ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”مان ڏوھي ھان“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب قومپرست شاگرد سياست جي اڳواڻ عزيز ڀنگوار جو لکيل آھي جنھن ۾ ڪيئي اعتراف ڪري تھلڪو مچايو.
مرحوم عزيز ڀنگوار 1967ع کان پوءِ ھلايل شاگردن جي قومي تحريڪ ۾ ھڪ ڪارڪن جي حيثيت سان پنھنجي وت آھر ڪم ڪيو ۽ ان سموري عمل ۾ ھن جيڪي ڪجه ڏٺو ۽ محسوس اھو ھن ڪتاب جي شڪل ۾ اسان کي ڏئي ويو. عزيز ڀنگوار ڪتاب جي اڳياڙي ۾ لکي ٿو:
”ھن ڪتاب ۾ مون جيڪي ڪجه لکيو آھي سو سڀ سچ آھي. فرضي ڪھاڻي يا افسانو ڪونھي، پر پنھنجي زندگيءَ جو داستان لکيو اٿم. سنڌ جا سڄڻ مون کي محب وطن سمجهندا ھئا پر انھن سٻاجهڙن سنڌين کي مون جھڙي غدار جي اندر جي ڪھڙي خبر تہ آئون سنڌيت جو ڪوڙو لباس پھري عوام جي آڏو پنھنجو نالو ڪڍائڻ خاطر اھو سڀ ڪجه ڪندو رھيس“
ھي ڪتاب 2008ع ۾ سنڌي ساھت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ