو. مان ھن سان گھاٽ تي وڃي مليس ۽ کيس شھر ۾ وٺي آيس ۽ ٻڌايومانس تھ ميرن کيس ماپن وٺڻ جي اجازت ڏني آھي. نواب سان ملي، ڪئپٽن ڪارليس ۾ ھن جا ٻيا صاحبلوڪ ساٿي، منھنجي گھر آيا، پر ھو گھڻو وقت نھ ترسيا جو اھو آرتوار جو ڏينھن ھو. موڪلائڻ وقت چيائون تھ سڀاڻي اسان سان ملجانءِ. مان ھنن کي ڪرنل پاٽنجر جو جنسي خط ڏيکاريو، جيڪو ھن مون کي سندن باري ۾ لکيو ھو. ٻئي ڏينھن نيرن ڪري مان ڪپتان ڪارليس سان منھوڙي جي پريان جھاز تي ملڻ ويس. جھاز، منھوڙي کان ايترو پري بيٺو ھو جيترو منھوڙو ڪراچيءَ کان پري آھي. ھو جيترو وقت ڪراچيءَ ۾ ھو، اوترو وقت آءُ کيس سيڌو سامان وٺي ڏيندو ھوس. جيڪي يورپي صاحب ھن سان گڏ ھئا، انھن مان ٻھ – ٽي رات جو ”پالينيورس“ جھاز تي رھيا ۽ ٻيا سج لٿي کان پوءِ مون وٽ اچي رھيا.

ڪراچيءَ جي مالگذاريءَ جو مقاطعو الھرکيي لوھر کي مليل ھو. ھڪڙي ڏينھن ھن جو ڀائٽيو احمد، ڪئپٽن ڪارليس وٽ وڃي کيس ٽڪرين ۾ شڪار جي دعوت ڏئي آيو. مون سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گھوڙا تيار ڪرائي، بندر تي بيھاري ڇڏيا.

ڪيپٽن ڪارليس ۽ اٺ ٻيا صاحب لوڪ احمد سان گڏجي پھاڙي طرف روانا ٿي ويا. مان گھر اچي سنان ڪري ناشتي تي ويٺس تھ ايتري ۾ ھڪڙي نفر اچي ٻڌايو تھ ڪراچي جو نواب حسن خان ان ڳالھھ تي ڪاوڙيو آھي تھ صاحب لوڪن کي اھڙي ھمت ٿي آھي جو ھو بنان اجازت جي احمد سان گڏجي اسان جي ملڪ اندر ھليا ويا آھن. وڌيڪ چيائين تھ ھو سؤ ماڻھو وٺي ھنن جي تعاقب ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آھي ۽ چئي پيو تھ مان ھنن کي قتل ڪندس. مون کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن چار – پنج ماڻھو وٺي گھوڙن تي تڪڙو تڪڙو صاحب لوڪن جي پٺيان ويس ۽ جارا بُٺيءَ جي ٽڪرين وٽ وڃي انھن کي پھتس ۽ چيومانس تھ حسن خان، نواب، سخت ڏمريو آھي، چڱو ائين ٿيندو تھ توھان موٽي اچو تھ متان ھو توھان جو پيڇو نھ ڪري. احمد خان کي جڏھن خبر پئي تھ حسن خان ھنن کي مارائيندو تھ ھو ھوا وانگي فرار ٿي ويو ۽ مان صاحب لوڪن کي واپس وٺي آيس. موٽ تي حسن خان کي ايندو ڏٺم. ھو گھوڙي تي ھو ۽ پٺيان ڪيترا ھٿياربند ماڻھو پيدل ٿي آيس. گھوڙو ڊوڙائي وڃي کيس پھتس ۽ صاحب لوڪن کي چيم تھ توھان اتي ترسو. مون حسن خان کان پڇيو تھ ڇا ماجرا آھي؟ چيائين تھ صاحب لوڪن کي نھ ڇڏيندس. ھنن جو حوصلو اھڙو وڌي ويو آھي، جو ھو اجازت کان سواءِ منھنجي علائقي ۾ شڪار لاءِ گھڙي آيا آھن. مون چيومانس تھ ان ۾ صاحب لوڪن جو ڪھڙو قصور؟ مقاطيدار جو ڀائٽيو، جيڪو خود درٻار جو عملدار آھي، سو کين دعوت ڏئي شڪار لاءِ وٺي آيو آھي. غصي ۾ جواب ڏنائين تھ مان احمد کي بھ جھلي سبق سيکاريندس. تنھن تي مون ٻڌايومانس تھ احمد ڀڄي ويو آھي پر صاحب منھنجن ماڻھن سان بيٺا آھن. چيومانس تھ تون خوفناڪ ھٿيارن سان ٿو کيڏين، ميرن کي اھا روش نھ وڻندي ۽ ھو توکي ملامت ڪندا. ان تي ھو ڪجھھ ٿڌو ٿيو ۽ چيائين تھ ڀلا صاحبن کي چؤ تھ ھو شھر جي ٻاھران سڌو جھازن تي وڃن. مون ھن سان واعدو ڪيو تھ صاحب ائين ڪندا، جڏھن ڏٺائين تھ صاحب بندر ڏانھن وڃن ٿا، تڏھن ھو بھ پويان پير ڪري روانو ٿيو. اسان بندر پھتاسين، تنھن کان گھڻو اڳ وير لھي وئي ھئي ۽ سمنڊ ڪناري کان گھڻو ھٽي ويو ھو. مان سڀني صاحب لوڪن کي کٽن تي ويھاري، مزدورن کان کڻائي سندن ٻيڙيءَ تي پھچايو. ٻيڙي وير سان گڏ گھڻو پري ھلي ويئي ھئي ۽ مزدورن کي گپ مان لنگھڻو پيو. ڪپتان ڪارليس مون کي چيو تھ تون تيستائين بندر تي ترس، جيستائين اسان جي ٻيڙي رواني ٿي وڃي ۽ اسان بندوق جو ٺڪاءَ ڪيون. مان اتي ايستائين بيٺو ھوس، جيستائين انھن جي ٻيڙي ڪياماڙيءَ جي راس کان لنگھي، نظر کان غائب ٿي ويئي. مان سج لٿي کان پوءِ گھر موٽي آيس. ٻي ڏينھن صبح جو جھاز تي ويس، حالانڪ ٿڌ ڏاڍي ھئي ۽ واءُ بھ لڳو. مون ڪپتان ڪارليس سان گذريل ڏينھن جي واقعات جي باري ۾ ڳالھايو ۽ صلاح ڏنيمانس تھ جيڪي ٿي گذريو آھي، ان جو سمورو احوال حيدرآباد ۾ ميرن جي درٻار ۾ بمبئيءَ سرڪار جي طرفان مقرر ڪيل سفير ڄيٺانند جي معرفت، لکي ڏياري موڪل. آخر منشي بابلي، جو ڪرنل پاٽنجر جي چوڻ تي ڪپتان ڪارليس سان گڏ آيو ھو، فارسيءَ ۾ ھڪ خط لکيو، جو مون ھڪ قاصد جي ھٿان منشي ڄيٺانند ڏي موڪليو. اٺيتاليھن ڪلاڪن کان پوءِ اھو خط منشي کي پھتو. ھن حيدرآباد جي ميرن کي خط جي مطلب کان واقف ڪيو. مير نورمحمد کي حسن خان جي روش تان مٺيان لڳي ۽ حڪم ڪيائينس تھ صاحب لوڪن کان انھيءَ ھتڪ جي ھڪدم معافي وٺي. اھو حڪم نامو، پنجين ڏينھن ھڪ چٺيءَ سان مون کي مليو. حسن خان اچي ڊنو، سو سڌو مون وٽ آيو تھ تون وچ ۾ پئي ڪپتان ڪارليس ۽ ھن جي دوستن کان معافي وٺي ڏي. منشي ڄيٺانند جو خط مون کي شام جو مليو ۽ مان اھو ڪپتان ڪارليس ڏي موڪليو ۽ اھو بھ چوائي موڪليومانس تھ حسن خان ھاڻي پشميان ٿيو آھي. ٻئي ڏينھن جڏھن مان ڪپتان ڪارليس ڏانھن ويس تھ حسن خان ٻي ٻيڙيءَ ۾ منھنجي ڪڍ آيو. ھن بار بار معافي گھري ۽ پڇتاءُ ظاھر ڪيو. پوءِ ڪپتان ڪارليس، منشي ڄيٺانند جي نالي ھڪ خط لکايو تھ حسن خان وڏي خطا ڪئي آھي، پر جنھن صورت ۾ ھن پڇتايو آھي ۽ معافي ورتي اٿس، تنھن صورت ۾ ھن جو ڏوھھ نظر انداز ڪجي ٿو.

ڪپتان ڪارليس ٽي مھينا ڪراچيءَ ۾ ھو. ھن جا يورپي عملدار سڄو ڏينھن جھاز تي ماپن وٺڻ ۾ مشغول ھوندا ھئا ۽ رات جو ھو موٽي منھنجي گھر ايندا ھئا. ٽن مھينن جي گذرڻ کان پوءِ، ڪپتان ڪارليس، سون مياڻيءَ روانو ٿي ويو. جتان پوءِ ھو بصري ويو. مون ھن کي ٻنھي شھرن ۾ پنھنجن گماشتن لاءِ تعارفي چٺيون ڏنيون. مون کي خوشي آھي تھ منھنجن گماشتن ھن جي خاطر خواھھ خدمت ڪئي. ھن اتان موڪلائڻ وقت اسان جي سڀني گماشتن کي سفارشي چٺيون ڏنيون. ڪراچيءَ جي ڪئپٽن ڪارليس جي مون سان دوستي ھئي ۽ ھو مون وٽ رھندو ھو. ان ڪري سنڌ توڙي سنڌ جي پاڙيوارن ملڪن جي ماڻھن سمجھيو تھ انگريز سرڪار سنڌ ۾ مون کي پنھنجو سفير مقرر ڪيو آھي.

سنبت ١٨٧٥ (١٨٣٨ع) جي بڊي مھيني ۾ ڪرنل پاٽنجر، ڀڄ کان حيدرآباد پھتو، جتان مون کي لکيائين تھ انگريزن جي ھڪ وڏي فوج سر جان ڪين جي قيادت ھيٺ، بمبئيءَ کان گھوڙا ٻاريءَ(1) رستي بامنيڪوٽ لاءِ رواني ٿي چڪي آھي، جتان اھا سنڌونديءَ رستي شڪارپور ويندي. سموري سفر ۾ ان جي آسائش ۽ رسد جو انتظام ڪرڻو آھي. آءٌ توکان سواءِ، ڪنھن ٻئي کي اھڙو ڏکيو ۽ اھم ڪم حوالي نٿو ڪري سگھان. ڇاڪاڻ تھ منھنجو تو ۾ پورو پورو اعتماد آھي. اميد تھ تون ھي ڪم عقل، قابليت ۽ پوريءَ جانفشائيءَ سان نباھيندين. ھن انھيءَ خط سان گڏ ھڪ ٻن لکن ڪوڙين (ڀڄ جو سڪو) جي ڀڄ جي واپارين تي ھنڊي (2) ۽ ٻيون بمبئيءَ ۽ ڪلڪتي جون ھنڊيون بھ موڪلي ڏنيون. انھن کي ضرورت مطابق مٽائي، رسد جي محڪمي لاءِ چانور، ڪڻڪ، جو ۽ ٻاجھري خريد ڪرڻي ھئي. اھو سامان وري آھستي آھستي، مختلف ٻيڙين جي رستي ڀڄ واري ماڌي ڏانھن، گھوڙاٻاريءَ موڪلڻو ھو. ماڌو، انگريزن جو گماشتو ھو ھن کي ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ ھو رسد جي محڪمي جي عملدارن سان گڏجي، مال سنڀالي لھرائي. ان کان پوءِ سواءِ، مون کي چيو ويو تھ ٻھ ھزار اٺ ۽ اٺ سؤ يا ھزار ڍڳا، مھيني جي حساب سان ڀاڙي ڪري، اعتبار جھڙن ماڻھن سان گڏ موجود ڪري بيھاريان جو انھن جي ڪنھن بھ وقت ضرورت پئي تھ ڪم اچي سگھن.

مون انھن ھدايتن مطابق اناج خريد ڪري، گھوڙاٻاريءَ موڪلڻ شروع ڪيو. انھيءَ خريداريءَ ڪري، ڪراچيءَ جي بزار ۾ ان جون قيمتون وڌي ويون ۽ ميرن جي عملدارن رنڊڪون وجھڻ شروع ڪيون. ھنن ڪراچيءَ جي غريب مسلمانن کي ڀڙڪايو تھ ھو منھنجي در تي ڌرنو ماري شور ڪن. چنانچھ ھڪڙي ڏينھن صبح جو ھزار مسلمانن جو ميڙ اچي منھنجي در تي ڪٺو ٿيو، ۽ پڪارڻ لڳا تھ تو ڏڪر پيدا ڪيو آھي ۽ غريبن کي بک ماريو آھي. ميرن جي عملدارن اھڙيءَ طرح اڻسڌيءَ طرح مخالفت شروع ڪئي، پر ھو اسان جو ڪوبھ نقصان ڪونھ ڪري سگھيا. مون ڪنھن جي بھ پرواھھ ڪانھ ڪئي. منھنجا گھڻين ھنڌين گماشتا ھئا. سوين مياڻي ۾، وئيسميل منھنجي ڪوٺي سنڀاليندو ھو. ھو اتان سستي اگھھ تي اناج خريد ڪري ڪراچيءَ موڪليندو ھو، جتان اھو ڏسي چڪاسي گھوڙاٻاريءَ روانو ڪيو ويندو ھو. سيوھڻ ۾ بھ منھنجا گماشتا منھنجي حڪم پٽاندر، ان خريد ڪري، ايماندار نوڪرن جي ھٿان، سنڌونديءَ جي رستي گھوڙاٻاريءَ موڪليندا ھئا ۽ اتي منشي ماڌي ۽ ٻين گماشتن جي حوالي ڪري، رسيدون وٺي باقاعدي مون ڏي ڪراچيءَ موڪلي ڏيندا ھئا.

ان وقت ۾ مان اٺن جو انتظام ڪندو رھيس. ٽالپر حڪومت جا عملدار ھر وقت منھنجن ڪوششن کي ناڪام بنائڻ جو سعيو ڪندا رھيا. ھو اوٺيسوارن کي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ڊيڄاريندا ھئا ۽ ھنن جي دلين تي اھو اثر ويھاريندا ھئا تھ ٽالپرن جي علائقي مان لنگھي وڃڻ ڪا اڪ جي ماکي لاھڻي نھ آھي. فرنگين جي فوج جو ضرور مقابلو ڪيو ويندو ۽ شايد لڙائي لڳي، جنھن ۾ اوھان غريب اٺن وارن کي اجايو نقصان رسندو ۽ مفت مارجي ويندو. اوھان جي ڀلائي انھيءَ ۾ آھي تھ ڀاڙي تي اٺن ڏيڻ کان انڪار ڪريون. اھي ڳالھيون تفصيلوار منھنجي ڌيان تي آيون. مون برھماڻي بلوچن کي، جي اسان جي وڏن کان ملازم ھوندا ھئا ۽ منھنجي اخلاقي اثر ھيٺ ھئا، گھرائي کانئن پنج سؤ اٺ خريد ڪيا، جي ھنن جي قبيلي جي ملڪيت ھئا. اھڙيءَ طرح مون ڪن ٻين ماڻھن کان، جن تي منھنجو اعتبار ھو، اٺ ڀاڙي ڪيا. پوءِ مون خيال ڪيو تھ ڪراچيءَ کان ٽي ڪوھھ پري، گھاري (1) ۾، جتي اسان جي سؤ سالن کان ڪوٺي ھوندي ھئي، اتي وڃي ڪجھھ وقت رھجي تھ جيئن زياده آسانيءَ سان اٺ ھٿ ڪري سگھجن. ڇاڪاڻ تھ ڪراچيءَ ۾ امڪان ھو تھ اٺن جو گھربل تعداد نھ بھ ملي سگھي. اھو فيصلو ڪري، ڀاڙي تي ھٿ ڪيل اٺن جي مالڪن کي صلاح ڏنم تھ اٺ ڪاھي گھاري ھلو، جو اتي چارو جام اٿو. پوءِ آءٌ بھ ماٺ ميٺ ۾ گھاري ھليو ويس. گھاري ۾ پنھنجي سرگماشتي نانڪرام کي چيم تھ آءٌ جوکين کي چڱيءَ طرح سڃاڻان ۽ ھو بھ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻن. نانڪرام منھنجن ھدايتن مطابق ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ٻن ڏينھن اندر منھنجيءَ جاءِ تي ملير جي ميمڻن (1) ۽ جوکين جي قبيلن مومت، تبير، بند، ستر ۽ ھوٿيءَ جي چڱن مڙسن ۽ ٻين اٺن وارن کي اچي حاضر ڪيائون. مون ھنن کان قبوليتون لکائي ورتيون، پوءِ وڌيڪ خاطريءَ لاءِ ابتدائي انتظام ڪري، ماڻھن کي چيم تھ اٺ گھاري ۾ ڪاھي اچو تھ انھن جي داخلا ڪري، ڳوٺ جي آسپاس ٻن – ٽن ڪوھن جي اندر چاري لاءِ ڇڏيون، جيستائين انھن جي ضرورت پوي. ان کان پوءِ جلدئي جوکين جي سردار، ڄام مھر عليءَ کي انھيءَ سودي جي خبر ڪيم، ڇاڪاڻ تھ مون ھن جي قوم وارن سان سودو ڪيو ھو، تنھنڪري ٻڌائڻ ضروري ڄاتم. ھن پنھنجن ماڻھن تي ڏاڍا ڇوھھ ڇنڊيا تھ توھان ڇو منھنجي صلاح کانسواءِ اٺ ڏيڻا ڪيا آھن. ڄام جيڪي سٽون سٽيون ھيون، تن جي مون کي خبر پئجي ويئي، تنھنڪري مون پنھنجي گماشتي نانڪرام کي ھن جي ڳوٺ ملير موڪليو تھ وڃي وٺي اچيس. ھو ڄام کي وٺي آيو. منھجي ڄام سان ڊگھي ملاقات ٿي ۽ آخر ھن کي باز آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيس. ڄام ھڪ بکيو شينھن ھو ۽ ھن کي ڪجھھ ان ۽ ڪجھھ وات مٺائي کپندي ھئي. چيائين تھ مان گھرجائو آھيان، قرض کپيم تنھن تي مون پنھنجي گماشتي، نانڪرام کي چيو تھ ھن کي ٻھ ھزار رپيا ڏي مگر نانڪرام جو ھن تي اڳيئي ٻئي ڪنھن حساب ۾ پنج ھزار رپيا قرض ھو. ھو کانئس ھميشھ قرض کڻندو ھو، جو پنھنجي جاگير جي پيدائش ۽ گھاري جي ماليھ مان، جنھن جو ھن کي مقاطعو مليل ھو، ڏيندو ھو. نانڪرام ھن کي ٻھ ھزار رپيا وڌيڪ ڏنا. ڪجھھ روڪ ۽ ڪجھھ ان بھ. ڄام واعدو ڪيو تھ مان ھاڻي وفادار ٿي رھندس.

مون ساڪري ۾ پنج سؤ باربردار ڍڳا مھيني جي حساب سان ڀاڙي تي ھٿ ڪيا ۽ انھن جي مالڪن کان قبوليتون ورتم ۽ سمورا اٺ گھاري ۾ گھرائي ورتم. ان کان پوءِ، اناج ۽ ٻئي سيڌي سامان ڪٺي ڪرڻ ۽ اٺن ۽ باربردار ڍڳن جي ھٿ ڪرڻ متعلق ڪرنل پاٽنجر کي احوال لکي موڪليم. ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منھنجي لياقت ۽ دانشمنديءَ جي تعريف ڪيائين. جلدئي پوءِ ڪرنل پاٽنجر، حيدرآباد کان گھوڙاٻاريءَ ۽ اتان بامنيڪوٽ روانو ٿيو. ھن کي ٻھ نائب ھئا: ھڪڙو ليفٽيننٽ، ڊبليو. جي. ايسٽوڪ (1) ۽ ٻيو ليڪي. انھيءَ وقت ڌاري، سر جان ڪين ھڪ شاھي فوج سان، بمبئيءَ کان گھوڙاٻاريءَ پھتو. ان کان اڳ سر جان ڪين جي نائب ڪئپٽن، آئوٽرام(2)، کي بمبيءَ جي گورنر، ڪراچيءَ موڪلي ڏنو ھو. ھن کي ھدايت ڪئي وئي ھئي تھ مون وٽ رھي معلوم ڪري تھ ڪرنل پاٽنجر مون کي فوج جي رسد لاءِ اناج گڏ ڪرڻ ۽ اٺن ۽ باربردارن ڍڳن ھٿ ڪرڻ لاءِ جيڪي فرمائشون ڪيون ھيون، تن جي مون ڪيتريقدر پوئواري ڪئي آھي. ھو ھڪ ننڍيءَ ديسيءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي اچي پھتو. بندر تي کيس منھنجا ڀائر پريتمداس ۽ سکرامداس وٺڻ ويا، سکرامداس کيس ٻيڙيءَ کان ڪناري تائين وٺي آيو. ڪئپٽن آئوٽرام سان لاشڪ ڪي نوڪر ساڻ ھئا، پر ھو سنڌين جي ڊپ کان ساڻس گڏجي ڪناري تي ڪونھ لٿا. آئوٽرام ڪجھھ بسڪوٽ ڊٻل روٽيون رومال ۾ ٻڌي، ھڪ لٺ ھٿ ۾ کڻي، منھنجي ڀاءُ سکرامداس سان گڏجي آيو. اچڻ سان منھنجي پڇا ڪيائين. چيائونس تھ ٽالپرن جي حڪومت جي عملدارن، ڪراچيءَ ۾ اٺن ڍڳن ھٿ ڪرڻ ۾ رنڊڪون پئي وڌيون، تنھنڪري ھو پاڻ ڪوشش ڪرڻ لاءِ گھاري ويل آھي. ڪئپٽن آئوٽرام ٻھ ڏينھن منھنجي ڪوٺيءَ، يعني واپار جي ڪاروبار واريءَ جاءِ تي ترسيل ھو. ھو ماني ٿوري کائيندو ھو ۽ زياده گذر کير تي ھوندو ھوس. ھو مون سان ملڻ لاءِ منتظر ھو، تنھنڪري سکرامداس کي چيائين تھ مون سان گڏجي گھاري (1) ھل. ھن جواب ڏنس تھ مان ڪراچيءَ ۾ سيٺ جي ھدايتن تي عمل ڪري رھيو آھيان، آءٌ اعتبار جوڳو ملازم تنھنجي خدمت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. پر ڪئپٽن آئوٽرام زور ڀريس تھ تون ڪيئن بھ مون سان ضرور گڏجي ھل. لاچار ٻھ سواريءَ جا اٺ ھڪدم پلاڻيا ويا، ھڪ تي سيٺ سکرامداس ۽ ڪئپٽن آئوٽرام ٻيلھھ سوار ٿيا ۽ ٻئي تي ٻن نوڪرن کي ساڻ کنيو ويو. شام جو مان پنھنجي گھر جي اڱڻ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ھوس، ڇا ڏسان تھ منھنجو ڀاءُ اٺ تي سوار آھي ۽ پٺيان ھڪ فرنگي ويٺو اٿس. مان يورپيءَ کي باعزت وٺي اچي ھڪ کٽ تي ويھاريو، جنھن تي گديلو پيو ھو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ، ڪئپٽن آئوٽرام مون کي پنھنجي اچڻ جي مقصد کان واقف ڪيو، ۽ چيائين تھ بمبئيءَ جي گورنر مون کي موڪليو آھي تھ سيٺ کان پڇي اچ تھ تو ڪئپٽن پاٽنجر جي حڪمن جي ڪيتريقدر تعميل ڪئي آھي؟ مون خاطري ڏنيمانس تھ ڪرنل پاٽنجر جي حڪمن جي ھر طرح پوئواري ڪئي ويئي آھي. اھا خبر ٻڏي ھو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين تھ مون کي سڀاڻي بامنيڪوٽ وڃڻو آھي، سواريءَ جو انتظام ڪر ۽ مون کي پنجاھھ سوار ۽ پنھنجو ڀاءُ سکرامداس بھ ساڻ ڏي. ٻئي ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ جو ڪئپٽن آئوٽرام، گھاري کان بامنيڪوٽ روانو ٿي ويو. منھنجو ڀاءُ ۽ ھو ٻيئي ھڪ اٺ تي سوار ٿيا. وڃڻ وقت چيائين تھ تون بھ جلد ئي اسان جي پويان بامنيڪوٽ اچ. مون وعدو ڪيومانس تھ باربردار وھٽ موڪلي مان بھ ايندس، تھ جيئن ڪي وھٽ پٺيان رھجي نھ وڃن. ٻھ ڏينھن کان پوءِ، مان بامنيڪوٽ وڃڻ لاءِ فارغ ٿيس. انگريزن جي ڇانوڻيءَ جو انتظام ۽ فوج جي تربيت ڏسي مان تھ حيران ٿي ويس. پڇا ڪري وڃي ڪئپٽن آئوٽرام ۽ سکرامداس سان مليس. منھنجو ڀاءُ، ھڪ بافتي جي استر ڏنل دو چوبي تنبوءَ ۾ رھيل ھو جو کيس ميجر آئوٽرام رھڻ لاءِ ڏنو ھو. مان بھ وڃي ھن سان رھيس. منشي علي اڪبر ايراني، منھنجي ڀاءُ جي خدمت لاءِ مقرر ويو ھو. ھو، ادي تي ڏاڍو مھربان ھو. مون سان ڪيترائي گماشتا ساڻ ھئا. ڇانوڻي چئن ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھئي ۽ ھر ڪنھن ڳالھھ جو اعليٰ بندوبست ۽ انتظام ھو. مون اھا رات ادي ساڻ گڏجي گذاري. ٻئي ڏينھن ڏھين بجي، مان ڪرنل پاٽنجر سان ملڻ ويس. آءٌ ھن جي حليمت، اخلاق ۽ دورانديشيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيس. مون کي يورپي ماڻھن جي صحبت جو شرف اڳي ڪڏھن بھ حاصل ڪونھ ٿيو ھو ۽ مان ھنن جي رسمن، رواجن ۽ عادتن کان پڻ غير واقف ھوس. مان ڪرنل پاٽنجر جي پھرين نائب، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ جو شڪر گذار آھيان، جنھن مون کي پنھنجن رسمن رواجن کان چڱيءَ طرح واقف ڪيو ۽ چيائين تھ اسان سان لاڳاپي رکڻ مان توھان کي وڏا فائدا ٿيندا. ان کان پوءِ مان وڌيڪ سرجوشيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳس. ليفٽيننٽ ايسٽوڪ، ھڪ نھايت خوش مزاج، بي تڪلف، خوش گفتار، حليم طبع ۽ صاف گو ماڻھو ھو. ھن پنھنجي نيڪ عادتن سان ھر ڪنھن جون دليون موھي ڇڏيون ھيون. ھو سنڌ ۾ پنھنجي خوش مزاجيءَ سببان مشھور ھو.

آءٌ جڏھن ڪرنل پاٽنجر سان مليس، تڏھن ھن مون کان وھٽن ۽ فوج جي رسد بابت پڇيو. مون ھن کي مڪمل تفصيلوار احوال ڏنو. احوال ٻڌي نھايت خوش ٿيو ۽ چيائين تھ جيڪي شيون ۽ سامان تو رسد جي محڪمي جي اعليٰ عملدار، ميجر ڊيوڊسن کي وٺي ڏنو آھي، تنھن جي مون کي تفصيلوار فھرست ٺاھي ڏي ۽ جيڪي اٺ ۽ ڍڳا ڀاڙي تي ڪيا اٿئي، سي پڻ ھن جي حوالي ڪر. پوءِ ھن مون کي فوج جي سالار سر جان ڪين، لاءِ ھڪ تعارفي خط ڏنو ۽ چيائين تھ وڃي ساڻس مل. چنانچ مان سر جان ڪين جي خيمي ڏانھن ويس ۽ ڪرنل پاٽنجر جو رقعو اندر موڪليم. سپھھ سالار مون کي نھايت شفقت سان پيش آيو. سر جان ڪين پاڻ ھندستاني نھ ڳالھائي سگھندو ھو. ھن جي ھيٺان ٽي نائب ھئا: ڪئپٽن آئوٽرام، ڪئپٽن پاويل ۽ ميجر ڪين. ھن مون کان سيڌي سامان جي باري ۾ سوال ڪيا. مون ٻڌايومانس تھ سڀڪجھھ ٺيڪ آھي. تنھن تي حڪم ڪيائين تھ سمورو سامان رسد جي ڪميسري جنرل (اعليٰ افسر)، ميجر ڊيوڊسن جي حوالي ڪر. مون حڪم جي تعميل ڪئي ۽ جيڪو سامان سرڪاري گماشتي، ماڌوجيءَ ڏانھن گھوڙاٻاريءَ موڪليو ھوم، تنھن جو پڻ تفصيلوار احوال جنرل کي ڏنم. ان کان پوءِ جيڪي ڪجھھ موڪليو ھوم، سو بھ ٻڌايومانس. ھن اٺ ۽ ڍڳا ڏسي، ڳڻي، پنھنجي حوالي ڪيا. ڪرنل پاٽنجر مون کي ھدايت ڪئي تھ ڪميسري جنرل جي حڪمن جي پوري پوري تعميل ڪجانءِ ۽ رسد ۽ وھٽن وغيره لاءِ ھو جيڪي فرمائشون ڪري تن جو ڌيان رکجانءِ. وڌيڪ چيائين تھ پنھنجي ڀاءُ سکرامداس کي چؤ تھ اٺن ۽ ڍڳن جي سنڀال ڪري ۽ جتن کي خوش رکي. مون اھو سمورو ڪاروبار، بنا ڪنھن اجوري جي ڪرڻ جو وعدو ڪيو. در حقيقت شروع ۾ مون انگريزن جي جيڪا بھ خدمت ڪئي ھئي، سا سموري بنا ڪنھن اجوري جي ڪئي ھئي. مان سيڌي سامان جو مقعاطيدار ڪونھ ھوس. مون سياسي خدمت مالي نفعي جي ارادي سان ڪانھ ڪئي ھئي. منھنجي جان ۽ مال ھر وقت جوکي ۾ ھوندي ھئي. ھر ڪنھن کي معلوم ھو تھ ٽالپرن جي حڪومت، جنھن جو مان زيردست ھوس، سنڌ مان انگريزن جي فوج کي رستي ڏيڻ جي خلاف ھئي، ۽ ھنن جي نظر ۾ انگريزن جي مدد ڪرڻ سندن مفاد جي خلاف، بلڪ حڪومت جي توھين ھئي. پر منھنجي خاندان سان، پوين ميرن جي مذھبي تعصب جي اثر ھيٺ، جيڪي ظلم ڪيا ويا ھئا، تن جي ڪري اسان کي سخت رنج ھو. انگريز سرڪار لاءِ قربانيون، مون فقط پنھنجي خاندان جي مفاد ۽ ڀلائيءَ خاطر ڪيون. تنھنڪري جيڪي مون کي ڪرنل پاٽنجر چيو، تنھن جي مون خوشيءَ سان تعميل ڪئي ۽ خدا جو شڪر آھي تھ مان پنھنجن خانگي نوڪرن، منشين ۽ سپاھين جي مدد مان، سڀ ڪم خاطر خواھھ نموني ۾ پورا ڪيا.


___________________

(1) دوڪان بند ڪرڻ ھندن جو رواجي طريقو آھي، جنھن جي ذريعي ھو ڪنھن اڻپسند ڪم لاءِ نفرت جو اظھار ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تھ کاڌي پيتي جي باري ۾ خلق جو سارو دارومدار ھن تي ھوندو آھي. مؤلف، جو احمدآباد جو ضلعي ماجسٽريٽ ھو، ھن کي ياد آھي تھ ڍولڪا جي شھر ۾ بھ ھندن، مسلمانن جي قربانيءَ جي عيد جي موقعي تي، ھڪ ٻڪريءَ جي قربانيءَ جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ دڪان بند ڪري ھنن کي عيد جي سامان ۽ سيڌي وٺڻ کان محروم ڪيو ھو. جڏھن ھندن ست – ستاء تي بھ ڪو ڌيان نھ ڏنو، تڏھن مسلمانن ھڪ گانءِ قربان ڪئي، جا ھندن لاءِ وڏي ھتيا ھئي. سورت ۾ ھندن ڪم از ڪم ٻھ دفعا دڪان بند ڪيا: ھڪ دفعي حڪومت جي خلاف، لوڻ تي محصول ۾ ڪنھن ناپسند ڦيرڦار سبب ۽ ٻئي دفعي آمدنيءَ تي ڍل وجھڻ سبب، جنھنڪري وڏا فساد ٿيا. - مؤلف

(1) جيلسمير، سنڌ جي اولھائينءَ حد تي، راجپوتانا جي ھڪ مشھور رياست جو صدر مقام آھي.

(2) فرمان معنيٰ شاھي حڪم.

(3) مير غلام عليءَ جو پٽ، جو چئن ٻارن مان ٻيو عدد ھو.

(4) نصرپور حيدرآباد کان اٽڪل سورھن ميل اتر – اوڀر طرف آھي. ان جي آبادي اٽڪل ٤٥٠٠ ٿيندي. مشھور ۽ بااثر لغاري نوابن جي ڳوٺ جي ويجھو آھي. شھر قديم آھي. چون ٿا تھ ٩٨٩ع ڌاري نصير مھاڻي ٺھرايو ھو. شھر ۾ ٽي مشھور مقبرا آھن، مقبرا نھايت مضبوط ٺھيل آھن. بنياد پٿر جو اٿن ۽ مٿان ڪاشيءَ جي سرن جو ڪم ٿيل اٿن- اھي ١٥٠ سال اڳ، محمد شاھھ نالي ڪنھن شخص جي يادگيريءَ ۾ ٺھرايا ويا ھئا. اتي ھر سال ميلو لڳندو آھي، جتي ھزارين مسلمان ايندا آھن. شھر ۾ ٽي مشھور پير رھندا آھن.

(1) دوآبي جي ڏکڻ ۾.

(2) ڀڳل چڻا.

(1) عام طرح سمجھيو ويندو آھي تھ طھر مسلمانن لاءِ لازمي آھي پر قرآن ۾ ائين لکيل نھ آھي تھ وڏو ھجي يا ننڍو ھر حالت ۾ طھر ضروري آھي. سنڌ ۾ عام خيال ھو تھ سيٺ جو طھر ڪرايو ويو ھو.

(1) صوفي فقير، مسلمان تياڳي آھن. ھندستان ۾ ھو اٽي ۾ لوڻ برابر ھوندا ۽ پٺتي پيل فرقو سمجھيا ويندا آھن. شايد سيٺ ھوتچند جي مرضي ھئي تھ ھو ھندو تياڳي يا يوگي ٿيندو.

(2) خاصخيلي، موروثي نوڪر.

(3) ڦليلي، سنڌونديءَ جي ھڪ ننڍي شاخ آھي. ھن وقت ان کي آبپاشيءَ لاءِ ڪم آندو ويندو آھي. اھو واھھ، حيدرآباد کان لنگھي، ڪڇ جي رڻ تائين، ھڪ وڏي ايراضيءَ کي آباديءَ لاءِ پاڻي پھچائيندو آھي.

(1) لکپت، سنڌ جي دوآٻي جي ڀرسان، سنڌوندي٤ جي ڪوري ڦاٽ تي، ڪڇ جون اتريون بندر آھي.

(2) راءُ“ ھڪ ڌڙم آتما ھندو ھو. ھن جي فطرتا ھڪ ھم مذھب ماڻھوءَ سان، جو مسلمانن جي ظلم جو شڪار ٿيو ھو، خاص ڪري سيٺ ھوتچند جھڙو مشھور و معروف ماڻھوءَ سان ھمدردي ھوندي.

(1) نارائن سر، ڪڇ جي اتر – اولھھ ۾ ھڪ وارياسي پٿر جي پھاڙيءَ جي مٿان مشھور تيرٿ جي جاءِ آھي، ۽ اتي تمام شاندار مندر آھن. انھيءَ پھاڙ کي سمنڊ جون کاريون ڪڇ جي سرزمين کان جدا ڪن ٿيون. نارائن سر، ڀڄ کان ايڪاسي ميل اتر – اولھھ ۽ ڪڇ جي رڻ جي ڪوريءَ جي منھن وٽ آھي. ٿورو پري ڪوشيشور جو تيرٿ آھي، جو بھ ساڳي نموني جي ٽڪر تي آھي. ان جو ذڪر چينائي سياح، شون شئگ، ٦٤٠ع ۾ ڪيو آھي. ٻنھي تيرٿن تي سنڌ، ڪڇ ۽ ڀر وارن ملڪن مان ھندو، پراسچيت لاءِ ويندا آھن.

(1) شاھھ سجاول، شاھھ شجاع جي نالي سان مشھور آھي.

(2) مير نورمحمد ۽ مير نصير خان ھن جا پٽ ھئا. ھنن پيءُ جي مرڻ کان پوءِ حڪومت پاڻ ۾ تقسيم ڪئي ۽ ان کان پوءِ ھڪٻئي سان برادرانھ سلوڪ رکندا ھئا.

(1) سر ھينري پاٽنجر (١٧٨٩-١٨٥٦ع)، انھن اوائلي سياحن مان آھي جن، سنڌ ۽ سنڌ جي پار وارن ملڪن ۾ تحقيقات ڪئي ھئي. ھو ١٨٢٥ع ۾، سنڌ جي ھمسائي ملڪ، ڪڇ ۾ مقامي سفير مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ھو سنڌ ۾ سياسي سفير ھو، جتي ھن ميرن سان معاھدي ڪرڻ لاءِ ڳالھيون ٻولھيون ھلايون ھيون ۽ ھنن کان انگريزن جي فوج لاءِ سنڌ مان ڪابل طرف لنگھي وڃڻ جي اجازت ورتي ھئي. انھن خدمتن لاءِ ھن کي ”بئرونيٽ“ ۽ جي. سي. پيءَ جا خطاب مليا ھئا. تنھن کان پوءِ ”آفيم واريءَ جنگ“ جي وقت، ھن کي سفير ڪري چين ڏانھن موڪليو ويو ھو ۽ ھو ھانگ ڪانگ جو پھريون گورنر مقرر ٿيو ۽ ١٨٤٤ع ۾ پروي ڪائونسلر ٿيو. ١٨٤٦ع ۾ ھو ڇھن مھينن لاءِ ڪيپ جو گورنر ٿيو ۽ ١٨٤٧ع کان ١٨٥٤ع تائين مدارس جو گورنر ھو. مقدمي ٣ ۽ ٤ ضميمن ۾ ڏنل حوالن مان معلوم ٿيندو تھ ھن کي سيٺ نائونمل جي خدمتن جو وڏو احساس ھو.

(1) يعني اڌاريءَ موڙيءَ تي واپار نھ ڪندا ھئاسين.

(1) ممڪن آھي تھ انھن ٺڳين جي ڪري، ڪارخانو ڏتڙجي ويو ھجي. سيٺ نائونمل لاشڪ پنھنجو وقت، پنھنجي ڌنڌي کان وڌيڪ انگريز سرڪار جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ تي صرف ڪندوھو . ممڪن آھي تھ انھيءَ سببان سندس ڪارخاني کي ڪافي نقصان رسيو ھجي.

-مؤلف

(2) بلوچستان جي رڍن جي ننڍن وارن واري پشم نھايت مقبول آھي. اھي رڍون شايد انھيءَ مقصد سان انگلنڊ موڪليون وييون ھيون تھ جيئن اتي اھڙو نسل پيدا ڪجي.

(1) گذري بندر، گذريءَ يا گھاري جي کاريءَ تي ھڪ گھاٽ آھي، جو ھاڻي گھڻو ڪم نھ ايندو آھي. گھارو سنڌونديءَ جو اولاھون ڦاٽ آھي، جو ڪراچيءَ جي ھاڻوڪي بندر کان ٻھ يا ٽي ميل پري ڇوڙ ڪري ٿو.

(1) گھورا ٻاري، سنڌ ۾ ڪراچيءَ کان پوءِ، ٻين سڀني کان اھم بندرگاھھ ھو ۽ اڃا آھي، پر درياءَ جي ڦير ڦارين ڪري، اھو شھر بار بار نئين سر تعمير ڪيو پئي ويو آھي ۽ ھر نئون اڏايل شھر گھوڙا ٻاڙيءَ جو بندر، وڪر نالي ڳوٺ وٽ ھو، جو ھاڻي سمنڊ کان ڪافي پري آھي ۽ درياءُ بھ ڇڏي ويو اٿس. ھاڻي تيرھن ميلن جي فاصلي تي ڪيٽيءَ جي نئين بندر، جيڪو ٺٽي کان ست ميل ڏکن – اولھھ طرف آھي، ان جي جاءِ ڀري آھي. ڪيٽي بندر، جنھن کي ڪيٽي گھوڙا ٻاڙي چوندا آھن، تنھن کي بھ درياءَ ٽي دفعا لوڙھي ويو آھي ۽ ان کي وري وري درياءَ جي ڪپ تي نئين سر تعمير ڪيو ويو آھي. ڪيٽيءَ ۾ ٢٥٢٧ ماڻھو رھن ٿا. بندر، عمارتي ڪاٺ ۽ ٻين ڳرين شين جي واپار ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي بندرن سان ساحلي تجارت لاءِ استعمال ٿيندو آھي.

(2) ھنڊي يعني ناڻي جي چٺي.

(1) گھارو، داٻيچي اسٽيشن کان اٺ ميل پري، ميرپورساڪري تعلقي ۾ آھي. ان جي آبادي ھاڻي اڳي کان اڌ جيتري آھي، يعني ٨٠٠ کان ١٠٠٠ ماڻھو ٿيندي. گھاري جو اڃا بھ گزري ڦاٽ جي معرفت ڪراچيءَ سان رابطو آھي. پر ڪراچي – ڪوٽڙي ريلوي جي ڪري ان جي تجارتي اھميت گھٽ ٿي وئي آھي گھارو، ڀنڀور جي قديم ڦٽل شھر کان گھڻو پري نھ آھي. گھڻن ماڻھن جو خيال آھي تھ ڀنڀور، ديبل جو پراڻو شھر آھي، جنھن تي ستينءَ صديءَ ۾ پھرئين عرب فاتح حملو ڪيو ھو. ٻين محققن جو خيال آھي تھ ديبل ۽ ٺٽو ھڪ ئي شھر آھي.

(1) ميمڻ لفظ مومن يعني سچو مسلمان، جي بگڙيل صورت آھي. عام طرح اھو خطاب نومسلم ڪڇين لاءِ مخصوص آھي. جي ھاڻي ھڪ جدا طبقو ٿي ويا آھن. ڪي اصل سنڌي نومسلم بھ پاڻ کي ميمڻ يا سرھا سڏائيندا آھن. ان ڳالھھ جو پورو سراغ نھ مليو آھي تھ ھو ڪھڙي زماني ۾ مسلمان ٿيا ھئا. ميمڻن جو پيشو اڪثر واپار ھوندو آھي، پر لاڙ ۾ گھڻا ميمڻ کيتي ۽ وياج جو ڪم ڪندا آھن ۽ بمبئيءَ ۾ گھڻا ميمڻ رھن ٿا جي اڪثر ھزھائينس آغا خان جا مريد آھن. انھن مان گھڻا وڏا شاھوڪار آھن ۽ دڪان اٿن ۽ واپار ڪندا آھن. (نوٽ: ھت مولف ميمڻن ۽ کوجن کي پاڻ ۾ منجھائي ڇڏيو آھي.)

(1) ڪئپٽن ڊبليو. جي. ايسٽوڪ، ١٨٠٨ع ۾ پيدا ٿيو ھو. ھو ١٨١٧ع ۾ بمبئيءَ ويو. ١٨٣٨ع ۾ لارڊ ڪين جي فوج جو سياسي عملدار ھو ۽ ھن سان گڏجي سنڌ آيو ھو. ١٨٣٩ع ۾، حيدرآباد جي ميرن سان معاھدي ڪرڻ لاءِ ڳالھين ۾ بھرو ورتائين، جنھن جي ذريعي سنڌونديءَ ۾ بنا ڪنھن رنڊ روڪ جي واپار جي اجازت ڏني وئي. اميرن جي برخلاف ڪابل ۽ پنجاب جي حاڪمن جي جيڪا دعوا ھئي، ان جي باري ۾ فيصلو ٿيو تھ انگريز امانت ڪندا. ان کان سواءِ، اھا ڳالھھ قبول ڪئي وئي تھ سنڌ جي دفاع لاءِ ھڪ مددگار فوج رکي ويندي. بولان جي دڙي جي ھيٺانھينءَ واري علائقي جو سياسي انتظام بھ ايسٽوڪ جي حوالي ھو. اھو علائقو ان وقت افغانستان جي خلاف جيڪي فوجي ڪارروايون ھلي رھيون ھيون، تن جو مرڪز ھو. بعد ۾ ھو سنڌ ۾ عارضي مقامي سفير مقرر ڪيو ويو. ١٨٤٧ع ۾ ڪئپٽن ايسٽوڪ، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر منتخب ٿيو ۽ ١٨٥٨ع ۾ نائب صدر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ھو ھندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي ڪائونسل جو رڪن ٿيو.

(2) ھي ڪرنل جي درجي تان ترقي ڪري، سر جيمس آئوٽرام بئرونيٽ جي مرتبي کي رسيو. ھيءُ اڻويھين صديءَ جي ھڪ نھايت دلير ھستي ھئي. ھت ھن جي نامور ھستيءَ جي ڪارنامن دھرائڻ جي ضرورت نھ آھي. ھر ھڪ انگريز کي معلوم آھي تھ ھو ڪيئن سر ھينري ھيولاڪ سان گڏجي، لکنو جي پھرئين بچاءَ لاءِ ويو ھو ۽ پوءِ سرھينري ھيولاڪ کي دفاع جي شرف ڏيڻ لاءِ ظاھر ڪيائين تھ مان لکنو ۾ آئوڌ جي چيف ڪمشنر جي حيثيت ۾ داخل ٿيندس. ھو آخر ۾ گورنر جنرل جي ڪائونسل جو فوجي ميمبر ھو. سرچارلس نيپئر جنھن جا ھن سان پوءِ اختلاف ٿيا ھئا، تنھن ھن کي ”مشرق جي لاجواب پھلوان“ جو لقب ڏنو ھو.

(1) آئوٽرام جي ھن سفر جو احوال، سندس ھڪ تصنيف، ”سنڌ ۽ افغانستان جي مھم تي سرسري نظر“ جي پھرئين باب ۾ ڏنل آھي.

باب پنجون

[b]فوج جو ٺٽي طرف وڃڻ – نائونمل جو ضربخاني سنڀالڻ کان انڪار – ھڪ بلوچ جو آپي کان نڪري وڃڻ – ٽن انگريز عملدارن جو اتفاقي موت – مير شاھھ محمد جو انگريزن جي گدام کي جلائڻ – مير نور محمد جو نائونمل کي لڪ ڇٽ ۾ عذر موڪلڻ – آغا اسماعيل شاھھ – سکرامداس جو فوج سان اتر طرف وڃڻ – پاٽنجر جي امير البحر کي، نائونمل جي گھر جي حفاظت لاءِ استدعا – ڪراچيءَ جي بمباري – فوج جي لاھڻ ۾ مدد – نائونمل جي گھر جي حفاظت – سکرامداس جي شڪارپور ۾، فوج کان موڪلاڻي – نائونمل جي مدد سان ڪئپٽن ھئنڊ جي قاتلن جو گرفتار ٿيڻ – پاٽنجر جو نائونمل کي ڀڄ ۾ گھرائڻ – وڌيڪ گھوڙيسوارن لاءِ پئسا مھيا ڪري ڏيڻ – آئوٽرام جو قلات کان سون مياڻيءَ تائين خطرناڪ سفر – موت کان وار وار بچڻ.[/b]

بامنيڪوٽ ۾، منھنجي ھوندي حيدرآباد جي ميرن پاران نواب غلام شاھھ لغاري، سيد زين العابدين ۽ آغا اسماعيل شاھھ (1) انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ اچي پنھنجو خدمتون پيش ڪيون. پنجن – ڇھن ڏينھن کان پوءِ فوج ڇانوڻي پٽي، ٺٽي طرف ڪوچ ڪيو، جتي ھو ٽن ڏينھن کان پوءِ پھتا ۽ شھر ۾ مڪليءَ (1) جي وچ تي منزل انداز ٿيا، جتي ھنن لاءِ ڏاڍو سھڻو انتظام ڪيو ويو ھو.

ٺٽي ۾ مون کي ڪرنل پاٽنجر چيو تھ مسٽر وائيٽ لاڪ، ھن شھر ۾ ’انگريزن جي ماڙي‘ نالي ھڪ گھر ۾ رھندو آھي، ان وٽ وڃي ريال (2) ۽ چاندي وٺي، پگھاري، ڪنھن ديانتدار ملازم جي نظرداريءَ ھيٺ، ان مان ”ڪوڙيون“ ٺھراءِ. مون خيال ڪيو تھ ھي ڌنڌو نيڪناميءَ لاءِ خطرناڪ آھي، جيڪڏھن سڪي جي تور يا ڪنھن ٻئي نموني تر جيترو بھ تفاوت ٿيو تھ ناحق ملامت پلئي پوندي. تنھنڪري، مون پنھنجن خيالن ۽ اعتراض جو ليفٽيننٽ ايسٽوڪ سان خانگي طرح اظھار ڪيو، ۽ چيومانس تھ اھڙي ڪم ۾ بدناميءَ جو انديشو آھي. ليفٽيننٽ ايسٽوڪ، اھو شخص ھو جنھن جي دوستيءَ جون مون وٽ وڏو قدر ھو. مون کي ھن جي نيڪ، شريف ۽ حقيقت پسند مزاج لاءِ گھڻي عزت ھئي. ھن ڪرنل پاٽنجر سان ڳالھايو، جنھن اھو ڪم ماڻڪجيءَ نالي ھڪ پارسيءَ جي حوالي ڪيو، جيڪو ڇانوڻيءَ ۾ رھندو ھو. ماڻڪجيءَ ٻھ سال ساندھھ ضـربخـانـو ھلايو، ڪافي پئسو ٺاھيائين ۽ آخر جيل جو دروازو ڏٺائين.

ھڪڙي ڏينھن ٺٽي ۾ ھڪ نوحاڻي ٻروچ، اگھاڙي ترار کڻي، ڪرنل پاٽنجر (1) جي تنبوءَ ۾ ڪاھي آيو ۽ چرين وانگر، مڪر ڪري، ھوا ۾ ترار ڦيرائڻ لڳو. ڪرنل پاٽنجر جا سپاھي ھن کي پڪڙڻ لاءِ ھڪدم کڙا ٿي اٿيا، پر ھو وٺي ڀڳو. ھو سپاھين کان تکو ھو جنھنڪري کيس پڪڙي نھ سگھيا. تنھن تي حڪم ڏنو ويو تھ ھن تي گولي ھلايو، ۽ بندوق جي ھڪ ئي گوليءَ ۾ ھن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو.

فوج ٺٽي ۾ چار ڏينھن قيام ڪيو. حيدرآباد جي ڀرسان گدوبندر وٽ سرڪاري گدام ۾ سامان جو وڏو ذخيرو ڪٺو ڪيو ويو ھو. ڪرنل پاٽنجر جو ٻيو نائب، مسٽر ليڪي، سنڌونديءَ جي ڪپ تي گدوبندر جي بلڪل ويجھو رھيل ھو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو، ميرپورخاص جو مير شاھھ محمد، پنھنجو لشڪر وٺي حيدرآباد تي ڪاھي آيو ۽ حيدرآباد جي ميرن جي صلاح ۽ ھنن جي سپاھين جي مدد سان، گدوبندر ۾ انگريزن جي گدام تي حملو ڪري، ڦري، باھھ ڏيئي ڪيترو مال کڻي ويو. جڏھن مسٽر ليڪيءَ کي گدام تي حملي جي خبر پئي، تھ ھو ڊپ ۾ ٻيڙي تيار ڪرائي، ٺٽي روانو ٿي ويو. ھن جو اھم قدم نھايت عاقبت انديش ھو. جيڪڏھن ھو ٻروچن جي ھٿ اچي وڃي ھا، تھ پورو ڪري ڇڏينس ھا. مسٽر ليڪي جيئن ئي ٺٽي پھتو، تيئن ھڪدم فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ جي فورا تعميل ڪئي وئي ۽ ٺٽي کان جھرڪن (2) تائين ٻٽيھن ميلن جو مفاصلو ھڪ ئي منزل ۾ طئي ڪيو ويو. ٽڪرين ۽ ميدان ۾ ھڪ محفوظ جڳھھ تي ڇانوڻي لڳائي ويئي. ان وقت مان بھ ڇانوڻيءَ ۾ ھوس. ليفٽيننٽ ايسٽوڪ مون کي چيو تھ جتن جو خيال رکجانءِ تھ متان ڪنھن وقت ڌوڪو ڏئي فرار نھ ٿي وڃن. ڌڻيءَ جو شڪر جو ڪنھن بھ ڌوڪيبازي يا ڪا ٺڳي وغيره نھ ڪئي. مون سمورا اٺ ۽ ڍڳا، جھرڪن ۾ ميرن جي شڪارگاھھ(1) ۾ بيھاري ڇڏيا ھئا. جھرڪن ۾ اچڻ کان ڪجھھ وقت پوءِ، ھڪڙي ڏينھن صبح جو ٻھ(2) يورپي ٻيلي ۾ سير ڪرڻ ويا. ھنن انھيءَ خيال سان بندوقون ساڻ کنيون ھيون تھ جيڪڏھن ڪو موقعو ملي وڃي تھ شڪار ڪجي. ھنن کي ڪن ٻروچ سپاھين، جي ٻيلي ۾ لڪا ويٺا ھئا، حملو ڪري ماري ڇڏيو.

جھرڪن ۾ انگريزن جي فوج جي تربيت ۽ انتظام اھڙو تھ سھڻو ۽ رعبدار ھو، جو ماڻھو ڏسي حيران ٿي ٿي ويا. صاف ٿيل بندوقن ۽ بڙڇين مان اڀا بيٺل گڏا رواتيءَ لڳل رڪ وانگر ٿي چمڪيا ميرن معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا جاسوس جھرڪن موڪليا ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ ھنن کين انگريزن جي اعليٰ فوجي انتظام ۾ طاقت جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌايون ھجن، جو ھنن جا ڍڍر ڍرا ۽ سموريون رٿون درھم برھم ٿي ويون ھجن. منھنجي ذاتي رايو آھي تھ انھن خبرن ٽالپرن جھڙن غير مستقل مزاج ماڻھن جي دلين ۾ اھڙو ھراس پيدا ڪيو ھوندو جھڙو ڇانوڻيءَ جي نظاري ڏسڻ سان اسان جو حوصلو وڌي ٿي ويو.

جھرڪن ۾ فوج جي يورپي عملدارن جا خيما سڀ ھڪ قطار ۾ لڳل ھئا. منھنجو تنبو انھن جي سامھون وچ تي ھو. ھڪڙي ڏينھن صبح جو ڏھين بجي، مان پنھنجي وڏي تنبوءَ ۾ اٽڪل سؤ ماڻھن سان ويٺو ھوس، تھ ٻھ ماڻھو فقيراڻي ويس ۾ آيا ۽ سامھون بيھي صدا ھنيائون تھ اسان حج (1) تي ٿا وڃون خيرات کپي. مان ھنن کي غور ساڻ پئي نھاريو تھ ھنن اشارو ڪيو، جنھن تي مان اٿي پنھنجي خانگي تنبوءَ ڏانھن وڃي، کين پاڻ وٽ گھرايو. ھنن مون وٽ اچي ھڪڙيءَ لٺ جو ھٿيو کولي، ان مان ھڪ خط ڪڍي منھنجي حوالي ڪيو. اھو خط خود مير نورمحمد (2) جو لکيل ھو ۽ منھنجي نالي ھو. ان ۾ لکيل ھو تھ: ”سيٺ نائونمل، ھن وقت اسان جو دوست ۽ مربي ٿيءُ. ڪرنل پاٽنجر کي ٻڌاءِ تھ گدوبندر ۽ مير خان جي ٽنڊي (3) ۾ انگريزن جا گدام ۽ سنڌونديءَ ۾ مال جون ٻيڙيون ميرپور جي مير شير محمد، مير محمد صوبدار (1) جي مدد سان ڦريون ۽ ساڙيون آھن. منھنجو ان ۾ ڪوبھ ھٿ نھ آھي ۽ نڪي مون ان ۾ ڪو بھرو ورتو آھي. جوابدار ھو آھن. مان بيڏوھي آھيان، منھنجو ڪوبھ قصور نھ آھي.“

مون قاصدن کي ماني کائڻ جي صلاح ڪئي، پر ھنن معافي گھري ۽ مون کي ٻھ ٻيا خط بھ ڏيکاريائون جي کين ھڪدم پھچائڻ لاءِ ڏنا ويا ھئا. انھن مان ھڪ ٺٽي جي ميان عابد ڏانھن ھو ۽ ٻيو گھوڙاٻاريءَ جي نواب غلام شاھھ ڏانھن. وڌيڪ چيائون تھ انھن ٻنھي عملدارن کي ھدايتون ڪيل آھن تھ انگريزن جي مال جي خاص سنڀال ڪن ۽ فوج جي ھر طرح مدد ڪن. آءٌ قاصدن کي زوريءَ ترسائي، سڌو ڪرنل پاٽنجر جي خيمي ۾ ويس ۽ کيس خط ڏنم. اھو خط فارسيءَ ۾ لکيل ھو ۽ ليفٽيننٽ ايسٽوڪ پڙھيو. مون ھن کي خط جي باري ۾ سمورو احوال ٻڌايو ۽ پوءِ جيئن ھن لکايو تيئن قاصدن ھٿان خط جو جواب موڪليم.

ٻئي ڏينھن، حيدرآباد جي ٽالپرن جي پاران، آغا اسماعيل شاھھ جھرڪن ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ٿيو. ھو انھيءَ ڳالھھ سمجھائڻ لاءِ آيو ھو تھ گدوءَ ۾ ڪھڙين حالتن ھيٺ انگريزن جا مال گدام ڦريا ۽ جلايا ويا ھئا. ان ڳالھھ تي وڏو بحث ھليو. ڪرنل پاٽنجر ھن تي خوب ڇوھھ ڇنڊيا ۽ آغا اسماعيل شاھھ کي، سندس مالڪن جي پاران، مناسب لفظن ۾، ملامت ۽ تنبيھھ ڪئي. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو تھ ان ڳالھھ جو فيصلو دوستاني نموني ۾ ٿيڻ جو امڪان ڪونھ آھي. ائين ڪندي، آغا اسماعيل شاھھ ھٿ ٻڌي معافي گھري. آخر انگريزن نقصان لاءِ روڪ معاوضو وٺڻ قبول ڪيو ۽ آغا اسماعيل شاھھ ٽالپرن جي پاران ستاويھھ لکن رپين جي قبوليت لکي ڏني. اٺن ڏينھن جي قيام کان پوءِ، ڇانوڻي ڪوٽڙيءَ طرف رواني ٿي جتي ھو جلد ئي پھچي ويا. ٽالپرن انگريز سرڪار لاءِ پنھنجي دوستيءَ ۽ خيرخواھيءَ ڏيکارڻ جي ارادي سان، ڪيترا قاصد ڇانوڻيءَ ۾ موڪليا.

ڪوٽڙيءَ پھچڻ کان پوءِ جلد ئي ڪرنل پاٽنجر مون کي چيو تھ ليفٽيننٽ ليڪيءَ سان گڏجي، ميرن کان اسماعيل شاھھ طرفان لکي ڏنل قبوليت وارا ستاويھھ لک وصول ڪري اچ. مون ڪنڌ ڌوڻ ڪري پنھنجي حال کان کيس واقف ڪيو ۽ سمجھايومانس تھ پئسن لاءِ منھنجو وڃڻ ميرن کي چڱو نھ لڳندو. ھو ان ڳالھھ تي راضي ٿيو ۽ ميرن جي درٻار ۾ پنھنجي وڪيل منشي ڄيٺانند کي چوائي موڪليائين تھ ليفٽيننٽ ليڪيءَ ۽ ٻين ماڻھن سان گڏجي رقم وصول ڪري موڪليو. ميرن ان وقت جو چالو سڪو ”ڪوڙيون“ ڏيڻ جو وعدو ڪيو ھو، پر وٽن خزاني ۾ موجود ڪونھ ھيون، تنھنڪري ھنن کٽل رقم ”گوبندي“(1) يا ”مشھدي“(2) سڪن ۾ ڏني، جن جي پاڻ بزار ۾ وڌيڪ قيمت ھئي. ان کانپوءِ جلد ئي فوج، سيوھڻ جي رستي شڪاپور لاءِ ڪوچ ڪيو. ڪرنل پاٽنجر پٺيان مير خان جي ٽنڊي ۾ رھيو ۽ مان بھ ھن سان گڏ رھيس. ھن جو پھريون نائب، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ، فوج سان گڏ روانو ٿي ويو.

گدوبندر ۾ ڪوبھ سامان ڪونھ ڇڏيو ويو. فوج لاءِ رستي ۾ ڪيترن ھنڌ سيڌو سامان گڏ ڪري رکڻ ضروري ھو. تنھنڪري اھو فيصلو ڪيو ويو تھ سيوھڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ رسد جا گدام کوليا وڃن. ان باري ۾ ڪرنل پاٽنجر مون کان مدد گھري ۽ چيائين تھ پنھنجن ڀائرن، سکرامداس ۽ گوپالداس کي اجازت ڏي تھ فوج سان شڪارپور تائين گڏجي ھلن ۽ سيڌو سامان وٺي ڏيڻ ۽ ان جي حفاظت سان رکڻ جو انتظام ڪن. مون اھا تجويز خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ سيوھڻ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ھنڌ گماشتن کي ھدايتون موڪليم تھ سکرامداس جي حڪمن جي تعميل ڪن ۽ ھن کي گدامن وغيره قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن.

ھڪڙي ڏينھن صبح جو مان نورخان جي ٽنڊي ۾ پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس تھ مون کي ڪرنل پاٽنجر گھرائي، ڪرم فرمائي ٻڌايو تھ عربي سمنڊ ۾ انگريزن جي فوج جو اعليٰ بحري سالار، ريئر ائڊمرل سر فريڊرڪ ميٽلنڊ، بحري آرماڙ سان ڪراچيءَ جي شھر تي قبضو ڪرڻ وارو آھي. ھن مون کي تنھنجي گھر وارن جي پارت ڪئي آھي ۽ مون ڏي لکيو اٿس تھ توھان کي، مھرباني ڪري ھڪڙي ڳالھھ ڏانھن خاص ڌيان ۽ توجھھ ڏيڻو آھي. سا ھيءَ آھي تھ ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل جي گھر ٻار ۽ ملڪيت جي ھر حالت ۾ حفاظت ڪرڻي آھي. ھو ھن وقت فوج سان گڏ آھي ۽ اسان جي نھايت سرجوشيءَ ۽ جانفشانيءَ سان مدد ڪئي اٿس. مون کي ھن جي جان ۽ عزيزن جو فڪر آھي. انھن جي اھڙيءَ ريت حفاظت ڪئي وڃي، جھڙي ھندستان جي گورنر جنرل جي جان ۽ عزيزن جي.“

مون کي ھن تسلي ڏني تھ تون ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عزيزن جو ڪوبھ فڪر نھ ڪر، جو ڪراچي جلدئي انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ واري آھي. آءٌ اھا خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا آندم. جو سڀني جو ڏاتار آھي. مون اھا خبر ھڪدم ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عزيزن ڏانھن موڪلي ۽ چيومان تھ جيڪو بھ انگريز اچي تھ ان جي مدد ڪن. ٻئي ڏينھن مون کي ڪراچيءَ مان چٺي آئي تھ انگريزن جا ڪيترا جنگي جھاز بندر تي آيا ھئا ۽ منھوڙي جي قلعي تي اھڙي تھ گوليبازي ڪئي ھئائون جو ٽن ڪلاڪن جي اندر قلعي جي اولاھين ڀت ڪيرائي ڇڏيائون ۽ توبن جي دونھين، ڪاري ڪڪر وانگي، شھر جي مٿان وري ڏينھن کي رات ڪري ڇڏيو ھو. اھڙين حالتن ۾، ڪراچيءَ ۾ ميرن جا عملدار، جھڙوڪ ٻروچن جي نظاماڻي قبيلي جو نواب خيرمحمد، حاجي الھھ رکيو ۽ ٻيا زبردست سي سڀ منھنجي وڏي ڀاءُ پريتمداس وٽ آيا ۽ چيائونس تھ ”دونھين ماڻھن جو ساھھ گھٽي ڇڏيو آھي، اسان کي انگريزن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانھ آھي، توبزني بند ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺڻ کپن.“ انھيءَ وچ ۾ ٻھ – ٽي انگريز عملدار، ڪناري تي آيا. منھنجي ڀاءُ کي خبر پئي تھ ھو ساڻن بندر تي ملڻ ويو، جتي ميرن جا ماڻھو بھ جلد ئي اچي حاضر ٿيا. انگريز عملدار، منھنجي ڀاءُ سان گڏجي ھن جي جاءِ تي آيا ۽ اتان ھن سان گھوڙيسوارن جي فوج جي ڇانوڻيءَ لاءِ ڪا جڳھھ ڳولھڻ ويا. ھنن شھر ۽ رام باغ(1) جي وچ تي جيڪو ميدان ھو، سو ھنن پسند نھ ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن فوج کي لاھي اتي منزل انداز ڪيو ويو. منھنجن مائٽن تي،سامان لاھي، حفاظت سان رکڻ جو ڪم سونپيو ويو. ھو اھو سامان چٺين تي، وقتا فوقتا ڏيندا ھئا ۽ اھو ڪم ڪافي ذميداريءَ وارو ھو. پر منھنجا عزيز، اھا خدمت بنا ڪنھن اجوري جي خوشيءَ سان سرانجام ڪندا ھئا، جو آءٌ کين وقت بوقت لکندو ھوس تھ انگريزن جي فوج جي ھرحالت ۾ وڏي جانفشانيءَ سان مدد ڪن، ۽ ھنن جي ھرڪا تقاضا پوري ڪن. ڌڻيءَ جا لک شڪر آھن جو ھرڪا ڳالھھ اھڙي خوش اسلوبيءَ سان نباھي ويئي جو ريئر ائڊمرل، بار بار ڪرنل پاٽنجر کي خطن ۾ منھنجي خدمتن ۽ نوڪريءَ جو داد ڏيندو رھيو، جنھن تي ڪرنل پاٽنجر ھن جي پاران منھنجو شڪريو ادا ڪيو. منھنجي خدمتن جي اعتراف ۾ ۽ مون کي عزت ڏيڻ لاءِ، سر فريڊرڪ مٽلند، اسان جي خانداني جڳھھ جي حفاظت لاءِ يورپي سپاھي مقرر ڪيا. فتح کان پوءِ بھ ڪيتري وقت تائين اھو ڪرم ھلندو آيو ۽ البت يورپي چوڪي بدلائي ان جي جاءِ تي ديسي سپاھي رکيا ويا. فوج جي لھڻ کان پوءِ جلد ئي مون ريئرائڊمرل ۽ ھن جي دوستن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو. ھنن اھا دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. ھو پاڻ سان سپاھين جو ھڪ دستو، جھنڊن ۽ بئنڊ سميت وٺي آيا.

منھنجي ننڍي ڀاءُ، سکرامداس بھ فوج جي شڪارپور تائين خاصي خدمت ڪئي، جنھن لاءِ بھ مان ڌڻيءَ جو شڪر گذار آھيان. شڪارپور ۾ منھنجي ڀاءُ تي زور ڀريو ويو تھ ھو فوج سان گڏ ڪابل تائين ھلي ۽ رستي تي رسد جو انتظام ڪري. ھن جواب ڏنن تھ مان سيٺ جي حڪم جو بندو آھيان. مون کي فقط شڪارپور تائين ھلڻ ۽ فوج کي رسد پھچائڻ جو ڪم سونپيو ويو آھي. تنھن ھوندي بھ مان ھن کان پڇي، اڳتي ھلڻ جي اجازت وٺندس. مون کي اھا ڳالھھ پسند نھ ھئي تھ منھنجو ڀاءُ ڪو فوج سان افغانستان وڃي. تنھن کان سواءِ مون اھڙو وعدو بھ ڪونھ ڪيو ھو تھ مان فوج کي سيڌو سامان ۽ وھٽ سنڌ جي حدن کان ٻاھر بھ پھچائيندس. تنھنڪري مون ڪرنل پاٽنجر کان پڇيو تھ تنھنجي ڪھڙي صلاح آھي. چيائين تھ توتي فقط سنڌ مان فوج کي سلامتيءَ سان رواني ڪرڻ جي ذميداري ھئي. سنڌ کان ٻاھر فوج کي سامان مھيا ڪري ڏيڻ جو ڪم برنس (وڏو) پاڻ تي کنيو آھي. تنھنجي مرضي ھجي تھ تنھنجو ڀاءُ، افغانستان وڃي سگھي ٿو. ان بعد مون سکرامداس ڏي خط لکيو تھ ڪابل نھ وڃ ۽ اجازت وٺي موٽي اچ. چنانچھ ھن ائين ڪيو. ھو سمورو حساب – ڪتاب صاف ڪري، سنبت ١٨٩٥ (١٨٣٩ع) جي چيٽ مھيني (مئي) ۾، ڪراچيءَ موٽي آيو. پٺيان چمنداس ماڌوداس، شڪارپوري، جو بمبئيءَ ۾ اسان جي ڪارخاني تي گماشتو ھوندو ھو، سو ان وقت پنھنجي ڳوٺ آيل ھو. سکرامداس، ھن کي چيو تھ منھنجي بدلي ۾ فوج سان گڏجي وڃي.

ساڳئي سال جي اپريل تائين مان ڪرنل پاٽنجر سان حيدرآباد ۾ ھوس. مون کي جيڪي سياسي خبرون ملنديون ھيون، سي مان کيس پھچائيندو ھوس. مير نورمحمد ۽ نصير خان ھن سان جدا جدا ملندا رھندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن مير نورمحمد منھنجي رشتيدار، ديوان ھيرانند کي، جو ان وقت مير جي ھٿ ھيٺ ھڪ اھم ۽ بااثر عھدي تي مقرر ھو، چيو تھ سيٺ کي ڪنھن ڏينھن اسان وٽ وٺي اچ. مون انڪار ڪيو، پر ھو مون کي پندرھن ڏينھن ساندھھ ان باري ۾ چوندو آيو. ”چي: توکي ميرن لاءِ محبت ڪانھ ھوندي، پر سنڌ اڃا ھنن جي تابع آھي. تنھنجا ڪيترا عزيز ھنن جي نوڪريءَ ۾ آھن، جي تون ميرن وٽ نھ ھلندين تھ اسان ھڪ رات بھ سک سان سمھي نھ سگھنداسين.“ تنھن تي مون ڪرنل پاٽنجر سان مشورو ڪيو ۽ کانئس صلاح گھري. ھن مون کي صلاح ڏني تھ چڱو ائين آھي تھ ميرن جي ڪم ۾ دلچسپي نھ وٺ. مون ھن کي سمجھايو تھ ان ڪري منھنجي عامل(1) مائٽن کي نقصان پھچندو. ھن ويچار ڪري نيٺ مون کي ھنن سان ملڻ جي اجازت ڏني ھڪڙيءَ رات مان حيدرآباد وڃي پنھنجي مائٽ، ديوان ھيرانند وٽ رھيس. ٻئي ڏينھن انگريزن جي ڇانوڻيءَ کان موٽندي، قلعي ۾ مير نورمحمد جي بنگلي ۾ لنگھي ويس در تي جو پھريدار ھو، تنھن وڃي اندر مير کي سڌ ڏني ۽ مون کي اندر گھرايو ويو. مان اندر داخل ٿيس تھ مير نورمحمد مون سان ملڻ لاءِ اٿيو ۽ ھٿ کان وٺي ھڪ منجيءَ(1) تي ويھاريائين. ان وقت مير نصير خان بھ حاضر ھو، ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ساڳيءَ کٽ تي ويٺو ھو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ، نورمحمد مون ڏانھن مخاطب ٿي چيو تھ ”سيٺ نائونمل، پيءُ جو انتقام چڱيءَ طرح ورتئي! ھاڻي تھ خوش ٿئين؟“ مون جواب ڏنس تھ ”سائين. ائين ڇو ٿا چؤ؛ اھڙا لفظ ڇو ٿا ڳالھايو؟“ ائين چئي مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ پوءِ جلدئي موڪلائي اٿيس. مون ڪرنل پاٽنجر سان سمورو احوال ڪيو. جواب ڏنائين تھ ”چڱو ڪيئي تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر.“

پنجن ڏينھن کان پوءِ خبر ملي تھ فوج شڪارپور کان ڪابل ڏانھن رواني ٿي ويئي. مان ڪرنل پاٽنجر سان ڪراچيءَ موٽي آيس. ھي اپريل جو مھينو ھو. ڪراچيءَ ۾ خبر پئي تھ منھنجي ڀاءُ اتي انگريزن جي فوج جي چڱي خدمت ڪئي ھئي. اھا ڳالھھ ٻڌي ڪرنل پاٽنجر ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر، بمبئيءَ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ مون کي ساڻ ھلڻ لاءِ صلاح ڪيائين. مون ٻڌايومانس تھ جن ڏينھن ۾ بمبئي شيدين(2) جي ماتحت ھوندي ھئي، ان وقت کان وٺي اسان جي بمبئيءَ ۾ ڪوٺي آھي، پر اسان مان ڪوبھ اتي ڪونھ ويو آھي. پر جي توھان جي مرضي آھي تھ مون کي ھلڻ ۾ اعتراض ڪونھي. ھن پوءِ مون کي معافي ڏني ۽ چيائين تھ ڀڄ وڃي توکي اتي گھرائيندس.

ڪراچيءَ ۾ رھيل فوج جي سالار، ڪرنل اسمپلر کي مقرر ڪيو ويو. ھو شادي شده ماڻھو ھو ۽ ٻار – ٻچا ساڻ ھئس. مان روز صبح جو نائين بجي ڇانوڻيءَ ۾ ويندو ھوس، ۽ ڏينھن سڄو پنھنجي تنبوءَ ۾ (جو ڪرنل اسپلر جي تنبوءَ جي ڀرسان ھوندو ھو) گذاري، شام جو ڇھين بجي گھر موٽي ايندو ھوس. ڪرنل اسپلر ھڪ نيڪ، صاف دل ۽ شريف طبع وارو ماڻھو ھو. ھڪڙي ڏينھن شام جو پنجين بجي، ڪئپٽن ھئنڊ گھوڙي تي چڙھي، سواري لاءِ منگھي پير طرف ٽڪرين ۾ نڪري ويو، جتي ڪن شاھينگن ھن کي قتل ڪري ڇڏيو.

ست وڄي ويا، پر ھو ڇانوڻيءَ ۾ ڪونھ موٽيو. ڪرنل اسپلر ھن کي ڳولھڻ لاءِ ڪي سپاھي ٽڪرين ۾ موڪليا. ھنن جلد ئي موٽي اچي اطلاع ڏنو تھ لاش ھڪ کڏ ۾ پيو آھي. رات جو ڏھين بجي ڪرنل اسپلر مون کي گھرايو ۽ مان ڪن سپاھين سان، جي ان وقت موجود ھئا، ڇانوڻيءَ ڏانھن ويس. ڪرنل اسپلر مون کي ڪئپٽن جي باري ۾ جيڪا کيس خبر ھئي، تنھن کان واقف ڪيو. مون پنھنجن سپاھين کي حڪم ڪيو تھ پڳي(1) وٺي ھڪدم وڃي قاتلن جو پتو لڳايو. مون چيومانس تھ جيستائين توھان نھ موٽندؤ، تيستائين آءٌ ڇانوڻيءَ کان ٻاھر نھ نڪرندس. ھو ٽن – چئن ڪلاڪن کان پوءِ موٽي آيا ۽ خبر ڪيائون تھ اھو ڪانئرن واروڪم شاھھ بلاول (1)جي خليفي(2) چاڪر ڇٽي ۽ بديجا قومن جي پنجاھھ ماڻھن جي مدد سان ڪيو آھي. انھيءَ خبر ملڻ تي، ڪرنل اسپلر سڌو ڪرنل پاٽنجر جي نائب ليفٽيننٽ ليڪيءَ، (ھو ان وقت حيدرآباد جي سفارتخاني جو ناظم ھو) کي لکيو تھ ميرن کان خليفي چاڪر کي ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪرائي ڏيڻ جي گھر ڪري. مان شھر ۾ واپس اچي پڇا ڪرائي تھ ڇٽي ۽ بديجا قومن جا ڪي ماڻھو آسپاس آھن يا نھ ۽ آخر اٺ ماڻھو ڳولھي ڦولھي ھٿ ڪري، مضبوط پھري ھيٺ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ڏانھن موڪليا ويا. ھنن ڪرنل اسپلر وٽ زباني باس باسي تھ برابر اسان شاھھ بلاول واري خليفي چاڪر جا مريد آھيون ۽ ھو اسان جو مرشد آھي ۽ اھو قتل ھن ڪرايو آھي. اسان بھ ان وقت ھن سان گڏ ھئاسين. اسان ھو ڪم ڪئپٽن ھئنڊ جي ڪوٽ تي جيڪي چمڪندڙ تمغا لعل ھئا، تن جي لالچ ۾ ڪيو ھو. ھن جون شاھديون لکيون ويون ۽ کين حوالات ۾ رکيو ويو. حيدرآباد ۾، ليفٽيننٽ ليڪيءُ، مير نورمحمد تي زور ڀريو تھ خليفي چاڪرکي گھرائي. مير نندي کجمتگار (خدمتگار) کي شاھھ بلاول موڪليو تھ خليفي چاڪر کي ھٿ ڪري ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ڪري. ڇانوڻيءَ ۾ ھن تي فوجي عدالت ۾ مقدمو ھلايو ويو. تھمت ثابت ٿي ۽ فيصلو ٿيو تھ ھن کي انھيءَ جاءِ تي ڦاھي ڏني وڃي، جتي ڪئپٽن ھئنڊ قتل ڪيو ويو ھو. فوجي عدالت، ڪرنل اسپلر، ميجر ڊونوھاءِ ۽ مون (نائونمل) تي مشتمل ھئي.

ھن موقعي تي منھنجن خدمتن جو تفصيلوار احوال ڪرنل اسپلر، ڪرنل پاٽنجر ڏانھن لکي موڪليو، جنھن مون ڏي شڪراني جو خط لکيو.

سنبت ١٨٩٦ جي سانوڻ مھيني، برابر آگسٽ (١٨٤١ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر مون کي ڀڄ اچڻ لاءِ لکيو، جتي ھو موٽي آيو ھو. چنانچھ مان ٻئي مھيني ۾، پنھنجي وڏي پٽ ٽيڪمداس سان گڏ، ڪڇ جي صدر مقام لاءِ روانو ٿي ويس. مان خشڪي رستي، ٺٽي ۽ سيرڳنڍي (1) کان ٿيندو، نارائڻ سر ويس. آخر ذڪر ٿيل شھر ۾ ھڪ ڏينھن رھي، لکپت ويس، جتي پتا سان ملڻ جي خوشي حاصل ٿي. مون ھن سان ٻھ ڏينھن گذاريو پوءِ لکپت کان سڌو ڀڄ ويس، جتي ڪرنل پاٽنجر سان وري ملاقات ڪري خوش ٿيس. ڪراچيءَ ڇڏڻ کان اڳ مان ڪرنل پاٽنجر کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع موڪليو ھو، جنھن تي ھن ڪڇ جي راءِ کي لکيو ھو تھ منھنجي رھڻ جو انتظام ڪري ڇڏي. ڀڄ ۾ پھچڻ سان مون کي پنھنجي قيامگاھھ تي پھچايو ويو. ٻئي ڏينھن مان ڪرنل پاٽنجر سان مليس ۽ اسان ھڪٻئي سان سنڌ ۽ قنڌار جون خبرون چارون ڏنيون ورتيون. تنھن کان پوءِ ھن صلاح ڏني تھ ڪڇ جي حاڪم، راءُ ڏيسر سان ملي اچ ۽ سفارتخاني جي منشيءَ، مسٽر پتامبر کي چيائين تھ مون کي شام جو پنجين بجي راءُ وٽ وٺي وڃي. راءُ کي اطلاع ڪيائين تھ سيٺ شام جو توھان سان ملاقات ڪرڻ ايندو. راءُ (1) صاحب منھنجي ڏاڍي مان ۽ شان سان آجياني ڪئي. مون کي پنھنجي تخت جي ڀرسان ويھاريائين ۽ گھڻو وقت مون سان ڳالھيون ٻولھيون ڪندو رھيو. درٻار برخاست ٿيڻ کان پوءِ، راءُ صاحب مونکي پنھنجن محلن ۾ وٺي ويو، جنھن کي شيش محل (شيشن وارو) ۽ ھيرا محل (ھيرن وارو) چوندا آھن. ڀڄ جي درٻار مون کي ڏاڍو پسند آئي. مان ڀڄ جي شھر جا تلاءَ، حوض ۽ مکيھ جايون پڻ ڏٺيون ۽ ماڻھن کان متاثر ٿيس. مان ڀڄ ۾ ڇھھ مھينا رھيس ۽ ان وقت جو روزنامچو پڻ رکيم، جو سنڌ جي خاص لپيءَ، ھندو- سنڌيءَ ۾ لکيل آھي. ان ۾ منھنجا ڪڇ جي باري ۾ تاثرات تفصيلوار ڏنل آھن.

ڀڄ جي انگريزي رسالي ۾ فقط ٻھ سؤ گھوڙيسوار (2) ھئا ۽ اھو ڪرنل پاٽنجر جي ھڪ نائب، مسٽر واٽ جي ڪمان ھيٺ ھو. ليفٽيننٽ جان جيڪب ھن جو زيردست ھو. مان ڪئپٽن واٽ سان سندس فرمائش مطابق مليس ۽ ھن مون کي ٻڌايو تھ ”بمبئيءَ سرڪار ڀج جي رسالي(1) ۾ ٽن سون سوارن جي اضافي ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي، پر ھو ھن وقت، انھيءَ خرچ برداشت ڪرڻ جي قابل نھ آھي. مون کي اجازت ڏني ويئي آھي تھ ڪنھن صراف سان بندوبست ڪري، ٣٠٠ گھوڙا خريد ڪريان. ڪڇ جي راءَ مون سان گھوڙن وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ھو، پر ڀڄ يا مانڊويءَ ۾ ڪو اھڙو شاھوڪار ڪونھ ھو جو مون کي پئسا اڌارا ڏي تھ سودو ڪريان.“ وڌيڪ چيائين تھ ”جي تون ھن معاملي ۾ منھنجي مدد ڪندين تھ مان مشڪور ٿيندس ۽ تنھنجو سرڪار تي پڻ احسان ٿيندو.“ مان چيومانس تھ ”مون کي پئسي جي لالچ نھ آھي، پر جي ڪرنل پاٽنجر مون کي چوندو تھ مان خوشيءَ سان مدد ڪندس.“ ڪئپٽن واٽ اھا ڳالھھ ڪرنل پاٽنجر کي لکي موڪلي ۽ ڪرنل پاٽنجر مون کي صلاح ڏنو تھ ڪئپٽن واٽ جي مدد ڪر، اھا سرڪار جي خدمت ٿيندي. ان تي مان ھڪدم ڪڇ جي راءَ ڏي پنھنجي ھٿ سان گجراتيءَ ۾ چٺي لکي تھ مون کي اڍائي لک ڪوڙيون (ڪڇ جو سڪو) اڌاريون ڏي، جي مان پندرھن ڏينھن جي اندر واپس ڪندس. راءَ ھڪدم مھرباني ڪري گھربل رقم گاڏين تي رکائي موڪلي ڏني، جا مون بروقت ڪئپٽن واٽ ڏي رواني ڪئي. ھن ناڻو وٺي رسيد لکي ڏني. ڪئپٽن واٽ گھوڙا خريد ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. سوار بمبئي سرڪار جي معرفت پوني کان گھرايائين ۽ پنج سؤ سوارن جو ڀڄ جو رسالو (جو پوءِ اريگيولر ھارس ٿيو)، وجود ۾ آيو. مون بمبئي، مسقط ۽ ڪراچيءَ جي پنھنجن ڪوٺين تي جي قرض جي رقم جون ھنڊيون ڪڍيون، مانڊويءَ ۾ پنھنجن گماشتن جي معرفت، وصول ڪرايون. ھڪ ھفتي اندر، منھنجي گماشتي مانڊويءَ مان ساري رقم موڪلي ڏني جا مون اٺين ڏينھن راءَ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي.

شاھھ سجاول ۽ انگريز سرڪار جي گڏيل فوج قنڌار غزني، ڪابل ۽ جلال آباد تي ھڪ ٻئي پٺيان آسانيءَ سان قبضو ڪندي وئي. شاھھ سجاول وري ڪابل جي تخت تي براجمان ٿيو. امير دوست محمد ۽ ھن جي ڀائرن جبل ٽپي وڃي بخاري ۾ پناھھ ورتي. فوج جو ھڪ حصو ڪابل کان قلات بروھي(1) موٽي آيو. محراب خان، جو ان وقت قلات جو حاڪم ھو، تنھن انگريزن سان دوستانو سلوڪ نھ ڪيو. انگريزن جو قنڌار ويندڙ سامان قلات مان لنگھندي ڦريو ويو. ان تي خان سان اختلاف ٿيا، جن آخر جنگ جي صورت اختيار ڪئي. محراب خان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ ھن جي صغير پٽ، نصير خان پنھنجي اھل و عيال سان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. انگريزن معاھدو ڪري محراب خان جي سؤٽ، شاھنواز خان کي برسراقتدار آندو. ڪرنل جيمس آئوٽرام ان وقت قلات ۾ انگريزي فوج سان ھو. حڪمت جي ڦيرڦار کان پوءِ، ھو جلد ئي بمبئي سرڪار کي حال احوال ڏيڻ لاءِ روانو ٿي ويو. مينگلن (2) جي سردار، رحيم خان کي جڏھن اھا خبر پيئي تھ ھن پنج سؤ سوار ۽ پيادا وٺي، ھن جو پيڇو ڪيائين. ڪرنل آئوٽرام اٺ تي ھو ۽ جت کان سواءِ ٻيو ڪوبھ ساڻ ڪونھ ھوس. ھن کي اھا خبر پئي تھ سندس تعاقب ٿي رھيو آھي سو تڪڙو تڪڙو وڃي سون مياڻيءَ پھتو. جتي پھچڻ سان منھنجن گماشتن، نوڪرن ۽ منشين جي پڇا ڪيائين. منھنجن ڪيترن ماڻھن ھن کي پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. انھن کي چيائين تھ ھڪ ٻيڙي ڀاڙي ڪري ڏيو جا مون کي راتو رات ڪراچيءَ پھچائي. ھو تيستائين اٺ تان نھ لٿو، جيستائين ٻيڙي ڀاڙي ڪري سامان سان ڀري آڻي ڏنائونس. تنھن کان پوءِ ھو ھڪدم ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. منھنجا گماشتا تيستائين ڪناري تي بيٺا ھئا، جيستائين ٻيڙي رواني ٿي نظر کان غائب ٿي ويئي. تنھن کان پوءِ ھو ڪوٺيءَ تي موٽي آيا. سون مياڻيءَ مان ڪرنل آئوٽرام جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻھ – ٽي ڪلاڪ پوءِ، رحيم خان مينگل(1)، شھر ۾ آيو ۽ پڇيائين تھ ڪو يورپي ماڻھو اتي آيو ھو؟ چيائونس تھ ھا، ھڪڙو يورپي آيو ھو، پر ان وقت ھڪ ٻيڙي تيار بيٺي ھئي، ان ۾ چڙھي سڌو ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. ان تي ھو نااميد ٿي موٽي ويو. منجھن گماشتن اھا خبر قاصد جي ھٿان منھنجي ڀاءُ ڏانھن ڪراچيءَ موڪلي. اھا چٺي ڪرنل آئوٽرام کي پڙھي ٻڌائي ويئي. جنھن انھيءَ غيبي نجات لاءِ شڪرانو ادا ڪيو. مان ان وقت ڀڄ ۾ ھوس، ۽ مون ڏي اھا خبر خط جي ذريعي موڪلي ويئي ھئي. مان ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع ڏنو ۽ ھن بھ مون کي ڪرنل آئوٽرام جي ساڳئي مفھوم وارو خط پڙھي ٻڌايو. ڪرنل آئوٽرام ٻھ ڏينھن ڪراچيءَ ۾ رھي، بمبئي روانو ٿي ويو.

_______________

(1) آغا اسماعيل شاھھ، اصل گرجي نسل جو ھو ۽ بيروني معاملات ۾، ميرن جو خاص صلاحڪار ھو. ھن کي ١٨٢٠ع ۾، ميرن جي پاران بمبئيءَ سفير ڪري موڪليو ويو ھو. جتي گورنر مائونٽ اسٽوئرٽ، ھن جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪئي ھئي. ھن جي پوين مان ڪي سنڌ جي ڪمشنر جي دفتر ۾ چڱن عھدن تي رھيا آھن.

(1) مڪليءَ جون ٽڪريون، ٺٽي کان ٻھ – ٽي ميل پري ھڪ ڊگھي، چوني جي پٿرن جي پھاڙين جي قطار آھي، جتي گھڻي وقت کان مسلمان بزرگ، پير، ولي دفن ڪيا ويندا آھن. انھيءَ ڪري اھا ھڪ مقدس جڳھھ سمجھي ويندي آھي. ھن وقت ڄڻ تھ ھڪ وڏو مقام آھي جتي اڳواڻن بادشاھن، دھليءَ جي صوبيدارن وغيره جا ڪيترا عاليشان مقبرا آھن.

(2) ريال، اٽڪل ٻن رپين جي قيمت جو ميريا ٽيريسيا ڊالر، مڪران جي ساحل تي مروج ھو ۽ گھڻي انداز ۾ زنجبار کان چانديءَ لاءِ برآمد ڪيو ويندو ھو. ٦٨-١٨٦٧ع واري حبش جي لڙائيءَ ۾ انگريزي فوج سڪي طور ڪم آڻيندي ھئي.

(1) ڏسو پاٽنجر جي رپورٽ، ھن واقعي بابت.

(2) جھرڪ، سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي، ٺٽي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ حيدرآباد جي سامھون، چوني جي پٿر جي ٽڪرين تي ھڪ شھر آھي. شھر ٻوڏ جي خطري کان ٻاھر آھي، تنھنڪري مڪاني ضلعي عملدار اتي رھندو آھي.

(1) شڪارگاھھ لوڙھو ڏنل ۽ شڪار جي رک واري ايراضي.

(2) ٻھ نھ، پر ٽي، ڪئنس رائيفلس جا عملدار شڪار ڪرڻ ويا ھئا جھنگ ۾ وڏي گاھھ کي ڪنھن طرح باھھ لڳي وئي ۽ ھو اتي سڙي خاڪ ٿي ويا. آئوٽرام، جو ان وقت سر زمين تي حاضر ھو، تنھن جو رايو ھو تھ اھو حادثو اتفاق سان ٿيو ھو ۽ ھنن کي ڪنھن ڏيھي ماڻھوءَ قتل نھ ڪيو ھو.

(1) حج – مڪي جي زيارت.

(2) مير نورمحمد، ان وقت حيدرآباد جو مکيھ مير ھو. ھو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ پڳدار مير ھو.

(3) مير خان جو ٽنڊو گدوبندر جي ڀرسان، سنڌونديءَ جي ڏائي ڪپ تي ھڪ گھاٽ آھي، جتي حيدرآباد جا مسافر لھندا آھن.

(1) ھي حيدرآباد جا ننڍا حڪمران مير ھئا. صوبدار، رئيس مير فتح علي خان جو پٽ ھو ۽ ٻين سڀني ميرن کان وڌيڪ انگريزن جو دوست سمجھيو ويندو ھو.

(1) ”گوبندي“ سڪا، رنجيت سنگھھ قلب ڪرايا ھئا. انھن تي سکن جي گرو گوبند سنگھھ جو نالوھو ندو ھو.

(2) ”مشھدي“ سڪا، گول خواھھ چورسا، ايران ۾ مشھد يا تبريز ۾ قلب ڪيا ويا ھئا. اھي سنڌ ۾ شڪارپوري واپاري آڻيندا ھئا.

(1) رام باغ يعني رامچندر جو باغ، جيڪو ھن وقت ڪراچي شھر جو ھڪ محلو اھي. چون ٿا تھ انھيءَ جاءِ تي، ھندن جو مشھور سورمو رام، حضرت عيسيٰ جي زماني کان ڪيتريون صديون اڳ، سنڌ ۾ ھنگلاج ويندي، ھڪڙي رات پنھنجي پتنيءَ سان ترسيو ھو، جنھنڪري انھيءَ جاءِ تي ”رام باغ“ نالو پيو آھي. (ڏسو ھنگلاج تي حاشيھ)

(1) عامل، جي لفظ جي معنيٰ آھي ”علم وارو“. سنڌ ۾ اھو لفظ ھندو منشين لاءِ استعمال ٿيندو آھي. عامل ھندن ۾ ھڪ اونچو ۽ پڙھيل طبقو سمجھيو ويندو آھي.

(1) منجي، ڪن ٿورن ماڻھن کي ڪنھن خاص امتياز طور ڏني ويندي ھئي. عام ماڻھو ۽ عرضدار، درٻار ۾ يا ٻين موقعن تي، ميرن جي اڳيان ھيٺ غاليچن تي ويھندا ھئا، کٽن تي فقط مير پاڻ ويھندا ھئا. سيٺ نائونمل جڏھن مير محمد خان سان ملڻ ويو ھو، تڏھن ھن کي جنڊيءَ جي رنگين پلنگ تي ويھاريو ويو ھو ۽ ان ۾ واقعا ھن جي عزت افزائي ھئي.

(2) شيدي يعني آفريڪا جا ڪارا ماڻھو. بمبئي بندر جي ڏکڻ – اولھھ ۾ ھندستان جي ڪناري ڀرسان جنجيرا جو مشھور ٻيٽ ۽ قلعو آھي، جتي اڃا شيدين جي حڪومت آھي. روايت آھي تھ شيدي گجرات جي بادشاھن ۽ ھندستان جي شھنشاھن جي بحري ٻيڙن جا اميرالبحر ھوندا ھئا. ھنن ڪيترا دفعا بمبئيءَ جي ساري جزيري تي قبضو ڪيو ھو. انگريزن، بمبئي ورتي، تنھن کان پوءِ بھ شيدين ٻھ دفعا بمبئيءَ جي ٻيٽ تي قبضو ڪيو ھو. سواءِ برٽش ڪامل (قلعي) جي.

(1) پڳي، پڳ يعني پير مان نڪتل آھي. پڳي پيرو کڻندا آھن. سنڌي پڳيڻ کي پيري کڻڻ جي ڪا خدا داد ڏات آھي. ھو رستي تي ھلندي چوري ٿيل اٺ يا روپوش چور جو پيرو، ڏوھھ واري وقت کان ورھيھ پوءِ بھ سڃاڻي، جوابدار کي ماڻھن جي ميڙ مان ھٿ ڪندا آھن. چوري ٿيل ڍور کي بھ ساڳيءَ طرح ڳولھي لھندا آھن. ھو اڃا تائين سرڪاري پوليس جي مدد ڪندا آھن، ويھھ ورھيھ اڳ سنڌ جي ڪمشنر (مؤلف) ھوشيار پڳين لاءِ خاص وظيفا مقرر ڪرايا ھئا ۽ انھن کي ھمٿائڻ لاءِ کين ڳوٺن جي روينيو عملي ۾ رکايو ھو.

(1) شاھھ بلاول ڪراچيءَ کان سٺ ميل اتر طرف قلات جي سرحد وٽ ھڪ زيارت آھي، جتي گرم پاڻيءَ جا چشما آھن. اھا جڳھھ ڇٽا قوم جي رھڻ جو ھنڌ ۽ مرڪز آھي، ۽ اھي قلات جي خان جي رعيت آھن.

(2) خليفو، وڏي ملان جو اعزازي لقب آھي.

(1) سير ڳنڍو، سير کاريءَ تي، سنڌونديءَ جو ھڪ اولاھون ڇوڙ آھي. اھا جڳھھ ھڪ ڀيانڪ ريگستان آھي، جا برف جھڙي اڇي، نج لوڻ سان فوٽ فوٽ اونھي ڍڪيل ھوندي آھي.

(1) ھاڻي ھن کي ”راءُ صاحب“ جي نالي ان سڏبو آھي ۽ نھ ”راءِ صاحب“.

(2) مشھور ”سنڌ اريگيولر ھارس“ (غير مرتب سوار)، جنھن بعد ۾ برگيڊيئر جنرل جان جيڪب سي – پيءَ جي ھٿ ھيٺ سنڌ جي اتر – اولھھ سرحد تي ۽ خان قلات جي علاقي ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ۽ امن امان قائم ڪيو، سو پھريائين پوناھارس (پوني جي سوارن) جي ھڪ دستي مان ٺاھيو ويو ھو، جو ان وقت ڪڇ ۾ ڪارروائي ڪري رھيو ھو.

(1) رسالو، گھوڙيسوار، مقامي سفير جو محافظي دستو.

(1) بروھي، جن جي قلات جي آباديءَ ۾ وڏي اڪثريت آھي سو منگول نسل جا آھن. ھنن جون شڪليون، زبان ۽ رسمون سنڌ ۽ خراسان جي قومن کان مختلف آھن. قلات جو خان بروھي آھي.

(2) مينگل ھڪ طاقتور بلوچ قوم آھي.

(1) خود جيمس آئوٽرام جو چوڻ آھي تھ اھو سردار، جنھن کان ھو جان بچائي ڀڳو ھو، سو مينگلن جي صدر مقام ’وڏ‘ جي سردار، ولي محمد خان جو پٽ ھو، جو قلات جي محاصري ۾ قتل ٿيو ھو. ھن پنھنجي پيءُ جو انتقام وٺڻ ٿي گھريو.

باب ڇھون

[b] پاٽنجر جي ڪڇ مان روانگي – نائونمل کي دوستيءَ جي آڇ – حڪومت عالي ڏانھن خط – نائونمل جي آئوٽرام سان ملاقات – رسالي جو حساب - ڪتاب بند ڪرڻ – نائونمل جي خفيھ سفارت مير شير محمد ڏانھن، ۽ ھن جو ميرن جي حد ۾ فوج جي لاءِ سيڌو سامان مھيا ڪري ڏيڻ – نائونمل جي حرفت – مير سان ملاقات - مير صوبدار جي منشيءَ جو پھچڻ – نائونمل جي مير شاھھ محمد سان ملاقات ۽ مير جو کيس آئوٽرام جو جعلي خط ڏيڻ – نائونمل جو آئوٽرام کي خط حوالي ڪرڻ – جعلسازي ڪرڻ واري کي سزا – مير شير محمد جو صوبدار ڏانھن خط ۽ آئوٽرام جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت جي آڇ – اڀرئيمل جي مڪاري – حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ – نائونمل جي امانت – مير صوبدار ڏانھن شير محمد جي لکيل خط جو ھٿ اچڻ ۽ وري ان جي چوري ٿي وڃڻ – خط ھڪدم ليفٽيننٽ ليڪيءَ جي حوالي نھ ڪرڻ ۾ نائونمل جي غلطي.[/b]

ڀڄ ۾ مون کي ڪرنل پاٽنجر ٻڌايو تھ بمبئي سرڪار ڪرنل آئوٽرام کي سنڌ ۾ مقامي سفير مقرر ڪيو آھي ۽ ڀڄ جي مقامي سفير جي عھدي لاءِ مسٽر ميلول کي نامزد ڪيو ويو آھي. تنھنڪري ڪرنل پاٽنجر بمبئيءَ وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. ھن، ھڪڙي ڏينھن شام جو سفارتخاني جي منشيءَ، مسٽر پيتامبر کي مون ڏي موڪليو تھ پڇي اچينس تھ مان وڃڻ کان اڳ تنھنجي لاءِ ڇا ڪريان؟ مسٽر پيتامبر مون کي ڪرنل جي پاران چيو تھ سرڪار ھن کي اجازت ڏني آھي تھ سنڌ جي باري ۾ تون جيڪي بھ رٿون پيش ڪندين، قبول ڪيون وينديون. جيڪڏھن تنھنجي مرضي ھجي تھ ڪرنل تنھنجن گوناگون ۽ اھم خدمتن لاءِ مستقل طور ڪنھن روڪ رقم انعام ڏيارڻ لاءِ سفارش ڪري، يا جيڪڏھن تون چاھين تھ توکي خاص امتياز ڏيڻ لاءِ بمبئيءَ جي قانون ساز ڪائونسل ۾ نشست لاءِ سفارش ڪري. مون مسٽر پيتامبر کي جواب ڏنو تھ مان سڀاڻي پاڻيھي ڪرنل سان ملي کيس پنھنجن خيالن کان واقف ڪندس.

ٻئي ڏينھن مان ڪرنل پاٽنجر سان مليس. ھن مون سان ساڳئي موضوع تي ڳالھايو. مون چيومانس تھ جيتريقدر روڪ امداد جو سوال آھي. مون کي پئسي جي پرواھھ ڪانھ آھي.(1)اسان جو وڏو گڏيل ڪٽنب آھي، انعام جي رقم ڪيڏي بھ وڏي ھجي، اھا ڪيترو وقت ھلندي؟ دنيا ناپائيدار ۽ بي بقا آھي. ٻيءَ رٿ جي باري ۾ چيومانس تھ مون کي سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ بمبئيءَ ۾ گورنر جي ڪائونسل تي نامزدگيءَ مان مون کي ڪھڙو دنيوي فائدو ٿيندو؟ خاص ڪري جڏھن منھنجو اوڏانھن وڃڻ جو ڪو بھ امڪان ڪونھ آھي. اسانجي خاندان کي شيدي حڪمرانن جي زماني کان بمبئيءَ ۾ واپاري ڪوٺي ھوندي ھئي پر اسان مان ڪوبھ بذات خود ڪوٺي ڏسڻ نھ ويو ھو. تنھن کان سواءِ سنڌ اڃا ٽالپرن جي ماتحت آھي ۽ انگريزن جو صوبو نھ ٿي آھي. عرض ڪيومانس تھ اسان کي پنھنجن خدمتن جي عيوض انگريز سرڪار جي دوستي ۽ ڪرم جي عنايت ڪافي آھي ۽ اميد آھي تھ اسان جو سرڪار سان ھميشھ ساڳيو ئي واسطو رھندو. ان تي منھنجي روبرو ھڪ ڪاغذ کڻي ان جا چارئي پاسا ڀريائين. تنھن کان سواءِ انھيءَ دستاويز جا ٻھ نقل پنھنجي ھٿ سان تيار ڪري، انھن مان ھڪ لفافي ۾ وجھي منھنجي حوالي ڪيائين، ٻين ٻن نقلن جي باري ۾ چيائين تھ انھن مان ھڪ بمبئي سرڪار ڏي موڪليندس ۽ ٻيو سنڌ جي درٻار ۾ انگريزي سفير جي سرڪاري دفتر لاءِ ڪرنل آئوٽرام ڏي موڪليندس. ھن اھو خط مون کي پڙھي ٻڌايو. ان ۾ منھنجي لاءِ پرزور لفظن ۾ سرڪار جي شفقت لاءِ سفارش ٿيل ھئي ۽ وڌيڪ لکيل ھو تھ جڏھن انگريزن جي فوج، شاھھ شجاع کي تخت تي ويھارڻ لاءِ ڪابل وڃي رھي ھئي، تڏھن سنڌ مان حفاظت ۽ آرام سان فوج کي وٺي وڃڻ جو ڪٺن ڪم ھن کي سونپيو ويو ھو ۽ ھن اھو اھم ڪم خوشيءَ سان پاڻ تي ھموار ڪيو ھو. مون کي انھيءَ ڳالھھ جو بھ اقرار ڪرڻو پوندو تھ ھن جي مدد ۽ تعاون کان سواءِ مان اھو ڪم شايد ئي نھ پورو ڪري سگھان ھا. وڌيڪ لکيائين تھ ”سيٺ نائونمل منھنجون ٻانھون ۽ ڄنگھون ھو، جي منھنجي جسم کي کنيو بيٺيون ھيون. ھن جي مدد کان سواءِ فوج، سر جان ڪين جي قيادت ھيٺ بامنيڪوٽ کان شڪارپور تائين آساني سان مشڪل پھچي سگھي ھا.“ مطلب تھ خط ۾ اھڙي قسم جو ٻيو بھ گھڻو ڪجھھ لکيل ھو. صد افسوس جو اصل خط مون وٽان چوري ٿي ويو. جيئن ھن ڪتاب جي آخر ۾ ڏيکاريو ويندو تھ ان جو نقل بھ نھ ملي سگھيو. ان کان سواءِ جلد ئي ڪرنل آئوٽرام اچي ڪرنل پاٽنجر کان عھدو وٺي، سنڀاليو.

سنڌ جي سفارت لاءِ ڪرنل آئوٽرام جي نامزدگيءَ تي مان ڏاڍو خوش ٿيس، پر ڪرنل پاٽنجر جي جدائي منھنجي لاءِ وڏي ڏک جو باعث ھئي. ان کان پوءِ جلد ئي مان وري پنھنجي پيءُ سيٺ ھوتچند سان گڏيس، جو بھ ڪرنل آئوٽرام سان مليو. لکپت ۾ مون ڪافي برھمڻن، فقيرن ۽ غريبن کي کارايو ۽ دان ڏنو. ان کان پوءِ چار ڏينھن اتي رھي پيس. انھيءَ وچ ۾ ڪرنل آئوٽرام حيدرآباد ويو، جتي مان بھ ٿوري وقت کان پوءِ وڃي ساڻس گڏيس. ڏينھن جو مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ پنھنجي تنبوءَ ۾ (جو ڪرنل آئوٽرام جي تنبوءَ جي ڀرسان ھو) رھندو ھوس ۽ رات جو روز ھن جي ھدايت مطابق، سياسي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ شھر ۾ وڃي پنھنجن عزيزن وٽ رھندو ھوس. صبح جو ڇانوڻيءَ ڏانھن موٽندي مان اڪثر نواب احمد خان لغاريءَ وٽ ترسندو ھوس. ھو ان وقت چوٽيءَ جي سردارن مان ھو ۽ سندس خاندان سان منھنجي وڏن جو تعلق ھن جي ڏاڏي، ولي محمد خان لغاريءَ جي زماني کان ھوندو ھو. نواب احمد خان پڻ، ھفتي ۾ ھڪ دفعو، ڇانوڻيءَ ۾ مون سان ملڻ ايندو ھو ۽ مان ھن کي اڪثر ڪرنل آئوٽرام وٽ وٺي ويندو ھوس. کانئس اڪثر ڪري چڱيون خبرون ملنديون ھيون، پر مون کي وڌيڪ معلومات ھن جي ديوان، فتح چند سيوھاڻيءَ کان ملندي ھئي، جو روز صبح جو مون سان گڏجي نيرن ڪندو ھو. ڪرنل آئوٽرام بھ سفارتخاني جي منشيءَ مسٽر علي اڪبر جي معرفت، خبرن وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ھو پڻ ڪرنل جي مشوري سان رات جي وقت حيدرآباد جي شھر ۾ گذاريندو ھو. آءٌ ھن کي جيڪي خبرون ٻڌائيندو ھوس، سي ھو غور سان ٻڌي، انھن مان اھم خبرون پاڻ وٽ يادداشت لاءِ لکي رکندو ھو. مان حيدرآباد ۾ ڪرنل آئوٽرام جون ڪافي ڇوٽين موٽيون خدمتون ڪيون. انھن جي فھرست ايتري لمبي آھي جو ھتي انھن جو ذڪر ڪرڻ جي جڳھھ ئي نھ آھي.

ڪجھھ وقت کان پوءِ ڀڄ جو رسالو، ڪئپٽن واٽ جي قيادت ۾ حيدرآباد آيو، جتان خانپور (جيڪب آباد) روانو ٿي ويو. مون تي اھو ڪم رکيو ويو ھو تھ سپاھين کي مھيني سر مھيني پگھار ڏيڻ لاءِ گماشتا مقرر ڪري ۽ سندن خورد و نوش جو انتظام ڪريان. مون اھو ڪم پنج – ڇھھ ميھنا ھلايو، مگر پوءِ محسوس ڪيم تھ اھو ڪم ھڪ معمولي صراف جو آھي ۽ منھنجي شان مطابق نھ آھي. مون پنھنجا اعتراض ڪرنل آئوٽرام کي ٻڌايا ۽ چيومانس تھ مان نھايت مشڪور ٿيندس، جيڪڏھن مون کي اجازت ڏيندؤ تھ ھي ڪم توھان جي ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي حوالي ڪريان. تنھن کان سواءِ مون کي اھا بھ اجازت ڏيو تھ رسالي جو پراڻو حساب – ڪتاب صاف ڪريان ۽ جيڪا رقم ڪئپٽن واٽ کي ڀڄ ۾ سپاھي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڏني ھيم، سا بھ سرڪار کان وصول ڪريان. ان تي ھن سرڪار کي لکي منھنجي قرض ادا ڪرڻ جي منظوري گھرائي. مون رسالي سان پنھنجو واسطو ٽوڙي، پنھنجن گماشتن کي واپس گھرائي ورتو. ڪئپٽن واٽ جي جاءِ تي ڪرٽس نالي ھڪ عملدار مقرر ٿيو ۽ ان جي وڃڻ کان پوءِ وري ليفٽيننٽ جيڪب کي، جيڪو ھڪ ننڍو عملدار ھو، تنھن کي رسالي جي ڪمان ڏني ويئي. ھن خانپور شھر جو اڳوڻو نالو بدلائي، مٿس جيڪب آباد جو نالو رکيو.

ھڪڙي ڏينھن سنبت ١٨٩٧ (٤١-١٨٤٠ع) جي پوھھ مھيني ۾، اڍائي بجي شام جو ڪرنل آئوٽرام مون کي پاڻ وٽ گھرايو. مان اڃا ويٺس ئي مس تھ پينسل کڻي، اڀي ڪري، پڇيائين تھ ”ھن مھم کي ڪير منھن ڏيندو؟“ مان اٿي بيھي رھيس ۽ چيومانس تھ ”ڳالھھ ڪھڙي آھي؟“ چيائين تھ ”مون کي خاطري آھي تھ جيڪا ڳالھھ منھنجي دل ۾ آھي، تنھن ۾ تون ڪامياب ٿيندين. دراصل تون ان ڪم لاءِ نھايت موزون آھين، پر مان پنھنجي تجويز تيستائين توکي نھ ٻڌائيندس، جيستائين تون ان جي ذميواري قبول نھ ڪندين.“ اھا ڳالھھ ٻڌي مون ھن کي سلام ڪيو پينسل سندس ھٿ مان ورتي. پوءِ ھن مونکي ٻڌايو تھ ”بمبئي سرڪار حڪم ڪيو آھي تھ ڀڄ جي فوج جو ھڪ حصو خشڪيءَ(1) رستي، ٻيلاريءَ کان شڪارپور وڃي. مون ان باري ۾ مير نورمحمد ڏي لکيو آھي ۽ مير جواب ڏنو آھي تھ ”مون کي سنڌ مان انگريزن جي فوج رواني ٿي وڃڻ تي ذاتي طرح ڪوبھ اعتراض نھ آھي، پر ٻيلاري ۽ ان جي آسپاس، ميرپور جي مير شيرمحمد جي ملڪيت آھي ۽ ھن جي قبضي ۾ آھي.“ ڪرنل آئوٽرام وڌيڪ چيو تھ ”مير شير محمد، انگريزن جو بدخواھھ آھي ۽ مون کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آھي تھ مير اسان جي فوج کي پنھنجي حد مان لنگھڻ نھ ڏيندو، تنھنڪري لازما ٽڪر ٿيڻ جو امڪان آھي، تون ھڪدم شير محمد جي ڳوٺ، ميرپور وڃي، ٻيلاريءَ گماشتا موڪل تي فوج لاءِ کاڌي پيتي ۽ وھٽن جو انتظام ڪن. تون فوج سان تيستائين گڏ ھجج، جيستائين اھا شير محمد جي علائقي مان لنگھي وڃي. تون پاڻ ميرپور ۾ وڃي رھھ، جتي شير محمد رھندو آھي ۽ اتي مرڪز ٺاھي، شير محمد جي حرڪتن تي نظر رک ۽ منھنجن حڪمن مطابق گماشتن کي ھدايتون ڏيندو رھھ.“ وڌيڪ چيائين تھ ”ھيءُ ڪم تنھنجي حوالي ڪيو ويو آھي، سو ھڪ نھايت نازڪ ۽ دشوار مھم آھي. مون کي تو ۾ سورھن آنا اعتماد آھي، پر مان توکي اھا ڳالھھ ذھن نشين ڪرڻ گھران ٿو تھ توکي نھايت احتياط، خيال ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو.

ڪرنل آئوٽرام جي ھدايتن مطابق مون ھڪدم ميرپور وڃڻ لاءِ تياري ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ھن پنھنجي سامان لاءِ رسد جي محڪمي کان ڏھھ اٺ ورتا ۽ ڪئپٽن واٽ جي ڇڏيل ھڪ سؤ سوارن مان ويھن سپاھين کي مون سان ھلڻ لاءِ حڪم ڪيو. ساڳئي وقت سفارتخاني جي خزانچيءَ کي لکيل حڪم ڏنو تھ انھيءَ ڪم لاءِ پنج ھزار رپيا منھنجن گماشتن جي حوالي ڪن. مون چيومانس تھ مان خزانو ساڻ کڻڻ نٿو گھران. پئسن جو عدم موجودگيءَ ۾ منھنجي ڪم ۾ ڪابھ رڪاوٽ ڪانھ پوندي. خاص ڪري سنڌ ۾، جيڪو منھنجو وطن آھي. مان جتي بھ ويندس، اتي مون کي رھڻ لاءِ جاءِ ملندي. سنڌ ۾، مون کي ٿر ۾ بھ پئسا ملي سگھندا، تنھنڪري مون تي پئسن کڻڻ جو بار نھ وجھو.“ جواب ڏنائين تھ ”اھي سرڪار جا حڪم آھن، ڪجھھ رقم تھ ضرور ساڻ کڻڻي پوندءِ. مير پور ۾ جيڪڏھن تون پئسن جي صورت محسوس نھ ڪرين تھ خزانو پنھنجن گماشتن جي معرفت، فوج جي ڪمانيءَ ڏانھن پھچ رسيد وٺي موڪلي ڏي.“ آخر منھنجي چوڻ تي رقم گھٽائي ٻھ ھزار رپيا ڪئي ويئي.

مان فوجي لباس پھري تيار ٿي، ڪرنل آئوٽرام کان موڪلائڻ ويس. ھو مون کي وڃڻ لاءِ تيار ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي آخري مشورو ڏنائين تھ ميرپور وڃڻ جي خبر، جيستائين اتي پھچين، تيستائين بلڪل مخفي رک ۽ جيترو ٿي سگھي اوترو جلد وڃ. منھنجو وڏو پٽ ٽيڪمداس، حيدرآباد ۾ مون سان گڏ ھو. مون ھن کي پنھنجي تنبوءَ ۾، ھڪ وفادار گماشتي جي سنڀال ھيٺ ڇڏيو ۽ پوءِ ساڍي چئين بجي شام جو ميرپور لاءِ روانو ٿيس. مون تمام تيز رفتار سان سفر پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منھنجي سفر جو دارومدار باربردار اٺن تي ھو، جو لاڏو اٺ ھئا ۽ آھستي آھستي ٿي ھليا. مان اڃا ڦليلي ٽپيس تھ سج لھي ويو. جڏھن دٻياريءَ پھتس، جيڪا اٺن نون ميلن جي مفاصلي تي آھي، تڏھن بلڪل اندھھ ٿي ويئي. ھڪ تھ رستا ڪونھ ھئا، ٻيون کڏون کوٻا، واھن جي کاٽين ۽ ٻنين ٻارن ۾ ھلڻ جي مشڪلاتن سبب، اڳتي وڌڻ محال ٿي پيو. اسان جا ماڻھو رستو نھ لھي سگھيا، تنھنڪري ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو لھي پياسين. پر جڏھن ٻارھين بجي چنڊ نڪتو تھ اسان وري اٺن تي چڙھي اڳتي وڌياسين. صبح جو پنجين بجي، ٽنڊي الھيار جي ويجھو پھتاسين. منھنجو شھر ۾ وڃڻ جو ارادو ڪونھ ھو ۽ سوچيم تھ ڏينھن جو ميرپور جي شھر ۾ پھچڻ ناداني ٿيندي، تنھنڪري مان ٽنڊي کان ڏيڍ ميل پري، ھڪ وا ھھ جي ڪپ تي ڌرمسالا (1)۾ وڃي رھيس. اتان وري شام جو پنجين بجي روانو ٿيس ۽ ٽنڊي الھيار جي مڇي مارڪيٽ وٽان لنگھي، اڳتي ويس. منھنجي اچڻ جي خبر ڪيترن ماڻھن کي پئجي وئي، ٿوري وقت ۾ سوين ماڻھو اچي گڏ ٿيا ۽ چوڻ لڳا تھ ڪجھھ وقت اسان وٽ بھ ترسو. مون چيومان تھ مون کي لکپت ۾ ضروري ڪم آھي، تنھنڪري ترسي نٿو سگھان. آخر ھنن کان موڪلائي اڳتي ھليس. اڌ رات جو ميرپور پھتس. شھر جي اوڀر ۾ ھڪ چڱو خاصو پٽ ھو، مون اتي تنبن کوڙائڻ جو ارادو ڪيو. پر خيال ڪيم تھ ڪوشش ڪرڻ سان شايد ٻيو ڪو ان کان بھ چڱو ھنڌ ملي، تنھنڪري سڌو بزار مان لنگھي، شھر جي ٻئي طرف ھليس. اتي ھڪ مٿاھون پٽ نظر آيو، پر ويجھو وڃي ڏٺوسين تھ رڍن ۽ ٻڪرين جو وٿاڻ ھو ۽ ڦولھڙين سان ڀريو پيو ھو. تنھنڪري مان واپس ساڳيءَ جاءِ تي موٽي آيس. تعجب جھڙي ڳالھھ ھئي تھ شھر ۾ بيگاھھ وقت اسان کي ايندي ويندي ڪٿي ڪو ماڻھو ڪونھ گڏيو، پر ڪتو بھ ڪونھ ڀونڪيو. ميرپور حڪومت جو مرڪز ۽ مير شير محمد جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. مون کي خيال آيو تھ مير ڪھڙيءَ نھ غلط فھميءَ ۾ مبتلا آھي، جو پاڻ کي اھڙو محفوظ ٿو سمجھي. مان پنھنجو تنبو شھر جي اوڀر طرف، قلعي جي سامھون ھڻايو جتي مير شير محمد رھندو ھو. مون کي ٻھ راتيون ننڊ ڪانھ آئي ۽ ٿڪل ھوس، تنھنڪري ٻين تنبن جي لڳائڻ جي باري ۾ ھدايتون ڏيئي وڃي آرامي ٿيس. صبح جو چئين بجي کان اڳ سمورو انتظام مڪمل ٿي ويو ھو ۽ سڀ ڪم ڪار ٺيڪ ھو. مان پنھنجي وڏي خيمي ۾ مقيم ھوس. مون پنھنجن ماڻھن کي چئي ڇڏيو ھو تھ منھنجي اچڻ جي ڳالھھ ڪنھن سان بھ نھ ڪن. پرھھ ڦٽي تھ ميرپور جا ماڻھو ھيترا تنبو ڏسي حيران ٿي ويا. اسان جا تنبو قلعي جي سامھون ميدان تي وڻن وانگي اڀريا بيٺا ھئا ھر قسم جا افواھھ ڦھلجي ويا. گھڻن سمجھيو تھ ڪو صاحبلوڪ آيو آھي. ڏسندي ڏسندي ڪيترا ماڻھو اچي ڪٺا ٿيا تھ ڏسون تھ تنبن ۾ ڪير ٿو رھي، ڪو پتو پاند لھجي. سڄي شھر ۾ اڌم مچي ويو. اھو رمضان جو مھينو ھو ۽ مسلمانن جي روزن رکڻ جا ڏينھن ھئا. مير شير محمد پنھنجي رواج مطابق رمضان ۾ دربار ڪونھ ڪندو ھو، بلڪ سارو وقت اندر حرم سراءِ ۾ گذاريندو ھو. پر جڏھن ھن کي خبر پئي تھ رات جو ڇا ٿي ويو آھي تھ ھن جو آرام ڦٽي ويو. ھو درٻار واري ديوان ۾ آيو ۽ ھڪٻئي پٺيان ماڻھو موڪليائين تھ معلوم ڪري اچو تھ ڪير آيو آھي. پر پھريدارن، ڪنھن ماڻھو کي منھنجي تنبوءَ جي اندر اچڻ نھ ڏنو. مير کي ھيڪاري گھڻو فڪر ٿيو ۽ھن جو انتظار وڌندو ويو. آخر منھنجا ڪي ماڻھو شھر ڏانھن ڪم سان ويا، ان کان پوءِ ماڻھن کي سڌ پئي تھ ڪير آيو آھي. آخر اھا خبر مير شير محمد تائين پھتي، جو سڄو وقت درٻار ۾ ويٺو ھو. ھن پڇا ڪرائي تھ منھنجي صدر مقام ۾ سيٺ جي اچڻ جو مقصد ڪھڙو آھي. انھيءَ خيال سان ٻھ ھندو، مسٽر ڄيٺمل ۽ پريمل، جيڪي اڳ مير غلام علي پيروز جا ملازم ھوندا ھئا ۽ پوءِ مير شير محمد جي نوڪريءَ ۾ ھئا، تن انھيءَ خبر لھڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو. چنانچھ ھو منھنجي تنبوءَ ڏي آيا ۽ چوڪيدارن کي چيائون تھ سيٺ کي ٻڌائين تھ اسان نياز ڪرڻ آيا آھيون. مون ھنن کي اندر گھرايو. ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪري، آخر پڇيائون تھ اسان جي ھن غريب شھر تي ڪيئن عنايت ڪئي اٿو. مون جواب ڏنومان تھ ھوا بدلائڻ جي ارادي سان آيو آھيان. ھنن اھا خبر وڃي مير شير محمد سان ڪئي ۽ صلاح ڏنائونس تھ تنھنجو مختيارڪار، ديوان چتر سنگھھ ھن جو عزيز ٿئي، ان کي موڪليو تھ وڌيڪ معلومات حاصل ڪري اچي. مير شير محمد، ديوان چتر سنگھھ کي حڪم ڪيم تھ سيٺ سان ملي، ڪنھن طرح اسان وٽ وٺي اچينس. ديوان چتر سنگھھ واقعي منھنجو رشتيدار ھو. حڪم جو بندو شام جو مون وٽ آيو. ھن بھ اوڀاريون لھواريون ڳالھيون ڪري پڇيو تھ آخر تنھنجو ميرپور اچڻ جو مقصد ڇا آھي؟ پر آءٌ صحيح جواب ڏيڻ کان لھرائي ويس. ان پوءِ مون کي ٻڌايو تھ مير شير محمد توکي سلام ڏنا آھن ۽ توکي ياد ڪيو اٿس. وڌيڪ چيائين تھ مير کي تنھنجي اچڻ جي خبر صبح جو ملي ھئي ۽ ھو ميرپور سرڪار جي دستور جي خلاف، رمضان جي مھيني ۾، خلوت ترڪ ڪري، تنھنجي انتظار ۾ درٻار واري ڪمري ۾ اچي ويٺو آھي. ھينئر سانجھي اچي ٿي آھي ۽ مير شير محمد درٻار مان ڪاڏي بھ نھ چريو آھي. مون کي موڪليو اٿس تھ وڃي سيٺ کي وٺي اچ. مون چيومانس تھ مان ٺيڪ نھ آھيان، ھن وقت مير سان ملڻ مناسب نٿو سمجھان. مير جي وڏن ۽ منھنجي وڏن جا دوستانا تعلقات ھوندا ھئا، جنھن مھل بھتر ٿيس تھ اچي مير جو نياز ڪندس. ديوان چيو تھ مير کي ٻڌايو ويو آھي تھ تنھنجي مون سان مائٽي آھي، جي تون مون سان نھ ھلندين تھ مير مون تي ناراض ٿيندو ۽ مون کي نقصان پھچائيندو. اتي مون خيال ڪيو تھ ميرن سان ملي ، ھن جي دل جو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ھيءُ چڱو موقعو مليو آھي. پوءِ اٺ تي چڙھي پاڻ سان چار سوار وٺي، مير جي بنگلي تي ويس. مير جو بنگلو مير ٺاري خان جي زماني جو ٺھيل ھو ۽ نھايت زبون ۽ بوسيده حالت ۾ ھو. مير درٻار ۾ ويٺو ھو. مون کي ويھڻ لاءِ منجي ڏنائين. دستوري خوش خيرعافيت کان پوءِ پڇيائين تھ ”منھنجي لاءِ ڪرنل آئوٽرام جو ڪو خط يا نياپو ڪونھ آندو اٿئي ڇا؟ سلام بھ ڪونھ موڪليا اٿس؟“ مون چيومانس تھ ”مون کي ڪرنل آئوٽرام نڪي سلام ڏنا آھن نڪي نياپو ۽ نڪي آءٌ انھيءَ طرفان ھتي آيو آھيان. منھنجو اھو جواب ٻڌي، چيائين تھ ”ڪرنل آئوٽرام ۽ اوھان پاڻ ۾ دوست آھيو.“ مون جواب ڏنومانس تھ ائين نھ آھي، بلڪ پاڻ ھڪ ملڪ جا آھيون ۽ اسان جي وڏن جا پاڻ ۾ دوستانھ تعلقات ھوندا ھئا، تنھنڪري مان پنھنجي ليکي توھان جو سلام ڪري نياز حاصل ڪرڻ آيو آھيان.“

امام بخش نالي، ناگور جو ھڪ سيد، جو ان وقت درٻار ۾ حاضر ھو، تنھن پڇيو تھ ”ھندستان ۾، جوڌپور جي ڀرسان، انگريزن ۽ ٻين جي وچ ۾ جا جنگ لڳي ھئي، تنھن جي ڪا توکي خبر آھي؟“ ھن اھو سوال مون کان پڇيو، پر ان سوال جا ڪيترن ئي ماڻھن ھڪ ئي وقت پنھنجا وات کولي جواب ڏنا. ڪن چيو تھ انگريزن پادر کاڌا آھن ۽ ڪن چيو تھ ھنن کي شڪست فاش ملي آھي. مطلب تھ سڀني ساڳيو سر آلاپيو ۽ انگريزن جي فوج جي باري ۾ گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ھنن جي شان ۾ گستاخي ڪئي. مون ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو ان وقت مير مون ڏي منھن ڪري پڇيو تھ ”جواب ڇو نٿو ڏين؟“ مون ورندي ڏني تھ ”سيد امام بخش مون کي سوال پڇيو ۽ جيستائين مان جواب ڏيان ئي ڏيان، تنھن کان اڳ ھنن ماڻھن انگريز سرڪار جي بازي ۾ ناشائستھ گفتا، ناشائستھ لفظن ۾ چوڻ شروع ڪيا، مگر ائين ڪرڻ سان ھنن فقط پنھنجي ناداني ۽ جھالت ڏيکاري آھي. چڱو ھاڻي مير صاحب مون کي ٻڌو، توھان جا وڏا لکين رپيا خرچ ڪري مختلف بادشاھن جي درٻارين ۾ ايلچي موڪليندا ھئا، جي کين صحيح معلومات فراھم ڪري ڏيندا ھئا. توھان ننڍيءَ عمر وارا خورد سال امير آھيو ۽ توھان، اھو خرچ فضول سمجھي، اھو رواج ئي بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جي بدران ذاتي عيش آرام ۽ آرائش جي سامان خريد ڪرڻ تي وڏيون رقمون خرچ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آھن. ان جو نتيجو ڇا آھي؟ توھان وٽ صحيح ۽ اعتبار جوڳين خبرن جي بدران، جي بادشاھن جي درٻارين ۾ ٻڌائڻ کپن، بزاري گپ ۽ آفيمين، چرسين (1) ۽ گانجي پيئڻ وارن جا افسانا ڦھلايا وڃن ٿا. مير صاحب، جيڪڏھن ڪنھن جي روبرو ھن خدا ڌرم، گروءَ يا مالڪ، جنھن جو ھو نمڪ کائي ٿو، تنھن جي توھين ٿئي تھ ھن تي واجب آھي تھ جي وس پڄيس تھ توھين ڪندڙ جي زبان ڪٽي ڇڏي، پر جي ھن جي وس ۾ ائين نھ آھي تھ ھن کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري، ٽاري ڇڏي. مون انگريز سرڪار جي توھين ٻڌي آھي ۽ سو بھ توھان جي درٻار ۾. ان تي مون کي نھايت رنج ٿيو آھي. پر مان سنڌ جو رھاڪو ۽ توھان جي رعيت آھيان، تنھنڪري مان لاچار آھيان ۽ وس نٿو ھلي!“ ائين چئي مان اٿي موڪلائڻ لاءِ کڙو ٿيس. مون کي ويندو ڏسي چيائين تھ ”تر، ترس!“ پر مان موڪلائي ھليو ويس، ۽ چيومانس تھ ”توھان سان ڪنھن ٻئي موقعي تي ملاقات ڪندس.“

مير شيرمحمد وٽان موٽي مون پنھنجي خاص گماشتي، ريواچند ميھر چند کي چيو تھ تون تيار ٿي ٻيلاريءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻي ۾، ڪرنل آئوٽرام جو ڏنل خزانو، فوج جي سالار کي ڏئي، کانئس رسيد وٺي اچ. وڌيڪ ھدايت ڪئيمانس تھ تون تيستائين فوج سان رھي ان جي مدد ڪر، جيستائين ھو مير شير محمد جي علائقي مان لنگھي حيدرآباد جي ميرن جي حد ۾ وڃي پھچن. تنھن کان پوءِ تون ميرپور موٽي اچ جتي مان تنھنجي لاءِ ترسندس. ان کان سواءِ انگريزي فوج جي سالار کان پنھنجن خدمتن جو چٺو ضرور وٺجانءِ. مون ھن کي سورھن سوار ساڻ ڏنا ۽ ھو روانو ٿيو، پر دل ۾ ڏاڍو ڏر ھوس. مير شير محمد وٽ جيڪي ڪجھھ وھيو واپرايو ھو، تنھن جي باري ۾ مون ھن کي ڪجھھ بھ ڪونھ چيو. جڏھن مير شير محمد کي پنھنجي صدر مقام ۾ منھنجي اچڻ جي مقصد جي ڪابھ خبر نھ پئجي سگھي، تڏھن حيدرآباد جي ميرصوبدار کي لکيائين تھ ھن جي اچڻ جو مقصد ڇا آھي؟ مير شير محمد، مير صوبدار سان ھمصلاح ھوندو ھو ۽ ھميشھ ھن سان صلاح مشورو ڪندو ھو. ھو ڏاڍو بيچين ٿيو ۽ جيئن حقيقت معلوم ڪرڻ ۾ دير پئي ٿي، تيئن ھو وڌيڪ بيتاب پئي ٿيو. آخر خبرن وٺڻ لاءِ حيدرآباد سان باقاعدي ٽپال جو سلسلو شروع ڪيائين. مير صوبدار، مير شير محمد جا شڪ شبھا دور ڪرڻ ۾ کيس اطمينان ڏيڻ لاءِ پنھجا خاص عملدار، منشي آوتراءِ ۽ منشي سلامتراءِ ميرپور موڪليا. ھو وڏي طمطراق سان اچي پھتا. ھنن جي گھوڙن کي سون ۽ چانديءَ جا سنج پيل ھئا. ديوان سلامتراءِ، منھنجو دوست عزيز ھو. ھو منشي آتراءِ جي چوڻ تي سڌو مون وٽ آيو. ھن منھنجي دل جي منجھھ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بار بار پڇيائين تھ ”ميرپور ڇا جي لاءِ آيو آھين؟“ مون ھڪ ئي جواب ڏنومانس تھ ”ميرپور جو پاڻي ۽ ھوا مشھور آھن، مون کي صلاح ملي آھي تھ صحت لاءِ اتي وڃي رھھ.“ ھو ميرپور ۾ اٺ ڏينھن رھيا. انھيءَ وچ ۾ ديوان سلامتراءِ روز مون وٽ ايندو ھو. تنھن کان پوءِ ھو حيدرآباد موٽي ويا. مون کي خبر پئي تھ منشي آوتراءِ، مير شير محمد سان وعدو ڪيو ھو تھ مان ڪرنل آئوٽرام سان تنھنجي دوستي ڪرائيندس. مير کيس انھيءَ خرچ – پکي جي عيوض ويھھ ھزار رپيا ڏيڻا ڪيا ۽ اھڙو خط پڻ مير صوبدار ڏي لکيائين، جنھن ۾ ڄاڻايائين تھ ڪرنل آئوٽرام سان منھنجي دوستي بھ ساڳين شرطن تي ڪرايو، جن تي حيدرآباد جي ميرن ڪئي آھي. چون ٿا تھ منشي آوتراءِ اھو خط وٺي، ھڪدم حيدرآباد روانو ٿي ويو. مان ميرپور ۾ ھوس جو ٻڌم تھ مير نورمحمد گذاري ويو آھي. پنجاب جي راجا رنجيت سنگھھ جي وڏي پٽ، راجا کڙڪ سنگھھ بھ ساڳئي وقت پر ان تياڳيا ۽ ھن جو پوٽو نھال سنگھھ پيءُ جي چکيا تان موٽندي، لاھور جي قلعي جي ھڪ ونگ جي ڪرڻ ڪري مري ويو ھو.

منھنجو گماشتو ريواچند، انگريزن جي فوج کي حيدرآباد جي ميرن جي علائقي ۾ سلامتيءَ سان پھچائي، منھنجا سڀ احڪام پورا ڪري، مھيني کان پوءِ موٽي آيو، جتي مان سمورو وقت رھيو پيو ھوس. ھو فوج جي سالار کان پئسن جي پھچ جي رسيد ۽ پنھنجن خدمتن جو چٺو بھ وٺي آيو ھو.

انھيءَ وچ ۾ مان ڪڏھن بھ شير محمد سان ملڻ نھ ويس. ٽنڊي الھيار ۾ ھڪ ڏينھن ترسيس. شھر جي سڀني معزز ماڻھن سنڌ جي رواج مطابق، ھر ھڪ پاڻ سان مصري يا مکڻ سوکڙيءَ طور کڻي آيو ھو. ستين بجي شام جو، مير شير محمد جي ننڍي ڀاءُ، مير شاھھ محمد، جو ٽنڊي الھيار ۾ رھندو ھو، تنھن جا ڪي خاص ملازم، مير جي پاران مون سان ملڻ آيا مير جا سلام ڏئي چيائون تھ ”مير توسان ڪنھن ضروري ڪم لاءِ، خانگي طرح ملڻ ٿو گھري. ھو ھن وقت، ڀر واري باغ ۾، ھڪ ننڍي بنگلي ۾ تنھنجو انتظار ڪري رھيو آھي. ھنن جي بار پوڻ تي مان مير سان ملڻ لاءِ ويس. ھو مون سان عزت سان پيش آيو ۽ چيائين تھ منھنجي ڪرنل آئوٽرام سان دوستي آھي. مون سندس اھا ڳالھھ قبول ڪانھ ڪئي، پر ھن پوءِ بھ ساڳيءَ ڳالھھ کي وري دھرايو. چيائين تھ ”ڪرنل آئوٽرام مون ڏي تازو دوستيءَ ۾، پنھنجي سرڪاري مھر سان خط لکيو آھي ۽ ان سان گڏ ٻھ يورپي پستول پڻ موڪليا آھن.“ وڌيڪ چيائين تھ ”اسان جي دوستي آغا اسماعيل شاھھ جي پٽ آغا ابراھيم شاھھ ڪرائي آھي، جنھن جي عيوض مون ھن کي ھزار بگن جي جاگير ڏني آھي. ان کان سواءِ مون کيس اڍائي ھزار رپيا روڪ پڻ ڏنا آھن تھ ڪرنل آئوٽرام کي ڪيمخاب وٺي ڏي. انھيءَ کان سواءِ مون ھن کي ڪرنل آئوٽرام سان ڳالھيون ھلائڻ لاءِ، سؤ رپيا (ڪوڙيون) ماھوار ٻھ ڏيڻا ڪيا آھن. تون چئين تھ توکي تسليءَ خاطر خط ۽ پستول ٻئي ڏيکاريان.“ مون ھن کي چيو تھ ”ڏيکار!“ جنھن تي ھڪدم اھي ٻئي چيزون ڪڍي پيش ڪيون. مون خط ڏٺو تھ اھو پارسيءَ ۾ لکيل ھو. لفافي تي لاک جي مٿان فارسي اکرن ۾ چورسي مھرن پڻ لڳل ھئي. مون ھن کي خاطري ڏني ۽ چيومانس تھ ”ھمت نھ ھار“. پڇيومانس تھ ”اھو خط مون کي ٻھ – ٽي ڏينھن ڏيندين؟“ ھن خوشيءَ سان اھو خط منھنجي حوالي ڪيو. پوءِ مان ھن کان موڪلائي ستوءَ مل جي کوھھ وٽ پنھنجي تنبوءَ ۾ آيس ۽ ڪوچ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. منھنجي روٽي تيار ھئي، پر ڄام ھالي جي ٽنڊي پھچڻو ھو، جو ٽنڊي الھيار کان اٺن ميلن جي مفاصلي تي آھي. اتي مان ٻھ – ٽي ڪلاڪ ترسي، وري رات جو ئي حيدرآباد ڏانھن روانو ٿيس. آءٌ صبح جو انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ پھتس ۽ ڪرنل آئوٽرام سان ٻيھر ملي خوشي حاصل ٿيم. مون ھن کي ميرپور جو سمورو احوال ٻڌايو ۽ مير شيرمحمد سان گفتگو ۽ ھن جي سموري حالت کان کيس واقف ڪيم. اھو بھ ٻڌايومانس تھ ڪيئن منھنجي گماشتي ريواچند، مير شير محمد جي علائقي ۾ انگريزن جي فوج جي ڪھڙي خدمت ڪئي ھئي ۽ کيس سپھھ سالار جو اھو خط پڻ ڏيکاريم، جنھن ۾ ھن ريواچند جي خدمتن جي تعريف ڪئي ھئي. جو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ منھنجو شڪريو ادا ڪيائين. ٨- ڊسمبر ١٨٤١ع تي ھن ھند سرڪار ڏي ھڪ خط لکيو، جنھن ۾ منھنجن خدمتن جو سرڪاري طور، ھيٺين لفظن ۾ اعتراف ڪيل آھي.

”مان ھن موقعي تي، توھان جو ڌيان پنھنجي چوٿينءَ جون مھيني جي خط ڏانھن ڇڪائڻ گھران ٿو، جنھن ۾ مون سيٺ نائونمل جي لاءِ، ھن جي اڳين خدمتن جي عيوض، ٿورڙي پينشن ۽ خلعت جي سفارش ڪئي آھي. ان خط جو جواب اڃا ڪونھ موصول ٿيو آھي. ان کانپوءِ بھ ھن انگريز سرڪار جي شيدائي کان مون کي مزيد امداد ملندي پئي رھي آھي، فوج جي امداد متعلق مير شير محمد سان جيڪي ڳالھيون ٻولھيون ھلايون ويون آھن، انھن ۾ ھن نمايان بھرو ورتو آھي ۽ ھن منشي ڄيٺانند جي ٺڳين ظاھر ڪرڻ ۾ بھ اسان سان وڏو تعاون ڪيو آھي، جنھنڪري ھن، منشي ڄيٺانند ۽ شھر جي ٻين بااثر شاھوڪارن جن جو انھن ٺڳين ۾ ھٿ ھو، تن جو پڻ دشمني پرائي آھي.“

مون جڏھين ڪرنل آئوٽرام کي، مير شاھھ محمد سان ملڻ ۽ وٽانئس جعلي خط ھٿ ڪرڻ جي خبر ٻڌائي، تڏھن ھو ڏاڍو خوش ٿيو. مون کيس اھو جنسي خط جو ان وقت مون وٽ موجود ھو، ڪڍي ڏيکاريو. خط پڙھي چيائين تھ ”ھي خط منھنجي نالي آھي ۽ ان تي، فارسيءَ ۾ جعلي مھر لڳل آھي. خط ۾ ڪيمخاب جي پھچ ۽ پستولن موڪلڻ جو پڻ ذڪر ڪيل آھي.“ ان کان پوءِ مون ٻڌايومانس تھ ”مير مون کي ٻڌايو آھي تھ اسان جي اھا دوستي آغا ابراھيم شاھھ ڪرائي آھي، جنھن کي مون انھيءَ خدمت جي عيوض ڪافي انعام پڻ ڏنا آھن.“ تنھن تي چيائين تھ ”ھي انگريز سرڪار سان ھڪ وڏو دوکو آھي. تو ھڪ وڏو ڄرڪو ڦاسايو آھي.“ تنھن کان پوءِ ھن ھڪدم مير نصير خان ڏي ھڪ سخت خط لکيو، جنھن ۾ اھا گھر ڪئي وئي تھ آغا ابراھيم شاھھ تفتيش لاءِ، سفارتخاني ۾ موڪليو وڃي. مير نصير خان، ابراھيم شاھھ ۽ ھن جي سڀني وڏن ڀائرن کي پاڻ وٽ درٻار ۾ گھرائي، جاچ ڪئي ۽ آخر ابراھيم شاھھ پنھنجو ڏوھھ قبول ڪيو. تنھن کان پوءِ ھڪڙي ڏينھن شام جو ستين بجي، مير نصير خان خود گھوڙي تي چڙھي، ڪرنل آئوٽرام وٽ آيو ۽ چيائينس تھ ”جاچ توھان پاڻ نھ ڪريو ڇاڪاڻ تھ آغا ابراھيم شاھھ، سنڌ درٻار جي وڏي سردار، آغا اسماعيل شاھھ جو پٽ آھي، جنھن کي خاص امتياز طور پالڪيءَ ۾ چڙھڻ جي اجازت مليل آھي. جيڪڏھن مان آغا ابراھيم شاھھ کي توھان جي حوالي ڪندس، تھ ان ۾ سنڌ جي درٻار جي توھين ٿيندي. مان پاڻ آغا کي مناسب سزا ڏيندس، جو ھن پنھنجو ڏوھھ قبول ڪيو آھي.“ چنانچھ آغا ابراھيم شاھھ کي مير ٻھ سال قيد جي سزا ڏني ۽ ھن کي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ھڪ توبچيءَ جي نگرانيءَ ۾ رکيو ويو. تنھن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام مون کي چيو تھ ھاڻي مون کي اھو خط ھٿ ڪري ڏي، جو مير شير محمد پنھنجي عملدار منشيءَ آوتراءِ جي معرفت، مير صوبدار ڏي، ويھھ ھزار رپين جي معاوضي تي مون سان دوستي ڪرائي ڏيڻ لاءِ لکيو ھو. مون ڪرنل آئوٽرام کي چيو تھ ان معاملي تي ڪافي خرچ ٿيندو.“ ھن مون کي خاطري ڏني تھ ھند سرڪار مناسب خرچ ڀري ڏيندي. ان کان پوءِ مون مناسب ڪارروائي شروع ڪئي ۽ انھيءَ دستاويز ھٿ ڪرڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوشش ۽ جفاڪشي ڪندو رھيس. آخر اڀرئيمل نالي، ھڪ حيدرآباد جي عامل وعدو ڪيو تھ مون کي ٩٠٠ رپيا (ڪوڙيون) اجورو ڏيو، تھ مان جنسي خط پيش ڪندس. اڀرئومل مشھور و معروف ماڻھو ھو. مير شير محمد ھن جا ڪنھن ٺڳيءَ جي ڏوھھ ۾ ٻيئي ڪن ڪپرايا ھئا. مون ڏٺو تھ ڪرنل آئوٽرام خط ھٿ ڪرڻ لاءِ ھيترو منتظر آھي، تنھنڪري جڏھن اڀرئيمل ھڪدم خط آڻي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ۽ ساک ڏني، تڏھن مون خوشيءَ سان کيس ٩٠٠ رپيا اڳواٽ ڪڍي ڏنا. ان کان پوءِ مون وري اڀرئيمل جي شڪل ڪانھ ڏٺي ۽ ھو حيدرآباد ڇڏي ڪيڏانھن گم ٿي ويو. مون اھا حقيقت ڪرنل آئوٽرام سان ڪئي، جنھن چيو تھ ”اھي پئسا پاڻيءَ ۾ ويا. سرڪار توکي پائي بھ ڪانھ ڏيندي، پئسن ڏيڻ کان اڳ توکي ان ماڻھوءَ متعلق خاطري ڪرڻ کپندي ھئي.“

تنھن کان پوءِ، جلد ئي مير شير محمد ۽ مير نصير خان جي وچ ۾ حد بنديءَ تان تڪرار ٿيو ۽ ٻيئي ڌريون لڙائيءَ جي تياري ڪرڻ لڳيون. ڪرنل آئوٽرام وچ ۾ پئي، ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ باعزت صلح ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي. آخر ھن جي ڪوشش تي امين مقرر ٿيا ۽ ڌرين فيصلي قبول ڪرڻ جو وعدو ڪيو. ڪرنل آئوٽرام، انگريز سرڪار جي پاران پنھنجي نائب مسٽر وائيٽ لاڪ ۽ مون کي امين مقرر ڪيو. مير نصير خان، نواب احمد خان لغاري، محمد يوسف (وڏو) ۽ منشي وھيرام آڏواڻيءَ کي پنھنجا عيوضي ڪري موڪليو. اھڙيءَ ريت مير شير محمد جي پاران ھن جو سھرو علي خان ٽالپر ۽ جعفر خان نظاماڻي وڪيل مقرر ڪيا ويا. اسان الھيار جي ٽنڊي ۾ وڃي پندرھن ڏينھن رھي فيصلو ڪيو.

اسان حيدرآباد موٽي آياسين، تنھن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام ھڪ مھيني لاءِ بمبئيءَ ويو. وڃڻ وقت چيائين تھ ”اميد آھي تھ جڏھن مان موٽي ايندس تھ مير شير محمد وارو خط مون کي ڏيندين. خط ھٿ ڪري پاڻ وٽ حفاظت سان رکجانءِ. ڪرنل آئوٽرام جي مرضيءَ مطابق مان سرٽوڙ ڪوشش شروع ڪري ڏني. آخر گھڻي محنت، جانفشانيءَ ۽ خرچ خان پوءِ اھو جنسي خط ھٿ ڪري، ڪرنل آئوٽرام جي نائب ڪئپٽن ليڪيءَ کي سفارخاني ۾ وڃي ڏيکاريم. ھن، اھو خط پڙھائي مون کي چيو تھ ”اھو منھنجي حوالي ڪر.“ پر مون بيوقوفي ڪري، کيس جواب ڏنو تھ ’ڪرنل آئوٽرام مون کي چئي ويو آھي تھ اھو خط پاڻ وٽ محفوظ ڪري رکجانءِ‘، مان واپس اچي توکان وٺندس، تنھنڪري ڪرنل آئوٽرام ڏي خط لکي ساڻس مشورو ڪر تھ ڪنھن جي حوالي ڪجي.“ منھنجو جواب ٻڌي، ھن اھو مون کي موٽائي ڏنو، پر سندس شڪل مان ظاھر ھو تھ ھن کي اھا ڳالھھ نھ وڻي ھئي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڪرنل آئوٽرام موٽي آيو ۽ ڪئپٽن ليڪيءَ منھنجي خلاف ھن جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. مان پنھنجي ڪاميابيءَ جي خوشيءَ ۾ ڪرنل آئوٽرام وٽ فخر سان ملڻ ويس. ھن کي منھنجو اطلاع ڪيائون تھ چوائي موڪليائين تھ ”مون کي ملڻ جو وقت ڪونھ آھي، تو وڃي ڪئپٽن ليڪيءَ سان مل“. مان حيران ٿي ويس. مون کي ڪرنل آئوٽرام جي شفقت جو ايترو ڀروسو ھوندو ھو، جو اھڙي رکي جواب ملڻ تي ڪڏھن سوچي ئي ڪين ٿي سگھيس. ڏک ٿيم تھ جنھن دستاويز ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪرنل کي ھيڏو انتظار ھو ۽ جنھن لاءِ ھيتري تڪليف، محنت ۽ خرچ ڪيم، سي سڀ رائگان ويا. مون ھميشھ بي لوث خدمت ڪئي ھئي، پر ان جو ڪوبھ قدر ڪونھ ڪيو ويو! مان نااميد ٿي، گھر موٽي آيس ۽ ان کان پوءِ مون کي ڪرنل آئوٽرام يا ڪئپٽن ليڪيءَ وٽ وڃڻ لاءِ دل ئي ڪانھ ٿي. ھن واقعي کان ڏھن – ٻارھن ڏينھن پوءِ، ھڪڙيءَ رات مان سمھيو پيو ھوس تھ منھنجي مخفي صندوق چوري ٿي وئي، جنھن ۾ مير شير محمد وارو خط، ڪرنل پاٽنجر جو سنڌ مان روانگيءَ وقت سرڪار ڏانھن موڪليل تحرير جو تصديق ٿيل نقل، ڇھھ سؤ رپين جي قيمت جو موتين جو جوڙو ۽ ڪي ٻيون قيمتي شيون پيل ھيون. مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ رھندو ھوس، جنھن ۾ خاطريءَ جھڙو انتظام ۽ پھرو ھوندو ھو. مون سمجھيو تھ شايد ڪنھن چرچو ڪري پيتي لڪائي ڇڏي آھي. پر جڏھن گھڻيءَ ڳولھا ۽ تفتيش کان پوءِ بھ صندوق نھ ملي، تڏھن مون سخت ارمان محسوس ڪيو ۽ سوچيم تھ انھيءَ ڪڍي ڪم لاءِ ڪينو ۽ حسد ذميوار آھن، نھ ذاتي طمع. مون کي صندوق ۾ پيل زيورن ۽ جواھرن جي چوريءَ ٿي وڃڻ جي ڪابھ پرواھھ ڪانھ ھئي ۽ نڪي مون کي شير محمد جي خط کڄي وڃڻ جي ڪا ڳڻتي ھئي. مون کي جيڪڏھن ڪنھن ڳالھھ جو فڪر ھو، تھ ڪرنل پاٽنجر واري خط جي نقل جي چوري ٿي وڃڻ جو. ڪرنل پاٽنجر مون سان انھيءَ خط جي ڏاڍي ساراھھ ڪئي ھئي ۽ مون کي خاطري ڏني ھئائين تھ جيتوڻيڪ سنڌ اڃا ميرن جي تابع آھي، پر توکي ڪنھن ڏينھن ضرور انھيءَ خط مان فائدو رسندو. مون خيال ڪيو تھ اھو بيش بھا خط، ميرپور واري دستاويز جي ڪري گم ٿيو آھي ڏاڍو پڇتايم تھ اھي ٻئي خط ھڪ صندوق ۾ گڏ ڇو رکيا ھئم. مون کي ياد ھو تھ ھڪڙي ڏينھن ڪرنل پاٽنجر مون کي ٻڌايو ھو تھ ”مون تنھنجي انھيءَ خط جو نقل ڪرنل آئوٽرام ڏي، سنڌ جي سفارتخاني جي دفتر لاءِ موڪليو ھو.“ مون پوءِ ڪرنل آئوٽرام جي وڏي منشيءِ کي چيو تھ ”مون کي سفير جي دفتر مان انھيءَ خط جو ٻيو نقل آڻي ڏي.“ ھن اھا ڳالھھ قبول ڪئي، پر پوءِ جواب ڏنائين تھ مون ڳولھا ڪئي آھي، پر اھو خط دفتر ۾ آھي ئي ڪونھ(1)، حالانڪھ مون پاڻ ڪنھن وقت ساڳيو خط دفتر ۾ ڏٺو ھو. انھيءَ خبر، منھنجي ڏک ۾ پاڻ اضافو ڪري ڇڏيو ۽ ساڳئي وقت حيدرآباد جي آرھڙ جي گرميءَ بھ مون تي پنھنجو چڱو اثر ڏيکاريو ۽ مون کي بخار ۽ الٽيون ٿي پيون. سفارتخاني جو ڊاڪٽر منھنجو علاج ڪندو ھو ۽ دوا درمل ڏيندو ھو. ھڪڙي ڏينھن منھنجي تمام نازڪ حالت ٿي ويئي. ڪرنل آئوٽرام کي جڏھن خبر پئي تھ ھو ھڪ ڊاڪٽر کي ساڻ وٺي مون کي پڇڻ آيو. ڊاڪٽر جي موچاري علاج، تيمارداريءَ ۽ خدا جي فضل سان منھنجي حالت سڌرندي وئي، پر پوريءَ طرح شفاياب ٿيڻ ۾ گھڻو وقت لڳو. چاق ٿيڻ کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر جي سفارشي خط جي چوري ٿي وڃڻ جو ڏک منھنجي دل مان ڪين ويو.

____________

(1) ظاھر آھي تھ ھيءَ غلطي آھي. ڏسو مقدمو.

(1) سرڪاري دفترن مان معلوم ٿو ٿئي تھ ھيءُ واقعو آڪٽوبر يا نومبر ١٨٤٠ع ۾ ٿيو ھو. فوجي دستا، جن جو ھٿ ذڪر آھي، سي ھئا: ٿرڊ لائيٽ ڪئولري (ٽيو نمبر ھلڪو رسالو)، ليفٽيننٽ ولسن جي ھٿ ھيٺ ۽ ٻيو فورٿ ٽروپ ھارس آرٽيلري (چوٿين پلٽڻ رسالي جي توبخاني جي)، ڊيسا جي ڪئپٽن لپسن جي ھٿ ھيٺ. ٻيئي دستا ننڍي رڻ سنتلپر (پالنپور) رستي شڪارپور (ڪڇ؟) آيا ۽ وري ھو ڀڄ ويا. پاڻيءَ جي اڻاٺ ڪري، ٻنھي دوستن، جدا جدا سڌو اتر وڃي وڏو رڻ پار ڪيو.

(1) عام مسافرخانو يا قافلي سراءِ.

(1) چرس ھندستاني ڀنگ جي نشيدار پنن جي مٺائي آھي ۽ گانجو ان جو سڪل گل ۽ ٻج آھن، جي تماڪ وانگر ڇڪيندا آھن.

(1) اھي واقعا ڏيکارين ٿا تھ ھندستان جي سفارتي حلقن ۾ ڪھڙا منصوبا ھلندا ھئا ۽ رازدار شخصن جي ستياناس ڪرڻ لاءِ ڪھڙا اپاءَ ورتا ويندا ھئا. سيٺ نائونمل، مير جو خط پاڻ وٽ رکي دانائي ڪانھ ڏيکاري ھئي. جيڪڏھن ھو اعليٰ ڪردار وارو نھ ھجي ھا، تھ ھن جي بھ ستياناس ٿي وڃي ھا. -مؤلف

باب ستون

[b] وھانءَ جا شانھ مانا، معزز مھمان، ڪراچيءَ واپسي، نائونمل کي، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ جي معرفت، گورنر جنرل جي طرفان خلعت جو ملڻ، صدر بزار ۾ جڳھون ٺھرائڻ، ميرن جا دڙڪا، سر چارلس نيپئر جي آمد، مير علي مراد جي نيپئر کان پنھنجي ڀاءُ رستم جي خلاف، مدد جي گھر، رستم جي ڀاڄ، حيدرآباد جي سفارتخاني تي حملو، مياڻي ۽ حيدرآباد جون لڙايون، نومڙين، ڪرمتين ۽ جو کين جي سردارن جو ڪراچيءَ تي حملو ڪري فوج کي قتل ڪرڻ جو منصوبو نائونمل جي گھر ۾ ھراس، شھر ۾ ڦڙڦوٽ، ڪراچيءَ جي دفاع لاءِ عملدارن سان منصوبو، ٽالپرن جي جھنڊي جو سر ڪيرائڻ ۽ نائونمل جو سر چارلس نيپئر کي لڪل خطن سان قاصد موڪلڻ، نائونمل جي صاحب خان ڇٿي کان مدد جي گھر، بلوچ لٽيرن جو پيڇو، ھوتچند جي فاتحانھ انداز ۾ واپسي، انگريزن جي ھڪ فوجي دستي جو بلوچن جي ھٿان قتل، نائونمل جو سؤ جوان وٺي، ڏاکڙين ٽڪرين ۾ فوجي دستي پٺيان وڃڻ، پستول جو ٺڪاءُ، ٺڳيءَ جو شڪ، بلوچن جو ڇانوڻيءَ تي قبضو، ٽن سردارن جو ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ پيش پوڻ، نائونمل جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيڻ.[/b]

سنبت ١٨٩٨ (١٨٤١ع) جي آکاڙ مھيني ۾، اسان فيصلو ڪيو تھ منھنجي ستين نمبر ۽ سڀني کان ننڍي پٽ ليکراج، ڀائٽي آتمارام ۽ منھنجي وڏي پٽ ٽيڪمداس جون شاديون ڪرائجن منھنجا گماشتا ابتدائي انتظام ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کان مھينو اڳ آيا. منھنجا ٻار جڏھن حيدرآباد آيا تھ مان انگريز جي ڇانوڻي ڇڏي اچي شھر ۾ رھيس. شاديءَ جون سڀ رسمون رواج بجا آندا ويا. ويھھ ڏينھن ساندھھ ھر طبقي جي ماڻھن کي روٽي کارائي وئي. حيدرآباد جي ڀرسان ٽنڊي جي ماڻھن کي ڪوٺ ڏني وئي ۽ ھو سڀ مھرباني ڪري آيا. ڪئپٽن ليڪي، انگريز ڊاڪٽر، سفارتخاني جا سڀ تعلقدار، نواب احمد خان، الھداد خان ۽ ٻين معزز ماڻھن پنھنجيءَ شرڪت جو شرف بخشيو، منھنجي صحت ۾ اڃا ڪو گھڻو فرق ڪونھ آيو ھو. ڪرنل پاٽنجر واري خط جو نقصان مون کان ڪين پئي وسريو. ان جي ڏک ۽ حيدرآباد جي گرميءَ منھنجيءَ صحت کي پاڻ وڌيڪ نقصان پھچايو. شادين کان پوءِ سنبت ١٨٩٨ جي سانوڻ مھيني، مطابق آگسٽ ١٨٤١ع ۾ پنھنجن ٻارن سان ڪراچيءَ موٽي آيس. ڪراچيءَ جي آب و ھوا مون کي ڀانءِ پيئي ۽ فائدو ٿيندو ويو. مان ڪراچيءَ کان پورا ٻھ سال ٻاھر رھيو ھوس، جنھن مان ڇھھ مھينا ڀڄ ۾ ڪرنل پاٽنجر سان ۽ باقي وقت حيدرآباد جي ڀرسان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ڪرنل آئوٽرام سان رھيو ھوس. اھو سمورو وقت ان جي بلا معاوضي خدمت پئي ڪيم ۽ پنھنجي ھڙان خرچ ڪري پنھنجي مقامي حيثيت ۽ مرتبي مطابق رھندو ۽ سفر ڪندو ھوس. جڏھين ڪراچيءَ موتي آيس، تڏھن ڏٺم تھ منھنجا ڀائر انگريز جي فوج ۽ بحري ٻيڙيءَ جي مدد ڪندا ٿي رھيا ۽ انتظام اھڙوئي خاطر خواھھ ھو جھڙو منھنجي ڀڄ وڃڻ وقت ھو. مان انگريزي فوج جي سالارن سان ملي، سندن صحبت مان ڪافي پرايو ھو. منھنجو تنبو اڳي وانگر جنرل جي خيمي جي سامھون لڳل ھو ۽ مان روز صبح جو ڏھين بجي ڇانوڻيءَ ۾ ويندو ھوس ۽ شام جو پنھنجن بجي کان پوءِ گھر موٽي ايندو ھوس. ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، مسٽر ايسٽوڪ ننڍو(1)، شڪارپور سنڌ جو نائب سياسي سفير ھو، حيدرآباد کان آيو. مان ھن سان ملاقات ڪرڻ ويس. چيائين تھ ھندستان جي عزتماب گورنر جنرل، تنھنجي لاءِ ستاويھن ڪپڙن جي خلعت موڪلي آھي. مون اھو عطيو قبول ڪري، ھن جو احسان مڃيو. مھيني کان پوءِ، ھڪڙو بنگال کاتي جو ملازم، مسٽر ڪئنڊي(2) سڌ جو مقامي سياسي سفير مقرر ٿيو. مان ھن سان ملڻ ويس. ٻڌايائين تھ اعليٰ حضرت، عزتماب، ھندستان جي گورنر جنرل توکي سؤ رپيا مھينو پينشن(3) عطا ڪرڻ فرمائي آھي، جنھن جي عيوض توکي، سرڪار کي ضرورت جي وقت صلاح مشورو ڏيڻو پوندو. مون ان لاءِ سرڪار ۽ سندس شڪريو ادا ڪيو. سنڌ جو سياسي ادارو ان کان پوءِ فقط ٽي مھينا ھليو ۽ ان سان گڏ منھنجو معاوضو بھ ختم ٿي ويو.

مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ باقاعدي ويندو ھوس. ھڪڙي ڏينھن ڪئپٽن ھينري پريڊي، جو ڪراچيءَ ۾ رسد جي محڪمي جو اعليٰ آفيسر ھو ۽ بزار جي نگران (ڇانوڻيءَ جي مئجسٽريٽ) جا فرض پڻ ادا ڪندو ھو، مون کي فوج جي سلور وٽ وٺي ويو ۽ ھن جي روبرو مون کي چيائين: ”اسان صدر بزار کي سڌارڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا آھن ۽ پاڻ پتوڙيو آھي. صدر بزار ۾ برآمدي مال تي ميرن کان محصول معاف ڪرايو آھي، پر تنھن ھوندي بھ ڪو ڏيھي ماڻھو صدر بزار دڪان کولن لاءِ تيار نھ آھي. اسان کي معلوم ٿيو آھي تھ ٽالپرن جي حڪومت جا عملدار، واپارين کي منع ڪن ٿا ۽ ڊيڄارين ٿا، ان ڪري ڇانوڻيءَ جي حدن اندر ڪنھن کي بھ ڪنھن شئي وڪري ڪرڻ جي ھمت نٿي ٿئي.“ ان کان پوءِ مون کي چيائين تھ ”صدر ۾ واپار کي ھمٿائڻ لاءِ تون اسانجي مدد ۽ تعاون ڪر.“ مون جواب ڏنس تھ مان توھان جو ھر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آھيان. ٽالپرن جي حڪومت ڀلي ناراض ٿئي تھ ٿئي. مون کي معلوم آھي تھ ڏيھي عملدار، واپارين کي صدر ۾ دڪانن کولڻ لاءِ ڪو نھ ھمٿائيندا آھن، پر توھان مون کان مدد ۽ تعاون جي گھر ڪئي آھي، تنھنڪري مان بزار ۾ ھر قسم جي سامان جي دڪانن کولڻ لاءِ تيار آھيان.“ ٻئي ڏينھن مون پنھنجي خرچ تي ڪيترين جاين(1) ٺاھڻ جو حڪم ڏنو. ڇانوڻيءَ م پنھنجي ڪارخاني جي شاخ کوليم ۽ ڪيترن واپارن کي ڇانوڻيءَ جي ماڻھن جي سھولت لاءِ ان، ڪپڙي ۽ ٻين شين جي دڪانن کولڻ لاءِ تيار ڪيم. احمد آباد جي نرسنگ لعل کي منيب مقرر ڪيم. ھو سپاھين لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ھو ھنن کي ھندستان ۽ ھندستان جي مختلف علاقن ۾، سندن ٻارن کي ھنڊين رستي پئسن موڪلڻ جو انتظام پڻ ڪندو ھو. جڏھن صدر جو واپار ترقي ڪرڻ لڳو، تڏھن ٽالپرن جي حڪومت جا عملدار جي ڪراچيءَ ۾ ھئا، تن گڏجي منھنجي برخلاف حيدرآباد جي درٻار ۾ شڪايت ڪئي تھ نائونمل، ڪراچيءَ جي واپار کي ڌڪ ڏئي سرڪار جي آمدني(1) کي نقصان رسايو آھي. ان تي مير نصير خان کي مٺيان لڳي ۽ مون کي گرفتار ڪرڻ لاءِ پنجويھھ سوار چاڙھي موڪليائين. اھا خبر مون کي حيدرآباد سان تعلق رکندڙ منھنجن عزيزن موڪلي ھئي. مان ھڪدم وڃي ڪئپٽن پريڊيءَ ۽ انگريزي فوج جي سالار کي اطلاع ڏنو. ھنن سڌو سياسي عملدار ليفٽيننٽ ملني(2) کي لکيو تھ ان ڳالھھ تي اعتراض وٺي. اھو خط ھڪ خاص قاصد جي ھٿان موڪليو ويو. ليفٽيننٽ ملني، خط ملڻ شرط پاڻ بذات خود مير نصير خان وٽ لنگھي ويو ۽ پڇيائينس تھ ”ھيءَ خبر جا مون ٻڌي آھي، سا سچي آھي يا نھ؟“ مير نصير خان غصي ۾ چيو تھ ھا! ”سيٺ ڪراچيءَ جي ستياناس ڪئي آھي ۽ اسان کي لکن رپين جو مالي نقصان پھچايو آھي. ھاڻي منھنجي چنبي ۾ آيو آھي ۽ مان ھن کي قيد ڪرائيندس.“ ليفٽيننٽ ملني بھ ساڳئي غصي ۾ جواب ڏنس تھ ”ھي (سيٺ)، برطانيا حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ رھي ٿو ۽ مٿس ھندستان جي گورنر جنرل جو سايو آھي. بھتر ائين ٿيندو تھ ھن جي خلاف اھڙو ڪوبھ قدم نھ کڻو، جنھن مان ھن کي نقصان پھچي.“ ائين چئي ھو اٿي کڙو ٿيو، مير تي ان جو وڏو اثر پيو ۽ مير نصير خان ماٺ ميٺ ۾ پنھنجو اڳيون حڪم رد ڪيو ۽ ٽالپرن جو ڪوبھ سوار ڪراچيءَ ڪونھ آيو.

١٨٤٢ع ۾، سرچارلس نيپئر، سنڌ ۾ انگريزي فوج جو سالار اعليٰ مقرر ٿيو. ھو پھريائين ڪراچيءَ آيو، جتان پوءِ جلدئي حيدرآباد روانو ٿي ويو. ١٨٤٣ع جي شروع ۾ خيرپور جي ٻن ميرن، مير رستم ۽ ھن جي ڀاءُ مير علي مراد جي وچ ۾ تنازع ٿيو ۽ ٻئي جنگ لاءِ ماڻھو گڏ ڪرڻ لڳا. مير علي مراد، سرچالس نيپيئر سان خط و ڪتابت شروع ڪئي ڀاءُ کي زير ڪرڻ لاءِ ھن کان مدد گھريائين. سرچالس نيپئر خوشيءَ سان مدد جو وعدو ڪيو. مير رستم اھا خبر ٻڌي، ڀڄي وڃي حيدرآباد جي ميرن وٽ پناھھ ورتي. جتي سرچارلس نيپئر ھن جو پيڇو ڪيو. حيدرآباد جي حڪومت ڏمرجي پئي ۽ مخالفت ڪرڻ جو خيال ڪرڻ لڳي. انھي سوانگ جي شروعات ۾، ٻروچن مقامي سفارتخاني تي اوچتو حملو ڪيو. ڪرنل آئوٽرام نھايت دليريءَ سان شديد مخالفت ھوندي، ٻھ ٽي ڪلاڪ دفاع ڪندو رھيو، پر پوءِ سنڌونديءَ ۾ ھڪ سرڪاري آگبوٽ گھرائي ان تي چڙھي نڪري ھليو ويو. ٽالپرن، ماڻھو گڏ ڪري ٽيھن ھزارن سپاھين سان سرچالس نيپئر کي جھلڻ لاءِ (جو ان وقت ھالا تائين پھچي ويو ھو.) حيدرآباد کان چئن ڪوھن جي فاصلي تي، مياڻيءَ طرف وڌيا. سرچالس سان ان وقت فقط اڍائي ھزار لڙاڪو سپاھي ساڻ ھئا، پر ھو سڀ نھايت تربيت يافتھ ۽ منظم سپاھي ھئا. ٻئي طرف ميرن جو لشڪر، تازو ڀرتي ڪيل، بلڪ اڻ آزمودگار ٻروچن جو ھڪ ھجوم ھو، ھنن جا سالار بي ھنر ھئا، جن کي لڙائيءَ جي فن جي ڪابھ ڄاڻ ڪانھ ھئي. مياڻيءَ وٽ جنگ لڳي، جنھن ۾ ٽالپرن جو لشڪر شڪست کائي ڀڄي ويو. ٻروچن چڱو منھن ڏنو ۽ دليريءَ سان ترارين کان ڪم ورتائون، پر ھنن کي ڪنھن بھ قسم جي تربيت ڪانھ ھئي. ميرن پاڻ بھ لشڪر سان ڀڄي وڃي حيدرآباد جي قلعي ۾ پناھھ ورتي. َآٽھ سرچارلس نيپئر، سندن پيڇو ڪري، مير خان جي ٽنڊي ۾ اچي ديرو ڄمايو، جتي مير وڃي ھن جي اڳيان پيش پيا. ميرن جو آل و عيال ڦليليءَ جي پار ھليو ويو ۽ سرچارلس نيپيئر قلعي تي قبضو ڪيو.

مياڻيءَ جي لڙائيءَ کان اڳ، جڏھن ٻروچن حماقت ڪري حيدرآباد ۾ سفارتخاني تي حملو ڪيو ھو، تڏھن ميرن، ملير جي ڄام مھر علي جوکيي، ملڪ احمد نومڙيي ۽ ملڪ ابراھيم خان ڪرمتي(1) ڏي لکيو ھو تھ توھان حيدرآباد اچي ٻروچن جي لشڪر ۾ شامل ٿيڻ بدران، يڪمشت ٿي پنھنجي متحده فوج سان، ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي اوچتو يلغار ڪري، ڦري، لٽي، ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ سڀني سپاھين کي ماري ڇڏيو، پوءِ ڀل اھي انگريز ھجن، يورپي يا ديسي ھجن، مطلب تھ انگريز ڪتو ھڪ بھ نھ ڇڏيو ۽ جنھن جو بھ انگريزن جي فوج سان، انھن جي ڌر سان ڪو تعلق ھجي، تنھن کي قتل ڪري ڇڏيو. ميرن ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عملدارن کي ھن ڳالھھ کان آگاھھ ڪري ڇڏيو ھو ۽ کين ھدايت ڪئي ھئائون تھ انھن سردارن کي پئسي پنجڙ ۽ ان وغيره جي مدد ڪن تھ جيئن ھو سندن حڪمن جي آسانيءَ سان تعميل ڪري سگھن.

انھن ٽنھي سردارن، ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي يلغار ڪرڻ لاءِ پنھنجا ماڻھو ڪٺا ڪيا. پر ھنن جي اھا مرضي نھ ھئي تھ انھيءَ انڌا ڌنڌ قتل ۽ غارتگريءَ ۾ ڪنھن مسلمان کي ڪو نقصان پھچي، تنھنڪري ھنن ڪن مسلمانن کي صلاح اھا ڏني ھئي تھ اسان جنھن وقت ڪراچيءَ جي آسپاس وارن ڳوٺن ۾ لٽ مار شروع ڪريون، تھ توھان ڪراچيءَ مان تڪڙا تڪڙا نڪري وڃجو. اھا خبر مسلمانن مان وائر جي وڃي شھر جي ھندن ۽ ٻين ماڻھن جي ڪن پيئي. خبر ٻڌڻ سان سڀني ۾ ھراس ڦھلجي ويو. ١٦ فيبروري ١٨٤٣ع جي شام جو، مان انگريزن جي ڇانوڻيءَ مان موٽيس تھ شھر جو حليو بدليل نظر آيو. سڀ دڪان ۽ دروازا بند ھئا. صبح جو شھر ماڻھن جي چھل پھل سان ٻھڪيو پئي، ۽ شام جو ڄڻ تھ ڪو راڪاس گھمي ويو ھو. مان گھر پھتس تھ ڏٺم تھ ٻار سڀ گڏ ٿي ھڪ ھنڌ منھنجي انتظار ۾ ويٺا ھئا. انھيءَ وچ ۾ پنھنجا ماڻھو موڪليم تھ خاطري ڪري اچو تھ ڪھڙي ماجرا آھي. ھنن کي معتبر ذريعن مان خبر ملي تھ ٽالپرن، پنھنجن عملدارن ڏانھن ڇا لکيو ھو ۽ ڪيئن انھن اھا مخفي خبر، خيرخواھي ڪري، پنھنجن عزيزن ۽ ھندو واپاري دوستن کي پھچائي ھئي، جن ٻئي ڏينھن بندر تي بيٺل جھازن ۽ ٻيڙين ۾ پناھھ وٺڻ جي تياري ڪري ڇڏي ھئي. جھازن ۽ ٻيڙين ۾ ڪيترن ڏينھن جو زادراه پڻ مھيا ڪيو ويو ھو ۽ کين اھو بھ آگاھھ ڪيو ويو ھو تھ جڏھن شھر ۾ ڪنھن معمولي گڙٻڙ جي خبر ٻڌن، تڏھن ھڪدم سڙ سنواھھ ڪري، ڪنھن دوستاڻي ملڪ جي بندر ڏانھن ھاڪاري وڃن. گھر ۾ ويس تھ منھنجي ڏاڏي(1) (دريانيمل جي گھر واري)، گھر جي ٻين ڀاتين سان گڏ ويٺي ھئي. مون کي سخت ڪاوڙ ۾ چيائين تھ ”ٻالڪ، مون قسمت جا لاھا چاڙھا ۽ حڪومتن جون ڦيرڦاريون گھڻيون ئي ڏٺيون آھن. مون کي ياد آھي تھ مدد خان جي فاتح فوج اڳيان ماڻھو ڪيئن ڀڳا ھئا. پٽ، مون کي اھا خبرئي ڪانھ ٿي پئي تھ تون ڪٽنب جي ڇويھن ماڻھن جي حياتي ڪيئن ٿو جوکي وجھين؟“ ھيءَ ڳالھھ ١٦ فيبروري ١٨٤٣ع جي رات جو ٿي. منھنجي ڏاڏيءَ مون کي منٿ ڪئي تھ ڪيئن بھ ڪري اسان کي ڪاڏي ڪڍي وڃڻ جو انتظام ڪر، پرواھھ نھ آھي، ساري ملڪيت لٽجي وڃي تھ وڃي، پر حياتيون تھ بچن. مان نھايت اطمينان سان جواب ڏنس تھ ”تون غم نھ ڪر، ڪنھن کان بھ نھ ڊڄ، خدا کي ياد ڪر. اسان جو جھاز ’ڪوٽيا ھريپاسا‘ ھن وقت بندر تي بيٺو آھي، ھوتچند جھاز تي آھي، جھاز ۾ کاڌي پيتي جو سامان ڪٺو ڪري رکيو ويو آھي ۽ خلاصي وغيره پور بند جا ھندو آھن. اسان ڪنھن بھ وقت جھاز ۾ چڙھي وڃي سگھون ٿا. تنھن کان سواءِ، ڪيترا انگريزن جا جھاز بندر تي بيٺا آھن منھنجا ماڻھو روز انھن ڏي سيڌو سامان کڻي ويندا آھن. ضرورت جي وقت اسان انھن مان ڪنھن تي بھ پناھھ وٺي سگھون ٿا. ھن وقت ڪجھھ نٿو ڪري سگھجي، جو دير ٿي ويئي آھي. صبح جو جيئن چوندينءَ، تيئن ڪندس ۽ جي توھان چاھيو تھ توھان کي ھڪدم روانو ڪري ڇڏيندس.“

مان ھنن کي خاطري ڏيئي وڃي سراءِ تي آرام ٿيس، پر ڳڻتيءَ ۾ مون کي ننڊ نھ آئي. آءٌ صبح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس. صبح ٿيو تھ مان سوار ٿي انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ ھليو ويس، ۽ سڌو ڪئپٽن پريڊيءَ جي گھر جي در تي وڃي بيٺس. جمعدار ٻاھر سمھيو پيو ھو، ھن اتي در کڙڪايو ۽ ڪپپٽن پريڊي در کولي مون کي اندر وٺي ويو. مون جيڪي ٻڌو ھو، تنھن کان ھن کي واقف ڪيم ۽ ٻڌايومانس تھ ڪيئن حيدرآباد جي درٻار جو کين، ڪرمتين، نومڙين ۽ برفتن کي حڪم ڪيو آھي تھ انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪري، ڦري، جلائي، سڀني انگريز سپاھين ۽ سندن لاڳاپيدارن کي ماري ڇڏيو ۽ انگريزن جي فوج جو ھڪ ڪتو بھ نھ ڇڏجو. شھر ۾ انھيءَ خبر جي ڪري ڏاڍو ھراس ڦھلجي ويو آھي ۽ ماڻھن ڀڄي نڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آھن. منھنجا ٻار خود مون تي ڪاوڙيا ويٺا آھن ۽ چون ٿا تھ اسان کي جلد ٻاھر ڪڍ. پر مون کين چيو آھي تھ مان پنھنجن دوستن سان صلاح ڪرڻ کان اڳ توھان کي شھر کان ٻاھر ڪونھ موڪليندس. مان جن سان وابستھ آھيان تن سان صلاح مشورو ڪرڻو پوندم. ساڳي وقت عرض ڪيومانس تھ ”مون کي اجازت وٺي ڏي تھ مان پنھنجا ٻار ھڪڙي جھاز تي چاڙھي ڇڏيان ۽ مان پاڻ ڇانوڻيءَ ۾ انگريزي سپاھين سان رھندس ۽ انھن سان ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندس. ھي آزمائش جو وقت آھي، چستي ۽ ھمت درڪار آھن. ڇانوڻيءَ ۾ انگريزن جا زياده ۾ زياده فقط ٻھ ٽي سؤ سپاھي موجود آھن. ڪئپٽن پريڊيءَ چيو تھ ”ٽي ڏينھن گذري ويا آھن، تھ اڃا تائين سرچارلس نيپيئر جي ڇانوڻيءَ مان ڪابھ ٽپال ڪانھ آئي آھي. اسان کي خبر نھ آھي ھن جي خيرپور مان رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ڇا وھيو واپريو آھي؟ ۽ نڪي اھا خبر آھي تھ ھو ھن وقت ڪٿي آھي.“ تنھن کان پوءِ ھن ڪرنل بائلوءَ ڏي ھڪ خط لکيو. ھو ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ھڪ پلٽڻ جو سالار ھو. ڪرنل، ڏھن پندرھن منٽن ۾ پھچي ويو. گھر ۾ ڪو مخفي ڪمرو ڪونھ ھو، تنھنڪري اسان سڀ غسلخاني ۾ ھليا وياسين. ڪرنل بائلو ۽ ڪئپٽن پريڊي ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڳالھائيندا رھيا ۽ مون ويٺي ٻڌو. ڪئپٽن پريڊيءَ، ڪرنل کي سڀڪجھھ ٻڌايو، مشوري کان پوءِ ڪرنل بائلوءَ مون کي چيو تھ تون ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ ترس تھ مان پنھنجي عبادت ڪري، (اھو ڏينھن آچر جو ھو) ۽ چاءِ ٽوسٽ کائي پي وٺان. مون چيومانس تھ ”ڏھھ وڄي ويا آھن، ڏينھن گرم ٿي ويو آھي، مون رات جو بھ روٽي نھ کاڌي آھي، نھ ننڍ ڪئي آھي. ھن وقت بھ مون کي اڃ لڳي آھي.“ چيائين تھ ”کٽمٺڙا کاءُ.“ جواب ڏنومانس تھ ”کٽمٺڙا پياس لاھڻ بدران پاڻ اڃ وڌائيندا.“ ان کان پوءِ چيائين تھ ”چڱو تون ڇانوڻيءَ ۾ پنھنجي گماشتي نارائڻداس وٽ وڃي ٻھ ٽي منٽ ترس.“ مون ڪئپٽن پريڊيءَ سان شڪايت ڪئي تھ ڪرنل بائلو شايد مون کي مشڪوڪ نگاھن سان ڏسي رھيو آھي. تنھن تي ھن ڪرنل بائلوءَ پوءِ مون کي گھر وڃڻ جي اجازت ڏني. مان گھوڙي تي چڙھي تڪڙو تڪڙو گھر ويس. رام باغ تلاءَ جي ڀرسان ھڪ فقير گڏيو جو تقريبا ننگو ھو. فقط ھڪ چوتيو اڳيان ۽ چيلھھ تي ٻڌل ھوس. ھو سنڌي نھ ھو، ترڪ پئي لڳو. ھن چرين وانگر ھندستانيءَ ۾ چيو تھ انگريزن جي فتح ٿي آھي ۽ ھنن سنڌ ورتي آھي. ميرن ھميشه لاءِ سنڌ وڃائي ڇڏي.“ اھو ماڻھو مون پھريون دفعو ڏٺو ھو.

مان شھر جي خوفائتين گھٽين مان لنگھي گھر پھتس. اندر سراءِ ۾ اٽڪل پنجاھھ سٺ ماڻھو (منھنجي خاندان جا سڀ مرد، پنھنجن گماشتن ۽ نفرن سان) منھنجي انتظار ۽ ملڻ لاءِ ويٺا ھئا. چيائون تھ اسان سامان ٻڌي ھلڻ لاءِ تيار ويٺا آھيون. مونکي سخت پياس لڳي ھئي، چيومان تھ مون کي پھريائين اڃ لاھڻ ڏيو تھ پوءِ مان توھان کي ٻڌائيندس تھ ڇا ڪرڻ کپي. مان سنان ڪري گھر ويس، جتي منھنجي ڏاڏيءَ وري چيو تھ نوڪر اچي ٻڌايو تھ ڪئپٽن پريڊي ٻاھر بيٺو آھي ۽ توھان کي سڏي ٿو. مان ھڪدم ھن سان ملڻ لاءِ ٻاھر ويس. چيائين تھ منھنجي اڳيان ھل. مون ڪپڙا پائي ھن جي اڳيان ھلڻ شروع ڪيو. جڏھن بئرڪن وت پھتاسين، تڏھن ٽالپرن جي حڪومت جا گھڻائي عملدار مٿي ھڪ ٿلھي تي ويٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊيءَ مونکي چيو تھ انھن کي سڏي چؤ تھ ھيٺ لھي اچن. اتي ھيٺ ٻيا ٽي ماڻھو ويٺا ھئا: ١. محمد صديق، نصير خان ۽ حسن علي ميرن جي پاران، ٢. ديوان ٽيڪچند، مير نور محمد پاران، ٣. ديوان مولچند، مير صوبيدار جي پاران. اھي ٽيئي مقاطعيدار ھڪدم لھي اچي ڪئپٽن پريڊيءَ جي اڳيان بيٺا، جنھن چين تھ اسان جي اڳيان ٿيو. ھنن حڪم جي تعميل ڪئي ۽ اڳيان ھلندا ھليا، تان جو انھيءَ جاءِ تي پھتاسين، جنھن کي ھاڻي ”جوڙيا بزار“ چوندا آھن. اتي منھنجا نوڪر، ھڪ سنجيل گھوڙو ۽ اٺ تيار ڪيو بيٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊيءَ چيو تھ ”تون ھنن ماڻھن جي حفاظت ڪر.“ مون کي ائين چئي پاڻ گھوڙو ڊوڙائي ڪجھھ پنڌ ھليو ويو. مقاطعيدار ھڪٻئي ڏي ۽ مون ڏي تعجب سان ڏسڻ لڳا، ۽ پڇيائون تھ ”ڇاھي؟“ مون چيومان تھ ”مان بھ توھان وانگر بلڪل ڪورو آھيان.“

ڪئپٽن پريڊي، پنجن ڇھن منٽن کان پوءِ موٽي آيو. سندس پٺيان توبخانو ۽ سپاھي ھئا. اسان وري شھر ڏي وياسين ۽ مير جا عملدار اسان جي اڳيان پئي ھليا، مان ۽ ڪئپٽن پريڊي توبخاني ۽ سپاھين سان پٺيان ھئاسين. ڪراچيءَ کي ان وقت ٻاھران ڀت ھوندي ھئي، جنھن ۾ ٻھ دروازا ھئا: ھڪڙو مٺو در ۽ ٻيو کارو در. مٺي دروازي وٽ چار پنج سپاھي ھڪ ٿلھي تي ويٺا ھئا. ڪئپٽن پريڊي انھن کي لھي اچڻ جو حڪم ڏنو. ھو جڏھن ھيٺ آيا، تڏھن کانئن ھٿيار کسي، سندن جاءِ تي انگريزن جي پلٽڻ جا سپاھي بيھاريا ويا. پوءِ اسان چائڙيءَ (ٽائون ھال) ڏانھن وياسين، جتي ٽالپرن جو جھنڊو ھوا ۾ پئي جھوليو. ڪئپٽن پريڊيءَ جي حڪم مطابق اھو جھنڊو، جنھن ۾ ڇھھ ست لڳو لڳ ڳاڙھا ۽ اڇا پٽا ھئا ڪيرائي، ان جي جاءِ تي ”يونين جئڪ“ لڳايو. چائڙيءَ ۾ جيڪي ٽپڙ ھئا (ڪاغذ ۽ بنديون وغيره)، سي ھڪ ڪمري ۾ رکي ان کي مھر لڳائي وئي ۽ اھا جاءِ منھنجي حوالي ڪئي ويئي. اسان سڄيءَ بزار جي تلاشي وٺندا شھر جي ھن طرف کاري دروازي تائين وياسين. ڪارروائي ڪئي ويئي.ڪچي قلعي تي ترتيب سان سپاھي بيھاري توبون رکيون ويون. مطلب تھ ھر ڳالھھ جو چڱيءَ طرح خيال ڪيو ويو. اسان پوءِ چائڙيءَ تي آياسين، جتي اعلان ڪيو ويو تھ ”ڪراچي ھاڻي انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪي آھي ۽ سيٺ جي حوالي ڪئي وئي آھي.“ اعلان جا نقل چائڙيءَ جي ڀتين ۽ ٻن دروازن تي لڳايا ويا ۽ شھر ۾ اھرو ڍنڍورو بھ ڦيرايو ويو. ان بعد ماڻھن کي اطمينان ٿيو ۽ شھر ۾ دڪان ۽ ڪوٺيون کوليون ويون ۽ وري ساڳي چھل پھل شروع ٿي وئي. حڪومت جي تبديلي نھايت ماٺ ميٺ ۾ ڪئي وئي، ڪنھن بھ قسم جو نقصان ڪونھ ٿيو ۽ ڪنھن کي بھ ڌڪ ڦٽ ڪونھ لڳو. شھر ۾ چوڪين جي نظرداريءَ لاءِ فوج جو ھڪ يورپي سارجنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ منھنجي گھر ۽ سراءِ تي سپاھين جو پھرو بيھاريو ويو. ٽالپرن جي حڪومت جي عملدارن کي ڇانوڻيءَ ۾، حوالات ۾ رکيو ويو.

مون جوکين، ڪرمتين ۽ نومڙين جي خبر رکڻ لاءِ ماڻھو موڪليا ھئا. انھن موٽي اچي خبر ڪئي تھ ڌاڙيلن انگريزن جي ڇانوڻيءَ کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي پھچي ويا ھئا ۽ ڀر وارن ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪئي ھئائون، ۽ باھيون ڏنيون ھئائون. پر پوءِ جڏھن ھنن کي معلوم ٿيو تھ انگريزن کي سندن ارادن جو پتو پئجي ويو آھي ۽ ساڳئي وقت ٽالپرن جي عملدارن کي گرفتار ڪري ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ويو آھي، تڏھن ھنن جا ڇيھھ ڇڄي پيا ۽ ڪراچيءَ تي حملي ڪرڻ جي ھمت ئي ڪانھ ٿين. مون اھا خبر ڪئپٽن پريڊيءَ کي ٻڌائي، جنھن بروقت وڌيڪ مناسب انتظام جو بندوبست ڪيو.

اسان جي خاندان ۾ ڪيترين پيڙھين کان برھماڻي قوم جا ٻروچ نوڪر رکيا ويندا ھئا. مون وٽ ان وقت بھ انھيءَ قوم جا ويھھ سپاھي ھئا. ڪراچيءَ تي جنھن ڏينھن قبضو ڪيو ويو ھو، ان جي ٻئي ڏينھن مان ڇانوڻيءَ ۾ ويس ڪرنل بائلوءَ وقتائتي اطلاع لاءِ منھنجو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيائين تھ ”ڪراچيءَ کي ٻروچن جي اوچتي حملي کان بچائڻ لاءِ اسان ھر قسم جا اپاءُ ورتا آھن. اسان کي ھن وقت سر چارلس نيپئر جي باري ۾ معتبر معلومات کپي، جو ھالا ۾ پھچڻ کان پوءِ اسان کي ھن جو ڪوبھ اطلاع ڪونھ مليو آھي. بمبئيءَ جو سر چارلس سان ٽپال جو سلسلو ڪٽجي ويو آھي ۽ ٻيا سڀ شھر بھ منقطع ٿي ويا آھن. سر چارلس نيپيئر ۽ ھن جي فوج ھن وقت ڇاٿا ڪن؟ ان جي باري ۾ اسان کي معلومات کپي. انھيءَ معاملي ۾ اسان کي تنھنجي مدد جي ضرورت آھي.“ مون چيومانس تھ ”توھان مون کي خط لکي ڏيو تھ مان ھڪدم روانا ڪندس.“ ان وقت مون سان پنج ڇھھ برھماڻي سپاھي ساڻ ھئا. انھن مان ھڪڙي جو نالو جادو ھو، جو نھايت وفادار، سچار ۽ دلير ھو. مون ھن کي پنھنجي سواريءَ جو اٺ ڏنو ۽ چيومانس تھ ”سر چارلس جي ڇانوڻيءَ تائين وڃڻ جي تياري ڪر.“ جادي تياري ڪئي ۽ سفر لاءِ سيڌو سامان خريد ڪيائين، ان بعد انگريزن جي عملدارن خط لکيا، جي سورھن سنھن پنن تي مشتمل ھئا. اھي ديسي خطن وانگر ويڙھي سيڙھي، جادي جي جتيءَ جي تري ۾ رکي، مٿان چمڙي جو نئون تھھ ڏئي، بند ڪيا ويا. جادو، مگر پير رستي حيدرآباد ڏانھن روانو ٿي ويو. ھو انھيءَ رستي کان پاسو ڪري ويو، جتي جوکيا ۽ ٻيا رھندا ھئا. ھو حيدرآباد ۾ پورن ڇٽيھن ڪلاڪن کان پوءِ پھتو. ڇا ڏسي تھ سر چارلس،نيپئر اڳيئي ميرن جي صدر مقام ۾ ديرو ڄمايو ويٺو آھي. ھو ڇانوڻيءَ مان پڇندو پئي ويو تھ سرچارلس ڪٿي آھي؟ جنھن بھ ماڻھوءَ سوال جواب پئي ڪيس تھ ان کي چيائين تھ سيٺ جي ڪم سان آيو آھيان. ھن کي اندر گھرايو ويو. جادي اندر وڃي، جتيءَ جو ترو ڦاڙي، خط ڪڍي پيش ڪيو. سر چارلس، ھڪ طرف جادي جي اھا چالاڪي ۽ ھمت ڏسي، ۽ ٻئي طرف ڪراچي تي قبضي ٿيڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ھن کي انعام ڏيڻ جو اقرار ڪيائين. پوءِ پڇيائينس تھ ڪراچيءَ ٽپال کڻي ويندين؟“ جادي اھا ڳالھھ ھڪدم قبول ڪئي. پوءِ سر چارلس، جوابي خط ھنجي حوالي ڪيا، جن ۾ مياڻيءَ جي جنگ جي نتيجي، حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ ۽ ٽالپرن جي پيش پوڻ جو احوال ڏنل ھو. اھي خط ھن ساڳيءَ طرح، مون وٽ حيدرآباد مان رواني ٿيڻ کان پوءِ چاليھن ڪلاڪن جي اندر پھچايا. مان ھي خط ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ وٽ کڻي ويس، جي ڏاڍا خوش ٿيا. اھڙيءَ طرح منھنجا خانگي برھماڻي ملازم، پندرھن ڏينھن ساندھھ، سرچارلس نيپيئر ۽ ڇانوڻيءَ جي وچ ۾ ٽپال کڻي ايندا ويندا ھئا. انھيءَ وچ ۾ جوکيا ۽ ٻيا ٻروچ ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ ڦريون لٽيون ڪندا رھيا.

ڪراچيءَ جي آسپاس ۾، ڪرمتين، نومڙين ۽ جوکين جي ڇاپن، ماڻھن جي دلين ۾ ڏھڪاءُ پيدا ڪري ڇڏيو ھو ۽ ٻاھرينءَ دنيا سان آمدورفت ۽ خط و ڪتابت جو سلسلو پڻ ختم ٿي چڪو ھو. ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ ھڪڙي ڏينھن مون کان صلاح پڇي تھ ”ٻروچن جي حرڪتن بند ڪرڻ جو رستو آھي؟“ ڇٽي قوم جو سردار، صاحب خان، شاھھ بلاول وارو منھنجو دوست ھو. ھو سنبت ١٨٩٥، ١٨٣٩ ۾، ڪئپٽن ھئنڊ جي قتل جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيو ھو. جو انھيءَ قتل ۾ خليفي چاڪر سان گڏ ھن جي قوم جي ڪن ماڻھن جو بھ ھٿ ھو. مون ان وقت ھن جي چڱي خاطرداري ڪئي ھئي، ۽ انھيءَ خدمت جي عيوض ھن مون سان ڪلمي تي وعدو ڪيو ھو تھ ”منھنجيءَ خدمت جي جڏھن بھ توکي ضرورت پوندي تھ مان اچي حاضر ٿيندس. مان جبل جو ماڙھون آھيان، منھنجو قول پٿر تي ليڪو آھي. مان پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي بھ تنھنجي خدمت ڪندس.“ ڪئپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بائلوءَ مون کي چيو تھ جيستائين اسان کي بمبئيءَ مان ڪمڪ پھچي، تيستائين اسان کي ماڻھن جي مدد کپي. مون صاحب خان ڇٽي ڏي ھڪ برھماڻي سوار جي ھٿان خط موڪليو، جنھن ۾ لکيو مانس تھ تو ڪجھھ سال اڳ مون سان وعدو ڪيو ھو، جو توکي ياد ھوندو. ھاڻي مون کي تنھنجن ماڻھن جي مدد جي ضرورت آھي. ڪم اھڙو ضروري آھي جو توکي مٿي ۾ ميٽ ھجي تھ ڌوئڻ لاءِ نھ ترس، پر ھڪدم ڪراچيءَ پھچي وڃ. ھن حب نديءَ تي پھچي، پنھنجي اچڻ جو اڳواٽ اطلاح موڪليو. تنھن کان پوءِ جلدئي اچي باغيچن جي ڀرسان ديرو ڄمائي ويٺو. آءٌ ھن جي ماڻھن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوسبت ڪري، ساڻس ملڻ ويس. پوءِ ھن کي سندس ھٿياربند ماڻھن سميت، انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ وٺي ويس ۽ سردار کي ڪرنل بائلوءَ ۽ ڪئپٽن سان تعارف ڪرايم. ھو ڏاڍو خوش ٿيا. ڇانوڻيءَ جا ماڻھو مسلمان سپاھين کي ڏسي حيران ٿي ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ پڇيو تھ ”ھنن جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪيئن ڪيو اٿئي ۽ جي چئين تھ ”ھنن جو خرچ رسد جي محڪمي مان ڏيارانءِ؟ پر مون چيومانس تھ ”ھنن جي کاڌي جو خرچ مان پنھنجي ھڙان ڪرڻ گھران ٿو.“ صاحب خان، تقريبا سارو چوپايو مال ۽ ٻي ملڪيت جا ڌاڙيلن جي ٽولن، ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ مان لٽي ھئي، ھٿ ڪري، حقي مالڪن کي موٽارائي ڏني. جڏھن ڪرمتين، جو کين ۽ نومڙين کي خبر پيئي تھ صاحب خان مدد لاءِ آيو آھي، تھ ھنن جا ڇيھھ ڇڄي پيا ۽ ھمت ھارجي وين. انھيءَ وچ ۾ بمبئيءَ کان ڪمڪ بھ پھچي ويئي ۽ صاحب خان کي اٺن ڏينھن رھڻ کان پوءِ، موٽي وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي. منھنجي چوڻ تي صاحب خان کي ۽ ڪن ٻين سردارن کي، جي ھن سان گڏ آيا ھئا، انگريز عملدارن سراپائون ڏنيون.

ان کان پوءِ جلدئي، منھنجو پيءُ، سيٺ ھوتچند، جو ٻن ھفتن کان منھوڙي جي ڀرسان اسان جي جھاز ”ڪوٽيا ھريپسا“ تي ترسيل ھو. ڪناري تي آيو. سڀڪنھن طبقي جا ھزارين ماڻھو ھندو خواھھ مسلمان، ھن جي آجيان ڪرڻ لاءِ اچي بندر تي ڪٺا ٿيا ۽ کيس نھايت شان ۽ سرگس سان گھر تائين وٺي آيا.

بعد ۾ ٽالپرن جا عملدار بند مان آزاد ڪيا ويا. منھنجو ڀاءُ سکرامداس، ڪسٽمس جو ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ مون ڪئپٽن پريڊيءَ جي صلاح ۽ اجازت سان، ديوان مولچند کي پوليس چوڪيءَ تي رکيو ويو. اھڙيءَ طرح انتظاميھ جي ٻين ڳالھين جو بھ خاطر خواھھ بندوبست ڪيو ويو. ان کان ٿورو پوءِ سرچارلس نيپئر، سنڌ جو گورنر نامزد ڪيو ويو ۽ ھن ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي عھدي لاءِ چونڊيو.

مان روز ڏھين بجي صبح جو ڇانوڻيءَ ۾ وڃي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين حصن جي ماڻھن جي جذبات جي متعلق خبرون پھچائيندو ھوس، جي مون کي مختلف ذريعن سان ملنديون ھيون. مان جيڪي ٻندو ھوس، سو لکندو ھوس ۽ پوءِ اھي ڪاغذ ڪئپٽن پريڊي کي پڙھي ٻڌائيندو ھوس. ھو انھن مان اھم خبرن جي ھڪ ياداشت ٺاھي، سر چارلس نيپئر کي پھچايئندو ھو. اسان جو خانداني گماشتو، فيض محمد حسن، جو قنڌار ۾ اسان جو ڪاروبار سنڀاليندو ھو، سو مون کي ان طرف جي ماڻھن جي ڪاررواين ۽ جذبات جي باري ۾ معتبر خبرون موڪليندو ھو. منھنجا گماشتا، مسقط، بصري ۽ ٻين ھنڌان ايران ۽ عربستان جي متعلق اھڙيون خبرون موڪليندا ھئا. آءٌ اھا ساري معلومات، انگريز عملدارن ۽ ڪئپٽن پريڊيءَ جي معرفت، سر چارلس نيپئر جي خدمت ۾ پھچائيندو ھوس.

مياڻيءَ جي جنگ کان ڏيڍ مھينو پوءِ، ٽڙيل پکڙيل ٻروچ، شيرمحمد جي جھنڊي ھيٺان اچي ڪٺا ٿيا ۽ ھن انھن جي مدد سان حيدرآباد کان اٺ ميل پري، ٽنڊي الھيار واري رستي تي ”دٻاري“ (دٻو) جي ڳوٺ وٽ سرچارلس نيپئر جو مقابلو ڪيو. ٻروچن وري بھ شڪست کاڌي ۽ شير محمد، دودي مري علاقي جي پھاڙي لڪن ڏانھن ڀڄي ويو. ھن جي ڀاءُ مير شاھھ محمد، سپاھي ڀرتي ڪرڻ جي ارادي سان، چانڊڪيءَ ۽ ڪاڇي جو طرف ورتو. سر چارلس کي ھن جي ارادن کان واقف ڪيو ويو. جنھن سندس پٺيان ھڪ فوجي دستو روانو ڪيو، جو کيس جھانگارن وٽ پھچي، قيد ڪري وٺي آيو. ان کان پوءِ، سر چارلس نيپئر، حيدرآباد ۽ خيرپور جي سڀني ميرن کي شاھھ محمد سميت، سياسي قيدي ڪري، بمبئيءَ ڏانھن موڪليو.

ان کان پوءِ جلدئي، فوج جو ھڪ ننڍو دستو، بمبئيءَ کان حيدرآباد ۾ سر چارلس نيپئر جي مدد لاءِ ڪراچيءَ پھتو. ھنن جي سواريءَ لاءِ ملير جي ميمڻن جا اٺ ڀاڙي ڪيا ويا ۽ ھو ڪراچيءَ کان ٺٽي جي رستي روانا ٿيا. گجي وٽ ھنن تي ملير جي ڄام، مھرعليءَ جي ڀائٽي، چاڪر خان جو کيي ٻن، ٽن سون جو کين سان اوچتو حملو ڪيو. انگريزن جي ڌر وارا ماڻھو ٿورا ھئا ۽ ھنن جو مقابلو نھ ڪري سگھيا. ھنن جو سمورو مال لٽيو ويو، ۽ گھڻا مارجي ويا. فقط ڏھھ ٻارھن ماڻھو جان بچائي ڪراچيءَ پھتا ۽ پنھنجي دک ڀري ڪھاڻي اچي ٻڌايائون. معلوم ھجي تھ ميمڻ، جوکين سان انھيءَ حملي ۾ ٻِٽ ھئا. انھيءَ غضبناڪ حادثي جي خبر سر چارلس نيپئر کي سندس مشوري لاءِ پھچائي ويئي. حڪم ڏنائين تھ انگريزن جي فوجي طاقت جي توھين ٿي آھي، ان جي انتقام وٺڻ لاءِ ڪراچيءَ جي فوج کي ھڪدم قدم کڻي جوکين کي سزا ڏيڻ کپي. پر ان ڪم ۾ وڏي احتياط ۽ عقل کان ڪم وٺڻو پوندو. ڪئپٽن پريڊيءَ جي چوڻ تي مون پنھنجا ٻھ ٽي برھماڻي ٻروچ سپاھي، جوکين ۽ ميمڻ جي رھڻ جي جاين ۽ سندن حرڪتن جي خبرچار لھڻ لاءِ جاسوس ڪري موڪليا. ھن جلدئي خبر آندي تھ ڄام مھرعلي جوکيو ۽ ابراھيم خان ڪرمتي پنھنجا ٻار ٻچا وٺي ملير مان نڪري، حيدرآباد جي رستي مالامھاڙي (مالماڙي) جي مڪان وٽ ھڪ ڏکئي لک ۾ پناھھ ورتي اٿن ۽ ميمڻ، سيوھڻ جي رستي تي، ڊمب ڳوٺ جي مٿان، درياءَ جي پيٽ ۾ ھڪ ڏکئي لڪ ۾ وڃي لڪا آھن. مون اھا خبر ڪئپٽن پريڊيءَ کي تفصيلوار ٻڌائي، ٻئي ڏينھن چئين بجي شام جو، ڪئپٽن پريڊيءُ مون کي عزتماب سنڌ جي ليفٽيننٽ گورنر جي احڪامن کان واقف ڪيو، ۽ پڇيائين تھ ڪي اھڙا وفادار نوڪر ڏيئي سگھندين جو کين ۽ ميمڻ جي لڪن تي ڪنھن سولي رستي کان وٺي ھلن. آءٌ ھن وٽ پنھنجا برھماڻي سپاھي وٺي ويس، جن ۾ منھنجو مڪمل اعتقاد ھو ۽ جي ٽڪرين ۾ ڳجھن رستن جا ڄاڻو ھئا. ھن وڌيڪ خاطريءَ لاءِ ماڻھن کان پاڻ پڇا ڪري خاطري ڪئي تھ اوھان جبلن جا لڪ ۽ رستا چڱي طرح ڏٺا آھن. ھنن جواب ۾ چيو تھ ”اسان کي ھڪڙيءَ واٽ جي خبر آھي، جا جوکين ۽ ميمڻن جي پناھگاھھ ڏي وڃڻ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو رستو آھي. انھي رستي کان ھنن تي اوچتو حملو ڪري سگھبو، پر ساڳئي وقت اھو رستو تمام ڏکيو آھي ۽ ان تي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي دستياب ڪونھ ٿي سگھندو. پر جيڪڏھن تکو ھلبو تھ پاڻيءَ جي اڻاٺ کي منھن ڏيئي سگھبو، ڇاڪاڻ تھ رستي جو ڏکيو ٽڪر جتي پاڻي ڪونھي، سو فقط ٻھ ڪوھھ کن ٿيندو.“ ڪئپن پريڊيءَ مون کي چيو تھ ”اسان کي ھڪدم ھلڻ جي تياري ڪرڻ گھرجي. آءٌ رات جو اٺين بجي تائين تيار ٿي ويندس، تون ان وقت پنھنجي خاص ماڻھن سان حاضر رھجانء.“ مان فوجي وردي پھري پنھنجي ڀاءُ، سکرامداس، ٻارھن سوارن ۽ ٻين برھماڻين نوڪرن سان مقرر وقت تي ڪرنل بائلوءَ جي تنبوءَ ۾ وڃي حاضر ٿيس. اسان ھن جي حڪم جي تعميل ڪئي. ۽ نائين بجي سوار ٿي نڪتاسين اسان ساري رات سواري ڪئي ۽ ٻئي ڏينھن پرھھ ڦٽيءَ جو ڊمب ۾ وڃي پھتاسين. منھنجا نوڪر اڳيان رستو ڏيکاريندا پئي ھليا. اٽڪل ستين بجي صبح جو ميمڻن جي ڳوٺ پھتاسين. ڳوٺ ۾ مردن کان زالن جو تعداد وڌيڪ ھو، ڇاڪاڻ تھ گھڻا مرد ڊپ ۾ ڀڄي ويا ھئا، ۽ باقي پٺتي رھيل مرد ۽ زالون انگريز عملدارن وٽ پيش ٿيا، ھٿ ٻڌي عرض ڪيائون تھ اسان کي ڇڏيو جو اسين غريب ۽ بيوس آھيون. اسان کي ڊمب جي ماڻھن جي قبضي مان، گجي جي ڀرسان قتل ٿي ويل انگريز سپاھين جا گھڻائي برتن ۽ ٻيون شيون مليون اتي چار پنج ڏينھن رھي، ھڪڙي ڏينھن شام جو مالماڙيءَ جو رخ ڪيوسين، جتي ڄام مھرعلي ۽ ڪرمتي وڃي لڪا ھئا. رستي تي پيئڻ لاءِ تازي پاڻيءَ جون ڏھھ پخالون(1) پاڻ سان کنيونسين. اھا چانڊوڪي رات ھئي. ٽين بجي صبح تائين اسان کي رستي ۾ ڪابھ تڪليف ڪانھ ٿي، جو رستو ڪافي سڌو سنئون ھو. پواءِ اسان ھڪ رستي ۾ وڃي پياسين جو اتانھين ٽڪرين جي وچ مان ٿي ويو. اھو رستو وارياسو پر سڪل ھو ۽ غالبا ڪنھن نئين جو پيٽ ھو ان کان پوءِ ھڪ لاھن چاڙھن وارو پٽ ھو جنھن جي مٿان ٽڪرين جي قطار ھئي. جوکين ۽ ڪرمتين ان جي پريان، ھڪ ٻيءَ سڪل نئين جي ھن ڀر ھڪ ماٿريءَ ۾ پناھھ ورتي ھئي. اسان سان توبخانو، بار جا گاڏا ۽ پيادا سپاھي ساڻ ھئا. جنھنڪري لازما انھيءَ سخت پھاڙي رستي تي اسان جي رفتار، تمام سست ھئي، ڏينھن چڙھندو پئي ويو. اپريل جو مھينو ھو، ۽ جبلن جي ڪري سج جي سخت تپش ھئي، سڄي رات سخت پھاڙي رستي تي ھليا ھئاسين. ٿڪ ۽ گرميءَ اسان کي نڍال ڪري وڌو ھو. انگريز عملدار بيزار ٿي بڙ بڙ ڪرڻ لڳا. اٺ ڪڏھو ڪو وڄي ويا ھئا، بلڪ نو ٿيڻ وارا ھئا. انھيءَ وچ ۾ جوکين ۽ ڪرمتين کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ ھو وٺي ڀڳا. پرھھ ڦٽيءَ جو اسان کي ڪيترا مخالف ڌر جا ماڻھو جبلن جي چوٽين تي نظر آيا، جن ڪنھن وقت بيھي پٺتي نھاريو ٿي، تھ ڪنھن وقت وٺي ڀڳا جيئن ھرڻ شڪارين کي ڏسي ڊوڙندا آھن. انھن کي ڏسي، اسان جا ماڻھو اڳئين کان بھ وڌيڪ سرجوشيءَ کان ڪم وٺڻ لڳا ۽ اسان انتقامي جذبي ۾ ڪڏھن ڪڏھن بندوقون ٿي ڇوڙيون. مون سان منھنجو وفادار نوڪر، خداداد چانڊيو ساڻ ھو. چانڊيا ٻروچ سنڌ ۾ ھڪ مشھور لڙاڪو قبيلو آھي. خداداد انگريزن جي لڙائيءَ جي طريقي کان غيرواقف ھو، سو وٺي اوچتو پنھنجو پستول ڇوڙيائين. توبخاني جا انگريز عملدار، جن کي ٿڪ ۽ پياس اڳي ئي ڇتو ڪري ڇڏيو ھو، ۽ بيتاب ھئا تن پستول جي ٺڪاءَ ٻڌندي وٺي ھل مچايو، تھ ”ڌوڪو ڙي ڌوڪو!“ پڙھندر سمجھي سگھن ٿا تھ مون کي ان ڳالھھ تي ڪيترو صدمو پھتو ھوندو، جڏھن منھنجي نوڪر تي اھڙو الزام لڳايو ويو. ظاھر آھي تھ ان جو برو اثر خود مون تي بھ پئجي سگھيو ٿي. عملدارن جو چوڻ ھو تھ ھن ماڻھوءَ پستول ڇوڙي اسان جو مقصد ظاھر ڪيو ھو ۽ دشمنن کي خبردار ڪري، اسان جي مقصد کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. مطلب تھ جيترا ماڻھو اوترا خيال. ڪن تھ اڃا بھ وڌيڪ ھن ڏانھن برا ارادا منسوب ڪيا. چانڊيي کي ھڪدم ٻڌي، انگريز عملدارن وٽ پيش ڪيو ويو. پڇا ڪيائيونس تھ ”پستول ڇوڙيئي؟“ چيائين تھ اسان دشمن جي دوبدو ھئاسين، پستول مھيني کان بھ وڌيڪ وقت کان ڀريو رکيو ھو ۽ مون خيال ڪيو تھ متان وقت تي ڌوڪو نھ ڏئي، تنھنڪري آزمائش لاءِ ٺڪاءُ ڪري ڏٺم. پر عملدارن جو غصو ٿڌو ڪين ٿيو. تنھن کان پوءِ اسان جلد ئي ھڪ اتانھين ٽڪريءُ جي تري ۾ پھتاسين. مان پنھنجن نوڪرن ۽ جادي برھماڻيءَ سان اڳيان ھوس. جادو سونھو ھو، تنھنڪري ھو سڀني جي اڳيان پئي ھليو. انھيءَ جادي اڳ بھ ڪيترا دفعا پنھنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ھو ۽ ھو لڪن جو چڱيءَ طرح واقف ھو. ٽڪري اڀي ھئي، رستو ھيٺ مٿي، ڏکيو ۽ پيچرو تمام سوڙھو ھو. دشمن ھڪ ماٿريءَ جي اندر ۾ لڪو ويٺو ھو، اوستائين توبخاني سان گڏ پھچڻ لاءِ ان کان وڌيڪ بھتر ٻيو ڪو بھ رستو ڪونھ ھو. اسان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي جيئن تيئن ڪري وڃي پھتاسين. پر ھيٺ ڪيئن لھون. ھيٺ لھڻ لاءِ لڪ مان فقط ٻڪرين ۽ رڍن جو ھڪ چارو ھو. اسان لاءِ وڏي آزمائش جو وقت ھو. مان ٿڪل ٽٽل ۽ اڃايل ھوس. توبخاني جي عملدارن غصي ۾ دانھون ٿي ڪيون. مان گھوڙي تان لھي، لغام ھني سان ٻڌي گھوڙي کي رستي کان جھليو، ۽ پوءِ گھوڙي کي اڳيان ڌڪيندو جبل کي ٽيڪ ڏيندو، آھستي آھستي اچي جبل جي تر ھيٺان نئين جي پيٽ ۾ پھتس. منھنجا ماڻھو بھ اھڙيءَ طرح منھنجي پٺيان آيا. توبن ۽ گاڏين جا پرزا ۽ ڦيٿا الڳ ڪري، ھيٺ اڇلايا ويا. تنھن کان پوءِ توبخاني جي ماڻھن ھيٺ لھي، انھن کي وري ٺاھي جوڙي تيار ڪيو.

انھيءَ وچ ۾ منھنجو ڀاءُ سکرامداس، جادي سونھي جي مدد سان، پيادن ۽ عملدان کي ھڪ ويجھي، پر ڏکيي لڪ مان ھيٺ وٺي آيو. اھو لڪ ھيٺ مٿي، ور وڪڙ ۽ غير ھموار ھو، جنھنڪري ان تان توبخانو گھلي اچڻ مشڪل ھو. اسان کي سونھين ٻڌايو ھو تھ رستو ٽڪرين جي ھڪ ورن وڪڙن واري سلسلي مان لنگھي ٿو. باقي ھڪڙي ٽڪري بچي ھئي، جنھن جي دامن ۾ اسان ان وقت پھتا ھئاسين، مان توبخاني ٽپائڻ لاءِ اتي ترسي پيس. ٽڪريءَ جي پريان ھڪ سڪل نيئن جو پيٽ ھو، جنھن جي ھن ڀر دشمن لڪا ويٺا ھئا ۽ جتي ھنن پاڻ کي محفوظ ٿي سمجھيو.

ٽڪريءَ تان جو کين ۽ ڪرمتين جون جھوپڙيون صاف ڏسڻ ۾ پئي آيون. اسان کي ان جاءِ تي پھچڻ ۾ گھڻو وقت ڪونھ لڳو. ڪيتريون زالون کليل وارن سان سامھون ٽڪرين طرف ڊوڙنديون ٿي ويون. ھڪڙا ٻار ڪڇ ۾ ھئن ۽ ٻيا سندن پٺيان ڀڄندا ٿي ويا. چلھين تي ديڳڙا چڙھيا پيا ھئا ۽ جنڊن ۾ پيٺل ۽ اڻپيٺل ان پيو ھو. مان ڏاڍو ٿڪل ۽ اڃايل ھوس. نوڪرن کي چيم تھ پاڻي ۽ کٽولو کڻي اچو. ھو ھڪدم ملڪ ابراھيم خان جي کٽ کڻي آيا. مان ان تي پنھنجو ھنڌ وڇارائي ھڪ وڻ جي ڇانو ۾ ليٽي پيس، جيستائين منھنجو نوڪر پاڻيءَ جي کلي کڻي آيو. تنھن کان پوءِ، ڪجھھ اٽو ھٿ ڪري، چمڙي جي ٿيلھيءَ مان پنھنجو لوٽو ڪڍي، ان ۾ اٽو ڳوھي چاڻو ٺاھي، ڇيڻن جي باھھ ۾ (جا انھيءَ وچ ۾ منھنجن مسلمان نوڪرن ٻاري ھئي) وڌم. منھنجن نوڪرن منھنجي اجازت سان، ڪرمتين جا ديڳڙن ۾ ڇڏي ويل رڌل چانور کائي ڍؤ ڪيو. ڪرمتين جون اٽڪل ٧٥ جھوپڙيون ھيون ۽ انھن مان منھنجن ماڻھن کي ڪجھھ نشاني ۽ شاديءَ جي ڏاج جي ٽپڙن جي ٻيو ڪجھھ بھ ڪين ھٿ لڳو.

پيادا ۽ ٻيا انگريز عملدار، جن کي منھنجو ڀاءُ سکرامداس ٻئي رستي سان وٺي آيو ھو، وڃي ساڳيءَ طرح جو کين جي جھوپڙين مٿان پيا، جي سندن سامھون ڀڳا ٿي ويا. سپاھين جھوپڙيون ڦري خالي ڪيون. ٽپڙن ۾ چاڪرخان جي ڀيڻ جو باقي رھيل ڏاج بھ مليو. مائيءَ جي شادي شايد ٿورا ڏينھن اڳ ٿي ھئي ۽ ڀاڄ وقت سمورو سامان پاڻ سان کڻي وڃي نھ سگھيا ھئا.

اسان اتي ٻھ ڏينھن رھي، ٽئين ڏينھن رنپٽياڻيءَ جي رستي ڪراچيءَ ڏانھن روانا ٿياسين. اھو رستو ڊگھو ۽ ڏنگو ھو، پر سولائيءَ وارو ھو. اسان ڪراچيءَ ۾ ٻن ھفتن جي عرصي کان پوءِ واپس پھتاسين. انھيءَ وچ ۾، منھنجي ننڊ ۽ آرام ڦٽل ھئا. سمورو وقت اھو فڪر ھوم تھ جيئن جبلن جي ڏاکڙن ۾ لڪن ۾ فوج کي ڪو حادثو نھ پيش اچي، حالانڪ ھنن ڄاڻي واڻي، مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ کان پوءِ انھيءَ رستي جو انتخاب ڪيو ھو، ڇاڪاڻ تھ اھو ويجھو ھو، مون کي انديشو ھو تھ جيڪڏھن ڪو اھڙو حادثو پيش آيو تھ منھنجي ساري ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويندي ۽ منھنجون اڳيون خدمتون جي جان جوکي ۾ وجھي ھڙان خرچ ڪري ڪيون ھئم، سي پڻ وسري وينديون. منھنجا شڪ بيجا نھ ھئا، ڇاڪاڻ تھ اسان جا ڪي عملدار بنھھ شڪي طبع جا ھئا. موٽندي گھاگھر وٽ، ڪئپٽن پريڊيءَ مون کي ٻڌايو تھ چانڊيي ٻروچ جيڪا بيوقوفي ڪري پستول ڇوڙيو ھو، تنھن جي حماقت تي جنرل کي سخت ڪاوڙ لڳي آھي، ۽ تنھجي خلاف سرڪار کي شڪايت ڪرڻ جو ارادو اٿس. اھا خبر ٻڌي، منھنجا حوصلا خطا ٿي ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ کان پڇيم تھ منھنجي وفاداريءَ ۾ شڪ اٿن ڇا؟ تون نھ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻين؟“ جواب ڏنائين تھ مون کي تو ۾ مڪمل اعتقاد آھي. مون کي خبر آھي تھ تون انگريز سرڪار جو وڏو خيرخواھھ آھين. خاطري ڪر، مان جنرل کي صحيح حقيقت کان واقف ڪندس،“ اسان سلامتيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان ڪراچيءَ واپس آياسين ۽ مھم جي ڪاميابيءَ تي ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا بجا آنداسين. مان پنھنجي خانگي نوڪرن جي روش کان بلڪل مطمئن ھوس ۽ ھنن کي مقرر پگھار ۽ کاڌي خوراڪ جي خرچ کان علاوه،ھر ڪنھن جي لياقت مطابق، ٻيا بھ انعام اڪرام ڏنم.

ملڪ احمد خان جي ڌر جا جوکيا، ڪرمتي ۽ نومڙيا ڏاڍو ذليل ٿيا، ھنن کي خبر پئي تھ مير، سر چارلس نيپئر جي آڏو پيش پيا ھئا ۽ ھن کين سياسي قيدي ڪري بمبئي موڪليو آھي. ھو اچي ششدر ٿيا تھ ھاڻي انھن حالتن ۾ ڇا ڪجي! انھيءَ شش و پنج ۾ مون ڏي قاصد موڪليائون، تھ تون وچ ۾ پئي اسان جون جاگيرون، مرتبا ۽ اعزاز واپس وٺرائي ڏي. مان ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر، ڪئپٽن پريڊيءَ سان مشورو ڪيو ۽ ھن سر چارلس نيپئر کي لکي، کانئس ھدايتون ۽ حڪم ورتا. ان کان پوءِ، مون کين چوائي موڪليو تھ جيڪڏھن توھان خاموشيءَ ۽ صلح سانت ۾ اچي انگريز سرڪار جي پيش پوندؤ تھ توھان کي جاگيرون ۽ عھدا واپس ڏنا ويندا. سندن قاصدن جي معرفت کين نياپو ڪيم تھ ھينئر اچي پيش پئو، دير نھ ڪريو. جواب ڏنائون تھ اسان کي ڪراچيءَ اچڻ ۾ ڊپ ٿو ٿئي تھ متان انگريز سرڪار، ميرن وانگر اسان کي بھ قيد ڪري بمبئي نھ موڪلي ڏئي. تنھن ھوندي بھ اسان ڪراچيءَ جي ويجھو مگر پير کان ڪوھھ پنڌ تي اچڻ لاءِ تيار آھيون، بشرطيڪ تون اتي اسان سان ملي خاطري ڏين تھ اسان سان عزت وارا برتاءُ ڪيو ويندو ۽ جاگيرون بحال رکيون وينديون. ان کان پوءِ اسان کي اطمينان ٿيندو ۽ اسان توسان گڏجي ھلي انگريز سرڪار جي پيش پونداسين اسان جي وڏن جو تنھنجي وڏن سان رستو ھوندو ھو، ۽ اسان جي وڏن جو تنھنجي وڏن ۾ اعتماد ھوندو ھو. ٻنھي ڌرين کي خاطري ھوندي ھئي تھ ھو ڪڏھن بھ ھڪٻئي کي ڌوڪو نھ ڏيندا. آءٌ ڪئپٽن پريڊيءَ جي صلاح سان ٻھ ٽي سپاھي ساڻ ڪري ھنن سان ملڻ ويس. ڄام مھر علي، ملڪ ابراھيم خان ڪرمتي ۽ ملڪ احمد خان نومڙيو، ٽيئي سردار اٽڪل ھزار مسلح ماڻھن سان، منگھي پير جي ھن ڀر، گرم پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڇانوڻي ھڻي ويٺا ھئا. گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ، ڄام مھر عليءَ مون ڏانھن مخاطب ٿي چيو تھ ”ملماڙي جي ماٿريءَ ۾ جوکين تي جيڪو حملو ٿيو ھو، ان لاءِ تون جوابدار آھين. تنھنجي مدد ۽ سونھين بنجڻ کان سواءِ، انگريزن لاءِ پھاڙن جي وچ ۾ اسان جي ڪمينگاھھ تائين پھچڻ بلڪل محال ھو. انھيءَ ڳالھھ تي اسان کي رنج آھي ۽ اھا ڳالھھ تنھنجي شان وٽان نھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ توکي خبر ھئي تھ اسان جي وڏن جو پاڻ ۾ رستو ھوندو ھو.“ مون سمجھايو مانس تھ ”سڄو ڏوھھ تنھنجو آھي توکي ياد ھوندو تھ جڏھن انگريزن جي فوج سر جان ڪين جي سربراھيءَ ھيٺ ھن ملڪ مان لنگھي ھئي، تڏھن تو ٺٽي ۾ منھنجي معرفت، ڪرنل پاٽنجر جي اڳيان انگريز سرڪار سان وفادار رھڻ جو وعدو ڪيو ھو، جنھن لاءِ انگريزن توکي ٻھ ھزار رپيا انعام ڏنا ھئا. ان کان پوءِ تو وعدي خلافي ڪئي: پھريون تھ تو خود ڪراچيءَ ۾ ھڪڙي انگريز سپاھيءَ ۽ انگريزن جي سڀني واسطيدارن کي قتل ڪرڻ جو عزم ڪيو: ٻيو تنھنجي ڀائٽي، چاڪر خان، گجي وٽ حيدرآباد ڏانھن ويندڙ انگريزن جي فوجي دستي تي حملو ڪري ڦرمار ڪري ڪيترا سپاھي قتل ڪيا ھئا.“

آخر طويل بحث مباحثي کان پوءِ مون کين چيو تھ ”ھاڻي ڏينھن چڙھندو ٿو وڃي، جي توھان کي ھلندو آھي تھ دير نھ ڪيو.“ تنھن تي منھنجو ھٿ وٺي چيائون تھ ”تون اسان کي خاطري ڏي تھ اسان جي بيعزتي نھ ڪئي ويندي ۽ اسان جي جاگيرن ۾ ڪابھ دست اندازي نھ ڪئي ويندي.“ پوءِ ھو الله توھار چئي اٿي بيٺا ۽ اسان سڀني ڇانوڻيءَ جو رخ ڪيو. ڇانوڻيءَ ۾ اسان ھزار ھٿياربند ماڻھن سان پنجين بجي شام پھتاسين. آءٌ ھنن کي شاھي بزار مان سڌو ڪئپٽن پريڊيءَ جي قيامگاھھ تي وٺي ويس. مون پھريائين ڪئپٽن وٽ اندر وڃي، جيڪي وھيو واپرايو ھو سو ٻڌايومانس ۽ سمجھايومانس تھ مصلحت انھيءَ ۾ آھي تھ ھنن جي جاگيرن کي ھٿ نھ لائجي، ڪئپٽن پريڊيءَ، منھنجي تجويز منظور ڪئي، پوءِ مون ساڻس ٽنھي سردارن جو تعارف ڪرايو. ملاقات پوري ٿيڻ کان پوءِ، ھنن کي ھدايت ڪئي وئي تھ لياريءَ واري رستي تي وڃي رھو. ھڪڙي ڏينھن مون ھنن جي پنھنجي خرچ تي دعوت ڪئي ۽ کين رواج مطابق ڪڻڪ جو اٽو، چانور، کنڊ، گيھھ ۽ گوشت لاءِ پئسا موڪليم. اھي ھڪ بھ ڏينھن ڪراچيءَ ۾ رھيا ۽ پوءِ ھليا ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ ھنن کي خاطري ڏياري ۽ صلاح ڏنائين تھ ھاڻي پنھنجي گھرن ڏانھن موتي وڃي صلح سانت سان انگريزن جي رعيت ٿي، ھنن جي پناھھ ۾ رھو. سيٺ جيڪي توھان سان امن امان سان رھڻ لاءِ وعدا ڪيا آھن، انھن تي جوڳو ويچار ڪيو ويندو. ڪئپٽن پريڊيءَ سموريءَ ڪارروائيءَ جو تفصيلوار احوال، سرچارلس نيپئر سان ڪيو، جنھن پنھنجي منظوري ڏني ۽ ڪئپن کي گھوڙاٻاريءَ کان سيوھن تائين ساري علائقي جو مستقل طور ڪليڪٽر مقرر ڪيو. ڪئپٽن پريڊي مون کي گھڻي وقت کان سڃاڻندو ھو ۽ مون تي ڏاڍو مھربان ھوندو ھو ھڪڙي ڏينھن چيائين تھ ”مون توکي ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ سرچارلس نيپئر کان اجازت ورتي آھي، اميد تھ تون اھو عھدو قبول ڪندين.“

_______________

(1) ليفٽيننٽ اي. پي. ايسٽوڪ ”Dry tieanes from young Egypt“ جو مصنف، جو پوءِ ھيليبري ۾ ھڪ پروفيسر ھو، طھران ۾ انگريزي سفارتخاني جو سيڪريٽري ۽ ١٨٧٨ کان ١٨٧٤ع تائين پينرھن ۽ فالمٿ جو ايم. پي ۽ (Murrags Hanol Book for India).

(2) مؤلف ھن نالي جو پتو لڳائي نھ سگھيو آھي.

(3) ڏسو ضميمو ١٠.

(1) ڏسو مقدمو. اھي جايون سر چارلس نيپئر جي دؤر ۾ ڊھرايون ويون ھيون.

(1) حقيقت ھيءَ ھئي تھ ميرن جي عملدارن کي انگريزن جي ڇانوڻيءَ مان ڍلون وصول ڪرڻ مشڪل ٿي پيون.

(2) اصل ”يادگيرين“ ۾ عملدارن جو نالو ميلول لکيل آھي، پر ملني، پارليمنٽ جو بلو بڪ ”صاف ڏيکاريٿو تھ خط ليفٽيننٽ“ لکيو آھي.

(1) سيٺ نائونمل شروع ۾ انھن ٽنھي سردارن کان، جيڪي ڪراچيءَ جي آسپاس ڪوھستاني ۽ ريگستاني علاقن ۾ وڏين قومن جا چڱا مڙس ھئا، باربرداريءَ لاءِ اٺ ورتا ھئا، ھو وڏي اثر ۽ طاقت جا مالڪ ھئا ۽ نومڙين جو تھ، ٽالپرن سان سڱابنديءَ جو رشتو پڻ ھو.

(1) سيٺ نائونمل جي ڏاڏي لعلمڻداس جي زال ھئي، ھيءَ مائي ھن جي پيءُ جي پڦي ھوندي.

(1) مينھن جي کل مان پاڻيءَ رکڻ لاءِ ٺاھيل ٿيلھي يا سانداري ھڪ ڊڳو ٻھ پخالون کڻي سگھندو آھي.

باب اٺون

[b] ١٨٤٣ع ۾، ملڪ، معظم جي سالگرھھ جي موقعي تي، سر چارلس نيپئر جي درٻار پوليس جو انتظام سردارن ۽ وڏن زميندارن کي ڪوٺ، نيپئر جو نائونمل سان اڻسھائيندڙ برتاءُ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عھدي تيان استعيفا لٽ مار، ھڪ پارسيءَ جو قتل سکرامداس جو قاتلن کي گرفتار ڪرڻ، نائونمل جي سفارشين تي ديواني عملدارن جو تقرر، ديوان چنديرام تي فوجداري مقدمو، نائونمل ۽ ھن جي عزيزن کي دڙڪا، صدر بزار وارين جڳھين جو ڪيرائڻ، عالومل جي پيدئش ١٨٤٦ع، نائونمل ۾ شڪ، خزاني موڪلڻ ۾ گھوٻين جو الزام، باعزت رھائي، خانگي بٺيءَ جو بند ڪرائڻ، بيماري، سر چارلس نيپئر جي روانگي ٿيڻ.
[/b]



ٿورن ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، سر چارلس نيپئر مون ڏي لکيو تھ مان ٢٤ مئي ١٨٤٣ع جي، حيدرآباد ۾ درٻار ڪندس ۽ فقط انھن جاگيردارن کي زمينن جي قبضي رکڻ جي اجازت ڏني ويندي جيڪي درٻار ۾ شامل ٿيندا، باقي ٻين(1) جون جاگيرون ضبط ڪيون وينديون. درٻار ۾ شامل ٿيڻ ھر معزز ۽ باوقار شھريءَ جو فرض آھي. ڪئپٽن پريڊيءَ مون تي بار رکيو تھ سمنڊ کان وٺي ڪاڇي ۽ لاڙڪاڻي تائين، سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ واري علاقي جي سڀني سردارن، جاگيردارن ۽ معزز ماڻھن کي درٻار جو اطلاع ڏي. چنانچ دربار لاءِ دعوتناما موڪلڻ ۽ ٻيو ضروري انتظام منھنجي حوالي ڪيو ويو. انھيءَ وچ ۾ ليفٽيننٽ گورنر، سر چارلس نيپئر، سنڌ جي پوليس جي محڪمي(2) کي ترتيب ڏيئي، سارو عملو، ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو. اھڙي طرح سڄو صوبو ماليھ جي لحاظ کان بھ ٽن حصن ۾ ورھايو ھئائين. پنجويھين پلٽڻ جي ليفٽيننٽ، مارسٽن(3) کي ڪراچي پوليس جو سربراھھ مقرر ڪيو ويو. ياد رھي تھ ليفٽيننٽ مارسٽن، سر چارلس نيپئر کي مياڻيءَ جي لڙائيءَ ۾ ھڪ سر ڦريل ٻروچ جي حملي کان بچائي، پنھنجي بھادريءَ جو ثبوت ڏنو ھو. مارسٽن ٿوري وقت کان پوءِ، ڪراچيءَ پھچي ويو. ھو ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ رھندو ھو، جنھن جو بھ ساڳيءَ پلٽڻ سان واسطو ھو. ليفٽيننٽ مارسٽن، جڏھن پوليس جي محڪمي جي سربراھيءَ لاءِ آيو تڏھن ان وقت ارڙھن ورھين جي مس ٿي لڳو. ڪئپٽن پريڊيءَ ۽ ليفٽيننٽ مارسٽن، ٢٥ پلٽڻ جي چوڌري شيخ غلام حسين کي، ڪراچيءَ جي فوجدار جي عھدي تي مقرر ڪيو. سر چارلس نيپئر جي سيڪريٽريءَ، برائون جي ننڍي ڀاءُ کي ساريءَ سنڌ جي پوليس جي محڪمي جو سربراھھ مقرر ڪيو ويو.

مون درٻار جا اطلاع، پنھنجن ماڻھن ھٿان موڪليا. جوکين جي سردار جام مھرعليءَ، ڪرمتين جي چڱي مڙس ملڪ ابراھيم خان ۽ نومڙين جي چڱي مڙس ملڪ احمد خان ھڪدم دعوت قبول ڪئي. ڪيترا دعوتناما سيوھڻ ۽ ڪاڇي جي چڱن مڙسن ۽ سردارن جھڙوڪ: رندن جو سردار، بھاول خان، گبولن جو سردا، بلندو خان، ڪاڇي جو سردار، حاجي خان لغاري، جمالين جو سردار، بخشيو خان ۽ جھانگارن واري سيد قائم شاھھ ڏانھن خاص ڪري موڪليا ويا ھئا. انھن لکيو تھ ”اسان کي درٻار ۾ اچي انگريز سرڪار جي اطاعت ڪرڻ جو تمام گھڻو فڪر آھي، پر وقت تمام ٿورو آھي. انتھائي ڪوشش جي باوجود جي اسان وقت تي درٻار ۾ شريڪ نھ ٿي سگھون، تھ اسان جي استدعا آھي تھ اسان کي انگريزن جي رعيت ۾ شمار ڪيو وڃي. چانڊڪيءَ جي سردارن لکيو تھ ”اسان جا فصل لاباري لاءِ تيار بيٺا آھن، تنھنڪري اسان جو نڪرڻ محال آھي. پر اسان کي انگريز سرڪار جي حڪومت قبول آھي، ۽ لابارن کان پوءِ اسان پھرين موقعي تي حاضر ٿي اطاعت ڪنداسين.“ آءٌ ۽ ڪئپٽن پريڊي، جيڪي سردار ۽ سرخيل ڪراچيءَ آيا ھئا، تن سان گڏجي حيدرآباد روانا ٿياسين. رستي تي اسان ٺٽي ۾ ”انگريزن جي ماڙي“ نالي ھڪ جاءِ ۾ ترسياسين. مان جاءِ جي ھڪڙي طرف رھيس ۽ ڪئپٽن پريڊي ٻئي پاسي. ٺٽو ان وقت مذھبي جنون جو گھر ھو. اتي اڃان ڪو مختيارڪار مقرر ڪونھ ٿيو. ھو. ڪئپٽن پريڊيءَ منھنجي مشوري تي، ٺٽي جي ٻن وڏن واپارين ۽ بااثر شخصن، ھڪ ھندو آسومل ۽ ٻيو مسلمان محمد صالح کي اتان جو گڏيل مختيار ڪار نامزد ڪيو. ٺٽي کان اسان جھرڪن وياسين، جتي مسٽر مئٿيو ڊپٽي ڪليڪٽر ھو، پوءِ اتان حيدرآباد روانا ٿياسين ڪئپٽن پريڊي، قلعي ۾ مسٽر برائون سان رھيو ۽ مون کي بھ قلعي ۾ رھايو ويو. مون کي وڏي اميد ھئي تھ سر چارلس نيپئر مون کي منھنجن اھم ۽ مسلسل خدمتن جي ڪري، خاص طرح امتياز سان نوازيندو.

اسان مئي مھيني جي ٢٣ تاريخ حيدرآباد پھتاسين. درٻار ٻئي ڏينھن ٿي. ان ۾ خيرپور جو مير عليمراد بھ شريڪ ٿيو. ھو پاڻ سان لاڙڪاڻي مان چانڊين جي سرخيل، ولي محمد کي قيد ڪري وٺي آيو ھو. پر پوءِ ھن انگريز سرڪار جي اطاعت قبول ڪئي ۽ سر چارلس نيپئر کيس آزاد ڪري ڇڏيو. جڏھن ڪئپٽن پريڊيءَ جو تعارف ڪرايو ويو تھ ان وقت مان بھ نياز ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺس. پر چارلس نيپئر مون کي غضبناڪ نظرن سان نھاري، ڪئپٽن پريڊيءَ ڏي منھن ڪري ھن کي ڪجھھ انگريزيءَ ۾ چيائين، جنھن جو مقصد ھو تھ ڪراچي پوليس جي سربراھھ ليفٽيننٽ مارسٽن(1)، ھن جي خلاف شڪايت ڪئي آھي تھ ھي ڪراچيءَ ۾ جيڪي ڪاٺيون اچن ٿيون، سي سڀ خريد ڪري، ماڻھن کي دک ۽ تڪليف ٿو پھچائي. چارلس نيپئر خود ھڪ نيڪ، عالي منش ھو، پر ساڳئي وقت ھو ساده لوه بھ ھو، ۽ ھندستاني ڪانھ ڄاڻندو ھو. مون جواب ۾ ڪئپٽن پريڊيءَ کي عرض ڪيو تھ صاحب کي ٻڌاءِ تھ اسان بندر تي بيٺل انگريزن جي جھازن، آگبوٽن ۽ فوج جي رسد واري محڪمي لاءِ ڪاٺيون خريد ڪندا آھيون. مون سمجھيو تھ ڪنھن فتنھ انگيز ماڻھوءَ، ليفٽيننٽ مارسٽن جي ناتجربيڪاريءَ ۾ اڻواقفيت جو فائدو وٺي، ھن کي برغلائي کانئس منھنجي خلاف شڪايت ڪرائي آھي. اھا ڳالھھ مون ڪئپٽن پريڊيءَ سان پڻ ڪئي. ھن کي انھيءَ معاملي جي ذاتي خبر ھئي، تنھنڪري ھو سر چارلس نيپئرکي چڱيءَ طرح سمجھائي سگھيو. پر ان ڳالھھ تي مون کي ضرور ڏک ٿيو، تھ ڪيئن پرڊيءَ ڪيترا دفعا سر چارلس نيپئر کي منھنجن گوناگون خدمتن لکيل رپورٽون موڪليون ھيون پر تنھن ھوندي بھ ھن کليءَ درٻار ۾ مون تي ھڪ خسيس ۽ معمولي ڳالھھ جي باري ۾ الزام لڳائيندي ويرم ڪانھ ڪئي. مون دل ۾ چيو تھ ھي منھنجي محنت ۽ ڪشالي جو سلو آھي. مون کي سر چارلس نيپئر جي نيڪ دليءَ ۽ ساده لوحيءَ تي سخت تعجب ٿيو. مون کي معلوم ٿيو تھ برائون (وڏو) ۽ منشي علي اڪبر جو سرچارلس نيپئر تي وڏو اثر ھو. درٻار کان پو٣ سڀني کي عام رخصت ڏني وئي ۽ ٻئي ڏينھن ٢٥ تاريخ مئي جي اسان گدوبندر وياسين. گدوبندر مان اسان ھڪ سرڪاري آگبوٽ ۾ چڙھي ٺٽي وياسين. جتان خشڪيءَ رستي ڪراچيءَ موٽي آياسين. ڪراچيءَ ۾ پھچڻ شرط ڪئپٽن پريڊيءَ، ليفٽيننٽ مارسٽن کان پڇيو تھ ”ھيءَ شڪايت ڇا جي بناء تي ڪئي اٿئي؟“ جواب ڏنائين تھ ”مان نئون ھوس ۽ حقيقتن جي ذاتي خبر ڪانھ ھيم. مون سان شيخ غلام حسين فوجدار ۽ خوشحالراءِ پنجابيءَ اھي خيرون ڪيون ھيون. توھان بھ ھتي ڪونھ ھئو، تنھنڪري مون سرچارلس نيپئر سان شڪايت ڪئي.“ اھڙيءَ ريت مارسٽن پنھنجي تڪڙي قدم تي پڇتاءُ جو اظھار تھ ڪيو، پر مون کي پوءِ خاطري ٿي تھ اھا شڪايت عداوت جي بناء تي ڪئي وئي ھئي.

سنڌ ۾ غارتگري ۽ تشدد بند ڪين ٿيا. ماڻھن کي جان ۽ مال جي خطري جو انديشو وڌڻ لڳو. گھوڙاٻاريءَ طرف ميرن جو کجمتدار(1) (خدمتگار) سرڪاري ان جو ڀانڊو(2) جنھن ۾ چار ھزار خرار(3) ان رکيل ھو، ڦري پاڻ کي ان علاقي جو حاڪم سڏائڻ لڳو. مانجھندن طرف کوسن سنڌونديءَ جي ڪپ سان لٽ مار شروع ڪري ڏني. ١٨٤٣ع ۾ گجي وٽ ھڪڙي پارسي واپاريءَ کي، جيڪو ھڪ پانجيءَ ۾ ٺٽي ٿي ويو، ان تي ڪيترن ٻروچن حملو ڪري، کيس ماري ڇڏيو. ۽ ھن جو مال پڻ لٽي کڻي ويا. ڪئپٽن پريڊيءَ کي خيال ھو تھ روينيو کاتي جي تنظيم ڪري، ضلعي ۾ مختيار ڪار مقرر ڪجن، پر ھو ڪجھھ نھ ڪري سگھيو، ڇاڪاڻ تھ ملڪ ۾ اڃا امن امان قائم ڪونھ ٿيو ھو ۽ آواره گرد ماڻھن جي ڌاڙن ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪا حد ئي ڪانھ ھئي.

جڏھن ڪئپٽن پريڊيءَ کي پارسيءَ جي قتل جي خبر پئي، تڏھن ھن ٺٽي جي مختيار ڪار کي اطلاع ڪيو ۽ مون کي چيائين تھ سکرامداس جي ٻانھن ڏي تھ ھو اسان کي قاتل ڳولھي ڏئي. چنانچ سکرامداس ويھھ سپاھي ڪئپٽن پريڊيءَ جا ۽ ويھھ پنھنجا سوار ساڻ وٺي انھن سياھھ ڪارن جي پٺيان پيو. ھن گھاري وڃي، ڏوھين جي پتي لڳائڻ لاءِ آسپاس جاسوس موڪليا. جاسوسن ٿوري وقت ۾ خبر آندي تھ ھي بزدلانھ ڪم ڪن چانڊين ڪڙمين ڪيو ھو، جي ڪرمپور جي ڳوٺ ۾، بگھاڙ(1) جي ھن ڀر غلام الله طرف رھندا آھن. سکرامداس، ان ڳوٺ ۾ اوچتو لنگھي وڃي چانڊين جي گھرن جو جھاڙو ورتو. انھن جي قبضي مان پارسيءَ جون ڪيتريون شيون مليون. ست ماڻھو پڪڙي ڪراچيءَ عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندائون. انھن مان ٻن ڄڻن کي، جن پارسيءَ جو قتل ڪيو ھو، ڦاسيءَ جي سزا ڏني وئي ۽ باقي ٻين کي جيل ڏانھن اماڻيو ويو. مير شير محمد جو کجمتگار صادق، جنھن گھوڙاٻاريءَ تي قبضو ڪيو ھو، ڦرمار جي دولت کڻي ماٺ ميٺ ۾ ملڪ مان فرار ٿي ويو.

ڪئپٽن پريڊيءَ جي زوردار سفارش تي منھنجو ڀاءُ سکرامداس، گھوڙاٻاريءَ جو مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ منھنجي سفارش تي، ھيٺ ڏيکاريل عھديدار مقرر ڪيا ويا:

١. ديوان چنديرام(2)، ٽلٽيءَ وارو، سيوھڻ جو مختيارڪار(3). ھن جو خاندان ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾ وڏن عھدن تي ھوندو ھو. پھريان ھن کان پڇيو ويو ھو، پر ھو نوڪري ڪرڻ تي راضي نھ ھو. مون محسوس ڪيو تھ سرڪاري نوڪريءَ لاءِ ھن کان ڪوبھ وڌيڪ معزز، آزمودگار ۽ وفادار ماڻھو ٿي نٿو سگھي، تنھنڪري مون وري بھ ھن ڏي پاڻ خط لکيو ۽ ھن اھو عھدو قبول ڪيو.

٢. ديوان پوھومل ٺٽئي، لڪيءَ جو مختيارڪار نامزد ڪيو ويو.

٣. حيدرآباد جو ديوان ڄيٺمل، مانجھندن ۾ مقرر ڪيو ويو.

٤. ٺٽي جو منشي لعلچند، جھرڪن ۾ رکيو ويو.

٥. مسٽر آسومل ۽ ملان محمد، ٺٽي ۾ مقرر ڪيا ويا.

٦. مسٽر ڀاريمل، ٺٽي ۾ رکيو ويو.

مختيارڪارن جي مقرر ٿيڻ کان پوءِ، روينيو جو ڪم وڌيڪ سھولت سان ھلڻ لڳو. ١٨٤٣ع ۾، سر چارلس نيپئر ڪراچيءَ آيو، جتي ڪئپٽن پريڊيءَ جي نئين بنگلي ۾ اچي رھيو. مون ڏٺو تھ ھو اڪثر برائون (وڏو) ۽ منشي علي اڪبر، جو چار سؤ رپيا ماھوار پگھار کڻندو ھو، تن جي چوڻ تي ھلندو ھو.

ان کان پوءِ جلدئي ڪراچيءَ ۾، پگھارن جون يادداشتون پھچي ويون. جن ۾ ھرھڪ عملدار، مختيارڪار، منشيءَ ۽ پٽيوالي جو نالو ۽ مھيني جي تنخواھھ ڏيکاريل ھئي. انھن ۾ ڪئپٽن پريڊيءَ جي تنخواھھ ڪليڪٽر جي حيثيت ۾، ١٢٠٠ رپيا مھينو ڏيکاريل ھئي ۽ منھنجي فقط ٢٠٠ رپيا مھينو ھئي. مون ڪئپٽن پريڊيءَ کي چيو تھ آءٌ سرڪار جي خدمت اڳي وانگر مفت ڪندس ۽ مان ڪوبھ معاوضو نھ وٺندس. مون محسوس ڪيو تھ ان ۾ سرچارلس نيپئر جو قصور نھ ھو، پر ڪنھن جي دشمنيءَ ۾ ڪيني سبب منھنجي مقرر ٿيل تنخواھھ ۾ ڪتر ڪئي وئي ھئي. ڪئپٽن پريڊيءَ جواب ڏنو تھ جيڪي وھي واپري ٿو، تنھن کان مان غافل نھ آھيان، بلڪ مون کي ساري حقيقت معلوم آھي. صلاح ڏنائين تھ تون پنھنجي گذريل ستن اٺن مھينن جو منظور ٿيل پگھار وٺ، مان جلد ڪوشش ڪري تنھنجو پگھار وڌرائيندس. آءٌ ڪئپٽن پريڊيءَ سان انڪار ڪري نھ سگھيس ۽ گذريل اٺن مھينن جي پگھار جي بقايا، ٻھ سؤ رپيا مھيني جي حساب سان وٺڻ قبول ڪيم. پھريان سرڪار جي تجويز ھئي تھ مون کي ٻين ٻن ڊپٽي ڪليڪٽرن وانگر ست سؤ رپين مھيني جي حساب سان معاوضو ڏنو وڃي، پر مون ڏٺو تھ عھدن ۽ پگھارن جي فھرست ۾ اھڙي ڪا ڦيرڦار ڪانھ ڪئي وئي ھئي، جنھن مان مون کي ڪو فائدو پھچي.

ساڳئي سال جي آڪٽوبر مھيني ۾، يورپي عملدار پنھنجن پنھنجن ضلعن ڏانھن موڪليا ويا. برائون (ننڍو) ۽ ليفٽيننٽ مارسٽن سيوھڻ ويا، جتي ھنن سڀني معزز ماڻھن سان ملاقات ڪئي. انھن مان ڪن ملاقاتين ھنن تي اھو اثر ويھاريو تھ ديوان چنديرام، انگريز سرڪار جو خيرخواھھ نھ آھي. ھن جا وڏا سابق حڪومت ۾ اھم عھدي تي فائز ھئا، ان ڪري ھن کي مختيارڪار جھڙي اھم عھدي تي رکڻ مان حڪومت کي ڪوبھ فائدو ڪونھ پھچندو. ديوان چنديرام جي مخالفن ھن جي خلاف باقائدي الزام ٺاھيا ۽ ليفٽيننٽ برائون ۽ مارسٽن ھن جي خلاف سر چارلس نيپئر وٽ کليل شڪايتون موڪليون. برائون خانگي طرح پنھنجي ڀاءُ (سيڪريٽري) جي ڌيان تي، چنديرام جي خلاف سندس مخالفن جون تيار ڪيل شڪايتون آنديون ۽ چيائينس تھ جي چنديرام ملازمت ۾ رھيو تھ ان جا نتيجا ڏاڍا اگرا نڪرندا. برائون جي وڏي ڀاءُ، سر چارلس نيپئر کان چنديرام جي فورا گرفتاريءَ جي منظوري وٺي، سيوھڻ ۾ برائون ڏانھن ڏياري موڪلي. چنانچ ديوان چنديرام کي حوالات ۾، حيدرآباد آندو ويو، جتي ھڪ مختصر ڪارروائيءَ کان پوءِ ھن کي پنج ھزار رپيا ڏنڊ ۽ ٻھ سال قيد جي سزا ڏني وئي.

ديوان چنديرام مختيار ڪار جي عھدي تي رھيو ھو ۽ پگھار بھ فقط انھيءَ عرصي جي کنئي ھئائين. جڏھن ھن تي ھٿ ٺوڪيا الزام مڙھيا ويا، تڏھن اھا خبر ملڪ ۾ جلد پکڙجي ويئي. سڀڪنھن جو اھو خيال ھو تھ ديوان چنديرام دشمنيءَ جو شڪار ٿيو آھي. ليفٽيننٽ مارسٽن کي ڪا خبر پيئي تھ لڪيءَ جي مختيارڪار پوھومل، مانجھندن جي مختيارڪار ڄيٺمل ۽ بڊي ۽ پيٽاري جي ڪاردار ھاسيمل جو مون سان ٿورو گھڻو رشتو آھي. ھنن تي الزام لاڳايو ويو تھ ھو پن چريءَ جا پئسا وصول ڪري کائي ويا آھن ۽ رڪارڊ ۾ داخلا ڪانھ ڪئي اٿن. انھيءَ الزام ھيٺ کين گرفتار ڪيو ويو. تھمت ثابت ڪرڻ لاءِ شاھد ھٿ ڪرڻ ڪا مشڪل ڳالھھ ڪانھ ھئي. پوھومل کي ٻھ ھزار رپيا ڏنڊ ۽ ھاسيمل کي ٻھ سال جيل ۽ ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي.

انھيءَ دٻڙ دؤنس جي ڪري ساريءَ سنڌ ۾ ڏھڪاءُ پئجي ويو. منھنجو نالو بھ خراب ٿيو، ڇاڪاڻ تھ انھن جو انتخاب مون ڪيو ھو. مون کي مايوسي ۽ ڏک ٿيو، پر وس نھ پئي ھليو. ڪئپٽن پريڊيءَ کي بھ ارمان ٿيو، پر چيائين تھ مان ڇا ٿو ڪري سگھان، سرچارلس جا حڪم مڃڻا آھن. دل کي آٿت ڏنم تھ ھي سڀڪجھھ، خدا جي پاران آھي ۽ شايد ان ۾ بھ ڪا ڀلائي ھجي. سر چارلس نيپئر گشت تان موٽي آيو. موٽڻ کان پوءِ جلد، ھو ھڪڙي ڏينھن پنھنجي مقرب منشيءَ علي اڪبر سان بنگلي مان نڪري، مون سان ملڻ آيو. مون کي ڪڙي نگاھھ سان ڏسي، علي اڪبر کي ڪجھھ انگريزيءَ ۾ چيائين، جنھن جو ھن مون کي ھندستانيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو. چيائين تھ جتي جتي سر چارلس نيپئر پير پائي ٿو، اتي ’نائونمل، نائونمل‘ جو آواز ڪن تي پئيس ٿو. سر چارلس تھ تلوار جي زور تي ملڪ فتح ڪيو آھي، پر ڪھڙي تير ھنيو آھي، جو ماڻھو انگريزن جي فتح لاءِ بھ توکي ٿا ذميوار ٺھرائين. ائين چئي ھو بنگلي ۾ موٽي ويو.

انھيءَ کان پوءِ ٿوري وقت ۾، برائون (وڏو)، علي اڪبر ۽ مارسٽن منھنجي خلاف سر چارلس نيپئر جا ڪن ڀريا. ھڪڙي ڏينھن ڪاوڙ ۾ قلم کڻي، پنھنجي ھٿ سان منھنجي خلاف ڪرنل پريڊيءَ کي لکيائين تھ ”جي مان گورنر آھيان تھ ايندڙ ٻن مھينن جي اندر ھن (نائونمل) کي جيل ۾ اماڻيندس.“ ڪئپٽن پريڊيءَ خط پڙھيو تھ ڏڪڻي وٺي ويس. ان جو لفظ لفظ مونکي پڙھي ٻڌايائين. چيائين تھ ”مون کي خبر آھي تھ ھي محض دشمنيءَ ۽ ڪيني جو نتيجو آھي، پر مان لاچار آھيان، جو مان بھ سرچارلس نيپئر جو زيردست آھيان. مون کي خاطري ھئي تھ مون ڪو اھڙو گٿو ڪم نھ ڪيو آھي، تنھنڪري ھمت ڪانھ ھاريم ۽ چيومانس تھ ”جيتريقدر روينيو کاتي جو سوال آھي تھ منھنجو ان سان ڪو واسطو ڪونھي ۽ نڪي مون کي ان لاءِ جوابدار ٺھرائي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ تھ ھڪ جدا صراف ماليھ وصول ڪندو ۽ خرچ ھلائيندو آھي ۽ تون پاڻ حساب جا ڪتاب صحيح ڪندو آھين. پر تنھن ھوندي بھ جيڪڏھن سر چارلس جي مون تي مقدمي ھلائڻ جي مرضي آھي، تھ مان ڪنھن بھ آزمائش لاءِ تيار آھيان. مان گونگو تھ نھ آھيان، زبان اٿم. مان نردوش آھيان ۽ ڪنھن کان ڊڄان ڪونھ ٿو.“

منھنجن ذاتي دشمنن، جن ۾ شيخ غلام حسين ۽ خوشحالراءِ پنجابي سڀ کان اڳرا ھئا، تن مون کي ڦاسائڻ لاءِ شاھدين ۽ ثابتين گڏ ڪرڻ جي بيحد ڪوشش ڪئي. شڪاري ڪتن وانگي، ڪنڊ ڪنڊ پئي نوسيائون تھ من ڪٿي ڪو پتو لڳي. پر فارسيءَ واري جي چوڻي آھي تھ ”جڏھن ڪو مرض ئي ڪونھي، تڏھن حڪيم ڇا ڪندو.“ اسان جي سٻاجھي سنڌيءَ ۾ بھ ھڪڙو پھاڪو آھي تھ ”جي خدا جي پاران چڱائي لکيل ھجي، تھ دشمن جي منھن ۾ ڌوڙ ئي ڌوڙ ھوندي.“ منھنجي خلاف تمام باريڪ ۽ اونھي تفتيش ڪئي وئي، پر مون کي عزت سان بري ڪيو ويو. منھنجا دشمن شرم ۾ ٻڏي ويا. شال خدا انھن کي بھ پناھھ ڏئي.

شيخ غلام حسين فوجدار ۽ ليفٽيننٽ مارسٽن، منھنجي ڀاءَ سکرامداس کي نقصان رسائي، مون کي صدمي پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي. انھيءَ ارادي سان ھو گھوڙاٻاريءَ ۾ مھيني کان بھ گھڻو وقت رھيا بيحد ڪوشش ڪيائون تھ ھن جي خلاف ڪا شڪايت ملي. آخر ھو نااميد ٿي ڪراچيءَ موٽي آيا.

ٿوري وقت کان پوءِ، ڄام محمد نالي گھوڙاٻاريءَ جو ھڪ زميندار، پنھنجي زمين جي ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڪراچيءَ آيو. ھو مارسٽن ۽ غلام حسين جو واقف ھو. غلام حسين ھن کي ھڪڙي ڏينھن چيو تھ ”ليفٽيننٽ مارسٽن جي مرضي آھي تھ سکرامداس کي ڪيئن بھ ڪري ڦاسائجي، تون قرآن تي شاھدي ڏي تھ مون ھن کي رشوت ڏني آھي. ڄام محمد چيس تھ ”توکي غلط اثر ويٺل آھي، ۽ اھو خام خيال آھي سکرامداس فطرتا لالچ کان پري آھي ۽ رشوتخوري جي خلاف آھي.“ غلام حسين چيس تھ ”ھڪ سچو مسلمان، ٻئي سچي مسلمان جي اڳيان سر تسليم خم ڪندو، پر ھندوءَ کي جڏھن بھ ڪو موقعو ملي تھ پيٽ ۾ ڇرو ھڻڻ کپيس.“ ڄام محمد قرآن تي قسم کڻي چيو تھ ”مان سکرامداس جي خلاف رشوت جي شڪايت ڪڏھن ڪانھ ٻڌي آھي. مان ڪڏھن بھ ڪوڙو قسم کڻي پنھنجو محشر خراب نھ ڪندس.“ پوءِ ڄام محمد مون وٽ آيو ۽ غلام حسين سان ملاقات جو احوال ٻڌايائين. اھا ڳالھھ مون وڃي ڪئپتن پريڊيءَ کي ٻڌائي. اسان ٻنھي کي عجب بھ لڳو ۽ ڏک بھ ٿيو. ھو حيران ھو تھ ماڻھو ايترا بيحيا ۽ ذليل ٿي سگھن ٿا، پر وري چيائين تھ منھنجو وس نٿو ھلي. مون ڏٺو تھ اھڙي حسد ۽ ساڙ ۾ نوڪري ڪرڻ ۾ عافيت نھ آھي، تنھنڪري سکرامداس ڏي لکي موڪليم تھ استعيفا ڏئي. ھو استعيفا ڏئي، پنڌرھن مھينن جي نوڪريءَ کان پوءِ واپس موٽي آيو.

شرير ۽ بدڪار ماڻھو مون کي نقصان پھچائڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي سگھيا. مون کي صدر ۾ ڪيتريون جڳھيون(1) ھيون، جي مون سنڌ جي فتح کان اڳ، ڪئپٽن پريڊي ۽ جنرل بائلوءَ جي چوڻ تي ٽالپرن جو ناراضپو کڻي ٺھرايون ھيون. مير نصير خان ڪن سوارن کي حڪم ڪيو ھو تھ ڪراچيءَ وڃي نائونمل کي گرفتار ڪيو، جو ھن اھي جڳھيون ٺھرائي ڇانوڻيءَ ۾ واپار کي ھمٿايو آھي ۽ ڪراچيءَ جي واپار کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي. انھن جاين مان مون کي ٻھ سؤ رپيا مھينو مسواڙ ملندي ھئي ۽ انھن جي ڪل قيمت ھڪ لک رپيا ھئا. ميجر بائلو ان وقت ڇانوڻيءَ ۾ ملڪيت رکڻ ۽ ٻھ سؤ رپيا مھينو مسواڙ اڳاڙڻ جي اجازت ڏيڻ ناروا آھي، تنھنڪري ھن کي حڪم ڏنو وڃي تھ ھو جايون ڊھرائي، پنھنجو سامان کڻي وڃي. آخر ڪئپٽن پريڊيءَ کي لکيو ويو تھ اھو حڪم ھنجي ڌيان تي آڻي. پر ھن انھن جاين جي ٺھرائڻ جو قصو شروع کان سمجھائي، لکيو تھ ھيءَ ناانصافي ٿيندي. ھن ھڪ خط سڌو سر چارلس نيپئر ڏي بھ لکيو، پر ھو مڙڻ جو نھ ھو. مون پاڻ جايون ڪيرائي، سامان کڻي وڃڻ کان انڪار ڪيو، تنھن تي ملڪيت جي قيمت ڪٿڻ لاءِ ھڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنھن ان جي قيمت ١٢٤٠ رپيا ٺھرائي. جايون ڊاھي، اھو پٽ ڇانوڻيءَ ۾ دوستن کي تقسيم ڪري ڏنائون. ١٢٤٠ رپين جي رقم ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڏني وئي، پر مون وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پئسا خزاني ۾ پياريا ويا. ڏيڍ سال کان پوءِ ڪئپٽن پريڊيءَ مون ڏي پئسا ھڪ خط سان گڏ ڏياري موڪليا، جنھن ۾ لکيل ھو تھ ھيءَ رقم ڪيتري وقت کان حساب ۾ بقايا ڪري ڏيکاري ويندي آھي، جي تون ھاڻي اھا قبول نھ ڪندي تھ ضبط ٿي ويندي آھي، مان لاچار ھوس ۽ ڪجھھ بھ نٿي ڪري سگھيس، پر دل م ضرور ڏک ھئم. منجھن دوستن آنجھاني مئڪ ليد ۽ اسٽوئرٽ مون سان وڏيءَ ھمدرديءَ جو اظھار ڪيو ۽ مون سان ٿيل بي انصافي لاءِ نفرت ڏيکاريائون. انھن ٻن صاحبن چيو تھ اميد نھ لاھجي، نيٺ چڱا ڏينھن ايندا. مان انھيءَ نيڪ صلاح لاءِ ھنن جو بيحد شڪر گذار آھيان.

سنبت ١٩٠٢ جي ڄيٽ مھيني، مطابق جون ١٨٤٦ع ۾، ٽيڪمداس کي پٽ (منھنجو پوٽو) ڄائو، جنھن جو نالو عالمچند(1) رکيو ويو. سنبت ١٩٠٣ (١٨٤٧ع) ۾ آکاڙ مھيني ۾، سنڌ ۾ ڪالرا جي مرض منھن ڪڍيو، جنھن ۾ ڏاڍا ماڻھو مئا. منھنجو ڀاءُ سکرامداس بھ ان موذي مرض جو بک ٿيو. ساڳئي سال ۾ منھنجي پيءُ، ھوتچند پنھنجي موروثي ملڪيت، جايون، جھاز ۽ واپاري ڪوٺيون وغيره پنھنجن پٽن کي ھڪجيترن حصن ۾ تقسيم ڪري ڏنيون ۽ پنھنجي لاءِ بھ اوتروئي حصو رکيائون. ان کان پوءِ ھو سڀني ڳالھين ۾ ھڪٻئي کان آزاد ھئا، پر ھنن کي گڏجي اڳئين وانگر ڪارخانا کولي، واپار ڪرڻ جي منع ڪانھ ھئي.

١٨٤٧ع ۾، ڪن يورپي ماڻھن، جن کي مون عمر ۾ ڪڏھن بھ ڪونھ ڏکويو ھو، منھنجن بيشمار ۽ اھم خدمتن جي عيوض، مون تي ظلمن مٿان ظلمن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي حيدرآباد جي ڪن شودن جي معرفت ڦاسائڻ جو منصبو رٿيو(2). انھيءَ ارادي سان ھنن، انھن شودن تي ھٿ رکن شروع ڪيو. انھن مان ھڪڙو شودو اڀريومل ھو، جنھن جا ڪن، مير شيرمحمد ڪنھن ٺڳيءَ جي ڏوھھ ۾ ڪپايا ھئا ۽ ھو مون کان نو سؤ رپيا ٺڳي ڪري وٺي ويو ھو، جيئن ھن کان اڳ بيان ڪيو ويو آھي. ٻيو ھوتچند نالي ھڪڙو عامل ھو، جو اڀرئيمل جو دوست ۽ رشتيدار ھو. انھن جو ھڪ ٻيو ساٿي، سيوھڻ جو عامل گلابراءِ رانوگو ھو. اھي ٽيئي روز برائون ڀائرن ۽ مارسٽن سان ملندا ۽ سٽون سٽيندا ھئا. آخر اھو فصلو ٿيو تھ سيٺ ھوتچند جي گماشتي، چيلارام جي ڪوٺيءَ جون بنديون اوچتو ضبط ڪجن. مارسٽن کي اھڙو اطلاع ڪيو ويو ۽ ھن سڌو فوجدار شيخ غلام حسين کي ڪيترن سپاھين سان چاڙھي موڪليو تھ وڃي دفتر ھٿ ڪن. ساڳئي ڏينھن دفتر گاڏين ۾ کڻي، ڇانوڻيءَ ۾ پھچايو ويو. ڪئپٽن پريڊيءَ کي بھ اوچتو حڪم آيو تھ مون کي معطل ڪري. ھن مون کي حڪم پڙھي ٻڌايو ۽ مون ان کي تسليم ڪيو. ٻن ڏينھن کان پوءِ، سنڌ جي جج، ائڊوڪيٽ جنرل، ڪئپٽن ينگ کان عدالت ۾ تفتيش لاءِ حاضر رھڻ جو حڪم مليو. عدالت ٽن منصنفن تي مشتمل ھئي. ڪئپٽن ينگ ۽ ٻھ ٻيا. مان ڪورٽ ۾ حاضر ٿيس مون کي ويھڻ لاءِ ڪرسي ڏيڻ کان انڪار ڪيائون، بلڪ زمين تي ويھڻ جو حڪم ڪيائون. مارسٽن، غلام حسين ۽ خوشحالراءِ پنجابي جي صلاح سان خوشحالراءِ جي گماشتي، ڪرمينل برھمڻ ۽ رامومل ڪڪري پنجابيءَ کي چيلا رام جي دفتر واچڻ لاءِ مقرر ڪيو ھو. اڀريو مل، ھوتچند ۽ گلابراءِ فريادي ۽ مدعي ٿيا. چيلا رام مدعاعليھ ھو. ھن کي دفتر ڏسي ڪرمينل ۽ رامومل جا جواب ڏيڻا ھئا. مون کي فقط حاضر رھي ڪارروائي ٻڌڻ جي اجازت ھئي. ڇھھ ڏينھن دفتر جي جاچ پڙتال ھلي، منھنجي خلاف ڪابھ ڳالھھ ڪانھ ملين، سواءِ ان جي تھ ھڪ وقت ڪئپٽن پريڊيءَ منھنجي معرفت لک رپيئي جون سرڪاري ھنڊيون وڪيون ھيون ۽ اھي منھنجي پيءُ جي گماشتي چيلا رام ھڪ في صدي لاٿ جي حساب سان خريد ڪيون ھيون. بس، منھنجي خلاف اھائي ڳالھھ ملين. اتي فرياديءَ جي طرف جي پاران ڪاروائي ختم ڪئي وئي.

ٻئي ڏينھن مون کان بچاءُ گھريو ويو. مون ھنڊين جي باري ۾ جواب ڏنو تھ فتح کان جلد پوءِ، جڏھن ملڪ ۾ اڃا ھراس ۽ انتشار ھو، تڏھن سيوھڻ جي مختيار ڪار شڪايت ڪئي ھئي تھ ھن وٽ روز ڍل جا ڪيترائي پئسا جمع ٿيندا ھئا. ھن وٽ اڳيئي گھڻا پئسا ڪٺا ٿيا ھئا ۽ خبر نھ پئي پيس تھ خزانو ڪيئن موڪليان. ملڪ چوڌاري لٽيرن ۽ ڦورن سان ڀريو پيو ھو ۽ رستن تي سلامتي ڪانھ ھئي، اھڙين حالتن ۾ پھرين ھيٺ خزانو نھ پئي موڪلي سگھيو. سيوھڻ ۾ ھڪڙو بھ اھڙو صراف ڪونھ ھو، جنھن جي معرفت وڏيون رقمون موڪلي سگھجن. مختيارڪار رپورٽ تي رپورٽ پئي موڪلي تھ ملڪ جي حالت خراب آھي ۽ خزاني جي حفاظت جو انتظام ٿيڻ کپي. چيائين تھ جيڪڏھن خزاني جي سلامتيءَ جو بندوبست نھ ڪيو ويو، تھ مون کي ڪو ڏوھھ نھ ڏيندا. ڪئپٽن پريڊيءَ مون کي استدعا ڪئي تھ خزانو ڪراچيءَ موڪلڻ لاءِ ڪو طريقو ڪڍ. آخر فيصلو ٿيو تھ ھو سيوھڻ جي مختيارڪار تي ھنڊيون ڪڍندو، جيڪي شھر جا واپاري خريد ڪندا. مون شھر ۾ ڍنڍورو ڦيرايو، پر اھڙو ڪوبھ ماڻھو ڪونھ نڪتو، جو سرڪاري ھنڊيون خريد ڪري، روڪ پئسا ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر کي ڏئي، تنھنڪري مون ڪئپٽن پريڊيءَ ۽ وڏي برائون جي صلاح سان ۽ ڪئپٽن پريڊيءَ جي پرزور استدعا تي پنھنجي پيءُ جي ڪوٺيءَ جي معرفت انھيءَ خدمت جي ذميداري پاڻ تي ھموار ڪئي. پھريائين ڪارخاني جي ڪارڪن ڀائيوار، چيلارام، منھنجي تجويز قبول نھ پئي ڪئي، پر مون ھن جي حوصلھ افزائي ڪئي ۽ چيومانس تھ اھا بھ سرڪار جي ھڪ خدمت ٿيندي ۽ سرڪار جي نظر ۾ خاندان جي عزت وڌندي آخر مس مس اھا ڳالھھ قبول ڪئي. انھيءَ وچ ۾ مون سيوھڻ جي صرافن کان لکي پڇيو تھ توھان چيلارام جون ھنڊيون سيوھن ۾ مٽائي، ھن جي پاران پئسا وٺي، اھي چيلارام ڏانھن سنڌ جي مختلف علاقن تي نڪتل ننڍين ننڍين ھنڊين جي رستي موڪلي سگھندا؟ ھنن چيو تھ ”اسان اھو ڪم چيلارام جي جوکي تي ڪنداسين، بشرطيڪ اسان کي چڱي ڪميشن يا لاٿ ڏني وڃي.“ مون اھا ڳالھھ قبول ڪئي تھ جوکو چيلارام جو رھندو، پر ڪميشن اڌو اڌ ڪندا آخر مون چيلارام کي انھيءَ ڳالھھ تي بيھاريو. پوءِ جيئن ھن کي پئسا ملندا ويندا ھئا، تيئن ھوڪوٺيءَ جي نالي ۾، سيوھڻ جي مختيارڪار تي، ڪئپٽن پريڊيءَ جون نڪتل ھنڊيون خريد ڪندو ويندو ھو. اھي ھنڊيون سيوھڻ ۾ لاٿ لاھي وصول ڪيون وينديون ھيون ۽ انھن جي عيوض چيلارام کي حيدرآباد ۽ ٻين شھرن جون ننڍيون ننڍيون ھنڊيون ملنديون ھيون. انھيءَ ڪاروبار ۾ پنج سؤ رپيا صافي نفعو ٿيو، جنھن مان چيلارام کي فقط ٢٥٠ رپيا پلئي پيا باقي ٢٥٠ رپيا سيوھڻ جي صرافن کي مليا. اھو سڀ وھين (بندين) ۾ ڏيکاريل ھو ۽ ڪميشن جي ميمبرن ڏٺو ۽ پڙھيو ھو. مون عرض ڪيو تھ ڪئپٽن پريڊي، جنھن کي سڀڪجھھ معلوم آھي. تنھن جي بھ شاھدي ورتي وڃي. مون کي افسوس ۽ تعجيب آھي تھ منھنجي خدمتن جي ھن نموني م غلط معنيٰ ڪڍي وڃي ٿي.“ آخر ڪئپٽن پريڊيءَ کي گھرايو ويو. ھن ساک تي، جيڪي مون اظھار ڪيو ھو، تنھنجي تصديق ڪئي ۽ چيائين تھ ”ھن منھنجي خاص استدعا تي ۽ وڏي برائون جي ڄاڻ سان اھو ڪم پاڻ تي کڻي، سرڪار تي خاص احسان ڪيو ھو.“ اتي عدالت برخاست ٿي.

ٿوري وقت کان پوءِ، مون کي وري گھرايو ويو ۽ ڪئپٽن ينگ، مون ڏي منھن ڪري چيو تھ ”توکي عزت سان رھا ڪجي ٿو، جو توتي ڪا ڳالھھ ثابت ڪانھ ٿي آھي. پر صوبي ۾ تنھنجي مرتبي، منزلت ۽ مفاد جو لحاظ رکندي، اسان جو خيال آھي تھ توکي سنڌ کان ٻاھر سرڪار جي ڪنھن ٻئي علاقي ۾ ڪنھن ٻئي عھدي تي مقرر ڪجي.“ اھڙيءَ طرح منھنجي مقدمي جو خاتمو ٿيو.

مون اٿي جواب ڏنو تھ ”مان ڌڻي تعاليٰ جي شڪرگذار آھيان، جو منھنجو مقدمو ختم ٿيو. حڪومت جي آئندي ملازمت جي باري ۾ مون کي ھيءُ عرض ڪرڻو آھي تھ مون کي ان جي ضرورت نھ آھي. توھان ڪئپٽن پريڊيءَ کان قسم ڏئي پڇو تھ مون ڪيتري بار پوڻ کان پوءِ، ڊپٽي ڪليڪٽر جو عھدو شروع ۾ قبول ڪيو ھو ۽ تنھن کان پوءِ بھ دوستن جي استدعا ۽ التماس تي ملازمت ۾ رھندو آيس. اٺن مھينن کان پوءِ، مون کي ٻڌايو ويو تھ مون کي ٻھ سؤ رپيا مھيني کان وڌيڪ تنخواھھ نھ ملندي. منھنجي اھڙيءَ نوڪريءَ ڪرڻ جي مرضي نھ اڳي ھئي ۽ نھ ھاڻي آھي، جا منھنجي عزت ۽ حيثيت جي مطابق نھ ھجي. مون سرڪار جي خدمت شريفاڻي طريقي سان ڪئي آھي. خدا جو شڪر آھي، جنھن مون کي دشمنن جي دلسوز آگ ۽ نجس نانگن جي زھر کان بچايو آھي. ١٨٣١ع کان وٺي مان انگريز سرڪار جي خدمت پئي ڪئي آھي ۽ انھن جي پاران اھم مھمون سر انجام پئي ڪيون اٿم ۽ ھي سڀڪجھھ بنا معاوضي ۽ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي ڪيو اٿم. مان فقط چار سال اڳ اجورو وٺڻ قبول ڪيو ھو ۽ توھان خانداني دفتر مان ڏٺو ھوندو تھ انھن چئن سالن ۾ مون کي جيڪا تنخواھھ ملي آھي، سا مون پنھنجن پراڻن نوڪرن ۽ ملازمن جي کاڌي خوراڪ تي خرچ ڪئي آھي ۽ ان جو ڪوبھ حصو پنھنجي لاءِ نھ رکيو ھوم. مان توھان جو شڪرگذار آھيان جو سرڪار جي ٻئي ڪنھن علاقي ۾ ملازمت جي آڇ ڪئي اٿو. توھان ھيءُ مشھور قصو ٻڌو ھوندو تھ پنجاب ۾ فريد نالي ھڪ فقير رھندو ھو. ھو نھايت متقي ۽ خداپرست ھو. ھڪڙي ڏينھن ھو گدرن جي واڙيءَ وٽان لنگھيو. ڏٺائين تھ ڪنھن شخص گدرا کائي، کلون چٽي صاف ڪري، اڇلي ڇڏيون ھيون. ھو ٻھ ٽي کلون چٽڻ لڳو. انھيءَ وچ ۾ پوک جو مالڪ اچي نڪتو، ۽ ھن کي جھلي چوڻ لڳو تھ ”آخر اسان کي چور مليو، جنھن اسان جي واڙي ڀيلي چٽ ڪري ڇڏي ھئي.“ اصل چور تھ ڪک پن ٿي ويا ھئا، پر ڪڙميءَ، ويچاري فريد جي خوب مرمت ڪئي ويچاري فريد صبر سان حيرت ۾ محو ٿي، سڀڪجھھ ويٺي سٺو. جڏھن ڪڙميءَ جي دل ٺري بس ڪيائين، تڏھن فريد ھيٺيان بيت، پنجابي زبان ۾ چيا:

”او فريد، ڪيئن مزو چکيئي؟
توکي ڪيڏو نھ دک ۽ درد سھڻو پيو،
جڏھن خالي ڇلڪي کائڻ تي موچڙا ٿا پون،
تڏھن خود گدري کائڻ واري کي ڇا نصيب ٿيندو!“



ائين چئي مان عدالت مان ٻاھر نڪري ھليو ويس. مون کي اھا اميد ھئي تھ ھو ھاڻي سمجھندا تھ مون انگريز سرڪار جي خدمت ھڪ ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان ڪئي ھئي جنھن جي عوض مون کي ڏکن ۽ سورن جو صلو مليو ھو، ان ڪري جو مون ٻھ سؤ رپيا ماھوار ڪجھھ وقت لاءِ قبول ڪيا ھئا. ھاڻي توھان ٻڌايو تھ مون کي شڪايت جي لاءِ معقول سبب آھي يا نھ؟

ڪلھوڙن جي زماني کان وٺي اسان جي گھر کي ذاتي ڪتب لاءِ، شراب ٺاھڻ ۽ بٺيءَ رکڻ جي رعايت مليل ھئي، اھا رعايت قلات جي حڪومت بھ بند نھ ڪئي ھئي ۽ جڏھن ڪراچيءَ تي مير نصير خان قبضو ڪيو ھو، تڏھن ٽالپر گھراڻي جي پھرئين مير بھ انھيءَ رعايت جي تصديق ڪيئ ھئي ۽ چئن يار(1) جي جاءِ نشين بھ رعايت قائم رکي ھئي. اسان وٽ سابق حڪومتن جون سندون ھيون، جن ۾ اڳ مليل رعايتن جي تصديق ٿيل ھئي. صوبي جي فتح کان پوءِ، مون سڀ سندون، ڪئپٽن پريڊيءَ کي ڏيکاريون، جنھن ٽالپرن جي سند جا، پنھنجي دفتر لاءِ نقل ڪرائي، اصل تي صحيح ڪري، مھرون ھڻي، منھنجي حوالي ڪئي. فتح کان پوءِ، سڄن سارن پنجن سالن تائين انھيءَ رعايت جو فائدو وٺي، پنھنجي بٺيءَ ۾، پنھنجي ذاتي استعمال لاءِ شراب ٺاھيندا رھياسين. مٿئين واقعي کان جلد پوءِ، جڏھن وڏي برائون کي انھيءَ ڳالھھ جي خبر پئي، تڏھن ليفٽيننٽ مارسٽن کي لکيائين تھ ”اھا بٺي ھڪدم بند ڪراءِ.“ ليفٽيننٽ مارسٽن حڪم جي تعميل ڪئي. بٺي ۽ سڀ برتن وغيره کڻائي ويو. مان اھا ڳالھھ ڪئپٽن پريڊيءَ جي ڌيان تي آندي ۽ ھن برائون ڏي لکيو تھ ”اھا رعايت اڳين حڪومتن جي تحريرن جي بنياد تي ۽ سر چارلس نيپئر جي حڪمن جي صحيح معنيٰ مطابق، تصديق ڪئي وئي ھئي.“ جواب ڏنائونس تھ ”ساري برٽش انڊيا(2) ۾ اھڙيون رعايتون ڪٿي بھ ۽ ڪنھن کي بھ نھ ڏنيون ويون آھن. اھا توھان جي غلطي ھئي، جو ايترو وقت ھن خاندان کي انھيءَ رعايت جو فائدو وٺڻ ڏنو اٿو.“

منھنجيءَ نظر ۾ اھا سھولت، جا ايتري جلدبازيءَ سان بند ڪئي ويئي ھئي، سا اسان جي خاندان کي ھڪ نھايت قيمتي ۽ پوتر رعايت ھئي. ھڪ تھ اھا اسان کي قديم زماني کان مليل ھئي، ٻيو تھ اسان جي لاءِ شراب ھڪ زندگيءَ جي اھم ضرورت ھئي. پنھنجي بٺيءَ ۾ شراب تيار ڪرڻ آسان بھ ھو ۽ ڪم خرچ بھ. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر ڇا ڪريان بيوس ھوس.

انھن واقعن منھنجي دماغ ۾ فڪر پيدا ڪيا، جن جو اثر منھنجي صحت تي پيو. نتيجو اھو نڪتو جو سنبت ١٨٠٥ (١٨٤٩ع) ۾، مون کي ھڪ اھڙي پردرد ۽ خطرناڪ بيماري ٿي، جو اڳي ڪڏھن ڪانھ ھئي. روز ڪيترو خون ويندو ھو ۽ مان بلڪل ڪمزور ٿي ويس. منھنجي بچڻ جي ڪنھن کي بھ اميد ڪانھ ٿي ھئي. پر خدا جل شانه جا لک شڪرانا جو ھڪ انگريز سرڪار ڊاڪٽر، مسٽر رامسيءَ جي علاج مان فائدو ٿيو. مان اھڙو ضعيف ٿي ويو ھوس، جو منھنجا دوست ۽ عزيز اميد لاھي ويٺا ھئا. ھڪڙي ڏينھن تھ ليٽائي ھٿ پير سڌا ڪرڻ ويٺا، پر منھنجو اندر آگاھھ ھو ۽ مون کي شاسترن جا گيان ياد اچڻ لڳا. ”ڀڳوت گيتا“ جا ٻول پيو ٻوليان. مطلب تھ دل کي اھڙو تھ آنند سرور اچي ويو جو مون کان ڪڏھن بھ ڪونھ وسرندو. جڏھن ڪجھھ طاقت آئي، تڏھن ڪپئٽن اسٽوئرٽ(3) جنھن جي مون سان ھميشه ھمدردي ھوندي ھئي ۽ جنھن جو مان ھميشه شڪرگذار رھندس، مونکي پاڻ سان ھوا بدلائڻ لاءِ ضلعي ۾ گشت تي وٺي ويو. مان ھن سان گھوڙاٻاري ڊويزن ۾ ويس، جتي ھو ڊپٽي ڪمشنر ھو. ڏيڊ مھيني کان پوءِ آءٌ ڪراچي موٽي آيس. منھنجي صحت ھاڻي گھڻو سڌري وئي ھئي.

سر چارلس نيپئر، سنڌ مان روانو ٿي ويو. ھن جي دؤر ۾ جي ظلم ۽ زبردستيون ٿيون، تن جو مان ذڪر ڪونھ ڪندس ۽ نھ وري اھي عقوبتون، جيڪي مون سان ۽ منھنجن عزيزن سان ڪيون ويون، تن کي ورجائيندس. سر چارلس نيپئر خود ھڪ سادو، نيڪدل ۽ ڌرم آتما شخص ھو. ھن جو قصور فقط ھيءُ ھو تھ ھن کي پنھنجن قريبي ملازمن ۾ بيجا اعتقاد ھوندو ھو ۽ انتظاميھ جي معاملن ۾ فقط انھن جي ئي مشوري تي ھلندو ھو.

__________________

(1) زمين جي ڍل بستگيءَ وقت فياضي ڏيکارڻ جي ڪري، خصوصا فوجي جاگيرن جي باري ۾، سنڌ ۾ ١٨٥٧ع ۾ ڪا گڙٻڙ ڪانھ ٿي ھئي. (سر، بي، فريئر)

(2) انھيءَ باري ۾ فريئر لکي ٿو تھ ”ھن جو پوليس جو انتظام ھندستان جي ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ سٺو ھو. بعد ۾ ھندستان جي پوليس جي سڌريل انتظام ۾ جي خوبيون ھيون، سي اڪثر ڪري سنڌ جي انتظام تان نقل ڪيون ويون ھيون. اڃا تائين انھيءَ کان وڌيڪ بھتر پوليس جو انتظام اسان ڪونھ ڏٺو آھي. اھو انتظام ھندستان جي آزمودگار مدبرن جي راءِ مطابق ھو، پر انھيءَ انتظام کي سر چارلس نيپئر گھڻو اڳ، جڏھن ھو يونان ۾ ھو، دل ۾ سوچي سمجھي پايھء تڪميل تي پھچايو ھو. مون کي ھڪڙي دفعي سر چارلس نيپئر پاڻ ٻڌايو ھو تھ يونان جي ساحل جو معائنو ڪندي، مون کي دل ۾ خيال آيو ھو تھ جيڪڏھن اھڙو ڏوھي ملڪ مون کي حڪومت ڪرڻ لاءِ ملي، تھ مان ان ۾ ڪھڙو انتظام ڪريان.“

(3) لاشڪ نائونمل جو دشمن ھو، پر مؤلف جي خيال ۾ ھو ھڪ ڪارآمد ۽ وفادار سرڪاري ملازم ھو.

(1) بھادر ليفٽيننٽ مارسٽن، جنھن کي مؤلف چڱيءَ طرح سڃاڻندو ھو، اھڙو ماڻھو نھ ھو، جو سواءِ ڪنھن معقول سبب جي سيٺ نائونمل جي خلاف قدم کڻي، پر ھن جا نائب، جن مان ھڪ مسلمان ھو ۽ ممڪن آھي تھ ھن ھڪ سربرآورده ھندوءَ جي اثر زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھجي. اھڙيءَ حالت ۾ ھڪ ڪميشن فوجي عملدار کي گمراھھ ڪرڻ ڏکيو نھ آھي.

(1) ذاتي نوڪر.

(2) ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڍل اناج ۾ ڏني ويندي ھئي ۽ اھو ان صرافن ۽ واپارين کي وڪيو ويندو ھو. سيٺ نائونمل جي ڪوٺيءَ جي معرفت جيڪو خزانو جمع ٿيندو ھو، سو ڪراچيءَ جي صدر خزاني ۾ موڪليو ويندو ھو. روڪ پئسا موڪلڻ سلامتيءَ وارو ڪم نھ ھو. اڳتي ھلي معلوم ٿيندو تھ ھن جي دشمنن شڪايت ڪئي تھ ھو انھيءَ خدمت لاءِ زياده اجورو وٺندو ھو. حالانڪ ھن جا شرط تمام واجبي ھئا. روڪ ڍل، سر بارٽل فريئر جي حڪومت جو دؤر ۾ شروع ڪئي ويئي ھئي.

(3) ھڪ ڪرار ياخرار، انگريزن جي ٢٧ بشيلن جي برابر آھي. ان جي تور جنسن مطابق ٢٠ کان ٢٤ مڻن تائين ھوندي آھي. مڻ ۾ ٨٢ پائرنڊ ھوندا آھن.

(1) بگھاڙ، سنڌونديءَ جو ڦاٽ، جو ھاڻي ھڪ شاندار واھھ آھي ۽ آبپاشيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي.

(2) ڏسو مقدمي ۾، ديوان چنديرام جو احوال.

(3) تعلقي مختيارڪار، يعني ضلعي جي ھڪ حصي جو مکيھ روينيو عملدار يا مقامي ماجسٽريٽ ھوندو آھي.

(1) ڏسو مقدمو.

(1) ھاڻي راءُ بھادر سيٺ عالومل ٽيڪداس ڀوڄواڻي، بي، اي (ڏسو مقدمو)

(2) سيٺ نائونمل جو اھو خيال تھ انھن عملدارن کي ھن سان ذاتي عداوت ھئي، سو صحيح نھ آھي. ھنن کي سيٺ جي دشمنن ٻڌايو تھ ھن ڪي گھوٻيون ھنيون آھن. تنھنڪري ھنن پنھنجو فرض سمجھيو تھ ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ کپي.

(1) چئن يارن، ميرن جي چوياري، وڌيڪ ڏسو مقدمو.

(2) ھندستان جي انتظاميھ کان جي واقف آھن، اھي ڏسندا تھ ھن قسم جي رعايت ھميشه لاءِ ڪنھن کي بھ نٿي ڏئي سگھجي. ڪنھن وقت ان کي ضرور بند ڪرڻو پوي ھا، التب مالڪ جي رضامنديءَ ساڻ، معاوضي ڏيڻ بعد. مؤلف

(3) ڪئپٽن اسٽوئرٽ، جيڪو پوءِ شڪارپور جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ھو.

باب نائون

[b] مسٽر پرنگل، سر جارج ڪلارڪ سان ملاقات، ١٨٥١ع ۾ سر بارٽل جي آمد،ھن جو نيڪدلي ۽ مقبوليت، نائونمل جو پگھارن جي بقايا قبول ڪرڻ، عمر ڀر لاءِ جاگير وٺڻ کان انڪار، ھوتچند جو ديھانت، فريئر جو عملو: بئرو ايلبس، گس گولڊ سمڊ، سنڌي الف، بي جو ايجاد (نوٽ) فريئر سان ملاقات، فريئر جو ڪراچيءَ ۽ ٻين شھرن ۾ ميونسپالٽيون قائم ڪرڻ، ڍلن جو مڙھجڻ ھڪڙي ڏيھي عرضدار جو فريئر کي گھوڙي تان ڪيرائڻ ۽ فريئر جي برداشت، غدر جي زماني ۾ فريئر جي روش، عرب فوج ڀرتي ڪري ڏيڻ لاءِ نائونمل جو مشھور غدارن کي ڦاسي.
[/b]

سر چارلس نيپئر جي وڃڻ کان پوءِ، گورنر جو عھدو منسوخ ڪيو ويو ۽ حڪومت جي سربراھھ جو اڳيون عھدو بدلائي ”چيف ڪمشنر“ رکيو ويو. سر چارلس جي رواني ٿي وڃڻ بعد، بمبئي کاتي جي سول سروس جي ملازم، مسٽر پِنگل کي چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ھي صاحب سانتيڪو ۽ شريف طبع ھو. گھڻو نھ ڳالھائيندو ھو ۽ ڪم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھوس. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو تھ ڄڻ ھو سر چارلس جي انتظام جا دکايل الااجھائڻ آيو ھو. انھن ڏينھن ۾ سرجارج ڪلارڪ(1) بمبئيءَ جو گورنر ھو. مون ھن کي پنھنجي باري ۾ ھڪ عريضي موڪلي، جنھن ۾ شروع کان وٺي پنھنجن خدمتن ۽ انھن جي اجوري (جو مونکي مليو ھو) جو تفصيلوار احوال ڏنو ھوم. انھيءَ وچ ۾، مسٽر پرنگل دؤري تي ويو، جتي ھن اھڙي فضيلت ۽ اخلاق ڏيکاريو،جو ماڻھو ھن جي تعريف مان ڍاپن ئي نھ پيا. جڏھن دوري تان موٽيو تھ بمبئيءَ جو گورنر، جناب سر جارج ڪلارڪ، سنڌ ۾ تشرف فرما ٿيو. حضور اعليٰ کي مون سان ملڻ جو خيال ھو، تنھنڪري ھن ڪمشنر ڏي لکيو، جنھن وري ڪسٽمس جي ڪليڪٽر، مسٽر جان مئڪليڊ(2) کي چيو تھ مون کي اطلاع ڪري. مسٽر مئڪليڊ، منھنجيءَ جاءِ تي آيو ۽ آءٌ ھن سان گڏجي مسٽو پرنگل وٽ ويس. ڪمشنر کان تعارفي چٽي وٺي، گورنر جي سيڪريٽريءَ، مسٽر فرينچ سان مليس. ھن حضور اعلي کي اطلاع ڪيو ۽ مون کي ارشاد ٿيو تھ منھنجي حضور سان خلاصي ملاقات ٿيندي. صاحب موصوف مون سان نھايت شفقت سان پيش آيو ۽ منھنجي عزت افزائي ڪيائين، جنھن لاءِ سندس مان شڪر گذار آھيان. اسان فارسيءَ ۾ گفتگو ڪئي، ھو نھايت روانيءَ سان ۽ صحيح لھجي ۾ ڳالھائي سگھيو ٿي. مون ٻيو ڪوبھ اھڙو يورپي ماڻھو نھ ڏٺو آھي، جنھن کي فارسي زبان تي اھڙي دسترس ھجي. مون کي ھن جي ملاقات ۾ ڏاڍو مزو آيو. اسان جي ملاقات اڌ ڪلاڪ ھلي ۽ مان خوش ٿي گھر موٽيس. موڪلائڻ وقت مون حضور اعليٰ کاڻ پڇيو تھ ”منھنجي عريضي توھان کي پھتي آھي؟، جواب ڏنائون تھ ”ھائو“. گورنر صاحب جن ڪراچيءَ ۾ ڏھن پندرھن ڏينھن جي قيام کان پوءِ، واپس بمبئيءَ موٽي ويا.

مسٽر پرنگل ڪل ڏيڍ سال سنڌ ۾ رھيو. انھيءَ عرصي ۾ ھن پنھنجي رحمدل ۽ نيڪ طبع جي ڪري چڱو نالو ڪڍيو. ھو بمبئيءَ جي رستي انگلنڊ ڏانھن روانو ٿي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر فريئر (بعد ۾ سر بارٽل)، سنڌ جو چيف ڪمشنر فامزد ٿيو. منھنجي نظر ۾ اھو خدا جو ھڪ خاص ڪرم ھو، جو ھن پٺتي پيل صوبي جي قسمت جي واڳن سنڀالڻ لاءِ، فريئر جھڙي باڪمال ماڻھوءَ کي منتخب ڪيو ويو. ھن جي خوش اخلاقيءَ ۽ مروت سڀني کي موھي ڇڏيو. ھو عرضدارن جي ھميشه حوصلھ افزائي ڪندو ھو. ھن جو آواز مٺو ۽ راحت بخش ھو. جيڪو بھ ھن سان ملندو ھو، تنھن کان ھو نھايت نرميءَ ۽ ھمدرديءَ سان حال احوال وٺندو ھو. ھندو مسلمان، غريب شاھوڪار، اعليٰ ادنيٰ، سڀ ھن تي فدا ھوندا ھئا ھو گھوڙي تي چڙھي شھر مان لنگھندو ھو تھ ماڻھو خوشيءَ ۾ گد گد پيا ٿيندا ھئا. ھن جي نيڪ ڪارگذارين جي سرھاڻ ٿوري وقت ۾ ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، جتي وڃ اتي سڀڪنھن جي وات ۾ اھا ڳالھھ ھوندي ھئي تھ اھڙو فرشتھ سيرت صاحبلوڪ، ڪنھن ڪونھ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي. اھا سنڌ جي لاءِ ھڪ خدائي رحمت آھي جو سر چارلس جي دکايل ظلم جي باھھ کي وسائن لاءِ فريئر کي سنڌ جي حڪومت ڏني وئي آھي. سنڌ جي سرزمين، ھن صاحب جي نظر ھيٺ ڦلي ڦولي سرسبز ۽ شاداب ٿيندي(1).

سر جارج ڪلارڪ، منھنجي عريضي ڪلڪتي، سرڪار اعليٰ ڏانھن موڪلي ھئي. ھو سنڌ مان موٽڻ بعد، ٻھ مھينا بمبئيءَ ۾ رھي، ولايت روانو ٿي ويو. حڪومت عالي جو جواب سر جارج جي اسھڻ کان پوءِ پھتو. اھو جواب بمبئيءَ سرڪار، ڪمشنر ڏي موڪليو. ڪمشنر وري ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ(2) ڏي لکيو تھ مون کي ان جو اطلاع ڪري. خط ۾ لکيل ھو تھ ”ھند سرڪار ڪرم فرمائي، منھنجين خدمت جي عيوض مون کي ھزار بگا عمر لاءِ جاگير عطا ڪرڻ فرمائي آھي.“ مون انھن شرطن تي جاگير قبول ڪرڻ کان نھايت مؤدبانھ نموني ۾ انڪار ڪيو. ڪئپٽن پريڊي کي، جو سنڌ جي زمينن جي لياقت کان واقف ھو، چيم تھ جي مان فقط عمر لاءِ جاگير قبول ڪندس تھ ماڻھو مون کي حقارت سان ڏسندا، منھنجو جواب ڪمشنر تائين پھچايو ويو، جنھن چيو تھ جي تنھنجي مرضي ھجي تھ مان جاگير جي بدران عمر ڀر پينشن لاءِ سفارش ڪريان. ان باري ۾ ڪئپٽن پريڊيءَ سان منھنجو وڏو بحث ھليو ۽ آخر ھو ان ڳالھھ تي تيار ٿيو تھ ٻھ سؤ رپيا ماھوار پينشن جي سفارش ڪندس. پر ٻن مھينن کان پوءِ مون کي ڪئپٽن پريڊيءَ جي معرفت اطلاع مليو تھ سرڪار مون کي سؤ رپيا ماھوار پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. مون انھيءَ پينشن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيم تھ مون کي پھرين تجويز ٿيل پينشن ڏني وڃي. آخر ڊگھيءَ لکپڙھھ ۽ گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ، سرڪار مون کي سر چارلس جي زماني کان، جڏھن مون کي ناحق معطل ڪيو ھو، پينشن ڏيڻ جي منظوري ڏني، جا مون قبول ڪئي.

آءٌ دستور موافق، ڪابل، قنڌار، بخارا، ھرات ۽ ھندستان جي مختلف علاقن مان خبرون گھرائيندو ھوس. پوءِ ھڪ ھڪ خبر جدا ڪري، ترتيب ڏئي، جدا جدا پنن تي سنڌيءَ ۾ لکي، وقت بوقت ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ کڻي ويندو ھوس. اتي مان خبرون پڙھندو ويندو ھوس ۽ ڪپئٽن پريڊي انھن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو ويندو ھو ۽ پوءِ اھي ڪمشنر وٽ پھچائيندو ھو. مان بھ ڪڏھن ڪڏھن ڪمشنر (سر بارٽل فريئر) سان ملندو ھوس. ھو ھميشه مون کي خوش ڪري روانو ڪندو ھو. ھن جي ملاقات ھميشه منھنجيءَ دل کي آنند ڏيندي ھئي ۽ منھنجو حوصلو وڌائيندي ۽ ھمٿ افزائي ڪندي ھئي. سنبت ١٩٠٥ (٤٩- ١٨٤٨ع) ۾ منھنجو پيءُ، سيٺ ھوتچند ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھن جي ڪرياڪرم تي خانداني رواج مطابق گھڻو خرچ ڪيو ويو.

سنبت ١٩٠٧ (٤٩-١٨٥٠) ۾، منھنجي پوٽي عالمچند جي ماءُ ۽ منھنجي وڏي ننھن ھن جھان کان موڪلائي وئي. اسان جو پراڻو موروثي گھر، جتي منھنجي پيءُ جا ست ئي پٽ گڏ رھندا ھئا، سو اسان جي وڌندڙ ڪٽنب جي ضرورتن لاءِ ڪافي نھ ھو، تنھنڪري مون ان جي ڀرسان پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻارن لاءِ ھڪ نئين جاءِ ٺھرائي. سنبت ١٩٠٩ (١٨٥٣-٥٤ع) جي سانوڻ مھيني ۾، اسان رواجي ساٺن سڳڻن کان پوءِ وڃي نئون گھر وسايو. ٻئي سال، ١٩١٠ (٥٥-١٨٥٤ع) جي آکاڙ مھيني ۾، منھنجن ٻن پٽن، ٽيڪمداس ۽ ٿانورداس جون شاديون ڪيون ويون. شادمانا اٽڪل ڏيڍ مھينو ھليا. مطلب تھ چوڌاري عيش ۽ خوشي ھئي.

ڪمشنر سر بارٽل فريئر، ھر سال سياري ۾ صوبي جو گشت ڪندو ھو. ھن پھرئين ئي دؤري ۾ محسوس ڪيو تھ ملڪ ۽ ماڻھن جي حالت، ڀرواري پٺتي پيل ۽ غير تربيت يافتھ ملڪ، بلوچستان کان ڪنھن بھ صورت ۾ بھتر نھ آھي. ھن ملڪ ۾ ماڻھن کي سڌارڻ پنھنجو ابتدائي فرض سمجھيو ۽ انھيءَ مقصد پوري ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪري ڏنائين. ھن نيڪ ڪم ۾ ھن جي نائبن مسٽر (بعد ۾ سر) بي.ايڇ. ايلس(1) (ھاڻي ھندستان جي گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ميمبر) مسٽر جيمس گبس(2) (بمبئيءَ جي ھاءِ ڪورٽ جو جج گبس)، مسٽر ايم. جي. شا اسٽوئرٽ(3) ۽ بعد ۾ ڪئپٽن (ھاڻي جنرل) سر ايف. جي. گولڊ سمڊ(4) نھايت قابليت ۽ عقلمنديءَ سان ھن جي مدد ڪئي. ھن قابليت جي اخلاق جو اتفاق سنڌ جي اتھاسن ۾ ھڪ خوش نصيب واقعو ھو، جھڙو نھ اڳي ڪڏھن ٿيو ھو ۽ نھ ان کان پوءِ ٿيو. سڀني جو واحد مقصد صوبي جي فلاح ۽ بھبودي ھو. ڪمشنر جو روينيو نائب مسٽر ايلس، ھڪڙو دورانديش ۽ ھوشيار ماڻھو ھو ۽ لاجواب حافظي جو مالڪ ھو. ۽ ھن پھرين لکيل لپي، يعني عربي سنڌي الف بي تيار ڪري سنڌ تي دائمي احسان ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي واپاري طبقي جي ھندن کي ھڪ آئيويٽا ھوندي ھئي، جا تمام ناقص غير مستقل ۽ مخصوص ھئي. انھيءَ ڪري سڀڪنھن محسوس پئي ڪيو تھ اھڙي ڪا لپي تيار ڪجي، جو عام ڪاروبار لاءِ ۽ گھڻي کان گھڻن ماڻھن جي ڪم اچي. اڄوڪي الف بي جا ھاڻي صوبي ۾ عام رائج ٿي وئي آھي، ان کي متعين ڪرڻ ۽ شڪل ڏيڻ جو سھرو ھن جي سر تي آھي. مسٽر ايلس جي مداحن کي معلوم ھجي تھ ھن جي سنڌ جي تعليم ۾ دلچسپي، سنڌ ۾ رھڻ واري عرصي تائين ڪانھ ھئي، پر ھن کي جڏھن سر بارٽل فريئر سان اڳئي موچارو ڪم ڪيو ھو. ١٨٦٩ع ۾ جڏھن ھندو سنڌي يا واڻڪن اکرن کي سنڌ جي اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ ۽ انھن ۾ ترميمن ڪرڻ جو سوال زير بحث ھو، تڏھن بھ ھن ان معاملي ۾ گھڻي دلچسپي ورتي(1) ھئي. مسٽر جيمس گبس بھ پنھنجن دوستن وانگر ھڪ تمام لائق شخص ھو. ھو خوش خلق ۽ سچار ھو ۽ انصاف جي معاملي ۾ سڀڪو ھن جي ساراھھ ۽ واکاڻ ڪندو ھو. مسٽر ايم. جي. شااسٽوئرٽ جو ھڪ خاموش، نيڪ ۽ خوش اخلاق شخص ھو، سو مسٽر ايلس سان گڏ روينيو نائب جي عھدي جا فرائض ادا ڪندو ھو.

ميجر گولڊ سمڊ، عالم فاضل، خوش خلق، قياس وارو ۽ ٻين جھڙو اعليٰ حوصلو رکندڙ ھو. ھو ڪمشنر جي سياسي، تعليمي ۽ جاگير جي محڪمن ۾ وڏي مدد ڪندو ھو. ھن جاگيرن(1)جي کاتي ۾ ڪمشنر جي صلاح سان ڪيترا سڌارا ڪيا. جاگيرن جي کاتي جي تنظيم ھن جي قابليت ۽ تعميل جي گواھھ آھي. ھن انھيءَ کاتي مان ڄن تھ جھنگ صفا ڪري انتظاميھ ۽ عام ماڻھن کي وڏو فائدو رسايو، پر ھن جيڪا تعليم جي پرورش ڪئي، تنھن جي ڪري ھن جي شخصيت جو ٺپو. سنڌ تي ھميشه رھندو. تعليم جو ٻوٽو پھريائين سر بارٽل فريئر لڳايو. سر بارٽل (مسٽر ايلس جي وڃڻ کان پوءِ) ۽ ميجر گولڊ سمڊ ان کي پاڻي ڏئي، ان جي پرورش ڪئي تعليم جو سرشتو ڪمشنر متعين ڪيو تنھن کان پوءِ، صوبي جي مختلف شھرن ۾، ھندستان جي جدا جدا شھرن مان تعليم يافتھ ماڻھن کي گھرائي انھن جي نگرانيءَ ۾ تعليم لاءِ اسڪول کوليا ويا. ڪيترا غريبن جا ٻار انھن اسڪولن ۾ تعليم وٺي وڃي وڏن سرڪاري عھدن تي چڙھيا ۽ پنھنجي حياتي سڦلي ڪيائون. ١٨٥٣ع جي شروع ۾، ڪراچيءَ ۾ ھڪ انگريزي اسڪول کوليو ويو. مون کي چيو ويو تھ تون بھ پنھنجا ٻار اسڪول ۾ موڪل تھ جيئن شھر جا ٻيا ماڻھو بھ توکي ڏسي، پنھنجا ٻار پڙھائين. مون پنھنجي پوٽي عالمچند (عالومل) کي خاندان جي ڏھن ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول ۾ ويھاريو، جنھن کان پوءِ جلدئي اسڪول جي حاضريءَ ۾ وڏو وڌارو ٿيو.

ڪمشنر ھر سال آڪٽوبر ۾، دؤري تي ويندو ھو ۽ جاچ پڙتال ڪري اپريل جي آخر ۾ موٽي ايندو ھو. ھن جون ھمدردانھ نگاھون ھر سال نيون نيون گھرجون محسوس ڪنديون ھيون. ھن جي فراخدل، انھن جي پوري ڪرڻ ۽ عام ماڻھن جي حالت سڌارڻ لاءِ نوان ذريعا سوچيندي ھئي.

سر بارٽل فريئر جي ڏينھن ۾ جي مفيد ڪم سندس حڪم يا مشوري سان شروع ڪيا ويا، سي ڳاڻاٽي کان ٻاھر آھن. ھن مسافرن جي آسائش ۽ واپارين ۽ تاجرن جي سھولت لاءِ جبلن ۽ جھنگلن مان ڪشادا رستا ٺھرايا. شاھي رستن جي منزل منزل تي، ڌرمشالائن ٺھرائڻ جو حڪم ڏنائين تھ جيئن مسافرن کي اونھاري جي گرميءَ ۽ سياري جي سرديءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ اجھو ملي، ۽ اجنبي مسافر ائين سمجھي تھ ڄڻ آءٌ پنھنجي گھر آيو آھيان. رستن جي ٻنھي پاسن کان وڻ رکايائين تھ جيئن ھڪ ويران ملڪ مان سفر خوشگوار رھي ۽ رستن تي فرحت بخش ڇانو ھجي. ملڪ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ باغ رٿيا ويا. ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيترا باغ لڳي ويا. ماڻھن ۾ علم جي روشنيءَ ڦھلائڻ ۽ کين دنيا ۾ جيڪي وھي واپري پيو، تنھن کان واقف رکڻ لاءِ، سر بارٽل فريئر جي مشوري سان ۽ ھن جي سرپرستيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڇاپخانو لڳايو ويو. ملڪ ۾ ڪپھھ پڃڻ ۽ ڳٺڙين ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ڪيا ويا ۽ ڪمشنر جي دلچسپي ڪري واپار وڌڻ لڳو. انھيءَ ڪري بمبئي، ڪلڪتي ۽ آگري مان ڪيترن ھمت وارڻ ماڻھن ڪراچيءَ ۾ اچي، صرافڪيون ۽ واپار جون ڪوٺيون ۽ سرايون کوليون. تجارت جي سھولتن، اندروني واپار، درآمد ۽ برآمد ۾ اضافو ڪيو. دنيا جي مختلف ملڪن جا جھاز ڪراچيءَ جي بندگاھھ تي نظر اچڻ لڳا. زرمبادلھ ۾ تيزي آئي ۽ ماڻھو پنھنجي موڙي آزادي سان ۽ وري وري سيڙائي ٿي سگھيا. ٿوري وقت ۾ اھي ماڻھو، جن وٽ فقط ٻھ ٽي ھزار ريپا ھڙ ۾ ھئا.سي لکن جا مالڪ ٿي ويا ۽ غريب ۽ مفلس ڌنڌن ملڻ ڪري آسودا ٿي پيا. ساڳئي وقت سر بارٽل فريئر ملڪ جي اندروني وسيلن کي بھ ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ناري واھھ(1) جي کاٽيءَ جو ڪم، جنھن ھڪ وسيع ايراضي ۾ خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي نعمت آندي، اھو ھن جي زماني جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي ۽ ھن جي ئي ڏينھن ۾ شروع ڪيو ويو ھو. ٿر جا ماڻھو، جن ڪڏھن پورو پيٽ ڀري بھ نھ کاڌو ھو، سي ڄڻ آسودگيءَ جا خواب لھڻ لڳا.(1)

انھن ڪارنامن ملڪ جو حليو بدلائي ڇڏيو ۽ سربارٽل فريئر جو نالو ڀر وارن ملڪن مارواڙ، ڪڇي ۽ راجپوتانا ۾ مشھور ٿي ويو ۽ ماڻھو ھن جي تعريف جا راڳ ڳائڻ لڳا. ھن ملڪ ۾ ڪيترا سڌارا ڪيا، نيڪ ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ غريبن تي خاص مھربان ھوندو ھو. انھن ڳالھين ڪري ھن کي صوبي جي گھر گھر ۾ ماڻھو سڃاڻندا ھئا. ھن جو نالو سنڌ ۾ ھميشه فخر ۽ پيار سان ياد ڪيو ويندو. سر بارٽل فريئر جي تعريف سنڌين جي فقط زبان نھ ڪندي ھئي، پر ھن جو وار وار ھن جا گڻ ڳائيندو ھو ۽ شڪر جو اظھار ڪندو ھو. سنڌ ۾ اھڙو امن امان ۽ آسودگي ڪڏھن ڪانھ ڏٺي وئي ھئي. ماموئي جي بيتن ۾ ھڪڙي پيشنگوئي ھنن لفظن ۾ ڪيل آھي.(2)

جيڪڏھن انھيءَ پيشنگوئيءَ مطابق سنڌ ڪو خوشحاليءَ جو دؤر ڏٺو ۽ ان باري ۾ خواھھ ۾ ٻين اشارن جي باري ۾، پيشنگوئي صحيح نڪتي، تھ اھا خوشحالي، سنڌ جي ماڻھن کي سر بارٽل جي فريئر جي ڏينھن ۾ ئي نصب ٿي.

مان ھفتي ۾ ٻھ ٽي دفعا ڪمشنر ۽ ھن جي نائبن سان ملڻ ويندو ھوس ۽ سڄي ھفتي جون خبرون سربارٽل فريئر کي ٻڌائيندو ھوس، آءٌ اھي خبرون دستور مطابق اڳواٽ جدا پني تي تفصيلوار لکي ڇڏيندو ھوس ھڪڙي دفعي، اسان پاڻ ۾ ويٺي ڳالھايو تھ چيائين تھ شھر ڏاڍو غليظ ٿي پيو آھي، ھر ھنڌ بدبوءِ پيئي اچي. منھنجو ارادو آھي تھ شھر ۾ صفائيءَ جي انتظام لاءِ ميونسپالٽي کولجي. گجرات ۾ احمدآباد جو شھر بھ ڪنھن زماني ۾ اھڙو ئي غليظ ھوندو ھو، پر پوءِ سرڪار ماڻھن جي مشوري سان ميونسپالٽي قائم ڪئي ۽ گيھھ جي ھڪ ھنڊريٽ ويٽ جي برآمد تي ھڪ آنو ۽ ڇھھ پايون محصول وڌو. ان کان پوءِ، ڪمشنرن جي ڪوششن سان شھر کي وڏو فائدو پھتو آھي ۽ شھر جي اڳوڻي صورت ئي بدلجي وئي آھي جيڪڏھن ڪراچيءَ ۾ بھ ڪو اھڙو انتظام ڪجي ۽ ھڪ ھنڊريٽ ويٽ گيھھ تي ڇھن پئسن جو محصول وجھجي تھ شھر کي گھڻو سڌاري سگھجي ٿو. مون وعدو ڪيو تھ شھر جي ماڻھن سان ملي انھن کي اھا رٿ قبول ڪرائيندس. مون گھر اچي ماڻھو گھرائي ھنن کان ڪمشنر جي تجويز منظور ڪرائي. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ابتدا انھيءَ ريت ٿي. پھرئين ڪاروباري ڪمپنيءَ جا رڪن ڪئپٽن پريڊي روينيو ڪليڪٽر، مسٽر جان مئڪليڊ ڪسٽمس جو سابق ڪليڪٽر ۽ مان ھئاسون. اسان ھر روز صبح جو شھر ۾ وڃي صفائيءَ جو انتظام ڪرائيندا ھئاسين.

مھيني ٻن کان پوءِ مان ڪمشنر سان ملڻ ويس. مون کي ڏسي مرڪي چيائين تھ ”توکي آفرين آھي، جو ماڻھن کي ميونسپالٽيءَ جي محصول لاءِ گيھھ محصول وجھڻ تي راضي ڪيو اٿئي، پر کنڊ تي بھ محصول وجھڻ گھرجي. مون ھنڊريٽ ويٽ تي چئن آنن جو محصول قبول ڪيو ۽ پوءِ شھر جي ماڻھن بھ ان جي منظوري ڏني. ٻھ مھينا گذري ويا ۽ آءٌ وري ھڪ ڏينھن سر بارٽل فريئر وٽ ويس. چيائين ”ان تي محصول وجھڻ کان سواءِ، گيھھ ۽ کنڊ جي محصول مان مقصد حاصل ڪونھ ٿيندو.“ آخر اھا رٿ بھ منظوري ڪئي وئي تھ ان جي کنڊيءَ تي بھ ھڪ پئسو محصول وجھجي. آھستي آھستي ميونسپل جي آمدني وڌندي ويئي. آخر ميونسپالٽي زور وٺندي وئي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون، ۽ پوءِ ميونسپل جو دفتر بھ کوليو ويو. بعد ۾ جڏھن ولائتي سامان جھڙوڪ: شراب، عرق ۽ ٻين شين تي ميونسپل جو محصول منظور ڪيو ويو، تھ ميونسپل جي آمدني بھ سال بسال وڌندي وئي. پھرئين سال ۾ آمدني ڇھھ ھزار رپيا، ٻئي ۾ اٺ ھزار رپيا ۽ ٽئين سال وڃي ستاويھھ ھزار رپيا ٿي ان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ جيڪا غيرآباد سرڪاري زمين پيل ھئي، سر بارٽل فريئر اھا ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪئي ۽ ان جي وڪري(1) مان ڪافي آمدني ٿي جيئن جيئن ميونسپالٽيءَ جي آمدني وڌندي ويئي (ھڪڙي سال وڃي تھ چئن لکن تي پھتي ھئي)، تيئن ميونسپالٽيءَ جو انتظام ۽ اثر بھ وڌندو ويو. اھڙي طرح، ميونسپالٽيءَ جي فرائض ۾ اضافو ٿيندو ويو. رٿائتي نموني رستن جو انتظام، انھن کي پڪو ڪرڻ ۽ شھرين کي پاڻي ڏيڻ جو ڪم، شھر جي صفائي، ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ سلامتيءَ لاءِ پوليس جو بدوبست، مطلب تھ انھن سڀني ڳالھين جو انتظام ڪيو ويو.

ساڳيءَ طرح، سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بھ ميونسپالٽين جا ادارا قائم ڪيا ويا، جن مان ماڻھن کي وڏا فائدا پھتا. اھي شھر جي ريگستان جي ٻوٽن ۽ وڻن وانگر پاڻيءَ کان سواءِ، ڪومائجي ويا ھئا، سي ميونسپالٽين جي پرورش سان وري تازا توانا ۽ سرسبز ٿي ويا(2).

سر بارٽل جو تقرر ۽ صوبي ۾ پير رکڻ، ملڪ لاءِ ھڪ وڏي نعمت ثابت ٿي. ھن جي دؤر ۾ واپار ۽ تجارت زور ورتو ۽ اھي ڪڏھن بھ گھاٽي ۾ نھ ويا. ملڪ جي دولت ۾ اضافو ٿيو ۽ زارعت خواھھ آباديءَ چڱي ترقي ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ھر قوم ۽ مذھب جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا. سر بارٽل فريئر جي حڪومت ۾ زمين جي ماليھ ۾ پڻ اضافو ٿيو.

سر بارٽل فريئر جي خوش اخلاق ۽ تحمل سبب، سڀ ماڻھو سندس تعظيم۽ تڪريم ڪندا ھئا. ھو ھر عرضدار کي، اعليٰ ھجي خواھھ ادنيٰ، پوري غور سان ٻڌندو ھو. جن ماڻھن کي بيوقوفي سبب پنھنجا معاملا يا مسئلا سمجھھ ۾ نھ ايندا ھئا، تن کي ھو پاڻ سمجھائي، انھي ڳالھھ جو قائل ڪندو ھو تھ کيس اھڙين بيجا شڪايتن ڪرڻ جي ڪوبھ سبب ڪونھ آھي. سر بارٽل فريئر سان ٿورو وقت ڳالھائڻ کان پوءِ، ماڻھن جون فرضي شڪايتون دور ٿي وينديون ھيون، مگر قانون يا حڪومت جي دشمنن کي شينھن وانگر بيدردي سان دبائي ھيسايو ويندو ھو.

ھن جي لسان دائودي ھئي، ھو وڏين ذھني قوتن جو مالڪ ھو. ھن جي اخلاق سان گڏ، ھن جي درياھھ دلي ۽ تحمل ڄڻ سوني تي سھاڳو ھئا. مثال تھ گھڻائي آھن پر ھت ھڪ لطيفو قلمبند ڪجي ٿو، جنھن مان ھن جي صبر تحمل جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ٺٽي جي ھڪڙي ماڻھوءَ، اسسٽنت ديواني ڪمشنر، مسٽر گبس وٽ ھڪ دعوا داخل ڪئي ھئي. انصاف جي تقاضا مطابق ھن جي سموري طلب منظور نٿي ٿي سگھي. ھن، جج کي اڻوڻندڙ عرض معروض ڪري اھڙو تھ تنگ ڪيو، جو آخر ھن پنھنجن پٽيوالن کي حڪم ڏنو تھ ھن کي ويجھو اچڻ نھ ڏيو. پر ٽئي دل ڪانھ ھاري. ھن خود سر بارٽل فريئر سان ملڻ جي جرئت ڪئي. ھڪڙي ڏينھن صبح جو ھو سڌو گورنمينٽ ھائوس ۾ ھليو ويو تھ جيئن ڪمشنر گھوڙي تي سير ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري، تيئن وڃي جھليانس. ھو پٽيوالن جي ڊپ کان صحن ۾ بھ نٿي وڃي سگھيو، سو دروازي وٽ پٿرن جي ٿنڀي جي پٺيان لڪي ويٺو، جتان ڪمشنر لنگھڻو ھو. سر بارٽل روز مقرر وقت تي اڪيلو سير لاءِ نڪري ويندو ھو. ھو جڏھن دروازي جي ويجھو آيو تھ ڏٺائين تھ ھڪڙو ماڻھو ڳاڙھيءَ پڳڙيءَ سان اڇي چادر اوڙھيو ٻاھرويٺو آھي. جڏھن اڳتي وڌيو تھ اھو ماڻھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. گھوڙو اچي ڊپ ۾ ٽھيو ۽ سوار ڪري پيو. گورنمينٽ ھائوس جا ماڻھو مالڪ جي ھيءَ حالت ڏسي ڀڄندا آيا. سر بارٽل فريئر جي ھڪڙي ٽنگ کي چڱيون رھڙيون آيون، پر ھن واڳون ھٿن مان نھ ڇڏيون ھيون ۽ ھمت ڪري وري زين تي چڙھي ويٺو. ويچاري ماڻھوءَ جو ان وقت ڇا حال ٿيو ھوندو؟ سو پڙھندڙ خود سمجھي سگھن ٿا. ھن جي منھن جو پنو لھي ويو ۽ دل ڌڙڪڻ لڳس. سر بارٽل ان وقت ڇا ڪيو، جو ھن کي خوف ۾ ڏڪندو ڏسي پاڻ وٽ ڪوٺيائين، ۽ تمام نرميءَ سان چيائينس تھ ”بابا تون چورن وانگر ڇو ھتي لڪي بيٺو آھين؟ ڏس، تو پاڻ کي بھ خفي ۾ وڌو ٿي ۽ منھنجي ڄنگھھ بھ ضربجي پئي.“ ھن جواب ڏنس تھ ”سائين گبس صاحب پٽيوالن کي چئي ڇڏيو آھي تھ مون کي بنگلي جي ويجھو اچڻ نھ ڏين. مان پٽيوالن جي ڊپ کان ھتي لڪو بيٺو آھيان تھ جيئن توھان جي اڳيان شڪايت ڪرڻ جو موقعو ملي.“ سر بارٽل پٽيوالن کي چيو تھ ”ھن کي تڙي نھ ڪڍو، جيڪڏھن مسٽر گبس سان ملڻ چاھي ٿو تھ ھن وٽ وٺي وڃوس. غريب ڊپ جو ماريو، ٻڏو ٻڏو ٿي ويو، پر گورنر جا ھمدرديءَ وارا لفظ ٻڌي پيٽ ۾ ساھھ پيس. ھيءُ معمولي واقعو ڪيتري نھ عظمت ٿو ظاھر ڪري. سنڌين جي دلين تي عظيم ۽ اعليٰ ڪردار وارن ماڻھن جا اھڙا ڪم اثر ڪندا آھن ۽ سنڌي، سر بارٽل فريئر کي محبت ۽ پيار سان ھميشه ياد ڪندا رھندا. سنڌ ۾ عام چوڻي آھي تھ اھڙو صاحب لوڪ نھ آيو ۽ نھ ڪڏھن ايندو.

سنبت ١٩١٣ (٥٧-١٨٥٦ع) ۾، انگريزن لکنؤ(1) تي قبضو ڪيو. بس، پوءِ تھ ڄڻ تھ اشاري جي دير ھئي. ساري ھندستان ۾ خوفناڪ باھھ وچڙي ويئي. لکنؤ جي ماڻھن بلوو ڪيو ۽ بنگال جي پلٽڻ، جنھن جي ھمدردي لکنو وارن سان ھئي، تنھن بھ بغاوت شروع ڪري ڏني. نانا صاحب(2)، جو پاڻ کي مشھور باجيراءِ جي اولاد مان ڪوٺائيندو ھو، سو بھ وڃي غدارن سان شامل ٿيو ۽ ڪانپور جي ڀرسان انگريزن خلاف لڙائيءَ جا سانبھا ڪرڻ لڳو. دھليءَ جو پوڙھو شھنشاھھ، جو ان وقت انگريزن جي رحم و ڪرم تي رھندو ھو ۽ چڱي چوکي پينشن کڻدو ھو. تنھن پنھنجن ھم مذھبي غدار ڀائرن جو ساٿ ڏنو. لکنو کان دھليءَ تائين قتل ۽ غارتگريءَ جو ھڪ دل ڏھڪائيندڙ منظر ھو. ڪانپور جي ڀرسان انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪيترا انگريز، زالن ۽ ٻارن سميت، غدارن جي ھٿ چڙھيا. اھڙي طرح، دھليءَ ۾ بھ ڪيترا انگريز قيد ٿيا. وحشي غدارن، قيدين سان ڪلور ڪري ڇڏيا. غدر ۾ جا رتوڇاڻ ۽ ماڻھن سان عقوبتون ٿيون، تن جي بيان ڪرڻ کان قلم قاصر آھي. مان ھن وقت بھ تصور ٿو ڪريان تھ دل دھلجيو وڃي ٿي. ھندستان ۾ جيڪي وھيو واپريو پئي، تنھن جون ڳالھيون ٻڌي عام ماڻھن خيال ڪيو تھ انگريزن جي حڪومت جو اجھو ٿو خاتمو ٿئي.

انھيءَ ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ۾ سر بارٽل فريئر جيڪو صبر، فڪر، دقيقھ سنجي ۽ حوصلو ڏيکاريو، تنھن جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گھٽ آھي. ھندستان ۾ انگريزن جي طاقت کي جيڪو خطرو ھو، تنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ نھ تڪليف جو خيال ڪيائين نھ خرچ جو. دستور موافق آءٌ سر بارٽل کي خبرون پھچائيندو ايندو ھوس. آءٌ پنھنجن پراڻن خانداني گماشتن جي معرفت جوڌپور، جيپور، جيسلمير، پالي، راجپوتانا ۽ پنجاب جي مختلف شھرن مان خبرون گھرائي، سڌو بنان ڪنھن شرط شروط جي، ڪمشنر جي حوالي ڪندو ھوس. مونکي ڪنھن بھ وقت، رات ھجي يا ڏينھن گورنمنيٽ ھائوس ۾ وڃي، ڪمشنر سان ملڻ جي اجازت ھوندي ھئي. آءٌ ڏسندو ھوس تھ ھو ھميشه لکڻ ۾ مشغول ھوندو ھو. انھيءَ خطري جي زماني ۾ ھو روز دفتر ۾ ڪلاڪ کن وڃي ويھندو ھو. ان وقت جھنڊو مٿان پيو لھرائيندو ۽ ڏيکاريندو ھو تھ صاحب گھر ۾ موجود آھي. پوءِ ھو پنھنجي خانگي ڪمري ۾ وڃي ويھندو ھو ۽ سڄو ڏينھن پنھنجا تاثرات قلمبند ڪرڻ، حڪمن ھدايتن جاري ڪرڻ ۾ صرف ڪندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھو ورلي گھوڙي تي سير ڪرڻ ويندو ھو. ھو اڪثر بنگلي جي مٿان ھڪ ڪمري ۾ وڃي خلوت گزين ٿيندو ھو، جتي ڪن ٿورن ماڻھن کي ھن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ھوندي ھئي. منھنجي لاءِ دربان کي خاص ھدايت ڪئي ھئائين تھ ھو جنھن بھ وقت اچي، ان وقت اندر پھچايوس. مان ھڪڙي ڏينھن ٻين بجي ڏينھن جو ھن وٽ ويٺو ھوس تھ بٽلر ھن جو کاڌو کڻي آيو. سربارٽل فريئر مون تي خاص مھربان ھوندو ھو، ڪجھھ بيحجاب بھ. منھنجي روبرو تڪلف نھ ڪندو ھو. ھن پنھنجو کاڌو فقط اڌ بسڪوٽ مزي سان کاڌو، ۽ ٻھ ٽي قطرا برانڊيءَ جا پيتائين مون کي ڪجھھ تعجب ٿيو تھ جيڪڏھن ھي معمولي کاڌو کائيندو تھ ھيڏو لکپڙھھ جو ڪم ڪيئن ڪري سگھندو؟ مون چيومانس تھ توھان کي جيترو پنھنجو خيال ڪرڻ کپي، اوترو خيال نٿا ڪريو. ھن نھايت بي تڪلفيءَ سان جواب ڏنو تھ مون کي واقعي ئي کاڌو کائڻ نٿو اچي. رات جو بھ ميز تي نالي ڳڻائڻ لاءِ ويھندو آھيان. ان ڏينھن سر بارٽل فريئر جيڪي منھنجي سامھون کاڌو، ان مان مون اندازو لڳايو تھ ھو چوويھن ڪلاڪن ۾ پنجن تولن کان وڌيڪ خوراڪ نٿو کائي. ھن کي فرض ادائيءَ جو ايترو تھ فڪر ۽ اونو ھو ۽ ايترو خطرو ٿي محسوس ڪيائين، جو انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تدبيرون سوچيندي سوچيندي بک تھ ھلي وئي ھيس، پر ننڊ بھ ڦٽل ھوس. رات جو ٻھ ٽي ڪلاڪ جھڙي تھڙي ننڊ ڪندو ھو. مون گھڻيئي انگريز ۽ يورپي ماڻھو اعليٰ صفتن جا مالڪ ڏٺا پر بارٽل فريئر جو تحمل، دورانديشي شناخت ۽ حوصلو، جيڪو ھن انھيءَ ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ڏيکاريو، تنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.

مون کي ڊپ ھو تھ بغاوت سبب، سرڪار جي مسلمان سپاھين تي اعتبار ڪونھ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ ھندستان جي غدر، ھڪ ”جھاد“ جي صورت اختيار ڪئي ھئي، مون ھڪڙي ڏينھن سربارٽل فريئر کي لکيو تھ ”جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تھ مان زنجبار ۽ آفريڪا کان ٻھ چار ھزار ماڻھو وٺي اچان؟ ڇاڪاڻ تھ ھو تعصبي نھ آھن ۽ ساڳئي وقت ھو بھادر، ايماندار ۽ وفادار سپاھي آھن. آءٌ ٽن ھزارن کان چار ھزار ماڻھو، ٻن ٽن مھينن ۾ آڻي سگھان ٿو، بشرطيڪ سرڪار ھڪ آگبوت منھنجي حوالي ڪري، ڇو تھ سڙھن وارا جھاز سفر ۾ گھڻو وقت وٺندا.“ سر بارٽل فريئر منھنجي سرجوشي ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين تھ مان ان باري ۾ بمبئي سرڪار سان لکپڙھھ ڪندس ۽ اتان جواب اچي تھ پوءِ توکي وڌيڪ ھدايت ڏيندس.

انھيءَ وچ ۾ ڪراچيءَ جي ديسي پيادن جي پلٽڻ، جنھن ۾ گھڻا اؤڌ، لکنو ۽ دھليءَ جا رھاڪو ھئا، تن مان اڪثر جوان بغاوت جون رٿون رٿڻ لڳا، پر انگريز سرڪار جو ستارو زور ھو. سر بارٽل فريئر جي احتياط ۽ تدبير کي آفرين آھي. ھن کي غدارن جون رٿون ۽ منصوبا، جيڪي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ٿي رھيا ھئا، ۽ جن کي فقط عمل ۾ آڻڻ جي دير ھئي، معلوم ٿي ويا. اوچتو غدارن تي چڙھائي ڪري ھنن کي پڪڙيو ويو ۽ کين جوڳي سزا ڏني وئي، ڪن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، ڪن کي توبن سان اڏايو ويو ۽ باقي ٻين کي قيد جي سزا ڏني وئي. الله تعاليٰ جو شڪر آھي جو دھليءَ ۽ ھندستان جي ٻين شھرن ۾ غدر جو(1) جلد خاتمو ڪيو ويو. سر بارٽل فريئر جي دھليءَ ۾ موڪليل مدد، فساد جي باھھ وسائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. دھليءَ جي پوڙھي شھنشاھھ کي قيد ڪيو ويو، پر ھن جا پٽ ڀڄي ويا، شرارت جي مکيھ بانين کي جوڳي سزا ڏني ويئي: ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو، ڪن کي توب جي منھن ۾ ڏنو ويو ۽ ڪن کي قيد جي سزا ڏني وئي. ھرھنڌ غدر کي وڏيءَ طاقت سان ڪچليو ويو ۽ وري امن امان قائم ڪيو ويو. سنڌ ۾ مخفي طرح باريڪ جاچ ڪرائي ويئي تھ ڪٿي فساد جو ٻج تھ ڪونھ پوکيو ويو آھي، پر ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان سڀ سک ھو. سر بارٽل فريئر، صوبي جي دفاع لاءِ جيڪو انتطام ڪيو ھو، سو سرڪار وٽ عزت لائق ھو.

***

________________

(1) سرجارج رسيل ڪلارڪ، جي. سي. ايس. آءِ، ڪي. سي. سي. بي (١٨٠٠ کان ١٨٨٧ تائين)، اڻويھھ صديءَ جي ھندستاني منتظمن ۾ سڀني کان زياه ھمٿ وارو ۽ قابل شخص ھو. اپريل ١٨٦٠ کان اپريل ١٨٦٣ تائين، ٻيو دفعو، بمبئيءَ جو گورنر ٿيو ھو.

(2) مسٽر جان مئڪليڊ، جو ڪسٽمس ڪليڪٽر ھو. ڪراچيءَ جو مکيھ رستو، شھر کان صدر تائين، ھن صاحب جا نالي سان سڏبو آھي.

(1) سربارٽل ۽ ھن جي ڪارگذاري جي مدح سرائي، فقط ھڪ مشرقي مبالغو نھ آھي. تحقيق، سر بارٽل فريئر سيٺ نائونمل کي خوب نوازيو. ٽن پيڙھين لاءِ جاگير، پينشن ۽ سي. ايس. آءِ جو امتياز وٺي ڏنائينس. سيٺ کي سر بارٽل فريئر يقينا ھندستان جي قابل ترين ۽ مخير ناظمن مان ھڪ ھو. ان ڳالھھ ۾ ذري ماتر بھ وڌاء ڪونھي، تھ سنڌ ۾ ھو ھردلعزيز ھو. ھو سنڌ ۾ ١٨٥١ع کان ١٨٥٩ع تائين، ڪمشنر ٿي رھيو. ھو سيٺ نائونمل تي مھربان ھو ۽ سر چارلس نيپئر ھن سان تحڪمانھ انداز ۾ پيش ايندو ھو، جنھنڪري ھن کي شڪر گذار ٿيڻ لاءِ خاص سبب ھو. مؤلف

(2) ڪئپٽن ايڇ. ڊبليو. بريڊي، ڪراچيءَ جو پھريون ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ھو. (ڏسو ضميمھ ١ جنھن ۾ ھن نائونمل جي خدمتن جو اعتراف ڪيو آھي.)

(1) سر بئروايلس، ڪي. سي. ايس. آءِ. بعد ۾، ھو ١٨٧٥ع کان ١٨٨٥ع تائين سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا جي ڪائونسل جو ميبر ھو. ھو اڻويھين صديءَ جي بمبئي کاتي جي ملازمن ۾ اول سمجھيو ويندو ھو.

(2) مسٽر جيمس گبس، سي. ايس. آءِ، وائسراءِ ارل آف لٽن جي ڏينھن ۾ گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، پر زمانو بدلجي ويو ھو، انھي اضافي جي باوجود ھن جي ناموس ۾ فرق ڪونھ آيو.

(3) مسٽر ايم. جي. شا اسٽوئرٽ، بمبئيءَ موٽي ويو ۽ ڪليڪٽر ٿيو. ھو سرڪار جو چيف سيڪريٽري بھ ھو، پر جلد نوڪريءَ کان سبڪدوش ٿي ويو.

(4) ميجر جنرل سر فريڊرڪ جان گولڊ سمڊ، ڪي. سي. ايس. آءِ. سي. بي. (١٨١٨ع کان ١٩٠٨ع)، سر بارٽل فريئر جو قابل نائب، ڪيترا سال سنڌ جي سردارن ۽ جاگيردارن جي حقن جي جاچ پڙتال ۽ داخلائن ڪرڻ تي صرف ڪيائين. سنڌ ۾ تعليم جي پايي وجھڻ ۾ پڻ مدد ڪيائين مڪران مان پورپين ٽيليگراف جي تار کڻي وڃڻ لاءِ ڳالھيون ٻولھيون ھلايائين ۽ ١٨٦٥ع ۾ انڊو يورپين ٽيليگراف جو ڊائريڪٽر ٿيو. بعد ۾ ساري ايران ۾ تار لڳائڻ جي ڪم جي نظرداري ڪيائين. افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾ جي سرحدي جھڳڙا ھئا، تن جي نبيري لاءِ چيف ڪمشنر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ھن مصر ۽ ڪانگو رياستن ۾ نمايان خدمت ادا ڪئي. ھو مختلف زبانن جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ نھايت ھر دلعزيز ھو. ھن سر جيمس آئوٽرام جي سوانحعمري لکي ھئي.

(1) اھا ھڪ عجيب حقيقت آھي تھ جيتوڻيڪ سنڌي ھڪ سنسڪرت مان نڪتل پر جدا گانھ ۽ علحدي زبان آھي ۽ ڀروارن ملڪن ڪڇ ۽ مارواڙ جي ٻولين سان مشابھت رکي ٿي، پر تنھن ھوندي بھ انگريزن جي فتح کان اڳ، سنڌي زبان کي لکيل لپي ڪانھ ھوندي ھئي. سنڌ جا ھندو يعني واپاري طبقي جا ماڻھو ھڪ بيڊولي آئيويٽا ڪم آڻيندا ھئا، جا ساڳئي شھر ۾ بھ يڪسان نھ ھوندي ھئي، ۽ جيڪا ٻيا ھندو بھ نھ پڙھي سگھندا ھئا، اھا لپي ڪن اھڙن اکرن سان ملندي ھئي، جي ھندستان ۾ ھندو شاھوڪار ۽ وڏا واپاري اڪثر ھنڊين لکڻ ۽ ليکن چوکن رکڻ جي ڪم آڻيندا ھئا، پر ھن ۾ ڪو لکيل ادب ڪونھ ھو ۽ وڏي ڳالھھ تھ ان جا سترھن مختلف نمونا ھوندا ھئا. سنڌ ۾ مسلمانن جي ڪثرت ھئي، پر ھنن مان ڪي ٿورا تربيت يافتھ ماڻھو لکي سگھندا ھئا ۽ ھو پنھنجي خط و ڪتابت لاءِ ھميشه فارسي ڪم آڻيندا ھئا. سڀ پڙھيل ۽ بيٺل ماڻھو پارسيءَ ۾ ڳالھائيندا ۽ لکندا ھئا. سنڌي زبان، پارسي ۽ عربي لفظن سان جنھنجي پئي آھي، تنھنڪري سر بئروايلس، سربارٽل فريئر جي سايي ۾ عوام ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ ھڪ سنڌي لپي، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي بنياد تي عربي اکرن ۾ تيار ڪئي، جيڪا اڄ سرڪاري دفترن خواھ روز مرھھ جي ٻيءَ لکپڙھھ ۾ مروج آھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ، وڌيڪ سڌارو ڪيو ويو، جيئن مٿي ڄاڻايل آھي. ھندن لاءِ ھڪ اھڙي ھندو سنڌي لپي تيار ڪئي ويئي، جيڪا واپاري طبقي جا سمورا ماڻھو پڙھي سگھن ۽ جا ديوتاگري يا سنسڪرت اکرن مان نڪتل ھئي. ٧٣-١٨٧٢ع ۾، ھندو، سنڌي ڇاپي جي ٽائيپ تيار ڪرائي ويئي، جنھن تان اسڪولي ڪتاب ڇپايا ويا ۽ ڪيترا اسڪول کوليا ويا، جن ۾ اڳي واڻڪي سنڌي سيکاري ويندي ھئي. پر ان جو ڪو خاطر خواھھ نتيجو ڪونھ نڪتو. ھينئر عربي سنڌي لپي عام سيکاري ۽ ڪم آندي ويندي آھي ۽ ھندو سنڌي يا واڻڪي سنڌي تقريبا غائب ٿي وئي آھي. ڪن ٿورن شھرن، جھڙوڪ، شڪارپور ۾ اڃا تائين ھندن جا واڻڪا سنڌي اسڪول آھن. لوڪبورڊن جي سڀني اسڪولن ۾ واڻڪي، سنڌيءَ جا اکر ۽ حرف زوريءَ سيکاريا ويندا آھن، تھ جيئن ننڍا کاتيدار ۽ سنڌي ڪڙمي ڳوٺ جي دڪاندارن جون وھيون ۽ بنديون ڏسي پنھنجو حساب ڪتاب سمجھي سگھن. ١٩١٠ع کان وٺي انھن اکرن ۾ ڪو ڪتاب ڪونھ ڇپيو ويو آھي. ڏسجي ٿو تھ ڪتاب کان سواءِ، عربي، سنڌي پنھنجي لاءِ ھڪ مستقل مقام قائم ڪيو آھي. - مؤلف

(1) جاگيرن جي حقن جي جاچ، وڏن جاگيردارن جي حقن ۽ ھنن جي جاگيرن جون حدون مقرر ڪرڻ ۽ موروثي جاگيرن جا شرط مقرر ڪرڻ، ھڪ تمام پيچيدو معاملو ھو. ان جي بستگي سر بارٽل فريئر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ھو.

(1) اڀرندو نارو، سنڌونديءَ جو پراڻو ڦٽل پيٽ ھو. سربارٽل فريئر ڪرنل جان فائيف، آر. اي، جو سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي جديد طريقي جو باني آھي، ان جي صلاح سان، سر بارٽل فريئر روھڙيءَ جي ڀرسان، سنڌونديءَ مان ھڪ واھھ ڪڍرائي، ناري جي پيٽ سان ڳنڍيو ۽ ان ۾ ايترو تھ پاڻي وھڻ لڳو جو ٿرپارڪر ضلعي جا ريگستاني علائقا بھ آباد ٿيڻ لڳا. جڏھن مؤلف ڪمشنر ھو، تڏھن ناري مان ”ڄامڙي“ نالي ھڪ ٻيو واھھ، کوٽايو ويو ھو. جو حيدرآباد ضلعي جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر واري علاقي کي پاڻي ڏي ٿو. ساري ھندستان ۾ انھن واھن کان وڌيڪ شاندار ۽ ڪامياب واھھ ڪونھ آھن. مؤلف

(1) تعجب جي ڳالھھ آھي تھ سيٺ نائونمل کان سر بارٽل فريئر جو سب کان وڏو ڪارنامو يعني سنڌ ۾ ريل جي شروعات وسري ويو آھي. ١٠٥ ميل ڊگھي ريلوي لائين ڪراچيءَ کان سنڌو نديءَ وٽ ڪوٽڙيءَ تائين تيار ڪرڻي ھئي. ان لاءِ ڪوڏر جو پھريون لپو، سر بارٽل ھنيو ھو. ان جي ڪري سڌو پنجاب سان، ريل جي رستي يا دريائي آگبوٽن وسيلي واپار ترقي ڪرڻ لڳو. سنڌ ۽ ان جي اتر اولھھ سرحد تي ھن وقت ريل جي پٽن جو ڄار وڇايل آھي، منھن ۾ ٻھ عاليشان پليون آھن. انھيءَ جي ابتدا ڪراچي ڪوٽڙي واري پٽي سان ڪئي ويئي ھئي. ان کان سواءِ، فريئر جا ڪراچيءَ جي بندگارھھ کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ورتي ھئي. تنھن جو بھ ذڪر ڪونھ ڪيو اٿس.

(2) ڄام تماچي، سنڌ جو مشھور حاڪم ھو. چون ٿا تھ ١٣٨٠ع ڌاري، ھن وٽ ست مھاڻا آيا، جن چيس تھ ’اسان دعا ڦيڻن سان تنھنجي ملڪ جو ھميشه لاءِ دفاع ڪنداسين.‘ چون ٿا تھ ڄام ستنئي جا سر ڪپرائي ڌڙن کان ڌار ڪرائي ڇڏيا. انکان پوءِ، ھڪ ھڪ سر، ھڪ ھڪ بيت چوندو ويو. انھن بيتن جون مختلف معنائون ڪڍيون ويون آھن. ھت جن بيتن جو حوالو ڏنل آھي، تن جي باري ۾ ڪن ماڻھن جو خيال آھي تھ انھن ۾ ميرن جي شڪست ۽ انگريزن جي فتح ڏانھن اشارو آھي. ان قصي ۽ پيشنگوئي جو توصيلوار احوال آنجھاني، سر رچرڊبرٽن، جي ڪتاب ”سنڌڙي وزيٽر“ ۾ ڏنل آھي.

(1) درحقيقت اھا زمين ١٨٧٤ع ۾، جڏھن سر فلپ ووڊ ھائوس بمبئيءَ جو گورنر ھو، تڏھن ھند سرڪار جي اجازت سان ڏني ويئي ھئي. مؤلف

(2) ڪراچيءَ جي ميونسپالٽي ھاڻي ھندستان جي وڏين ۽ مشھور ميونسپالٽين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ان جي پاڻيءَ جو انتظام ۽ ”شون“ جي طريقي سان گندي پاڻيءَ جو ڍڪيل رستي نيڪال جو سرشتو، قابل ذڪر آھن.

(1) اشارو آھي فيروزي ١٨٥٦ع ۾، اؤڌ تي قبضي ڏانھن.

(2) نانا صاحب، پوني جي آخري پيشوا، باجيراءِ جو پٽ ھو.

(1) غدر کي مغلوب ڪرڻ کان پوءِ، سر جان لارينس ھند سرڪار ڏي لکيو تھ جن عملدارن نمايان خدمتون ڪيون آھن، انھن مان سنڌ جي ڪمشنر، مسٽر ايڇ. بي. اي. فريئر جا احسان ڪڏھن بھ نٿا وساري سگھجن. ھي عملدار شروع کان آخر تائين غدر جي ابتدا کان آخر فتح تائين، پنجاب جي حڪومت جي، اھڙي مدد ڪندو رھيو ڄڻ تھ انھن جو ملازم ھو. ھن جي اڻٿڪ ڪوشش سان بمبئيءَ جي پھرين توبخاني جي پلٽڻ، پوري وقت تي ملتان پھچي وئي. ھن پنجاب جي مدد لاءِ، پھريائين، پھرين بلوچ پلٽڻ ۽ پوءِ، ٻي بلوچ پلٽڻ سنڌ مان موڪلي. چيف ڪمشنر جو خيال آھي تھ ھندستان ۾ ٻيو ڪو اھڙو عملدار نھ آھي، جنھن ايتري محنت ڪري سرڪار تي احسان ڪيو ھجي.

باب ڏھون

[b] فريئر جي سنڌ کان موڪلاڻي- ھند- سرڪار جو نائونمل لاءِ دائمي جاگير ۽ ٽن پيڙھين لاءِ پينشن جي سفارش قبول ڪرڻ- نائونمل جي ڪيلڪٽر جي پسند ڪيل زمين قبول ڪرڻ- عالومل جي شادي، فريئر جو بمبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيڻ- نائونمل کي ڪوٺ- گورنمنٽ ھائوس ۾ تقريب- پورگھاٽ ريلوي جو افتاح- دکن جي تيرٿن جي ياترا- نائونمل کي سي. ايس. آءِ جو خطاب ملڻ- نائونمل جي اعزاز ۾ ڪمشنر جي درٻار، فريئر جي ڪراچيءَ ۾ درٻار ۽ نائونمل کي پنھنجن ھٿن سان سي. ايس. آءِ جي تمغي سان نوازڻ، عالومل کي فريئر جي ھٿان بي. اي جي سند ملڻ- نائونمل جي معلومات جا ذريعا پوين کي نصيحت خاتمو.
[/b]


سنبت ١٩١٤ (٥٨-١٨٥٧ع) ۾، منھنجو ڀاءُ بريتمداس گذاري ويو. ساڳئي سال جي بڊراپک مھيني ۾ مون کي دل ۾ خيال آيو تھ مون پنھنجي جواني ١٨٣١ع کان وٺي اڻٿڪ سرجوشيءِ سان انگريز سرڪار جي ٻيلھپي ۾ گذاري آھي، بيش بھا ۽ اھم خدمتن ادا ڪرڻ جي ڪوشس پئي ڪئي اٿم ۽ منھنجو سمورو وقت سرڪار لاءِ وقف ٿيل ھو، جنھنڪري انھيءَ عرصي ۾ منھنجا ڌنڌا ڌاڙيون رلي ويا ۽ مون اھو سمورو وقت گھران خرچ ڪري، پنھنجي خانگي عملي سان سرڪار جي خدمت ڪئي آھي، مون کي ان مان ڪھڙو فائدو ٿيو آھي؟ انھيءَ تڪليف جو مون کي ڪھڙو عيوضو مليو آھي؟ اھو خيال ڏاڍو دکدائڪ ھو، ۽ منھنجي دل ھڪدم ڀرجي آئي. آءٌ ان وقت سڌو سربارٽل فريئر ڏانھن ويس. ھو سمجھي ويو تھ ھن جي دل تي ڪو بار آھي. صحت جي باري ۾ سوال ڪيائين، چيومانس تھ ”مون سرڪار لاءِ ڇا نھ ڪيو آھي، پاٽنجر، آئوٽرام، ۽ نيپئر جي ڏينھن ۾ مون نھايت مشڪل ۽ صبرآزما خدمتون انجام ڏنيون آھن. مان سمجھان ٿو تھ سرڪار مون کي بلڪل وساري ڇڏيو آھي. آئوٽرام ۽ نيپئر جي ڏينھن ۾ مون جيڪي خدمتون ڪيون ھيون، تن جي عيوض مون کي ڏک ۽ رنج کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ھڙ حاصل ڪونھ ٿيو آھي. شايد منھنجون خدمتون سرڪار جي ڌيان تي ڪونھ آنديون ويون آھن، نھ تھ جيڪر مون تي مھربانيءَ جي نظر ضرور ڪئي وڃي ھا. ائين چوندي، مون ان وقت ٿڌو ساھھ ڀريو. سر بارٽل محسوس ڪيو تھ مون سان ڪافي زيادتي ڪئي وئي آھي. چيومانس تھ ھاڻي پيرسن ٿيو آھيان، ڪجھھ ڪري بھ نٿو سگھان. منھنجي جوانيءَ واري ڄمار سرڪار جي ئي خدمت ۾ گذري آھي، منھنجون اڳوڻيون واپاري ڪوٺيون ۽ وھنوار ٻين جي ھٿن ۾ اچي ويا آھن. ھاڻي مون کي دنيا ۾ وري نئين سر حياتي شروع ڪرڻي پوندي. سر بارٽل منھنجي عرض کي نھايت لطف ۽ ڪرم سان ٻڌو ۽ دلاسو ڏيندي چيائين تھ مون کي تنھنجي سموري خبر آھي، تون مون کي ياد آھين. مون تنھنجي لاءِ ”راءُ بھادر“ جي خطاب ۽ سٺ رپين ماھوار پالڪي(1) لاءِ وظيفي جي سفارش ڪرڻ وارو آھيان. مون ھن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيومانس تھ ”راءُ بھادر“ جو لقب ۽ پالڪيءَ جو معاوضو تھ منھنجي خواب و خيال ۾ بھ نھ ھئا.“

ٿوري وقت کان پوءِ، سر بارٽل فريئر ڪلڪتي ۾، ھند سرڪار جي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو. سنڌ جي ماڻھن کي جڏھن خبر پيئي تھ سندن پيارو حاڪم جلد وڃڻ وارو آھي، تڏھن کين ڏاڍو ڏک ٿيو. جيئن جيئن ھن جي موڪلاڻيءَ جو ڏينھن ويجھو ايندو ويو، تيئن سنڌ جا سڀ وڏا ماڻھو، مير خواھھ ٻيا، ھن جي تعظيم ۽ جدائيءَ تي افسوس جي اظھار ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. ڪراچيءَ جي ماڻھن سر بارٽل فريئر جي شان ۾ اھڙي تھ پرتڪلف ضيافت جو انتظام ڪيو، جو ڪراچيءَ ۾ اھڙو انتظام اڳي ڪڏھن ڪونھ ٿيو ھو. سر بارٽل فريئر کي ھڪ سينگاريل تخت تي ويھاريو ويو ھو، جو خاص ھن موقعي لاءِ تيار ڪرايو ويو ھو. آءٌ تقريب ۾ سڄو وقت ساڻ ھوسانس. ھن جي پيشانيءَ تي صاف لکيو پيو ھو، تھ مڙس اڃا بھ اوج کي رسندو. تقريب اھڙي شاندار ھئي، جو ان جو بيان ڪرڻ مشڪل آھي. انھيءَ ضيافت جي اھميت فقط اھي ئي محسوس ڪري سگھن ٿا، جي ان ۾ شريڪ ٿيا ھئا. ڪراچيءَ جا يورپي مرد ۽ زالون ان موقعي تي وڏي تعداد ۾ حاضر ھئا. اھو موقعو ماڻھن کي ڪڏھن بھ ڪونھ وسرندو.

سر بارٽل فريئر کان پوءِ سنڌ جي حڪومت بمبئيءَ جي سول سرورس جي جي. ڊي. انويرارٽيءَ جي حوالي ڪئي ويئي. ميجر ايف. جي. گولڊ سمڊ، مسٽر جي. ڊي. انويرارٽيءَ جو فرسٽر اسٽنٽ ڪمشنر رھيو. نئون ڪمشنر نرم دل، نھايت شريف طبع ۽ تعريف جي لائق ھو.

ٻن ٽن مھينن کان پوءِ، سنڌ جي ڪمشنر کي، بمبئي سرڪار جي معرفت، ھند سرڪار جو فيصلو پھتو، جنھن ۾ منھنجي لاءِ ٻھ سؤ رپيا ماھوار پينشن(1)، ٽن پيڙھين لاءِ مقرر ڪئي ويئي ھئي. ان کان سواءِ، منھنجي لاءِ انعام طور دائمي جاگير بھ منظور ڪئي ويئي ھئي. مون کي اجازت ڏني ويئي تھ سنڌ ۾ ڪٿي بھ اھڙي زمين پسند ڪريان، جنھن جي سالياني پيدائش ٻارھن سؤ رپين کان مٿي نھ ھجي. انھيءَ اطلاع ملڻ کان پوءِ، سنڌ جي ڪمشنر مون کي گھرائي، سرڪار جي نيڪ ارادي کان واقف ڪيو. مون احوال ٻڌي، خدا جو شڪر ڪيو ۽ انگريز سرڪار جا احسان مڃيم. ڪمشنر مون کي خاص طرح چيو توکي ٽن ضلعن ۾ ڪٿي بھ زمين انتخاب ڪرڻ جو حق آھي.

ان وقت جي ڪليڪٽر، ميجر ڊسٽرولي، مون کي گھرائي ھند سرڪار جي فيصلي جو نقل ھٿ ۾ ڏئي پڇيو تھ ”زمين ڪٿي پسند ڪندين؟“ چيومانس تھ ”مون کي ڪراچي ضلعي جو سيوھڻ تعلقو پسند آھي.“ پوءِ چيائين تھ ”ڪھڙو مڪان کپي؟“ ان بعد پاڻ ئي ڪرم فرمائي صلاح ڏنائين تھ ”جي غيرآباد زمين پسند ڪندين تھ جاگير جي وڌيڪ ايراضي ملنديئھ، جنھن مان اڳتي ھلي خرچ ۽ سڌاري سان، وڌيڪ پيدائش ٿيندءِ.“ مون چيومانس تھ ”مون کي وقت ڏي تھ سيوھڻ تعلقي ۾ وڃي مختلف مڪان روبرو ڏسي، جاگير جي لاءِ زمين پسند ڪريان.“ ڪليڪٽر جي اجازت ملڻ تي مان سيوھڻ وڃي ڳھير سب ڊويزن ۾ ٽي مڪان، ١. سسني، ٢. گمبوٽ ۽ ٣. ڪرو پسند ڪيا. ۽ ٻڌايم تھ انھن مان ڪوبھ مڪان مون کي ڏنو وڃي. پوءِ ڪراچيءَ اچي، ڊسٽروليءَ کي پنھنجي انتخاب کان واقف ڪيم. ھن وراڻيو تھ سرڪار جي اندازي موجب انھن مڪانن ۾ توکي ٿوري ايراضي ملندي، بھتر ٿيندو تھ ڪا غير آباد زمين پسند ڪر. چيومانس تھ مون کي پيٽي کپي ۽ تون مون کي کيتي ٿو مڙھن گھرين، جنھن لاءِ سارو سال محنت ۽ ڪشالو ڪرڻو پوندو ۽ مون کي ھن عمر ۾ گھر کان گھڻو وقت دور رھڻو پوندو.“ ان تي وڏو بحث ھليو. آخر ڪيلڪٽر چيو تھ ”سيوھڻ تعلقي ۾ دري ديرو ديھھ قبول ڪر، جنھن جي سرڪاري رڪارڊ مطابق ١٠٤٥٦ بگا ايراضي آھي.“ پڇيومانس تھ ”ان مان سرڪار کي سال ۾ ڪيتري پيدائش ٿيندي آھي؟“ چيائين تھ ”سرڪار جي پيدائش جو حصو سراسري پنجن يا ڇھن سون رپين کان وڌيڪ نھ ھوندو آھي، پر جيڪڏھن سڌاري تي خرچ ڪبو تھ زمين مان وڌيڪ پيدائش ۽ آمدني ٿيندي.“ مون اھا تجويز قبول ڪانھ ڪئي. اھڙيءَ طرح بحث مباحثي ۾ وقت گذرندو ويو ۽ سڄا سارا چار مھينا گذري ويا. آخر سنڌ جي ڪمشنر، ڪليڪٽر کان پڇيو تھ ھن معاملي ۾ ڪھڙا قدم کنيا ويا آھن؟ ڪليڪٽر، مون کي گھرائي پاڻ سان ڪمشنر وٽ وٺي ويو. ميجر (ھاڻي جنرل گولڊ سمٿ) ملاقات وقت حاضر ھو، جڏھن ڪليڪٽر، ڪمشنر کي چيو تھ ”مون صلاح ڏني اٿمانس تھ ديھھ دري ديرو ۾ جاگير وٺي، پر ھي ان تي راضي نھ آھي،“ مون ڪمشنر کي دري ديري جي باري ۾ پنھنجا اعتراض ٻڌايا. چيومانس تھ ”ان جو وڏو حصو غيرآباد ۽ بنجر آھي، ان کي آباد ڪرڻ تي وڏو خرچ ۽ تڪليف ڪرڻي پوندي. تنھن کان سواءِ ان تر جا زميندار بھ ڦڏئي آھن.“ پر، ڪمشنر زور ڀريو تھ اھا ديھھ قبول ڪر، انھيءَ زمين ۾ خدا برڪت وجھندو ۽ عاليشان درخت پيدا ٿيندا، جن جي ٽارين مان سونا ميوا پيا لٽڪندا. ڪمشنر جي انھيءَ دعا مون تي ڏاڍو اثر ڪيو. چيومانس تھ ”چڱو، جي اوھان جي مرضي آھي تھ مان دري ديري جي ديھھ ئي قبول ڪندس.“ اھڙيءَ ريت دري ديري جي ديھھ مون کي دائمي جاگير ۾ ملي، جنھن جو حدون سيٽلمينٽ ۽ سروري ڊپارٽمينٽ جي رڪارڊ ۾ ڏيکاريل ھيون، اھي حدون ھن طرح آھن. اوڀر طرف سنڌو ندي، ڏکڻ ۾ ڪرمپور جو ڳوٺ، اولھھ ۾ ٽلٽيءَ جو ڳوٺ ۽ اتر ۾ بلاولپور جو ڳوٺ. ان تي ڪمشنر مون کي سند ڏيڻ فرمائي ۽ ڪيلٽر ٻيا ضروري ڪاغذ مھيا ڪري ڏنا.

سند وٺڻ کان پوءِ، آءٌ پنھنجي ننڍي پٽ ٿانورداس کي وٺي دري ديري ويس. مون کي اڳي دري ديرو ڪڏھن ڪونھ ڏٺو ھو. زمين جو معائنو ڪيم تھ ساري غير آباد ۽ جھنگ ئي جھنگ ھئي. زميندار بلڪل نڪما ھئا. ھو فقط ايتري آبادي ڪندا ھئا، جنھن مان سندن ڍورن جو ۽ پنھنجو گذران ٿي سگھندو ھو. مون ھنن جي حوصلھ افزائي ڪئي ۽ کين محنت ۽ ايمانداريءَ سان پورھئي ڪرڻ جي ترغيب ڏنيم. ازان سواءِ، مون کين تقاويون لونگيون ۽ ٻيا انعام وغيره بھ ڏنا. انھيءَ ھمت افزائيءَ ھوندي بھ پھرئين سال ۾ جاگير جي ڪل پيدائش پنج سؤ رپيا ٿي. پھرئين سال آءٌ چار مھينا جاگير تي رھيس ۽ منھنجو خرچ آمدنيءَ کان گھڻو ڪجھھ وڌيڪ ٿي ويو ھو، ڇاڪاڻ تھ عام ماڻھن کان سواءِ، جو ھيءَ ڪاڇي(1) ۽ ٻين ھنڌن جا سردار ۽ معزز ماڻھو مون سان ملڻ ايندا ھئا ۽ ملڪ جي دستور مطابق انھن سڀني جي مھمان نوازي ڪرڻي پوندي ھئي. اپريل ۾ جڏھن گرمي شروع ٿي، تڏھن مان ڪراچيءَ موٽي آيس ۽ ٻئي سال وڏي پٽ ٽيڪمداس کي ساڻ وٺي ويس. وري بھ پنج ڇھھ مھينا جاگير تي رھيس. ۽ ڪل اٺ سؤ رپيا حاصل ٿيم. ان جي مقابلي ۾ گھڻوئي خرچ ٿيو. گرمي شروع ٿي تھ اڳي وانگر ڪراچيءَ موٽي آيس. ان کان سواءِ، پنھنجي پٽ ٿانورداس کي آباديءَ جي نظرداريءَ لاءِ سال ۾ نو مھينا جاگير تي رھائيندو ھوس. زميندار، تقاوي(2) خرچ ڪري ڇڏيندا ھئا ۽ ڪڏھن بھ موٽائڻ جي نھ ڪندا ھئا ۽ ھردفعي اجايا سجايا بھانا ڪندا ھئا. انھن بيوقوفن کي پنھنجي پيٽ جو خيال بھ نھ ھوندو ھو ۽ آباديءَ ڏانھن پورو ڌيان ڪين ڏيندا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ منھنجي پوٽي، عالمچند (عالومل)، بمبئيءَ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ھن کي ميجر گولڊ سمڊ جي صلاح سان، ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ موڪليو ويو. جي ڊي انويرارٽي کي،جنھن سنڌ تي صلح سانت سان حڪومت ڪئي ھئي، بمبئيءَ ۾ گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر ڪيو ويو ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر سيموئل مئنسفيلڊ سنڌ جو ڪمشنر مقرر ٿيو. مسٽر موئر کي مسٽر مئنسفيڊ جو روينيو نائب نامزد ڪيو ويو.

سنبت ١٩١٩ (٦٣-١٨٦٢ع) ۾، عالمچند جي حيدرآباد ۾ شادي ٿيڻي ھئي،تنھنڪري ھن کي سنڌ ڏانھن موٽڻو پيو. ھن کي چار مھينا ترسڻو پيو، جنھن کان پوءِ ھو پڙھڻ لاءِ بمبئيءَ موٽي ويو.

انھن ڏينھن ۾، سر بارٽل فريئر کي بمبئيءَ جو گورنر نامزد ڪيو ويو، جنھنڪري سنڌ جي گھر گھر ۾ خوشي ملھائي وئي. جڏھن مون کي معلوم ٿيو تھ سربارٽل فريئر بمبئيءَ پھتو. آھي، تڏھن مون کيس مبارڪباديءَ جو خط موڪليو ۽ لکيومانس تھ ”اسان جي بمبئيءَ ۾ ڪيترين پيڙھين کان ڪوٺي ھوندي ھئي، پر اسان سان ڪوبھ ڪڏھن اتي ڪونھ ويو ھو. منھنجي ڏاڍي مرضي آھي تھ مان روبرو اچي حصور اعليٰ جا نياز حاصل ڪريان. سر بارٽل فريئر ڪرم فرمائي جواب ڏنو تھ ”بمبئي ڏسڻ جھڙو شھر آھي ۽ توکي ضرور ھتي اچڻ کپي. مان توکي شھر جون سڀ مشھور جايون ڏيکاريندس.“ عالمچند ان وقت بمبئيءَ ڪاليج ۾ پڙھندو ھو. مون ٻين ماڻھن کي بھ پنھنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو. منھنجي رھائش لاءِ ڇيپيواڙي ۾، سؤ رپئي ماھوار مسواڙ تي،ھڪ جدا جاءِ ورتي. مان ڪراچيءَ کان آگبوٽ ۾ روانو ٿيس ۽ سٺ ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، بمبئيءَ پھتس. مون کي بمبئي ڏاڍي وڻي ۽ سر بارٽل فريئر سان پڻ ملي خوش ٿيس. آءٌ بمبئيءَ ۾ سر بارٽل فريئر سان ٻئي ٽئين ڏينھن ملڻ ويندو ھوس، ۽ ھروقت سندس پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر آرٿر (وڏو)، مون کي شفقت سان پيش ايندو ھو، جنھن لاءِ مان ھن جو شڪر گذار آھيان. شھر جي گھڻن وڏن ماڻھن مون کي ملاقات جو شرف بخشيو، جھڙوڪ: سر جمشيد جي جيجيائي بئرونيٽ، واڙيا خاندان جو جڳناٿ شنڪر سيٺ ۽ ڪيترا ٻيا. مان بھ ھنن وٽ ملاقات لاءِ ويس ۽ سندن دوستيءَ جو شرف حاصل ڪيم. سنڌي تھ روز مون سان ملڻ ايندا ھئا. انھن کان سواءِ، پوربندر ۽ مانڊويءَ جي دوستن جا مٽ مائٽ دوست ۽ گماشتا بھ ايندا ھئا.

تنھن کان پوءِ جلدئي ليڊي فريئر کي يورپ وڃڻو ھو ۽ ھن جي خير سان اسھڻ کان اڳ گورنمينٽ ھائوس ۾ الوداعي تقريب ڪئي ويئي. دعوتناما شام جي اٺين يا ساڍي اٺين بجي لاءِ موڪليا ويا. ھن موقعي تي حاضر ٿيڻ لاءِ مون کي حڪم ڪيو ويو. مان حڪم مطابق تقريب ۾ شامل ٿيس. گورنمينٽ ھائوس جي ھڪ خوشنما ۽ روشن ڪمري ۾، ڪيتريون ئي حسين ۾ خوشپوش يورپي زالون ۽ مرد اچي ڪٺا ٿيا ھئا. انھن کان سواءِ ڏھھ ٻارھن ديسي ماڻھو بھ ھئا. سر بارٽل فريئر ۽ ليڊي صاحبھ پاڻ مھمانن جو ڏاڪڻ تي، گول ڪمري جي در وٽ، استقبال ٿي ڪيو. مجلس ڪجھھ ھندستاني رنگ روپ اختيار ڪيو ۽ مون کي اڳين زماني جي ھندستان جي بادشاھن جي يادگيري دل ۾ تري آئي، جي اھڙي قسم جون مجلسون ڪندا ھئا.

انھن ڏينھن ۾ ڪپھھ جا اگھھ چوٽ چڙھي ويا ھئا، بمبئيءَ جي ماڻھن کي وڏا فائدا ٿيا ھئا. شھر دولت سان ٿي ڦاٽو. پوني(1) تائين سڌو الھندي گھاٽن مان، ريل جو رستو ٺاھيو ويو ھو. رستو جبلن جي وچان ھو، جنھنڪري ويھن کان وڌيڪ سرنگھون ھنيون ويون ھيون. اھو منصوبو ان وقت مڪمل ٿي چڪو ھو ۽ ريل آمدرفت لاءِ کلڻي ھئي. انھيءَ سلسلي ۾ بھ ھڪ افتتاحي تقريب جو انتظام ڪيو ويو ھو. اھا تقريب سرنگن جي پاسي. کنڊالا جي ھيٺان لنولائي اسٽيشن وٽ ٿيڻي ھئي. جلسي جي صدارت، جناب گورنر صاحب جن کي ڪرڻي ھئي. مون کي بھ دعوت ھئي. چنانچ مان پنھنجي پوٽي سان گڏجي اوڏانھن ويس. اسان بائڪلا اسٽيشن تان ريل گاڏيءَ ۾ روانا ٿياسين. رستي ۾ ڪيترين سرنگن مان لنگھڻو پيو آفرين آھي. انھن ماڻھن جي ھنر ۽ تحمل کي، جن اھو ڪارنامو رٿي ان کي عملي جامو پھرايو آھي. لنولائي ۾ گھڻائي ماڻھو اچي گڏ ٿيا. ھئا. يورپي خواھھ ديسي ماڻھن لاءِ سٺو انتظام ڪيو ويو ھو. تقريب ختم ٿيڻ کان پوءِ، اسان رات جو ڏھين بجي بمبئيءَ موٽي آياسين.

مئي مھيني ۾ سربارٽل فريئر، قيام لاءَ پوني ويو. ان کان اڳ مان ھن کان ناسڪ جي تيرٿن ڏسڻ جي اجازت ورتي ھئي. آءٌ ناسڪ کان ٽرمبڪ(1) ويس، جتي مھاديو جو مندر آھي. ٽرمبڪ ۾ تلاءَ جي مٿان ھڪ ٽڪري آھي، جنھن مان گوداوري ندي نڪري ٿي. مون خيال ڪيو تھ گوداوريءَ جو منھن ڏسان، تنھنڪري ست سؤ ڏاڪا، جي ھڪ ڌرم آتما ھندوءَ جي خرچ تي ٽڪر ٽاڪي ٺاھيا ويا ھئا، چڙھي، وڃي اھا جاءِ ڏٺم، جتان پاڻي ٽيپو ٽيپو ٿي نڪري ٿو. اتي جبل ۾ ھڪ گانءِ جي صورت اڪريل آھي، جنھن مان پاڻي وھي ٿو. مان ٽرملڪ کان موٽي ناسڪ آيس ۽ اتان پنديرپور جي رستي پوني ويس. پنديرپور بھ انھيءَ طرف جو ھڪ مشھور تيرٿ آھي. مون پوني جو سڄو شھر گھمي ڏٺو ۽ پاروتيءَ(2) جي مندر ۾ پڻ ويس. ڪنھن وقت پونو ھڪ مشھور شھر ھوندو ھو، پر ھن وقت ان جي ڏتڙيل حالت ھئي. سير پور تائين سڌو ريل جو رستو ڪونھ آھي. ريل گاڏيءَ اسان کي ڪورلاسوريءَ ۾ لاٿو، جتان اسان گھوڙا ڪري پنديرپور وياسين. ھن جاءِ تي وتوبا ديوتا جو آستانو آھي جنھن جي ھيٺان چندرڀاڳ ندي وھي ٿي. مان چار ڏينھن پنديرپور ۾ رھي پوني موٽي آيس، جتي معلوم ٿيو تھ گورنر صاحب جن مھابليشور ويا آھن. تنھنڪري صاحب بھادر ڏي خط لکيم تھ چؤماسو جلد شروع ٿيڻ وارو آھي ۽ مون کي ھاڻي سنڌ ڏانھن موٽڻ کپي. پوءِ مان بمبئيءَ موٽي آيس، جتان چئن ڏينھن کان پوءِ، ڪراچيءَ روانو ٿي ويس. موٽ تي سفر تمام اھنجو ھو. سارو وقت طوفان ھو ۽ سمنڊ ڏاڍو تکو ھو، پر خدا جو شڪر آھي، جو مان ٽن ڏينھن کان پوءِ صحيح سلامت ڪراچيءَ پھتس مون کي بمبئيءَ ۾ ڏاڍو مزو آيو. سر بارٽل فريئر صاحب مون تي ڏاڍو مھربان ھو.

سن ١٨٦٦ع ۾، مسٽر مئنسفيلڊ ڪمشنر، موڪل تي بمبئيءَ روانو ٿي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر رابرسٽن عارضي ڪمشنر مقرر ٿيو. ٻن مھينن کان پوءِ، خبر آئي تھ انگلنڊ ۽ ھندستان جي ملڪه، ھندستان جي راجائن ۽ نوابن ۽ حڪومت جي ٻين لائق ماڻھن لاءِ ھڪ نئون اعزاز مقرر ڪيو آھي. انھيءَ اعزاز جو نالو ھو ”موسٽ ايگزالٽيڊ آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا“ (ھندستان جي ستاري جو ممتاز ترين اعزاز) ٻڌڻ ۾ آيو ٿي تھ انھيءَ عزاز لاءِ منھنجو نالو پڻ تجويز ڪيو ويو ھو. مون کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن مون سرڪار نامدار جو شڪرانو ادا ڪيو، جنھن مون کي انھيءَ اعليٰ اعزاز جي لائق سمجھيو ھو. بمبئي سرڪار وٽان، سنڌ جي ڪمشنر وٽ اھڙو اطلاع سرڪاري طور پھچايو ويو ۽ ھن ھڪ درٻار ڪوٺائي، جتي منھنجن ٽيھن سالن جي خدمتن جو اعتراف ڪري، مون کي ملڪه معظمه جي طرفان ھندستان جي ستاري جي اعزاز سان نوازيو ويو(1). اھڙيءَ طرح، ساريءَ سنڌ منھنجو اعزاز ڏسي سرڪار نامدار جي بينظير انصاف کي ساراھيو.

١٨٦٦ع جي آخر ۽ ١٨٦٧ع جي اول ۾، سربارٽل فريئر سند کي پنھنجي تشريف آوريءَ جو شرف بخشيو. جيئن ھن جي ارادي جي خبر پئي، تيئن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مان سڀ معزز ماڻھو، سردار ۽ امير صاحب موصوف کي سندن شان مطابق آجيان ڪرڻ لاءِ اچي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. آءٌ حضور اعليٰ سان گڏجي ڏاڍو خوش ٿيس. جلدئي سر بارٽل فريئر مون کي ”ستاره ھند“ جو اعليٰ ترين تمغو ۽ اعزاز ڏيڻ لاءِ فريئر ھال ۾ دربار ڪوٺائي. فريئرھال کي خاص نموني سان سينگاريو ويو ھو. فريئر جي اچڻ کان اڳ سارو ھال ماڻھن سان پر ٿي ويو ھو. ھن جي پھچڻ جو اطلاع بگل باجن، دھلن دمامن ۽ توين جي سلامي سان ڪيو ويو. گورنر صاحب ھال ۾ پير پاتو تھ حاضرين سڀ اٿي بيٺا. ھن جي ويھڻ کان پو، مون کي تخت وٽ وٺي ويا، جنھن جي ھڪ پاسي کان بمبئي سرڪار جو سيڪريٽري، ايف. ايس چئپمئن، ٻئي پاسي کان ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر، ميجر (ھاڻي ڪرنل) لامبرٽ بيٺا ھئا. گورنر صاحب اٿي بيھي مون ڏانھن خطاطب ٿي انگريزيءَ م تقرير ڪئي. تقرير کان پوءِ مون کي ملڪه جي سند، ڪيمخاب جي ڳوٿريءَ ۾، ۽ اعزازي تمغو ڏيڻ فرمايو. تمغو ھيرن سان جڙيل ستارو آھي، جنھن جي ھيٺان ملڪه جي تصوير ٽنگيل آھي. مان پاڻ کي سرڪار جو ايڏو تھ مشڪور ۽ منون محسوس ڪيو، جو مون کي پنھنجي احساسن کي لفظي تشڪيل ڏيڻ جي طاقت ئي ڪانھ رھي. مون مختصر لفظن ۾، سنڌيءَ ۾ ملڪه صاحبه جي حڪومت جي انصاف جي تعريف ڪئي، ۽ ڄاڻايم تھ ان جي روشنائي، سج وانگر دور دراز ملڪن کي منور ڪري ٿي.

مون ھندستان ۽ يورپ جي جھونين ۽ نين حڪومتن جا اتھاس پڙھيا ۽ ٻڌا آھن. منھنجي خيال ۾ برٽش حڪومت جھڙي مخير، دورانديش حڪومت ڪڏھن ڪانھ قائم ٿي آھي، جا ھر شخص کي سندس خدمتن جو صلو ڏيڻ لاءِ تيار آھي.

ان بعد سر بارٽل فريئر صاحب، ڪراچيءَ کان حيدرآباد روانو ٿيو، جتي پڻ درٻار ڪرڻي ھيس. ٻن ڏينھن کان پوءِ، ھو واپس موٽي ايو، جو کيس بمبئي يونيورسٽيءَ جي سالياني جلسي ۾ سندن ڏيڻ لاءِ صدارت ڪرڻي ھئي. منھنجو پوٽو عالمچند، بي. اي جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو ھو. يونيورسٽيءَ جي امتحان ۾ ھن کي سند ڏني وئي ھئي. اھا سند سربارٽل فريئر صاحب پنھنجن مبارڪ ھٿن سان کيس ڏني ھئي. حقيقت ۾ سربارٽل فريئر ۽ جنرل سر ايف. جي گولڊ سمد ئي ھن جي تعليم جا ذميدار آھن ان کان پوءِ جلد ئي عالمچند سنڌ ۾ موٽي آيو.

١٨٦٧ع جي مئي مھيني ۾، مسٽر مئنسفيلڊ بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ٿيو سر وليم ميريويدر کي مستقل طور ڪمشنر مقرر ڪيو ويو ۽ مسٽر ھيولاڪ ڇھن مھينن کان پوءِ سنڌ ڇڏي ويو.

انھيءَ وچ ۾ سر بارٽل فريئر جي عھدي جو مدو ختم ٿيو ۽ صاحب موصوف ھندستان جي ساحل کي خيرباد چئي، انگلستان روانو ٿي ويو، جتي ھو ڪائونسل آف انڊيا جو ميمبر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ، بمبئيءَ جي حڪومت جون واڳون سر سيموفزجيرلڊ کي ڏنيون ويون. نئون گورنر ١٨٦٧ع جي آخر ۾، سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾، ھڪ درٻار ڪيائين جتي مان بھ حاضر ھوس.

سنبت ١٨٢٥ جي اسو مھيني مطابق ٨ آڪٽوبر ١٨٦٨ع ۾، عالمچند کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو حشمتراءِ رکيو ويو.

سنبت ١٨٢٧ جي مانگھھ مھيني، مطابق جنوري ١٨٧١ع ۾، آءٌ پنھنجي ڀائٽي، آتمارام جي پٽ فتحچند جي شاديءَ تي حيدرآباد ويس. شادي ڏاڍي ڌام ڌوم سان ٿي. اسان مھيني کان پوءِ حيدرآباد موٽي آياسين.

سنبت ١٩٢٧جي چيٽ مھيني برابر مارچ ١٨٧١ع ۾ ٽيڪمداس کي ٻيو پٽ ڄائو، جنھن جو نالو مولچند رکيائين.

ھڪڙي دفعي، منھنجي پوٽي عالمچند، مون کي چيو تھ ”ڏاڏا ڇو نھ پنھنجو ۽ پنھنجي گھراڻي جو ھڪ مختصر احوال لکون. اھا ڪا غير معمولي ڳالھھ نھ آھي. ڪيترن ماڻھن پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجا جيون چرتر لکيا آھن جي مون پڙھيا آھن. پر مان ھن کان پيو نٽائيندو ھوس. آخر مون ھن جي بار بار چوڻ تي، ١٨٧١ع جي اپريل مھيني برابر سنبت ١٩٢٧ جي ويساک مھيني ۾ اھو ڪم شروع ڪيو.

معلوم ھجي تھ ھن ڪتاب ۾ جو ڪجھھ لکيل آھي، ان جو ڪجھھ حصو، مون شريمتي پارپتي ٻائيءَ، زال سيٺ ڀوڄمل، جو منھنجو چوٿينءَ پيڙھيءَ ۾ وڏو ھو، ان کان ٻڌو آھي. آءٌ ننڍپڻ ۾ ھن جي نظر ھيٺ کيڏندو ۽ رانديون ڪندو ھوس ۽ ھوءَ مون کي پنھنجون يادگيريون ٻڌائي، وندرائيندي ھئي. ڪي ڳالھيون مون پنھنجي ڏاڏي لعلمڻداس، کان ٻڌيون ھيون.

ٻارھن سالن جي عمر کان وٺي آءٌ سيٺ لعلمڻداس جي حاضريءَ ۾ رھي، ڪراچيءَ واري ڪارخاني جي دفتر جو ڪم ڪندو ھوس. باقي احوال منھنجي ذاتي علم ۽ آزمودي تي ٻڌل آھي. مون ھرھڪ واقعي جو مختصر، پر سچو ۽ صحيح احوال ڏنو آھي. جيڪڏھن ان ۾ ڪا غلطي ٿي ويئي ھجي تھ خدارا معاف ڪندا. منھنجي عمر ھاڻي ستھٺ سالن کان بھ مٿي ٿي وئي آھي، نظر جھڪي ٿي وئي اٿم ۽ وات ۾ ھڪ بھ ڏند نھ بچيو آھي. جيڪڏھن آءٌ پنھنجي خاندان ۽ ان جي اثر ۽ اقتدار جو تفصيلوار احوال لکان تھ ھن جھڙا ٽي ڪتاب ڀرجي وڃن! پر خراب نظر جي ڪري اکين تي بار پوي ٿو ۽ وڌيڪ لکڻ جي طاقت نٿي ٿئيم. قصو ختم ڪرڻ کان اڳ، مان پوين کي ھڪ نصيحت ڪندس: ”مان پندرھن ورھين جو ھوس، تھ سنسڪرت، گجراتي(1) ۽ گرمکي(2) پڙھڻ سکيس. انوقت کان وٺي مون ڪيترن ڌرمي ۽ سياسي



ڪتابن جو مطالعو ۽ اڀياس پڻ ڪيو آھي. مون کي خاطري آھي تھ انسان جي قسمت ۾ جو ڪجھھ لکيل آھي، سو کيس آخر ملڻو آھي، تنھنڪري ھن کي خدا جي رضا تي راضي رھڻ کپي. ڪنھن کي بھ نھ ڏکوئجي، پوءِ ھو ڀل تھ دشمن ئي ڇو نھ ھجي. ڪنھن جي بھ بدخواھي نھ ڪجي. دنيا فاني آھي ۽ جلد وقت گذري ويندو. ھميشه خدا کي ياد ڪجي ۽ ھن تي ڀروسو رکجي. غريبن تي رحم ڪجي ۽ پنھنجي وس آھر مٿن ديا ڪجي. خراب ماڻھن جي صحبت کان ھميشه ڪنارو ڪجي.“ منھنجي ٻي ھدايت ھيءَ آھي تھ ”انگريز سرڪار، ھڪ مھاساگر يا روشن سورج وانگر آھي، تنھنڪري سڀني انگريزن سان سچا ۽ وفادار رھو. سرڪار جي خدمت ڪرڻ لاءِ ھردم تيار رھو، جڏھن بھ کين ضرورت پوي تھ دل ۽ جان سان مدد ڪريو. دل صاف رکو ۽ سرڪاري پئسي کان پري رھو.“

ھيءُ، پنھنجو ۽ پنھنجي گھراڻي جو مختصر احوال، مون پنھنجي ھٿن سان لکيو آھي. ويساک ١٩٢٧، برابر ١١ تاريخ مئي ١٨٧١ع جي پورو ٿيو.

__________

(1) اڳئين زماني ۾ پالڪيءَ ۽ ڏولي بردارن لاءِ ڪجھھ وظيفو ڏيڻ، ڏيھي رياستن ۾ ھڪ خاص اعزاز جو طريقو ھوندو ھو. بعضي انگريز بھ ان جو استعمال ڪندا ھئا.

(1) انھن رعايتن جي سفارش، فريئر اڪٽوبر ١٨٥٩ع ۾، سنڌ ۾ پنھنجي عھدي کي خيرباد چوڻ کان ٿورا ڏينھن اڳ ڪئي ھئي ۽ بمبئيءَ جي سرڪار ان جي تائيد ڪئي ھئي. فريئر عين ان وقت ڪلڪتي ۾ ھند سرڪار جي ميمبر جي حيثيت ۾ پھتو ۽ لاشڪ پنھنجي دوست جي ان وقت سفارش ڪئي ھوندائين.

ھندستان جي نظر ۾ ڪنھن بھ ”دائمي بخشيش“ جو لفظ سڀ کان زياده قيمتي سمجھيو ويندو آھي، مالي فائدي لاءِ نھ، پر ان لاءِ تھ اھو خادم جي نالي ۽ خدمتن جي يادگيري ھميشه لاءِ قائم رکندو. جھڙيءَ طرح انگلستان ۾ ”ميئر“ جو خطاب عھديدار يادگيري ھميشه لاءِ قائم رکندو آھي. مؤلف

(1) جوھي تعلقو ۽ ڪاڇو، سيوھڻ تعلقي جي اتر اولھھ ۾، وسيع خشڪ ايراضيون آھن.

(2) ٻج ۽ ان وغيره جي خريداريءَ لاءِ روڪ پيشگي، جا فصل لھڻ تي واپس ڪئي ويندي آھي.

(1) پور گھاٽ، ڪونڪن جي ھيٺاھينءَ ايراضيءَ کان وٺي دکن ميداني علاقي تائين، ھڪ انجنيري فن جو ڪمال ڏيکاريل آھي. ريل پنڌرھن ميلن ۾، الھندي گھاٽن جي ڏاکڙن جبلن مٿان ٽپي، ١٨٠٠ فوٽ مٿي چڙھي وڃي ٿي. جي. آءِ. پي ريپوي جي ھيءَ شاخ، بمبئيءَ کي پوني سان ملائي ٿي، جتان حيدرآباد، مدراس ۽ ھندستان جي ٻين شھرن ڏي وڃي سگھي ٿو. مؤلف

(1) ٽرمبرڪ ۽ پنديرپور، بمبئيءَ کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ مشھور ياترائون آھن. ٽرمبڪ، گوداوريءَ جو سرچشمو آھي، جيئن گنگوتردوار گنگانديءَ جا سرچشما آھن. تنھن کان سواءِ، اتي مھاديو جو مندر بھ آھي. پنڏريرپور ۾ وتوبا ديوتا جو بت آھي، جو مرھٽن جي ساري ملڪ ۾ مشھور آھي. ٽرمبڪ جو ميلو ٻارھن سالن ۾ ھڪ دفعو لڳندو آھي. پنديرپور ۾ ھر سال ٽي ميلا لڳندا آھن. مؤلف

(2) پاروتي، پوني جي ٻاھران، پيشوائن جو خاص مندر آھي. آخر واري پيشوا، مندر جي ورانڊي مان ڪرڪريءَ جي لڙائي ڏٺي ھئي. لڙائيءَ کان پوءِ ھن کي تخت تان دستبردار ٿيڻو پيو ھو.

(1) ڏسو ضميمو ١٣.

(1) ڪڇ ۽ ڀر وارن صوبن، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي زبان، جيڪا بمبئيءَ ۽ مغربي ھندستان جي زياده حصي جي واپاري طبقي جي عام زبان آھي.

(2) گرمکي، پنجاب جي زبان آھي. ان جا اکر ديوناگريءَ يا سنسڪرت تان ورتل آھن. سکن جو پاڪ ڪتاب ”گرنٿ“ گرمکي زبان ۾ ليکل آھي.

ضميمون ١

تاريخ ١٤ جنوري ١٨٤٨ع ۾، ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر طرفان لکيل يادداشت، جنھن ۾ سيٺ نائونمل جي خدمتن جو احوال ڏنل آھي.

١٤ جنوري ١٨٤٨ع

ڪراچي

”جيئن تھ مان ڊاڪٽرن جي ھدايت مطابق ڪراچي ڇڏڻ وارو آھيان، تنھنڪري، ڪراچيءَ جي عارضي ڪليڪٽر ڪئپٽن جي. آر اسٽوئرڊ ڪراچيءَ جي سابق سرڪار وٽ، ڌار سيٺ نائونمل جي خدمتن متعلق ھيءَ يادداشت ڇڏيان ٿو ۽ کيس عرص ٿو ڪريان تھ اھا يادداشت، ڪرم فرمائي، ڪمشنر صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪري تھ جيئن ھو صاحب، جناب گورنر صاحب جن کي جڏھن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿين تڏھن کين ھيءَ ڏيکاري:

يادداشت

١. سال ١٨٣٧ع ۾، ھندستاني بھري ٻيڙي جي ملازم، ليفٽيننٽ ڪارليس کي حڪم ڪيو ويو تھ ھو سنڌ ۽ مڪران جي ساحل جي جاچ پڙتال ڪري. ان باري ۾ ۽ خاص ڪري ڪراچيءَ جي بندرگاھھ متعلق رپورٽ ڪري. ھو جڏھن ڪراچيءَ جي ٻاھران لنگرانداز ھو تھ ھن کي نائونمل قيمتي معلومات فراھم ڪري ڏني ۽ ٻين مختلف ڪمن ۾ ھن جي مدد ڪئي ۽ ھن جي جھاز جي ماڻھن کي کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻيون ضروري شيون پھچايون. تنھن کان سواءِ ھن جھاز جي ڪن عملدارن، جيڪي شڪار جي ارادي سان ھيٺ لھي ويا ھئا، تن جون جانيون بچايون. شھر جي نواب، احمد خان ڀرڳڙيءَ کي جڏھن خبر پئي تھ ڪي انگريز عملدار ھن جي ايراضيءَ ۾ لنگھي آيا آھن، تڏھن ھو ڪيترا ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري ھنن جي پٺيان پيو، تھ جيئن کين جھلي ختم ڪري ڇڏي. پر نائونمل ھمت ڪري ھنن کي بچائي ورتو. ھن پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي، نواب کي باز آندو ۽ عملدارن کي جھاز تي موٽي وڃڻ جي اجازت وٺي ڏني.

٢. ساڳئي سال، ڪي بروھي سردار، اسٽننٽ پولٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننت ليچ جون موڪليل ٻھ سؤ رڍون ڪاھي ويا. نائونمل کي جڏھن اھا خبر پئي، تڏھن اھي رڍون ھٿ ڪري بمبئيءَ موڪلي ڏنائين.

٣. ١٨٣٨ع ۾، جڏھن ھند سرڪار، شاھھ شجاع کي سھائتا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سنڌونديءَ مان فوج جي بمبئيءَ واري دستي کي، سنڌ مان لنگھي وڃڻ جو حڪم ڏنو، تڏھن ڪرنل پاٽنجر، (ھاڻي سر ايڇ. پاٽنجر)،نائونمل کي چيو تھ اناج چارو، ٻيو سامان ۽ فوج لاءِ وھٽ گڏ ڪري، ۽ جنھن وقت فوج جھازن مان لھي، تنھن وقت اھي سڀ شيون سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ موڪلي. فوج، نومبر ۽ ڊسمبر ١٨٣٨ع ۾، سر جان ڪين جي سربراھيءَ ۾، وڪر وٽ جھازن مان لٿي ۽ ميجر آئوٽرام بھ ساڳئي وقت ڪراچيءَ پھتو. ھن، نائونمل کي حڪم ڏنو تھ وھٽ ۽ ٻيو سامان وڪر موڪلي ڏئي. نائونمل جي عزيزن، ميجر آئوٽرام جي گرمجوشيءِ سان آجيان ڪئي ۽ نائونمل جو ڀاءُ، سکرامداس کيس گھاري وٺي ويو، جتي ھو نائونمل سان مليو نائونمل، گھاري ۾ انھيءَ لاءِ اچي رھيو ھو تھ جيئن ھو چوپايو مال ۽ ٻيو سامان ميرن جي علمدارن جي دست اندازي کان سواءِ، ڪٺو ڪري سگھي. جڏھن وھٽ ۽ سامان مھيا ٿيا، تڏھن. ميجر آؤٽرام، سکرامداس کي ساڻ وٺي وڪر وڃي، سر جان ڪين سان مليو. ان کان پوءِ، جلد پندرھن سؤ اٺ ڪافي اناج ۽ ٻيو سامان کڻائي اچي اتي پھتو. تنھن کان پوءِ حيدرآباد تائين فوج سان گڏ رھيو ۽ مختلف فوجي دستن کي مفيد معلومات ۽ مدد پھچائيندو رھيو. تنھن کان پوءِ ھو حيدرآباد ۾ رھي پيو. جتي ڪرنل پاٽنجر کي ھن جي خدمتن جي ضرورت ھئي ۽ شڪارپور تائين فوج جي مدد لاءِ پنھنجي ڀاءُ سکرامداس ۽ ڪيترن نوڪرن ۽ گماشتن کي موڪليائين. ھن جي ڀاءُ ۽ گماشتن جيڪي خدمتون ڪيون، سي عالم اشڪار آھن. فوج جي سپه سالار ۽ ڪرنل پاٽنجر بھ انھن جو اعتراف ڪيو آھي. ڪرنل پاٽنجر صاحب چئي ٿو تھ ١٨٣٩ع ۾، بمبئيءَ جي فوج نائونمل ۽ ھن جي عزيزن جي مدد کان سواءِ بنگال جي فوج سان ڏکيو گڏجي ھا. ياد رھي تھ ان وقت، اسان جي ڪاميابيءَ جو سارو دارومدار آمدورفت جي تيزيءَ سان ھو. نائونمل، واقعي ملڪ جي وڏي خدمت ڪئي آھي.

٤. ١٨٣٩ع جي شروع ۾، رزرو برگيڊيئر وئلنٽ ڪراچيءَ ۾ آيو. ان وقت نائونمل پاڻ حيدرآباد ۾ ھو، پر ھن جي ڀائرن، ھن جي حڪم مطابق ھر قسم جي مدد ڪئي. سپاھين کي لاھڻ لاءِ ٻيڙيون، بندر کان ھنن جي سامان کڻي وڃڻ لاءِ گاڏيون، ۽ لھڻ کان پوءِ سپاھين لاءِ کاڌي پيتي جو سامان مھيا ڪري ڏنو. مان ان فوج سان گڏ ھوس ۽ خاطريءَ سان چئي سگھان ٿو تھ نائونمل جي خاندان جي مدد کان سواءِ اسان جي لاءِ ضروري گھربل سامان شايد ئي مھيا ٿي سگھي ھا. ڇاڪاڻ تھ ٻين سڀني ڏيھي ماڻھن يا تھ اسان کان ڪنارو ٿي ڪيو يا ھو اسان کان ڊنا ٿي، يا اسان لاءِ محبت ڪانھ ھين.

٥. ساڳئي سال جي آرھڙ ۾، سيڪنڊ گرينڊيئر رجمنٽ جي ڪئپٽن ھئنڊ کي ڪي ھٿياربند شاھينگ، ڇانوڻيءَ کان ٽن ميلن جي مفاصلي اندر، ڏينھن ڏٺي جو قتل ڪري ويا. قاتلن جي باري ۾ ڪابھ صحيح خبر نھ پئي ملي سگھي. آخر نائونمل تڪليف وٺي، انھن جو پتو ڪڍيو، سفير جي ڌيان تي اھا ڳالھھ آندي وئي، جنھن ميرن کان انھن جي ٻانھن جي گھر ڪئي ۽ آخر ھو سزاياب ٿيا.

٦. اپريل ١٨٣٩ع جي آخر ڌاري نائونمل، ڪرنل پاٽنجر سان گڏجي ڪراچيءَ آيو. ھو صاحب جڏھن بمبئيءَ موٽي ويو، تڏھن نائونمل ڪراچيءَ ۾ رھي پيو، جتي ساڍاھھ ڇھھ مھينا ڇانوڻيءَ جي اختياريءَ وارن جي ھر طرح مدد ڪندو رھيو. ھن جي مدد کان سواءِ، يورپي سپاھين جي رھائس لاءِ بارڪن ٺھرائڻ واسطي مزور ۽ ٻيو سامان نھ ملي سگھي ھا ۽ نڪي رسد جي محڪمي لاءِ سيڌو سامان مھيا ٿي سگھي ھا. ميرن پنھنجي رعيت کي اسان جي ڇانوڻيءَ جي بزار ۾ رھڻ کان منع ڪري ڇڏي ھئي، پر نائونمل انھن جي حڪم جي انحرافي ڪري، صدر بازار ۾ پنھنجا ڪيترا دوڪان کولائي، شھر جي ماڻھن لاءِ ھڪ سٺو مثال قائم ڪيو.

٧. نومبر ١٨٣٩ع ۾، نائونمل وري وڃي ڀڄ ۾ ڪرنل پاٽنجر سان شامل ٿيو ۽ ھو ھن سان فيروري ١٨٤٠ع تائين (جنھن ھن پنھنجي عھدي تان استعيفا ڏني) گڏ رھيو. ان کان پوءِ، ھو ڪرنل پاٽنجر جي جائنشين، ميجر آئوٽرام سان گڏجي حيدرآباد آيو ۽ جيستائين ميجر، اپر سنڌ بدلي ٿي ويو، تيستائين ساڻس گڏ رھيو ۽ ھن جون خدمتون انجام ڏيندو رھيو. ان کان پوءِ، نائونمل کي ڪراچيءَ موٽي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو.

٨. ڪابل ۾ عام قتل واري تشويشناڪ وقت، نائونمل ڪراچيءَ جي اختياريءَ وارن کي کاڌي پيتي جي سامان ۽ وھٽن مھيا ڪري ڏيڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. ھن جي مدد کان سواءِ ھڪ اٺ ڀاڙي تي يا خريد نھ ڪري سگھجي ھا، ۽ نڪي وري اھو ضروري سامان، جنھن جي پھاڙي لڪن ۾ سخت ضرورت ھئي، اوڏانھن جلدائيءَ سان موڪلي سگھجي ھا. حقيقت ۾ ميرن رڳو ظاھري دوستيءَ جو دم پئي ڀريو، ۽ اندران ئي اندارن ھنن جي اھا ڪوشش ھئي تھ ڪوبھ ماڻھو اسان جي ويجھو مدد لاءِ نھ اچي. ظاھر ھو تھ ماڻھو ان وقت ميرن جي دلي ارادي کان بخوبي واقف ھئا. مون کي خاطري آھي تھ نائونمل ۽ ھن جي خاندان کان سواءِ، اسان جو ڏيھي ماڻھن ۾، ڪراچيءَ کان وٺي ڪابل تائين ھڪڙو بھ دوست ڪونھ ھو.

٩. ١٨٤٢ع جي آخر ۾، ميرن کي نائونمل جي اسان سان وفاداريءَ تي اھڙي تھ مٺيان لڳي، جو ھنن کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد مان ڪيترا سوار چاڙھي موڪليا. پر نائب سياسي سفير، ليفٽيننٽ ملنيءَ جي اعتراض وٺڻ سبب ھو ان حڪم جي تعميل نھ ڪري سگھيا. انھيءَ قدم کڻن جو ظاھري سبب اھو ڏنو ويو تھ صدر بازار ۾ دڪانن کولڻ جي باري ۾ جيڪي حڪم جاري ڪيا ويا ھئا، تن جي نائونمل انحرافي ڪئي ھئي.

١٠. فيبروري ١٨٤٢ع ۾، جڏھن سنڌ ۾ لڙائي شروع ٿي، تڏھن نائونمل اسان جي اڻٿڪ مدد ڪئي. ھو، ميرن جي منصوبن جي صحيح خبرچار حاصل ڪندو رھيو. جڏھن ھن کي معلوم ٿيو تھ ميرن، نومڙين، جوکين ۽ ڪرمتين کي حڪم ڪيو آھي تھ ڪراچيءَ تي قبضو ڪري، اسان جي ڇانوڻيءَ ۾ ھراس پيدا ڪن، تڏھن اھا خبر ھڪدم اختياريءَ وارين کي ٻڌايائين. ۽ اھڙيءَ طرح اسان دشمنن جي حرڪتن جي تدارڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. انکان سواءِ، ھن اھڙا قاصد پڻ ھٿ ڪري ڏنا، جي سر چارلس نيپر جي ڇانوڻيءَ تائين ايندا ويند اھئا. ياد رھي تھ ان وقت آمدورفت جا سڀ ذريعا ختم ٿي ويا ھئا. ساڳئي وقت ڪراچيءَ جي آسپاس رھندڙ قومن جي تعداد ۽ مورچن جي صحيح معلومات وقت بوقت حاصل ڪري اسان کي پھچائيندو ٿي رھيو ۽ ڪجھھ اٺ ۽ سونھان بھ مھيا ڪري ڏنائين. جن جي مدد سان ئي اسان مٿن حملو ڪري سندن خاتمو ڪيو. تنھن کان سواءِ، ھن ڇٽن جي سردار اميد عليءَ جي مدد سان اسان جي ڇانوڻيءَ مان جيڪو مال چورائجي ويو ھو، سو سمورو ھٿ ڪري، حقدارن کي موٽائي وٺي ڏنو. حيدرآباد جي لڙائيءَ کان پوءِ، ھن بلوچ سردارن ۽ چڱي مڙسن کي اطمينان ڏيارڻ ۾ بھ اسان جي مدد ڪئي ۽ انھن مان ڪيترن ھن جي چوڻ ۾ اچي جنرل جي سلامي ڪئي. جيڪڏھن ائين نھ ڪري ھا تھ ھو شير محمد سان شريڪ ٿي، سرڪاري اناج ۽ ٻئي سامان جي ڦرلٽ ڪن ھا.

صلح قائم ٿيڻ کان پوءِ نائونمل، ميرن جي زمينداري سرشتي، رواجن ۽ روينيو طريقي جي باري ۾ ڪافي مفيد معلومات مھيا ڪري ڏني، جا مون کي ڪراچي ضلعي جي ڪيترن مسئلن حل ڪرڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي. تنھن کان سواءِ، ھن ميرن جي رھيل بقايات جي پڻ يادداشت پيش ڪئي. ان جو گھڻو حصو وصول ٿي سگھي ھا، پر ان وقت خيال ھو تھ گورنر جنرل ھڪ اعلان جي ذريعي، ڍلن جي بقايائن جي وصوليءَ جي باري ۾ عام معافي ڏني آھي. نائونمل جي اطلاع ڏيڻ تي ڏيڍ لک رپين جو لڪل مال، فوجي عملدارن ھٿ ڪري خزاني ۾ جمع ڪرايو.

١٢. ١٨٤٣ع جي مئي مھيني ۾ نائونمل، ڪراچي ضلعي جو مکيھ ڪاردار(1) مقرر ڪيو ويو: جنھن عھدي تي ھو ١٨٤٧ع تائين رھيو. ان کان پوءِ، ھو منھنجي دفتر جي ٽن منشين سان گڏ ڊسمس ڪيو ويو. ڇھن مھينن کان پوءِ،ھن کي ٽنھي منشين کي سواءِ بچاءَ وٺڻ جي، نوڪريءَ مان موقوف ڪيو ويو. ھنن کي ان وقت اطلاع ڏنو ويو تھ ھو فوجي ڪميشن کي انھي معاملي ۾ اپيل ڪري سگھن ٿا، پر ڇاڪاڻ تھ انھن عدالتن جي سزا بحال ڪرڻ واريءَ اختياريءَ ھنن کي اڳيئي ڏوھي ٺھرايو ھو. ھنن (شايد غلطيءَ وچان) سمجھيو تھ اسان جو مقدمو وري ساڳيءَ عدالت ۾ ھلندو، جنھن پنھنجو رايو اڳيئي ظاھر ڪيو ھو)، تنھنڪري مناسب ڄاتائون تھ انصاف جي تقاضا ڪرڻ لاءِ موزون وقت جو انتظار ڪرڻ گھرجي. نائونمل ۽ منشين جو ھاڻي عرض آھي تھ کين بچاءُ ڏيڻ جو موقعو اھڙيءَ عدالت اڳيان ڏنو وڃي، جيڪا ڪمشنر يا گورنر صاحب مقرر ڪن. جيڪڏھن ھو پنھنجي صفائيءَ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين تھ منھنجي پرزور سفارش آھي تھ نائونمل جي خدمتن جي عيوض، ھن کي ڪا موزون پينشن ڏني وڃي ۽ ٽنھي منشين کي وري نوڪريءَ ۾ رکيو وڃي.

(صيح) ايڇ ڊبليو پريڊي، ڪئپٽن،

ڪليڪٽر ۽ ماجسٽريٽ،

ڪراچي.


٢. ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۾ ماجسٽريٽ ايڇ. ڊبليو پريڊيءَ جي يادداشت مان حوالو، جيڪو ڪراچيءَ ضلعي جي سردارن ۽ نامور ماڻھن جي باري ۾ سال ٥٤-١٨٤٤ع جي پارليامينٽري پيپرس، صفحي ٣٦٢ تي ڏنل آھي.

”نائونمل ھوتچند، واپاري، سابق ڪردار، ھن جا وڏا اصل سيوستان جا ھئا، پر چئن پيڙھين کان ھنن جي رھائش ڪراچيءَ ۾ آھي، جتي ھو ھميشه سنڌ جا وڏا واپاري ڪري ليکيا ويندا آھن. نائونمل ۽ ھن جي خاندان سنڌ سرڪار جون ايتريون ۽ اھڙيون اھم خدمتون ڪيون آھن، جو ڪجھھ سال اڳ سر ايڇ. پاٽنجر، ان وقت جي گورنر جنرل، لارڊ آڪلنڊ کي زوردار لفظن ۾ ھن لاءِ پينشن جي سفارش ڪئي ھئي، پر انتظاميھ جي رد بدل ڪري، پينشن منظور ڪانھ ٿي سگھي.

ضميمو ٢

(ڪرنل پاٽنجر جو سيٺ نائونمل ڏانھن فارسيءَ ۾ لکيل خط جو ترجمو، جنھن ۾ ھن نائونمل کان پئسن جي مدد گھري آھي.)

مقامي خوشحالي سيٺ نائونمل ڏانھن

”توھان کي معلوم ھجي تھ فوج کي پگھار ڏيڻ ۽ ٻئي خرچ لاءِ وڏي رقم گھرجي. تنھنڪري توھان ڪلڪتي، بنارس، فرخ آباد، بمبئي، سورت، ملابار، ڪيئنز يا ٻئي ڪنھن ھنڌ ھنڊين تي پئسن ڏيڻ جو ٻين واپارين سان بندوبست ڪريو اسان کي جلد حقيقت ٻڌايو تھ توھان ڪيتري رقم مھيا ڪري سگھو ٿا؟ تھ اسان ھنڊين موڪلڻ جو اتنظام ڪريون. ھن معاملي ۾ خاص اھتمام جي ضرورت آھي ۽ اسان کي جلد حقيقت کان واقف ڪيو وڃي.“

ھينري پاٽنجر

(ڪرنل پاٽنجر جو خط، ٢٢ آڪٽوبر ١٨٣٨ع جو، جنھن ۾ ھن نائونمل جي نالي ھنڊين ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آھي). سيڪريٽريءَ جو محڪمو

سنڌ جو مقامي سفارتخانو.

حضور، اطلاع ٿو ڏجي تھ مون اڄ ٽي ھنڊيون، نمبر ٩، ١٠ ۽ ١١ ھر ھڪ پندرھن ھزار ڪڇ جي ڪوڙين جون، ڪراچيءَ جو نائونمل ھوتچند جي نالي يا ھن جي حڪم پٽاندر ڪڍيون آھن.

مون اھي ھنڊيون نائونمل ڏي موڪليون آھن. ان لاءِ تھ انھن جي پيش ٿيڻ ۽ ڪجھھ دير ٿئي تھ ھو ڪنھن کي وڪڻي سگھي ٿو، جنھن کي مانڊويءَ پئسن موڪلڻ جي ضرورت ھجي.

مون کي جڏھن انھن جي وڪري جو اطلاع مليو تھ آءٌ انھن رقمن جون رسيدون توھان ڏي موڪليندس، جي توھان منھنجي حساب ۾ داخل ڪري ڇڏيندو.

اوھان جو ھينري پاٽنجر،

سنڌ جو مقامي سفير.

ضميمو ٣

(ڪرنل پاٽنجر جي سرڪار ڏانھن رپورٽ تھ حيدرآباد جي مير نور محمد سيٺ نائونمل کي پروانن ڏيڻ جو وعدو ڪيو آھي، جنھن کي ميرن جي اجازت جي ضرورت ھئي).

٢٥، آڪٽوبر ١٨٣٨ع

سنڌ جو سفارتخانو

ڏانھن-سنڌ جي مقامي سفير طرفان گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ

ھن مھيني جي ٢٠ تاريخ، نور محمد خان نياپو ڪيو تھ مان ڪئپٽن برنس جي معرفت، گورنر جنرل جي موڪليل خط جو جواب ڏيڻ گھران ٿو. آءٌ ڪئپٽن برنس ۽ ليفٽيننٽ ليچ، خواھھ ڪراچيءَ جي واپاريءَ نائونمل کي لکيو ھو تھ ميرن جي اجازت کان سواءِ، توھان جي لاءِ نڪي اٺ ڀاڙي ڪري سگھان ٿو ۽ نھ ھنڊين جي وڪري جي دلالي ڪري سگھان ٿو.

(ھندسرڪار ڏانھن ١٥ ڊسمبر ١٨٣٨ع تي ڪرنل پاٽنجر جي لکيل خط جو حوالو، جنھن ۾ سيٺ نائونمل جي مخالفت ۽ ھن جي پاران ڪرنل پاٽنجر جي صفائي ۽ سيٺ نائونمل جي سون مياڻيءَ کان اٺن گھراڻي ڏيڻ ۾ مدد جو زڪر ڪيل آھي).

١٥ ڊسمبر ١٨٣٨ع

وڪر جي منزل

ڏانھن – سنڌ جي مقامي سفير طرفان گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ

مون گذريل مھيني جي ٢٧ تاريخ واري خط ۾، ميجر جنرل ولشائر ۽ ليفٽيننٽ ايسٽوڪ کي لکيو ھو تھ منھنجي قياس ۾ نور محمد مخفي حڪم ڪڍيا آھن تھ ڪوبھ ڏيھي ماڻھو اسان جي نوڪري نھ ڪري، تنھن جي سورھن آنا ثابتي مون کي ھن مھيني جي ٤ تاريخ ملي آھي. ٺٽي ۾ ھڪڙي جمعدار اسان کي پنجاھھ اٺ ڏيڻا ڪيا ۽ ان لاءِ پيشگي بھ ورتي ھئائين. مگر ھن کي جڏھن خبر پئي تھ انگريزن جا سپاھي آيا آھن، تڏھن ھو ھڪدم گھر ڇڏي ڀڄي ويو. انھيءَ ڏينھن (چوٿين تاريخ) ڪراچي جي سيٺ نائونمل لکيو تھ ”مون ڪافي خرچ ڪري ھزار کن اٺ ڀاڙي ڪيا آھن، پر مالڪ چون ٿا تھ اسان اجازت کان سواءِ وڪر نھ وينداسين. مان ڪراچيءَ جي گورنر سان بھ مليو آھيان. نائونمل جو چوڻ آھي تھ جيستائين حيدرآباد مان حڪم نھ ملندو، تيستائين مان ھڪڙو اٺ بھ توھان کي موڪلي نھ سگھندس.

حضور انور کي ياد ھوندو تھ مان حيدرآباد پھچڻ کان پوءِ نورمحمد خان کان نائونمل جي نالي پروانو ورتو ھو. جنھن ۾ ھن کي نھ فقط اٺن ڀاڙي ڪري ڏيڻ ۽ منھنجن ھنڊين جي وڪڻن جي اجازت ڏني ويئي ھئي، پر ھن کي تاڪيد ڪيو ويو ھو تھ ھو جيڪا بھ اسان جي مدد ڪندو سا خود ميرن جي خدمت سمجھي ويندي. نائونمل سمورو وقت، انھيءَ اختياريءَ ۽ خاطريءَ جي بناءَ تي ڪم ڪندو پئي آيو. جنھن ڪري منھنجي خيال ۾ امير جي اھا روش، ھڪ سراسر ڌوڪيبازي ھئي، جنھن لاءِ نڪو معقول عذر ھو ۽ نھ جواب. تنھنڪري مون ٥ تاريخ، منشين کي موڪليو تھ نور محمد خان وٽ احتجاج ڪن، بلڪ کيس چتاءَ ڪن تھ جيڪڏھن اٺ ھڪدم نھ مھيا ڪري ڏنا ويا تھ مان حضور سر جان ڪين کي صلاح ڏيندس تھ فوج چاڙھي، ڪراچيءَ تي قبضو ڪري.

مان ساڳيءَ ڏينھن (پنجين تاريخ) منجھند ڌاري، حيدرآباد کان روانو ٿيس ۽ ٨ تاريخ رات جو وڃي سپه سالار جي ڇانوڻيءَ ۾ پھتس. ٺٽي جي ھيٺان درياءَ تي سيد تقي شاھھ اچي مون کي پھتو. ھن کي مٿئين دڙڪي جي ڪري تڪڙو تڪڙو اسان وٽ موڪليو ويو ھو. ھن نورمحمد خان جو نياپو آندو تھ اٺن جي باري ۾ مون کان برابر خطا ٿي آھي. ھاڻي جيئن چوندؤ ائين ڪندس. مون ھر طرف ماڻھو موڪليا آھن تھ جيئن ھزارين اٺ آڻي وڪر ۾ ڪٺا ڪن. سيد وڌيڪ چيو


ھو.ھن نائونمل جي معرفت چوائي موڪليو تھ مان رات جو لڪچوريءَ توسان ملاقات ڪريان. پر مون انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تھ اھا ڳالھھ ڳجھي رھي نھ سگھي ھا ۽ ٻيو تھ مان ھن سان ڪو بھ وعدو نٿي ڪري سگھيس ۽ جيڪڏھن مير مٿس ناراض ٿين ھا تھ ان حالت ۾ مان ھن جي ڪابھ مدد نھ ڪري سگھان ھا.

تھ نور محمد خان جو چوڻ آھي تھ ڪراچي جي باري ۾ جو توھان دڙڪو ڏنو آھي سو تو جھڙي وفادار دوست کي نٿو سونھي.

مون جواب ڏنس تھ مان جڏھن اکين سان اٺ ڏسندس، تڏھن اعتبار ايندم، باقي جيڪو ميرن ۽ اسان جي دوستيءَ جو سوال آھي، سو منھنجي دوستي ساڻن اڄ ختم ٿي.

سيد خان چوڻ لڳو تھ ڪراچيءَ جو سيٺ نائونمل ۽ ٺٽي جا اٺن وارا، اسان جي حڪومت جي وچ ۾ شديد غلط فھميءَ جو باعث ٿيا آھن، تنھنڪري انھن کي جھلي سزا ڏيڻ کپي. مون ھڪدم قطع ڪلام ڪندي چيومانس تھ خبردار! جي اھڙي حرڪت ڪئي اٿئي تھ مان حيدرآباد سرڪار سان لاڳاپا توڙي ڇڏيندس. وڌيڪ چيومانس تھ نورمحمد اھڙي روشن اختيار ڪري پنھنجي اعليٰ وزير، وڏي پٽ ۽ مکيھ عملدارن ۽ پنھنجي مھر کي ڪوڙو ثابت ڪيو آھي. تون پنھنجو بار لاھي ٻين جي ڪلھن تي ٿو اڇلين. آءٌ پنھنجي ھڪ ڪارڪن کي سزا ڏئي، توکي پنھنجي ڏوھھ تي ڪکن وجھڻ جي اجازت ڪڏھن ڪانھ ڏيندس.

١٤- ست اٺ سؤ اٺ، اڳ ۾ يا ان جي ويجھو پھچي ويا آھن. خيال آھي تھ ٻئي ھفتي جي اندر ايترا ٻيا اٺ بھ اچي ويندا. (اھي سب سيٺ نائونمل پنھنجي پيءُ جي ڪوٺيءَ جي معرفت، سون مياڻيءَ مان ھٿ ڪري موڪليا ھئا، ان کان سواءِ، ھن چار سؤ اٺ اڳ بھ موڪليا ھئا، جن جو ذڪر اڳي اچي چڪو آھي.

مون کي افسوس سان ظاھر ڪرڻو ٿو پوي تھ اڄڪلھھ ميرپور جي مير شير محمد جي روش، نھايت غير مودبانھ ۽ غير دوستانھ آھي.

مون کي حيدرآباد کان ھن مھيني جي ١٣ تاريخ تائين جيڪي خبرون مليون آھن، انھن مان معلوم ٿئي ٿو تھ صوبدار کان سواءِ ٻيا سڀ مير فوج لاءِ وھٽن ھٿ ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھو سمجھن ٿا تھ ھنن جي جند فوج مان ائين ڇٽندي. ساڳئي وقت ھو اھڙا اپاءَ بھ وٺي رھيا آھن، جن مان ظاھر آھي تھ اسان تي اعتبار ڪونھ اٿن. ھو پنھنجي لشڪر جو ڪافي حصو اڳيئي حيدرآباد م گڏ ڪري چڪا آھن. تنھن کان سواءِ ھنن سڀني بلوچ سردارن، خواھھ ٻين ڏي لکيو آھي تھ پنھنجا مقرر ٿيل فوجي دستار رکن، مبادا انھن جي ڪنھن وقت ضرورت پئي. جوکين جي ڄام انگريز سرڪار جي مدد لاءِ پنھنجي ڀاءُ کي ھت اسان وٽ موڪليو آھي (جوکيا ھن صوبي جي ھڪ قديم قوم آھي، جا ڪراچيءَ جي پسگردائيءَ ۾ رھي ٿي)، پر ھو ڊنو پئي ۽ مون سان کليو کلايو ڳالھائڻ لاءِ تيار نھ


(1) ڍل وصول ڪرڻوارو عملدار.

ضميمو ٤

(ريئر ائڊمرل سر فريڊرڪ ميٽلنڊ، بحري ڪمانڊر ان چيف ڏانھن ڪرنل پاٽنجر جي لکيل خط مان حوالو، جنھن ۾ سيٺ نائونمل جي گھر جي حفاظت لاءِ ھدايت ڪيل آھي.)

٢٨ جنوري، ١٨٣٩ع

جھرڪن جي ڇانوڻي،

انھن حالتن ھيٺ ھڪ فوجي دستو موڪلي، ڪراچيءَ تي قبضو ڪرڻ کپي. مون کي اميد آھي تھ ڪراچي بنا مخالفت جي وٺي سگھبي، جنھن جا سبب مان، ڪرنل وئلئنٽ کي موڪليل ھدايت ۾ اڳيئي ڄاڻايل آھن. مگر جي مخالفت ٿي تھ ان کي ھرحالت ۾ ڪچلڻ کپي.

مان توھان جو ڌيان خاص طور جنھن نڪتي ڏانھن ڇڪائڻ گھران ٿو، سو ھي آھي تھ ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل جي گھر، ٻارن ۽ ملڪيت جي ھر حالت ۾ حفاظت ڪرڻ کپي. ھي ماڻھو، ھن وقت فوج سان آھي ۽ ھن اسان جي نھايت سرجوشيءِ سان اڻٿڪ مدد ڪئي آھي. مان پرزور لفظن ۾ استدعا ڪندس تھ ھن جي اھڙي حفاظت ڪرڻ گھرجي، جھڙي ھندستان جي گورنر جنرل جي.

اوھان جو ايڇ. پاٽنجر

ضميمو ٥

(سنڌ جي مقامي سفير کان گورنر جنرل جي پرائيويٽ سيڪريٽري جي آر ڪالون ڏانھن.)

٤ فيبروري ١٨٣٩ع.

ڇانوڻي، حيدرآباد جي سامھون.

مٿين سٽ (حيدرآباد جي سامھون) لکندي، مون کي ھڪ خوش خبري ملي آھي، جا ھيءَ تھ جڏھن بحري آرماڙ ڪراچيءَ جي ويجھو آيو تھ قلعي مان ”ويلسي جھاز“ تي ھڪ ٻھ گولا اڇلايا ويا. اميرالبحر توبزني ڪري قلعي جون ديواريون ڀڃي ڇڏيون. ھيءَ خبر نائونمل جي ماڻھن تيز اٺن تي آندي آھي، اميد صحيح ھوندي. ان مان ھنن ماڻھن کي سبق سکڻ کپي، تھ آئيندي انگريزن جي جھنڊي جو احترام ڪرڻ ضروري آھي.

(٢ ڪراچيءَ ۾ فوج لاھڻ، جي باري ۾ قلعي ۽ شھر جي حالت متعلق برگيڊيئر وئلئنٽ، سنڌ رزرو فورس جي ڪمانڊر جي رپورٽ.)

ڪراچيءَ جي ڀرسان ڇانوڻي.

حضور انور،

منھنجي ٽين تاريخ واري خط جي سلسلي ۾ ڪمانڊر ان چيف جي اطلاع لاءِ عرض ڪجي ٿو تھ ٤٠ نمبر فوج، ڪالھھ ھت، ٢ نمبر گولا اندازي فوج سان شامل ٿي، سواءِ چالھين سپاھين جي، جيڪي اڄ سائرن جھاز مان لاٿا ويا آھن.

مون ڪراچيءَ جي شھر ۽ قلعي جو غور سان معائنو ڪيو آھي. قلعو ظاھري مضبوط ھو. چوڌاري ڏسڻ لاءِ سڀني پاسن کان برج ٺھيل ھئس. ھرھڪ برج ۾ ھڪ يا ٻھ مختلف مقدار جون توبون رکيل ھيون. ڏسڻ ۾ ٿو اچي تھ اھي اتي سالن کان پيل آھن. ديواريون مٽيءَ جون ٺھيل آھن، برجن ۾ ڪجھھ ڪاٺ ڪم آندل آھي. ديواريون اٽڪل سورھن فوٽ اوچيون ٿينديون ۽ ھٿرادو بند تي ٺھيل آھن. قلعي جون ديواريون، بند کان ڏھھ فوٽ مٿي آھن. برج ۽ ديواريون اڪثر زبون حالت ۾ آھن. ديوارين ۾ ڪيترا خال آھن، جن مان ماڻھو ايندا ويندا آھن. ڪوٽ کي ٻھ شاھي درواز آھن، جن جي مٿان برج آھن. برجن ۾ بلوچ پھريدار رھندا آھن، مون ھرھڪ دروازي تي فقط ھڪ غير ڪميشن يافتھ يورپي عملدار ۽ ھڪ سپاھي رکيا آھن ۽ جيئن سپاھي اجازت کان سواءِ قلعي ۽ شھر ۾ اندر نھ وڃن. ان کان سواءِ ٿورا غير ڪميشن يافتھ عملدار ۽ سپاھي شھر ۾ گشت ڪرڻ لاءِ رکيا اٿم، تھ جيئن اسان جا ماڻھو ڪا بيقاعدگي نھ ڪن.

قلعي ۾ بندر جي منھن وٽ، ھن وقت مٺو پاڻي ڪونھ آھي. پاڻي ڪراچيءَ کان يا جھازن مان گھرائيندا آھيون.

ھتي گھڻائي مٺي پاڻيءَ جا کوھھ آھن، جن جو پاڻي ھر ڪنھن ڪم ۾ آڻي سگھجي ٿو. اڪثر کوھھ، باغن ۾ آھن پاڻي، زمين جي سطح کان ڏھھ ٻارھن فوت ھيٺ ملندو آھي. پاڻيءَ جي سھولت ڏسي اسان کي البت تعجب ٿيو، جو اسان کي ٻڌايو ويو ھو تھ ڪراچيءَ ۾ کارو پاڻي ھوندو آھي. بندر تمام سٺو آھي. جھاز ڪنھن بھ موسم ۾ سلامتيءَ سان اچي وڃي سگھن ٿا. منھنجو ناقص خيال آھي تھ اھڙو بندر تيستائين اسان جي قبضي ۾ رھڻ کپي، جيستائين اسان جي فوج سنڌ ۾ آھي.

(٣، ڪراچيءَ جي قبضي ڏيڻ لاءِ عھدنامو.)

٧ فيبروري ١٨٣٩ع.

شرط پھريون: ڪراچيءَ جي قلعي ۽ شھر جو قبضو مذڪور گورنر اڄ انگريزن جي فوج جي حوالي ڪندو.

شرط ٻيو: انگريزن جي بري فوج ۽ ان جي برگيڊيئر (وئلئنٽ) کي ھينئر يا جڏھن ھو مناسب سمجھي، شھر جي ويجھو منزل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ ڏيھي حڪومت گھربل ٻيڙين، اٺن ۽ ٻين وھٽن جو رواجي ڀاڙي تي انتظام ڪري ڏيندي. تنھن کان سواءِ فوج لاءِ کاڌي پيتي جو ۽ ٻيو سامان، جيئن جيئن ضرورت پوندي تيئن مناسب اگھن تي مھيا ڪري ڏيندي.

انھن شرطن جي بجاآوريءَ تي، مذڪور انگريز عملدار مانواريءَ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پاران وعدو ٿا ڪن تھ قلعي ۽ شھر جي رھواسين جي مال ۽ جان کي ھٿ نھ لاتو ويندو. ھو پنھنجو وھنوار، اڳي وانگر آزاديءَ سان ڪري سگھندا. ھنن جي واپاري جھازن کي دستور مطابق بندر تي اچڻ ۽ سواءِ ڪنھن روڪ ٿام جي واپار ڪرڻ جي اجازت ھوندي ۽ شھر جي مڪاني حڪومت جو انتطام، شھر جي اختياريءَ وارا ڪندا.

(صحيح فريڊرڪ، ليوئنس، ميٽلنڊ ۽ ٻيا.

ضميمو ٦

سنڌ جي مقامي سفير وتان گورنر جنرل جي سيڪريٽريءَ ڏانھن.

١٨. فيبروري ١٨٣٩ع

سنڌ جو مقامي سفارتخانو

ھن وقت حيدرآباد ۾ ھڪ دکدائڪ حادثو ٿيو آھي. مناسب آھي تھ ان جو احوال حضور جن اڳيان پيش ڪجي. اسان گھڻي ڪوشش ڪئي ھئي تھ ڇانوڻيءَ ۾ ڪو ڏيھي ماڻھو يورپي سپاھين کي شراب وڪرو نھ ڪري پر ھڪ بلوچ لڪچوريءَ شراب وڪڻندي پڪڙيو ويو. ھن کي منھنجي تنبوءَ ۾ وٺي آيا. ان وقت اتفاق سان ٺٽي جو منشي مون وٽ ويٺو ھو. ھن کيس سمجھايو تھ توکي سزا لاءِ نواب احمد خان ڏي موڪليو ويندو، جو تو ھڪ اھم قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي.

مون حڪم ڏنو تھ جيستائين ھن کي احمد خان وٽ موڪلڻ جي فرصت ملي، تيستائين ھن کي حوالات ۾ رکيو وڃي. رستي تي ھن ترار ڪڍي ملڪ معظم جي ١٧ پيادل فوج جي ھڪ ڪارپول تي قاتلانھ حملو ڪيو. پر ھن پنھنجي بندوق سان وار ٽاري ورتو. ٻروچ جان بچائي دانھون ڪندو، تلوار ڦيرائيندو، ڇانوڻيءَ جي تنبن جي وچان وٺي ڀڳو. ١٧ ديسي پيادل فوج جي ھڪ سپاھيءَ ان وقت سپھھ سالار جي تحسين جوڳيءَ ڦڙتائيءَ سان بندوق ڀري، ھن کي ھڪ ئي ڌڪ سان اتي جو اتي ڪيرائي ڇڏيو.

ھن جو لاش ھڪدم اتان کڻايو ويو. شام جو مون نواب کي چوائي موڪليو تھ سرجان ڪين ۽ مون کي ھن حادثي لاءِ نھايت ئي افسوس آھي. مگر ٻروچ ھن اھم انجام لاءِ پاڻ ئي جوابدار آھي. تنھن ھوندي بھ مان ھن جي ٻارن کي لٽو ڪپڙو يا ڪا رقم، جيڪا نواب مناسب سمجھي، ڏيڻ لاءِ تيار آھيان. نواب ۽ ھن جا تمام ساٿي وڏيون ڳالھيون ڪرڻ لڳا. چون تھ اسان جو ٻروچ ناحق ماريو ويو آھي، جيڪڏھن ھن ڪا خطا ڪئي ھئي تھ کيس جيئرو گرفتار ڪريو ھا. (جيئرو تڏھن گرفتار ٿي سگھي ھا، جڏھن ڪو سپاھي جان جوکي ۾ وجھي ھن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ھا.) وڌيڪ چيائيون تھ اھڙن حادثن لاءِ نور محمد خان کان اسان ڪيترا دفعا معافي ورتي آھي. ھاڻي ھن ڳالھھ کي ختم ڪرڻ لاءِ چڱو ائين ٿيندو تھ تون پاڻ فوتيءَ جي عزيزن کي ڪپڙا پھچائي ڏي.

٢٣ تاريخ فوج ٺٽي طرف رواني ٿي ۽ ٢٥ تاريخ جھرڪن پھتي. آثار ڏيکارين ٿا تھ ڪشمڪش جلد شروع ٿيڻ واري آھي. اسان جي قاصدن کي ھرھنڌ روڪيو ويو آھي. پندرھن ويھھ ھزار سنڌي فوج، حيدرآباد ۾ ڪٺي ڪئي وئي آھي. سفارتخاني جي عملدارن کي پنھنجي جڳھھ ڇڏڻي پئي آھي. ديسي گماشتي تي پھرو آھي. اسان جي فوج لاءِ اناج ۽ گاھھ ات ڪٺو ڪيو ويو ھو، سو ٻروچن ڦري ناس ڪري ڇڏيو آھي. ڏيھي گماشتي خفيھ نياپو موڪليو آھي تھ ٻروچ مقابلي لاءِ بيتاب آھن.

ضميمو ٧

(ڪرنل آئوٽرام جو، سيٺ نائونمل کي موڪلڻ مير شير محمد وٽ سفارت ۽ ھن جي ڪاميابيءَ جي باري ۾، سرڪار کي رپورٽ.)

٨ ڊسمبر، ١٨٤٠ع
حيدرآباد

ٻن ھفتن کان پوءِ، جڏھن مون ڏٺو تھ منھنجي خطن تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي، تڏھن، مون سوارن جي ھڪ دستي کي (جو ان وقت سنڌ مان لنگھيو ٿي) حڪم ڏنو تھ ميرپور جي ويجھو منزل ڪري، ظاھر ڪن تھ اسان گجرات جي فوج جي انتظار ۾ ترسيل آھيون. مون کي سنئين سڌي دڙڪي ڏيڻ جو ارادو ڪونھ ھو. ڇاڪاڻ تھ انديشو ھو تھ سردار ڪا اھڙي حماقت نھ ڪري، جھڙي گذريل سال حيدرآباد جي ميرن ڪئي ھئي. مون کي خاطري ھئي تھ وڌيڪ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت نھ آھي. ساڳئي ڏينھن مون سيٺ نائونمل کي موڪليو ۽ ظاھري سبب اھو ڏيکاريو تھ فوج کي سامان مھيا ڪري ڏيندو. گڏوگڏ ھن کي اھا بھ ھدايت ڪئي وئي تھ سردار کي سمجھائي تھ ڪا نامناسب حرڪت نھ ڪري. ھو جيڪڏھن پڇي تھ فوج ڇو اتي منزل انداز ٿي آھي؟ تھ جواب ڏئيس تھ مون کي خبر نھ آھي تھ گجرات جي فوج ڪھڙي مقصد سان ترسائي وئي آھي. شايد پلٽڻ اتان خرچ وٺڻ کان سواءِ پوئتي نھ ھٽندي ۽ فوج جو خرچ انھن کي ڀرڻو پوندو، جيڪي ان کي ترسائڻ جا ذميدار ھوندا.

نائونمل کي اھا بھ ھدايت ڪئي ويئي تھ ھو اھا ڳالھھ قبول نھ ڪري تھ کيس ان موضوع تي ڳالھائڻ لاءِ ڪا مون کان اختياري مليل آھي. انھيءَ ڪري، ھن کي سردار لاءِ ڪوبھ خط پٽ ڪونھ ڏنو ويو ھو. مون کي خاطري ھئي تھ منھنجو مقصد ھڪدم پورو ٿيندو، تنھنڪري فوج جي سربراھھ لاءِ شاھوڪار کي ھڪ بند ٿيل خط ڏنم، جنھن ۾ لکيل ھو تھ ھو پنھنجو سفر جاري رکي. نائونمل کي چيو ويو ھو تھ سردار اسان جي گھر قبول ڪري تھ اھو خط ھڪدم فوج جي سربراھھ کي موڪلي ڏئي. نائونمل، جنھن قابليت سان اھو اھم ڪم سرانجام ڪيو، تنھن جو احوال ھن خط سان شامل آھي. سردار پنھنجي خط ۾ معافيءَ جو اظھار ڪيو ۽ منھنجا سمورا واجبي مطالبا قبول ڪيا. ٻن ڏينھن کان پوءِ مون سپاھين کي حڪم ڏنو تھ وڃي فوج سان شامل ٿين. پٺيان جيڪو فوجي دستو آيو پئي، ان ڏانھن سپاھين موڪلڻ جي ضرورت ڪانھ ھئي.

(لاڙ جي سياسي سفير جو ليفٽيننٽ وائيٽ لاڪ ڏانھن خط، جنھن ۾ ھن کي اطلاع ڪيل آھي تھ نائونمل ھن سان گڏجي مير شير محمد جي علاقي ڏانھن ھلندو ۽ ھن کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.)

١٣ جنوري، ١٨٤١ع

حيدرآباد،

لاڙ جي سياسي سفير طرفان ليفٽيننٽ وائيٽ لاڪ ڏانھن. نائونمل سيٺ کي عرض ڪبو تھ ھو توھان سان گڏ رھي. ھو مقامي حالتن کان واقف آھي ۽ توھان ھن کان جيڪا مناسب پڇا ڳاڇا ڪندؤ، تنھن ۾ ھو توھان جي مدد ڪندو.

توھان جي حفاظت لاءِ ھڪ ديسي عملدار، ٨ پلٽڻ جا ٻھ حولدار، پنجويھھ سپاھي، سنڌ اريگيولر ھارس جو ھڪ دفعدار ۽ چوويھھ سمورا سرڪاري اٺ (اٽڪل ويھھ)، جي ھن وقت ھت موجود آھن، سي توھان جي حوالي ڪجن ٿا تھ جيئن ميرن کان اٺن گھرڻ جي ضرورت نھ پئيو. ھن وقت ڀاڙي تي اٺ ملڻ مشڪل آھن.

انھن ڪمن جي بجا آوريءَ ۾ اوھان کي مير شير محمد جي علاقي جي جائزي وٺڻ جو پڻ موقعو ملندو. منھنجو عرض آھي تھ اھا معلومات ھر موقعي ۽ ھر قيمت سان حاصل ڪندا. ساڳئي وقت توھان جو اصلي مقصد بھ ظاھر نھ ٿيڻ کپي. نائونمل سيٺ کي ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ خاص طرح موڪليو ويو آھي. ھو مقامي حالتن کان چڱيءَ طرح واقف آھي ۽ ھن جي وفاداريءَ ۾ ڪوبھ شڪ نھ آھي. توھان کي معلوم ھوندو تھ ھڪ اھڙو منصوبو رٿيو ويو آھي، جنھن مان مير شير محمد کي، حيدرآباد جي ميرن جي مقابلي ۾، سندس مالي حالتن مطابق، وڌيڪ فائدي وارا شرط ملن، تنھنڪري، اھو ضروري آھي تھ مير جي ڪابھ اھڙي رٿ، جا آءٌ گورنر جنرل ڏانھن موڪليان، تنھن کان اڳ مون کي ان باري ۾ مڪمل معلومات مھيا ڪري ڏني وڃي.


(1) ڍل وصول ڪرڻوارو عملدار.

ضميمو ٨

(ليفٽيننٽ ليڪيءَ جي ١١ جون ١٨٤١ع واريءَ رپورٽ مان حوالو، جنھن سان گڏ مڪار منشين جي تيار ڪيل معاھدي جو ترجمو پڻ ڏنل آھي. انھيءَ معاھدي ۾ سيٺ نائونمل سان وعدو ڪيل آھي تھ جيڪڏھن ھو ميجر آئوٽرام کان، مير شير محمد تي مڙھيل فوج جي خرچ جو حصو گھٽ ڪرائي ڏيندو تھ ھن کي مٺائيءَ جو مقرر ٿيل حصو ملندو.)

بعد ۾ ھنن خيال ڪيو تھ اسان جو منصوبو تڏھن ڪامياب ٿيندو، جڏھن سيٺ نائونمل بھ اسان سان شامل ٿيندو. تنھنڪري ھنن نائونمل سان مشورو ڪيو. ھن ھڪدم اھا ڳالھھ وڃي مسٽر ليڪيءَ سان ڪئي. جنھن ميجر آئوٽرام جي مشوري سان کيس ھدايت ڪئي، تھ ھو منصوبي جي ثابتي ھٿ ڪرڻ لاءِ ظاھري طور آئوٽرام جي مرضيءَ جي ابتڙ ھلي. چنانچ، سيٺ ھنن کي چيو تھ مون کي مير شير محمد جي ڏنل رشوت جي پئسن مان جيڪو حصو ملندو، (ڏھھ ھزار رپيا ھڪڙا ۽ ڏھھ ھزار رپيا ٻيا) سو لکت ۾ ڏيو. نائونمل اھڙي لکت وٺي، ڪئپٽن ليڪيءَ جي حوالي ڪئي. ان جو ترجمو ھن ريت آھي:

منشي آوتراءِ ۽ چترسنگھھ (مير شير محمد جو ديوان) ۽ سلامتراءِ جي ڪيل معاھدي جو ترجمو.

اسان قبول ٿا ڪريون تھ اسان کي جيڪا بھ رقم شيرينيءَ(1) طور مير شير محمد کان ملندي، سا اسان پنھنجي ساک مطابق ڇھن حصن ۾ تقسيم ڪنداسين، جن مان ٻھ حصا نائونمل کي ملندا ۽ باقي چار حصا ديوانن ۽ ٻين گماشتن ۾ تقسيم ڪيا ويندا. اسان ڀڳوان (نالو پڙھڻ ۾ نٿو اچي) جو قسم ٿا کڻون تھ پنھنجي وعدي کان ذري ماتر بھ ڪين ڦرنداسين. ھيءَ تحرير معاھدي طور لکي وئي آھي.

٢. مير ميان شير محمد خان ڏانھن، ميجر آئوٽرام جي نالي لکيل جعلي خط جو ترجمو:

”بخدمت جناب عاليشان، بلند مرتبه، جاه ۽ جلال جو مالڪ، سردارن جو سردار، دوستيءَ جو ڄاڻو، مير ميان شير محمد خان.

خدا جو توتي ھميشه سايو ھجي. دستوري آداب ۽ نيازي بعد، ۽ (تنھنجا آداب دوستيءَ ۽ ياريءَ جي بزار کان زياده باري آھن) توھان جي اعليٰ حوصلي دوستيءَ ۽ محبت جي زبان ۾ عرض ٿو ڪجي ۽ ساڳئي وقت ڪي زباني نياپا بھ موڪلجن ٿا. اھي پيغام ھڪ وڏي خاندان جي فرد، شرافت جي باغيچي جي ٻوٽي، مھربان وفادار دوست، سيد مير سليمان شاھھ جي معرفت موڪلجن ٿا، جو ھڪ ھڪ پيغام اوھان جي خدمت ۾ عرض ڪندو. ماشاالله! دوستيءَ جي تقاضا آھي تھ توھان جي مرضيءَ مطابق ڪم ٿئي. منھنجي ۽ شان واري، سردارن جي سردار نامدار، عزتماب، مير ميان جھان (شاھھ) خان ٽالپر، جي وچ ۾ بيحد دوستي آھي ۽ اميد تھ توھان سان بھ دوستي ڏينھون ڏينھن وڌندي رھندي اميد تھ پنھنجي خير عافيت کان واقف ڪري ممنون ڪندا رھندا. ھا ھڪ خسيس تقاضا آھي.“ ٻيو سڀ خير.

٣. مير صوبدار ڏانھن، ميجر آئوٽرام جي لکيل خط جو ترجمو: ”مون کي ڪجھھ وقت کان معلوم ٿيو آھي تھ حضورمنشيءَ آوتراءِ، مير شير محمد خان کي اسان سان ھڪ اھڙي معاھدي ڪرڻ کان پئي جھليو آھي، جيڪو خود مير صاحب لاءِ نھايت مفيد ثابت ٿئي ھا. منشيءَ ڪيترا دفعا پنھنجي پاران کيس ڪوڙا پيغام ڏنا آھن، انھيءَ مقصد سان تھ جيئن شير محمدخان اسان سان معاھدو نھ ڪري. ھن، ميرن کي لکيو ۽ چوائي موڪليو آھي تھ مون (آئوٽرام) ٽيھھ ھزار رپيا وٺڻا ڪيا آھن. اھا ڳالھھ سراسر ڪوڙي آھي. اھڙو مڪار ۽ دغاباز ماڻھو توھان جي نوڪريءَ ۾ رھي، توھان جي وقار کي نقصان پھچائيندو. انھيءَ منشيءَ، سيٺ نائونمل سان منصوبو ڪري، ويھھ ھزار رپيا قاضي نورمحمد ۽ ديوان سلامتراءِ جي معرفت پنھنجي ۽ ٻين جي لاءِ گھرايا آھن. مون کي شير محمد جي گماشتن مان معلوم ٿيو آھي تھ منشيءَ، مير صاحب کي لکيو آھي تھ مان خراج گھڻو گھٽ ڪرائي ڏيندس.

مان ٻڌو آھي تھ ڪن بدخواھھ ماڻھن توھان کي چيو آھي تھ مان مير شير محمد کان ٽيھھ ھزار رپيا خراج وٺڻو ڪيو آھي. ھي نسورو ڪوڙ آھي. گورنر جنرل، جي سفارش کي پنجاھھ ھزار ڪمپنيءَ جا رپيا خراج بست ڪيو آھي، ڇاڪاڻ تھ مير جو علاقو حيدرآباد جي ميرن کان گھڻو ننڍو آھي.

ضميمو ٩

(سنڌ جي سياسي سفير ڏانھن خط، جنھن ۾ سيٺ نائونمل کي دڙڪن ملڻ جو احوال ڏنل آھي.)

١. آڪٽوبر ١٨٤٢ع
حيدآباد

سنڌ جي سياسي سفير جي نائب، ليفٽيننٽ ملنيءَ ڏانھن. ڏسجي ٿو تھ آخر ميرن (ميرنصير محمد) درياءَ جي ھن ڀر شڪار تي وڃڻ واري ڏينھن، ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ماڻھو موڪليا ھئا ۽ ائين ظاھر ڪيو ھئائون تھ گرفتاريءَ جي مون اجازت ڏني آھي. پريڊي ۽ گارڊن مون کي لکيو آھي تھ نائونمل، حيدرآباد جي ميرن کي ٺاھھ لاءِ خط لکڻ وارو ھو ۽ مھينو اڳ ميرن جي اجازت ۽ پرواني ھيٺ جيڪو سامان در آمد ڪري وڪيو ھئائين، ان تي محصول ڏيڻ وارو ھو. پر اسان ھن کي انھيءَ ڳالھھ تان باز آندو. ھاڻي ضروري آھي تھ اسان ميرن کي ڏيکاريون تھ اسان پنھنجي حق تلفي ٿيڻ ھرگز نھ ڏينداسين.
چنانچ، مون ھنن ڏي اھڙو خط لکيو آھي،جنھن جو ترجمو ھن سان شامل آھي. مون انھيءَ خط ۾ صاف گوئيءَ کان ڪم ورتو آھي. اميد تھ توھان مون سان شامل راءِ ٿيندا تھ ھن موقعي تي اھڙا لفظ ڪم آڻڻ ضروري ھئا. ميرن کي، نائونمل جي گرفتار ڪرڻ جو ايتروئي حق آھي، جيترو مون کي گرفتار ڪرڻ جو.

(٢. ليفٽيننٽ ملنيءَ طرفان مير نصير خان ڏانھن لکيل خط، حيدرآباد، مورخ ١ آڪٽوبر ١٨٤٢ع جو اختصار، جنھن ۾ نائونمل سان جيڪو برتاءُ ڪيوويو ھو، تنھن تي ھن احتجاج ڪيو آھي.)

”مون کي معلوم ٿيو آھي تھ حضور جن انگريز سرڪار جي ڏيھي گماشتي،نائونمل سيٺ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ماڻھو موڪليا آھن ۽ ان لاءِ سبب اھو ڏنو ويو آھي تھ ھن ڇانوڻيءَ ۾ بنا محصول سامان آڻي وڪيو آھي. ساڳئي وقت ائين بھ ظاھر ڪيو ويو آھي تھ ھن جي گرفتاريءَ لاءِ مون کان اجازت گھري ويئي آھي ۽ مون گرفتاريءَ جي منظوري ڏني آھي. مون کي اميد آھي تھ ليفٽيننٽ گارڊن کي غلط اطلاع مليو آھي. مان حضور جن کي ڪنھن بھ وقت ۽ خاص ڪري جڏھن توھان شڪار ۾ مشغول ھوندا آھيو، تڪليف ڏيڻ مناسب نھ سمجھندو آھيان، پر مان توھان کي ھڪ دوست جي حيثيت ۾ ٻڌائڻ ٿو چاھيان تھ نائونمل انگريز سرڪار جو ملازم ۽ پگھاردار آھي ۽ ھن کي انگريز سرڪار جي اجازت کان سواءِ گرفتار ڪرڻ جو ايترو حق آھي، جيترو مون کي گرفتار ڪرڻ جو. ٻيو ھن جيڪي ڪجھھ ڪيو آھي، سو توھان جي پرواني ھيٺ، جيڪو توھان ڪجھھ مھينا اڳ کيس ڏنو ھو. منھنجي سرڪار، پنھنجن ملازمن سان بي انصافي ٿيڻ نھ ڏيندي ۽ مان توھان کي صلاح ڏيندس تھ پنھنجو حڪم واپس وٺو. جيڪڏھن منھنجو نالو ڪم آندو ويو آھي تھ اھا ڳالھھ غلط آھي. بلڪ مان عرض ڪندس تھ خابروءَ کي سزا ڏني وڃي.“

(٣. مير محمد خان طرفان ڪراچيءَ ۾ انگريز سرڪار جي ڏيھي گماشتي، نائونمل جي نالي تي جاري ٿيل پروانو. مورخ... شعبان ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) جو ترجمو.)

توکي اسان جي حضور ۾ حاضر رھڻ جو حڪم ٿو ڏجي. ضروي آھي تھ ھن پرواني ملڻ شرط تون ھڪدم خوشيءَ سان اچي اسان جي در تي حاضر ٿيءُ. اچڻ ۾ ھڪ لمحو بھ دير نھ ڪر. ٻئي مير توتي مھربان آھن. ھن تحرير تي عمل ڪر ۽ ھي حڪم ضروري ڄاڻ.“

٤. مير شھداد خان جو ڪراچيءَ ۾ سرڪار جي ڏيھي گماشتي، نائونمل ڏانھن جاري ڪيل پروانو. مورخ شعبان... ١٢٥٨ھھ (١٨٤٢ع) جو ترجمو.)

.توکي اسان جي حضور ۾ حاضر رھڻ جو حڪم ٿو ڏجي. تون مير نور محمد جي ڏينھن کان وٺي اسان جو ۽ سرڪار جو پراڻو ملازم ۽ خراجگذار آھين. ضروري آھي تھ ھن پرواني جي ملڻ شرط تون خوشيءَ سان ۽ بنا ڊپ ڊاءَ جي، ڪراچيءَ مان اچي اسان جي دروازي تي حاضر ٿيءُ. دير اصل نھ ڪجانءِ. ڄاڻ تھ سرڪار توتي مھربان آھي. تون ھڪدم پاڻ کي ھت حاضر ڪر ۽ اچڻ ۾ دير نھ ڪر. ھن تحرير تي غور ڪري، حڪم جي تعميل ڪر.“

ضميمو ١٠

(ميجر ئاوٽرام ڏانھن ھند سرڪار جو خط، تاريخ ٢٧، اپريل ١٨٤٢ع، جنھن ۾ ڪراچيءَ ۾، سؤ رپيي ماھوار تنخواھھ تي ھڪ ڏيھي گماشتي جي تقرر جي اجازت ڏنل آھي.

سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي سفير، ميجر آئوٽرام ڏانھن.

”حضور، گورنر جنرل جي ھدايت مطابق عرض ٿو ڪجي تھ توھان جو ٢٩ مارچ جو لکيل خط، نمبر ٩٢٦، جنھن ۾ ڪراچيءَ ۾ ڏيھي گماشتي رکڻ جي باري ۾ سفارش ڪيل آھي، موصول ٿيو. جواب ۾ اطلاع ٿو ڪجي تھ حضور اعليٰ جي مرضي آھي تھ انھيءَ عھدي جو مدو سرڪار جي خوشيءِ تي منحصر ھوندو. عھديدار کي اھا ڳالھھ واضح ڪري ٻڌائي وڃي. انھيءَ ڪم لاءِ عھديدار کي ھڪ سو رپيا مھينو ملندو، مگر ھن کي سرڪاري طور مقرر نھ ڪيو ويندو.،

توھان جو ايس. ڊبليو. مئڊڪ.
سرڪار جو سيڪريٽري

ضميمو ١١

١. نائونمل جي خلاف تھمت ۽ ھن جي بري ٿيڻ جي باري ۾ لکپرھھ.

سنڌ جي جج ائڊووڪيٽ کان ڪراچيءَ جي سابق ڪاردار، نائونمل ڏانھن.)

٢٤. آگسٽ ١٨٤٨ع

مھربان توھان جي ٥ تاريخ واري خط جي ٢١ فقري، جنھن ۾ چيلي کان جي ھنڊيون تحفيمل ۽ ريويمل خريد ڪيون ھيون، تن جي باري ۾ ذڪر ڪيل آھي. انھيءَ جي جواب ۾ لکجي ٿو تھ ڪمشنر صاحب جو چوڻ آھي تھ فرض ڪجي تھ چيلي کي ھنڊيون سرڪار کان رعايتي اگھن تي مليون ھيون، اسان سمجھي نٿا سگھون تھ جيڪڏھن ھن، ساڳئي اگھھ تي ٻين کي وڪيون تھ ان ڪري توکي ڪيئن نردوش ٺھرائي سگھبو؟

مان سومر ڏانھن ١١ بجي، پرسرام ۽ کيمي جو حساب ڪتاب چڪائيندس. ان وقت توھان حاضر رھي سگھو ٿا. پر جي پاڻ نھ اچي سگھو تھ ڪو عيوضي موڪلي سگھو ٿا.

(صحيح)

توھان جو ڪيٿ ينگ، ڪئپٽن

٢. گھوڙاٻاريءَ جي ڊپٽي ڪليڪٽر طرفان سيٺ نائونمل (ڪراچيءَ) ڏانھن.)

١٤ نومبر ١٨٤٨ع

مھربان سنڌ جي ڪمشنر جي ھدايت مطابق، ھن سان گڏ بمبئيءَ سرڪار جي اسٽنٽ سيڪريٽريءَ مسٽر ڪورٽيءَ جو خط نمبر ٨٤٠، ٦، مورخ ١ نومبر ١٨٤٨ع جو نقل موڪلجي ٿو، جنھن ۾ گورنر ۽ سندس ڪائونسل جي فتوا ڏنل آھي تھ تنھنجي خلاف بي ايمانيءَ جي تھمت ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي ثابتي ڪانھ آھي ۽ سرڪاري نوڪريءَ مان برطرف ٿيڻ ڪري اوھان جي ڪردار تي ڪنھن بھ قسم جو داغ ڪونھ ٿو لڳي.

(صحيح)

تنھنجو جي. آر. اسٽوئرٽ، ڪئپٽن

٣. آر. ڪي. پرنگل سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن

مھربان منھنجي ۽ ١ نومبر جي خط، نمبر ٦٨٤٠ جي سلسلي ۾، توھان کي اطلاع ٿو ڪجي تھ مون کي مانواري گورنر ۽ سندس ڪائونسل حڪم ڪيو آھي تھ ڪراچيءَ جي اڳواڻي ڪاردار، نائونمل جي مقدمي جي باري ۾، مانواري دائريڪٽرن جي ڪورٽ جي خط ٦، مورخ ٤، جو اختصار (فقرو ٧) اوھان جي اطلاع ۽ ھدايت لاءِ موڪلجي.

توھان جو ڊبليو. ڪورتني.

سرڪار جو عارضي سيڪريٽري

٤. مانواري ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس جو خط نمبر ٦، تاريخ ٤، اپريل ١٨٤٩ع جو حوالو.)

فقرو ٧ ”ھن ڪارروائيءَ جي ڪاغذن جو غور سان مطالعو ڪرڻ بعد، اسان جو خيال آھي تھ نائونمل جي خلاف نوڪريءَ ۾ خيانت ڪرڻ جي جيڪا تھمت ھئي، ان لاءِ ثابتي ڪانھ آھي، پر جنھن صورت ۾، انھيءَ تر ۾ ھن جي خاندان جو وڏو اثر ۽ رسوخ آھي، تنھن صورت ۾ اسان اھا ڳالھھ قبول ٿا ڪريون تھ ھن جو ڪليڪٽر جي دفتر ۾ مکيھ ڪاردار ٿي رھڻ مناسب نھ آھي. پر ھن کي جيڪڏھن ڪنھن ٻيءَ سرڪاري ملازمت ۾ رکيو وڃي تھ اعتراض نھ آھي.


(1) شيريني معنيٰ رشوت.

ضميمو ١٢

(سربارٽل فريئر جي خانگي خط و ڪتابت.)

٧ جنوري ١٨٦٩ع
انڊيا آفيس

منھنجا چڱا دوست، مان ٩ ڊسمبر تائين تنھنجا لکيل خط پڙھي خوش ٿيس. افغانستان ۾ ھلندڙ ڪاررواين جو تو چٽو ۽ مسلسل نقشو چٽيو آھي، تنھن لاءِ شڪر گذار آھيان. ڪابھ نئين ڳالھھ ٿئي تھ ان جي خبر ڏيندا ۽ ڪراچيءَ جي پراڻن دوستن جي پڻ. شھر ۽ جھازن لاءِ پاڻيءَ جو ڪھڙو انتظام ڪيو اٿو؟ مراد خان ۽ ھن جي حب نديءَ واري منصوبي جو ڇا ٿيو؟ بلوچستان جا سردار ڇا ٿا ڪن؟ عالومل کي چئو تھ مون کي لکي تھ سنڌ ۾ تعليم ڪيتريقدر ترقي ڪري رھي آھي ۽ منھنجن پراڻن دوستن مان يا ھن جي يارن مان ڪو اھڙو آھي، جو ھن جي جاءِ ڀري؟ ھن کي چئو تھ ٽنڊي غلام علي وڃي تھ منھنجي جھوني دوست مير محمد خان کي منھنجا سلام ڏئي ۽ پڇيس تھ تنھنجو پوٽو ڪڏھن ٿو مون ڏي انگريزيءَ ۾ خط لکي؟
جڏھن عالومل ڪراچيءَ موٽي اچي تھ ھن کان ميرن ۽ انگريزن جي اچڻ جي باري ۾ جي اڳڪٿيون ۽ ڏند ڪٿائون توھان مون کي ٻڌايون ھيون، لکائي ڇڏيندا. مان اھي ڏند ڪٿائون ان وقت نھايت احتياط سان لکيون ھيون، پر بدقسمتيءَ سان اھي ٻين ڪاغذن سان گڏ ھگليءَ ۾ گم ٿي ويون. منھنجي مرضي آھي تھ تون ھن کان سنڌ جي گذريل زماني جون يادگيريون يا جيڪي تو پنھنجي پيءُ کان ۽ جوانيءَ ۾ ٻڍن کان ٻڌو ھو، ۽ پنھنجي گوناگون حياتيءَ جا مشاھدا انگريزيءَ ۾ لکاءِ. انھن موضوعن تي جيئن گھڻو لکندين، تيئن چڱو، جيڪڏھن عالومل پنھنجا لکيل مضمون، وقت بوقت، مون ڏي موڪليندو تھ مان شڪرگذار رھندس.“

سڀني پراڻن دوستن کي سلام يقينا
توھان جو ايڇ. بي. اي فريئر.

٢. مٿئين خط جي جواب ۾ سيٺ نائونمل تاريخ ٧ اپريل ١٨٦٩ع جي، ھيٺ ڏنل خط موڪليو:)

”ڇانوڻيءَ ۽ ڪلفٽن جي وچ ۾ ھڪ ٽڪري آھي. جنھن جي چوڌاري پاڻي بيھندو آھي. ڪنھن زماني ۾ انھيءَ مٿانھينءَ جاءِ تي ھڪ چڱو خاصو پڪو شھر ھوندو ھو. اھو شھر، دلوراءِ بادشاھھ اڏايو ھو. ان شھر جي اتر ۾ ۽ ڪلفٽن ۽ ڪياماڙيءَ جي وچ ۾، چيني نار وھندي ھئي. جڏھن وير چڙھندي ھئي، تڏھن پاڻي ڇانوڻيءَ ۾ وھي ايندو ھو. ھرقسم جون ٻيڙيون، چيني نار مان لنگھي شھر تائين اينديون ھيون اھو شھر چار پنج سؤ ورھيھ اڳ آباد ھوندو ھو. بندر سھولت وارو ۽ واپار ججھو ھوس. شھر جا ماڻھو تازو پاڻي رام باغ تلاءَ ۽ ڇانوڻيءَ جي اتر ۾، باغ ۾ جيڪو کوھھ آھي، تنھن مان آڻيند اھئا. انھيءَ کوھھ کي ھاڻي ڇانوڻيءَ وارو کوھھ چوندا آھن. مان ڏھن پندرھن سالن جو ھوس تھ ڪيترن پڪن گھرن جا نشان ڏٺا ھئم. غريب ماڻھو برسات جي ڏينھن ۾ انھن دڙن تي وڃي سون ۽ چانديءَ جون شيون لڀي ايندا ھئا. ان ڳالھھ جي مون کي ذاتي خبر آھي. توھان کي ياد ھوندو تھ اھا جاءِ مون ڪنھن وقت توھان کي ڏيکاري ھئي. انگريز سرڪار اتي ننڍي پٿر جي جاءِ ٺھرائي آھي.
٢. مان توھان کي ”واگھي در“ جو مختصر احوال ڏنو ھو. جو توھان ان وقت لکي ڇڏيو ھو. واگھي در مشھور شھر ھو. اڍائي سؤ يا چار سؤ ورھيھ اڳ، واگھي در جي آسپاس وارو ملڪ، جوڌپور جي راجپوتن جي قبضي ۾ ھو. واگھي در ۾، ٻڌيمل نالي ھڪ شاھوڪار واپاري رھندو ھو، جنھن پنھنجي رھڻ جي جاءِ قلعي اندر ٺھرائي ھئي. شھر کي پيئڻ جو پاڻي پھاڙيءَ جي چشمن ۽ ملير نئن مان ملندو ھو. سانوڻ ۾، جڏھن سمنڊ تکو ٿيندو ھو تھ ملتان، بھاولپور ۽ نئين سکر جون ٻيڙيون، سنڌونديءَ مان ٻاجھر کڻي اچي واگھي در پھچي، ان لاھينديون ھيون.
٣. سنڌ جا ڪرمتي بلوچ، اصل ڪرمت، (مڪران) مان آيا ھئا. ھو ھڪ رولو قوم آھن. ٻڪريون، ڳئون، مينھون ۽ ٻيو مال ھنن جي دولت آھن. اٽڪل ١٥٠ يا ٢٠٠ ورھيھ اڳ، ھنن ٻروچن جو ھڪ ٽولو اچي حب نديءَ تي ديرو ڄمائي ويٺو ھو. ھنن جي طاقت آھستي آھستي وڌندي ويئي. واگھي در جي آسپاس ساوا چراگاھھ ڏسي، ھنن شھر تي حملو ڪري، پنھنجي قبضي ۾ آندو. واگھي در جي برج وٽ سردارن کي شڪست آئي ۽ ھو ساڪري پرڳڻي ۾ ڌرج ڏانھن، جو راڻي ارجن نالي ھڪ ھندو سردار جي حڪومت ۾ ھو، ھليا ويا. انھيءَ علاقي جي راڄڌاني، ”رتي“ جي شھر ۾ ھئي ۽ ڌرج جو مکيھ بند لاھوري بندر ھوندو ھو. ان زماني ۾، رتو پڪو شھر ھو. ١٢٥ ورھيھ اڳ، رتو ھڪ وسندڙ جاءِ ھئي.
٤. جوکيا: جوکيا اصل ڪنگور نالي علاقي جا آھن جو شاھ بلاول جي ڀرسان آھي. ھو بھ ھڪ خانھ بدوش قوم ھئا ۽ ملير ۾، ان زماني جي حاڪمن جي سايي ھيٺ اچي ٽڪاڻو ڪيو ھئائون. ھنن جي چڱي مڙس جو نالو درياء خان ھو. انھن مان بجر نالي ھڪ جوکيي وڃي ٺٽي ۾ ڪلھوڙن جي نواب وٽ نوڪري ڪئي. ان وقت سنڌ جو اعليٰ حاڪم غلام شاھھ ڪلھوڙو ھو. ھن، ٺٽي ۾ پنھنجي نائب کي حڪم ڏنو تھ راڻي ارجن کي ختم ڪري، ھڻ جي ملڪ تي قبضو ڪر. نواب اھو ڪم بجر تي رکيو. بجر، ملير وڃي، ٨٠ يا ١٠٠ جوکيا ڀاڙي ڪيا. پوءِ انھن کي اتي ڇڏي، پاڻ ڪراچيءَ سيٺ ڀوڄومل (منھنجي چوٿينءَ پيڙھيءَ ۾ وڏو ھو) کان تياريءَ لاءِ پئسا اڌارا وٺڻ آيو. آخر ھو گزري بندر مان روانو ٿيو. ان وقت، رائو ارجن اٽڪل ويھن ماڻھن سان درياءَ جي ھڪ ٻيٽ تي لٿل ھو. بجر راتو واھھ پنھنجن ماڻھن سان وڃي مٿانئن ڪڙڪيو ۽ ھن کي ۽ راڻي جي ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيائين پوءِ اھا خبر ٺٽي جي نواب کي ڪيائين، جنھن راڻي جي علاقي تي، ماٺ ميٺ ۾ سواءِ ڪنھن مخالفت جي قبضو ڪيو. بجر کي غلام شاھھ خلعت ڏني ۽ ”ڄام“ جي لقب سان جوکين جو سردار مقرر ڪيو. بجر کي مراد عليءَ نالي ھڪ پٽ ھو. مراد عليءَ جي جاءِ تي ڄام مھر علي ويٺو. جو توھان جو ڏٺل آھي.
٥. برفت، نومڙيي ۽ ڪوٽڙيءَ جي ملڪ احمد شاھھ جو احوال: ڪنھن زماني ۾ جيسلمير مارواڙ جا ڪي راجپوت، ملازمت ۽ دولت جي تلاش ۾ نڪتا. ھو ديسان ديس گمھندي مڪران جي گاديءَ ڪيڇ ۾ اچي پھتا، جو ان وقت ھڪ وسندڙ شھر ھو ۽ سپاھين جو پيشو اختيار ڪيائون. آخر سپاھين مان وڌي جمعدار ٿيا ۽ سندن ھٿ ھيٺ ڪيترا سپاھي ڪم ڪندا ھئا. انھن ڏينھن ۾، مڪران جو حاڪم ھڪ جابر عامر ھو. ھن جي تقاضا اھا ھوندي ھئي تھ ڪيچ ۾ جنھن بھ عورت جي شادي ٿئي سا نڪاح بعد، مڙس وٽ وڃڻ کان اڳ، پھرين رات ھن جي صحبت ۾ گذاري. اتفاق سان ھن جي ڪنھن ڀاڻيجيءَ جي شادي ٿيڻ واري ھئي. ھن جي ڀيڻ محسوس ڪيو تھ منھنجي ڀاءُ جي اھا تقاضا نھايت غلط آھي ۽ غيرتمند ماڻھوءَ لاءِ ٻڏڻ آھي. تنھنڪري ھن ھڪ راجپوت جمعدار سان صلاح ڪئي تھ ڇا ڪجي؟ ھن وعدو ڪيو تھ مان ملڪ کي ھن آزار مان ڇڏايندس. وعدي مطابق راجپوت وڃي حاڪم کي قتل ڪيو. تنھن کان پوءِ، پنھنجن زيردستن جو ھڪ دستو وٺي وڃي ٻيلي تي قبضو ڪري آزاد حاڪم ٿي ويٺو. انھيءَ واقعي کان پوءِ، راجپوتن اسلام قبول ڪيو ۽ مسلمانن جي حلقي ۾ شامل ٿيا. ٿوري وقت کان پوءِ، ٻين قومن، راجپوتن کي ٻيلي مان تڙي ڪڍيو، تنھن کان پوءِ، ھنن سنڌ ۾ اچي حيدرآباد جي ڪلھوڙن جي حاڪم کي درخواست ڪئي تھ اسان کي حيدرآباد جي سامھون درياءَ جي ھن ڀر ٽڪرين جي ھيٺان چوڪيدار ۽ واھرو ڪري رکيو. ان نوڪريءَ جي عيوض ڪلھوڙن ھنن کي درياءَ جي اولھھ طرف، ڪوٽڙيءَ جو ڪوھستاني علاقو جاگير ۾ ڏنو. انھن راجپوتن جو اولاد، برفت نومڙيا آھن، جي ملڪ احمد خان کي سردار ڪري مڃيندا آھن. نومڙيا، مڪران جي ماڻھن کي چوندا آھن، جو ھو ”نون مردن“ جو اولاد آھن.

٤ فيبروري ١٨٧٤ع
٢٢، پرنسز گارڊن

عزيز دوست نائونمل،

تنھنجو ١٣ آڪٽوبر جو موڪليل ڪتاب(1) ۽ پوءِ جا موڪليل خط ڏسي خوش ٿيس. ڪتاب ڏاڍو شوق سان پڙھيم. اميد تھ مان سارو ڪتاب يا ان جو اختصار، ڇپائڻ لاءِ، ھت ڪو قدم کڻندس، جو اھو ھن ملڪ ۾ تنھنجن قيمتي خدمتن ڏانھن ڌيان ڇڪائيندو. سنڌ ۽ سنڌ جي آسپاس واري ملڪن جون خبرون، جيڪي تو مھرباني ڪري موڪليون آھن. اميد تھ تون مون ڏي حقيقتون لکندو رھندين ۽ پنھنجو، عالومل جو، پنھنجي ساري ڪٽنب، سنڌ ۽ ان جي آسپاس وارن ملڪن جو احوال پڻ موڪليندو رھندين. توکي خبر آھي تھ مان انھن ڳالھين ۾ ھميشه دلچسپي وٺندو آھيان.

خدا توکي ۽ تنھنجن ٻارن کي خوش رکي، وڏي عمر ڏئي ۽ تون پنھنجن پٽن پوٽن کي وڌندو ويجھندو ڏسين.

يقينا، تنھنجو وفادار،
ايڇ. بي. اي فريئر

ضميمو ١٣

(سيٺ نائونمل کي ملڪھ معظمھ جي مھر سان ”سي. ايس. آءِ“ جي خطاب ڏيڻ لاءِ ڪوٺاھيل درٻار ۾، سنڌ جي ڪمشنر جي تقرير.)

١. سنڌ جي عارضي ڪمشنري آرچيلڊ ڊيوڊرابرٽس، سيٺ نائونمل ھوتچند جي خدمتن جي باري ۾ ھن ريت فرمايو:

”مان نھايت خوشيءَ سان ھي رتبو توھان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو، جنھن ۾ توھان کي مطلع ڪيو ويو آھي تھ ملڪھ معظمھ صاحبھ ڪرم فرمائي، توھان جي اعليٰ خدمتن ۽ خيرخواھيءَ جو قدر ڪندي، توھان کي ”ستاره، ھند“ جي اعليٰ تمغي سان نوازڻ فرمايو آھي. ان کان اڳ توھان لاءِ ١٠٠ رپيا مھيني ۾ پينشن منظور ڪئي وئي ھئي ۽ وري ١٨١٠ع ۾ اھا پينشن وڌائي ٻن پيڙھين لاءِ ڪئي ويئي ھئي ۽ ان سان گڏ ١٢٠٠ رپين (ساليانھ) جي جاگير پڻ توھان کي انھن خدمتن عيوض ڏني ويئي ھئي.
توھان جون خدمتون پنجويھھ ورھيھ اڳ شروع ٿيون ھيون ممڪن آھي تھ انھن ماڻھن، جن جو سنڌ سان تعلق تازو شروع ٿيو آھي، سي توھان جي خدمتن جي نوعيت کان غير واقف ھجن. تنھنڪري، مان انھن خدمتن جو مختصر احوال ڏيندس.
”تنھنجون خدمتون ١٨٣٩ع ۾ شروع ٿيون، جڏھن تو بمبئيءَ جي فوجي دستي کي بنگال جي فوج سان گڏ، افغانستان ۾ شاھھ شجاع جي مدد لاءِ موڪليو ويو ھو. وھٽن ۽ ٻئي سامان مھيا ڪري ڏيڻ ۾ واھر ڪئي. ان کان پوءِ وري تو ڪابل جي ڪوس واري نازڪ زماني ۾ ڪابل جي قيدين کي رھا ڪرڻ لاءِ جيڪا فوج سنڌ ۾ موڪلي وئي ھئي، تنھن کي بھ ساڳئي قسم جي مدد ڪئي، وري ١٨٤٣ع ۾ جڏھن سنڌ جي ميرن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿي تڏھن تو پنھنجي جان ۽ مال جوکي ۾ وجھي، جانفشاني ڪري، ميرن جي ارادن ۽ منصوبن جي صحيح معلومات حاصل ڪري اسان کي پھچائي، جنھن جي وسيلي اختياريءَ وارا ھنن جي منصوبن ۽ حرڪتن جو تدراڪ اڳواٽ ڪري سگھيا.“
تنھن کان پوءِ غدر جي اڍائي سالن واري خطرناڪ وقت ۾ تو انگريزن جي اھڙي ئي حمايت ڪئي جھڙي تو ايسٽوڪ، پاٽنجر ۽ آئوٽرام جي ڏينھن ۾ ڪئي ھئي ۽ انگريز سرڪار جي دوستيءَ ۽ مدد جو پاڻ کي مستحق ثابت ڪيو، ان لاءِ جيئن مون اڳ چيو آھي، توکي زمين ۽ ٻن وڌيڪ پيڙھين لاءِ پينشن ڏني ويئي.
”مون کي خاطري آھي تھ تو جھڙو وفادار ۽ سچو شھري ھيءَ مزيد عزت، جيڪا ملڪھ معظمھ توکي بخشڻ فرمائي آھي، تنھن جو قدر ڪندين. خدا شل توکي وڏي ڄمار ڏئي ۽ تون اھو امتياز گھڻو وقت ماڻي سگھين.“

٢. سيٺ نائونمل کي ”سي. ايس. آءِ“ جي تحفي ڏيڻ لاءِ، سربارٽل فريئر جي ڪوٺايل درٻار جو احوال:

١ جنوري ١٨٦٧ع جي، سيٺ نائونمل ھوتچند کي ”ستاره، ھند“ جي ممتاز تمغي ڏيڻ، ۽ ميونسپل ڪمشنرن سان ملائڻ ۽ شھر جي ممتاز ھستين کي انعام اڪرام ڏيڻ لاءِ جناب عاليشان سر ايڇ. جي. فريئر، جي. سي. ايس.، ڪي. سي. پي، ڪراچي جي ”فريئر ھال“ ۾ درٻار ڪوٺائي.
شھر جا سڀ وڏا ديواني ۽ فوجي عملدار حاضر ھئا. گورنر صاحب جي ايگزيڪيٽو ڪائونسل جي ميمبر، مانواري جي. ايڇ. ايس، سنڌ جي ڪمشنر، مسٽر سيميوئل مئنسفيلڊ، سي. اي. آءِ، چيف سيڪريٽري، مسٽر ايف. ايس. چئپمن ۽ ٻئي عملي سان گڏ، رواجي سلاميءَ کان پوءِ براجمان ٿيا.
گورنر صاحب جن سامعين جي سلامتيءَ جي جواب ڏيڻ بعد، چيف سيڪريٽريءَ مسٽر ايف. ايس. چئپمن ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ۽ ميجر ڊبليو. آر لامبرٽ کي ارشاد فرمايو تھ سيٺ نائونمل ھوتچند جو تعارف ڪرايو وڃي. تعارف کان پوءِ جناب گورنر صاحب اٿي بيھي، ساڻس مخاطب ٿي، ھن ريت فرمايو:
”سيٺ نائونمل ھوتچند مون کي معلي القاب وائسراءِ صاحب ۽ ”ستاره، ھند“ جي اعليٰ طريقي جي اعليٰ آفيسر کان ھدايت ملي آھي تھ توکي ملڪه معظمه جي مھر سان ستاره ”ھند“ جي اعزاز جي سند ۽ تعمغي سان سرفراز ڪريان ۽ ان سان گڏ اھا بھ ھدايت ملي آھي تھ ھن موقعي کي شاندار طريقي ملھائڻ ۾ ڪابھ ڪسر نھ ڇڏي وڃي. ملڪه معظمه جي ڏنل اعزاز جي نوعيت ۽ عظمت جي باري ۾، ھن وقت اپٽار ڪرڻ جي ضرورت نھ آھي. انھيءَ اعزاز جي ذريعي توکي انھيءَ برادريءَ ۾ جڳھھ ملندي، جنھن ۾ ھندستان جون سڀ ممتاز ھستيون، ملڪه معظمه ۽ ھن جو وليعھد، ھن شاندار مملڪت جو وائسراءِ ۽ ٻيا سورما ۽ مدبر اعليٰ نسل ۽ ڪردار جا راجائون، جن ھندستان جي مملڪت فتح ۽ حڪومت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آھي مشتمل آھي.
انھيءَ برادريءَ ۾ شموليت لاءِ، تنھنجن لياقتن جو ھت ذڪر ڪرڻ ضروري نھ آھي. تازو، ھن ساڳئي ڪمري ۾، صوبي جي عارضي ڪمشنر،ملڪه جي ارشاد جو اظھار ڪندي، تنھنجي عمر ڀر جي وفاداريءَ ۽ خدمتن جو ذڪر ڪيو ھو، جن کي دھرائڻ جي ھن وقت ضرورت نھ آھي. پر ٥٨-١٨٥٧ع واري مشڪل وقت، تو اسان جي نمايان مدد ڪئي، ان لاءِ تو بيشڪ کيرون لھڻيون، توکي پنھنجي ملڪ جي ماڻھن ۾ وڏو اثر ھو ۽ توکي اتر ۽ اولھھ ھندستان جي ھرھڪ حصي مان خبرون چارون ملنديون ھيون، جي تون سڀ بنا ججھڪ جي سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪندو ھئين. ان وقت ۾، جڏھن تنھنجا ڪيترا ھموطني خطرو ڏسي دھلجي ويا ھئا ۽ سمجھيائون پئي تھ ھندستان ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت جو ڏيو اجھو ٿو گل ٿئي، تڏھن تنھنجي وفاداريءَ ۾ لرزش بلڪل ڪانھ آئي. جيڪڏھن تون انھن مجاھدن مان ھجين ھا، جن انگريزن جي حڪومت لاءِ جانيون قربان ڪيون آھن، تھ بھ تون انگريزن جي فتح ۾ اھڙو يقين نھ ڏيکاري سگھين ھا، جيڪو تو ان وقت ڏيکاريو ھو.
ھن وقت جڏھن مان سنڌ، بلڪ ھندستان ڇڏڻ وارو آھيان، تڏھن منھنجي لاءِ اھا ڳالھھ انتھائي خوشيءَ جو باعث آھي تھ مون کي، سنڌ جي ڪمشنر ۽ منھنجي رفيق، مانواري جي. ايڇ. ايلس، ۽ جن صاحبن سنڌ لاءِ ايتري جفاڪشي ڪئي آھي، تن جي روبرو، توکي ھي اعزاز ڏيڻ ۽ تنھنجن خدمتن جي داد ڏيڻ جو موقعو مليو آھي. مون کي اميد آھي تھ سنڌ ۾ تنھنجا ھم ملڪي ھن اعزاز کي فقط تنھنجو ھڪ ذاتي امتياز نھ ڪري سمجھندا، پر ائين خيال ڪندا تھ ھي امتياز ھن دوردراز صوبي ۽ واپاري طبقي، جنھن جو تون خاص عيوضي آھين، ان لاءِ ملڪه معظمه جي شفقت جو ثبوت آھي. مان تنھنجي ھڪ خاص ڪارنامي ڏانھن ڌيان ڇڪائڻ گھران ٿو، جو ڏيکاري ٿو تھ توکي انگريز سرڪار جي حڪومت جي نوعيت جي صحيح ڄاڻ آھي، ۽ جو اميد تھ تنھنجا ٻيا ھموطني نقل ڪندا. توجھڙي ڪن ٿورن مانھن کي خبر ھوندي تھ انگريزن کي فوجي طاقت ۽ واپار جي ھنر ۾ ڪيتري مھارت آھي. توکي اھا بھ خبر آھي تھ ھرھڪ انگريز سمجھي ٿو تھ انسان جو فقط روزيءَ تي گذر نھ آھي. پر لڙائيءَ ۾ فتح ۽ واپار ۾ ڪاميابيءَ کان سواءِ دنيا ۾ ٻيون بھ قابل قدر شيون آھن. توکي انگريزي تعليم جو بھرو ڪونھ مليو ھو، تنھنڪري اھا ھڪ قابل قدر ڳالھھ آھي تھ تو پنھنجي پوٽي عالومل ٽيڪمداس کي ھڪ ڏورانھين (تنھنجي نظر ۾) ملڪ ۾ ھندستاني يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺڻ ۽ تعليم يافتھ انگريزن جي ڪردار ۽ اصولن سکڻ لاءِ موڪليو آھي. مون کي اميد آھي تھ جڏھن مان بمبئيءَ موٽي ويندس، تڏھن تنھنجي پوٽي کي يونيورسٽيءَ جي سند ملڻ جو امتياز حاصل ٿيندو. منھنجي دعا آھي تھ خدا توکي وڏي ڄمار ڏئي تھ جيئن تون نھ فقط پنھنجي عزت ماڻي، پر، ان عزت ۾ تنھنجو والاد اضافو ڪري.
ان کان پوءِ، جناب گورنر صاحب جن سيٺ نائونمل ھوتچند کي ملڪه جي مھر سان سند ۽ تمغو ڏنو.

٣. وڪٽوريا، خدا جي فضل سان گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جي يونائٽيڊ ڪنگڊم جي ملڪه، مذھب جي رکوالي، ستاره، ھند جي اعليٰ طريقي جي سربراھھ کان، ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل ڏانھن آداب.

”اسان جي تمنا آھي تھ توکي پنھنجي شاھي ڪرم جو ڪو اھڙو ثبوت ڏيکاريون، جنھن مان توکي روشن ٿئي تھ اسان کي تنھنجي ذات ۽ تنھنجن خدمتن لاءِ قدر آھي. تنھنڪري اسان مناسب سمجھون ٿا تھ توکي ”ستاره، ھند“ جي اعليٰ طريقي جي برادريءَ ۾ شامل ڪجي ۽ اسان توکي ”ستاره، ھند“ جي تمغي جو اعزاز بخشيون ٿا ۽ توکي اختياري ڏيون ٿا تھ تون اعزاز سمورين رعايتن سميت ماڻ. تاريخ ٣٠ اپريل ١٨٦١ع. اسان جي حڪومت جي ٢٩ سال ۾، اسان جي آسيورن ھائوس واريءَ درٻار ۾، اسان ستاره، ھند جي طريقي جي مھر ۽ دستخط سان ڏنو ويو.

صحيح قبله عالم جي حڪم ھيٺ،
”ڊي. گري ۽ رپن“

ضميمو ١٤

ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر، ڪراچيءَ ڏانھن. ”راءُ صاحب“ عالومل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، بي. اي، آءٌ توکي ”راءُ بھادر“ جو لقب ذاتي اعزاز طور عطا ڪريان ٿو.

صحيح لئنسڊائون

وائسراءِ ۽ گورنر جنرل ھند
فورٽ وليم ١ جنوري ١٨٨٩ع



(1) ”نائونمل جون يادگيريون.“

ضميمو ١٥

سن ١٨٨٨ع جي ”ايشياٽڪ ڪئاٽرلي رويو“ جي اپريل واري شماري ۾، ”ڪراچي ۽ ان جو مستقبل“ جي عنوان سان لکيل ھڪ مظمون ۾، سر فريڊريڪ گولڊ سمڊ، سيٺ نائونمل جي ھيٺين لفظن ۾ واکاڻ ڪئي آھي:

”مري ويلن جو ذڪر ڪندي، انھن ھندستانين کي نھ وسارڻ کپي، جن سخت خطري جي وقت فريئر جي اھڙي حوصلھ افزائي ڪئي، جو ھن فوج جي بدران انھن ماڻھن جي دلي ھمدرديءَ تي ڀروسو رکيو، جن کي ھن مضبوط حڪومت ۽ محبت سان ڪشش ڪري پنھنجو ڪيو ھو. مثال طور فقط ھڪڙي ماڻھوءَ جو نالو وٺڻ ھتي ڪافي ٿيندو، سو آھي صراف نائونمل، جو ڪجھھ وقت ٿيو تھ پنھنجن ھموطنين کي خيرباد چئي، ھن جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھن جي شروعات کان وٺي خبررسان کاتي سان تعلق ھو ۽ ھو آخري دم تائين سنڌ جي اختياري وارين کي صحيح خبرون پھچائيندو رھيو ۽ ھنن جي سھائتا ڪندو آيو. ھن جون بلوچستان جي باري ۾ موڪليل خبرون خصوصا ڪارآمد ھيون، ڇاڪاڻ تھ ھن جي گماشتن کي سياسي معلومات ھٿ ڪرڻ جا اھڙا ذريعا ھئا، جو اھي خبرون ٻين کي ڪنھن بھ قيمت تي نھ ملي سگھن ھا. ھو اھڙو وفادار ھو، جو بلوچستان جي حڪومت جي مالي حالت جي باري ۾ اسان کي خبرون ڏيندو ھو. ھندو ٿي ڪري بھ ھن ۾ نفاست ھئي. ھو محطاط ھوندو ھو، ۽ بعضي بعضي ڪامياب نھ بھ ٿيندو ھو، جنھنڪري ڪي ماڻھو سمجھندا ھئا تھ ھو حرفتي آھي. ھن کي يورپي مدبرن لاءِ عزت ھئي. يورپي سياست جي ڳالھھ نڪرندي ھئي تھ ھو مرڪندو ھو ڄڻ تھ حڪومتن ۽ بادشاھن جي مقصدن جي رازن کان واقف ھو ۽ ڄڻ يورپي سياست جي منجھيل سٽ کي ھو آسانيءَ سان سلجھائي سگھيو ٿي. ھن جو ذڪر خاص طرح ھت ڪجي ٿو، ڇاڪاڻ تھ جڏھن ڪراچي اوج تي ھئي، تڏھن ڪراچي، سيٺ نائونمل کان جدا نھ ھئي.“

ضميمو ١٦

سنڌ جي ھاڻوڪي خوشحاليءَ جا مثال ھيٺ ڏنل انگ اکر ڏيکارين ٿا تھ سنڌ، انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ کان پوءِ، ڪيتريقدر ترقي ڪئي آھي:

زمين جي ماليھ جنھن، تي ھندستان ۾ آباد زمين جي ايراضيءَ جو اندازو لڳائي سگھبو آھي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ پنجٽيھھ لک رپيا سال ۾ ھوندي ھئي پر ٥-١٩٠٤ع ۾، زمين جي ڍل وڌي وڃي ١٠٣ لک ۽ ١٩١٢ع ۾ اٽڪل ١٢٠ لک رپيا ٿي. انھيءَ رقم مان اٽڪل اسي لک رپيا آبپاشيءِ مان پيد اٿيا ھئا ۽ آبپاشيءَ ٿيل زمين جي ايراضي ساڍن ٻٽيھھ سؤ ايڪڙن کان بھ زياده ھئي.

واپار جيڪا ترقي ڪئي آھي، تنھنجو اندازو ڪراچيءَ پورٽ ٽرسٽ جي ١٣-١٩١٢ع سال جي انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

١٣-١٩١٢ع ۾، جھازن ٢١٨٣٠٩٠ ٽن سامان ڍويو، جيڪو ڪراچيءَ جي بندر جي لاءِ ھڪ مثال آھي. مڇون ۽ بيڪار جھازن کان سواءِ ڪراچيءَ جي بندر ۾ ٣٧٤٢ جھاز داخل ٿيا، جن سواءِ ٢١٩٥٩٠٤ ٽن سامان کنيو. ١٢-١٩١١ع ۾ ٣٧٠٦ جھاز بندر ۾ داخل ٿيا ھئا ۽ انھن ١٩٣٧٣٠٥ ٽن سامان کنيو ھو. بندر ۾ ٩٩٠ آگبوٽ داخل ٿيا ھئا. انھيءَ جي مقابلي ۾، اڳئين سال ٩١٤ جھاز داخل ٿيا ھئا. آگبوٽن ڪل ٢٠٤٩٢١٩ ٽن سامان آندو ھو. ان کان اڳين سال ۾ آگبوٽن ١١٨٠٠٥ ٽن سامان آندو ھو. بندر ۾ ٥٠٠٠ ٽنن جا ١٦١ جھاز بندر تي آيا، ان کان اڳئين سال (١٢-١٩١١ع) ۾ ١٣٥ اھڙا جھاز آيا ھئا. شاھي بحري آرماڙ جا ٽي جھاز ۽ ھندستاني ٻيڙي جا، سپاھين کڻڻ جا ٻھ جھاز بندر تي آيا ۽ ١٥٣١٦ ماڻھو لاٿا ۽ چاڙھيا ويا. مڪي مان ٽيھتر حاجي لٿا ۽ ٢٠١ حاجي روانا ٿي ويا.