ماڳ مڪان / شھر / ڳوٺ

لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماو مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي. ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
  • 4.5/5.0
  • 804
  • 200
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو

حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو
ليکڪ: ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي
پهريون ڇاپو: 2016ع
ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
ڇپائيندڙ: دودائي سانگي پبليڪيشنز، لاڙڪاڻو

مُلهه: =/600 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
سنڌ سلامت ڪتاب گهر
books.sindhsalamat.com


ملڻ جا هنڌ

رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو
۽
سنڌ جا وڏا بوڪ اسٽال

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو“ اوھان اڳيان پيش آهي. لاڙڪاڻي جي وانجهيل ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن بابت لکيل مضمونن جو ھي ڪتاب ڊاڪٽر غلام علي ھمت علي سانگي جو لکيل آھي.
ڊاڪٽر غلام علي سانگي جي ھن ڪتاب ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي. محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتن ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري.
هي ڪتاب دودائي سانگي پبليڪيشنز، لاڙڪاڻو پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون طاھر حسين سانگي صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

[b]محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي[/b] )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پرين پيش پچار

ڊاڪٽر غلام علي همت علي سانگي قداور مڙس، مقصد جو ڳالهائيندڙ، لباس ۾ شلوار قميص ۽ سنڌي ٽوپ، ٽائيم جو پابند، درس تدريس سان سچو، هاءِ اسڪول لئبريري انچارج هو. پيرڊ کانپوءِ اجائي ڪچهريءَ کان بنهه پاسيرو، وقت جو قدر ڪندڙ، هر وقت مطالعي ۾ مصروف ڏسبو هو.
آءٌ جڏهن دوستن منظور حسين چنو، امام الدين مگسي، حافظ نظر حسين مستوئي ۽ مولوي غلام مجتبيٰ سنديلو سان گڏ لئبرري ۾ ويهڻ جو اظهار ڪيو، وراڻيائين ته لئبرري ۾ اهو ويهي جيڪو پنهنجي ڳالهائڻ تي ڪنٽرول ڪري سگهي، مون ان شرط کي قبوليو ۽ ڪجهه وقت ويٺيس به، پر جلدي 1993ع ۾ M.Ed ڪرڻ لاءِ سکر هليو ويس.
ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو هي ٻيو ڪتاب ”لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو“ توهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ لفظن ۽ جملن جو استعمال نج ڳوٺاڻو آهي. بيان جي جوڙجڪ، فقرن، جملن جي بيهڪ کي اهڙو ته سينگاريو ۽ سنواريو ويو آهي، جو سچ پچ پڙهڻ مهل محترم سيد ميران محمد شاهه جي لکيل سبق طور ”گنجي ٽڪر جو سير“ جهڙو عڪس بلڪه ان کان به ڪي قدر وڌيڪ پرڪشش پيو لڳي.
محترم سانگي صاحب هن ڪتاب ۾ تاريخ جي هڪ نئين باب کي جنم ڏنو آهي. شامل ڪيل مواد ڏوري ڏسي، مشاهدا ماڻي، روبرو ملاقاتين ذريعي بيان حاصل ڪري، اڳين ڪتابن ۽ ڊائرين کي اٿلائي پٿلائي ڄاڻ حاصل ڪري ڪتاب سرجيو آهي. ڪتاب ۾ ڳوٺن ۽ اوطاقن جا احوال اهڙا ته اچاريا ويا آهن جو پڙهڻ مهل ٻهراڙين جي بيٺڪن جو ڀرپور عڪس اکين اڳيان پيو گذري. ان سان گڏوگڏ ڳوٺن جي وستارن (احوالن) ۾ جتي علم جي واڌاري لاءِ مدرسن، مسجدن ۾ درس تدريس جا احوال سڻايا آهن، اتي استادن ۽ شاگردن جو تعارف پڻ ڪرايو آهي. جيڪڏهن ڌاڙيلن، ارڏن ۽ اڙانگن ماڻهن جون ڏاڍايون چٽيون آهن، ته امن پسند انسانن، سخي سرواڻن، جوڌن ۽ انصاف پرورن جون ڪهاوتون ڪهيون آهن، وري ظالمن جي ظلم ۽ جاهلن جي جهل جا داستان سڻايا اٿس ته ڌرتي دوست سرفروشن جي سورهيائين کي به سينگاريو آهي.
سنڌو درياهه جي وهڪرن جي مٽ سٽ کان کاري پاڻيءَ جي پيدا ڪيل مشڪلاتن کي بيان ۾ آندو آهي ته وري مهراڻ جي مٺي پاڻيءَ ۽ زمين جي زرخيزي جا گيت به اڳيان اٿس. سنڌ جي مسلمانن خاص ڪري زميندارن جون عياشين مٿان دولت لٽائڻ، جڏهن ته پنهنجي اولاد ۽ عوام لاءِ تعليم مٿان خرچ ڪرڻ کان لنوائڻ تي قلم وهايو آهي ته سنڌ واسي هندن جون تعليمي خدمتون، اسپتالون ۽ واپاري جاکوڙون ۽ سماجي ڪارنامن کي ساراهيو آهي.
نانگي شاهه جي ڳاڙهي بازار ۽ سيد ڪليم الله شاهه کي به ڳڻپ ۾ آندو آهي ته سنڌ جي سچائيءَ، عزت ۽ شرافت کي به ياد ڪيو آهي. سنڌ ۾ بئراجن جي ٺهڻ ڪري، پنجاب جي فوجي جنرل ڪرنل ڌڙي ۽ چودرين سنڌ جي لکها جريب زمين هٿ ڪري ورتي، ٻئي پاسي هندستان کان آيل مهاجرن اسلام جي نالي سان سنڌ جون شهري توڙي ديهي ملڪيتون لٽي ڦري، ڦٻائي ويٺا ۽ پڻ سنڌ جي شهري قبضن جي سورن ۽ سوزن جا داستان سڻايا آهن.
مطلب ته سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر واري وايو منڊل کان پراڻي لاڙڪاڻي ضلعي تائين ڊاڪٽر سانگي صاحب جو قلم قرطاس مٿان پئي ڦريو آهي. ڪجهه اختلافن هوندي به ڪتاب وڏي عزت لهڻي. باذوق ماڻهو کي کپي ته هي ڪتاب پڙهي ڏيهي ماڻهن ۽ حالتن جي ڄاڻ لهن. حقيقت ۾ ڪٺن ۽ مشڪل مرحلن مان گذري، پار پوڻ ۾ ڊاڪٽر سانگيءَ کي اڻ ڳڻيون مبارڪون آهن. ڌڻي تعاليٰ کيس صحت ۽ همٿ ڏي ته سنڌي ٻولي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري آمين!

حافظ عبدالستار ڪوريجو
هاءِ اسڪول ٽيچر لاڙڪاڻو
15-11-2015

تحسين سندا موتي

ڊاڪٽر مانجهي صاحب ٺٽوي جن جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي املهه گهڙين کي منهنجي حوالي ڪري، هيڏي ساري ڪتاب ”لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو“ جي پڙهڻين لاءِ وقف ڪيو، جنهن کي لفظ لفظ، جملو جملو ڪري پنهنجي تيز نگاهن مان پئي ڪڍيو. موصوف ڪتاب جي پڙهڻي ۾ وڏو سهڪار ڪيو. سچ پچ ته ڪتاب جي موجن ۽ ڇولين مان عملي طور پار پوڻ، لکي ڇڏڻ ۽ نظرثاني ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائڻ آسان ڳالهه آهي، ڇو ته ڪنهن لفظ جو پيروکرو کڻي اصل ڪٽنب سان ملائڻ اڃا وڌيڪ اوکو ڪم لڳي ٿو. ان ريت جو ادبي کيتر جو عام ذوق نه آهي. علم ادب جي ميدان ۾ لفظن جون صورتون ۽ شڪليون صحيح جاءِ تي رکڻ به هڪ قسم جي وڏي ڏات آهي، جيڪا ڪن پارکن ۽ اديبن جي ڪڻين پيل رهي ٿي، جن مان ڊاڪٽر صاحب به هيڪڙائي ڏيکاري ٿو.
جيڪڏهن ادبي ميدان جي ڪن ماڳن مڪانن مٿان دانشوري جهان جون مبارڪون ۽ واڌايون پلئه پون ٿيون ته لاڙڪاڻي تي به اڳ ڪيترائي موزون ۽ مناسب مضمون ۽ مقالا گهڙجي، اڏجي ۽ تراشجي وجود ۾ آيا هوندا، پر ”ڪتاب لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جهڙي چوڻي ۽ پهاڪي کي هڪ ضخيم صورت ۾ ڍالي وجهڻ ۽ ٺاهوڪن وڙن ۽ ورقن سان سينگاري ڇڏڻ جو ڪنهن ٿي خواب لڌو يا ڪنهن ڪتاب هڪ مرمت کي ڳولي لهڻ جا سپنا پئي ڏٺا. ٻي حالت ۾ ڪيئن به ٿيو، اهي ڀلا ڀاڳ محترم گاد جي نصيب تي چڙهيا.
مٿين نواڻ ۾ لاڙڪاڻي جي باري ۾ نصيب آزمائي ٿي چڪي هوندي، پر نتيجي ۾ نيٺ سوڀ گاد صاحب جي هوندي. ان ڪاميابي سنڌ جي ٻين ڪيترن ضلعن جي اديبن کي سجاڳ ڪيو ۽ ان ريس رونق ڪيترا وڏا وڏا شاهڪار پيدا ڪرايا. پوءِ به ان نموني تحسين جا وکر ڇڙو گاد صاحب جي حوالي ٿيا. ان راءِ کي وڌاءُ سمجهڻ وارن جي نظر ۾ به راءِ آزاد آهي. ڪتاب جي ضخامت جي ايتري اهميت آهي جو چو ساله ٻار پنجن گهڙين تائين ڪتاب هٿن ۾ جهلي نه سگهندو.

لڪل ۽ کنڊريل مواد مٿان ويچار

هي ڪرتا ۽ ڪٿا ڪي قدر ٻين ڇپيل ڪتابن جي مواد کان شايد نرالي آهي. ماڳ مڪان، وسنديون واهڻ، شهر ننگر ته ساڳيا نالا والارين ٿا، جن سان پڌرا رهندا اچن ٿا، يا ڪي هاڪاريون هستيون به وري وري ڪتابن ۾ جائگير رهنديون پيون هلن. پوءِ به ڪن ساين شخصيتن، وسندين وٿاڻن جي ڇڏيل پهلوئن ۽ پاسن کي نڪور ڍنگ سان پيش ڪرڻ جي جاکوڙ ڪيل آهي، گهڻي ڀاڱي اهي آباديون، وستيون، واهيرا، ڪردار ۽ سندن ڪارناما کوليا ويا آهن، جيڪي لکاري ساٿين جي قلمي ڪاوشن کان گهڻي ليکي اوجهڙ ۽ پاسيرا رهجي ويا هجن، سي جاکوڙي، ڳولهي، ڦولهي هٿيڪا ڪيا ويا آهن ته جيئن نئين تازي ڍنگ جا ليک ۽ لکتون نشانبر ٿي پون، اهڙن شهپارن کي شايد اڳ ڇپائي جو دڳ نه ڏيکاريو ويو هجي.
سڀ ڪو پنهنجي ڪرت ڪار جي ڪٿا کوڙ ساري موج ۽ مهارت سان ڪندو رهندو آهي، هوبهو انهيءَ ڪڙي سان عمر جو ڳپل ڳهو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ کپي ويو آهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ روايتي سکيا، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم جي ادارن جي به ياد تازي ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته تعليمي اِدارا ئي تمدن ۽ سڀيتا جا عظيم ٿنڀا رهيا آهن. ان اپٽار کي ڇڏي ڪري، موضوع جي کيتر جي مٽ سٽ ڪندي ڪن واقعن، موقعن، سير سفر جي وندر جي وڙن کي به نه وساريو ويو آهي، ساڳي سمي جي جائزن ۽ تجربن يا تجزين کي به جاءِ ڏنل آهي.
جڏهن ته تاريخ جي کيتر ۾ سرڪش بادشاهن سر ڦري اميرن، سٻر ساهيٽن ۽ پڌر پيل پرمارن جي ڪارنامن کي چڱيءَ ريت ٿانئيڪو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر قلم ڌڻيءَ پنهنجي قوت ۽ ڪڙي کان گهڻو ٽپيل پهلوانن، وڏن شڪارين، يا هوندي وارن کي ڪتاب جي زيب زينت بنايو آهي. اهي خطرناڪ هستيون هر ننڍي وڏي جي ڪن ۽ وات آيل ۽ ٻڌل رهن ٿيون. مثال دارا شهنشاهه ايراني، سڪندر اعظم يوناني، چنگيز خان منگولي، تيمور خان به منگول هو؟ نادرشاهه ايراني وغيره جن کي ڏاڍ ۽ جبر جي جهان ۾ گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، تن اڳرائي ڪندڙ جابرن ۽ پراون ۽ امن پسند ملڪن مٿان هلان ڪري دنيا ۾ رڳو تباهيون ۽ برباديون آنديون هيون.
جهان ۾ مذڪور آپيشاهن جي پيدا ڪيل مانڌاڻ کي ڪو به دانشور منهن موڙ نٿو ڪري سگهي. تاريخ اهي ڪردار هر نئين پود کي ياد ڏياريندي رهي ٿي، ليکڪ اهڙن پرمار شڪارين، هاڪاري اڙيالن ۽ پاڻ وهيڻن ڏاڍن جي ڏاڍاين جي لڙهي کي ڍونڍي هٿ ڪري تاريخ جي سيني تي آڻڻ ۾ سرگردان رهيا آهن. پوءِ ڀل ته اهڙي کوجنا کي ڳولهي ميدان تي پهچائڻ ۾ ورهين جا ورهيه لڳيو وڃن. ان جاکوڙ ۽ هورا کوري ۾ پنهنجي عمر عزيز جي اهم حصن کي ڳارڻ ۽ کپائڻ جي پرواهه نه ڪندا آهن. ساڳي انهيءَ مٿا ڪٽ مٿان ذاتي خرچ ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندا آهن. ان جستجو ۾ ڄڻ ته ڪا گوءِ کٽڻي پوي ٿي. اهو لکت وارو ڍنگ رواج پيل هڪ قسم جي ريت رسم پئي ٿي هلي.
مٿين وستار مان اها ماجرا به پڌري ٿيندي رهي ٿي ته ماڻهن جي گهڻائي شينهن کي گهڻو پسند ڪندي رهي ٿي. ساڳي سمي انسان پنهنجي مٿان ڪنهن نه ڦاڙيندڙ جانور جو نالو يا لقب چوائڻ تي پاڻي کان نڪري ويندا آهن، پر شينهن سڏائڻ تي ڏاڍا سرها ۽ گد گد ٿيندا آهن، اهڙي هانءُ ڦاريندڙ جاندار جي تصوير به ڇاتيءَ مٿان لڳائڻ ۾ ناز ۽ وڏائي ڄاڻندا آهن.
اها به هڪ لکيل ۽ چٽي حقيقت آهي ته پيڙهيل، ماريل، هار کاڌل يا ڪنگال ۽ ڀينگ ٿيل ڌڙي جو بيان ڪيو ويو هوندو ته ان کي نه ايتري مڃتا ملي هوندي نه وري ڌيان ڏنو ويو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڊنگ ۽ ڦوروءَ کي سماج اڃا سوڌو ويجهڙو ۽ من پسند رکيو اچي ٿو.
بيان ڪيل وايو منڊل ان ڪري مٽ نٿو ٿئي، جو هتي تعليم عام نه آهي، هي ملڪ ورهاڱي کان اڄ تائين سکيا جي کيتر ۾ پٺتي ڌڪيل رهيو اچي ٿو. اها ڳالهه ڳڻيندي هن ڪتاب ۾ اپٽار ڪيل ڍنگ جي ابتڙ هڪ نڪور راهه سان هلجي ٿو، جن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ ڪردارن کانسواءِ انهن واکاڻيل وڻجارن کي جائگير ڪيو ويو آهي، جن کي فقط پنهنجا گهر ڀاتي ياد رکندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته هن ڌڙي جي ڪارجن جي نرالي لکت کي ڏسڻ سان خاص سوچ ساڃاهه وارا شايد پسند ڪري وجهن، انهيءَ ريت ڪتاب جي ڪن وڙن کي پڙهندڙ دوستن جي وندر لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو.
سنڌ جي اوطاق جو پسارو، سنڌي نصاب جي پڄاڻي تي پبلڪ سروس امتحان يا ڪاميٽي امتحان يا ورنيڪيولر فائينل امتحان، ملڪي آزاديءَ جو جائزو سنڌ ايڪتا ضروري، ڪلهوڙا دور جي غلط تاريخي ماڳ ”دهر“ جي درستي، ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخي ماڳن ماهوٽا، هٽڙي، ٽڳڙ، نائچ، نانگو شاهه هيرا منڊي، آريجا، مائي شاهل، وارثڏنو ماڇي وغيره ڳوٺ ۽ وسنديون ۽ اتي جي شخصيتن جي دلچسپ نموني وستار ڪئي ويئي آهي. ٽي سفرناما، انجمن صديقي جهڙن انوکن عنوانن کي نروار ڪيو ويو آهي. ان ريت لاڙڪاڻي پرڳڻي جي رنگين نچوڙجي وچور کي پڌرو ڪيو ويو آهي. هنڌن ماڳن جا نالا ته ساڳيا رهن ٿا، پر منجهن رنگ ٻيا ڀريا ويا آهن، جن ۾ گهڻي کان گهڻي نواڻ نروار ٿيل آهي.
تاريخي ماڳ ماهوٽا جي موهن جي دڙي جي سڀيتا سان نبست رهي آهي، جنهن ٿاڪ کي يوناني ليکڪن پنهنجن تاريخ ۾ سانڍيو آهي ۽ ٻين ڪيترن دانشورن به وسان نه گهٽايو آهي، پوءِ به هن سدا بهار وٿاڻ جي سيٺ تيجومل جي هڪ سؤ گهاڻن ۽ هڪ سئو ڏاندن جهڙي وڻج، ڌاڙيل سفر چاچڙ ماهوٽائي جا حيران ڪن واقعا، اتان ئي هڪ وينگس کي اغوا ڪندڙ سنڌ جي سياستدان، اديب ۽ دانشور کي وائکو ڪيو ويو آهي. هٽڙي ڳوٺ ته ڪيترن ئي واقعن سان ڀريل آهي، پر هتي جي حاذق حڪيم علي شاهه جي حڪمت ۽ غلام شاهه گويي جي فنڪاري ۽ شاعري پڌر پٽ ٿي آهي، هن جي فني صلاحيتن ۽ ادبي ڪاوشن جي ڪري سندس نالي کي ”هٽڙي غلام شاهه“ نالو ملايو ۽ ڳنڍيو ويو آهي، ان روءِ ۽ روپ سان اها جاکوڙ رهي آهي ته لاڙڪاڻي خطي کي هڪ نويلي ۽ نئين ڍنگ سان هن ڪتاب جي زيب زينت کي وڌايو ويو آهي، هاڻوڪو ٽڳر ڳو ٺ ڪنهن سمي تعلقو هوندو هو، جيڪو ڏوڪري تعلقي جي حدن ۾ آهي، ٽڳر کانپوءِ باقراڻي تعلقو جڙيو، ان پڄاڻا تعلقو لب درياءَ ٺهيو، جڏهن ته لب درياءَ ڪنهن به ماڳ مڪان يا وسنديءَ جو نالو نه هوندو هو. لب درياءَ جي نالي کي مٽائي ڏوڪري شهر کي تعلقي ۽ صدر مقام جو درجو ڏنو ويو، جڏهن ته هاڻوڪي باقراڻي شهر کي به تعلقي جي ڪڙيءَ تي جوڙيو ويو آهي، ٽڳر وسندي ارغون دور حڪومت ۾ سندن ظالم ڪمدارن کي به نشانبر ڪيو ويو آهي، ساڳي وٿاڻ تي ڪلهوڙا حڪومت سمي علامه مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجو پريالوءِ وارو وڏي حيثيت سان اڀريو، جنهن سان نادر شاهه ايراني ۽ احمد شاهه ابدالي افغاني مليا. ڪلهوڙا دور جي بي بسي مٿان جائزو، نائچ ڳوٺ جا ابڙا زميندار، سِکَ ساهيٽا واپاري ۽ ڀٽائي سائين جن جو نائچ ۾ تڪيو پڌر پيل حقيقتون رهيون آهن، هونءَ ته ضلعي لاڙڪاڻي جي جاگرافي هن ٿاڪ جو ذڪر ڪري ٿي، يا ٻين ڪيترين لکتن ۾ هن جو رسمي بيان ٿيل آهي. اهڙي اڳ ۾ آيل مواد کان هٽي ڪري لڪل تاريخي ورقن کي ڳولهي لکيو ويو آهي. هتان جو زميندار علي محمد ابڙو راڳ ويراڳ ۽ ٿيٽر ڏسڻ جو ڏاڍو هيراڪ ٿي گذريو آهي. پراڻي دور ۾ لاڙڪاڻو سيئنما گهر رائل ٽاڪيز ۾ نورجهان ۽ ڀيڻس عيدن جهان زندهه ناچ ۽ گانا ٿيٽر جي شڪل ۾ ادا ڪيا، جنهن ۾ ابڙي زميندار هنن جو سکر، لاهور کان قصور تائين پيڇو نه ڇڏيو، ان جو نتيجو ۽ جائزو ڏنو ويو آهي.
نانگو شاهه هيرا منڊيءَ جي چڪرن ۾ ڪيترا امير، جاگيردار، زميندار ۽ ڪامورا ڦرجي ڦيريدار بڻجي ويا. ان چڪر بازيءَ ۾ هيرا منڊيءَ جي حسن، ناچ ۽ گاني جي هاڪ ۽ ناڻي جي دَن جي ڌاڪ وڏي اوج تي پهتي. اهڙي حسن جي کيڏ ۽ پيل خزاني مٿان فطري زوال اچي ڪڙڪيو. گهڻين شادين جو هيراڪ وڏو حاذق حڪيم، اديب، عالم، شاعر، فنڪار، سٺو شڪيل ڪيترن ٻولين جو ڄاڻو ڪليم الله شاهه هلندي هلندي وڏ گهراڻي جي عورت سان نڪاح ڪيو، ان واقعي جو نتيجو ۽ جائزو حيرت کان خالي نه آهي، ڏوڪري تعلقي جو ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ روايتي سکيا گهر هند ۽ سنڌ ۾ هاڪارو رهيو، انهيءَ اداري جا علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو ۽ علامه مخدوم نور محمد آريجو پڌرپيل عالم ۽ مدرس اعليٰ هئا، جن جا شاگرد رشيد علامه محمد عاقل شاهه هالاڻي، علامه محمد قريشي ٻيرائي، علامه سيد محمد راشد شاهه روضي ڌڻي عليه رحمة وغيره وڏا ناميارا علماءَ ٿي نڪتا. ملڪي آزاديءَ جون حقيقتون بيان ٿيل آهن، جن ۾ درسگاهه شهدادڪوٽ جا طالب گهڻو مشهور ٿيا، جن ۾ پير سيد تراب علي شاهه راشدي ۽ پير انور علي شاهه راشدي ناليوارا نالا رهيا، جن انگريزن خلاف ملڪي آزاديءَ جي لاءِ هند ۽ سنڌ ۾ وڏي هلچل مچائي ڇڏي.
مدرسو ملا ابڙا جي پيداوار مولانا احمد ملوي به خلافت تحريڪ کي زور وٺايو، دانشگاهه ڌامراها جي طالب ۽ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي برٽش انڊيا حڪومت کي لوڏي وڌو، هند کان افغانستان تائين رڻ ٻاري ڏنو، مدرسي پير وڏل شاهه جي فڪر جي پيداوار مولانا پير مٺل شاهه راشدي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ جيل ڪاٽيندو رهيو، پر انگريز مخالفت تان هٿ نه کنيائين. مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو مان فيض فضيلت وارا شاگرد سرشاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ملڪي ڇوٽڪاري لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ قربانيون ڏنيون، ملڪي آجپائي پڄاڻا سنڌ سان ٿيندڙ ڪلور ۽ ويڌن ويل کهڙي صاحب ۽ جتوئي صاحب جا مهاڏا اٽڪائڻ واکاڻ جوڳا رهيا. سنڌي ابتدائي تعليم سرڪاري نموني سنڌ اندر 1853ع کان هلي، جنهن جا امتحان ۽ نتيجا نڪرندا رهيا، ڪامياب شاگردن کي ”سندون“ (سرٽيفڪيٽس) ملنديون رهيون، جن ”سَنَدن“ جي اوسر جو احوال پيش ڪيل آهي، سنڌي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ ”اخبار تعليم“ نالي هڪ سرڪاري رسالو وجود ۾ آيو، جنهن ۾ خاڪا، بيان، مضمون سنڌي استاد ۽ تعليمي آفيسر لکندا هئا، جن جا موضوع تعليم جا طريقا ۽ اصول پڙهائڻ جي ڍنگ سان هئا، سنڌي نصاب، ڏيهي ۽ پرڏيهي شخصيتون، سائنسي ايجادون ۽ علم ادب مٿان قلم کنيل رهيو. سنڌ جي تاريخ ڪلهوڙا جي ليکڪ محترم غلام رسول مهر صاحب لکندي لاڙڪاڻي ضلعي جي مقام ”دهر“ لاءِ ظاهر ڪري ٿو ته اهو ماڳ هن کي سمجهه ۾ نه آيو آهي، ان وٿاڻ جي پرک پروڙ سان درستي ٿيل آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ”اوطاق“ جو سنڌي سماج ۾ وڏو حصو رهندو اچي، جنهن ۾ عام ڪچهريون، رهاڻيون، آچار ويچار، صلاح مصلحتون هلندا رهن ٿا. زندگيءَ جي وندر خاطر راڳ ويراڳ ۽ مزاحي محفلون به رچايون وينديون آهن، اوطاق ڳوٺن جو ثقافتي ادارو ۽ سکيا گهر آهي، جنهن ۾ عوامي ڀلائي، شادي، فوتي، معيشت سڌارڻ جا رستا ازدواجي چڪرن ۽ ٻين ڦڏن جو ترت نيڪاليءَ جا گس گت ملن ٿا. جيئن ته ڪي هوندي وارا پنهنجا سير سفر قلم بند ڪري ڪتابي دنيا ۾ آڻين ٿا. ساڳي رنگ ۽ رس سان ٽي سفرناما ڏنل آهن، جن ۾ محمد صديق چانڊئي جو حرمين جو پيادل پنڌ، مسٽر عبدالحسين جوڻيجي جو سنڌ هند جو بنا سواريءَ سير ۽ ليکڪ جو تازو 2014ع ۾ عرب جي سرزمين جو 8 ڏينهن سفرنامو نظر مان ڪڍڻ جهڙا آهن، انجمن صديقي لاڙڪاڻو شهر جنهن جي اوسر ۽ دائري عمل کي ڏنو ويو آهي، جناح باغ انجمن صديقي ۽ سياسي ڌرين جي گڏجاڻين جو وڏو ڳڙهه ۽ مرڪز رهندو آيو آهي، تنهن جي ڪارگذارين کي آندو ويو آهي. وارهه تعلقي ۾ ”ڳوٺ مائي شاهل“ نالي آهي. محترمه شاهل عرف شاهه خاتون، جيڪا قمبر تعلقي جي جاگيردار گهراڻي جي هڪ مانائتي عورت هئي، سندس گهرواري ٻي شادي ڪئي، ان ڪروڌ مان نڪري پنهنجي نالي ڳوٺ قائم ڪري اچي ويٺي، انگريز دور حڪومت ۾ هن جي گهران چوري ٿي، جنهن جي واپسي نه ٿيڻ ڪري، برٽش حڪومت هن کي عيوض ۾ ٻه ٽي سئو جريب ناقبولي زمين ڏني، جنهن زمين ۽ ڳوٺ مٿان سندس پويان قابض رهندا اچن ٿا، قمبر شهر واسي ڌاڙيل پيارو گوپانگ کي گهٽهڙ ۾ ٿانيڪو ڪري پوليس مقابلي ۾ 1962ع ڌاري ماريو، جنهن ڪيتريون وارداتون ڪيون هيون. رتيديري تعلقي جي ڳوٺ وارثڏنو ماڇي مٿان افغاني گهلرن چڙهائي ڪئي، ڳوٺ واسين ماڇين ڏاٽن سان ڌاڙيلن جو مقابلو ڪري کين، ڀڄائي ڪڍيو.
مٿين ڌُنِ ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي پراڻي حدن کي ياد رکندي، قنبر، شهدادڪوٽ، ميروخان، سجاول، وارهه جي ماڻهن ۽ ماڳن کي به لکت جي دائري ۾ آندو ويو آهي.
اها به هڪ مڃيل ماجرا آهي ته ملڪ جي مهانگائي امن سلامتي اڻلڀ، ٿاڻيداري نظام جي ڦرلٽ ۽ اغوا انڊسٽري جو مانڌاڻ، سکيا سالن کان نجهڙي ۽ انصاف ڳولهيو نه لڀي جي ڪشمڪش ۽ پريشانين جي ڪري ڪي ٿورا ڪتابن کي ڏسڻ وارا آهن، جيڪي ساٿي گهرو بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري ڪتاب ڳنهي پڙهندا رهن ٿا، سي وڏا جس کرا آهن.
جيئن ته اسرندڙ ملڪ ترقي ڪيل ديسن کان تعليم، فني سکيا، ذهني سوچ ۽ کوجنا جي ڪٿا کان گهڻو پوئتي پيل آهن، جيڪر ترقي يافته ڏيهه، پوئتي پيل ملڪن جي ڀلائي بهتري ۽ سلامتي چاهن ته پورو جهان جنت بڻجي وڃي.
ڊاول ديس انساني ٺيڪيداري جي وڙن ۾ عالمي ڀلائي ۽ عوامي جمهوريت جا راڳ ڳائيندا رهن ٿا. سچ پچ ته اهي دلال ئي غريب ملڪن جي بربادي ۽ اڻٽر حاڪمن جا ساٿاري ثابت ٿيندا رهيا آهن ته جيئن سر ڦريا ۽ ڊڪٽيٽر حڪمران سندن سازشي حرڪتن مٿان مٿا ٽيڪ ڪندا هلن ۽ پنهنجن ديسن جا ويري ٿي بيهن. گڏيل قومن جو چارٽر انساني بنيادي حقن جي سونهري لکت سان سينگاريل آهي، پر ان مقدس دستوري قلمڪاري جا ويري به پاڻ آهن.
مٿين ورتا جي ڏس ۾ اوڀر ڏور ۾ جاپان کي ائٽم بم سان اڏائڻ، ويٽنام سان ويڌن ڪرڻ ۽ ٽاڪوڙا وجهڻ، ڪوريا جي ڪٽ سٽ ڪري ڇڏڻ، وچ اوڀر جو مدامي مرڻاس ڪرائڻ، شام ۽ سوڊان ڏيهن جون وحدتون ٽوڙڻ، جنوبي ايشيا ۾ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا مان ڀاڱا ڀيل ڪرڻ، عراق، افغان ۽ لبيا جون پاڙون پٽڻ واريون جوڙون توڙون، سڌريل ملڪ چورائيندڙ اتحادي ڌرين جو ابتو دستور رهيو آهي.
انسانيت جي لغوي کول، ماڻهپو، آدميت، شرافت، اخلاق، فضيلت آهي، پر ماڻهپي جا واڪ ڏيندڙ ترقي ڪيل ڏيهه انسانيت جي ابتڙ پنهنجي ڏاڍ ۽ سازشن جا هيراڪ ٿي چڪا آهن، جن ڪنگال ملڪن جي تڏا ويڙهه ۾ پئي ڪردار ادا ڪيا آهن. طالبان، القائده، بوڪو حرام، داعش وغيره تحريڪون به سندن کنڌي جي پيداوار آهن. پنهنجي اڳرائي، داداگيري ۽ گنهگاري کي گوڏي هيٺان سانڍي، مخالف ڌڙن کي دهشتگرد، بنيادپرست، انتهاپسند ڳڻي، کين ڪچليو وڃي ٿو. ڪنگال ديس پنهنجي ڪنگالپڻي ۽ بدحاليءَ جي ڪري ڊاول ۽ خوشحال ملڪن جا پيروڪار رهن ٿا.
حقيقت ۾ اپٽار ڪيل ويڙهاڪ ٽولا ته سگهو تباهه ٿي وڃن، پر انهن جي وحشي ڪاررواين کي اينگهائڻ ۽ زور وٺائڻ به خوشحال ملڪن جي حڪمت عملي ڪم ڪندي رهي ٿي، اهڙي ڇيڙ ڇاڙ ڪرائڻ جو ڪارڻ ڀينگين ۽ بيسهان ملڪن جي معدني وسائل تي قبضو ڄمائڻ آهي. ترقي يافته ملڪ امن پسند هٿ ٺوڪيون ۽ ويڙهاڪ منڊليون خوراڪ ۽ ٻيا انيڪ وسيلا ڪٿان آڻينديون رهن ٿيون، جو هو سالن جا سال ڪارروايون ڪندا رهن ٿا. پوءِ به اهي وحشي ويڙهاڪ چٽ ٿيڻا آهن. جيستائين اسرندڙ ملڪن جي تعليم جو سڌارو نه ٿيندو، تيستائين مغربي اتحادين جون من مانيون ۽ جوڙ توڙ جا ڄار ۽ ڌاڪا چٽ پٽ نه ٿيندا.
اتحادي ملڪن جي ويٽو پاورس جي جوڙ توڙ:
من ماني ڪندڙ پاڻ وهيڻا ۽ سگهارا يورپ آمريڪا اتحادي ملڪ عالمي تباهيءَ برباديءَ وارا هٿيار تيار ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته دنيا جي ملڪن جي گهڻائي جديد فني صلاحيتن کان ڪوري ۽ اڻ ڄاڻ آهي، پر هن ڏس ۾ ڪو به نئون ملڪ اهڙي فني حرفت سازي ۽ ڪاريگريءَ جو ڍنگ هٿ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ڪنهن حد تائين سوڀاري ٿيڻ جي دنگن تي پهچڻ وارو آهي ته ڄڻ هن ڏيهه ککر ۾ کڙو هنيو. بنا ڍر جي اتحادي انهيءَ ملڪ جي ڪڍ پئجي وڃن ٿا، کيس هراس ۽ دٻاءَ ۾ رکڻ لاءِ مٿس پابنديون مڙهين ٿا. نيٺ ان ڏيهه جي معيشت کي کوکلو ڪري، کيس گوڏا کوڙائين ٿا. ان مان چڱيءَ ريت پڌرو ٿيو ته اتحادي، دنيا جي اسرندڙ ملڪن کي آزديءَ سان هلڻ نٿا ڏين.
اتحادين جي جڙتو راءِ ڦهلائڻ جو حربو:
ننڍي کنڊ ۾ 1857ع ۾ انگريز حاڪمن خلاف ملڪي ماڻهن آزاديءَ جي هلچل هلائي. انگريزن هنن کي دهشتگرد، فسادي ۽ باغي ٺهرائي، ڪچلڻ شروع ڪيو. 1896ع ۽ 1942ع ڌاري سنڌ ۾ ٻه ڀيرا مارشل لا لڳائي، سنڌين کي دهشتگرد قرار ڏنو ۽ هزارين سنڌين کي مشينن ۾ ڏيئي ڪتر ڪري شهيد ڪيو ويو.
هن سمي آمريڪا سرڪار جو ورلڊ آرڊر هلي ٿو، جنهن پٽاندڙ آمريڪا پنهنجي بچاءَ ۾ هر هنڌ هلان ڪري سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي آزادي بحال رکڻ جي جاکوڙ ڪندي، اتحادين کان منهن موڙ ڪري ٿو ته اتحادي ملڪ ان آزادي پسند ملڪ جي خلاف دهشتگرديءَ جو بهانو گهڙي تيار ڪري، ان آزاد ملڪ کي چٽ پٽ ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن. جهان جي آدمشماري ۾ مسلمانن جي ڳڻپ ڪنهن به مذهب کان گهٽ نه رهي آهي. ان وڌندڙ آباديءَ کان مغرب وارا ڊپ ۾ ڀريل رهن ٿا.
فوڪوياما: هن ماڻهوءَ کي اسلام دشمني جو وڏو خفت ۽ جنون آهي، هو اسلام کي اسلام و فاشزم ٺهرائي ٿو. انصاف جون حدون لتاڙ ڪندي وڏي واڪي چوي ٿو ته اسلام جي واڌاري سان تاريخ جو خاتمو گهٽ آهي، پر مغربي نظريه جو صفايو زياده ٿي ويندو. هن ساڙيل مغربي دنيا ۾ مسلمانن خلاف باهه ڀڙڪائي ڇڏي. هو گهري ٿو ته سڄي دنيا مٿان مغربي ممالڪ جي بالادستي ۽ فوقيت رهي.
سيميوئل هنٽنگٽن: هي حاسد به اسلام دشمن آهي، چوي ٿو ته اسلام دهشتگرد مذهب آهي، مغربي دنيا کي ايترو ڪميونزم مان خطرو نه هو، جيترو اسلام مان خوف آهي.
سچ پچ ته مغرب وارن ملڪن جي عجيب منطقي سوچ آهي، جڏهن ته مسلم شماري جهان جي آدمشماريءَ جي اڌ جيتري کن ٿيندي. مغرب وارن جون مقدس ڪتاب الله خلاف حرڪتون ۽ گستاخانا خاڪا ڇاپڻ سان ناروا ۽ بڇڙا حربا ڪم آڻي چيو وڃي ٿو ته اهو سڀ آزاديءَ راءِ جو اظهار آهي، چند ماڻهن جي ڇڙواڳي ۽ آوارگي واري راءِ جو احترام قائم رهي، پر ڪروڙها يا اڌ دنيا جي ماڻهن جي دل آزاري ٿيندي رهي. اها ته بين الاقوامي بي انصافي ۽ عالمي انڌير آهي.
مٿن ممڻ مچائڻ ۽ اڌ جهان جي جذبات کي ڀڙڪائڻ جي ڪري، جيڪڏهن انفرادي نموني گستاخانا خاڪا ڇاپڻ واري پريس پئرس مٿان هلان ٿي پئي، ڄڻ ته پوري مغرب مٿان آسمان ڪري پيو، جنهن وقت فلسطين جي علماءِ ڪرام ۽ صحافين کي جهاٽڪو ڪيو وڃي ٿو ۽ عربن جي ملڪن مٿان قبضن مٿان قبضا ڄمايا وڃن ٿا. تڏهن ته مغربي قوتون ڏاڍو تماشائي ۽ خاموش آهن.

[b]يورپي قومن جا دنيا جي کنڊن مٿان ڇاپا، ڌاڪا ۽ قبضا:
[/b] يورپي قومن پرمار ۽ شڪاري ڌاڙيلن ايشيا، آفريڪا کانسواءِ ٻي دنيا کي سمنڊ پار ڪري ڳولهي هٿ ڪيو، اتي جي رهاڪن کي تير ڪمان، ڀالا وغيره پراڻي دور جا هٿيار هئا، ان جي ڀيٽ ۾ يورپين وٽ جديد ٽيڪنالاجي وارا بارودي هٿيار، جن سان پراڻن رهاڪن کي تباهه برباد ڪري ڇڏيو.
جيئن ته آسٽريليا 29 لک چورس ميل زمين کنڊ آهي ته پوءِ 38 لک چورس ميل ڪئناڊا کي به ته کنڊ چوڻ جڳائي، برازيل به ساڳي ايراضي وارا ملڪ جنهن کي کنڊ سڏجي. اتر آمريڪا به کنڊ ليکجي، ڏکڻ آمريڪا کي وري پنجون کنڊ سڏجي، مذڪور پنجن کنڊن جي اصل ڄاون کي ماري ناس ڪري ڌرتي خالي ڪرائي، پنهنجن ماڻهن کي هتي آباد ڪيائون.
مذڪور کنڊن جي ڪروڙين جانين جو ڄاڻي ٻجهي ڪوس قتلام هڪ پاسي ڪيو ويو ۽ لکها چورس ميل زمين مٿان ٻئي پاسي ڌاڪا ڄمايا ويا. جڏهن ته ڪربلا جي قضيه کي صدين کان وٺي هر سال مسلمان غم ناڪ احتجاجن سان ياد ڪندا رهيا اچن ٿا، پر هن پنجن کنڊن جي اصلوڪي مالڪيءَ لاءِ ڪير به افسوس ناڪ ۽ غم ناڪ احتجاج ڪرڻ وارو ماڻهن جو ٽولو نه ڇڏيو ويو آهي. جيڪڏهن هجي به پر سندن واقعي کي ميڊيا تي آڻڻ وارو نه آهي، جيڪو هن عالمي ظلم جي داستان کي نندي ۽ بدنام ڪندو رهي، ڇا لاءِ ته ميڊيا تي به مغربي دنيا قابض رهي ٿي.

[b]مسلم ممالڪ:
[/b] دنيا جي گولي تي 57 کن مسلم ملڪ ٿيندا، جن جي زمين ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ گهڻي کان گهڻي آهي، کين جيتري افرادي قوت تيتري پيداوار آهي، جنهن ۾ ذراعت، معدني، وسيلا، مٺي پاڻي جا ذخيرا، درياهه، سمنڊ، سامونڊي بندر آهن، مسلم قومي درد ۽ ساڃاهه رکندڙ مسلم سربراهن 22 سيپٽمبر 1969ع تي آرگنائيزيشن آف اسلامڪ ڪانفرنس (او آءِ سي) جو بنياد رکيو، جنهن جا هيٺيان مقاصد آهن:
1- مسلم اتحاد.
2- اسلام مخالف جڙتو راءِ جو توڙ.
3- يو اين او جي چارٽر تي عمل.
4- مسلم آزادي ۽ دفاع.
5- دنيا ۾ امن بحالي.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مسلم امت اڌ جهان ۾ پکڙيل آهي، سندن تنظيم، او آءِ سي جو نالو ۽ پسارو ڀاري، پر مسلم ڏيهن ۾ ويراني ۽ ڀينگ ٿي وسي. حقيقت ۾ جيڪڏهن ڪنهن رٿا ۽ سٽا مٿان عمل نه هوندو، ته اها منصوبابندي بي ڪار ۽ اجايو رهجي ويندي. هي ادارو اڃا فعال ۽ ڪارائتو نه ٿي سگهيو آهي، ڇالاءِ ته مسلم دنيا جا ٽي ملڪ عراق، لبيا ۽ افغانستان چٽ ڪيا ويا آهن. صوماليا، نائيجريا، الجزائر، مصر، يمن، شام وغيره ملڪن ۾ خلفشار هلي رهيو آهي.
”دانشور آصف جيلاني جي لکت پٽاندڙ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ آمريڪا فاتح ٿي دنيا ۾ نروار ٿيو. ڪوريا جي جنگ کان پوءِ هن سمي تائين 37 ملڪن خلاف دنيا ۾ لڙائي ڀڙڪائي آهي، جنهن ۾ لکها ماڻهن کي موت جي آڙاهه م جلايو وڃي ٿو. 2009ع ۾ دنيا جي ملڪن جملي 1531 کرب ڊالر فوجي خرچ ڪيا. جيڪڏهن دنيا ۾ امن سلامتي ٿي وڃي ته آمريڪا جون اسلحه ڪمپنيون بوينگ، لاڪ هيڊ ۽ جنرل اليڪٽرانڪ ٺپ ٿي وينديون، ان ڪري آمريڪا کي دنيا ۾ صلح سانت خلاف رهڻو آهي.“
امير مسلم ملڪ پنهنجن ڏيهن ۾ آڪسفورڊ ۽ ڪيليفورنيا جهڙيون يونيورسٽيون کڙيون ڪري وجهن ها، جن ۾ سڀني مسلم شاگردن جي داخلا جا دروازا کليا رکيا وڃن ها ۽ کين اسڪالر شپ جون سهولتون به ڏنيون وڃن ها. ساڳي وقت شيعا ۽ سني جلندڙ مانڊاڻ جي به تيزي سان پاڙ پٽڻ کپي ها جيڪو مرڻاس صدين کان ڪر کنيو مسلم ايڪي کي هاڃو رسائي ٿو.
اسلامي هيڪڙائي ۽ اتحاد پرمار ۽ سازشي ملڪن کي ڀانءِ نٿو پوي نه پيو، مثال لارينس آف عربيا کان عثمانيه خلافت خلاف عربن کان بغاوت ڪرائي، خلافت جو شيرازو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو. وري عربن خلاف اسرائيل کي تيار ڪيو ويو. هاڻي ته سائنسي سازشن سان اتحادي شڪارين پنهنجي حريف ايجنڊا تي مسلم ممالڪ کي رکيو آهي، جن مان ڪن اسلامي ديسن کي نيست نابود ڪري چڪا آهن، باقي واري واري سان دشمنيءَ واري لسٽ تي چڙهيل ملڪ تباهه ڪيا پيا وڃن. عراق ۽ لبيا جي تيل مٿان ڌاڪي جي ڪري اتحادي سستو تيل کڻندا رهن ٿا.
اولاهان ارڏا ملڪ پنهنجن حوارين سان ٻٽ ٿي، اسلامي دنيا جي بربادي لاءِ سي آءِ اي موساد ۽ را وغيره کي ڪم آڻي تخريبڪاريون ڪندا رهن ٿا. جيڪڏهن اسلامي دنيا کي آزادي ۽ سلامتي برقرار رکڻي آهي ۽ صحت، معيشت ۽ تعليم سڌارڻي آهي ته عالمي ڌوڪيبازن ۽ شڪارين کان بچاءَ رکڻو آهي. اسلامي بلاڪ ۾ انصاف، برابري ۽ ايماندارانه سياست کي اوليت ڏيڻي پوندي ته جيئن داخلي هيجان ۽ بحران ختم ٿي وڃن. ٻي حالت ۾ الهندي وارا شڪاري اسلامي ملڪن جي اندروني خلفشار جو بهانو ۽ جواز کڙو ڪري منجهن انقلاب آڻائين ٿا. انساني بنيادي حقن جي پائمالي جا ڍنڍورا پٽرائيندا رهن ٿا. اهڙين اٽڪلن ۽ حرفتن سان مسلم ديسن ۾ ساٽو ۽ ٻاڪر ڪٽو وجهرائيندا رهن ٿا.

[b]سنڌ جي سورن جو داستان:
[/b] مذڪور مسلم ممالڪ دشمني ۽ مخالفت جا افسوسناڪ باب بيان ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني پاليسي حقيقتن جي چيري جي اپٽار ڪجي ٿي، جيئن ته هي ملڪ سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح صاحب ۽ سندس سنڌي ساٿين گڏجي ٺاهيو، جن سنڌ اندر ملڪ جي گادي، بنگلا، آفيسون، پلاٽ، اثاثا ۽ ڪروڙِن روڪڙ پيش ڪئي، جن جي سهاري ۽ ٽيڪ سان پاڪستان کڙو ٿيو. پياري نئين مقدس ملڪ ۾ رهندي سنڌين جي غلامي واري دور (برٽش) سان ڀيٽ ڪجي ٿي:

[b]برٽش غلاميءَ وارو دور 1843ع کان 1947ع:
[/b] 19 فيبروري 1843ع تي انگريزن سنڌ ملڪ مٿان حڪومت شروع ڪري ڏني. انهيءَ غلامي واري دور ۾ سنڌ اندر ملڪ جي حالتن ۾ وڏو ڦيرو اچي ويو. سنڌ ۾ قانون جو جديد مانڊاڻ کڙو ٿيو. فوجداري ۽ سول پاسي جا قاعدا قانون تيار ٿيا. ڇپائي جي مشين سنڌ ۾ علم ادب جي لاءِ تاريخي انقلاب کولي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو جو علم ادب ۽ فن جي وسيلي سنڌ کي چار چنڊ لڳي ويا. سنڌ جي معيشت ۽ صحت ۾ وڏو واڌارو اچي ويو. تعليم تربيت ۽ صحافت جي ميدان ۾ وسعت ٿي ويئي. سنڌي قوم کي هي پهريون موقعو مليو جنهن ۾ هو سياسي ڍنگ سان سنڌ جي معاملات کي گهرائي ۽ دلچسپيءَ سان وٺڻ لڳا. ان حالت ۾ سنڌ کي انگريزن هيٺيان پنج تحفا ۽ سوغاتون عطا ڪيون، جن جو ذڪر خير ڪجي ٿو:
1) سنڌ جي پهرين گورنر انگريز جنرل نيپئر سنڌ مان ڪارو ڪاري هچا ۽ وبا ختم ڪري، امن امان بحال رکي ڏيکاريو.
2) 1853ع ۾ سنڌي الف-ب صورتخطي تيار ٿي ۽ سنڌي تعليم جاري ٿي.
3) 1861ع ۾ ريلوي لائين سنڌ ۾ وڇائي، ريل گاڏيون هلايون ويون.
4) 1889ع ۾ روهڙي سکر لئنسڊائون پل سنڌو درياهه مٿان کڙي ٿي، جنهن تي ريل گاڏيون هلايون ويون.
5) 1932ع ۾ سکر بئراج تيار ٿي، جنهن جي کٻي ۽ سڄي پاسن کان ست وڏا واهه کوليا ويا، جن جي وسيلي سنڌ جي لکها غيرآباد زمين کي گلستان بنايو ويو.

[b]ملڪي آزاديءَ کان پوءِ وارو دور 1947ع کان 2016ع:
[/b] سنڌي ماڻهن انگريز غلامي دور کان 14 آگسٽ 1947ع تي ڇوٽڪارو ماڻيو ۽ سنڌي قوم سوچيو ته پنهنجي آزاد ڪيل ملڪ ۾ عزت نفس، خود اعتمادي، خوشحالي ۽ سلامتي رهندي. ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي گادي ٿي چڪي، مرڪزي سرڪار، سنڌ جي ڏنل اثاثن جو قرض اڃا واپس ئي نه ڪيو ته سنڌي قوم کي بنيادي حقن کان نرهه ڪيو ويو. 1955ع ۾ ون يونٽ ڪري سنڌ صوبي جي وحدت ۽ سلامتي چٽ ڪئي وئي، جنهن جي آڌار تي پنجاب ۽ سرحد صوبن جا لکين ماڻهو سنڌ ۾ گهڙي پيا، جن سنڌ ۾ نوڪريون، ڪاروبار، ڪارخانا، ٽرانسپورٽ، پئٽرول پمپ لڳايا ۽ زراعت جي ميدان ۾ وڏيون وڏيون زمينداريون تيار ڪري ورتائون. ان کانسواءِ غيرملڪي لوڌيون لکن جي ڳڻپ ۾ سنڌ اندر آڻي آباد ڪيون ويون ته جيئن سنڌي قوم کي اقليت ۽ ٿورائيءَ ۾ آڻجي.
مٿين ڏاڍ ۽ بي داديءَ خلاف سنڌي عوام واويلا، احتجاج، جلسا، جلوس ڪڍيا. سنڌي ميڊيا ۽ عوام وفاق جي انهيءَ سرڪشي ۽ داداگيريءَ تي هلچل ۽ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. سنڌي ليڊرن کي ملڪ دشمن ۽ اسلام مخالف قرار ڏيئي کين جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ سنڌي اخبارن، رسالن ۽ اهڙي قسم جي لکيل مواد مٿان بندش مڙهي ڇڏي، پوءِ ته اهڙي هر طريقي جي ظلم، جبر ۽ دٻاءَ جا در کوليا ويا، جنهن ۾ معدني وسيلن مٿان قبضا، دريائي پاڻي تي ڄمت، سامونڊي بندر، ڍل، ٽيڪس اڳاڙي ۾ سنڌ کي چوٿائي حصي کان به نرهه ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي معيشت، تعليم ۽ صحت تيزيءَ سان تباهي ڏانهن ڌڪبي وڃي ٿي. سنڌ ۾ هٿيارن ۽ نشي آور شين جو کلي عام واپار پيو هلي. سنڌ ڄاون هندن کي سنڌ مان زوري تڙيو وڃي ٿو ۽ انهن جي جاين تي غيرملڪي ڀڳوڙن کي هتي آباد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ امن سلامتي نالي ماتر رهي آهي. قبيلائي تڪرار تيز ترين هلي ٿو. ڪارو ڪاري ڪهرام، سرداري سَلَٽُ ۽ جرڳن جا چاڙهاڪا، اغوا ڪاروبار جون آسمان سان ڳالهيون هلن ٿيون. سنڌين کي لاشن جا تحفا پلئه پون ٿا ۽ آخر ۾ سنڌ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪرڻ جون تيز سازشون پيون گهڙجن.
حضرت علي رضي الله عنه جن فرمائن ٿا:

”الملک يبقيٰ مع الکفر، لا يبقيٰ مع الظلم“
ترجمو: ”حڪومت ڪفر سان هلي سگهي ٿي، پر ظلم سان نٿي هلي سگهي.“

جيڪر مهاجر برادري هن آڇ ۽ صلاح تي عمل ڪري ها:
ڪتاب الله ۾ آهي:
ہَلْ جَزَآءُ الْاِحْسَانِ اِلَّا الْاِحْسَانُ۔
ترجمو: ”ڀلائيءَ جو بدلو ڀلائي ۾ ادا ڪريو.“

جيڪڏهن مهاجر برادري سنڌي ٻولي ۽ سنڌي تعليم کي ذوق سان پنهنجو ڪري وجهي ها ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت مٿان ڇائنجي وڃي ها، ان حالت ۾ صوبائي ڍل، ٽيڪس ۽ معدني پيداوار مان سنڌ کي صحيح ۽ جائز حصي رسي پلئه پوي ها، سنڌي مهاجر ڏڦيڙ وجود ئي نه وٺي ها. هي ٻه واٽي جي مفاد جا ٺيڪا ۽ دنگا فساد به پيدا نه ٿين ها.
حقيقت ۾ مفادن جي ٽڪراءَ ۽ ڇڪتاڻ جي نتيجن جي انتها نه هوندي آهي، بي پرواهي واٽ سان للڪارون ڪري چوڻ ته ”ٽي وي اور مڪان بيچو، هٿيار خريد ڪرلو“ ان قسم جي دٻاءَ ۽ دئونس مان ڪو به ۽ ڪڏهن به لاڀ نڪرڻو نه آهي، جيڪڏهن انهيءَ هچاري واٽ سان ڦل ملي ها ته جرمني نازي ۽ اٽلي فاشي پروگرامن کي ملي ها، جيڪي اڄ تائين عالمي ڪامراني ماڻين ها، پر هو ٻئي پسارا نيست نابود ٿي ويا. انساني فطرت هميشه دٻاءَ جو جواب ڏهڪاءَ سان پئي ڏنو آهي.
سنڌي ماڻهن مهاجرن لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جنهن جو بدل ۽ مٽ دنيا جي تاريخ ۾ هٿ اچڻ مشڪل آهي. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ انساني بنيادن تي ٿوري وقت لاءِ پناهه ۽ عارضي رهائش ملندي رهي ٿي پر لکها ماڻهن کي هڪ ملڪ ۾ دائمي شهريت نصيب ٿيڻ محال آهي. دنيا جي 57 مسلم ملڪن ۾ سعودي عرب ۽ ايران وڏن ايراضين وارا ۽ خوشحال ٺيڪيدار ڏيهه آهن ۽ سني شيعا جا اڳواڻ ته آهن، پر ٻئي ديس واري غير عرب (اجنبي) ۽ ڌاري ايراني کي مستقل شهريت ڏيڻ لاءِ بنهه تيار نه آهن.
هاڻوڪو مهاجر سنڌ ڄائو ٿي چڪو آهي، اڳئين پيڙهي مان گهڻي ڀاڱي ڪافي الله تعاليٰ کي پيارا ٿي چڪا آهن، جن کي سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ سانڍي ڇڏيو آهي. نئين ٽهيءَ جو جيئڻ مرڻ به دائمي سنڌ سان رهندو. ان ڪري سنڌ ڌرتي، ٻولي، ثقافت سان وفادار رهڻ کپندو آهي، ائين نه ٿو جڳائي، کائي، رهي، مري سنڌ ۾ پر ڳائي وڄائي وري ڪنهن ڌارئي هنڌ لاءِ، جتي بنا پاسپورٽ وڃي ته جاسوس ٺهرائجي عمر ڀر جيل ۾ رهي. ٻن مهاڀاري لڙاين دنيا کي تباهي بربادي کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو. منفي سوچون ڪنهن به ڌڙي کي لاڀ نه ڏئي سگهنديون. هن سمي مهاجر برادري ڀارت واسي ڪڏهن به نه ٿيڻي آهي، نه وري سنڌي پنهنجي پياري پاڪ پوتر ڌرتي سنڌ سونهاريءَ تان هزارن سالن جي مالڪي ڇڏي ڏيندا، ٻنهي ڌرين کي سرچاءَ ۽ سهڪار جي راهه وٺڻ ۾ عظيم فائدا ملي سگهندا.

[b]مڪتب ۽ مدسن جي مفت ۽ عام تعليم:
[/b] سنڌ ۾ سرڪاري تعليم مٿان اربين رپيا خرچ ڏيکاريو وڃي ٿو، پر تعليم تباهه ڪن ۽ نه جهڙي آهي. سرڪاري ڳاٽي ڀڳي تعليم کان مڪتبن مدرسن جي مفت سکيا بهترين ڍنگ سان هلي رهي آهي. قديم دور کان هن سکيا جو ڌاڪو هلندو اچي ٿو، جنهن جي ثابتي ۾ علامه جعفر ديبلي، علامه جعفر بوبڪائي، علامه سنڌي عطا عربي شاعر، علامه محمد حيات چاچڙ گهوٽڪي، علامه محمد معين ۽ علامه محمد هاشم ٺٽي وارا، علامه مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ ۽ هاڻوڪو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جنهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سوين اسڪالرن کي ڊاڪٽر (پي ايڇ ڊي) بڻائي ڇڏيو.
سنڌ جو تاريخدان دانشور ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ پارسي تعليم اڄ جي ثانوي تعليم جي برابر هوندي هئي، مسلمانن سان گڏ هندو به ساڳن ادارن ۾ پڙهند اهئا. هندو پارسي سکيا ۾ ماهر ۽ گوهر ٿي نڪرندا هئا. هو سنڌ حڪومت جي علم ادب ۽ خزاني مٿان ذهين عملدار ثابت ٿيا.
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو ”ڪلهوڙا دور حڪومت“ ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته ديوان موٽو مل، ديوان گدو مل حڪومت ۾ وڏي درجي وارا هئا. ديوان چيلا رام، ديوان مانجهو مل، ديوان گنشام داس، ديوان ٻالڪرام ۽ ديوان گلاب راءِ سنڌ انتظاميا ۾ اعليٰ حيثيت جا مالڪ رهيا. مدرسا تعليم، هندو مسلم گڏيل تعليم ڳڻجڻ ۾ ايندي هئي.
هاڻي به مدرسا تعليم مفت ۽ سياست توڙي اسٽرائيڪن کان پري آهي. مدرسا تعليم جي نصاب ۾ جيڪڏهن مئٿس، سائنس ۽ فني تعليم جو واڌارو ڪيو وڃي ته ان تعليم مان جديد تقاضائن ۽ گهرجن موجب پورو پورو فائدو وٺي سگهجي ٿو.

[b]سنڌ جي تعليم سنڌين جي زندگي:
[/b] سنڌ جي بقا بحالي، ڀلائي خوشحالي ۽ سالميت سلامتي تعليم جي عام واڌاري ۽ سڌاري ۾ سمايل آهي. هالي ووڊ، بالي ووڊ ۽ لالي ووڊ جي خفت ۽ سوداءَ کان سنڌ لاءِ سکيا 84 چنڊن جي برابر آهي. جنسي چڪرن ۽ مڪرن جي سوز گذار ۾ شوڪارا ڀرڻ، اڀا ساهه کڻڻ ۽ پيار جي ڀوت مٿان ڇڪن ٿي سماج جي تڏا ويڙهه ڪرائڻ جي سنڌ کي ڪا به لوڙ نه آهي. تعليم کانسواءِ روشن خيالي سنڌين جي خلاف ثابت ٿيندي رهي آهي. ان لاءِ روشن خيالي فقط سنڌ جي سکيا ۾ ڏيکارڻ کپندي آهي.
سنڌ جو هر ذي فهم ۽ سڄاڻ سٺي نموني ڄاڻي چڪو آهي ته تعليم کاتي تي بجيٽ ۾ اربين رپيا ڏيکاري، وزير ۽ سيڪريٽري ڦرلٽ ۾ جنبي وڃن ٿا، جڏهن ته مٿن تعليم جي بڇڙي ڪارڪردگي جا الزام ڌاريا وڃن ٿا ته هو عوام جي حملن جو رخ مٽائڻ لاءِ گوسڙو ماستر يا وڏيرا شاهي جا اسڪولي عمارتن مٿان قبصا يا اڳين وزيرن جون کاتي ۾ ناجائز سوين بلڪه هزارين ڀرتيون کولي عوام کي حيران ڪندا رهن ٿا، پر پنهنجا ڌاڙا لڪايو پيا لڪائين ان ڪري تعليم نٿي سڌري.
سنڌ صدين کان ڦربي، لٽبي، پيڙهبي ۽ ماربي رهي آهي، هاڻي به جيڪڏهن ائين طئه ڪجي ته تعليم فقط حڪومت سڌاري سگهندي ته پوءِ ٻه ڇيها رسندا، حڪومت ڄاڻي ٻجهي نٿي سنواري ته پوءِ اسان انفرادي سکيا جي وٺڻ لاءِ ڪا به جاکوڙ نه ڪريون، اهو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻڻ برابر آهي.
ان ڪري تعليم تان سر ۽ سرمايو ٻلهار ڪرڻو آهي، ذهني ذوق ۽ دل جي لڳڻ ۽ هورا کوري سان تعليم پرائڻ کپي، سکيا جي جستجو ۽ جاکوڙ ۾ ڏينهن رات، ننڊجاڳ ۾ تعليم جي پرائڻ جا خواب ۽ سپنا لهڻ گهرجن، سنڌ جي مارين، موملن، مهرين، وينگس، سسئين، سهڻين، سورٺن، ليلان، نوران وارين راڻين ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن کي تعليم جو برهه ۽ نينهن جاڳائڻ ۽ نباهڻ جڳائي، سکيا جي راهه رستي جي تانگهه، تنوار تڙپ ۽ تجسس پيدا ڪرڻ کپي، جنهن سان سائنسي مضمون، پي ايڇ ڊي ۽ سي ايس ايس جي امتحانن جيڏا ٻڌا ڏاڪا سر ڪرڻ کپن. اهڙي ريت سنڌي جوانن کي پنهنجو املهه جيون ۽ حسين زندگي خماري دونهن، ولايتي پاڻي ۽ ديسي گهرڙ گهوٽ وارن پاڻين کي پري رکڻ جڳائي. ڇو ته سنڌي نويلن جي لاءِ اصل ڌن دولت صحت ۽ تعليم آهي، جنهن جي وندر ۾ رڌل رهڻ گهرجي. جان ۽ جسم کي سکيا جي سونهن، صورت، عزت، عظمت سان سينگارڻو آهي ته فيصلو ڪرڻو پوندو ته زندگي تعليم ۽ تعليم زندگي آهي. اصل اثاثا، ناڻا، خزانا ۽ بئنڪ بئلنس تعليم ئي آهي.
جيڪڏهن زيست جي سڀني پاسن پهلوئن جي لڪل ناڻي کي ڳولهي لهڻو آهي، ته پنهنجن گهرن، ڪٽنب، قبيلن ۽ پاڙن مٿان قيمتي وقت قربان ڪري، کين سکيا سان سنوارڻو پوندو. سچ ته پوري سنڌ هڪ روحاني گهر آهي، جنهن جو ننڍو وڏو مرد عورت، جوان، پوڙهو ڪيڙي، ڍالي، سڌاري،سهڻو سڄاڻ ۽ حسين همٿ وارو بڻائي کڙو تڙو ڪري تيارڪرڻو آهي. ان ۾ ڀيل، باگڙي هجي، جوڳي، ڪولهي شمار جي، ميربحر ماڇي ڳڻجي يا هندو مسلم، اوڏ ليکجي، سڀ کي جديد ۽ نئين رنگ ڍنگ جي تعليم سان نوازڻو آهي.
اهوئي سنڌ جو سنڌين مٿان اولين ۽ اتم قرض ۽ فرض رهندو اچي ٿو، جنهن جي نباهڻ ۽ ڀاڙڻ سان سنڌين جا کسيل ۽ ڦريل حق ۽ لاڳ واپس ورندا. ان ريت ايڪتا اتحاد جي سگهه، ڪاڇي، ٿر، بر جا اندريان ٻاهريان خزانا ۽ کاڻيون پاڻهي ور چڙهنديون. سکيا جي هڪ ٽول سوگهي ٿيڻ سان سوين سَڌون، هزارين حاجتون، لکين لوڙون، ڪروڙين ڪارون ۽ اربين آرزو ۽ اونا سولائيءَ سان سڌا ٿي ويندا.
ڏٺو وڃي ٿو ته هرڪو ماڻهو پنهنجي ڪاروهنوار پٽاندڙ وڏي ذوق سان ڌنڌي، ڪاروبار جون ڳالهيون ٽاڻا ٽلون ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندو رهي ٿو. هوبهو ائين مان به منڍ کان پڙهائڻ سيکارڻ سنوارڻ واري واٽ سان سلهاڙيل رهيو آهيان، هن ڪتاب ”لاڙڪاڻو سڀيتا سندو ناڻو“ کي رسمي وستار سان ضرور ڀريو آهي، پر پنهنجي ڪار ڪرت جي وندر وچور سان روحاني ادارن کي به نروار ڪندو رهيو آهيان. 1962ع ڌاري مڊل اسڪول ٻيڙو چانڊيو جو هيڊ ماستر فدا حسين قادري صاحب ۽ سندس عملي مان استاد لڇمڻ داس ۽ ٽيون ٻاهران آيلن ۾ مان رسيس چند گهڙيون رهاڻ ڪئي سون، مسٽر فدا حسين مون کان پڇا ڪئي ته توهان ماستريءَ مان راضي آهيو مان کيس چيو ته منهنجو ماستري من پسند پيشو آهي، پاڻ پڌرو ڪيائين ته ”مان ماستري پسند نٿو ڪريان“ مان پنهنجي پسنديده ڌنڌي جي رهاڻ جي نوڪري دوران 16 سال هڪ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ گهاريا، جتي چئن هزارن کان مٿي شاگرد شماري ۽ سئو کان ڪجهه مٿي سيکارڻ وارن جي ڳڻپ رهي. هر هڪ ڪلاس روم ۾ 120 جي عدد اندر پرائڻ وارن جو انگ رهيو ٿي. سچ پچ ته سکيا گهر مندر، گرجا ۽ مسجد جي درجي تي سمجهڻ کپن، جنهن ۾ قومي خدمت ۽ ذاتي عبادت ڪرڻي آهي. تعليمي ادارن جو تقدس بحال رکڻ فرض ۾ شمار آهي. هر اداري ۾ دنيا جا عجائب آهن، جتي استادن جي لاءِ نئين سج نئون جهان آهي. هن هنڌ اسيمبلي ۽ پارليامينٽ آهن، جنهن ۾ مرڪزي توڙي صوبائي حڪومتون آهن، کين آئين پٽاندڙ جمهوري رنگ سان هلائڻو پوي ٿو، اداري ۾ کوڙ سارا جهنجهٽ اڀرن پيا، جن کي حل ڪندي تجربن جو انبار پيو ڪٺو ٿئي، نه رڳو ٻار پيا سکن، پر استاد به پنهنجي ڄاڻ ۾ نت نواڻ پيا آڻين. پاڪ پوتر اداري جي تيار ٿي وڃڻ لاءِ روزانو شيو، غسل، ڪپڙا ڪريز سان، بوٽ پالش، ڪائي جي چمڪ جيان سينگارجي سنوارجي اچڻو آهي. ٻيڙي يا اڻ وڻندڙ هيرن ۽ عادتن کان ڪوهين ڏور، سدائين کلمک چهرو رکڻو آهي، ڪلاس ۾ ٽپڻ سان استاد ٻارن جي چاهت نه چاهت پروڙي وڃي ٿو، تڏهن ته سکيا جو عمل اثرائتو رهي سگهي ٿو.
منهنجي سياسي ڌڙن توڙي گسٽا جي ڪارگذارين کان دوري رهي، ٽيوشن کان پري، فقط پڙهائڻ پڙهڻ، سيکارڻ ۽ سکڻ سان پاٻوهه ۽ اسڪولي خالي پيرڊس ۽ گهرو وندر ۾ ڪتاب ساٿي رهيو. اسڪول جي تعليمي ڦل ۽ نتيجن جي ڪاٿي کي سولائيءَ سان پيش نٿو ڪري سگهجي. باقي گهرو تعليم جي لاڀ جي پڌرائي ۾ ٻه ڀائر ايل ايل بي ٿيا، جن ۾ هڪ ائنٽي ڪرپشن ۾ ايس پي ٿي رٽائرڊ ٿيو. ٽيون ڀاءُ ايريگيشن کاتي ۾ اي سي ٿي فارغ رهيو. منهنجو فرزند روايتي سنڌي پرائمري، سيڪنڊري کان انٽر ميڊيئٽ ڪاليج لاڙڪاڻي مان نڪري ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي انجنيئرنگ ڪري هڪ فيڊرل گورنمينٽ جو امتحان پاس ڪري تربيت وٺي آفيسر ٿيو. ان بعد سي ايس ايس سر ڪري (ڊي ايم جي گروپ) ۾ ويو. هي شاگرد ڪنهن به ڪئڊٽ يا ايچيسن ڪاليج لاهور ۾ نه پڙهيو. هن جو تعليمي سفر ڏاڍو مزيدار آهي، جنهن کي پائلٽ سيڪنڊري اسڪول جي لکيل ”تاريخي ڪتاب“ ۾ ڏنو ويو آهي.
مون وارو ذاتي تعليمي وايو منڊل به اچرج کان واندو نه آهي. ايم ائڊ ۽ ايم اي جي امتحانن کان اڳ ۾ ئي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو خفت ۽ ويڳ ڌيان مٿان سوار رهندو هو، جنهن 10 سال اوسيئڙا ۽ رولڙا ڪرايا، ڦڏن جي منهن وڌو. رت ست ڪڍيو، ڪافي خرچ ٿيا، ٽي ڄڻا، وي سي مٽيا، جن ۾ پهريون محترم شيخ اياز صاحب، ٻيو معزز ابڙو محمد الياس صاحب، ٽيون جناب صديقي مظهر صاحب جنهن کان سورن سندي سند نصب ٿي. هاڻي ٿوريون پي ايڇ ڊي آزمائش جي اگرن اوکن ڦلن جون پچارون اپٽار ڪجن ٿيون.1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ڏانهن مان پي ايڇ ڊي ۽ مسٽر نثار احمد صديقي ريٽائرڊ ڪمشنر ڊي ائڊ امتحانن لاءِ جدا جدا پنهنجي روءِ وياسون، روءِ داد لهي، سنڌ جي تعليمي سيڪريٽري سيد پناهه علي شاهه سان به پنهنجي منهن اسٽڊي ليو لاءِ ملياسون جنهن ڊگهي موڪل ڏيڻ ۽ ڊاڪٽري امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت عطا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ظاهر ڪيائين ته سيڪنڊري تعلم کي ڊاڪٽوريٽ ڊگريءَ جي لوڙ نه آهي. صديقي صاحب وڃي پي سي ايس ڪري روينيو کاتي کي لڳو. مان محترم محمد عاقل هنڱوري صاحب جي لاڳاپي سان کاتي کان موڪل وٺي ويس.
انهيءَ ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، ڊاڪٽر نذير احمد مغل ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم شاهه جي رهبري وٺڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جون ڪيترا ڀيرا ياترائون ڪري چڪو هوس، پر هو صاحبان موجود ئي نه رهيا، ان لاءِ منهنجا ڦيرا ۽ ڀيرا اجايا ۽ بي سود ثابت ٿيندا هئا.
ان سمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪ اسٽڊي جو شعبو کڙو ٿيو، جنهن مٿان محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙي صاحب کي ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو، جنهن سان ملاقات ڪري کيس من جي مراد پيش رکي، محترمه وڏي درياءَ دليءَ سان صلاح مشورا ڏيئي تيار ڪري ڇڏيو. پوليٽيڪل سائنس جو کيتر به هن بيورو جي حدن ۾آيو ٿي. مان اسڪالر جي حيثيت سان فارم ڀري مقرر واجبات ادا ڪري ڇڏيا ڊاڪٽر صاحبه جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري جي تحقيقات ڪرڻ لاءِ درخواست پيش ڪئي جيڪا قبول ٿي چڪي، ان وچ ۾ 5 ڊسمبر 1975ع تي موضوع منظور ٿيو.
Role of Polilfcal leadership of Larkana District: Wlth perticular reference to Provincial and National palitics during British Period.
ڊاڪٽر صاحبه سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ گهرائي لڳاتار ٽي ڏينهن ٿيسز جي سمجهائڻ تحقيقات ڪرڻ جا نمونا ۽ لکڻ جي ڍنگ تي طريقا سمجهايا. ساڳئي وقت اهو به چئي ورتائين ته مون کي لنڊن ۾ پي ايڇ ڊي دوران پنهنجي گائيڊ فقط 3 ڪلاڪ هدايتون ڏنيون ۽ رهبري ڪئي هئي.
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيل پرجهيل سنڌين جي به ياد تازي ڪجي ته بهتر ٿي پوندو، سنڌ ۾ اڻ پڙهيل سنڌين جي پاڻ ۾ سالن جي مَ سهائي ته آهي ئي آهي، پر هن مقدس اداري کي به روايتي سنڌين جي ڪاتين ڪهاڙين کڻڻ کان بس نه آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان جا فيضياب ٿيندڙ سياستدان به پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪي کان ڪوهين ڏور آهن، انهيءَ وڙهاند جي جنون ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿي، کيس ڄاڻ به هئي، ته هي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. موصوف چيو ته ڊاڪٽر حميده کهڙي صاحب وٽ پي ايڇ ڊي بدران علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي رهبريءَ ۾ ڪريو، کيس وراڻيم ته مونکي ڊاڪٽر کهڙي صاحبه جن جي رهبريءَ ۾ موضوع به ملي چڪو آهي. هاڻي ته ائين رهبري مٽائڻ مناسب نه لڳندو. منهنجي اهڙي هڪ ڳالهه تي ڳنڍ ڏيڻ جي هوڏ موصوف کي وَٽ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
سنڌي ڊپارٽمينٽ واري اڳواڻ سان شناسائي ۽ نيازمندي ته يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس کان رهندي آئي، ڇاڪاڻ ته ايم اي، بي ائڊ توڙي ايم ائڊ جون ڊگريون حيدرآباد يونيورسٽي جون عطا ٿيل هيون، ان ڪري اداري جي پروفيسر صاحبن سان سلام ڪلام رهندو آيو.
مليل ٽاپڪ پٽاندڙ لاڙڪاڻي جي زندهه سياستدانن ۾ جناب قاصي فضل الله ۽ جناب خانبهادر محمد ايوب کهڙي وغيره جن کان انٽرويو وٺڻ جا سلسلا شروع ڪري ڏنا هئا. خبر تڏهن ملي ته 29 جنوري 1976ع تي يونيورسٽيءَ ٽاپڪ رد ڪري ڇڏيو آهي، ان جي جاءِ تي 14 جون 1976ع تي ٻيو هيٺيون مضمون ڏنو آهي:
“Education in Larkana, Sukkur, Shikarpur & Dadu District during Talpur & British Period”
انهيءَ ٽاپڪ مٿان پرک پروڙ ڪرڻ لاءِ مان انڪار ڪري ڇڏيو، ان رساڪشيءَ جي ڪري يونيورسٽي جي اخبار وارن 11 آڪٽوبر 1976ع تي ٽيون عنوان عنايت ڪرڻ جون مهربانيون ڪري ڇڏيون.
“Role of Education in Socio, Political of Economic conditions of Larkana, Sukkur & Dadu districts during Talpur & British Period”.
وستار ڪيل مضمون گائيڊ جي مهربانين ۽ مشورن سان فقط ضلعي لاڙڪاڻي جي حدن کي بحال رکي ڪم شروع ڪري ڏنو. هڪ 100 موٽرسائيڪل خريد ڪري ڏيڍ سال موڪل وٺي، تحقيقاتي ڪارروائي کي لڳي ويس. روايتي تعليم جي ڄاڻ لاءِ مولانا محمد عظيم شيدا سولنگي نصيرآبادي، مولانا جمال الدين ابڙو ملن ابڙن وارو، مولانا قاضي محمد ابراهيم ڪارڙن وارو، مولانا محمد قاسم جتوئي سونو جتوئي ڳوٺ وارو، مسٽر مشتاق احمد صديقي پاٽائي، ماستر جمال الدين چنو فيروز شاهي، استاد قادر بخش سولنگي سيتائي، مولانا حافظ عبدالله ميمڻ بدين، سيد محمد حسين شاهه هالائي، مولانا نجم الدين ڳڙهي ياسيني، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، جنهن 1853ع وارو سنڌي ٽيڪسٽ بوڪس سيٽ ڏسڻ لاءِ عنايت ڪيو. هندن ۾ مکي ڪوٽو مل لاڙڪاڻو استاد نرڄن لعل نصيرآبادي جي ٿورن سان ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي سهڪاري سگهه پيدا ٿي.
سنڌي پرائمري تعليم ۽ سڪينڊري سکيا جي لاءِ ادارن جا انفرادي وزيٽرس بوڪ، ضلعي تعليم انتظآميا جو آفيس رڪارڊ ۽ ڊائريڪٽر حيدرآباد آفيس رڪارڊ جي مدد سان مواد هٿ چڙهندو رهيو. تعليم کاتي جي 1960ع کان پوءِ چيرڦاڙ ۽ رڪارڊ جي دربدري ضرور ڪي ڏيکيائون کڙيون ڪيون، جن کي پڻ دور ڪيو ويو.
پي ايڇ ڊي عنوانن جي مٽ سٽ ۽ يونيورسٽيءَ استادن جي پاڻ ۾ ناٺاهي جي ڪري جيڪا ٿيسز مونکي ٽن سالن ۾ ڏيئي ڊگري وٺڻي هئي. اها ڏهن سالن ۾ ملي چڪي. 5 مئي 1982ع ۾ ٿيسز تيار ڪري، يونيورسٽيءَ کي پيش ڪئي وئي.
وقت جي وي سي جناب محمد الياس ابڙي کي تيار ڪيو ويو، ته ٿيسز صحيح نه آهي، جنهن گهرايو، ملاقات ۾ منهنجي ٿيسز ٽي ڀيرا دهرائي او او اها ٿيسز ته رد ٿي چڪي آهي، جنهن جي حوالن ۾ ليکڪن جا نالا ۽ ڪتابن جا نالا اڳي پوءِ رکيل آهن. ان لاءِ کيس چيو ته اوهان ڪڏهن اڳ ڪنهن ٿيسز لکڻ جي جاکوڙ ته نه ڪئي هوندي ته پوءِ توهان ته فيصلو حوالن جو نٿا ڪري سگهو. نيٺ ٻڌايائين ته سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ٻڌايو آهي. اڳتي بحث کي ختم ڪندي وي سي ابڙي صاحب چيو ته هي بي اختيار وي سي آهي، پر جيئن ٿيسز لاءِ رد ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، اهوئي برابر ٿيندو.
ساڳي ٿيسز واپس وٺي 9 فيبروري 1983ع تي ورائي يونيورسٽي کي پيش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ٿيسز جي هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽي جي پرووائيس چانسيلر ڊاڪٽر منيرالدين احمد چغتائي صاحب پوليٽيڪل سائنس جي هيڊ ۽ ٻي ڪاپي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ساڳي لياقت واري ڊاڪٽر منظور الدين احمد صاحب ڏي اماڻي وئي، وري اهو به کين تاڪيدي نوٽيس ڏنو ويو ته اسڪالر ۽ گائيڊ ٻئي اسلام ۽ ملڪ مخالف تاثرات رکن ٿا. سال لڳي ويا، نيٺ پنجاب جي موصوف چغتائي صاحب سان ٻه ڀيرا منهن ميل ٿي جنهن وضاحت ڪندي چيو ته امتحان وٺڻ پيپر سنڀالڻ شاگرد پڙهائڻ سرڪاري ڪمن سان جپان، چين، ترڪي وغيره ملڪن ڏانهن وڃڻ، سيمينار ڪرڻ ۽ ڪرائڻ وغيره ان حالت ۾ مٿي کنهڻ جي وٿي نه آهي، پوءِ وقت ڏيئي ٿيسز جي اقتباس کي ٻڌائين جنهن جي آڌار تي سمي پڄاڻا رپورٽ رواني ڪري ڇڏيائين.
2 جنوري 1985ع تي ڊاڪٽر منظور الدين احمد ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙي صاحبان جي نگرانيءَ ۾ پڇا ڳاڇا جو عمل جاري ٿيو جنهن کانپوءِ ڊگري مبارڪ جي ساڳي سال تي نوازش ٿي چڪي.
ٿيسز جي تحقيقاتي ڪارجن ۾ منهنجي ڀائرن مان عبدالقادر ۽ غلام سرور جي مدد به شامل رهي، مان پهرين موٽرسائيڪل هلائي نه ڄاڻندو هوس، ڀائرن جي مدد سان مقرر ۽ گهربل هنڌن، ماڳن، جاين ۽ واقعن وارن وٿاڻن تي روبرو ڏسڻ ۽ ماڻهن سان ملاقات ٿيندي رهندي هئي، ننڍو ڀاءُ محمد حسن مهراڻ يونيورسٽي ۾ انجينئري جو شاگرد رهيو، جنهن هٿ جي لکيل ٿيسز کي پڙهي، سمجهي وي سي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي اسٽونوگرافر مسٽر محمد اسلم پٺاڻ کي ڊڪٽيٽ ڪرائي، ٿيسز ٽائيپ جي شڪل ۾ آندي جيڪا تعريف جهڙي ڳالهه آهي. ڇالاءِ ته هو سائنس جو شاگرد ٿي ڪري، علم ادب، تعليم، سياست وغيره جي کيتر کي سهڻي نموني نباهي چڪو. 1974ع ۾ پي ايڇ ڊي ۾ رجسٽريشن ٿي 22 جنوري 1974ع تي شادي ٿي چڪي، منهنجي ذوق ۾ گهرواري دريا دلي سان ڇوٽ ڏني. اڳي هلي منهنجي فرزند طاهر حسين جي مدد به شامل رهي جيڪو منهنجو شاگرد به رهيو. 28 سالن تائين ٿيسز ڇپجي نه سگهي، تنهن اُن جي ڪاپي ”انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف دي هيرٽيج آف سنڌ“ کي ڏيکاري، سندن ذوق وڌائي ڇپائيءَ لاءِ ڏني، جيڪو ڪتاب 2016ع ۾ ڇپيو جنهن جي 22 آگسٽ 2016ع جيمخانه ٺٽي ۾ شاندار نموني پڌرائي ٿي گذري. طاهر حسين سي ايس سي آفيسر آهي.
هتي ڪجهه ذاتي احوال به ڏيڻ ضروري آهي جيڪو اڳ ۾ هڪ ڪتاب ۾ اچي چڪو آهي، پر ڇاڪاڻ ته اهو هتي ڏيڻ انهيءَ ڪري ضروري آهي جو اهو احوال ذاتي هوندي به اسان جي سماج سان تعلق رکي ٿو.
صحت جي بحاليءَ جي ڳالهه به ڪرڻ ضروري آهي، حقيقت اها آهي ته مان ڪڏهن به پوڙهو يا ڪراڙو ٿيڻ جوڳو نه هوس، پر سنڌي ڊاڪٽرن جي تجربن ۽ لاپرواهيءَ جي ڪري منهنجي صحت جي تباهي اچي وئي. 2008ع ۾ سڄي سٿر ۾ هڪ ننڍي ڳوڙهي بنا درد جي نڪتي، ساٺ سنوڻ مان ڄاتو ته ”ويلڻ اٿلي آهي“ ساٺ سڳا ڪندو رهيس، 2009ع ۾ ڊاڪٽر سري چند آرٿوپيڊڪ سول اسپتال لاڙڪاڻو کي ڏيکاريندو رهيس ڪجهه وقت کان پوءِ هن چيو ته مونکي خبر نٿي پوي، منهنجي سينيئر ڊاڪٽر ضمير سومري کي ڏيکاريو جنهن چيو ته سٿر جي بايوپسي ٿيندي، ان لاءِ گهربل ٽيسٽون ڪرايو ته بايوپسي ڪريون، جنهن لاءِ ٽيسٽون ڪرائي بايوپسي جي لاءِ تيار ٿيس.
مٿين مسئلي لاءِ منهنجو ڳوٺائي ڊاڪٽر غلام علي هليو، ڊاڪٽر ڪالوني چانڊڪا اسپتال ۾ رهندو هو ۽ سول اسپتال ۾ شايد آر ايم او به هو، آچر ڏينهن هن جي بنگلي تي ملاقات ڪري هن کي بايوپسي ۽ ڊاڪٽر ضميري سومري لاءِ سمجهايو ۽ هن کي ٻڌايم ته مان گهروارن سان ڳالهه نٿو ڪريان، توهان منهنجي مدد ڪريو، هن سهڪار ڪرڻ جو دم ڀريو. سڀاڻو ٿيو ته آيو ۽ هن جي روبرو ڪاغذن تي صحيح ورتائون آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا ته ڊاڪٽر غلام علي هليو لاپرواهه ٿي هليو ويو. هنن بايوپسي بدران اڌوري آپريشن ڪري بي هوشي جي حالت ۾ ڦٽو ڪيو. ڊاڪٽر هليي ڏانهن فون ڪيائون ته اوهان وارو مريض بي هوش پيل آهي، جنهن جي مالڪي ڪيو، ڊاڪٽر هليي منهنجي هڪ شاگرد ڏي فون ڪري منهنجي لاءِ ٻڌايو جنهن منهنجي گهروارن کي ٻڌايو، گهروارن اچي مون کي بستري داخل ڪيو ۽ هوش ۾ آڻايو.
هونئن ته ڊاڪٽر غلام علي هليو تبليغ واري جماعت سان گڏ مسلمانن کي مسلمان ڪرڻ لاءِ مهينا گهر ۽ اسپتال کي ڇڏي ويندو هو ڇو ته هن اها عبادت سمجهي آهي پر منهنجي صحت جي تباهيءَ کان بچاءَ عبادت نه ڄاتي، وري جنهن آپريشن ڪئي اهو منهنجي پائلٽ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ مونکي هڪ استاد جي حيثيت سان سڃاڻندڙ هو، پر هو به تجربن جي ذوق ۾ مونکي بي هوش ڇڏي وڏي ناز ۽ انداز سان ويندو رهيو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر عبدالمالڪ شيخ آهي، هو به تبليغي جماعتي ۽ عبادتي آهي پر هن کي به خبر نه آهي ته ڪا صحت به عبادت آهي، وڏي ڳالهه ته سومري ڊاڪٽر جي سينسيارٽي هئي جنهن بايوپسي چئي، آپريشن ڪرائي ڇڏي.
اڳتي هلي ٽنگ ۾ ڪينسر ٿي چڪي چار ڀيرا ڪراچيءَ ۾ آپريشن ٿي، نيٺ ٽنگ تان هٿ کڻڻو پيو، هي سنڌي ڊاڪٽرن جا سنڌي ماڻهن سان همدرديءَ جا دک دائڪ داستان آهن. 2016ع ۾ وري هن بيماريءَ ڪر کنيا آهن.
ائين به مڃڻو پوندو ته ٻين کي چڱن ڪمن جي هدايت ڪرڻ ڏاڍي سولي ۽ آسان ڳالهه هوندي آهي، پر پاڻ کي سمجهائڻ ۽ عمل ڪرائڻ ڏاڍو اڻانگو ڪم آهي، جيئن ته مان به پگهار وٺي ٻين کي پڙهايو آهي. بنا پگهار پڙهائڻ سيکارڻ جي قرباني نه ڏيئي سگهيس، جيئن ته منهنجي مڪتب جي استاد سائين محمد هدايت الله احمد سانگي دودائي مڪتب ۾ مفت پڙهايو جنهن جو احوال ڪتاب ”داستان دودائي“ ۾ ڏنل آهي، پوءِ به اڃا وقت نه ويو آهي، ان لاءِ نه جهڙي قرباني ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو. ديهه ننگر سانگي، تپه وڪيا سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سروي نمبر 58 ايراضي 27-5 ايڪڙ ۽ سروي نمبر 59 ايراضي 02-4 ايڪڙ جملي ايراضي 29-9 ايڪڙ ۽ روڪڙ 1500000 رپيا، تعليم جي باري ۾ ٽرسٽ ٺاهڻ گهران ٿو. وقف ڪري هن خير جي ڪمن کي اڳتي وڌائيندو رهندس.

[b]ڪتاب جي پرک پروڙ جي ڪسوٽي جي باري ۾ تاثرات:
[/b] جيئن ته مان لونگائي ڳوٺ ۾ ليمون ڪوش بدنام ڌاڙيل ۽ زميندار ستار بخش ڪلهوڙو جي مقابلي جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي تي 1943ع ۾ آءِ سي ايس ڪليڪٽر سيد هاشم رضا هو، تنهن صاحب ليمو ڪوش ڌاڙيل ۽ پوليس مقابلو ڏيکاري رپورٽ ڏني آهي. انهيءَ رپورٽ مٿان ڇيڙڇاڙ ۽ تنقيد ڪئي آهي.
مٿين کٽراڳ جي صفائي ۽ سنڌي دانشور مون کان ڌامراها ٿاڻي تي ليمون ڪوش ڌاڙيل خلاف فرسٽ رپورٽ جو نقل ۽ ان وقت جي اخبارن جي لکت جو مطالبو ڪندا. اها گهر بنهه ضروري آهي، جنهن کان ڪڏهن به لنوائي نٿو سگهجي، پوءِ به سنڌ جي ڏاهن ۽ پارکو دوستن آڏو هڪ ٽئين دڳ جو بهانو پيش ڪجي ٿو، جنهن مٿان شايد سهمت ٿي پون.
1943ع وارو ڌامراها ٿاڻو اڄ ڪنگا ٿاڻو، آريجا ٿاڻو ۽ ماهوٽا ٿاڻو ۾ ونڊجي جملي چار ٿاڻا ٿيا آهن. ڌامراها ٿاڻي جا ڪاغذات 73 سال هڪ هنڌان ڪنهن ٻئي هنڌ مٽ سٽ ٿيندا رهيا آهن ۽ 73 سالن جون پراڻيون اخبارون خانگي ڪتب خانا، سنڌو درياهه جي ٻوڏ جي ور به چڙهنديون رهن ٿيون. سرڪاري لائبريريون ڏسڻ ۽ اخبارن جي ڳولها لاءِ هلڻ، گهمڻ ۽ ڪلاڪن تائين بيهي انتظار ڪرڻ ۾ صحت ساٿ ڇڏي ڏنو آهي.
مذڪور دليل ۽ بهاني کي ڪم آڻڻ ۾ لونگائي ۽ ڏتل ابڙي جي ڳوٺن جي وارداتن کي پيش ڪرڻ ۽ صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ٽيون تجسس جو دڳ اکين ڏٺا شاهد پيش ڪيل آهن، لونگائي ڳوٺ مان زميندار ستار بخش جو پوٽو مسٽر اياز ڪلهوڙو تعليم پوسٽ گريجوئيٽ ۽ سابق ناظم ۽ ڳوٺ جو شمس الدين چنا ڳوٺ ڏتل ابڙا جو صاحب خان ابڙو جيڪوان وقت جو اکين ڏٺو شاهد جيئرو آهي، پوليس ۽ ليمون ڪوش مقابلي ڏيکاريل مهل22 سالن جو هو. منهنجي تحقيق جو هي ٽيون رستو آهي، پر جيڪڏهن ڪو پارکو پهريان ٻه دڳ وٺي ڪم ڪري ٿو ته اهو وڏي واکاڻ جو شاهراهه ٿيندو.

[b]ڊاڪٽر غلام علي سانگي
[/b]ڳوٺ دودائي سانگي، لاڙڪاڻو

اوطاق يا دائرو يا تڏو منهه

سنڌ جي ٻهراڙين، واهڻن، وستين، ڳوٺن ۽ ننگرن ۾ ڳوٺاڻي زندگي گهارڻ واسطي ڪچهري، رهاڻ، آچار ويچار، صلاح مصلحت، نبيري نڇيڙي، وندر وغيره ڪاڻ بيٺڪ تيار ڪئي ويندي آهي، ان عام ويهڪ جي جاءِ کي اوطاق يا دائرو سڏجي ٿو، اوطاق ترڪي ٻولي جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ ”ڪوٺي“ دالان ۽ تنبو آهي. هن وٿاڻ تي ڳوٺ جا اڻ کٽ مونجهارا حل ڪيا وڃن ٿا، ۽ رس رهاڻ جا پسارا به چس سان پورا ٿين ٿا، اهڙين گڏجاڻين کي ڳوٺاڻا گڏجي ملهائيندا رهن ٿا، اوطاق ۾ هر وهيءَ جا ماڻهو پوڙها جوان ايندا رهندا آهن، هتي اٿڻ ويهڻ جو ڍنگ، ڳالهائڻ جو سليقو ۽ زبان جي رواني، آئي وئي جو آڌر ڀاءُ ، اندريون ٻاهريون خبرون، روز مره جا احوال ونڊيندا آهن، ان ريت اوطاق ڳوٺن جي عام ڀلائيءَ جو ادارو، اصلاح گهر، سکيا گهر، يا وندر گاهه چئجي ته اڃا بهتر ٿيندو، جنهن ۾ ڳوٺ جي نئين ٽهيءَ کي ڪيڙيو ۽ ڍاليو ويندو آهي، ته جيئن نئين پود سٺي ۽ ڪارگر شهري ثابت ٿئي، هن فلاحي اداري جي ڪري ڳوٺاڻن ۾ پاڻ تي ڀاڙڻ جي سگهه، دليري جا انگ، سچائي صفائي جي واٽ، شيواگريءَ جا گڻ، مهمان نوازيءَ جا گر، آئي جي آجيان جا گس پيدا ٿين ٿا، ميڙاڪن ۾ حال احوال ۽ خبرن چارن ڏيڻ وٺڻ جا دڳ ۽ رستا ڄاڻجن ٿا.

اوطاق جي اڏاوت:
هن جي اڏاوت ۾ مَنهن، لانڍي، ڇن يا ڪچي پڪي جاءِ ٺهرائڻ ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس جي موڙي ڪم ايندي آهي، جڳهه جي تيار ٿيڻ کان پوءِ منجهس تڏا تونريون يا منجيون کٽان وغيره جي سلٽ ڪئي ويندي آهي يا موڙا ٽپايون، يا ڪرسيون ميزون رکي سينگاريو ويندو آهي، پاڻي پيئڻ جا مٽڪا، دلا ۽ هاڻي ڪولر سجايا وڃن ٿا، جتان سڀ ماڻهو هڪ هنڌان پيئندا رهن ٿا، آيو ويو، مهمان، مسافر، سرڪاري ڪامورو اوطاق ڀيڙو ٿيو، ته کاڌي رهائش جو بندوبست اوطاق جي ذمي هوندو آهي.

اوطاق ۾ ڪچهري:
اوطاق اٺئي پهر کليل رهندي آهي، صبح شام، رات تائين اچ وڃ رهي ٿي، صبح هارين، مزدورن ۽ ڌنارن جي ڪم ڪار ۽ تئونکري وارو سمو هوندو آهي، هاري ناري ٻني ٻاري ڏانهن راهي ۽ مارو ماڻهو مال ڇوڙي ويندا رهندا آهن، سج اڀري هر ڪو ٻني ٻاري ڏانهن منهن ڏيندو آهي، کين نيرن به زمين ۾ ڪم ڪندي نصيب ٿيندي رهندي آهي، منجهند مهل هر ڪو گهر ڀيڙو ٿي ويندو آهي، پر مانجهاندو ڪري، وري ماڳ ڪندا اوطاق کي.

ڪمهلي ڪچهري:
جڏهن ته اوطاق جا رسمي ويلا صبح، شام ۽ رات آهن، پر ڪن حالتن ۾ اويل سويل، گاهه بيگاهه، ڪنهن به سمي مهمان، مسافر يا سرڪاري ڪامورو اوطاق ۾ اچي سهڙيو ته ان ويل بنا دير اوطاق ۾ وسئن ۽ وهنواند ٿي ويندي، سڀ کان پهرين آيل جي ماني ٽڪي جو پورائو ٿيندو آهي، ان لاءِ چوڻي آهي، ”اول ماني پوءِ ڪاني“ يعني اڳ ۾ کاڌو بعد ۾ شوق شڪار يا ڳالهه ٻولهه، اوطاق ۾ اوپري آيل جي مان ۾ اڳ ويٺل ماڻهو پنهنجي جاين تان اٿي بيهي هن سان کلي کيڪار ڪندا آهن، هٿ ملائيندا يا ڀاڪر پائي پريت سان ملندا ۽ هلڪي ڦلڪي خوش خير ڪري ڇڏيندا، ۽ رسمي خير ڀلائي، ميل ميلاپ کان پوءِ مهمان جي خواراڪ جو پورائو ڪندا، پڇاڙيءَ ۾ خبرون چارون مٽايون وينديون آهن، اهي مذڪوره وهنوار اوطاق جي طريقن ۽ سليقن، آداب ۽ اطوار، رسم ۽ رواج ۾ شمار ٿين ٿا.

سياري جي موسم ۽ اوطاق:
سردين جي جيتري رات ڊگيهري ايتري ڪچهري وڏيسري، ان ڪري سردي ۽ سيءِ کان بچڻ خاطر اوطاق ۾ هڪ وڏو مچ مچايو ويندو آهي، جنهن مٿان ڳوٺاڻا رات جو ڪنرو ڪري ويهندا آهن، اتي قصا ڪهاڻيون، نڙ تي بيت، بنسري، بين جي سرن سان ڪچهري کي دلپسند ڪيو ويندو آهي، ڳجهارتون ڏيڻ وٺڻ ۽ ڳولهڻ ۾ اچرج جهڙو سمو هوندو آهي، ڪڏهن راڳ رس سان رهاڻ رچائي ويندي آهي، جنهن منڊل ۾ ڀرپاسي وارا ڳوٺائي به اچي گڏبا آهن، اهي آيل اوطاق جي وندر ۾ رلي ملي هڪ ٿي ويندا آهن.

چونڪي سرشتو ۽ اوطاق:
ڳوٺ جي سلامتي ۽ مال متاع جي بچاءُ لاءِ اوطاق پاران ڳوٺ ۾ رات جو چونڪي سرشتو جاري ڪيل هوندو آهي، پوءِ به ڪن حالتن ۾ چوري ٿي به ويندي آهي ته ڀنڀراڪي مهل ڳوٺ وارا چورن جا پيرا کڻڻ ۾ لڳي ويندا آهن، چورن جي وڃڻ جا پير نشان ڏسي ، پرکي سندن ڪڍ، پويان هلندا رهندا آهن، ڪٿي نه ڪٿي وڃي توڙ ڪندا آهن، پوءِ ان ڳوٺ کي گهيري ڪڙو چاڙهي ويهي رهندا آهن، ڀاڳيا جوابدار ڳوٺ کي چوندا ته سڳ (چوراڻو مال) ڏيو يا ڳوٺ کان ٻاهر چورن جو پيرو ڪڍي ڏيو جوابدار ڳوٺاڻا ٻنهين ڳالهين مان ڪا به هڪ نيت ۽ سهولت ڏيندا، اهڙي مڃتا ۽ نيت جوابدار ڳوٺ وارن جي اخلاقي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿي، نيٺ جوابدار ڳوٺ ڀاڳين کي پهائيندو آهي.

شادي وهانءَ ۾ اوطاق جي حيثيت:
ڳوٺ اندر يا ڳوٺ کان ٻاهر مائٽي ۽ سڱابنديءَ جا رشتا جوڙڻ مهل تاريخون ۽ تٿيون طئي ڪرڻ ويل ڳوٺ جي واندڪائي ۽ ڌرين (گهوٽيتن ۽ ڪنئاريتن) جي گڏيل مرضي کي سامهون رکيو ويندو آهي، ان جوڙجڪ ۽ ٺهراءَ ۾ اوطاق جو وڏو هٿ هوندو آهي، شاديءَ جي مقرر ڏهاڙي تي ڳوٺ وارا پنهنجي ڪمن ڪارين کي پاسيرو ڪري، شاديءَ جي جشن ۾ گڏجي ويندا آهن، وهانءَ ڳوٺ ۾ هوندو ته ڳوٺ ۾ ئي شادي جي جنسار کي وڏي پاٻوهه سان سوڀارو ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ شادماني جي ڪوٺ هوندي، ته ڳوٺ وارن جي لاڳاپي سان اٽڪل اڌ ڳوٺ گهوٽيتن سان جلوس ۾ شامل ٿي رهندو، اهڙن رشتن کي اوطاق وڏي چاهه ۽ چس سان ملهائيندي رهندي آهي.
هن آس پڄندي مهل گهوٽيتا وس ۽ سگهه آهر ڪين گهٽائيندا آهن، پرڪي ساهيٽا گهراڻا ڦنڊرون ڪهي رکندا، گوشت چانور پلاءُ جون اڻ ڳڻيون ديڳيون لاٿيون وينديون آهن، شاديءَ جو ڀت گهر گهر سڏ ڀريندڙ کي پهچايو ويندو آهي، مردن کي اوطاق ۾ به کارايو ويندو آهي، جيئن ننڍو وڏو، مرد ۽ عورت ڀت کائڻ ۾ شريڪ رهي، گهڻو ڪري ان ڏڻ تي پوري ڳوٺ ۾ سانجڻ نه ٿيندي آهي، گهوٽيتن کي ڀت کارائڻ عيوض پاهت (مبارڪي) ڏيندا رهندا آهن، ان حالت ۾ دعوتي گهراڻا ڄڻ گهوٽيتن جي شاديءَ جي خرچ ۾ سهائتا پيا ڪن، هن ڏس ۾ ڏيڻ وٺڻ، کائڻ ۽ کارائڻ کي ڀائپي ۽ برادريءَ جو ٻنڌاڻ سڏجي ٿو، وهانءَ تي مڱڻهارن کي به آندو ويندو آهي، ان ڪري دهل جي ڌن ۽ شرناءِ جي تنوار تي ڳوٺاڻا مست لڳا پيا هوندا آهن، ڌن ۽ تنوار تي گهوٽيتا ڇيڄ ڪندا آهن، جنهن ۾ ننڍا وڏا، جوان پوڙها شامل ٿي نچڻ جو مزو وٺندا آهن، برادريءَ وارا ڇيڄ وارن مٿان ڏوڪڙن جو وسڪارو گهور ڪندا آهن، اها رقم مڱڻهار کي ملندي رهندي آهي، اهو ڏيک وهانءَ وارن جي امنگن ۽ اڌمن جي عجيب ترجماني ڪندو آهي، اڃا به ڪي گهراڻا وهانءَ تي راڳ رس جا پسارا به مچائيندا آهن، جن ۾ ڀرپاسي وارا ڳوٺاڻا به اچي ڳاهٽ ڏيندا آهن، راڳين کي ڪاڄ وارا ماڻهو داد ۾ ڏوڪڙ پئسا ڏيندا رهندا آهن، راڳ جي هلندڙ منڊل ۾ اوپرا ماڻهو به پنهجن من گهرين ڪلامن تي راڳيءَ کي سڏي ڏوڪڙ ڏيندا رهندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن راڳ ٻڌندڙ گويي کي داد ڏيندي چٽا ڀيٽي ۾ پنهنجا کيسا خالي ڪيون، سکڻا ٿيو، پنهنجن گهرن ڏانهن راهي ٿي ويندا آهن، هن ڏس ۾ اوطاق جو مالڪ به پوئتي ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، خاص ڪري گهوٽيتا پنهنجو گهر ٻاري ڏياري ڪندا آهن، اهي وهانءَ جا کنڌا ورهين تائين پيا لاهيندا آهن.

فوتيءَ جي وار تي اوطاق جي اهميت:
ڳوٺ اندر فوتي ۽ مرتئي جون خبرون گهر گهر پهچائڻ ۾ اوطاق جو ڪم آهي، ڳوٺ جا ضروري ۽ غير ضروري ڪم ڪاريون بند ڪيا ويندا آهن، انساني همدردي جي بنياد تي اوطاق کي تڏي (هيٺ ويهڻ ۽ هيٺ سمهڻ) جي حيثيت سان هڪ ٻن ڏينهن لاءِ هلايو ويندو آهي، ڏکايل ڌڙي کي آٿت ۽ ڏک ۾ برابريءَ واري رسم سان اوطاق جو اهم ڪردار ليکيو ويندو آهي، ڏکارن کي دڙ دلاسا، ٽيڪ آسرا ڏيندا رهندا آهن، کين ”رضا رباني“ وارو دنيا جو قديم دستور سڻڻو پوندو آهي، ته جيئن سندن ڏک ۽ درد ڪٽجي وڃي، مالدار فوتيءَ جي ڇڏيل مال ملڪيت جي ونڊ ورڇ جو مونجهارو ۽ پسارو به جلد کان جهٽ اوطاق اندر ئي نباهيو ويندو آهي، ٺهه پهه ۽ ترت تدارڪ ۽ نبيرو ڪري وڇڙيل ڌرين کي سستو انصاف ڏئي کين دائمي راس ۽ راضي ڪيو ويندو آهي.

ديني تعليم ۾ اوطاق جو ڪارنامو:
انسان جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ تعليم وڏي جاءِ والاري ٿي، سکيا جي کيتر ۾ ديني تعليم ۽ سنڌي ابتدائي تعليم جي اهميت حيثيت رکن ٿيون، هن ڏس ۾ اوطاق جو ڪارنامو ساراهه جوڳو رهيو آهي، دين جي تعليم لاءِ ڳوٺ جي مسجد مرڪزي خال ڀري ٿي ان پورائي لاءِ ڪنهن عالم سڳوري کي دعوت ڏئي مقرر ڪيو ويندو آهي، ڳوٺ جي ڇوڪرن ۽ ڇو ڪرين کي مفت ۾ دين جي سکيا ڏني ويندي آهي، قرآن پاڪ پڙهايو ويندو آهي، نماز جي تربيت ۽ ٻيا ديني اخلاق سيکاريا ويندا آهن، ان پر عبادت جا سليقا به سيکاريا ويندا آهن، ائين ڪرڻ سان ايندڙ نسل جون اخلاقي حالتون بهتر ٿين ٿيون، معلم جي سهائتا لاءِ اوطاق جي چوڻ تي سڄو ڳوٺ تيار رهندو آهي، ان پار استاد سڳوري جون معاشي گهرجون به ڪنهن پاسي ٿڻ ٿانءِ ٿين ٿيون.

ابتدائي تعليم ۽ اوطاق:
سنڌي مادري زبان، تاريخ، جاگرافي، حسابي نصاب لاءِ سرڪاري پرائمري اسڪول حڪومت کان گهري ڪري ڳوٺ ۾ جاري ڪرايو ويندو آهي، جنهن جي جاکوڙ ۾ اوطاق جو وڏو حصو هوندو آهي، منڍ ۾ اسڪول جي جڳهه نه هئڻ ڪري اوطاق کي اسڪول ڪري هلائڻو پوندو آهي، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ ڳوٺ ۾ جدا ٻه اسڪول کوليا ويندا آهن، ته جيئن ٻئي جنسون الڳ الڳ لاڀ پرائي ۽ هٿ ونڊائي سگهن. ان دڳ سان ڳوٺ جي ديني توڙي دنيوي تعليم سينگارجي ويندي آهي.
ٻهراڙي جي معيشت ٺاهڻ ۾ اوطاق جو حصو:
ٻهراڙين ۾ ڳوٺاڻن جو گذر سفر گهڻي ڀاڱي پوکي راهي ۽ مال ڍڳي پالڻ تي هجي ٿو، اڄ ڪلهه زمين کيڙڻ ۽ هموار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر جو هجڻ ۽ سٺن ٻجن جي جنسن جو هٿ ڪرڻ ضروري ٿي پيو آهي، انهن مونجهارن کي ماٺي ڪرڻ ۾ اوطاق جو ڪارنامو رهي ٿو، اڙهي موڙهي هاري کي موڙهي قرض طور ڏيڻ به اوطاق جي بلي آهي، اهڙو قرض اوطاق پاران بنا مٿڪي جي ڏنو ويندو آهي، ان لاءِ اوطاق ڳوٺ جي هارين ڪاڻ مهلائتو امدادي اڌار وارو ادارو آهي، لوڙ پوڻ سان ڪڙمي پنهجن ڍڳن ڍورن کي مال پڙيءَ تي اڌ بها ۾ تين واڪ ڪرڻ ۾ ڪا به ڍر نه ڪندو آهي، اوطاق جي اوکي ويل ٽيڪ ڏيڻ سان هاري پنهنجي مال کي اڌوري وڪري ڪرڻ کان بچي وڃن ٿا، ان سهاري ڏيڻ سان هاري هڪ پاسي وياج کان بچي پون ٿا ۽ ٻئي پاسي پنهنجي چوپائي مال کي پاسيري رکڻ ۾ سوڀارا رهن ٿا.

ڳوٺ جا جهيڙا جهڳڙا ۽ اوطاق جي ٽياڪڙيءَ واري چڱ مڙسي:
جتي به تمدن ۽ سڀيتا چوٽيءَ تي رسي ٿي، اتي ڦڏن ۽ ڏچن جي ڀرمار رهي ٿي، جيڏي وڏي آدمشماري، ايڏي گهڻي مونجهارن جي بوڇاڙ، وڏن ڳوٺن ۾ اوطاق هڪ مثالي ڪڙي ٿي اڀري ٿي، اتي اندريان توڙي ٻاهريان نبيرا به ڪيا ويندا آهن، جن نيائن کي مانائتي مڃتا ملندي رهي ٿي، ڪن حالتن ۾ ڪي نبيرا سرڪشي جي بنياد تي تڪراري ٿي ويندا آهن، ڦڏائي ٽولو فيصلي کان منهن موڙ ۽ انڪار ڪندو رهندو آهي، ان مهل فسادي ڌر کي مڃائڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وجهڻ تي سڄـي ڳوٺ جو کائڻ پيئڻ ۽ سلام ڪلام بند رهندو آهي، جيستائين ارڏائي ۽ ڦڏائي ڌر سنئين راهه تي اچي ۽ فيصلي مڃڻ بعد ڌريون کير کنڊ ٿيو وڃن ان واٽ سان اوطاق ڳوٺ مان مانڌاڻ ڪڍڻ ۾ سوڀاري رهي ٿي، نياءُ ۽ نبيرا هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٿي چڪندا آهن، فيصلن ۾ فريادي ۽ جوابدار ڌرين ۽ سندن شاهدن ۽ مشيرن کي کلي دل سان ٻڌو ويندو آهي، ان ڪري ڌرين کي ترت حق پلئه پوندو آهي، انصاف بي ريائي ۽ اڻ ڌريائي روءِ سان ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ڏسندڙ ٻڌندڙ ۽ ڌريون دل سان قبول ڪنديون آهن.

زال مڙس رسامو ۽ اوطاق جي عدالت:
جڏهن گهرو اڻبڻت چوٽيءَ تي پهچي ٿي ۽ زال مڙس جا لاڳاپا دائمي جهيڙي جي ور چڙهي وڃن ٿا، تڏهن اهڙي ڪروڌ کي ختم ڪرڻ لاءِ راڄنيتيءَ طور ڪوششون ڪيون وينديون آهن، سرچاءِ جا حيلا ۽ اپاءُ اڪارتا ٿي وڃن ٿا، کيٽو ليڪو لنگهي چڪي ٿو، ان ڏڦيڙ ۾ او طاق ۾ گڏيل راءِ سان طلاق وسيلي کين سدائين لاءِ جدا ڪيو ويندو آهي، اوطاق ان ڏس ۾ مهلائتو اڪلاءُ ڪري واکاڻ جوڳو نبيرو ڪري سگهندي آهي.

واندڪائيءَ ۾ وندر لاءِ اوطاق جو منڊل:
جنهن گهڙي انسان پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري وڃي پار پوي ٿو، ۽ اٽي لٽي ۽ اجهي مان جان آجي ڪري پاڻڀرو ٿي وڃي ٿو، ان حالت ۾ هو وندر جي واٽ جو ڳولهائو رهي ٿو، اهڙي ڪميءَ کي پوري ڪرڻ ۾ اوطاق ديسي راندين رچائڻ جو چرچو ڪرائي ٿي، ديسي راندين ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ملهه، ونجهوٽي، ٻيلهاڙو، ڏٽي ڏڪر وغيره، راندين کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ميلا ملاکڙا لڳائڻ به اوطاق جي ڄاڻ ۾ هوندا آهن، راندين جي مقابلن ۽ چٽاڀيٽيءَ ۾ سوڀارن رانديگرن کي انعام اڪرام جون سوکڙيون ۽ ڏان ڏنا ويندا آهن، جيئن راندين رچائڻ ۽ کيڏڻ ۾ کيڏارين کي چاهه ۽ چس رهي.

راڳ رس رهاڻ ۾ اوطاق جو منڊل مچائڻ:
جسماني پورهيو ڪندي ٿڪاوٽ پاسا وٺي ٿي ۽ ساڳيو ساڳيو ڪم ڪار ڪندي ماڻهو ڪڪ ٿيو پوي، يا ڪڏهن دنيا جا ڏک ڏاکڙا اچي ورائي سوڙهو ڪري ڇڏين ٿا، ان پساري وقت ٽپائڻ ۽ درد ڪٽڻ ۽ حاجت مٽائڻ جو ڊؤل ماڻهو جي سرشت ۾ آهي ته ڪا مٽ سٽ هئڻ کپي، ته جيئن روح جي پوي. جيءَ کي قرار ڏيارڻ ۽ روح کي راحت وٺائڻ لاءِ راڳ ويراڳ، سرتار، کل مسخريءَ جهڙن ٽڪساٽن جي گهرج کڙي ٿئي ٿي، ان لاءِ اوطاق راڳ ويراڳ جا منڊل ۽ کل مسخري جون منڊليون کڙيون ڪري ڄاڻي، جنهن جي آڌار تي ڳوٺاڻن ۾ نئون روح ڦوڪجي سگهي ٿو، ته جيئن هو تازي تواني ٿيڻ ۾ دير نه ڪن، راڳ جي لئي، ڍولڪ جي ڌن، چرچائي جا ڊونگل، چرچي ڀوڳ سان اڳيون ۽ پاروٿو پسارو مٽجي وڃي ٿو، ان لاءِ تر جي فنڪارن ۽ پاڙي جي راڳين کي ڪوٺون ڏئي مانڊاڻ مچايو ويندو آهي، خاص ڪري ڳوٺ جا ڪي ٽاڻا ۽ سما نڪري نروار ٿي پوندا آهن، جن سان هيجن جا ڇيڄ ٿي پوندا آهن، جهڙوڪ ڪنهن جو وهانءُ، پٽ ڄائي جي آس پڄائي، چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائي وغيره. ٽڪساٽن مٿان ڌام ڌوم جو سمان لڳي ويندو آهي، اهڙن سرهن سمن تي منگتن ۽ مڱڻهارن جي فن مان پورو رس مزو ورتو ويندو آهي، سندن سازن ۾ دهل، شرناءِ، بين، بنسري، نڙ، يڪتارو، چپڙيون، ستار، سرندو، دلو گهاگهر، جهانجهه وغيره سان گڏ جوڳيءَ جي مرلي جهڙن سازن جي سرتار سان ٻڌندڙن کان سسراٽيون نڪريو وڃن، راڳي ديسي، فنڪار ديسي ۽ سندن ساز سرود به ديسي، جن تي خرچ به نه جهڙو.
راڳ کان سواءِ کل ڀوڳ ، مزاح مسخري، چرچي گهٻي هئڻ جي ڪري دل جا وهم غم، درد سور ڪٽيو پون، چرچاين جي ٺهه پهه جوابن ڦهڪائڻ جي ڪري ڳوٺاڻا کلي کلي کيرا ٿيو پون، راڳ رچائڻ، کل ڀوڳ پٿرائڻ، نرت وجهائڻ، ڇيڄ هلائڻ ۾ اوطاق جي لاڳت هوندي آهي، پهاڪا، چوڻيون، متيون، لاهڻيون، بيت بازي، ڳجهارتون وغيره رونشن جو مانڊاڻ متل هوندو آهي، جن ۾ ڀرپاسي وارن واهڻن جي سپورنجهن جو به مليل انگ رهندو آهي، باقي ته چوپائي مال ۽ پوکي راهيءَ جون عام لاڀائتيون پچارون ته پيون ورجائبيون رهنديون آهن.

اوطاق جو جائزو:
ڳوٺ جي ڪار گذارين ۽ ڪاررواين جو محور ۽ مرڪز اوطاق آهي، پر هن جو روح روان ۽ سرواڻ ڳوٺ جو چڱو مڙس، نيڪ مرد، وڏيرو آهي، جيڪو ڳوٺ جي ڏک درد ۾ سهائتا ڪندو رهي ٿو، اوطاق هڪ ويهڪ، ٽڪاءَ ۽ آستاني جو ڪم ڏيندي آهي، هن جي هر ڪارروائي هلائڻ، اوکيءَ ويل جي هلچل ۾ منهن ڏيندڙ ڳوٺ جو نيڪ مرد رهي ٿو، هو ڳوٺ جا مونجهارا ۽ ٽڪساٽ حل ڪندو رهي ٿو، اوطاق ڳوٺ جي جوڙجڪ، مانڊاڻ ۽ نظام جو نالو آهي، جنهن ۾ ڳوٺن جي تربيت، دڳ لائڻ ۽ سليقي سان هلائڻ جا گس ملن ٿا.
هر تنظيم ۽ نظام ڪمين ۽ ڪوتاهين کان آجو نه آهي، ان لاءِ چيو وڃي ٿو ته وڏيرو غلط ڪار، ڦورو، بي انصاف، تعليم جا ترا ڪڍندڙ، عورتن جا حق غضب ڪندڙ، ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽ، قومي سياست جو شعور نهوڙيندڙ، معيشت جو ڏيوالو آڻيندڙ، قومي اتحاد ۽ سنڌي ڀائيچاري جو اميدون مٽائيندڙ، سنڌي ساٿ ۽ سٿ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ، هارين جو پرمار آهي، ان ڪري سنڌ صدين کان وڏيرا ڪلچر جي لوڙ لوڙيندي رهي ٿي، جيڪڏهن اڄ به سنڌ مان وڏيرا شاهيءَ جا تختا ڪڍيا وڃن ته سنڌي ماڻهو ٻڌيءَ ۽ يڪجهتيءَ جو بي مثال مظاهرو ڪري سگهن ٿا، ان ڪري جيڪر سنڌ کي هن ڌڙي کان ڇوٽڪارو ملي پوي ته سٺو سنوڻ ثابت ٿيندو، هي ڳالهه مڃڻ کان پري نه آهي ته دنيا جي ملڪن ۾ نفسياتي ويڙهه وڙهي وڃي ٿي، ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهو تعليم جي زيور سان سينگاريل آهن، ان ڪري نفسياتي ويڙهه مان جلد جان ڇڏائڻ ۾ سوڀارا ٿين ٿا، انهن جي ڀيٽ ۾ اسرندڙ ڏيهن جا رهاڪو تعليم ۽ ڄاڻ کان وانجهيل، من جا موڙهيل ۽ ڀورڙا هجن ٿا، اهي نفسياتي ڄار اندر ڦاسڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن، سالن جا سال ان ڦندي ۾ ڳهندا رهن ٿا، پر جيڪڏهن ورلي ڪنهن هنڌان اهو ڄار ٽٽي به پوي ٿو ته هو ڦاٿل ڄار جي ڳٿي مان تيزيءَ سان نڪرڻ جي جاکوڙ به نٿا ڪري سگهن، ڳيجهائپ سندن عادت ٿيو پوي.
سنڌ اهڙي نفسياتي ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيندي رهي آهي، سنڌ ۾ عصبيت ۽ قومي غيرت جي وڏي کوٽ آهي، سنڌ جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به وقتي وقتي سنڌي قوم لاءِ مونجهارا ۽ مسئلا کڙا ڪرائيندا آيا آهن، ڇو ته ڄاڻي ٻجهي سنڌ جي آزادي تان هٿ کڻندا رهيا آهن، 1947ع ۾ سنڌي قوم کي پاڪستاني وحدت ۾ شامل ڪيائون ۽ ملڪ جي اعليٰ اقتدار جي لاءِ ٻاهريان هندوستاني ماڻهو دعوت ڏئي وٺي آيا، جن جا سنڌ ۾ ووٽ به داخل نه هئا، ۽ سنڌي ٻوليءَ کان به بي خبر هئا، انهن اوپرن ۽ ڌارين کي سنڌ اندر پنهنجي دائمي سگهه ماڻڻ جي وڏي هوس هئي، تنهن ڪري اهي ملڪي عام ڀلائي جي بدران اقتدار جهٽڻ جي هٻڇ ۾ ڪاهي پيا، ان جوڙ توڙ جي ويڙهاند ۾ سنڌين جي ڪيل وڙن ۽ ٿورن جو ڪو به ويچار نه ونڊيائون، اهڙي ڇڪتاڻ جا منڍ ۾ ئي اگرا نتيجا نروار ٿيڻ لڳا، 1948ع ڌاري سنڌ کان ڪراچي کسي وئي، سنڌ ۾ هندن جي ڇڏيل ملڪيت لاءِ قانون گهڙيو ويو ته مقامي سنڌي ماڻهو هندن جي ڇڏيل ملڪيت ڳنهي نٿا سگهن، اليڪشن، آئين ۽ جمهوريت تيتر وجود وٺي نه سگهيون، جيتر سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌن جو انگ چوٽ نه چڙهيو، 1955ع ۾ سنڌ کي ون يونٽ جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسايو ويو، سنڌو درياءَ مٿان غلام محمد بئراج ۽ گڊو بئراج اڏي، لکها ايڪڙ زمين غير سنڌين کي ڏني وئي، هو ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ اندر زمين وٺڻ ۾ جنبي ويا، پنجاب مان چوڌرين جا ٽولا اٿلي پيا، سنڌ ۾ ڪيئي بستيون ۽ وسنديون تيار ڪري دائمي ٿاڪ ڄمائي ويٺا، ڏٺو وڃي ته نه رڳو آزادي دوران سنڌين کان اقتدار ڦريو ويو، پر سنڌين جي وسيلن ۽ زمينن مٿان به کپ کوڙيا ويا، جيڪي اڄ به سنڌ جي سرزمين تي هزارين بهانا ۽ هر با هلائي پاڻ کي اڪثريت ۾ آڻڻ لاءِ ڏينهن رات جتن ڪري رهيا آهن، ملڪي ڀلائيءَ کان اڻ ڄاڻ ، نفسيات جا شاطر ۽ پرماريت جا پوڄاري سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائي رهيا آهن، ڪڏهن ته اعلان ڪندي چوندا رهن ٿا، ”لطيف جي ڌرتي“ مٿان سنڌي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو قبضو آهي، سنڌي هارين کي جاگيردار ۽ وڏيرا لٽي رهيا آهن، انهن پرمار جاگيردارن ۽ وڏيرن کان زمين کسي، غريب هارين ۾ ورهائي ويندي، جڏهن ته هاڻي سنڌ اندر جاگير ئي نه رهي آهي.
مذڪوره هڏ ڏوکي بڻجڻ جو وجهه ۽ مهل اڃا کڙو ٿيو ئي نه، ته ڪراچي ۾ سنڌي هارين ۽ مزدورن مٿان ڪيس ٿيڻ شروع ٿي ويا، سندن ڳوٺ (لطيف سائين جا سنڌي ڳوٺ) پوليس ۽ رينجرز جي زور سان بلڊوز ڪرائي سنڌي عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کان ڪيڪٽ ڪرائي، کين ماري ڀڄائي، اهي ڳوٺ خالي ڪرائي، ڌارين جي حوالي ڪيا پيا وڃن، ان ڏاڍ ۽ انڌير آڏو ملڪي حڪومت ۽ ديني جماعتون ماٺ ۾ رهن ٿيون، هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ وارا ٻيا جو مثال پڌرو آهي، جڏهن ته انسان قوت ۽ طاقت جو پوڄاري ۽ سلامي رهيو آهي، مثال شينهن حرام ۽ ڦاڙيندڙ درندو آهي، پوءِ به هن کي ”شير خدا“ چيو وڃي ٿو، سڀ ڪو پاڻ کي شينهن چوائيندي پيو ٻهڪي، پر ڇيلو حلال آهي، ان حلال ڇيلي چوائڻ کان هر ڪو پيو لهرائي، شينهن جي تصوير سيني سان لڳائڻ ۾ وڏائي ۽ مٿانهين پئي ڳائجي ۽ ڇيلي جي شڪل ڏي ڪير تڪڻ لاءِ به تيار نٿو ٿئي.
سنڌين جو ترس ۽ مهمان نوازي کين ڳچي ۾ پئجي وئي آهي، ان ريت سنڌ ڄاوا پنهنجي پراڻي پنگتي پساري سان هلندي هزارين ورهيه پئي اڪاريا آهن، پوءِ به کين ڪهل ۽ ٻاجهه ڪرڻ وارن ڳڻن تي مهڻا پيا ملن، ته سنڌي ماڻهو وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙيل ، سائنسي سوچ ۽ حقيقي پرک کان ڀٽڪيل آهن، هو پنهنجي تيار ڪيل ڪوڙڪي جو شڪار ٿيندا آيا آهن.
جيڪڏهن سنڌي ساڃاهه وندن آڏو مٿين مونجهارن جي حل ٿيڻ ۾ ٿوري به ديرلڳي ته پوءِ ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌي دانشور پنهنجي شاطر ۽ هرڌا تي ويري کي تاڙڻ ۽ پرکڻ ۾ اڃا صديون پوئتي رهجي ويندا ، گهٽ ۾ گهٽ قلم ۽ آواز کي نين ۽ تازين ضرورتن پٽاندڙ ته هلائجي ، جيئن ورائي ورائي سنڌي ايڪي ۽ هيڪڙ ائي لاءِ جاکوڙ ڪجي.
مشرف دور حڪومت ۾ سنڌ پاڪستان جو ڄڻ صوبو ئي نظر نه پيو چڙهي، سنڌ مٿان هڪ غير سنڌي گورنر کي ايترو ته وڌايو ويو جو هن جي اختيارن جي ڪا حد ئي نه آهي، جڏهن ته باقي صوبن ۾ وزير اعليٰ وارن جي حاڪميت رهي آهي، فقط سنڌ جو وزيراعليٰ گورنر جي هر فيصلي جو محتاج ۽ هٿ ٺوڪيو رهيو، ان مان پڌرو آهي ته سنڌ ۾ اقتدار اعليٰ سنڌين کان ڦريو ويو آهي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي بي وس ۽ نڌڻڪا ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ ڄڻ سنڌي ٻئي نمبر جا شهري ٿي رهيا آهن.
ضياءَ دور حڪومت ۾ سنڌين پنهنجو آئيندو اونداهو ڏٺو، کين ڀلائي ۽ چڱائيءَ جون راهون اونداهيون ۽ ناس نظر چڙهيون، ان ڪري ٻڌي ۽ ايڪي جو سندرو تاڻي بيٺا، سنڌي ماڻهن کي سالن جا ڏک سور وسري نه ويا هئا، ان ڪري پنهنجي ڀڙڪيل اڌمن جو پورو مظاهرو ڪيائون، سنڌين مارشل لا دورن جون ڏاڍايون ۽ انڌير ننگريون دل تي پئي رکيون، وقت اچڻ سان ظلم ۽ ڏاڍ آڏو ميدان تي نڪري پيا، جلسا، جلوس، احتجاج، روڊ ڌرڻا، بک هڙتالون لائي ڏنائون، ڦٽڪن ۽ ڪاري قانون جي پرواهه نه ڪڍيائون، ايم آر ڊي تحريڪ پٽاندر ملڪ جي ڊڪٽيٽر شاهي جا تختا لوڏي ڇڏيائون، آمر شاهي پنهنجي انڌير ننگري خلاف سنڌين جي هلچل ڏسي دهلجي وئي، ان حالت ۾ ملڪ جي پرمار ۽ آپيشاهي ڌڙي پنهنجا نفسياتي هربا ۽ داءَ هلائڻ جاري ڪيا، پنهنجي ڏوهن ۽ پاپن کي پاسيرو رکي سنڌي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي سنڌي عوام جو دشمن سڏڻ شروع ڪيو، سنڌي عوام جي زواليت ۽ بدحاليءَ جو جوابدار سنڌي وڏيري کي ٺهرائڻ جا داءَ پيچ لڳائڻ جاري ٿيا، سنڌي ٻوليءَ ۾ عام چوڻي جيان ”پنهنجي پَوَئِي، منهنجي وِسرَئي“ جا کيڏ ۽ ڍارا هڻڻ جا راهه ۽ رند شروع ڪري ڏنا.
سنڌ ڄاوا ۽ ڌرتي ڌڻي بي گهر، بي روزگار ۽ بي زمين هاري، ذريعن ۽ وسيلن هوندي بک ۽ بدحالي جو شڪار هجن ٿا ۽ سندن خلاف غيرن جي لوڌن جون سنڌ والارڻ لاءِ ونگارون ۽ سازشون پيون هلن، نئين سج ڌارين جون نيون گهلون ۽ ڪٽڪ ايندا پيا اچن، غيرن جي اچڻ سان کين زمين خريد ڪرڻ، ڌنڌي واپار ۽ نوڪري ڪرڻ جا حق عطا ڪيا وڃن ٿا، سنڌ ٽرانسپورٽ مٿان سندن قبضا، ۽ ڪالونيون اڏي، دائمي ٿاڪ ڪري رهڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته سنڌي ڊاڪٽر، انجنيئر نوڪرين کان واندا، سنڌو درياءَ خشڪ، ذريعن مٿان ڄمت، سنڌ جي ڪمائي مان سنڌ کي ٻارهن پنج ساله رٿن لاءِ اڌوري خرچ جو حصو جاري رکيو وڃي ٿو، اهڙين زيادتين خلاف سنڌ جي احتجاجن کي انصاف روءِ سان ٻڌو به نٿو وڃي، اهڙي حق طلبي ۽ گُهر کي سنڌين جي سرڪشي، بغاوت ۽ ملڪ دشمني ڄاتي وڃي ٿي، ان لاءِ اٽلو کين سخت ورتو وڃي ٿو.
مٿين غير قانوني ۽ غير فطري ڏاڍاين تان سنڌي عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ملڪ ڌڻين سنڌي عوام کي ونڊڻ ۽ ورهائڻ لاءِ سنڌي وڏيرن جون زيادتيون بيان ڪري، کين ٽولن ۽ ڌڙن ڦانڊڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دنيا جا سڌريل حڪمران پنهنجي فلاحي ۽ ڀلائيءَ وارن پروگرامن تحت گهرو مونجهارن ۽ مسئلن کي هٽائڻ لاءِ پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات وارن کي مقرر ڪري بحرانن جي حل ڪرڻ لاءِ رپورٽون تيار ڪرائين ٿا ۽ انهن رپورٽن ۾ سفارش ڪيل ڳالهين ۽ صلاحن تي عمل ڪري انهن خوفناڪ بحرانن کي دور ڪيو وڃي ٿو، پر هن ملڪ ۾ سنڌين جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ جي ابتڙ سازشون ٿينديون رهيون آهن، ته سنڌيءَ کي ڪهڙي ريت چٽ ۽ پٽ ڪيو وڃي. ان قسم جي غير فطري سوچ ۽ سازش واري رٿا بنديءَ ملڪ جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿي، انصاف جي گهر ته اهائي هئي جو ملڪي ڀلائيءَ وارن رٿن کي ڪم آندو وڃي ها، ته بهتر ٿي پوي ها، ان جي ابتڙ 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي شهر اندر عوامي جلسي ۾ سابق وزير اعظم محترمه بي نظير صاحبه تي قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، جنهن جي موٽ ۾ ملڪ جو اربين رپيا ڀڃ ڊاهه جي ڪري نقصان ٿي چڪو، جيڪڏهن حڪومت مرحوما جي سلامتي جو جوڳو بندوبست ڪري ها ته هي دردناڪ واقعا پيش نه اچن ها، ان ڪري ملڪي ڪارندن جو اهو ڍنڍورو پٽڻو پوي ٿو ته منڍ کان وٺي اڄ تائين ملڪ خلاف ڀٽڪيل ۽ گمراهه ڪن ويچار ڇڙيل ۽ ڇيڪ رهيا آهن، جن کي هر وطن دوست سڄاڻ توڙي اڻ ڄاڻ پڪي پهَه سان ورجائيندو رهي ٿو، ته ملڪي سياسي قيادت کي جنرل ڌڙي آزاد هلڻ ڏنو ئي نه آهي، نه وري کين آزاد هلائڻ لاءِ تيار ئي آهن، ڇو ته سندن ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي، جيئن عوام آڏو پڌرو ٿئي ته ملڪ کي گوڏن ڀر ڪيرائڻ ۾ سياستڪارن جي سڄي هٿ جو کيل رهيو آهي، اهڙن من گهڙت راين، اڍنگن دڳن ۽ اکليل ويچارن جي نتيجي ۾ ملڪ بحرانن ۽ هيجانن کان ڪڏهن به آجو رهي نه سگهيو آهي.
مٿين مٿا ڪٽ مان پوريءَ ريت پڌري پٽ آهي ته ملڪي قيادت جي سوچ ۽ ساڃاهه جيڪا هر سمي نابري ۽ ناڪار تي هلندي رهي آهي، تنهن ملڪ کي ڏهڪائيندڙ واقعن ۽ هيسائيندڙ اوڪرن ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، ان ڪري وطن دوستيءَ وارو ذوق ۽ لڳاءَ وڃي پيو سڪڙبو ۽ سوڙهو ٿيندو، هاڻ به وقت ويو نه آهي ته لڳل ٽڪساٽن ۽ هيرا ڦيريءَ وارن پسارن جا دڳ بند ڪري ديس جي ڀلائيءَ خاطر آزاد چونڊ جي راهه جي سختي سان نگراني ڪئي وڃي، ۽ اڪثريت راءِ سان ڪامياب ڌر کي اقتدار حوالي ڪيو وڃي ته سڀني ڏيهي مونجهارن ۽ ڏوجهرن کان وطن کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به واهڻ وستيون، ڳوٺ ۽ ننگر آباد آهن اتي اوطاقون به ضروو هجن ٿيون، انهن دائرن ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جون عام ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون جن رهاڻ گاهن ۾ مرڪزي اختيار ڪيل ڦڏن، ڏچن، ڏاڍاين ۽ زوراورين کي روزانو بدوڙيو ۽ ننديو وڃي ٿو، ان ريت سنڌي ماڻهن جي سينن ۾ ڏينهن رات ملڪ جي ٺيڪيدار قيادتن جي ابتڙ قطارڻ ۽ پچارڻ ڪنهن به موڙ ۽ توڙ تي اگرا آواز ۽ دردن ڀريون آهون ملڪ دوستيءَ کي نهوڙي نينديون، ان لاءِ ملڪ جي والين جا جيڪر ڌيان تيز، نگاهه تيز ۽ ڪن تيز ٿين، ته ملڪي ڀلائي ۽ بهتريءَ خاطر انصاف ۽ برابريءَ واري واٽ وٺڻ لاءِ جاکوڙ ڪن.
سنڌ جي سماجي مانڊاڻ ۾ اوطاق ٻهراڙيءَ جو عوامي آستانو، دائرو، تڏو، منهه، بيٺڪ، ڪچهري، آچار ويچار ۽ وندر گاهه رهي آهي، سڀيتا جي پيڙهه به هتان نسري نروار ٿئي ٿي، جڏهن ته ڳوٺن جون سماجي ۽ معاشي گهرجون به اوطاق پوري ڪندي رهي آهي، تڏهن ته واهڻن ۽ وسندين ۾ ماڻهن گڏجي رهڻ، ملي هلڻ، ڪس رس کائڻ، ڇڏ ڇوٽ ڪرڻ ۽ هڏ ڏوکائپ جا انگ سکيا، ان ڪري منجهن ماڻهپو، سڪ پريت، هٿ ونڊائي ۽ سهڪار جا گڻ جاڳيا، اوطاق انساني ڀلائي ۽ بهبودي جو ادارو آهي، جنهن جي لاڳاپي سان ڪيترائي ڦڏا، ڏچا، دنگ دڙيون، ڪاوڙ ڪروڌ ڌڪجي وڃن ٿا، ڳوٺ جو ساهيٽو ماڻهو جڏهن فوت ٿئي ٿو ته فوتي جي ڇڏيل مال مٿان ونڊ ورهاست تي تڪرار کڙو ٿئي ٿو، زال مڙس جو رسامو اڀري، سنگ ڪڍي ٿو، اهڙي تڏا تڏي ۽ گهپيهه ۾ ڪورٽن ڏانهن راهي ٿيڻ ۽ سُلجهڻ ۾ ڪي ڪساب لڳيو وڃن، جن ڪيسن مٿان لاڳت لڳي ٿي، اهڙي رڳڙي واري ناڻي کان ٻيڻي ٿي بيهي، حساب ڪندي ڦڏائي ڌڙن جون کنڌيون کڄي وڃن ٿيون، ايستائين جو هڪ پيڙهي جهڳڙي کي ڪورٽ ۾ هلندي ڌرتيءَ داخل ٿي وڃي ٿي، وري ان جي جاءِ تي ٻي پود انهيءِ ويڙهه کي نباهڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي، ٻهراڙي ۾ پوکي راهي جي ڀيل، چوپائي مال جي چوري، اڳواڙي ۽ پوئواري جي سور پور مٿان گپا گيهه ۽ گهپي سان رسامان اڀرن ٿا، ان لاءِ هيڻيون ڌريون پوليس ٿاڻن جون ياترائون ڪن ٿيون جتي جوابدار ڌڙن کان اڳيون پويون حساب چڪتو ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ڌريون اڃا به نه ٺهيون، ته ڪورٽن ڏانهن نيو ويندن، جتي وڪيلن، منشين، ڪلارڪن، پٽيوالن سان کين منهن ڏيڻو پوندو آهي، پوءِ حاضرين جو اڻ کٽ سلسلو جاري رهندو آهي، ڪورٽن جي اڪلاءُ ۽ نبيري ۾ اڻ ڳڻيا ورهيه لڳيو وڃن، ڌريون پنهنجون موڙيون ۽ پونجيون وڃايو نستيون ٿيو پون، پوءِ پنهنجي ڪئي تي ڏيهن کي ڏس ڏين، هڪ پاسي ڏوڪڙ جي چٽي، ٻئي پاسي وقت وڃائڻ جي مار، ڀوڳي پيا هٿ مهٽيندا آهن ۽ پوءِ وئي ويل جو نه دارون نه دوا“.
مٿيان ڪيتا لوڙي پوءِ ماڻهوءَ ۾ سڌارو ته اچي ٿو پوءِ جيڪڏهن جوڀن وڃائي جاڙ ڪري، ڄمار ولوڙي رک ڪري، پيري ۾ سئنين واٽ لڳي ڪهڙي سود جو ٿيندو، ان چٽاڀيٽيءَ ۾ اوطاق هڪ صحيح اخلاقي آستانو آهي، جنهن اندر هر وڙ جي ڏجهن ۽ ڏوجهرن کي نبيرڻ جو اخلاقي اختيار رهي ٿو، ستايل ڌرين کي ٺهه پهه ”دائري“ ۾ آڻي، سندن ڦڏن کي ٽياڪڙي ريت سان ٻڌي سڻي کين دير تائين کير کنڊ ڪرڻ جون جاکوڙون ڪيون وڃن ٿيون.
اها ڳالهه به گمان کان خالي نه آهي ته اوطاق کي وڏيرا هلائيندا آهن، جهان جي ڪنهن ڀاڱي جو وڏيرو ملڪن مٿان رحمت نازل ٿيل نه آهي، نه وري هندوستان جو پٽيل (وڏيرو) اتي جي عوام جي لاءِ نعمت آهي، ان ريت نه پنجاب جو چوڌري ڪو هارين جو غمخوار رهي ٿو، ان ڪڙي سان سرحد جو ارباب به ساڳي باغ جو موري آهي، جي ٿري ارباب پيرن اگهاڙن جو خير خواهه نه ٿو رهي ته پوءِ سنڌ جو وڏيرو ڪهڙي ريت هارين جو ساٿي ٿي سگهي ٿو، نه وري بلوچي سردار ۾ ڪا نئين جاڳرتا آئي آهي، جنهن سان هو هارين ۽ مزدورن جا اونداها اجها روشن ڪندو رهي.
پوءِ به سنڌ ۾ ڪي ٿوريون اوطاقون اونڌي دڳ سان هلي ماڻهو آزار ڪنديون رهن ٿيون، جن جي وستار نه ڪرڻ انصاف جي ابتڙ ٿي پوندو، انهن دائرن ۾ چور پاٿاري هلائي وڃي ٿي، جتي چور، ڌاڙيل پاليا وڃن ٿا، جن عام ماڻهن جو سک آرام ڦٽايو آهي، اوطاق پاران چورن ۽ ڌاڙيلن جي ناجائز ڀرجهلي ڪري پوليس ۽ ڪورٽن جي چنبن کان آجو رکيو وڃي ٿو، هاڻي ته هٿ جو هيرايل وڏيرن کي به نٿو معاف ڪري، اغوا جي واردات ۾ لکين رپيا ڀنگ طلبيو وڃي ٿو، ان ڪري ڏوهن جي گهڻائي ٿي چڪي آهي، ٻهراڙيون ۽ واهڻ ڦٽندا وڃن ٿا، ڳوٺاڻا ڳوٺ ڇڏي، شهرن ڏاانهن تيزيءَ سان ڀڄندا رهن ٿا، هڪ پاسي واهڻ ويران ٿيندا وڃن ٿا، ٻئي پاسي شهري ڪچي آباديءَ جا انيڪ جنجهٽ اڀرندا رهن ٿا.
سچ پچ ته انهن بحرانن کي جنم ڏياريندڙ به ملڪ جا ڪارندا ئي آهن، جن پنهنجن حمايتي ڇاڙتن کي ڇوٽ ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ هيجان ۽ بحران هجن، جن کان شهري آزاد ٿيندا ته سندن آمريت خلاف ڪمر ساهيندا، ان ڪري سندن ڇاڙتا قانون کان مٿاهين زندگي گهارڻ جا عادي ٿي چڪا آهن، آمريت جا ٺيڪيدار اوطاقن ۾ ڪتا پالين ٿا، جن سان ٻيلن ۾ هرڻ جو شڪار ڪيو ويندو هو، هاڻي ته ٻيلا به وڍايا ويا آهن، ان زمين مٿان آمر شاهي جي ٻٽيرن جا قبضا ٿي چڪا آهن، ٻيلن جي تباهي جي ڪري سنڌ کي چوڻو ڇيهو رسي ٿو هڪ مال جو چارو چٽ، ٻيو ماحو ل جي گدلاڻ ۾ زيادتي، ٽيون برسات جي گهٽتائي، چوٿون گرمي پد ۾ واڌ ايندي رهي ٿي، جهنگل جو شڪار ذري گهٽ وڃي چڪو آهي، پوءِ به پاليل ڪتن سان رڇ تي بڇ جو رونشو ڪيو ويندو آهي، جيڪا دل ڏاريندڙ ڪڌائي آهي، يا ڪڪڙ ۽ تتر پالي ويڙهايا وڃن ٿا، جن مٿان هزارن جو شرطون لڳايون وڃن ٿيون، يا تاش چوپڙ ڍاري جوا کيڏي ويندي آهي، جوا جي اڏن تان ڪي گهراڻا هڪ رات ۾ شاهوڪار ته ٻيا گهڙيءَ ۾ پيا نانگ ٿي ڪريو پون، يا ڏاند ۽ گهوڙا ڀڄائين ٿا، جنهن ۾ به جوا جو جزو پڌرو هوندو آهي، ان کان سواءِ ڀنگ، چرس، شراب ۽ هيروئن جا ڌنڌا به اوطاقن ۾ ٿين پيا، نشي جي موذي مرض ۾ عام ماڻهو ڦاسايا وڃن، ان ڪري قومي صحت جو وڏو ڏڪر ٿو ڏسڻ ۾ اچي، جوا ۽ نشي جي هل چل ۾ پوليس ٿاڻو ۽ ايڪسائيز وارا اهڙين اوطاقن سان ٻٽ آهن، جيئن ته ڄاڻ جي ترقي جي ڪري دنيا هن وقت هڪ گهر ٿي چڪي آهي، ان ڪري نجي پنگت جو ڍنگ وڃي ٿو پراڻو ٿيندو، ان لا ءِ اوطاق جي نبيري نڇيڙي ۽ ٻيا عمل دقيانوسي ۽ جهونو آچار ويچار آهي، جنهن جي ترت تڏا ويڙهه ٿيڻ جڳائي، نجي فيصلا پٿرجي دور جون ساروڻيون آهن.
مٿين مانڊاڻ جي جوڙ توڙ جي جائزي مان چڱيءَ ريت پروڙي سگهجي ٿو، ته ملڪ پنهنجي پيرن تي کڙي ٿيڻ ۾ 61 سال ٿي چڪا آهن، پر سرڪاري ادارن جي فيصلن ڪرڻ جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ سنڌ اندر ”اهي لاٽون اهي چگهه“ وارو سرشتو متل آهي، جڏهن ته منڍ کان ملڪ مٿان بئريسٽرن جي حڪمراني هوندي به عدالتي نظام کي آزاد نه ڇڏيو ويو، جيڪڏهن ائين ٿي پوي ها ته قانون جي مٿاهين ۽ سنڀال رهي ها ان حالت ۾ اوطاق جا نبيرا وڃي پوين پساهن تي بيهن ها، جڏهن ته هاڻي ان ويچار ۽ حڪمت عمليءَ ڏانهن ملڪ جا ڌڻي اڄ تائين ڏسڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، جيئن پوءِ تيئن عدالت عاليه جي حيثيت ۽ عزت لتاڙي ۽ چيٿاڙي وڃي ٿي، ته پوءِ ان ڇڪتاڻ واري هلچل ۾ اوطاق جي ساک ۽ تقدس هن گهڙيءَ تي اوج ۽ اوچائي تي رسيل رهي ٿو اها به هڪ مڃيل حقيقت آهي ته سنڌ اندر قدآور ۽ گهڻ پاسائين شخصيت وارا ماڻهو اوطاقن جي پيداوار آهن، جن سنڌ واسين کي پرڏيهن ۾ هاڪارو پڌرو ڪيو آهي، انهن مانائتن ۾ مانائتو دودو سومرو، دولهه دريا خان، علامه بلال سمو، شاهه بهارو، ولي محمد لغاري، حسن علي آفندي، جان محمد جوڻيجو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ عبدالقادر، سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا.

راڳ ويراڳ جو وايو منڊل:
راڳ روح جي ريجهه، زندگي ۽ جياپي جي خوراڪ آهي، راڳ، ناچ ۽ ساز سرود انساني سرشت جي امنگن ۽ اڌمن، سرهائي ۽ تازگي جو دستو ر آهي، ساڳي ريت فطرت جو مانڊاڻ به آهي، فطرت جي هر چرپر ۾ سرتار گڏيل ۽ مليل رهي ٿي، جهڙوڪ پاڻي جا وهڪرا، هوا جا جهونڪا، پکين جو لاتيون، جانورن جون ٻوليون، جيتن جون تنوارون هر ڪو سڻندو رهي ٿو، سندن آواز ۾ سُر، سرود، ساز، سوز ۽ گداز هجي ٿو، پوءِ به خاص ڪري پکين ۾ ڪانءُ ۽ سرڻ جو بي مزي جهانگرو ۽ ڪڙڪي واريون زيلان خطري کان خالي نه آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ بلبل ۽ ڪوئل جون دلسوز پڪارون ۽ هنيئن ٺار جهونگارون رهن ٿيون، ان ريت هارمونيم جا هڪڙا سر ڀان ڀان ڪري ڪن کائيو وڃن ته ٻيا سريلا ۽ وڻندڙ آلاپ ٿين ٿا، جيڪي اندر سَرهو ڪريو ڇڏين، اهڙي ريت ٻنهين نمونن جا آواز گڏجي ۽ رلجي هڪ سهڻي ادا ۽ ڀلي لئي کي اڀارين ٿا.
جيئن ته سنڌو ماٿري، سڀيتا جو گهوارو رهي آهي، هتي سدائين ساوڪ، وڻراهه، گلڪاري، گلزاري ۽ شادابي عام رهندي آئي آهي، ان ڪري جيتن، پکين ۽ جانورن جي ڳاڻاٽي ۾ وڏي واڌ ٿيندي رهي آهي، ايڏي کوڙ ساري ساهداري ڳڻپ جي ڪري سندن موهيندڙ آواز، پڪارون، ٻهڪندڙ ٻوليون، لوليون، ۽ وڻندڙ لاتيون ۽ تنوارون رلجي ملجي سنڌ جي فضا کي چاهه ۽ چس وارو بنائين ٿيون، ان لاءِ ناچ، راڳ ۽ ساز سرود هتي جي ماڻهن جي خمير ۽ سڀاءُ ۾ رچيل ۽ بسيل رهي ٿو، سريلي راڳ ٻڌڻ سان ساهه پساهه ۽ رڳن مان خوشي ۽ سرهائيءَ جون سيسراٽيون ۽ لاٽون اڀرن ٿيون، ان تار تنوار جي پڙلاءِ پوڻ سان لنؤن لنؤن ڪانڊرايو وڃي، دنيا جي ٽڪساٽن ۽ کر کسن کان جيءُ آجو ٿيو پوي، ننڍو ٻار به سريلين ۽ مٺين لولين ۽ ٻولين تي ننڊ ۾ گم ٿيو وڃي، ايستائين جو نانگ به مرلي جي لهرن ۽ آلاپن تي سر جو سانگو لاهي، لهريون هڻندي، ماڻهوءَ جي هٿان شڪار ٿيو وڃي، ان روءِ راڳ ويراڳ ۽ سُرتار واري رهاڻ سان من موهجي وڃي ٿو، ڪٽيل ۽ ويران هينئان جرڪن ۽ مرڪن ٿا، سر، تار، لئي، راڳڻي، طرز تنوار جون هڙئي ڌنون انساني امنگن ۽ سيڪارن کي جهومائن ۽ نچائن ٿيون.
جسماني پورهيو ڪندي، سِرُ کپائيندي ماڻهو ٿڪجيو پوي، ساڳي ڪم ۾ ڳهندي انسان ڪڪ ۽ مونجهو ٿيو پوي، يا جڏهن اوچتو لاها چاڙها، ڏک ڏاکڙا، مرض ۽ مصيتبون اچي ڪڙڪن ٿيون، ان مانڌاڻ ۾ ماڻهو مرجهايل ۽ ماندو رهي ٿو، اهڙي آنڌ مانڌ ۽ مونجهه کي دور ڪرڻ لاءِ روحاني ٺاپر ۽ ٺار گهرجي ٿو، اهڙو سڪون ۽ سرور راڳ ۽ ويراڳ جي منڊل ۽ محفل مان پلئه پوي ٿو راڳ رچائڻ ۾ سرتار سان اڃا به لئي وڌي ٿي، يڪتاري جي چپڙين جي جوڙ، ستار ۽ سرندي جي جهونگار، هارمونيم ۽ ڍولڪ جي ڌن جو مزو وڌيڪ رونق لڳائي ٿو، سرتار ۽ سنگيت جي ڄاڻوءَ کي فنڪار ۽ راڳ ڳائيندڙ کي گويو چيو وڃي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن اوطاق اهڙن ڪلاڪارن ۽ گوين کي روح رهاڻ لاءِ هڙ کولي نينڍ ڏئي ڳوٺ ۾ گهرائيندي رهندي آهي، جنهن مان ڀرپاسي جا ڳوٺ ۽ واهڻ پڻ مزو وٺندا آهن.

اٺ ڏينهن حرمين ۾ ۽ اتي جو جائزو

اٺ ڏينهن حرمين ۾ ۽ اتي جو جائزو

عربستان جا ٻه شهر مڪو ۽ مدينو سائين ڪريمن جي تشريف آوري کان پوءِ هي ٻه شهر ”حرمين شريفين“ جي نالن سان نوازيا ويا. مدينو شريف اسلامي رياست جو گاديءَ وارو شهر ٿيو، جنهن ڪري بين الاقوامي حيثيت وٺي چڪو ۽ تمام ملڪن جي سربراهن جي اچ وڃ عام ٿي، هن کان اڳ هي پٿريلو ۽ ريگستاني ملڪ دنيا جي فاتح حاڪمن جي لالچي نظرن کان پري هو. سائين ڪريمن اسلامي رياست جو بنياد رکڻ فرمايو، بعد ۾ خلفاءِ راشدين جي خلافت رهي. بني اميه خليفا ٿيا، بني عباسي ساڳي منصب تي قابض ٿيا، ترڪ خلافت عثمانيه رهي، جن جو مڪي تي مقرر ڪيل گورنر (شريف) انگريزن جي چُرچ ۽ اڪسائڻ تي باغي ٿيو، جنهن کي عربستان ملڪ ۽ ٻن پٽن کي عراق ۽ اردن مليا. پوءِ به انگريزن هڪ وڏي عرب رياست مان خطرو ڄاڻي عربستان ۾ نجدي گهراڻي جي مدد ڪئي. نجدي خاندان جو عربستان ۾ پهريون بادشاهه عبدالعزيز ٿيو. اڄ تائين 8 لک چورس ميل عربستان ملڪ جي زمين مٿان اهو گهراڻو بادشاهي ڪندو رهي ٿو. بادشاهه عبدالعزيز پنهنجي پٽ سعود جي نالي تي عربستان جي تاريخي ماڳ جو نالو مٽائي سرڪاري نالو ”سعودي عرب“ رکيو.
دنيا جي تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکڻ لاءِ سڀ ملڪ پنهنجي ملڪي يادگارن ۽ آثارن کي مقدس ڄاڻي تاريخي حيثيت سان بحال رکندا اچن ٿا. ان روايت جي ابتڙ بادشاهه عبدالعزيز عربستان جا تاريخي يادگار، جنگي ميدان ۽ صحابا جا روضا ۽ مزارون ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيون. غير شرعي ڪمن ۽ بدعت مٿان پابندي لڳائي وئي. ملڪ ۾ قتل جو عوض قتل، چور جو هٿ ڪٽائي، نشي وارين شين مٿان بندش، نشي وارين شين جي واپاريءَ کي به قتل جي سزا مقرر ٿي، جنهن لاءِ انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل جو دنيا جي ملڪن کان مطالبو آهي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي قتل جي سزا ۾ قتل ۽ ڦاهي نه ڏني وڃي.
سعودي عرب ايمنسٽي کي ان ڪري نٿو مڃي ته هي اسلامي قانون آهي، جنهن تحت ملڪ اندر ڏوهين کي سزائون ملنديون رهن ٿيون. ساڳي وقت ملڪ ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ بادشاهي کڙي ڪرڻ لاءِ سخت ترين قانون جي ضرورت آهي، پر دنيا ۾ برطانيه شاهي پرستي ۾ مشهور آهي. پوءِ به بادشاهه چارلس پهرين کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، مسلم ملڪن ۾ ايراني گهڻو بادشاهه پرست هئا، پر پنهنجي بادشاهه آريه مهر کي ايران کان جلاوطن ڪري ملڪ جمهوريت ڪيائون، اهي حالتون تاريخ پڌريون ڪندي رهي ٿي ته سختيءَ جي جواب ۾ وڏا وڏا ري ايڪشن ٿيندا رهندا آهن.

اجنبي مسلمانن جو پسمنظر:
1) عرب غيرعرب کي اجنبي چوندا آهن، اجنبي مسلمان حرمين جي فرض ادائي ۾ حاضريون ڀريندا رهيا آهن. منڍ ۾ پيرين پيادل، گڏهن، اٺن تي سفر پوءِ بحري رستن جا ڪشالا نيٺ هوائي سروس جي ذريعي حج ۽ عمره جي محبت ۾ لبيڪ چوندا حاضريون ڀريندا رهن ٿا. هر سال لکين شيدائي هن مقدس سرزمين تي اچي ڪري مقرر وقت لاءِ رهائش، کاڌو، کپائڻ تي پنهنجي روڪڙ خرچ ڪندا رهن ٿا جيڪا رقم صدين کان هن ملڪ جي خوشحاليءَ جو ڪارڻ ٿيندي رهي آهي.
2) پراڻي دور ۾ ڪي ئي اجنبي خاندان سال بسال ڏن ۽ نذرانا عربستان روانا ڪندا هئا، جن جا نالا دفتر تي چڙهيل هوندا هئا.
3) ننڍي کنڊ جي اجنبي مسلمانن، عثمانيه خلافت جي حمايت ۾ پنهنجا گهر تڙ، سرمايا ۽ سر قربان ڪيا، ترڪ پنهنجي خلافت تان دستبردار ٿيا، پر ننڍي کنڊ وارن مسلمانن انگريزن خلاف جنگ جاري رکي. هن سمي عرب دشمن ملڪ اسرائيل کي ڪن عربن تسليم ڪيو آهي، پر پاڪستان منڍ کان اڄ تائين اسرائيل جي وجود جو انڪاري آهي.

سعودي عرب ۾ اجنبي مسلمان جي حيثيت:
15 مارچ 2014ع تي حرمين ۾ 8 ڏهاڙا عمره جي خيال کان 4 ڏينهن مڪي شريف ۽ 4 ڏينهن مدينه منور ۾ رهڻ ٿيو، جنهن ۾ ڪجهه اکين سان ڏٺو ۽ ڪجهه ڪنن سان ٻڌو، جن ڳالهين کي قلم بند ڪيو ويو.
جيئن ته هي 8 لک چورس ميل کن ايراضي زمين جا والاري ٿو. آدمشماري اندزاً ٽي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ٿيندي. هي ملڪ اسلامي قانون هلائي ٿو. ملڪ جا ٻه شهر مڪو پاڪ ۽ مدينو منور دنيا جي مسلمانن جي لاءِ بين القوامي شهر هئڻ کپن پر ائين نه آهي.
هن ملڪ ۾ غير عرب اجنبي مسلمان آزاديءَ سان رهي نٿو سگهي، هو هتان جي شهريت کان محروم آهي. اجنبي مسلمان هن ملڪ ۾ جاءِ، دوڪان خريد نٿو ڪري سگهي ۽ واپار يا سرڪاري نوڪري به نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن جاءِ، دڪان ۽ واپار ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن مقامي عرب جي نالي تي خريد ڪري ڇڏي. اها ملڪيت ان عرب جي ليکبي پوءِ اهو عرب، اجنبيءَ کي حق ادائي ڪري يا اها ملڪيت کائي وڃي، ان حالتن ۾ ڪيترن اجنين جا حق مارجي ويا ۽ ڪن کي واپس سلامت ٿين ٿا. اجنبي مسلمان هڪ سال جي مدت جي ايگامي تي رهي سگهي ٿو. اهو ايگامو هڪ مقامي عرب ڏيندو آهي، جنهن کي ”ڪفيل“ چوندا آهن، هر سال ايگامو ڏهه هزار ريال ڀري نئون ڪرايو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪفيل کي 4 هزار ريال جدا ڏنا ويندا آهن، پوءِ ان ريت اجنبيءَ جي ڪمائي ۾ ڪفيل هڪ قسم جي اڏوهي آهي، هن کي کايو ۽ رهڙيو وڃي. هن بي دادي جهاٽڪي لاءِ اجنبي خاموش رهندو آهي. اجنبي 30 سال عرب ۾ رهي ڪمائي ۽ اڌ ڪروڙ واري گاڏي خريد ڪري روڊن سان هليو، ته سعودي پوليس ڪڍ پئجي ويندي، جاچ دوران هن جو ڌنڌو ۽ پورهيو به رولي ۾ رهندو. جيتر جاچ پوري ٿئي. عرب ملڪ ۾ اجنبي مسلمان تعميراتي ڪمن ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي، پوءِ به هو مزور کان ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد وغيره ڇو نه هجي، پر ڪفيل جو محتاج آهي، هن جي رحم ڪرم کانسواءِ سعودي ملڪ ۾ رهي نه ٿو سگهي. هن جي پگهر پسيني مان ڪفيل رت چوسيندو رهيو ٿو. انهيءَ ماجرا مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو اجنبي هتي ڪمائي، اهو اتي ئي خرچ ڪري، پنهنجي ملڪ ڏانهن هٿين خالي وڃي. هن ملڪ ۾ سال سوا اندر اجنبين جي پڪڙ رٿابندي تحت ٿيندي رهي ٿي. ان پڪڙ ۾ کين پيرين اگهاڙي ۽ هٿين خالي پنهنجن ملڪن ڏانهن سفر ڪرايو ويندو آهي. هن سال مارچ مهيني ۾ 32000 هزار اجنبي پڪڙجي نيڪال يا سفر ڪرايا ويا. اهڙي تيز نيڪاليءَ کان پوءِ وري سعودي حڪومت ڍر کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو، ڇو ته اجنبين کانسواءِ سعودي عرب جي تعميرات جو ڪم رولي ۾ پئجي ويندو. هن ملڪي حڪومت جي اجنبين جي وٺ پڪڙ ۾ اها حڪمت عملي آهي ته پراڻا اجنبي نڪري وڃن ۽ نوان ايندا رهن ته جيئن تازا آيل اجنبي جلد ڪنٽرول ۽ ضابطي هيٺ سولائيءَ سان اچي وڃن.
جيڪڏهن اجنبي ڪن پنهنجن واقفڪارن کي پنهنجي ذاتي گاڏي تي شهر گهمائي زيارتون ڪرائي يا ڀاڙو وٺي گهمائي ته ٽريفڪ وارو سپاهي اها گاڏي پڪڙي بند ڪري سگهي ٿو ۽ سواريءَ کي گاڏي تان لاهي سگهي ٿو. اهڙو واقعو مڪي پاڪ ۾ ٿيو، اسين چار ڄڻا هڪ اجنبيءَ جي ذاتي ڪار تي چڙهي زيارتن تي نڪتاسون، ڊرائيور عربي ته رواني سان ڳالهائي سگهيو ٿي پر اجنبي لهجو پڌرو ٿي پيو، ان ڪري هن کي اجنبي ڄاڻي اسان سواري کي رستي تان لاهي ڇڏيائين. هن گاڏي کان اڳ ۾ عرب جي ڪار ۾ به سواري هئي، جنهن کي ڳالهائڻ ۾ عرب ڄاڻي ڇڏيو ويو. مقصد ته اجنبي جي جاءِ تي عرب ڪمائي، هاڻي اهو به چيو ويو ته هڪ عرب شهزادو آمريڪا کان اعليٰ تعليم حاصل ڪري آيو آهي جنهن ”ينگ عرب ٽيم“ تيار ڪئي آهي ته اجنبين کي سخت ورتو وڃي. شهزادي کي شايد خبر هجي ته سائين ڪريمن حضرت بلال، حضرت ابوذر، حضرت سلمان وغيره اصحابه جو درجو عطا فرمايو ۽ پنهنجي صحبت ۾ رکيو. اهي خود اجنبي هئا، تنهن ڪري اجنبين تي رحم ڪرڻ گهرجي.
دانشور علامه مودودي صاحب کي پيش ڪجي ٿو، موصوف کي ڪتاب الله جي تفسير لکڻ ۾ عربستان ۾ چند مقامات کي ڏسي لکڻ جي ضرورت پيدا ٿي، ان ڪري 1960ع ۾ سعودي اسٽيٽ جو مهمان ٿي رهيو. سفر دوران هڪ ”سفرنامي ارض القرآن“ ۾ لکيائين، جنهن مان سندس چند تاثرات هيٺ ڏجن ٿا:
”عربستان جي هڪ مقام کي ڏسي شام ٿي چڪي، نماز جو وقت ٿيو، مسجد ڏانهن رخ رکيو، جتي ڪجهه جماعت گڏ ٿي ويئي، ايتري ۾ هڪ ٻاهران جتيءَ سان ماڻهوآيو، جنهن جتيءَ سوڌي پيش امامت جا فرائض سرانجام ڏنا. جڏهن ڪلام پاڪ پڙهيائين ته قرائت غلط پڙهيائين، هن جي وڃڻ بعد مان جماعت کان پڇا ڪئي ته پيش امام ڪير هو جن وراڻيو ته هو نجدي خاندان جو هو. سعودي عرب ۾ ڪو به اجنبي مسلمان وفات ڪري وڃي ته ان کي عام قبرستان ۾ دفن نٿو ڪري سگهجي. ڪو به اجنبي مسلمان هتي شادي نٿو رچائي سگهي. منهنجي رات جي ماني جي دعوت هڪ ترڪ قبيلي جي ماڻهن ڪئي، جن مون سان ڪچهري ڪندي حال اوريا ته روسي انقلاب دوران اسان پنهنجي ملڪ ترڪستان مٿان روس جي قبضي خلاف لڙياسون. نيٺ روس جو قبضو ٿي ويو. ان ڪري اسان جو پورو خاندان برٽش انڊيا ڏانهن هجرت ڪري آيو، جڏهن عربستان ۾ نجدي حڪمراني کڙي ٿي تڏهن اسين انڊيا مان لڏي عربستان اچي رهيا آهيون. اسان کي 35 سال هتي رهندي ٿيا آهن، پر شهريت نٿي ملي. هر سال سعودي پوليس ٿاڻي تي وڃي ايگامو نئون ڪرائڻو پوي ٿو، جنهن لاءِ مقرر ڪيل سرڪاري ڏوڪڙ ڏيڻا پون ٿا. ان لاءِ علامه موددي صاحب چيو ته هن ملڪ ۾ مسلمان 35 سالن کان هجرت ڪري رهيا آهن، کين شهريت نٿي ملي، اهو سٺو دستور نه آهي.“

عرب پرستي جي ور چڙهيل ليگ ۽ نتيجا:
پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ عربي ازم جي جوش آپيشاهي جي جنون جي ڪري عثمانيه خلافت ڊهي پئي، ساڳئي وقت مغربي دنيا مسلم خلافت جي ڍير ٿيڻ جي لاءِ شدت سان تاڙ ۾ هئي ته جيئن مسلم مرڪزي سگهه کي ڇڙوڇڙ ڪجي، پوءِ جدا جدا مسلم ملڪن مٿان قبضا ڪجن، ٽيون يهودين کي وچ مشرق ۾ گڏ ڪري، کين رياست جي شڪل ۾ آڻجي، مغربي سامراج پنهنجي مسلم دشمني ارادن کي عملي شڪل ڏيارڻ لاءِ يهودين کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وچ مشرق ۾ آڻڻ شروع ڪري ڏنو.
مٿين خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب يڪجهتي کي برقرار رکڻ خاطر مصر جي بادشاهه، شاهه فاروق جي آشيرواد سان قاهره ۾ عربن عرب ليگ جو بنياد مارچ 1945ع ۾ رکيو. 1952ع ۾ مصر ۾ انقلاب آڻي، شاهه فاروق کي مصري تخت ۽ تاج کان نرهه ڪري، کيس جلاوطن ڪيو ويو. ويندي ويندي چيائين ته دنيا تي پنج بادشاهه رهندا. هڪ بادشاهه برطانيا، چار بادشاهه تاش جا باقي بادشاهه چٽ ٿي ويندا. 1952ع ڌاري ڪرنل جمال عبدالناصر مصر مان اڀريو، جنهن عربن ۾ ايڪو ۽ قومي شعور بيدار ڪيو. هن کان اسرائيل ۽ عرب بادشاهيون ڏڪڻ لڳيون. نيٺ آمريڪا جي شهه ٽيڪ تي اسرائيل مصري فوج مٿان اوچتو هوائي حملو ڪري مصر جي فوجي طاقت برباد ڪري ڇڏي. ان کانپوءِ عرب رياستون قومي اتحادي ميدان تي ڪٺو نه ٿي سگهيون.
عرب ليگ 22 عرب ملڪن ۾ اچي وڃي ٿي. هن سمي ڏسجي ٿو ته عرب ليگ 1945ع کان اڄ تائين ڪجهه نه ڪري سگهي آهي نه عرب ٻڌي، نه وري اسرائيل جي خلاف ڪو موثر قومي محاذ کڙو ٿيو. جڏهن ته عربن جي ڪروڙن ۾ شماري ۽ عظيم معيشت آهي. سندن ڀيٽ ۾ يهودي لکن ۾ هڪ ننڍي زمين جي ڦٻايل ٽڪري مٿان قابض آهن، پر پوءِ به عرب، اسرائيل آڏو بي وس آهن. اسرائيلي سرپرست مغربي سامراج عراق ۽ لبيا جي اڻ کٽ پيٽرول ۽ معدنيات جي ڪري کين تباهه ڪيو ۽ سندن اثاثن مٿان ڄمت ڪري ڇڏي. سوڊان ملڪ کي ٻه اڌ ڪرائي هڪ مٿان عيسائي رياست ۽ ٻيو مسلم عرب ملڪ ڪري ڇڏيو. اهڙين ڏاڍين ۽ قومي سازشن خلاف عرب ڪو به گڏيل احتجاج يا مطالبو نه ڪيو. انهن سمورن واقعن ۽ قبضن تي عرب ليگ خاموش رهي، پوءِ به عرب ليگ ٽن ڌرين ۾ ونڊجي چڪي آهي، پهرين ڌڙي ۾ تيونس، قطر ۽ غير عرب ترڪي جو ملڪ آهن، جيڪي عرب بهادر واري انقلاب کي تسليم ڪن ٿا. ٻئي ٽولي ۾ عربستان، عرب امارات ۽ مصري فوجي مارشل لا وارا آهن، جن عرب بهادر واري انقلاب کي قبول ئي نه ڪيو آهي.ٽئين ٽولي ۾ عراق، شام، لبنان ۽ غير عرب ملڪ ايران آهي، جيڪي شيعا ازم جا ساٿاري آهن. جيڪڏهن عرب اتحاد عملي شڪل ۾ رهي ها ته ايشيا ۽ آفريڪا ۾ سندن سگهه مثالي رهي ها. سلامتي ڪائونسل ۾ دائمي ميمبري جي لاءِ جرمني، جاپان، ڀارت وغيره ملڪ ڪوشان آهن، پر عرب ملڪن کي هن عالمي اعزاز وٺڻ جو ذوق ئي نه آهي.
عرب ملڪن جي اڻبڻت ۽ نفاق جي ڪري سندن گڏيل قوت ۽ سگهه نه رهي آهي، ان ڪري ڪيترا ورهيه ته برطانيا ۽ فرانس جا هٿ ٺوڪيا ملڪ ۽ ڪالونيون ٿي رهيا. فرانس پنهنجي ڪالوني شام ملڪ مان لبنان ڌار ڪري ڇڏيو، ڇو ته لبنان ۾ عيسائي گهڻا هئا. جدا ٿيڻ کان پوءِ لبنان ملڪ جو صدر عيسائي ۽ وزيراعظم سني مسلمان ٿيو،. هر چونڊ ۾ سني مسلمان وزيراعظم رهيو جن ۾ وزيراعظم رشيد ڪرامي گهڻو مشهور ٿيو. اڳتي هلي سني مسلمان رفيق هريري هاڪارو آزاد لبنان جو حامي ۽ شام مخالف ٿي نروار ٿيو، جنهن کي ماريو ويو. شام ملڪ جو عوام اڪثريت ۾ سني آهي،پر حڪومت شيعا آهي، مسلمانن ۾ مسلڪي جهيڙا گهڻا آهن، پر ائين نه ٿيڻ جڳائي. جڏهن ته هاڻي عالمي ميدان تي سني ۽ شيعا ڌڙن کي دنگن ۽ فسادن بدران جديد ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ سائنسي تعليم تي پورو پورو ڌيان ڏيڻ کپي. مغربي ملڪن کي لکها ائٽم بم آهن، پر هو ايشيا ۽ آفريڪا وارن ملڪن کي ائٽمي سگهه وارا ملڪ ڏسڻ نٿا چاهين. کين خطرو آهي ته هو متان ائٽمي قوت ٿي وڃن ۽ اسان کان آزاد ٿي رهن. مغرب وارا چاهين ٿا ته باقي دنيا جا ملڪ سندن ڪالونيون ٿي رهن.

سني ۽ شيعا تڪرار:
سعودي عرب ۽ ايران ملڪ اٺ ۽ ڇهه لکي زمين ايريا جا مالڪ سني ۽ شيعا آهن. هي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي خلاف سرد جنگ جاري رکيو اچن ٿا. ٻئي ملڪ مسلم امت جي خلاف عرب ۽ ايراني قومن جا سرپرست آهن. ٻئي مسلم دنيا ۾ سني ۽ شيعا جا ٻه اڳواڻ ليکيا وڃن ٿا، پر سعودي عرب سڀني اجنبي مسلمانن ۽ ايران غير ايراني شيعا مسلمانن کي پنهنجن ملڪن ۾ شهريت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. هزاره قوم جن جي مادري زبان پارسي ۽ شيعا آهن. هنن سان پنهنجا هم وطني افغان سني وڙهندا رهيا اچن ٿا، تن هزارا قوم وارن کي ايران پاڻ وٽ شهريت ڏيڻ لاءِ آماده نه آهي، ٻئي ملڪ عظيم معيشت وارا آهن. کين افرادي قوت جي به لوڙ آهي. سندن وسيع ۽ وشال ايراضي ۾ وڌيڪ ماڻهن جي رهائڻ جي گهڻي گنجائش آهي. جيڪڏهن ٻئي ملڪ ڏهه ڏهه ڪروڙ اجنبي مسلمان پنهنجن ملڪن ۾ رهائين ته آرام سان رهائي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان پوري دنيا ۾ مسلم قوت ۽ طاقت عزت ڀريو مقام حاصل ڪري سگهي ٿي.

سعودي حڪومت ۾ اجنبي مسلمانن جي ويزا لڳائڻ تي ويڌن:
جڏهن به حج ۽ عمره جي فرض ادائي ۽ زيارتن لاءِ احرام يونيفارم ۾ اجنبي مسلمان جدي هوائي اڏي تي لهن ٿا، سامان جي جاچ پڙتال ڪرائي ويزا جي خيال کان قطارن جي نموني بيهاريو وڃي ٿو، پوءِ ته ويزا آفيسرن جي انتظار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳريا ۽ ضايع ٿيو وڃن ٿا. ويزا ڏيندڙ سرڪاري عملو پنهنجي آفيسن مان هيڏي هوڏي ٽلندو رهي ٿو. جڏهن به سندن دل چاهي ته هو پنهنجي آفيسن (ڪيبن نما) ۾ اچن، ڄڻ ته ويزا آفيسرن جي آڏو ڍورن جا ميڙا بيٺا آهن، کين هڪ قسم جي نفسياتي سيکت ڏيندا رهن ٿا. اهڙي ريت اوسيئڙا ڪرائي ڪرائي پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان هڪ هڪ مسافر کي ويزا ڏيڻ شروع ڪن ٿا. اندازو لڳايو ويو ته سعودي ويزا عملي کي ڪوريا ۽ دبئي ويزا آفيسرن جهڙي به سکيا نٿي ڏني وڃي، ڇو ته هي آفيسر ويزا جي ڏيڻ جو جلد اڪلاءُ ڪري ڄاڻن ئي نه، ساڳي وقت نه وري منجهن ڪو نرم برتاءُ ڪرڻ جو ڪو سليقو ۽ ڍنگ آهي، ان لاءِ کانئن پڇڻ وارو ڪير به نه آهي. سعودي حڪومت کي گذارش آهي ته پنهنجي ويزا عملي کي بهترين سکيا ڪورس ڪرايو وڃي ته زيارتي مسافر اهڙين پريشانين کان بچي وڃن ۽ نفسياتي جٺ کان به نجات ۽ ڇوٽڪارو لهن. اهو به تجربو ٿيو، ته جيڪڏهن ويزا عملي سان انگريزي ۾ ڳالهائجي ٿو ته پوءِ چڱو خيال ڪن ٿا، جڏهن ته اڪثر ڪري انگريزي به نٿا ڄاڻن نه سمجهن، پر پوءِ به ته انگريزي ٻولي آهي جنهن کان هو لهرائين ٿا.

ڏاڙهي سنت آهي:
هن سنت جي پيروي کان سعودي شاهي ڪٽنب توڙي بادشاهه پري آهن. ان قسم جي ڏاڙهي هن شاهي خاندان جو شايد پنهنجو فيشن هجي. فرينچ ڪٽ ڏاڙهي به ڪي قدر ڏاڙهي چئي سگهجي ٿي، ڇو ته هن قسم جي ڏاڙهي رکڻ سان سڄي منهن تي وار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. خاص ڪري عرب شاهي گهراڻو سعودي عرب اندر فقط کاڏي مٿان ڏاڙهي جو نشان رکيو اچن ٿا. باقي پاڪي سان صفائي ڪئي وڃي ٿي. ان کاڏي مٿان وارن جي هڪ چنگي کي ڏاڙهي چيو وڃي ٿو.
هن ڏس ۾ يهودي ۽ عيسائي عالمن کي به ڏاڙهيون پوري منهن مٿان رکيل آهن. خالصن کي به هن قسم جون ڏاڙهيون منهن تي رهن ٿيون. انهن کي ڇڏي ذڪر ته سنت جي پيرويءَ جو ڪجي ٿو، جنهن لاءِ سني ۽ شيعا مسلمان شاندار ڏاڙهيون رکائيندا اچن ٿا، جن کي سنت جي پيروي تابعداري ۽ فرمانبرداري سڏجي ٿو.

تصويرون ۽ شڪليون:
سعودي عرب جي حڪومت، اسلامي قانون جي ڪتاب الله ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ هلائڻ جي دعويدار آهي. تصويرن ۽ شڪلين کي بدعت ڄاتو ويندو آهي، پر ڏٺو ويو ته سعودي ريالن مٿان شاهي تصويرون تيار ٿيل هيون هوٽلن تي ٻن ٻن فوٽن تي بادشاهه جون تصويرون رنگين نموني ٽنگيل هيون، هوٽلن جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته شهزادن جي ملڪيت آهن.

حرمين شريفين جي عظمت لاءِ تجويزون:
بيت الله، مسجد نبوي ۽ سائين ڪريمنﷺ جن جي روضي مبارڪ جي چوڌاري 15 منزلن واريون جايون ۽ هوٽل آهن، کين ڊاهي پٽ ڪري، هر هڪ مقدس مقام جي چوڦير ٻه منزلي جاءِ هئڻ کپي، ڇاڪاڻ ته پاڪ جاين جو ڏيک ۽ نظارو حرمين جي شيداين جي لاءِ ڪوهن جي مفاصلي کان کليل ۽ پڌرو ٿيڻ کپي، جڏهن ته گنبذ خضريٰ ايترو ته ننڍڙو رکيو ويو آهي جو آذان وارو اڇو قبو به سائي مقدس گنبذ جيترو آهي، حقيقت ۾ گنبذ خضريٰ اڃا مقرر اوچائي کان 100 فوٽ اوچو رکيو وڃي، جنهن جو برڪتن ڀريو نظارو ڪوهن کان ڏسڻ ۾ ايندو رهي.

يهودي رسالي جي اڄ تائين 30 سال اڳ جي پڌرائي:
30 سال اڳ هڪ يهودي جريدي کي کول ڪئي ته سعودي شاهي خاندان ۾ 55 هزار شهزادا آهن، جيڪي ملڪي معيشت جو 70 سيڪڙو پاڻ کايو وڃن ٿا. باقي 30 سيڪڙو ملڪي ڀلائي جي ڪمن ۾ ڪم آندو وڃي ٿو. جيڪڏهن اڄ يهودي جريدي جي حساب سان سعودي شهزادا شماري ان ڍنگ سان هلندي رهي ته هن سمي شهزادن جو ڳاڻاٽو ڪمپيوٽر ئي ٻڌائي سگهندو. ان ريت جنهن به ملڪ ۾ اڻ برابري ۽ ناانصافي چوٽ چڙهيل هوندي آهي ته اتي فطري قانون جنبش ۽ چرپر ۾ اچي ويندو آهي، ان پٽاندڙ مناسب لڳندو ته هڪ سعودي ڄائي عرب دانشور جي انقلابي ناول ”مورچا“ کي بيان ڪجي ته هو ڏاهو ماڻهو پنهنجي ملڪي حالتن جو جائزو وٺي ڪهڙين حقيقتن جي کول ڪري ٿو.

سعودي دانشور عبدالرحمان منيف:
محترم طارق علي صاحب جو ڪتاب ”بنیاد پرستوں کا تصادم“ مترجم فاروق سليم 2007ع ۾ اردو ترجمو ڪتاب پڌرو ڪيو، جنهن جي ص، 334-332 تي سعودي ناول نگار، انقلاب پسند مسٽر عبدالرحمان منيف چوي ٿو:
”سعودي شاهي ٽولن مٿان ٽولن ۾ آهي، ان ريت ڪيترن ڌڙن ۾ شهزادا ورهايل آهن، سعودي ملڪ ۾ آئين نه آهي، بنيادي حقوق نه آهن ۽ عورتن کي ٽئين نمبر شهري جي حيثيت تي رکيو ويو آهي. هتي جي ڪا به عورت سعودي ملڪ کان ٻاهر نه نڪتي آهي، نه وري هن کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملي سگهي ٿي. ان ڍنگ سان ملڪ ۾ مايورعيت تيار ڪئي وئي آهي. مون وٽ هٿيار لفظن جو ميڙ آهي، جنهن جي آڌار تي مضمون، تقرير ۽ ڪتاب منهنجا هٿيار آهن. منهنجو لفظي نعرو آزادي، برابري ۽ ڀائيچارو آهي. ان مٿان ڪڏهن ڪيئن ۽ ڪير عمل ڪرائيندو؟ مان پنهنجي لکت جي ڪري ملڪ کان جلاوطن ۽ شهريت کان نرهه ٿيل آهيان، پريشانين جي پهاڙ سان مهاڏو اٽڪايو آهي. ان ڪري آزادي سان نه عوامي زندگي گهاري سگهان ٿو، نه آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهان ٿو، پوءِ به هي رستو مان پاڻ پنهنجي لاءِ چونڊيو آهي جنهن جي قيمت ادا ڪري رهيو آهيان.“

5 مهينا ۽ 25 ڏينهن هند سنڌ جو سير سفر

5 مهينا ۽ 25 ڏينهن هند سنڌ جو سير سفر

مسٽر عبدالحسين عرف شهزادو ولي علي حسن ولد محمد بخش ولد خليفو محمد ابراهيم جوڻيجو پهرين جون 1962ع ڌامراها ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا ڪيٽي جوڻيجا تعلقه رتيديري مان لڏي ڌامراها ڳوٺ ۾ دائمي ٿاڪ ڪري ويٺا، خليفو محمد ابراهيم حضرت پير شير جيلاني وارن جو خاص مريد ۽ خليفو هو، سندس والد علي حسن 1927ع ۾ ڪنگا پرائمري اسڪول مان فائينل ڪيل هو، جيڪو ڀٽائي سائين جو ڏاڍو شيدائي هو، انڪري جهر جهنگ ۽ گهر ۾ رسالي جي بيتن جي جهونگار ڪندو رهندو هو، انهيءَ سوز گذار هن مٿان اثر ڇڏيو، علي حسن 1974ع ۾ وفات ڪري ويو، هن جو رسالو ۽ ٻيا چند ڪتاب هن جي پٽ کي ورثي ۾ مليا، اهي ڪتاب عبدالحسين وٽ اڃا محفوظ رهيو اچن.

تعليم:
ابتدائي ۽ ثانوي سکيا ڌامراهن ۾ حاصل ڪيائين 1975ع ۾ مئٽرڪ ڪري ورتائين، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر سائنس 1977ع ۾ ڪيائين، بي ڪام ۽ ايم ڪام سنڌ يونيورسٽي ۾ ڏنائين، 1986ع ۾ ايم اي اڪنامس ۽ 1988ع ۾ ايم اي هسٽري ۾ ڏنائين، ساڳي وقت ايل ايل بي جو امتحان سوڀ سان سر ڪيائين.

نوڪري:
انٽر جي سند وٺي لاڙڪاڻي ٽريزري ۾ڪلارڪ ڀرتي ٿيو، بي ڪام ڪري اسٽيل مل ڪراچي ۾ ملازم ٿيو، ان بعد ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي فورس انسپيڪٽر، گوادر بلوچستان ۾ فشريز کاتي ۾ آيو ۽ وري لاڙڪاڻي ۾ ٽريزري ۾ اڪائونٽ ڪلارڪ ٿي رهيو، 1986ع ۾ فيڊرل بئنڪ فار ڪو آپريٽو ز ۾ ڪلاس ٿرڊ آفيسر ٿيو، آخر ۾ 1998ع ۾ وڪالت شروع ڪيائين، هن سمي سٺو وڪيل آهي، هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي اصيلن جون اپيلون کٽندو رهي ٿو، ساڳي وقت سپريم ڪورٽ جي ذوق ۾ پڻ لڳو پيو آهي.
جڏهن 1984ع ۾ بي ڪام لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جنهن ۾ هن سان هم ذوق پنج يار ڀٽائي سائين جا شيدائي هئا، جن ۾ محترم ڀيم جي سنگهه سوڍو مٺي شهر، غلام سرور ٽڳڙ مورائي، خالد حسين شاهاڻي جانگارا باجارائي، محمد صديق ڪلوڙ ميرپور ماٿيلائي، چانڊوڪي راتين ۾ يونيورسٽي جي پهاڙن مٿان ويهي شاهه سائين جي فڪر ۽ سنڌ جي ٻرندڙ ٽڪساٽن مٿان پيا انيڪ سوچ ويچار ونڊيندا هئا.
17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ ٺوڙهي ڦاٽڪ وارو اندوهناڪ سانحو ٿي گذريو، ان ڪري هڪ سال تائين سنڌ يونيورسٽي بند رهي، ان واقعي ۾ ڪيترا سنڌي شاگرد پنهنجي حياتيءَ تان هٿ ڌوئي چڪا، ون يونٽ حڪومت خلاف سنڌي شاگردن رضاڪارانه جيل ڀريو تحريڪ هلائي، جنهن ۾ سنڌي شاگردن سان جيل ڀرجي ويا، هن درد ناڪ هلچل کان پوءِ عبدالحسين، غلام سرور ٽڳڙ، خالد حسين شاهاڻي، محمد صديق ڪلوڙ ميرپور ماٿيلائي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيو ته لطيف سائين هندوستان ۽ سنڌ ۾ جن جن ٿاڻن ۽ ٿاڪن مٿان لنگهيو، اهي تڪيا، تيرٿ، وستيون، وٿاڻ، مندر، ۽ مسجدون هلي ڪري اکين سان پسون.
مٿين ذوق ۽ شوق بيهڻ، ويهڻ نه ڏنو، نيٺ ڊسمبر 1984ع تي گيڙو ڪفنيون بدن سان ڍڪي، فقيراڻا ڪڙي سان هندوستان جي سير سفر لاءِ نڪري پيا، محترم ڀيم جي سنگهه پاڻ سفر ۾ ساڻ نه هليو، پر هندوستاني راهداري بنا پاسپورٽ جي هن پنهنجو خانداني راجائي وڏن جو نشان ڏنو، جنهن راجستان ۾ پاسپورٽ کان وڏو ڪم ڏنو، جڏهن ته هندوستان جو سابق وزير اعظم وي پي سنگهه هن جو ماسڙ ٿيندو هو، راجستان جا سابق راجائون سندس عزيز ۽ رشتيدار هئا، جن جن شهرن رياستن ۾ ويا ٿي، تن تن هنڌن هن سنڌي سوڍي صاحب جا عزيز معاون ۽ مددگار رهيا، ان مان ڀلي ڀت هن جي اثر رسوخ ڀارت ۾ ڪيئي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون آسان ڪري ڇڏيون، جوڌپور، جئپور، گجرات، مهاراشٽر، جونا ڳڙهه وغيره ۾ سنڌي سوڍن جي عزت آبرو جي ڌاڪ ويٺل هئي.
سڀ کان پهرين مهاراشٽر جي دوارڪا شهر پهتا، جيڪو سامونڊي بندرگاهه به هو، سائين ڀٽ ڌڻي هن شهر، بندر ۽ مندر تي قدم رکيا هئا، ساڳي ماڳن جي ڌڪين ۽ تيرٿن کي چڱيان تاکڙيائون ۽ پسيائون، هن ياترا کان پوءِ اولهه پاسي ڏانهن راهي ٿيا، گجرات پرڳڻي جي پورب بندر تي آيا، جيڪو ٺاهوڪو بندر ۽ شهر هو، جڏهن ته ڀٽائي سائين جي دور ۾ هن بندر جي آبادي ڪن ٿورن مڇيرن جي جهڳين سان سينگاريل هئي، پورب بندر پڄاڻان سامو يهي ندي جي ڪناري سان چڪر ڪاٽيندي نارائڻ سر مندر ۽ ڪوٽيسر مندر تي اچي ويا، نارائڻ سر مندر ڏاڍو خوبصورت مندر هو، جتي سنڌي جوڳين جي وڏي آئو ڀڳت ۽ صواگت ڪيو ويو، مندر جي گرو سنڌي سنياسين جي شيوا ۽ چيٺا ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڇڏي، ائين به پڌر ڪيائين ته مرشد لطيف جا چيلا ۽ ڇڇ هئڻ ڪري سنڌي ياتري وڏي مان ۽ شان وارا آهن، ڇو ته مرشد لطيف سائين هن تڪئي مٿان پير گهمايا آهن، ٻئي ڏهاڙي ڪوٽيسر مندر ڏانهن اسهي ويا، جيڪو سمنڊ جي قدرتي کاڌ ۾ هڪ تڪئي جي صورت ۾ بنايل هو، هن بستي مٿان کين رات رهڻ نه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته هتي ڪسٽم وارن جو اٽالو رهندو هو، اتان نيڪر ڪري، گرنار جبل جي نار وٽ اچي رسيا، جتان ڦيري (ٻيڙي) تي چڙهي نار ٽپي، جهونا ڳڙهه جي حدن ۾ اچي پيا، نار کان ٻه ميل پنڌ ڪري گرنار جبل جي سامهون ٿيا، جبل مٿان پهچي مٿي جابلو چوٽي تي چڙهڻ شروع ڪيائون، رات جو اٺين بجين گرنار جي ڪوٽ جي دروازي تي ڪڙڪيا، جتي راءِ ڏياچ، سورٺ ۽ ٻيجل جون سماڌيون ڏٺائون، ۽ گرنار جي گرناري جوڳين ۽ سناسين سان گڏجاڻيون ٿيون، جن سان رات جو هڪ غفا ۾ جاڳي ناگن ۽ بلائن جي باري ۾ مشاهدا ۽ تجربا بيان ٻڌائون.
صبح جو گرنار ڇڏي، جهونا ڳڙهه ڏانهن منهن ڪيائون، جتي حاضر ٿي تاثر ڏنائون ته جهونا ڳڙهه ڏاڍو سهڻو ۽ هندو تهذيب جو مرڪز هو، جنهن کي گهمي ڦري، ڏسي وائسي ڪڇ ڀڄ ڏانهن روانا ٿيا، هلندي هلندي هن علائقي جو اپسمنڊ اچي ويو، ان کي پار ڪندي ڪڇ ڀڄ جي نکٽ شهر ۾ اچي سهڙيا، ان کان پوءِ هن پرڳڻي جي چپي چپي جو سير ڪيائون، جتي کين گهمندي 20 ڏينهن لڳي ويا، ملڪي آزادي کان اڳ ۾ ڪڇ ڀڄ ۾ ننڍيون ننڍيون کوڙ ساريون جاگيرون هونديون هيون، جن کي رياستي حيثيت هئي، گهڻي ڀاڱي سڀ جون سڀ سماٽي رياستون هيون، ڀڄ تعلقي ۾ ابڙا سي تائين سماٽي قبيلا هئا، جن مان گهڻي ڀاڱي هندو هئا، هنن ۾ مهمانوازي ۽ دريا دليءَ جا ٻنا هئا، ساڳيءَ ريت جهڙي منجهن دليري، تهڙي نوڙت ۽ نهٺائي جا گڻ ڀريل هئا، ڪڇ علائقو لطيف سائين جن جو فدائي هو، هن پرڳڻي ۾ جت ۽ هاليپوٽا ذاتين جو وڏو انگ هو، جت قبيلا سمورا مسلمان هئا، ڪڇي خطي ۾ نماز جمعي جي پڙهندي خطبو ڪڇي ۽ گجراتي لپي ۾ لکيل مولانا غلام رسول جتوئي محراب پور لاڙڪاڻي واري جو پڙهيو ويو، ڪڇي سپورنج ڀٽ سائين جن جي رسالي جا حافظ هئا، ڪڇ چڱو تاکڙيائون، هتي جون مشهور درگاهون، ڏٺائون، جن ۾ درگاهه ڄام ابڙو جاڙيجو، جنهن سنڌ جي حاڪمن سومرن جون سامون سانڊيون هيون، درگاهه مولانا عبدالله جوڻيجو نرئي شهر وارو جنهن جا ڪيتراڪتاب لکيل آهن، درگاهه سخي سرور پير بابا حاجي جون ياترائون هيون، هتي هندو به ايندا رهندا هئا، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي دنگ تي مانڊوي شهر ڏانهن ويا، جتان مارواڙ، چمپا نير، ٻاڙ مير کان ٿيندا، منزلن مٿان منزلون هڻندا راجستان جي گادي جوڌپور آيا، هن سمي گادي وارو شهر مٽائي جئپور ٺاهيو ويو آهي، سنڌ ۾ ضلع سانگهڙ جي حدن کان جوڌپور تائين ”جوڻ“ جو علائقو سڏجي پيو، تنهن ايراضي ۾ جوڻيجا، مهر، مڱريا، نهڙي، آريسر، راهما رهن ٿا، راجستان ۾ پويان ڏهاڙا جيسلمير ۽ بيڪانير جي ويران ڀٽن، پهاڙن، جي ديومالائي داستانن، قصن، ڪهاڻين جي ڪردارن جا يادگار ٿا ڪن، تان هلندا رهيا، پراڻي سرسوتي ندي ۽ هاڪڙي جا پراڻا پڊ گهمندا، مومل جو محل پرکيندا هليا، نيٺ بيڪانير جي سرحد هندو سوڍن جي مدد سان پار ڪري، پاڪستاني رينجرس جي حوالي ٿيا، ستلج ندي جي ڪناري سان دائود پوٽن جي قلعي ديراوڙ اچي نروار ٿيا، هي سفر 3 مهينا 9 ڏينهن هليو، باقي 2 مهينا ۽ 16 ڏينهن قديم سنڌ جي گادي ملتان کان سنديلو تائين سفر ڪري، ڪاڇي، کيرٿر جبل جهاڳيندا، سامونڊي ٿر، ٻيا ماڳ، لاهوت، هنگلاج، ناني جا تيرٿ ڏسندا اندازن 2000 ميل پنڌ جهاڳي، اصلي ماڳين اچي پهتا.

حاجي غلام صديق جو 14 ماهه سفر

حاجي غلام صديق جو 14 ماهه سفر

غلام صديق ولد محمد ملوڪ چانڊيو، قنبراڻي ڳوٺ شير محمد شاهه ديهه قائم گوپانگ، تپو ڪلهوڙا، تعلقو ميرو خان، ساڳي ڳوٺ کي ”گجو“ ۽ ”منهه ٿرڙو“ به چوندا آهن، پر عام ماڻهن ۾ ڳوٺ ”گجو“ سڏبو آهي، ربيع الاول 1378 هه برابر سيٽمبر 1958ع ۾ غلام صديق ۽ سندس ساٿي همسفر محمد سفر ولد غلام علي جانوري، ڳوٺ ڀنڀو سپرو لڳ ڳوٺ گُجو پاڻ سان 1100 رپيا ساڻ کنيا، غلام صديق سٽ جو ن ساريون قنبر شهر ۾ کپائي 352 رپيا ڪري حجاز مقدس جي زيارت جو راهه خرچ تيار ڪيو، لاڙڪاڻي اسٽيشن تان ڪراچي لاءِ ريلوي ٿرڊ ڪلاس في ماڻهو ڀاڙو 7 رپيا ڀري، راهي ٿيا، ڪراچي پهچڻ کان پوءِ لانچ جو بندوبست ڪيائون، لانچ تي هڪ ماڻهو ڀاڙو 82رپيا سان عربي سمنڊ ۾ هلي پيا، 12 ڏهاڙن جو سفر ڪاٽي عمان ملڪ جي سورت بند تي لٿا، جتي ست روز گهاريائون، ٻي لانچ کي هڪ هڪ شخص 60 رپيا جي ڪٿ سان ڪرايو ڏئي سوار ٿيا، جنهن 8 ڏينهن ۾ مسافري طئي ڪري کين شرما بندر تي آندو، جتان 7 روز پيادل ڳهي شرما شهر ڀيڙا ٿيا، هي شهر ۽ بندر رياست شارجا جي ملڪيت هئا، هن وستي مٿان ٽي روز ٽڪيا، چوٿين ڏينهن ٽرڪ کي 5 شلنگ (5 رپيا) ڀاڙو ادا ڪيو، جنهن سفر ۾ ٽي ڏهاڙا کپايا. چوٿين روز کين مڪلا شهر ڏيکاريو، جتي پوڻا ٽي ماهه گهاريا.
محمد صفر شهر ۾ سير سفر ڪري رات جو مڪلا جي مسجد ۾ آرامي ٿيندو هو، غلام صديق چوني جي ڪارخاني تي مزوري ڪندو هو ۽ ڪارخانيدار جي گهر ۾ رهندو هو، ڪارخاني ۾ مزدوري في ماڻهو 20 رپيا هئي، سيٺ علي کي هڪ زال، ٻه ننڍا پٽ ۽ چار وڏيون نياڻيون هيون، جن مان ٻن جي شادي ٿيل هئي، سيٺ جا ٻه ناٺي به هن سان گڏ ساڳي گهر ۾ رهندا هئا، عرب گهر ۾ گلم وڇائي هيٺ ويهن، هيٺ ڪچهري ڪن، هيٺ گڏجي ماني کائن ۽ هيٺ سمهن، ماني ننڍا وڏا ۽ عورتون مرد گڏ کائن، جن سان غلام صديق به گڏجي کائيندو هو، هڪ ڀيري سيٺ غلام صديق کي چيو ته منهنجي ڪنئارن ڌيئن مان هڪ پسند ڪر، ته نڪاح ڪري توکي شادي ۾ ڏيان، غلام صديق سيٺ جا ٿورا مڃيا، پر والدين کان خط وسيلي اجازت وٺڻ جو ” شرط“ عرض رکيائين، خط وسيلي هن ڏانهن والدين لکيو ته تنهنجي شادي ٿيل آهي، تون حج ڪرڻ لاءِ مسافري ڪئي آهي ان ڪري مڪلا نه رهه، اتان ترت هليو وڃ، هن سيٺ کي سنڌي خط جو جواب عربي زبان ۾ سڻايو، جنهن هن جي والدين جو جواب ٻڌي هن جا هٿ وٺي چميا ۽ کيس چيو ته تون فرمانبردار پٽ آهين ، هر اولاد کي توجيان والدين جي مشورن ۽ حڪمن کي اکين تي رکڻ کپي.

مڪلا شهر ۾ نه وسرندڙ واقعو

مڪلا شهر ۾ نه وسرندڙ واقعو

رجب مهيني جي ستاويهين (عيد) رات اچڻي هئي، شام جو محمد صفر سيٺ علي ڏانهن ويو، کيس عرض ڪيائين ته اڄ رات غلام صديق کي اجازت ڏيو ته هو مسجد ۾ مون سان رهي، ڪچهري به ڪريون، گڏ ماني کائون، نفل نماز پڙهيون ۽ عبادت ڪريون، غلام صديق سيٺ جي موڪل سان مسجد ۾ پهچي ويو، محمد صفر شهر مان سير ڪري قسمين قسمين طعام ۽ هڪ هنداڻو به خير ۾ وٺي آيو، ٻنهي ڄڻن کٽا مٺا طعام مزي سان کاڌا ۽ هنداڻي کي به نه ڇڏيو، ڍلي رات ٿي ته هنداڻي غلام صديق جي پيٽ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏنو، هن کي لڇ پڇ ۽ بدن ۾ ٿرٿلو اچي ڪڙڪيو، هن پنهنجي ساٿي کي جاڳائي وڌو پر پاڻ هڪدم هوش وڃائي ويٺو، محمد صفر ساٿي کي مرڻينگ حالت ۾ ڏسي سيٺ ڏانهن ڀڳو، سندس در تي پهچي وڏي آواز هن کي سڏن جا هوڪرا لائي ڏنائين، سيٺ جاڳيو، ٻاهر آيو، جنهن کي رحم جوڳي آواز ۾ چيائين ته ”طال هنا غلام صديق وجان موت“
سيٺ به ڍر نه ڪئي، ٻئي بنا دير مسجد پهتا، هن کي بي ساهو ڏسي سيٺ مينهن واچ ڪري گهر واپس ٿي، غلام صديق کي گاڏيءَ تي کڻائي اسپتال پهچايو، ڊاڪٽر به هڪدم هن مٿان مڙي ويا، نيٺ هن کي جاکوڙ ڪري سرت ۾ آڻي ويا، رات اسپتال ۾ ٽڪيا، صبح جو سيٺ مريض کي پنهنجي گهر وٺي آيو، جنهن کي پنج ڏهاڙا دست ۽ الٽيون هليون، گهر وارن مسافر جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي، وقت تي دوائون به پئي کارايون، ڇهين ڏينهن چاق ٿي ويو، بيماري دوران هن جون ڇهه ڏهاڙيون سيٺ بحال رکيون، اڳتي جي لاءِ هن جو ڪم معاف ٿيو، فقط ڪارخاني جي سنڀال هن مٿان رکي وئي، چڱڀلائي واپس ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه وقت مڪلا ۾ ترسيو.
غلام صديق والدين جي فيصلي پٽاندڙ مڪلا ڇڏي، سعودي عرب ڏانهن حج لاءِ راهي ٿيڻو هو، ان ڪري سيٺ ۽ هن جي گهر وارن کان موڪلائڻ ويو، گهر وارن هن کان روئي جدائي ڪئي، غلام صديق کي سيٺ امانت ۾ رکيل رقم 200 مزورين جا ڏوڪڙ 600 رپيا ۽ پنهنجي گهران وڌيڪ 200 رپيا، جملي 1000 رپيا ڪري هن کي ڏنائين، سيٺ غلام صديق سان بندر تائين ويو، مڪلا بندر کان لهج بندر تائين لانچ جي ٽڪيٽ هڪ ماڻهو لاءِ 150 رپيا ٿي، سيٺ لانچ وارن کي غلام صديق جي پارت ڪئي، کين پنهنجي ائڊريس ۽ فون جو نمبر به ڏنائين، لهج بندر تي پهچڻ سان خيريت جي فون ڪجو، ايستائين مڪلا بندر تي بيٺو رهيو، جيستائين لانچ جو ڏيک نظرن کان غائب نه ٿيو، ڇهين ڏينهن بندر لهج تي پير کوڙيائون، جتان وري ٻي لانچ جي وسيلي في فرد 130 رپيا ڀاڙو ڀري راهي ٿيا، ايتري ئي وقت ۾ ڪرش بندر تي اچي نڪتا، جتي ڇتي لڙائي هلي رهي هئي، هي شهر عدن ملڪ جو هڪ شهر ليکبو هو، جنگ جي ڪري ڪرش بندر تان لهي ڪرش شهر وڃڻ بدران ست ڏينهن پيادل هڻي، شيخ عثمان بندر پهتا، جيڪو يمن ملڪ جو هڪ حصو هو، اتان شوق خاطر ٽيڪسي ڪري عدن شهر ڏسي وائسي آيا، شيخ عثمان شهر ۾ ٽي ڏينهن ترسيا، هن هنڌ ڪعبي شريف جو طرف اتر پاسي هو، ٽن روزن پڄاڻان هن شهر کان ڏهه ڏينهن پنڌ هلي يمن ملڪ جي گادي صنعا شهر ۾ سهڙيا، جتي جنت مسجد ۾ رهيا، شهر ۾ ڏهه روز گهميا ۽ نمازون پڙهيائون، يارهين ڏينهن ٽرڪ کي 50 ريال ڀاڙو ادا ڪري، سعده شهر ۾ پيا، هي شهر يمن ۽ سعودي ملڪن جي سرحد تي قائم هو، پر سعودي ملڪ جو حصو هو، شهر ڏاڍو سائو ستابو، سکيو ۽ وڻندڙ هو، منجهس باغات جهجي هئي، سائو ۽ سڪو ميوو جام هو، هن وٿاڻ تي غلام صديق وارا سعودي سرحدي ملٽري جا 5 روز مهمان ٿي سندن مانيون کاڌيون، سعودي سولجر کين ”في باڪستاني، اخواني“ .......... چون پيا، ٿڪ لاهي، ٻه گڏهه 180 رپيا ڀاڙي تي ڪري نجران شهر هليا، رستو اڀڪپرو ۽ اڻانگو هو، جيڪڏهن برسات پئجي وڃي ته پوءِ نه گڏهن جو خير نه سواريءَ جي سلامتي، گڏهن جي سفر ۾ ٻه راتيون ۽ ٽي ڏينهن ڪم آيا، بنا پاسپورٽ جي ڪري مسافرن کي گڏهن واري نجران مسجد ۾ اچي ترسايو، جتي رمضان شريف جو چنڊ اکين سان ڏٺائون، پنج روز آرام ڪري جبل جهاڳڻ شروع ڪري ڏنائون، پنڌ ڪندي پنج ڏهاڙا ڪا به وَسَئن اکين نه ڏٺائون، ثمر ۾ وٽن ڦلا ۽ ڪتل ته رهي پر پاڻي موڪلائي ويو، روزا رکڻ بند ڪري ڇڏيائون، پاڻي جي پهرين ڏينهن کوٽ جي حالت اهو روز آجهاپ ڪري سفر کي رات جو جاري رکيائون، مسافريءَ ۾ اڃ ۽ پياس جي شدت جي ڪري واٽ تي محمد صفر بيحال ٿي پٽ تي ڪري پيو، غلام صديق جبل تي چڙهي هيڏي هوڏي نهاري باهه جو ڏيک ڏٺو، ساٿيءَ کي ويهاري پاڻ اڌ ميل باهه جي ڪڍ ويو، پر پوءِ اهو نظارو نا اميديءَ جي ور چڙهي ويو، وري واپس اچي محمد صفر کي دڙ، دلاسا، ٽيڪ دلجاءِ ڏيندو ساڻ ڪري هليو، پر اڳتي ٿورو پنڌ هلي ڦهڪو ڏئي زمين تي پئجي رهيو، هن کي ڇڏي ٿوهر جي جهاڙيءَ مٿان نشاني طور اڇو لٽو ٻڌي توڪل ڪري رستو وٺي ڪاهي پيو وکون وڌائيندي، سڏ پنڌ تي باهه جو ڏيک نظر چڙهيس، تڏهن ان آس جي خوشي ۾ تڪڙو تڪڙو ٿي ويو، نيٺ هن کي باهه جي روشني تي ٻڪريون ۽ اٺ نگاهه ۾ آيا، اتي واڪو ڪري چيائين، يا ابويا! انا هندي مويا معافي، انا تهبان موت“
ان آواز تي اوندهه ۾ مرد ۽ عورت بندوقون هٿن ۾ کڻي ڊوڙندا آيا، عورت مرد کي هوشيار ڪيو، ته سڏيندڙ ڌاڙيل نه آهي، پر مسڪين مسافر ٿو ڏسجي، ٻنهي سهارو ڏنس ۽ هٿن تي گهليندا پنهنجي چلهه تي آندائون، جهٽ پٽ هڪ پيالڙي قهوي جي پياريائون، ٻن منٽن بعد ساڳي پيالڙي ۾ ڍڪ پاڻي ڏنائون، ڪجهه دير ۾ چانهه جي پيالي سرڪيون ڀرايائون ۽ ڳڀو ماني جو به کارايائون، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اڌ پاءُ پاڻي پيش ڪيائون، ساهه سامت ۾ اچي ويو، ساٿي به ياد چڙهيو، کين عرض ڪيم ”يا ابويا! في رفيق“
جواب ۾ چيائون، ”فين هنا رفيق“ ايش اسم محمد صفدر هندي، اتي ٽي ڄڻا بندوقن سان ويا، يا محمد صفر يا محمد صفر!! مگر نه سڏ نه واڪو، ٽارچن وسيلي اڇو ڪپڙو نشان ڏسي مقرر هنڌ تي وڃي ڏسن ته اڃارو هندي پوين پساهن ۾ پيو دم کڻي، بنا گهپي جي هڪ عرب هن کي پٺيءَ کنيو، ٻئي سهارو ڏنو، ٽئين ٻنهي مسافرن جا ٽپڙ کنيا، آهستي اچي ماڳ رسيا، هن کي به مون جيان تاتي ۽ تڳائي تيار ڪيائون، بهادر ۽ همدرد بدوين جي طنبن ۾ ٽي روز رهي پيا، ٻئي مسافر هڪ ٻئي کي سنڌي ۾ ادا، ادا سڏيندا هئا، ته به بدوي عربن پڇيو ايش ادا؟ ادا ”اخواني“ کي چوندا آهيون.
مذڪور محسن بدوين کان موڪلائي، سفر جاري رکيو، هڪ ڏينهن پنڌ کان پوءِ ٻين بدوين جي طنبن ۾ اچي ڦاٿا، کين ٻڪريون ۽ اٺ هئا، مسافرن کي پنهنجن طنبن کان پرڀرو ٽڪايائون، رات پئي محمد صفر کي سمهاري، غلام صديق اٺن جي واڙي ڏانهن ويو، جتي ڪراڙو بدوي نئين ويايل ڏاچيءَ کي ڏهي به رهيو ۽ ڦر کي کير به پيو ڌارائي، ايتري ۾ محمد صفر رڙ ڪئي ته ٻن عورتون بندوقن ۽ ڪاتين سان هن کي اچي سوڙهو ڪيو، چوڻ لڳيون، هاتل فلوس؟ شفت سڪينم في موت غلام صديق ڪراڙي بدوي کي چيو، ”شفت الحرما، في اخواني موت“ ڪراڙي بدوي عورتن کي هڪل ڪري دٻايو، ”ايش في رو“ ان آواز ٻڌڻ سان عورتون ٺهه پهه هليون ويون، غلام صديق پرئي مڙس کي سفارش ڪئي، جنهن هن کي سلامتيءَ جي خاطري ڏياري، غلام صديق پنهنجي ساٿيءَ جا ڏوڪڙ پنهنجي ڪپڙي ۾ ٻڌي، سمهڻ واري هنڌ ڪجهه قدم پري پٿر هيٺان رکي ڇڏيا، اوچتو هي واهه نه هو واهه ڪاري رات قهاري بدوي ويري به اهي ۽ واهرو به اهي پنج مرد ۽ ايتريون عورتون بندوقن سان اچي ڪڙڪيون، چوڻ لڳيون ”گوم گوم هاتل فلوس“ محمد صفر چيو ته فلوس معافي، محمد صفدر وڏو هو، بار به وڏن مٿان پوندا آهن، هن مٿان چڙهي ويا، ڪجهه مهميز به چاڙهيائونس، جڏهن ته غلام صديق ننڍو هو، هن جو وارو به اچي ويو، غلام صديق بدوين قهارين کي چيو ”ابو يا فلوس معافي، في فلوس جمل وبابورا“ فلوس معافي هن کي مار نه ڏنائون، پر بدن جي تلاشي ڪري ورتائون، جهڙتي ته محمد صفدر جي به ڪئي هئائون، بدني جاچ ۾ محمد صفدر وٽان ٻه ريال ۽ غلام صديق کان ٽي ريال نڪتا، جيڪي کين موٽائي ڏنائون، پوءِ ظالم پشيمان ٿيا، بخشائڻ، ڀاڪر پائڻ، ڳلن تي چميون ڏيڻ، نڪ گسائڻ ۽ معافي وٺڻ شروع ڪري ڏنائون، ڀري رات تائين ڪچهريون ڪري، چانهه پياريائون، نيٺ وڃي آرامي ٿيا، غلام صديق اسر ويل اٿي، وجهه وٺي پٿر هيٺان ڏوڪڙن جي هڙ کڻي گودڙيءَ ۾ هڻي ڇڏي، صبح ٿيو، ته سفر جي تياري ۾ بدوين به گڏ هڪ عورت بندوق سان ڏئي مسافرن کي رستي لائڻ جي جاکوڙ ڪئي، ساڳي عورت پنهنجي بستي کان ڪافي پري گڏهه روڪي، تارا ڦوٽاري، بندوق تاڻي هڪل ڪري چيائين، ”هاتل فلوس“
مسافرن ويچارن سرڪش عورت کي عرض ڪيو ”ام فلوس معافي“ ساڳي رات وارا پنج ريال هن کي پيش ڪيائون، جنهن تي مائي بدوئڻ توبه ڀري، اهي ريال کين واپس ڪيائين ۽ معافي ورتائين. نڪ گسائي، سندن ڳل چميائين، گڏهه موٽائي، ماڳين واپس ٿي، هن جي رواني ٿيڻ تي شڪراني جا ساهه کنيائون.
هي به ته مسافر، ميرو خان جا چانڊيا هئا، خبر نه آهي مائي سان مقابلي ۾ ڪيئن هار کاڌائون، جڏهن ته سنڌ ۾ سرڪش ۽ هتي سٻاجها ثابت ٿيا.
موت جي مقابلي مان نڪري، ڌڻي تعاليٰ جا شڪرانا ادا ڪندا، رستي سان اڀاساهه کڻندا هليا، ساڳي راهه سان گاسليٽ جي دٻن سان ڀريل ٽرڪ اچي نروار ٿي، ان کي هٿ ڏئي سهاري وٺڻ جو اشارو ڪيائون، جن پڇا ڪئي ”ايش في“ کين جواب ڏنائون، ”في مڪا و مدينه“ ”انا في باڪستاني“ ٽرڪ روڪيائون، ٽرڪ جي دٻن مٿان چاڙهي ويهاريائون، کاڌو ميوو خيرات ۾ ڏنائون، ڏينهن رات سفر ڪري هڪ ڦٽل وادي ”بيشا“ تي لاٿائون، ۽ ٻڌايائون ته هو شهر ويندا، گاڏي ۾ تيل ڀرائيندا، توهان بنا پاسپورٽ آهيو، ان ڪري توهان سان گڏ پڪڙ ۾ اسان به جيل ۾ وينداسون، ان ڪري اوهان جابلو رستو وٺي هڪ روز پنڌ ڪري ڪاري جبل تي پهچندا، ان جي هيٺاهين هنڌ تي گاڏيءَ جو اوسيئڙو ڪندا، مسافرن سفر جاري رکي، رستي مٿان هڪ ٻڪري ماريل ڏٺي، جنهن مان تازو رت وهي رهيو هو، ساڳي وقت رستي تي رت جا نشان هليا ٿي، جبل جي چر وٽ پهتا، ته شينهن جي گرڻ جو آواز ٿي آيو، ان ڀؤ کان تڪڙ ۾ رستو مٽ ڪري جبل تي چڙهڻ شروع ڪيائون، محمد صفر ته تيزيءَ ۾ چڙهڻ لڳو، غلام صديق کي قدرتي نموني هڪ ٽنگ ۾ قوت نه هئي، ان لاءِ مٿي چڙهڻ هن جي لاءِ ڏاڍو اوکو هو، پوءِ به محمد صفر قسطن ۾ پٽڪي جي ڊگهه، ڇڪ ۽ سهاري سان غلام صديق کي اٽڪلون ڪري چاڙهي پار ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو، اوکيون گهڙيون ٽاري سک جو ساهه کڻي، مالڪ جا احسانمند ٿيا، منزل ڏانهن راهي ٿيا، تڙ تڪڙ ڪندا، پنڌ ڳهندا، سج لٿي اچي ڪاري روهه تي پيا، جتي جبل جي هيٺاهين پاسي ڏسي واري هنڌ تي ويهي رهيا، رات جو ٻارهين بجي گاڏيءَ جي بتين جي شعاع ۽ هارن جي آواز تي دل کي ڏڍ مليو، ٽرڪ ڦرندي رهي، هارون هڻندي رهي، نشانمبر ٿي اٿي بيهي رهيا، ٽرڪ روڪيائون، جنهن مان ٻه ڄڻا لٿا، جن چيو ”گوم گوم رجل انزر“ کين ٽرڪ مٿان چاڙهيو، هنن کي ڪڪڙ جا پڪل بند ۽ مانيون ڏنيون، ڪن ڏينهن جا بکايل ڏاڍي مزي سان کاڌائون، ڄڻ سندن عيد ٿي ، هڪ پيٽ ڍءُ ۽ ٻيو سواري سڀ مفت، ٽرڪ وارن کي دعائون ڏيندا هليا، ٽرڪ وارن سواريءَ جي سفر ۾ مسافرن کي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون کارائيندا پياريندا هليا، چوٿين روز خميسن شهر ڀرسان ٻاهر رستي تي لاهي ڇڏيائون ۽ کين ٽرڪ جي اوسيئڙي ۾ ويهڻ جي هدايت ڪيائون، انهي ڏينهن شام جو هو واپس آيا ۽ ساڳي هنڌان کين کنيائون، هڪ ڏينهن ۽ رات سفر ڪرائي، ٻئي روز شام جو طائف شهر جي ڀرسان لاهي چيائون، ”ارقم معافي رو“.
طائف جي رستي کان وڃڻ جي منع ڪيائون، صبح جو طائف جي مسجد جي پڇا ڪري پهتا، عيد الفطر ۾ ٻه ڏينهن هئا، مسجد ۾ ڪافي کاڌو مليو، طائف ۾ پاڪستاني سفير سان مليا، جنهن کين چيو ته ڪاغذ نه ٺهندا، ان ڪري رستن سان نه هلو، وڪڙ ڪندا، جبلن سان هلندا هلو، پوءِ ڪارو روهه جهاڳي سڄو ڏينهن پنڌ ڪري، فاطمه وادي تي پهتا، جتي ڀولا جام هئا، هنن کي ڏسي وڪوڙي ويا، ، کين ڦلا ۽ ڀڳڙا ڏئي راضي ڪيائون، ساڳي هنڌ غسل ڪري، احرام ٻڌي، ٽپڙ ڪلهن تي رکي پنڌ پيا، اڌ ميل وڌيا ته هڪ باغ اچي ظاهر ٿيو، جتي عيد الفطر پڙهيائون، ان موقعي تي باغ جو ڌڻي به مڪي کان ٻار ٻچا وٺي باغ ۾ عيد ملهائڻ آيو، هو ڏاڍو مهربان ۽ سٻاجهو هو، جنهن مٿن رحم کائي، پنهنجي ٻارن کي گاڏيءَ جي پوئين حصي ۾ ويهاريو، هنن کي اڳيان رکيائين، مڪي پاڪ جي باب ابراهيم وٽ لاهي چيائين، شفت هٰذا ڪعبة الله، جتي هڪ بدوي کانئن 5 ريال ورتا ۽ هنن جي مٿي جي وارن جون چڳون وڍي، ست ڀيرا طواف ڪعبة الله ڪرايو، رات بيت الله ۾ ترسيا، صبح جو محمد کوکر سنڌي، ميمڻ حجم جي ڀر واري کان مٿو ڪوڙايو ٿي، ته حاجي احمد چانڊيو (غلام صديق جو ماروٽ) اچي مليو، هن کي گهر وٺي ويو، هو ڪيترن ورهين کان هن ملڪ ۾ آيل هو، پاڻ هڪ عرب جي باغ ۾ مزدوري ڪندو هو، سندس گهر واري ان عرب جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، پٽ مڪي پاڪ ۾ مزوري سان لڳل هوندا هئا، محمد صفر ڪنهن عرب جي باغ ۾ مزوري ۾ رڌل رهيو، رات جو ڪنهن سمي واري وٽن آرامي ٿيندو هو، غلام صديق هڪ معلم وٽ روز 20 ريال تي پورهيو شروع ڪري ڏنو، شام جو محمد صفر سان ڪعبة الله ۾ گڏ نماز پڙهندو هو.
ٻن هفتن کان پوءِ غلام صديق جي معلم سان نا ٺاهي ٿي پئي، ڇاڪاڻ ته غلام صديق هر نماز جي وقت ڪعبة الله ۾ نماز پڙهندو رهندو هو، هڪ ڀيري معلم جو ڪم ڇڏي، ڪعبة الله ۾ نماز پڙهڻ ٿي ويو ته معلم هن جي ڪم ڇڏي وڃڻ تي اعتراض ڪيو، ۽ ظاهر ڪيائين ته نماز هر هنڌ پڙهڻ جائز آهي، ڪم به هتي، ته نماز به هن هنڌ پڙهڻ گهرجي، ان ڪري ڪم ڦٽي ڪري ڪعبة الله ڏانهن نماز پڙهڻ نه جڳائي، ان ڪري غلام صديق مزوري کان هٿ ڌوئي، معلم کي جواب ڏئي، راهي ٿيو، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٻارن ٻچن ۽ عزيزن کان وڇڙي عربستان اچجي ٿو، سفر جا ڏک ڏاکڙا ۽ درد سور سهي فقط حرمين شرفين جي زيارت ۽ نماز عبادتون ڪرڻ خاص مقصد آهي، ان کان پوءِ هن دستور ٺاهي ڇڏيو، سڄو سڄو ڏينهن ڪعبة الله ۾ رهي ذڪر فڪر ۽ نمازون عبادت ڪندي وقت گذاريندو هو، اتان ڪجهه وقت ڪڍي جنت الموليٰ جي زيارت ڪري، وري اچي ڪعبة الله ۾ قرار وٺندو هو، ان ڍنگ سان شوال ۽ ذوالقعد مهينا مڪي پاڪ ۾ گهاري، ذوالحج جي ستين تاريخ منا تي آيا، نائين تاريخ جو عرفات جي ميدان تي حاضري ڀري حج پڙهيائون، 16 تاريخ تي مدينه منور ڏانهن اسريا، جتي ڏهه ڏينهن نمازون پڙهيائون ۽ روضي ڪريم جون زيارتون پئي ڪيائون، ساڳي مهيني جي 27 تاريخ 150 ريال بس کي ڀاڙو ادا ڪري رياض شهر ۾ پير کوڙيائون، 4 محرم تي الحاسي شهر ڏانهن روانا ٿي ويا.

مانائتو ابوبڪر الحاسي

مانائتو ابوبڪر الحاسي

هي عرب الحاسي جو رهاڪو هو، جيڪو پنهنجي دور جو وڏو سخي ۽ دريا دل انسان هوندو هو، هن جي مهمان خاني تي هزارين مهمان ايندا هئا، جن کي روزانو ڪچو سيڌو خيرات ۾ ڏيندو هو، غلام صديق واري جٿي مان فقط غلام صديق مهمان خاني ۾ رهندي به خيرات نه وٺندو هو، هن کي مائٽ چوندا هئا، ته توکي سيڌو سامان نه گهرجي، ته خيرات وٺي اسان کي ڏي پر هن صاف انڪار ڪيو ته ڪنهن کان خيرات وغيره نه وٺڻي آهي، پاڻ ڪمائي، پنهنجي کائي حرمين شريفين جي زيارت ڪبي، ۽ عبادت ڪندو رهندس، ٻئي ڪنهن جي ڪمائيءَ مان ڪجهه به نه کائڻو آهي، هن پاڪ سر زمين تي نه ڌنڌو، نه واپار نه وري خيرات وٺڻي آهي، هي سنڌ جو ٽولو مهمان خاني ۾ ڪي ڏينهن رهيو، هن سخي مرد سنڌي جماعت کي ملڪ وڃڻ جا ضروري ڪاغذ تيار ڪرائي ڏنا، پنهنجي رقم سان بس ڪرائي، ٻين سان گڏ سنڌين کي به قطر اماڻي ڇڏيائين، ٻه راتيون ۽ اوترا ڏينهن بس سفر ۾ ورتا، ٽئين ڏينهن قطر ۾ لٿا، قطر سرڪار پوري بس جي ماڻهن جا نالا، نشان، پتا ورتا ۽ لکيا، پوءِ فون ڪري سرڪاري بس گهرائي، قطر جيل ڀرسان خالي ڪرائي، هڪ قطار ۾ بيهاريو ويو، هر هڪ کي ڊاڪٽر تپاس ڪئي، کين سيون هڻندو رهيو، ڊاڪٽر جي طبي معائني ۽ علاج کان پوءِ سڀنيءَ کي جيل ۾ اماڻيو ويو، ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هڪ ٻيو قطر جو آفيسر آيو، جنهن اڳ ۾ تيار ڪيل مسافرن جي لسٽ پٽاندڙ پاڪستانين جا نالا پڪاري، وري به هڪ قطار ۾ رکيو، ۽ هر هڪ مسافر کي پاڻيءَ جي جهاز جي ٽڪيٽ ڏيندو رهيو ٿي، ٽڪيٽن جي ڪم کي اڪلائڻ پڄاڻان چار ٽرڪيون گهرائي کين سوار ڪرائي، سامونڊي بندر قطر ڏانهن روانو ڪيو، جتان ٽرڪن تان لهي، ٻيڙين وسيلي ”سفينا جهاز“ ۾ هٿيڪو ڪيو ويو، هڪ رات جهاز بندر تي رهيو، صبح جو جهاز سامونڊي سفر تي راهي ٿيو، پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون سفر ۾ گذاريون، جهاز تي کاڌو سٺو ۽ مفت ۾ ڏنو ويندو هو، ڇهين ڏينهن ڪراچي جي حدن ۾ اچي ويا، 14 ماهه سفر جا پورا ڪري واپسي ربيع الاآخر 1379 هه برابر آڪٽوبر 1959ع تي پنهنجي اصلي ماڳن تي حاجين جي لقب سان اچي رسيا.

پبلڪ سروس امتحان يا ڪميٽي امتحان يا ورنيڪيولر فائينل امتحان

پبلڪ سروس امتحان يا ڪميٽي امتحان يا ورنيڪيولر فائينل امتحان

ڏسڻ ۾ ته ائين اچي ٿو ته سنڌي ابتدائي شاگردن جي پهرين کيپ 1853ع کان جاري ٿي، جنهن جي هر هڪ سال ۾ آزمائش ٿيندي رهي، امتحان کان پوءِ ڪامياب شاگردن کي سنڌي ابتدائي اسڪولن اندر درجو ٽپائڻو پوندو هو. ان ريت سنڌي شاگردن جي پهرين ٽولي سنڌي اسڪولن جي مڪاني امتحان ڏيندي رهي، ان روءِ جملي شاگرد ڇهه امتحان ڏيندا رهيا، ان امتحان شماريءَ ۾ ٻاراڻو ڪتاب، پهريون ڪتاب، ٻيون ڪتاب، ٽيون ڪتاب، چوٿون ڪتاب، ڀاڱو پهريون، چوٿون ڪتاب ڀاڱو ٻيون، جملي ڇهه ڪتاب ٿيا.
مذڪوره ڪتابن مان هڪ ڪتاب جو هڪ سال ۾ امتحان ٿيندو رهندو هو، جڏهن ته هي ڇهن سالن جو ڪورس ڇهن امتحانن وٺڻ سان، ڇهن سالن ۾ پورو ٿيندو هو، مگر هن ”ڇهه سالي ڪورس“ کي ”پنج درجا“ سڏيو ويندو هو، ٻاراڻي ڪتاب کي پورو سال پڙهڻ ۽ امتحان ڏيڻ کي نه ڳڻيو ويندو هو، ڳڻپ ۾ رڳو پهريون درجو، ٻيون درجو، ٽيون درجو، چوٿون درجو، ۽ پنجون درجو هوندو هو، جنهن کي ”پنج درجا“ چيو ويندو هو.
مٿيان پنج درجا پڙهي، ڪامياب ٿي، بعد ۾ پبلڪ سروس امتحان يا ڪاميٽي امتحان جي تياري ڪرائي ويندي هئي، اهڙو امتحان بامبي يونيورسٽيءَ جي نگراني ۾ ورتو ويندو هو، ۽ نتيجو پڌرو به يونيورسٽي ڪندي هئي، هن امتحان جو پهريون ڌڙو ستن سالن کان پوءِ 1860ع ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ ويٺو، پوءِ هر سال ان قسم جو امتحان بامبي يونيورسٽي وٺندي رهي.
1874ع ۾ ”سنڌي ڪتاب پنجون“ مسٽر ڪوڙي مل چندن ملکاڻي لکيو،( ) چوٿون ڪتاب ڀاڱو ٻيون، جنهن کي پنجين درجي جي لاءِ پاڙهيو ويندو هو، انهيءِ کي رد ڪري، نئون پنجون ڪتاب، سنڌي ڪورس تي رکيو ويو، سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ پنجن درجن کي 1853ع کان 1895ع تائين 42 سالن جو عرصو هلايو ويو.
1896ع ۾ ساڳي ليکڪ ڇهون ڪتاب لکي ورتو، جنهن بامبي سرڪار سنڌي ابتدائي اسڪول ڪورس ۾ شامل ڪري، پنجن مان ڇهن درجن جو ڪورس مقرر ڪري ڇڏيو، ڇهن درجن جي ڪورس کي پنج سال هلايو ويو، انهيءَ ڏس ۾ شاگرد ڇهن درجن جو ڪورس ڪري پوءِ ڪاميٽي لاءِ تيار ٿيندا هئا.
1900ع ۾ ستون ڪتاب مسٽر ڪوڙي مل چندن مل گلاڻي لکيو. جنهن کي سنڌي اسڪول ڪورس ۾ شامل ڪري ستين درجي لاءِ مسٽر بهار مل ريجهو مل خوشحالاڻي جي شاهدي مناسب لڳي ٿي، جنهن پنهنجي مضمون ”منهنجي ماستري ۽ منهنجو آزمودو“ ۾ لکي ٿو، اڳي سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ڇهه درجا هئا، مان 1901ع ۾ ڪاميٽي جو امتحان ڏنم ۽ پاس ڪيم، هاڻي سنڌي ست درجا آهن“ سنڌي ستون درجو 1900ع کان 1960ع تائين سنڌي ابتدائي اسڪولن جي ڪورس تي 60 سال ڇانيو رهيو، 1915ع ۾ سنڌي ابتدائي اسڪولن ۾ ستن درجن جو نصاب هيٺ ڏجي ٿو:
(1) ٻاراڻو ڪلاس:
پهريون هيڊ: ڪتاب پڙهڻ، بيت ڳائڻ، سوليون آکاڻيون پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: سليٽ ۽ پٽيون لکڻ،
ٽيون هيڊ: 100 تائين انگ، جوڙ ڪٽ، 5 تائين کوڙا.
دستڪاري:
(2) پهريون درجو
پهرين هيڊ: ڪتاب بيت ڍنگ سان پڙهڻ
ٻيون هيڊ: سليٽ پٽيون لکڻ، صورتخطي لکڻ
ٽيون هيڊ: 1000 تائين انگ ڳڻڻ ۽ درجا لکڻ، 16 تائين کوڙا، ضرب ۽
ونڊ.
دستڪاري:
(3) ٻيون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب، بيت پڙهڻ
ٻيون هيڊ: سليٽ، پٽيون لکڻ، صورتخطي لکڻ.
ٽيون هيڊ: هڪ لک تائين انگ ڳڻڻ، ضرب ونڊ، 20 تائين کوڙا ۽ اڻپور
چوٿون هيڊ: اسڪول، ڳوٺ ۽ تعلقي جو نقشو ڪڍڻ، تعلقي جاگرافي
دستڪاري:
(4) ٽيون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جو 75 سٽون ياد ڪرڻ،
سولا دستخط پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: سليٽ پٽي ۽ بوڪ تي لکڻ، صورتخطي، خط لکڻ، سولي آکاڻي ٻڌائڻ،
ٽيون هيڊ: ڪروڙ تائين انگ ڳڻڻ، درجا لکڻ، 20 تائين کوڙا، اڻپور سمجهائڻ، برو واج ڪرڻ، چورس ڪنڊ ماپ سيکارڻ
چوٿون هيڊ: ضلع جاگرافي
دستڪاري
(5) چوٿون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت، بيتن جون 100 سٽون ياد، سولا دستخط پڙهڻ،
ٻيون هيڊ: گرامر، ڳالهائڻ جا لفظ سڃاڻڻ، اسم ۽ ضمير جا گردان ڪرڻ،
ٽيون هيڊ: ٽرقمي، گڏيل ٽرقمي، سادي حصي رسي، ننڍو عام ۽ وڏي عام اپت، اڻپور،
چوٿون هيڊ: جاگرافي، بمبئي کاتي ۽ هندوستان جي طبعي ۽ ملڪي صورتحال تاريخ سنڌ آکاڻين رستي،
دستڪاري
(6) پنجون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جون 125 سٽون ياد، سولا دستخط، گرامر فصل جا ڦيرا،
ٻيون هيڊ: بوڪ، خط، صورتخطي لکڻ، سولي درخواست لکڻ،
ٽيون هيڊ: وهنواري اڻپور، ڪنڊ ماپ، ٽٻڪي وٽ ٽڪنڊون، ڀر واريون ڪنڊون چوٽي واريون آمهون سامهون ڪنڊون،
چوٿون هيڊ: جاگرافي تاريخ هنڌ 1712ع کان 1761ع تائين،
دستڪاري
(7) ڇهون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت، بيتن جون 150 سٽون ياد، سولو دستخط، گرامر ڏکيري ترڪيب،
ٻيون هيڊ: صورتخطي، سولو مضمون يا درخواست لکڻ،
ٽيون هيڊ: في سيڪڙو، نرو ۽ گڏيل وياج، نفعو نقصان، سراسري، زباني ۽ ڏيهي حساب،
جاميٽري: پور وڇوٽي سنيون ليڪون، ٽڪنڊي جون ليڪون، مربع جون ڪنڊون، يڪسان، ٽڪنڊا، اڻپور پاسا ٽڪنڊا، نئين ليڪ تي عمود ڪڍڻ،
چوٿون هيڊ:
جاگرافي ايشيا يورپ، تاريخ 1761ع کان 1915ع تائين.
(8) ستون درجو:
پهريون هيڊ: ڪتاب بيت پڙهڻ، بيتن جون 150 سٽون ياد پڙهڻ، دستخط پڙهڻ گرامر سڄو ۽ اشتقاق،
ٻيون هيڊ: انگي حساب، ٻيون مول، پئمائش، ڏيهي حساب، جاميٽري سڌيان کي اوزارن سان جاچڻ پور وڇوٽي واريون چوپاسي شڪليون ساڳي پاسي تي ٽڪنڊا ۽ مستطيل
جاگرافي: دنيا جي جاگرافي، ضلعي ۽ ملڪي جاگرافي، واپار، هند جو نقشو ڪڍڻ،
تاريخ: پوري هند جي تاريخ ۽ حڪومت جو نمونو.

جيئن ته پبلڪ سروس امتحان 16 سيپٽمبر 1903ع کان هلندو، ساڳي وقت بامبي يونيورسٽيءَ ٺهراءُ منظور ڪيو آهي ته 1904ع کان اسڪول فائنل امتحان سرڪار پاڻ بندوبست ڪري، بامبي يونيورسٽيءَ اهو امتحان نه وٺي ڇو ته هن کي ٻين امتحانن وٺڻ جو بار اڳي ئي گهڻو آهي، ( ) اسڪول فائينل امتحان جيڪو اڳ ۾ بامبي يونيورسٽي وٺندي هئي، سو هاڻي سنڌ ايڊيو ڪيشنل ڊپارٽمنٽ وٺندي.
اسڪول فائينل امتحان اڳ ۾ بمبئي، پوني، احمد آباد، درواڙ ۽ ڪراچي ۾ ٿيندو هو، هاڻي هر هڪ پرڳڻي ۾ الڳ ٿيندو، اسڪول فائينل جو آخري امتحان 1903ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ ورتو، تنهن امتحان ۾ سنڌ جا سمورا اميدوار شاگرد 78 ويٺا ۽ انهن ۾ ڪامياب 22 شاگرد ٿيا، ( ) 1904ع ۾ بامبي يونيورسٽيءَ اسڪول فائينل جي امتحان لاءِ هيٺيان ٺهراءُ منظور ڪيا. ( )
1 اسڪول فائينل امتحان 28 نومبر کان شروع ٿيندو.
2 سنڌ جي شاگردن کان اسڪول فائينل امتحان ڪراچي ۾ وٺڻ ايندو.
3 اسڪول فائينل امتحان لاءِ درخواستون پهرين آڪٽوبر کان اڳ ۾ اي آءِ يو کي موڪلڻ گهرجن.
4 اسڪول فائينل امتحان جا اميدوار 16 سال عمر کان گهٽ نه هئڻ گهرجن.
5 اسڪول فائينل امتحان ڏيڻ لاءِ اهي شاگرد لائق هوندا جن امتحان کان اڳ۾ 8 مهينا ڪنهن به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيو هوندو.
6 اسڪول فائينل امتحان جي لاءِ درخواست شاگرد هيڊ ماستر جي معرفت موڪليندو ۽ هڪ درخواست تي سرڪاري في 00_2 رپيا وٺڻ ۾ ايندي.
7 اسڪول فائينل امتحان لاءِ هيٺين مضمونن ۾ امتحان ٿيندو.
1 حساب ۽ پئمائش
2 انگريزي
3 ڏيهي ٻولي
4 هند جي تاريخ (برٽش دور واري)
5 جاگرافي دنيا (انگريزي حڪومتون)
انگريزي ۽ ڏيهي ٻوليءَ ۾ امتحان زباني ٿيندو ۽ ٻين مضمونن جو امتحان لکت ۾ هوندو.
نوٽ: ٺهراءُ (4) جي لاءِ 24 مارچ 1924ع تي بامبي ڊاريڪٽر تعليم جي سفارش تي ورينڪيولر فائنل امتحان ۾ ويهڻ لاءِ عمر جي پابندي کي ختم ڪيو ويو، هاڻي شاگرد ڪيتري عمر وارو به ورنيڪيولر فائينل ۾ ويهي سگهندو. ()
اڳي اسڪول فائينل امتحان ۾ ديسي ٻولي جو امتحان زباني ٿيندو هو، جنهن لاءِ هاڻي بامبي سرڪار هڪ ٺهراءُ ذريعي 1917ع ۾ اسڪول فائينل امتحان لاءِ ديسي ٻوليءَ جا ٻه پيپر منظور ڪيا. ()
1 زباني: ڪتاب پڙهڻ، بيت ياد ٻڌائڻ، دستخط پڙهڻ، 40 مارڪون
2 لکت: نثر نظم جون سمجهاڻيون، گرامر، ترڪيب، 60 مارڪون
سنڌي ابتدائي تعليم ۾ اٺ درجا آهن، جن کان پوءِ اسڪول فائينل امتحان آهي، () 1939ع ۾ سنڌي اسڪولن ۾ اٺ درجا هئا، () 1942ع ۾ ٻاراڻو ڪلاس ختم ٿيو ۽ ٻار جي عمر 6 سال ٿي، پر 1960ع ۾ ٻار جي عمر 5 سال بحال رکي وئي. ()

”بابنامو يا ٻاراڻو ڪلاس“ مٿان ٽيڪا ٽپڻي:
هن ڪتاب جي پڙهائڻ لاءِ پهرين اکر جا جزا ڪم آندل آهن، جيڪي اکرن لکڻ ۾ مدد ڪندا آهن، اکر سڃاڻي، سکي، پوءِ اکرن کي آوازن سان ڪم آڻي، لفظ جوڙيا وڃن ٿا، پوءِ لفظن مان جملا ٺهن ٿا:
سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ ورتا ڪندڙ چون ٿا، ته ٻاراڻو ڪتاب غير فطري سکيا جو رستو آهي، ان نموني پڙهائڻ ۾ ٻار بي ڌيانو ۽ بي ذوق ٿيو وڃي، سچ پچ ٻولي سيکارڻ جو طريقو لفظن ۽ جملن سان پڙهائڻ هڪ فطري عمل آهي، جنهن سان ٻار ۾ سمجهه ۽ شوق اڀري ٿو، ماءُ به ان فطري ڍنگ سان ٻولي سيکاريندي رهي آهي.
ٻاراڻي مٿان لاهڻي لاهيندي سنڌي جا ماهر استاد چون ٿا، ته ”ٻاراڻو“ هڪ قسم جي بيماريءَ جو نالو آهي، جيڪو ٻارن کي مرض ۾ وٺندو آهي، ۽ ڪتاب جو ٻاراڻو نالو به غير فطري آهي، جيئن ته انگن جي انداز ۽ ڳڻپ جي حساب سان ٻاراڻو نه پر پهريون، ٻيون، ٽيون، وغيره صفت قطاري جي واٽ سان ٺهي ٿو، ته اهڙو هڪ مڃيل راهه ڇو نه اختيار ڪجي، ۽ ٻاراڻي کي تعليمي ڪورس مان رد ڪري ڪڍي ڇڏجي، ان جاءِ تي پهريون ڪتاب رکي تعليم پرائڻ ۾ ٻارن جو هڪ سال به بچائي سگهجي ٿو، ٽيون ته ٻاراڻي ڪلاس جي پڙهائيءَ جو رستو هلڻ سان وقت جو وڏو کاپو آهي.

ٻاراڻي ڪلاس جي واکاڻ:
جنوري 1931ع ۽ ڊسمبر 1933ع جي تعليمي اخبارن ۾ سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ تعليمي آفيسر هن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجا تاثر ڏنا آهن:
”ٻاراڻو ڪلاس تمام مکيه ڪلاس آهي، سڄي اسڪول جي واڌاري سڌاري ۽ ترقي جو بنياد آهي ٻاراڻو ڪلاس، جيڪڏهن ٻاراڻو ڪتاب چڱي طرح پڙهجي ته پوءِ ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم لهي ويو،“ () مسٽر علي خان ابڙي صاحب پنهنجي ذاتي تجربي سان پنهنجن پٽن هر هڪ جمال ۽ ڪمال کي ٻاراڻو ڪلاس پڙهايو، ان باري ۾ سندس چوڻ آهي ته:
مان جمال کي پنج سالي اوستا ۾ جزن کان هٽي ڪري، اکرن ۽ آوازن مان لفظ ڪڍائي ٻاراڻو ڪلاس پڙهايو ۽ سيکاريو، هو پنجن مهينن جي عرصي ۾ ٻاراڻو ڪتاب پورو ڪري ويو، انگ 100 تائين سکي ويو، ٻاراڻي پڙهڻ سان اڻپڙهيل به لکي پڙهي وڃي ٿو، سبق ائين پڙهي ٿو، جيئن ڳالهائبو آهي“ ()

جائزو:
مسٽر علي خان ابڙو تعليمي آفيسر جي حيثيت سان برٽش دور ۾ هڪ مصروف ترين سرڪاري پگهاردار تعليم جو نگران رهيو، پنهنجي نوڪريءَ جي جوبدارين کان واندو ٿي چند منٽ پنهنجي اولاد جي پڙهائيءَ تي ڪم آندا، ان جو نتيجو اهو نڪتو ته مسٽر ”جمال ابڙو“ پاڪستان جو اديب ٿي اڀريو، ان سان گڏ علامه دائود پوٽو ٻاراڻي جو شاگرد ايشيا ۾ دانشور ٿي آيو، ٻيا کوڙ سارا ماڻهو جن ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، عثمان علي انصاري صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب وغيره، ٻاراڻي ڪتاب جا طالب رهيا، هونءَ به مڪتبن علامه غزالي، ابن سينا، ابن خلدون، ابن رشد، علامه رومي، شيرازي صاحبان وغيره پيدا ڪيا، ته پوءِ اڄ سنڌي تعليم ٻاراڻي کي ڪڍي، سنڌي ڪورس سڌاري سنڌ ي تعليم کي معراج تي نه پهچائي سگهي آهي، ان جو خاص سبب آهي ته سنڌي استاد سنڌ ۾ هارين ۽ مزدورن جي ٻارن کي نه پاڙهڻ جي ساک کڻي سنڌي تعليم جو بنياد رکيو آهي.
ٻاراڻي ڪتاب مٿان اخبار تعليم جي پراڻي دور ۾ اڻ کٽ تنقيد ٿيل آهي، پر پوءِ به ٻاراڻو ڪتاب سنڌي نصاب تي چوڏهينءَ جي چنڊ جيان 89 سال (1853ع کان 1942ع) هلندو رهيو، ۽ ڪيئي اڻ ڳڻيون هستيون سنڌ ۾ پيدا ڪيائين، جن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل آڏاواڻي، ديوان ليلا رام خاڪي، مسٽر ڪيو لرام سلامت راءِ، منگهرام ملڪاڻي وغيره صاحبان سنڌي ادب جا شهسوار ٿي رهندا.

ٻاراڻي ڪتاب مٿان تنقيد:
”ٻاراڻو“ هڪ بيماريءَ جو نالو آهي، انگن جي ڳڻپ ۾ پهريون، ٻيون، ٽيون وغيره آهي، ٻاراڻو ڇا آندو ويو، تعليم ۾ هڪ سال جو اجايو واڌارو ۽ نقصان آهي.

1960ع واري تعليمي پاليسي:
هن پاليسيءَ پٽاندڙ اڳوڻو سنڌي نصاب ستن درجن واري کي ڊاهيو ويو، ۽ سنڌي فائينل امتحان کي به هميشه لاءِ ختم ڪيو ويو، ان جاءِ تي سنڌي نصاب کي مختصر ڪري ”پنج جماعتون“ رکيون ويون، هاڻي سنڌي تعليم فقط پنج جماعتون آهن، جن کي پنجن سالن ۾ پورو ڪيو وڃي ٿو.

اخبار تعليم

اخبار تعليم

تعليم کي ڪارگر بنائڻ لاءِ سڌ سماءَ جا ذريعا: (اخبار تعليم)
سنڌي ابتدائي تعليم جي ڍانچي کي عملي طور هلائيندي ذري گهٽ اڌ صدي گذرڻ واري هئي پر برٽش سرڪار ”سنڌ تعليم کاتي“ جي مٿان اڃا ڌيان ڏيڻ ياد نه ڪريو هو. مثال طور سنڌي عوام کي سنڌي تعليم جي ڪارگذارين، استادن جي پڙهائي ۾ سندن سرگرمين، ساليانن امتحانن ۽ نتيجن جون پڌرايون، سنڌي اسڪولن جي اجهن کي کرو ڪرڻ ۾ شاگردن کي سردين گرمين جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کان بچائڻ لاءِ انتظام جوڙجڪ ۽ ٺاهه ٺوهه جهڙن ڪارنامن جو ماهوار بيان ڏيندو هلجي ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌي تعليم جي باري ۾ سڌ سماءَ ۽ واءُ سواءُ ڦهلائيندو رهجي. ان لاءِ ڪتابچا، لکيل پنا، رسالا ۽ خبرون ضروري آهن. پر پنجاهي سال کن گذرڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار سنڌي تعليمي خبرون پهچائڻ ۽ سکيا کي زور وٺرائڻ لاءِ ”خبر نامي“ جي خاڪي کي اصل شڪل ۾ نه آڻي سگهي. ان لاءِ ”اخبار تعليم“ هڪ سنڌي رسالو اپريل 1901ع تي جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌي تعليم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
مذڪور ”خبرنامو“ مرداني ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپال مسٽر تارا طند شوقيرام هلائيندو رهندو هو. منڍ ۾ هي رسالو اخبار تعليم ٽماهي 16 صفحن تي چپي هئي. قيمت هڪ سال لاءِ هڪ رپيو مقرر هوندي هئي. هڪ سال پڄاڻا رسالي کي ماهوار ڪيو ويو ۽ منجهس صفحا 24 ٿيا. قيمت هڪ سال کان پوءِ ٻئي سال ٻيڻي رکي وئي. ساڳي سال هن رسالي جو کاپو وڌي ٻيڻو ٿي ويو. ان ڪري هڪ ورهيه پڄاڻا 12 ورقن مان وڌائي 16 ورق جاري رهيا. قيمت ۾ ردوبدل نه ڪئي وئي.
برٽش سرڪار ملڪي سڌاري ۽ واڌاري جي لاءِ سرٽوڙ جاکوڙ ڪندي رهي ته جيئن سنڌ ملڪ شاهوڪار ۽ مالدار رهي. ان جي ڪاڻ سنڌي سکيا ۽ تربيت جي اصولن جو بنياد 1853ع ۾ پيو، جنهن کي اڄ تائين 163 سال گذري چڪا. اخبار تعليم ڪهنو سنڌي تعليم جو رسالو چئي سگهجي ٿو، جنهن سنڌي ادب کي وڏي هٿي ڏني ۽ شاندار ترقي تي رسايو. مثال اخبار تعليم جي شروعاتي ڪارنامن جي ڪري سنڌي ٻولي، تاريخ، جاگرافي، سائنس، مئٿس وغيره علوم کي ترقي جي عروج تي رسايو. هي رسالو سنڌي اٺن يا نون سالن جي سينگاريل نصاب جي پرچار پئي ڪندو آيو آهي. آخر ۾ انهيءَ نصاب کي هر سال ورنيڪيولر فائينل امتحان جي سرٽيفڪيٽن جي شڪل ۾ ”اخبار تعليم“ پوري سنڌ آڏو پيش ڪندي رهندي هئي. انهن سَندُن جي وسيلي پوري سنڌ ۾ ماستري، تپيداري، سپاهگيري، داروغي، ناڪي منشي وغيره جي خالي جاين تي سنڌي ماڻهن کي سرڪاري طريقن سان ڀريو ويندو هو.
مٿين مانڊاڻ کي سنڌ اندر 1960ع ۾ ختم ڪري فقط پنجن سالن تائين محدود رکيو ويو.

”اخبار تعليم“ جي پرک ۽ پروڙ:
اخبار تعليم جي رسالن مان پرک ۽ پروڙ ڪندي تحقيقاتي مضمون ”اخبار تعليم“ ثابت ٿيو، جنهن کي سنڌ سرڪار تعليم کاتي پاران جاري ڪيو. اهو حيدرآباد مان جاري ٿيندو رهيو. اپريل 1940ع وارو پرچو اخبار تعليم جي زندگي ۾ چاليهين سال جو پهريون پرچو آهي. يعني اڻيتاليهون سال خير سان پورو ٿيو.
مٿين لکت پڌرو ڪري ٿي ته اخبار تعليم اپريل 1901ع تي شايع ٿي چڪي.
1903ع ۾ ساڳي اخبار ٽماهي مان ڦيرائي هڪ ماهي ڪئي وئي. ان جا صفحا گهٽائي، في جلد 24 صفحا رکيو ويو. ان ريت اخبار تعليم جي في سال قيمت ٻيڻ ٿي. يعني ٻه رپيا مقرر ٿي چڪي. ان حساب سان 1902ع ۾ اخبار تعليم جا هڪ سال ۾ چار جلد نڪرندا هئا. جڏهن ته 1903ع ۾ هن رسالي جا سال اندر 12 جلد نڪرڻ لڳا.
1904ع ۾ اخبار تعليم جو کاپو وڌيو، ان ڪري جولاءِ 1905ع ۾ هن رسالي جي 24 صفحن کي وڌائي، 32 صفحن تي هلايو ويو، پر ملهه في سال ساڳيو رکيو ويو. هن رسالي جي 1939ع وارن پرچن تي نگاهه ڦيرائيندي خبر پوي ٿي ته هن رسالي ۾ هر موضوع تي بهترين مضمون پيش ٿيا، جهڙوڪ تاريخ، جاگرافي سيکارڻ، انگي حساب ۾ ڪشش ۽ مزو پيدا ڪرڻ، اسڪولي دفتر هلائڻ، علم صحت جو ذوق ڏيارڻ، پرڏيهي شخصيات جي زندگين جو نچوڙ پيش ڪرڻ، يورپي تعليمي طريقن ڪنڊرگاٽن ۽ مانيٽسوري ڍنگن تي هلڻ، ڍلن ٻارن کي اڳتي وڌائڻ، جسماني سزائن کان پاسو ڪرڻ وغيره قسمن جي مواد جي ڪري هن رسالي جي ساک وڌيل رهي.
1939ع جي ماضي واري اخبار تعليم جي دور مٿان رسالي جي ڪارڪردگي کي ڏسجي ٿو ته پڙهيل سنڌي ڌڙي ۾ هن اخبار پڙهڻ ۽ مضمون لکي ڇپائڻ جو ذوق جاڳيو آهي. لکت کي شايع ۽ پڌري ڪرڻ جي چٽاڀيٽي سنڌي دانشورن جي اخبار تعليم جي انعامات مان پر گهٽ آهي. تعليم جي ميدان تي بهتر کان بهترين مضمون پيش ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي، انگي حسابن جهڙن خشڪ موضوع مٿان سولا ڍنگ ۽ مزيدار واٽون چٽيون ويون آهن. اسڪولي دفتر کي هلائڻ ۽ ان جي سنڀال ڪرڻ، ڍلن ۽ ڏڏ شاگردن ۾ پڙهڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ ۽ کين جسماني سزائن کان پري رکڻ ۽ اسڪولي ماحول کي خوشگوار بنائڻ ۾ منطقي طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا. علم صحت کي اوليت ڏيئي ٻارن جي بدني تندرستي درست ڪرڻ پرڏيهي ملڪن جي تعليمي طريقن جو سيکارڻ، جنهن ۾ ڪنڊن گارٽن ۽ مانٽيسوري ڍنگن کي عام ڪري، تعليم جو معيار قائم ڪيو وڃي ٿو.
غير ملڪي هاڪاري شخصيات جي زندگي جا مختصر نچوڙ پيش ڪرڻ ۽ سنڌ جي پکين ۽ جانورن جي پيدائش کاڌا، عادتون، پاڻ بچائڻ جا ڍنگ ڏيکارڻ وغيره مواد کي تحقيقاتي انداز سان مواد ڪٺو ڪري هن رسالي جي ساک کي وڌايو وڃي ٿو.
12 ورق اخبار تعليم مهيني سر پڌري ٿيندي رهي ٿي، تنهن مان فائدو تڏهن بر ثواب ٿيندو جڏهن استادن جون پڙهائڻ واريون مشڪلاتون هڪ ٻئي جي ميلاپ ۽ مدد سان روبرو حل ڪندا رهندا، جهڙوڪ تعليمي سيمينار، ڪانفرنسون، گڏجاڻيون، محفلون کڙيون ڪري چٽاڀيٽي جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، ته استادن ۾ نفسياتي فوقيت ۽ اهميت وڌي ٿي.
ٻي مهاڀاري لڙائي دوران هنڌين ماڳين معيشت جو ڏيوالو نڪري چڪو، ڏڪر اچي مهمان ٿيو. ان جو اثر سنڌ ڏيهه تي به اچي ڪڙڪيو، اهڙي مرڻاس جو بار اخبار تعليم جي مٿان به اچي رسيو، اخبار پوري سال ۾ ٻارهن جلدن تي هلندڙ هئي. جنگي بحران جي ڪري اخبار ٽماهي ٿي چڪي، سال ۾ چار پرچا ڇپجڻ ۾ آيا، هي سلسلو 1943ع کان جاري ٿيو، جڏهن ته صفحن ۾ گهٽ وڌائي پئي ٿيندي رهي، ڪڏهن في پرچو 32 ته ڪنهن سمي ڪجهه گهٽ صفحن تي جلد ڇپبو هو. 42-1941ع ۾ اخبار تعليم في سال 12 جلدن تي رهي ۽ منجهس 28 صفحا رهيا، پر جڏهن اخبار ٽماهي ٿي چڪي تڏهن 1943ع ۾ في پرچو 46 صفحن تي پهتو. وري سال 1944ع ۾ اخبار ٽماهي ۽ صفحا 65 رهيا، جنهن جو ڪارڻ نوٽيس، سرڪيولر ۽ ساليانا امتحاني نتيجا هئا، ان ڪري اخبار تعليم جي صفحن ۾ رڪارڊ ٽوڙ واڌارو اچي ويو.
1945ع ۾ اخبار تعليم ٽماهي رهي، منجهس صفحا 47 رهيا. 1950ع ۾ رسالو ٻماهو ٿي ويو ۽ صفحا 34 هلايا ويا. ون يونٽ جي ڪري سنڌ جي پئسي ڏوڪڙ جي جي حالت داءَ تي لڳي چڪي. ان ڪري سنڌ جي هر شعبي ۾ زوال اچي واسو ڪيو. اهڙي لنجهڻ کان اخبار تعليم به ڇوٽڪارو نه لهي سگهيو، هي اخبار ڏهن مهينن تائين پنهنجو وجود وڃائي چڪي، يعني ڊسمبر 1968ع کان سيپٽمبر 1969ع تائين بند رهي، ان جو سبب پبلشر جي مٽ ٿيڻ ڪري اولهه پاڪستان حڪومت نئين ڊڪليئريشن ڏيڻ ۾ دير ڪئي.
هن اخبار مان اهي به حقيقتون چٽيون پيون ٿين ته سائنس جو ڍنگ هورا کورا، تڙپ ۽ ذوق پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن طريقي ٻارن ۾ هڪ قسم جو لکت ڏانهن ڏاڍو ڌيان ڏياريو آهي.

ڏيهي ۽ پرڏيهي تعليم جي تورتڪ
جن ملڪن تعليم کي وڌايو ۽ ويجهايو، سنواريو ۽ سڌاريو اهي ڀڙڪا ڪندا ڌرتيءَ کان اڀ ڏانهن ڊوڙندا وڃن ٿا ۽ ملڪي ميڙي چونڊي جو ڀاري ڀاڱو سکيا کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ تي لڳائيندا رهن ٿا. تعليمي رکيل رقم پاڪ پوتر ڄاڻي ان پئسي کي ذاتي مفاد مٿان کپائڻ حرام ڪري ڇڏين ٿا. تڏهنس ته نه رڳو هن ڌرتي تي حيران ڪن معجزا ڏيکارڻ شروع ڪن ٿا، پر جهان جي باقي ڏيهن مٿان ڌاڪيداري ڪري رهيا آهن.
اهڙن سکيا جي سنگتين جي ديسن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سکيا کي نهوڙي ۽ نپوڙي لاش جي شڪل ۾ آڻي، ڌرتي اندر پوريو وڃي ٿو ته جيئن اڳتي هلي سنڌي ماڻهو پنهنجي سهڻي سنڌ تان ميٽجي ۽ ميسارجي وڃن. اهو ان ڪري ٿيو آهي جو سنڌ جي سکيا لاءِ رکيل ناڻو اربها روپين کي وڊ رهي کانئو ڊُڊن ڊوهن ۽ قلم چور ڌاڙيلن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. انهيءَ لٽ ڦر ۾ پوري حاڪم ٽولي جي مفاهمت جي ڳٺ جوڙ شامل حال آهي. وڏي سمي کان اڄ تائين سنڌي سکيا لاءِ سنڌ جا سڄڻ ساٿي دل ڦاڙي دردن ڀريو دانهون ۽ پڪارون ڪندا رهيا آهن پر انهن ڪوڪن ڪارن ۽ هنجون هارڻ مان نتيجو اهو نڪرندو رهي ٿو ته جيئن عرصو هڄندو وڃي پيو، تيئن ارهه زورائي هٿ مروٽ، ڏاڍائي ۽ ڌاڙي بازي ۾ بلا جو واڌارو ٿيندو وڃي ٿو. ان ڪري سنڌ جي تعليم کي زيرو حد تي آڻي بيهاريو ويو آهي. پر مارن ۽ منافعي خورن جي هوائي ڳالهين سان اخبارون ڀريون پيون اچن، جن ۾ گوسڙو ماستر ۽ اسڪولن مٿان قبضا وغيره قسمن جا بهانا ۽ ڪارڻ ڏيکاري سنڌي عوام کي گمراهه ۽ ٿيريو وڃي ٿو ته سنڌ جي سکيا تباهه ٿي رهي آهي. اصل سچي حقيقت کان سنڌي عوام جي سوچ سمجهه کي ترڪايو وڃي ٿو، پر تعليم جي ڀلائي بهبودي ۽ واڌاري سڌاري لاءِ بجيٽ ۾ اربن رپين جو رکيل ناڻو طوفان جي هوائي آنڌين ۾ چٽ پٽ ڪيو وڃي ٿو، بجيٽ جي وچور ۽ حساب ڪتاب ڏيڻ کان سنڌي عوام کي سڌي واٽ کان گمراهه ڪيو پيو وڃي.
تعليم جي ترقي ۽ واڌاري ۾ نٽ نٽاءُ، گُس گساءِ ۽ لٽ ڦر جي فنڪاري ڪمال ۽ عروج تي رهندي اچي ٿي. اهڙين حرڪتن ۽ ناجائزين کي سنڌي دانشور ڀلي ڀت ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پر افسوس جو ووٽ هٿ ڪري، چالاڪيءَ سان سنڌي عوام کي جاهل اڻڄاڻ رکي زوري تعليمي حقوق ترڪايا ۽ کسيا وڃن ٿا.
تعليمي اخبار ۾ تعليمي ڀلائي، بهبودي، واڌ ۽ ويجهه:
ان جي لاءِ 1902ع کان اڄ تائين سنڌي استاد، تعليمي سڄاڻ، آفيسر ۽ چند عام ليکڪ سدائين اخبار جا پرچا سينگاريندا ۽ سنواريندا اچن ٿا. اڄ کان 85 سال اڳ 1932ع ۾ سنڌي انگين اکرين استاد، ڪيڙڍال جو ڪارگردي ۽ ڍنگ وارو آفيسر ۽ سکيا سرواڻ سيد عبدالحسين موسوي روهڙي واري ”اڄوڪي تعليم“ جي موضوع تي لکيو آهي، سندس لکت جي مختصر خاڪي جي وستار ڪجي ٿي:
”اڄ ڪلهه چيو وڃي ٿو ته تعليم بيسود ۽ بيڪار آهي، اهڙي شڪايت نه فقط عبرتناڪ بلڪه دردناڪ آهي.“ پاڻ ظاهر ڪري ٿو ته ماستر ٽن قسمن جا آهن:
1) اهي ماستر جيڪي پاڙهڻ جي شوق سان تعليم کاتي ۾ گهڙيا آهن.
2) اهي جن ڪنهن سڻڀي نوڪري جي بهاني في الحال تعليم کاتي جي اڻڀي روزگار لاءِ هن کاتي ۾ پير پاتو آهي.
3) ڪي روزگار جي تنگي ڪارڻ هن کاتي ۾ گهڙيا آيا، عمر جي وڌي وڃڻ ڪري کاتي ۾ هري مري ويا، ٻيو چارو نه ڏسي سيکارڻ جي ذوق کي لڳي ويا.

تعليمي اوڻايون پوڻايون:
1) ڪي شوم طبع ماستر شاگردن ۽ سندن مائٽن جي دلين تي منڍ کان اهڙا اثر ويهارين ٿا ته ٽيوشن کانسواءِ چاڙهو نه آهي، پر ٽيوشن هوندي به شاگرد ڪيئن ٿا پاس ٿين، جيڪا ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي نه آهي.
2) نصابي ڪتابن جي معنيٰ، نوٽن، رهبرن ۽ سونهن جو رواج آهي. ڪورس کي ڪٽي سٽي مختصر ڪري نه رڳو شاگردن ۽ ماسترن کي سست ڪيو وڃي ٿو، ائين ڪرڻ سان شاگردن جي خيالن جي اڏام جي سگهه ختم ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته ٺهيل ٺڪيل مواد ياد ڪري امتحان ۾ ويهن ٿا، جيڪڏهن امتحان ۾ ڪو سوال سندن ياد ڪيل مواد کان ٻاهران اچي ويندو ته شاگرد اوٻاسيون ڏيڻ شروع ڪندا. اهڙي هٿ ٺوڪي سکيا اصل ۽ صحيح سکيا جو روح چٽ ڪري ڇڏي ٿي. مختصر تعليم فقط نوڪرين جي لاءِ ٿي سگهي ٿي، پر دنيا جي ڪاروهنوار هلائڻ کان بيڪار ثابت ٿيو پوي ٿي.
3) بهترين تعليم جو مدار بهترين عالم استاد تي آهي. ٽريننگ ڪاليج ۾ اڌيڙ ۽ وڏي عمر وارن ماسترن کي ٽريننگ ڏيڻ کان نوجوانن تازي فائينل پاس ۽ سال ٻن جي نوڪرين ڪيل ماسترن کي تربيت ڏيڻ گهرجي. ان حالت ۾ ماستر کي فائينل نصاب ۽ سال ٻن سالن پڙهائي جو تجربو تازو، سندس جواني، تيز حافظو ۽ سالم صحت ٽريننگ جي نصاب جي پڙهائي ۾ ساٿ ڏين ٿا.
4) ٽريننگ ڪاليج جي 3 سال پڙهائي ۾ سنڌي نصاب پڙهائڻ جا طريقا ڍنگ ۽ پارسي ٻولي جي سکيا وٺڻ کانپوءِ هر ترتيب يافته هڪ سٺو استاد عالم ٿي نڪري ٿو.
5) اهڙي تربيت وارو عالم ماستر ذوق سان پڙهائيندو ۽ نوان نوان تجربا ۽ ڍنگ پاڻ ئي پيدا ڪري وٺندو. ائين ڪرڻ سان مقدس سکيا کي عروج تي رسائي سگهندو. جيڪڏهن اڌيڙ ۽ پيري ۾ ماسترن کي تربيت ڏبي ته ان حالت ۾ صحت جي نٻلائپ، حافظي جي گهٽتائي ۽ سستي جي ڪري ٽريننگ جو لاڀ پرائي نه سگهندا. اهڙا ماستر اسڪول ۾ وڃي ڪرسيون سيڙائي ويهندا. ٽريننگ تان جيڪو سکي آيا ان جي وسارڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندا.

تعليمي ڪانفرنس ڪراچي:
1939ع اپريل جي پهرين ۽ ٻي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ جي تعليمي ڏاهن جي گڏجاڻي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو، جي اين قاضي، ايس ڊي ڪنٽريڪٽر ڪاليجن ۽ مدرسن جا پرنسپال، هاءِ اسڪول هيڊ ماستر ۽ مئنيجر، ائڊمنسٽريٽو آفيسر، تعليمي وزير ۽ ڪي اسيمبلي ميمبر صاحبان، اٽڪل هڪ سئو ڄڻا شريڪ ٿيا. گڏجاڻي اسيمبلي هال ۾ ٿي جنهن جو افتتاح مسٽر گرهام گورنر سنڌ ڪيو، تقرير ۾ چيائين ته: ”سنڌ ۾ ننڍڙا ڳوٺ ۽ واهڻ عام هئڻ ڪري، پرائمري سکيا پٺتي پيل آهي، اسان کي سٺن ۽ سمجهو ماسترن تي ڌيان ڏيڻ کپي. ماسترن کي ٻارن جا والدين همتائين، ساڳي وقت ماسترن جون پگهارون به نهايت گهٽ آهن. پئسي کي وڌائڻ لاءِ زراعت کي هٿي ڏيڻ کپندي آهي ته اهڙو ڏوڪڙ پئسو تعليم مٿان خرچ ڪرڻ جڳائي.“
وزير تعليم پير الاهي بخش جي تقرير:
سنڌ ۾ تعليم 49 سيڪڙو آهي. هن سمي نصاب ۾ ڦيرڦار اچڻ کپي. سنڌ جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڇوڪرين جي سکيا ضروري آهي، ڇوڪرن جي لاءِ سنڌ جي ٽن تعلقن ۾ زوري تعليم هلي رهي آهي، پر ڇوڪرين لاءِ ڪٿي به زوري تعليم نه آهي جيڪا جلد جاري ٿيڻ گهرجي. سنڌ ۾ هنري سکيا روزگار ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي، پر اها هتي نه جهڙي آهي. سنڌ ۾ هاءِ اسڪول 5 آهن. ثانوي تعليم جي واڌاري لاءِ خانگي هاءِ اسڪول ضروري آهن. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي لاءِ هڪ به هاءِ اسڪول نه آهي، جن جا هر ضلعي ۾ هڪ هڪ هاءِ اسڪول هئڻ کپي. سنڌ اندر هڪ ڌار يونيورسٽي هجڻ لازمي آهي. بالغن جي تعليم کي زور وٺائجي.

تعليمي ڪانفرنس جا پاس ڪيل ٺهراءَ:
1) ابتدائي تعليم کي زور وٺائڻ لاءِ سنڌ سرڪار جو ضابطو وڌايو وڃي.
2) ڏهن تعليمي ماهرن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪجي، جيڪا تعليمي ڀلائيءَ لاءِ سفارشون تيار ڪري.
3) سنڌ ۾ زوري ۽ مفت تعليم کي زور وٺائي، تعليم کي ستن سالن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.
4) جهالت کي دور ڪرڻ لاءِ نائيٽ اسڪول، لائبريريون، ريڊنگ روم وغيره سهولتون هئڻ کپن.
5) موجوده نصاب ڦيرائي، نئين دور جي گهرجن پٽاندڙ تيار ڪرڻ جڳائي.
6) ٽرينڊ ماستر ۽ ماسترياڻين جو عدد وڌائجي ته جيئن ستن سالن ۾ 80 سيڪڙو ماستر ٿين.
7) تعليمي ادارن ۾ صحت سکيا ڏني وڃي.
اخبار تعليم، جلد نمبر 39 صفحو، 1 کان 6 تائين سال 1939ع مهيني اپريل.

اخبار تعليم جي خبر چار ۽ قلم نگارن جي همت افزائي:
اخبار تعليم کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ مضمون نگارن جو وڏو هٿ رهيو آهي. جڏهن کان هن رسالي جو بنياد پيو ته سنڌي ادب جي گهڻگهرن وسان نه گهٽايو آهي. تعليم جي کيتر ۾ پنهنجي ادبي جهلڪ جي جنسن ۽ وڙن ۾ پئي مٽ سٽ ڪئي ته جيئن سنڌي علم ادب جي آبياري ٿئي ۽ اخبار تعليم جي حيثيت کي چار چنڊ لڳن، ان ڪارج ۾ اخباري منتظيمن سنڌي دانشورن جي مان ۾ انعامي مانڊاڻ هلايو جنهن مان ڪن ٿورن سالن جي انعامي وچور کي پيش ڪجي ٿو:
1931ع ۾ اخبار تعليم جي 42 مضمون نگارن کي 110 رپيا انعام ڏنو ويو، جنهن ۾ ليکڪ صاحبان کي هڪ رپئي کان ٻارهن رپيا انعام به ڏنو ويو. ان لڙهي مان ٽن صاحبن جا نالا ڏجن ٿا:
1- مسٽر علي خان ابڙو انعام 12 رپيا.
2- مسٽر جڳتراءِ سوداساڻي انعام 10 رپيا.
3- مسٽر عبدالحسين شاهه موسوي انعام 6 رپيا.
1939ع واري اخبار تعليم ۾ 21 ليکڪ صاحبان کي 125 رپين جي انعام سان نوازيو ويو، جن ۾ پنجن ليکڪن کي ٻه ٻه رپيا، ستن کي ٽي ٽي هڪ کي چار، ٻن کي پنج پنج، ٻن کي ڏهه ڏهه، ۽ چئڻ ڄڻن کي پندرهن رپيا ڏنا ويا، جن مان ڏهن ۽ پندرهن رپين وارن انعام يافتن کي پيش ڪجي ٿو:
1- مسٽر گوبند رام ناٿاڻي انعام 15 رپيا.
2- مسٽر سکرام داس هنڱوراڻي انعام 15 رپيا.
3- مسٽر بهار مل ريجهومل انعام 15 رپيا.
4- مسٽر غلام رباني اعواڻ انعام 15 رپيا.
5- مسٽر آغا تاج محمد انعام 10 رپيا.
6- مسٽر شيوارام ڦيراڻي انعام 10 رپيا.
اخبار تعليم جي ڪارڪردگي ۽ معيار کي وڌائڻ خاطر اخبار جي ليکڪن جي همت افزائي ۾ کين انعامي سلسلو قائم ڪيو وڃي، جيڪو ڪافي سمي کان هلندو اچي ٿو، پر اپريل 1940ع واري پرچي ۾ رسالي جي مضمون نگارن جي تعريف ۾ وضاحت سان لکيو ويو ته ليکڪن تعليم جي هر ڪنهن موضوع تي بهترين مضمون پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪيا. مثال تاريخ ڪيئن سيکارجي ۽ پاڙهجي. انگي حساب جي خشڪ مضمون ۾ دلچسپي ڪهڙِ نموني پيدا ڪجي، اسڪولي انتظام تي ”منهنجي ماستري ۽ منهنجو آمودو“. ڍلو شاگرد، جسماني سزا، اسڪولي دفتر مان لاگ بوڪ وغيره تي لکڻ، جاگرافي ڄاڻ وڌائڻ، قديم هندستان جي تجارت، سفر يا سير ڪرڻ، ميگينٽ لائين فيڊريشن لفظن جي کول ڪرڻ، علم صحت، صفائي جا اصول، اڻپورو کاڌو، اکين ۽ ڏندن جي سنڀال زهري گئسون، دماغ جي برقي لهرين جي کوجنا، يورپ جي تعليمي طريقن جا ڪارناما ڪنڊرگارٽن، مانيٽسوري وغيره ڍنگن کي کولي سمجهائڻ، پرڏيهي ۽ ڏيهي ڏاهن ماڻهن جي سوانح عمريون ۽ ڪارنامن مٿان لکڻ، جهڙوڪ روسو، فروبيل، ارسطا طاليس، مهاتما گاندي، چندر بوس، محمد علي جناح، روز ويلٽ، خانبهادر قاضي غلام نبي، علامه دائودپوٽو، ديوان ڪرمچند هنڱوراڻي وغيره ان ڏس ۾ لکت کي سجائڻ ۽ سينگارڻ ۾ جن مضمون نگارن حصو ورتو تن صاحبان کوڙ ساريون مبارڪون لهڻيون. انهن پنهنجي دماغي صلاحيتن سان رسالي کي سوڀارو ڪيو. اسين سندن شڪرگذار آهيون. تعليمي ميدان ۾ 45 مضمون چٽيندڙن کي 129 رپيا انعام ڏجن پيا، جن ۾ هڪ روپئي کان ٻه ٽي، چار، پنج، ڇهه، ست ۽ ٻارهن رپين تائين ورڇ ٿي ٿئي. لکت جي ڇوٽي ڪرڻ لاءِ ڪن دانشورن جي نالن ۽ سندن انعامي نوازي کي هيٺ آڻجي ٿو:
1- مسٽر ڊي ڪي هنگوراڻي انعام 12 رپيا.
2- مسٽر ايس ايس هنڱوراڻي انعام 7 رپيا.
3- مسٽر بهارمل ريجهو مل انعام 6 رپيا.
4- مسٽر غلام محمد شهواڻي انعام 5 رپيا.
5- مسٽر غلام رباني اعواڻ انعام 4 رپيا.
6- مسٽر حبيب الله ايم ڀٽه انعام 3 رپيا.
7- مسٽر عبدالڪريم چغتائي انعام 2 رپيا.
8- مسٽر جيتراءِ انعام 1 رپيو.
سال 44-1943ع جي انعامي سلسلي ۾ 29 ليکڪن کي 125 رپين سان نوازيو ويو. انعامي لڙهي هڪ رپئي، ٻه رپيا، ٽي رپيا، چار کان ٻارهن رپين تائين هلي. اهڙي تعريفي ورهاست ۾ هيٺيان ڀاڱو نه ٻارهن رپين وارا انعام يافته هئا:
1- مسٽر ڪي ٽي آوڏاڻي انعام 12 رپيا.
2- مسٽر ايس ايس هنڱوراڻي انعام 12 رپيا.
3- مسٽر ڊي ڪي هنڱوراڻي انعام 12 رپيا.
4- مسٽر رحيم بخش ميمڻ انعام 12 رپيا.
5- مسٽر الهه بخش قريشي انعام 12 رپيا.

خانگي اسڪولن کي هلائڻ ۽ قوم کي سڌارڻ جو عمل:
لاڙڪاڻي شهر ۾ شام جو گهٽين گهيرن کانسواءِ ريلوي اسٽيشن جي باغڙن ۽ ريلوي پل جي هيٺان ايندڙن ويندڙن جي لاءِ تاش جي راند جو عام نظارو لڳو پيو هوندو آهي. ساڳي سمي جناح باغ ۽ ذوالفقار باغ جهڙن هنڌن تي به هن راند جو چرچو متل هوندو آهي.
مذڪوره راند ۾ فقط رانديگرن جي ذاتي خواهش، ذوق ۽ راند جي خاص فني ٻولي جو پورائو ٿيندو رهي ٿو. هن راند ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ هنڌ ويٺي راند ملهائڻ ۾ ورزش جو ڪو به عمل دخل نه هوندو آهي. رهندو گهڻي ويهڪ جي ڪري ماڻهوءَ جي ٿولهه ۾ واڌارو ٿيندو رهندو آهي،
اهڙين راندين جي بدران جيڪر ورزشي ادارا کڙا ڪيا وڃن ها، جن ۾ هن قسم جا واندا ماڻهو پنهنجو بدن سنواريندا ۽ سڌاريندا رهن ها ته جيڪر ڪيترو نه بهتر رهي ها.
مٿين راند کانسواءِ ڏسجي ٿو ته شهر ۾ هڪ ٻي به بهترين وندر جي ڌُن هلندي رهي ٿي، جنهن ۾ جسماني هل چل جو مزو ۽ جذبي جي پذيرائي ٿيندي رهي ٿي. ساڳي وقت روحاني شوق ۽ جذبو به ڏيکارجي ٿو، اهو شهر لاڙڪاڻي جي خانگي اسڪولن جي وندر ۽ جوڙجڪ مان پڌرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن مان ٻه ڪاڄ سرن ٿا. ٻارن کي پاڙهيندي استادن جي بيروزگاري ۽ ٻارن جو وري نشئي ۽ داداگيري وغيره جي انڊسٽري جهڙن مسئلن کان نجات ملي ٿي.
بيان ڪيل تاش راند جا ڇيها ٽوٽا ۽ پڙهائي جا نفي ۽ خير جا ڪارناما آهن، جن جي باري ۾ ڀلائي بهتري ۽ چڱائي موچاري ڳالهين جي حامي ۽ ساٿي دوستن جي عام راءِ جو فيصلو آهي ته سيکارڻ ۽ سڌارڻ جو عظيم ۽ مقدس عمل سکيا ۽ تعليم آهي، جن جي راهه رستي کي واضح ڪجي ٿو. لاڙڪاڻي شهر ۾ خانگي سکيا گهرن جو ڄار وڇايل آهي. جن مان مون کي ياد آهن ۽ وڃي زيارتون ڪيون آهن، نصاب ۽ پڙهائي باري ۾ کانئون پڇا ڳاڇا ڪئي تن کي پنهنجي يادگيري تي سانڍي ڇڏيم، جتان مختصر احوال پيش ڪجي ٿو جنهن کي 8 يا 10 سال ٿيندا.
1) محترم پروفيسر مختيار احمد سمو صاحب جنهن لاهوري محلا لاڙڪاڻي ۾ ”ناليج سينٽر“ کڙو ڪيو، جنهن جي وڏي جاکوڙ ۽ سندس ذوق چوٽ چاڙهيو آهي، انهيءَ تعليمي گهر مان ڪيترا شاگرد سي ايس ايس جون سندون وٺي چڪا آهن، جن ۾ مسٽر طاهر حسين سانگي صاحب آهي.
2) معزز محمد ڄام کوکر صاحب: ساڳيو لاهوري محلي ۾ ڇوڪر ۽ ڇوڪرين جا ڪلاسز پنهنجي تعليم گهر ۾ هلائيندو آيو آهي، ڪافي عمر تائين خدمت ڪندي ڇڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي، پر محلي وارن جي اسرار تي کيس فيصلو مٽائڻو پيو آهي، هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، شاگردن کان في به معمولي نموني ادا ڪندو آهي.
3) مسٽر نذير احمد تونيو صاحب: ٽئنڪ چوڪ تي تعليم جي ذوق ۽ خدمت ۾ مصروف رهيو آهي. ڪيترا ٻار هن جي رهبري ۽ فيض ۾ فيضياب ۽ فضيلت وارا ٿيندا رهن ٿا، جنهن جي جاکوڙ جي ڪيتري به ڪٿ ڪجي سا اڻپوري رهندي، سندس ڪاوشون ۽ ڪوششون قابل داد آهن.
4) مسٽر اڪرم انصاري صاحب: باقراڻي روڊ سان پنهنجي ذاتي ڪاوشن سان سکيا گهر کي هلائي، تعليمي عمل کي چارچنڊ لڳائي رهيو آهي، سندس تعليم جي چرڍي جي سٺي واکاڻ پئي هلي، هر هڪ محنتي ۽ ذوق وارو پنهنجي ڌنڌي کي وڌائڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي، ان رخ ۾ هي استاد به تيز تر رهيو اچي ٿو.
5) مسمات محترمه زبيده خاتون صاحبا: پنهنجي ٽئنڪ چوڪ کان هاءِ اسڪول هلائي رهي آهي. محترمه سان منهنجي تعليم جي باري ۾ گڏجاڻي سندس اداري ۾ ٿي چڪي سکيا گهر جي ڪارڪردگي ۽ سندس تعليم سان ذوق ۽ ٻارن ۽ والدين سان تعاون، سهڪار ساراهه جوڳو رهيو اچي، پنهنجي ڄاڻ ۽ خدمت اداري لاءِ وقف ڪيل آهي، ان ڪري هن جي رهبري اداري جي لاءِ سودمند رهي ٿي.
6) مرحوم و محترم شمس الدين ابڙو، سانگي: سندس محترمه نياڻي جناب والد بزرگوار جي نالي تي هلائي رهي آهي. سکيا جي باري ۾ ساڻس ملاقات هن اداري ۾ ٿي چڪي. حقيقت ۾ سندس ڏاڏو خانصاحب علي خان صاحب ابڙو تعليم جو آفيسر ٿي گذريو، هن جو ڪيترن علمن سان واسطو رهيو. هو صاحب مفسرالقرآن پاڪ به هو، هي ادارو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، تعليم جي ڪارڪردگي ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڏي واکاڻ جي لائق آهي. هي ادارو گهڻن ٻارن بجاءِ ٿورن کي داخلا ڏيڻ پسند ڪندو آهي.
7) سکيا گهر ريشم گلي: هي ادارو مسٽر شاهد مهيسر تيار ڪيو، جنهن صاحب تعليم ۽ سکيا کي زور وٺائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، جهڙي ريت هن سکيا گهر کي زور وٺرايو تهڙو هن پنهنجي تعليمي ڪيريئر کي به چاڙهاڪو ڏنو. اهڙي ريت هن سي ايس ايس جي ميدان ۾ ڪامراني لڌي ۽ هن وقت هو ڪٿي ايس پي پوليس رهيو اچي ٿو.
8) رتيديري لاڙڪاڻي شهر روڊ سان سکيا گهر: هي تعليم گهر لاڙڪاڻي شهر جي اترين پاسي، رتيديري روڊ جي اوڀر پاسي ڏانهن لڳايو ويو آهي، هن اداري جا سرپرست ٻه ڀائر عباسي آهن، جن جي نگراني هيٺ هن سکيا گهر جو انتظام ڏاڍو سهڻي نموني هلندو رهندو آهي. اڪثر ڪري خانگي سکيا گهر شام جو پنهنجا تعليمي جوهر ڏيکاريندا آهن، صبح جو محترمه زبيده صاحبه اسڪول محترمه مسز شمس الدين ابڙو ۽ عباسي ڀائر تعليمي گهر سکيا جي خدمت ۽ تربيت صبح جو شروع ڪندا رهندا آهن. هنن ٻن ڀائرن جون تعليمي ڪاوشون ۽ ڪوششون سٺي انداز سان هلي رهيون آهن، عباسي تعليمي گهرجي آسپاس سندن مقابلي جو ڪو به ادارو نه آهي، ان ڪري کين ٻارن ڪٺو ڪرڻ ۽ تعليمي ڏيڻ جو کين چڱو موقعو ملي رهيو آهي. سکيا جي نواڻ، پڙهائڻ جو ڍنگ ۽ تعليم جي ترقي جي مٽ سٽ جي طريقن جي باري ۾ سائين محمد ڄام کوکر صاحب ۽ عباسي ڀائر گڏيل فائدا وٺندا آهن.
9) ”الماس سکيا گهر“: هن اداري کي استاد سڌير احمد شام جو هلائيندو هو، پنهنجي جاءِ نه هئڻ ڪري، مسواڙي جاين تي سکيا گهر کي هلائيندو رهندو هو. بلند آواز، کڻائي قد، خود اعتماد استاد ٿي رهيو. پڙهائي ۾ 35 منٽ، 40 منٽن بدران 50 منٽ پڙهائي ته ڪا ڳالهه نه آهي. سکيا گهرن جي مٽ سٽ ته هوندي هئي، تعليمي گهر جو نالو نشان هڪڙو ئي مشهور رکيائين، جيڪو نالي سان هاڪارو رهيو. اهو ”الماس سکيا گهر“. بهتر، چڱي ۽ سٺي پڙهائي جي ڪري ٻارن جو عدد وڌندو رهندو هو ته نائب استادن کي به هن وٽ روزگار ملندو هو، خرچ ڪرڻ ۽ نائين کي خوش رکڻ ۾ دلجي ڪشادگي هئڻ ۾ فخر ڄاڻندو هو. کل ڀوڳ ۽ مذاح هن جي فطرت ۾ شامل رهندو هو. پڙهائڻ ۽ سيکارڻ ۾ به سخي رهندو هو. تعليم گهر کي ڪڏهن سيئو بازار ڪڏهن بند روڊ ڪنهن وقت رائل روڊ لاڙڪاڻي سان جدا جدا جايون مٽائيندو هلندو هو، پر نالو ”الماس درس گاهه“، ساڳيو رهندو هو. نيٺ هن سائين جو به تشخص الماس وارو استاد ڳائبو رهيو.
جيڪڏهن روزانو اهي ئي ڀيرا ڀرڻ، ماڳ پسڻ ۽ چڪر ڪاٽڻ ۾ هلندڙ گهمندڙ ڪڪ ٿيو پون ته پوءِ پکي ويڙهائڻ جانور ويڙهائڻ، ڏاند، گهوڙا ڊوڙائڻ، ولايتي پاڻي پيئن وغيره قسمن جي هنڌن جون حاضريون ڏيڻ ۾ ڏوڪڙ پئسو چٽ ڪرڻ، بدني سونهن سوڀيا ۽ سگهه وڃائڻ ۾ ڄمارون غرق ڪندي خوشي تسڪين محسوس ڪن ٿا. ان حالت ۾ ٽين ڌر کان انساني ڀلائي جي باري ۾ فيصلو وٺڻ گهرجي ته ڪهڙي ڌر فائدي ۽ لاڀ وٺي رهي آهي.
دنيا جو ڪم ڪار پورو ڪرڻ ۽ واندي ٿيڻ کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ منهنجو ذوق رهيو هو. شام ويل لاڙڪاڻي ۾ پيرين پيادو دورو ڪندو رهندو هوس. 1994ع ۾ ثانوي سکيا تان ريٽائرڊ ٿي ويس. ان بعد به ساڳيو شوق جاري هوندو هو. جيئن ته ساهوارا پنهنجي فطري لاڙن ڏانهن نوڙيل رهن ٿا. ان وهنواند ۽ پسندي پٽاندڙ ٻه شعر سنڌي ۽ پارسي آهن:
هڪ سنڌي شعر:
ولـر ڪيو وتن، پرت ڇنن نه پاڻ ۾
پسو پکيڙن ماڻهيان ميٺ گهڻو.
ٻيو پارسي شعر:
کند هم جنس باهم جنس پرواز
کبوتر با کبوتر باز با باز.
ساهوارن جا وڙ، جنسون، ٽولا ۽ جماعتون پنهنجن جماعتن سان اڏرن ۽ هلن ٿا. ان ريت ڪبوتر، ڪبوترن سان ۽ باز وري بازن سان هوا ۾ هلندا رهن ٿا.
ڪي ماڻهو پنهنجي تاش جي ذوق ۾ هر شام جو سٿران ڪٽيندا رهن ٿا. انهن ٻنهي سائقن جي ڀيٽ ۾ استاد ۽ شاگرد وري تعليم جي عشق شوق ۾ سج جون پويون گهڙيون خانگي تعليم گهرن ۾ سيکاريندي ۽ سکندي مزي ۾ گهارين ٿا.
مون کي 2008ع کان پوءِ ٽنگ جي ڪينسر جي ڪري شام جو سير ۽ گهمڻ وسري ويو ۽ اها وندر ۽ ورهه بند ٿي چڪو. باقي هٿ ڪيل مواد ڊائري جي شڪل يا يادگيري ۾ رکندو رهندو رهيو آهيان، جنهن کي ضرورت وقت ڪم آڻيندو هلان ٿو.
صبح جو خانگي اسڪول شايد ٽي پيا هلن، جن ۾ زبيده هاءِ اسڪول، مرحوم شمس الدين ابڙو اسڪول ۽ عباسي ڀائرن جو گڏيل اسڪول شاندار نموني پڙهائين پيا. ڇهه خانگي اسڪول شام جو ڪم ڪن پيا.
مٿين واٽ سان مهانگائي جو ڏڪر ڏڪري پوي ٿو. ٻئي پاسي سکيا جو پورائو به ٿئي پيو. جيڪڏهن ان ريت سکيا سندي سلهٽ سرجي ٿي ته اهڙي قسم جو چيرو به ٺهندو رهي ٿو. خانگي اسڪول بيهڪ جي مد ۾ ڇڙو عباسي ڀائرن وارو اسڪول شهر جي اسڪولن کان پري ۽ اتر پار پوي ٿو. بقايا اٺ اسڪول لاڙڪاڻي شهر جي گولائي دائري ۾ آهن، جن ۾ سائين محمد ڄام کوکر صاحب جو سکيا گهر، ناليج سينٽر، الماس، ريشم گلي، مرحوم شمس الدين ابڙو اسڪول، اڪرم انصاري اسڪول، نذير تونيه اسڪول ۽ محترمه زبيده هاءِ اسڪول آهن.
ان روءِ منهنجو حافظو نون خانگي اسڪولن کي يادگيري جي دائري ۾ سانڍي رکڻ جي قابل ٿيو آهي. شايد اڃا ڪيترا سکيا گهر منهنجي نظر جي نشاني تي چڙهي نه سگهيا هجن، تن جي پڌرائي ۽ شهرت رهجي وئي هجي، انهن کان معافي جو طلبگار رهان ٿو.
خانگي اسڪولن جو مانڊاڻ ڏاڍو تيزيءَ سان هلي پيو، جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سرڪاري سکيا گهرن کي وڻ ويڙهي جي لنجهڻ وڪوڙي رهي آهي.

جناب علي خان صاحب ابڙو سانگين ۾ هيرو

جناب علي خان صاحب ابڙو سانگين ۾ هيرو

سندن والد فقير محمد عمرو ابڙو اصل لاڙڪاڻي ضلعي تعلقي ميروخان ڳوٺ محبوب جو بنگلو، جتان لڏ پٽي ميهڙ شهر کان 6 ميل پري اولهه پاسي شاهه گودڙي کان اوريان پوٺي تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جنهن کي عمر سانگي ڳوٺ چون ٿا. هن وسندي مٿان ڀاڳن ڀريا علي خان سانگي 1888ع ۾ ڄائو جن اڳتي هلي پاڻ کي ابڙو چوائڻ شروع ڪيو. جڏهن ته ابڙو هڪ جنرل ڪاسٽ آهي ۽ سانگي سب ڪاسٽ آهي. ابڙي ذات ۾ ڪيتريون ئي ذاتيون اچيو وڃن. سانگي ابڙي ذات جي هڪ شاخ آهي، جيئن ته جيها ابڙا، جيهيجا ابڙا، راهوجا ابڙا، بڪيجا ابڙا، ڪاڪيپوٽا ابڙا، سانگي ابڙا وغيره.
ابڙو صاحب ماهر نفسيات، سکيا ۾ برک، تاريخدان، سنڌي، اردو، انگريزي، عربي، پارسي ٻولين مٿان دسترس ۽ هندي زبان ۾ به ڄاڻ رکندر، بدن سنهڙو، پترو، سڄاڻ سپيتا، سدائين علمي ڳالهين ۾ رڌل، مورن جهڙا، ڀاڳين ڀريا، مکڻ جيان نرم دل، ماکي وانگر مٺڙا ماڻهو، درياءَ دل، تعليم تربيت ۾ هندو توڙي مسلمان سان هڪجهڙو برتاءُ، اسلام سان محبت، مفرسر المنير جو شارح، تفسير لکڻ ۾ ڪيترن علوم جي گهرج پوي ٿي، جهڙوڪ منطق، تاريخ، ٻولي جي لذت ۽ گرامر جا قاعدا قانون، مثال، تمثيلون وغيره کانسواءِ فقهه احاديث ۽ جدا جدا مفسرن جي تفسيرن جو مطالعو ڪرڻ، ضروري ٿيو پوي.
تعليم پرائڻ: سيڪنڊري سکيا کان هايئر ۽ يونيورسٽي تائين اول نمبر ماڻيندڙ، بامبي دارالعلوم ۾ هڪ لاڙڪاڻي واسي هندن توڙي مسلمانن ۾ پهرين نمبرن ۾ اچڻ ڪري بامبي يونيورسٽي جو ”فيلو“ مقرر ٿيا. بامبي يونيورسٽي ۾ سنڌ، گجرات، راجستان، مهاراشٽر ۽ پونا پنج علاقا هئا، جن ڇهن پرڳڻن جي شاگردن بامبي خود يعني ستن علائقن ۾ اول نمبر ۾ ايندا رهيا. جن ابڙا سانگي ذات کي سکيا جي ميدان ۾ روشن رکيو. هي سانگين جو هيرو 17 جولاءِ 1954ع تي قائم شاهه قبرستان لاڙڪاڻي ۾ دفن ٿيو.
جناب علي خان ابڙو پنهنجي اعليٰ ذهانت، جرئت ۽ تعليمي، ماهر جي حيثيت سان ملامخزن ۾ ليک ڏيندي ٻڌائيندا رهندا هئا ته تعليم جو مقصد الله تعاليٰ جي عبادت ۽ سندس احڪمان جي فرمانبرداري آهي، مالڪ الملڪ جي عبادت تڏهن ڪري سگهبي جڏهن بدني، دماغي، اخلاقي ۽ روحاني قوتون سالم ۽ سلامت هونديون. انسان چاڪ چوبند نه هوندو ته دنيا ۾ ڪجهه به نه ڪري سگهندو.
پڙهائي جو ڍنگ: مغربي ملڪن تعليم جي راهن ۽ رندن ۾ سڌارا آندا آهن. لکين تجربن جا ڪتاب ڇپيا آهن. استادن ڪيئي ڪانفرنسون ڪري، پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. جيڪڏهن علم ڪنهن کي مطالعو ڪندي ڀانءِ پيو، ته هو وڌيڪ ڪتاب اڀياس ڪندو رهندو. ان ڪري اهڙن علم دوستن کي علم جا ذخيرا ۽ خزانا هٿ چڙهندا رهندا، ان حالت ۾ اهڙا ماڻڪ موتي دانشورن ۽ عالمن جي صف ۾ اچي بيهندا رهندا.
بالغن جي تعليم مٿان ڏنل هدايتن جو نچوڙ:
ٻاراڻو درجو جنهن کي سنڌي تعليم جو بنياد سڏجي ٿو. ان لاءِ ٻاراڻي درجي جي پڙهائي وڏي ذوق ۽ هوش سان ڏيڻ کپي، جيڪڏهن هن ڪتاب جو صحيح نموني ۾ پڙهائي جو ڍنگ اچي ويو ته شاگرد تيزيءَ سان ٿوري وقت ۾ صحيح سڳ سان هلڻ شروع ڪندا.
ڏيهي ۽ پرڏيهي استادن جي پڙهائي جي ڀيٽ ۽ ڪٿ:
سنڌ جا استاد تعليم جا مسائل ۽ ٻولي جا اصول 9 مهينن ۾ سيکاري وڃن ٿا، هندستان جا ٽن مهينن ۾ ۽ ولايت جا استاد هڪ ماهه ۾ پڙهائي ڄاڻن ٿا.

علامه علي خان صاحب ابڙو جن جا پڙهائي ۾ ذاتي تجربا:
اخبار تعليم جنوري 1931ع تي جناب علي خان صاحب ابڙي جن جو موڪليل تعليمي تجربو:
مون پنهنجي هڪ ننڍڙي ڇوڪر جمال الدين اٽڪل پنج سالي عمر واري کي پڙهائڻ شروع ڪيو، مهيني ٻن ۾ فقط پنج منٽ صبح ۽ 5 منٽ شام ڌاري تعليم ڏبي هئي. پوءِ آهستي آهستي پڙهائي جي رفتار وڌائي اڌ ڪلاڪ صبح ۽ اڌ ڪلاڪ شام جو تعليم ڏيندو هوس. پنجن مهينن جي عرصي ۾ جمال الدين ٻاراڻو درجو پورو ڪري ورتو. انگ سؤ تائين ۽ کوڙا پنجن تائين سکي چڪو جمال الدين جيڪي پڙهي ٿو، سو سمجهي ٿو ان ڪري پڙهڻ مان کيس مزو اچي ٿو. سوالن جوابن کي جملن ۾ ادا ڪري ٿو، هن جا اکر پهرين درجي وارن شاگردن جهڙا آهن، پر اڃا به بهتر ٿيندا.

هڪ تجرباتي مثال:
جيڪڏهن توهان جي ٻاراڻي ڪلاس ۾ 30 شاگرد آهن، ته انهن کي پنجن ۽ ڇهن ٽولن يا ڀاڱن ۾ ورهائجي ۽ هر هڪ ڀاڱي کي صبح جو اڌ ڪلاڪ ۽ شام جو اڌ ڪلاڪ تعليم ڏجي ته ڪافي ٿي پوندو. باقي وقت کي واري واري تي لکڻ ۽ شين سيکارڻ جي ٺاهه ٺوهه ٺاهڻ ۾ ڪم آڻجي. انهن طالبن مان ڪي ڇوڪرا هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا ته ان حالت ۾ استاد هڪ ٽولي کي ڪم سيکاري ڀَڙ ڪري سگهي ته شاگردن جا ٻيا ڀاڱا پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٻئي سان مدد ڪن.
مان ٻاراڻي ڪتاب کي نئين قاعدي موجب جملن سان پڙهايم. ٻي صورت ۾ استاد سنڌي ٻولي جا 52 اکر پڙهائي. پوءِ زيرون زبرون وغيره سيکارين ٿا. انهن کان پوءِ ٻاراڻو ڪتاب شروع ڪرائيندا آهن. ان ڍنگ پڙهائڻ سان ڇهه مهينا يا وڌيڪ وقت لڳائي سگهن ٿا.

لفظن ۽ آوازن کي ورهائڻ ۽ آوازن کي گڏي لفظن سيکارڻ جو طريقو اختيار ڪيو:
هن نموني پڙهائڻ ۾ مان پهرين ڏينهن تي 3 منٽ ڪم ڪيو. ڇوڪرو آواز ڪڍڻ ۽ آوازن مان لفظ ٺاهڻ سکي ويو، ان تجربي پٽاندڙ ڇوڪرو پاڻ ٻين کان سوال پڇڻ لڳو ته، ”ا-ن-ب-جو-و-ڻ“.
مون جواب ڏنوته ”انب جو وڻ“. پوءِ ته ٽن کان چئن مهينن تائين ڇوڪري لاءِ پڙهڻ سکڻ هڪ قسم جي عجيب ۽ مزيدار راند ٿي پئي.
آواز کان پوءِ ٻن ڏينهن بعد پهريون سبق هن ريت جاري ڪرايو، اک لفظ ۾ ڪهڙا ۽ گهڻا اکر آهن، جواب مليو ته ٻه اکر ۽ ٻه آواز آهن. چي ا. ان نموني اَڪُ- نَڪُ- اَٽو- لَٽو وغيره. قسم جهڙيون مشقون شروع ٿي چڪيون.

”ابڙي صاحب جن جي خاندان سان ڏيٺ ويٺ“:
اسان جي دودائي ڳوٺ ۾ ابڙي صاحب جن جي ڪٽنب مان ٻه گهر ڪوڙو خان ۽ محمد رمضان سانگي رهندا هئا، جن سان ابڙي صاحب وارن جا گهرو ۽ گهرا لاڳاپا هوندا هئا. هو دودائي ۾ گهمڻ ايندا هئا. ان ڪري مسٽر شمس الدين ابڙو ولد علي خان ابڙو علائقائي اليڪشن ۾ غلام رسول خان ڪيهر سان مقابلو ڪيو جنهن ۾ تڪ جي سانگين مسٽر شمس الدين ابڙي جي مدد ڪئي. ان ڳالهين جي ڪري هن سان اسان جا مراسم ۽ واسطا رهيا ۽ رهندا آيا.
مان 1967ع ۾ بي ائڊ ۽ 1970ع ۾ ايم ائڊ حيدرآباد اولڊ ڪئمس سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهي ۽ ڊگريون ورتم، جتي مسٽر جمال الدين ابڙو صاحب سب جج جي حيثيت سان جڊيشري ۾ نوڪري ڪندا هئا. موصوف ڏاڍا سٻاجها، نرم دل، همدرد، سپيتا ۽ نهٺائي جا ٻنا هئن. محترم جمال الدين ابڙي صاحب جن سان سندن رهائش لطيف ڪالوني حيدرآباد ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي مون کان پڇا ڪيائون ته هي ماڻهو ڪير آهي؟ مان بي خبري جو اظهار ڪيو، پاڻ ٻڌايائون ته هي محترم ڄام محمد صادق ولد ڄام ڪانڀو خان آهن، هي بابا علي خان صاحب جا شاگرد ٿي رهيا آهن. ان ڪري ساڻن رهاڻ پئي ٿيندي آهي. ان نموني منهنجي ڏيٺ ويٺ ڄام صاحب جن سان ٿي. ڄا۾ صاحب جن کي انچ کن ڏاڙهي، وڏيرا شهپر، ڪپڙن ۾ پينٽ ۽ سيم تي سنڌي جتي پيل هئي، بدني ڍانچو ڍڪيل،.

اخبار تعليم جا انعام:
جن صاحبن تعليم اخبار ڏانهن توجهه ڏيئي ان لاءِ ڪارائتا مضمون موڪليا آهن، انهن سڀني صاحبن جا اسين تهدل شڪر گذار آهيون. سنڌ ۾ فقط هيءَ ئي اخبار آهي، جا هر هڪ ننڍي خواهه وڏي اسڪول ۾ ماهوار پهچي ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ جتي ڪا به لائبريري يا ريڊنگ روم نه آهي، جنهن مان ماستر خواهه شاگرد علمي ذخيرو وڌائي سگهن يا دليا جو واءُ سٽاءُ لهي سگهن، اتي اخبار تعليم اهي گهرجون پوريون ڪري ٿي ۽ سندس جهونا فائيل ماسترن خواهه شاگردن جي مشڪلاتن حل ڪرڻ ۽ وندڪائي ۾ وندر ڏيڻ جو عمدو ذريعو بڻجن ٿا. انهن سڀني ڳالهين جي مدنظر تي سنڌ جي هر هڪ اهل علم صاحب کي اسين استدعا ٿا ڪريون ته اهڙي قومي ۽ تعليمي اداري کي دلچسپ ۽ بهترين بنائڻ لاءِ پنهنجي قلمي سزا سان هميشه سرفراز ڪري اسان کي مشڪور ۽ ممنون ٿيڻ جو موقعو ڏيندا رهن.
گذريل سال جا انعام هيٺئين موجب تقسيم ڪجن ٿا. سڀ صاحب پنهنجيون ايڊريسون موڪلي گهرائي وٺن. انعام جي تقسيم ۾ صفحن جي انداز جو البت لحاظ رکيو ويو آهي.
1- مسٽر علي خان صاحب ابڙو ايم اي- 5 رپيا
2- مسٽر تاج محمد صاحب ايڊمنسٽرير آفيسر لاڙڪاڻو- 10 رپيا
3- مسٽر شيوا رام صاحب ڦيرواڻي ايم اي شڪارپور- 10 رپيا
4- مس ٺاڪري وليرام لکاڻي ايم اي- 5 رپيا
5- مسٽر گوبند رام صاحب ناٿاڻي بي اي- 15 رپيا
6- مسٽر سکرام داس صاحب هنڱورائي بي اي- 15 رپيا
7- مسٽر غلام رباني صاحب اعواڻ- 15 رپيا
8- مسٽر بهار مل ريجهو مل صاحب هيڊ ماسٽر- 15 رپيا
9- مسٽر مولچند منگهو مل صاحب واسوائي- 3 رپيا
10- مسٽر شير محمد محمد صاحب صاحب رٽائرڊ ڊپٽي ايڊيو ڪيشنل- 4 رپيا
11- مسٽر پرڀداس قيمتراءِ ٽيون سال ٽريننگ ڪاليج- 3 رپيا
12- مسٽر محمد جڙيل اريجو ٻيو سال ٽرينگ ڪاليج- 3 رپيا
13- مسٽر گوبند رام ريوا چند منسکاڻي شاگرد نيشنل ڪاليج- 2 رپيا
14- مسٽر خير محمد سونو خان هيڊ ماسٽر منگهوپير- 2 رپيا
15- مسٽر گوڪل سنگهه پچا سنگهه لاڙڪاڻو. 2 رپيا
16- مسٽر فقير عبدالواحد مئنيجر مدرسه حاجي جمع- 3 رپيا
17- مسٽر نولارام موهنداس هيڊماستر سونو جتوئي لاڙڪاڻو- 3 رپيا
18- مسٽر منشا رام ڀاڳواڻي آرائين سکر- 3 رپيا
19- مسٽر ايسرداس پهريون سال ٽريننگ ڪاليج- 2 رپيا
20- مسٽر گورمکداس انگلش ٽيچر ڏهرڪي- 2 رپيا
21- مسٽر ڀوڄو مل جيولرام سيڪريٽري ڪانفرنس نوابشاهه- 3 رپيا.

ڪلهوڙا دور جي غلط تاريخي ماڳ “دهر” جي درستي

ڪلهوڙا دور جي غلط تاريخي ماڳ “دهر” جي درستي

سنڌ ۾ هندو گهراڻي کان پوءِ گهڻو ڪري، سنڌ جي گادي هيٺين سنڌ جي شهرن ۾ رهندي آئي آهي، ان ڪري تاريخدان ۽ ليکڪ به لاڙ سان سلهاڙيل رهيا، جن سنڌ جي تاريخ ۾ اتر سنڌ جي ماڳن، مڪانن، ٿاڪن ۽ ٿاڻن جي اپٽار ڪئي آهي، اهڙي وستار ۾ سري جي شهرن جا نالا اڌورا ۽ اڻ پورا لکي ويا آهن، مؤرخ مقرر مقام ڏسي نه سگهيا آهن، يا هڪ هنڌ ويٺي تاريخ لکي ۽ سموهي ويا، جن جا ٻه ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.
(1) ليکڪ هن ڏيهه جا رهاڪو نه هئا.
(2) لکت سنڌيءَ بدران عربي ۽ پارسيءَ ۾ هئي.
مٿين ڪارڻن جي ڪري ڪلهوڙا دور جي تاريخ نويس جناب غلام رسول مهر صاحب ڪلهوڙا تاريخ پارسيءَ تان نقل ڪندي اردوءَ ۾ لکي آهي، اتر سنڌ جي شهر ويهڙ کي ”دهر“ لکيو آهي، ڇو ته پارسيءَ وارن خود ساڳي ”دهر“ جي صورتخطي ڪم آندي آهي، فاضل ليکڪ جي اردو تاريخ کي سنڌي ترجمان به ترجمو ڪندي ساڳيو بيان ڪيو آهي، پوءِ به هن هنڌ کي موصوف مؤرخ تحقيق طلب چئي ڇڏيو آهي، انهيءَ ماڳ کي پڙهندي، هي لفظ پروڙ جي دائري ۾ هورا کورا جو ڪارڻ بڻجي ويو. جنهن کي ڳچ سمي تائين پرکي ۽ پروڙي پارکو ساٿين آڏو پيش ڪجي ٿو.
سنڌ جي گاديءَ ڌڻي ڪلهوڙا حاڪم ميان نورمحمد جي خلاف سندس ننڍي ڀاءُ ميان دائود بغاوت ڪئي، ميان نور محمد فساد کي ٽارڻ لاءِ درياءَ جي وسيلي خدا آباد کان ويهڙ بندر تي لنگر هنيو، جيڪو هٽڙي شهر کان برابر اٺ ڪوهه پري هو، جنهن جڳهه جي لاءِ معزز تاريخدان مهر صاحب تاريخ ڪلهوڙا جي جلد اول، صفحي 357 ۾ ميان نور محمد جي زباني بيان ڪري ٿو:
‘‘اس اثنا میں بھائی نے گزر گاہوں پر مورچہ بندی کرلی، توبیں لگادیں اور چند بے سروپا آدمیوں کی لاف و گراف کی بنا پر دور اندیشی کو خیرآباد کہہ دیا۔ جب میں مورچہ بندی کے مقام سے تین کوس پہ پہنچا اور یہ مقام ھٹری سے کوئی آٹھ کوس ہوگا۔’’(ص۔۲)
حقيقت ۾ هٽڙيءَ جي چوپاسي اٺن ڪوهن واري پنڌ تي اهڙو دريائي بندر وارو وڏو شهر ويهڙ کان سواءِ ڪو به نه آهي، نه وري اڳي هو، جيڪڏهن ٻيا سوئي وغيره بندر رهيا آهن ته اهي وري هٽڙي شهر جي حدن تائين گهٽ مفاصلو رکن ٿا، ٻي حالت ۾ دهر جي حقيقي لفظي ساخت سان به ويهڙ جي صورتخطي ملي سگهي ٿي، ان ڪري بهتر ٿيندو ته هن ڳجهارت کي حل ڪرڻ ۽ ويڃائڻ جو ويچار ڪجي، ته جيئن دانشور دوست صحيح نبيري ڪرڻ ۾ پڻ سهائتا ڪن، ڦڏي کي دور ڪرڻ لاءِ ويهڙ کان هٽڙي تائين 16 ميلن جي اندر ڪچي جي وسندڙ واهڻن کي لکجي، ته جيئن هيٺين ڳوٺن ۽ واهڻن جي صورتخطي کي ڀلي ڀت ڀيٽي سگهجي:
ويهڙ ڳوٺ، سوئي چنا ڳوٺ، راوت کيڙو ڳوٺ، کچي ڳوٺ، ٻه ٽڳڙ ڳوٺ، عبدالستار مهر ڳوٺ، ڀاڳت ڳوٺ، ملاحن جو ڳوٺ، ٻڍل جوڻيجو ڳوٺ، سونهارو گاڏهي ڳوٺ، دوسو ڪلهوڙو ڳوٺ، احمد ڪلهوڙو ڳوٺ، شهڪاڻي ڳوٺ، جمن ڪلهوڙو ڳوٺ، ڪمال ڪلهوڙو ڳوٺ، هاشم ڪلهوڙو ڳوٺ، وارث ڪلهوڙو ڳوٺ، نانگو شاهه ڳوٺ، خچر پور ڳوٺ، چڪرو ڳوٺ، جمالي ڳوٺ، عمراڻي ڳوٺ، فتح پور ڳوٺ، مٺو آريجو ڳوٺ، علي خان گبول ڳوٺ، چانڊين جا گهر، جيئند ڪلو ڳوٺ، موسو اعواڻ ڳوٺ، امام بخش ملاح ڳوٺ، ماستر عيسيٰ بهڻ ڳوٺ، ڪانورپور ڳوٺ، ڍنڍ ڀر ڳوٺ، مسڻ واهڻ ڳوٺ، ڪريم بخش چنو ڳوٺ، گڏ پراڻي ڳوٺ، هڪڙا ڳوٺ، هليا ڳوٺ، کوهارا ڳوٺ، ڊٻائي ٻرڙا ڳوٺ، گولاڻي ٻرڙا ڳوٺ، ڪريم بخش ٻرڙو ڳوٺ، مراد ٻرڙو ڳوٺ، جواڻ ٻرڙو ڳوٺ، صدر الدين ٻرڙو ڳوٺ، محراب ٻرڙو ڳوٺ، منڌو ٻرڙو ڳوٺ، نهال ٻرڙو ڳوٺ، شريف چنا ڳوٺ، گهرام چنو ڳوٺ، شفيع جو ڳوٺ، علي جتوئي ڳوٺ، سهڻو جتوئي ڳوٺ، ٻڍو جتوئي ڳوٺ، مرچ جتوئي ڳوٺ، سونو جتوئي ڳوٺ، نهال جتوئي ڳوٺ، علي شير جتوئي ڳوٺ، سهڙا ڳوٺ، پراڻو آباد ڳوٺ، حيات خان ممڻاڻي ڳوٺ، عاقل مڱڻيجو ڳوٺ، ميمڻن جو ڳوٺ، شهيدن جو ڳوٺ، مڱريا ڳوٺ ۽ هٽڙي ڳوٺ.
مٿين ڳوٺاڻي وچور کان پوءِ اصلي ماڳ کي هٿ ڪرڻ واري ڳجهارت جي ڳجهه کي پڌري پٽ آڻڻ جي جاکوڙ ڪجي ٿي:
”دهر“ لفظ کي ويهڙ سان ملائي ۽ ڀيٽي سگهجي ٿو، جيئن ته هن لفظ ۾ ٽي اکر آهن، اهڙو ٽن اکرن وارو ڳوٺ، جيڪو سنڌو درياءَ تي وسندو هجي، سو وٿاڻ هٽڙي ڳوٺ جي چئن ڪنڊن ۾ 16 ميلن جي اندر وجود ئي نٿو رکي، پارسي ۽ اردو ليکڪن”دهر“ مقام جي نشاندهي ڪئي، مٿي بحث ڪيل ماڳ جي اڳيان اکر ”د“ کي جيڪڏهن ڇڏي ڏيڻو پوي، ته ساڳي لفظ جو پويون ڀاڱو ٻن اکرن وارو ”هر“ لفظ وڃي رهندو، جنهن کي اچارڻ ورجائڻ سان پڻ ساڳي ساخت ۾ ڪيترا لفظ جڙي پوندا، جيئن مقصد حاصل ڪرڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ اصلي لفظ جي صحت ۽ شڪل جي اڳيان اکر ”د“ اچي ٿو، پر جيڪڏهن انهيءَ پهرين اکر ”د“ جي پويان هڪ فرضي اکر ”ي“ رکجي، ته لفظ ٺهي پوندو ”دي“، انهي نئين تيار ٿيل ”دي“ جڏهن ”هر“ لفظ جي منڍ ۾ آڻي ملائبو ته دي+هر= ”ديهر“ جڙي پوندو، ديهر جي نالي سان به هٽڙي جي وسندي حدن ۾ ڳوٺ نه آهي، پر جيڪڏهن ”د“ اکر کي مذڪور لفظ مان هٽائي ان جي جاءِ تي ”و“ اکر کي آڻبو ته لفظ راس ٿيندو ”ويهڙ“ اهڙيءَ ريت ساڳي لفظ جي آخري اکر جي ”ر“ کي به ”ڙ“ ۾ مٽائبو، ته لفظ ”ويهڙ“ ٿي پوندو، جنهن جي نڪري اچڻ سان نه رڳو مٿين صدين جي ڳجهارت ڀڄي پوندي ۽ حل ٿيندي، پر ساڳي وجود وارو لفظ پوريءَ سنڌ ۾ نشانبر ۽ هٽڙي جي دائري ۾ وڏي ڪڙيءَ ۽ حيثيت وارو دريائي بندر/پتڻ ۽ شهر مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مطلب ڪيترن ڏسين پڻ پڌرو آهي، جيئن ته ”دهر“ عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ۽ مقصد هيٺ ڏجي ٿو:
(1) دهر= دنيا، زمانو، وقت
(2) دهر= مدت العمر
(3) دهر= قسمت، نصيب
(4) دهر= اتفاق، بدقسمتي، مصيبت، خطرو وغيره
مٿين دهر جي معنيٰ ”علمي اردو لغت“ (جامع) صفحي 758 ۾ ڏيکاريل آهي، دهر هتي اسم ٿي ڪم آيل آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جو استعمال هر وقت گهٽ ۽ نه جهڙو ٿيو آهي، جڏهن ته ساڳي لفظ جي صفت سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو پٿريل ۽ وائکي آهي، سنڌي ماڳن ۽ ماڻهن تي دهر نالو نه رهيو آهي، پرهن لفظ جي ڀيٽ ۾ ويهڙ لفظ عام ۽ جام رهيو آهي، جنهن کي ”سنڌي جامع لغات“ جي تشريح سان پنجين جلد جي صفحي 3001 ۾ هن پر پيش ڪجي ٿو:
(1) ويهڙ = ڏوڪري تعلقي جي ديهه جو نالو
(2) ويهڙ = ويهڙون، حد، نشان، ناموس
(3) ويهڙ = ويهڙو ڄائڻ، حد ڪرڻ، نشان ڪرڻ، ناموس ڪرڻ، ضد رکڻ،
لغت جي تشريح کان سواءِ ويهڙ ڪنهن هندو جو نالو (ويهڙمل) به ٿي سگهي ٿو، يا درياءَ جي واهڙ تي ڳوٺ جو نالو واهڙ مان ويهڙ ڳوٺ سڏجڻ ۾ به اچي سگهي ٿو.
ساڳي وقت ويهڙ جو اشتقاق به نڪري ٿو:
ويهڙ: ويءُ+هڙ. ويءُ = چراگاهه، هڙ = سڀ، سمورو، سڀوئي.
ويهڙ = چراگاهه وارو پٽو، سرسبز خطو، ڀاڱو، ٽڪرو، سبز سائو ڳوٺ، شهر، آباديءَ وارو ڳوٺ وغيره.
مٿين مٿاڪٽ ۽ ٽيڪاٽپڻيءَ کان پوءِ ڏسجي ٿو ته ”دهر“ لفظ معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان هٽڙيءَ جي 16 ميلن اندر ڏنل ڳوٺن جي چيري ۾ نٿو اچي سگهي، پر ويهڙ، جيڪو ”دهر“ جي جسم مان ئي ڪڍيو وڃي ٿو، اهو لفظ رکيل معيار تي صحيح ماڳ رسائي ٿو، ويهڙ جي نالي تي اتر سنڌ ۾ ٽي ڳوٺ به آهن، جڏهن ته دهر جي نالي تي سڄي سنڌ اندر ڪٿي به واهڻ، بستي، ڳوٺ، ننگر يا شهر نه آهي، اهڙي ريت ويهڙ ڳوٺ، تعلقي ڏوڪري، تعلقي ميرو خان، ۽ تعلقي سيوهڻ ۾ جدا جدا موجود آهن، جن جو چيرو هيٺ ڏجي ٿو.
(1) پراڻي ويهڙ ڳوٺ:
ڏوڪري تعلقي ۾ گهڻو پڌر پيل آهي، جيڪو هاڻوڪي ويهڙ کان ٽي ميل پري ڳوٺ راوت کيڙي کان پڻ ٽن ميلن تي دريائي ڀر تي وسندڙ، ڏکڻ ۾ سنڌو درياءَ ۽ راوت کيڙو، اولهه اوڀر ۾ ڪچو، ويهڙ ڳوٺ، ديهه، تپو، تعلقو ۽ درياءَ تي پتڻ ٿي گذريو آهي، هن سمي پراڻي ويهڙ درياءَ جي اوڀر پاسي کنڊرات جي شڪل ۾ وکريل آهي، درياءَ هاڻي راوت کيڙي جي ڀرسان وهي ٿو، ويهڙ بندر يا پتڻ اڃا سوڌو راوت کيڙي ڳوٺ جي ڀرپاسي سان پيو سڏجي، ويهڙ جو پهريون دور تعلقي سان، ٻيو تپي سان پڌر پيو، پراڻي ويهڙ جو تپو، يارو لاکير يونين ڪائونسل ۾ آهي، قديم ويهڙ ۾ هندو ۽ ڀاڳت وڏيون ساهيٽيون ذاتيون رهنديون هيون، ٻيون به ڪيتريون ذاتيون چانڊيا، چنا، ماڇي، مڱڻهار به هوندا هئا، جن ۾ جوڻيجا ذات ٽئين نمبر تي هئي، هندو ۽ ڀاڳت هندوستان جي ميرٺ ۽ بمبئي مان مال واپاري، آبي رستي سان سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا هئا، سندن ٻيڙا بندر ڀيڙا ٿي، سڪيءَ لڳندا هئا، جتان اندروني سنڌ جا وڻجارا سکر ۽ حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ننگرن ڏانهن سامان نيندا هئا، ويهڙ جا ويڙهيچا وڏا سکر ۽ ساهيٽا رهيا، مُکي هيرو مل ۽ مير محمد ڀاڳت پڻ گهڻا ناميارا ڌنڌي ڌڻي ڄاتا ويندا هئا، ويهڙ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سبب سنڌو درياءَ هو، پر سندس تنزلي ۽ بربادي جو ڪارڻ ساڳيو ذريعو ئي رهيو، ويهڙ ساڳي هنڌ ڪيترا ڀيرا ڊهيو ۽ ٺهيو.
(2) ويهڙ جو نئون ڳوٺ:
ساڳي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ نيٺ درياءَ جي موج ۽ مستيءَ جي ڪري نئين ويهڙ وجود ورتو، 1908ع ڌاري هندو ۽ مسلمانن ويهڙ جي نئين سر جوڙ جوڙي، جنهن ۾ مسلمانن پاران ڇتي ۽ مالهي جوڻيجن ۽ هندن مان مُکي هيري مل پاڻ گهڻو موکيو، موجوده ويهڙ ديهه ٻڍي ديري، تپي ٽاٽري ۽ يونين ڪائونسل دڙا ۾ آهي، سندس اتر ۽ اولهه ۾ ٻيلو، ڏکڻ جهلي بند آهن، وڏو شاهي ڳوٺ، هزارين ماڻهو رهائي ٿو، منجهس پوليس اسٽيشن، بجلي، پرائمري گرلس کان مڊل بوائيز اسڪول آهن.
(3) ويهڙ ڳوٺ تعلقو ميرو خان:
ميرو خان شهر کان پورن چئن ميلن پنڌ تي ويهڙ نالي ڳوٺ هڪ ڍنڍ تي آهي، حقيقت ۾ ويهڙ نالو ڍنڍ جو آهي، جيڪا اوڀر ڏکڻ کان ڏکڻ اولهه ۾ مستطيل شڪل تي 40 ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي، 10 فوٽ اونچائي اٿس، منجهس ڪم، ڪوڻيون، لوڙهه، مڇي ۽ پکي جام ٿيندا هئا، هاڻي ذڪر يا سم ڊرين سندس وچان نڪري، کيس اجڙ ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن ٽاڻي هنن وٿاڻن تان سنڌو درياءَ جو گذر ٿيو، جنهن جي چٽائي، واريءَ جا دڙا، ڊٻون ۽ڀتون ڪري رهيا آهن، هيءَ ڍنڍ ، درياءَ جي کاڌ، ڪُنُ يا وير هنيل هئي، ان ڪري هتي جا واسي درياءَ جي وير هنيل ڍنڍ کي وير هڙيا ويهڙ چون ٿا، هن ڍنڍ تي پهرين وسندي هڪ مير بحر رستم جي هئي، جنهن کي رستم جي مياڻي چوندا هئا، هن سمي تي چانڊيا رهن ٿا، جن جي چوڻ مطابق سندن وڏا قائم خان ۽ رحيمداد خان سبي بلوچستان مان لڏي اچي ڍنڍ تي آباد ٿيا، ڍنڍ جي اوڀر ڪپ تي ٻه ڳوٺ قائم خان چانڊيو، جنهن جي آدمشماري 350 ۽ رحيمداد خان چانڊيو ڳوٺ جنهن جي ماڻهن جي ڳڻپ 250 آهي، ڳوٺاڻن ڍنڍ کي لٽي زمين ڪرڻ شروع ڪئي آهي، ويهڙ ڍنڍ هاڻي ڇڙو 12 ايڪڙ والاري ٿي.
(4) ويهڙ ڳوٺ تعلقو سيوهڻ:
چورس نما ڳوٺ، ديهه، تپو ٻنڀو، تعلقو سيوهڻ، ضلعو دادو، دادو ڪئنال جي ڪلهي تي اولهه ۾، اتر کان جهلي بند سان لاڳاپيل ڳوٺ، زرخيز زمين، ٻارهوئي آبادي، روڊ، ٽيليفون، بجلي، پرائمري اسڪول ۽ ديني مدرسو اشرفيا سان سينگاريل چانڊين جي وستي رهي آهي، چيو وڃي ٿو ته سندن وڏا سبي بلوچستان جا هئا.
جملي ويهڙ واسين کي ڏٺو وڃي ٿو ته سندن دلين ۾ پراڻي ويهڙ جو خون ۽ خوراڪ سمايل آهي، جڏهن اهو شهر ويران ٿيو، يا ڪن سببن جي ڪري پراڻي ويهڙ ڇڏي هليا ويا، تڏهن سندس رهاڪو پراڻي ويهڙ جو تشخص ۽ ناما چاري کڻي جدا جدا هنڌن ڏانهن راهي ٿيا، ۽ ساڳي تشخص ۽ سڃاڻپ کي وري الڳ الڳ ٿا ڪن ۽ بستين ۾ وسايائون.

ملڪي آزادي جو جائزو

ملڪي آزادي جو جائزو

اَتَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَ تَنْسَوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ اَنْتُمْ تَتْلُوْنَ الْكِتٰبَ١ؕ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ
ماڻهن کي نيڪي جي هدايت ڪرڻ ۾ پاڻ کي وساري ڇڏيو ٿا مقدس ڪتاب پڙهو ٿا پوءِ عمل ڪرڻ
سنڌي ماڻهو انگريز حڪومت جي لشڪر ۾ ڀرتي نه ٿيا، نه هندوستاني ڏيهي رياستن خلاف سامراجي حمايت ۾ وڙهيا، نه وري سرڪاري مفاد خاطر دنيا جي ٻين ملڪن سان وڃي لڙيا پر سامراج جي اهڙين حڪمت عملين جي ابتڙ سنڌي ماڻهو سنڌ جي آزاديءَ جي لاءِ انگريز سرڪار سان سنڌ ڌرتيءَ مٿان ويڙهه ڪندا رهيا، ٻئي طرف سياسي ميدان ۾ سنڌين هند جي سياستدانن جي ڀرپور مدد ڪندا آيا، کين سنڌ ۾ دعوتون ڏئي جلسا جلوس ڪرائيندا هليا، دهلي، لکنئو وغيره آزاديءَ جي ڪانفرنس ۾ هر وقت شريڪ ٿيندا رهيا.
ترڪيءَ جي خلافت جي مدد ۾ سنڌين انگريزن خلاف سنڌ اندر اڀ ۽ ڌرتي هڪ ڪري ڇڏيا، هجرت تحريڪ ۾ به گهڻو اڳرا ۽ تيز هئا، انهن تحريڪ جي ڪري سنڌين کي ڪافي جاني مالي ڇيها رسيا، جنهن ڪري معيشت جي ميدان ۾ ڪيئي سال پوئتي هليا ويا.
پاڪستان ۽ اسلام دوستيءَ جي ڪري ڪانگريس کي ڇڏي مسلم ليگ اختيار ڪيائون، قائد اعظم کي دعوتون ڏئي سنڌ ۾ گهرايو ويو، 1938ع ۾ کيس سنڌ جو دورو ڪرايو ويو.
1947ع ۾ سنڌين دهليءَ ۾ وڃي قائد اعظم کي جماعت سميت دعوت ڏئي سنڌ ۾ آندو، جتي کين پاڪستان هلائڻ لاءِ آفيسون، بنگلا، جايون، پلاٽ ڏنا ويا، جن جي قيمت اربين رپيا هئي، نئين ملڪ کي هلائڻ سنڌ جو خزانو به ڏنو ويو، اهڙن سنڌ جي ڏنلن اثاثن جي واپسي سنڌ حڪومت کي ڪڏهن به نصيب نه ٿي سگهي.
پاڪستان ٿيڻ کان چند مهينا پوءِ سنڌ جي وڏي وزير خان بهادر محمد ايوب کهڙي کان ڪراچيءَ جي گهر ڪئي وئي، جنهن ۾ هن انڪار ڪيو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ مان يڪ راءِ بل بحال ڪرايو ته ڪراچي سنڌ کان جدا ڪري مرڪز کي نه ڏني ويندي، تنهن هوندي به هن جي وڏ وزارت ختم ڪري هن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ سياسي بندشون لڳايون ويون.
ڪراچي سنڌ کان زوري کسي پاڪستان کي ڏني وئي، جيڪو قدم کنيو ويو سو جمهوريت جي مانڊاڻ مٿان پهريون غير قانوني ۽ انڌيري وارو حملو هو، پوءِ ته سنڌين سان ڏاڍائين ۽ بي انصافين جا دروازا کلندا رهيا.
1955ع ۾ ون يونٽ کڙو ڪري سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪئي وئي، ون يونٽ جو سبب ڄاڻائي، پنجاب ۽ سرحد صوبي جا ماڻهو به سنڌ ۾ ڪاهي پيا، 1955 ۾ ڪوٽڙي بئراج ۽ 1963ع ۾ گڊو بئراج تيار ٿيون ۽ بئراجن جا لکها ايڪڙ زمين مٿان پنجاب جا چوڌري، ملڪ جا ريٽائرڊ ڪامورا، ڪرنل جنرل ڌوڪي آيا، زمين خريد ڪندي ڪندي ٿوري وقت ۾ سنڌ اندر مستقل ڪالونيون ٺاهي ويهي رهيا.
مٿين لُٽ، ڦر، ڌاڙي ۽ ڏاڍ خلاف سنڌين واويلا ، هاءِ گهوڙا ۽ دانهون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، پمفلٽ، ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وغيره جي وسيلي جهاد جاري رکيو، ملڪي مرڪزي حڪومت اهڙي مواد کي ملڪ دشمن ۽ اسلام دشمن ٺهرائي بند ڪندي رهي، سنڌي ليڊرن کي اسلام منحرف ۽ ملڪ مخالف قرار ڏئي جيلن ۾ بند رکيو ويو.
سنڌين جن اسلام پرستي ۽ پاڪستان دوستيءَ جي جذبي ۽ جوش سان قربانيون ڏنيون، اهي جان نثاريون ۽ سر گهورون قبول نه ٿيون، انهن جي بر عڪس کين اسلام مخالف ۽ پاڪستان دشمن قرار ڏنو ويو، سنڌين خلاف اهڙا سرٽيفڪيٽ 1947ع کان هن وقت تائين پيا جاري ٿيندا رهن ٿا، جن جي ڪا به کوٽ نه آهي.
سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ لوڌجي آيل ”جناح پور“ ”مهاجرستان“ جا خاڪا، نقشا، جن جا بينر تيار ڪري سڄي ڪراچي ۾ نمائش ۽ جشن ڪيا، جاين، چوسن ۽ ڀتين تي چاڪنگ ڪندا رهيا، سنڌ اندر جدا ملڪ جو وجود کڙو ڪرڻ لاءِ نوان نعرا ۽ هنبوشيون هنيائون، پاڪستان ۾ اهڙي چٽي پڌري ۽ اگهاڙي بغاوت ڪڏهن به نه ڏٺي وئي، ان جي سزا ۾ مرڪز ۽ ملڪ جي فوج ۽ عدالت عاليه برابر ڏسندا رهيا، هي 2012ع جو واقعو آهي، هن ملڪ جي ڊوهي ۽ سرڪشيءَ مٿان ڪو به قدم نه کنيو ويو، ڇا مهاجرن جي اهڙي شرارت ۽ سازش پاڪستان دوستي ۽ اسلام پسندي ۾ شمار ٿي سگهي ٿي؟ جو کين انهي عمل ۾ ڇوٽ ڇڏيو ويو، ملڪ اندر هو اڄ ايترو مسلح ٿي چڪا آهن جو هڪ ٻئي فوج آهي.

سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سماٽي سٿ

سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سماٽي سٿ

سما ننگر (ٺٽي) سنڌ جو حاڪم نر پٽ نالي سان ٿيو، سندس اولاد مان سما چوڍا، جاڙيجا ۽ ڀاٽيا (ڀٽي) اڀريا، جن پنهنجون وسنديون راجپوتانا ۽ جيسلمير ۾ وڃي جوڙي ورتيون.
سما ذات جي لڇن لامن مان جيها، جيهن مان نيدا، نيدن مان نوتيار، نوتيارن جو نسل اڌار بد، اڌار بدن جي اولاد اُڍا ٿيا، اڍن منجهان راهو، راهن جا پونيئر اوڍاڻا ٿيا، اوڍاڻن مان ابدا نڪتا، ابدن جي پيڙهي سان لاکيار نروار رهيا، لاکيرن تان لاکا ذات پڌري ٿي چڪي.

سنڌي جوانن جو راجپوتانا رياستن ۾ ڪردار

سنڌي جوانن جو راجپوتانا رياستن ۾ ڪردار

سنڌي ماڻهن جي بهادري ۽ وفاداريءَ ڪري، جهونا ڳڙهه رياست ۽ ٻين ڀرپاسي وارين حڪومتن ۾ سنڌ ماڻهن کي ڏيهي راجائون فوج ۾ ڀرتي ڪندا هئا، ان لاءِ هو مشهور ٿيندا ويا، ان سمي جهونا ڳڙهه جو وزير اعظم امرجي ديو راءِ هو، جنهن جي جاڙيجا ذات سان نه لڳندي هئي، ان ڪري هن ڪاٺياواڙ ۾ ماليا ۽ مور رياستن جي راجا مورجي جاڙيجي کي دٻائي ڍل ڀرو ڪري ڇڏيو، ان کان سواءِ راجا مورجيءَ سنڌ مان جاڙيجا مسلمان ڀرتي ڪرائي، ساڳئي وقت جهونا ڳڙهه رياست جي فوج ۾ سنڌي جوان ۽ عرب نوڪريون ڪري رهيا هئا، جن کي پگهارون ۽ الائونس وقت تي نه ملڻ ڪري بغاوت ڪرڻي پئي، ان ڪري امرجيءَ وزير اعظم سنڌي سپاهين کي فوج مان نيڪالي ڏياري ڇڏي.
مٿين سازشن ۽ جاڙيجا دشمنيءَ جي ڪري، جاڙيجن به پنهنجي بچاءُ ۾ هڪ کيڏ کيڏي، انهيءَ رٿا پٽاندڙ گوندل رياست جي راجا ڪنڀو ڄام جاڙيجي نواب جهونا ڳڙهه حميد خان کي مڇرائي، 6 مارچ 1784ع تي امرجيءَ کي مارائي ڇڏيو، ان ڪري جاڙيجا دشمنيءَ کي ٻنجو ڏياري ڇڏيو.
حميد سنڌي ڪمانڊر:
هي مغل شاهي فوج جي ان جٿي جو ڪمانڊر هو، جيڪا گجرات ۾ رهندي هئي، هو ڪمانڊر سان گڏ ڍل به صوبي جي اڳاڙيندو رهندو هو، هڪ ڀيري سندس لشڪر جهونا ڳڙهه پاسي وڃي رهيو هو ، ۽ شهر کان اٺ ميل پري هو، جو جهونا ڳڙهه جي نواب جي لشڪر هن جي ڪٽڪ مٿان حملو ڪري، کيس شهيد ڪري ڇڏيو، هن جي شهادت کان پوءِ سندس پٽ امين کي لشڪر جو مهندار بڻايو ويو، اڳتي هلي 1778ع ۾ مغلي مرڪز کان وٺي، سپهه سالار امين جهونا ڳڙهه جي قلعي مٿان ڪاهي، گهيري ۾ آندو، نواب جي لشڪر کي بي وس ڪري، ٽيڻ تي ڍل ڀري ڏيڻ جي شرط تي نواب سان صلح ڪيو.
ميواڙ رياست:
1762ع ۾ هن حڪومت جو حاڪم راڻو ارسي ٿيو، جنهن جي خلاف درٻار جي سردارن چوٽيءَ جي جوڙ توڙ شروع ڪري ڏني، 14 سردارن مان 11 اميرن راڻي ارسي جي دشمنيءَ ۾ ميواڙ رياست جي مخالف رتن سنگهه کي تخت تي ويهارڻ جون تياريون ڪري ڇڏيون، راڄ ڊوهي اميرن سان رياست جو خانداني وفادار وزير اعظم سردار سولمبرا به مليل هو، آخر ۾ وزير اعظم مٿان خانداني وفاداريءَ جو ڪردار غالب پئجي ويو، هن پاڻ سنڀالي درٻاري جوڙ توڙ جي خلاف ٿي بيهي رهيو ۽ سازش کي ٺڪرائي ڇڏيائين.
1768ع ۾ مرهٽا شاهيءَ جو راجا ماڌو جي سنڌ يا مرهٽي، اجين ۾ پهچي کپ کوڙيا، جتي ميواڙ رياست جو مخالف رتن سنگهه به بنا دير پهچي، مرهٽي حاڪم سان ڪلهو ملايو، ٻئي ڄڻا ميواڙ کي هڙپ ڪرڻ جي تيارين ۾ هڪ ٿي ويا، ميواڙ جي فوج ۾ گهڻائي سنڌي سپاهين جي هئي، ميواڙ پاران اڌيپور ۾ کين جاگيرون مليل هيون، راڻي ارسي بنا دير جي مرهٽن مٿان فوج چاڙهي، جتي موتمار ويڙهه ٿي وئي، نيٺ سنڌي فوج مرهٽن کي جنگي ميدان مان ڌڪ ڪڍي ڇڏيو، لڙائي کٽڻ ڪري، راڻي ارسي سوڀ جو جشن ملهائڻ شروع ڪري ڏنو، اهو وجهه وٺي مخالف فوج راڻي واري جشن مٿان ڪڙڪي پئي، ان ريت کٽيل بازي، شڪست ۾ مٽجي وئي، مرهٽن پنهنجي چالبازي جو فائدو وٺي ميواڙ تي ديرو ڄمايو ۽ اڌيپور مٿان گهيرو ڪرڻ به سوچ ويچار هيٺ رکيائون.
مٿين اوکين گهڙين ۽ ملڪي شامتن ۾ ميواڙ جي راڻي، اڌيپور جي سابق وزير اعظم امر چند بورا کي ياد ڪيو، جنهن کي درٻاري سازشن جي شڪار ۾ وزير اعظم جي عهدي تان لاٿو ويو، هن جي ذهني ڏاهپ هڪ پاسي ۽ جنگي جرئت ٻئي طرف مڃيل هئي، پوءِ به هن کان ملڪي اعزاز ۽ جاگير به ڦري وئي هئي، محلاتي جوڙ توڙ هن کي شڪاري ڪوڙڪي ۾ ڦاسائي ڇڏيو،ملڪي جنگي بحران ۾ هن جي وفادارين کي دعوت ڏئي، ساڳي عهدي وزير اعظم واري سان نوازيو ويو.
نيٺ اڌيپور کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ جي مهل اچي وئي، رياست جي پراڻي هار مان نڪتل هيري جو آزمائش جو وارو اچي ويو، هن پنهنجي دماغي ڏيا ۽ دلي سورهيائي مان ڪم وٺندي سڀ کان پهرين سنڌ فوج کي ويساهه ۾ ورتو، فوجي مهندارن ۽ اهلڪارن سان آچار ويچار ڪري،ملڪي حالتن جي بحران جو جائزو وٺي، فوجي جوانن کي عهدن آهر انعام ڏنائين، کين ڇهن مهينن جو اڳواٽ اناج به بخشش ڪري ڇڏيائين، فوجي سگهه سنڀالي، پوءِ به پهرين صلح کي اوليت ڏيڻ لاءِ مخالفن سان خير جون ڳالهيون هلايائين، جنهن ۾ 70 لک رپين ۾ صلح طئه ٿيڻو هو، پر مرهٽن لالچ ۾ اچي ڪري 90 لک رپين جي گهر ڪئي، ان ڪري طئه ٿيل صلح نامي تي صحيحون نه ٿيون.

سنڌي عادل بيگ ڪمانڊر:
ميواڙ جي فوج جو اڳواڻ پنهنجي فوجي تجربي ۽ سرويچيءَ سان ميواڙ ۽ اڌيپور کي بچائڻ لاءِ هڪ جذباتي تقرير ۾ فوج سان ڳالهائيندي، وڏي جوشيلي انداز ۾ چيو، ”سنڌي جوانو دشمن جي مقابلي ۾ سر ڪٽائينداسون، پگهارون نه وٺنداسون، جيڪڏهن اناج نه هوندو ته چوپايو مال ڪهي، گذر ڪنداسون، ڏڪر پئجي ويو ته پنهنجي موت مرڻ بدران دشمن جي لشڪر مٿان آخري وار لڳائينداسون، پر راڻي ارسي کي مايوس نه ٿيڻ ڏينداسون.“
مذڪور تقرير تي راڻي کان ڳوڙها ڳڙي پيا، فوجي جوانن جي دلين ۽ دماغ ۾ غازي يا شهيد جا جذبي ڀڙڪي رهيا هئا، حڪم ملڻ سان بنا دير يڌ جو مقابلو ٿي ويو، مرهٽن جي هر اول جٿي مٿان گولا بارود جا ڌوڙيا لاتا ويا ۽ گڏيل ڪٽڪي ڪري ڏنائون، مرهٽا تيز ڌوڙ ڌڪا تي ڀاڙي ٿي پيا، جن جي بزدلي جو فائدو وٺي، وزير اعظم امر چند بورا انساني رت جي بچاءُ ۾ 60 لک رپين ۾ ٺاهه ڪري ڇڏيو، ان ريت ميواڙ ۽ اڌيپور مٿان طوفاني ويڙهه کان ڇوٽڪارو ملي ويو.
ميواڙ رياست خارجي خطرن کان اڃا مس آجي ٿي، ته داخلي جوڙ توڙ منهن ڪڍيو، جنهن ۾ راڻو ارسي ماريو ويو، سندس ننڍو پٽ همير سنگهه گاديءَ تي ويٺو، ان حالت ۾ راڄنيتي جي سنڀال ماڻس ڪندي رهي، جيئن ته پيءُ مارجڻ کان پوءِ 1772ع ۾ تخت جو وارث ٿيو، جوانيءَ کي نه رسيو جو 1784ع ۾ پر لوڪ پڌاري ويو.
مٿين تڪڙي بحران جي ڪري، مرهٽن ڄاتو، ته راجپوتن جي ٻڌي ۽ هيڪڙائيءَ ۾ ڪمي آئي هوندي، هاڻي مٿن ڪاهه ڪرڻ جو مناسب وجهه آهي، ان لاءِ مرهٽا سرڪشي ڪرڻ لڳا، ان مرڻاس کي منهن ڏيڻ لاءِ راڻي ڀيم سنگهه سنڌي سرويچ فوجي جي سهاري سان مرهٽن جي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪيو، هن ويڙهه ۾ مرهٽا فوج جا ڪيترا ڪمانڊر ۽ سپاهي قيدي ٿيا، ڏسڻ ۾ آيو ٿي، ته مرهٽن هارايو، ايتري ۾ سندن تازا دم فوجي جٿو ظالم سنگهه مرهٽي ڪمانڊر جي اڳواڻيءَ ۾ ميدان جنگ ۾ اچي لٿو، ان اوچتي فوجي قوت کي منهن ڏيڻ لاءِ ميواڙ جي پٺتي رهيل 6 هزار کچي ۽ عرب فوج کي بهادر سنگهه جي اڳواڻيءَ ۾ مرهٽن سان مهاڏي لاءِ تيزيءَ سان آندو ويو، ڇهه ڏينهن ويڙهه جو ڇيهه نه رهيو، هلندڙ جنگ ۾ راڻي ڀيم سنگهه کان هڪ ڀاري ڀل ٿي چڪي، جو هن مرهٽن جا جنگي قيدي آفيسر ۽ سپاهي آزاد ڪري ڇڏيا، قيدين کي جنگ کان پوءِ انساني همدردي پٽاندڙ معافي ڏئي ها، هو پنهنجي حڪمت عملي مان پاڻ ئي ڌڪ کائي چڪو.

سنڌ ايڪتا ضروري سنڌي ايڪتا ۾ ٽولا شماري

سنڌ ايڪتا ضروري سنڌي ايڪتا ۾ ٽولا شماري

جيئي سنڌ جون اڪيچار ڌڙا بنديون ۽ ٻيا سنڌي وري ق ليگ، سنڌي ن ليگ، سنڌي ف ليگ، جمعيت پاڪ، جمعيت اسلام ۽ جماعت اسلامي ۾ سنڌي، متحده، پ پ پ، ش ڀ، فرنٽ، اين پي پي ڌريون وغيره سنڌ اندر ٽولن ۾ ورهايل آهن، جنهن جي ڪري سنڌي قوم ۾ يڪجهتي ۽ هيڪڙائي واري گڏيل سوچ پري آهي، ان ڪري سنڌ جا اصل ڌرتيءَ ڌڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي بي راها ۽ بي واٽا ڦرندا رهن ٿا.
سنڌ دوست پاڻ خود اجتماعي اتحاد جي لاءِ پنهنجي انفرادي حيثيت سنڌ ڌرتيءَ مٿان قربان ڪرڻ تيار نه آهن، ساڳئي وقت وري 65 سالن کان اعلان رهيو آهي ته جيتر جاگيرداري، وڏيرا شاهي، سرداري، پيري، ميري وغيره هونديون، تيتر سنڌ جو اتحاد ۽ واڌارو ناممڪن آهي، ان ڪري سنڌين جي پاڻ طبقاتي ناراضگي جاري آهي، ٻئي پاسي غير سنڌين جو گهلريون ٻوڏ جي شڪل ۾ سنڌ ڌرتيءَ مٿان والار ڪنديون رهن ٿيون، ان قبضا گيريءَ جي حالت ۾ اڳتي هلي سنڌ ڌرتي بچت ۾ ئي نه هوندي، ته پوءِ سنڌين جي طبقاتي ڇڪتاڻ ڇا لاءِ هلندي، سنڌ ڌرتي، سنڌي ماڻهن جي طبقن ۽ ڌڙن جو ايترو ڊگهو انتظار نه ڪڍندي، ته جڏهن منجهن برابري ۽ مساوات کڙي ٿئي، ته پوءِ ترقي پسند وارا قدامت پسند ڌڙي مٿان راڄ ڪن، ته پوءِ دانشور ئي سمجهڻ لاءِ تيار نه ٿيندا ته سنڌ ڪيئن هلندي.

سنڌ اندر غير فطري والار سائنسي سازشن تحت پئي هلي:
ڪراچي سنڌ جو بين الاقوامي شهر، گادي ۽ سامونڊي بندر آهي، ان ڪري غير سنڌين جي ڀرمار، جماعت اسلامي جا ٻه پڌرا مثال آهن، منجهن اقتداري جنگ آهي، ٻئي اسلام جي برعڪس مهاجر پرست ڌڙا چئجن ته وڌاءُ نه ٿيندو، ٻنهين ڌرين جو مقصد ساڳو آهي، ”جنهن جو مطلب سنڌ مٿان والار آهي“ سندن لڙائيءَ جي ڇٽي چٽا ڀيٽي هلندي رهي ٿي، اهڙي جابرانه ڊوڙ ڏيکاري ٿي، ته ڪير ٿو سنڌين کي اڳ۾ اقليت اندر آڻي بيهاري، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مٿان ڌارين بنگالي، بهاري، برمي، بوسنيائي، افغاني وغيره جون ڪچيون آباديون تيار ڪرائي، انهن مٿان سنڌ جي خزاني جا اربين رپيا خرچ ڪري آباديون پڪيون ڪندا رهن ٿا؟ ڇاڪاڻ ته سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ کين ميمبرن جي اڪثريت کپي، ته هو سنڌ مٿان سولائيءَ سان راڄ ڪندا رهن، جڏهن ته سنڌ اندر ڌرتيءَ ڌڻي ڪولهي، ڀيل، باگڙجي، جوڳي، اوڏ، مير بحر وغيره صدين کان بي گهر رولاڪ زندگي جا هيراڪ ٿي چڪا آهن، انهن جي بحالي لاءِ سنڌ ۾ ڪو به قانون ۽ انساني همدردي نه آهي.
تاريخ شاهد آهي ته اردو آبادي وارا 1947ع کان ڪراچيءَ ۾ تخريبڪاري ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندا رهيا آهن، ملڪ جي قانوني ۽ جمهوري حڪومت خلاف دنگا، فساد، ڏڦيڙ ۽ وڳوڙ ڪندا رهيا آهن، جيتر کين اقتدار هٿ نه لڳي، کين نه جمهوريت جي قدرن، نه اسلامي تقدس، نه وري سنڌين جي احسانن جو ترس پيو، نيٺ هنن ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو عام ڪوس ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ڪڏهن سنڌين جا لاش گٽرن حوالي ته ڪڏهن ٻورين ۾ بند ڪري سنڌي آبادين ڏانهن روانا ٿي ڪيائون، ته سنڌي حراس ۽ خوف ۾ اچي ڪراچيءَ مان ڀڄي وڃن، ان مان ظاهر آهي ته متحده کي فقط دهشت گردي ۽ بنياد پرستي گهرجي، جنهن وسيلي هو سنڌ مٿان حڪومت کڙي ڪن.

غير فطري انڌير نگري ۽ غير قانوني ڇڙواڳي:
مٿين غير انساني ڏاڍائي ۽ جابرانه حڪمت عملي کڙي ٿيڻ کان پوءِ ملڪي حڪومت ۽ حساس ملڪي ادارا خاموش رهندا اچن ساڳي وقت عدالت عاليه تائين خاموشي رهي ٿي، سنڌ ۾ زوري ۽ غير قانوني ڏاڍائيءَ سان پرڏيهي لوڌين کي آڻي، سنڌ ۾ آباد ڪرڻ ۽ سنڌ خزاني مان کين دائمي ٿاڪ بستي جي حقن ڏيارڻ جو اول ذوق ته جماعت سڳوري کي جاڳيو، جنهن پاڻ کي دين اسلام (سلامتي واري راهه) خلاف پنهنجي جماعت مان نوجوانن کي هٿيارن سان مسلح ڪيو، جنهن کان پوءِ ٻين به نقل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، ان ڪري ملڪي سلامتي جو ڏڪر ايندو رهيو، هن جماعت جو امير جماعت مسٽر نعمت الله خان ڌارين کي سستي شهريت وٺرائي ڏيڻ جو شوقين هو، ان لاءِ هي ڳالهه به ياد رکڻ جهڙي ٿيندي، ته ٻين اسلامي ملڪن ۾ اسلامي مهاجر ڀائرن کي آباد ڪرائڻ ۾ ڇو بي وسي ڏيکاري وڃي ٿي ۽ سنڌ سان ههڙن قبضن جا هاڃا ۽ ڪلور ڇو؟
بقول حضرت علامه سيد مودودي جن جي جيڪي موصوف 1959ع ۾ سعودي عرب تفهيم القرآن جي تفسير لکڻ ۾ تحقيقات جي سلسلي ۾ سعودي اسٽيٽ جا مهمان ٿي ويا، انهن تحقيقاتي جاکوڙن کي سفرنامي ”ارض القرآن“ ۾ قلم بند ڪيو اٿن، جنهن مان حوالي طور هيٺ سندن زباني پيش ڪجي ٿي:
”ايشيا مائينر ۾ ويڙهه دوران روس جي خلاف بخارا جا ڪي ترڪ مسلمان هجرت ڪري هندوستان ۾ آيا ڪجهه وقت کان پوءِ اتان سعودي عرب ۾ پناگزين ٿيا، کين طائف ۾ محلو ٺاهي بخارين نالي ڏنو ويو، منهنجو طائف ۾ وڃڻ ٿيو، جتي هنن مهاجرن رات جو منهنجي مانيءَ جي دعوت جهلي، سندن ڪچهريءَ مان خبر پئي ته 55 سالن کان وڏي تڪليف ۾ گهارين ٿا، اسلامي ملڪ ۾ شهريت ملي نه سگهي آهي، ان ڪري ترڪ مهاجر هر وقت سرڪاري دفتر ۽ پوليس ٿاڻن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، هر سال شهريت جي مدي وڌائڻ لاءِ چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، هر سال شهرين جي مدي وڌائڻ لاءِ هڪ هڪ مهاجر کي 40 کان 42 ريال ٽيڪس ادا ڪرڻي پوي ٿي، ساڳي وقت سعودي قانون پٽاندڙ ڪو به غير عرب مسلمان هن ملڪ ۾ شادي ڪري نٿو سگهي ۽ مري وڃڻ جي حالت ۾ عام سعودي قبرستان ۾ دفن ڪرائڻ لاءِ وڏيون قانوني رنڊڪون کڙيون ڪيل آهن.“

اسلامي بين الاقوامي ٻه ملڪ سعودي عرب ۽ ايران:
مٿين ڏس ۾ سعودي عرب سني مسلم رياست ۽ ايران شيعا مملڪت آهن، حقيقت ۾ اسلامي نالي سان هي ٻئي ملڪ مسلمانن جي لاءِ بين الاقوامي پناهه گاهه هجڻ گهرجن، ٻنهين ملڪن ۾ مسلمانن کي سولي ۽ سستي شهريت ملڻ کپي، ڇو ته هي ٻئي اسلامي ملڪ سني ۽ شيعا پروگرام ۽ پرچار جا حامي ۽ ناصر رهيا آهن، ان ڪري هي ٻئي سني ۽ شيعا پروگرام تحت واعظ ۽ تبليغ جاري رکڻ سندن فرضن ۾ شمار آهي، پوءِ حيرت جي ڳالهه آهي ته هي ملڪ پنهنجي ڏيهن ۾ غير عرب سني ۽ غير ايراني شيعا مسلمان کي دائمي شهريت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن، جڏهن ته سعودي عرب جي ملڪي پکيڙ 8،30،000 لک چورس ميل ۽ ايران جي ايراضي 6،36296 لک چورس ميل زمين ٿي، 1991ع مطابق سعودي عرب جي آدمشماري 50،000 ۽ ايران 5،80،60000 آبادي هئي، ان حساب سان ٻئي ملڪ معدني وسائل ۾ مالا مال آهن، جيڪڏهن ڪروڙها مسلم آباديءَ کي شهريت ڏين ته اهڙي نئين آباديءَ جو بار هن مٿان نه پوندو، هڪ طرف هنن جا ميداني علائقا ماڻهن سان سينگارجي ويندا، ۽ سندن بين الاقوامي سگهه ۽ قوت ۾ واڌارو اچي ويندو، ان سان گڏ ڪروڙها غريب مسلمانن جي رهائش ۽ خوراڪ جو مسئلو به حل ٿي ويندو.
جهڙيءَ ريت سعودي عرب ۾ ترڪ مسلم مهاجرن کي شهريت 55 سالن ۾ نه ملي، تهڙي طرح ايران به ڪنهن غير ايراني شيعي مسلمان کي ايران ۾ دائمي شهريت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن جو مثال روس، افغان ۽ آمريڪا افغان جنگيون آهن، هنن لڙاين ۾ هزاره قبيلي وارا افغان شيعا، جن جي مادري زبان پارسي اُهي ايران ڏانهن پئي ويا، تن کي ايران سرڪار ڪئمپن ۾ بند رکيو، ته جنگ کان پوءِ ايراني سرزمين مان سندن ملڪ افغانستان ڏانهن ڌڪي ڪڍڻ ۾ جلد آساني پيدا ٿئي، ڇو ته غير ايراني شيعي توڙي مادري زبان پارسي واري مسلمان کي به دائمي شهريت ملي نٿي سگهي، جڏهن ته سنڌ جي ملڪي پکيڙ 52،994 چورس ميل آهي، انهيءَ محدود ايراضيءَ ۾ اسلام جي بنياد تي مسلم مهاجرن کي گهرائي فقط سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو، اهو ڪهڙو انصاف ۽ قانون چئجي، جيڪو ڪنهن ملڪ جي ماڻهن خلاف آهي.
سعودي عرب ۽ ايران مسلم ملڪن جي راڄ نيتي جي ابتڙ اسرائيل ملڪ ۾ دنيا جي ڪنهن ملڪ کان تڙيل يهودي گورو يا ڪارو اچڻ ڪري، مستقل شهريت جا حق وٺي سگهي ٿو، اسرائيل جي قانون ۾ هر پراڻو يا نئون شهري يهودي تشخص ۾ هڪ جهڙو ۽ برابر آهي.
مذڪور حقيقت کي پرکڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ هڪ اصول ٺهي پوي ٿو ته سعودي عرب، ايران ۽ 7 ٻيا مسلم ملڪ شهريت جي اصولن کي اسلامي برداري ۽ مسلم اتحاد مٿان ترجيح ۽ فوقيت ڏين ٿا، ته پوءِ جڏهن مسلم دنيا کي اسلامي ڀائپي اهڙي شهريت جي ڍنگ سان ڀانءِ ۽ راس نٿي لڳي ته پوءِ سنڌ سان غير اسلامي نا انصافي انڌير ۽ ڏاڍ ڇو ٿو روا رکيو وڃي، پاڪستان جا چار صوبا رهيا آهن، مهاجر آباديءَ جو به چوٿون ڀاڱو سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ها.
مذڪور ڏاڍائيءَ کان سواءِ سنڌ ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو به ڪاهيندا اچن، جن جي آباديءَ ۽ ووٽ جي لحاظ سان ميمبر چونڊبا پيا وڃن، اهي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌين بجاءِ پنهنجي قومن جي ڀلائيءَ جون پيا ڳالهيون ڳائن، جڏهن ته سرحد ۽ پنجاب ۾ ڪڏهن به سنڌي ميمبر نه ٿيو آهي، نه وري ٿي سگهندو.

اسلام جي سالميت ۽ سلامتيءَ جي ذميواري:
اسلام جو بچاءُ الله تعاليٰ جي ذمي رهيو آهي، عيسوي ستين صديءَ ۾ عربستان ۾ ڪتاب الله ۽ سنت پاڪ تحت مسلم مملڪت کڙي ٿي، جيڪا 30 سال بي مثال رهي، پوءِ ملوڪيت جي چڪر ۾ بني اميه ڪئي، جن به خلافت اسلام بچائڻ خاطر نعرا هنيا، ان جي جاءِ مٿان بنو عباس والار ڪئي جن به ساڳيا اعلان ڪيا، آخر عثمانيه خلافت ساڳيو فرض نباهڻ شروع ڪيو، اڳتي هلي وقت ثابت ڪيو ته اسلام کي بچائڻ واريون حڪومتون خود پاڻ کي نه بچائي سگهيون، پر اسلام ڪنهن به نگران جو اڄ به محتاج نه آهي، پاڪستان ۾ 65 سالن کان اسلام جي نالي مبارڪ تي سنڌين جي پرماريت ٿيندي رهي آهي، کين ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو ۽ سندن ڌرتي به ڦري ۽ ڦٻائي وڃي ٿي، اها ڪيڏي نه نا انصافي، زبردستي ۽ ڏاڍ آهي.
اڃا به مار ڌاڙ جو چيرو جاري آهي
(1) سنڌين کي ڪراچي مان سنڌي تعليم کان نرهه ڪيو ويو آهي.
(2) سنڌي کي هاير تعليم لاءِ ڪراچي ۾ داخلا نه آهي.
(3) سنڌين کي فوج جي ٽنهين حصن جي ڪميشن اورل ۾ ڄاڻي واڻي ڪيرايو وڃي ٿو.
(4) سنڌين کي ڪرڪيٽ راند کان محروم رکيو ويو آهي،
(5) ملڪي سفارتي ميدان ۾ سنڌين کي پورو حصو نٿو ڏنو وڃي.
(6) سنڌ جي اهم کاتن ۾ سنڌين جا حق غضب ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري، چئرمين ائنٽي ڪرپشن وغيره.
(7) مرڪز ۾ سنڌي ماڻهن کي پوري نمائندگي نه ٿي ملي.
(8) سنڌ جي مالي وسيلن مان مرڪز سنڌ کي پورو حصو نٿو ڏي.
(9) سنڌو دريا جي پاڻيءَ کي مٿي زوري کنيو وڃي ٿو، سنڌ جو پاڻي پورو حصو نٿو ڏنو وڃي.

خواجه محمد عبدالغفار عرف پير مٺا سائين

خواجه محمد عبدالغفار عرف پير مٺا سائين

سندن والد بزرگ مولانا يار محمد چنڙ هو، ڳوٺ لنگر شريف تعلقو شجاع آباد، ضلعو ملتان ۾ پيدا ٿيا. مذڪوره وستي درياهه جي ڪناري سان آباد هئي.
تعليم:
ابتدائي سکيا پنهنجي والد کان ورتائون، عربي سکيا مدرسي اچ شريف ۾ مولانا امام الدين کان وٺڻ شروع ڪيائون، جتان فيض فضيلت سان دستار بند ٿيا.
مريديءَ جو سلسلو:
پاڻ خواجه حافظ فتح محمد جلالپور پيروالا جا مريد ٿيا. اڳتي هلي کين پير مٺا ۽ غفاري چوندا رهيا. سندن مريد جماعت کي ”غفاري جماعت“ سڏڻ لڳا. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ننڍي وهي کان سڪ ۽ محبت رکندا هئا. ان باري ۾ پاڻ چوندا هئا: اسين ٻارائپ ۾ سنڌي ماڻهن جون جماعتون پنهنجي مرشد حضرت غوث بهاوالحق ذڪريا ملتاني ڏانهن پنڌ ايندي ڏسندا هئاسون. هو پنڌ هلڻ ڪري پير رت ڪري وجهندا هئا. پيرن جي ڦٽن مٿان اڳڙيون ٻڌي به درد ڀري حالت ۾ سفر جاري رکندا هئا. هو اسان جي ڳوٺ لنگر ۾ رات جو ڊاٻو ڪندا هئا. رات رهي صبح جو درياهه اڪري ملتان راهي ٿي ويندا هئا. سنڌين جي مرشد جي لاءِ عشق ۽ عقيدت ڏسي دل ۾ سنڌ ملڪ ڏانهن اچڻ ۽ دائمي رهڻ جو اٽل ارادو جاڳيو، نيٺ سنڌ ۾ اچي سنڌي ٿي رهياسون.
شاديون:
پوري زندگيءَ ۾ وٿين سان 14 شاديون ڪيائون ۽ وفات وقت چار شاديون زندهه رهيون. کين هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون.
سندن خليفا: کين 113 خليفا رهيا. جن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن:
1- خليفو خليل الرحمان صاحبزادو.
2- خليفو الله بخش سهڻا سائين ڪنڊيارو،
3- خليفو سيد غلام حسين شاهه قمبر،
4- خليفو نور محمد رتڙ نورپور
5- خليفو مولانا الاهي بخش محبوب الاهي ماتلي
6- خليفو سردار احمد بچيڪي پنجاب
7- خليفو سيد عبدالله شاهه
واعظ نصيحت:
سندن 40 تقريرون ٽيپ ٿيل آهن، شاعر به هئا. ننگر جي هلائڻ ۾ چندو يا ڦوڙي نه وٺندا هئا. وٽن ٻه سئو خطوط اردو ۽ پارسي ٻولين ۾ محفوظ رهيا اچن ٿا. سندن شاعري ۾ هڪ شعر جون فقط ٽي سٽون ڏجن ٿيون:
مانگتا میں یہ دعا ہوں یا محمد الغیاث!
پرخطا عبدالغفار پہ رحم فرما یا نبی!
در تیرے پر میں پڑا ہوں یا محمد الغیاث!
سندن طريقو:
وڏن جو طريقو قادري هو، پنهنجو نقشبندي سلسلو عاليه هو، پاڻ نهايت سادا ۽ سخي مرد هئا. مادري زبان سرائيڪي هوندي هئي. سندن عمر 80 ورهين کان مٿي هئي، جو 1964ع ۾ وفات ڪري ويا.
غفاري جماعت جا خليفا لاڙڪاڻي شهر ۾ شهر واسين ۽ ٻين ڪيترن راهه گيرن کي رحمت پور درگاهه تي اچڻ جون دعوتون ۽ آڇون ڪندا رهندا هئا، جن ۾ خليفو امير بخش عرف اميرالدين ولد حاجي ڪمال الدين مگسي ڳوٺ نئون کبڙ تعلقو ميرو خان ڪوٺ ڏيڻ جو ڪوڏيو هوندو هو، جنهن مون کي به ڪيترائي ڀيرا درگاهه تي اچڻ جون آڇون ڪندو رهيو، کيس زري تي ڪلاهه، جنهن مٿان پٽڪو، شلوار ۽ قميص سفيد، سياري جو ذري تي وائيس ڪوٽ، ڏاڙهي باشريعت هلڪو پترو، صاف سٿرو ۽ ڏاڍو رلڻو ملڻو هوندو هو، جنهن جي صحبت جي ڪري 1956ع ڌاري اونهاري جي مند ۾ مڙي سج مان پنهنجي سئوٽ شهاب الدين سان گڏ درگاهه تي پهتاسون، مسجد جي ايوان تي مصلي مٿان طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو اوڀر منهن ڪيون بزرگ ويٺا هئا چوڌاري جماعت جو حلقو لڳو پيو هو، هڪ جماعتي باشريعت بزرگ جي ڀر ۾ پلٿي ماريو ويٺو رهو، پاڻ کيس مخاطب ٿي چون پيا هي عمراڻي بلوچ خون، ڌاڙا، ڦريون وغيره ڪندو هو، اڄ هن کان پڇو ته ڇا حال احوال آهي؟ اهو مرد ڀت ڪڇي، جو هڪ ڪجهه ڪڇي، هيٺ ڪنڌ ڪيون خاموش ڄڻ گونگو ٻوڙو آهي، بزرگ کي بي شبي ململ جو چولو ۽ اڇي شلوار پيل هئي، بدن ڀريل، سفيد سونهاري باشريعت ۽ سفيد رنگت هئي، سندن پيش امامت ۾ ٽيپهري پڙهي سون، ورائي ساڳي نموني ديني ڪچهري لڳي رهي، شام تي ساڳي نموني نماز پڙهي سون، دعا گهري بزرگ حويلي ڏانهن اسري ويا، اسان ۽ جماعت ننگر کائڻ لاءِ راهي ٿياسون، ننگر پٽڙو ڀت چانور ٺڪر جي پاٽين ۾ پيل هو، هڪ هڪ پاٽ مٿان چار پنج جماعتي ڏيئي نما ٺڪر جي ڪپڙي سان پاٽ ڀت مان ڀريندو کائيندو ٿي ويو. اسان به خوب کاڌوسين، جنهن کانپوءِ دعا گهري موڪلائي پنهنجي ماڳن ڏانهن راهي ٿياسون سنڌ ۾ ٿاڪ مٽائڻ ۽ دائمي رحمت پوري ماڳ بنايو ويو.
بزرگ غفاري صاحب جن سنڌ ۾ 1938ع ڌاري آيا، 15 سال سنڌ جي اٺن وٿاڻن تي آيا ۽ ويا، نائين ڀيري 1953ع واري سال ۾ رحمت پور ۾ سدائين رهائش ڪري ويٺا. هي جماعت ذڪر فڪر، نماز، ديني اصولن سان سينگاريل هئي، ان ڪري جن جن ڳوٺن ۾ ويا ٿي ته اتي جا چند بااثر ماڻهو سندن خلاف ٿيندا رهيا. ان ڪروڌ ۽ ڦڏي کان هي جماعت ٽارو ڪندي ۽ جايون مٽائيندي رهي.
1948ع ڌاري سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جي ڪري ڪچو عاقل ۽ خالد ڳوٺ به ٻڏي ويا، ڳوٺ خالد جي ڪرماڻي رهاڪن کي کهڙي خانبهادر محمد ايوب رحمت پور جي خالي پيل ڪن پلاٽن تي ويهاريو، ٻوڏ کان پوءِ ڪرماڻي وري ڪچي نه وريا، هتي جي سرڪاري پيل زمين بزرگ جي جماعت ليز تي کڻت کنئي، جڏهن ويهڻ جي ڪيائون ته غفارين جي روڪ ۽ مخالفت شروع ٿي وئي، ان حالت ۾ پير صاحب پاڳاري جي جماعت حرن هنن جي واهر ڪري کين رهڻ ۾ مدد ڪئي، ان حساب سان رحمت پور غفاري جماعت جي مرڪزي جاءِ رهائش آهي، جتي لکين ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا. هن جماعت ۾ نشي سٽي، ٺڳي ۽ غير شرعي ڪمن کان بيزاري آهي، نماز ذڪر الاهي ۽ ديني اصولن جي پابندي ۽ پرچار عام آهي. هن جماعت جي خاص ۽ عام ڳالهه اها آهي ته هن جون ڪيتريون شاخون آهن، جيڪي پنهنجي حلقن ۾ ساڳي رنگ ۽ ڍنگ سان ديني ڪمن ۾ رُڌل ۽ باذوق آهن.

سيد غلام حسين شاهه بخاري قنبر

سيد غلام حسين شاهه بخاري قنبر

سندن والد ماجد سيد گل محمد شاهه بخاري، ڳوٺ ڊٻ چانڊيا، تعلقو ميرو خان 1932ع ۾ پيدا ٿيا.

تعليم:
سنڌي ابتدائي سکيا پرائمري اسڪول ڊٻ چانڊيا ۾ ڇهه درجا پڙهيا، ديني تعليم مولانا خوش محمد تونيه ميرو خان کان ورتائون.

پير طريقت:
1955ع ۾ پير مٺا رحمت پور لاڙڪاڻي واري جا مريد ٿيا. سندن تقرير پر سوز و گداز رهندي آهي، جنهن جو اثر سامعين تي پوندو رهندو آهي. سائين ڪريمنﷺ جن جا خاص شيدائي آهن. سندن جماعت ۾ عالم، صالح ۽ زاهد جام آهن. پاڻ وڏي عمر هوندي به دور دراز هنڌن ڏانهن وڃي تبليغ واعظ ڪندا آهن.

سندن رهائش:
قنبر اسٽيشن جي اولهه پاسي ڪاري ڪلر جو وڏو رڻ پٽ پيل هو. جڏهن 1973ع ۾ وڏي ٻوڏ اچي ڪڙڪي، جنهن سيلاب هيٺ سنڌ جا ڪيترا آباد شهر ۽ وسنديون اچي چڪيون، سندن ڳوٺ ڊٻ چانڊيا به پاڻي هيٺ اچي ويو، پاڻ اتان لڏي قنبر واري وڏي رڻ پٽ ڪاري ڪلر مٿان اچي ويٺا. انهيءَ ميدان مٿان جامع مسجد، حويلي، مريد جماعت خانا، عاليشان مسافرخانو، ننگر خانو ۽ هڪ وڏو خوبصورت مدرسو تيار ڪرايو، جنهن ۾ سوين طالب پڙهي رهيا آهن.

واعظ نصيحت:
پاڻ پيري ۽ ڪمزور هوندي به سنڌ ۽ بلوچستان جي واهڻن، وستين، ڳوٺن، ننگرن ۽ شهرن ڏانهن هلي ڪري، ماڻهن کي هدايت، نصيحت ڪندا رهن ٿا. سندن رهائشگاهه قنبر ۾ 15 شعبان تسبيح نماز ڏهين محرم، ربيع الاول جي آخري جمعي تي عظيم جلسا ٿيندا آهن. هر هفتي جي جمعي تي به وڏو اجتماع ٿيندو آهي، جنهن ۾ پاڻ سامعين جماعت کي خطبو ڏيندا آهن.
2004ع ڌاري ٻه جمعا سندن مسجد قنبر ۾ وڃڻ ٿيو، جنهن ۾ نماز پڙهي، خطاب ٻڌڻ جو موقعو مليو. خطبو ڏيندي اظهار خيال ڪيائون ته مسلمانن ۾ پڙهيل هجن يا اڻ پڙهيل صاحب، پر هتي خاص ڪري انهن معزز پڙهيل هستين جو ذڪر ڪجي ٿو، جن جو ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو ۽ لاڳاپو ڇو نه رهيو آهي، جنهن ۾ ڪن معززين کي حوالي طور پيش ڪجي ٿو:

ڪمزور قانون ۽ صالح سماج:
ملڪي ماڻهن جي صحت ۽ معيشيت جي بحالي خاطر نشي ۽ سٽي جي وڙن جي روڪ ٿام ضروري آهي، جنهن کي ناس ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ايڪسائيز کاتو کڙو ڪيل آهي، پر ڏٺو وڃي ته هي کاتو ڪڏهن به سٺي ۽ بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي. جيتري قدر هن کاتي کي ترقي ملندي رهي آهي، ايتري نموني ملڪ ۾ نشي ۽ سٽي جي اڏن ۽ واپار جي واڌاري ۾ هٿي ملندي رهي آهي. ان مان ثابت آهي ته نشي آور شين ۽ سٽي بازي جي بندش ۽ رنڊ روڪ کان ايڪسائيز کاتو بي بس بڻيل آهي.
ملڪ ۾ جرائيم ۽ مافيا کي ختم ڪرڻ لاءِ هر هڪ ضلعي ۾ سوين پوليس ٿاڻا موجود آهن، پوءِ به ڏوهن جي روڪ ٿام نه ٿي سگهي آهي، نه گناهه گهٽجن ٿا نه مافيا وارا پوئتي هٽن ٿا. ساڳي وقت پوليس پاسبان وارا خود جرائيم جي ذوق شوق ۾ واڌارتون ڪندا رهن ٿا. جيل ڏوهاري سان سٿيل رهن ٿا، ڪيسن سان ڪورٽون ڀريل ۽ اڻ ڳڻي انگ پيون آهن، ان ڪري ڪورٽون ڪيسن جي اڪلائڻ کان لاچار آهن. هڪ هڪ ضلعي ۾ هزارين وڪيل صاحبان آهن پوءِ به ڪيسن جي نيڪال ڪرڻ ۾ ڪا به تڪڙي ۽ ترت واڌ نه ٿي سگهي آهي.
هر ڊويزن تي هڪ هاءِ ڪورٽ آهي، جنهن ماتحت سوين ٻيون ڪورٽون هلن پيون. ڪيسن جي نبيري نڇيڙي ۾ 20 کان 30 سال لنگهي وڃن ٿا. ساڳي سمي اهڙي قسم جا آچار به ڏاڍا مهانگا پون ٿا. وڪيلن صاحبن جون ڳريون فيون، سندن منشين کي هر حاضري تي خرچو پاڻي، ڪورٽ ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي چانهه بسڪيٽن خاطر سندن کيسا گرم ڪرڻا پون ٿا. ڪورٽ جي حاضرين جي اوسيئڙي ۾ سڄو ڏهاڙو وڏي عذاب سان ڪاٽڻو پوي ٿو. ڪنهن نه ڪنهن بهاني تي ڪيسن کي سالن جا سال پيا رکائين ۽ حاضرين کي اينگهائين ٿا. ڦڏن ۾ ڳهندي ٻه پيڙهيون گذري وڃن ٿيون پوءِ ڪيس ٽين پيڙهيءَ جي انتظار ۾ رهيا اچن ٿا. ڪيسن دوران ڌريون خود اعتمادي کان نرهه ٿيو وڃن ۽ دائمي نفسياتي مريض ٿيو پون ٿا.
مذڪوره قانون جي ڪٿا جي ڀيٽ ۾ ديني بزرگن جون واعظ نصيحتون ماڻهن کي سڌارڻ ۽ سنئن دڳ لائڻ ۾ وڏو ڪارنامو ثابت ٿيون آهن، جنهن جا مثال اتر سنڌ جي چئن ڀلي گهرندڙ خيرانديش بزرگن جا ڏجن ٿا، جنهن ۾ علامه محمد قاسم مشوري، پير سيد، سائين عبدالغفار عرف پير مٺا سائين ۽ پير سيد غلام حسين شاهه قمبر گهڻا ناميارا رهيا آهن، پويون نيڪ سيرت اڳين ٽن کان عمر ۾ ننڍيرو رهڻ ڪري اڃا خير جي سخا ۽ ڀلائيءَ جي پرچار ۾ مصروف رهيو اچي ٿو.
هر هڪ عارف، زاهد، ڪامل، باعمل، باشريعت پنهنجي حرن ۽ حلقن ۾ نشي، سٽي، جوا، چوري، ڦر، ڌاڙي، ٺڳي، مافيا، دهشت، وحشي جي ڪڌن ڪرتوتن خلاف عوامي ميڙاڪن، گڏجاڻين، جلسن، انبوهن توڙِ نجي ڪچهرين ۾ پند، نصيحت، هدايتن سان ماڻهن جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن، جنهن ۾ ڪلام پاڪ، حديث مقدس ۽ صالحين جي مثالن کي تقرير توڙِ عام گفتگو ۾ ڪم آڻيندا رهندا آيا آهن. صالحن ۽ عارفن جي ڏس ۾ مولانا رومي، مولانا جامي، حافظ ۽ شيخ سعدي شيراز وارا ۽ ڀٽائي سائين جن کي حوالن طور پيش ڪري، حاضرين جي روحاني رهنمائي ڪندا رهيا آهن.
مٿين واعظ تقريرن جو ڦل اهو نڪرندو رهيو آهي جو ٻڌندڙ اثر قبولي، رضاڪارانه هر نشي، وياج، جوا، چوري، ٺڳي، هٿڙي، دنگي، ڦڏي کان بيزار رهندا آيا آهن، ان ڪري هو انساني ڀلائي، همدردي، پورهئي، وڻج واپار، صحيح معيشت جي راهن کي اختيار ڪندا رهن ٿا. اهي نه فقط پاڻ هدايت ۽ خير سلامتي واري راهه سان سينگارجي وڃن ٿا، پر پنهنجي نويلي پود کي به ديني ۽ دنيوي سکيا سان سنواريندا رهندا رهيا آهن، جنهن عملي واٽ ۽ ڪرداري ڪار سان صالح سماج ۾ اوڌ ويجهه ٿيندي اچي ٿي. انهيءَ مانڊاڻ ۽ سلسلي سان خودڪار، عارفانا شرعي معاشرو جڙندو رهندو آيو آهي. ان واٽ ۽ واهه سان مٿين بزرگن جي تبليغ ۽ پرچار جي زندهه ڪرامت سڏجي ٿي.
وستار ڪيل نيڪ صفت ۽ سهڻي سيرت وارن انسانن واعظ نصيحت کانسواءِ پنهنجي حلقن ۾ مدرسا ۽ دانشگاهه پيدا ڪندا آيا آهن، جن جي وسيلي درس، سکيا، هدايت، رهنمائي جي سليقي ۽ طريقي سان سوين طالب فيض فضيلت سان سينگارجي وڃن پيا، اهي اڄ جا طالب ۽ شاگرد سڀاڻي جا عالم ۽ استاد دانشور ٿي، وري ساڳي واٽ ۽ وندر ذريعي پيا خدمت سرانجام ڏيندا رهندا. ديني سکيا جي لاڳاپي سان نيڪي ڀلائي، چڱائي، ماڻهپو، برابري، نهٺائي جي پرچار هلندي رهي ٿي. ان ريت رسم ۽ رنگ ڍنگ سان هي بزرگ فلاحي ادارو آهن، جنهن جي وسيلي سلجهيل، پرجهيل ۽ باعمل باڪردار سماج اڀرندو رهي ٿو. پاڻهي يا پنهنجي سڌ ٻڌ تي ٻڌل سماجيت ۽ سڌريل پنگت جو مقصد خوف خدا ۽ مڃتا سائين ڪريمﷺ آهي. ان ڪري هن قسم جي سڀيتا ۽ تمدن ۾ نه دنگا فساد اڀرن، نه نشا سٽا، نه وري مافيا وارا زور وٺن ٿا. جڏهن ڏوهن پاپن ۽ گناهن ڦڏن جا رستا راهه ۽ سازشي سوچن جا دڳ ۽ داءَ پيچ بند هوندا، ته وري ڪيس ڪهڙي ريت اسرندا، جيڪڏهن ڪيس نه جڙندا ته پوءِ پوليس جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن جي ياترا ڪير ڪندو رهندو. صالح سماج سان ئي ڪمزور قانون جي ڪمين ڪوتاهين جو پورائو ٿي سگهي ٿو.

علامه محمد قاسم مشوري

علامه محمد قاسم مشوري

قداور، سڌو ڇڙڪ، ڏيساورو! رو سرير، پرڪشش، وڻندڙ مهانڊو، وار اڇا، ڪپڙا اڇا، ٻٽيهي ثابت اڇي، چهرو اڇو نوراني، سونهن سوڀيا سندن محتاج، آخري پساهن تائين تصوير سالم، اڇي پوشاڪ ۾ شلوار. قميص، پٽڪو سفيد، يا قبائي سائي ٽوپي، مٿي جا وار ۽ ڏاڙهي باشريعت، محفل مجلس ۾ سوالين جي صدا تي هر هر دعا گهرڻ ۾ سدائين سخا کان ڪم وٺڻ، هر دعا وڏي سڪون، پاٻوهه ۽ نهٺائي سان گهرڻ سندس شيوو رهيو.
هلڻ، گهمڻ، ڳالهائڻ، پڙهائڻ، واعظ نصيحت ڪرڻ، نماز پرهڻ وغيره ڪمن ۾ وڏي ماٺار، آهستي سان ادائگي، تيز تڪڙ کان بنهه پرهيز، مسافري جي تياري ۾ جهاز تيار ڇو نه هجي، ان تي پهچڻ ۾ اجلت ۽ اٻهرائي ڪڏهن به، اهڙو تڪڙو جهاز ڀلي اڏري وڃي، پاڻ شهستي، ٿڌائپ واري پيادل وڃڻ کي ترجيح ڏيندا.
سندن تبليغ، پند نصيحت وچٿري، چٽي آواز سان، جذبات جوش کان بالاتر، پرسڪون لهجي ۾ هلندي هئي جيڪا هڪ ئي وقت هزارين ماڻهو ٻڌي، سڻي ۽ سمجهي سگهندا هئا. ڪلام پاڪ جي پڙهڻي، ذڪر اذڪار جو آواز مٺو ۽ موهيندڙ، چوڻ جو ڍنگ نيارو ۽ نرالو، شاگردن کي پڙهائڻ جو منطقي انداز، سمجهائڻ سيکارڻ اثرائتو، آواز ۾ سور، سور، گداز رهندو هو، جنهن جو نشانو هر فڪر واري دل ٻڌڻ سان حال ۽ وجد ۾ اچي ويندي هئي.
تقرير ۾ ڪلام پاڪ، حديث، مثنوي، ڀٽائي، حافظ، سعدي، جامي وغيره جي سٽا ۽ رٿا کي وڏي پاٻوهه، سڪ سان چوندي، محفل کي رچائيندا رهندا هئا. سندن واعظ تبليغ جو مقصد ۽ مرڪز سائين ڪريمنﷺ جن جي سيرت پاڪ، نينهن، فڪر، پچار پئي هلندي هئي.
مشوري صاحب پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو جناح باغ لاڙڪاڻي شهر ۾ سائين ڪريمنﷺ جن جي چاهيندڙن، شيدائين، جانثارن ۽ عقيدتمندن کي خطاب ڪندا رهيا. سائين سنديون ڳالهيون ڳيچ ڪندي، پاڻ به روئيندا رهندا هئا ۽ سامعين کي به روئاريندا ويندا هئا، جڏهن به بنا پروگرام جي جناح باغ ۾ گهڙيا ٿي، ٺهه پهه هزارين گهور ويندر.
سرويچ، ذاڪر پهچڻ ۾ دير نه ڪندا، بس بيٺڪ جي صورتحال ۾ ويهڻ ۽ بيهڻ جي جاءِ لهي نه سگهبي هئي. اهڙي هزارن واري محفل ۽ منڊل ۾ سندن آواز کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٻڌڻ ۾ ايندو هو، تقرير جي وائي منڊل ۾ ٻڌندڙ ڄڻ پنڊ پهڻ بڻيل ڏسڻ ۾ رهندا هئا.
ميڙاڪن ۾ مخاطب ٿيڻ جو ڍنگ:
تقرير دوران حاضرين کي خطاب ڪرڻ ۾ سريلي ۽ مٺي آواز سان ”سهڻا سائين!“ چوندا رهندا هئا، ڀل ته جلسي ۾ يورپي، ايشيائي يا آفريڪن جا رهاڪو هجن، هر ٻڌندڙ جو لقب ۽ درجو سهڻا سائين هوندو هو. سامهون وارن ۾ ننڍو نيٽو، پوڙهو، جهور پريو مڙس يا فقير، امير ڇو نه هجي، يا وري ڀورو، ڪڻڪ رنگو يا صاف ٻنهي رنگن جا ابتڙ چمڙي رکندڙ رهي، ان ريت مخاطب ٿيڻ، چوڻ ۽ سڏڻ سان هر هڪ ماڻهو خوشيءَ وچان نٿو ڊاپي، ساڳي وقت سهڻا سائين هڪ عظيم واکاڻ وڏي مڃتا آهي، جنهن لقب سان ماڻهپي جي قدرن، ڏاڪن، ۽ درجن جي ملهه ماپ، تور ڪ کي بلند بالاترين ڪيو وڃي ٿو، هونءَ به سڀ انسان برابر هڪجهڙائي واري حيثيت سان پيارا ۽ پاٻوهه ڀريا آهن.
ميل ملاقات ۾ رويو:
هر ايندڙ ويندڙ سان محبت ۽ مرڪ سان ملندا هئا. سندن صحبت رهاڻ ۾ هڪ واري ڪو آيو ته اٿڻ جي نه ڪندو، ڪٽر مخالف هڪ ڀيرو ڪچهري ۾ اچي مليا ته ٻيهر زندگي ڀر موافق ۽ دوست ٿي رهندا، جنهن جو هڪ مثال محترم مولانا نورالدين چانڊيو هاءِ اسڪول ۾ عربي ٽيچر ٿي رهيو. سدائين سندن مٿان پيو حملا ڪندو رهندو هو، پنهنجي نجي ڪچهرين توڙي عام جلسن ۾ تنقيد ڪندو هلندو هو. ڪڏهن ڪنهن ڀيري محترم چانڊيو صاحب مشوري صاحب جن جي ريجهه رهاڻ ۾ مهمان ٿيا ته انهيءَ ميل ميلاپ ۽ صحبتي برتاءَ جو ايترو اثر قبول ڪيائون جو هميشه لاءِ ڇيڙ ڇاڙ ڇڏي، مشوري صاحب جن جا شيدائي ٿي رهيا.
جلسن ۽ تقريرن ۾ اچاٽ کان ڪنارو ڪرڻ:
جڏهن ته کين ڄاڻ رهندي هئي ته ڪير ڪير مخالفت ۽ ڇتي تنقيد سان ڳالهائيندو رهندو آهي، پر پوءِ به مولانا مشوري صاحب جن اهڙين لاهڻين کان بي خبر رهي، پنهنجي شائسته واٽ سان واعظ نصيحت کي جاري رکندا هئا. مخالفن کان بدلي ۽ وير وٺڻ جو سوچيندا به نه هئا. ڪنهن جي مٿان نه لاهڻيون لاهيندا هئا نه وري ٻين جي مسلڪي ڌڙن جي ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪندا هئا.
سندن جلسن ۾ هزارين حاضرين هوندا هئا. انهن ميڙاڪن ۽ انبوهن ۾ فخر وڏائي ۽ ڌاڪي کان پري رهندا هئا. سامعين کي ٻين جي خلاف مڇرائڻ جو درس ڪڏهن به نه ڏيندا هئا. خطاب تبليغ جذبات ۽ جوش کان صاف، ميٺ مزي، عاجزي ۽ نماڻائي سان رهندي هئي. تقرير دوران توحيد مقدس جو ذڪر ڪلام پاڪ جي روشنيءَ ۾ هلائيندي چوندا هئا، مالڪ سائين ازوجل، ذوالجلال والاڪرام ارشاد فرمائي ٿو ته رسالت اقدس جي باري ۾ سائين ڪريمنﷺ جن جا ارشاد مبارڪ وغيره وغيره. مطلب ته ذڪر خير ڪندي، سندن آواز ٿڌو، وچٿرو ۽ ميٺاج ڀريو رهندو هو، پرچار جو ڍنگ هجي يا جمعي جو خطبو يا درس تدريس جي سکيا جو نمونو امن سلامتي، ميٺ محبت سندن زندگيءَ جو دستور رهندو آيو.
ڏهين محرم جي موقعي تي جناح باغ ۾ اچي واعظ ڪندا هئا، جنهن ۾ ڀٽائي سائين جي هيٺين بيت سان شروعات ڪندا هئا:
”ڏکي ڏمر ناه، بکي اڄهي نه کل،
اگهاڙي وهان، ويو ويچاري وسري.“
بيت جي تشريح ۽ کول ڪندي مقصد بيان ڪيو ويندو هو ته جڏهن غم الم، ڏک درد ۽ پيڙا سور هوندا، تڏهن جهڳڙا ۽ فساد نه ٿيندا، نه وري بنا اجهي، بنا لٽي ۽ اڌوري اٽي وارا وڙهاند ۽ لڙائي وارو رستو اختيار ڪري سگهندا. لڙائي ۽ جنگ سان دنگا ۽ فساد اڃا زياده ٿيندا رهندا، امن سلامتي سان دنيوي ڪاروبار حل ڪرڻ ۾ جٽادار ماحول پيدا ٿئي ٿو. مسلڪي برادرين کي صلح سانت وارين حدن ۾ رهڻ کپي. هڪ ٻئي سان سهڪار ۽ عزت ڀري واٽ سان هلڻ گهرجي. پوءِ موقعي سارو ڪربلا جون حقيقتون بيان ڪندا ويند اهئا، جنهن ۾ هر فرقي وارا شريڪ ٿي ويندا هئا ۽ وڏي يڪسوئي واري ڌيان سان ٻڌندا هئا.

علامه مشوري ۽ مثنوي، احياءَ العلوم في الدين ۽ هڪ فلمي گانو:
علامه محمد قاسم مشوري صاحب دين اسلام جي باري ۾ گهڻ پاسائين شخصيت هئا، پوري سنڌ ۾ دين جي تبليغ، ورثي واري ملڪيت ۽ ازدواجي تڪراري معاملات ۾ فيصلا ڏيڻ سان گڏ دارالعلوم قاسميه ۾ درس تدريس ڏيندا رهندا هئا، جنهن مان ڪيترائي عالم، فاضل، مدرس ۽ مبلغ تيار ٿي نڪتا، جن دين جي خدمت ۾ ڪم شروع ڪري ڏنو، ڪي پنهنجي سهولت تي ديني درسگاهه کولي اسلامي علوم پکيڙڻ جي ذوق ۾ مصروف ٿي ويا، ڪي واعظ نصيحت تي ڌيان لڳائي دين جي تبليغ ۾ لڳي چڪا، باقي هيڪڙ ٻيڪڙ حڪمت جي ڪمن ڪارين ۾ جنبي ڪري، روزگار ڪرڻ سان گڏ حڪمت خاني ۾ به دين جي پرچار سان عام ڪچهريون پئي هلايون ۽ بيمارن جو علاج به پئي ڪيو، جن مان هڪ عالم سيد روح الله شاهه راشدي ناليوارو حڪيم آهي، تنهن جي پنهنجي زباني پيش ڪجي ٿي، جڏهن هو دارالعلوم قاسميه ۾ ديني تعليم جو فيض وٺندو هو.
سندس سختي سان چوڻ آهي ته مضمون جي لکت ۾ هن جي ٻولي ڪم آندي وڃي:
مٿين دانشگاهه ۾ 1958 ڌاري 13 سال جي ڄمار ۾ داخل ٿيو، 10 سال عربي پارسي ٻولين جي ذريعي درس نظامي 1968 ۾ پورو ڪري، فيض فضيلت سان پنهنجي عربي مدرس، فيض ور استاد ؓکان سند ورتائين، دارالعلوم قاسميه جو هي پهريون ۽ آخري طالب هو، جنهن سند وٺڻ کان پوءِ مدرسي ۾ رهي مثنوي شريف ۽ احياء العلوم في الدين جا ڪتاب حضرت استاد مڪرم جن جي رهبري هيٺ پڙهيا ۽ ڪڙهيا.
1969 کان 1971 تائين لڳاتار ٽي سال مثنوي شريف سکندو رهيو، جڏهن مدرسي قاسميه جا ننڍا وڏا شاگرد ۽ ٻاهرين شهرن جا روحاني رهاڻ جا باذوق ماڻهو درس ٻڌڻ لاءِ لڳاتار ايندا رهندا هئا، ۽ حضرت استاد سائين جا مثنوي مان قصا ڪهاڻيون پارسي ٻولي مان سنڌي زبان ۾ وڏي شوق سان سڻندا هئا، مثنوي شريف جي پارسي ڪهاڻين کي کولي سنڌي ۾ بيان فرمائيندا هئا، روحاني رازن، رمزن ۽ استعارن کي تشريح سان سمجهائڻ ۾ وار ڪانڊرجي پوندا هئا، بدن کان اهڙي ته لاتعلقي رهندي هئي، جو فقط حضرت استاد سائين جو ۽ سريلو آواز ڇانيل رهندو هو، سندن وضاحت ۾ سوز، گداز، جهوري ڄهڄڻ ڀريا جذبا، پٿر دل کي پاڻي ڪري وجهن، وحدت ۽ سائين ڪريمنﷺ جن جي عشق محبت جو ذڪر هوندو هو، اهڙي دلي پاٻوهه ۽ پيار سان ٽن سالن ۾ مثنوي شريف جا چار دفتر پورا ٿي چڪا، حضرت سائين جن جي طبع مبارڪ ناساز ٿيڻ ڪري، باقي ٻه دفتر رهيا، ان دوران پاڻ حرمين شريفين اسري چڪا، حج مقدس کان واپسي جي سمي ڪراچي ڏانهن سندن استقبال ۽ قدم بوسي جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، ملاقات ئي مثنوي شريف جي بقايا ٻن دفترن جي پڙهي پوري ڪرڻ جو تاڪيد فرمايائون، هن عرض رکيو ته قبلا اوهان جي رهبري کان سواءِ باقي ٻه دفتر سمجهڻ ممڪن ئي نه آهن، وري تاڪيد فرمايائون، بسم الله ڪري منڍ کان کڻو ڇهن دفترن تائين پڙهندا رهو، ته اوهان کي سمجهه ۾ اچي ويندا، حضرت استاد مڪرم جن جي حڪم ۽ هدايت تي گهر اچي روح الله شاهه عمل ڪيو، مثنوي پڙهڻ شروع ڪري ڏني، رهيل ٻه دفتر ائين ڄاڻ ۾ اچي ويا، ڄڻ سندن رهبري مبارڪ ۾ اڳ جا پڙهيل هئا.
مثنوي پرائڻ دوران مدرسي ۾ حضرت استاد سائين کان هڪ استدعا ڪرڻ جي دل ٻڌائين، قبلا سائين جڏهن ڪنهن ماڻهو سان اڙي ڪري ڳالهه ڪجي ٿي، ته بنا دير تڪرار شروع ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ روزانو شيطان کي گهٽ وڌ ۽ بد شد ڳالهائجي ٿو ڇا هو نه ڪاوڙبو هوندو، پاڻ سائين خميسي ڏهوٽ مولودائي کي سڏ ڪري مخاطب ٿيا ته کائون پٽڙو ڀت مَٺو ڳالهايون شيطان کي، پنهنجا عمل جڏا ۽ ناقص ڪرتوت نه ڏسي، ملا مت وري شيطان کي ڪئي وڃي.
21 جولاءِ 2007 تي سيد روح الله شاهه راشدي چيو، ته مثنوي شريف روز پڙهندي پڙهندي نوان نوان موڙ ۽ رستا اڀرندا رهن ٿا، جيڪي اڳ ۾ نه ڏٺل هئا، مثنوي شريف جو مطالعو ڪندي ڪندي حيرت جي دريا ۾ ماڻهو غرق ٿيو وڃي.
احياءَ العلوم في الدين:
هن ڪتاب سڳوري جا مصنف حضرت امام غزالي ؓجن آهن، هي اهو ڪتاب آهي، جيڪڏهن ڪلام پاڪ ۽ حديث شريف کي ڪنهن هڪ هنڌ جمع ڪري رکجي، ته ان جي جاءِ تي هي ڪتاب مبارڪ ڪم ڏئي سگهي ٿو، هن ڪتاب ۾ آهي ته حضرت نوح عليه السلام جن طوفان دوران ٻيڙو تيار ڪرايو، جنهن تي کڻڻ لاءِ شيطان کين ڏاڍيون آزيون ۽ نيازيون ڪيون، پر پاڻ هن جي هڪ به نه ٻڌائون ۽ انڪار ڪر ي ڇڏيائون، الله تعاليٰ حضرت نوح عليه السلام کي حڪم ڪيو ته شيطان کي ٻيڙي تي چاڙهه، ان ريت شيطان طوفاني پاڻي جي غرق ٿيڻ کان بچي ويو، انهي مشڪلات کان بچڻ جي عيوض ۾ شيطان حضرت نوح عليه السلام جن کي ٻڌايو ته ٻن وقتن تي ماڻهو منهنجي اڳيان کينهو (بال) جيان پيرن ۾ هوندو آهي، پوءِ انهي کينهو کي جيڏانهن وڻي اوڏانهن ٺوڪر هڻجي ته هو آساني سان ٿڏبو رهبو آهي، اهي ٻه وقت هڪ ڪاوڙ ۽ ٻيو شهوت جون مهلون آهن، ساڳي ڪتاب ۾ ذڪر آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام جن کي طور جبل ڏانهن رستي سان ويندي شيطان ملي ويو، جنهن کانئن عرض ڪري پڇا ڪئي ته سائين ڪيڏانهن پيا وڃو، پاڻ حضرت جن کيس وراڻيو ته مالڪ الملڪ ذوالجلال سان هم ڪلام ٿيڻو آهي، شيطان کين خدمت ۾ گذارش ڪئي ته مالڪ سائين تائين منهنجو نياپو عرض پيش ڪيو وڃي، ته هاڻي مان پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن کان ٿڪجي ۽ ڪڪ ٿي پيو آهيان، مون کي مالڪ سائين معاف ڪرڻ فرمائي، حضرت موسيٰ عليه السلام جن هم ڪلام ٿي واپس پيا ٿين، ته خالق اڪبر کين شيطان جو نياپو ياد ڏياريو، کين الله تعاليٰ فرمايو ته معافي هڪ شرط سان ڏئي سگهجي ٿي، ته هو حضرت آدم عليه السلام جي قبر کي سجدو ڪري، شيطان شرطي معافي لاءِ چيو، ته جيئري سجدو نه ڪيو ته وري قبر کي ڪيئن سجدو ڪريان، نياپي جي بدلي ۾ شيطان سندن خدمت ۾ حضرت نوح عليه السلام واري ڪاوڙ وارو قصو عرض رکيو.
موقعي جي مناسبت سان سرمد شاعر جو هڪ شعر ڪم آڻجي ته موضوع کي وڌيڪ اهميت ملي ويندي.
سرمد حديث کبعه و دير مکن، درکو چئه سگ چو گمرجانسر مکن
رويشوه بندگي از شيطان آموز يڪ قبله گزين سجده غير مکن
هڪ ڀيري مثنوي شريف جي درس دوران طالب سيد روح الله شاهه حضرت استاد سائين علامه مشوري صاحب کان عرض ڪندي هڪ فلمي گاني جي مصرع جي معنيٰ کي ڄاڻڻ جي جسارت ڪئي، قبلا سائين هڪ فلم ”شولا و شبنم“ ۾ گلوڪار رفي آهي جنهن گاني جو ٿلهه آهي:
جانے کیا ڈونڈتی رہتی ہیں، یہ آنکھیں مجھ میں،
راکھ کے ڈیر میں شعلہ ہے، نہ چنگاری ہے۔
گاني جي آخري مصرع جي سٽن ۾ چيل آهي:
آرزو جرم، وفا جرم، تمنا ہے گناہ،
یہ وہ دنیا ہے، جہاں پیار نہیں ہو سکتا
کیسے بازار کا دستور تمہیں سمجھاؤں
بک گیا جو، وہ خریدار نہیں ہو سکتا
پويون گاني جو مصرع ٻڌي ڪري پاڻ فرمايائون سبحان الله فلم ۾ اهڙا به گانا هوندا آهن، پوءِ مذڪور سٽن جو مطلب وضاحت ڪري سمجهائڻ فرمايائون:
هي دنيا جو جهان آهي، جنهن ۾ ذات پات، قبيلا، قومون، فرقا، ٽولا، جٿا، دڙا بنديون آهن، جن جا دنگا فساد، جهيڙا جنگيون اڻ کٽ آهن، انهن جي وڙهاند، ٻيائي ۽ دئي جي ڪري معاشرن کي هي سڄو جڳ پريشان ۽ نالان آهي، جنهن وقت ماڻهو وحدت جي جهان ۾ پهچندو، ته ڪثرت وارا فعل، ڏوهه گناهه سڀ ختم ٿي ويندا، اتي نه طالب نه مطلوب رهندو، وحدت جي ميدان ۾ آرزو، وفا ۽ تمنا جو چڪر بنهه نه هوندو، ته پوءِ ڇا جي آرزو، وفا، ڇا جو پيار ۽ ڪهڙي جي خواهش، انهن ڳالهين ۽ جهنجهٽن جو وجود ئي نه رهندو، واپار جو به هڪ دستور آهي، ته منڊي ۾ جيڪا شيءِ هڪ ڀيرو واڪ وسيلي وڪرو ٿي چڪي، اها شيءِ وري خريداري جي وڙن ۾ اچي نه سگهندي، ان ريت جيڪو ٻانهو پنهنجي مالڪ جو ٿي چڪو، اهو وري ڪڏهن به غيرن جي سنگت صحبت ۾ نه ايندو، اهڙو ٻانهو مالڪ سائين جي بلي وڪامجي ويو، ان کي ڪو به خريدار ڪري نه سگهندو، جڏهن کان حضرت استاد سائين جن گاني جي مصرع جي معنيٰ مطلب سمجهايو اڄ سوڌو ياد رهندو اچي ٿو، کيس ڏاڍي خوشي ٿي، جو فلمي گاني ٻڌڻ سان پاڻ سائين جن ڏمر نه ڪيائون، اٽلو ڏاڍو راضي ٿي ويا، مثنوي شريف جي روحاني راز جو مطلب ۽ مقصد علامه اقبال ؓجن جي هن شعر مان به پڌرو آهي.
بمصطفیٰ برساں خوش را کہ دین ہمہ اوست
اگر بہ اونر سیدی تمام بولہبی ست
توحيد جي تشريح ۽ ڪتاب الله جي نروار ٿيڻ جو ڪارڻ، جنهن ذريعي ۽ رستي سان انسان ذات کي نصيب ٿي چڪو، ته پوءِ اهڙي محسن اعظم کي ته هر دم ساهه پساهه ۾ ياد ڪندو رهجي، سائين ڪريمن ﷺ جن جو ادب ۽ ساڻن محبت رکڻ ئي افضل عبادت آهي.

مولوي نور الدين چانڊيو

مولوي نور الدين چانڊيو

خاوند ڏني چانڊيي کي ڳوٺ ڏاتي جي وانڍ ۾ نور الدين پٽ 1927ع ۾ پيدا ٿيو، سکيا جو عمل هيٺين درس تدريس جي ماڳن کان شروع ڪيائين، کنڊو پرائمري اسڪول ۾ سنڌي چار درجا پڙهيو، ساڳي ڳوٺ ۾ ديني درسگاهه مولانا عبدالعزيز مڪرانيءَ جو شاگرد مولانا عبدالروف ابڙو هلائيندو هو، جنهن کان سنڌي تعليم دوران ابتدائي پارسي ۽ عربي به سکيو، مدرسي جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ مولانا شير محمد کوسي کان ڪجهه سکيا وٺي چڪو، مدرسو غريب آباد جيڪب آباد ۾ مولانا اميد علي چني کان ديني تعليم ورتائين، هاڪاري درسگاهه نورنگ تعلقو قنبر ۾ مولانا مير محمد نورنگي وٽ رهي فيض ياب ٿيو، ميرو خان شهر ۾ مولانا خوش محمد کان سکيا نصيب ٿيس، پنجاب جي مدرسي مٺڻ ڪوٽ ۾ مولانا واحد بخش وٽ رهي، ديني علوم جي سند ورتائين، آخر ۾ هندوستان وڃي ديوبند مدرسي ۾ دور حديث مولانا انور کان پرايائين، اسلامي تعليم مولانا اعزاز علي جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪيائين، جتي 2 سال رهيو، تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ استاد ٿي پڙهائڻ جاري ڪيائين.
مدرسي ڪوٽ لعلو خيرپور ميرس ۾ پڙهايائين، ڪجهه سمو مدرسو احياءَ العلوم حيدر آباد ۾ تعليم ڏنائين، 1945ع ۾ اشاعت العلوم مدرسي ۾ خدمت ڪيائين، جتي پاڻ اول شروعاتي تعليم وٺي چڪو، پهرين مئي 1948ع تي ثانوي تعليم ۾ عربي ٽيچر مقرر ٿيو، ڊيوٽيءَ کان پوءِ ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ سنڌي استادن کي دينيات جي تعليم ڏيندو هو، مولوي نورالدين شاعر ۽ اديب هو، سندس تصنيفات هئي:
1 موجي نور 2 ڪليات نور 3 ديوان نور ۽ تجلي نور ۽ سنواح حيات نور 6 تخلص نور 7 ڇولي طور.
هن جي عربي ٽيچر جي حيثيت سان گهڻي ڀاڱي نوڪري پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ رهي، 5 مئي 1979ع تي ساڳي اداري ۾ مون کي چيائين ڪنهن جي مٿان تنقيد نه ڪرڻ کپي ڇو ته ”مون کي تجربو ٿيو ته جڏهن مولانا محمد قاسم مشوريءَ ڏانهن ڪنهن ڪم سانگي وڃڻ ٿيو، هن جو حسن اخلاق، انڪساري، محبت ڀريو برتاءُ مون کي اندر ۾ اهڙو ته پيهجي ويو جو مان هن جي مخالفت هميشه لاءِ ڦٽي ڪري ڇڏي، ورنه هن کان اڳ ۾ مٿس نڪتچيني ۽ تنقيد پيو ڪندو هوس سندس روبرو ملاقات کان پوءِ وري زندگيءَ ۾ مخالفت ئي ڇڏي ڏني، ان ڪري ڪنهن به ماڻهو جي پر پٺ ٽيڪا ٽپڻي نه ڪرڻ کپي.

حضرت غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني

حضرت غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني

سيد غلام مرتضيٰ شاهه سجاده نشين گنبٽ ولد پير سيد خميسو علي شاهه جيلاني درگاهه غوثيه گمبٽ 1305هه ۾ گنبٽ ۾ پيدا ٿيا.
تعليم: سنڌي، پارسي ۽ عربي هئي، والد پير سيد خميسو علي شاهه جي وفات بعد گادي غوثيه گنبٽ سنڀاليائون، پاڻ درگاهه شريف جي صحن ۾ مريدن سان ڪچهري ڪندا هئا، روزي ۽ نماز جا پابند هئا، نماز پڙهائڻ ۾ پاڻ پيش امام ٿيندا هئا، گهڻو وقت مسجد شريف ۾ گذاريندا هئا، مريدن ۽ عقيدت مندن سان ڏاڍو پيار، پاٻوهه، فياضي، خنده پيشاني سان ملندا هئا، مسڪينن جي مدد به ڪندا هئا، پاڻ ڪرامت جا صاحب، سائلن جي دلين جا راز به لهندا هئا، سڄو سڄو وقت جماعت سان گڏ ذڪر فڪر ۽ صلوات شريف جي پڙهڻ ۾ گذاريندا رهيا، هر ايندڙ کي صلوات شريف جي پڙهڻ ۾ شامل رکندا هئا.
سندن وڏي فرزند جو نالو پير سيد محمد شاهه جيلاني هو، جيڪو والد جي وفات کان پوءِ گادي ڌڻي رهيو، کيس ست فرزند ٿيا، سندن وڏو پٽ پير سيد اسد الله شاهه سجاده نشين ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا، جن ۾ وڏو سيد ابو محمد صالح شاهه جيلاني هن وقت درگاهه غوثيه جا اٺون نمبر گادي ڌڻي ٿيا آهن.
پاڻ پير سيد غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني 1388هه برابر 26 ڊسمبر 1968ع شوال جي پجين تاريخ خميس ڏينهن هڪ بجي منجهند جو هي فاني جهان ڇڏي مالڪ الملڪ ذوالجلال له سان وڃي مليا. ()

هڪ ٻڌل ماجرا:
1980ع ڌاري لاڙڪاڻي شهر جي سياستدان قاضي فضل الله جي ڪچهري ۾ ويٺو هوس ته هڪ مايوس ۽ اڀا ساهه کڻندڙ تپيدار، نالو ذات وسريل، هلڪي قد جو، ڪنهن ائنٽي ڪرپشن جي ڪيس ۾ وڪوڙيل هو، قاضي صاحب کان مدد وٺڻ آيو، نصير آباد يا باڊهه جو هو، ڳالهيون ڪندي مون سان حال اوريائين ته منهنجي وڏي ڀاءُ جي وفات ٿي، ان جي بيوهه عدت گذرڻ بعد برادري وارن مو ن کي زوري پرڻائي، اها شادي منهنجي لاءِ قاتل زهر مثل هئي، پوءِ به هڪ پٽ ان مان پيدا ٿيو، پر اها عورت وفات ڪري وئي، ان کان پوءِ ڇڙو ڇانڊو رهيس، جيئن ته مان حضرت سيد غلام مرتضيٰ شاهه جيلاني جو مريد ۽ پانڌيئڙو هوس، اتي وڃي روحاني تسڪين حاصل ڪندو رهندو هو، هڪ ڀيري قبله سائين مون کي فرمايو اڙي! ڇڙو نه رهه، شادي ڪر، کين عرض ڪيم ته ڪٿان شادي ڪريان، پاڻ ٺهه پهه ڇا ڪيائون جو مريدن جو هڪ ٽولو درگاهه جي در مان ٽپي زيارت تي ويو ٿي، انهن ۾ هڪ 13 يا 14 سالن جي ڇوڪري به هئي، اها ڇوڪري در ٽپڻ واري هئي، ته سائين قبله ان کي پيرن ۾ نئٽ جو لڪڻ ونگوڙي سان وجهي کيس پوئتي ڪيرايو ۽ چيائين ته هي تنهنجي گهر واري ٿيندي، انهي ڇوڪريءَ جي والدين هڪ دم کلي هائوڪار ڪئي، دير نه لڳي، نڪاح ٿي ويو، جنهن مان اڳتي هلي ست پٽ پيدا ٿيا، پوئين گهرواريءَ مان ڏاڍو راضي آهيان، پهرين گهرواريءَ وارو منهنجو پٽ پڙهيو ۽ آمريڪا ۾ رهندو آهي. ()

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

مئي 1959ع تي عاقل ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتائين. سندس والد نالي وارو عالم مولانا علي محمد حقاني هو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول عاقل کان نصيب ٿيس. مئٽرڪ تائين ثانوي سکيا گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ حاصل ٿي. انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ٿي، ان کانپوءِ اهليت جي بنياد تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج م داخلا ملي، جتان 1983ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺڻ ۾ سوڀارو ٿي ويو. ساڳي وقت سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻي مان اسلامي ڪلچر ۾ ايم اي ڪري ڇڏيائين، پڙهائيءَ دوران مذهبي توڙي سياسي کيتر تي مضمون ۽ مقالا لکندو رهيو. 1988ع ۾ عملي نموني جي يو آءِ مولانا فضل الرحمان جي قيادت ۾ سياست جي شروعات ڪيائين. ڊاڪٽر خالد محمود اين اي 207 رتيديرو، ميرو خان ۽ شهدادڪوٽ تان چار ڀيرا اليڪشن وڙهندو رهيو ٻه ڀيرا شهيد بينظير ڀٽو، ٽيون دفعو شاهد ڀٽو، چوٿون ڀيرو آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر سان مقابلا ٿيا. 2006ع ۾ سينيٽر چونڊجي ويو، جي يو آءِ جو به جنرل سيڪريٽري ڪافي سالن کان رهندو آيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ هلي، ته هن انهيءَ هلچل ۾ حصو ورتو. ان ڪري هن کي 9 مهينا جيل ڪاٽڻو پيو. 29 نومبر 2014ع تي سکر مسجد ۾ صبح جي نماز پڙهندي شهيد ڪيو ويو. هن جي وڃڻ ڪري سنڌ جي سياست ۾ هڪ قسم جو خال هڪ پاسي ته ٻئي پاسي مدرسا تعليم جو عروج ٽٽي پيو. هن پنهنجي پويان 6 پٽ ۽ ٽي نياڻيون ڇڏيون. هن جي جنازي نماز اسٽيڊيم لاڙڪاڻي ۾ هزارين ماڻهن جي پيش امامت سندس ننڍي ڀاءُ مولانا مسعود سومري ڪئي. اڪثر ڪري ڊاڪٽر خالد محمود جون تقريرون مذهبي توڙي سياسي تيز رواني ۽ شعلا بياني تي رهيون. جڏهن ثانوي تعليم پڙهندو هو، تڏهن ان اداري ۾ پڙهائيندو به رهندو هو، ان ڪري شاگرد ۽ استاد هڪ ٻئي کي چڱي ريت سڃاڻندا رهندا هئا ۽ ڇڊو پاڊو سلام ڪلام رهندو هو.

[b]جامعيه اسلاميه اشاعت القرآن والحديث دودائي روڊ لاڙڪاڻو:
[/b] هي مدرسو 1967ع ۾ مولانا علي محمد حقاني سومري کان شروع ڪيو ويو. اول ته ننڍڙي سطح تي هليو، بعد ۾ ترقي ڪندي، جاميه جي درجي کي پهچي ويو، دودائي روڊ لاڙڪاڻي جي اوڀر پاسي کان هڪ مهاجر بدرالحق حڪيم لاڙڪاڻوي کي زمين ڪليم ٿي ملي، هن سان هڪ حڪيم جي حيثيت سان منهنجون به گڏجاڻيون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري هن مونکي ووڙ ڏني ته منهنجي زمين روڊ پاسي کان آهي، ان زمين مان ڪجهه حصو مسجد ۽ مدرسي جي لاءِ خيرات ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، نيٺ مولانا علي محمد حقاني هن بخشش جو فائدو ورتو، اڳتي هلي جڏهن هن سرزمين تي مدرسي کي آندو ويو ته وسيع زمين ملڻ ڪري هڪ قسم جي ديني ڪئمپس کڙي ٿي ورنه اڳ ۾ دودائي روڊ لاڙڪاڻي جي اولهه ۾ هڪ ننڍڙي مسجد کان مدرسو شروع ٿيو. هن مدرسي کي جامعه بنائڻ وارو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو هو. هن سمي ”جامعه“ جي شاهوڙ جامع مسجد، وڏي قسم جي لائبريري، شاگردن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون الڳ رومس ۾ پڙهن ٿا. عمارتون هيٺ مٿي ڪلاسز آهن، مسافر شاگردن جي رهڻ جي هاسٽل، کاڌو مفت، مناسب نموني اسڪالر شپس، تيل صابڻ، غسل خانا مفت انتظام ٿيل آهي.
ٽوٽل شاگردن جو شمار: 650
مسافر شاگرد جو تعداد: 450
عربي پاسي جا شاگرد آهن:
انگريزي تعليم، جيڪي چاهين ته پڙهي سگهن ٿا
عربي پاسي جا معلم: 46
انگريزي ٽيچر: 4
سنڌي استاد شام جو پڙهائڻ وارا: 4
جاميه جي انتظام کي هلائڻ لاءِ ملازم پگهاردار: 50
ڇوڪريون ديني تعليم پڙهندي عالمه تائين هلن ٿيون: 30
هن جامعه کي هلائڻ ۾ هڪ ماهه جو خرچ آهي اندازاً 1700000 رپيا.

لاڙڪاڻو

---

دودائي ڳوٺ ۾ مذهبي جماعتن جو ڳڙهه

800 صدي قمري جي وسندڙ وسندي دودائي ڳوٺ پراڻي دور کان سنڌو درياءَ جي مشهور ڦاٽ گهاڙ واهه تي آباد ٿيندڙ سکيو ستابو، خوشحال، شاهوڪار ۽ ناليوارو ڳوٺ ٿي گذريو. ڳوٺ ۾ سيدن کي 1200 جريب زمين ۽ سانگين کي 800 جريب ۽ هندو عامل مشهور وڪيل زميندار رهيا، جن ۾ ديوان چنديرام ۽ سندس ٻه پٽ ديوان سوڀراج ۽ ديوان موٽو مل ناميارا وڪيل هئا. دودائي ڳوٺ ۾ هوندڪاري ۽ ساهيٽائٽ هئڻ ۽ رزق روزي ڪشادي رهڻ ڪري، مذهبي جماعتن جو هتي اچڻ وڃڻ، ميل ميلاپ، مجلسون ۽ محفلون گهڻي انگ لڳنديون هيون. دودائي جا ماڻهو امداد، چندا، کارائڻ پيارڻ ۾ ميا مٽ هوندا هئا.
ڳوٺ ۾ چار بگيون گهوڙا گاڏيون سرنديءَ ۽ زمينداريءَ جي حساب سان شوقيا رکندا هئا. گهوڙا گاڏين تي چڙهي ڪمين ڪاري يا گهوم جي خيال کان لاڙڪاڻي شهر ڏانهن ويندا هئا. اهڙين گاڏين ۾ هڪ بگي گهوڙو هندو عامل به رکندا هئا، جنهن تي سوار ٿي روزانو ڪورٽن ڏانهن روانو ٿيندا هئا. هندو عامل پنهنجي مرشد ناصرالدين شاهه جي وفات بعد 1907ع کان 1947ع تائين ميلا ملاکڙو لڳرائيندا رهندا هئا، جنهن جي ڪري دودوائي جي مشهوريءَ ۾ وڏو واڌارو ايندو رهندو هو. دودائي ۾ 6 مسجدون، هڪ مندر، هڪ هندو عاملن جو بنگلو ۽ مسلمانن جون ڪيتريون اوطاقون هيون.
ذاتيون: سيد، سانگي، سومرا، هليا، ڀٽي، منگي، ميربحر، مگسي، ڪاسائي، ڪنڀر، وگهيه، جيها، چنا، لاڙ، تونيه، شيخ، دايا، خاصخيلي، هندو ڀائيبند، عامل هندو وغيره هوندا هئا.
هندن جا 20 گهر، گهڻائي ۾ سانگي ذات رهندي اچي ٿي. هندو عامل، سيد پير ناصرالدين ولد سيد پير عبدالرسول شاهه (جنم 1878ع ۽ وفات 1907ع) جا مريد هئا. مذڪوره پير باشريعت ۽ ديني ماڻهو قادري طريقي سان هلندڙ هئا. سندن پويان نؤن شهرو وارن صوفي بزرگ شاهه نصير سير ڌڻي وارن جا مريد ٿيا. هي صوفي فقير جماعت يڪتارو چپڙين تي راڳ ويراڳ ڪندا هئا. گيڙو ڪپڙا سندن جماعتي نشان رهيو اچي. ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر لاڙڪاڻي ڦل روڊ سان هن جماعت جو مرڪزي مئيخانو موهن جو مڪان هو، جنهن ۾ پير صفي الله شاهه ولد نصير شاهه نؤن شهرو ڇڏي، موهن جي مڪان ۾ حاويلي ٺاهي لاڙڪاڻي ۾ رهائش ڪيائين.
هن گاديءَ جو مشهور مريد ليکراج هو جيڪو لاڙڪاڻي شهر جي گجڻ پور محلا گهاڙ واهه جي ڏکڻ ڀرسان هڪ وڏي درٻار تيار ڪرائي سنت ليکراج جي لقب سان گهڻو پڌر پيو. 1947ع ۾ سنت ليکراج ڀارت ويو، گجڻ پور ۾ پنهنجي مال، مڏي، زمين ۽ درٻار سڀ جو سڀ پنهنجي مرشد پير رانجهن شاهه ولد عبدالعلي ولد صفي الله شاهه جي حوالي ڪري ويو، تنهن ڪري پير رانجهن شاهه موهن مڪان واري حويلي ڇڏي، گجڻ پور محلي لاڙڪاڻي شهر ۾ دائمي آباد ٿيو، جتي هنن بزرگن جو ويڙهو ۽ جماعت رهي ٿي، پير رانجهن شاهه 1981ع ۾ گجڻ پور محلا لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪري ويو.
هن جماعت ۾ راڳ ويراڳ، يڪتارو، چپڙيون، نشي ۽ خماري ٻوٽين سان وڏو ذوق اٿن، سندن چوڻ آهي ته دنيوي کٽراڳ ۽ خرکسن کان پاڻ کي پري رکبو ته روحاني راز حاصل ٿيندا. جڏهن ته اسلام هر نشي ۽ خمار کان پري رکڻ ۽ منع فرمائي آهي، جڏهن ته دودائي واري سيد ۽ سانگي جماعت پنهنجي صحت ۽ معيشت کان هٿ ڌوئي ويٺا. هن جماعت جي سانگي خليفن جهڙوڪ موجود در محمد ولد عبدالرحمان ولد در محمد سانگي پاڻ کي سيدن کي ۽ دودائي ڳوٺ ٽن پيڙهين کان برباد ڪندا آيا آهن، وڏي در محمد سانگي، فقير ڀائيخان زميندار کي مارايو ۽ زمينداري تباهه ڪيائينس، عبدالرحمان سيد اشرف جي 300 جريب زمين جنرل پاور آف اٽارني دوکي سان محمد نواز لهر جي نالي تي ڪرائي، ان زمين مان 15 ايڪڙ مفت ۾ الهڏني سانگي، 10 ايڪڙ افروز سانگي ۽ 4 ايڪڙ علي گل سانگي کي ڏياري، باقي زمين لهر محمد نواز کپائي کائي ويو. اشرف شاهه جا پويان بکن ۾ پاهه ٿي بهشت گهريا. موجوده در محمد دودائي ڳوٺ جي سانگين مٿان پوليس ڪيس ڪرائي دودائي مان بدر ڪرايو، انهن ڀاڳيلن جون جايون ذاتي پٽ، مال نيلام، زرعي زمين مٿان ڪيترا سال قبضا، هندو عاملن جي تمام شاندار محلات ٽه ماڙ ڊهرائي بيلجم جا گارڊر، ساڳ جو ڪاٺ ۽ پڪ سرون نيلام ڪرائي، ڏوڪڙ ڪمائي، دودائي ڳوٺ جي سونهن سينگار ۽ ثقافت برباد ڪيائين، اڌ ڳوٺ ڊهرائي، کنڊر ڪرائي مزا ۽ جشن ملهايائين.
در محمد سانگي جو آخري انتهاپسندي وارو حربو:
جڏهن ته هي خاندان صوفي جماعت شاهه نصير شاهه جا خانداني خليفا رهيا آهن ۽ مئي خانن جا سرپرست هلندا آيا آهن، پنهنجي خاندان ۾ پهريون جبيري آهي، جيڪو پير صاحب پاڳاره جن جي فيصلا ڪاميٽي جو ميمبر چوائيندو رهي ٿو، اهو هن جي کٻي هٿ جو عظيم ڪمال رهيو آهي جو هڪ غيرشرعي مسلڪ جو انتهاپسند ۽ ٿڙيل پرچارڪ هڪ عظيم شرعي مسلڪ جي مقدس فيصلا ڪاميٽي جو منصف چوائي، وڏي دکدائک ڳالهه آهي.
2) دودائي ڳوٺ ۾ سڀ کان اهم ۽ سڀ کان اڳ ۾ بنياد پيل پاڳاره جماعت:
ڪتاب الله ۽ سنت سائين ڪريمنﷺ جن جي ڏسيل دڳ ۽ قانون تي ذڪر فڪر، نماز، جهاد، هر نشي سٽي کان پري پنهنجي صحت، صفائي ۽ برن ڪمن کان پرهيز ڪرڻ هن جماعت جو اولين مقصد آهي، جيڪڏهن هن جماعت مان ڪو نشي سٽي ڏانهن گمراهه رهي، تنهن جو هٿ ۽ درگاهه تي اچڻ کان منع ڪيل آهي، جيستائين هو گمراهيءَ کان بانءِ نه ڪري. هن سان سماجي لاڳاپا ختم رهڻا آهن. دودائي ۾ هن جماعت جي اثر جي ڪري، جماعتين جي صحت ۽ معيشت واڌاري ۾ آهي. هو سماجي، ديني ۽ پئسي ڏوڪڙ جي ڪماين ۾ اڳ کان گهڻو اڳرا آهن. ساڳيءَ جماعت جو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو دودائي وارن سانگين، ميمڻن ۽ ڪنڀرن کي وڏي اڪير ۽ حب سان رهندو اچي ٿو. هن جماعت جي هر ديني پروگرام تي جماعت فقير سختي سان ڪاربند آهن. دودائي ۾ هن جماعت جو اٽڪل ٻن سئو سالن کان دائرو اثر هلندو رهي ٿو.
3) ذاڪري جيلاني سڪرنڊ وارا پير:
1927ع ڌاري پير محمد شاهه جيلاني پنهنجي خليفي سان پرشاهه نالي ساڻ ڪري دودائي ۾ هليا. مسجد ۾ ڪافي وقت ذڪر فڪر ۽ ڪلام پاڪ هڪ ماهه اندر پڙهائي پوري ڪرڻ جو معجزو ڏيکاريو. ان ڪري هن بزرگ جا دودائي، ڀرپاسي ۽ لاڙڪاڻي ۾ معتقد ٿيا، هن بزرگ جي واپس وڃڻ کان پوءِ ڪافي سال بعد هن پير صاحب جن جو گادي نشين فرزند سيد احمد شاهه جيلاني پنهنجي خليفي زميندار محڪم الدين سانگي، صوفن شاهه وغيره جي دعوت تي 1952ع کان هلندا اچن پيا، جن ۾ لاڙڪاڻو به شمار ٿيندو رهندو آهي. هن جماعت جو وڏي سوز گذار سان بلند آواز ۾ ذڪر هلندو آهي، هر ٻڌندڙ هن ذڪر کان متاٿر ٿيڻ ۾ دير نه ڪندو آهي. هي ذڪر سٺي گڏيل آواز ۾ هلندو آهي. هيءَ جماعت به باشريعت نماز ۽ روزي جي پابند هوندي آهي.

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنگري درگاهه شريف جو اثر ۽ آخري حر تحريڪ

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنگري درگاهه شريف جو اثر ۽ آخري حر تحريڪ

حضرت روضي ڌڻي سيد محمد راشد شاهه عليه رحمة جن هن پرڳڻي جي درسگاهن ۾ ديني سکيا وٺڻ ۽ ننڍائي ۾ رهڻ ڪري، لاڙڪاڻي سان دلي لڳاءُ رهيو، جيئن تعلقي لاڙڪاڻي جي بقاپور ڳوٺ واري مدرسي ۾ پڙهيا، آخر ۾ جڳ مشهور درسگاهه خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ۾ سموري ديني علوم جي پڄاڻي ڪري، فيض فضيلت سان دستار بند ٿيا، ان لاءِ هن خطي ۾ ڪيترا ڀيرا تشريف پئي رکيائون، ساڳي وقت اسلامي واعظ، تبليغ به جاري رکندا آيا، هتي جي ماڻهن کي فيض سان پئي نوازيائون هن ايراضيءَ ۾ سندن مريدن ۽ عقيدتمندن ۾ ڪافي کان گهڻو واڌارو ٿيندو رهيو، خاص ڪري هتي جي ڪيترن هنڌن ماڳن تي مريدن جون دعوتون مقرر ٿي چڪيون، جن جي لاءِ ٻٽن سالن ۾ هڪ ڀيرو رونق افروز ٿيندا رهندا هئا، هن سرزمين جو آخري سفر ڪري، واپس درگاهه شريف ڏانهن وريا، ته چند ڏهاڙن ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارا ٿي ويا، انهن دعوتي ڳوٺن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
ڳوٺ ڦلپوٽا لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، مڱڻيجا فقير
ڳوٺ ٻوهڙا لڳ نئون ديرو، تعلقو رتي ديرو، ٻوهڙا
ڳوٺ پنجو ديرو لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، لاڙڪ، سومرا، ڇڄڙا فقير
ڳوٺ ممون لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، جوڻيجا فقير
ڳوٺ ميهر گهانگهرو لڳ نئون ديرو، تعلقو رتو ديرو، گهانگهرا فقير
ڳوٺ اڱڻ آيو لڳ نئون ديرو، ميرو خان، مهيسر فقير
ڳوٺ گل محمد چچا لڳ نئون ديرو، ميرو خان، چچا فقير
ڳوٺ زڪريو مهيسر لڳ نئون ديرو، لاڙڪاڻو، مهيسر فقير
ڳوٺ دودائي لڳ نئون ديرو، لاڙڪاڻو، سانگي، ميمڻ، ڪنڀر فقير
ڳوٺ مسوحب لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، حب فقير
سڄڻ سانگي لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، سانگي ۽ ڪنڀر فقير
ڳوٺ فورٺ چانڊيا لڳ نئون ديرو لاڙڪاڻو، چانڊيا فقير
ڳوٺ حاجي دائود کهڙو تعلقو لاڙڪاڻو، کهڙا فقير
ڳوٺ خالد تعلقو لاڙڪاڻو، کهڙا ۽ ڪلهوڙا فقير
ڳوٺ جيها تعلقو لاڙڪاڻو، جيها ابڙا فقير
ڳوٺ بقاپور تعلقو لاڙڪاڻو، ابڙا ۽ سيد فقير
ڳوٺ سامٽيا تعلقو لاڙڪاڻو، سامٽيا فقير
ڳوٺ مهي مڪول تعلقو لاڙڪاڻو، سيد ۽ مڪول فقير
ڳوٺ ماهي ڀٽو تعلقو ڏوڪري، ڀٽا ۽ ماڇي فقير
ڳوٺ ابڙا بڪيجا تعلقو ڏوڪري، ابڙا بڪيجا فقير
ڳوٺ فريد آباد تعلقو ڏوڪري، کچي، سيال، ڀٽا، دايا، ڪنڀر ڪلهوڙا فقير
ڳوٺ سيهڙ تعلقو ڏوڪري، سيهڙ فقير
ڳوٺ ليلا آباد تعلقو ڏوڪري، نوناري فقير
ڳوٺ باڊهه تعلقو ڏوڪري، نوناري فقير
ڳوٺ مڱريا تعلقو ڏوڪري، مڱريا فقير
ڳوٺ پراڻو آباد تعلقو ڏوڪري، انڙ فقير
ڳوٺ ڇڄڙا تعلقو قنبر، ڇڄڙا فقير
ڳوٺ لاکا تعلقو قنبر، لاکا فقير
ڳوٺ هڪڙا تعلقو قنبر، هڪڙا فقير
ڳوٺ بکو سيال تعلقو شهدادڪوٽ، سيد، سيال فقير
ضلع لاڙڪاڻي جي پاڳاره دعوتي جماعتن جي ڪن دعوتي فقيرن جي ڪارنامن جي هيٺين ريت اپٽار ڪجي ٿي:

(1) مڱڻيجا فقير:
مڱڻيجا فقير اصل ڳوٺ ڊاڀي ڪچو، تعلقو رتو ديرو جا رهاڪو هئا، جتان لڏي ڳوٺ ڦلپوٽا لڳ نئون ديرو شهر ۾ اچي ويٺا، هن سمي نئون ديرو شهر ۾ هڪ پاڙي مڱڻيجا جا رهواسي ٿي ويا، حر فرقي سان لاڳاپو رکن ٿا، هي ضلع لاڙڪاڻي جي حر جماعت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن، هن خطي جي مريدن ۾ اول صف جا فقير حر جماعت ۾ ڳڻجن ٿا، ڇاڪاڻ ته سندن قربانيون بي مثال ۽ ڪارناما اڻ ڳڻيا رهيا آهن.
1931ع ۾ فقير لعل بخش ولد فقير عبدالڪريم، فقير احمد پٽ فقير روشن علي، فقير ولي محمد پٽ فقير محمد اسماعيل سڀ مڱڻيجا انڊما ٻيٽن (ڪاري پاڻي) ڏانهن اماڻيا ويا، بعد ۾ فقير ولي محمد ۽ فقير بخش علي کي هندستاني جيلن ۾ مڌناپور ۽ رتناگري ۾ ٻارن ٻچن سميت بند رکيو ويو، ساڳن فقيرن کي 1942ع ۾ مارشل لا تحت وري قيد بند رکيو ويو، جتان پوءِ هي لوڙهو، آخر ۾ جهول لوڙهو ۾ بند رهيا، نيٺ 1952ع ۾ آزاد ٿيا.
جيئن ته مڱڻيجا فقير هندستان جي جدا جدا جيلن ۾ ٻارن ٻچن سميت قيد ۾ هئا، فقير لطف علي مڱڻيجو کي دوحد حر ڪئمپ هندستان جيل ۾ 24 جون 1938ع تي فقير محمد اسماعيل نالي پٽ پيدا ٿيو، انهي جيل ۾ فقير لطف علي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، سندس سوٽ بخش علي هن جي لاش کي جيل مان کڻائي، درگاهه شريف جي عام مقام ۾ دفن ڪرايو.
1942ع جي حر مارشل لا ۾ وري کين هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ فقير ڪمال ولد فقير بخش علي، فقير قاسم ولد فقير محمد بخش، فقير ڄام ولد فقير محمد بخش، فقير محمد مريد ولد فقير امام بخش مڱڻيجا بند ڪيا ويا، جن مان فقير ڄام ۽ فقير محمد مريد سکر سينٽرل جيل ۾ گذاري ويا، فقير ڪمال ۽ فقير قاسم سابق وزير اعظم سنڌ مسٽر الله بخش سومرو شڪارپوري قتل ڪيس ، ريل گاڏي ڪيرائڻ ڪيس ۽ فقير محبت بهڻ سان گڏ ڏوهن ۾ هئڻ جي ڪيسن جي ڪري، سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاسي تي چاڙهيا ويا، ان ريت سندن خاندان ٻه ڀيرا هندستان جي جيلن ۽ سنڌ جي لوڙهن ۽ بنديخانن ۾ ڳهندو رهيو، پهريون ڀيرو 1930ع کان هنن مجاهدن لاءِ ڪٺن آزمائش جو دور هو، ٻيو دفعو 1942ع کان شروع ٿيو، جيڪو 10 سال دوزخي سمو ليکيو ويو، انهي پهاڙ جيڏي مصيبت سان به بي جگري ۽ سورهيائيءَ سان منهن ڏنو، ٻنهي اوکن وقتن ۾ ايماني قوت سان جهاڳي پار پيا.
فقير مڱڻيجن جو گهڻو وقت جيلن ۽ لوڙهن ۾ کپي ويو، هنن جي آدمشماري ۾ گهٽتائي اچي وئي، ڇو ته ڪي فقير قيد بند ۾ ڪڙجي ويا، ڪي جيلن اندر حياتيون وڃائي ويا، ڪي فقير سوريءَ تي چڙهي ويا، وڏو سمو جيلن کي ڏيڻ ڪري منجهن شاديون به نه ٿي سگهيون، ان ڪري سندن ماڻهو شماري گهٽجي وئي.
1952ع جي آزادي کان پوءِ هي فقير پنهنجي مرشد جي مفاد ۽ جماعت جي همدردي ۾ پيش پيش رهيا اچن ٿا، جيئن پاڪستان 1947ع ۾ آزاد ٿيو، پر حر جماعت جا فقير پنجن سالن کان پوءِ 1952ع ۾ آزاد ٿيا، ڇو ته حر انگريز سامراج جا به ڏوهي رهيا، ته انگريزن جي پٺن جا به ويري ثابت ٿيا، تنهن ڪري کين 1952ع ۾ آزاد ڪيو ويو.
آزاديءَ کان پوءِ خليفي لعل بخش مڱڻيجي مرشدن جي ڪيٽي ڏينهن رات سنڀالي، پيداوار ۾ ڪافي کان گهڻو واڌارو آڻي ڇڏيو، ڪيٽي جي سرزمين تي پيرين اگهاڙي سنڀال ڪندو هو، ان ڪري اکين کان ويهجي ويو، هن سچار فقير جي وفات بعد فقير محمد اسماعيل مڱڻيجو ڪيٽي جي نگهباني کي لڳي ويو، هن جديد آلات ۽ سائنسي ٻجن ۽ کاڌ سان پيداوار ۾ حيرت جهڙو اضافو آڻي ڇڏيو، هن مخير ۽ خير خواهه فقير جي لاڏاڻي کان پوءِ فقير ولي محمد مڱڻيجو ڪيٽي ۾ خدمتون سر انجام ڏيندو اچي ٿو. ()
فقير محمد اسماعيل مڱڻيجو:
سندس والد جو نالو لطف علي مڱڻيجو هو، هي خاندان 1930ع کان هندستاني جيل دوجد ڪئمپ ۾ قيدي هو، جتي قيد اندر 20 جون 1938ع تي فقير محمد اسماعيل ڄائو، هن جو والد به ساڳي قيد ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جو لاش سندس سوٽ بخش علي کڻائي، پير ڳوٺ جي مقام ۾ دفن ڪرايو.
فقير محمد اسماعيل مئٽرڪ جي بنياد تي لاڙڪاڻي روينيو ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو، جتان ايم اي ڪيائين، انگريزي لکپڙهه ۾ ڏاڍو ڀڙ هوندو هو، ان ڪري هن پي سي ايس جي امتحان ۾ سنڌ امتيازي حيثيت سان ڪاميابي ماڻي ورتي، ان صلي ۾ کيس مختيارڪار جو آرڊر آيو، پر حضرت سائين ڇٽ ڌڻي رح جن جي حڪم تي مختيارڪاري جو عهدو ٺڪرائي، ڪيٽي جي نگراني ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ڪيٽي جي زمين سڌاري، نئين زرعي آلات، جديد سائنسي طريقا ڪم آڻي ڪيٽي جي آباديءَ رڪارڊ ڇيهه ڪري ڏيکاريائين، ڪيٽي ۾ صبح شام هلڻ، ڪم ڪرڻ، راتيون گهارڻ ۽ سخت جاکوڙ ڪرڻ ڪري هن جي طبع ڪرندي رهي، نيٺ هن بسترو وڃي ورتو، انهي ڪشمڪش ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو. ()
کچي فقير:
تعلقي ڏوڪري جي وڏن ڳوٺن ۾ فريد آباد ڳوٺ ڳڻجي ٿو، هن ڳوٺ جي آدمشماري هزارن افرادن ۾ آهي، منجهس ڪيتريون ئي ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾ مريد ذاتيون، کچي، ڀٽا، سيد، سيال، دايا، ڪنڀر ۽ ڪلهوڙا آهن، سڀ مريد ذاتيون ملي ڪري دعوتون ڪندا رهندا آهن، مڙني مريدن جي خدمت کان کچي ذات اڳري ليکي ويندي آهي.
کچي ذات جو تعارف:
ٽنڊي باگي تعلقي کچين جو هڪ ڳوٺ هو، ڪن حالتن جي ڪري اتان لاڏاڻو ڪري، ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي فريد آباد ڳوٺ ۾ اچي رهائش ڪيائون، فقير محمد پنهل کچي حضرت بنگلي ڌڻي جن جو نائب خليفو ٿي رهيو، فقير گل محمد ولد فقير محمد پنهل حضرت تخت ڌڻي جو خليفو ٿي ويو، فقير محمد پنهل ثاني ولد فقير غلام محمد کچي حضرت ڪوٽ ڌڻي جن جي نوازشن سان خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو، فقير محرم ولد خليفو محمد پنهل ثاني حضرت پير سائين سورهيه ڌڻي جن جو نائب خليفو مقرر رهيو.
1942ع ۾ حر مارشل لا دوران فقير محرم کچي، فقير محبت بهڻ جي ساٿاري هئڻ جي ڏوهن ۾ 1944ع ۾ قيد ڪيو ويو، کيس سکر سينٽرل جيل ۾ بند رکيو ويو، 1946ع ۾ هن کي شرطي نموني ڇڏيو ويو، ته هو روزانو ڀر وار ي ٿاڻي جون حاضريون ڀريندو رهندو، اهڙي ريت ڏهاڙي پوليس ٿاڻي جون حاضريون ڏيندي 6 سالن کان پوءِ 1952ع ۾ آزاد ٿي، زندگي گذارڻ لڳو.
سانگي فقير:
سانگين جا ضلع لاڙڪاڻي ۾ زمينداري خيال کان ست اٺ ڳوٺ آهن، جن ۾ خاص ڪري دودائي ڳوٺ جا سانگي پاڳاره جماعت جي تشخص ۽ نشان تي وڏي عقيدت ۽ ايمان سان رهندا پيا اچن، 1943ع جي مارشل لا دوران يا ان کان اڳ ۾ فقير محبت بهڻ جو هن ڳوٺ ۾ ٿاڪ بسيرو هوندو هو، جتان ويهي ڪري سنڌ جي حرن جي ڪمان سنڀاليندو رهندو هو، هن جي خدمت ۾ فقير مراد علي ولد مير محمد سانگي نروار هوندو هو.
حقيقت ۾هن حقيقت کان به منهن موڙ نٿي ڪري سگهجي، ته سرڪار انتظامي جوڙجڪ يا غير سرڪاري عوامي تحريڪن جي مانڊاڻ جو ٽڪساٽ تيز مخبري ۽ تکي جاسوسيءَ واري تنظيم کان سواءِ اڌورو آهي، انهيءَ نڪتي نظر سان جهڙيءَ ريت برٽش شاهي دور ۾ حرن خلاف انگريز سرڪاري سائنسي سي آءِ ڊي کاتي ۾ پگهاردار جاسوسن، کاهوڙين ۽ مخبرن جو ڄار پکڙيل هوندو هو، جنهن جي وسيلي حرن جي چرپر، هلچل، راهن رندن مٿان ڪرڙي نگاهه رکي ويندي هئي، تهڙي ريت انگريز سامراج جي سازشين جي توڙ ۾ سنڌ جي حرن پاران به پرک پروڙ ۽ تاڙ جهاڙ جو ادارو اڏيل هو، جنهن ۾ هڪ رضا ڪارانه بنا پگهار پيرين، ڏاسن ۽ تاڙ وارن جو ڍانچو تيار ٿيل رهيو، جيڪو هر اوکي گهڙيءَ ۾ برٽش دشمن جي جنگي ڪاررواين کان اڳ واٽ حر جماعت کي پتو کرو ۽ ڄاڻ ڏيندو رهندو هو، جنهن جي آڌار تي حر پنهنجي جوابي جنگي حڪمت عمليءَ کي جامو پهرائيندا رهندا هئا ۽ انگريز سامراج کي ڪاپاري وار رسائيندا رهندا هئا.
مذڪور سامراج جي مڪارين ۽ جنگي حربن پٽاندڙ ڏکڻ لاڙ جي مفرور فقير محبت بهڻ جي دودائي ۾ ڏس ۽ خبر مطابق دودائي ننڍي ڳوٺ مٿان ڇاپا لڳندا رهيا، آخري ڇاپو 15 شعبان عيد رات دودائي ۾ لڳي چڪو، جنهن ۾ فقير مراد علي سانگي ۽ فقير عبدالخالق سانگيءَ جي گهرن کي ڍلي رات جو ملٽري گهيرو ڪري ورتو، فقير مراد علي سانگي جي ماسي پيرن خاتون شب برات جو نفلن پڙهڻ ۾ رات گذارڻ واري هئي، جنهن عبادت جي هير مطابق نفلن پڙهڻ جي ڌن ۾ پنهنجي ڪوٽ جي سندن انبن جي باغ اندر کڙڪو ٻڌو، جنهن ڪوٽ جي اوڀر کان دري مان نهاريو، ڏٺائين ته ملٽري وڻ وڻ گهوڙو هو، بنادير دري بند ڪري مراد علي فقير جي کٽ تان بندوق کڻي گم ڪيائين ۽ فقير مراد علي کي ملٽري جي کڻڪ ڏنائين، جڏهن ته خوشقسمتيءَ سان ان مهل حرن جو ٽولو وڃي چڪو هو، فقير مراد علي ڪو به چارو نه ڏسي ملٽري کي هٿ ڏنو، اهڙي ريت فقير عبدالخالق سانگي دودائي مان هٿ ٿيا ۽ فريد آباد ڳوٺ تعلقي ڏوڪري مان فقير محرم علي کچي پڪڙيو ويو. ()
اهڙيءَ ريت ٽيهن فقيرن کي سکر سينٽرل جيل ۾ رکيو ويو، فقير مراد علي سانگيءَ کي جيل بدلي ڪري سنيٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، جتان 1946ع ۾ آزاد ٿيو، پوءِ به ڌامراها پوليس ٿاڻي جون 6 سال لڳاتار حاضريون کائيندو هليو، فقير عبدالخالق سانگي سکر کان حيد ر آباد جيل اماڻيو ويو، ان کان پوءِ ڦليلي، ڪئمپ، وارهه لوڙهو، جوهي لوڙهو آخر سنجهورو لوڙهو 8 سالن بعدڳهندي 1952ع ۾ آزاد ٿيو، تنهن کان پوءِ درگاهه شريف جون زيارتون ڪندو رهيو.

سيپٽمبر 1965ع واري پاڪ ڀارت جنگ:
هن لڙائيءَ ۾ دودائي ڳوٺ مان راجستان سيڪٽر تي جن حر مجاهدن پنهنجا جنگي ڪارناما سر انجام ڏنا، اهي هيٺيان غازي آهن.
حر مجاهد عبدالقادر ولد همت علي سانگي، پلٽون ڪمانڊر
حر مجاهد هادي بخش ولد حاجي محمد پنجل سانگي
حر مجاهد محمد بخش ولد غلام محمد سانگي
حر مجاهد ممتاز علي ولد گلشير سانگي
حر مجاهد سدائي ولد صاحبڏنو سانگي
حر مجاهد منظور علي ولد ڪرڙ سانگي
حر مجاهد رحمت الله ولد حاجي خان سانگي
حر مجاهد عبدالخالق ولد امام بخش سانگي
حر مجاهد احمد علي ولد محمد اسماعيل سانگي
حر مجاهد نظر حسين ولد غلام حيدر تونيو
مذڪور هلندڙ لڙائيءَ ۾ وڙهڻ لاءِ مٿين حر مجاهدن کان سواءِ درگاهه شريف پيرڳوٺ ڏانهن ضلع لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن جا حر مجاهد پهچي ويا، جن کي ٽرڪن ۾ سوار ڪري، رحيم يار خان جي رينجرس هيڊ ڪوارٽر ۾ لاٿو ويو، سندن پورو نالو ۽ پتو رجسٽر ۾ داخل ڪري، کين هڪ هڪ رائيفل سؤ سؤ گوليون ڏنائون، صبح جو وري ٽرڪن وسيلي جاڙي والي چونڪي تي اچي لاٿائون، اتي سڀني حر مجاهدن کان سرڪاري ريگيولر ملٽريءَ جي آفيسرن رائفلون هلرائي ڏٺيون، انهيءَ آزمائش کان پوءِ حر مجاهد عبدالقادر سانگي لاڙڪاڻي واري (دودائي وارو) ۽ حر مجاهد محمد خان کوسي جيڪب آباد واري کي پلٽون ڪمانڊر مقرر ڪيائون، محمد خان کوسي جيڪب آباد ۽ ڪجهه شڪارپور وارن مجاهدن مان پلٽون تيار ڪري، هن جي حوالي ڪيائون، ۽ عبدالقادر سانگي کي لاڙڪاڻي، سکر، ۽ ڪجهه شڪارپور ضلعن وارن مجاهدن مان پلٽون ٺاهي ڏنائون، جاڙيوالي چونڪي تي پنهنجي حر مجاهدن کي حڪم ڪيو ويو ته هو رات جو راجستان جي اندر ڀٽا والي چونڪي مٿان حملو ڪري ڏين، کين ڪجهه اٺ چڙهي ۽ سامان لاءِ به ڏنا ويا، جن وسيلي، ڪيترا ان تي ڪي پنڌ مسلح ٿي، هلان ڪرڻ لاءِ نڪري پيا، حملي کان اڳ ۾ کين جاسوسن ٻڌايو ته حر مجاهد توهان مٿان حملو ڪرڻ وارا آهن، ته هو ڀٽا چونڪي خالي ڪري نڪري ويا، هي حر مجاهد حملو ڪندڙ خالي ڀٽا والي چونڪي مٿان قابض ٿي ويٺا.
مٿين هلان کان اڳ ۾ حر مجاهد ربن ٽانوري ۽ حر مجاهد ڦوٽو چانگ وارن راجستان جي ڪشن ڳڙهه مٿان حملو ڪري قبضو ڪيو هو، ڀٽا والي چونڪي تي پهچڻ کان پوءِ ڪشن ڳڙهه وارن مجاهدن جا هي مجاهد مهاڏو ڏيندڙ لشڪر جي حيثيت سان اچي چڪا، لڙائي ٻنهين پاسن کان زور شور سان هلندڙ هئي، ڪيترا سورهيه مجاهد شهيد به ٿيندا رهيا، ۽ فتح ڪندا اڳتي وڌندا ويا ٿي، فوجي آفيسر شهيدن جا لاشا سنڌي مجاهدن کي ڏيکاري ٻڌائن پيا ته پنجابي پٺاڻ آهن، ۽ وري پنجابي ۽ پٺاڻن کي ڏيکاري چون ته شهيد سنڌي آهن، ان مان اندازو پيو ٿئي، ته متان سنڌي مجاهد يا ٻيا فوجي ڊڄي وڃن، پر پوءِ حر مجاهدن کي ته وڙهڻ ۽ جنگ ڪرڻ سان پالو هو، نيٺ هلندڙ ڇتي جنگ ۾ اوچتو جنگ بنديءَ جو اعلان ٿي ويو، ان کان پوءِ سائين نادر شاهه راشدي ۽ خليفو مير محمد ڀيو هنن وٽ راجستان سيڪٽر ۾ پهچي ويا، جن سان عبدالقادر سانگي ۽ محمد خان کوسو گڏ هئا، هر هڪ فتح ڪيل راجستاني چونڪين مٿان هلندا ۽ معائنو ڪندا رهيا، اهڙيءَ ريت حر مجاهد راجستان ڀارت اندر سوين ميل پهچي قبضا ڪري چڪا هئا، پاڪ ڀارت ٺاهه کان پوءِ حڪومت پاڪستان جي چوڻ تي حر مجاهدن ڀارت راجستان جا ڦٻايل قبضا خالي ڪري ڇڏيا. ()

حر مجاهد ڪمانڊر فقير محبت بهڻ:
هي سنجهوري مکي جو رهاڪو چيو وڃي ٿو، 1943ع جو مارشل لا ۾ حر جماعت جي اڳواڻي ۽ سرپرستي ڪندڙ، وقت جو وڏو مٿير ۽ ڏهيسر غازي هو، جنهن مٿان انگريز سرڪار جا اڻ ڳڻيا ڪيس داخل ٿي چڪا هئا، هن تي سابق وزير اعظم سنڌ مسٽر الله بخش کٽي شڪارپوري جو قتل ڪيس، اڏيري لعل واري ريلوي ٽريڪ ڪيرائڻ جو ڪيس، برٽش حڪومت خلاف حر جماعت کي ويڙهائڻ ۾ بغاوت جا مڙهيل ڪيس هئا.
هو لاڙ سنڌ کان ڀاڳيلو هئڻ ڪري، اتر سنڌ جي ڪيترن جماعتي ڳوٺن ۾ رهندو هو، دودائي ڳوٺ به هن جي ڪاررواين جو وڏو مرڪز رهيو، جتي هڪ ڀيري هن فقير عبدالخالق سانگي، فقير مراد علي سانگي ۽ فقير محرم کچي وارن کي حڪم ڪيو، ته ضلع نواب شاهه ۾ محراب پور جي هڪ ڳوٺ علي محمد راڄپر ڏانهن وڃن ۽ فقير علي محمد راڄپر کان هٿيار وٺي اچن، جنهن ۾ فقير عبدالخالق سانگي، فقير محرم کچي ۽ فقير پريو ٽئي ڄڻا دادو مورو سنڌو درياءَ جي پتڻ کان نڪري، محرابپور جي ڳوٺ علي محمد راڄپر ۾ پهچي چڪا، هنن ڳوٺ کي خاڪ جو ڍير ڏٺو. ڳوٺ جي ٻاهران هڪ ڌنار کين اکين ڏٺي حقيقت سڻائي ته ڳوٺ وارن کي ملٽريءَ حملي جي اڳواٽ کڻڪ پئجي وئي ان ڪري هو بنا دير جي ڳوٺ خالي ڪري نڪري ويا، پٺيان ملٽري خالي وستيءَ مٿان اچي ڪڙڪي، سڄي ڳوٺ، بيٺل فصل ڪڻڪ ۽ ٻيلي کي باهيون ڏنائون، جنهن ۾ نه رهيو ڳوٺ، نه رهي بيٺل ڪڻڪ، نه بچيو ٻيلو، سڀ سڙي رک ٿي ويا، واردات اکين سان ڏسي، سانحي جي حقيقت ٻڌي، واپس دودائي ۾ رسي ويا، غازي مهندار محبت فقير کي سمورو روئداد ٻڌايائون، جنهن 1944ع ۾ بمبئي ڏانهن نڪري وڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي، ساڳئي وقت فقير عبدالخالق سانگي، فقير مراد علي سانگي ۽ فقير محرم علي کچي کي صلاح ڪيائين، ۽ کين چيائين ته برٽش ملٽري وارا جلد دودائي مٿان ڇاپو لڳائڻ وارا آهن، جنهن ۾ توهان به گرفتار ٿي ويندا، پر ٿيو به ائين. ()

دودائي ۾ رهڻ دوران پوليس ناظم غلام رسول شاهه جو واقعو:
ضلعي خيرپور ۾ مير ٽالپرن جي حڪومت هئي، هو انگريزن جي هٿ ٺوڪي رياست جا نالي ماتر والي هوندا هئا، انگريزن کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ اندر حرن خلاف ڪيترا سندن پٺو ۽ ڀاڙ تي پلندڙ هئا، جن مان پوليس، ناظم غلام رسول شاهه خيرپور وارو هڪڙو ئي سنڌ ڊوهي ٿي گذريو، هن اعلان ڪيو ته کينواري قلعن واري هنڌ تعلقي نارا ۾ نارا ڪئنال جي ڪپ تي حر اچن ۽ هن سان کليل مقابلو اچي ڪن، هي اعلان 14 فيبروري 1942ع تي ڪيو ويو، انهيءَ للڪار پٽاندڙ ساڳئي هنڌ مٿان 40 حر مجاهد مهاڏي لاءِ پهچي چڪا، ويڙهه ٿي، طرفين ۾ حرن جا 6 مجاهد شهيد ٿي ويا، ۽ پوليس ناظم غلام رسول شاهه هالاڻيءَ وارو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، شهيد حر مجاهدن مان.
فقير جيوڻ لغاري
فقير طيب لغاري
فقير ٻٻر جانوري
فقير مصري چانگ
فقير الهداد ابوپوٽو
فقير عمر ڪارڙو
مٿين واقعي کان پوءِ فقير سيد مراد شاهه حر مجاهد کي انهيءَ ڪيس جي لاڳاپي سان پڪڙي، سکر سينٽرل جيل ۾ بند رکيو ويو، جتي هن کي سوريءَ تي چاڙهيو ويو ۽ سندس لاش مبارڪ کي گم ڪيو ويو، () شايد ان لاءِ ته اڳتي هلي وطن دوست هيرن جي لڙهي ۾ ڳڻيو نه وڃي.
پوليس ناظم ضلع خيرپور رياست غلام رسول شاهه هالاڻي وارو کينواري قلعن تعلقي ناري ۾ حرن جي مقابلي ۾ پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويو، انهي حر مجاهدن جي ٽولي مان مکيه جٿو ضلع لاڙڪاڻي، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سانگي فقيرن وٽ اچي رهيو، جن جي خدمت مهمان نوازي ۾ فقير مراد علي سانگي پيش پيش رهيو، ساڳي وقت فقير محبت جو ويجهو ساٿار ي به رهيو، حر مجاهدن مان مکيه ٽولو، جن پوليس ناظم جو انت آندو، انهن سان ناظم غلام رسول شاهه جو ريوالر سوني مٺئي وارو ساڻ رهندو هو.()

ملڪي آزادي ۾ لاڙڪاڻي جي سکيا گهرن ۽ شاگردن جو ڪردار

ملڪي آزادي ۾ لاڙڪاڻي جي سکيا گهرن ۽ شاگردن جو ڪردار
(1) درسگاهه خير محمد آريجا:
هي دانشگاهه ڏوڪري تعلقي جو جڳ مشهور سکيا گهر ٿي گذريو آهي جيڪو 1722ع کان جاري ٿيو ۽ ڪجهه وقفن ۽ وٿين بعد اڄ تائين هلندو رهي ٿو. هن هاڪاري تدريسي سکيا جو مدرس اعلي ٰ علامه محمد آريجوي ننڍي کنڊ تائين پڌر پيل هو، جنهن جي عام فيض فضيلت مان علامه پير محمد راشد روضي ڌڻي رحه (1171_ 1234هه) سند يافته ٿيا، جيڪي سنڌ اندر اسلامي معاشري جا رهبر سرواڻ ۽ وڏا سڌارڪ ٿي اڀريا، پاڻ روحاني تعليم ۽ تربيت جو سفر اختيار ڪيائون، 28 سال بلوچستان کان، سنڌ ۽ هند جو سير سفر ڪندي، روحاني سکيا جي پرچار ڪندا هليا، اهڙي قسم جي فيض واري تربيت ۽ سکيا سندن دور کان اڄ تائين ڪو ٻيو بزرگ پيدا ڪري نه سگهيو آهي، انهي ڍنگ ۽ ڊؤل سان روحاني رهنمائي سندن مثال رهندي آئي آهي، اڳتي هلي هي خاندان هڪ پاسي ميدان جنگ ۾ انگريز سامراج سان برسر پيڪار رهيو، ۽ ٻئي پاسي کيتر ۾ هلي ڪري، ننڍي کنڊ جي سياستدانن سان شامل شريڪ ٿي، انگريز فيل مست کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ ۾ سوڀارو ٿيو، هن گهراڻي جو ”راشدي“ تشخص ۽ ”حر تحريڪ“ جديد تاريخ جا لاثاني ۽ شاندار مثال آهن.

(2) دانشگاهه شهداد ڪوٽ:
هي شاندار ۽ هاڪارو درسگاهه، جيڪو ننڍي پايه تي دارالعلوم سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پنجاب جو ان سمي علامه جمال الدين پنجابي، شمس العلماءُ ڄاتو ويندو هو، جيڪو علمي ڪٿ جي لحاظ کان پنجاب کان سنڌ جي سکيا گهرن جي صدر مدرسن سان علمي کيتر ۾ بحث مباحثا ڪندو آيو، جڏهن درسگاهه شهداد ڪوٽ جي استاد علامه حافظ غلام صديق شهداد ڪوٽي سان علمي رهاڻ ٿي، تڏهن هن کي تسڪين ۽ تسلي ٿي چڪي، ته سنڌ ۾ برابر علم آهي، هن وڌيڪ چيو ته علامه ميان شهدادڪوٽي جي سيني ۾ ڪتبخانو رکيل هو، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
هن اداري جو بنياد 1855ع ۾ پيو، جنهن جو پايو علامه ميان نور محمد شهدادڪوٽي وڌو، جنهن پنهنجي سکيا جي فيض جا واهڙ وهائي، پوري سنڌ کي علم جي روشني سان منور ڪيو، هن مقدس سکيا گهر جو سياست جي ميدان ۾ شهسوار علامه پير تراب علي شاهه ولد پير عبدالله شاهه راشدي (1878ع_ 1938ع) هو، جنهن شهدادڪوٽ سکيا گهر مان سند ورتي، هن هندستان جي چوٽيءَ جي وطن دوستن مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد، نهرو ۽ گانڌي جهڙن سان گڏجي انگريزن خلاف ملڪ گير سياسي هلچل هلائي، خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ سنڌ اندر هن جو اهم ڪردار رهيو، ترڪن خلاف برٽش حڪومت انڊيا ۾ ”امن سڀا“ (جشن صلح) ملهائڻ شروع ڪئي، سرڪاري ”امن سڀا“ جي ابتڙ سنڌ ۾ لاڙڪاڻي شهر اندر 12 نومبر 1919ع تي پير تراب علي شاهه راشدي پنهنجي وطن دوست ساٿين مولانا جان محمد جوڻيجو، پير انور علي شاهه راشدي ، حاجي احمد مولوي سان گڏجي ڪارن جهنڊن سان جلوس ڪڍيو، جنهن جو اثر اهو نڪتو، جو لاڙڪاڻي شهر پنجن ڏينهن تائين احتجاج ڪندي، ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، جنهن جو پڙاڏو پوري هند تائين پئجي چڪو، ملڪ ۾ خلافت ڪانفرنسن جي گڏجاڻين جي رٿا بندي ۾ هن جو عمل دخل هوندو هو، ان ڪري هن لاڙڪاڻي کي سياسي تحريڪن جو تربيت گاهه ۽ سکيا گهر جو مرڪزثابت ڪيو.

(3) مدرسو ملا ابڙا:
هي سکيا گهر ڏوڪري تعلقي جو ڪارگر ۽ اهم تعليمي ادارو ٿي رهيو، هن درسگاهه 1756ع کان درس تدريس جو سلسلو جاري ڪيو، هتي جو شروعاتي مدرس اعليٰ مولانا محمد صالح ولد سائين رکيو ابڙو (1727ع_ 1791ع) جنهن پنهنجي ڪاوشن سان دانشگاهه خير محمد آريجا فيض وٺي پنهنجي ڳوٺ ملا ابڙا ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڏنو.
مٿين درسگاهه جي سياسي ميدان وارو فيض ياب شاگرد عالم مولانا حاجي احمد ملوي ولد فيض محمد ابڙو، ڳوٺ ملا ابڙا (1855ع_ 1922ع) جو رهاڪو هو، جنهن پيادل حرمين شريفين جون ست ڀيرا زيارتون ڪيون، هن عالم پير تراب علي شاهه راشدي، مولانا جان محمد جوڻيجو ۽ پير انور علي شاهه راشدي سان سندرو ٻڌي خلافت تحريڪ کي زور وٺايو، جيڪو انگريزن خلاف پهرين جوڙ جي اڳواڻن ۾ ڳڻيو ويندو هو، مولانا حاجي احمد ملوي جي چوڻ ۽ تاڪيد تي مولانا جان محمد ڏاڙهي رکائي، هڪ ڀيري ريل گاڏيءَ تي سوار ٿي بلوچستان ٿي ويو، ته شڪارپور اسٽيشن تي هن جي طبيعت سخت ڳنڀير ٿي وئي، کيس شڪارپور اسپتال ۾ آندو ويو، جتي هن جا پساهه 1922ع ۾ پورا ٿيا، کيس هڪ گمنام قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

(4) مدرسو ڌامراها:
هي درس تدريس گهر ڳوٺ ڌامراها، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ 1893ع کان هليو، هتي جو صدر مدرس مولانا مفتي عبدالرحمان ولد عنايت الله ڌامراهو رهيو، (1848ع_ 1921ع) هن درسگاهه جو لائق ۽ فائق شاگرد مولانا جان محمد ولد عبدالڪريم جوڻيجو (1886ع_ 1921ع) پارسي پڙهي، سيڪنڊري سکيا مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کان ڪري، بئريسٽري لنڊن مان ڪري آيو، هن خلافت تحريڪ ۾ سنڌ جي اڳواڻي تباهي، هندستان جي پهرين جوڙ جي ليڊرن سان شموليت ۽ شراڪت ڪري، انگريزن خلاف رڻ ٻاري ڏنائين، هجرت تحريڪ جو موجد ۽ اڳواڻ رهيو. پنهنجي ذاتي خرچ تي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تان اسپيشل ٽرين تيار ڪرائي، سنڌي مهاجرن جي گاڏي ڀري لاهور کان پشاور وڃي پهتو، جتان بيل گاڏين ۽ گڏهن وغيره جي سوارين تي مهاجرن کي افغانستان پهچايو، جيئن افغانستان پسمانده ۽ ڪنگال ملڪ هو، ان ڪري مهاجرن جا خرچ برداشت نه ڪري سگهيو، يا افغان سرڪار هجرت تحريڪ جي بدلي ۾ انگريز سرڪار کان ڏوڪڙ پئسي جي امداد وٺي، مهاجرن ڏانهن سرد مهري اختيار ڪئي، انهن حالتن مولانا جان محمد کي ٻه واٽي تي ڦاسائي ڇڏيو، مالي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ هو سنڌ ڏانهن چندي ڪٺي ڪرڻ لاءِ نڪري آيو، جتان بامبي، لکنؤ ۽ آخر ۾ اجمير شريف اچي پهتو، جتي هن کي خلافت ڪانفرنس ۾ تقرير ڪرڻي هئي، جيڪا بيمار ٿيڻ ڪري، هن لکت ۾ پيش ڪئي، پاڻ 16 اپريل 1921ع تي وفات ڪري ويو، کيس اجمير شريف ۾ ئي دفن ڪيو ويو، ڪن جو چوڻ آهي ته هن کي زهر ڏنو ويو، هن جي لاڏاڻي کان پوءِ هجرت تحريڪ جا ترا نڪري ويا، مهاجر سنڌي مسلمان بي گهر، بي تڙ ٿي نڪتل، مايوس ٿي سنڌ ڏانهن واپس وريا، جتي اچي نئين سر گهر، تڙ ٺاهڻ ۽ پيٽ پالڻ ۾ مشغول ٿي ويا، ان ريت هڪ مهاجر جي حقيقت بيان ڪجي ٿي:

مولانا فيض محمد قاسماڻي
الهڏني قاسماڻي جو فرزند ڏوڪري شهر ۾ درس تدريس جو لاثاني مدرس مولانا فيض محمد قاسماڻي 1920ع ۾ ........... هن عالم پنهنجن ننڍن وڏن گهر ڀاتين سميت هجرت ڪري، لاڙڪاڻه اسپيشل ٽرين ذريعي لاهور، پشاور کان ڪابل پهتو، جتي هجرت جي منتظمين سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو هو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي انقلاب جو اڳواڻ ۽ ڊاڪٽر نور محمد هئا، ڪابل ۾ هن جي طبيعت ناساز ٿي، ڪافي علاج کان پوءِ به هن جي صحت ۾ ترقي جو چاڙهو نه ٿيو، لاچار ٿي هن فنا جو جهان ڇڏيو، کيس ڪابل جي سرزمين ۾ 1338هه ۾ دفن ڪيو ويو، هن جي وفات کان پوءِ سندس گهر ڀاتين کي ڏوڪري دل دماغ تي اچي چڙهي، جنهن جي آڌار تي منتظمين لاچار ٿي، ڪابل سرڪار کان اجازت وٺي کين ڪابل سرڪار جي رقم مان واپس ڏوڪري اماڻيو، جتي پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ اچي ڪري پنهنجي اجهي ۽ اٽي جي لاءِ نئين سر جاکوڙ ڪرڻ ۾ جنبي ويا، اهڙي ريت هجرت تحريڪ جا اهڙي قسم جا سوين ڀيانڪ نتيجا نڪتا، جن جي ڪري سنڌي ماڻهو معيشت جي بحالي جي لاءِ ڪيئي ورهيه پوئتي ڌڪجي ويا، ثابت ٿيو ته هجرت تحريڪ بنا هٿ وٺي سنڌين جي زواليت جو رستو کوليو ويو هو.
خلافت ۽ هجرت تحريڪن جا ٻه سرگرم سرويچ ۽ نڊر اڳواڻ جن جي احوال کي وسارڻ سان مضمون اڌرو ٿي پوندو ان ڪري کين ترتيب سان هيٺ آندو وڃي ٿو:

پير انور علي شاهه ولد جڙيل شاهه راشدي 1898ع_ 1973ع
لاڙڪاڻي شهر کان ٿورو پرڀرو اولهه پاسي قنبر روڊ سان يا گهاڙ واهه جي ڪلهي تي ڳوٺ شاهه آباد يا پيرن جو ڳوٺ سڏجي ٿو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ سياسي ۽ سماجي ڪار گذارين ۾ پير انور علي شاهه جو مقام مٿاهون رهيو، خلافت ۽ هجرت تحريڪن ۾ ممتاز ۽ نمايان حيثيت وارو ڪارڪن هوندو هو، ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ بند رکيو ويو، انهن سختين هوندي به هن ڪڏهن به اثر قبول نه ڪيو، هند سنڌ جي اهم ليڊرن سان ملاقاتون ۽ گڏجاڻيون ڪندو هليو، هر وقت عوام کي ٻاهر رستن تي آڻڻ ۾ تيز تر پارٽي ميمبر هو، تحريڪن جا موقعا، حادثا ۽ انهن جا نتيجا نروار ٿيندا رهندا هئا، تن کي ترتيبوار پنهنجي ڊائريءَ ۾ روز مره جاءِ ڏيندو رهندو هو، انگريز فيل مست آڏو هن ڪڏهن به آڻ نه مڃي، نه وري سرڪاري آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا، هن جي زندگي جو مقصد ملڪي آزادي کان بالا تر ڪجهه به نه هوندو هو، نيٺ پنهنجي ڏينهن رات ڪاوشن ۽ جاکوڙن سان هن ملڪ مان فرنگين جي پاڙ پٽيائين، ملڪي آزادي اکين سان پسيائين.

پير حاجي مٺل شاهه ولد پير مظهر الدين شاهه راشدي:
اصل ڳوٺ پير وڏل شاهه تعلقو ڏوڪري، جتي پير مٺل شاهه راشدي جي پارسي ۽ عربي تعليم جي تڪميل ٿي چڪي، هن خلافت تحريڪ ۾ وڏي جوش جذبي سان ڪم ڪيو، انگريزن خلاف هر محاذ تي هن ڪارروايون پئي ڪيون، ان ڪري هن کي گرفتار ڪري ڪيس هلائي هڪ سال سزا ڏني وئي، جيڪا هو سينٽر جيل سکر ۾ جوانمرديءَ سان ڪاٽي پار پيو، هن ڪڏهن به انگريز سامراج آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪيا، ملڪي آزاديءَ جي ڪار گذارين ۾ اڳڀرو رهندو آيو، آزاديءَ جي اهم ليڊرن سان ميل ميلاپ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائين، خلافت تحريڪ تان ترڪن هٿ کنيو، هن جي هلچل تان سج لهي چڪو هو، ان ڪري خلافت تحريڪ جي خالي ڇڏيل ميدان تان نا اميد ٿي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو، هن جماعت جي پروگرامن پٽاندڙ انگريز سامراج جي مخالفت ڪندو هليو، مسلم ليگ ضلع لاڙڪاڻي ۾ مسلم گارڊ جو ضلع صدر رهيو، هن جي پنهنجي ڳوٺ وڏل شاهه ۾ هڪ وڏي لئبريري هوندي هئي،، جيڪا سندس وفات پڄاڻان پوين 8000 رپين ۾ پير جهنڊي وارن کي وڪرو ڪري ڏني.

مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو:
هي ادارو جون 1900ع ۾ سنڌ جي سڄڻ حسن علي افندي صاحب جي جاکوڙ سان سنڌي تعليم سان گڏ انگريزي پنج درجا رکيا ويا، اسڪول جو انتظام ڪاميٽي رکندي هئي ، هن اداري ۾ فقط زميدارن جا ٻار پڙهندا هئا ، 13 سالن کان پوءِ مدرسا هاءِ اسڪول ۾ غريبن جا ٻار به داخل ٿيندا رهيا 1930ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو.
مذڪور سکيا گهر مان ڪيترا چمڪندڙ تارا نڪتا، جن ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي، سندن هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
مولانا جان محمد جوڻيجو، جنهن جو اڳ ۾ ذڪر اچي چڪو آهي،
خانبهادر محمد ايوب کهڙو
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

سر شاهنواز ڀٽو
سر شاهنواز ولد غلام مرتضيٰ ڀٽو ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تعلقي رتي ديري ۾ 2 مارچ 1888ع تي پيدا ٿيو، ابتدائي سکيا ڳوٺ ۾ وٺي، انگريزي پنج درجا مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻه مان ڪري، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان مئٽرڪ ڪيائين، 1921ع ۾ بمبئي ڪائونسل تي ميمبر ٿيو، 1924ع ۾ بمبئي جو وزير ٿي ويو، 1925ع کان 1936ع تائين بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌي مسلمانن جو ليڊر ٿي رهيو، 1934ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽي جو صدر ٿيو، 1936ع ۾ سنڌ کي بامبي کان آزاد صوبي ڪرائڻ ۾ ڪوشش ڪيائين، 1937ع کان 1945ع تائين بمبئي سروس ڪميشن جو ميمبر ڪيو ويو، 1945ع کان 1948ع تائين جهونا ڳڙهه سياست جو ديوان ٿيو، 1948ع ۾ جهونا ڳڙهه ڇڏي سنڌ وسايائين، 19 نومبر 1957ع تي راهه رباني ورتائين، هن جي سياسي اثاثي جا وارث روشن ستارا سندس پٽ جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پوٽيءَ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي سياسي ميدان مٿان ڇانيل رهيا، 1934ع ۾ جنهن سنڌ پيپلز پارٽي جو سر شاهنواز ڀٽو صدر هو، اڳتي هلي ساڳي نالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي 44 سالن کان پاڪستان ۾ اهم حيثيت ۾ رهندي اچي ٿي، جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ٿيو، ملڪ ۾ جمهوريت قائم ڪري، پارليامينٽري نظام پٽاندڙ ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم ٿيو، جڏهن ته سندس نياڻي محترمه بينظير صاحبه ملڪ جي ٻه ڀيرا چونڊيل وزير اعظم ٿي چڪي، جيڪا ملڪ جي پهرين عورت هئي، جنهن هي وڏي حيثيت ماڻي، هن سمي به 2008ع کان 2012ع تائين ساڳي پيپلز پارٽي پاڪستان مٿان حڪومت ڪري رهي آهي.

خانبهادر محمد ايو ب کهڙو:
ڳوٺ عاقل تعلقي لاڙڪاڻي جي مشهور کهڙا قبيلي جي زميندار شاهه محمد کهڙي جي گهر ۾ هي سعادت ڀريو ٻار محمد ايوب 1901ع ۾ پيدا ٿيو، سنڌي ابتدائي عاقل اسڪول ۾ پڙهي، انگريزي مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهي، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان ڪيائين، انٽر ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ ڏنائين، ان کان پوءِ سياست ۾ گهڙيو، 1924ع ۾ بامبي ڪائونسل تي ميمبر ڪيو ويو، مسٽر الله بخش سومري جي قتل ڪيس ۾ 11 مهينا جيل ۾ هو، 1945ع ۾ آزاد ٿيو، سنڌ جو ٽي ڀيرا وزير اعليٰ ٿي رهيو، 1938ع ۾ مسلم ليگ جو ميمبر رهيو، مرڻ گهڙيءَ تائين مسلم ليگ سان وفادار رهندو آيو، آخر ۾ پاڪستان جو دفاع منسٽر بڻيو، 1958ع ۾ جنرل ايوب جي مارشل لا تحت هن مٿان ڪيس ٿيا ۽ سياسي بندش مڙهي وئي، 20 آڪٽوبر 1980ع تي هي فاني دنيا ڇڏي راهه رباني ورتائين.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي:
سندس والد الهداد جتوئي، ڳوٺ بکو ديرو تعلقي ڏوڪريءَ جو ويٺل هو، جتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پيدا ٿيو، انگريزي تعليم مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي کان شروع ڪري، مئٽرڪ سنڌ مدرسة السلام ڪراچي مان ڪيائين، بي اي ڪراچي ڊي جي ڪاليج مان ڪري، سنڌ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ڪيو ويو، اڳتي سياست جي ذوق هن کي نوڪري کان پري رکيو، ان ڪري هن 1943ع ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفا ۾ ڏني، هاري پارٽي اختيار ڪري، هن جو صدر ٿيو، هفتيوار اخبار ”هاري حقدار“ ڪڍڻ لڳو، 1955ع ۾ ون يونٽ ٿيو، جنهن جي خلاف تحريڪ هلايائين ان ڪري جيل ۾ بند ڪيو ويو، جنرل ايوب جي مارشل لا ۽ ڳرين ڍلن خلاف پمفليٽ لکيائين، ان ڏوهه ۾ مارشل لا حڪومت هن کي ٽي سال جيل جي سزا ڏني، ”جيئي سنڌ“ جو نعرو هن ايجاد ڪيو، 21 ڪتاب لکيائين، 12 مئي 1970ع تي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
انگريزي علم ادب جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ لاڙڪاڻي شهر جي ڪن علم ذوق وارن جو ڪردار درجن پنهنجي ادارن ۾ شاگرد برادرين جي اعليٰ تعليم جي شوق جو پورائو ڪري ورتو. شهر جي ڪن استادن جي نالن جي تعريفي نشاندهي ڪجي ٿي.
1) استاد نذير احمد تونيو صاحب جنهن ٽئنڪ چوڪ تي پنهنجي پڙهائي ۽ رهبري ۾ شاگردن جي علم ادب ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي.
2) زبيده اسڪول ساڳي ٽينڪ چوڪ تي پنهنجي رهبري ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گڏيل تعليم پئي هلائي آهي.
3) استاد محمد اڪرم انصاري باقراڻي روڊ سان نالي وارو خانگي تعليمي ادارو هلي پيو.
4) استاد شاهد مهيسر لاڙڪاڻو ريشم گليءَ ۾ سٺي نالي وارو ادارو رهيو اهي.
5) لٽل فوڪس جي نالي وارو تعليمي ادارو جنهن ڪجهه جايون مٽ سٽ ڪيون پئي آهن، پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي ڪري مشهور آهي.
6) استاد محترم محمد ڄام کوکر جنهن موصوف جو لاهوري محلي ۾ سٺو گڏيل تعليمي ادارو پنهنجي ذاتي سرپرستيءَ ۾ ڏاڍي بهتر انداز ۾ هلي رهيو آهي.
7) رتيديري روڊ سان ٻه ڀائر ڪلهوڙا عباسي به پنهنجي تعليمي ذوق جي چٽاڀيٽي ۾ پير اڳتي وڌائي رهيا آهن.
8) آپا شمس ابڙو پنهنجو مٽ پاڻ آهي، عالم گهراڻي سان واسطو رکندي خدمت جي جذبي سان سرشار آهي بهتر نموني پڙهائي پئي.
9) ناليج سينٽر لاهوري محلا ۾ وڏي ڪر ڦر سان پيو هلي، سندس سرواڻ محترم مختيار احمد سمون صاحب آهي، شهري پڙهائي ۾ وڏي هاڪ ۽ ڌاڪ اٿس.
10) گل حيات جنهن جو رهبر ۽ نگران ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب آهي، جنهن پنهنجي زندگي هن اداري جي لاءِ وقف ڪئي آهي، جنهن جي زيب زينت ۽ تعليم جو چرچو پوري سنڌ ۾ پيو هلي. اداري کي ڏسندڙن جي دل ٺري پوي ٿي، اهڙي قسم جا پوري سنڌ ۾ ٽيهارو ادارا پيدا ٿي پون ته سنڌ جي تعليم کي ڪافي مٿي ملي ويندي. هن ادبي ڪاوشن جي جيتري به ساراهه ڪجي اها اڻپوري ٿي پوندي.
مذڪوره خانگي تعليمي لاڙڪاڻي شهر جا ادارا بيان ڪندي شايد ڪي مون کان رهجي ويا هجن، جن جو تعريفي بيان نه ڪري سگهيو آهيان جن ادارن جي مان اپٽار ڪئي آهي اهي مان پاڻ وڃي اکين سان هلندي ڏٺا آهن ۽ سندن سرپرست سرواڻن سان پڻ ادارن ۾ ڪچهري ڪئي آهي. سندن اهو ڪارنامو جيتري واکاڻ ڪجي، سا نه جهڙي ٿي پوندي، هنن ادارن جي ڪري نوجوان پنهنجو وقت سجايو ڪري رهيا آهن. خاص ڪري نشي جي وبا، واندڪائي، چوريون، ڌاڙا ڦرين کان هن ادارن جا شاگرد پاڪ ۽ صاف رهن ٿا. دوستن جي علم جي دولت کين ذاتي معيشت ۾ ٽيڪ ڏئي ٿي، جنهن لاءِ بيروزگاريءَ کي ٻنجو به اچي وڃي ٿو.
انساني جذبات ۽ احساسات جي چٽاڀيٽي جي عمل کان واندي نه رهي سگهي ٿي. ان ڪري ڪن به ٻن يا ٽن ۾ ڀيٽ ڪندي ڀيٽا ڪندڙ به جي انصافي جو نشان ٿيو پون. پوءِ به ٽياڪڙي به ٿيندي رهندي ۽ نشاني بازي به هلندي رهندي. گهڻي پٽاڙ کان پاسو ڪندي مٿين ادارن جي لاءِ ذاتي مثال آهن. جن جو واسطو ناليج سينٽر لاڙڪاڻي جي شاگردي سان آهي:
1) مسٽر طاهر حسين سانگي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو.

ماهوٽا ماڳ

ماهوٽا ماڳ

5000 هزار سال اڳ موهن جو دڙو، جهوڪر جو دڙو، لوهم جو دڙو، لالن جي ماڙي وغيره سنڌ جا وڏا شهر هئا، موهن جي دڙي کي کوٽائي ۽ کوجنا ڪندي ڪي ئي حيرت انگيز ۽ نادر قسم جا نوادرات هٿ لڳا آهن، ان سان گڏ ڪپڙو، ائٽ ۽ ڏاند گاڏي به لڌا ويا آهن ان ڪري شايد موهن جو دڙو ان سمي سنڌ جي گاديءَ وارو ۽ وڏو سڌريل شهر هجي، ساڳي وقت پراڻي دور ۾ سنڌ جي واپار جو ذريعو ديبل بندر رهيو، جنهن جي واسطي سان هندوستان ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن سان سنڌ جو وڻج واپار ۽ وهنوار چالو هوندو هو.

نهري پاڻيءَ جو مانڊاڻ:
اوائلي سمي سنڌو درياءَ ٻن ڀاڱن ۾ ڦانڊيل هو، هڪ حصو اولهه طرف ۽ ٻيو اوڀر پاسي وهندو هو، لاڙڪاڻو خطو ٻن دريائن جي وچ ۾ ٻيٽ جي شڪل هو، اولهه دريا جو چاڙهو جيڪب آباد، شڪارپور ۽ چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻو) مان هلي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو هو، جتان وهي سيوهڻ جي ارل واهه مان لنگهي، اوڀر درياءَ ۾ پوندو هو، ان مهل اوڀر درياءَ جا ٽي ڦاٽ هئا، 1 گهاڙ واهه، 2 سکر واهه، 3 اولهه نارو، جيڪي واهه چانڊڪا پرڳڻي کي آباد ڪندا هئا.
مٿيون نهري پاڻي نظام سڪندر اعظم جي اچڻ تائين ساڳي ڍنگ سان وهندو رهندو هو، ان دوران لاڙڪاڻو نالو اڃا نروار نه ٿيو هو، پر ماهوٽا ماڳ زنده جاويد ۽ آباد هوندو هو، سنڌي لغات پٽاندڙ ماهوٽا ذات جو نالو اهي، ۽ ماهوٽا وڏي جبل جي پاسي کان ڦٽي نڪتل ننڍو جبل آهي، () ماهوٽا جو هن ريت ڇيد آهي، ماهوٽا= مَه+ هوٽا= مَ= نه، هوٽا ڏيڻ= جهڳڙو جيتائڻ، ڏند ڏيڻ، مهاڏو اٽڪائڻ معنيٰ جهڳڙو نه ڪرڻ، امن پسند رهڻ يعنيٰ ماهوٽا= امن پسند ذات آهي، حقيقت ۾ هتي ڪيترين ذاتين هوندي به ورهين کان ڪو جهڳڙو يا ڌڪا ڌڪي يا ڪو خون ڪڏهن به نه ٿيو آهي.
محترم دانشور الطاف حسين شيخ صاحب ماهوٽا لفظ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي 13 نومبر 2013ع تي ڪاوش ميگزين ۾ تشريح ڪئي آهي ته زيتونن کان مشهور ماهوٽا لفظ جنهن جو نالو ڪجهه يوناني ٻوليءَ جو لڳي ٿو:
”جيئن ته ڌارين قومن کي پرڏيهي ملڪن ۽ ڳوٺن جا نالا اچارڻ ڏکيا لڳندا آهن، سنڌ جي ڳوٺن جا چند نالا ميانداد چنجڻي، نٽ ڳورائو، ڌڱاڻو بوزدار، مولوي حضور بخش گشڪوري وغيره آهن، اهي نرالي قسم جا نالا آهن، پر ڀونچ سمنڊ جي بندرگاهن ۽ ٻيٽن جا نالا مالٽا، سيوٽا، قبرص، جبرالٽر، قرطبا، غرناطا وغيره عربي ۽ يوناني ٻولين جا لفظ ۽ نالا آهن، ساڳي وقت ماهوٽا، باقراڻي، مشوري، اوٺا، آريجا، وڪڙو، ڏوڪري وغيره به نالا آهن.“ اسان جي مضمون جو مقصد ماهوٽا لفظ جي کول آهي، جنهن جو نالو ٻڌي يورپ ٻيٽ جو نالو مالٽا ياد اچي ويو، يعني شيخ صاحب جن جي کوجنا آهي ته يوناين ماهوٽا کي مالٽا جي نالي تي مالٽا بدران ماهوٽا نالو رکيو هوندو!
هن ڳوٺ ۾ 1978ع جي ذاتي سروي ۽ مشاهدي پٽاندڙ ماهوٽا ذات وارن جا 75 گهر هئا ۽ ماهوٽن جي ذات وارن جو جملي شمار 475 هو، منڍ کان اڄ تائين هن ذات وارن جي زمينداري رهندي اچي ٿي، ساڳي سال هن ڳوٺ ۾ ذاتيون هيون، ماهوٽا، منگي، ميربحر، موچي (چنا) سومرا، سيد، شيخ، جهنجڻ (شاهاڻي) چاچڙ، ڊکڻ، سومرا، دايا، ڪاسائي، ڪنڀر، هنڱورا، مهاجر، سپڙا.

ماهوٽا ڳوٺ جي بيهڪ:
هن جي اولهه ۾ ريلوي لائين ۽ ريلوي اسٽيشن، اوڀر ۾ پراڻو سڪندر اعظم وارو رستو، جيڪو هاڻي لاڙڪاڻو نئون ديرو وايا سکر روڊ سڏجي ٿو. ماهوٽا لاڙڪاڻي شهر کان 6 ميل اتر پاسي آهي.

ماهوٽا ماڳ جي آباديءَ جو راز:
هن ڳوٺ کي منڍ کان گهاڙ واهه آباد ڪندو ايندو هو ۽ ٻيڙن وسيلي گهاڙ واهه جي هيرا واهه تي ماهوٽن جو ۽ پسگردائيءَ وارن جو واپار سکر سان هلندو هو، اڳتي هلي ڪلهوڙا دور ۾ گهاڙ واهه مان ٻه واهه هيرا واهه ۽ همير واهه ڪڍي ماهوٽا ديهه کي وڌيڪ سڌاريو ويو ۽ آباد ڪيو ويو، انگريز دور ۾ 1932ع ڌاري سکر بئراج سنڌو درياءَ تي وجهي رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ڪڍيا ويا، جن جي پاڻيءَ ماهوٽا ديهه کي چار چنڊ لائي ڇڏيا، پوءِ ڏٺو وڃي ته ماهوٽا ماڳن کي منڍ کان اڄ تائين نهري پاڻي جام ۽ ال ڇل ملندو اچي ٿو، هتي قديم سمي کان ساريون ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ، جَوَ، جوئر، تيلي ٻج، سبزي، باغ ۽ ٻيلا به رهيا، ان ڪري چوپايو مال جهجهي انگ هئڻ ڪري کير ۽ مکڻ گهڻو رهيو، هن دور ۾ ساريون، ڪمند، ڪڻڪ ۽ زيتونن جا باغ اڻ ڳڻيا آهن، هن ڳوٺ جو سکر، لاڙڪاڻي، نئون ديرو، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا سان وهنوار هلندو آهي.
ماهوٽن ۾ زيتون، ٽماٽا، سبزي جام ٿيندي رهي ٿي، جن جي نيڪال لاءِ هتي ٽرڪن جو اڏو رهندو آهي، اهي ٽرڪيون ملتان، لاهور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي مال پهچائن ٿيون، هن ڳوٺ کي لاڙڪاڻو سکر روڊ، رائيس ڪئنال جو رستو ۽ ريلوي اسٽيشن ماهوٽا جي هجڻ ڪري پوري سنڌ ۽ پاڪستان جي شهرن سان واسطو ۽ ڏيتي ليتي رهي ٿي.

ماهوٽا ريلوي اسٽيشن:
برٽش دؤرِ حڪومت ۾ هن ريلوي لائين هن ڳوٺ کي وڏي اوڀار ڏني، نه رڳو واڌارو پر هڪ بلا جو شاهراهه ۽ نظارو عطا ڪيو، جنهن جي وسيلي زيتونستان ٽماٽستان جي ڪري هن علائقي کي ڪروڙين رپين تائين پهچايو. انڪري هن وسنديءَ کي عظيم حد تائين چاڙهاڪو ۽ پڌرائي پلئه پئي. هن اسٽيشن جي ڏيک کي تصويرن ۾ ڏٺو وڃي جنهن هن ڳوٺ کي پاڪستاني شهرن جي ڏيتي ليتي سان ملائي ڇڏيو.
ڳوٺ جو انتظام:
ماهوٽا ذات وارن نيڪ مردن ۽ چڱن مڙسن جي هٿن ۾ رهندو اچي، ان لاءِ سندن احوال هيٺ ڏجي ٿو.
(1) زميندار خير محمد ماهوٽو: جيڪو مدرسا تعليم يافته هو، ڳوٺ جو خير خواهه، انصاف ۽ صلح پسند، شريف ۽ ڀلوڙ ماڻهو ٿي گذريو، هن جي ڪارڪردگي کان سڄو ڳوٺ راضي رهندو هو.
(2) حاجي امام بخش ولد خير محمد ماهوٽو: پنهنجي والد کي اڪيلو فرزند ٿيو، پيءَ جي وفات بعد ڳوٺ جي نظام جي رکوالي هن جي حوالي ٿي، هن کي سنڌي، پارسي، عربي ۽ انگريزي ٻولين جي ڄاڻ هوندي هئي، هن کي ضلع لاڙڪاڻي جي ساهيٽن ۽ زميندار ڌڙي ۾عزت ڀريو مقام مليل هو، هن جي سنگت کي مسٽر علي محمد شاهه راشدي کي ساراهيو آهي، هو پنهنجي ڪتاب، ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ لکي ٿو:
”حاجي امام بخش منهنجو دوست هوندو هو، پنهنجي ڳوٺ ۾ زميندار جي حيثيت سان رهيو، اليڪشن ۾ جڏهن به ٻن سياستدانن ۾ مقابلو رهندو هو ته هو ڪنهن به ڌر جي تڪڙ ۾ طرفداريءَ کان پاسيرو رهندو هو، جڏهن کيس يقين ٿي ويندو هو ته ڪير کٽي ٿو، پوءِ انهيءَ کٽيندڙ ڌڙي جي مدد ڪندو هو، پر منهنجي اليڪشن ۾ کلم کلا مدد ڪيائين. سرڪاري ٿاڦيل ميمبر هوندي به برٽش سرڪار کي جواب ڏئي منهنجي ورڪ ڪندو رهيو، ۽ مون کي کٽايائين.
زميندار حاجي امام بخش ماهوٽو مٿي جا وار هميشه ڪوڙائيندو رهندو هو، ان ڪري کيس ٺوڙهو امام بخش سڏيندا هئا، ڳوٺ جي نظام جي لاءِ رات جو چونڪي رکيائين ان ڪري ڳوٺ ۾ سدائين امن سلامتي هوندي هئي، البت ان دور ۾ چنا اٺ ڀائر اڙٻنگهه قسم جا ماڻهو هوندا هئا، جن جي سرڪشي ۽ ارڏائيءَ کي قانون جي دائري ۾ رکي ڳوٺ وارن جي آزادي ۽ سلامتيءَ کي برقرار رکندو هو، وقت جا آفيسر به هن کان راضي هوندا هئا.“
(3) وڏيرو حاجي غلام قادر ماهوٽو: ماهوٽا زمينداري خاندان مان هو، والد جي وفات کان پوءِ پڳ ڌڻي ٿيو، پيءُ جي ملڪيت مان وارثن کي شريعت مطابق پورا حصا ڏنا، ڳوٺ ۾ ڳوٺ جا نبيرا ڳوٺ جي جدا جدا معزز ذاتين وارن جي مشوري ۽ صلاح سان گڏجي فيصلا ڪندو رهندو هو، هن جي رهڻي ڪهڻي نهايت سادي هوندي هئي، يونين ڪائونسل فتح پور جو چيئرمين ٿيو، پر پوءِ سياست کان بيزار ٿي استعيفا ڏنائين، باقي زندگي فقيريءَ ۾ گهارڻ پسند ڪيائين. سندس فرزند غلام محمد ماهوٽو به پنهنجي والد جي پيروي پٽاندڙ زندگي گذارڻ جو شائق رهيو.
(4) استاد نظام الدين ولد احمد علي ماهوٽو، جنم 20 آڪٽوبر 1919ع، سنڌي پرائمري ماهوٽا اسڪول ۾ پڙهي، فائينل ۾ سوڀارو ٿيو، سنڌي استاد ٿيو، کيس خاندان کان ورثي ۾ زرعي زمين به مليل هئي ، هو وڏو خود اعتماد ۽ نڊر قسم جو بهادر ماڻهو هو، ذات وارن ۽ ڳوٺ وارن تان سر قربان ڪندڙ هو، ماهوٽا ڳوٺ ۾ ڪيهر امداد حسين زميندار دخل ڏيڻ ۽ زمينداري ڌاڪو ڄمائڻ گهريو ٿي، ان ڪري پوري ماهوٽا ڳوٺ مان استاد نظام الدين 1948ع کان وٺي ڪيهر صاحب سان مهاڏو اٽڪائڻ شوع ڪيو، ڪيهر زميندار جو هٿ ٺوڪيو ڇاڙتو محمد صفر چاچڙ ڌاڙيل هوندو هو، جيڪو ڪيهر زميندار جي شهه ۽ هشي تي استاد نظام الدين مٿان دٻاءُ رکندو ايندو هو، پر هن ڪڏهن به هٿيار ڦٽآ نه ڪيا، ڪيهر زميندار سان چوٽون کائيندو رهيو، ان لاءِ هن خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ هن جي ڀاءُ علي گوهر کهڙي جي ڀرجهلي، سندن حمايتون ۽ نيڪيون حاصل ڪندو رهيو.
استاد نظام الدين 1949ع ڌاري دودائي پرائمري اسڪول ۾ نائب استاد ٿي پرهائڻ آيو، جتي مان به پرائمري پڙهندو هوس، سائين نظام الدين جو سنڌي لکت جو هٿ ڏاڍو وڻندڙ هو، سندس هڪ پارسي شعر ياد اٿم:
‘‘دریں دنیا کسے یاری ندید م
اگر دیدم تو وفا داری نہ دیدم۔’’
معنيٰ: هن جهان ۾ ياري، دوستي نظر نه آئي، جيڪڏهن ياري، سنگت ڏسجي ٿي ته به ان ۾ وفاداري ۽ جٽاءُ نه آهي، هي بزرگ استاد 68 سال زندگي جا گهاري 29 سيپٽمبر 1987 تي ماهوٽن ۾ وڃي بهشت گهريو. سائين مذهبي ماڻهو هو، نماز ۽ روزي جو پابند رهيو، کيس 9 فرزند ۽ ٽي نياڻيون هڪ رفيق حيات مان پئدا ٿيا. اهو به وڏو سمائجي سهرو پيو ڳائجي، کين تعليم سان به نوازي ۽ سنواري ويو.
(5) مسٽر غلام الله ماهوٽو:
سندس والد غلام محمد ڏاڏو حاجي غلام قادر ماهوٽو صاحب، پنهنجي ابائي ڳوٺ ۾ 7 جنوري 1937ع تي پيدا ٿيو، قداور، ڇڙڪ، سڌي لڱين، سنهي ڪاٺي، منڍ کان ڏاڙهي ساڳو روپ ڊؤل اهوئي نيڪ نيت نهايت ايماندار، ديندار، انصاف پسند، سدائين پارٽيءَ سان وفادار رهندو اچي ٿو. پهرين بئنڪ ۾ ڀرتي ٿيو، روزگار جو مسئلو حل ڪيائين، پر جيئن ته حضرت مولانا محمد قاسم مشوري صاحب مرحوم جن جو مريد ٿيو، جنهن بزرگ جي رهبري ۽ تاڪيد سان بئنڪ جي نوڪري ڇڏي ڏنائين.
تعليم: ابتدائي سنڌي سکيا مشهور ماهوٽا پرائمري اسڪول ۾ پڙهي راس ٿيو، بقايا تعليم لاڙڪاڻي مان پرايائين. ايم اي ۽ ايل ايل بي جا امتحان ڪاميابيءَ سان پرايائين. 1971ع ۾ وڪالت جو ڌنڌو شروع ڪيائين.
سياسي ڪارگذاريون: 1968ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ اچي ويو، تعلقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. 1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو وائيس چيئرمين بڻيو. سنڌ جي گورنر جنرل ايس ايم عباسيءَ جي مخالفت ڪندي ٻه مهينا جيل جون هوائون کاڌائين. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ويو ۽ ٻه سال سکر، مچ ۽ لانڍي جيل ڪراچي ۾ رهي، ٽنهي جيلن جون سختيون پسيائين. 1985ع ۾ ضلعي پيپلز پارٽي جو صدر ٿيو. 1988ع ۾ لاڙڪاڻي پي ايم هائوس جو انچارج رهيو، 1988ع ۾ ضلعي پيپلز پروگرام جو ائڊمنسٽريٽر ٿي ويو. 1990ع ۾ ڊويزن چيئرمين ٿيو. 1994ع کان 1996ع تائين نئو ديرو پي ايم هائوس جو انچارج ٿيو. مزار ڪاميٽيءَ چيئرمين ۽ سنڌ ڪائونسل پيپلز پارٽيءَ ميمبر رهيو.
پير علي محمد شاهه راشدي صاحب جن جي ڳوٺ ماهوٽا ۾ هڪ جيڏائي ۽ سنگت صحبت هوٽي جهجهي آئو ڀڳت ۽ ڇپر ڇانوَ ٿيڻ.
سنڌ جو ناميارو ليکڪ، صحافي، سياح، سياستدان، سفير، بلا جو ذهين، ڀڃ ڊاهه، جوڙ توڙ، ڏڦيڙ ڏوجهرا وجهڻ وارن جي استادن جو به استاد، سنڌي، اردو، انگريزي زبانن مٿان ڇانيل پر پارسي ٻولي ۾ به گوهر گفتاريءَ جو سرواڻ رهيو. 1984ع ۾ ڪتاب ”لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“ جي مهورت شاهنواز لائبريري لاڙڪاڻي ۾ ٿي چڪي، جتي ڪتاب جي جائزي وٺڻ دوران راشدي صاحب جن جي ڪتاب مٿان ڇنڊڇاڻ ۾ پرک پروڙ ڪرڻ جو وارو پر گهٽ ٿيو، جنهن موصوف دانشور پنهنجي وڏي واڪي سنڌي اديبن آڏو پاڻ موکيندي دردناڪ ڦاٽ کاڌو. هڪ ڀيري گرم موسم ۾ ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي آيو ٿي، لڪي صدرالدين شاهه وٽ اچي اوساٽ ورايو، مزار تي پهتو ته هڪ هندوءَ کي گلاس پاڻي لاءِ چيو، هن گلاس بدران هن کي ٻڪ ۾ پاڻي پياريو. ان حالت ۾ چيائين ته هندن کان انتقام وٺڻ ۽ وير پاڙن جو دليري سان داستان ٻڌائي چڙهيو، سنڌ سونهاري جي دردن سورن جو سودو وڏي جوش سان اوڳاڇي مٿي چڙهيو. ان سمي پنهنجي آنڌ مانڌ، جوش ولولي ۽ ڪيل ڪرتوتن مٿان تر جيترو به لوڏو نه کاڌو، جڏهن ته هندو مسلم فساد ڪرائڻ کي اڌ صدي گذري وئي.
تقرير جي سرڪشيءَ ۾ وڏي گهمنڊ ۽ٽانءِ ڀري پڙلاءِ سان چئي ڏنائين ته سنڌ ۾ هندو مسلم ڏچو، ڏڦيڙ، دنگو، فساد جو ٻج مون کان ڇٽيو ويو، جيڪو لاڙڪاڻي کان پوکجي، سکر ۽ پوري سنڌ ۾ فصل تيار ٿي ويو. مسجد منزل گاهه سکر ۾ هندن خلاف هلايل هل چل ۽ وڙهاند جي خر کسي کي تيار ڪرڻ ۽ سنڌ جي پراڻي محبت ڀري سنڌي قومي شيرازي کي کاٽ ۽ کانجاڻو مون ئي لڳايو، جنهن ۾ سنڌ دوست سياستدان خانبهادر الله بخش سومرو ۽ سنڌي راڳ ويراڳ جو هاڪارو راڻو ڀڳت ڪنور رام جوڀن جوانيءَ ۾ حياتي کان هٿ ڌوئي ويا. ساڳي سمي سنڌ ۾ سندس راشدي خاندان جي حر تحريڪ کي به نه بخشيائين، انگريزن سان ملي ڀڳت ڪري حر تحريڪ کي غضبناب ڇيها رسايائين.
ڏٺو، ٻڌو ۽ سمجهو ويو ته هڪ ماڻهو جي ذاتي هٺ، وڏائي ۽ بڇان هندو مسلم دوستي، قومي ڀائيچاري ۽ انساني سهڪار جا ترا ڪڍي ڇڏيا، لکين سنڌين جا گهر ويران ٿي چڪا، سنڌ جي شاهوڪاري کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ويو. صدين جي هندو مسلم برادري جي ميٺ مٺاڻ جو ڏيوالو نڪري ويو. حر تحريڪ جا رند راهه کڻي، جاسوسي ڪري وقت کان اڳ ۾ برٽش حڪومت کي خبردار ڪندو هليو، ان ريت حرن جا پروگرام چٽا ڪندي هنن جي قوت طاقت جا به کنڌا کڻائي ڇڏيائين. پوءِ به ڏسجي ٿو ته حر تحريڪ اڳ کان اڳري پئي هلي، بس رڳو سائين جن سنڌ مان سدائين جي لاءِ وسامي ويا ٿا پسجن.
راشدي صاحب جي اخبار جنگ ۾ اردو مضمون نگاري ”مشرق و مغرب“ وڏي واکاڻ لائق رهي، جنهن جو ڇا ته مواد ڇا اردو ٻولي جو ڍنگ بس پڙهندڙ آڏو حيرت بپا ٿيو وڃي. سندن سنڌي لکت سولي، سلوڻي، سريلي ۽ سهڻي رهي، جنهن جي ساک ڪتاب ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ جا ٽي جلد ڀرين ٿا. ٻولي جي کاڻ ۽ خزاني جي نرواري ڄڻ سائين راشدي صاحب جن جي هٿان ٿي چڪي آهي. ٻوليءَ جي سٽاءَ ۾ سنڌ جا ماڳ مڪان، ڳوٺ واهڻ، وسنديون واهيرا، ننگر شهر جن جا عام ماڻهو، ڌنار پنهوار، حڪيم طبيب، سگهڙ سياڻا، چڱا مڙس، مٿير منهانڊا، رڄ مرد، نيڪ ناميارا، سچا سڀاڳا، چور ڌاڙيل، شهزور شاهوڪار، امير غريب، هندو مسلمان، سياح سياستڪار، صحافي سماج سڌارڪ، اديب عالم، شاعر گائڪ، مسخرا مذاقي وغيره جا انيڪ ارڏا سندن قلم جي تيز وهڪري ۾ وهيو وڃن، ڪتابي وستار وڏي سندرتا واري سٽاءَ سان نباهي ويئي آهي. مذڪور ڪتاب اهڙي ته عجيب اپٽار ۽ انداز ۾ ڍاليا ويا آهن جو پهرين کان ٽئين جلد تائين پڙهندي پڙهندي تاس تئونس تيز ٿيندي رهي ٿي. سندن ڪهاوتون، ڪٿائون سر ڪرڻ تائين اڀياس جي آنڌ مانڌ ماٺي ڪا نه ٿي ٿئي، پوءِ به قبلو سائين ڪتابن ۾ تاريخ وارن، ماهن، ورهين سالن لکڻ جي پورائي ڪرڻ ۾ ڏاڍ مڙسي کان ڪم وٺي ڪاٽا ڪري ويو آهي.
ساڳي سمي پهرين جلد جي ص، 2 مٿان پنهنجي ساراهه جي سمنڊ کي هڪ ڪوزي ۾ ڍالي فرمائي ٿو ته دنيا جي اڌ جهان اندر ڦرندو رهيو آهي، جنهن ۾ يورپ، عرب دنيا، فلپائين، ويٽنام، جاپان، چين، هانگ ڪانگ جا ملڪ اچي وڃن ٿا.
سچ پچ هيڏو سارو جهان اورانگهيندي به ليکڪ موصوف ساڃاهه جا ليڪا پار ڪري وڌا آهن، اهو به مڃي ٿو ته يورپ جون ٻه عظيم جنگيون لڙيون وچ اوڀر ۾ اسرائيل کان ٻاڪر ڪٽو وجهرايو ويو، فرنگي ويٽنام ۾ دس دسان جتي فرنگين جو قبرستان اڏجي ويو. جاپان مٿان ائٽم بم وسڪارا پيا، چين ۾ مائو جون يلغارون هليون وغيره.
سندن مٿين اپٽار پڙهندڙن جون اکيون پسائي ڇڏي ٿي ۽ حيران ڪري وجهي ٿي، پوءِ به قبلا سائين عالمي چير ڦاڙ، درد پيڙا، ڏکن ڏاکڙن مان سبق نه سکي سگهيو! عالمي قومن جي ايڪن، اتحادن، وطن دوستي، ملڪي قربانين جي درسن مان ذري برابر به سبق نه وٺي سگهيا، پنهنجي ديس مٿان ڪهل ٻاجهه واري راهه نه وٺي سگهيا، نه وري پنهنجي ڌرتي ۽ ديس جي واسين سان وفا ۽ ورهه ملهايائون. اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريائون، جنهن کان اڄ سوڌو سنڌ لوڙي ۽ خون ولوڙي ٿي. اها ڪيڏي نه ارمان جي ڪٿا آهي جو سنڌ جو پيدا ڪيل هڪ عظيم ذهن، سنڌ جي ڀلائي بهتري ۽ خير سلامتيءَ کان اجهاڳ ڏور هٽي ويو. سنڌ جو سنڌي سنڌ کي سينگاري سنواري نه سگهيو اهو به سنڌ صوبي جي بدقسمتي ۽ اڀاڳ جي ور چڙهيل دردن جو داستان ڳائبو هلندو، جنهن کي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍي ۽ سهيڙي ڇڏيو.
پير علي محمد راشدي صاحب جو ماهوٽا ڳوٺ ۾ وڌل ماهو:
ڪنهن به ماڻهو کي نٿو سونهين ته ڪنهن ٻئي انسان جون اوڻايون ۽ پوڻايون ڪڍي نروار ڪري اهو بدتر ۽ ڪڌو ڪم آهي، پر ڏسي وائسي ۽ ٻڌي ڪري حقيقي ۽ سچي ڳالهه مٿان پردو ۽ ڍڪ رکڻ به انصاف ۽ سچائي سان بدترين دغا ۽ ناانصافي ٿيندي.
پير علي محمد راشدي پنهنجي پڳ مٽ دوست زميندار امام بخش ماهوٽي جي ”اُهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جي 469 صفحي کان ساراهه شروع ڪئي آهي، جيئن ته زميندار ماهوٽي جي دوستي ڪري راشدي صاحب ماهوٽا ڳوٺ ۾ گور گهمندو رهندو هو.
برٽش دور حڪومت ۾ راشدي صاحب پنهنجي رواجي ڍنگ سان ماهوٽا ڳوٺ ۾ ويو. پنهنجي اڇاتري ۽ اڻانگي طبيعت سان هر وقت هيرا ڦيري ۽ هوس گيري کان ڪم وٺندڙ رهيو. هن کان هن ڳوٺ ۾ هڪ نه سهندڙ ۽ نه وسرندڙ ڪڌائي ٿي چڪي. اڪثر ڪري سنڌي ڳوٺاڻي زندگي ۾ سنڌي ذاتيون گهٽين گهيرن، هٽ پتڻ ۽ پاڙي ۾ هڪ ٻئي جي گهر عورتون منهن اگهاڙي آزاديءَ سان هلنديون گهمنديون آهن. هر ڳوٺ ۾ ڪيتريون ذاتيون رهن ٿيون. 2012ع ۾ ماهوٽا آدمشماري 40000 آهي، ان حساب سان اڄ کان پوئتي هن ڳوٺ جي آدمشماري 1935ع ۾ 5000 ٻڌجي ٿي ته ڪي قدر صحيح ڪٿ ٿيندي.

ڪڌي ڪرتوت جي ڳالهه ڪجي ٿي:
هڪ ڀيري راشدي صاحب ماهوٽا ڳوٺ جي گهٽيءَ مان لنگهيو ويو ٿي، ايتري ۾ هن جي اڳيان هڪڙي نوجوان غير ماهوٽا ذات ڀڙڪو ڏيئي پنهنجي پاڙي واري گهر ويئي ٿي. سدا ملوڪ شهزادي پنهنجي البيلي، مست ۽ بي خبري واريءَ روش ۾ لنگهي ويئي جيڪا هن جي خوني هوس جي نگاهن جي نشاني تي چڙهي. هن وينگس جي نه ڪن نه جن. پوءِ ته هن جي وحشي هورا هورا کي باهه وڪوڙي ويئي. نيٺ ووڙي پروڙي پتو کرو هٿ ڪري، هڪ وار پنهنجي ظالمانه رٿا پٽاندڙ ڪي لوهه مروڙ لوٺيا ۽ لفنگ ساڻ ڪري ڏينهن ڏٺي جو ان پاڪ باز مهري مٿان امارو ڪري ڏنائين. هن ويچاريءَ پاڻ ڇڏائڻ ۽ واهر لاءِ رڙيون هل حشر هنيا، پر پنج هزاري ماهوٽا سندس واهر کان اکيون پوري هليا ويا، ڄڻ ماهوٽا ڳوٺ مان هڪ جانور جو شڪار ٿي ويو.
ڏٺو وڃي ته 1935ع ۾ نه عام روڊ، نه پئٽرول ڊيزل گاڏيون، نه اڄ جهڙا موتمار اوزار هئا. جيڪڏهن ڳوٺ ماهوٽا واري 5000 هزاري آدمشماري مڙسي ڪري وجهي ها ته لٺين ڪهاڙين جي دور ۾ فقط آيو آيو پهتو پهتو جا هوڪرا ڪن ها، ته به راشديءَ جا ونگارو لوٺيا ۽ اغوا ڪندڙ ڦورو ڀڄي وڃن ها، پر اهڙي مقابلي کان ماهوٽا ڪوهين ڏور ٿي ويا نه وري علي محمد راشديءَ مٿان ڪا سرڪاري گهل چاڙهي ويئي. ان جي ابتڙ هن کي ميڙ منٿ ڪندا رهيا، بهمڻ ڳوٺ جون ياترائون ۽ حاضريون ڀريندا رهيا، وقتن پڄاڻا قسم ساک تي راشدي صاحب اغوا ڪرايل ٻانهن واپس ڪئي.
ساڳي ماهوٽا ڳوٺ ۾ هاڻوڪن ڏهن سالن جي ڳالهه آهي، جو هڪ اڻوندڙ اندوهه ناڪ ۽ ڪيسُ ڪهرام وارو واقعو ٿي گذريو، جنهن ۾ هڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرياڻي ماهوٽا ڳوٺ ۾ ڪلينڪ هلائيندي هئي، جنهن کي نواز سانگي ڏينهن ڏٺي جو ڪار تي چڙهي ڪلينڪ مٿان ڪليشن کڻي ڊاڪٽرياڻي تي اچي ڪڙڪيو، ڊاڪٽرياڻي مدد ۽ واهر لاءِ دانهون ڪوڪون ۽ واويلا گهل ڦرياس مچائي، پر ماهوٽا 40000 هزار ماڻهو هن بي سهاري ڊاڪٽرياڻي جي انساني واهر کان وانجهيل رهيا. ان مظلوم کي 4 ڪلوميٽرن تي ٻن اڍائن مهينن تائين ڳوٺ شير محمد سانگيءَ ۾ لڳ دودائي ڳوٺ ۾ رهايو. اهڙي دردناڪ ۽ دل ڏاريندڙ واردات ۾ به ماهوٽا ڳوٺ اک ٻوٽ راند کان ڪم ورتو. نه روبرو مقابلو ڪيائون نه ڌاڙيل اغوا ڪندڙ مٿان پوليس چاڙهي، ڇاپو هڻايو، هاڻي اهو پڙهندڙن مٿان ڇڏيو وڃي ٿو ته ڪهڙو نبيرو ڪن ٿا ته ماهوٽا امن پسند يا امن کان پري آهن.
مٿين دردن جي داستان ۾ ساڳو ليکڪ راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي پهرين جلد جي صفحي 356 تي نواب واحد بخش ڀٽو جي باري ۾ لکي ٿو ته هن مٿان برٽش دور حڪومت ۾ ڇتي ڪوري خون جي فرياد ڊپٽي ڪليڪٽر لاڙڪاڻو گوڙ والا صاحب وٽ داخل ڪرائي جنهن تي نواب واحد بخش ڀٽو صاحب کي گرفتار ڪرائي، مٿس خون جو ڪيس داخل ٿيو.
2) ٻيو مثال تعلقي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي زميندار عبدالستار ڪلهوڙي ڏانهن 1943ع ڌاري اتر سنڌ جو ڌاڙيل ليمون ڪوش چوائيندو رهندو هو، ته توکي ڪنهن ڏينهن پنهنجي ڳوٺ ۾ افٽ چٽ ڪرڻو آهي، هو ڳوٺ ڇڏي نه ڀڳو پر هن بدنام ڌاڙيل جي چڙهائيءَ جو انتظار ڪندو رهيو.
هڪ وار سانجهيءَ جي نماز بعد ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي کان هڪ دف ڏسڻ ۾ آيو، جن هڪلون ڪري بندوقن جا انڌا ڌنڌ فائر ڪيا، عبدالستار ڪلهوڙي جا ٻه ماڻهو شهيد ٿي چڪا. هن به مڙسي ڪري جوابي هوڪرا ۽ فائر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، جنهن وڙهاند ۾ مک ڌاڙيل ليمون ڪوش زخمن ۾ چور ٿي، پوئين پير ڀڄي ويو.
عبدالستار پوليس ٿاڻي ڌامراهه کي فرياد ڏني، جنهن تي ترت تدارڪ نه ٿي ڪيو ويو، ڇو ته بدنام ڌاريل ليمون ڪوش جو ڏهڪاءُ هو، جنهن جي باري ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر غلط رپورٽ ڏني جنهن جي درستي لونگائي ڳوٺ ۾ ڪيل آهي ۽ عبدالستار ڪلهوڙي جي ڌاڙيل مهاڏي جي سورهيائي جو بيان به پڙهڻ جهڙو بيان آهي.
3) پرڏيهي مثال عثمان علي ترڪ منگوليا جي ماٿرين مان نڪري پنهنجي ڪٽنب سان لڏو پٽيون ايشيا مائينر پهتو ته راهه ويندي هن ٻن قبيلن کي پاڻ ۾ جنگ ڪندي ڏٺو، هن ماهوٽا زميندارن وانگر نه سوچيو ته اسان جو ڇا وڃي، ”جنهن جو جيڏو سو تيڏو“ پر ماهوٽا سوچ خلاف هن ٻنهي قبيلن کي جهاڙي ڪري، ڪمزور قبيلي جو پاسو کڻي ڏاڍي ڌر جو مقابلو ڪري هن کي زير ڪري ڇڏايو، جنهن کي الله تعاليٰ خلافت عثمانيه عطا ڪري ڇڏي.
مٿين ڳالهين مان ثابت ٿيو ته انسان ٻئي ماڻهو جي خوشي توڙي غم ۾ شريڪ ڪار رهي، خاص ڪري آئي ويل هيڻن جي هٿي لاءِ سرڌڙ جي بازي کان ڪم وٺڻ کپي، ائين نه ته ڀاڙي ٿي ميدان کان پاسو ڪجي.
ڀٽ ڌڻي سرڪار فرمائن ٿا:
سورهه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

ماهوٽا ماڳ جون پراڻيون ۽ نيون ذاتيون انهن ۾ ڪاريگر ۽ ڏاها ماڻهو:
جهونيون ذاتيون:
ماهوٽا، جنهجڻ، سيد، سپڙا، ڊکڻ (سومرا) شيخ، حجم (منگي) دايا (جوکيا، مٺاڻي) ڪنڀر، ڪاسائي، مير بحر، موچي (چنا) مهاجر، چاچڙ، جوڻيجا، هنڱورا، ماهوٽن ۾ هندن جا به گهراڻا وسندا هئا، واپار سندن حوالي رهندو هو، سندن ڀلاوڻا ۽ واپاري ڪوٺيون سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وسنديون هيون، هندن ۾ ديوان تيجو مل گهڻو هاڪارو ٿي گذريو.
نيون ذاتيون:
ماهوٽن ۾ 1947ع کان پوءِ هندن جي سنڌ جي ٻهراڙين کي ڇڏي شهرن ۾ رهائشون ڪندا رهيا، يا هندوستان ڏانهن لڏيندا ويا، ماهوٽن ۾ هندن جي ڇڏي وڃڻ ڪري خالي جاين ۽ زمين تي مهاجر ڪليمن جي سبب سان قابض ٿيا ۽ ڳوٺ ۾ ٻيون نيون ذاتيون اينديون رهيون، جهڙوڪ ڪوڏراڻي، (ابڙا) ڀٽا، ڀٽي، جنجهه، جاگيراڻي، لاشاري، چانڊيا وغيره اچي ماهوٽا ماڳ ڪري ويهجي چڪا آهن. 1978ع ۾ ماهوٽا ماڻهو ڳاڻاٽو 5000 کن هئي، 20 دڪان، 3 هوٽل، پنج حجمن جا دڪان، 6 ڊکڻن جا ڌنڌا، ٻه ڪنڀرن جو آيون، لوهرن جا هنر خانا به هوندا هئا.
2012ع پٽاندڙ هن ڳوٺ جي ڪل آبادي ڳڻپ 40000 ٿي ويندي، 5000 گهر شماري ٿيندي، جڏهن ته ووٽ داخلا 3000 آهي، هاڻي لاڙڪاڻو، نئون ديرو روڊ کان ريلوي لائين تائين ڳوٺ وچان بازار جڙي چڪي آهي، ماهوٽا ننگر اهڙو سڀاڳو ڳوٺ آهي، جتي دنگو فساد، خونريزي پٽي نه آهي، منڍ کان اڄ تائين سڪون ۽ امن واري وسندي رهي آهي، البت هن سمي ڪن هنڌن مٿان مڪان کڙا ڪري ٿاٻڙيل ماڻهن نشي آور شين سان کارڻ شروع ڪيو آهي، هتي ضلعي لاڙڪاڻي ليول تي ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي ويندي هئي ۽ ٻيون ديسي رانديون به رچايون وينديون هيون، هينئر ڪرڪيٽ، تي نئون نسل لهي پيو آهي، سارين ڇڙڻ جا ڪارخانا آهن، گرلس ۽ بوائز هاءِ اسڪول آهن، ماهوٽا پرائمري اسڪول 31 آگسٽ 1886ع تي کڙو ٿيل آهي ۽ ساڳي وقت هتي پوليس اسٽيشن آهي.

ماهوٽا جا ڏاها:
(1) سيٺ تيجو مل:
ماهوٽن جي هندن ۽ مسلمانن ۾ وڏو واپاري سيٺ تيجومل ٿي گذريو، جنهن کي ماهوٽن اندر هڪ سؤ سرنهن پيڙهڻ جا گهاڻا هوندا هئا، هر هڪ گهاڻي ڪاهڻ لاءِ هڪ هڪ ڏاند جي درڪار هوندي هئي، اهڙيءَ ريت سيٺ وٽ 100 ڏاند هوندا هئا، گهاڻن جون جڳهون ۽ ڏاندن جي هڪ وڏي لانڍي جنهن ۾ جانورن کي چارو ملندو هو، سنڀال پڻ ڪئي ويندي هئي، هن قسم جي وهنوار مٿان سنڀال ڪرڻ لاءِ مزدورن جي ضرورت رهي ٿي، هڪ هڪ گهاڻي مٿان هڪ هڪ مزور لازمي گهرجي، جيڪو سرنهن کي پيڙهڻ اتان وري کڙ ۽ تيل جدا ڪرڻ جو هنر رکي، ساڳي وقت ڏاند کي گهاڻي ۾ جوٽڻ ۽ هلائڻ جي چوڪسي ڪري، گهاڻي جي وهڪ کان پوءِ هر هڪ ڏاند کي ڪونر ۾ چارو ڏيڻ مزورن جو ڪم ٿئي ٿو ۽ ڏاندن جي ٿان يا وٿاڻ جي صفائي وغيره لاءِ به مزورن جو کاپو رهي ٿو، ان حساب سان ٻن سون ماڻهن جي پورهيئي لاءِ مالڪ کي خريد ڪرڻي پوي ٿي، ان ريت پراڻي دور ۾ ماهوٽا ڳوٺ ۾ سرنهن جي پيڙهه جو هڪ وڏو ڪارخانو هوندو هو، ساڳي وقت تيل ۽ کڙ جو سيٺ تيجو مل وٽ وڏو ڀلاوڻو رهيو، سيٺ جو دستو ر هو ته هر سرءُ جي موسم ۾ سرنهن ڇٽڻ مهل ديهه ماهوٽا ۽ ٻين ڀر وارين ديهن ۾ سرنهن جي ٻج خرچ لاءِ هارين ۽ زميندارن کي اڳواٽ ڏوڪڙ ڏيندو رهندو هو ۽ اهڙي ريت جدا جدا ديهن جو فصل کڻندو رهندو هو، هڪ ڀيري هن هميشه جي رواج پٽاندڙ 1905ع ڌاري آڪٽوبر، نومبر جي سرءُ () ۾ سرنهن جي آبادگارن کي سرءُ جا ڏوڪڙ ڏئي ڇڏيا، پهاڪو آهي ته بندي جي من ۾ هڪڙي، ڌڻي جي جوڙجڪ ۾ ٻي، سو جنوري 1905ع ۾ سانده 48 ڪلاڪ پارو ۽ ٿڌ سنڌ ۾ اچي ڪڙڪي، جنهن ۾ سمورا تيلي ٻج چٽ پٽ ٿي ويا، انهيءَ سيءَ ۽ ٿڌ جي پوڻ ڪري ڪيترن سالن تائين وڻن جون چوٽيون سڪل رهيون، سيٺ جي سڙيل موڙيءَ جا ترا نڪري ويا، ان کاپوءِ سيٺ سئين لڱين نه ٿيو.

(2) سيد پنجل شاهه بخاري:
هي بزرگ وقت جو وڏو حقيقي ۽ پرهيزگار، عبادت گذار ۽ درويش، نيڪ ۽ نهٺو قسم جو هوندو هو، جيڪو ماڻهن کي راهه خدا سان لائيندو رهندو هو، ماهوٽا جي شاهي روڊ جي لڳ اولهه پاسي، سندس رهائش هئي، جتي عبادت ڪندو هو، سدائين نياز نوڙت نهٺائي ۽ هيٺ ڪنڌ ڪري هلندو هو، هڪ ڀيري نئون ديرو ماهوٽا شاهي روڊ سان حضرت پير پاڳارو محافي ڌڻي پنهنجي جماعت جي جلوس سان جماعت جي دعوتن تي ويا ٿي، جڏهن ماهوٽا ڳوٺ کان لانگاهو ٿيا ٿي تڏهن سندن نظر هن بزرگ تي پئجي وئي، محافو روڪائي هن بخاري بزرگ جي سامهون ٿيا، اتي حضرت بخاري، حضرت پير پاڳاره جن جي جلوي کان ٽري وڃي پنهنجي چادر بند ڪري ويهي رهيو، تيتر ٻاهر نه نڪتو جيتر حضرت پير صاحب جن ماهوٽن کان اسريا. (2)

(3) بدل شاهه بخاري:
پنهنجي دور جو خليق، ملنسار، خير خواهه، هر دل عزيز ٿي گذريو، ٽِٽُ ڏيڻ هن جي وس جي ڳالهه هوندي هئي، هڪ ڀيري ڪنهن شهر جي ٺهڪائي ۽ يار ويس مالدار ماڻهو ٽٽن ڏيڻ مٿان شرط لڳائڻ جو اعلان ۽ هوڪرا ڪري ڇڏيا، ۽ هڪ ٽٽ ڏيڻ تي هڪ پئسو مقرر ڪري ڇڏيائين، انهيءَ ڪوٺ تي ڪيترن مشهور ٽٽن وارا اچي گڏ ٿيا، جن مان هر هڪ پنهنجي واري سان ٻه ٽي يا چار پنج ٽٽ ڏيندو، پنهنجو وارو وڄائيندو هليو ويو، جڏهن بدل شاهه ماهوٽائيءَ جو وارو آيو، تڏهن هن ٽٽ ڏيڻ شروع ڪيا، جنهن ۾ مالدار ميلائيءَ کلندي بخاري شاهه جا ٽٽ ڳڻڻ شروع ڪيا، جڏهن بخاري شاهه ٽٽن جو رينگٽ تيز ڪيو تنهن مهل شاهوڪار ڳڻڻ کان ڀلجي ويو، پوءِ ته شاهه صاحب کي جهجهو ناڻو ڏيئي ساهيٽي ماڻهو پنهنجي جان ڇڏائي.

(4) مولانا نيباهيو منگي:
ماهوٽا جامع مسجد جو پيش امام ٿي رهيو، هو ديني علم سان سرشار هو، نيڪ، سچار، پرهيز گار، ديندار، ايماندار ۽ بزرگ ماڻهو ٿي گذريو جامع مسجد ماهوٽا ۾ هن جو ديني مڪتب هوندو هو، جنهن ۾ ڳوٺ جي ٻارن کي مفت ۾ سيکاريو ويندو هو، هن پنهنجي گهراڻي کي ماهوٽا ۾ ملا گهراڻو ڪري تسليم ڪرايو.

(5) ملا واليڏنو منگي:
جيڪو مولانا نيباهيو جي خاندان مان هو، هو ماهوٽا جي منگي ذات وارن ۽ ڀر پاسي جي منگين جو چڱو مڙس ۽ نيڪ مرد ٿيو، هو ديندار، حق گو، ايماندار، سڀ جو خير خواهه، امن پسند ماڻهو رهيو، جامع مسجد جو پيش امام ۽ ديني تعليم جو مدرس به رهيو، ان ڪري هن کي ڳوٺ توڙي آسپاس نيڪ نالن سان ياد ڪندا رهندا هئا.

(6) استاد در محمد منگي:
سندس والد واليڏنو منگي ڳوٺ ماهوٽا ۽ ڀرپاسي منگين جو چڱو مڙس ۽ نيڪ مرد هوندو هو، ساڳي وقت جامع مسجد ماهوٽا جو پيش امام ۽ ديني تعليم جو مدرس رهيو، کيس فرزند ارجمند 5 مئي 1915ع تي پيدا ٿيو، سنڌي پرائمري سکيا ماهوٽا اسڪول ۾ وٺي، فائينل ۾ سوڀارو ٿي 31 آڪٽوبر تي آخري امتحان جي سند وٺي استاد ٿيو، 1949ع ڌاري دودائي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، ان دور ۾ مان سائين وٽ ڇهون ۽ ستون درجو سنڌي پڙهيو، سائين جا سنڌي اکر ڏاڍا سهڻا هئا، ان سمي منهنجا سنڌي اکر سٺا نه هئا، مون کي فقط ٽن لفظن جي ”تعليم، تعظيم ۽ تعميل“ جي مشق سيکاري منهنجي سنڌي لکت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيائين.
ميل ميلاپ، ياري دوستي جي رشتن ۾ اڳرو، اوطاق ۽ مال پالڻ جو شوقين، بي ڊي اليڪشن ۾ ماهوٽا يونين ۾ هن پنهنجي ڀيڻيوي علي محمد منگيءَ کي امداد حسين ڪيهر زميندار جي مقابلي ۾ کڙو ڪيو، پر هارايائين.
سائين در محمد ماهوٽا پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ ان سان گڏ پوسٽ آفيس لاڙڪاڻي پاران ماهوٽا پوسٽ جو نگران به رهندو آيو، 1975ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو، 66 ورهيه زندگيءَ جا گهاري بروز اڱارو 5 آڪٽوبر 1981ع تي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.

(7) استاد صاحبڏنو ولد محمد بخش منگي:
5 نومبر 1934ع تي ماهوٽن ۾ ڄائو، استاد در محمد منگيءَ جو ڀائيٽو ۽ شاگرد هو، ماستريءَ سان گڏ واپار به ڪندو هو، ويگن به ڀاڙي تي هلرائيندو هو، ان ڪري هن کي سٺي آمدني ٿيندي رهندي هئي، ساڳي وقت ڀلوڙ قسم جو شاعر به ٿي رهيو، تخلص ”مجروح“ هو، واپار ۽ گهڻن ڌنڌن جي ڪري وقت کان اڳ ۾ پهرين جون 1981ع تي کاتي کان فارغ ٿي، دنيوي ڪاروبار ۾ جنبي ويو، 20 آڪٽوبر 2003ع تي رحلت ڪري ويو.

(8) لعل بخش ۽ خدا بخش منگي:
(حجام) پاڻ ۾ ڀائر هئا، حجامڪي ڌنڌي جي وڏي شهرت رکندڙ هئا، ڦٽ ڦرڙيءَ جا قابل جراح هوندا هئا، خاص ڪري خدا بخش ڪاغذي گل ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر ۽ ماهر هوندو هو.

(9) شهمير دايو:
وڏو مڃيل طاقتور پهلوان ٿي گذريو، سکر بئراج کان اڳ ۾ کوهن تي آباديون ٿينديون هيون، هن جي کوهه مٿان ائٽ چڙهيل هوندو هو، اهو خراب ٿي پيو، هن ڊکڻ کي چيو ته ائٽ ٺاهي ڏي پر هن اچڻ ۾ دير ڪئي، ان ڪري هن ڍينگو ڪلهي تي کڻي، ڊکڻ جي دڪان ڏانهن پهچي ويو، ائٽ ٺهرائي ڍينگو لٺ سوڌو ڪلهي تي رکي اچي کوهه تي رکيائين.

(10) محمد سومر دايو:
جاين ٺاهڻ ۽ رٿڻ جو وڏو ماهر هو ۽ ڪاريگر هوندو هو، پنهنجي ڏينهن ڪاري ۾ هن وڏيون وڏيون جايون رٿيون ۽ ساڳي وقت ٺاهي راس ڪيون، پنهنجي مهل جو هاڪارو ڪاريگر رهيو.

(11) وارثڏنو ۽ رحيم ڏنو ڊکڻ (سومرا) :
ٻه ڀائر ڪاٺ جي ڪم جا بلا جا ڪاريگر ۽ اول لڙهيءَ جا ڄاڻندڙ هئا، سهڻو فرنيچر تيار ڪندا هئا.

(12) رسول بخش، محمد امين ۽ غلام رسول ڊکڻ (سومرا) :
ڪرسيون، ميزون، ڏوليون، پينگها، کٽون، پلنگ وغيره تيار ڪندا هئا، جاين ۽ ڇتين مٿان ڪاٺ جي جڙاوت به ڏاڍي سٺي ڪري ڄاڻندا هئا.

(13) محمد صالح ماهوٽو ۽ غلام محمد جهنجهڻ:
سٺا لوهر ٿي رهيا، ڪهاڙين، ڪوڏرن ۽ ڏاٽن ٺاهڻ جو وڏو ڏانءُ هوندو هُئن.

(14) ڌڻي بخش جهنجهڻ:
هڪ وڏو سگهارو ماڻهو ٿي گذريو، ڪنهن ڀيري ڏاند گاڏي اناج جي ڀريو ماهوٽا ڳوٺ ڏانهن آيو ٿي، پنهنجي ڳوٺ ۾ پهچڻ لاءِ هن کي اڃا ڇهه ميل مسافري ڪرڻ هئي ته هڪ ڏاند واٽ تي هلندي ڪري پيو ان حالت ۾ هن ٿڪل ڏاند جي جاءِ تي پاڃاريءَ ۾ ڍڪي ٿڪل ڏاند بدران گاڏي ڪاهيندو اچي ڳوٺ پهچي ويو، کائڻ جو به کرو هوندو هو، ڪنهن مهل ڪچا چڻا هڪ پاٽي رڙڪي کائي ويو.

(15) محمد ابراهيم چاچڙ:
ڪوڏر وهائڻ جو ڪوڏيو ۽ وڏو کاٽڙيو ٿي گذريو، جڏهن به ماهوٽن ۽ ڀرپاسي ڳوٺن ۾ کوهه کڻايا ويندا هئا ته هي ضرور ڪانڍجي ويندو هو، جتي کاٽي جا جوهر ڏيکاري، ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيندو هو.

(16) محمد ڇٽل شيخ ۽ محمد پريل چاچڙ:
هارمونيم ۽ ڍولڪ وڄائيندا هئا، ساڳي وقت راڳ به ڳائيندا هئا.

(17) حاجي حبيب الله شيخ، ڀاڳيو شيخ ۽ ولي محمد شيخ:
هارمونيم ۽ دلي تي راڳ ويراڳ ڪندا هئا، ٻهراڙين ۾ وڃي فن جو مظاهرو ڪندا هئا، راتين جون راتيون راڳ ويراڳ ۾ کپائي ڇڏيندا هئا.

(18) محمد صفر چاچڙ ڌاڙيل:
وريام چاچڙ نالي ڳوٺ ميان خان، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور رياست مان ڪن سببن ڪري ماهوٽا ڳوٺ ۾ اچي ويٺو، جتي هن کي محمد صفر نالي پٽ 1920ع ۾ ڄائو، ڊگهي قد، تلهڙ، سگهارو بدن، رنگ بادامي نما، منهن موڪرو، ڀرون جاڙيون، وار گهاٽا، جواني ۾ اٺ تي به سواري ڪندو رهندو هو، ڪلام پاڪ جو دور ۽ نماز بنا ناغي سرانجام ڏيندو رهندو هو، چوري ۽ ڌاڙو هن جي سرشت ۽ خمير ۾ شامل هو، هن جا ڪيترا شاگرد ٿي رهيا، چورن ۽ ڌاڙيلن جو اڳواڻ ۽ سرپرست ٿي رهيو، محمد صفر ماهوٽا ڳوٺ جي چونڪي ڏيندو هو، هن جي چونڪيءَ دوران ڏوهه بنهه نه ٿيندو هو، هڪ مشهور ڌاڙيل جي حيثيت سان زميندار ڪيهر امداد حسين جو هن مٿان ساٿ هوندو هو، ڳوٺ ماهوٽا جي زميندار گهراڻي مان استاد نظام الدين ماهوٽو امداد حسين ڪيهر سان سدائين ناٺاهه رهندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪيهر صاحب ڳوٺ ماهوٽا مٿان راڄ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هو، ان ڪري استاد نظام الدين ڪيهر صاحب جي مقابلي ۾ علي گوهر کهڙي جو ساٿي ۽ حمايتي رهندو آيو، هن جون امداد حسين ڪيهر سان هميشه چوٽون ۽ چڪريون هلنديون هليون، محمد صفر، امداد حسين ڪيهر جي شهه ۽ چور تي هن مٿان حملن جون جاکوڙون ڪندو آيو، هن مٿان ڪيترو به دٻاءُ ۽ جبر ٿيندو آيو، پر هو ڪڏهن به ڪيهر صاحب جي هراس کان خائف نه رهيو، اهڙي ريت محمد صفر ماهوٽا ڳوٺ ۾ 90 سالن جي عمر ۾ 21 رمضان شريف 2010ع ۾ گذاري ويو، هن چورين، ڦرين ۽ ڌاڙن جا ڪيترائي ڏوهه ۽ وارداتون ڪيون، پر هن جا ٻه ڌاڙا گهڻو پڌر پيا، جن ۾ هڪ لکي سکر روڊ تي بسن جي ڦر ۽ ڄامڙي ڳوٺ جو ڌاڙو.

لکي وارو ڌاڙو:
سکر مديجي روڊ سان لکي شهر جي سامهون بسن ڦرڻ جو پهريون ملڪي ڌاڙو 1954ع ڌاري محمد صفر چاچڙ جي اڳواڻيءَ ۾ لڳو، هن جي جوڙ ۾ ماستر غلام علي ولد مستري الهه بخش ماهوٽو، غلام علي جوڻيجو ويٺل ڪٻڙو يا بچو واهڻ، علي محمد جروار، ويٺل خانواهڻ، علي محمد چانڊيو شڪارپوري ۽ عبدالحليم مير بحر ويٺل مسوحب، ٻپهري جو وقت جو روڊ بلاڪ ڪري بسون ڦرڻ شروع ڪيون جيئن ته محمد صفر ڌاڙيلن جو سر ڪردو ۽ اڳواڻ هو، هن ڌاڙي دوران ڌاڙيلن جا نالا فرضي رکيا هئا، ڪنهن کي بگهڙ، ڪنهن کي شير، باز وغيره سڏيندو رهيو ۽ ڪارروائيءَ کي جاري رکيو، ڌاڙو ٻپهري کان سج جي لهڻ تائين هلندو رهيو. چٽي ڏينهن ۾ بسن جي مسافرن کي ڦريندو لٽيندو رهيو، هن قسم جي پهرين بسن جي روڊ واردات هئي، جيڪا وڏي اعتماد سان ٿي رهي هئي، جڏهن ٽپهري جو وقت آيو ته محمد صفر روڊ تي ئي وڏي سڪون سان نماز ادا ڪئي، هن ڌاڙي جي جوابدارن کي علي محمد جروار ڌاڙيل ئي پڪڙايو، پوءِ کين نئون ديرو ٿاڻي ۾ بند ڪري ڌاڙي جي جاچ پوري ڪري ڪيس چالان ڪيو ويو، هنن کي ڪورٽ سزا ڏني، سکر جيل ۾ سزا کائڻ لڳا، ساڳي سينٽر جيل سکر ۾ غلام علي ماهوٽي هڪ ٻئي پڪي قيدي سان ڏند ڏنا، جنهن ۾ ٻئي قيدي هڪ ٻئي مٿان تيز ٿي ويا، ماستر غلام علي ماهوٽي کي وڙهندي هڪ سر هٿ لڳي، جا ٻئي قيديءَ کي مٿي ۾ وهائي ڪڍيائين، جنهن ۾ هو قيدي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، ماستر غلام علي مٿان ڪيس هليو، خون جو ڪيس هن مٿان ثابت ٿي چڪو، هن کي ڦاسي جي سزا مقرر ٿي، اپيل، ٽپيل، رحم تار ۾ ساڳي ڦاهي نازل ٿي ۽ هو ڦاهي تي چڙهي ويو، سوريءَ کائڻ کان پوءِ سندس پوين کي لاش مليو، جنهن کي ماهوٽا مقام ۾ دفن ڪيو ويو، محمد صفر جڏهن به جيل ۾ ويندو هو تڏهن خاموش ۽ امن پسند رهندو هو، جيل جي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪندو هو، درود صلوات جو ته ٻاهر توڙي جيل ۾ سخت پابند هوندو هو، هن ڪيس مان سزا کائي باقي پنج ڄڻا قيدي آزاد ٿي پنهنجي ڪکين قراري ٿيا.

ڪيهر ڳوٺ

ڪيهر ذات جي ڪري هن ڳوٺ تي نالو ڌريو ويو، هي وستي مستطيل زمين جي ٽڪري مٿان کنيل آهي، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو روڊ جي اوڀر پاسي لڳو لڳ، لاڙڪاڻي شهر کان 11 ڪلوميٽر ڏور آهي، پاڻي مٺو، زرخيز، دادو ڪئنال تي آبادي ٿيندڙ، ڳوٺ ۾ وڻراهه جهجهيري انداز ۾ آهي، ڳوٺ جي اتر ۾ آگاڻي لنڪ روڊ، اولهه ۾ ريلوي لائين ۽ رائيس ڪئنال، ڏکڻ ۾ مقام ۽ باغ، اوڀر طرف باغ ۽ زمين زرخيز اٿس.
ذاتيون: ڪيهر، ڪلهوڙا، ماڇي، ميتلا، سيد، سمنگ، ابڙا، عباسي، شيخ، گاد، ٽڳڙ، رند، جمالي، دايا آهن، گهڻائي ۾ ذات ڪيهر آهي.
مشهور شخصيتون:
1. زميندار خليفو محمد پناهه ڪيهر، پير صاحب پاڳارن جو مرد خليفو رهندو آيو، هي سندن پهريون مريد هو جنهن محافو ٺهرائي حضرت پير صاحب پاڳاري محافي ڌڻي کي نذرانو پيش ڪيو.
2. مسٽر غلام رسول ولد شير خان ڪيهر، زميندار ڳوٺ ڪيهر تعلقو لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس جنم 10 جولاءِ 1899ع تي ٿيو، روينيو کاتي ۾ آفيسر ٿيو، 1949ع ۾ ائگريڪلچر کاتي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، 1953ع ۾ ريٽائرڊ ٿي چڪو، ساڳي سال سياست ۾ آيو اليڪشن 1953ع ۾ ميمبر ٿيو، ساڳي سال ائگريڪلچر کاتي مٿان وزير ٿي رهيو، 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو، 1977ع ۾ سياست کان ڪناري ڪش ٿي ويو.
3. قربان علي پٽ مولا بخش ڪيهر، جنم 10 جولاءِ 1961ع ٿيو، انٽر جي بنياد تي استاد ٿي رهيو، شاعري ڪرڻ لڳو، تخلص ”قرب“ هوس. سندس هڪ چوسٽو پيش ڪجي ٿو:
جيڪر هجان حبيب جي، پيرن سندي پيزار
چنبڙي وڏي چاهه سان، پل پل ڪيان پيار
قرب ڀايان قربان چئي، بيحد بيشمار
سڄي هوند ڄمار، ائين گذاريان عجيب سان.

ڏاهو ۽ رهبر استاد رحمت الله ابڙو صاحب

ڏاهو ۽ رهبر استاد رحمت الله ابڙو صاحب

سندس والد بخشل خان ۽ ڏاڏو ٻڍو خان ابڙو (جيهو) ڳوٺ ٻڍو جيهو، ديهه ۽ تپو بهمڻ تعلقي رتيديري ۾ 2 فيبروري 1942ع ۾ ڄائو، 1945ع ۾ سندس والد گذاري ويو، جيڪو انجنيئري بنگلي ۾ چوڪيدار رهيو. 1950ع ۾ ڪيهر ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ اچي ويٺا. هن ڳوٺ جي ريلوي لائين تي هن جو چاچو در محمد ۽ وڏو ڀاءُ ٻڍو خان گينگ مين هئا. ڪيهرن ۾ ٻه جريب ڪڙمت به ڪندا هئا. مسٽر رحمت الله کي پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مليل ورثي طور ڏيڍ ايڪڙ زمين به هوندي هئي، جنهن جي پيداوار هن کي ملندي رهندي هئي. هن جفاڪش ۽ سڄاڻ استاد پنهنجي محدود وسيلن سان پنهنجا 4 پٽ ۽ هڪ نياڻي اعليٰ تعليم سان سينگاريا جن جو هيٺ احوال ڏنو ويندو. ساڳي وقت استاد سان گڏ شاعر به آهي، جنهن جو هڪ شعر به هيٺ رکيو ويندو.
تعليم: سنڌي ٽي درجا پرائمري اسڪول بهمڻ ۾ پڙهيو، باقي تعليم ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي پرائمري اسڪول ڪيهر ۾ پڙهيو. سنڌي فائينل پرائمري اسڪول آگاڻي ۾ ڏنائين. شادي 1969ع ۾ ڪيائين. سندس والده 1981ع ۾ گذاري ويئي.
نوڪري: منڍ ۾ ايريگيشن ۾ ٽيليفون آپريٽر ۽ داروغو رهيو جيڪا نوڪري ڇڏي، پير صاحب پاڳاره جي سفارش سان 20 مارچ 1964ع تي پرائمري اسڪول مسو حب ۾ هيڊ ماستر الاهي بخش ميراڻي وٽ نائب ٿيو. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جدا جدا اسڪولن ۾ نوڪري ڪندي، 15 اسڪيل ملڻ کانپوءِ مسجد اسڪولن جو سپروائيزر ٿيو. 31 جنوري 2002ع تي کاتي کان رٽائرڊ ٿيو. 2000ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي مان ٽپڙ سهيڙي قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وڃي آباد ٿيو آهي. 2010ع ۾ پاڻ ۽ گهرواري ساڻ ڪري حج ڪيائين.
ابڙي استاد جي ڪرامت جو ڪمال اهو آهي جو پنهنجن پنجن ٻارن جي ابتدائي سکيا جو بنياد پاڻ رکيائين ۽ باقي تعليم جي رهبري ۽ سنڀال ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيائين. ان ڪري ڪو به ٻار تعليم ورتل گس کان ويسلو نه رهيو. ابڙو صاحب پاڻ استادي پيشي سان گڏ شاعر به رهيو آهي. شاعريءَ ۾ تخلص نماڻو اٿس.
هڪ شعر نماڻي جي تخلص سان هيٺ ڏجي ٿو:
جلدي هل نه تون پير ڍلا ڪر ڙي
ملاءِ مون سان منهنجو مَنُ ميهر ڙي
وچ سير ۾ سڏ سڏڪار ٻڌ
رڙيون دانهون مينهن جا ڌنار ٻڌ
والي وارث وير ۾ وَرُ ڙي
ڪونهي ڪُنَ ۾ بچڻ جو اُپاءُ ڪو
سگهو ساهڙ اچي لهه سماءُ ڪو
وريا واڳون سوين سيسر ڙي
ڏوهه ناهي نماڻا ڪنڀار جو
مونکي مٺو آهي منهنجي مقدر ڙي

سڄاڻ استاد جي چئن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي ڏيٺ ويٺ:
مسٽر ثناءَالله ابڙو:
مسٽر ثناءَالله 1971ع ۾ ڪيهر ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سنڌي پرائمري ڪيهر پرائمري اسڪول تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پوري ڪري پنجين جماعت جو پاس سرٽيفڪيٽ وٺي ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتي ڇهين کان ڏهين جماعت پڙهي، مئٽرڪ ۾ سوڀارو ٿيو، انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان حاصل ڪري ورتائين، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پنهنجي اهليت تي بي اي سول ۾ داخل ٿيو، انهيءَ دوران پرائيويٽ نموني هن ڊبل ايم اي به ڪري ورتي. ساڳي سمي ڪميشن جي تياري به ڪندو هليو، جنهن ۾ به سوڀارو ٿيو. 1995ع ۾ سيڪشن آفيسر مقرر ٿيو. آخر ۾ هن سي ايس ايس جو امتحان به ڏيئي ڇڏيو. 2000ع ۾ ڪسٽم کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿيو. نوڪري جي سمي ٽريننگ لاءِ جاپان، چين، سريلنڪا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا موڪليو ويو. 2004ع ۾ شادي شڪارپور جي دراني پٺاڻ خاندان مان ڪري ورتائين، آمريڪا دوران کيس فرزند عطا ٿيو، جنهن کي آمريڪا جي شهريت ڀاڳين پئي.

مسٽر سيف الله ابڙو:
پنهنجي وڏي ڀاءُ ثناءَالله جي پيروي ڪندي سنڌي تعليم ڪيهر اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري سکيا ڊي سي هاءِ سڪول مان پرايائين. هايئر سڪينڊري ڊگري لاءِ ڪاليج لاڙڪاڻو ڏٺائين. جتان سٺن نمبرن ۾ سند لڌائين، ان ڪري هن کي مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ سولائيءَ سان سيکارڻ لاءِ مڪينيڪل ۾ بي اي جي اميدوار جي حيثيت ۾ اچڻ ڏنو ويو. پرائيويٽ جي ڍنگ سان هن ايم اي ايڪانامڪس ۾ ڪري ڇڏي. ان بعد بئنڪنگ ۾ ڪميشن جي امتحان ۾ سوڀارو ٿيو، ان لاءِ بئنڪ ايم سي بي ۾ آفيسر ڪري مقرر ڪيائون. ان وچ ۾ فيڊرل ڪميشن ۾ سوڀارو ٿي ويو، جنهن۾ هن کي اڪائونٽس گروپ مليو. وري سنڌ ڪميشن ۾ ڊي ايم جي گروپ ڪڻين حاصل ڪري ورتائين، نئين نصيب سان سنڌ اندر روينيو کاتي جي ڪيترن ئي عهدن مٿان مقرر ٿيندو هليو، هن سمي ضلعي لاڙڪاڻي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو. سندس شادي گهر آبادي لاڙڪاڻي شهر جي قاضي خاندان مان ٿي سندس پيدائش 1976ع آهي.

مسٽر صفي الله ابڙو:
ڪيهر ڳوٺ ۾ 1980ع ڌاران پئدا ٿيو. وڏن ڀائرن جيان سنڌي سکيا ۽ ثانوي ساڃاهه ڪيهر پرائمري اسڪول ۽ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جون ياترائون ڪيائين. هايئر سيڪنڊري ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جون پوري لڳاءَ ۽ ذوق سان حاضريون ڀريائين، گريجوئيشن انجنيئرنگ جي گس تي نه هلندي، ميڊيڪل ڏانهن روانو ٿي ويو. پنهنجي تعليمي لياقت جي حيثيت سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ چونڊجي ويو. ايم بي بي ايس جي پنجن سالن تائين پڙهي پرکي پورو ڪري، هائوس جاب کي لڳو، ان بعد ڪراچي جي ڪيترين اسپتالن ۾ ڪم ڪندو رهيو. نيٺ آمريڪا ويو، جتي ٽي سال رهي، مقرر امتحان پاس ڪري، واپس وطن ٿيو، سعودي عرب ۽ عرب امارت پنهنجن ملڪن جي لاءِ پاڪستان مان هوشيار ڊاڪٽرن جي چونڊ لاءِ ڪميشنس مقرر ڪيون، جن ۾ هي چونڊجي ويو، پر پاڻ سلطنت مسقط عمان کي ترجيح ڏنائين، جيئن ته اتي هن جي ڀيڻ جو گهروارو ڊاڪٽر عرفان مهر ۽ سندس ڀيڻ نوڪريون ڪندا ۽ رهندا هئا. تنهن ڪري هن عمان کي پسند ڪري، اتي ڊاڪٽر ٿي رهڻ پسند ڪيو. 2015ع ۾ شڪارپور جي دراني پٺاڻ خاندان مان شادي رچائي، جا پڻ ڊاڪٽري پيشي سان لاڳاپيل آهي.

مسٽر مسيع الله ابڙو:
پنهنجي گهرو ڀائپي جي تعليمي ريس ۽ ڀيٽ ۾ هن اڳتي وک وڌائڻ جو تئونکرو ڏيکاريو. ڪيهر ۽ لاڙڪاڻي شهر جي تعليمي ادارن جي فرمانبرداري بجا آڻڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪيائين. تعليم جي مقرر ڪيل ڏهاڙن کي محبت سان نباهيائين. پهرين ۽ ٻئي ڀاءُ جيان مٿس کي پسند ڪندي انجنيئرنگ لاءِ اين اي ڊي يونيورسٽي جي تاڙ ۾ رهيو، جنهن جي آزمائشي امتحان مان پار پيو. ان ڪري هن جي سکيا جا در هن اداري ۾ کليل رهيا. پنهنجن ڀائرن جي گس تي هلندي. خانگي نموني ايم اي ڪري ورتائين. اين اي ڊي کان واندڪائي حاصل ڪري، زيبسٽ يونيورسٽي ڪراچي مان ايم بي اي پاس ڪري، نيشنل بئنڪ جي ڪميشن جي ويهڻ جي اوسيئڙي ۾ رهيو، نيٺ اها ڪميشن پاس ڪري ويو. ان سوڀ جي ڪري هن کي ڪلاس ٽو آفيسر ڪري کنيو ويو. بئنڪ طرفان آمريڪا جي ورجينا يونيورسٽي ڏانهن ڇهه مهينا ويو. هن سمي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ آسٽريليا وڃي رهيو آهي. سندس جنم 1984ع آهي.

بي بي فرزانه بيگم ابڙو:
ڪيهر ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ استاد رحمت الله ابڙي جي سڀاڳي گهر ۾ بختاور نياڻي بي بي فرزانه هوش سنڀاليو، اهو نيڪ سمو 1980ع جو سال هو. ڪيهر وسندي ۾ اٺ جماعتون پڙهي ڪري نئون ديرو گرلس هايئر سيڪنڊري اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري ورتائين. وڌيڪ سکيا جي لاءِ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي ايس سي ڪيائين. علامه اقبال اوپن يونيورسٽي مان بي ائڊ ۾ سوڀ پاتائين. سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم ايس سي لاءِ ٻه سال هاسٽل ۾ رهي ڪري جدا جدا استادن پروفيسرن جا ليڪچرس ٻڌائين ۽ لکيائين. ان ريت زولاجي ۾ ماسٽر ڊگري جي نعمت هٿ لڳس.
شادي: پنهنجي والدين جي چونڊ ۽ باهمي مشوري سان نبيرو ڪري شڪارپور جي هڪ ڊاڪٽر عرفان مهر سان نڪاح پڙهائي ناتو ۽ واسطو جوڙيو ويو. ڊاڪٽر مهر آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي رهيو. سلطنت مسقط جي ڊاڪٽر ڪميشن جي چونڊ ۾ سوڀارو ٿيو. ان ڪري جوڙو انهيءَ خوشحال ملڪ ۾ رهندو اچي ٿو.

وڏا لونگائي ڳوٺ

وڏا لونگائي ڳوٺ

تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ٻه ساڳي نالي تي ڳوٺ هڪ ٻئي کان هڪ فرلانگ پنڌ تي کڙا ٿيل آهن. هڪ وڏا لونگائي ۽ ٻيو ننڍا لونگائي ڳوٺ چئجن ٿا. وڏا لونگائي ڳوٺ اوڀر کان اولهه مستطيل شڪل جنهن جي آدمشماري 415 آهي، لاڙڪاڻي کان 12 ڪلوميٽر پري پوي ٿو. لاڙڪاڻو شهر، لاڙڪاڻو ميروخان روڊ سان همير واهه جي ڏاکڻي ڪڙ روڊ ڏيندي ڳوٺ ڀورو ڪلهوڙو تائين 10 ڪلوميٽر پنڌ ٿيو، ڀورو ڪلهوڙو ڳوٺ همير واهه پل کان لونگائي وڏا ڳوٺ اتر پاسي ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
ذاتيون:
ڪلهوڙا، ڪوري، چنا، شيخ، سومرا ۽ گهانگهرا وسن ٿا. ڪلهوڙا ذات گهڻائي ۾ آهن، منڍ کان اڄ تائين ڪلهوڙا زميندار حيثيت ۾ رهيا اچن.
ڳوٺ ۾ هڪ مشهور خطرناڪ خوني واڌارت جو واقعو:
ليمون ڪوش ضلعي لاڙڪاڻي ۾ خطرناڪ ۽ بدنام ڌاڙيل ٿي اڀريو. ڌاڙا، ڦرون ۽ پوليس مقابلا هن جا وڻندڙ ڪارناما هئا. هڪ ڀيرو لونگائي وڏا ڳوٺ مٿان ستار بخش زميندار ڪلهوڙو سان وڙهڻ ۽ ڌاڙو لڳائڻ ويو، ستار بخش جي غير حاضريءَ ۾ سندس حويلي مٿان هلان ڪري ڌاڙو هڻي هليو ويو. هن کانپوءِ ستار بخش سدائين مسلح رهندو هو.
ٻيهر اوچتو ليمون سانجهي کڄي وڃڻ ويل ڳوٺ تي ڌوڪي آيو، پنهنجن ماڻهن جي خبردار ڌاڙيل اچي ويا چوڻ سان ستار بخش ڏکڻ پاسي بندوقن جا ڌڌڪا، ڌوڙيا ۽ هڪلون لائي ڏنيون ڳوٺ وارن جا ٻه ماڻهو پٽ تي نستا ٿي ڪري پيا پر ڌاڙيلن ڏانهن فائر ختم ٿيڻ لڳا، ويرم ئي نه چڙهي، جو هو پويان پير ڪري، رت ڳاڙيندا، واردات کان نيڪر ڪري هٽي ويا، جنهن ۾ زميندار مرد مٿير اٽڪل روءِ چيو ته ليمون ڪوش اسان جي فائرن سان شايد گهائجي پيو، تڏهن اڌوري وڙهاند ۾ ڀڄي ويا.
مذڪوره جنگا جنگي کان پوءِ ٻن ماڻهن جي خون ٿيڻ ۽ ڌاڙيل ليمي ڪوش وارن ڏانهن ڦٽي ٿي ويل رت وهائيندي ڀڄي نيڪال ٿيڻ تي فرياد ڌامراها پوليس ٿاڻي تي داخل ڪرائي، ان ڪري رات جي پيٽ ۾ ضلعي انتظاميا برٽش دور حڪومت ٿرٿلي ۾ اچي وئي پر پيشي ۽ پيري کڻڻ ۾ ناڪام ٿي هليا ويا.
واردات لونگائي کان واردات ڏتل ابڙو ڳوٺ جو پنڌ ۽ سلسلو:
ڌاڙيل ليمون ڪوش لونگائي ڳوٺ جي ڌاڙي هڻندي ڦٽجي پيو، ان ڪري پنهنجي جان بچاءَ ۾ ڌاڙي کان بس ڪري پوئتي ڀڄي ويا. واقعي واري ڳوٺ کان ڏکڻ پاسي همير واهه جي اتر ۾ ماڇي ڳوٺ پهتا، جتان ماڇين کان هڪ ڏاند گاڏي ڪري همير واهه ٽپي آريجا ڦيڙهي وارن جي ڪچي رستي سان هلي ميان شاهل محمد گهاڙ واهه ڏانهن نڪتا، گهاڙ واهه ٽپي ڏتل ابڙا ڳوٺ ۾ آيا، جتي پنهنجي دوست حاجي محمد حسن ولد حاجي محمد صادق ابڙي جي پناهه ۾ اچي سوگهو ٿيو.
لونگائي ڳوٺ ۽ ماڇي ڳوٺ جي وچ تي پنڌ ساڍا 3 ڪلوميٽر ٿيندو، ماڇي ڳوٺ ۽ آريجا ڳوٺ اڌ ڪلو ميٽر تي پون ٿا. آريجا ڳوٺ ۽ ڏتل ابڙو ڳوٺ جو مفاصلو 6 ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ان ريت لونگائي ۽ ڏتل ابڙي جو جملي پنڌ 10 ڪلوميٽر کن ٿيندو. ڏتل ابڙو قنبر تعلقو آهي، گهاڙ واهه جي ڏکڻ پاسي، هن ڳوٺ جي سامهون گهاڙ واهه جي اتر ڪڙ مٿان ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو مقبرو ۽ 16 کن ميربحرن جا گهر آهن. لونگائي ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي جي حدن ۾ رهي ٿو.
ليمون ڪوش اصل ۾ بائو ڪوش ڳوٺ جو رهاڪو هو، سندس ڳوٺ تعلقي رتيديري جي حدن ۾ آهي، رتيديري شهر کان شهدادڪوٽ روڊ سان پوي ٿو. ليمي ڪوش جي لاش جو فوٽو، سندن پوين وٽ سانڍيل آهي. هنن فوٽو ڏيڻ جو شرط لڳايو ته ليمي ڪوش کي ڌاڙيل ڪري لکت ۾ نه آڻيو، ان ڪري هن جو فوٽو نه اچي سگهيو.

زميندار ستار بخش ڪلهوڙو

زميندار ستار بخش ڪلهوڙو

هن جو والد احمد خان ۽ ڏاڏو، پڙ، تڙ ڏاڏا ڳوٺ لونگائي وڏا جا زميندار ۽ مٿير مرد ٿي گذريا. ساڳئي وسندي ۽ ڪٽنب ۾ ستار بخش 1908ع ۾ جيون ورتو. جهجهي زمين هئڻ ڪري لاڙڪاڻي شهر ڏانهن بگي گهوڙي جي سواري تي ويندو ايندو هو. سندس سئوٽ حاجي جمن هن جي ٺاٺ باٺ ۽ مان مرتبي کي ڏسي دل ۾ باهه جا کورا جلائيندو رهندو هو. ان حسد ساڙ جي پورائيءَ لاءِ سئوٽ خلاف پيو گهاٽ گهڙيندو رهندو هو. ڳجهي ڳٺ جوڙ ڪري بدنام ڌاڙيل ليمي ڪوش کي پنهنجو ڪري، ستار بخش کي مارائڻ لاءِ تيار ڪري ويو، پهاڪو آهي ته: ”جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي“.
ستار بخش منڍ ۾ ڦل سوٽ ۾ رهندو هو. اڳتي هلي هن جي صحبت ۽ محبت هڪ خدا دوست حافظ القرآن بزرگ سان ٿي ان ڪري هن جي رهڻي ڪرڻي ۾ ڦيرو اچي ويو، ليکڪ هن کي 1951ع ۾ مٺ ڏاڙهي، شهپر ڪٽيل، شلوار قميص ۽ دستار ٻن طرفن سان ٻئي طرا فوٽ فوٽ جا ڪلف لڳل جن مان هڪ اڀو ۽ ٻيو ڪن تي لڙڪيل ۽ نماز جو پابند رهيو، هن جي نڪ کي ننڍي لاءِ سوئي سان ٽوپي سوراخ ڪيل نشان ظاهر رهندو هو.
ليمون ڪوش ڌاڙيل ضلعي ڀر ۾ ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو هو، جيل مان ڀڄي نڪتو هو، هن جون انسان سوز ۽ بڇڙيون ڪارروايون سنڌ جي اخبارن ۾ اينديون رهنديون هيون، بدنام ۽ سماج دشمن ڌاڙيل جي مقابلي جي ڪري ستار بخش ڪلهوڙو به ايترو هاڪارو ٿي ويو، برٽش سرڪار هن جي سورهيائي ۽ بهادريءَ جي عوض هڪ ڪارتوسي بندوق، هڪ رائيفل ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ پلاٽ رهائش لاءِ انعام طور ڏنو ويو.
ستار بخش جو سؤٽ حاجي جمن جي جوڙ توڙ ۽ سازش جي ڄاڻ رکندي به ڏاهپ جو رستو اختيار ڪيائين. جهڳڙي کي دائمي ختم ڪرڻ خاطر هن جي مرضيءَ سان سندس نياڻي ستار بخش پنهنجي پٽ احمد خان کي شادي ڪرائي، جنهن مان هن کي پوٽا شهزادو خان، بشير احمد خان، اياز احمد خان ۽ صابر احمد خان پيدا ٿيا. پاڻ 1968ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو. ۽

زميندار احمد خان ڪلهوڙو

زميندار احمد خان ڪلهوڙو

ستار بخش ڪلهوڙي کي 1940ع ۾ فرزند ارجمند پيدا ٿيو، جنهن تي پيءُ جو نالو احمد خان رکيائين. پٽ کي تعليم گريجوئيٽ تائين ڏياريائين. ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر ڪرايو. والد جي وفات کان پوءِ سندس فرزند کي ڪلهوڙا تشخص ۽ سڃاڻپ جي اڳواڻي، زمينداري، والد جي بهادري ورثي ۾ عطا ٿي، ان کان وڌيڪ جيڪا احمد خان کي آفيسري جي حيثيت ملي چڪي، تنهن هن جي شخصيت کي چار چنڊ لائي ڇڏيا. هن جي هلت چلت ۽ واکاڻ مخالفن ۽ مَ سهو ماڻهن جي اميدن کان گهڻو بلندي تي رسي چڪيون.
احمد خان سهري ۽ والد جون چڪريون اکين سان ڏسي چڪو هو، حاجي جمن جي حسد ۽ ساڙ جا کورا، جيڪي سندس سالي علي حسن ڪلهوڙي کي پنهنجي والد کان ورثي ۾ ملي چڪا هئا، جن کي هن وڌائي ٻرندڙ جبل جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيو هو. هن ڳوٺ، ذات، برادري ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن جي ناتي ۽ ڳانڍاپي تي ڪا به ڪهل ۽ ٻاجهه نه آندي، ستار بخش کي وفات ڪئي، 9 مهينا ٿيا ته هن جي خانداني وير وڍ ۽ مساهپ جي لاون دشمني جي جبل کي ڦاڙي وڌو، هن پنهنجي هڪ غلط دوست ديدار ڪنگي جي ٽيڪ ۽ سهڪار سان پنهنجي بيهودي ٽڪساٽ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪهاڙين سان مسلح ٿي پنهنجي ڀيڻ جي ور مٿان وار ڪري بي درديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو، ڄڻ ڳوٺ لونگائي جي 1969ع ۾ سنڌ ساراهه ۽ ڪلهوڙا ڪهرام ڪري ڇڏيو، هاڻي علي حسن خان وارا ويري به ۽ واهرو به پاڻ ئي رهيا، پر فطري فيصلي اٽل اهڃاڻ جو هو خون جي ڪيس ۾ ڦاهو کائي ويو ۽ ڪنگو ديدار آزاد ٿي هميشه لاءِ گم ٿي ويو. پو؛ءِ به علي حسن خان جي ڀيڻ انتقامي ويڙهاند کي ختم ڪري ڇڏيو. پنهنجن پيڪن ۽ ساهرن کي وڌيڪ وڍ ۽ وير کان پري رکڻ ۾ سوڀاري رهي.

ڏتل ابڙو ڳوٺ

ڏتل ابڙو ڳوٺ

هي ڳوٺ تعلقي قنبر جي حدن ۾ آهي. لاڙڪاڻي شهر کان ڏتل ابڙو اٽڪل 14 يا 15 ڪلوميٽر پري آهي، ساڳي وقت قنبر شهر کان به ايتري مفاصلي تي هي ڳوٺ آباد آهي، برٽش دور حڪومت ۾ هن ڳوٺ ۾ اندازاً 60 گهر هندن جا هئا.
هن سمي ڳوٺ جون ذاتيون اگهم ابڙا، حاصلا ابڙا، ميربحر، ڪلهوڙا، سيد ۽ ٻه گهر چانڊيا رهن ٿا. گهڻائي ۾ اگهم ابڙا ذات آهي، جن اصل کان هي ڳوٺ آباد ڪيو. هتي هڪ هيلر، چير جي مشين، 60 دوڪانن جي بازار آهي. اٽڪل 3000 آدمشماري رهي ٿي.

ڳوٺ ور وارا ڀٽا

هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان اولي نموني 6 ڪلوميٽر ڏور پوي ٿو. دادو ڪئنال جي اولاهين ڌار کان سڏ پنڌ، مسو حب شاخ جي منهن ڀرسان اتران ۽ پراڻي گهاڙ واهه جي ڏکڻان اڏيل آهي، پراڻي دور ۾ رستو ور وڪڙ سواري جهڙو نه هئڻ ڪري، ڳوٺاڻا واهن جي ڪڙن سان ڪهي لاڙڪاڻي ماهوٽا نئون ديرو رستو وٺي لاڙڪاڻي شهر ڏانهن راهي ٿي ويندا هئا. ورن، وڪڙن واهن جي اوڪرن ۽ اوکن ڪڙن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو ”ور وارا ڀٽا ڳوٺ“ ٺهي پيو. ڌاڙيل ليمون ڪوش مار ڌاڙ ڪري، هتي ٿانيڪو ٿيندو هو، جنهن جي رهائش کان پوليس خبر وار هوندي به مقابلي کان ٽهندي هئي. ساڳي ويل هن ڳوٺ جي باغن گهاٽن وڻن ۽ واهن جي ڪڙن جي ڪري ڌاڙيلن جو وڏو لڪ ۽ اوٽ هوندي هئي، جنهن کان پوليس پري رهندي هئي. دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ وڏو ٻيلو پڻ ڌاڙيلن جي پناهه گاهه ۽ اجهو رهيو پئي.

خوني واردات جو واقعو:
هن واقعي جو بيان ڪندڙ صاحب خان ولد الهڏنو حاصلو ابڙو ويٺو ڳوٺ ڏتل ابڙو عمر اٽڪل 90 ۽ 95 سال جي وچ تي آهي. سندس چوڻ آهي ته: ”ڌاڙيل ليمون ڪوش کي سندس ڌاڙيلن جو ٽولو ڏاند گاڏين تي ڏتل ابڙي ڳوٺ ۾ 5 وڳي صبح جو کڻي آيا، ليمي ڪوش جو دوست حاجي محمد حسن ولد حاجي محمد صادق ابڙي جي پناهه ڏيئي هڪ ڌاڙيل سنگتي صادق بروهي جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي هليا ويا. حاجي محمد حسن ابڙي حڪيم غلام محمد چاوڙو کان علاج ڪرائڻ شروع ڪيو، حڪيم جو چوڻ هو ته ليمي ڪوش کي نَرَن ۾ بندوق لڳل آهي، هن جا آنڊا ٽڪر ٿيل آهن، ليمون ٽن ڏينهن کانپوءِ مري ويو. انهيءَ وچ ۾ ڳوٺ ڏتل ابڙي جي هڪ هندو لاڙڪاڻي پوليس کي ڌاڙيل ليمي جو اطلاع ڏنو، پوليس ليمي جي موت واري ڏينهن ايس پي لاڙڪاڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ضلعي جي پوليس گهوڙن تي آئي ۽ ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي، حاجي محمد حسن ابڙي جي گهر مٿان فائرنگ ڪيائون، جواب ۾ صادق بروهي بندوقون هلايون، پر مارجي ويو، پوليس هن تازي لاش کي ليمي ڪوش جي لاش مٿان رکي ٻن لاشن تي گوليون هلائي تازو مقابلو ڏيکاري دهل شرناين سان لاشن کي وڏي فاتحانا جلوس ۾ لاڙڪاڻي اسپتال ۾ آڻي ڪڍيائون.“
نوٽ: برٽش پوليس جو رويو ۽ طريقيڪار ٺڳي جا ٺاهه، ڊاڙ ٻٽاڪ ڪوڙ مان سچ ساڳو ئي 1943ع وارو آهي، فرق فقط اهو آهي جو اڳ ميڊيا جا هن وقت جهڙا ذريعا ۽ ڍنگ نه هئا، هاڻي سائنسي دور آهي، پر پوليس جي روين ۽ خيالن ۾ اڃا فرق نه اچي سگهيو آهي.

ليمون ڪوش ڌاڙيل جي باري ۾ وقت جي ڪليڪٽر جي رپورٽ:
سيد هاشم رضا ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ضلعي لاڙڪاڻي جون 1943ع کان آڪٽوبر 1945ع تائين رهيو. هن جي دور ۾ ليمون ڪوش ڌاڙيل مارجي ويو، سندس رپورٽ: ”هڪ ڌاڙيل ٻن مهينن کان پوري علائقي ۾ هراس وجهي ڇڏيو، اهو ليمون ڪوش هو، جيڪو ضلعي جيل ۾ وڏي سزا ڪاٽي رهيو هو، جتان ڀڄي نڪتو، ناجائز هٿيارن جي ڪري پوليس هن جي مقابلي کان لنوائيندي هئي، نيٺ اونداهي رات جو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو. هو ”رابن هوڊ“ جيان هاڪارو ٿيو. يتيمن ۽ بي واهن، هن جي موت مٿان ماتم ڪيو، جن جي هو مدد ڪندو رهندو هو. مان مقابلي واري جاءِ ۽ لاش وڃي ڏٺا، هو مضبوط جسم وارو سهڻو جوان ڇهه فوٽ قداور ماڻهو هو، جيڪڏهن فوج ۾ ڀرتي ٿئي ها ته حد نهايت خوبصورت سپاهي هجي ها، پر افسوس جو هن پنهنجي ڪردار جي شروعات بڇڙي عادتن سان ڪئي، هن کي عوام جي مفاد ۽ سلامتي خاطر ختم ڪيو ويو.“

سيد هاشم رضا ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ڌاڙيل ليمون ڪوش تي ڏنل رپورٽ تي جائزو:
سيد هاشم رضا ضلعي جو (آءِ سي ايس) عملدار ٿي ڪري ڊائري لکڻ کان پري ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته ڌاڙي جي واقعي جي ڏنل رپورٽ ۾ نه تاريخ، مهينو نه وري سال ڄاڻايل آهي. واردات جي باري ۾ لکي ٿو ته جاءِ (جهڳڙي واري) ڏسي آيس، پر واردات جي نالي کي نٿو لکي. جڏهن ته ڌاڙيلن جون ٻه وارڌاتون هيون ۽ ٻئي جدا جدا ڳوٺن ۾ ٿيون. اهي هيون: 1) لونگائي ڳوٺ تعلقو لاڙڪاڻو پهرين واردات جنهن ۾ ڌاڙيلن ڳوٺاڻن مٿان حملو ڪيو، تنهن ۾ ٻه ڳوٺاڻا مارجي ويا، هڪ ستار بخش ڪلهوڙي جو مامو صادق ڀٽو ۽ هن جو ملزم هڪ شَرُ. ساڳي وقت ليمون ڪوش ڌاڙيل ڦٽجي پوئتي هٽي ويو.
2) ڏتل ابڙو ڳوٺ تعلقو قنبر واردات ٻي: هن هنڌ تي لونگائي ڌاڙي کانپوءِ ٽئين ڏينهن تي پوليس مقابلو ڏيکاري ليمو ڪوش جي صادق بروهي ڌاڙيل دوست کي ماري ليمون ڪوش اڳ ۾ مئل لاش مٿان تازي لاش کي رکي گوليون هلائي فطري مئل لاش کي تازي رت سان وهنجاري ٻن ڌاڙيلن جو مقابلو ظاهر ڪري انعام حاصل ڪيا.
برٽش دور حڪومت ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جون ٻه وارداتون وڏي ۾ وڏيون خطرناڪ دل ڏاريندڙ واقعا هئا، جن کي وقت جي اخبارن به گهڻو اڇاليو. جناب ڪليڪٽر جاءِ وڙهاند جا نالا نه ڄاڻائي، بي خبري جو مظاهرو ڪيو. ڌاڙيل ليمون ڪوش کي ياد ڪري ٿو، پر مرد مٿير ستار بخش ڪلهوڙي جو نالو وساري ڇڏيو آهي، جنهن ليمون ڪوش کي پنهنجي ڳوٺ ۾ مقابلي دوران اڌ مئو ڪري ڀڄائي ڇڏيو.

ڳوٺ فتح پور

ڳوٺ فتح پور

هي ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي جي آبادين مان هڪ وسندڙ روڊ ڀر تي وستي فتح پور نالي سان مشهور آهي. لاڙڪاڻو رتوديرو روڊ سان لاڙڪاڻي شهر جي اتر پاسي 8 ڪلوميٽر پري آهي. بيهڪ اوڀرکان اولهه پاسي مستطيل شڪل ۾ آهي. ڳوٺ جي آدمشماري 5600 آهي. ڳوٺ ۾ 12 اوطاقون، 6 مسجديون، ٻه امام بارگاهون، ٻه ديني مدرسا، ٻه پرائمري بوائيز ۽ گرلس اسڪول هڪ سب پوسٽ آفيس برانچ هڪ سيلر، هڪ هيلر، 30 دوڪان، 3 هوٽلون، گندي پاڻي جي نيڪال سسٽم، پبلڪ هيلٿ سينٽر، 6 پرائيويٽ ڊاڪٽر ڪيلنڪس، 6 درزڪا دوڪان آهن.

ذاتيون:
ميربحر، ماڇي،ککراڻي، شيخ، تونيا، ڪوري، ڪنڀر ۽ سيد.
گهڻائيءَ ۾ ميربحر ۽ ٻئي نمبر تي ماڇي ذات وارا آهن. هن ڳوٺ ۾ ناليواري زميندار عطا محمد ولد الهڏنو ککراڻي ٿي گذريو آهي، جنهن جي پيدائش 1888ع ۾ آهي، هن جي زمينداري ۾ ماڇي ذات وارا هن ڳوٺ ۾ پاٿاري هلائيندا هئا. ڀرپاسي ڳوٺن مان چوريون ۽ روڊن رستن تان ڦريون ڪندا هئا، ساڳي وقت ڦورن، چورن ۽ ڌاڙيلن کي پاڻ وٽ رهائيندا هئا. ماڇين ۾ خان محمد ۽ ميهر گهڻو بدنام هئا. ميهر هن جو ڀاڻيجو ٿيندو هو. ٻئي عادتي ڏوهاري هئا. هنن جي رسا جهلي ۾ ڳوٺ بڙدي مان علي محمد بڙدي، ڳوٺ پلئي گوپانگ مان ڇتو گوپانگ پڻ گهڻو پڌر پيل ڏوهاري هئا. تعلقي رتيديري جو هيراڪ ۽ بدنام ڏوهاري پٺاڻ جلباڻي هن ٽولي جو اڳواڻ ليکيو ويندو هو.
زميندار عطا محمد فتح پور ۾ ڌاريو ڏوهاري اچڻ ۽ ٽڪڻ نه ڏيندو هو. ماڇي ڏوهارين کي ڪيترا ڀيرا هدايتون ڪيائين. نه مڙڻ جي حالت ۾ مٿن ڪيترا ڪيس لڳرائي کين ڪورٽن ۾ چالان ڪرائي، جيلن ۾ بند ڪرائيندو رهندو هو.
مٿين حالت ۾ ماڇين جي مرشد سيد واڌل شاهه جي وچ ۾ پوڻ ڪري زميندار ۽ ماڇين جو ڪلام پاڪ تي خير ٿي ويو. ماڇين اڳتي ڏوهن کان بيزاري ڏيکاري ۽ امن پسندي سان صحيح نموني زندگي گذارڻ جو سنهن کنيو. سياست جون انتقامي ڪارروايون: تعلقي لاڙڪاڻي جي اترين تڪ مٿان کهڙا ۽ ڪيهر سياسي رساڪشي ۾ ڦاٿل هوندا هئا. ڪيهرن جي زمين انهيءَ تڪ ۾ گهڻي هوندي هئي، پر هو تڪ تائين محدود رهندا هئا ۽ کهڙا سنڌ تائين سياست مٿان ڇانيل رهندا هئا. ساڳي تڪ جي ڪيهر ڳوٺ، ماهوٽا ڳوٺ، چوهڙ پور ڳوٺ، بڙدي، جاگيراڻي، فتح پور، پليو گوپانگ، ميان ماهي ڳوٺن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪيهر زميندار جا هٿيڪا ووٽ هئا.
مٿين نموني خلاف فتح پور ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارا ووٽ وڏيري عطا محمد ککراڻي جي رُخ چڙهيل رهندا هئا. زميندار ککراڻي کهڙا سياست جي حامي هئڻ ڪري ڪيهر زميندار کي جوکي رسڻ جو يقيني انديشو هوندو هو. فتح پور جا ماڇي، پلئي گوپانگ ڳوٺ جا گوپانگ، بڙدي ووٽر عطا محمد ککراڻي خلاف ۽ ڪيهر جا حمايتي هئا. پوءِ به ڪيهر زميندار امداد حسين، عطا محمد ککراڻي جي خطري کي ڪنهن نموني به نه ڀلايو هو. هن مٿان چورن، ڦورن، ڌاڙيلن جون پاٿاريون اڏڻ ۽ ڀنگ وٺڻ جو الزام لڳائي 110 قلم هيٺ 1947ع ۾ چالان ڪرايو، هلندڙ ڪيس دوران هن کان بچاءَ جو شاهد گهريو ويو، ککراڻي نواب نبي بخش ڀٽي کي پنهنجي فائدي ۾ پيش ڪرايو، جنهن هن جي فائدي ۾ شاهدي ڏئي کيس آزاد ڪرايو.

عطا محمد ککراڻي سياسي شهيد:
1948ع ۾ ميان ماهي جو ميلو هلي رهيو هو، جنهن جو منتظم عطا محمد ککراڻي هوندو هو. رات جو اٺين ڌاري پنهنجي دوڪان ۾ ماني کائي رهيو هو. سندس دونالي بندوق کٽ تي رکيل هئي، ان مٿان ميلي تي آيل مهمانن جي لاءِ گڏ ڪيل بستر پيل هئا. خان ماڇي وڙهڻ جي رٿابندي ڪري، عطا محمد جي وائٺ وٺڻ ۽ هن کي بي خبري رکڻ لاءِ بهانو رچايو ته منهنجو ڀاءُ مون سان وڙهيو آهي، اسان ٻنهي جو فيصلو ڪر. زميندار ککراڻيءَ هن کي ماني کائڻ جي صلاح ڪئي، ان ريڙهه پيڙهه ۾ ڌاڙيل ٽولي جو اڳواڻ پٺاڻ جلباڻي دوڪان ۾ ڌوڪي آيو. عطا محمد بندوق کي جيئن بسترن مان سٽيو ۽ ڪڍيو پئي ته پٺاڻ جي ڪهاڙي هن جي سڄي هٿ جون چار آڱريون گهائي وڌيون، ٻئي هن کي نرن ۾ پسٽل هنيو، پوءِ ته لڳاتار ڪهاڙين جي وارن هن کي شهادت رسائي.
جنهن به وسنديءَ ۾ امن سلامتي نه آهي، تڪرار ڪر کنيو ٿو وتي ۽ خون ريزي شروع ٿي وڃي ٿي ان حالت ۾ ساڳي قتل غارت وڌندي رهي ٿي. اهڙي رساڪشي ۽ بدلن ۽ عوض مٿان پلوَ ٿيندا رهن ٿا. جيڪڏهن هڪڙا وڙهي وڙهي برباد ٿين ٿا ته وري ڳوٺ جون ٻيون ڌريون ميدان ۾ اچي ڪڙڪن ٿيون.
مٿين ڍنگ سان ساڳي ڳوٺ ۾ 1976ع ڌاري ميربحرن ۾ ٻه ٽولا ٿي ميدان جنگ تي لٿا ڄام ميربحر، عبدالڪريم ميربحر کي قتل ڪيو. عيوض ۾ ڄام ميربحر ماريو ويو. انهيءَ وچ ۾ ڪيترين ڌرين جا ماڻهو ماريا ويا. نيٺ ڊي آءِ جي پوليس سائين رکيو ميربحر پنهنجي سرداري شوق ۾ ڌرين جو ڪلام پاڪ تي صلح ڪرايو، جنهن کان پوءِ منظور ميربحر کي عبدالڪريم جي ڌر ماري وڌو ڄڻ هٿ وٺي صلح ڪرائي وري کين مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ڪرايو ويو. هاڻي ته امن سلامتي جي ڪا به واهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي. سنڌ جي وائڙي انتظاميا صلح سانت واري کيتر ڏانهن ايمانداريءَ سان ڏسڻ لاءِ تيار ئي نه آهي.

آگاڻي وڏو ڳوٺ

آگاڻي وڏو ڳوٺ

هي وسندي تعلقي لاڙڪاڻي اندر پٺاڻن جي وسايل چئي وڃي ٿي، کين ”آغا“ چوڻ ڪري آغاڻي لفظ جڙيو، معنيٰ آغا وارن وارو ڳوٺ. اڳتي هلي هن لفظ جي صورت بگاڙي آغاڻي مان ”آگاڻي“ ٺاهيو ويو، ڪيهر ڳوٺ جي اتران لاڙڪاڻو نئوديرو روڊ مان لنڪ روڊ اوڀر اتر وڃي هن ڳوٺ ۾ پوي ٿو، آگاڻي دادو ڪئنال جي اوڀر ڪڇ ۾ وسندڙ، وڻن سان ڍڪيل، سبزي ۽ باغات جي جهجهائي، مٺي پاڻي وارو وڏو ڳوٺ آهي، سرسبزي ۽ گهڻي آباديءَ جي ڪري ڄڻ ته هي ڪشمير جو هڪ جزو آهي، ڳوٺ جي آبادي به ڏاڍي ڳتيل آهي، ملڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندو ڳوٺ جي آبادي جو چوٿون حصو هوندا هئا، هتي جي زرعي زمين ڏاڍو مٿي هئڻ ڪري پراڻي دور ۾ نهري پاڻي گهاڙ واهه وارو کلي آوندي نه ايندو هو، ان ڪري هتي هڪ پهاڪو جڙي ويو:
”توڙي گهاڙ واهه وهي تارون تار، ته به آگاڻين جي اها ئي ڪار“
گهاڙ ٽمٽار وهندو هو، تڏهن به هتي جي زمين کي پاڻي نه لڳندو هو، ان حالت ۾ زمين کي نار ۽ ائٽ رستي پاڻي پهچائي آبادي ڪئي ويندي هئي، ڪچي جي زمين مٿان کهڙن ۽ آگاڻين جو کيٽو رهندو اچي.

ڳوٺ جون شخصيتون:
1. اهم شخصيت مولانا محمد صالح ڀٽو.
2. مستري ارباب علي ڪيهر، وڏو ڪاريگر ۽ شاعر هو، برٽش دور ۾ مائٽن جي دشمني جي ڪري ڪنهن ڪيس ۾ ڦاسائي، ڪاري پاڻي (انڊما ٻيٽ) سزا طور موڪليو ويو، جيڪا سزا ڀوڳي هو واپس آيو.
3. ماستر محمد موسيٰ ڪيهر، وڏو خوش نويس هو، سندس قلمي قرآن پاڪ پوين وٽ محفوظ آهي.
4. وڏيرو ارباب علي ڀٽي کي ڪتابن جي ذوق ڪري پنهنجو ڪتب خانو هوندو هو.
5. شوڪت ڪيهر، ڊرامه ۽ ڪهاڻي نويس، سندس هڪ ڪتاب ”پل تي ويٺل نوجوان“ ڇپيل آهي.
6. ملڪ آگاڻي، شاعر، اديب، ماستر، ڊرامه نويس، هارين تي ڪتاب ”بغاوت“ لکيائين.

ذاتيون:
آگاڻي، ڀٽا، ڪيهر، مير بحر، ڦلپوٽا، حجم، سيد، شيخ، مڱڻهار، دايا، ڪلهوڙا، چانڊيا، گهڻائي ۾ آگاڻي ذات آهي.

مولانا محمد صالح ڀٽو:
سندس والد جو نالو زميندار فيض محمد ڀٽو ڳوٺ وڏا آگاڻي، تعلقو لاڙڪاڻو، جنم 1919ع، ڪپڙي لٽين سدائين سنواريل، جسم مضبوط، ڀورو رنگ، قد پورو پنو، ڀريل بدن، وارن کي سدائين ميندي ڪيل، ملنسار، سخي عالم، دين ۽ تعليم مٿان خرچ ڪندو هو.
تعليم هيٺين ريت پڙهي تحصيل ڪيائين:
مدرسو لاهوري لاڙڪاڻو، مولوي محمد کوکر کيس پارسي پوري ڪرائي، مدرسو ٻيڙو چانڊيو، مولوي غلام رسول عباسي وٽ 3 سال رهي ڪنز قافيه تائين پڙهيو.
مدرسو گهوٽڪي، مولوي عبدالرزاق ڀٽو وٽ اٺ سال پڙهيو، جيڪو علم ميراث بيتن جي وسيلي پڙهائيندو هو، ان لاءِ چوندو هو ته اسلامي دنيا ۾علم ميراث مان ئي بيتن ذريعي پاڙهيندو آهيان، هتي شرح جامي، قطبي مير تائين پڙهيو.
مدرسو مٺڻ ڪوٽ، مولانا عبدالواحد پنجابي، اعليٰ خوبين سان نوازيل، جنهن وٽ ملا حسن، قاضي مبارڪ، تفسير بيضاوي شريف ۽ حديث شريف پرائي.
مدرسو خانپور ڪٽورا، بهاولپور رياست ۾ علامه سراج احمد، اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ، زيرڪ، ذهين، نهايت سادو، سٻاجهو، ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ هو، مولوي محمد صالح علامه کي عرض ڪيو ته مدرسي گهوٽڪي ۾ مولوي عبدالرزاق ڀٽو علم ميراث بيتن وسيلي پڙهائيندو هو، ان ثابتي لاءِ ٻه بيت به کيس پيش ڪيائين، جنهن جي رد ۾ علامه ٻڌايو ته مولوي عبدالرزاق هن وٽ پڙهيو ۽ هتان علم ميراث بيتن ذريعي سکيو، پوءِ علامه پنهنجو اصل قلمي نسخو ڏيکاريو، اڳتي هلي ان کي ڇپائي، هڪ ڪتاب مون کي ڏنائين، جيڪو منهنجي لائبريري ۾ آهي،

علامه جي تحرير:
هڪ ڀيري خانپور جي ٻن ڌرين ۾ ملڪيت جي ورهاست مٿان ڦڏو ٿيو، علامه تحرير لکي ڏني، جنهن ڌر کي ڪس لڳي اها ڌر ديوبند وئي، اتي مولانا اعجاز علي کان تحرير ڪڍائي، مولانا حسين احمد مدني کان صحي ڪرائي ورتي، جڏهن اها ديوبند واري اختلافي تحرير خانپور پهتي، ته علامه اها اختلافي تحرير ۽ ڌرين جا ٻه معتبر ماڻهو ساڻ ڪري ديوبند پهتا،علامه انهي تحرير کي ديوبند جي ٻن عالمن جي روبرو ٽيڪا ٽپڻي ۽ دليل ڏئي مذڪور عالمن کي سندن غلطي مڃائي، کين ڪيل جهول جو احساس ڏياريو، ان کان پوءِ مدرسي بريلوي ويا، ۽ ساڳي تحرير علامه احمد رضا صاحب کي ڏنائون، جنهن علامه سراج احمد واري تحرير وانگر تحرير بيان ڪئي.
ٽيون مثال: فقيه امام محمد فقه جي مسئلن کي بيان ڪندي، ڪجهه جملا ڪن سببن جي ڪري رهائي ڇڏيا، صدين پڄاڻان علامه سراج احمد انهن رهيل جملن جو پورائو ڪري ڇڏيو.
مدرسو مراد آباد، صدر الافاضل مولانا حضرت نعيم الدين سائين مراد آبادي وٽ هڪ سال رهي دورو حديث پورو ڪيو، ۽ فيض فضيلت جي سند ورتائين، هي مدرسو ڀارت ۾ هو، شاگرد ديني تعليم وٺندا هئا، مراد آباد شهر جي مسجدن جي پيش امامت هن مدرسي جا شاگرد عالم ڪندا هئا، اتان جيڪو عوض ملندو هئن اهو شاگرد کڻندا هئا.
مذڪور مدرسن ۾ ماني جهجهي ملندي رهندي هئي، فقط هڪ مدرسي مٺڻ ڪوٽ ۾ 30 شاگردن کي جيڪا ماني ملندي هئي، ان مانيءَ مان ست ڄڻا شاگرد ڍءُ ڪري سگهن ها، مٺڻ ڪوٽ ۾ مهري دال ۽ ڪڻڪ جي ماني ملندي هئي، اڪثر ڪري ديني مدرسن ۾ ڪپڙو، تيل ۽ صابڻ هر هڪ شاگرد پنهنجو وٺندو رهندو هو، مولوي محمد صالح 23 سالن ۾ پوري ديني علوم جي تحصيل ڪري ورتي ان کان پوءِ پاڻ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪري پوءِ جدا جدا هنڌن تي مدرسا قائم ڪري دين جي سکيا ڏيندو رهيو.

وليد ڳوٺ

وليد ڳوٺ

آڳاٽي سمي گهاڙ واهه ۽ قنبر لاڙڪاڻي شاهراهه جي وچ تي هي وسندڙ ڳوٺ، وليد نالي هڪ ڪلهوڙي ذات جي ٻڌايو، اڳ عام رستي تي وسندي هئڻ ڪري ڦريون ڌاڙا ۽ راتاهه لڳندا هئا، ته وسنديون ۽ واهڻ ويران ٿي ويندا هئا، هاڃيڪار ڪاررواين کان اهڙن ڳوٺن جو سک ۽ سلامتي ڦٽل هوندي هئي، ان ڪري هن ڳوٺ وارن لڏ پٽي، گهاڙ جو ڏاکڻو پاسو ڦٽو ڪري، بنهه سامهون گهاڙ جي اترين ڀرتي وسندي وسايائون، جنهن نئين بيهڪ تي هي ڳوٺ اڃا جاري ساري آهي.
سکر بئراج کان اڳ ۾ گهاڙ جي وسيلي واپار هلندو هو، ان سمي وليد اناج جي منڊي هئڻ ڪري واپاري هلچل مان پورو ڦل وٺندو هو، ڳوٺ ۾ جهجها هندو رهندا هئا. ()
هاڻوڪي وليد وٽ گهاڙ واهه کي گولائيءَ تي وڪڙ هو، ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ڊاڪٽر اشرف عباسي جي ذاتي جاکوڙ سان ور کي ڪڍي سڌو ڪيو ويو، انهي ڦٽل وڪڙ جي پيٽ ۽ ڪڙن تي هڪ نئون محلو سندس پٽ منور علي عباسي جي نالي تي منور آباد تيار ڪيو ويو، اڳي دور ۾ ابو الظهبي جي حاڪم ابو زيد بن النهان جي سهڪار سان منور آباد جي اتر ۽ وليدن جي اوڀر ۾ زيد ڪالوني اڏائي وئي، اهڙين اڏاوتن کان پوءِ وليد کي لاڙڪاڻي شهر سان ڳنڍيو ويو، هاڻي وليد ڳوٺ مان نڪري شهري آبادي جو هڪ ويڪرو ڀاڱو ٿي اڀريو.

ذاتيون:
ڪلهوڙا، ڪوري، ڪنڀر، قريشي، ڪاسائي، سيد، سانگي، ايترا، چنا، لنگها، ڊکڻ، کٽي، شيخ، شيدي، هرياهه، ڳچل، ماڇي، مهيسر، مڪول، ميراثي، مير بحر، مهاجر، گهڻائي به ڪلهوڙا ذات آهي.

ڳوٺ جون سياسي شخصيتون:
ڊاڪٽر اشرف عباسي، حاجي منور علي عباسي، ۽ ڊاڪٽر صفدر علي عباسي سنڌ پاڪستان ۾ گهڻو هاڪارا آهن.

سنهڙي ڳوٺ

سنهڙي ڳوٺ

لاڙڪاڻي جي اوڀر پاسي 4 ڪلوميٽر روڊ رستي، وڻراهه ۾ ڍڪيل، مٺي پاڻي ۽ ڀلي زمين وارو، دادو ڪئنال مان ڀرتي ٿيندڙ ڦل مائنر تي آباد، گهڻيون اٽڪل چوڏهه فوٽ ويڪريون وسنديون، وچ تي هڪ سٺو چو سول، هن جي اولهه ۾ هڪ ڦٽل پراڻو دان واهه، ڏکڻ ۾ دودو ڳوٺ، اوڀر ۾ جهلي بند اٿس.
هن ڳوٺ کي ٻه ڀيرا دريا پنهنجي پيٽ اندر هضم ڪري ويو، پهرين شڪل ديهه سنهڙي ڪچي ۾ 9000 ايڪڙ تي پٿريل هئي، جنهن ۾ سنهڙي ڳوٺ به هو، دريا جي پائڻ ڪري، ٻئي سنهڙي ديهه جيئن جتوئي ۾ کڙي ڪئي وئي، جيڪا ڪجهه سمي پڄاڻا پڻ دريا اندر هلي وئي، ٽين سنهڙي ديهه ڦل ۾ سٺي سٽا سان سينگاري وئي پر پوءِ به سنهڙي آپي جي مهانڊي ۾ رهندي آئي.
نئين سنهڙي کي کڙي ٿئي به اٽڪل اٺ، نو ڏهاڪا ورهيه ٿيا آهن، جيڪا پهرين سنهڙي کان اولهه ۾ اڍائي ڪلوميٽرن پنڌ تي تيار ٿي.
ذاتيون: ڪلهوڙا، دايا، ڪرماڻي گهڻائيءَ ۾ ڪلهوڙا.
مٿيون ڳوٺ ديني درسگاهه جي ڪري گهڻو هاڪارو ٿي رهيو آهي.
ڳوٺ ڌامراها جا اديب ۽ شاعر:
فتح محمد ڪنڀر، شاهه محمد عجب، جعفر علي جعفر، علي نواز، عبدالحق، مشتاق علي مشتاق بدرالدين بکر
1. شاهه عجب پٽ محمد حسن ڌامراهو تي جنم ۾ آيو، سنڌي ابتدائي پنهنجي ڳوٺ ۾ سکيائين، 1949ع ۾ فائينل ڪيائين، 1951ع ۾ مئٽرڪ ڏيئي 1952ع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو، ڊرائينگ جي ٻن سالن ۾ سوڀارو ٿي 1954ع ۾ سيڪنڊري هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر بنيو، منڍ وهيءَ ۾ ديوان قادري کان متاثر ٿي شعر چيائين، ڌامراها جي شاعرن ۽ اديبن جو تعليم ۽ شعر ۾ استاد چيو وڃي ٿو، پاڻ اديب، شاعر ۽ سٺو استاد آهي، سندس شعرن جو ڳاڻيٽو اڍائي هزار کن ٿيندو، شعر ۾ حمد، نعت، مرثيا، مناجات، قومي گيت، غزل، خاص ڪري شاگردن لاءِ اخلاقي و اصلاحي نظم به آهن.
نظم ۾ گلشن ادب ۽ قومي ترانا، نثر ۾ فريبي دنيا جا ڪتاب ڇپيل آهن.
سندس چوسٽو:
عزيزو زندگي ڪيڏي ڊگهي ته به مختصر سمجهو
مسافر پاڻ کي سمجهو، دنيا دار السفر سمجهو
زبان جو جي نرم هلجو ته بس شهد وشڪر سمجهو
اگر شدت ڪلامي ٿي، ته پوءِ قاتل زهر سمجهو.
2. جعفر علي ولد محمد باقر پنهور 27.2.1928 تي ڄائو، سنڌي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين ڪجهه سمو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ ملازم رهيو، ويهن ورهين ۾ شاعر ٿيو، ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو فن هوس، سندس شعر واين، ڪافين، بيتن ۽ مداحن تي آهي، 25.5.1984 تي موٽر سائيڪل تي ايندي ڪيهر ڳوٺ وٽ حادثي جو شڪار ٿيو.
هن جي ڪلام جو ڍنگ:
منهنجي لاءِ مارو رنا ڪيئن نه هوندا،
دامن تني جا ڀنا ڪيئن نه هوندا،
لڄدار منهنجا آهن اباڻا، اهو تون نه ڄاڻين، پر مان ئي ڄاڻان،
ڏور ٿين ڏوراپا ڏنا ڪيئن نه هوندا،
3. علي نواز پٽ محمد رمضان ڌامراهو 4.9.1932 تي جيون ۾ آيو، سنڌي فائينل استاد شاهه محمد وٽ ڪيائين، شاعري به سندس رهبري ۾ ٿي، ڪو آپريٽو سوسائيٽي ۾ ملازم رهيو، 1982ع ۾ ساڳي کاتي مان انسپڪٽر جي عهدي تان پنهنجي مرضي پٽاندڙ ريٽائرڊ ڪيائين، شعر ۾ حمد، نعت، ڪافي، غزل، مسدس، ۽ مثنوي چيا اٿس. دلي لڳاءُ غزل سان آهي.

غزل جو طريقو:
موجود زمين تي ڇا مسلمان ئي ناهي،
جو قبلئه اول جو اهو مان ئي ناهي،
جو تن سان گهمي بيت مقدس ۾ يهودي،
مومن جي ته نزديڪ هي امڪان ئي ناهي،
4. عبدالحق ولد ولي محمد پنهور 22.4.41 تي جهان جو پهريون سج پسيائين، بي اي ڪري، ميونسپالٽي جو ملازم ٿيو، 1958ع ۾ شعر چيائين، شعر ۾ نظام الدين گوپانگ کان گهڻو متاثر ٿيو، سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ٻولين ۾ طبع آزمائي ڪيائين، 1985ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو.

سندس غزل:
هن عشق جي منزل، جا راهي ڪي مرد ٿيا ڪي ٻار ٿيا،
ڪن راڻن منزل کي ماڻيو ڪي گام اندر غم غار ٿيا،
ڪن پنهنجو عشق امام ڪيو، ڪي مرضي جا مختار ٿيا،
ڪي کير پياڪ شهيد ٿيا، ڪي گيدي ڪي غدار ٿيا،
5. مشتاق علي مشتاق ولد علي نواز ڌامراهو، مئٽرڪ تائين ڳوٺ ۾ تعليم ورتائين، بي اي ڪري ڪو آپريٽو ۾ ملازم ٿيو، والد جي اثر هيٺ شعر جي شوق ۾ شروع ٿيو، شعر ۾ نعت، قصيدو، بيت، وائي، ڪافي، ڪلام، غزل ۽ قومي گيت اٿس.

شعر جو نمونو:
تون ئي رڳو وسرين نٿو، هر شيءِ مٺي وسري وئي،
دنيا ته ڇا عقبيٰ به آ سهڻي سٺي وسري وئي،
مان دل جي ڪعبي ۾ صنم، توکي رکي پوڄيان پيو،
صبح و مسا سجدا ڪيم جي بندگي وسري وئي،
6. بدرالدين ولد (هتي سندس والد جو نالو ايندو) ڌامراهو 15.12.61 تي جنم ورتو، تعليم بي ايس سي ، ايم اي ۽ ايم ائڊ، 1982ع ۾ پرائمري ٽيچر ۽ هاڻي هاءِ اسڪول ٽيچر آهي، ايم فل به ڪري رهيو آهي، شاعر ۽ اديب سندس شوق جا ٻه شعبا آهن.
هن جي شعر مان وائي نموني طور:
واڪن تي وري آءُ الا او!
ڪونهي سڪ جو ساءُ
هر ڪو ٿو چيچلائي پيو،
آهي لڳو هي واءُ الا او!

سونو جتوئي ڳوٺ

سونو جتوئي ڳوٺ

لاڙڪاڻي جي ڏکڻ پاسي، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي تعلقن جي پڇاڙي وارين حدن تي ٻڌل ڳوٺ، لاڙڪاڻي شهر کان مهرن واري روڊ کان چار ڪلوميٽر، باقي چئن ڪلوميٽرن تي ڪچي سڙڪ، ڳوٺ ڏکڻ ۾ پراڻو نارو، جنهن ۾ هاڻي مڇي پلي ٿي، 1932ع کان اڳ ۾ هن ناري مان ٻيڙين وسيلي سکر ۽ حيدرآباد سان وڻج واپار ٿيندو هو، هن ڳوٺ کي هندو واپارين سٺي رونق تي پهچايو هو، اتر ۾ جهلي بند، اوڀر ۾ جهلي بند ۽ لاڳيتو ڪچو، اولهه ۾ آباد زمينون ۽ دادو ڪئنال، جنهن جي پاڻي تي هتي جي زمين آباد رهي ٿي، ڳوٺ اتر کان ڏکڻ مستطيل شڪل ۾، وڻراهه سان ڍڪيل، پاڻي مٺو ۽ زمين زرخيز آهي.
ذاتيون: جتوئي، چانڊيا، بروهي، ميمڻ، چنا، ڪنڀر، دايا، دستي، کوکر، گهڻائي ۾ ۾ جتوئي ذات آهي.
مذڪور ڳوٺ ۾ ديني درسگاهه ضلع لاڙڪاڻي ۾ گهڻو مشهور ٿيو، جنهن جو مدرس اعليٰ علامه ابوالفيض غلام عمر جتوئي ٿي گذريو.

ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو

ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو

هي وستي چانڊين آباد ڪئي، ٻيڙو نالي سان ٻيڙو ذات چانڊيو ڳوٺ وجود ۾ آيو، لاڙڪاڻي قنبر روڊ هن ڳوٺ کي چيري وڃي اتريون اڌ وڏو ۽ ڏاکڻيون اڌ ننڍو حصو ڳوٺ آهي، ٻيڙو چانڊيو اڳ ريلوي اسٽيشن ٿي رهيو، هي ڳوٺ اولهه کان اوڀر تي پٿريل آهي، گهاڙ واهه جي ڪري زمين زرخيز آهي، وڻراهه ڇٽي آهي، ڳوٺ جو پاڻي پيئڻ جهڙو آهي.
شخصيتون:
هن ڳوٺ جو استاد، اديب ۽ شاعر عبدالله اثر چانڊيو ٿي گذريو، سنڌي ماستري کان سنڌي اسڪولن جو سپروائيزر ٿي ريٽائرڊ ٿيو.
سندس تصنيفات:
1. سيرت سعدي
2. ذڪر حبيب
3. جام ڪوثر
4. عقيدت غوثيه جو منظوم ترجمو
5. قصيده بانت سعادت جو منظوم ترجمو
6. ناله وفراق
7. سڄڻ جو سفر
8. غزلن جو ديوان
2. نظام الدين ولد عبدالله اثر هاءِ اسڪول ٽيچر، شاعر ناظم رهيو.
تصنيفات:
1. اگر مگر تاجدار ڪربلا اسرار حيات (غزلن جو ديوان)
2. سونو تاج ڪراچي ڪي سير

رشيد وڳڻ ڳوٺ

رشيد وڳڻ ڳوٺ

هي وڳڻ ذات جي عبدالرشيد نالي وسايل وستي آهي ان ڪري رشيد وڳڻ جي نالي پٺيان ڳوٺ هاڪارو ٿي ويو، هي قنبر، وارهه، ڏوڪري ۽ لاڙڪاڻي تعلقن جي دنگ تي کنيل آهي، پر هن جو واسطو تعلقي لاڙڪاڻي سان آهي، لاڙڪاڻي شهر جي اولهه ڏکڻ روڊ رستي 14 ڪلوميٽرن تي پاسن کان زمين، شڪل ۾ چورس پاڻي مٺو، زمين زرخيز ۽ رائس ڪئنال ۾ پاڻي تي آبادي ٿيندڙ آهي، وڻراهه سان ڍڪيل ڳوٺ آهي.
ذاتيون: سيد، سومرا، جيسر، جمالي، جوڳي، شيخ، ڀٽي، وڳڻ، لاکا، کوسا، ڌوڪي، ڪلهوڙا، مڱڻيجا، نوناري، گهڻائي ۾ شيخ آهن.
مشهور ماڻهو:
1. احمد علي ولد الهڏنو وڳڻ 1906 جي پيدائش، سنڌ جي ملاکڙن ۾ ملهه وڙهندو هو، پهرين جوڙ جو ملهه ٿي گذريو آهي، 1986ع ۾ وفات ڪري ويو.
2. محمد يعقوب ولد نور محمد وڳڻ 1990ع ۾ پيدا ٿي گذريو آهي، سنڌ سطح تي سندرا ٻڌي ملهه وڙهندو رهيو هو 1988ع ۾ وفات ڪري ويو.
3. استاد غلام قادر وڳڻ
استاد غلام قادر وڳڻ:
هوشيار، ڄاڻو، جاکوڙي، جواب ۾ جلدي، سنڌي فائينل جي ڪورس جو حافظ، سٺو منتظم، سکيا سان سڪ، قومي خير خواهه، والد جو نالو شاهه محمد وڳڻ، 5 مارچ 1909ع تي ڳوٺ رشيد وڳڻ تعلقه لاڙڪاڻه ۾ هوش سنڀاليائين.
تعليم: ٻاراڻو 1917ع ۾ ٻيو 1919ع ۽ چوٿون درجو 1921ع ۾ استاد ڌن داس وٽ پرائمري اسڪول رشيد وڳڻ ۾ پڙهيو، پهريون درجو 1818ع ۾ استاد دلمراد وٽ ٽيون درجو 1920ع استاد شير محمد، پنجون ۽ ڇهون درجو 1922ع ۽ 1923ع ۾ استاد جهمٽ مل ۽ 1924ع ۾ ستون درجو ۽ فائينل استاد محمد علي وٽ ساڳي اسڪول ۾ ڪري ورتائين.
ٽريننگ: ٻه سال ٽريننگ ڪاليج حيدر آباد مان 1939ع ۾ پوري ڪري، سنڌ ۾ ٻيو نمبر ۽ پهريون الله بخش ٽالپر آيو هو.
نوڪري: 7 نومبر 1928ع تي پرائمري اسڪول وڏيرا تعلقه وارهه ۾ استاد ٿيو، 1931ع ۾ رشيد وڳڻ پرائمري اسڪول ۾ نائب مقرر ٿيو، جتان ٽريننگ تي چونڊجي ويو، ٽريننگ کان پوءِ ساڳي اسڪول ۾ آيو، جتي پهرين اپريل 1940ع تي هيڊ ماستر رهيو ۽ 1956ع تائين هڪ اسڪول ۾ ڪم ڪندو هليو، ساڳي سال لاڙڪاڻي پي وي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي پڙهايائين، ڊسمبر 1958ع ۾ اسڪول ڪنگا جو هيڊ ماستر ٿيو، مارچ 1958ع ۾ وليد پرائمري اسڪول جو سرواڻ رهيو، جتان 1969ع ۾ 5 مارچ تي ريٽائرڊ ٿي چڪو، فائينل پڙهائيندو رهندو هو، رشيد وڳڻ پرائمري اسڪول مان 40 شاگرد فائينل ۾ سوڀارا ڪيائين، سنڌي، جاگرافي ۽ حسابن ۾ ماهر رهيو.

نائچ ڳوٺ

نائچ ڳوٺ

هيءَ وسندي ديهه شاهنواز تپي ابڙا لاڙڪاڻي ۾ آهي، لاڙڪاڻو خيرپور جو سو روڊ کان 8 ڪلوميٽر پري اولهه پاسي آهي، ڳوٺ ٽڪنڊي نموني زمين جي سطح کان ست فوٽ داڙ تي 20 ايڪڙ ايراضي تي ٺهيل آهي، 1638ع_ 1580ع ڌاري مير محمد عرف مير خان ابڙي هي وسندي وسائي، مير خان ابڙي ”جوڪي هرڻي“ ۽ ”مَنَهه“ نالن سان ٻيا به ڳوٺ ٻڌايا، 1899ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر ڳوٺ جي زميندارن شاهه مراد ولد شاهه نواز ابڙي کي سٺي ڪارڪردگي پٽاندڙ آفرين نامه عطا ڪيو، جيڪو هن جي پوين وٽ محفوظ آهي، ابڙا ڳوٺ، نائچ ڳوٺ سان مشهور ٿيو، ان جو ڪارڻ هي آهي. جڏهن سنڌ جا حاڪم ڪلهوڙا ٿيا، تڏهن سنڌ ۾ سنڌي قبيلن هنن خلاف وڙهڻ شروع ڪيو، ان مانڊاڻ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلهوڙن بلوچستان، بهاولپور پنجاب مان جدا جدا قبيلن جا ماڻهو گهرائي، ڪلهوڙا فوج ۾ ڀرتي ڪري، سنڌ مٿان قابض ٿيا، اهڙي ريت لاڙڪاڻي پرڳڻي جي ابڙن سان به ڪلهوڙن جا تر سنوان نه هئا، ان ڪري بهاولپور جي نائچن کي گهرائي لاڙڪاڻي خطي ۾ آباد ڪرايو، ابڙن ۽ نائچن جون ٻه جنگيون به لڳي چڪيون، جن لڙاين ۾ نائچن هارايو، نائچ ڳوٺ هجڻ سان هن ڳوٺ توڙي پسگردائيءَ ۾ هڪ نائچ ذات وارو به نه آهي،، جڏهن ته تپي ابڙا جي روينيو رڪارڊ ۾ نائچن جي نالي تي زمين جو هڪ ويسو به نه آهي.
ملڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ هن ڳوٺ جي وڏي آبادي هوندي هئي، جنهن ۾ هندو، مرهٽا ۽ 40 گهر سکن جا هئا، مسلمانن ۾ ڳوٺ جا زميندار ابڙا هئا ۽ مسلمانن ۾ ٻيون ڪيتريون ذاتيون رهنديون هيون، هن سمي زنگيجا، ابڙا،کوکر، ڀٽا، موچي، سيد ۽ جيها رهن ٿا، 1990ع ۾ ڳوٺ جي آبادي 86 ماڻهن تي هئي، 2005ع ۾ ڳوٺ اندر ماڻهن جي ڳڻپ 125 هئي، نائچ ڳوٺ جا ٻه قبرستان آهن، هڪ ننڍو قبرستان آهي، جنهن ۾ ابڙا ذات دفن ٿيل آهن، ٻيو وڏو قبرستان جتي باقي پوري ڳوٺ جا ماڻهو پوريا ويندا آهن.
نائچ ڳوٺ ۾ سائين شاهه عبداللطيف جن جو تڪيو:
حضرت شاهه عبداللطيف سائين جن جي سرشت مبارڪ ۾ سير سفر ڏانهن پسنديده لاڙو هو، پاڻ ڀٽ مٿان ٿاڪ ڪري ويهي رهيا، پوءِ به واري ڦيري سان سفر سانگي نڪري پوندا هئا، ان حساب سان ڀٽ کان نڪري ڪري سنڌ جا اتر وارا علائقا ۽ ڪاشي جو سير شروع ڪيائون، جيئن ته پاڻ جابر ۽ ڏاڍ پسند حڪمرانن کان پاسيرو رهندا هئا، ان جي ڀيٽ ۾ عوام دوست ، سخي ۽ ڏاتار حاڪمن کي دل سان پسند ڪندا هئا، اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ ڄام ابڙي ۽ ان جي اولاد سمي، جکري ۽ تماچيءَ جي تاريخي ڪارنامن، سامهون جهلڻ، سنڌي قومي غيرت ۽ بهادريءَ جهڙن ڳڻن کي پسند فرمايو آهي، ڪڇ جو سير ڪندي، ”ابڙي وڏ وڙي“ جي پونيرن کي ابڙا ڳوٺ نائچ ۾ 1724ع_ 1723ع ڌاري اچي پهتا ۽ مليا، ان سمي مير خان ابڙي (ٻئي) جي ٻن پٽن سردار خان ۽ حاجي خان ابڙي پنهنجي مرشد جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، پوءِ به پاڻ سندن اوطاق ۾ ٽڪڻ کان لاچاري ڏيکاري، ان ڪري سندن اصرار تي نائچ ڳوٺ جي اتر کان وڏي رستي لڳ آستاني اڏڻ لاءِ عرض ڪيو، جيڪو پاڻ قبول فرمايائون، ابڙن ڀائرن لطيف سائين جن کي ان جاءِ تي 9 ايڪڙ زمين آستاني لاءِ نذرانو ڏني، پنهنجي آستاني ڀرسان هڪ کوهي کوٽايائون، ڏهن جريبن ۾ ٻيرن ۽ ٻٻرن جا وڻ پوکيائون، سندن اها رهائش هن وقت هڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آهي، آستاني جي ڀرسان کٻڙ جو جهونو وڻ آهي، جيڪو بار بار هوائن ۽ طوفانن جي ڪري پيو ڪري ٿو، ڪٽبو به رهي ٿو پوءِ به وري وري ڦوٽهڙو ڪندو هلي ٿو، هن وقت به کٻڙ وڏو جهليل ڇانوري وارو وڻ آهي، پاڻ سائين جن انهيءَ آستاني تي لاڳيتا ڇهه مهينا محفلن ۾ راڳ ويراڳ ۾ رهندا رهيا، نيٺ ابڙن مريدن کان موڪلائي ويا، ابڙن جي وينتي ۽ نيزاري تي کين پنهنجو چولو مبارڪ، جُتي، ۽ هڪ ڪٽورو پاکر عنايت ڪري ويا، جن ۾ چولو مبارڪ ۽ ڪٽورو ابڙن سردارن جي پوين وٽ سانڍيل آهن.
برٽش دور حڪومت ۾ نائچ ڳوٺ ۾ سک، هندو مرهٽا رهندا هئا، سک وڏا جاکوڙي، محنتي ماڻهو هوندا هئا، سندن ڌنڌي واپار سان ذوق هو، ان ڪري وڏي اوج تي رسيل هئا، ڳوٺ ۽ ڀر پاسي ابڙن زميندارن جي ڪمزوريءَ جي ڪري کانئن زمين خريد ڪندا رهيا، گهڻي زمين جا مالڪ ٿي ويا، ان ريت سکن جا ڌنڌا، واپار ۽ وڏي زمينداري ٿي چڪي، سکن جا ٽي هيٺيان ماڻهو هاڪارا ٿيا.
(1) ڪلياڻ سنگهه: 1940ع ڌاري هندن، مرهٽن ۽ سکن جي پنچائت جو مک هوندو هو، پوئين دور ۾ انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي هلچل کڙي ٿيڻ ڪري سندن حڪومت جو زور ٽٽي پيو، هندو مسلم فساد هر هنڌ اڀري پيا. 43_ 1942ع ڌاري هڪ سک زميندار ۽ مکيءَ کي مسلمانن قتل ڪيو، اهي قاتل نه هٿ ٿي سگهيا نه گرفتار ٿي جيل جي حوالي ٿيا، ان ڪري هندو پنچائت ۾ نراسائي ڦهلجي وئي.
(2) ٽهليو سنگهه: وڏي ڌاڪي وارو سک زميندار مشهور ناليواري زميندار پريل سنگهه جو سوٽ هو، نائچ ڳوٺ ۾ فقط هن وٽ ٻه نلڪا لڳل هوندا هئا، هڪ اوطاق ۽ ٻيو نلڪو گهر ۾ هو، جڏهن ته باقي سڄي ڳوٺ ۾ کوهه ۽ کوهيون کوٽيل هيون، جتان ڳوٺ وارا پاڻي ڀري پيئندا هئا، هن جا نوڪر سڀ مسلمان هوندا هئا، هن کي ڳوٺ جي ماڇي غلام رسول ڪارتوسيءَ پسٽل سان قتل ڪيو، پر ڪيس ڳوٺ جي زميندار علي محمد ابڙي مٿان داخل ٿيو، جنهن کي جيل موڪليو ويو، ٻن مهينن کان پوءِ هو ڪيس مان آزاد ٿي ويو پوءِ هندن، مرهٽن ۽ سکن ۾ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي.
(3) پريل سنگهه: هي هندن، مرهٽن، سکن توڙي مسلمانن کان وڌيڪ مالدار ۽ زميندار هوندو هو، هن جي زرخيز زمين جاڙي واهه تائين هوندي هئي، ساڳئي وقت زمين کان سواءِ هتي دڪان ۽ واپار به هئا، نائچ ڳوٺ ۾ هن جي حاويلي مشهور هوندي هئي، هن جي گهر جي شاندار عمارت هئي، جنهن ۾ وڏا ويڪرا ڪمرا، ۽ دالان هئا، دروازن تي عاج ۽ بيلجم جي رنگين شيشن جو سهڻو ڪم ٿيل هو، دروازا ساڳ جا هئا، ڇت گيڊر ۽ ٽيئرن تي ٻڌل هئي، هڪ ڀيري پريل سنگهه بمبئي مان موٽر ڪار خريد ڪري آيو، جنهن کي ضلع لاڙڪاڻي جا زميندار ڏسڻ ايندا هئا، سندس پويان ڀارت جي راءِ پور ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽريز جا مالڪ آهن.
(4) مهراج جي ٽه منزلي ماڙي: ڳوٺ نائچ جي ڏکڻ ڇيڙي تي هوندي هئي، پر سڄي ڳوٺ جي عمارتن کان اوچائي تي مٿي ڪر کنيل هئي، هي وڏي ڪشادي عمارت هئي،جنهن ۾ ڪيترا ڪمرا هئا، منجهس لاتعداد دروازا، دريون، روشندان، گيلريون ٺهيل هيون، درن ۽ درين جي ڪاٺ مٿان شاندار پينٽنگ ٿيل هئي، جنهن ۾ تاريخي جنگين جا محاذ ڏيکاريل هئا، جدا جدا رنگن سان رام چندر، شيواجي، راجا پورس، سڪندر اعظم ۽ جهانسيءَ جي مهاراڻي جون تصويرون سهڻي نموني ڇاپيون ويون هيون، جنگ جي ميدانن ۾ هاٿي، گهوڙا، لشڪر تير انداز، تلوارن وارا جنگ وڙهي رهيا جي حالت ۾ چٽيل تصويرون هيون، ڪن ڀتين تي راجائون شڪاري بازن ۽ ڪتن وغيره سان تصويرون چٽيل ۾ ڏيکاريا ويا هئا، هي مهراج جو گهر هڪ قسم جي عجيب نما آرٽ گئلري هو، پر افسوس جي ڳالهه ته هي شاندار عمارت ۽ زميندار پريل سنگهه جي حاويلي وغيره ڳوٺ وارن جي دولت جي هوس جو شڪار ٿي ڊاهيون ويون ۽ سامان تين واڪ ڪيو ويو.

زميندار علي محمد ڪماريو ابڙو

زميندار علي محمد ڪماريو ابڙو

نائچ ڳوٺ جي خانداني زميندار غلام نبي ڪماريي ابڙي جو فرزند علي محمد ابڙو 1908ع ۾ پيدا ٿيو، آبائي اسڪول نائچ ۾ سنڌي پرائمري پنج درجا پڙهيو، پيءُ جي وفات تي 700 ايڪڙ زرخيز زمين ۽ دولت جو ڦوهه جواني ۾ وارث ٿيو، قد پنجن فوٽن کان کڻائو، بدن ڀريل، ڪڻڪ رنگو، ڏاڙهي چٽ، خط پوپٽ نما، شهپر وڏا، ڀرپور جوڀن ۾ مٿي اگهاڙو، پوءِ ململ جو پٽڪو، شلوار قميص گهڻو ڪري بوسڪي جا ڪپڙا، قميص ڪالرن کان سواءِ، پيرن ۾ بوٽ، ڪڏهن ڪڏهن ديسي جتي سيم زري تي پائيندو رهندو هو، کيس نڪاح ۾ چار زالون ۽ ٻيون سريتيون الڳ رکندو هو.
پهرين گهر واريءَ مان شمن نالي هڪ پٽ
ٻي گهرو اريءَ مان هڪ نياڻي
ٽين گهر واريءَ مان ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون
چوٿين گهر واريءَ مان بنا اولاد
پنجين گهر واريءَ يا سريت عيدن جهان بنا اولاد، جيڪا نورجهان جي ننڍي ڀيڻ هئي.
زميندار علي محمد ڪماريو ابڙو ننڍي وهي ۾ ڪافيءَ زرخيز زمين ۽ دولت جو وارث ٿي چڪو، ان ڪري دنيا جي شوق شڪار ۾ ڪاهي پيو، هن پيسي ڏوڪڙ کپائڻ ۾ ڏاڍي لاپرواهيءَ کان ڪم ورتو، اهڙن خفتن ۽ ذوقن ۾ ضلع لاڙڪاڻي جي روايتي زميندارن جي صف اول ۾ ڳڻجڻ لڳو، کيس بگي گهوڙو چاندي جي سنجن سان سينگاريل رهندو هو، لاڙڪاڻي شهر ليلا آباد ۾ هڪ خريد ڪيل گهر به هوندو هو، هن جي برهه ۽ دل لڳيءَ جي ڪن ڳالهين جو وچور هيٺين ريت آهي:
ڪڪڙ پالڻ ۽ ويڙهائڻ جو خفت:
هن کي ڪڪڙن پالڻ ۽ ويڙهائڻ جو ذوق رهندو هو، ڪڪڙ ميانوالي پنجاب کان گهرائيندو هو، جن کي ميلن ۾ ويڙهائيدو هو، پاڻ ميلون لڳرائيندو هو، ميل ۾ هن جي ڪڪڙن کي ڪو به نه ماري سگهيو.
راڳ ويراڳ جو ذوق:
پاڻ هارمونيم وڄائي ڄاڻندو هو، اڪيلائپ ۾ هارمونيم تي راڳ ويراڳ ڪندو رهندو هو، راڳين ۾ هن جا پسنديده راڳي جيوڻي، بيگم، مٺو عباسي، مائي ڀاڳي وغيره هئا، جن جا آواز هن لاءِ خاص وندر هئا،
غير جنس جو بره ۽ عشق:
برٽش دور حڪومت ۾ هندستان جي ناليواري گلوڪاره نورجهان، ڀيڻس دولت جهان ۽ڀاءُ شفيع جي نگرانيءَ ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رائل سيئنما هال ۾ زنده ناچ گاني لاءِ آيون، هي پنجابي قصور شهر جا هئا، پوءِ قصور شهر ڇڏي دائمي لاهور تي ٿاڪ ڪري ويٺا، زنده ناچ لاڙڪاڻي ۾ هر ڏينهن تي ٻه يا ٽي ڀيرا ڪيو ويندو هو، جنهن جي هڪ شو تي زميندار علي محمد ابڙو مخصوص ساٿين سان ڏسندو رهندو هو، هن جي اهڙي حاضريءَ تي نورجهان ڌيان لڳايو ۽ ڀيڻ عيدن جهان کي چيائين، ته هي ماڻهو پنهنجي ساڳي ٽولي سان هر هڪ ڏينهن تي هر هڪ شو تي ايندو رهي ٿو، تنهنجي مٿان يا منهنجي مٿان موهت ٿي پيو آهي، پوءِ اڳتي هلي ظاهر ٿيو ته هو عيدن جهان کي دل ڏئي چڪو هو، لاڙڪاڻي ۾ زنده ناچ دوران هن جي ڏوڪڙن تي وڪيل تاج محمد ابڙي پنهنجي جاءِ تي هنن فنڪارائن کي ناچ گاني جي ڪوٺ ڏني، ان محفل ۾ عيدن جهان گانو ڳايو، علي محمد ڏوڪڙن جو وسڪارو لائي ڏنو، هڪ ڀيري عيدن جهان کي هٿ تي ڏوڪڙ ڏيندي هن جو هٿ وٺي پنهنجن چپن تي رکيو، عيدن جهان ته واپس ٿي، پر هن جي ڀاءُ ۽ ساريندڙن شور مچايو، گوڙ ڪندي محفل بند ڪري هو هليا ويا، ايستائين جو لاڙڪاڻو ڇڏي سکر راهي ٿي ويا، علي محمد ابڙي پنهنجي ديهه جي زمين مان ٽي سئو جريب زمين ڳوٺ جي هندو سيٺ پوپٽ مل کي وياج تي گروي ڏيئي هن کان وڏو سرمايو وٺي پنهنجي واسني ڀري هنن فنڪارائن جي ڪڍ ڪاهي پيو، جيئن فنڪارائن سکر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪنديون رهيون، تيئن هي پنهنجي دوستن سان هر شو ۾ حاضريون ڀريندو رهيو، فنڪارائن سکر ڇڏي حيدر آباد ڏانهن رخ ڪيو، علي محمد ابڙو ٽولي سميت حيدر آباد ۾ پهچي، مشاهدو ڪندو رهيو، نورجهان وارا حيدر آباد کي ڇڏي لاهور اچي نڪتا، هيءُ به لاهور پهتو. ناچ جي هر هڪ شو ۾ علي محمد ابڙو اڳرو رهندو آيو ۽ پئيسن جي برسات وسائيندو رهيو، لاهور جي رنگين محفلن ۾ سنڌي زميندار پنهنجي ڌڙي سميت حاضريون ادا ڪندو رهيو، لاهور جي محفلن جي ٻاڙي ٿيڻ ڪري هي پنهنجي اصلي ماڳ قصور ۾ اچي نڪتا، زميندار علي محمد ابڙي جي جاچ ڪاميٽي جي کڻڪ تي پنهنجي ساٿ سميت قصور شهر ۾ هڪ هوٽل واري کان مسواڙ تي ڪمرا بوڪ ڪرائي قصور شهر کي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، هوٽل مالڪ ڪنهن سمي سنڌ ۾ ڪافي وقت رهي چڪو هو، ان ڪري هن جن سنڌي زبان پنهنجي مادري ٻولي جهڙي هئي، جنهن ابڙي صاحب سان دلي همدردي ڪئي، هن جي لاءِ هڪ پوليس انسپڪٽر ۽ وڪيل جي مدد ۽ صلاحون هن کي خريد ڪري ڏنيون، وڪيل هڪ پٽيشن تيار ڪرائي، جيڪا ڪورٽ ۾ داخل ٿي چڪي، جنهن جي دعويٰ ۾ ڏيکاريو ويو، ته عيدن جهان سان علي محمد ابڙي جو نڪاح ٿيل آهي، هوءَ هن جي گهرواري آهي، ان جي عيوض ۾ ڏوڪڙ سندس ڀاءُ شفيع ورتا آهن، هاڻي هو ڀيڻ جو سڱ ڏيڻ کان انڪاري آهي، ڪورٽ انصاف ڪري، مون کي پنهنجي گهرواري وٺرائي ڏي، ته انصاف جي ڀلائي ٿيندي، ڪورٽ شفيع ۽ هن جي ڀيڻ عيدن جهان کي گهرايو، جج هڪ انگريز هو، شفيع وڪيل جي معرفت ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرايو، ته اسان جو ناچ گانو ڌنڌو آهي، عيدن جهان منهنجي ڀيڻ آهي، زميندار علي محمد ابڙو سرڪش ۽ اويڙو سنڌي وڏيرو آهي، هو لاڙڪاڻي، سکر، حيدر آباد، لاهور کان ڪڍ لڳو رهيو آهي، قصور شهر تائين هن پيڇو نه ڇڏيو آهي، اسان کي هن جي ٽولي کان خوف آهي، ڪورٽ سڳوري هن کي بند ڪري ۽ مٿس ڪوڙي دعويٰ داخلا ڪرڻ تي سزا مقرر ڪري، ته انصاف جي بهتري ٿيندي. ان حالت جي خيال ڪورٽ عيدن جهان کان جواب طلب ڪيو، جنهن ڪورٽ ۾ حاضر ٿي، ڀاءُ شفيع جي خلاف علي محمد ابڙي جي دعويٰ کي صحيح ثابت ڪيو،، ان تي ڪورٽ عيدن جهان کي آزاد رکيو ۽ سندس ڀاءُ شفيع مٿان سزا مقرر ڪئي پئي وئي ته ڪورٽ سڳوريءَ کي علي محمد عرض ڪيو، ته مسٽر شفيع کي مهرباني ڪري آزاد ڇڏي، پر مون کي، منهنجي گهرواري کي پوليس جي سنڀال هيٺ ريل گاڏي رستي لاڙڪاڻي سلامتيءَ سان پهچايو وڃي، ته ڪورٽ سڳوريءَ جي بالادستي قائم رهندي، جيڪا استدعا هن جي قبول ڪري کيس پوليس جي دستي هيٺ لاڙڪاڻي پهچايو ويو، ريل گاڏيءَ کان اڳ ۾ هن نائچ ڳوٺ ۾ پنهنجي عزيز ابڙن کي تار وسيلي اطلاع ڏنو، ته مقرر ڏينهن ۽ تاريخ تي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي بگي گهوڙو همراهن سان آندو وڃي، بگيءَ مٿان چاندي جو پڙش چڙهيل هو، بگي جا بم به چاندي جي پٽن سان جڙيل ۽ سينگاريل هئا، ساڳي وقت گهوڙو به چانديءَ جي سنجن سان جنساريل هوندو هو، اهو سينگاريل بگي گهوڙو علي محمد ابڙي ۽ سندس ڪنوار کي کڻي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن کان نائچن تائين 5 ڪلاڪن ۾ پهتا، جتي سڄي ڳوٺ نائچن سندن سلامي اچي ڀري، ڳوٺ ۾ پهچي عيدن جهان کي جدا بنگلي ۾ رهايو ويو، جتي عيدن جهان ٻه سال رهي.
علي محمد ابڙو پنهنجي منهن هارمونيم تي سٺو راڳ چوندو هو، کيس ان دور ۾ هڪ فونو به هو، هو عيدن جهان سان گڏ اڪيلائپ ۾ بنگلي تي هارمونيم وسيلي راڳ ويراڳ ڪندو رهندو هئو، هڪ ڀيري نور جهان ڳوٺ نائچ ۾ پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ آئي، ڪيترا ڏينهن رهي، سانوڻيءَ جي موسم هجي، هي ٻه ڀينر ٻاهر ٻنين تي گهمڻ لاءِ نڪتيون، ڪنهن نمبر زمين ۾ ڳوٺ جي عورتن کي رونبو ڪندي، ڏٺائون، هي به رونشي تي رونبي ڪرڻ لاءِ زمين ۾ لٿيون، نورجهان رونبو ڪندي پنين تائين گپ ۾ گچي پئي، ان حالت ۾ هاري کوکر کي نورجهان ڀاڪر پائي سهارو ورتو، ۽ ٻاهر نڪري وئي، هاري کوکر مٿان ڀاڪر جو اهڙو اثر ٿيو، جو اونهاري ۾ هن کي سيءَ سان بخار اچي ورتو.
لاهور ۾ عيدن جهان جا پيڪا دائمي رهائش ڪري ويٺا، جتي هن جي ماءُ سخت بيمار ٿي پئي، ۽ موت جي حوالي ٿي چڪي، ان ڪري نو رجهان پنهنجي ڀيڻ عيدن جهان کي لاهور وٺي وئي، سندن والده وفات ڪري وئي، ڪجهه وقت کان پوءِ عيدن جهان به بيمار ٿي چڪي ۽ ڌڻي تعاليٰ کي پياري ٿي وئي، انهي قضيه جي سڌ پوڻ سان علي محمد غم گوندر ۾ ويڙهجي ويو.
مٿين طوفاني ڇرڪائيندڙ ڏک کي ٽارڻ لاءِ هن پنهنجي نڪاح پيل پراڻي مڱ کي وٺڻ جي لاءِ آزيون نيازيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون، جنهن جي حاصل ڪرڻ سان هن جي پراڻي فراق جي ڦٽن جي ڄڻ چيٺا ٿيندي رهي، پوءِ هن جي ڪنهن درد جي دانهن ۽ آهون وسرڻ ۾ دير نه لڳي، علي محمد باقي زندگي پوئين گهر واريءَ سان گهاريندي گذاري.

هن جي آخري گهر واري:
علي محمد ابڙي جي پنجين ۽ آخري گهر واري نظر محلا لاڙڪاڻي جي زميندار ڪماريي ابڙي شير محمد جي نياڻي هئي، هو ضلع لاڙڪاڻي جي ابڙن جو چڱو مڙس هو، هن عورت جو نڪاح گهڻي عرصي کان پيل هو، ڪن گهرو ڳالهين جي ڪري زميندار شير محمد ابڙي، علي محمد کي شادي ڪري ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي، 1960ع کان پوءِ وفات ڪري ويو، جنهن کان پوءِ علي محمد ابڙي هن جي پوين کي منٿ ميڙ ڪري 1963ع ڌاري شادي ڪري ورتي، علي محمد نظر محلي ۾ جاءِ خريد ڪري نئين گهر واريءَ کي پنهنجي محلي اندر رهايو ۽ پاڻ به انهي سان گهارڻ لڳو، جڏهن سندس آخري گهر واري وفات ڪري وئي، ته هن کي نظر مقام ۾ دفن ڪرائي، مٿانس شاندار ڪٽهڙو تيار ڪرايو، پاڻ 3 ذوالقعد 1408هه برابر 17 جون 1988ع تي لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وصيت پٽاندڙ هن کي زال جي ڪٽهڙي ۾ جاءِ ڏني وئي.
زميندار علي محمد ابڙي جي عام زندگي:
لاڙڪاڻي جي محلي ليلا آباد ۾ هن جو هڪ گهر خريد ڪيل هو، جنهن کي اوطاق ڪري ڪم آڻيندو هو، پاڻ به اتي ئي رهندو هو، سندس يارن دوستن جو حلقو ڏاڍو وسيع هو، جن مان خاص مسٽر سڪندر ڀٽو، مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو، حسن علي ۽ حسين علي اسراڻ ڀائر زميندار، مسٽر شمس الدين ابڙو وڪيل، مسٽر تاج محمد ابڙو، وڪيل، دوست محمد هڪڙو زميندار قنبر، غلام عمر انڙ زميندار ڏوڪري، وغيره هئا، هن جو عام ماڻهن سان سهڻو برتاءُ هوندو هو، خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ واسين ۽ ڳوٺ جي پاڙي وارن ڳوٺن سان وڏي همدردي رکندو هو، انصاف پسند، امن چاهيندڙ، کلمک، يار ويس، خوش اخلاق ۽ اوطاقي روش وارو ماڻهو هو، ابڙا ذات جي روايتي نموني سخي انسان رهيو، راڳ ويراڳ سان لڳاءُ هوس.

شمن ابڙو

شمن ابڙو

هي زميندار علي محمد ابڙي جو وڏو فرزند هو، پنهنجي والد جي زمينداري اثر رسوخ هئڻ ڪري، شمن به دنيا جي عشق ذوق تي لهي آيو، تعليم بي اي هئڻ ڪري، انگريزي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڄاڻندو ۽ ڳالهائيندو هو، لاهور ڏاڍو ايندو ويندو هو، جتي چوڌري عبدالحي سان هن جي گهري دوستي هوندي هئي، وٽس وڃي رهندو هو.
هڪ ڀيري هن چوڌري کي چيو ته نور جهان سان ملاقات ڪجي چوڌري هن کي چيو ته اها ملڻ جي آرزو پوري نه ٿيندي ، ڇا لاءِ ته هوءَ لاهور جي وڏن امير ترين شخصيتن مان هڪ آهي ، پر شمن ابڙي جي زور ڀرڻ تي ٻئي ڄڻا گلبرگ ڏانهن راهي ٿي ويا، جتي پهچي شمن ابڙي نورجهان جي هڪ اردليءَ هٿان چٺي ڏانهس موڪلي ڏني، جنهن ۾ هن نائچ ڳوٺ جي زميندار علي محمد ابڙو جو حوالو ڏنو، ان تي نورجهان بنا دير جي گهران ٻاهر نڪري اچي هنن ٻنهين کي وڏي پاٻوهه ۽ عزت سان گهر ۾ ويهاريو، سندن مان ۾ شاندار مانيءَ جي دعوت ڏنائين ، نورجهان انهي ڳوٺ ۾ ڀيڻ عيدن جهان وٽ رهي ۽ کائي آئي هئي، کيس اهي يادون دل ۾اڃا تازيون هيون.
شمن کي نورجهان چيو، ته لاهور ۾ ڪو به ڪم ڪار هجي، ته مان حاضر آهيان، اتي چوڌري ڦاٽ کاڌو ، ته شمن کي انجمن آرا ڏاڍو پسند آهي، ان جي شمن وضاحت ڪئي ته مان هن جي فن جو پرستار آهيان، باقي ڪا به اهڙي حيران ۽ پريشان ڪندڙ ڳالهه نه آهي ، نورجهان بنا دير انجمن آرا کي گهرايو ، جنهن شمن جي پسند جو ڪلام ٻڌايو، ۽ پنهنجي پرستار سان کلي دل سان ڪچهريون ڪيون، هن پنهنجي ناچ ۾ نورجهان جي آواز سان ڀريل چارڪيسٽيون هن کي پيش ڪيون، جيڪي هن وقت شمن جي پٽ سلامت علي ابڙي وٽ محفوظ آهن.

علي بخش ڀنگر ڳوٺ

علي بخش ڀنگر ڳوٺ

ڀنگر نيات واري نالي علي بخش هن وستيءَ جو وجود قنبر تعلقي ۾کڙو ڪيو، 1990ع جي سروي پٽاندڙ ڳوٺ ۾ گهرن جوا نگ 24 هو، جن ۾ ٻه چانڊيا، ٻه گهر وڳڻ باقي ڀنگر ذات جا 20 گهر هئا، ڳوٺ گولائي تي کنيل، پاڻي مٺو، زمين زرخيز آهي، رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ واهه، ”همير واهه“ جي سڄي ڪپر تي آباد ٿيل ڳوٺ آهي، هن ڳوٺ ۾ ٻن راهن جي وسيلي پهچي سگهجي ٿو، هڪ رستو لاڙڪاڻو ميڻاروڊ جنهن کان هيءَ وسندي 14 ميل صدر مقام لاڙڪاڻي کان ڏور آهي، ٻيو راهه لاڙڪاڻو ميرو خان روڊ جيڪو ٺوڦ چوسول کان قنمبر وڃي ٿو، انهي روڊ کان هي ڳوٺ 200 والن تي پوي ٿو، ساڳي روڊ سان ڳوٺ علي بخش ڀنگر، لاڙڪاڻي شهر کان 24 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، هي روڊ هن ڳوٺ جي اوڀر کان وڃي ٿو، ساڳي روڊ سان هي بستي قنبر شهر کان 13 ڪلوميٽر پنڌ تي ٻڌل آهي، هن ڳوٺ جي ڏکڻ پاسي هڪ ميل مفاصلي سان وڏو ڳوٺ مهي مڪول آهي.

صاحب خان ڳورڙ ڳوٺ

صاحب خان ڳورڙ ڳوٺ

نورنگ واهه تي پراڻو ڳوٺ راضي گورڙ هوندو هو، جتي جاگيراڻي ذات جا ماڻهو لڏي اچي آباد ٿيا، جن جي ناروا روش کان ڳورڙ ذات وارا نالان پريشان ٿي، اهو ڳوٺ ڇڏيندا رهيا، جن صاحب خان ڳورڙ ڳوٺ جو بنياد رکيو، اوڀر ۾ ڳورڙ ٽڪنڊي نموني تي کڙو ٿيل آهي، هن جي ڏکڻ ۾ کڏ، اوڀر ۾ ڳورڙ شاخ آهي، هيءَ وسندي 6 ميل قنبر شهر کان پري آهي ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 12 ڪلوميٽر ڏور پوي ٿو، هي ڳوٺ لاڙڪاڻي قنبر روڊ تي ڳورڙ شاخ کان ڏکڻ پاسي هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي آهي، ڳوٺ جي آبادي ڳوڙهي ۽ ڳتيل آهي، زمين ڀلي، پاڻي مٺو، وڻن سان ڳوٺ برسيل آهي.
ذاتيون:
ابڙا، بروهي، ڪلهوڙا، ڪنڀر، سنديلا، سيال، منگي، ماڇي، کرل، ڳورڙ، جهجهائي ۾ ڳورڙ آهن.

انجمن اسلام صديقي لاڙڪاڻو

انجمن اسلام صديقي لاڙڪاڻو

حنفي مسلڪ اهل السنت والجماعت لاڙڪاڻي جي ديندارن پاڻ ۾ ڪٺ ڪري چاهيو، ته دين اسلام جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ مسلمانن ۾ ديني سجاڳي ۽ جذبو پيدا ڪجي ته دين اسلام جي اصولن کي سمجهن ۽ ان مٿان عمل ڪن، دنگا، فساد، لٽ، ڦر، ٺڳيون، چوريون، ڌاڙا، نشا، سٽا وغيره ڏوهه ختم ڪن ته جيئن رضاڪارانه سچائي، ايمانداري، پرهيزگاري ۽ عام ڀلائي وغيره جهڙا ڪارناما اختيار ڪندا رهن، جنهن سان مسلم معاشرو بقادار، اصلاح وارو ٿي سگهي، ان لاءِ لاڙڪاڻي ۾ دين جي پرچار، تبيلغ ۽ اشاعت جي لاءِ شهر ۾ ”لاڙڪاڻو انجمن صديقي“ جي نالي سان تبليغي جماعت کڙي ڪئي وئي، جنهن جو پهريون سال 1901ع هو.
مذڪورديني خدمت ۾ سڀ کان پيش پيش جماعت جو سرگرم رڪن محترم سيٺ احمد الدين خوجو هو. هن جي خوجا برادري چمڙي جا واپاري هئا، جن ديني ڀلائي ۾ منڍ ڪڍيو، جنهن ۾ مجلس شوريٰ قائم ٿي، جنهن جا باقي رڪن الهه رکيو سرهيو، امام بخش زنگيجو، امام بخش سومرو علي گوهر آباد وارو، وڏيرو عبدالله ڀيڏائي، حاجي غلام محمد ڀٽو، ڳوٺ غلام ڀٽو، حاجي محمد ڇٽل خان سومرو، گل محمد سرائي، حاجي عبدالستار دل جي عشق سان شامل راءِ ٿيا، سڀئي جماعت جي جاني مالي امداد ڪندا رهيا، هن مجلس جون گڏجاڻيون خوجا مسجد مارڪيٽ ۾ ٿينديون رهنديون هيون.
1901ع م سيٺ احمد الدين خوجا پنجاب مان ٻه عالم دعوت ڏئي لاڙڪاڻي شهر ۾ گهرايا، جن ۾ هڪ مولانا نبي بخش صاحب رسول نگر وارو ضلع گجرانوالا ۽ ٻيو مولانا محمد ابراهيم لاهور وارو هئا، اهي ديني ڄاڻ ۽ تقريري فن ۾ ماهر هئا، ساڳي وقت ديني تبليغ سان لڳاءُ ۽ ذوق به واکاڻ جوڳو هئن. مذڪور ديني بزرگ لاڙڪاڻي شهر ۾ 6 ماهه کن رهيا، جن لاڙڪاڻي شهر کان سواءِ لاڙڪاڻي جي ڪافي ننڍن وڏن ڳوٺن توڙي شهرن ۾ طوفاني دورا پئي ڪيا، تبليغ تقرير جوڪم زور شور سان ڪندا رهيا، لاڙڪاڻي شهر جي موجوده ڊي سي هاءِ اسڪول جي ڀرسان گهاڙواهه جي ڪڙ سان ڌوٻي گهاٽ وٽ ديني جلسن لاءِ جلساگاهه مقرر ڪيو ويو، جتي ”انجمن اسلام صديقي“ پاران هر ماهه جي پهرين ڇنڇر تي ڪلام پاڪ ۽ حديث مبارڪ جي روشني ۾ تقريرون ڪيون وينديون هيون، پنجا ب جا عالم لاڙڪاڻي شهر ۾ اڌ سال کن رهي، پنهنجي ديني ڪارج ۽ مقصد کي ڪامياب ڏسندي پنهنجي ماڳين راهي ٿيا، وقت گذرڻ کان پوءِ ڌوٻي گهاٽ لاڙڪاڻي مٿان آبادي ٿيندي وئي، ان ڪري ڌوٻي گهاٽ وارو ميدان سوڙهو ٿي ويو.
مٿين جلسي گاهه جي ميدان جي جاءِ تنگ ٿيڻ ڪري، لاڙڪاڻي شهر اندر ٻيو موڪرو ميدان عظيم شاهه وارو هو، جتي ديني جلسن ڪرڻ لاءِ جاءِ مناسب سمجهي ماهانا جلسا ٿيڻ لڳا، 12 ربيع الاول تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو هو، ۽ سڄو ڏهاڙو تقريرون ۽ مولود هلندا هيا، سوين ديڳيون پلاءُ جون تيار ڪيون وينديون هيون، جماعت کي پاٽيئڙن ۾ ڀت کارايو ويندو هو، ساڳي ڏهاڙي شام جو شاندار جلوس لاڙڪاڻي شهر مان نڪرندو هو، جنهن جو انتظام خاڪسار رکندا هئا، جلسي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙو، پير الاهي بخش دادو وارو، قاضي فضل الله ۽ عبدالفتاح ميمڻ وڪيل شريڪ ٿي، جهنڊا کڻي هلندا هئا، 13 رات باک ڦٽي تائين وعظ، تقريرون ۽ خيرات هلندي هئي.
ذڪر ڪيل انجمن مان ڪي ميمبر الله تعاليٰ کي پيارا ٿي چڪا، ان حالت ۾ سندن جاين تي ٻيا جانثار اچي ڪم ڪرڻ ۾ جنبي ويا، نئين مجلس شوريٰ کي تشڪيل ڏنائون، جن ۾ پير الاهي بخش دادو وارو، درمحمد زنگيجو، حاجي عنايت الله شيخ، محمد يوسف دايو، لڳ سرهيه پڌر، حاجي گلاب خان ڪٽپر،گجڻ پور، حاجي غلام قادر ڪنڀر، بودل شاهه بخاري، ماستر محمد ابراهيم قريشي، ڊکڻ پاڙو، حاجي رسول بخش شيخ، مولانا تاج محمد کوکر، آريجا، مولانا غلام رسول عباسي هئا، نئين شوريٰ ماهياني جلسي ڇنڇر بدران اربع ڏينهن کي مقرر ڪيو.

سياسي جلسا:
1947ع کان پوءِ عظيم شاهه واري ميدان مٿان سياسي جلسا به ٿيڻ لڳا، لاڙڪاڻي کي سنڌ اندر مذهبي، سماجي توڙي سياسي جلسن ۾ اڳواڻي نصيب ٿي آهي، جمعيت اسلام وارا لاڙڪاڻي ۾ انگريزن خلاف هند سنڌ سطح تي ڪانگريس پاران جلسا ڪري چڪا هئا، جنهن ۾ خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ جون ڪارگذاريون پيش پيش هيون، انهن گڏجاڻين جو مرڪزي هنڌ درسگاهه (قاسميه مسجد) هوندو هو، جنهن جلسن ۾ نهرو، گانڌي، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا حسين احمد مدني وغيره اچي چڪا هئا، برصغير جي ورهاست ٿي ۽ 1947ع ۾ پاڪستان ۾ مسلم ليگ جي حڪومت ٺهي وئي، ان ڪري پاڪستان ۾ ڪانگريس جي حمايتين جي حيثيت ختم ٿي وئي، پوءِ به جمعيت وارن مسلم ليگ سان ٺهڻ بدران پنهنجي سياسي حيثيت کي قائم رکڻ جي جاکوڙ ڪري ڏني.

هاري ڪاميٽي:
1947ع کان پوءِ هاري ڪاميٽي جي پهرين ميٽنگ عظيم شاهه جي ميدان مٿان ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مولوي محمد عظيم سولنگي، مولوي نذير حسين جتوئي، مولوي عزيز الله جروار، مولوي دوست محمد، عبدالحليم، محمد عظيم پنهور ۽ قاضي عبدالغفار لعلو رائنڪ وارا هئا، جلسي ۾ يڪ راءِ هاري ڪاميٽي جو وجود کڙو ڪيو ويو، جنهن جو پهريون صدر مولوي محمد عظيم سولنگي، جنرل سيڪريٽري نذير حسين جتوئي، ٻيو جنرل سيڪريٽري مولوي عزيز الله جروار کي مقرر ڪيو ويو، اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي کي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استيعفا ڏياري، هاري ڪاميٽيءَ جو صدر ڪيو ويو، ان ريت سياسي جلسا به عظيم شاهه جي ميدان تي ٿيڻ لڳا، هاري پارٽي جمعيت وارن عالمن بنائي، جيڪي 1947ع کان اڳ ڪانگريس جا حامي هئا، جڏهن پاڪستان ۾ ڪانگريس ختم ٿي، ته هنن جدا هاري ڪاميٽي ٺاهي.

انجمن اسلام صديقي جي نئين سر تعمير:
1950ع ۾ هن جماعت جي پوري تنظيم علامه محمد قاسم مشوري صاحب کي يڪ راءِ انجمن جو سرپرست اعليٰ چونڊيو جنهن موصوف انجمن جي نون عهدن جي تشڪيل ڏني ، انجمن جو صدر مولانا تاج محمد کوکر آريجوي، نائب صدر ۾ ٻه عهديدار مولانا غلام رسول عباسي چانڊين وارو ۽ ٻيو مولانا محمد رفيق بروهي خوش نويس ٿيا ، جنرل سيڪريٽري ماستر محمد ابراهيم قريشي ، جوائنٽ سيڪريٽري خليفو غلام رسول ابڙو ۽ خزانچي حاجي عنايت الله شيخ مقرر ٿيا.
علامه محمد قاسم مشوري صاحب انجمن جي عهديدارن جي گڏيل راءِ سان فيصلو ڪيو ته فقط عيد ميلاد 12 ربيع الاول عرس شريف جو جلسو عظيم شاهه تي صبح کان ٻپهري تائين ٿيندو، جتي عرس شريف جي خيرات کائي، ٻپهري نماز ادا ڪري، جلسي کي ختم ڪري، جلوس جي شڪل ڏئي لاڙڪاڻي شهر مان هلندي، جناح باغ ۾ آڻي ڪري، وري جلسي جي صورت ۾ مولود، نعتيون ۽ واعظ تقريرون هلنديون، باقي ماهوار ۽ ٻيا جلسا جناح باغ ۾ ٿيندا رهندا،هر ماهه ۾ پهريون ڇنڇر يا پهريون اربع ڏينهن بدران اڳتي ماهيو پهريون ”جمعو ڏينهن“ جلسي لاءِ چونڊيو ويو، سڀ موقعا جناح باغ ۾ ملهائيا ويندا، 10 محرم ۽ 20 صفر چهلم جي وارن جا جلسا به جناح باغ ۾ ٿيندا رهندا.
چوٿون ڀيرو انجمن اسلام صديقي جي تشڪيل:
1995ع ۾ علامه محمد قاسم مشوري صاحب جي مريدن ۽ عقيدتمندن بنا عهدن جي هن جماعت کي هلائي رهي آهي، حاجي غلام قادر ڪنڀر، حاجي خان محمد ڀٽو، ڳوٺ غلام ڀٽو، حاجي محمد سعيد شيخ، حاجي محمد عمر ڀٽو ٽانگا اسٽينڊ لاڙڪاڻو، حاجي گل محمد شيخ، حاجي عبدالله شيخ، حاجي مير محمد شيخ، مولوي بدرالدين سرهيو وغيره سرگرم رڪن رهيا.
انجمن اسلام صديقي جو سياسي چيرو:
هي جماعت منڍ کان وٺي اڄ تائين نجي مذهبي انجمن رهي آهي، 1920ع ۾ البت خلافت تحريڪ جي ڪاررواين پير تراب علي شاهه راشدي جي اڳواڻي ۾ حصو ورتو پر پاڪستان ٺهڻ جي حالت ۾ ڪانگريس جي مقابلي ۾ هن جماعت مسلم ليگ جو ڀرپور ساٿ ڏنو، هن انجمن جي باري ۾ جن مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو اهي عالم هئا:
مولانا محمد سليمان ٿرڙي محبت، علامه محمد قاسم مشوري، مولانا تاج محمد کوکر آريجوي، پير غلام مجدد سرهندي، پير نثار احمد سرهندي، مولانا قمر الدين منگي مديجي، مولانا عبدالعلام گوپانگ قنبر، مولانا گل محمد قاضي ترائي، مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو ڪورائي، مولانا صاحبداد سلطان ڪوٽي، مولوي عبدالڪريم تونيو باقراڻي، مولانا محمد کوکر، مولانا داد محمد بروهي، مولانا مولا داد چانڊيو، حافظ محمد اڪبر شيخ، مولوي محمد صديق چنو، مولوي محمد صديق جتوئي، مولوي قاضي غلام صديق ڏيٿو، مولوي حافظ عبدالقادر ڪلهوڙو، مولوي قاضي دوست محمد بلبل وغيره. اڳتي هلي پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ مسلم ليگ کي به ڇڏي ويا، فقط دين جي خدمت تي پنهنجي سرگرمين کي محدود رکيو اچن، سياست کان ڪنارا ڪشي سندس مقصد رهيو اچي.

انجمن اسلام صديقي جي جناح باغ ۾ اندرين ٻاهرين علماءِ جو تبليغ ۾ حصو:
جناح باغ ۾ ماهوار پهرين جمعي يا ڪن ٻين موقعن تي واعظ تبليغ دوران انجمن صديقي پنهنجي مسلڪ جي عالمن کي دعوتون ڏئي گهرائيندي رهندي هئي، ان معاملي ۾ ضلع لاڙڪاڻي جا هم مسلڪ عالم انجمن جي جلسن کي پنهنجو جلسو ڄاڻي بنا دعوت جي شريڪ ٿيندا رهندا هئا، جيڪي ماهيانن ڏڻن لاءِ ڪافي هوندا هئا، خاص ڪري عيد ميلاد مبارڪ جو موقعو انجمن جي مانڊاڻ لاءِ ”عظيم جشن“ ليکجي ٿو، ان مقدس ڏينهن لاءِ ضلع لاڙڪاڻي کان ٻاهر سنڌ مان مولانا پير غلام مجدد سرهندي، پير مولانا نثار احمد جان سرهندي، علامه صاحبداد سلطان ڪوٽي وغيره جن کي ڪوٺيو ويندو هو، پنجاب مان مولانا سيد احمد سعيد شاهه ڪاظمي ملتاني، مولانا محمد عبدالله بهاولپوري، مولانا عبدالعزيز بهاولپوري، مولانا جان محمد بهاولپوري وغيره جن کي دعوتن تي گهرايو ويندو هو،

مقلد ۽ غير مقلد فرق:
1901ع کان 1950ع تائين انجمن صديقي جي اندر مقلد ۽ غير مقلد جو متڀيد يا فرق بنهه نه هوندو هو، ڇو ته 1950ع ۾ انجمن صديقي جو نائب صدر مولانا غلام رسول عباسي چانڊين وارو هوندو هو، اڳتي هلي 1960ع ۾ گل محمد شيخ صاحب (ميڊيڪل شاپ وارو) پنهنجي هڙان وڙان ۽ سرپرستي ۾ انجمن صديقي خلاف ”انجمن محمدي جماعت“ ٺاهي تيار ڪرائي، جنهن لاءِ غير مقلد ڌڙو تيار ڪيو ويو، مولانا غلام رسول عباسي انجمن صديقي ڇڏي، انجمن محمدي جماعت جو اهم نگران رهيو، ان کان پوءِ هن جماعت جي پروگرام تحت جناح باغ ۾ جلسا ٿيڻ لڳا، غير مقلد عالمن ۾ مولانا غلام رسول پيش پيش رهندو آيو.

مولانا پير غلام مجدد سرهندي

مولانا پير غلام مجدد سرهندي

جهڙا اڇا وار، اهڙو بدن اڇو، چڱي قد، ڀريل جسم، سگهاري هاٺي، ٺهندڙ تصوير، ڏاڙهي با شريعت، پٽڪو، سلوار، قميص، آواز چٽو، مدبرانه، ڳالهائڻ ۾ رواني، نڊر قسم جو، تقرير مٿان قابض، سندس ڪي جملا پيش ڪجن ٿا:
مٿي ۾ ڦاڙ پيل اٿم، مقابلا ٿيندا رهيا، جن کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو آهي، ويندي ويندي، ڪٿي به بدعتي مئي خانا، جتي هر نشو ٿيندو رهي، جيڪڏهن نظر چڙهي ويا، بس پوءِ ته ڍر نه لڳندي، مخالف به مهاڏي کان منهن موڙڻ لاءِ تيار نه هوندا، نه وري هو ڍر کان ڪم وٺندا، مئي خانن ۾ ڏنڊن، ڪونڊن، حقن، سلفين جو خير نه هوندو، ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ۾ ويرم ئي لڳي، پوءِ ته مخالفن جي مهاڏي ۾ سڄو بدن رتورت ٿي ويندو، اهي ته ٿيا ڏيهي مقابلا، جن کي ڏيهه اندر پيو نباهيان، اهڙي ريت پرڏيهه ڏانهن حج سانگي عربستان وڃڻ ٿيو، ڪعبة الله ۾ تقريرون ڪرڻ شروع ڪري ڏنم، ته سائين ڪريم ﷺ جن نور آهن، قرآن شريف ۽ حديث مقدسه جا حوالا ڏيندو رهيس، جهٽ پلڪ ۾ عربي پوليس اچي مٿان ڪڙڪي، جن مون کي حراست ۾ وٺي قاضي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، قاضي چيو ته ”نور“ بابت حديث لکت پيش ڪر، ضامن تي عارضي طور آزاد ڪري ڇڏيائين، مڪو شهر ڍونڍي ڍونڍي، ڪنهن پنهنجي مسلڪ واري عرب وٽان مذڪور حديث وارو ڪتاب ملي ويو، پر انهي شرط تي، ته سندس ڏيٺ ويٺ، نالو نشان مخفي رکيو ويندو ڪتاب قاضي کي ڏنو، هن جي ڀڙڪندڙ باهه مٿان ڄڻڪ پاڻي ڦري ويو، پوءِ منهنجي تقريرن مٿان سفر دوران عربستان ۾ بندش لڳائي وئي، اهو هو پير غلام مجدد سرهندي علامه، جنهن جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ واعظ تقرير ڪندي پنهنجو تعارف ڪرايو. ()
خلافت تحريڪ ۾ ٺهراءَ پاس ٿيو، ته انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ حرام آهي، ٺهراءَ جي تائيد ۾ سنڌ مان غلام مجدد هو، ٺهراءَ جي بنياد تي علي برادران، مولانا حسين احمد مدني، شري شنڪر آچاريه، ۽ ٻيا ڪراچي مقدمي ۾ جوابدار هئا، سنڌ مان فقط پير غلام مجدد جوابدار هو، هلندڙ ڪيس ۾ پير غلام مجدد چيو ته ٺهراءَ صحيح ۽ ٺيڪ هو، انگريزن جي فوج ۾ داخل ٿيڻ ازروءِ قرآن پاڪ ڪالهه به حرام، اڄ به حرام، هميشه حرام آهي، جن مسلمانن ڪافر جي فوج ۾ داخل ٿي، مقامات مقدسه تي گوليون هلايون، سي سڀ مردود، اسلام کان خارج آهن، ان ڪيس ۾ اهڙي بيان تي ٻه سال سخت قيد سان رتنا گيري جيل ۾ جهاڳي آيو، هن اعلان ڪيو ته انگريز جو منهن ڏسڻ به ڪبيرو گناهه آهي، جنهن انگريز ڏٺو، سو سائين ڪريمن ﷺ جن جي زيارت کان محروم رهندو.
ساڳي وقت جڏهن مسجد منزل گاهه جي قانون ٽوڙ مهم شروع ٿي، تڏهن سکر جيل ۾ هي پير غلام مجدد پهريون سنڌي ماڻهو جنهن پهريون قدم جيل ۾ رکيو.“ (2)
جناح باغ ۽ سياسي پروگرام:
لاڙڪاڻو شهر ۽ خطو مذهبي توڙي سياسي تحريڪن جو ڳڙهه ٿي رهيو آهي، ته جناح باغ به مذهبي توڙي سياسي جماعتن جي پرچار، تنقيد، واکاڻ کي هوا ڏئي پڌري ڪرڻ جي اهم جاءِ هوندو هو ۽ آهي، خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ يا مسجد منزل گاهه سکر جو مرڻاس پنهنجي دور حڪومت ۾ اڀريا ۽ اڳتي هلي ختم ٿيا، 1947ع کان پوءِ ملڪي ورهاڱي پٽاندڙ پاڪستان وجود ورتو، جنهن ۾ مسلم ليگ وارن جي حڪومت هلي، 1950ع ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ قاضي فضل الله ٿيو، ان کان پوءِ سنڌ ۾ مسلم ليگ ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي، هڪ ٽولي جو سرپرست خانبهادر محمد ايوب کهڙو رهيو، ته ٻئي جٿي جو اڳواڻ قاضي فضل الله ٿي چڪو، ٻنهي پارٽين پنهنجي موقوف ۽ موضوع بيان ڪرڻ جي جاءِ جناح باغ رکي، ڇو ته اڳ ۾ به ٻڌندڙ عوام جا پير هن باغ ۾ ايندي هري ويا هئا، قاضي فضل الله جو مقرر ارباب شاهه اهم ۽ مقبول ڳالهائڻو هو، خانبهادر کهڙي ڏانهن عبدالحق زيب عاقلي به تقرير ۾ گهٽ نه هو.
هڪ ڀيري سيد ارباب شاهه جناح باغ ۾ تقرير ڪندي طنزيه چيو ته خانبهادر پنهنجو سياسي ڪيرئر داءَ تي لڳائي چڪو آهي، ان ڪري کيس بنگلو ڇڏي، هاڻي ڪَلُ (گاهه) ۾ رهڻ گهرجي وغيره، جڏهن خانبهادر اقتدار ۾ آيو، لاڙڪاڻي ايمپائر واري گهر ۾ پهتو، ارباب شاهه هن کي مبارڪ ڏيڻ ويو، جيڪا واڌائي هن کان بنهه نه ورتائين ۽ هن کي بنگلي کان ڪڍائي ڇڏيائين.
ٻئي دفعي ساڳي جناح باغ ۾ زيب عاقلي مزاحيه انداز سان چيو، ته قاضي فضل الله ايتري ته سياسي ترقي ڪري چڪو آهي، جو پڻس قبر مان نڪري کيس مبارڪون ڏيندو، جڏهن اها خبر قاضي فضل الله وٽ پهتي، ته هن ڪچهري ۾ چيو ته زيب ته سچ چيو آهي، ڇو ته هو هڪ غريب گهراڻي جو ماڻهو ذات جو ڪوري آهي، ننڍي لاءِ مال جي ڪتر ڪندي کٻي آڱوٺي مٿان ڪهاڙي جونشان جيڪو ڪچهري ۾ حاضر ماڻهن کي ڏيکاريائين پاڻ به کليو ۽ حاضرين کي به خوب کلايائين.
وڪيل برادري مان مسٽر عبدالفتاح ميمڻ وڪيل کهڙي صاحب ڏانهن پيش پيش هوندو، مسٽر شمس الدين ابڙو ۽ علي گوهر کهڙو وڪيل هئا قاضي صاحب وٽان مسٽر عبدالغفور ڀرڳڙي اڳ ۾ هوند هو، ٻنهي ڌرين جي پرچار جو مرڪز جناح باغ هوندو هو.
جناح باغ جا 1950ع کان پوءِ ٻه وڏا سياسي جلسا:
(1) علامه عنايت الله مشرقي صاحب خاڪسار تحريڪ جو ليڊر، لاڙڪاڻي شهر ۾ آيو، جنهن جناح باغ ۾ عام جلسو ڪيو، جناح باغ جي ڏاکڻين ٻاريءَ ۾ جلسي جو انتظام ڪيو ويو، ان دوران ڀارت ۽ پاڪستان جو دريائن جي پاڻي مٿان ڦڏو هلندو رهندو هو، موصوف علامه مشرقي تقرير ڪندي چيو ته ڀارت چاهي ٿو ته، دريائن جو منهن ڦيرائي، ڀارت جي غير آباد ۽ ڀڙڀانگ ميدانن کي آباد ۽ سر سبز ڪيو وڃي، جيڪڏهن انهي سازش ۾ انڊيا سوڀارو ٿي ويو ته پاڪستاني ميداني علائقا سڃا ۽ ويران ٿي ويندا، ملڪ جي زراعت تباهه ٿي ويندي، ملڪ دائمي ڏڪر ۽ قحط ساليءَ جو شڪار رهندو، ان ڪري پاڪستان کي گهرجي ته انڊيا سان پاڻيءَ جو سمجهوتو اهڙو ڪري، جنهن سان اسان جي معيشت خوشحال ۽ بحال رهندي اچي،
(2) پاڪستان جو گورنر جنرل مسٽر غلام محمد هوندو هو، جنهن پنهنجي اختيارات جو ناجائز استعمال ڪري 17 اپريل 1953ع تي ملڪ جي لائق، ايماندار ٻئي وزير اعظم خواجه ناظم الدين صاحب کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو، آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير مسٽر محمد علي بوگرا کي پاڪستان جي گورنر جنرل پنهنجي شاهي حڪم سان ملڪ جو ٽيون وزير اعظم ڪري ٿاڦيو، جنهن منصب کان پوءِ هن لاڙڪاڻي کي ياد ڪيو، جناح باغ جي ڏاکڻين ٻاري (پبلڪ ٽيڪ وارو) ۾ وڏو سياسي جلسو ڪيو، عوامي ميڙاڪي کي خطاب اردو ۾ ڪندو رهيو، ساڳي وقت پاڻ ئي پنهنجي اردو تقرير مٿان عجب کائيندو رهيو، ته هي منهنجي اردو زبان ۾ پهرين رواني سان تقرير آهي، هن جي دور ۾ ملڪ اندر خوراڪ جو بحران کڙو ٿيو هو، عوامي خطاب ڪندي جلسي ۾ واڏائي، چيائين ته ملڪ ۾ کاڌي جو هيجان هلندڙ آهي، جنهن جهنجهٽ کي جلد دور ڪيو ويندو، ڇو ته آمريڪا کان ڪڻڪ جي امداد ورتي وئي آهي، جنهن جا مفيد نتيجا نڪرندا، ان دور ۾ آمريڪا جو صدر آئزن هاور هو، جنهن پاڪستان جي خوراڪ جي ضرورت لاءِ ڏهه لک ٽن ڪڻڪ امداد جي نموني منظور ڪري پاڪستان جي ڏڪر کي دور ڪري ورتو، هي وزير اعظم محمد علي بوگرا صاحب جي پنهنجي سياسي ڪارڪردگي جو نتيجو هو.

ملڪي آزادي جون حقيقتون:
يورپ جي نئين سجاڳي ۽ جاڳرتا جي ڪري اتان جون قومون دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي اٿلي ۽ پٿرجي ويون، ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۽ سون چاندي مٿان ڇاپا ۽ جهٽ هڻڻ لاءِ ڪمرڪشي ڪاهي پيون، جن ۾ پورچوگيز، فرينچ ۽ انگريز قومون هيون، هندستان جي ڦرلٽ جي چٽاڀيٽي ۽ وٺ پڪڙ ۾ انگريز قوم ٻين يورپين کان سوڀاري ٿي وئي.
انگريزن واپار جي وسيلي ”ايسٽ انڊيا ڪمپني“ جو بنياد رکي، ننڍي کنڊ مٿان قبضا ۽ والار ڪرڻ شروع ڪري ڏني،هندستان ۾ جڏهن مغل شاهي ڪمزور ٿي چڪي تڏهن هي ملڪ ننڍين ننڍين حڪومتن ۾ ڦانڊجي ويو، ۽ گهرو لڙاين ۾ ڦاسي پيو، انگريزن ”ڏيهي حاڪمن کي ويڙهايو ۽ مٿن حڪومت ڪريو“ جي کيڏ کيڏڻ جو حربو ڪم آڻڻ شروع ڪري ڏنو، اهڙين سازشن ۾ هو ڪامياب ٿيا، ان ڍنگ سان آهستي آهستي پورو هندستان ڦٻائي ويا، 1843ع ۾ سنڌ ملڪ مٿان به قبضو ڪري ڇڏيائون.
انگريز سامراج جي اهڙي ڄمت ۽ قبضا گيري جي خلاف ڏيهي ماڻهن آزاديءَ جي لاءِ هر وقت مٿا مونا پئي ڏنا. نيٺ 1857ع ۾ سڄي هندستان ۾ پرڏيهي غاصب خلاف آزادي جي لهر ڀڙڪي اٿي پئي. هن آزاديءَ جي تحريڪ کي قبضاگير سامراج بغاوت قرار ڏنو ، جنهن جي آڌار تي وطن دوستن کي ماريو ۽ ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، هن لڙائيءَ ۾ انگريزن جو به جاني مالي گهاٽو ٿيو.
مٿين هلچل کان پوءِ سامراجي دٻاءُ ۽ ڏاڍ جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ ملڪ ۾ سناٽو ۽ ماٺار ڏسڻ ۾ آئي، پر اندران ئي اندران ڏيهي ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ ڌاري حاڪميت خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ جا ساٿ ڀريا رهيا، ڌارين جي ڳيجهپي ۽ غلامي واري دٻاءُ جي ڪري ملڪي ماڻهن جي جذباتي چڙ ۽ ڏمر چوٽ چڙهي ويو، جنهن جوش۽ جذبات کين، شهادت يا آزادي لاءِ پئي تيار ڪيو ، وقت گذرڻ کان پوءِ انهي هوراکورا ۽ڇڪتاڻ ملڪي عوام کي بهتر نتيجا ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا، آزاديءَ جي هن هلچل واري مضمون کي ملڪي حيثيت سان اپٽار ڪرڻ بدران ضلع لاڙڪاڻي تائين محدود ڪري، ڏيهي ڇوٽڪاري جي تحريڪ ۾ هن خطي جي تعليمي ادارن ۽ اتان پيدا ڪيل شخصيتن جي ڪردار جي وستار ڪجي ٿي.

سيد جمال الدين بخاري

سيد جمال الدين بخاري

لاڙڪاڻي جي سندر ۽ سهڻي ڌرتي نه رڳو دانشورن جا سٿ پئي کڙا ڪيا آهن، پر ان سان گڏ هن سر زمين پنهنجي فطري ڪشش ۽ جاذبيت سان ٻاهرين ذي فهم ۽ دانائن ماڻهن کي ريجهائي پنهنجو ڪري ڇڏيو، جن کان اڳتي هلي جنم ڀومي به وسري وئي، اهڙا ڪيترائي ساٿي سرواڻ ٿي گذريا آهن، جن مان گهڻو هاڪارو سانگي سڄڻ ماڻهو سيد جمال الدين بخاري به اڻ مٽ ۽ اڏول ارادي جو ڌڻي ٿي رهيو.
لتاڙيل طبقي جومنطقي مبلغ، لاثاني مقرر، وفادار وڪيل، پتري، هلڪي ڦلڪي قد ڪامت وارو اندازن 50 پائونڊن جو وزن، ڪڻڪ رنگو، منهن گول، شهپر ٿلهي مشين تي، ڏاڙهي ساڳي مشين ۽ ڪئينچي جي وچ تي، ڪرڙوڍ، سنهي سنهي کنگهه، سادو، سٻاجهو، مٿي تي ٽوپي، قميص، پاجامو، مند سارو ڪڙتو، اکين تي عينڪ، لڪڻ هٿ ۾، ٻئي هٿ ڪتاب يا اخباري پرچو، سدائين پنڌ، بلاجو اديب، صحافي، انصاف اخبار جو موجد ۽ مدير، برجستو عالم، سوچ وارو سياستدان، سماجي سڌارڪ، گهڻو همدرد، فصيح بيان، برق رفتار گفتگو، راهه ويندي ڪنهن موضوع تي شل نه ڪا ڇيڙ ڇاڙ ٿئي، پوءِ پلڪن مان پهر لنگهيو وڃن، بس پنهنجي سحر بياني سان سامعين کي خاموشي ڏياري ڇڏيندڙ، هن جي شخصي قدآوري ۽ وزن جي ڪٿ سندس دليل ۽ دلائل، ڳالهائڻ ۾ رواني، جلد جوابي، لاها چاڙها، وهڪرا ويرون، نرمي نهٺائيءَ سان گڏ تندي ۽ تيزيءَ جا انبار، يارن جو يار، سڀ جو غمخوار، همدرد پوءِ به پنهنجي نعري سان سچار ”هاري مزدور منهنجو يار“ ان حالت ۾ جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان الڳ ٿيڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندڙ، ڪڙميءَ ۽ ڪاميءَ جو سچو عاشق، ماريل ۽ پٿريل طبقي جو مرڻ گهڙيءَ تائين خالص نمائندو، نروار مددگار، بحث ۾ ميانه روي، اعتدالي، شائستگي ۽ سچائي سندس بنيادي اصول، دل ۽ زبان ۾ يڪسانيت، زبان کولڻ دوران هٿ جي اڇل هن جي بلاغت ۽ فصاحت ۾ گهڻو اضافو ڏيندڙ، صحيح ڳالهه، برابر ڪار، مناسب دليل، جاذب ادا ۽ طنز ۽ مزاح سندس لفظي روانيءَ ۾ روحاني جذبو ۽ جوش برپا ڪندڙ، جنهن لاءِ سامعين جو مجبور ٿي تحسين جا داد ڏيڻ، نصيحتن، هدايتن، چوڻين ۽ مثالن جي ڀرمار هن جي صداقت ۽ بصيرت جو زنده ثبوت پيش ڪرڻ، سدائين بي سهارن جي بي لوث حمايت ڪرڻ فرضي عبادت، اهو ئي اهم سبب هو، جو بخاري اميرن ۽ وزيرن جي نوازشن کان پاسيرو رهي، مسڪينن ۽ ڪنگالن جي مصيبتن ۽ دردن ۾ سڪون محسوس ڪندو رهيو، هي هئي سندس شخصيت جي مختصر خبر.
گهڻو مناسب ٿيندو، جو بخاري صاحب جي روحاني تسڪين لاءِ سندس ”رهبر“ کي هن جي قلم ۽ زبان سان نذرانه عقيدت پيش ڪيل کي ورجائي، هت جائگير ڪجي:
جناب بخاري صاحب جن پنهنجي هفتيوار اخبار انصاف ۾ 4 جنوري 1978ع تي پنهنجي ليڊر جي وفات جي سال 1931ع واري ياد ملهائڻ ۾ لکن ٿا:
رئيس الاحرار، اسلام جي شيدائي، مجاهد، مرد مومن، حريت جو دلداده، قرباني جو جوهر قابل، ڪامريڊ اخبار جو موجد، خلافت تحريڪ ۽ آزاديءَ لاءِ حريت ۽ قربانيءَ جو جذبو اڀاريندڙ، خالق ڏني هال ڪراچي جي بغاوت واري ڪيس ۾ انگريز سامراج جا ڏند ڀڃيندڙ، حضرت مولانا محمد علي ”جوهر“ جي وفات تي دنيا جي عالمن جا تاثرات:
ايڇ، جي ويلس انگريز اديب لکيو، محمد علي جي دل نيپولين، قلم ميڪاولي ۽ زبان برق جي هئي.
برنارڊ شا ۽ محمد علي جي ملاقات ٿي چڪي هئي، ”جوهر“ صاحب جن جي باري ۾ چوي ٿو ته، محمد علي جوهر کي چيم ته ڪليسا ۾ مارٽن لوٿر اصلاح آندي، اسلام ۾ اهڙي گنجائش ئي نه آهي، پر حبيب ڪريم ﷺ جن جي دعوت اسلام کي صحيح نموني پيش ڪجي، جنهن تي اتفاق ڪيوسين، سندس ملاقات پر لطف ۽ دوستاڻي ماحول ۾ رهي، جنهن جو نقش منهنجي دل تي اڃا تازو بيٺو آهي، وفات جو ٻڌي، محسوس ڪيم، ته اسلام جو هڪ وڏو زبردست ۽ پر جوش خادم هن دنيا مان اٿي ويو.
بمبئي ڪرانيڪل اخبار لکيو، ته ”جنهن ڪامريڊ انگريزي اخبار جو مطالعو نه ڪيو، ان مولانا جي اسرار کي نه سمجهو، ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ روشن دماغ اخبار نويس هو، جنهن قلم جي ذريعي اخبار ۾ پنهنجي دل نپوڙي، ظرافت، مذاق ۽ تعريض جو دريا وهايو، اهو ڪارنامو اخبار نويسن لاءِ سدائين قابل رشڪ رهندو، سياست ۽ ان جو طريقه ڪار ۽ تحريڪن جي نقشي ڪڍڻ ۾ مولانا محمد علي لاثاني هو ۽ لاثاني رهندو.
تم یوں نہیں سمجھنا کہ فنا میرے لئے ہے
پرغیب سے سامان بقا میرے لئے ہے
بخاري صاحب لکي ٿو: حضرت مولانا محمد علي صاحب جن جي سيرت، سياسي ۽ مذهبي افڪار، اسلامي روح، جذب ايثار، قرباني، ذهانت، خطابت، خيالن جي رواني، زور، جوش، حاضر جوابي، خود اعتمادي، سڀ کان اڃا وڌيڪ شجاعت، عزت اسلام ۽ مسلمانن لاءِ قرباني جا پنهنجي شديد بيماري ۽ موت اندر گول ميز ڪانفرنس ۾ ڏنائين، سا مسلمانن جي لاءِ سدائين باعث فخر، حريت، حق گوئي ۽ بي باڪي ۾ شمار رهندي، سندس آخري حروف تاريخ سونهري باب ۾ سانڍيندي.

حضرت مولانا محمد علي جوهر صاحب جن جا آخري الفاظ:
آءُ اوهان کان در جي مستعمرات وٺڻ نه آيو آهيان، آءُ مڪمل آزادي جي عقيدي جو پابند آهيان، اڄ جنهن مقصد لاءِ آيو آهيان، سوهي آهي ته جڏهن آءُ پنهنجي ملڪ موٽي وڃان، تڏهن آزادي جو منشور منهنجي هٿ ۾هجي، آءُ غلام ملڪ ۾ موٽي وڃڻ نٿو گهران، مون کي هڪ غير ملڪ ۾ جنهن کي آزادي جو شرف حاصل آهي، غربت جو موت منظور آهي ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي آزادي نه ڏيندا، ته پوءِ مون کي هتي قبر جي جاءِ ڏيڻي پوندي.“
توحید توبہ ہے کہ خدا حشر میں کہہ دے
یہ بندہ دو عالم جسے خفا میرے لئے ہے
حضرت مولانا صاحب جن فرمائيندا هئا، ته مذهب فقط عقيدو ۽ رسم جو نالو نه آهي، منهنجي آڏو زندگي جي حقائق جو ترجمان آهي، منهنجي نزديڪ تهذيب، معاشرتي نظام ۽ زندگي جو اميد افزا مستقبل آهي، اسلام انهي ڳالهين جو مجموع آهي.
ہر رنگ میں راضی بہ رضا ہو تو مزا دیکھ
دینا ہی میں بیٹھے ہوئے جنت کی فضا دیکھ
ہے نست۔ارباب۔ وفا صبر و توکل
چہوٹے نہ کہہ ہاتھ سے دامن رضا دیکھ
دست رہے غربت میں اکیلا تو نہیں تو
بطحا کہ مھاجر کا تو نقش کف پا دیکھ
اللہ کے بانکوں کا بھی ہے رنگ نرالا
اس سادگی پہ خون شہدا دیکھ۔
ڪراچي خالق ڏني هال ۾ مئجسٽريٽ آڏو تقرير ڪندي حضرت مولانا صاحب جن فرمايو، ته اسلام ۾ هڪ الله تعاليٰ جي بادشاهي تسليم ٿيل آهي، جا غير مشروط، غير منقسم ۽ غير منتقل آهي، جيڪڏهن هندستان جي مسلمانن وٽ حڪومت کان تصفيه ڪرڻ لاءِ ذري برابر ميسر طاقت هجي ها، ته احڪام اسلامي جي مطابق حڪومت جي خلاف، جهاد جي اعلان ڪرڻ تي هو مجبور ٿين ها ۽ هن قضيه خالقڏني هال بجاءِ ٻئي ڪنهن هنڌ رهجي ها، مسلمانن کي هجرت ڪرڻ کپي، جتي انهن جي مذهبي عقيدن کي ڪو ستائڻ ۽ پريشان ڪرڻ وارو نه هجي.
نہ پیروی قیس نہ فرہاد کرینگے
ہم طرز جنون اور ہی ایجاد کرینگے
”مون ۽ منهنجن ساٿين جنهن تحريڪ کي کنيو آهي ۽ تيز ڪيو آهي، ان کي اسين ڄاڻون يا اسان جو خدا، حيرت انگيز ڳالهه ته اسين دنيا جي موجوده ذهنيت کي ڦيرائي، نئين سر خلافت راشده ڏانهن ڪرڻ چاهيون ٿا، سڀ مسلمان وري هڪ ڀيرو خلافت ڪميٽين کي پاڙن، ڳوٺن، ضلعن، پرڳڻن، ملڪن ۽ بر اعظم سان هلائيندا خلافت جو مرڪز خلافت راشده تائين وڃي پهچايون ۽ يورپ جي ملڪن، خاص ڪري اسلامي ملڪن کي ملوڪيت پرستي جي قبضي کان ڪڍي، آزاد ڪرڻ چاهيون ٿا، اهڙو جذبو اسلامي دنيا ۾ ڦهلائڻ گهرون ٿا.
دور حیات آئے گا قاتل قضا کے بعد
ہے ابتدا ہمارے تیری انتہا کے بعد
تجھ سے مقابلے کی کسے تاب ہے ولے
میرا لہو بھی خوب ہے تیری خفا کے بعد
قتل حسین اصل میں مرگ یزید ہے
اسلام زندہ ہوتا ہے ہر کربلا کے بعد۔

مسٽر علي گوهر کهڙو

مسٽر علي گوهر کهڙو

سندس والد شاهه محمد ۽ ڏاڏو محمد ايوب کهڙو هو، هن جا وڏا عاقل ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي جا ڪچي ۽ پڪي جا زميندار هئا، علي گوهر جولاءِ 1921ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ پيءُ کي آخري ۽ چوٿون پٽ پيدا ٿيو، عاقل ڳوٺ سنڌو درياءَ جي اولهه ڪناري تي رهندو آيو، جڏهن ته درياءَ جي پائڻ ۽ اٿلڻ جي ڪري ٻه عاقل ڳوٺ هڪ ٻئي پٺيان وقفن سان درياءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿي ويا، موجوده ٽيون عاقل ڳوٺ آهي، مسٽر علي گوهر کهڙو قد ۾ پنجن فوٽن کان مٿي نه هو، رنگ ڪڻڪ رنگو، بدن ۾ وچٿرو، پر سگهه وارو، اخلاق ۾ ساراهه جوڳو، ڳالهائڻ جو کرو، زمين سان ذوق ۽ سياست ۾ فقط هڪ جماعت مسلم ليگ سان رهندو آيو.
تعليم: سنڌي ابتدائي سکيا پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ ورتائين، عاقل پرائمري اسڪول جو هيڊ ماسٽر سيد پير شاهه هو، پهريون ۽ ٻيو درجو استاد محبت خان راهو کان پڙهيو.
ثانوي تعليم: مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انگريزي پنج درجا پڙهيو، ڇهون ۽ ستون انگريزي اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ پرائي، 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪري ورتائين، بي اي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ کان 1945ع ۾ ڏنائين ايل ايل بي جو امتحان ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج ۾ ٻه سال پڙهي، ڏنائين، پاڪستان ٿيڻ سان هن پنهنجي تعليم پوري ڪري ورتي.
وڪالت جو تجربو: لاڙڪاڻي جو مشهور وڪيل مسٽر شمس الدين ابڙي سان گڏجي قانوني پريڪٽس ڪندو رهندو هو، گهڻو ڪري فوجداري ڪيسن ۾ وڪالت ڪندو رهندو هو، هن ڌنڌي سان گڏ پنهنجي زرعي زمين به سنڀاليندو هو، هڪ ڀيري آڪٽوبر 1948ع ۾ تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ ڦُلوءَ مان اٺ تي چڙهي، ٻيلاڻي شاخ سان ....................................................... پر پوءِ به مسٽر علي گوهر کهڙو مسلم ليگ جي جٿي سان گڏجي ان وقت جي حڪومت خلاف ڪم ڪندو رهيو.
8 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ جي قسمت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري، ملڪ جي سياسي حڪمت عملي مٿان فوجي حڪومت هڪ وڏو وار ڪيو، جنهن ۾ جنرل محمد ايوب مارشل لا لڳائي، پاڪستان جو آئين معطل ڪري ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو، جئين ته پاڪستان ٺهڻ سان ئي سنڌي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو برتاءُ ڪيو ويو، پر ون يونٽ سان ڄاڻي ٻجهي سنڌ مٿان ويل وهايا ويا، بئراج جون سرڪاري لکين ايڪڙ زمين ٻين صوبن واران غير سنڌين کي عطا ڪيون ويون، ون يونٽ ۾ مارشل لا حڪومت دوران مهاجر آبادگاري جو وزير جنرل اعظم...............؟ کي ڪيو ويو، مارشل لا دوران سنڌ ۾ قانون پاس ڪري هندن جي ڇڏيل زمين، جڳهه، دوڪان ڪوبه...............؟ سنڌي خريد ڪيو ويو ته نٿو سگهي، جنهن ۾ سنڌي مقامي مسلمان ماڻهن کي پنهنجي سنڌ جي حقن ماڻڻ کان پري ڪيو ويو.
1962ع ۾ صدر ايوب بي ڊي نظام رائج ڪيو، صوبائي اليڪشن ۾ بي ڊي ميمبر ووٽ ڏئي، اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيندا هئا، ان اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي ۽ قمبر تعلقن مان مسٽر علي گوهر ۽ مسٽر غلام علي عباسي فارم ڀريا، مقابلو ٿيو، جنهن ۾ مسٽر علي گوهر کهڙو 1962ع جي چونڊ ۾ سوڀارو ٿيو، 1965ع ۾ اليڪشن ٿي، جنهن ۾هن حصو ورتو، 1970ع ۾ به عام انتخابات ٿيا، پر مسٽر علي گوهر کهڙي پاڻ کي پاسيرو ڪري ڇڏيو.
لوڪل بورڊ ضلع لاڙڪاڻو: 1954ع کان 1958ع تائين هي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿي، ساڳي بيٺڪ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو، جنهن ۾ هن ڪافي سڌارا آندا، خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾ سٺو ڪم ڪيائين، اينگلو پرائمري ۽ سيڪنڊري سکيا کي زور وٺايائين، نصير آباد هاءِ اسڪول جي ڀرسان ڳاڙهي بازار هوندي هئي، جيڪا هن بنهه پٽائي ختم ڪرائي ڇڏي.
خانبهادر محمدايوب کهڙو هن جو وڏو ڀاءُ هو، جنهن جي باري ۾ هن چيو ته پاڪستان جو گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح صاحب ۽ وزير اعظم مسٽر لياقت علي خان هو، وزير اعظم هن کي ڪراچي سنڌ کان جدا ڪرڻ جو چيو، خانبهادر سنڌ جي وزير اعليٰ هجڻ جي حيثيت ۾ انڪار ڪري ڇڏيو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ اڪثريت سان بل پاس ڪرايائين ته ڪراچي سنڌ کان الڳ نه ڪئي وڃي، جنهن تي مسٽر لياقت علي خان هن جي وزارت اعليٰ معطل ڪري، سنڌ جو وزير اعليٰ پير الاهي بخش کي ڪيو، جنهن ڪراچي سنڌ کان ڇني، مرڪز کي ڏني، هن جي مٿان سنڌ اليڪشن ٽربيونل ۾ ڌانڌلي جوڪيس به هلندڙ هو، ته هن پنهنجي تڪ ۾ ٻه ڀيرا ووٽ ڏنو آهي، جلد ئي ٽربيونل هن جي خلاف فيصلو ڏئي کيس سياست کان ڪجهه وقت لاءِ نااهل قرار ڏنو، بدقسمتيءَ سان ائين کڻي چئجي ته هن جي وزارت اعليٰ ڄڻ ته ڪراچي سنڌ کان جدا ڪرائڻ لاءِ وجود ۾ آئي، جڏهن ڪراچي سنڌ کان الڳ ٿي تڏهن کان شهري ملڪيت، زمين، پلاٽ، وغيره مٿان ڌاڙا ۽ راتاها لڳي ويا.
زراعت سان ذوق: 1953ع ۾ سنڌ زميندار بئنڪ ۽ ٻين بينڪن مان قرض کڻي زمين خريد ڪيائين، قرض وياج سميت وقت سر ادا ڪندو رهندو هو، هن تعلقي ميرو خان ۾ 300 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، جيڪا قديم غير آباد، دڙن ۽ ڪلر جي شڪل ۾ هئي، جنهن کي هن هموار ڪري، ٺاهي تيار ڪيو، ان زمين کي بهترين شڪل ۾ آندو، وقت گذرڻ سان امن سلامتيءَ جو ڏيوالو نڪرندو رهيو، هن وقت شناس سموري زمين وڪرو ڪري ڇڏي، هن وڪالت ۽ سياست کي ڇڏي ڪري سڄو ڌيان زمين آبادگاري مٿان لائي ڇڏيو، صبح جو گهر کان نڪري ته شام جو اچي گهر وارن سان ميلاپ ڪري، اڳتي هلي هن ضلع خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجيءَ ۾ 300 ايڪڙ زمين جو سودو ڪيو، اها زمين 14 سال پاڻ وٽ رکيائين، سٺي پيداوار به وٺندو رهيو، حالتن جو جائزو وٺندو رهيو، جيئن ته هتي نهري پاڻي جي کوٽ ۾ واڌارو ٿيندو پئي ويو، ان ڪري ڀرپاسي ۾ زمين جي شائقين خريد ڪرڻ جي هن کي آڇ ڪئي، تيستائين زمين رکندو هليو، جيستائين هن کي من پسند اگهه مليو، ته اها زمين به نيڪال ڪرڻ ۾ دير نه ڪيائين، ان کان پوءِ گنبٽ تعلقي ۾ ديهه بهاري اندر 75 ايڪڙ زمين خريد ڪري، ٺاهي تيار ڪيائين، ان ۾ ڪيلا ۽ ڪمند ڪرائڻ شروع ڪري ڏنائين، هن کي وڏن جي ورثي مان 1500 ايڪڙ زمين حصي ۾ آئي، جيڪا عاقل ديهه ۽ تپي جي ڪچي ۽ پڪي سان آهي، اڳتي هلي، ان کي وڌائي 2000 ايڪڙن تي آڻي بيهاريو، عاقل شهر جي حدن ۾ 110 ايڪڙ زيتون جو باغ آهي، هي وڏو محنتي، هوشيار، زمين جو ماهر ۽ فصل جي پيداوار مان نه رڳو واقف پر ڪيش ڪمائڻ جو وڏو ڄاڻو رهيو.

ڏوڪري تعلقو

---

ڏوڪري شهر

سنڌو درياءَ جي کٻي ڪپ تي وسندڙ واهڻ هو، ڪنهن سمي هتي قحط ۽ ڏڪر پوڻ ڪري، هن وسنديءَ مٿان نالو ڏوڪري پئجي ويو، هن شهر جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي مشهور زرعي فارم آهي، جتي چانورن جي جنسن مٿان تحقيقاتي ڪم ٿيندو رهندو آهي، اوڀر ۾ جڳ مشهور موهن جو دڙو آهي، جتي ميوزم به آهي، هر سال هتي دنيا جا ماڻهو گهمڻ ايندا رهندا آهن، هي سنڌ جي پراڻي تهذيب جو شاندار نمونو آهي، شهر کان هڪ ميل اولهه طرف رائيس ڪئنال ۽ اوڀر ۾ دادو ڪئنال آهن، دادو ڪئنال ٻارهوئي وهندو رهندو آهي، هن جي جاءِ تي اڳ نارو وهندو هو، ان ڪري پراڻي دور ۾ ناري واهه سان ٻيڙين رستي سنڌو درياءَ سان واپار هلندو هو، ناري واهه تي ڏوڪري شهر چڱو خاصو پتڻ هئي، ڏوڪري جي زمين ٻن واهن جي لٽاسي پاڻيءَ جي ڪري، زرخيز ۽ ڀلوڙ ٿي چڪي آهي، نهري جهجهي پاڻي جي ڪري هي زمين سر سبز ۽ مالا مال رهي ٿي، هر قسم جون پوکون، فصل، واڙي وکري، ڀاڄيون، ۽ باغات اڻ کٽ آهن، ضلع لاڙڪاڻي ۾ سبزي، ڀاڄين ۽ ميون ۾ مشهور آهي.
ڏوڪري شهر تعلقي جو صدر مقام ڪافي وقت کان رهندو آيو آهي، 1934ع تائين هن کي لب درياءَ تعلقو چوندا ايندا هئا، ۽ روينيو رڪارڊ ۾ باقراڻي ڏوڪري تعلقو نالو ڌريو ويو ۽ روينيو رڪارڊ به ڏوڪري ۾ آندو ويو، هي شهر وڻراهه سان ڍڪيل رهي ٿو، شهر کان ٻٽن ڪلوميٽرن تي ريلوي اسٽيشن آهي، لاڙڪاڻي کان ڏوڪري، نصير آباد ۽ڪراچي تائين شاهي روڊ آهي.
ڏوڪريءَ جون مشهور شخصيات:
(1) مولوي فيض محمد قاسماڻي،
(2) زميندار فتح محمد خان جوڻيجو پراڻي دور ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو، هن ڏوڪري شهر ۾ جامع مسجد ٺهرائي، جيڪا اڄ به ڏسڻ وٽان آهي، ان کي 15 جريب وقف ڪري ڏنائين، ديني تعليم لاءِ ضلع دادو مان هاڪارو عالم دعوت ڏيئي مولانا فيض محمد قاسماڻي کي وٺي آيو، جنهن جو خرچ فتح محمد خان ادا ڪندو رهندو هو، پرائمري اسڪول ۽ سيڪنڊري هاءِ اسڪولن کي پلاٽ مفت ۾ بخشش ڪري ڏنائين.
(3) مولوي محمد بچل قريشيءَ جون نظم ۽ نثر تي ڪاوشون اڻ لکيل حالت ۾ سندن پوين وٽ محفوظ آهن.
(4) اڪبر ڪولاچي جو اڻ ڇپيل ادبي مواد سندس پوين وٽ سلامت رهي ٿو.
ڏوڪري شهر جون ذاتيون:

1 ابڙا
2 اوڏ
3 آريجا
4 بروهي
5 بليدي
6 ٻگهيه
7 ڀنڊ
8 ڀان
9 ٿهيم
10 تونيا
11 پٺاڻ
12 جيسر
13 جوڻيجا
14 جلباڻي
15 جتوئي
16 خاصخيلي
17 کوهارا
18 ڏيرا
19 سيد
20 سومرا
21 سولنگي
22 سوهو
23 سانگهرو
24 شيخ
25 گاڏهي
26 لوهر
27 ميراڻي
28 ميمڻ
29 مگسي
30 منگي
31 موريا
32 ميتلا
33 منڱڻهار
34 ڪنڀر
35 ڪاراڻي
36 ڪلهوڙا
37 ڪولاچي
38 ڪوري
39 قاضي
40 قريشي
41 هندو
42 هيسباڻي
گهڻائي واري ذات خاصخيلي آهي.

مولانا فيض محمد قاسمي:
صبح جو سمو، بسنت جي رت جي 3 مارچ 1978ع تي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي، ڏوڪري شهر جي ريٽائرڊ پٽيوالي محترم عبدالحليم قاسميءَ سان مسٽر محمد موسيٰ خان ٻگهيي زميندار گڏ واري جي بنگلي ڏوڪري شهر تي گڏجاڻي ٿي، ان دوران هو بنگلي تي چوڪيدار هو، سندس جنم ڏوڪري شهر ۾ 1908ع ڌاري ٿيو، ڏسڻ ۾ ته ڪراڙو ٿي لڳو، پر سچ پچ ته ذهين پوڙهو ۽ تيز حافظي وارو پريو مڙس ڀانئجي پيو، نيرن لاءِ ڏاڍيون منتون ڪيائين، پر ناشتو اتي ئي هڪ شاگرد قاضي رڪن الدين وٽ نصيب ٿيو، هن مهربان کان سندس والد جو احوال وٺڻو هو.
جنهن پنهنجي والد جي ڪٿا هيٺين ريت سلي:
1904ع ڌاري ڏوڪري شهر جو هاڪارو زميندار ۽ بامبي اسيمبليءَ جو ميمبر فتح محمد خان جوڻيجو هو، ساڳي سال مولانا فيض محمد ولد الهه ڏنو ولد محمد قاسم مير بحر ڳوٺ ويئجي، تعلقه ڪڪڙ ضلع دادو جو رهاڪو کي دعوت ڏئي ڏوڪري شهر ۾ آباد ڪيو، ته هو ڏوڪري شهر وارن کي ديني تعليم ڏيندو رهي، محمد قاسم مير بحرن جو چڱو مڙس رهيو، ان ڪري هن جي قبيلي وارن پنهنجي چڱي مڙس جي نالي تي پاڻ کي قاسماڻي ذات چوائڻ لڳا، مولوي فيض محمد عالم، شاعر،هوشيار، بهادر، ارادي جو پهاڙ ۽ ديندار شخص ٿي گذريو، خلافت ۽ هجرت تحريڪن جو نه ڊر ڪارندو هو، 1920ع ۾ پنهنجي ڪچڙي ڪٽنب جي 21 ڀاتين کي وٺي لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي پهتو، جتان هجرت جي قافلي سان ريل گاڏيءَ رستي سکر روهڙي سنڌ کان ٿيندا، پنجاب راولپنڊي رسيا، جتي ڊاٻو ڪري، جلسي کي خطاب ڪندي مولوي فيض محمد تقرير جي شروعات ۾ هيٺيان جملا چيا:
اس ظلم و ستم کے ہاتھوں
‘‘سلام لوھم مسافروں کا، کہ ہم تو کابل جا رہے ہیں
اس ظلم و ستم کے ہاتھوں، وطن کی الفت کو مٹا رہے ہیں۔’’
قافلو راولپنڊيءَ کان پشاور پهتو، جتان مهاجرن کي ڏاند گاڏيون ۽ قافلي جي سرواڻ کي هڪ گهوڙي گاڏي ملي، اهڙيءَ ريت قافلو ڪابل پهچي ويو، ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ مولوي فيض محمد 1922ع ۾ گذاري ويو، پوءِ سندس گهر ڀاتين جي درخواست تي هجرت جي منتظمين مولانا عبيدالله سنڌي، مولوي محمد علي ۽ ڊاڪٽر نور محمد سنڌي حيدر آبادي، ڪابل جي حڪومت کان منظوري وٺرائي، ڪابل حڪومت جي خرچ سان 21 ڀاتين کي ڏوڪري واپس ڪري ڇڏيو، ان وقت مسٽر عبدالحليم جي عمر 14 سال ٿي چڪي هئي، مولوي فيض محمد جو شاعريءَ تخلص فيض هو، سندس هڪ مناجات چيل هئي، جيڪا عبدالحليم هر رات جو ياد پڙهندو رهندو هو، هن جي والد سان ڏاڍي پياس ۽ محبت رهي، کيس مرشد ڪري ڄاڻندو هو.
مناجات:
فضل ڪر يارب محمد مصطفيٰ جي واسطي
سيد ڪونين شاهي انبياءِ جي واسطي
يا الله العالمين ڪر عرض منهنجو هي قبول
استعجب هٰذا دعائي مجتبيٰ جي واسطي
دور ڪر رنج والم سختي سڀيئي آسان ڪر
حضرت اڪبر صديق با صفا جي واسطي
فضل جي هٿ سان مون کي مقصود جو ميوو کاراءِ
حضرت فاروق عادل بي ريا جي واسطي
ٻن جهانن جي وسيلي حضرت عثمان غني
ڪين شرمندو ڪجانءِ صاحب حياءِ جي واسطي
بارگاهه عالي تنهنجي ۾ هي آهي منهنجي التجا
حل ٿئي مشڪل منهنجي مشڪل ڪشا جي واسطي
بلبل باغ مدينه قوت عينين رسول
يعني بي بي فاطمه خير النساءِ جي واسطي
هر طرف کان فوج غم جي آهي سيني تي چڙهي
ڏي پناهه يارب شهيد ڪربلا جي واسطي
ڪير توري ڏي خداداد هن دلگير جو
زور ته فرياد رس زين العابدين جي واسطي
سخت حيران آهيان ڪر رحم جي مون تي نظر
باقر وجعفر، علي موسيٰ رضا جي واسطي
موسيٰ ڪاظم ۽ تقي، هم نقي ۽ عسڪري
۽ امام مهدي صاحب سخا جي واسطي
يا الهٰي دور ڪر اندوه دل جا درد غم
غوث اعظم پير مرشد رهنما جي واسطي
آهيان عاصي، ٿو ڪنبي هن خوف ۾ سارو بدن
هٿ کڻڻ، آهي شرم، مون کي دعا جي واسطي
ڪر شفاعت، هاڻي مون تي، يا نبي بحر خدا
يا خدا ڏي فيض مون کي مصطفيٰ جي واسطي.
جائزو:
هندستان ۾ خلافت تحريڪ هلي، اڳتي هلي خلافت تان تُرڪي هٿ کنيو، ان ڪري هي تحريڪ ٿڌي ٿي وئي، ان دوران سنڌ ۾ وري هجرت تحريڪ کڙي ٿي، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن پنهنجا اجها ۽ ملڪيتون نيلام ڪري، هڪ جابلو، ويران ۽ غريب ملڪ افغانستان وڃي پهتا.
مقصد:
هندستان انگريز حڪومت مان هجرت (لڏي) اسلامي ملڪ افغانستان ۾ گڏ ٿي، انگريز ڪافر خلاف جهاد ڪجي، جيڪڏهن سنڌي ماڻهن کي جهاد ڪرڻو هو، ته حرن وانگر انگريزن سان سنڌ جي سرزمين تي ويڙهه ڪن ها، پر سنڌ مور نه ڇڏين ها.
نتيجو:
هجرت تحريڪ جي ڪري سنڌي مسلمانن پنهنجو مال مڏيون اڌ بها ۾ نيڪال ڪري پاڻ کي وڏا جوکا رسايا،، ان ڪري ورهين جا ورهيه پوئتي ڌڪجي ويا، اسلامي ملڪ افغانستان ۾ کين نه اجها، نه ڌنڌا، نه کاڌو، بک ۾ پاهه ٿي، ڪي اتي پورا ٿيا، ڪي ايندي ويندي ويا، ڪي جبل جهاڳي وري سنڌ جا سلامي ٿيا، هجرت جو مکيه ليڊر به ملڪ بدريءَ ۾ پرڏيهه دفن ٿيو، ان ٻن تحريڪن کان پوءِ 24 سالن ۾ سنڌين جي سورن مان سنڌي سنوان ئي نه ٿيا، ته ٽين تحريڪ 1947ع ۾ ملڪي ورهاڱي منهن ڪڍيو، ان ٽين بازيءَ ۾ به سنڌين وڏي هار کاڌي، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان هوندي سنڌ پاڻ کي پاڪستان ٺهرائي، ڀارت واسين کي سنڌ ۾ رهايو، ڪراچي ۽ ٻيا اثاثا به ڏئي ڇڏيا، اسلام ائين ته نه ٿو چوي، ته سنڌ ڄاوا ميربحر، ڪولهي ڀيل، اوڏ وغيره رولاڪ زندگي گهارين ۽ ڌارين کي سنڌ جون مڏيون مال حوالي ڪجن، هن وقت به پاڪستان جون سڀ قومون اول اسلام، پوءِ ملڪ آخر ۾ قومي مفاد جي ڳالهه ڪن ٿا.


ملا مڪتب ڀلي ڏنو ابڙو

هن مڪتب جو واسطو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪريءَ سان آهي، 1942ع ۾ هن مڪتب وجود ورتو، پاڪستان ٿيڻ کان اڳ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي 30 گهر هندن جا هئا، جيڪي پنهنجا ٻار ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ ۾ پڙهائڻ موڪليندا هئا، مذهب جي بنياد تي ڪن ڳالهين مٿان هندن ۽ مڪتب جي هيڊ معلم جي اڻبڻت ٿي پئي، ان ڪري هندن مڪتب حاجي لعل بخش شيخ مان ٻارن کي ڪڍي ڇڏيو، ان لاءِ هندن جدا مڪتب تعليم کاتي جي عملدارن کان گهريو، اهڙي گهر سندن وس وارن عملدارن منظور ڪري ورتي، ان بعد ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ملا مڪتب ڀليڏنو ابڙو قائم ڪيو ويو.
ڳوٺ بلهڙيجي ڏاڍو پراڻو آهي، هن وسندي مٿان هڪ ٻلهڙو ذات وارو ٻڪريون ڪاهي اچي رهيو، ان کان پوءِ چوڻ ۾ آيو، ٻلهڙيجي جي واڙ، ان بعد ٻيون ذاتيون جن ۾ ابڙا، مير بحر، ساريا، ماڇي، سيد ۽ ڪنڀر اچي رهيا، هاڻي نه رهيو ٻلهڙو ذات ۽ نه رهي، سندس واڙ باقي ”ٻلهڙيجي ڳوٺ“ هلندو اچي، ڳوٺ ۾ آدمشماري 1200 کن ٿيندي، (1998ع) لڳ موهن جو دڙو تعلقو ڏوڪري.
جڏهن 1942ع ۾ مڪتب ٻلهڙيجي وجود ورتو، ته مڪتب جو سرپرست ملا عبدالهادي ولد حاجي حسين ابڙو ٿيو، ان مڪتب جو نالو پنهنجي وڏي مشهور ڏاڏي پٺيان ”ڀلي ڏنو ابڙو“ رکيو، عبدالهادي ڪلام پاڪ ناظران ۽ پنج درجا سنڌي پڙهيل هو، 1942ع کان 1978ع تائين پاڻ مڪتب جو معلم ٿي رهيو، منڍ کان 1978ع تائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏي تعليم ڏيندو رهيو، پر پوءِ ڇوڪرين کي هن مڪتب ۾ پڙهائڻ کان بند ڪيو ويو، ڇوڪرن جي سراسري وڌي چڪي، ان ڪري هن کي پڙهائي جي مدد ۾ نائب ماستر مليو، جنهن کي گرانٽ جو چوٿون حصو ۽ کاڌي ڪپڙي جو به بندوبست ڪندو هو، هن مڪتب کي ڪا خاص مشهوري نه ملي ڇو ته هتان جا نڪتل شاگرد اڳتي وڌي نه سگهيا، اڳتي هلي هن مڪتب کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو، جنهن کان پوءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀلي ڏنو ابڙو جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.

باقراڻي

باقراڻي

باقر نالي هڪ ڪلهوڙي هن وستيءَ جو بنياد رکيو، لاڙڪاڻي موهن جي دڙي واري روڊ جي اوڀر پاسي تي کنيل آهي، باقراڻي اسٽيشن به آهي، جنهن کان شهر باقراڻي 6 ڪلوميٽر ڏور آهي، ناري واهه جي ڏکڻ ۾ سڏ پنڌ تي وسايل آهي، ناري واهه جي ڪري صدين کان ڀلوڙ ۽ زرخيز زمين آهي، ڀاڄيون، ڪمند، ڪڻڪ ۽ باغات کان ضلع ڀر ۾ پڌر پيل ڳوٺ رهيو آهي، انبن، زيتونن، ليمن ۽ ٻيرين جي باغن سان جهنجيل آهي، وڻراهه جي ڪري شهر ڍڪيل رهي ٿو، 2 ۽ 3 مارچ 1839ع تي سياح لطف الله سورتي هن وٿاڻ تي آيو، جيڪو هن وستي جي سبزي ۽ ساوڪ جي ساراهه ڪري ويو.
انگريز دور ۾ باقراڻي پوليس ٿاڻي جي جاءِ تي تعلقي مختيار ڪار جي آفيس هوندي هئي، تعلقي جو نالو درلب درياءِ هوندو هو، اڳتي هلي موئن جي دڙي جي ويجهڙائي واري شهرڏوڪري کي 1934ع ۾ تعلقي جو صدر مقام بنايو ويو ۽ تعلقو به ڪيو ويو.
پراڻي دور کان هر جمعي تي باقراڻين ۾ ملاکڙي جو ميلو مچايو ويندو هو، ۽ هر سال هڪ ڀيرو سنڌ جا ناميارا ملهه هتي اچي ملهه راند جو مظاهرو ڪندا هئا، هي شهر جهڙو آسودو خوشحال رهيو، اهڙو خوشين ۽ هيجن جو مهرو هوندو هو.
انگريز دور ۾ هنڌن جي هتي جهجهائي هئي، 1935ع ڌاري لالو ۽ منڱل ٻه هندو زوربار جي ڪري گهڻو هاڪارا هئا، پاڻ ۾ ڀائر هئا، لالو مل مٿي تي ٻه مڻ ڳوڻ ۽ ان مٿان هڪ ماڻهو ويهاري هڪ ميل تائين کڻي ويندو هو، هن وقت صدر مشرف جي دور حڪومت ۾ باقراڻي شهرکي تعلقو بنايو ويو آهي ۽ باقراڻي تعلقي جو صدر مقام آهي.
ذاتيون:
ڪلهوڙا، ڪنڀر،ميمڻ، موچي، مهاجر، سيد، سومرا، شيخ، حجم، دايا، تونيا، کيڙا، گهڻائي ۾ ڪلهوڙا، انڙ ۽ ابڙا ذات آهن.
باقراڻي شهر جي ڀرسان علي آباد ڳوٺ آهي، جتي غلام محمد انڙ جي زمينداري هئي، سندس پٽ الطاف حسين انڙ سابق ايم پي اي سنڌ رهيو آهي، باقراڻي شهر جي اهم شخصيت آهي.

پٺاڻ ڳوٺ

پٺاڻ ڳوٺ

احمد نور لوڌي پٺاڻ، هيءَ بستي تيار ڪئي، جنهن جي ذات پويان ”پٺاڻ ڳوٺ“ سڏيو ويو، هي ڳوٺ ديهه فوجو شيخ ۾ آهي، باقراڻي ۽ ڳيريلي روڊ رستي مليل آهي، وڻراهه سان جهنجهيل آهي، ناري واهه جي ڏکڻ ڀرتي کڙو ٿيل آهي، باقراڻي شهر کان ساڍا چار ڪلوميٽر پنڌ تي پوي ٿو، هن ڳوٺن جي قطار مان ڪڍي کيس شهر چئجي ته به صحيح لڳندو، زمين ڀلي، چيڪي، گهڻائي باغ، سبزيون ۽ پوکون پيون ٿين، هندو گهڻا هئا، سيٺ پريل داس جي جڳهه ڏاڍي مشهور ۽ ملهائتي هئي، هو هڪ وڏي سيٺ جو پٽ هو، جنهن حيدرآباد مان هڪ ناچ گاني واري مٿان موهت ٿي شادي ڪري آيو، ان ڪري هن جو خرچ حد کان نڪري ويو، ان ڪري هن جي ماتا زمين کي اسٽيٽ انڪم بورڊ ۾ ڏياري ڇڏي، جنهن کان پوءِ هن جو ڏيوالو اچي ويو، نيٺ ڪڪ ٿي پاڻ 1936ع ۾ بندوق هڻي پورو ڪري ڇڏيو، ملڪي ورهاڱي کان پوءِ پٺاڻ ڳوٺ واري مشهور جاءِ هڪ بي درد منظور آرائين کي ملي، جنهن جاءِ کي ڊاهي، ڍير ڪرائي، ان جو سامان لکن رپين ۾ نيلام ڪري، لاڙڪاڻي ۾ رهيو، مسٽر شهزادو شيخ هتي جو رهاڪو، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ جدا جدا کاتن مٿان سيڪريٽري ٿي رهيو.
ذاتيون:
پٺاڻ، بلوچ، نائچ، کوکر، چنا، سيد، سانگي، سومرا، سولنگي، سيال، ساريا، ڪنڀر، ڪوري، ڪلهوڙا، قريشي، ميتلا، ماڇي، منگي، شيخ، ڏهر، گهڻائي ۾ سيال ذات پوي ٿي.

ڳيريلو

ڳيريلو

ارٿر واهه جي اتر ۾ مٿاهين ميدان تي کڙو ٿيل چڱڙو شهر ٽائون ڪاميٽي جي حيثيت رکندڙ آهي، جنهن جي وچان دڪانن جي بازار، مرڪز ۾ ڪلهوڙا سمي واري جامع مسجد اٿس.
لاڙڪاڻي موهن جي دڙي روڊ مان ناري واهه جي اتران لنڪ روڊ رستي اوڀر کان اولهه طرف اٽڪل ڏهاڪو ڪلوميٽر ڳيريلي شهر ۾ رسي سگهجي ٿو.
تاريخي پس منظر:
ڪلهوڙا سمي، هن پرڳڻي تي دريا خان منگراڻي سپهه سالار ۽ گورنر ٿي آيو، هن جوءِ ۾ جهنگ ۽ ٻيلي جي هجڻ ڪري پکي ۽ جهنگلي جانور جام هوندا هئا، هڪ ڀيري هن پکين جو شڪار ڪيو، جنهن ۾ ڳيرو به مارجي ويو، ڳيري جي مادي، جاءِ واردات مٿان ڦيرا ڏيندي رهي، جتي پڻ ڪري ۽ مري وئي، مادي جي وفاداري ڏسي هن وسندي جو نالو ڳيري- لوءِ= ”ڳيريلو“ رکيو ويو، منگراڻي گورنر به هتي دائمي رهڻ کي پسند ڪيو، هڪ ٻه قبائين مسجد اڏايائين، جنهن جي ڀتين جي چوڙائي پنج فوٽ کن ٿيندي، اها اڄ به ڳيريلو جي جامع مسجد آهي، پنهنجي جيئري هڪ قبو ٺهرايائين، سندس وصيت پٽاندڙ مرڻ مهل کيس هن ۾ پوريو ويو، اڄ به زبون حالت ۾ بنا ڪتبي جي کڙو ٿيل آهي، هتي زمين ڏاڍي ڀلي قسم جي ۽ پاڻي مٺو آهي.
انگريزن جي راڄڌاني ۾ سکر بئراج کان پوءِ سنڌ اندر هندن زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون، ان کان سواءِ مسلمانن کان گروي نموني لکين ايڪڙ زمين هٿ ڪري چڪا، جيڪي ملڪي ورهاڱي بعد غير سنڌين مهاجرن کي مليون، اهڙي ريت ڳيريلي ۾ هنڌن جون عاليشان عمارتون، بنگلا، دڪان ۽ ڇڏيل ٽي هزار ايڪڙ آباد زمين مهاجرن کي مالڪي ۾ آئي، 1971ع ۾ آدمشماري 4000 هئي.
ذاتيون:
ڪماريا، ابڙا، ڪلهوڙا، ڪوري، ڪنڀر، سيد، سومرا، حاجاڻي ابڙا، ماڇي، مير بحر، ڌوڪي، کوکر، ککراڻي، راجپوت هيا.

پراڻو آباد

پراڻو آباد

ڏوڪري تعلقي جي آباد نالي ڳوٺ ۾ پراڻو آباد، جهوني سمي جو پهريون ڳوٺ چيو وڃي ٿو، هن ڳوٺ جي چوڌاري جهلي بند ۽ سنڌو درياءَ جي اولهه ڀر تي وسندڙ وستي آهي، هي ڳوٺ انڙ ذات جو ٻڌايل آهي، سنڌو درياءَ جي موج مستيءَ ۾ ٻوڏون اينديون رهيون آهن، ان ڪري هتي جي ڪن انڙن هتان لڏي اٽڪل ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي نئون آباد ڳوٺ ٻڌايو، نئون آباد باقراڻي شهر کان 6 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، جڏهن ته پراڻو آباد 8 ڪلوميٽر باقراڻي شهر کان پري پوي ٿو، جهلي بند جي اولهه اتر ۾ دادو ڪئنال جي ڪپ سان روڊ نڪري باقراڻي شهر يا لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ ۾ پوي ٿو، پراڻو آباد ٽڪنڊي نما، زمين زرخيز، وڻراهه، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ڪجهه ايراضي ڪچي ۾ پوي ٿي، پراڻي آباد جون ذاتيون ٿهيم، شيخ، دايا، مير بحر، مڱڻهار، انڙ آهن، انڙ گهڻائي ۾ آهن، نئين آباد جون ذاتيون: مير بحر، جتوئي، دايا، بروهي، تونيا، سيد، انڙ گهڻائي ۾ تونيا ذات آهي.

زميندار غلام عمر انڙ

زميندار غلام عمر انڙ

4 فيبروري 1978ع تي تعلقي باقراڻي جي هڪ ڳوٺ علي آباد ۾ زميندار سان گڏجاڻي ٿي، 100 ورهيه ٿي چڪو هو، پوءِ به سڌي ۽ کڻائي قد کي هلڻ گهمڻ ۾ وڪڙن ورن کان آجو رکندو هو، سنهي سرير سان سدائين اڀي ۽ سنئين ڪاٺي جيان ٽور ٽلندو هو، ڪپڙا اڇا، شلوار قميض ۽ اڇو پٽڪو طري سان، شهپر وڏيرا، ڏاڙهي اڌ انچ، وڏي ڄمار تائين وارن کي ڪارو رکي جوانن وانگر هلڻ جو ذوق رکندو هو، ڳالهائڻ ۽ ڪچهريءَ ۾ جوانن جيان ٿي لڳو، آئي وئي جي سٺي آجيان ڪندڙ، اٿي بيهي آڌر ڀاءُ ڪرڻ سندس اعليٰ اخلاق جي نشاني هئي، وڏي واکاڻ ته سندس ننگر خانو جاري رهندو هو، ڳالهائڻ کلڻ ۾ سخي، کارائڻ پيارڻ ۾ دريا دل انسان هو، پيشاني مٿان سدائين مرڪ جا آثار رهندا هئا، خوش روءِ، ملنسار، بهتر رويو، هن جون عام خوبيون هيون، ڪنهن به اڻ ڏٺل سان پهرين گڏجاڻي ۾ ملاقاتي کي ائين محسوس ڪرائيندو هو، ڄڻ ته هن جو سالن جو واقف آهي، مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ عبدالقادر کي ڏسندي، پنهنجي هڪ ماڻهو کي باقراڻي شهر ڏانهن سائيڪل تي بوتلن لاءِ روانو ڪيو، بوتلن پيارڻ کان سواءِ وڃڻ جي اجازت نه ڏنائين.
مٿين پارين ۽ اهڃاڻين موصوف زميندار غلام عمر انڙ ولد خانبهادر حاجي فقير محمد انڙ هو، ڏوڪري تعلقي جي زميندارن ۾ ته هاڪارو هو، پر ضلعي لاڙڪاڻي توڙي سنڌ تائين هن جي هاڪ ۽ ڌاڪ رهي، کيس چار ڀائر هئا، پاڻ سڀني کان ننڍو هو، زميندار فقير محمد ولد الهه بخش عرف احمد بخش انڙ هن جو ڀائيٽو هو، جيڪو لاڙڪاڻي ميونسپل جو ڪيترا سال پريزنڊنٽ ٿي رهيو، سنڌا سيمبلي جو ميمبر به رهندو هو.
ملاقات دوران ٻڌايل قصو هيٺ بيان ڪجي ٿو؛ ”برٽش دور حڪومت ۾ هڪ انگريز آفيسر اتر سنڌ جي زميندارن جو هڪ ميڙ ڪوٺايو، جنهن ۾ سنڌي زميندارن کي چيائين ته ڪتي جي ڀونڪ ڪري ڏيکاريو، منهنجي ڀاءُ زميندار الهه بخش خان هن کي چيو ته اول تون ڪتي جي ڀونڪ ڪري ٻڌاءِ، اسان ڀونڪ نه ڪنداسون.“
”قاضي فضل الله نوشهري فيروز کان لاڙڪاڻي شهر ۾ آيو، جيڪو سٺو وڪيل هو، منهنجي ماڻهن جا ڪيس کڻندو هو، منهنجن دوستن جا ڪيس مفت ۾ وڙهندو هيو، منهنجي مٿان دشمني سبب ڪي به ڪيس ٿيندا هئا ته اهي مقدما به مفت ۾ نباهيندو رهندو هو، انهن مهربانين جي ڪري هن سان منهنجا لاڳاپا وڌندا رهيا، مون کي سدائين چاچا ڪري سڏيندو رهندو هو، قاضي فضل الله ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙو سياسي ميدان ۾ هڪ ٿي، سر شاهنواز ڀٽي سان سياسي چوٽون کائيندار هندا هئا، پنهنجي سياسي هار کان پوءِ هو سياسي ميدان ڇڏي هندوستان هليو ويو، ان بعد قاضي ۽ کهڙو هڪٻئي کان الڳ ٿي سياست کيڏڻ لڳا، مون کي قاضي صاحب ڏاڍو پسند هوندو هو، کهڙي صاحب جي ڀيٽ ۾ قاضي صاحب جي گهڻو ويجهو اچي ويو.؟
انگريز دور حڪومت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري هو، ته اميدوار کي سندس تڪ ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ روينيو ريڪارڊ ۾ زمين کاتي تي چڙهيل هجي، ان لاءِ هن کي مان نئين آباد ڳوٺ ۾ هڪ جاءِ ڏني، ديهه باقراڻي، تپو آريجا ۾ مان 300 ايڪڙ سرڪاري زمين کڻت کنئي هئي، جنهن زمين مان اڌ زمين 150 ايڪڙ به هن کي وڪرو ڪري دستاويز لکي ڏنو، مان هڪ دوست جي حساب سان ميمبر بڻجڻ جون گهربل ضرورتون پوريون ڪري هن کي اسيمبلي ميمبر بنجڻ جي لائق ڪري ڇڏيو، ان کان پوءِ هو سنڌ اسيمبلي اليڪشن فارم ڀري مقابلا ڪندو رهيو، هر چونڊ ۾ هن جي هڪ ورڪر جي حيثيت سان مدد ڪندو رهندو هوس، هو گهڻو ڪري هر ڀيري ڪامياب ٿيندو رهيو.
جڏهن پيپلز پارٽي جڙي، ته عام ماڻهن جو لاڙو هن پارٽي ڏانهن وڌندو رهيو، مسلم ليگ ۾ ڀاڄوڙ پوندي رهي، ماڻهو مسلم ليگ مان ٽٽندا ۽ ڀڄندا پيپلز پارٽي ۾ ايندا ويا، هن پارٽي جي اٽي، لٽي ۽ اجهي واري اعلان جي ڪري پورو عوام هن ڌڙي ڏانهن پرٽجي پيو، 1970ع واري جنرل اليڪشن ۾ سنڌ اندر قاضي ۽ کهڙي صاحبان کي وڏي شڪست اچي وئي، سندن ورهين جي مڃيل اقتدار ۽ پارٽي تنظيم جي تڏا ويڙهه ٿي وئي، مسلم ليگ جيڪا پاڪستان ٿيڻ کان 23 سال لاڳيتا حڪومت ڪندي رهي، اها هميشه لاءِ ختم ٿي چڪي. سياسي مصلحت، عوامي پسنديده لاڙي جي ڪري، مان به پيپلز پارٽي کي اختيار ڪري ورتو، پوءِ به جيئن ته قاضي صاحب سان منهنجا گهڻا تڻا ڳانڍاپا هئا، انهن لاڳاپن کي قائم رکندو آيو آهيان، هي ناليوارو زميندار 1978ع ۾ ئي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.

گنجا ڳوٺ

گنجا ڳوٺ

صفر ۽ عرس تونيا ٻه ڀائر هئا، جن جي مٿي تي وار نه هوندا هئا، هن بستيءَ کي صفر تونيه جي نالي تي چوڻ لڳا، جڏهن ته هنن ڀائرن کان سواءِ ڪن ٻين تونين جي مٿي تي به وار نه هئا، ان لاءِ صفر گنجا تونيه چوڻ لڳا، پوءِ عام گنجا تونيه جي نالي سان هي ڳوٺ هاڪارو ٿي ويو، ناري واهه جي اتر ڪپ تي لاڙڪاڻو موئن جو دڙو روڊ جي اوڀارين وٽ ۾ آهي، ڏوڪري شهر کان 14 ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻي کان 11 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، وڻراهه، سرسبز، باغات، واڙي وکري جام آهي.

ذاتيون:
تونيه، پنهور، حجم، مڱريا، وغيره گهڻائي ۾ تونيه آهن.

هٽڙي ڳوٺ

هٽڙي ڳوٺ

هن مشهور تاريخي ماڳ، جنهن جي سڀيتا جي سکيا ڪلهوڙا گهراڻي جي سياسي، سماجي ڌاڪي ۽ مالي اپڙاسي کي اوسر ڏني، اهو هٽڙي جو ڳوٺ هو، جنهن جي آڌار تي ڪلهوڙا ڪيڙجي ۽ ڍالجي سڄي سنڌ جي مٿاهين مرتبي تي ڇانئنجي ويا، ساڳئي وقت سنڌ جي نڪتل سنڌن ۽ اکليل عضون کي ڄڻ مهماءِ ملي، سنڌ جي وکريل ڀاڱن ۽ ڇڳل ٽڪرن کي هڪ هنڌ سهيڙڻ ۽ سموهڻ ۾ هن وستيءَ جي سکيا جو وڏو ڪارنامو هو، ان ڪري ڪلهوڙا گهراڻو ۽ نئين سنڌ جي بيهڪ هن ننڍڙي وسنديءَ جا ٿورائتا آهن.
ڏوڪري تعلقي ۾ ديهه ڪوٽ چانڊيو، اندر هي آبادي درياءَ جي ڪڇ سان ڪچي جي سوني ۽ زرخيز ڌرتيءَ مٿان کنيل آهي، جيڪا باقراڻي شهر کان روڊ رستي 8 ميل ڏور آهي، 1925ع ۾ هن ٿاڪ مٿان 325 گهر وسندڙ هئا، جن ۾ هڪ سؤ گهر هندو سونارن جا ڳڻيا ٿي، پاڇي ۾ مسلمان هاري ڌڙو رهندو هو.
ترخان راڄڌاني دوران سنڌ مٿان هندستان جو اڪبر بادشاهه ڪڙڪيو، هن کي پنهنجي جنم ڀومي ياد اچيو وئي، ان ڪري پنهنجي سالار کي لشڪر ڏيئي روانو ڪيائين، جيڪو هن ڳوٺ کان ٿيندو ويو، جتي ڪلهوڙن جو وڏو آدم شاهه رهندو هو، سندس مريدن ۾ چانڊيا ۽ ابڙا هئا، لڙائي ۾ مغلن کي سوڀ نصيب ٿي، چون ٿا ته چانڊين ۽ ابڙن مغلن جي پٺڀرائي ڪئي، سوڀ جي حالت ۾ سندن مرشد کي ديهه ڪوٽ چانڊڪي جي زمين جاگير ملي، پر هن سمي ساڳي ديهه ۾ هڪ چانڊيو نالي ماتر به نه آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ڪلهوڙا ڪڙم جهجهو جام آهي.
هي ڪچي جي بستي ٻيلي ۾ ڍڪيل آهي، منجهس ڪيترائي ننڍا دڙا آهن، جن ۾ ٻه وڏا ناليرا دڙا آهن، جن ۾ هر هڪ ڪوٽ دائود (آدم شاهه جي پٽ جي نالي) ۽ ٻيو ڪوٽ چانڊڪو، جيڪي هٽڙي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ آهن، هتي ست قبا، هڪ مسجد، کوهه ڪلهوڙن جا اهڃاڻ سڏجن ٿا، جن ۾ ميان الياس ولد ميان آدم شاهه جو قبو اڃا ڏسڻ جهڙو آهي، مسجد جون ڀتيون اڏيل ۽ کوهه سنڀيل آهن، جيڪي ڳوٺ جي اولهه طرف ۾ آهن.
هن مهل 1988ع ۾ ڳوٺ جا ڪچا ۽ پڪا 325 گهر ٿيندا، جن ۾ اٽڪل 2000 ماڻهو رهن ٿا، هتي جو پهلوان ڳهڻو پٽ گاهي ڪلهوڙو ڏاڍو سگهارو ٿي گذريو آهي، جيڪو هڪ سوتي ٿلهي لوهي سيخ هٿن سان موڙي ويندو هو.
هن ڳوٺ ۾ هڪ پهاڪو ننڍي توڙي وڏي جي زبان تي هو:
علي شاهه جي دوا کان بيمار مئو ڀلو،
انڙ جي فيصلي کان ڍور ويو ڀلو،
جتوئن جي نيرن کان ماڻهو بکيو ڀلو،
ٻگهين جي مٽي کان وياءُ ويٺو ڀلو.
1. جيئن ته علي شاهه وڏو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو آهي، جنهن جي حڪمت ضلع لاڙڪاڻي ۾ هاڪاري رهي، مرض جي تشخيص ۽ دوا وڏي واکاڻ جوڳيون حقيقتون هيون، جڏهن ته ڪنهن به هڪ هنڌ هن جو ٽڪاڻو نه هو، سير سفر هن جي سرشت ۾ سمايل هو، ڪڏهن ڪٿي، ته ڪڏهن ڪنهن ماڳ تي، جڏهن ته مريض بيماري جي شدت ۾ حڪيم کي ڳولهي نه سگهي، ته اهڙو حڪيم ڪهڙي ڪم جو، پر جيڪڏهن اوچتو ملي وڃي ته بيمار کان ڳاٽي ڀڳو ملهه وٺندو، جيڪو بيمار ادا نه ڪري سگهي، ان لاءِ چيو ويو ته هن جي حڪمت کان بيمار مئو ڀلو!
2. ڏوڪري تعلقي جا انڙ وڏا ۽ سرڪش زميندار رهيا آهن، کين اڻ ڳڻيا ڪم، سدائين مصروف، جڏهن به سندن راڄ جا ماڻهو وٽن اچن، ته فيصلن جي نبيري نڇيڙي کي مهينا نه پر سال لڳي وڃن، ان ڪري نبيرو ڪرائيندڙ فيصلن تان هٿ کنيو وڃن، ڇو ته پيٽ گذاري جي ڪن، يا فيصلن جون حاضريون کائيندا رهن، ان لاءِ چوڻ ۾ آيو، ته انڙن جي نياءَ کان ڍور ويو ڀلو!
3. جتوئي ڪچي جا رهاڪو، مالوند مارو ماڻهو، خود ئي نيرن نه ڪن، ته ٻين کي ڪهڙي نيرن ڪرائين، جنهن ڪري ڪهاوت ٺهي، ته جتوئين جي نيرن جو انتظار ڪرڻ کان ماڻهو بکيو ڀلو!
4. ٻگهيا عورتن کي بنهه نه ڪڍن، شادي ڪري وڃي ڪوٽن ۾ هڻن، سندن مائٽن کي به منهن نه ڏيکارن، نه گڏجاڻيون ڪن، ان ڪري ماڻهو ڏوڪري تعلقي جي ٻگهين جي مائٽي کان وئون ۽ وهلور ويندا آهن، ان لاءِ مثال جڙيو، ته ٻگهين جي مِٽي کان وياءَ ويٺو ڀلو!
سيد علي شاهه حڪيم:
سندس وڏا هنڱورجا ڳوٺ، تعلقو گنمبٽ جا رهاڪو هئا، جتان ماڳ مٽائي، هٽڙي ڳوٺ ۾ هلي آيا، سيد علي شاهه ولد سيد اشرف شاهه هٽڙي ۾ 1913ع ۾ پيداٿيو، هن سان منهنجي ملاقات لاڙڪاڻي شهر ۾ 8 نومبر 1978ع تي ٿي چڪي، هو ڳوٺ ۾ پارسي بهار دانش کان سڪندر تائين ڳوٺ ۾ پڙهيو، حڪمت ۾ هو پنهنجي والد جو شاگرد هو، ضلع لاڙڪاڻي جو وڏو حڪيم ٿي رهيو، ڪڏهن به هنڌ ۽ جاءِ هن جي حڪمت جي لاءِ مقرر نه هئي، ان ڪري سيلاني طبيب هو، مرض جي سڃاڻپ ۽ صحيح دوا ۾ هن جو ڪمال هوندو هو، ساڳي وقت بيماري جي مهل مريض هن کي ڳولهي ئي نه سگهندا هئا، ان لاءِ هن جي هاڪاري حڪمت مريضن کي ڪم نه ايندي هئي، پر جيڪڏهن بيمار کي ملي به وڃي، ته في ڏاڍي وٺندو هو، جهڙي تهڙي بيمار جي وس کان في ڀرڻ ڏاڍي وڏي هوندي هئي، ان ڪري چيو ويو ته ”هن جي دوا کان بيمار مئو ڀلو“ هي لاثاني حڪيم 18 آگسٽ 1989ع تي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو.
سيد اشرف ولد سيد حاجي سچل شاهه هٽڙي ۾ 1870ع ۾ ڄائو ۽ وفات 1931ع ۾ وفات ڪري ويو، سيد حاجي سچل شاهه ولد سيد حيات شاهه جنم 1816ع ۽ وفات 1981ع ۾ ڪري چڪو. ()
ميان محمد عارف ڪلهوڙو:
هٽڙي جو رهاڪو، تعليم فقط سنڌي ٻاراڻو درجو، ڌنڌو زمينداري، نظم نويس، ڪهاڻيڪار، جيئن ته عمر مارئي داستان مٿان سنڌ جي ننڍي وڏي شاعر طبع آزمائي ڪئي آهي، قصي جو مختصر خاڪو آهي، سنڌي لاڙ ۾ عمر ڪوٽ جو حاڪم عمر سومرو ٿر جي مارن جي هڪ ڇوڪري مارئيءَ کي زوري کڻي پنهنجي ڪوٽ ۾ بند رکيو، جتي هن شادي ڪرڻ لاءِ هن کي طرح طرح جو آڇون آڇيون، پر مارئيءَ هن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ نه ڏٺي، شاعر مارئيءَ جي بند ي خاني جون ٽيهه راتيون نظم ۾ بيان ڪرڻ ٿي چاهيون، مگر هن کي حياتيءَ ساٿ نه ڏنو، ويهه راتيون پوريون ڪري 65 ورهين ۾ ڌڻيءَ در پهتو، بيت بازيءَ ۾ شاعرانه روايتي ڍنگ اختيار ڪندي تمهيد ۾ حمد ۽ ثنا چوندي بيت و ستار ۾ چوي ٿو: ()
”پهرين رات پنهوار وٽ آيو عمر ڄام
محلين ماندي مارئي جنهن کي ناهه اندر آرام
عمر چيو مارئي اچي ڪامل اهو ڪلام
ته جهڄ نه جهانگيڙن لي نه ٿي نار تمام
پٽ پهر پوشاڪون ٻيو کاءُ طرحين طرحين طعام
تون سائڻ ٻيون ٻانهيون تو ساڻ اصل جو انجام
ويڙهه نه واڳون وطن تي لڪي لاڙ لغام
اهو خيال ڦٽو ڪر خام اچي ويهه، کلي چڙهه کٽ تي.“
ميان غلام محمد ڪلهوڙو:
ميان غلام محمد ولد ميان محمد عارف ڪلهوڙو پنهنجي والد جيان تعليم ۾ فقط ٻاراڻو درجو پڙهيو، ورثي ۾ زميندار ٿي رهيو، ٻئي پيءُ پٽ نظم نويس هئا، عمر مارئيءَ جو داستان هنن ٻنهين شاعرن ٽيهن راتين ۾ بند ڪيو آهي، ويهه راتيون ميان محمد عارف چئي پوريون ڪري وفات ڪري ويو، باقي ڏهه راتيون سندس پٽ چيون، ڄڻ ته بيت بازيءَ ۾ پنهنجي والد جي نظم رٿا بندي جي کوٽ جو پورائو ڪري ڇڏيو، آخري ڏهه رهيل راتين جو پورائو ڪندي، ميان غلام محمد جي بيت بازيءَ جو اختيار ڪيل ڍنگ هيٺين ريت پيش ڪجي ٿو: ()
والد ايڪوهين رات جو ڪيڙو شاعر شمارو
چيائين پٽ پنهنجي کي، هي ڪج قصو سارو
پوءِ دنيا مان درٻار ڏي تنهن ڪيو ترت تيارو
تنهن کي ڏنو ڏهن راتين جو اتي پڻس اشارو
پوءِ غلام محمد اڌرات کي عمر نرڪيو نغارو
تنهن لشڪر ميڙيا لاغرض ٿيو چڙهه چڙهه چوڌارو
ته ڦري وٺو مارن جووڃي ملڪ سڀ سارو
پوءِ هلي آيو وٽ مارئي عمر سوڀارو
ته ڙي چاڙهيا مان لشڪر پيڪن پار ڏي وڃي ڪندا مان ۾ مارو
تنهنجي تڏ مقابل تن تي مان بي ڪيو اڄ اشارو
ڪو نه هلندو پيچرو ۽ چلڻ جو چارو
جي ٿي لوءِ سندو لاڙو اچي ويهه کلي چڙهه کٽ تي.
الهه آندو ڪلهوڙو:
الهه آندو ولد ميهر ڪلهوڙو 1910ع ۾ هٽڙي ۾ پيدا ٿيو، سنڌي چار درجا هٽڙي پرائمري اسڪول ۾ پڙهي راس ٿيو، وڌيڪ تعليم نه پرائڻ ڪري، خانداني ڪرت پوکي راهي ۾ جنبي ويو، ترس وارو، ڪچهري جو مور،ڳالهين جو ڳهير، مجازي چڻگ جي ڪري شاعريءَ ۾ ڪاهي پيو، تخلص آندل هو مون سان ڪچهري هٽڙي ۾ 4 سيپٽمبر 1987ع تي ڪيائين جڏهن ته 16 سيپٽمبر 1989ع تي فاني دنيا ڇڏي جاوداني جهان ڏانهن راهي ٿي چڪو، پيٽ پالنا دوڪانداري ۽ درزڪي ڪرت ڪندو هو.

هنڱو رجا ڳوٺ

هنڱو رجا ڳوٺ

هيءَ وسندي هن سمي ڳوٺ ٽپيل آهي، جنهن جي ماڻهو شماري 15000 آهي ، هي شهر تعلقي سوڀي ديري ضلع خير پور جي حدن ۾ وسندڙ آهي، هي شهر ٽڪنڊي شڪل تي آهي، راڻي پور شهر کان هنڱور جا 15 ڪلو ميٽر پري آهي، ۽ مين روڊکان اڌ ڪلو ميٽر ڏور آهي، خير پور شهر کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر ڏکڻ تي آهي، نيشنل هاءِ وي جي اولهه طرف آهي.
”هن ڳوٺ ۾ دار العلوم محمديه“ هڪ عربي وڏو مدرسو آهي، جتان سنڌ، بلوچستان، افغانستان، سرحد، پنجاب، بنگلاديش ۽ ايران جا شاگرد فيض وٺندا رهن ٿا، مدرسي جو باني هاڻي مولانا در محمد ميمڻ آهي.
ساڳئي وقت هاءِ اسڪول جي شاندار ۽ وسيع ايراضيءَ مٿان عمارت کڙي ٿيل آهي، اها زمين ڄام يحيٰ جي اولاد جي هاءِ اسڪول کي بخشش ۾ ڏنل آهي، هي شهر ڪلهوڙا دور ۾ ڄام يحيٰ جو آباد ڪيل چيو وڃي ٿو، هن شهر ۾ هنڱورو ذات جو هڪ گهر به نه آهي، نه وري هنڱورا ذات جا ڪي نشان ۽ يادگار ئي آهن، ان ڪري هنڱورن بدران ڄامن جو شهر چوڻ ۾ اچي ها ته بهتر ٿي پوي ها.
ڳوٺ هنڱورا جون ذاتيون:
بخاري، لڪياري، شيخ، ميمڻ، دايا، ملاح، مهاجر، ميتلا، سولنگي، سهتا، لاڙڪ، پنجابي، ڀٽا، سومرا، ڪنڀر، وساڻ، پليجا، عيسائي وغيره،
ڊاڪٽر الاهي بخش سومرو سابق پرنسپال ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي.
عبدالمالڪ سومرو جيئي سنڌ جو ليڊر شهيد ٿيل، هنڱورا جا رهواسي هئا.
جامع مسجد ڄام يحيٰ جي هن شهر ۾ هڪ وڏو يادگار آهي.
هنڱورا آبادي کي قلم جي ميدان ۾ آڻڻ جو خاص سبب سيد غلام شاهه آهي، سندس والد چڱل شاهه هو، هن جا اصل وڏا هنڱورا وسندي جا هئا، جتان لڏي هٽڙي غلام شاهه تعلقي ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻي ۾ ويٺا، هي وڏو شاعر ۽ گويو ٿي گذريو، هن کي ٽي پٽ ٿيا، 1 هادي بخش شاهه 2 مهدي شاهه، 3 علي گل شاهه، جيڪي پڻ وڏا ڳائڻا ٿي گذريا، سيد نظر شاهه ولد هادي بخش شاهه جيڪو غلام شاهه جو پوٽو ٿيندو هو، سو شاعر ۽ فنڪار ٿي گذريو، ريڊيو خيرپور ۾ هن جو آواز سڀ جي پسند ۽ جادو جهڙو هو، هي سريلو گائڪ 2005ع ۾ وفات ڪري ويو، هن وقت نظر شاهه جو پٽ فياض شاهه به چڱو راڳي آهي.
سيد غلام شاهه بخاري:
سندس والد جو نالو چڱل شاهه هو. هن سيد خاندان جا وڏا اصل هنڱورجا ڳوٺ تعلقو گنبٽ ضلع خير پور ميرس جا هئا، جتان هن جا وڏا لڏي هٽڙي ڪچو تعلقو ڏوڪري ۾ اچي آباد ٿيا، هٽڙي ۾ سيد غلام شاهه ٽالپر دور ۾ 1837ع ڌاري پيدا ٿيو، هو اڳتي هلي وڏو ٿي هڪ مشهور شخصيت جو مالڪ ٿي اڀريو، شاعري ۽ موسيقي کيتر ۾ سنڌ اندر پنهنجو نالو ڄمايو، شاعرانه ۽ فنڪارانه رنگ جي ڪري، اتر سنڌ ۾ هاڪارو رهيو، هن جي اهڙي نشانبر شناخت جي ڪري اهو ڳوٺ جيڪو اڳ فقط هٽڙي سڏبو هو، هاڻي هٽڙي غلام شاهه چوڻ ۾ اچي ٿو، اهڙي قسم جي جو هٽڙي ڳوٺ سڃاڻپ جي ڀائيواري هن جي ذهانت ۽ تشخص جو زندهه ڪمال رهيو آهي، شاهه صاحب جهڙو وڏو شاعر، تهڙو پختو گويو ٿي گذريو، هن جي آواز ڪلام جا سنڌ اندر ريڪارڊ شاهد آهن.
جڏهن ته هنڱورجا وسندي سان سيد غلام شاهه جي وڏن جو لاڳاپو ۽ ڳانڍاپو رهيو هو، ان ڪري هن ماڳ مٿان شاهه صاحب جا ڦيرا گهمرا رهندا هئا، ساڳي وقت هي آبادي خير پور ميرس جو هڪ ڳوٺ هئي، رياست جو والي مير علي مراد ٽالپر شعر و شاعري جو ڏاڍو شوقين رهندو هو، تنهن لاءِ جڏهن به سيد غلام شاهه هنڱورجا ڳوٺ ۾ وارد ٿيندو رهندو هو، ته مير صاحب جي دربار ڪوٽ ڏيجي ڏانهن حاضريون ڀريندو هو، مير صاحب کي سيد غلام شاهه جي فن ۽ صحبت سان ڏاڍي محبت لڳي وئي، هن کي مير صاحب جاگير عطا ڪري، هنڱورجا ڳوٺ ۾ رهڻ جو تاڪيد ڪيو، جيڪو هن منظور ڪيو، پاڻ هٽڙي کان ٽپڙ پٽي هميشه هنڱورجا ڳوٺ جو ٿي ويو، ان کان پوءِ هو مير صاحب سان دربار يا شوق شڪار جي عام ڪچهرين ۾ ڪٺو رهندوهو، هن کي ديهه هنڱورجا ۾ جيڪا جاگير ملي، سا ڪافي ڪجهه پوين نيڪال ڪري ڇڏي، باقي سروي نمبر 350، 359، 360، جملي 19_5 ايڪڙ ايراضي اڃا سندس وارثن ۾ رهندي اچي ٿي، پاڻ 1917ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه هنڱورجا ۾ آهي.
ڊاڪٽر عطا محمد حامي مرحوم جن پنهنجي ٿيسز ۾ سيد غلام شاهه جي باري ۾ تاثرات قلم بند ڪيا آهن:
سيد غلام شاهه اصل ضلع لاڙڪاڻي جي هٽڙي ڳوٺ جو ويٺل، وقت جو وڏو ڳائڻو ٿي گذريو آهي، مير علي مراد خان کيس هنڱورجن جي ڀرسان ڪجهه زمين ڏئي رهائي ڇڏيو، جتي اڄ ڪلهه سندس اولاد رهي ٿو، هو بيت ۽ ڪافيءَ جو سٺو شاعر هوندو هو، سندس ڪلام سوز ۽ گداز سان ڀريل آهي.()
سندس هڪ دهرو مسٽر آندي ڪلهوڙي ٻڌايو. ()
”عمر ماروئڙن جو اٿم قوت پلي، پيرون چونڊن پاند ۾ ٻرن ڪانه پلي
هي جا پنهوارين پلي، سانه گڏبي غلام شاهه چوي“
سيد غلام شاهه جي پوٽي فياض شاهه هنڱورجا ڳوٺ ۾ پنهنجي ڏاڏي جو ڪلام ٻڌايو.()
ٿلهه:
تنهنجي سانگ سڄڻ لک سانگ ڪيم
محبت من ۾ مٺي محبتي وانگ ڪيم
وضو پاڪ ڪري دل پاڪ ڪيم، تنهنجي قلبي روحي مون اوطاق ڪيم
سوا طلب تنهنجي ٻي سڀ ساک کنيم
چڙهي محب منبر تي برهين بانگ چيم
سندو نيهن نماز احرام ڪيم آوڏو عشق الاهي امام ڪيم
اهو پورو الستي انجام ڪيم لاسجود تکيرڙي تانگهه ڪيم
ٻڌي هٿ ادب جا اولا ڪيم منجهه رمز رڪوع سڀ انگڙا نيم،
ربي العظيم منجهان چاهه چيم منجهه وحدت وک ورانگهه کنيم
غلام شاهه آ غلام تنهنجو ساهه ڪيو آ سلام تنهنجو
دل کي پيو آ دام تنهنجو فذڪروني ڪامل ڪانگ ڪيم.

سيهڙ ڳوٺ

سيهڙ ڳوٺ

هن ڳوٺ جو پايو علي مراد سيهڙ وڌو، روڊ جي اولهه ۾ ڏيڍ ڪلوميٽر ڏوڪري شهر کان 25 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، لاڙڪاڻي شهر کان 52 ڪلوميٽر دور آهي، شهر جي اولهه ۾ ريلوي اسٽيشن سيهڙ آهي، ڳوٺ مستطيل، پاڻي مٺو، زمين ڀلي.

ذاتيون:
ڪانڌڙا، ڪهيري، سومرا، سيهڙ، کوکر، خاصخيلي، مير بحر، ماڇي، انڙ، جوڻيجا، دايا، حجم، لاشاري، ڪانڌڙا ذات جهجهي انداز ۾ آهي.

ٺلاهه ڳوٺ

ٺلاهه ڳوٺ

باقراڻي روڊ جي اوڀر پاسي ۽ شهر باقراڻي کان 6 ڪلوميٽر ۽ باقراڻي ريلوي اسٽيشن کان هڪ ڪلوميٽر پري آهي، هتي جا ٻه ڀائر علي اڪبر ۽ علي انور تونيا زميندا هئا، علي اڪبر ايم اي انگلش بامبي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. پبلڪ اسڪول حيدر آباد جو پرنسپال ٿي گذريو، ڀاڻس علي انور ڳوٺ سنڀالڻ شروع ڪيو، هن کي محمد نواز تونيه، احمد بخش ڪلهوڙي شهيد ڪيو، هن ڪيس سان گڏ ٻين ڪيسن ۾ محمد بخش ڪلهوڙي کي ڦاهي جي سزا مقرر ٿي، ۽ هو ڦاهي تي چڙهي ويو، هن جبل ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پڪڙجي پيو، هن جي پوين مال ڍڳو کپائي هن جي چوڻ تي ڏوڪڙ ولي محمد جتوئي کي ڏنا، جنهن ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان سواءِ ڏوڪڙ کائي ويو.
ذاتيون:
ڪلهوڙا، ڪوري، ڪاسائي، ماڇي، ميراڻي، منگي، لاکير، کوکر، جکر، پيرزادا، تونيا، گهڻائي ۾ تونيا آهن.

دولت کوکر ڳوٺ

دولت کوکر ڳوٺ

سنڌو درياءَ جي ڏائي ڀر تي دولت خان کوکر ذات واري هن وسنديءَ کي وسايو، اوڀر اولهه ڪنڊ تي مستطيل جيان پٿريل، چئن پاسن کان ٻيلو، اولهه اتر ڪنڊ تي جهلي بند، ڏکڻ ۾ روڊ، باقراڻين کان ڏکڻ اوڀر پاسي 5 ڪلوميٽر روڊ وڃي ٿو، ڳوٺ جي ڀرپاسي ٻيريون، کجيون، ڄمون، ۽ زيتون آهن، زمين سٺي، پاڻي مٺو.
ذاتيون:
اعواڻ،ڀٽي، سيد، سيال، جهنجهڻ، ڏوگر، ڏهر، گبول، کوکر، ڪنڀر ۽ جهنهڻ، گهڻائي ۾ جهنجهڻ آهن.

بگي ڳوٺ

بگي ڳوٺ

موهن جي دڙي جي ڀرپاسي ۾ وسندڙ ڳوٺ آهي، باڊهه ۽ موهن جي دڙي روڊ جي اترين ڀر ۽ دادو ڪئنال جي اولهائين پاسي تي کنيل آبادي آهي، ڪچي جي آبادين ۾ مال گور چرندو رهندو آهي، ڏينهن جو چري چري، رات جو مال پنهنجن پنهجن وٿاڻن تي ورندو آهي، هن ڳوٺ جي بگي رنگ جي ڳئون عام مال جي ابتڙ رات جو گهر وٿاڻ بدران هڪ دڙي مٿان آجهاپ ڪندي هئي، جڏهن ان دڙي مٿان وسندي کڙي ٿي وئي، تڏهن ان بگي ڳئون واري دڙي کي ”بگي ڳوٺ“ سڏيو ويو، بگي ديهه ۽ بگي تپو آهي، زمين ڀلي، پوکون، سبزيون ۽ باغات جهجهي آهي، 1937ع ۾ هتي جو غلام محمد موچي وڏي ناليوارو ملهه ٿي گذريو آهي.
ذاتيون:
ابڙا، بروهي، ٿهيم، سيد، سومرا، ساريا، ڪوري، قريشي، قاضي، ڀٽا، مڱريا، مڱڻهار، موچي، منگي، گهڻائي ۾ ابڙا آهن.
هتي جو هدايت ولد غلام رسول منگي 18 آڪٽوبر 1946ع تي پيدا ٿيل، تعليم بي اي، صحافي، هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر ٿي رهيو، شاعر اديب هو.

ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ

ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ

ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ آهي، ڳوٺ جو بنياد وجهندڙ جو خاندان محمد بن قاسم سان عرب مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، هن ڪٽنب جي عالمن جو واسطو تعليم پڙهائڻ سان رهيو، ان ڪري کين ”شيخ“ جو لقب ڏنو ويو، عرب دور حڪومت ۾ هن خاندان جي هڪ وڏي علامه شيخ حميد الدين کي مڪران جو گورنر ٿاڦيو ويو، اڳتي هلي هن رضاڪارانه شاهي نوابي ڇڏي، راهه خدا اختيار ڪيو، هن وقت هو ملتان ۾ دفن ٿيل آهي، ساڳي ڪڙم جي ٻئي علامه شيخ ڪاظم جو مقبرو لاهور شهر جي ڪاظم روڊ لاهور سان آهي ۽ انهيءَ گهراڻي جي ٽئين علامه مخدوم سخي شاهه جمال ديهه ٻيلي گاجي، تعلقي ڏوڪري ۾ سنڌو درياءَ جي ڀرسان اچي آباد ٿيو، جنهن جي قبيلي جا ماڻهو اڃا سوڌي اتي دائم آهن، سندس درگاهه آهي، ان نسبت سان سيلرا، اگهم، ساريا، آريجا، ڪلهوڙا، پريا، ڀٽا، ممڻاڻي، پيدار، ڪانڌڙا، ذاتيون مريد آهن، شاهه جمال جي خاندان کي شيخ مان هاڻي پيرزادا چون ٿا.
ملا مڪتب حاجي لعل بخش شيخ 1919ع برپا ٿيو، جنهن جو پهريون هيڊ معلم حڪيم خليفو ميان محمود ولد ميان عبدالرحمان شيخ ناليوارو حڪيم هو، ميان محمود کي پٽاڻو اولاد نه هو، هن حڪمت مان جيڪو ڏوڪڙ پئسو ڪمايو، تنهن مان مڪتب، مسجد ۽ حجرو اڏايو ۽ ٻاهرين شاگردن جي رهائش ۽ کاڌي تي خرچ ڪندو هو، طالبن جو علاج به مفت ۾ ڪندو رهندو هو، پهرين ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ديهه ٻيلي گاجي ۾ قائم هو، سنڌو درياءَ جي سانوڻيءَ موجن جي ڪري هاڻي ساڳيو وٿاڻ ڳوٺ ٻلهڙجي ڀرسان آباد آهي، ڳوٺ جي آدمشماري 1978ع ۾ 1800 هئي، هن ڳوٺ جي مڪتب ۾ هندن جا ٻار به سنڌي تعليم وٺندا هئا، پاڻ هيڊ معلم ڇوڪرن کي ڪلام پاڪ ۽ سنڌي سکيا ڏيندو هو، ۽ ڇوڪرين کي سندس ڀائيٽي آمنا خاتون پڙهائيندي هئي، جنهن جو گهر وارو الهه بخش عيوضي ٿي مڪتب ۾ پڙهائيندو هو، اڳتي هلي ساڳي مڪتب مان سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري، اتي ئي نائب ماستر مقرر ٿيو، 1942ع کان پوءِ مڪتب مان ڦري پرائمري اسڪول ٿيو، جنهن جو پهريون هيڊ ماستر الهه بخش ٿي رهيو.
مذڪور مڪتب جي شاگرد ۽ شاگردياڻين جي امتحان ۾ ڪاميابيءَ جي آڌار تي ٽماهي گرانٽ منظور ٿي، جنهن تي هيڊ معلم جو گذارو ٿيندو هو، مڪتب جي شاگرد سراسري جي واڌ 100 کان مٿي هلي ۽ ڪامياب پڙهائي جي ڪري ٻه سرڪاري نائب مقرر ٿيا ۽ مڪتب کي ترقي ڏئي ڪلاس ستون سنڌي رکيو ويو، مڪتب مان هيڊ معلم ميان محمود هڪ نابينا نبي بخش ڪلهوڙي کي ڪلام پاڪ حفظ ڪرايو، ڇوڪرين مان فائينل پاس ڪري پرائمري گرلس اسڪول حاجي لعل بخش شيخ ۾ مقرر ٿيون.
خليفي محمود ديني تعليم عربي ۽ پارسي پراڻي آباد مدرسي مان پڙهي حاصل ڪئي، سنڌي ۽ پارسي ٻولين ۾ ماهر هو، سنڌي ۽ پارسي جو شاعر ٿي گذريو، حڪيم ۽ معلم ناليوارو ٿي رهيو، هو لواري واري وڏي خليفي پير صاحب ”دمائي“ (ميل شريف وارو) رهندڙ قاضي احمد تعلقو مورو واري جو خليفو هو، حڪمت ۾ هن جا استاد والد حڪيم عبدالرحمان شيخ ۽ سهرو حڪيم حاجي لعل بخش شيخ هئا.
تصنيفات:
1 صوفيانا سوال جواب، 2 حڪمت تي بياض، 3 حڪمت مند حڪيم جو قصو.
سندس همعصر دوست:
ميان محمد صديق شيخ، ميان غلام حسين شيخ ۽ ميان جان محمد شيخ هئا.
1. ميان محمد صديق شيخ: وڏو سياڻو ۽ ڄاڻ جو صاحب ٿي گذريو، ساڳي ڳوٺ ۽ ساڳئي ذات وارو اديب،شاعر، صوفيانه ڪلام جي سرتار کان ڄاڻو، جڏهن حجري ۾ ميان محمود سان بيت بازيءَ ۾ ڪچهري ڪندو هو ته ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا، سنڌ ۾ عرب قبيلا، سماٽ ۽ ڄاموٽ گهراڻن جا شجرا بر زبان ياد رکندو هو، هن ڏس ۾ ڪيترا ڪتاب قلم بند ڪيائين، پئسي نه هئڻ ڪري، ڇپائي هيٺ مواد نه اچي سگهيو، ڪجهه مواد سندس پوين وٽ سانڍيل آهي.
2. ميان غلام حسين ولد حاجي لعل بخش شيخ والد جي وفات بعد ڳوٺ جو پڳدار ٿي رهيو، حاضر جواب، پارسي جو ماهر ۽ سرائڪي زبان جو وڏو ڄاڻو هو، سرائيڪي شاعر لطف علي جو ٺاهيل قصو سيف الملوڪ ۽ بديع جمال سرائڪي شاعري ياد هوس، سرائيڪي ڄاڻ جي ڪري ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هن وٽ ايندو هو ۽ کيس دعوتون ڏئي پاڻ وٽ لاڙڪاڻي ۾ رهائيندو هو، سنڌي ڪلام جي سرتار کان به باخبر هو، سندس مرشد جي شان ۾ چيل قصيده پوين وٽ موجود آهن.
3. ميان جان محمد شيخ: سنڌي نظم سان وڏو ذوق هوس، شاهه سائين جو رسالو،سچل فقير، حمل فقير، شاهه محمد ديدڙ فقير، حسين ديدڙ فقير، خير محمد فقير، بيدل ۽ بيڪس فقير، روحل فقير، مراد فقير، بلا شاهه وغيره شاعرن بزرگن جو ڪلام باجي تي ڳائيندو هو، آواز ۾ سوز گداز هوس، ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو، مذڪور ڪلام جو حافظ هو.
مذڪور چئن اديب شاعرن جو ڳوٺ ۽ هڪ ذات سان واسطو هو، پاڻ ۾ عزيز دوست هئا، سندن چوياري روزانو حجري ۾ ٿيندي رهندي هئي.

ٽڳرباغ ڳوٺ

ٽڳرباغ ڳوٺ

سنڌو ماٿري جي سڀيتا سنڌو درياءَ جي ڪلهن تي رهي آهي، جڏهن به سنڌو دريا موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ڪلها ڌوڻيا آهن ته وسندڙ شهر ويران ٿيا ۽ ويران واهڻ وسندا ۽ آباد ٿيندا رهيا آهن، ان ريت سنڌو ماٿريءَ جي جاگرافي ۽ تاريخ ۾ ڳانڍاپو گهٽ رهيو آهي، اهي ساڳيا ٿاڪ ۽ ٿاڻا ڪنهن سنڌو درياءَ جي سڄي يا کاٻي ڪلهي تي لمندا لڏندا رهيا آهن، انهن وسندين ۽ وٿاڻن جي تهن ۽ ترن جي دائمگي نه رهي سگهي آهي، ان لاءِ سنڌو ماٿريءَ جون نياڻيون ڪشمير کان ڪچ تائين ڦرڻي وانگي ڦرنديون رهيون آهن.
باغبان علائقو مخدوم دانيال جو چيو وڃي ٿو، جنهن مخدوم بلال کي ٺٽي مان دعوت ڏئي پاڻ وٽ رهايو جتي مخدوم بلال ڪپڙي جو ڌنڌو ڪندو هو، سنڌ ۾ سما گهراڻي جي حڪمراني پڄاڻيءَ تي ارغون گهراڻو حاڪم ٿي چڪو، ارغون حاڪم مخدوم بلال کي حڪومت خلاف خطرو ڄاڻي، شهيد ڪرائي ڇڏيو، ٽڳڙ وطن دوست جيالن ارغونن جي سامهون سينو تاڻي مقابلا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا، جنهن ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي سنڌي سپوت شهيد ٿي چڪا، جن کي ٽڳڙ جي اوڀر پاسي هڪ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، انهن جي دفن واري جاءِ کي ”شهيدن جو ڪوٽ“ سڏيو وڃي ٿو، ان قومي ويڙهه کان پوءِ هي ”خطو ٽڳڙ باغبان“ هڪ ٽيڳڙ خان نالي امير ارغون کي جاگير طور انعام ڏنو ويو، جڏهن ته باغبان علائقو ضلع دادوءَ ۾ پوي ٿو ۽ ٽڳڙ ضلع لاڙڪاڻي جي حدن ۾ اچي ٿو، هي ٻه علائقا ”ٽڳڙ باغبان“ جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور رهيا.
ان امير ارغون جاگيردار جي مالڪي جي ڪري هن شهر جو نالو ٽڳڙ سڏجڻ ۾ آيو، پر جيڪڏهن ٽڳڙ لفظ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ اشتقاق ڪجي:
ٽه+ ڳُر. ڳُرَ= تندا (رسي جا تندا) يعني ٽن تندن وارو يا ٽڳريو رسو. ڳُرُ لفظ جون ٻيون به ڪيتريون معنائون ٿي سگهن ٿيون، ڳُرُ= نمونو، طريقو، ڍنگ، واٽ،رستو وغيره يعني ٽي واٽون، ٽي رستا، ٽن ڳرن وارو شهر، ٽن ميلاپن وارو شهر، ان سمي فتح پور ڳوٺ ۽ چڪرو ڳوٺ ٽڳر ڳوٺ سان جوڙ، اشتراڪ ۽ ميلاپ ۾ اچي چڪو، ان ڪري هن شهر جو نالو ٽن ڳرن وارو، شهر، ٽڳر ٿي چڪو هوندو، هنن ٽن ڳوٺن جي سنگم، ٽڳر شهر کي ضلع جي صدر مقام تائين رسايو، ورنه ٽڳر تعلقو ڪلهوڙن، ميرن، انگريزن جي دور حڪومتن تائين هليو، جنهن جي ثابتيءَ لاءِ هڪ دستاويز به پيش ڪجي ٿو، شهيدن جي ڪوٽ کان سواءِ ٽڳر ۾ سيد صوفن شاهه جو قبرستان 5 جريبن تي ٿيندو ۽ مخدوم محمد قاسم جو قبرستان 10 جريبن تائين پٿريل آهي.
ٽڳر جي چوڌاريءَ هڪ کاهي کوٽيل آهي، جنهن کي ڪنب يا ڍورو مهڻو ڪوٺيو ويندو آهي، ان ڍوري مهڻي مان ٻه واهه 1 غريبو واهه، 2 ٻي نالي واهه نڪرندا هئا، جيڪي ٽڳڙ کي آباد ڪندا هئا، ان کان سواءِ هتي هڪ سو کوهه به کنيل هئا، جن جي وسيلي ٽڳر جي خوشحاليءَ کي چار چنڊ لڳل هوندا هئا، امير ارغون جاگيردار جا ڪمدار آگاڻي ۽ ٻگهيا ذات وارا هئا، ڪمدار اڙيال، اويڙا، اڙونڊا ۽ اگهليل هوندا هئا، جن ۾ ٻگهيا ٻه ڀائر عاقل ۽ وريو ڏاڍو انڌير ننگري مچايو ن ويٺا هوندا هئا، ان ڪري سندن اچاٽ ۽ اڳرائيءَ ۾ هڪ عام چوڻي وجود ورتو.
”هڪ ويهي، ٻيو تڪي،
هن کي ڇڏي، متان مون کي ماري”
ڪمدارن جي ڪڌن ڪرتوتن ۽ ڏاڍائيءَ تي هڪ درويش سيد صوفن شاهه کين پاراتو ڏنو:
”غريبو غار ٿئي، وهي نه واهو،
عاقل ۽ وريي جو سلو نه ٿئي سائو.“
ان ڏمر ۽ پاراتي کان ڪمدار ڊنا ان ڪري ٻئي ڀائر بزرگ ڏانهن ميڙ مدارت کڻي ويا، ۽ سندس اڳيان وچن ڪيائون ته هو اڳتي ڪنهن ماڻهو کئونس نه ڪندا، هنن جي ڀرپور پڇتاءُ ۽ پيشيماني تي درويش ڪهل کائي، کين وري دعا سان ياد ڪيو:
”غريبو گل ٿئي، وهي واهو،
عاقل ۽ وريي جو سلو ٿئي سائو“
سنڌو دريا جي ڇڙواڳ وهڪرن جي اٿل پٿل جي ڪري سنڌ جا شهر گهڻي ڀاڱي ڊٺا ۽ وري پئي ٺهيا آهن، شهرن جي راهه ۽ نئين سري ٺاهه جي ڪري هڪ هڪ شهر مان اڪيچار ڳوٺ ۽ ننگر جڙندا رهيا آهن، ڪڏهن وسندين جي ايڪتائي ۽ هيڪڙائي ڪڏهن ميلن جا مفاصلا ۽ وڇوٽيون ٿيو وڃن، مذڪور ڳوٺ هاڻي ڪچي جون وستيون آهن، هن سمي ٽڳر ڳوٺ کان فتح پور ڳوٺ 6 ميل پري ۽ چڪرو ڳوٺ 5 ميل ڏور پيل آهن، هاڻي چڪرو ڳوٺ ٻين سڀني بستين کان آبادي ۾ چڙهيل آهي، جڏهن ٽڳر جي جوڀن ۽ جواني مٿان سنڌو دريا جي لهرين چڙهايون ڪيون ٿي، تڏهن هن جي تمدني جوڙجڪ جا ڀاڱا ڀيلجي ويا، جهٽ پلڪ ۾ وسندڙ وٿاڻ، دڙن ۽ کنڊرن جي شڪل مٽجي ويو.
ٽڳر جي گذريل دٻدٻي کان پوءِ هن مهل (1988ع ۾) 20 جهڳا آهن، جن ۾ 100 کن آدم ساهه کڻي ٿو، منجهس سيد، جوڻيجا، ڀاڳت، شيخ، مڱڻهار، مير بحر ۽ گوپانگ ذاتيون رهن ٿيون، موجوده ٽڳر جي اولهه ۾ جهلي بند، اوڀر ۾ سنڌو دريا 5 ڪلوميٽرن تي، ڏکڻ ۾ کچي ڳوٺ ۽ روات کيڙو ڳوٺ، اتر ۾ ڳوٺ کبراڻي آهن، ٽڳر هينئر ويهڙ ديهه تپي ۾ هڪ ڳوٺ جي حيثيت رکي ٿو، يوني ڪائونسل يارو لاکير تعلقي ڏوڪري جي حدن ۾ آهي، ٽڳر ڏوڪري شهر کان 16 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي.
ٽڳر ڳوٺ جون شخصيتون:
1. مولانا مخدوم محمد قاسم جوڻيجو
2. علامه مخدوم محمد اسماعيل
3. سيد صوفن شاهه

ٽڳر ڳوٺ جي احوال هٿ ڪرڻ جا ذريعا ۽ طريقا:
1. هڪ دستاويز 23 مئي 1883ع جو هٿ ڪيل
2. مولوي حڪيم امير بخش ولد مير خان کوکر، اريجا تعلقه ڏوڪري جنم 1922ع، ملاقات 6 جون 1978ع
3. سائين هدايت الله احمد ولد لعل بخش سانگي دودائي، تعلقه لاڙڪاڻو دودائي مدرس مڪتب جنم 1888ع، ملاقات 1953ع
4. نور محمد ولد الله بخش مڱريه، ڳوٺ خير محمد آريجا، تعلقه ڏوڪري حال ڳوٺ ٺوڙهي تعلقه خيرپور ناٿن شاهه، جنم 1901ع خط 8.12.78
5. مولوي هدايت الله ولد مولوي عبد الله ولد مولوي غلام حسين آريجو، تعلقه ڏوڪري مدرسه حسيني ٺارو واهڻ لڳ خير محمد آريجا، جنم 1940ع، ملاقات 28.8.78
6. خان محمد پٽ محمد ناصر جوڻيجو اصل ٽڳر، هاڻي ڏوڪري شهر جنم 1910ع ملاقات 28.8.78
7. قاضي الله جياريو ولد نور محمد جوڻيجو، اصل ٽڳر هاڻي ڏوڪري شهر جنم 1883ع ملاقات 28.8.78
8. سيد حمز علي شاهه پٽ حيات شاهه ولد سيد محب علي شاهه پريالوءِ، تعلقه خيرپور جنم 1923ع، ملاقات 19.9.78
9. فقير غلام قادر پٽ صاحبڏنو قريشي، پريالوءِ ڳوٺ تعلقه خيرپور، جنم 1918ع ملاقات 19.9.78
10. مولوي نجم الدين پٽ ميان امام بخش سومرو، ڳڙهي ياسين شهر جنم 1918ع ملاقات 22.9.78
11. حڪيم محمد ڇٽل ولد حڪيم محمد خان کيڙو لڳ ٽڳر تعلقه ڏوڪري جنم 1926ع ملاقات 22.9.78
12. ڊاڪٽر عطامحمد حامي صاحب جن جو خط 11 آڪٽوبر 1978ع
13. سيد خادم حسين پٽ پيرل شاهه پٽ غلام شاهه پٽ ڪور علي شاهه پٽ غلام شاهه پٽ هوندل شاهه پٽ ڪوڙل شاهه پٽ پيرل شاهه ٽڳر ڳوٺ ۾ روبرو ملاقات 9.9.1987

علامه مخدوم محمد اسماعيل

علامه مخدوم محمد اسماعيل

سنڌ جا سڄڻ سپوت، گهڻگهرا، هڏ ڏوکي، ٽڳڙ جي وسندي مٿان 1194هه برابر ۾ سرت سنڀاليائين. ()
تعليم:
ابتدائي سکيا ۾ پارسي ۽ ڪجهه عربي پنهنجي والد مولانا محمد قاسم جوڻيجي کان مدرسي ٽڳڙ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ورتائون، اعليٰ تعليم لاءِ درسگاهه پريالوءِ تعلقي خيرپور ميرس ۾ علامه سيد جمال الله شاهه کان پرائڻ ويا، جتي ديني علوم جي پوري تڪميل ڪري دستاربند ٿيا، علامه سيد جمال الله شاهه پڻ مدرسي پريالوءِ جي مدرس اعليٰ علامه ابڙي عرف اڀوڙي صاحب جن جي رهبريءَ ۾ تعليم پرايائون، کانئن فيض فضيلت سان سند لڌائون، علامه مخدوم محمد اسماعيل تعليم پوري ڪري پنهنجي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ آيا، جتان پنهنجي خاندان مان شادي ڪيائون، کين غلام فريد نالي هڪ فرزند عطا ٿيو، جيڪو ري اولادي رهي ڪري هن جهان کان لاڏاڻو ڪري ويو، اڳتي هلي ٽڳڙ ڳوٺ ۾ پنهنجي عزيزن سان نا ٺاهي جي ڪري لڏي پلاڻي ٿوري وقت لاءِ ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي شهر ۾ وڃي ويٺا، اتان اٿي چڱڙو سمو تعلقي گنبٽ جي مشهور ڳوٺ کهڙا جي علم دوست بزرگ عباسين جي پاڙي ۾ رهيا، پاڻ زنده اولاد نه هئڻ ڪري عباسي بزرگن کان هڪ ننڍڙي ڇوڪري کي ڌيءَ ڪري گهر ۾ پاليائون، () جيئن ته پاڻ مخدوم صاحب جن پريالوءِ جي درسگاهه مان سکيا ورتي هئائون، گهڻي وقت هن ڳوٺ ۾ رهي چڪا هئا، ساڳي وقت پنهنجن استادن ۽ دوستن جي صحبت جي ڪري پريالوءِ ڏانهن پيا ڀيرا ڪندا هئا، هن وسندي سان سندن دلي لڳاءُ هو، ان ڪري پنهنجي آخري رهائش لاءِ آرام گاهه هن ڳوٺ کي قرار ڏنائون، کهڙا ڳوٺ مان ستت ئي لڏ پٽي پريالوءِ ۾ عيد گاهه جي ڀرسان اچي ويٺا، بعد ۾ ساڳي ڳوٺ جي وچ ۾ هڪ مسجد اڏائي، سدائين اتي سڪون لڌائون، ( ) جڏهن عباسي ڇوڪري وڏي ٿي، تڏهن ساڳي نياڻي کهڙا ڳوٺ جي ساڳين عباسين کي شادي ڪري ڏنائين. ( )
سندن شخصيت:
وڏا منطقي، علامه، فاضل، اعليٰ مدرس، مڃيل مبلغ، شاعر، ليکڪ، عاشق رسول ﷺ هئڻ ڪري، تخلص عبدالرسول هون، لکت ۾ ڏاڍي تيزي ۽ رواني هوندي هئي، ٻپهري کان ٽپهري جي وچ ۾ واري وقت ۾ ڪلام پاڪ جو هڪ پارو لکي ويندا هئا،درسي ڪتابن مٿان مفيد حاشيا به لکندا هئا، ان کان سواءِ تدريس جو شغل به جاري رکندا هئا، نادر شاهي ڏاڍ ۽ مغل شهنشاهي بيگرن کان سنڌي ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياريائون، پيٽ گذر لاءِ ٽئا ۽ ڪپڙن کي نيرو رنگ ڪرڻ جو پورهيو ڪري گذارو ڪندا هئا. ( )
علامه مخدوم محمد اسماعيل ۽ نادر شاهه ايراني:
سنڌ مٿان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو راڄ هو، ان سمي نادر شاهه هندوستان ڦري لٽي 8 نومبر 1739ع تي ڪابل پهتو، جتي هن کي سنڌ جو حاڪم ياد پيو، جنهن ڏانهن ڪابل ۾ ملاقات جو حڪم ڪڍيائين، هن جي ڪن لاٽار تي سنڌ مٿان نادر شاهه هلان ڪري آيو. سنڌ ۾ يلغار دوران علامه مخدوم محمد اسماعيل سان مليو هو، علامه سان بيهي هم ڪلام ٿيو، علامه صاحب کيس موٽ ۾ فرمايو ته پيڙهي (پلال کي وَٽي ويهڻ لاءِ ٺاهبو آهي) تي ويهين ها، الله تعاليٰ تنهن جي پيڙهه پختي ڪري ها، وڌيڪ نادر شاهه کي قهري ڪاررواين ۽ ڦرمار کي ڍري ۽ نه ڪرڻ جون هدايتون ۽ فهمائشون ڪيائون، هو علامه مخدوم صاحب کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ( )
ڏاهري سنڌ وزير ۽ نادر شاهه ايراني: ( )
سنڌ جو ڏاهري وزير سنڌ جي حاڪم پاران نادر شاهه سان راهه جو سونهون ٿي هليو، وزير با تدبير سفر جي سمي هڪ سٽ سٽي، ته نادر شاهه کي ڪهڙي ريت ٿاٿرائجي، ته جئين هن جي تيش ۽ ڪاوڙ ۾ ڪمي اچي وڃي، ان ڳڻ سان هن نادر شاهه کي پاٽ جو شهر ڏيکارڻ جو پڪو ارادو ڪيو، لاڙڪاڻي کان نڪري شهدادپور ۽ عمرڪوٽ ويندي، رستي تي اڳ ۾ پاٽ جو شهر آيو ٿي، ان ڪري وزير سياڻپ جي کيڏ کيڏندي پاٽ جو شهر ڏيکاريو، شهر جي رونق ۽ نزاڪت هڪ پاسي، ٻيو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک ٻئي پاسي، جنهن ۾ گهٽيون گهير، باغ باغيچا، سبزيون وغيره ڏسي وزير آڏو خوشيءَ جو اظهار ڪندي نادر شاهه چيو ( ) ته پاٽ جو شهر هاڪارو رهيو آهي، جنهن جي هاڪ ۽ ڌاڪ ايران ۾ ٻڌندو هوس، هاڻي ته اکين سان سٺي بيهڪ ۽ سهڻي جوڙجڪ پسي هن نظاري ڏسڻ کان پوءِ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. ( )
علامه مخدوم محمد اسماعيل ۽ مغل شهنشاهن جون بيگريون:
مغل دور حڪومت ۾ هندوستان اندر وڏيون شاندار عمارتون اڏيون وينديون هيون ،محل ۽ محلاتن جي اڏاوت ۾ پوري هندوستان کي شاهي بيگرن ۾ گهڻو ڀوڳڻو پوندو هو، سنڌ کي به انهيءَ ونگار ۽ وهواند ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پوندو هو، هڪ ڀيري ڪنهن رن زال جي سڪي لڌي پٽ جي سهاڳ ۽ سهرن جي تٿ تيار تي هئي، ان وچ ۾ گهوٽ کي مغل شاهي جي بيگر لڳي وئي، رن زال کي پنهنجي لاڏلي جي لاڏڪوڏ جي ڳڻتي ڳاري وڌو. بيگر جي ڪري وهانءُ ۾ رولڙو ۽ مانڌاڻ ڏڦيڙ پئجي ويو، مائي ٻيو چارو نه ڏسي ان ولوڙ ۽ مانڌاڻ ۾ علامه مخدوم صاحب جن ڏانهن دردن ڀريو ن دانهون ڪندي پهتي ، آهه زاري ۽ لولهٽيون ڪندي رهي جنهن تي پاڻ سڳورا مائي کي دلجاءِ ۽ آٿت ڏيندا رهيا، بيگر گسائڻ ۾ ڪوٽوال جي ڳري سزا جو هراس ۽ ٿرٿلو ڇانيل هوندو هو ان لاءِ علامه مخدوم صاحب جن مائي کي تسلي ۽ ٽيڪ ڏئي رهيا هئا پر مائيءَ جي نيزارين ۽ وينتين ۾ ڪابه گهٽتا نٿي آئي، نيٺ مائي صاحبه کي پاڻ هڪ پروانو آڻي هٿ ۾ ڏنائون ته هي ڪوٽوال کي پيش ڪري، جڏهن اهو حڪم نامون هن کي مليو ته ڪوٽوال تيز رفتار ٽپال وسيلي دهليءَ ڏانهن روانو ڪيو، جڏهن بادشاهه جي اکين مان اهو پروانو گذريو، ته بادشاهه سلامت مڃيو ته هي صحيح سندس آهي، جنهن ۾ نه رڳو گهوٽ جي بيگر معاف ٿيل هئي، پر هر هڪ سنڌيءَ کي بيگر کان معافي ملي چڪي. ( )
هي علامه سنڌ جو سهارو ۽ ڀرجهلو سومر ڏينهن 8 ربيع الاول 1174هه برابر 18 آڪٽوبر 1760ع تي پريالوءِ ۾ لاڏاڻو ڪري ويا، جتي هميشه لاءِ آرامي آهن. ( )
سنڌ جي عالمن اديبن جي نظر ۾ علامه محمد مخدوم اسماعيل پريالوءِ وارو،
1. ڊاڪٽر نواز علي شوق ”ڪتاب پرين پريالوءِ“
2. ڊاڪٽر يار محمد قاضي، ”ڪتاب پرين پريالوءِ“
3. مولانا دين محمد وفائي، ”ڪتاب تذڪرو مشاهير سنڌ“.
هي بزرگ اصل ڳوٺ مبين جي کاهي جو رهاڪو هو، پر پوءِ پريالوءِ پنهنجن عزيزن کان ناراض ٿي کهڙن ۾ اچي رهيو. ( )
سندن نالو اسماعيل آهي، پر عشق رسول سبب سندن لقب عبدالرسول هو، پاڻ ذات جا جوڻيجا هئا، ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ مبين جي کاهي جا ويٺل هئا. ( )
ولي ڪامل، عالم عامل، فاضل جليل مخدوم اسماعيل قوم جوڻيجو سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو امام ٿي گذريو آهي، تصوف ۽ عرفان سان گڏ هو بزرگ ظاهري علمن جا به وڏا عالم هئا، هميشه ظاهري علم جي درس جو سلسلو جاري رکندا ايندا هئا، خوشخط به هڪ ئي هئا، معقول ۽ منقول جا سمورا درسي ڪتاب پنهنجي قلم سان لکي پنهنجي ڪتب خاني ۾ جمع ڪيا هئائون، مريدن کي فيض تلقين ڏيڻ ۽ درس پڙهائڻ سان گڏ روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب جي هڪ يا ٻه جزا لکندا رهندا هئا. ( )
هڪ شخص ولايت مان پارس پٿر سندس خدمت ۾ کڻي آيو، مخدوم صاحب اهو پٿر هن کان وٺي کوهه کي گيڙو ڏياريو ته لوٽين ۾ ڪيترائي پارس پٿر اچڻ لڳا، هن ماڻهو کي چيائون ته جيڪو پنهنجو پارس هجي، سو سڃاڻي ڪڍ، فقيرن کي اڪسير يا پارس پٿر جي ڪابه گهرج يا لالچ نه ٿيندي آهي. ( )
سپون ته ساراهه
هيج جنين جو ههڙو
سڄڻ آئي ساڃاهه
اتي ويڙن وسري ( )
سنڌ ۾ جڏهن احمد شاهه ابدالي آيو، تڏهن مخدوم صاحب سان پريالوءِ ۾ ملي دهلي جي فتح لاءِ دعا گهريائين. ( )
مخدوم صاحب کي فقط نياڻي هئي، جا مخدوم احمدي عباسي کهڙن واري جي پٽ محمد عاقل سان شادي ڪرائي، جنهن کي هڪ پٽ ٿيو، جيڪو جواني ۾ وفات ڪري ويو. ( )

مولانا سيد صوفن شاهه:
سيد بهاءُ الدين شاهه اصل اچ شريف پنجاب جو رهاڪو هو، جتان لڏي روهڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيو. ( ) کيس چار پٽ ٿيا، سيد صالح شاهه سوائي، سيد صوفن شاهه، سيد ٺارو شاهه ۽ سيد مورل شاهه، هنن ڀائرن جا ناناڻا ڪوٽائي سيد روهڙي ۾ هئا، ۽ روهڙي وارن سيدن جا ناناڻا وري پريالوءِ ۾ هوندا هئا، ( ) سيد صوفن شاهه روهڙيءَ ۾ رهندو هو ۽ پريالوءِ ۾ به گهمڻ ۽ رهڻ ويندو هو، جتي مخدوم محمد اسماعيل پڙهندو هو، جيڪو سيد صوفن شاهه سان ڪچهريون ڪندو هو، علامه جي ذهانت ۽ حاضر جوابيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، ان ڪري هن کي پنهنجي ٽڳڙ ڏانهن وٺي ويا، علامه جڏهن مدرسو ٽڳڙ کوليو تڏهن سيد صوفن شاهه کي اتي داخل ڪري سڀني علومن جي تحصيل ڪرائي کيس سند ڏياريائين.
سيد صوفن شاهه ٽڳڙ ۾ پڙهڻ ۽ رهڻ ڪري هتان جي پساري ۽ مانڊاڻ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، اچ، روهڙي ۽ پريالوءِ هن کان وسري ويا ان ڪري ٽڳڙ ۾ گهر ٻار ڪري ويهي رهيو. ٽڳڙ ۾ ارغونن جي جاگير هوندي هئي، جن جا ڪمدار ڏاڍا اولڙا ۽ بي ترس هئا، ان ڪري صوفن شاهه کين پاراتو ڏنو، جن آزيون ۽ نيازيون ڪري هن کان معافي ورتي، جنهن تي هنن کي معاف ڪيائين.
شاهه صاحب هتي وفات ڪري ويو، کيس ڳوٺ جي اوڀر پاسي دفن ڪيو ويو، پوءِ سندس عقيدت ۾ اوس پاس جا وفات ڪيل هن جي مزار ڀرسان دفن ڪندا رهيا، هي قبرستان پنجن جريبن ۾ پهچي چڪو آهي، هن مقام کي سيد صوفن شاهه جو قبرستان سڏيو وڃي ٿو، شاهه صاحب جا پويان پڻ هن وستي ۾ رهندا اچن ٿا. ( )

نادر شاهه جي ڪاهه ۽ ڪلهوڙا دور جي بي وسيءَ جو جائزو

نادر شاهه جي ڪاهه ۽ ڪلهوڙا دور جي بي وسيءَ جو جائزو

سنڌ جي ڪلهوڙا حڪومت هندوستان جي مغل شاهي جي ڍلڀرو رياست هئي، 1739ع ۾ ايراني نادر شاهه مغل شاهي مٿان ڪاهي ويو، ان ويڙهه جي نتيجي ۾ سنڌ ملڪ ايران شاهي جي حوالي ٿي ويو، نادر شاهه هندوستان ڦري ۽ لٽي ڪابل ۾ پهتو، جتي سنڌ جي والي نور محمد ڪلهوڙي کي پاڻ گهرائڻ ٿي چاهيو، جيڪو نادري حڪم کان لنوائي ويو، ان کي سيکت ڏيڻ خاطر نادر شاهه سنڌ مٿان هلان ڪري آيو، بنا مقابلي سنڌ کي لتاڙي عمر ڪوٽ ۾ ڪلهوڙي حاڪم مٿان گهيرو ڪيو، ذلت جهڙن شرطن تي نادر شاهه آڏو سنڌ جو والي پيش پيو، اهي شرط هئا:
1. ڪلهوڙي والي جا ٽي پٽ يرغمال ٿي ايراني درٻار ۾ رهندا.
2. سنڌ ملڪ مٿان ڳري ڍل مڙهي وئي.
3. سنڌ جو خزانو ۽ ڪتب خانو ڦري، ايران کنيو ويو.
ايران ۾ نادر شاهه جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس افغان جنرل احمد شاهه ابدالي افغانستان کي آزاد ڪري پاڻ بادشاهه ٿيو، جنهن سنڌ مٿان چڙهايون جاري رکيون، جنهن کي بهادري واري موٽ نه ملي.
حقيقت ۾ ڪلهوڙي واليءَ کي نادر شاهه سان ميداني جنگ يا گوريلا ويڙهه لاءِ تيار رهڻ گهربو هو، جيڪڏهن مقابلي ڪرڻ جي همت نه هئي ، ته نادري حڪم جي مڃتا پوري ڪري ها، ڪابل نه وڃڻ جي ڪري نادر شاهه سنڌ مٿان ڌوڪي، سنڌ کي لتاڙي، عمر ڪوٽ پهچي ويو، ڄڻ ته ايران مان لنگهيو ٿي ويو. ڪلهوڙو حاڪم عمر ڪوٽ کان ٻاهر نڪري نيچو ٿي پيش پيو، جيڪا هن جي تاريخي عظيم غلطي هئي.
نادر شاهه کان پوءِ افغان احمد شاهه ابدالي سنڌ مٿان ڪڙڪي پيو، جيئن ته ڪلهوڙا حاڪم غير ملڪي حملن کان پٺي ڏئي مري ويا هئا، ان ڪري ابدالي جي هلان وقت ايترو نڪري ويو جو سنڌ جي سرحد کان ٽپي جيسلمير جي علائقي ۾ فوت ٿي ويو، ڪلهوڙا دور ۾ سنڌ جي سائين پنهنجي ڪلام جي وسيلي سنڌ جي وارثن کي سورهيائيءَ جي ڏاهه ڏيندي فرمايو:
سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار،
مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
سنڌ جي داخلي ٽڪساٽ ۽ مانڊاڻ ۾ ڪلهوڙا حاڪم ڏاڍا بهادر هئا، جهوڪ جي صوفي فقيرن ۽ کهڙن جي عباسي عالمن جي اسرندڙ اجتماعي قوت، ميڙاڪا ۽ گهڻائي واري جوڙجڪ سهي نه سگهيا، انهن بزرگن جي جدا جدا سگهاري تنظيم کي ملڪي خطرو ڄاڻي ڪري، مٿن چڙهايون ڪرائي، کين هميشه لاءِ ختم ڪرايو ويو.
مٿين ڏس ۾ سنڌ اندر سنڌي سورمن جي فقط ٻن جنگين جا مثال ڏجن ٿا:
1. ترخان دور ۾ مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جي ٻه ساله جنگ.
2. حر گوريلا ويڙهه ۽ انگريز سامراج سان ڪيئي سال مقابلا.
هندوستان ۾ مغل شهنشاهه اڪبر اعظم مغليه دور جو وڏي زور وارو حاڪم هو، جنهن لاءِ تاريخ معصومي صفحو: 160 کان بيان ڪري ٿي، ته سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ شهنشاهه اڪبر جنرل محمد صادق کي روانو ڪيو، جنهن سنڌ جي جنگ ۾ توبخانو تباهه ڪرائي، لشڪر چٽ ڪرائي، جنگ جي ميدان کان نڪري ڀڄي ويو، اها هار اڪبر بادشاهه کي دل ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي رهندي هئي، ان ڪري سنڌ کان بدلي وٺڻ لاءِ 1590ع ۾ مشهور فاتح جنرل عبدالرحيم خان خانان کي موڪليو، هن سان هندوستاني فوج جا چونڊ بهادر 50 جنرل پنهنجن پنهنجن جٿن سان روانا ڪيا، شهنشاهه پاڻ لاهور کان ٻيڙن تي چاڙهي کيس الوداع ڪرڻ آيو ۽ لاهور ۾ ويهي سنڌ جي لڙائي مٿان نظر رکندو رهيو، مغلي ڪٽڪ سان سنڌ ۾ چپي چپي تي جنگ شروع ٿي وئي، اها لڙائي ڪيترا سال هلندي رهي، ڊگهي جنگ کان خان خانان تنگ ٿي چڪو، ان ڪري سنڌين کي صلح جي آڇ ڪيائين، انڙ پور شهر ۾ صلح جو معاهدو ٿيو، ان ڪري خان خانان سنڌ مٿان آگسٽ 1591ع تي گهيرو کنيو.
حر گوريلا ويڙهه ۽ عالمي سامراج انگريز:
حر سنڌ جي پيداوار، سنڌ ماڻهو، جنگ جي جديد فن کان ڪورا، بنا هٿيارن، بنا خزاني، ملڪي توڙي غير ملڪي مدد کان پري ۽ بنا ليڊر ۽ جنرل جي سالها ويڙهه جاري رکيائون، جڏهن ته سنڌ ۾ عام مثال آهن.
1. بنا خزاني جي ٿيڻ سلطان مشڪل آ،
2. بنا هٿيارن جي جنگ لڙڻ اجايو آ،
3. جتي پڄڻ نه آهي پات، تتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو،
حرن مٿين ٽنهين مثالن خلاف جنگ وڙهي، پوري دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون، حقيقت ۾ انگريز سامراجي طاقت هو، ان ڪري چوندا هئا، انگريز فيل مست (چريو هاٿي) آهي، 1942 ۾ حرن جي روحاني پيشوا کي قيد ڪرڻ کان پوءِ مٿن مارشل لا لڳائي وئي، بنا هٿيار، بنا خزاني حرن پنهنجي سرواڻ ۽ رهبر جي غير موجودگي ۾ سامراج خلاف گوريلا ويڙهه جاري رکي، حرن راتين جو اوچتو، انگريز پوليس ۽ فوج مٿان ڇاپا ۽ ڪاهون شروع ڪري ڏنيون، جن ۾ اول ته هٿيار ڦر ڪيائون، انهن ئي ويرين جا هٿيار هٿ ڪري دشمن فوج ۽ پوليس سان وڙهندا رهيا، ايستائين جو 1947 ۾ انگريز هندوستان ۽ پاڪستان ڇڏي هليا ويا، هزارن جي عدد ۾ حر شهيد ٿيا، سندن وسنديون وٿاڻ ساڙيا ۽ ويران ڪيا ويا، کين عورتن ٻارن سميت جيلن ۽ لوڙهن ۾ بند رکيو ويو، پوءِ به حرن جا ڪيترا گوريلا جٿا حڪومت انگريز خلاف وڙهندا رهيا، جنهن جو مثال فقير رحيم هنڱورو هو، جنهن جي ٽولي کي 1952 ڌاري گرفتار ڪيو ويو، کيس حيدرآباد جيل ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.

نانگو شاهه ڳوٺ ۽ ڳاڙهي بازار يا هيرا منڊي

نانگو شاهه ڳوٺ ۽ ڳاڙهي بازار يا هيرا منڊي

هي ڪچي جو مشهور ننگ، ڳوٺ جي عام زمين جي مٿاڇري کان اٽڪل 100 فوٽ مٿي داڙ تي کنيل آهي، ٽڳر ڳوٺ کان اوڀر پاسي ٻه ميل پري آهي، وڻراهه سان ڇانيل ، پاڻي مٺو، زمين ڀلي اٿس، هن وستي جي 1988ع ۾ 20 گهرن جو ويڙهو هو ، آدمشماري 200 جي لڳ ڀڳ آهي، منجهس هڪ ذات ڀرٽ (پنهور) آهي.
هن ڳوٺ تي نالو نانگو شاهه عرف مراد علي شاهه پيو، مراد علي شاهه هڪ وڏو مشهور مالدار ۽ خوشحال ماڻهو هو، جيڪو مومل جي ماڙيءَ ۾ ڪاڪ محل جو ناڪام عشق جو سٽيل ۽ فراق جو ڦٽيل هو، پنهنجو سمورو سرمايو ڦرائي، ويڳاڻو ٿي چڪر ڪاٽيندو رهيو، 1500ع جي اوائل ۾ نانگو ٿي گذارڻ لڳو، ان ڪري هن مٿان نانگو شاهه عرف مراد علي شاهه نالو ڌريو ويو، اڳتي هلي کيس فقط نانگو شاهه سڏڻ ۾ آيو، نيٺ هلندي ڦرندي ان ڪچي جي داڙ مٿان آستانو ٺاهيائين ۽ انهيءَ ماڳ کي وسايائين، جڏهن وفات ڪري ويو، ته سندس پوين هن جي قبرستان مٿان هڪ قبو اڏايو جتي ميلو به لڳندو رهيو.
وقت گذرڻ کان پوءِ هن ڳوٺ جي وڏي حيثيت ٿيڻ لڳي، ڳوٺ مان ننگر ٿي ويو، منجهس ٻه سو کن کوهه لڳي ويا، نانگو شاهه عرف مراد علي شاهه مومل جي خفت ۽ ذوق ۾ ڪاڪ محل تان بازي هارائي، مال دولت وڃائي ڪچي ۾ نانگي شاهه جي وستي کڙي ڪئي، جنهن مٿان عشق جي آثارن جي ورثي سلا ڪڍڻ شروع ڪري ڏنا، 1880ع ڌاري هتي هڪ سو سدا سهاڳڻيون گهر ٺاهي اچي رهيون، سندن ڳاڙهي بازار اتر سنڌ ۾ گهڻو پڌر پيل هئي، بازار حسن جي ڪري اتر سنڌ جي سرمائيدارن ۽ شاهوڪارن جا لامارا ۽ ڦيرا ٿيندا رهيا.
مذڪور هيرا منڊيءَ ۾ ٻه وڏي ناليواريون حسينائون رهنديون هيون، اهي جهڙو ناچ گاني ۾ تيز هيون تهڙو سونهن سوڀيا ۾ سرس هيون، جن ۾ هڪ نواب زادي ۽ ٻي خانزادي عام کان خاص جي توجهه جون مرڪز رهيون، سندن باري ۾ سونهن جي ذوق وارن هڪ نظم تيار ڪيو، جنهن کي هيٺ آڻجي ٿو:
نبابي ڏس توڙي خاني، جيڪي ڏسين ٻئي تون،
ڀت کائين توڙي ماني، ساڳ سرنهن جو اسان وٽ ناهي،
اٿئي ميهن جي ماني، منهنجا جاني،
نوابزادي ۽ خانزادي هيرا منڊي نانگو شاهه جون سونهن راڻيون هيون، سونهن سوڀيا، ناچ، آواز ڪلام ۾ هڪ ٻئي جون جوڙ هيون.
نواب زادي شادين ۽ خوشين تي ڳائيندي هئي ته سندس ڪلام ٻڌڻ لاءِ ميلا لڳي ويندا هئا، هي جڏهن ديوان مسڪين جو هيٺيون پارسي شعر سر سان آلاپيندي هئي ته ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا، اهو ڪلام پيش ڪجي ٿو.()
زا شک لالہ گوں گردیدہ دامن لالہ زار من
زمن صد آفریں بادا بچشم اشکبار من
بسے سرو و صنوبر رست در عالم ولے مارا
بس است اے باغباں آں قیامت دلجوئے یارِ من
دلِ زارم اسیرِ دام کردی وکجا رفتی
خدارا اے بُت بیباک بنگر حال زار من
بیک جلوہ دو صد زخمے زدی زاں غمزہ تیرت
چرا رحمے نہ کردی بردل و جانِ نگار من
چنیں در پنجہ حجراں دلم آزردہ چوں داری
بکش بایک نگا ہے مختصر کن کاربار من
بیک سائت بہ بردی مایہ پنجاہ سالم را
بیک دیدن ربودی دانش و صبر و قرار من
بجز خونِ جگر ہرگز غذائے دل نمے باشد
چہ خوش پروردہ گشت ایں طفل درحبیب و کنارِ من
نگارا چند زیں جورو جفایت برسر مسکین
بترس آخرز آہ ونا لہائے پر شرارِ من1

ترجمو: ”منهنجو دامن لڙڪن سان سرخ ٿي ويو آهي، منهنجي لڙڪ وهائيندڙ اکين تي سوين آفرين هجن دنيا ۾ گهڻي ئي سرو ۽ صنوبر پيدا ٿيا، پر مالهيءَ اسان جي لاءِ اسان جو ڊگهي قد وارو يا ڪافي سهڻو ٺاهيو آهي، منهنجي ڪمزور دل کي قيد ڪري ڪاڏي وئين، بي پرواهه محبوب منهنجي هيڻائيءَ تي رحم فرماءِ، هڪ ئي ديدار جي جلوي سان ٻه سو زخم رسائي وئين، هن ڦٽل دل مٿان رحم ڇو نه ڪيئي، اکين جي چنبي ۾ دل ڇو ٿو ڏکائين، هڪ ئي نگاهه سان ڪهي ڪم پورو ڪر، هڪ ئي گهڙيءَ ۾ منهنجي پنجاهه ورهين جي موڙي ڦري وئين، هڪ نظر سان منهنجو سڪون آرام ڦري وئين، دل جي خوراڪ جگر جو خون آهي، اها دل هڪ ٻار جيان منهنجي سيني ۾ پلجي رهي آهي، اي محبوب! مسڪين مٿان هيترا سارا قهر ۽ ڏاڍ ڪيا اٿئي، پنهنجي آهن ۽ دانهن جي پڪارن کان خوف ڪر.“
خانزادي به حسن ۽ ادائن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، جنهن جي ناز ۽ آواز جو فيض محمد ٽالپر شڪار ٿي ويو، هو اصل ته ضلع خيرپور جو رهاڪو روينيو ۾ مختيار ڪار هو، ان دور ۾ ٽڳر تعلقي جو مختيار ڪار هو، نانگو شاهه شهر ٽڳر جي ويجهو هوندو هو، خيرپور کي خير آباد چئي، نانگي شاهه ۾ گهر ڪري ويهي رهيو، خانزاديءَ سان شادي ڪيائين، اتي ئي پساهه پورا ڪري، دفن ٿيو.
نانگي شاهه جي هيرامنڊيءَ جو ٻيو دور:
ٻئي دور ۾ به ڪيتريون سدا سهاڳڻيون هيون پر بازار حسن جون ٻه گهڻيون هاڪاريون ارباب خاتون ۽ دريا خاتون نروار هيون، جن پنهنجي موهڻي مورت ۽ فن جا ڪلور ڪري ڇڏيا، هنن ڪيترن مالدارن جون دليون ڌتاريون ۽ مٿن راڄ ڪيو. هن سمي ارباب خاتون پنهنجي خوب روءِ ۽ چنڊ جهڙي چهري سان سوين منهن موهي ڇڏيا، هي پنهنجي دور ۾ سونهن ۽ آواز جي ديوي ليکبي هئي، ڏسندڙ حيران ڪري ڇڏيندي هئي، نيٺ هي فنڪاره حسين، سيد ڪليم الله شاهه راشديءَ جي دائن پيچن ۾ اچي اڙجي پئي، پير صاحب هن کي هيرا منڊيءَ مان ڪڍي، پهرين ته هن کي سريت ڪري رکيو، پوءِ نيٺ هن سان شادي ڪيائين.
سماج ۾ فطري دستو ر جي حڪمراني دائم ۽ قائم آهي، جتي به غير فطري ڪڌايون ۽ ڪلور ٿين ٿا ۽ عورتن کي گمراهه ڪيو وڃي ٿو، نانگي شاهه جي ڳاڙهي بازار ۾ ناجائز سرمائي جا دڙا ٿي چڪا، جتي به حرام جو مال ۽ بي راهيءَ سان ڪمايل ناڻو ڪٺو ٿيندو آهي، اتي ڌاڙيل ۽ ڦورو اچي ڍونڍيندا ۽ تڪيندا رهندا آهن وجهه ملڻ سان حملا ڪري اهو مال ڦري ويندا آهن، برٽش دور ۾ حڪومت ۾ ٽاٽڙي ڳوٺ جو بدنام ڌاڙيل پانڌي ٽاٽڙي ڳاڙهي بازار جي گڏ ڪيل خزاني کي ڪيترا ڀيرا ڦري ويو، ان ڪري بازار حسن جو زور ٽٽي ويو، 1920ع ڌاري هيرا منڊي نانگي شاهه جو ڌڙو نصير آباد جي ڪاٺيا پاڙي ۾ پاٿاري اڏي ويٺو، جنهن کي لوڪل بورڊ ضلع لاڙڪاڻي جي صدر علي گوهر کهڙي 1951ع ڌاري هتان هميشه لاءِ تڏا پٽائي ڇڏيا، ٻيو ڌڙو خيرپور ناٿن شاهه ڏانهن راهي ٿيو، ۽ ٽيون جٿو لاڙڪاڻي شهر ۾ دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، ان ريت نانگي شاهه جي بازار حسن جو زوال آيو ۽ ڪڻو ڪڻو ٿي وئي.
خيرپور ناٿن شاهه ۽ نصير آباد ۾ نانگي شاهه جي هيرا منڊيءَ جون جدا جدا ٻه شاخون هيون، جن کي سنڌ دوستن ۽ انساني همدردن ختم ڪري ٻنهين شهرن جي اعليٰ ڪردار جي تعمير ڪري ڇڏي، نانگي شاهه جي ٽين لڙهي، جيڪا لاڙڪاڻي شهر ڦلن واري سڙڪ جي منڍ مردا واهڻ جي ڀرسان شاهه ياري جي پاڙي ۽ علي گوهر آباد محلي جي حدن ۾ اچي کپ کوڙيا، جتي ڪيترا نسل پنهنجي حسن جي زور تي حڪومت ڪندي رهي ۽ ڪيترا چڱا ڀلا ماڻهو گمراهه ڪندي هلي، نيٺ انهيءَ محلي کي خير آباد چئي، پير شير روڊ سان لاڙڪاڻي شهر ۾ هيرا منڊي، ڳاڙهي بازار جي صورت ۾ وجود ورتائين، جتي اڃا پنهنجي رنگينين اوصافن کي جاري ساري رکيو اچي.
حقيقت ۾ انساني نظام حيات ۽ اصولن جي جيڪڏهن وضاحت ڪجي، ته زندگيءَ جي دستور ۾ هيرا منڊي يا ڳاڙهي بازار جي ڪا به گنجائش نه آهي، سوشلسٽ نظام به هن قسم جي ڪلچر کي پاڻ وٽ ڪا به جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، هر هڪ ماڻهو مانڊاڻ ۾ عورتن جي تقدس جي حقيقت چٽيل آهي، تنهن ڪري انهيءَ قسم جي گمراهه هلچل کي هر هنڌ ننديو وڃي ٿو، ۽ ان ڍنگ جو بيمار معاشرو ڪڏهن به واڌارو ۽ ترقي ڪري نه سگهندو، ملڪ دوست ۽ انسان خيرخواهه هر هنڌ ۽ هر وقت صحت مند سماج جو پرچارڪ رهي ٿو ۽ رهندو، تنهن ڪري هو هيرا منڊيءَ کي خير خواهه منڊليءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا ته جيئن ملڪ اعليٰ ڪردار ۽ بلند اخلاق سان سينگارجي وڃي.

سيد ڪليم الله شاهه راشدي

سيد ڪليم الله شاهه راشدي

پير ڪليم الله شاهه ولد محمد ارشد شاهه ولد محمد شاهه ولد مير تقي شاهه ولد محمد بقا شاهه ولد محمد امام شاهه راشدي پير ڳوٺ، لڳ نئون ديرو تعلقي رتو ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1876ع ڌاري پيدا ٿيو.
تعليم:
ديني تعليم بلوچستان ۾ حاصل ڪيائين، سنڌي، اردو، سرائڪي ۽ پارسي ٻولين مٿان ڇانيل رهيو، چئن ٻولين ۾ شاعري به ڪندو رهندو هو، نظم ۽ نثر تي کيس مهارت هئي، 27 ٻوليون ڳالهائي سگهندو هو، هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، پر هڪ به پڌرو نه ٿي سگهيو، حڪمت مٿان به هن کي چڱي خاصي فوقيت هئي، هن جو خاص ڌنڌو حڪمت هئي، پيري مريدي ۽ دعا سڳو به ڪندو هو.
ازدواجي زندگي:
شادين ڪرڻ ۽ سريتيون رکڻ جو ڏاڍو ڪوڏيو ۽ خفتي هو، وڏن گهراڻن مان مالدار عورتون شاديءَ ۾ آندائين، سندس ڏاڏي پوٽي گهر واري مان شهاب الدين نالي پٽ ڄائو، جيڪو ڪجهه وقت بگي ڳوٺ ناري ڀر ڏوڪري تعلقي ۾ وفات ڪري ويو.
نانگو شاهه جي هيرامنڊي ۽ پير ڪليم شاهه:
نانگي شاهه ڳوٺ تعلقي ڏوڪري ۾ ناچ گاني ۽ فنڪار عورتن جو اڏو هوندو هو، جتي سري سنڌ جا ساهيٽا ۽ شاهوڪار ماڻهو شڪار ٿيندا رهيا، پنهنجو مال موڙي وڃائي، نانگي شاهه جي گهٽين ۾ پيا پاهه ٿيندا هئا، هن هيرا منڊيءَ مان هڪ مشهور فنڪاره ارباب خاتون کي پنهنجي دام ۾ ڦاسايو، کيس پهرين ته سريت ڪري هلايو پوءِ هن سان شادي ڪري ورتائين، ان عورت کي هڪ اڳ ڄائو پٽ اڪرم نالي هو، جيڪو 90 سال جي عمر ۾ بگي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو، ارباب خاتون فنڪاره مان پير صاحب کي شاهه ڏنو پٽ، پيدا ٿيو، جنهن جي 1978ع ۾ 78 سال عمر هئي، جيڪو بگي ڳوٺ ۾ رحم جوڳي حياتي گذاري رهيو هو، هن کي ايڏي عمر تائين ڪو به اولاد نه ٿيو، ارباب خاتون شاديءَ کان پوءِ وڏي پرهيز گار نيڪو ڪار ۽ عبادت گذار عورت ٿي گذري، مرد ته نا محرم ٿي سگهن ٿا، پر هن عورتن سان به ڪچهريون ڇڏي ڏنيون، سڄو سڄو وقت عبادت ۾ گهاريائين.
انگريزي دور ۾ پير صاحب غيبي ديري مان هڪ مالدار عورت سان شادي ڪئي، جنهن لاءِ هن مٿان ڪورٽن ۾ ڪيس ٿيا، جن مان هو آزاد ٿيندو رهيو، پوءِ عورت جي وارثن هن مٿان مارڻ جا حملا شروع ڪري ڏنا، ان حراس ۽ خوف کان سنڌ ڇڏي هندوستان جي سورت ۽ ٻاري شهرن ۾ رهڻ لڳو، اتي به هن خطرو ڄاڻي بمبئي ڏانهن دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، جتي 1930ع ڌاري زندگي پوري ڪري ڇڏيائين، پير صاحب ذهانت ۽ زڪاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، ويس ۽ ديس مٽ ڪرڻ ۽ مخالفن کان پاسو ڪرڻ جي ڄاڻ رکندو هو، سيد ڪليم الله شاه راشدي جي شاعري جي ميدان کي ڳولهي ڦولهي 11 سٽون سنڌي شعر جون پيش ڪجن ٿيون، جن ۾ شاعري تخيل ٻولي جي جوڙجڪ، سماجي حالتن جو جائزو، مضمون جو مقصد مواد کي سنڏي شاعر ۽ شعر جي ذوق وارا پرک پروڙ ڪري، راشدي صاحب جي شعر جو معيار مقرر ڪن، ان ڏس ۾ کيس داد بخشين يا تنقيد جا دروازا کولين:
ڪيوسين سير سبحاني رنگا رنگي ڪن دنيا جي دار ۾ البت
ڪيڙا مسي پاڻ سان چپ لال دنيا جي دار ۾ البت
لعل هجي گهر ۾ ته لائي ڏين سينگار ۾ البت
ملن کي موت پيو سجهندو ٽڪن جي ٽيم سڀ پوري
لکي تعويذ دين تڪڙا پنهنجي قلم جي ڪار ۾ البت
پيرن کي پوک عالم جي ٺڳي جو ٺاهه سڀ ڏاڍو
کڻي تسبيح مصلي تي ويهن ويچار ۾ البت
جواري جوا ٿا ڪن جاتي مزو ۽ موج آ تاتي
ڪنيهن جو داءُ ڪنهن جو گل کريا تنهن خار ۾ البت
ڪليم الله نصيحت ڪر اول تون پاڻ کي پڌري
دعا گهر دل سندي پڌري، اول اظهار ۾ البت

سيد ڪليم الله شاهه راشدي جي شخصيت جو جائزو:
ڏٺو وڃي ٿو ته سماج کي اڌوري پڙهيل ۽ گهٽ هوشيار ماڻهن جي ڀيٽ ۾ پڙهيل ۽ هوشيار انسانن وڏو ڇيهو رسايو آهي، جيئن ته پير ڪليم الله شاهه راشدي لاثاني حڪيم، بلا جو حسين، وڏو ذهين، 27 ٻولين جو ڄاڻو، سٺو عالم، اديب، ڀلوڙ شاعر جهڙو شخص جيڪڏهن سماجي ڀلائي ۽ بهتري ڏانهن لاڙو رکي ها ته هو ٺاهوڪو سماج سڌارڪ ثابت ٿئي ها، هن جي حڪمت، دانائي سان سماج جي صحت بحال ٿئي ها، نشي سٽي جي هاڃيڪارين ۾ ڪمي اچي ها، سندس جاذب شخصيت ۽ اعليٰ بصيرت جي ڪري عورتن جي پرماريت کي ڌڪ لڳي ها، جڏهن ته سنڌ ۾ عورت جا هڪ ماءُ کان سواءِ پيءُ، ڀاءُ ۽ ٻيا سڀ عزيز جلد ويري ٿي، کيس ڪاري چئي ماريو ڇڏين ٿا، اهڙي قسم جي سماجي براين جي اصلاح ٿيڻ جو يقين نڪري پوي ها، وسيع صلاحيتن وارو عالم ماڻهو جيڪڏهن درست عمل طرف ڌيان ڏئي ها ته عالمانا ذهانت جو وڏو واڌارو اچي وڃي ها، ائين ڪرڻ سان هن جي شخصيت هڪ فلاحي اداري جي حيثيت وٺي وڃي ها.
انساني زندگيءَ ۾ کوڙ سارا شعبا آهن جن سڀني ۾ هڪ جهڙو ڌيان ڏيڻ جڳائي ۽ ڪنهن به هڪ کاتي مٿان ليٽي نه پوڻ کپي، ائين هڪ پاسي ڪري پوڻ سان انساني حقن جي ادائي ۾ ويساهه گهاتي ٿي پوي ٿي، پير صاحب گهڻ پاسائين شخصيت، ڏيا، ۽ ڏات وارو ماڻهو ٿڙڪي پيو، جيڪڏهن هو سماج جي اصلاح ۽ ڀلائي ڪرڻ چاهي ها ته لکين ماڻهو سنواري ۽ سڌاري سگهي ها.
پير صاحب پنهنجي ڪمال دانائيءَ، اوچي ڏاهپ، وڻندڙ تصوير، حڪيمانه سوچ ۽ پيري واري پيشي کي داءُ تي لڳائي، فقط مالدار عورتن جي خفت ۽ هورا کوري ۾ زندگي ڳاري ڇڏي، ساڳي وقت ڪيترين ئي عورتن جا گهر تڙ تباهه ڪري وڌا، هن عورتن کي ڦاسائڻ جو هڪ قسم جو وڏو ڄار اڏي ڇڏيو، جنهن ۾ وڏ گهراڻي جون عورتون ڦاسائيندو رهندو هو، جن مان ڪي سريتيون، ۽ ڪي شادي نڪاح ۾ قيد ڪندو هو، پراڻيون شڪار ڪيل عورتون ۽ سندن اولاد خسته حال ۽ ڪنگالپڻي ۾ زندگي گهاريندي ختم ٿيندا رهيا، وري به پير صاحب ٻيون سريتيون ڦاسائيندو رهيو، ان ريت عورتون جهٽڻ ۽ هٿ ڪرڻ سندس جبلت ٿي چڪي هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيل هڪ شعر جي ٽين سٽ کان اٺين سٽ تائين ملن ۽ پيرن جي ڪڍ کٿي ۽ کري کنئي آهي، حقيقت ۾ عورتن کي گمراهه ڪرڻ جا ڦند مڪر، داءُ، پيچ، ادائون صدائون ۽ ور وڪڙ سندس پيدا ڪيل هئا، جن جي وسيلي هي پئي کيڏ کيڏيو.
انسان نيٺ ته باهڙ جي ۽ ٿڪجي پوي ٿو، سندس ضمير هن کي هيٺ ڦيٽ ڪرڻ شروع ڪري ٿو، ان لاءِ آخري ٻن سٽن ۾ چوي ٿو:
”ڪليم الله نصيحت ڪر اول تون پاڻ کي پڌري“
دعا گهر دل سندي پڌري، اول اظهار ۾ البت.
جيڪو ماڻهو جڏهن سماج سان ويساهه گهاتيءَ واري راند کيڏڻ شروع ڪري ٿو، تڏهن سماج به اهڙي موٽ ڏئي ٿو، هن جي منهن موڙ ۽ ٿُڏي ڇڏڻ لاءِ سماج هن جي عقل هوش، ڄاڻ اڪابري ۽ سهڻي سرير کي ٺڪرائي ڇڏيو، ان لاءِ هن جي ڪيتي جي هن کي اڻ کٽ سيکت ڏيئي ڇڏي، هن کي اڻ وڻندڙ، کيڏاري ۽ مخالف شخصيت قرار ڏنو ويو.
پير صاحب پراڻي اڍنگي چال کان مجبور ٿي هڪ مالدار عورت غيبي ديري مان ڦاسائي، شادي ڪري ورتي، هن مٿان ڪورٽن جا ڪيس ٿيا، جن مان جند ڇڏائي چڪو، ڪيس مان چاڙهو نه ڏسي عورت جي وارثن هن جي سر مارڻ جا حملا هلائڻ شروع ڪري ڏنا، جن کان هراسجي سنڌ ڇڏي هندوستان جي سورت ۽ ٻاري ۾ رهڻ لڳو، جتي به هن کي جاسوسي کڻڪ پئي ته اتان به نڪري بمبئي ۾ دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، سر جي ڀوءَ کان پاڻ کي پاڻ ملڪ نيڪالي ڏنائين، جواني جوڀن ۽ سونهن سوڀيا پرڏيهه ۾ گهارڻ لڳو، پرائي ٻولي، ڌاري ثقافت ۾ رولاڪ حياتي کپائيندي نيٺ 1930ع ڌاري، ڌاريءَ ڌرتي جي پيٽ حوالي ٿي ويو.

علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو

علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو

سندس وڏا الهداداڻي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان لال چوهڙ مڱريو ڳوٺ ۾ صاحبڏني منڱرئي جي گهر ۾ 1110ع برابر 1698ع ۾ سرت سنڀاليائين،() جتان نڪري ديني علوم جي ذوق ۾ تلاش ڪندي مدرسي پريالوءِ خيرپور ضلع ۾ علامه مخدوم محمد اسماعيل جوڻيجي جي رهبري ۾ اچي تسڪين ورتائين، پڙهائي جي سمي استاد علامه مخدوم فياضي وچان دوڪاندار کي گهرائي تاڪيد ڪري ڇڏيو، ته دوڪان تان هي شاگرد ڪنهن به مهل جيڪا به شيءِ گهري هن کي ڏني وڃي، ۽ اهڙو قرض اسان جي کنڌي تي لکيو وڃي، قرض جي ادائگي اسان ڪنداسون، شاگرد فقط دڪان تان ڀڳڙا خريد ڪندو رهندو هو، انهن ڀڳڙن جون کلون لاهي، ڀڳڙا دوڪاندار کي واپس ڪندو رهندو هو، ڀڳڙن جي کلن جي وزن جي قيمت علامه مخدوم پريالوءِ جي کنڌي تي چڙهندي رهندي هئي، اهڙي ريت جڏهن شاگرد تحصيل ڪري نڪرڻ وارو هو ته ان مهل دوڪاندار کي گهرائي شاگرد جي کنيل قرض جي پڇا ڪئي وئي، سيٺ ڀڳڙن جي کلن جو حساب ڪري علامه صاحب کي رقم ٻڌائي، ۽ ساڳي وقت عرض ڪيو ته اها قرض واري رقم شاگرد کي معاف ڪري ڇڏي آهي. ( )
جيئن ته سندس استاد اصل ڳوٺ ٽڳڙ باغ تعلقي ڏوڪري جو رهاڪو هو، هن خطي جي زمين زرخيز، وڻراهه، پاڻي مٺو ۽ آس پاس جو ٽڪساٽ صحيح نظر ايندو هو، ان ڪري هن پنهنجي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته پنهنجي دائمي رهائش گاهه لاءِ موجوده خير محمد آريجا جي ٿاڪ کي گهر ڪندو، سند فضيلت سان وٺي، پنهنجي وڏڙن کي لال چوهڙ مڱريو ڳوٺ کان لڏائي، هتي اچي آباد ڪيو، سڀ کان پهرين هن ان وٿاڻ تي هڪ جامع مسجد تيار ڪرائي، جيڪا اڃا سلامت آهي، ان جي ڀرسان هڪ ديني مدرسي جو بنياد ڪچي جاءِ سان وڌو، جتي روايتي تعليم جو مانڊاڻ مچي ويو. ( )
مذڪور مدرسي ۾ علامه مخدوم نور محمد عرف محمد آريجو ابتدائي تعليم جو فيض حاصل ڪيو، اڳتي هلي هن مدرسي سالن جا سال سنڌ هند جي مسلمانن جي خدمت ڪئي. ( )
علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو 1751ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.( )

ملا ابڙا عالمن ۽ مشائخن جو ڳوٺ

ملا ابڙا عالمن ۽ مشائخن جو ڳوٺ

هاڪڙي درياءَ جي منهن ڦيرائڻ جي ڪري، چنيهه جو شهر ٻوڏ جي هيٺ اچي ويو، ان ڪري چنيهه جا جيها ابڙا لڏي ويا، جن مان ڪي چنيهه جي اولهه ڇيڙي تي ”ڳڙهي موصل ڳوٺ“ ٻڌي ويهي رهيا، ان ڳوٺ جو زميندار 1978ع ۾ دين محمد جيهو ابڙو هو.
چنيهه مان سراج احمد جيهو ابڙو تعلقي ٽنڊي باگي جي ”ڳوٺ خاناڻي“ ۾ رهائش ڪيائين، ڪجهه سمي بعد هن جي اولاد مان مولوي محمد صالح راڄي خاناڻي ڳوٺ مان نڪري ڏوڪري تعلقي ۾ اچي ويٺو، هن بستيءَ کي هڪ داڙ مٿان ٽڪنڊي ڍنگ سان رکيو ويو، ڳوٺ لاڙڪاڻو ڏوڪري روڊ جي اولهه پاسي حيدر بروهي ڳوٺ ۽ روڊ کان 2 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي، لاڙڪاڻي شهر کان 6 ڪلوميٽر ۽ ڏوڪري شهر کان 16 ڪلوميٽر ڏور آهي، هن واهڻ جو پهريون نالو ”ملا محمد صالح جا ڀاڻ“ پيو، اڳتي هلي ”ملا ابڙا ڳوٺ“ مشهور ٿي ويو آهي، ڳوٺ جي زمين زرخيز ۽ پاڻي مٺو آهي، جڏهن هي بستي آباد ٿي، ته محمد نالي ڪنڀر به هتي اچي ويٺو، 1978ع ۾ ملا ابڙا ڳوٺ ۾ 80 گهر جنهن ۾ ابڙن جا ۽ ڪنڀرن جا چار هئا، جملي 84 گهر ٿيا، جن جي ماڻهو شماري 600 کن هئي.
”ملا ابڙا ڳوٺ“ علم ادب جو مرڪز ٿي رهيو آهي، وڏا وڏا عالم، اديب ۽ شاعر اڀريا آهن، ديني علمي ميدان ۾ سندن وڏو نالو رهيو آهي، ان کان سواءِ درس تدريس ۾ به هڪ وسندي جو هاڪارو نالو ٿيو آهي، خلافت تحريڪ ۾ به ملا ابڙا ڳوٺ جو اهم حصو آهي، هي ڳوٺ ضلع لاڙڪاڻي جي چڱيري آباديءَ جو استاد ليکجي ته واڌاءُ نه ٿيندو، جن ۾ ملا محمد صالح فقير، مولانا احمد ملوي، مولانا خدا بخش، مولانا محمد عالم، مولانا مولا بخش، مولانا جمال الدين جيها ابڙا وغيره نامور ۽ گوهر علماءِ ٿي گذريا آهن، وڏي ڳالهه ته هتي جا سڀ عالم هڪ ئي مسلڪ تي عمل پيرا آهن، سندن ڳوٺ ۾ رس مزو رهيو اچي، ڳوٺ ۾ ڪنڀر ۽ ابڙا آهن، گهڻائيءَ ۾ ابڙا آهن.

مولانا محمد صالح ابڙو:
مولانا محمد صالح ولد سائين رکيو، ولد شير محمد ولد غلام نبي ولد عبدالرسول ولد آري ولد احمد ولد عبدالڪريم ولد عبدالقادر ولد غلام نبي ولد سراج الدين جيهو ابڙو، اصل تعلقي ٽنڊي باگي مان لڏي تعلقي ڏوڪري ۾ ”ملان ابڙا ڳوٺ“ ٺاهي اچي ويٺو، محمد صالح ابڙو ننڍي کان پنهنجن لاڏائو گهرن جو مک ماڻهو هو، ڳوٺ راڄي خاناڻي ۾ 1727ع ۾ پيدا ٿيو، اڳتي هلي هن جڳ مشهور درسگاهه خير محمد آريجا ۾ ديني سکيا ۽ حڪمت جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي، تحصيل کان پوءِ ته هن جي ڍنگ ۽ رويي ۾ وڌيڪ نهٺائي، انڪساري، پيدا ٿي چڪي، جنهن جو مثال سندس لکڻي مان پروڙي سگهجي ٿو، پنهنجي صحيح ۾ ”فقير محمد صالح“ لکندو رهندو هو، ”طب اڪبري“ هندستاني شهنشاهه اڪبر جي پاران حڪمت تي هڪ ڪتاب تيار ڪرائي شهنشاهي ۾ جاري ڪرايو ويو، جنهن کي اڳتي هلي مولانا فيض محمد تونيه بنگل ديرائي (ميروخان جو رهاڪو) سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، مولانا محمد صالح ان طب اڪبري جو پارسي ٻولي تان اتارو ڪري، صاف ۽ سهڻن اکرن سان 1201هه ۾ پنهنجي لئبريري لاءِ رکيو، لکت جي شروعات ڳاڙهي مس سان ڪيل آهي، باقي ڪاري مس ڪم آيل آهي، پنو اوائلي قسم جو آهي، سندس ڪتاب جي آخر ۾ هيٺين ريت دستخط لکيل آهي:
”کتبه فقير محمد صالح في شهر جمادي الاول“
هن بزرگ ۽ خير خواهه پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جو بنياد 1170هه ۾ وڌو، جتان ڪافي ديندارن فيض لڌو، پنهنجي فرزند جمال الدين کي تحصيل ڪرايائين، هي عالم، مدرس، حڪيم 1205هه برابر 1791ع ۾ هي فاني ڏيهه ڇڏي ويو.

مولوي حاجي احمد ابڙو ملوي:
ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻي ۾ 1855ع ڌاري پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو فضل محمد ابڙو هو، سنڌ جي ڪيترن مدرسن مان سکيا حاصل ڪيائين، جهڙوڪ مدرسو نم، مدرسو گهٽهڙ، مدرسوجهنڊو، مدرسو حيدرآباد، آخري مدرسو شهدادڪوٽ، جتان ديني علومن جي فيض ۽ فضيلت سان سند ورتائين، تحصيل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ 1885ع ڌاري مدرسو کوليائون، جنهن جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو.
انگريز دور حڪومت ۾ پهرين مهاڀاري جنگ لڳي، جا 1914ع کان شروع ٿي، 1918ع ڌاري پوين پساهن ۾ پئي، ان جنگ ۾ ترڪ خلافت انگريز اتحادين خلافت وڙهيا هئا، ان ڪري هنن خلافت جي تڏا ويڙهه جون زور شور سان تياريون ڪري ڇڏيون، ننڍو کنڊ انگريزن جي بيٺڪ هئي، هندستان جي مسلمانن خلاف کي بچائڻ خاطر انگريزن جي خلاف هلچل هلائي ڏني، انهيءَ ڏس ۾ مولوي احمد ابڙو ملوي، پير علي انور شاهه راشدي ۽ پير تراب علي شاهه راشدي لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سان مليا ۽ هن ”تحريڪ خلافت“ کي زور وٺائڻ ۽ انگريزن کي مجبور ڪيو وڃي ته هو خلافت جي ابتڙ نه هلن، جنهن ڳالهه تي لاڙڪاڻي جي چئن ليڊرن جو متفق راءِ اتحاد جو فيصلو ٿيو. ()
مولوي حاجي احمد ابڙي ملوي هن تحريڪ ۾ 4 سال سر ٽوڙ ڪوشش ڪئي، جيئن ته عالم ۽ سياستدان جي حيثيت سان گڏ هي فقيري سڀاءُ وارو به هو، ان ڪري هن جا عقيدت مند سبي ۽ مٺڙي بلوچستان ۾ هئا، انهي اڪير سان لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تان ٽڪيٽ خريد ڪري راهي ٿيو، اوچتو هي شڪارپور ريلوي اسٽيشن تي بيمار ۽ بيهوش ٿي ويو، جتان ڪن ماڻهن هن کي اتان کڻي شڪارپور اسپتال داخل ڪرايو، 1922ع ۾ سندس پساهه پورا ٿي چڪا.

مولوي محمد عالم ابڙو:
سندس والد جو نالو فقير محمد ابڙو، ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻي، شروعاتي تعليم مڪتب ڍڍرا ۽ مدرسي ملا ابڙا ۾ ورتي، اعليٰ تعليم مدرسه ابوالفيض سونو جتوئي ۾ پڙهي راس ٿيو، سند وٺي 1922ع ڌاري ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائين، جنهن مان هيٺيان ٽي عالم هتي پڙهي، تحصيل مدرسي سونو جتوئي مان ڪيائون:
مولوي محمد سليمان ابڙو
مولوي شفيع محمد ابڙو
مولوي محمد قاسم مشوري
مولانا محمد عالم 1957ع ۾ وفات ڪري ويو، ان ڪري هي مدرسو ٽي سال بند رهيو، ان کان پوءِ مولوي محمد حسن ولد محمد هارون ولد مولوي محمد عالم ابڙي اچي 1960ع ۾ مدرسي کي هلايو، جيڪو 1978ع تائين مڙئي پيو ڪم ڪري.
هن مدرسي جا تحصيل يافته شاگرد عالم:
مولوي الله بخش خاراني
مولوي گل محمد بروهي
مولوي غلام حسين تونيا
مولوي علي بخش بروهي
مولوي عبدالله پٽ مولوي غلام حسين آريجوي.

مولانا خدا بخش ابڙو:
هي ذهين ۽ هوشيار عالم، اديب، مدرس، شاعر ٿي گذريو آهي، ملا ابڙا ڳوٺ 1875ع ۾ پيدا ٿيو، سندس والد جو نالو محمد حيات جيهو ابڙو هو، ڪلام پاڪ حفظ ۽ ديني علوم مدرسي ابوالفيض سوني جتوئي ۾ پڙهي فارغ ٿيو، هوشيار هئڻ ڪري، مدرسي ۾ مانيٽر ٿي رهيو، پنهنجي ڳوٺائي ۽ عزيز کي پارسي پڙهايائين، جنهن ڳوٺ ملا ابڙا ۾ 1922ع ۾ مدرسو کوليو.
تحصيل ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ ستار ڏني تعلقه لاڙڪاڻي جي زميندار اميد علي سانگي جي دعوت سان مدرسه ستار ڏنو کوليائين، جتي 15سال پڙهايائين، اتي هڪ شاگرد مولوي شاهه محمد مڱڻيجو تيار ڪري، مدرسو ستار ڏنو ان جي حوالي ڪري، ڳوٺ هليو آيو، جتان زميندار شاهه مراد ڪماريو هن کي ڪوٺي پنهنجي ڳوٺ وٺي ويو، مدرسو نائچ کوليائين، 4 سال پڙهائي مدرسو بند ڪيائين، جڏهن ته ملا ابڙا ڳوٺ مان زميندار محمد يوسف ولد محمد احسان ڪلهوڙو ڳوٺ ٻٽا ڪلهوڙا ۾ ڪانڍي ويو ۽ اتي مدرسو کولايو، جيڪو 12 سال هلندو رهيو ، هي ڳوٺ ملا ابڙا ڳوٺ کان اڌ ميل تي هو، ذوالقعد مهيني ۾ بيمار ٿي، پنهنجي ڳوٺ پهتو، جتي 14 ذوالقعد 1350هه برابر11 فيبروري 1932ع تي هي جهان ڇڏي ويو.
اولاد :
هن ٻه شاديون ڪيون پهرين گهر واري مان مولانا مولا بخش فنائي پيدا ٿيو، اها گهرواري وفات ڪري وئي، ان ڪري ٻي گهر واريءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان ٽي فرزند پيدا ٿيا، اهي هئا:
مولوي جمال الدين
عطا محمد پارسي يافته
فخر الدين پارسي پوري، ڪافيه، ڪنز ۽ نحو تائين پڙهيل

تصنيفات:
شرح دلائل الخيرات، المسمي بمرزع الحسنات
مناقبات غوث ترجمو پارسي
منقوظا ترجمو پارسي
وسيلة العربيت ترجمو پارسي
هٿ جا اوتارا
تحريران
فقهه: جنهن جي پوئين حصي ۾ استادن جو شجرو ۽ پويان ذاتين جو شجرو لکيل آهي.
مولانا خدا بخش ابڙو چئن ٻولين ۾ شعر چئي سگهندو هو، سندس تخلص آثم هو، هن جي هٿ جي لکيل بياض تان ٻه شعر هيٺ آڻجن ٿا:

نهين ڪو خيال ٻيو هر گز، مگر ديدار ديدن جو،
ملي محبوب مشتاقن، لهي غم ڪشيدن جو.
ڪسڻ اڳيان تنهنجي آهي، چنان ڪشتن به جنگ ڪفر،
اهي خوش گل گهڻو مون کي، نه اهڙو عيش عيدن جو.
آهيان قيدي ته محبت ۾، چنان صيدي بران مفتد،
پسندي دل منهنجي کي آ، نهڪو رستو رميدن جو.
ٿيس مون مست محبت ۾، جيان مجنون بحر ليلا،
لهي شب روز در خاطر، درود ذوق چشيدن جو.
آهي آثم تنهنجي خاطر، چه نيلو فر به خرشيد،
بنا تنهنجي نه ٻيو خطرو، نڪو چارو چليدن جو.

من استعان با الله فقد نجي من البلا
وهو المستعان به وهو ربنا بعُلا
استعجب دعوتي بحرمت غوثنا الاعظم
وبحرمت الشهداءِ في مصفا الڪربلا
فاني ارجو في رحمتڪ الواسعة الوسيعة
ان تنجني من الڪرب الاخرة اوالدنيا
بخدمت الرجال صالحي الدارين في ڪونين
بحرمت سيد الانبيا وسلطان الاوليا.
مولوي مولا بخش ابڙو:
ذهين عالم خدا بخش ابڙي کي پهرين گهر واريءَ مان هوشيار فرزند 1901ع ۾ ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو، ديني علوم پنهنجي والد جي رهبريءَ ۾ پرائي، سند مدرسي ابوالفيض سوني جتوئي کان ورتائين، جتي هن جا هم ڪلاسي مولانا ثناءُ الله ثنائي، مولانا دين محمد وفائي ۽ مولوي غلام رسول جتوئي هئا، جيڪي پنهنجي دور جا اديب ۽ سٺا شاعر هئا، ثنائي جي ترغيب تي مولوي مولا بخش شعر چوڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ هن ڪافيون ۽ غزل ڪافي کان گهڻا ڳايا آهن.

سندس پڙهائي جو چيرو:
ملا اسڪول دولت کوکر، تعلقه ڏوڪريءَ ۾ مولوي عبدالغفور ابڙو کنڊو ڳوٺ تعلقه وارهه جو هتي هيڊ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو هو، 1938ع ۾ مولوي مولا بخش ابڙي فنائي کي هن ملا اسڪول جو هيڊ معلم ڪيو ويو، ملا اسڪول دولت کوکر جي سراسري گرانٽ جي خيال کان چڱيري فقط عربي ڇا هوندي هئي، ڳوٺ جو نيڪ مرد ٺارو خان ڀٽي مدد ڪندو هو، هتي سنڌي نائب ماستر پڙهائيندا هئا، پارسي ۽ عربي مولانا مولا بخش پاڻ پڙهائيندو هو.
ملا اسڪول گل محمد تونيه تعلقه باقراڻي: پهرين هي خانگي مشهور مڪتب رهيو، جنهن جو بنياد 1850ع ۾ پيو، اڳتي هلي 1944ع ۾ هن کي گرانٽ تي ملا اسڪول بنايو ويو، 1943ع ۾ هن ڳوٺ جي زميندار دين محمد تونيه جي دعوت تي مولانا مولا بخش ملا اسڪول دولت کوکر ڇڏي، هتي هيڊ معلم ٿيو، جتي شاگرد سراسري 10. 12 هئي، هن اداري ۾ 7 سال پڙهائي، 1950ع ڌاري ڳوٺ ملا ابڙا ۾ اچي مستقل رهيو، جتي شاعري، گهرو ڪم، پوکي راهي ۽ عبادت ۾ رڌل رهندو هو، 1974ع ۾ وفات ڪري ويو.
اولاد ۾ ٽي پٽ ٿيا:
حاجي گل محمد ابڙو
محمد حيات ابڙو
ماستر عزيز الله ابڙو، جيڪو دائمي مريض هئڻ ڪري، پنهنجي پڙهائي جي ڌنڌي کان غير ذميوار پيو رهي.
مولوي جمال الدين ابڙو:
مولوي جمال الدين ولد مولوي خدا بخش ولد محمد حيات ولد عبدالستار ولد محمد صالح ولد مولوي جمال الدين ولد مولوي محمد صالح فقير ولد سائين رکيو ولد شير محمد ولد غلام نبي ولد عبدالرسول ولد آري ولد احمد ولد عبدالڪريم ولد عبدالقادر ولد غلام نبي ولد سراج احمد جيهو ابڙو، هن سان ڪيتريون گڏجاڻيون ٿيون پهرين ورونهن 4 فيبروري 1978ع تي ڳوٺ ملا ابڙا ۾ ٿي، ڏاڍو رلڻو ملڻو، خوش طبع، همدرد، ڳالهائڻ ۾ سخي، قد پنجن فوٽن کان ٽپيل، بدن ڇڙڪ، سگهارو، منهن موڪرو، رنگ ڪڻڪ تي مائل، شهپر ڪٽيل، ڏاڙهي ٽي انچ کن، وار مينديءَ رتا، اڳيان ڏند هيڪڙ ٻيڪڙ، پٽڪي، سلوار قميص سان پوشاڪ، ڪچهري جو ڪوڏيو، ڳالهائڻ ۾ موقعي مهل سان پارسي بيت اچاريندڙ، حافظي جو نهايت تيز، هاري ۽ حڪيم سان گڏ مدرس به رهيو، 1913ع ۾ ڳوٺ ملا ابڙا ۾ پيدا ٿيو.
اصل رهائش وڏن کان چنيهه شهر ۾ هئي، شهر ڏاڍو وسندڙ ۽ آباد هو، 200 دڪان ته لوهرن جا هئا، سنڌو درياءَ هاڪڙي سان اوڀر ڏکڻ وهڪ ڪندو هو، اهو وهڪرو مٽائي اولهه پاسي وهڻ لڳو، هي شهر هيٺاهين جي ڪري درياءَ جي پيٽ ۾ هليو ويو، ان ڪري هتان جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي سهيندي ۽ سيونجهه تي وڃي آباد ٿيا، شهر جي باقيات مان چنيهه جي اولهه ڇيڙي تي ڳڙهي موصل ڳوٺ ذات وارن جنهن چنيهن جو آهي، زميندار دين محمد جيهو آهي.
سراج احمد جيهو ابڙو اچي راڄي خاناڻي ڳوٺ ۾ رهيو، جيڪو تعلقي باگي ديري ۾ آهي، هن جي ڏهين پيڙهي مان مولوي محمد صالح فقير، نيشن وهي ۾ لاڙڪاڻه ڏوڪري روڊ جي اولهه ۾ لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي جي وچ تي ٻن ميلن جي پنڌ تي دائمي ٿاڪ ڪيائين، پهرين هن کي ”ملا محمد صالح جا ڀاڻ“ چوندا هئا، پوءِ ڳوٺ رڪارڊ تي ”ملا ابڙا“ سڏجڻ ۾ آيو، 84 گهر ۽ 600 ماڻهن تي وسيل آهي.
سکيا جو عمل:
منڍ ۾ ڪلام پاڪ، پارسي، هدايت نحو تائين مدرسه ملا ابڙا ۾ مولانا محمد عالم ابڙي وٽ پڙهيو، علم اصول، علم فقهه، ڪنز دقائق، مدرسه ابوالفيض سوني جتوئي ۾ حاصل ڪيائين، حديث، فقهه، تفسير مدرسه ٻٽا ڪلهوڙو پنهنجي والد جي رهبريءَ هيٺ تحصيل ڪيائين.
درس تدريس:
مدرسي ٻٽا ڪلهوڙي ۾ والد جي وفات بعد اداري کي ٻن ڀائرن سنڀاليو مولوي مولا بخش ۽ مولوي جمال الدين، ان کان پوءِ هيٺين ريت درس ڏيندو رهيو.
مدرسو سرهري تعلقه شهدادڪوٽ 5 سال پڙهايائين، مدرسي جي مدد گل محمد مگسي ڪندو هو، 15. 16 شاگرد هوندا هئا.
مدرسو جندو ديرو تعلقو ڳڙهي ياسين ۾ 40 شاگرد هئا، 3 سال پڙهايائين.
مدرسو مديجي شهر ۾ پڙهائي ڪيائين، نيٺ 1970ع ۾ پڙهائي بند ڪري ڳوٺ ملا ابڙا ۾ ڪڙمت ۽ حڪمت شروع ڪيائين، ڪتب خانو پيءُ ۽ ڀاءُ کان ورثي ۾ نصابي وغيره عربي ۽ پارسي 300 کن ڪتاب ٿيندا.

مولوي گل محمد ابڙو:
سندس والد جو نالو عبدالستار ابڙو، ڳوٺ ملا ابڙا تعلقو باقراڻيءَ ۾ نروار ٿيو، سموري ديني سکيا مدرسي ابوالفيض سوني جتوئيءَ مان حاصل ڪيائين، سند وٺڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ آيو، جتان سيد پير امام الدين شاهه راشديءَ جو والد وٺي ويو، جنهن پنهنجي ڳوٺ وڏل شاهه ۾ 1910ع ۾ مدرسو کولرايو، هن عالم ان اداري ۾ 6 سال پڙهايو، 1916ع ۾ وفات ڪري ويو.

مولوي شفيع محمد ابڙو:
ڳوٺ ملا ابڙا تعلقي باقراڻيءَ ۾ پيدا ٿيو، والد جو نالو علي محمد ابڙو هو، هي منڍ ۾ پنهنجي ڳوٺ واري مدرسي ۾ داخل ٿيو، مولانا محمد عالم جي رهبري ۾ پارسي، فقهه، حديث ۽ تفسير پڙهيو، باقي ڪتاب عبدالغفور ۽ ڪتاب المختصر معاني مدرسه ابوالفيض سوني جتوئيءَ ۾ پڙهي تحصيل ڪيائين، ان کان پوءِ باقي زندگي واپار ڪندو گذاري ويو.

مولوي محمد سليمان ابڙو:
1896ع ۾ ملا ابڙا ڳوٺ ۾ هوش سنڀاليائين، سندس والد ابڙو فقير به مدرس هو، جڪيو ڍڍرا ڪلهوڙا ۾ مڪتب پڙهائيندو هو، هن جو مولوي محمد عالم ابڙو به پارسيءَ جو شاگرد هو، ساڳئي وقت ملا ابڙا ۾ به مدرسو هلندو هو، جنهن جو اڳ مدرس مولوي حاجي احمد ابڙو ملوي هو، جيڪو 1922ع ۾ گذاري ويو، تنهن کان پوءِ مدرسو ملا ابڙا مولوي محمد عالم سنڀاليو.
مولوي محمد سليمان ڳوٺ جي پڙهيل ماحول کان به سکيا ورتي پر اعليٰ تعليم جي سند مدرسي ابو الفيض سوني جتوئي کان ورتائين، مولانا ابڙو اديب ۽ حڪيم هو، هن جي تحصيل کان پوءِ زميندار مولا بخش ڪلهوڙي ڪانڍي پنهنجي ڳوٺ وڏا واهڻ ۾ 1923ع ۾ مدرسو کولايو، 1965ع ۾ وفات ڪري ويو.

تصنيفات:
شيعن جي رد ۾ ڪتاب ڇپيل سنڌي
مجربات حڪمت خطبا

خير محمد آريجو ڳوٺ

خير محمد آريجو ڳوٺ

مڱرين جي آبادي جو اصل وٿاڻ جوڌپور جيسلمير چيو وڃي ٿو، جتان لڏي سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي وسنديون کڙيون ڪيائون، مخدوم شهاب الدين منڱريي جا وڏا سنڌ ۾ الهداداڻي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان لڏي اچي ويٺا، جنهن کي ”لال چوهڙ مڱريي ڳوٺ“ چئجي ٿو، مخدوم شهاب الدين ديني علوم ۾ علامه مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ وٽ فيض فضيلت جي دستار بندي ڪئي، جيڪو موصوف اصل ڏوڪري تعلقي ڳوٺ ”ٽڳڙ باغ“ جو رهاڪو هو، ان نسبت سان مخدوم منڱريي صاحب ڏوڪري تعلقي کي چاهيندي، موجوده ڳوٺ خير محمد آريجا جي ٿاڪ جي چونڊ ڪري، اتي اچي پنهنجي خاندان سان وسئن ڪيائين، هڪ مسجد ۽ مدرسو به کڙو ڪيائين. ()
ڳوٺ جو اصل نالو ”مخدوم شهاب الدين مڱريو پيرزادو ڳوٺ“ پڌر ڪيو ويو، مڱريه ذات ۾ ڪمي اچي وئي، سندن معيشت توڙي تعليم موڪلائي وئي، ان جي ڀيٽ ۾ آريجا ذات ۾ واڌ ٿي چڪي، زمينداري سندن هٿن ۾ آئي، ته آريجن جي مان ۽ مرتبي ۾ اوڀار ايندي رهي، ساڳئي وقت سندن ذات ۾ علامه مخدوم نور محمد آريجي جهڙو دانشور اڀريو. ()
سنڌ ۾ ارغون، ترخان ۽ مغلن جي ڀيل جي ڪري شهر ۽ وڏا ننگر ويران ٿيندا رهيا، ڪلهوڙا دور ۾ هن سرزمين تي مڱريه گهراڻي بستي کڙي ڪئي، ان ڪري آس پاس جا ماڻهو هتي ايندا ويا، ديني تعليم تي ڌيان ڏنو ويو، تعليمي ڀلائي ۽ بهتريءَ سان هي وسندي هڪ وڏي شاهوڙ ڳوٺ ۾ مٽجي وئي. ()
آريجا ڳوٺ ۾ ٽالپر دور حڪومت ۾ وڏو واڌارو اچي ويو، هتي ميرن جو ديرو (سرڪاري آفيس) هوندو هو، جنهن ۾ سندن ڪمدار ۽ ڪاراوا هوندا هئا، سلامتي جي ڪري آبادي ۾ جهجهائي اچي چڪي. ()
انگريز دور حڪومت 1843ع کان سنڌ۾ جاري ٿي، سنڌ جي سرزمين جي ڪڇ ماپ ٿي چڪي، سروي دوران ديهون، تپا، سرڪل، تعلقا، ضلعا وغيره جون حدون نشان ٺهيا، نقشا، چارٽ ڪڍيا ويا، امن سلامتي ٿي وئي، ان ڪري ڳوٺ خير محمد آريجا جو اوج تائين پهچڻ ٿي ويو. ()
هي ڳوٺ لاڙڪاڻي ڏوڪري ، موئن جي دڙي روڊ جي اولهائين ڪنڌي کان ٺارو واهڻ ڳوٺ ۽ اوڀارين پاسي خير محمد آريجا ڳوٺ آهي، زمين زرخيز، پاڻي مٺو ، وڻراهه ، واڙي وکري جام ، انب ، زيتون ، ليما وغيره اڻکٽ باغات آهن، ڳوٺ ۾ اڳ مرد ۽ عورت کان سواءِ ٽين جنس جي اچڻ جي منع ٿيل هئي، کين جيڪڏهن خيرات وٺڻي هوندي هئي، ته مخدومن جي درگاهه تان اجازت وٺندا هئا، خير وٺي جلدي هليا ويندا هئا، دهلن ۽ نشي جي اوتارن جي ڳوٺ ۾ بندش پيل هوندي هئي.
خير محمد آريجا ڳوٺ ۾ ديني تعليم جو مانڊاڻ ڪلهوڙا دور کان شروع ٿيو، اسلامي سکيا جي کيتر ۾ هي وسندي مٿاهين منزل تي رسيل هئي، ان ڏس ۾ هن ننگ رکي سنڌ وستين جو سرتاج سڏجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن جو پڌرو مثال ته مخدوم علامه شهاب الدين مڱريو، علامه مخدوم نورمحمد آريجو، سنڌ ۽ هند جا هاڪارا استاد ٿي گذريا، جن جي درسگاهه مان علامه سيد محمد راشد روضي ڌڻي، علامه سيد محمد عاقل شاهه هالاڻي سنڌ ۽ هند تائين مشهور رهيا، علامه مخدوم حافظ عبدالحليم ڪنڊوي علم ادب جو شهسوار ٿي رهيو، مولانا غلام حسين، مولانا غلام عمر، مولانا محمد هدايت الله آريجا ۽ مولانا تاج محمد کوکر پنهنجو مٽ پاڻ رهيا.
ڪتاب گهر گل حيات آريجا جو سرپرست وڏو مانائتو ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ آهي، جنهن موصوف جون ادبي سرگرميون سنڌ پاڪ توڙي هند کان ٻاهر تان هلي رهيون آهن، هن محترم علامه جي سماجي ۽ معاشي زندگي هن ڪتاب گهر لاءِ وقف ٿيل آهي، هن ڳوٺ جي ساراهه ڪندي انصاف جو پورائو ڪجي ٿو، واکاڻ کي ورجائڻ ۾ هن وٿاڻ جو حق ادائگي ٿيندي، پوءِ به خاص ۽ اهم حقيقت جي گڙنگ گهٽتائيءَ جو کٽڪو رهي ٿو، جنهن جو پورائو ڪرڻ ڪنهن به اديب ۽ محقق جي وس جي ڳالهه نه آهي، ڇو ته وڏي کوجنا ڪندي به حيرت جا هٿ مهٽڻا پون ٿا، جو علامه مخدوم نور محمد آريجا سائين جن جي والد جو نالو مبارڪ هٿ نه اچي سگهيو آهي، پرک پروڙ جي ميدان ۾ هي هڪ کري کوٽ رهجي وڃي ٿي، جنهن کي لهڻ لاءِ اجايا اڇانگ اڇلي نٿا سگهجن.
خير محمد آريجا ڳوٺ جي 1978ع جي ماڻهو شماري 15000 چئي وڃي ٿي، شهر ڳوڙهو ۽ گهاٽو ٻڌل آهي، ڳوٺ جون ذاتيون:
1.آريجا 2. ابڙا
3. بروهي 4. ڀٽي
5. مڱريا 6. ماڇي
7. مير بحر 8. مڱڻيجا
9. منگي 10. مڪراني
11.ڪلهوڙا 12 ڪوري
13. ڪنڀر 14 سيد
15. سومرا 16. سونارا
17. سيال 18. چنا
19. پٺاڻ 20. کوکر
21. کوهارا 22. لوهر
23. پيرزادا 24. شيخ
25. ٻرڙا 26. جوڳي.
گهڻائي واري ذات آريجا آهي.

مولانا تاج محمد کوکر:
ولد مير خان کوکر، ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري جنم، آريجا ڳوٺ ۾ جامعه مسجد مخدوم شهاب الدين جي ڀرسان هڪ ڪچو مدرسو مخدوم شهاب الدين جو تيار ڪيل هو، اتي مولوي الهه رکيو ۽ سندس ڀاءُ مولوي خدا بخش مير بحر درس ڏيندا هئا، جتي ڪلام پاڪ پورو ڪيائين، پارسي لاءِ مدرسو ڍارو واهڻ لڳ خير محمد آريجا ۾ مولوي غلام حسين ۽ مولوي قاضي غلام عمر آريجن وٽ پڙهيائين، عربي تعليم لاءِ تعلقي قمبر مدرسي ٺوڙهي بجار ۾ مولانا ڪريمداد وٽ شروع ڪيائين، مدرسو پير رشد الله راشدي لعلو رائنڪ تعلقي وارهه ۾ به پڙهيو، آخر ۾ مدرسه دار الفيض سونو جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سيالڪوٽي نصاب جي تحصيل ڪري ورتائين، ان کان پوءِ مدرسي نعمانيه لاهور ۾ علم منطق ڪبريٰ، علم النفس، علم حڪمت ۽ علم ادب جو اڀياس ڪيائين، مدرسو وزير آباد ۾ مولانا عبدالرسول وٽ به طب ۽ ٻين موضوعن تي مطالعو ڪيائين.
سعودي عرب ڏانهن پڙهڻ ويو.
مدرسه مدينه ۾ دور حديث ورتائين
شيخ الحديث علامه عبدالرئوف مصري جامعيه ازهر
شيخ الحديث علامه عبدالباقي مهاجر مدني
شيخ الحديث علامه عمر حمدان محرسي.
سعودي عرب ۾ ٻه حج پڙهي مڪي ۾ مطالعو ڪيائين.
شيخ القراءِ حسن شاعر مدني مڪه
شيخ القراءِ محمد اسحاق مدير مدرسه عثمانيه مڪه
شيخ القراءِ احمد حجازي مڪه
دارالفيض مان تحصيل ڪري 14 شوال 1337 هه برابر 13 جولاءِ 1919ع جامع مسجد مخدوم شهاب الدين آريجا جو پيش امام مقرر ٿيو، مدرسه مخدوم شهاب الدين آريجا ڪچو ڊهندو ۽ ٺهندو رهيو، جنهن جي نئين سر مولانا تاج محمد کوکر اڏاوت ڪرائي، ان کي نالو ڏنائين ”مدرسه محمدي دار العلوم عرف شمس العلوم“ آريجا، جنهن ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، مدرسي جي سراسري شاگرد 70 کان 80 رهي، جنهن جي کاڌ خوراڪ ۾ ڳوٺ وارا مدد ڪندا هئا، سندس مدرسي مان ڪيترا شاگرد فيض ياب ٿي چڪا، جن ۾ خاص نالا هئا:
مولوي عبدالرحمان شهرو
مولوي عبدالصمد ميتلو
مولوي فيض محمد ٻرڙو
مولوي امير بخش کوکر سندس ڀاءُ
مولوي عزيزالله کوکر سندس سوٽ
مولوي شفيع محمد پيرزادو
مولوي محمد قاسم ڪلهوڙو
مولوي غلام محمد ڀٽه آبڙي
مولوي محمد اسحاق گاجي ديرو.
مولانا تاج محمد کوکر هلڪي ڦلڪي سرير سان وڏي علم وارو عالم هو، هن سيالڪوٽي نصاب کي مختصر ڪري جلد کان جلد شاگردن کي تحصيل ڪرائيندو هو، درس تدريس، واعظ ۽ مطالعي جو ڏاڍو شائق رهيو، شاعري به ڪندو هو، سندس وفات 3 ذوالقعد 1382هه برابر 8 اپريل 1962ع تي ٿي.

مدرسو شمس العلوم آريجا:
هي درسگاهه مولانا تاج محمد کوکر کڙو ڪيو، سندس وفات کان پوءِ ڀاڻس مولانا امير بخش ڪافي وقت مدرسو هلايو، جنهن کان پوءِ مولانا ڪرم الله ولد مولانا تاج محمد کوکر ساڳي مدرسي کي 1402هه ۾ هلائڻ شروع ڪيو، جيڪو اڄ تائين هلي ٿو، صدر مدرس مولانا ڪرم الله کوکر، نائب مدرس حفظ ۽ ناظران ڪلام پاڪ سيد سجاد حسين شاهه مولانا ڪرم الله شروع کان آخر تائين ديني تعليم جو نصاب مدرسي دارالعلوم حسيني رضويه ٺارو واهڻ ۾ پڙهي 1402هه ۾ پورو ڪري ڇڏيائين، سند مولانا محمد هدايت آريجا کان ورتائين، ساڳئي خير محمد آريجا ۾ پنهنجو مدرسو هلايائين.

مدرسو دارالعلوم حسيني رضويه ٺارو واهڻ:
ٺارو واهڻ ۽ خير محمد آريجا جي وچان لاڙڪاڻو ڏوڪري روڊ نڪري ٿو، روڊ جي لڳ ۽ اولهه پاسي ٺارو واهڻ ڳوٺ آهي جتي خلافت تحريڪ جي شروع ٿيڻ تائين گرانٽي ملا مڪتب هلندو هو، 1919ع کان ديني درسگاهه تيار ٿيو، جيڪو 1925ع تائين وڏي واڌاري ۾ هوندو هو، هن مدرسي جو ٻيو دور 1925ع کان 1947ع تائين مڙئي نالي ماتر هلندو رهيو.
هن مدرسي ۾ ٽن عالمن درس تدريس جو ڪم هلايو، اهي هئا:
مولانا غلام حسين پٽ محمد موسيٰ آريجو
مولانا غلام عمر پٽ محمد عثمان آريجو
مولانا عبدالله پٽ مولانا غلام حسين آريجو.
(1) مولانا غلام حسين مدرسي پاٽ ۾ ديني علوم پڙهي علامه مخدوم حسن الله پاٽائي جي رهبريءَ ۾ تحصيل ڪري، سند ورتائين، وفات 13 جمادي الثاني 1340هه.
(2) مولانا عبدالله ولد مولانا غلام حسين آريجو پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي والد وٽ پڙهيو، بقايا ديني اعليٰ تعليم مدرسي ملا ابڙا ۾ مولانا محمد عالم ابڙي جي رهبريءَ ۾ تحصيل ڪيائين، وفات 11 ذوالقعد 1388هه تي ڪيائين.

مدرسي دارالعلوم حسيني رضويه ٺارو واهڻ جو ٽيون دور:
هي درسگاهه 1380هه برابر 1960ع ٽيون دور جاري ٿيو، جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي، 1978ع ۾ 45 شاگرد هئا.
صدر مدرس: مولانا محمد هدايت ولد مولانا عبدالله آريجو
نائب مدرس: مولانا عبدالغفور ولد خدا بخش آريجو
نائب مدرس: مولانا حافظ محمد ولد مولانا هدايت الله آريجو.
حافظ محمد حسن جکرو: ڪلام پاڪ حفظ ۽ ناظران.

مولانا قاضي غلام عمر آريجو:
26 اپريل 1860ع تي ٺارو واهڻ لڳ خير محمد آريجا ڳوٺ تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محمد عثمان 1863ع ۾ وفات ڪري ويو، 8 سالن جي عمر ۾ سندس والده هن کي ديني تعليم لاءِ مدرسه سيهڙا ڍورائي ۾ مولوي الله بخش کوهاري وٽ ويهاريو، جتي پارسي پڙهيو،، حڪمت ۽ عربي لاءِ مدرسي ترائي لڳ مديجي ۾ مولانا قاضي عبدالرزاق وٽ پڙهيو، ڪجهه وقت کان پوءِ ساڳئي مولانا الله بخش کوهاري وٽ عربي تعليم جي تحصيل ڪري ڇڏيائين، ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ رهيو، وري فاضل ڪلهوڙي ۾ درس تدريس شروع ڪري ڏنائين، ۽ شفاخانو به کوليائين، 8. 10 سال اتي رهي، ائين گڏ ۾ پارسي تعليم 5 سال ڏنائين، آخر پنهنجي ڳوٺ ۾ شفاخانو کوليائين، ۽ مسجد ۾ درس به ڏيڻ شروع ڪيائين، حڪمت ۾ ماهر ٿي ويو، پارسي ۾ خط ۽ مضمون تر جي ماڻهن کي لکي ڏيندو هو، شاعر به هو، سنڌي، سرائيڪي، اردو، پارسي ۽ عربي ۾ شعر چوندو هو، هن شيخ سعدي جي پارسي ڪريما تي هن پنهنجي نموني شاعري جي طبع آزمائي ڪئي، جنهن جو ديپاچو سٺي نثر سان چٽيو آهي، هي بزرگ 9 فيبروري 1930ع تي فاني دنيا ڇڏي ويو.

مولانا محمد هدايت الله آريجو:
سندس والد جو نالو مولانا عبدالله ولد مولانا غلام حسين ولد محمد موسيٰ آريجو ڳوٺ ٺارو واهڻ ۾ 1940ع ۾ پيدا ٿيو، اعليٰ تعليم پنجا ب جي مشهور جامعه رضويه مظهر العلوم فيصل آباد ۾ علامه شيخ الحديث سردار احمد صاحب جي رهبري ۾ ديني علوم جي تحصيل ڪري، 1380هه برابر 1960ع ۾ فيض فضيلت سان سند ورتي، ساڳي سال ٺاري واهڻ لڳ خير محمد آريجا ۾ مدرسو دار العلوم حسيني رضويه قائم ڪيائين، جنهن جي نئين قسم جي عمارت کڙي ڪرايائين، جنهن ۾ جدا جدا هال، حفظ ڪلام پاڪ ۽ ناظران جو هال، عربي طالبن جو هال، پارسي شاگردن جو هال، لئبريري ۽ آفيس جدا جدا تيار ڪيل آهي.

علامه مخدوم نور محمد عر ف محمد آريجو
مذڪور علامه ڳوٺ خير محمد آريجا، تعلقو ڏوڪري ۾ 1130هه برابر 1718ع ۾ پيدا ٿيو، پارسي پوري ڪري، عربيءَ جا هيٺيان ڪتاب مدرسي خير محمد آريجا ۾ علامه مخدوم شهاب الدين مڱريه جي رهبري ۾ 1725ع کان 1732ع تائين پڙهيائين، اعليٰ تعليم لاءِ مدرسي سرهيه پڌر لاڙڪاڻي شهر ۾ علامه الشيخ ابن يامين صاحب جي رهبري ۾ فيض فضيلت سان سند ورتائين. ()
تعليم پرائڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ پهتو، جتي 1751ع ۾ مدرسي آريجا جو باني علامه مخدوم شهاب الدين مڱريو ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو، ساڳي سال علامه مخدوم محمد آريجوي پنهنجي آبائي ڳوٺ واري مدرسي جو صدر مدرس ٿي رهيو، جنهن کي 45 سال هلايائين، 1796ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ()هي مدرسو هند، سنڌ بلوچستان، افغانستان تائين هاڪارو رهيو، جتان اڻ ڳڻيا شاگرد رشيد فيض ياب ٿيندا رهيا، هن مدرسي جا چار شاگرد گهڻو پڌرا ٿيا، جن ۾ هيٺيان صاحب ڄاڻ نالي وارا ٿي گذريا: ()
1. پير سائين علامه محمد راشد روضي ڌڻي ؓراشدي سيد
2. علامه محمد عاقل شاهه سيد لڪياري ڪاظمي
3. علامه مفتي محمد ٻيرائي قريشي
4. علامه ”ملا فقير“ محمد صالح ابڙو
”پاڻ اخير ۾ مولانا مولوي محمد صاحب آريجوي ؓوٽ ڪتاب پورا فرمايائون، هن مدرسي عاليه ۾ سيد عاقل شاهه ؓبه ساڻن هم مدرس هوندو هو، مگر حضرت پير سائين جن قدس سره جن اڳ ۾ علم جي نصاب مقرر جي تڪميل بعد فيض فضيلت جي دستار ڪري مدرسي تعليم کان رخصت ٿي درگاهه مقدس تي آيا ۽ جناب شاهه صاحب جن هڪ سال پوءِ دستار بندي فرمائي.“ ( )
دهلي جو شاعر ناطر علي برٽش دور ۾ پارسي شعر تضمين جي جواب ۾ سنڌي شاعرن جي طبع آزمائي جنهن ۾ ابو طالب سنڌي، حڪيم سيد محمد وفا لکوي، مولوي محمد صاحب آريجوي، آخوند احمد بقاپوري هئا، سندن شعر گوئي ۾ چٽاڀيٽي هن طرح ٿي:
1. ناصر علي دهلوي:
پرده بردار که صاحب نظران منتظر اند
ورنه از آه دلت پرده عالم بدراند
2. ابو طالب سنڌي:
آرزو مند مد روازه تومي نگر ند شوق داران بجهت ديدن تو قائم بد راند
لائقت نيست که باشي تو ازاشيان محبوب پرده بردار که صاحب نظران منتظر اند
3. سيد محمد وفا لکوي:
به ديدار تو بسيار زاهل سفراند وطن بگذاشته مشتاق پئي يڪ اند
عجب اي شوخ که در پرده نشي بحجاب پرده بردار که صاحب نظران منتظر اند
4. مولوي محمد آريجوي:
حاجيان کعبه رويت بطواف بدراند بوسه خواهان چو حجاج سياه حجر اند
چند باشي زا ايشان بلباس رود پوش پرده بردار کي صاحب نظر اند منتظر اند
5. آخوند احمد بقاپوري:
عاشقان کشتدو مجروح تو بريکد يگراند سکنان بدرت غرق بخون جگر اند
چند مستور شوي يار تو در زير حجاب پرده بردار که صاحب نظران منتظر اند
علامه مفتي محمد قريشي
مولانا عبدالله کي ممون ڳوٺ تعلقي رتيديري ۾ مٿين نالي فرزند 1158هه برابر 1745ع ۾ پيدا ٿيو ، سندس والد ننڍي وهيءَ ۾ پٽ کي ڇڏي راهه رباني ورتو ، جنهن کي نئين مسلم ماهي شيخ پاليو ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو، علامه محمد ديني تعليم جي تحصيل ڪري ورتي، ڪجهه وقت کان پوءِ رتيديري علائقي ۾ سخت ڏڪر اچي ڪڙڪيو، ان ڪري ممون ڳوٺ مان لڏ پٽي، لاڙڪاڻي خطي جي خوشحال حدن اندر دودائي ڳوٺ ۾ اچي رهائش ڪيائين، هڪ ڀيري پاڻ دودائي کان نڪري ڪنهن هنڌ ويل هو، ته اوچتو هن جي گهر کي باهه وڪوڙي وئي، سندس والده ڀڙڪندڙ باهه واري گهر ۾ اندر رهجي وئي، جنهن کي جان بچائڻ جي واهه نظر نه آئي، ايتري ۾ دودائي جي ماڻهن مڙسي ڪري، رلهيون پسائي بدن کي ويڙهي باهه ۾ ڪاهي پيا، ۽ ڪراڙي کي باهه جي آفت کان بچائي ٻاهر سلامتي سان ڪڍي آيا، باهه جي وقت ڪراڙي پٽ جو لکيل ڪتاب ”مخز الرويات“ ڪڇ ۾ ڪري ويهي رهي، جڏهن ته گهر ۾ رکيل باقي سامان ۽ ڪتب خانو باهه جو ٻل ٿي ويا، ڪجهه وقت کان پوءِ علامه محمد دودائي وارن کان موڪلائي، 1806ع ڌاري ٻير ڳوٺ اچي لڏ لاٿي، جتي تونيا ذات جي گهڻائي هئي، ٻير ڳوٺ تعلقو قنبر ۾ ديني درسگاهه کوليائين، ان ڳوٺ جي نسبت سان ٻيرائي مشهور ٿيو.
علامه محمد عاقل عباسي کهڙوي (وفات 1232هه برابر 1816- 1789ع ۾ مسند تي ويٺو، ٽالپر دور ۾ سنڌ جو چيف جج رهيو، هن جي قنبر تعلقي ۾ جاگير هئي ۽ مريد به هئا ان ڪري هو قنبر شهر ۾ آيو، هن جي علامه ٻيرائي سان گڏجاڻي ٿي، جنهن کان علامه کهڙوي لاڙڪاڻي پرڳڻي جو جج مقرر ڪرايائين.
مخزن الروايات ڪتاب:
هي ضخيم ڪتاب 50 بابن ۾ 1801ع جو لکيل آهي، هن جو ليکڪ علامه ٻيرائي آهي، مواد معاملات ۽ عبادات تي مشتمل آهي، عربي ۽ پارسي زبان ۾ تيار ڪيل آهي، ليکڪ کي زمين ۽ ڪتاب هئا، هن پارسي زبان ۾ هڪ وصيت لکي پنهنجي پوين وارثن ۾ ورهاست ڪئي، بزرگ جي وفات کان پوءِ سندس وارثن ڪيل وصيت پٽاندڙ پاڻ ونڊ ورڇ تي راضي ٿي، پنهنجو پنهنجو ونڊ کنيو.
علامه مفتي محمد ٻيرائي جي تعليم بابت چٽائي:
29 ڊسمبر 1976ع تي قنبر تعلقي جي ڳوٺ ٻير ۾ مولانا عبدالڪريم قريشي سان صبح ڌاري رهاڻ ٿي، جنهن پنهنجي وڏي ڏاڏي علامه محمد ٻيرائي جي ڏيٺ ويٺ ڪرائي، تعليم جي باري ۾ چيائين ته موصوف مدرسي ڪنڊي بلوچستان ۾ علامه عبدالحڪيم کان تعليم پرائي.
علامه ٻيرائي جي سکيا جي مانڊاڻ کي ذاتي پرک پروڻ جي ڪسوٽي تي رکي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي ته پوءِ شايد دانشور دوست اهڙي گنجريل ٽڪسات کي پرکي پروڙي حقيقت سان سهمت ٿي پون.
علامه ٻيرائي جو جنم 1158هه برابر 1745ع ۽ وفات 1273هه برابر 1856ع تي ٿي چڪي، قمري سن جي حساب سان هن جي عمر 115 سال بيهي ٿي، جڏهن ته علامه حافظ عبدالحليم جي پيدائش 1191هه برابر 1777ع ۽ لاڏاڻو 1254هه برابر 1838ع تي ٿئي ٿو، ان ليکي سندس ڄمار 63 سال ٺهي ٿي.
مذڪور اپٽار ٻڌائي ٿي ته جڏهن استاد ڪنڊوي ڄائو، تڏهن شاگرد ٻيرائي صاحب جي ڄمار 32 سال هئي، ساڳي شاگرد ڪتاب مخزن الروايات 1216 برابر 1801ع ۾ لکي تيار ڪيو، ته شاگرد ٻيرائي صاحب جي عمر 56 سال هئي، ان ڪٿا سان استاد ڪنڊوي صاحب 23 ورهين جي عمر سان مدرسي هالاڻي مان علامه سيد محمد عاقل شاهه جي رهنمائي ۾ پڙهي، 1800ع ۾ سند ورتي ۽ ساڳي سمي مدرسو ڪنڊي بلوچستان کوليو.
1800ع ۾ مدرسو ڪنڊي جاري ٿيو، جنهن ۾ 55 سالن جو شاگرد ٻيرائي صاحب ديني علوم جي سکيا وٺڻ شروع ڪري ته کيس تعليم پرائڻ ۾ شايد 15 سال لڳي وڃن، ان روءِ سان هو 70 سال جي ڄمار ۾ تحصيل ڪري وٺي، ايتري وڏي عمر واري کي جوان ته تسليم نه ڪيو ويندو.
70 سال ۾ تحصيل ڪرڻ کان پوءِ ٻه وڏا ڪم ڪندو رهي، هڪ مدرسو هلائي ۽ ٻيو لاڙڪاڻي خطي جو جج مقرر ٿي فيصلا ڏيندو رهي، درس تدريس ۽ عدالت هلائڻ ٻئي ڪٺن حاجتون آهن، جيڪي وڏي ڄمار ۾ سر انجام ڏيڻ مشڪل کان خالي نه آهن.
ان سمي سنڌ جو وڏو ناليوارو درسگاهه خير محمد آريجا، ڏوڪري تعلقو 1751ع کان هلي رهيو هو، علامه محمد آريجوي صاحب جي پيدائش 1130هه برابر 1717ع تي ٿي چڪي، ۽ رحلت 1210هه برابر 1790ع ۾ ڪيائين، ان ڪاٿي سان ويچاريو وڃي ته علامه ٻيرائي مدرسي آريجا ڏوڪري تعلقي مان فيض ياب ٿيو هوندو.
ٽين چٽي ٽل ته علامه ٻيرائي جي ڳوٺ ممون جي پنڌ جو مفاصلو آريجا ڳوٺ کي 27 ميلن تي پوي ٿو، جڏهن ته درسگاهه ڪنڊي، بلوچستان ڳوٺ ممون کان 100 ميل ڏورانهون رهي ٿو.
چٽو دليل آهي، جنهن لاءِ علامه مصطفيٰ قاسمي ”الرحيم رسالي“ جي 80 صفحي تي لکي ٿو ته ”علامه ٻيرائي جي لاڏاڻي جي فاتح خواني جي لاءِ پير پاڳاره سيد حزب الله شاهه راشدي پير ڳوٺ ضلع خيرپور رياست مان هلي ڪري تعلقي قنبرجي ٻير ڳوٺ ۾ علامه ٻيرائي جي پٽ مولانا محمد ڪامل سان پڙهي، اهو ان ڪري جو پير سيد حضرت روضي ڌڻي محمد راشد به مدرسي آريجا جو شاگرد رشيد ۽ تحصيل يافته هو، پنهنجي خاندان جا پراڻا تعلقات هئا.
مٿيون چار حجتون ۽ تڪراري ٽيڪا ٽپڻيون هن منجهيل معاملي کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪن ٿيو، ساڳي سمي علامه ٻيرائي جي پڙهائي دوران آريجا درسگاهه کان سواءِ لاڙڪاڻي پرڳڻي توڙي بلوچستان ۾ ڪو به هاڪارو ديني درسگاهه نه هو.
علامه مفتي محمد ٻيرائي جو خاندان:
(1) علامه محمد ولد مولانا عبدالله قريشي (تونيه) جنم 1158هه برابر 1745ع تعليم ۽ تحصيل مدرسه خير محمد آريجا ، مدرسه ٻير قائم ڪيائين. وفات 1273هه برابر 1856ع )
(2) مولوي محمد ڪامل پٽ علامه محمد 1800ع ڌاري پيدا ٿيو، هن سموري سکيا مدرسي ٻير ۾ ورتي ، والد جي رهبري ۾ سند وٺي مدرسي ٻير ۾ نائب مدرس ٿي پڙهايائين 1875ع ۾ وفات ڪيائين.
(3) مولانا عبدالله ولد مولوي محمد ڪامل 1846ع ڌاري پيداٿيو، ابتدائي ڪتاب مدرسي ٻير ۾پڙهي ، اعلي تعليم لاءُ مدرسي شهداد ڪوٽ ۾ داخل ٿي 1876ع ۾ تحصيل ڪري ورتائين، ان بعد مدرسو ٻير اچي سنڀاليائين 1343هه برابر 1924ع ۾وفات ڪري ويو .
(4) مولانا محمد عالم ولد مولوي عبدالله مدرسي ٻير ۾ پڙهيو، تحصيل به اتي ڪري ورتائين، ان بعد مدرسي ٻير ۾ پارسي ۽ عربي طالبن کي پاڙهيندو هو.
(5) مولانا عبدالڪريم ولد محمد عالم مدرسي ٻير ۾ پارسي ۽ ڪجهه عربي پڙهيو، اعليٰ تعليم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ جدا جدا مدرسن ۾ پڙهيو، آخر ۾ ساڳي استاد جي رهبري ۾ مدرسي قاسم العلوم گهوٽڪي ۾ 1947ع ڌاري فيض ياب ٿيو ۽ سند ورتائين. ()
علامه سيد محمد عاقل شاهه
علامه سيد محمد عاقل شاهه ولد سيد محمد حسين شاهه لڪياري ڪاظمي، هالاڻي اهو هاڪارو شهر، جتي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي فيصلا ڪن ويڙهه ۾ ٽالپر خاندان کي سرسي پلئه پئي، ساڳي وٿاڻ تي 1755 ۾ سيد محمد عاقل شاهه جنم ورتو، سندس تڙ پوٽي محمد حسين شاهه جي چوڻ پٽاندڙ، ته علامه سيد مدرسي پنهواري ضلع جيڪب آباد ۾ ديني علومن جي تحصيل لڌي، جڏهن ته ٻيا لکڻ جا وسيلا خاص ڪري ملفوظات روضي ڌڻي جي ذريعي سان ته علامه سيد محمد عاقل شاهه مدرسي خير محمد آريجا ڏوڪري تعلقي ۾ ديني علوم ۾ فيض ياب ٿيو، جتي جڳ مشهور علامه مخدوم محمد آريجوي جي رهبري ۾ علمي خزانو نصيب ٿيس، جنهن جو منطقي ڪارڻ اهو به ٿي سگهي ٿو ته علامه حافظ مخدوم عبدالحليم ڪنڊوي علم جي ذوق ۾ پڇا ڪندي مدرسي خير محمد آريجا ۾ پهچي استاد ڪل علامه نور محمد آريجوي جي دست بوس ٿيو، جنهن موصوف هن کان دور ڪيل علمي ڄاڻ جي زباني آزمائش وٺي نئين طالب جي ڄاڻ کان ڏاڍو سرهو ٿيو، جسماني ڪمزوري جي ڪري، کيس هڪ سفارشي خط پنهنجي شاگرد سيد محمد عاقل شاهه هالاڻي واري ڏانهن لکي ڏنو، خط کڻي ويندڙ اتي ئي رهيو، جو علامه ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، سيد صاحب استاد جي تدفين جي رسمن ۾ شريڪ ٿي، سفارشي خط جي بجا آوري ڪئي.
علامه مخدوم حافظ عبدالحڪيم جڏهن دستار بندي ويجهو اچي پهتو، تڏهن هڪ ڀيري ڪنهن مسئلي تي استاد جي پيش ڪيل تشريح کان مطمئن نه ٿيو، ان ڪري اتان ترڪي نڪري هليوويو، ان تي سندس استاد ڏاڍو پريشان ٿيو، گهوڙي تي چڙهي، شاگرد جو پيڇو ڪري ٽن مهينن کان پوءِ جيڪب آباد جي هڪ مسجد ۾ هن کي لڌائين، گهوڙو ٻير جي وڻ سان ٻڌي، مسجد ۾ آيو، ان مهل مسجد جو پيش امام عالم ساڳي مسئلي تي شاگردن اڳيان تقرير ڪري رهيو هو، مولانا سيد صاحب کي ڏسي واعظ بند ڪري، اٿي بيهي وڏي پاٻوهه ۽ سڪ سان آجيان ڪئي، ڄڻ ڪن سالن کان وڇڙيا مليا، تنهن تي علامه سيد کيس چيو ته توهان مون کي پهريون ڀيرو ڏٺو آهي، مولانا هائو ڪار ۾ جواب ڏئي وراڻيو ته اوهان جي شڪل ۽ رويو ڏسي، صحيح ڪيو ته توهان سيد ۽ عالم ٿا لڳو، پوءِ استاد ۽ طالب سيد صاحب جي تعظيم ۽ تڪريم ڪرڻ لڳا، کيس عرض ڪري مجبور ڪيائون، ته هلندڙ مسئلي تي روشني وجهي، پاڻ هن ڀيري منطقي کول ۽ وضاحت ڪيائين، جنهن کان سڀ سامعين ڏاڍو متاثر ٿيا، مخدوم حافظ عبدالحليم استاد جي پيرن تي ڪري، کانئنس معافي ورتائين، علامه سيد محمد عاقل شاهه ساڳي مدرسه مسجد ۾ مخدوم ڪنڊوي کي فيض فضيلت جي پڳ ٻڌائي، دعا گهري، هالاڻي اچي نڪتو، جتي 21 ذوالحج هه برابر 2 جولاءِ 1926ع تي راهه رباني ورتائين.
علامه سيد محمد عاقل شاهه جا چند شاگرد رشيد:
1. سيد محمد پريل شاهه سندس وڏو فرزند ۽ شاگرد، جيڪو مير علي مراد ٽالپر والي خيرپور رياست جو دفاع جو وزير هو.
2. سيد فتح علي شاهه سندس ننڍو پٽ ۽ شاگرد، جيڪو خيرپور رياست جو وزير اعظم ٿي رهيو.
3. علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي.
علامه سيد محمد عاقل شاهه غير معمولي ذهين شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جو ثبوت اڄ تائين سندس اولاد جي ذهانت ۽ بصيرت واري روشني جا ڪيئي چنڊ ٽڙي پکڙي رهيا آهن، جيئن ته مولانا شهاب الدين شاهه ولد سيد فتح علي شاهه خيرپور رياست جو نائب وزير ٿيو ۽ مير علي نواز ٽالپر والي رياست جي ڀائرن ۽ سؤٽن جو عربي ۽ پارسي جو استاد ٿي رهيو، جيڪو 21 ذوالحج 1344هه تي وفات ڪري ويو.
سيد حسن علي شاهه ولد ميران محمد شاهه رياست ۾ تعليم جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو، ٻيو پٽ مدد علي شاهه ساراهه جوڳو ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيو، مذڪور شخصيات علامه سيد محمد عاقل شاهه هالاڻي واري جي پيڙهه مان اڀري ۽ اسري نروار ٿيا.()
محمد حسين شاهه:
سيد محمدحسين شاهه ولد سيد غلام علي شاهه ولد سيد مولوي پير شهاب الدين شاهه ولد سيد فتح علي شاهه ولد سيد علامه محمد عاقل شاهه ولد سيد محمد حسين شاهه لڪياري ڪاظمي 1912ع ڌاري هالاڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ، 1941ع ۾ بامبي يونيورسٽي مان بي اي آنرس امتيازي حيثيت سان پاس ڪري گولڊ ميڊل کنيائين، 1939ع ۾ سنڌ جي گورنر سر لئسيلاٽ گراهم آڏو انگريزيءَ ۾ هڪ شعر چئي،هن کي ڏاڍو متاثر ڪيائين، جنهن هن جي اعليٰ تعليم جي سفارش جي خواهش ڏيکاري، ته انگلينڊ وڃي پڙهي، پر گورنر جي اهڙي خواهش شڪراني سان واپس ڪري ڇڏيائين.
رياست خيرپور ۾ سيد محمد حسين شاهه پنج سال تعلقي ناري ۽ فيض گنج مٿان مختيارڪار رهيو، هر جمعي ۽ عيدن جي نمازن تي پاڻ خطبو ڏيندو هو، ۽ وقتي نمازن جي پيش امامت به ڪندو هو.
پبلڪ سروس ڪميشن مان چونڊجي اٺ سال ريهيبليٽيشن مختيارڪار ٿيو، ان دوران ڪيترا گڊ سروس سرٽيفڪيٽس ورتائين، مذهبي اوقاف کاتي جو ميئنيجر مقرر ٿيو، ان دوران حضرت قلندر شهباز، حضرت داتا گنج بخش، حضرت عبدالله اصحابي، حضرت غوث بهاءُ الدين زڪريا، شاهه رڪن عالم، حضرت جمال ؓجن جي درگاهن تي ميئنيجر رهي، 15 مارچ 1972ع ۾ ريٽائرڊ ٿيو، هالاڻي ۾ مسجد ۾ هر جمعي تي جامع مسجد ۾ خطبو ڏيندو هو، دين جا شائقين خطبي ٻڌڻ لاءِ ڪافي کان گهڻا اچي فيض ڀريو آواز ٻڌي هدايات حاصل ڪندا هئا، کيس پنج فرزند ٿيا، جيڪي زيرڪ ۽ ذهين آهن.
سيد غلام علي شاهه خيرپور رياست جو ناليرو مختيار ڪار رهي چڪو، پارسي ۽ انگريزي ٻولين مٿان وڏي ڄاڻ هئي، کاتي جي قاعدن کان به سٺو واقف هو.

علامه حافظ عبدالحليم ڪنڊوي
1777ع ۾ ڳوٺ ڪنڊو تعلقو تنبو ضلع بلوچستان ۾ صوفي احمد دين کي سدا سڀاڳو فرزند عطا ٿيو، جنهن جي خوشبوءِ بلوچستان، هند، سنڌ، افغانستان، ايران ۽ عراق جي سرزمين کي واسي ڇڏيو، ابتدائي تعليم مدرسي ڀاڳ ۽ مدرسي ميرپور ۾ نصيب ٿيس، نيٺ مدرس قاضي محمد ابراهيم ميرپوري جي سفارش تي اعليٰ تعليم لاءِ مدرسي خير محمد آريجا تعلقي ڏوڪري ڏانهن رخ رکيائين، جتي علامه محمد آريجي سان ملاقات ٿي، جنهن پرک پروڙ ڪري، هن جي ذهانت جي ڏاڍي تعريف ڪئي، پاڻ علامه وڏي عمر جي ڪري کيس پڙهائي نٿي سگهيو، ان ڪري هن کي پنهنجي هڪ شاگرد علامه محمد عاقل شاهه هالاڻيءَ واري ڏانهن سفارشي خط ڏنو، جيستائين حافظ عبدالحليم هالاڻي وڃي، تيستائين علامه آريجوي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو، سندس دفن ڪفن جي رسم تي شاگرد علامه محمد عاقل شاهه به آريجن ۾ پهتو، جنهن استاد جو سفارشي خط اکين تي رکي حافظ عبدالحليم کي تدفين جي رسم کانپوءِ پاڻ سان وٺي ويو، مدرسي هالاڻيءَ ۾ ديني علوم جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري، فيض فضيلت سان دستار بند ٿيو، 1800ع ۾ سند ماڻي بلوچستان راهي ٿيو، جتي پنهنجي آبائي ڳوٺ ڪنڊو ۾ ساڳي سال مدرسو جاري ڪيائين ڪن ڳالهين جي ڪري بلوچي مانڊاڻ کان نڪري سنڌ جيڪب آباد جي هڪ ڳوٺ آباد ۾ 1922ع ۾ درس هلايائين، ٽن سالن کان پوءِ 1925ع ۾ مدرسو همايون جاري ڪيائين، جتان 1938ع ۾ اتر سنڌ جي شاگرد عالمن جي مدرسن جي معائني خاطر نڪتو، روهڙي شهر پهچڻ سان بيمار ٿي، دار البقا ڏانهن ساڳي سال راهي ٿيو. ()

مدرسو ڪنڊو:
تعلقي تنبو ضلع ڀاڳ، ڊويزن قلات، بلوچستان جي حدن ۾ مدرسو ڪنڊو 1800ع ۾ علامه حافظ عبدالحليم کوليو، هي ادارو بلوچستان توڙي سنڌ ۾ ناميارو رهيو، جتي 22 سال درس تدريس جو ڪم سٺي نموني سان هليو، هن دانشگاهه مان برک عالم، سٺا مدرس ۽ وڏا مبلغ پيدا ٿيا، ڪن سببن جي ڪري علامه حافظ بلوچستان جو ماحول پسند نه پيو، ان ڪري هي مدرسو 1922ع ۾ بند ڪري، ضلع جيڪب آباد سنڌ جي هڪ ڳوٺ آباد ۾ درس جو ڌنڌو شروع ڪري ڇڏيائين، مدرسي ڪنڊي ۽ آباد مان وڏا علماءِ تيار ڪيا ويا، جن جو لاڳاپو، ايران، عراق، افغانستان ۽ انڊيا سان هو، انهن سڀني عالمن جي نشاندهي نه ٿي سگهي، پر سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب جي عالمن جا ڪي نالا هٿ چڙهيا، اهي معززين هي هئا:
1. علامه خليفو محمد يعقوب همايوني
2. علامه نور محمد شهداد ڪوٽي
3. علامه تاج محمد ڀاڻيجو
4. علامه عطا محمد ڀاڻيجو
5. علامه محمد حسين ابڙو ڪٽباري
6. علامه سلطان محمود دسپوري پنجاب
7. علامه حامد حضوري تونيو ميرو خاني
8. علامه عبدالڪريم جوڻيجو ٺل رتوديرو

مدرسو همايون:
هن درسگاهه جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ ٿورو پويون احوال ڪجي ته حقيقت کلي پوندي، جيئن ته مدرسو ڪنڊو تعلقو تنبو ضلع ڀاڳ قلات ڊويزن بلوچستان ۾ مشهور ادارو هوندو هو، ان دور جا عالم خود اعتماد، بي پرواهه ۽ الله تعاليٰ تي ڀروسو رکندڙ رهيا، ڪن سببن جي ڪري علامه حافظ عبدالحليم مدرسو ڪنڊو بند ڪري، پاڻ ۽ شاگرد بلوچستان ڇڏي سنڌ ڏانهن لڏي آيو، بلوچستان سان دنگئي سنڌ جو ضلعو جيڪب آباد هو، جنهن جي هڪ ڳوٺ آباد ۾ اچي مدرسو 1822ع ۾ قائم ڪيائين، جتي ٽي سال ديني تعليم ڏنائين، انهيءَ مدرسي ۾ همايون ڳوٺ جا ٻه ڀلوڙ ماڻهو هر هڪ غازي خان سومرو ۽ مسو خان سڌايو پهتا، جن علامه کي همايون ۾ ديني تعليم قائم ڪرڻ لاءِ دعوت پيش ڪئي، جنهن تي علامه راضي ٿي سندن ڳوٺ همايون آيو.
همايون درسگاهه 1240 هه برابر 1825ع ۾ کوليو ويو، هن اداري جي هلائڻ ۾ علامه حافظ سان ٻانهن ٻيلي سندس شاگرد رشيد علامه خليفو محمد يعقوب پيچوهو به هو، مدرسي جي جاني مالي امداد جو بار مٿين زميندارن پاڻ تي کنيو، اڳتي هلي هن دانشگاهه جي پڌرائي اتر سنڌ کان ڏکڻ لاڙ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان تائين پکڙجي وئي، هي ديني ادارو جدا جدا دورن سان نباهيندي اڄ تائين اسلامي سکيا جي شغل کي پيو هلائيندو اچي.
مدرسي همايون جا جدا جدا دور:
پهريون دور:
هن سمي 1825ع کان مدرسو هليو، 13 سال جاري رهي 1838ع ۾ پورو ٿيو، اُن وقت صدر مدرس علامه حافظ عبدالحليم هو ۽ نائب مدرس علامه خليفو محمد يعقوب رهيو، 1837ع ۾ جامع مسجد همايون ٺهي راس ٿي، ان ڪري مدرسي کي ڪشادگي ملي.
ٻيون دور:
1838ع کان هي سمو جاري ٿيو، 19سال هلي 1857ع ۾ پورو ٿيو، هي آخري سال اهو هو، جنهن۾ پوري ننڍي کنڊ ۾ انگريزن خلاف آزاديءَ جي جنگ شروع ٿي چڪي هئي، سڄي ملڪ ۾ هل هنگاما هئا، سنڌ فتح ڪندي انگريزن کي 14 سال ٿيا هئا، سنڌ ملڪ کي انگريزن بمبئي سان ملائي ڇڏيو هو، سنڌ ۾ به انهيءَ هلچل جو هيڪڙ ٻيڪڙ ا اثر هو، پر پوءِ ملڪي ماڻهن مان ڪي غداري ڪري انگريزن سان ملي ويا، ان ڪري انگريز آزاديءَ جي مجاهدن مٿان جلد قابض ٿي ويا، پهرين ۽ ٻئي دور جا جملي 32 سال ٺهيا، جيڪي مدرسي لاءِ ڏاڍا ڪارائتا ۽ شاندار ثابت ٿيا، هن عرصي ۾ ڪيترا عالم فيضياب ٿيا، جن مان گهڻي شهرت جا جيڪي عالم صاحبان نروار ٿيا ۽ پوري سنڌ ۾ ديني سکيا جو سلسلو قائم رکيائون، اهي هي هئا:
1. علامه عبد القادر انڍڙ
2. علامه محمد يعقوب عرف عبد الله مهر
3. علامه عبدالرحمان شيخ سکر وارو
4. علامه قادر بخش مڪي مهاجر
ٽيون دور:
1859ع کان هي سمو شروع ٿيو، 59 سال جاري رهيو، 1918ع ۾ هي وقت پورو ٿيو، هن دور ۾ پوين سالن ۾ درسگاهه ۾ ٻيا به مددي مدرس پڙهائيندا رهندا هئا، علامه عبدالغفور همايوني صدر مدرس جي حيثيت سان اداري جي سنڀال پاڻ ڪندو رهندو هو جيڪو مشهور شاعر هو. هن ٽيئن سمي پهرين ۽ ٻئي دور کان ديني تعليم جي ساک ٽپائي ڇڏي، ڇالاءِ ته هن سمي فتويٰ نويسي، رسالا ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب مدرسي پاران نڪرندا رهيا، ”رسالو همايون“ به هن دور جي پيداوار هو.
چوٿون دور:
هي دور 1918ع کان شروع ٿيو، ساڳي سال علامه عبدالغفور همايوني هي جهان ڇڏي چڪو، ان ڪر ي صدر مدرس اتي جي نائب مدرس مولانا محمد ابراهيم سومري ڳڙهي ياسين کي رکيو ويو، جيڪو مددي مدرس جي حيثيت سان 1915ع کان پڙهائي رهيو هو، هي دور 12 سال هليو، جنهن ۾ ڪيترن عالمن فيض پرايو، ساڳي سمي مولانا عبدالباقي درس تدريس مان هلي ڪري تحصيل ڪيائين، جيڪو هن دور جو مشهور عالم ٿي اڀريو.
پنجون دور:
هن سمي صدر مدرس 1928ع ۾ مولانا عبدالباقي ٿي اڀريو، جيڪو هن درسگاهه جي پيداوار هو، موصوف علامه عبدالغفور همايونيءَ جي ڏهٽاڻ مان هو.

علامه خليفو محمد يعقوب همايوني:
محمد مبارڪ پيچوهو کي ڳوٺ ڇٽ تعلقي تنبو ضلع ڀاڳ بلوچستان ۾ 1795ع ۾ مٿين نالي سان فرزند عطا ٿيو، مدرسي ڪنڊي تعلقي تنبو ۾ علامه حافظ عبدالحليم جي رهبريءَ ۾ ديني تعليم جو نصاب پورو ڪري فيض ياب ٿيو، سندس استاد علامه حافظ کي بلوچستان جو مانڊاڻ راس نه لڳو، ان ڪري مدرسو ڪنڊو بند ڪري، بلوچي سرزمين کي 1825ع ۾ الوداع ڪئي، سنڌ جي ڀلاري ڀونءَ ڏانهن گهر ٻار ۽ شاگردن سميت راهي ٿيو، جيڪب آباد ضلع جي ڳوٺ آباد ۾ اچي ديني درس تدريس شروع ڪئي، جتي همايون ڳوٺ تعلقي شڪارپور جا رهواسي ٻه ڀلوڙ ماڻهو اچي مليا، جن جي عاجزانا دعوت تي همايون ڳوٺ پهتا، هتي علامه خليفي محمد يعقوب جي مدد ۽ سهاري سان درسگاهه جو بنياد 1825ع ۾ وڌو، خليفو نائب مدرس ٿي پڙهائڻ لڳو، اڳتي هلي 1838ع ۾ ساڳي اداري جو صدر مدرس علامه خليفو محمد يعقوب ٿيو، جنهن 19 سال درس جو ڪم جاري رکيو، ٽالپر دور حڪومت ۾ همايون ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ ۾ خلاف شريعت ڪو به ڪم نه هلندوهو، هي نيڪو ڪار عالم 15 ذوالقعد 1273 هه برابر 14 جولاءِ 1857ع تي جهان ڇڏي ويو، نيڪ، پرهيز گار، ۽ برک عالم هجڻ ڪري سندس استاد کيس خليفي جو لقب عطا ڪيو.

علامه عبدالغفور همايوني:
سندن والد علامه محمد يعقوب پيچوهو، جيڪو مشهور ديني ڄاڻ جو صاحب هو، کيس عبد الغفور همايوني بختاور فرزند همايون ڳوٺ ۾ 1261 هه برابر 1845ع ۾ پيدا ٿيو، هن بزرگ گهڻو علم پنهنجي والد جي رهبري ۾ پرايو، علامه خليفي محمد يعقوب جي وفات جي ڪري مٿان ڪتاب رهجي ويا، اهو بقايا نصاب پنهنجي والد جي شاگرد علامه سلطان محمود سيتپوري پنجاب کان پڙهي راس ٿيو، جنهن هن کي 14 سال عمر ۾ برڪت ڀري سند عطا ڪئي، 1859 ڌاري فيض ۽ فضيلت سان تحصيل ڪري ورتائين، انهيءَ سال مدرسي همايون کي وسعت ڏنائين ۽ صدر مدرس جي حيثيت سان درس تدريس جو ڪم جاري ڪيائين، اڳتي هلي وڏو فقيهه ثابت ٿيو، پڙهائيءَ دوران فتويٰ جو ڪم به هلائڻ شروع ڪري ڏنائين. ”رسالو همايون“ به پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪڍيائين، علامه نثر توڙي نظم ۾ يڪتا هوندو هو، هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان نروار ٿيو، شعر سنڌي، پارسي ۽ عربي ۾ چيل اٿس، شاعري کيتر ۾ تخلص ”مفتون“ هو، ڪلام جو مجموع ”ديوان مفتون“ چڱو نالو پڌرو ڪيو، حڪمت ۾ به لاثاني حڪيم رهيو، حڪمت تي ”فرهنگ همايوني“ سنڌي ٻولي ۾ لکيو هئائين، ٻيا ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا سندس ادبي ڪاوشن جا نشان ڀرين ٿا، سندس رهاڻ ۾ هر قسم جا ماڻهو ايندا رهندا هئا، هندو ۽ مسلمان ٻئي ڌريون کيس پيار ڪندا هئا، هن جي ڪچهري ۾ جيڪو ايندو هو ته واپس وڃڻ لاءِ تيار نه هوندو هو، 1336هه برابر 1918ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
حضرت مولانا عبدالغفور همايوني ' وڏو عالم، پير طريقت، شاعر، سياست کان پري، شرع شريف جي خدمت، درس تدريس، فقه جي تشريح ڪندڙ، پيري مريدي وارو، پنهنجي دور جو وڏو فقيه تسليم ڪيو ويندو هو، ”فتويٰ همايوني“ اڄ تائين مستند ڪتاب سمجهيو پيو وڃي، سندس ڪافيون جهنگ جر ۾ ننڍي وڏي جي وات تي هونديون هيون، خاص ڪري سندس هيءُ غزل گهڻو مشهور آهي: ()
”تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا،
زندان هزارين، مان نه رڳو،“
”هو ٿا چوڻ چڳن، منهنجا نيڻ سڪن!“

درسگاهه شهداد ڪوٽ جي مقالي مان رهيل ڳالهيون (2)

علامه قاضي نور محمد شهداد ڪوٽي

علامه قاضي نور محمد شهداد ڪوٽي

علامه جي والد جو نالو ميان غلام محمد ميڪڻ هو، قاضي القضاة، استاد الآفاق والعلماءِ، والزمان، اديب، فاضل، اعليٰ مدرس، مادري سرائڪي زبان، ميان سندن گهراڻي جو لقب، تعلقي تنبو بلوچستان ۾ والي قلات خان خداداد پاران 20 هزار جريب زمين باراني جاگير بخشش ٿيل هئي، جنهن پاران چيف جسٽس هو، ڪنهن فيصلي تي علامه ۽ خان قلات جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، تنهن ڪري ميان صاحب خان جي مليل جاگير ڇڏي ۽ رياست جي مليل مهر خان کي واپس ڪري 61 خاندانن سان قلات مان لڏ کڻي سنڌ جي شهر ميرو خان ۾ علامه حامد حضوري جو مهمان ٿي رهيو، جنهن ۾ علامه حامد حضوري ڳوٺ سيلر شهداد ڪوٽ جي خانبهادر پير بخش کهاوڙ کي دعوت ڏئي گهرايو، هن زميندار جو تعارف علامه نورمحمد سان ڪرايو، مذڪور خانبهادر علامه ميان صاحب جي 61 خاندان ۽ مدرسي جي اخراجات جو ذمو کنيو، مٿين گهراڻن ۾ 9 گهر هندن جا به هئا، جن کي شهداد ڪوٽ ۾ دوڪان ۽ گهر ڏنا ويا، انهن هندن جي باقيات مان 1970ع ۾ سيٺ نارومل ۽ سيٺ لالچند زنده هئا، مسلم خاندانن کي زرعي زمين، ميان صاحب کي وچ شهداد ڪوٽ ۾ مدرسو ۽ مسجد ۽ حويلي ٺهرائي ڏني، شاگردن جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست به سرائي کهاوڙ پنهنجي ئي سر کنيو.
جڏهن ميرو خان کان ميان صاحب جن جي لڏ جو قافلو شهداد ڪوٽ آيو ٿي ته تڏهن 160 ڏاند گاڏيون ۽ 60 اٺ ڪجاون تي شاندار نموني کين آندو ويو.
علامه قاضي القضاة ميان نور محمد شهدادڪوٽي جي اولاد:
علامه کي ٽي فرزند ٿيا، جن ۾ ٻه وڏا پٽ هر هڪ علامه گل محمد ۽ علامه غلام صديق متبحر علماءَ ثابت ٿيا، سندن علم ۽ تربيت پنهنجي والد جي زير نظر ٿي چڪي، سکيا جي فيض فضيلت جي سند به کين پنهنجي استاد والد جي رهبري هيٺ نصيب ٿي چڪي.
علامه قاضي نور محمد جي وفات کان پوءِ پهرين صدر مدرس علامه گل محمد ٿيو، جنهن مدرسي شهداد ڪوٽ کي هلايو، هن جي لاڏاڻي بعد سندس ڀاءُ علامه غلام صديق مدرسي جون جوابداريون سٺي نموني نباهيون، اهو ئي سبب هو جو هنن ٽن علماءِ جي رهنمائي ۽ رهبريءَ سان مدرسي شهداد ڪوٽ جون شاخون سنڌ ۾ پکڙجي ويون، مذڪور دانشگاهه جي سکيا جو دائرو سنڌ کان بلوچستان ۽ افغانستان تائين هلندو هليو.
علامه قاضي نور محمد جو ٽيو فرزند مولانا غلام عمر هو، جيڪو سندس حياتيءَ ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
علامه ميان گل محمد شهداد ڪوٽي:
علامه بحرالعلوم و شمس العلماءِ، علم معقول ۽ منقول ۾ ڪمال رکندڙ، وسيع دماغ، عالم، اديب، شاعر، اعليٰ ذهين، مشڪل ڪتابن مٿان حاشيا لکندڙ، وڏي پائي جو استاد، درس تدريس ۾ هاڪارو، پڙهائي جي ڍنگ ۾ نرالي رستي سان فيض عام ڏيندڙ، چيو وڃي ٿو. هن وٽان فيض ۽ فضيلت سان تحصيل ڪيل شاگرد رشيد 564 ٻڌايا وڃن ٿا، مدرسي شهداد ڪوٽ ۾ تعليم ۽ سکيا جي ميدان ۾ هي پنهنجي والد استاد ۽ ڀاءُ کان گهڻو اڳتي نڪر ي چڪو، هن علامه ٻه مدرسا سنڀاليا هڪ مدرسو ڪارڙا تعلقو ميرو خان ۽ ٻيو شهداد ڪوٽ مدرسو، جيڪو والد جي وفات کان پوءِ صدر مدرس ٿي هلايائين، هن پنهنجي ذهانت ۽ ذڪاوت جي هاڪ ۽ ڌاڪ سنڌ تائين رکي، هن جا شاگرد بلوچستان ۽ افغانستان تائين هئا.
علامه گل محمد شهداد ڪوٽي سنڌي پارسي ٻولين جو وڏو شاعر ٿي گذريو. شاعريءَ جي حساب سان امير خسرو جي بيت جي طرز تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، جنهن جون ٻه سٽون پيش ڪجن ٿيون:
امير خسرو:
بيڪارم درڪارم چون حد بحساب اندر
خاموش گفتارم چون خط بڪتاب اندر
پاسته برفتارم چون پابرڪاب اندر
درخانه ببازارم چون شخص بخواب اندر
علامه گل محمد:
مي سازم مي سوزم چون خون ڪباب اندر
مي گريم مي خندم چون برق سحاب اندر
علامه جي ٻن سٽن جو ترجمو:
بيت چوندي پڄران پيو، ڄـڻ گوشت کي ڪباب ڪندي رت ٽهڪي ٿو.
پوءِ ته روئان به پيو ۽ کلان به ٿو، ڄڻ ڪڪرن اندر وڄ پئي جهلڪا هڻي،
علامه حافظ ميان غلام صديق شهدادڪوٽي:
سراج الاوليا، تاج العلماءِ، چشمه فيض، بزرگ صورت، درويش صفت، بحرالعلوم، مرد ڪامل، فاضل عالم، اديب، شاعر، بهتر مدرس، نهايت فياض، سخي، غريبن مسڪينن جو ڀرجهلو، سادات الڪرام ۽ عالمن سان وڏي مانائتي انداز سان ملندو رهندو هو، جن جي احترام لاءِ سندس زبان تي هيٺين ريت جهونگار رهندي هئي:
اَمَرُّ علي الديار ديار ليليٰ اقبل ذالحبدارو وذالحبدار،
وما حُبّ الديار شغفن فلبي ولاڪن حُبّ من سَڪَن الديار،
ترجمو: عرب جي ملڪ مان لنگهڻ وقت اتي يتيمن جو ڄمڻ ان ڪري نه آهي، ته ڪو مون کي يتيمن سان گهڻي محبت آهي، بلڪ انهن ۾ رهندڙ محبوب جي محبت ائين ڪرائي ٿي.
علامه ميان غلام صديق ماڻهن کي ٽن قسمن تي رکيو آهي:
(1) غافل: اهي ماڻهو زندگيءَ جي رازن کان بي خبر آهن، پنجن حواسن هوندي به زندگيءَ جي مقصدن کان اڻ ڄاڻ رهن ٿا، سي غافل آهن.
(2) خطاڪار: جن ماڻهن آڏو زندگيءَ بسر ڪرڻ جا اصول نه آهن، سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق نٿا ڪري سگهن، عيش عشرت کي حياتي ڄاڻن ٿا، ۽ پنهنجا اصول وڃائي ويهن ٿا، سي خطا ڪار آهن.
(3) عارف: جيڪي ماڻهو پاڻ کي سڃاڻن ٿا ۽ انسانيت جو قدر ڪن ٿا، سي عارف آهن.
شهداد ڪوٽ جي برانچ مدرسن ۾ پڙهائيءَ مٿان چوڪسي:
علامه ميان غلام صديق سال ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا برانچ مدرسن جي پڙهائيءَ ۾ شاگردن کان آزمائشون وٺندو رهندو هو، هڪ ڀيري مدرسي پاٽ ۾ ويو، ان جو مدرس اعليٰ علامه حسن الله پاٽائي هو، شاگردن کان آزمائش وٺي رايو ڏنائين ته علامه شاگرد محمد صديق سيتائي ذهانت ۽ ذڪاوت ۾ استاد کان به اڳڀرو نڪري ويندو، مدرسي فيروز شاهي، جنهن جو سرپرست علامه عطاءُ الله فيرز شاهي هو، جنهن جي شاگردن کان آزمائش وٺندي هڪ شاگرد علامه حامد الله ميمڻ ٻيلائي لاءِ رايو ڏنائين ته هي شاگرد هن مدرسي جو شان ۽ مان آهي، جيڪي اڳتي هلي استاد جي تعليمي ڪاوشن کان به گهڻو ٽپي ويندو، وقت ثابت ڪيو ته مذڪور شاگرد سنڌ ۾ وڏو ناميارو ٿي اڀريو.
علامه ميان غلام صديق جون مٿين ٻن شاگردن جي باري ۾ ڪيل اڳ ڪٿيون برابر صحيح ۽ سچ نڪتيون، ٻئي شاگرد پنهنجي دور ۾ سنڌ اندر پنهنجو ثاني نه رکندا هئا، ڇا سندن پڙهائيءَ جو انداز، ڇا سندن تصنيفات، هو ٻئي مدرسا ڪاوشن، واعظ، تبليغ، لکت، حاشيا، مشڪل ڪتابن مٿان جي جاکوڙن ۾ پنهنجو مثال پاڻ هوندا هئا، علامه ميان غلام صديق جي پنهنجي خليفي ۽ شاگرد سان ڏاڍي پياس ۽ سڪ هوندي هئي، ٿورو وقت به هڪ ٻئي کان پري نه ٿيندا هئا، هڪ ڀيري خليفي علامه غلام محمد مهيسر ڪمالديرائي، شهداد ڪوٽ ڏانهن اچڻ ۾ ڪا دير ڪئي، تنهن تي ڏانهنس خط ۾ لکيائون:
اگر جنازه نمي آمد،
عزار خوا هيد آمد،
ترجمو: جيڪڏهن جنازي تي (مرڻ کانپوءِ منهن ڏسڻ) نه آئين ته پوءِ قبر تي ته ضرور ايندين!
علامه خط پڙهڻ کان پوءِ تيز تڪڙ ۾ مينهن واچ هڪ ڪري شهداد ڪوٽ پهتو، ان وچ ۾ بزرگ علامه ميان غلام صديق خالق اڪبر حقيقي جي سڏ تي فاني جهان ڇڏي چڪو هو.
مولانا تاج محمود امروٽي جي لاڏاڻي تي مولانا حافظ غلام صديق شهداد ڪوٽي جو قطعي چيل:
چونڪه شد تاج محمد زجهان طبل رمان
شد بر آفاق سيم روز ملڪ شد حيران
قطب دوران چو گذشت دره جنت بگرفت
کرد پاپوسي او حورو ملڪ و غلمان
تيره شد بحر و برادي زفدا شد يڪدم
روئي خودرا چونمود واپس پرده نهان
گفت رضوان زدر جنتش از صدق ونياز
ده بجنت بحرام اين وصلش بر خوان ()
حاجي سائينداد مستوئي:
شهداد ڪوٽ جو شهر اندر وڏي من مستي ۽ ٽانءِ واروماڻهوعلامه ميان غلام صديق کي هن خلاف اچي دانهن ڏني، جنهن تي علامه مستوئي ڏانهن هڪ ٻئي پٺيان ٽي ڀيرا نياپو موڪليو، نياپي جي وراڻيءَ ۾ هن چوائي موڪليو ته ”ملا“ مون کي ڇا ڪندو، مان ”ملا“ ڏانهن نه ويندس، ان هوندي به ميان صاحب هن ڏي چوٿون ڀيرو نياپو موڪلي ۽ هن کي تاڪيد ڪيو ته مستوئي زميندار کي ٻڌائي ڇڏ، ته اهو وقت ايندو جو تون ”ملا“ جي در تي اچي اچي پنهنجي جتيون گسائيندين، حقيقت ۾ ٿيو به ائين، مرڻ مهل زميندار مستوئي پنهنجن پوين کي وصيت ڪري ڇڏي ته ميان سائين جن جو در نه ڇڏجو، سندن درٻار ۾ ننگر ۽ خيراتون ڪندا رهجو ۽ ائين برابر مستوئي پنهنجي ڪارگذارين ۾ ميان جي دربار سان واسطي ۾ پيا هلندا اچن.

پاٽ جي وسندي

پاٽ جي وسندي

هيءَ دادو ضلعي جي وڏي هاڪاري وسندي رهي آهي، جنهن لاءِ هن وٿاڻ جو رهاڪو مخدوم محمد روشن صديقي ”پاٽ پراڻي“ جنهن جي تاريخ حصي اول ۾ لکي ٿو ته هي هڪ پراڻو شهر ٿي گذريو آهي جيڪو هن سمي مٽي جو ڍير آهي، هن شهر ۾ لعل شهباز قلندر 644 هه برابر 1246ع ۾ تشريف فرما ٿيا، () هي خوشحال ۽ باغات وارو شهر هوندو هو، منجهس وڏا وڏا عالم، مفتي، قاضي، حڪيم، مدرس وغيره رهندا هئا، هڪ ڍورو واهه هن وسندي جي ڏکڻ ۽ اولهه ٻه واهه وهندا هئا، هڪ ڍورو واهه ۽ ٻيو تاڳرو واهه جن مان ماڻهو پاڻي پيئندا هئا، پاٽ جي ڏکڻ ۾ باغيچي وارو کوهه ڦٽل شڪل ۾ آهي، جنهن کي علامه مخدوم حسن الله سنوارڻ جي جاکوڙ ڪئي پر هو ڪامياب نه ٿيو. ()
پاٽ ۾ ارغونن ۽ مغلن حاڪمن جي اناج جون ڪوٺيون هونديون هيون، مذڪور بادشاهه هتي اچي رهندا هئا، پاٽ ۾ مغل شهنشاهه همايون شيخ علي اڪبر حامي جي نياڻي باني بيگم سان شادي ڪري شادمانو ملهايو، () 1545ع ۾ همايون جي ڀاءُ ڪامران قنڌار جي حاڪم جي شادي پاٽ ۾ سنڌ جي بادشاهه مرزا حسن بيگ ارغوان جي نياڻي حسنا بيگم سان ٿي گذري، () ايران جي حاڪم نادر شاهه سنڌ جي حڪمران نور محمد ڪلهوڙي مٿان ڪاهي آيو، جيڪو لاڙڪاڻي مان ڀڄي عمر ڪوٽ ۾ وڃي لڪو، سنڌي وزير محمد ڏاهري ايراني بادشاهه جي ڏمر ڏاڍ کي ٺارڻ لاءِ هن سان لاڙڪاڻي کان ساڻ آيو ٿي، هن کي ماٺي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مشهور وندر وارن ماڳن مٿان ترسائيندو آيو، جڏهن پاٽ کان لانگاهو ٿيا ته نادر شاهه سنڌي وزير کان پڇا ڪئي ته هي ڪهڙو شهر آهي، جنهن ٻڌايو ته هي پاٽ جو شهر آهي، ساڳي وقت پاٽ جو شهر هن کي گهمائي ڏيکاريائين، بادشاهه تسليم ڪيو ته پاٽ شهر جي ايران ۾ به واکاڻ ٻڌي چڪو آهي. ()
مخدوم عبدالواحد سوسيتاني دهليءَ پاران سيوهڻ شهر ۾ مفتي هو، هن مٿان سنڌ جو بادشاهه غلام شاهه ڏمريو، هن تي ٽي هزار لشڪر چاڙهي موڪليو، اتر سنڌ کان لشڪر سيوهڻ ڏانهن ايندي واٽ تي پاٽ جي شهر کان ٿورو پري ٿڪ پٽڻ لاءِ ڊاٻو ڪيو، پاٽ جا رهاڪو هراس ۾ شهر کان ڀڄي نڪتا، ڪن برهانپور ڏانهن لڏو پٽيو، ڪي حيدر آباد دکن ۽ ڪيترن وري بصري عراق ڏي رخ ڪيو، ڪجهه ڳوٺ ڇڏي پنهنجي زمينن ۽ باغن ۾ وڃي رهائش ڪئي، ان نموني سڄو پاٽ خالي ٿي ويو، غلام شاهه ڪلهوڙي کي ان وچ ۾ پيٽ ۾ اچي ويلو ڪڙڪيو، جنهن ۾ هن جو موت ٿي چڪو، جيئن ته پراڻي پاٽ ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي، جن ماڻهن نوان اجها ڪري نئون ڳوٺ پاٽ جو تيار ڪيو، اهي دائمي انهن ماڳن مٿان ٿاڪ ڪري رهي پيا، ان ڍنگ سان نئين پاٽ جو وجود کڙو ٿيو. ()
مٿين ڍنگ سان پراڻي پاٽ ڦٽي ويران بڻجي دڙن جي شڪل ٿي ويئي، ان جي جاءِ تي 1771ع ۾ نئين پاٽ وجود ورتو، ڪجهه سمي پڄاڻا نئين پاٽ وارن کي علم جي ضرورت ٿي، تنهن ڪري سيوهڻ مان علامه فضل الله صديقي کي دعوت ڏئي پاٽ ۾ آندائون، جنهن پنهنجن ٻن ڀائيٽن کي هر هڪ مخدوم حسن الله ۽ مخدوم رز ق الله ساڻ آندو، ()
مدرسو پاٽ کي پنجن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن کي با ترتيب هيٺ آڻجي ٿو:
1. مدرسو پاٽ: پهريون دور 1840ع کان 1855ع تائين، هن سمي مدرس اعليٰ علامه قاضي فضل الله صديقي هو.
2. مدرسو پاٽ: ٻيون دور 1865ع کان 1895ع تائين، هن دور جو ماهر مدرس علامه حسن الله صديقي رهيو.
3. مدرسو پاٽ: ٽيون دور 1910ع کان 1932ع تائين، هن وقت جو وڏو فائق استاد علامه مخدوم محمود صديقي ٿيو.
4. مدرسو پاٽ: چوٿون دور 1932ع کان 1942ع تائين، هن دور جو ناليوارو استاد مولانا مخدوم محمد روشن صديقي بڻيو.
5. مدرسو پاٽ: پنجون دور 1942ع کان 1950ع تائين، انهي مهل جو آخري فيض ڏيندڙ مولانا نظام الدين صديقي ٺهيو.
علامه مخدوم قاضي فضل الله حافظ قاري:
ميان مخدوم عبدالواسع صديقي سيوهاڻي، جنهن جي شفقتن ۽ دعائن سان سيوهڻ شهر ۾ 1795ع ۾ جيون ورتو شروعاتي ديني سکيا جڳ مشهور علامه مفتي عبدالواحد سيوهاڻي جي رهبري ۾ درسگاهه سيوهڻ ۾ سکيو، 1809ع ۾ استاد جي وفات جي سبب ڪري ،بقايا ديني تعليم کپاري درسگاهه ضلع نوابشاهه جي هاڪاري علامه محمد يوسف وٽ سندس نگرانيءَ ۾ پوري ڪري ورتائين، علم جي تحصيل کان پوءِ سيوهڻ شهر ۾ ديني سکيا ڏيڻ جاري ڪيائين، جتان پاٽ جا ٻه نيڪ مرد هر هڪ ميان قاضي نورمحمد ۽ ميان قاضي محمد سعيد هن کي پاٽ ۾ پڙهائڻ جي لاءِ دعوت ڏئي وٺي ويا، حقيقت ۾ صديقين جهڙو سيوهڻ ۾ ديني تعليم ۾ واڌارو آندو، تهڙو اڃا به وڌيڪ پاٽ جي روايتي سکيا کي چار چند لڳائي ڇڏيا پاٽ ۾ 1833ع کان درس تدريس جو ڪم شروع ٿيو. جيڪو لڳ ڀڳ هڪ سو سال هلندو هليو، جنهن مان پوري سنڌ فيض ياب ٿي چڪي. علامه قاضي فضل الله پنهنجا ٻه ڀائيٽا مخدوم حسن الله ۽ مخدوم رزق الله گڏ هڪ ڀاءُ شفيع محمد ساڻ وٺي آيو ڀاءُ کي پڙهائي دستار بند ڪرائي ساڳي درسگاهه ۾ مددگار مدرس ڪري هلايو مخدوم حسن الله کي مدرسي پاٽ ۾ پڙهائي، اعليٰ تعليم جي لاءِ درسگاهه شهداد ڪوٽ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، مدرسي پاٽ ۾32 سال درس هلائي 1873ع ۾وفات ڪري ويو، پاڻ اديب، علامه، شاعر، فقيه ۽ وڏو مدرس ٿي رهيو .
علامه حسن الله صديقي:
ميان مخدوم وهب الله هن جو والد ماجد ٿيندو هو، پاڻ 1836ع ۾ سيوهڻ شهر ۾ هوش سنڀاليائين، جنهن وقت سندس چاچو ۽ استاد پاٽ ڳوٺ ڏانهن درس تدريس لاءِ ڪوٺ تي ويو ٿي، ان سمي هن کي پڻ پاڻ وٺي ويو، جتي ڀائيٽي کي ابتدائي تعليم پنهنجي نگراني ۾ ڏنائين، بقايا سکيا اُن دور جي مشهور درسگاهه شهدادڪوٽ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو، جتي علامه گل محمد شهدادڪوٽي جي برک رهبريءَ هيٺ اعليٰ تعليم پوري ڪري، 1865ع ۾ سند ورتائين.
ساڳئي سال پنهنجي چاچي ۽ استاد مخدوم فضل الله جي صلاح مشوري سان پاٽ مدرسي ۾ پڙهائڻ جو ڪم جاري رکيائين، پاٽ مدرسي ۾ اچڻ سان هن جي جاذب شخصيت هئڻ ڪري ڪيترا شاگرد جدا جدا مدرسا ڇڏي هتي ايندا رهيا، ان ڪري هن اداري مان گهڻن شاگردن کي ديني سکيا جو فائدو حاصل ٿيو، پر خاص ڇهه عالم وڏي ڄاڻ جا صاحب ٿي نڪتا:
1. علامه محمد صديق سولنگي سيتائي.
2. علامه خير محمد جوڻيجو پاٽائي.
3. علامه مخدوم بصر الدين سيوهاڻي.
4. علامه مخدوم معين الدين سيوهاڻي.
5. علامه غلام عمر جتوئي لاڙڪاڻوي.
6. علامه غلام محمد جتوئي لاڙڪاڻوي.
ڪن سببن جي ڪري مدرسو پاٽ 1895ع ۾ بند رکيو ويو، ساڳي سال درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري جي مخدومن جي دعوت تي پاٽ ڇڏي اوڏانهن هليو ويو، جتي وڃي ڪري مدرسو تيار ڪري، درس هلائڻ شروع ڪري ڏنائين. هيءُ درسگاهه 1895ع کان 11 سال هليو، هن جي اچڻ ڪري شاگردن جي سراسريءَ ۾ واڌ اچي وئي، مدرسي مان گهڻن طالبن کي ديني سکيا جو لاڀ ملي چڪو، انهن شاگردن مان گهڻو هاڪارو مولانا مخدوم محمد دائود ٿيو، جيڪو هن اداري جو سند يافته علامه هو، هن مدرسي ۾ مٽيارين جا ڪي ديني تعليم جا شائق اچي نڪتا، جن علامه مخدوم حسن الله کي پاڻ سان ساڻ کنيو ۽ مٽيارين ڏانهن راهي ٿيا، اهڙيءَ ريت مدرسو درٻيلو 1906ع ۾ بند ٿي ويو.
مدرسو مٽياري:
هي دانشگاهه 1906ع کان هليو، درس تدريس ۽ تبليغ جي خيال کان علامه حسن الله سنڌ ڀر ۾ پڌرو ٿي چڪو هو، جنهن به مدرسي ۾ مدرس جي ڪڙي سان پير رکيو پئي، ته هنڌين ماڳين جا شاگرد اچي ڪٺا ٿيندا هئا، مٽيارين ۾ 9 سال درس ڏنائين جيتر مدرسي ۾ پاڻ رهيو، تيتر شاگردن جا ميڙ رهيا ٿي، هن اداري مان جن طالبن فيض وٺي پوري علم جي تحصيل ڪري سند يافته عالم ٿي نڪتا اهي هئا:
1. مولانا پير غلام عمر سرهندي.
2. مولانا شاهه آغا سرهندي.
3. مولانا غلام مجدد سرهندي.
4. مولانا لعل محمد مٽياري.
50سال درس تدريس سان واڳيل رهڻ ڪري، سندس وڏي ڄمار وڌيڪ پڙهائڻ ۾ رنڊڪ پيدا ڪري ڇڏي، ان ڪري 1915ع ۾ درس کان فراغت وٺي پنهنجي رهائش گاهه پاٽ ڏانهن واپس اچي، بقايا عمر عبادت ۽ مطالعي ۾ گذاريائين، ان نموني 1921ع ۾ فاني جهان ڇڏي، دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو.
هي وڏو مدرس، فصيح بليغ، حڪيم ۽ علم منظاره ۾ لاجواب حاضر جواب ۽ ماهر هوندو هو.
سندس همعصر دوست ۽ صحبتي:
1. علامه عبدالغفور همايوني.
2. علامه تاج محمد امروٽي.
3. پير صالح محمد شاهه جيلاني.
4. پير پاڳاره شاهه مردان شاهه راشدي اول.
علامه مخدوم محمود:
سندس والد جو نالو مخدوم محمد صالح مخدوم رزق الله صديقي هو، هن جو ڏاڏو علامه مخدوم حسن الله جو سڳو ڀاءُ هو، مخدوم محمود 1883ع ۾ پاٽ ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي ديني سکيا پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ علامه مخدوم حسن الله جي نگرانيءَ ۾ رهي حاصل ڪئي، مدرسو پاٽ ڪن سببن جي ڪري بند ڪيو ويو، ان ڪري هن کي تعليم پرائڻ لاءِ ٻين مدرسن جو سهارو وٺڻو پيو، اعليٰ تعليم جي وٺڻ لاءِ هندوستان هليو ويو، جتي درسگاهه تونڪ ۾ پڙهڻ شروع ڪيائين، اتان نڪري درسگاهه اجمير ۾ پهتو، ڪجهه سمي کان پوءِ وري مدرسي ٽونگ ۾ علامه حڪيم برڪات احمد صاحب جي رهبري ۾ بقايا تعليم پوري ڪري، 23 ورهين جي ڄمار ۾ دستار بند ٿي، سند ورتائين، ان ريت هڪ وڏي عالم جي حيثيت سان سنڌ ڏانهن واپس وريو. ()
مدرسي پاٽ کي 15 سال بند ٿيا هئا، جنهن کي ڦٽل حالت ۾ علامه مخدوم محمود پنهنجي خدادا ذهنيت اعليٰ صلاحيت ۽ وڏي علميت سان ڪڍي ويو، مدرسي جو ماضيءَ وارو وقار ۽ عظمت بحال ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ، هن پاٽ مدرسي مان ڪيترائي عالم ۽ فاضل پيدا ڪيا، هو جيد عالم سان گڏ لاثاني حڪيم به هوندو هو، درس تدريس جي ڪم کي 22 سال هلايو، اڌيڙ عمر ۾ 1932ع ۾راهه رباني ورتائين، هجري سن مطابق آچر ڏينهن 29 جمادي الآخر 1351 هه تي ٿيو، سندس تحصيل يافته شاگرد عالم:
1. مولانا محمد اسماعيل.
2. مولانا غلام محمد لانگاهه رتيديرو.
3. مولانا هدايت الله تونيه نصيرآبادي.
مخدوم محمد روشن:
سندس والد مخدوم عبيد الله صديقي هو، هن جي پيدائش پاٽ ۾ 1890ع ۾ ٿي چڪي، شروعاتي دين جي سکيا مدرسي پاٽ مان حاصل ڪري ورتائين، اعليٰ سکيا جي لاءِ تعلقي لاڙڪاڻي جي مشهور درسگاهه دار الفيض سونو جتوئي ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي بقايا ديني تعليم درس نظامي پٽاندڙ پڙهي پوري ڪري ڇڏيائين. اهڙي ريت 1932ع هن علامه ابو الفيض غلام عمر جتوئي کان سند ورتي.
تحصيل پڄاڻا مخدوم محمد روشن هڪ برک عالم جي ڪڙي سان مدرسو پاٽ جو نگران ٿيو، جتي هن ڪيترن دين جي شائقن کي تعيلم جي نور سان منور ڪيو.
تصنيفات:
1. پاٽ پراڻي،
2. القانتات،
3. حديث شريف جا ڪتاب ترجمو،

مولانا غلام محمد مهيسر
ڪمال ديري ڳوٺ ۾ سنڌو درياءَ جي ڪپر تي تعلقي گنبٽ ضلع خيرپور جو رهاڪو عبدالڪريم مهيسر هو، جيڪو ميان لونگ فقير جي خاص مريدن مان هوندو هو، ميان لونگ فقير، حضرت ڀٽائي سائين جن جي خليفي جو خليفو هو، پر سڏبو ڀٽائي جو خليفو هو، هن پنهنجي مرشد کان پٽ جي پيدائش جي دعا گهرائي، قدرت سان هن کي سومر 9 شعبان 1248 هه تي فرزند پيدا ٿيو، جنهن مٿان نالو به ميان لونگ فقير ، ”غلام محمد“ ڌريو.
تعليم:
ڪلام پاڪ ميان لونگ فقير وٽ پورو ڪيائين، پارسي ۽ عربي تعليم وقت جي مشهور مدرسي پنهواري جي مدرس اعليٰ مولانا عبدالقادر انڍڙ وٽ سکيائين، اعليٰ تعليم لاءِ جڳ مشهور درسگاهه شهداد ڪوٽ ۾ داخل ٿيو، جتي هن مولانا گل محمد شهداد ڪوٽي جي رهبري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، پر سندس استاد جلد وفات ڪري ويو، ان ڪري ساڳئي مدرسي جي مرحوم ڀاءُ مولانا غلام صديق شهداد ڪوٽي جي رهنمائيءَ ۾ فقه ۽ تفسير پڙهي، کانئس فيض ۽ فضيلت سان دستار بند عالم ٿي نڪتو، اڳتي هلي مولانا غلام محمد مهيسر، ”ڪمال ديرائي“ سان گهڻو هاڪارو رهيو، جيڪو فقيه ، محدث، مفتي، مدرس، متقي، پرهيز گار، عبادت گذار عالم ثابت ٿيو.
سندس اهڃاڻ:
وچٿرو قد ڪاٺ، ڪڻڪ رنگو، پر ڪشش، چهرو، جنهن کان هر هڪ ڏسندڙ متاثر ٿيندو رهندو هو، نرم گفتار، نهٺائي وارو رويو، ٿلي ڪپڙي جي نير ٻڏل پوشاڪ، جيڪا پنهجن هٿن سان سلائي ڪيل پائيندو هو، بنا بستري آرام ڪندو رهندو هو، ٿورو ۽ سادو کاڌو کائيندو هو، مهمانوازيءَ ۾ اڳرو رهندو هو.
پڙهائڻ جو سلسلو:
شهداد ڪوٽ درسگاهه کان تعليم پوري ڪري سکيا جي سند وٺي، پهرين مدرسو 1870ع ۾ کهڙا شهر ۾ کولي درس تدريس جو مانڊاڻ هلايائين، جتان کوڙ سارا عالم پيدا ڪيائين، ان کان پوءِ 1885ع ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ مدرسو برپا ڪيائين، جنهن درسگاهه ۾ ٻه نائب مدرس مقرر ڪيائين، اهي هن جا تحصيل يافته شاگرد هئا، جن ۾ هر هڪ مولانا عبدالحق ۽ مولانا خدا بخش ذات جا ٻئي ناريجا هئا، فتويٰ ڏيڻ يا ڪنهن ڏانهن خط لکڻ کان پوءِ عبارت جي پڇاڙيءَ ۾ مهر هڻندا هئا، جنهن ۾ اڪريل لفظ ”خادم العلماءَ“ هوندو هو، مهر هڻڻ کان پوءِ صحيح ڪري ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري خانبهادر محمد ايوب کهڙو اقتدار دوران ڪمال ديري ۾ هن عالم سان ملڻ ويو، کانئس دعا گهرايائين، دعا گهرندي بزرگ چيو ته خلق الله تعاليٰ جي خدمت ڪندين ته سر ئي سر رهندين ورنه گهر ئي گهر رهندين.
مولانا ڪمال ديرائي شهداد ڪوٽي استادن سان ڏاڍي عقيدت مندي ۽ محبت رهندي هئي، استاد صاحبان به کيس ڏاڍو ڀائيندا هئا، جيڪڏهن ملاقات ۾ دير ٿي ويندي هئي ته استاد هن ڏانهن نياپو ۽ خط روانو ڪندا هئا، ڪنهن سمي سندس استاد غلام صديق صاحب هن کي ياد ڪندي خط لکيو، جنهن ۾ هڪ پارسي بيت به روانو ڪيو:
”اگر جنازه نمي آمد،
بمزار خوا هيد آمد“
استاد جي خط پهچڻ سان مولانا ڪمال ديرائي شهداد ڪوٽ وڃي نڪتو، ان وچ ۾ بزرگ مولانا غلام صديق وفات ڪري ويو، پوءِ سندس مزار تي دعا گهري واپس وريو.
مولانا ڪمال ديرائي استادن جي جدائي ۽ محبت جو اظهار هڪ شعر وسيلي هيٺين ريت ڪيو آهي:
1. اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار.
مائٽ ماڻهو ڪين وڻن ٿا،
لونءَ لونءَ منجهه لغار،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
2. وڃا جيڪر ڪين رهان پر،
ماري مفت ميار!
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
3. ڀلا مون سان ڪر ڪا ڀلائي،
ڏيکاريم ڪوئي رنگ،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،
4. مهيسر چوي، عاجز آهيان،
سولي ڪر تون سردار،
اندر استادن جي تن ۾ تانگهه تنوار،

سندس اولاد:
هڪ فرزند مولانا عنايت الله جنم 1321هه ۽ چار نياڻيون ٿيون، مولانا عنايت الله کي عصمت الله نالي پٽ 5 جولاءِ 1834ع تي ڪمال ديري ۾ پيدا ٿيو.
سندس همعصر:
1. حضرت پير پاڳاره سيد شاهه مردان شاهه اول.
2. حضرت سيد صالح محمد شاهه جيلاني راڻيپور وارا.
3. علامه عبدالغفور همايوني.
4. علامه حسن الله پاٽائي.
5. علامه تاج محمود امروٽي.
6. علامه محمد عاقل سومرو عاقلائي.
7. علامه صاحبڏنوکهڙائي.
8. علامه صوفي غلام حيدر شر.
9. علامه قبول محمد فاروقي.
10. فقير رازق ڏنو اڄڻ کهڙائي.
مولانا غلام محمد ڪمالديرائي جا هم سبق:
1. مولانا نصر الله نصير آبادي.
2. مولانا حسن الله پاٽائي.
3. مولانا ميان غلام صديق شهداد ڪوٽي.
سندس وفات 110 سالن کان پوءِ سومر ڏينهن 9 شعبان 1358هه تي ڪمال ديري ۾ ٿي، جنم به ساڳي ڏينهن ساڳي تاريخ ۽ ساڳي ماهه ۾ ٿيو ۽ وفات به انهيءَ وار، تاريخ مهيني ۾ ٿي چڪي، پير علي محمد شاهه راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جي پهرين جلد ۾ مولوي غلام محمد مهيسر جي باري ۾ لکي ٿو:
”تعلقي گنبٽ ۾ کهڙن جي ڳوٺ ڀرسان مهيسرن جي وانڍ (ڪمال ديرو) ۾ مولانا غلام محمد مهيسر رهندو هو، غرور کان پري، نرمي، نوڙت وارو، گويا ڪو معمولي هاري قسم جو ڳوٺاڻو آهي، قد جو وچولو، بت ۾ سنهو، سفيد سونهاري، موڱي رنگ جا کوميل ۽ ٿلهي ڪپڙي مان ٺهيل لٽا پائيندو هو، علم ۽ فقيري جي رخن کان پاڻ کي لڪائيندو رهندو هو، سنڌ زميندار پر يس سکر جي مئنيجر مرحوم نظر علي خان آغا جو مرشد هو.“

مدرسو مائي خيري مسجد، فقير جو پڙ، حيدر آباد

مدرسو مائي خيري مسجد، فقير جو پڙ، حيدر آباد

هي جڳ هاڪارو درسگاهه، مدرسي شهداد ڪوٽ جي هڪ شاخ ليکيو وڃي ٿو، هي ادارو مدرسي حيدر آباد جي نالي سان مشهور رهيو آهي، جنهن کي 1867ع ۾ هلايو ويو، جنهن جو پهريون مدرس علامه محمد حسن قريشي ٿيو، جيڪو 25 سال لاڳيتو وڏي شان ۽ دٻدٻي سان درس تدريس ڏيندو رهيو، نيٺ 1891ع ۾ هي درسگاهه بند ٿي ويو.
هن اداري خاص ڪري ضلع حيدر آباد جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ديني تعليم کي گهڻي ترقي رسائي، مدرسو حيدر آباد هڪ قسم جو سرچشمو هو، جنهن مان ڪيتريون ئي علم جون واهيون ۽ شاخون ڦٽي نڪتيون، جن حيدر آباد ۽ سنڌ جي هر ماڳ ۽ مڪان مٿان ديني علم جي روشني عام ڪئي، جنهن مان ڪيترا مفسر، محدث، ليکڪ، اديب، شاعر، لسانيت جا ماهر، مدرس، فقيه وغيره پيدا ٿيا، مدرسي حيدر آباد جون ٻه مشهور شاخون نروار ٿيون:
1. مدرسو هالا
2. مدرسو ملڪاڻي
مذڪور مدرسو پاٽ جي مخير، سخي ۽ علم دوست قاضي امام علي انصاري جي هڙان ۽ وڙان کولايا ويو، جيڪو هن جي پوري حياتي تائين سندس خرچ تي هلندو رهيو.
مدرسي حيدر آباد مان فيض ياب شاگرد عالم بڻجي نڪتا:
1. مولوي عبدالطيف هالائي
2. مولوي محمد هالائي
3. مولوي فاضل شاهه حيدر آبادي
4. مولوي غلام محمد ملڪاڻي
5. مولوي محمد صادق ٿرڙي محبت وارو
6. مولوي احمد مُلوي ابڙو ملا ابڙا لاڙڪاڻو
7. مولوي حافظ اسد الله ٽکڙائي
8. مولوي قاضي هدايت الله متعلوي
مدرس اعليٰ علامه محمد حسن حيدر آبادي:
سندس والد مولوي محمد قريشي 1249هه برابر 1833ع ۾ نوشهري فيروز، ضلع نواب شاهه سنڌ ۾ پيدا ٿيو، سندس وڏا اتان لڏي ضلع دادو جي حدن ۾ ڳوٺ ڪنڊي تعلقي دادو ۾ اچي ويٺا، جتي نير جي پوک ڪندا هئا، پوکي راهيءَ ۾ علامه وڏن جي مدد ڪندو هو، ۽ ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي رهبريءَ ۾ پڙهندوهو، اعليٰ تعليم لاءِ سندس والد جي صلاح ۽ اڳواڻي سان جڳ مشهور مدرسي شهدادڪوٽ ۾ علامه نور محمد شهدادڪوٽيءَ جي رهبريءَ ۾ داخل ٿيو، جتان هن پوري ديني علوم جي فيض ۽ فضيلت سان سند 1865ع ۾ ورتي.
علامه محمد حسن قريشي، قاضي امام علي انصاري پاٽائيءَ جي سهڪار ۽ سهاري سان مدرسو حيدرآباد کوليو، جتي پڙهائيندي 1309هه برابر 1891ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
علامه محمد حسن قريشي جا همعصر علماءِ:
1. علامه گل محمد شهدادڪوٽي،
حافظ محمد احسن پٽ جمعا خان چنا ڳوٺ ملڪاڻي جنم 12 اپريل 1900ع ملاقات 4.9.1979
2. علامه غلام صديق شهدادڪوٽي،
3. علامه عطاءَ الله فيروز شاهي،
4. علامه حسن الله پاٽائي.
() مدرسو محمديه ، هالا پراڻا:
هي مدرسي حيدرآباد جي هڪ شاخ هئي، جيڪا ڳوٺ پراڻا هالا، ضلع حيدر آباد ۾ 1892ع ۾ کڙي ٿي، هن درسگاهه دين اسلام جي گهڻي خدمت ڪئي، هن اداري ٻين مدرسن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ به وڏا جتن ڪيا، مذڪور مدرسي جون ڪيتريون ئي شاخون نڪري چڪيون، جن عربي، پارسي ۽ سنڌي ٻولين کي اوج تي رسايو، ان سان گڏ ٻين ديني تعليم جي شعبن ۾ وڏو واڌارو آندو، مدرسي هالا خاص ڪري هالا شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي رڱي ڇڏيو، هن اداري مان هيٺيان عالم پيدا ٿيا، اهي هئا:
1. مولوي معين الدين هالائي
2. مولوي حافظ محمد هالائي
3. مولوي ميان احمد هالائي
4. مولوي عبدالله هالائي
5. مولوي جان محمد بختيارپوري
6. مولوي عبدالرحمان نصرپوري

علامه حاجي محمد هالائي:
سندس والد آخوند محمد اسماعيل هالائي، هالا پراڻا ضلع حيدر آباد ۾ 27 رمضان 1276هه برابر پهرين اپريل 1859ع تي ڄائو.
تعليم:
ابتدائي سکيا پارسي ۽ ڪجهه عربي گرامر هالا نوان جي مڪتب ۾ خليفي حاجي عبداللطيف وٽ پڙهيو ۽ وڌيڪ ڪتاب پاٽ جي درسگاهه ۾ علامه مخدوم حسن الله پاٽائي صديقي جي رهبريءَ ۾ پڙهيو، نيٺ عربي علوم نصاب جي پڄاڻي مشهور درسگاهه حيدر آباد ۾ علامه محمد حسن قريشي وٽان ڪيائين، هتان فيض فيضلت جي سند وصول ڪيائين.
اعليٰ تعليم لاءِ سفر:
وڌيڪ ديني علوم جي جي فيض لاءِ 1309 هه برابر 1891ع ۾ هن حجاز مقدرس جو سفر اختيار ڪيو، جتي 12 مهينا رهي، مولانا عبدالحق الله آبادي کان حديث جو دور ورتو، 1892ع ۾ وطن واپس وريو، ساڳي سمي هن هالا پراڻن ۾ درسگاهه محمديه کوليو، 25 سال درس تدريس ۾ گذاري تصنيفات کي لڳو:
تصنيفات:
9 ڪتاب پارسي ۽ عربي ۾ لکيائين ۽
10 ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيائين.
علامه 4 ربيع الثاني 1336هه برابر 19 ڊسمبر 1917ع تي ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.

مدرسو ملڪاڻي:
هي درسگاهه ملڪاڻي، ڳوٺ ملڪاڻين ضلع دادو ۾ 1890ع ۾ ٿيو، هي ادارو مدرسي محمديه هالا پراڻا جو همعصر هو، جنهن نموني هن مدرسي هالا شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ ديني علوم جي روشني ڦهلائي، اهڙيءَ ريت مدرسي ملڪاڻي به دين جي واڌاري ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي، هن مدرسي جيترا معلم، مدرس، مبلغ پيدا ڪيا، ايترا ليکڪ ۽ شاعر ٺاهيا، ديني ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه لاءِ به وڏي جاکوڙ ڪئي، دين اسلام جي خدمت، پڙهائڻ ، لکت ۽ تبليغ سان ڪئي، هن درسگاهه مان هيٺيان عالم ۽ فاضل پڙهي تحصيل ڪري سند وٺي نڪتا:
1. مولوي عبدالرحيم سابق معلم مدرسة الاسلام ڪراچي
2. مولوي امير بخش شاهه اميناڻين وارو ضلع دادو
3. مولوي محمد ڪامل ملڪن وارو
4. مولوي محمد حسن سيالن وارو
5. مولوي عبدالخالق جهلي وارو
6. مولوي جان محمد جوهي وارو
7. مولوي محمد مڏ وارو
8. مولوي عبداللطيف
9. مولوي محمد اسماعيل ميمڻ، تعلقو مورو، جنهن مدرسو گچيري، تعلقو مورو قائم ڪيو ۽ 1360 هه برابر 1941ع ۾ وفات ڪري ويو.
علامه غلام محمد ملڪاڻي:
علامه غلام محمد والد حاجي محمد بچل ملڪاڻي، ڳوٺ ملڪاڻين ضلع دادو ۾ 1276 هه برابر 1859ع ۾ جيون ورتو.
سندس سکيا سندو چيرو:
ابتدائي پارسي مڪتب سيال تعلقو دادو، ملڪاڻين جي ڳوٺ لڳ ۽ سنڌي ست درجا پرائمري اسڪول دادو شهر ۾ پورا ڪري ورتا.
بقايا تعليم:
پارسي ۽ عربيءَ جو نصاب درسگاهه پاٽ ۾ علامه حسن الله پاٽائيءَ وٽان ڪافي ڪجهه پڙهي، بقايا ديني علوم مدرسي حيدر آباد ۾ علامه محمد حسن قريشي جي رهبري ۾ سن 1302 هه برابر 1884ع ۾ پورو ڪيو.
اعليٰ تعليم لاءِ سفر:
1304 هه برابر 1886ع ۾ عراق ۽ حجاز مقدس ڏانهن تياري ڪيائين، مڪي شريف جي سيد احمد دحلان محدث کان حديث شريف جو فائدو ورتائين، مدرسه صولتيه جي مدرس اعليٰ شيخ ؓمڪي کان حديث جي علم ۾ تحصيل ڪري فيض ۽ فضيلت جي سند ورتائين، عرب ۽ عراق کان پوءِ هندوستان ۽ پنجاب جو به سير ڪيائين، ملتان ۾ حافظ قاري عبدالحڪيم ملتانيءَ کان چند مهينن ۾ ڪلام پاڪ حفظ ڪري ورتائين.
تعليم مٿين نموني پرائي، پنهنجي ڳوٺ ۾ درسگاهه کڙو ڪري، 40 ورهيه درس تدريس کي ڏنائين، جنهن ۾ ڪيترائي نامور عالم پيدا ٿيا، بقايا عمر 10 سال مدرسي جي مدرس اعليٰ جي حيثيت سان نگراني ڪري تصنيفات ۽ شعر چوندي گهاريائين.
تصنيفات:
1. فتويٰ ملڪاڻي
2. سبيل الرشاد چار جلد
مٿين ڪتابن کان سواءِ ٻيا 18 ڪتاب لکيائين، ان ريت زندگي مبارڪ گهاريندي 1354 هه برابر 1935ع ۾ وفات ڪري ويو.

مدرسو جامع الفيوض، فيروز شاهه

مدرسو جامع الفيوض، فيروز شاهه

هي ديني اداو تعلقي ميهڙ ضلع دادو ۾ 1800ع ڌاري جاري ٿيو، 1943ع تائين وڏي ڪر ڦر سان ديني علوم جي ترقي ۽ واڌارو رهيو، پر ساڳئي سال کان 1978ع تائين رسمي ديني خدمت ٿيندي رهي، پهرين ته مدرسو فيرز شاهه ٿي هليو، ان نالي سان پڌر پيو، پوءِ 1870ع ۾ هن درسگاهه جو نالو ”جامع الفيوض“ ڌريو ويو، سچ پچ ته هن اداري جي صحيح واڌ ويجهه 1870ع کان 1907ع تائين چئي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهي عرصي دوران ناليوارو مدرس علامه عطاءُ الله فيروز شاهي، سنڌ جي وڏي دانشگاهه شهدادڪوٽ کان سند وٺي اچي مدرسي فيروز شاهه ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو، هن پنهنجي دور ۾ مدرسي کي وڏي شهرت بخشي، مدرسي فيروز شاهه مان ”جامع الفيوض درسگاهه فيروز شاهه“ نالو ڏنو، جن به علماءِ کي هن مدرسي مان سند ملي تن پنهنجي پنهنجي سهولت تي درسگاهه کولي ديني تعليم جي روشنيءَ کي عام ڪري ماڻهن ۾ دين جو شعور پيدا ڪيو، هن جامع الفيوض درسگاهه جو ڪيتريون ئي شاخون نڪري چڪيون، جيڪي سنڌ ۾ پکڙجي ويون، انهن مان مدرسو درٻيلو گهڻو هاڪارو ٿي ويو، ۽ ٻيو مدرسو فيض محمد آگرو به چڱو پڌر پيل هو، ٻنهين ادارن جو ذڪر اڳتي ڪيو ويندو، جامع الفيوض اداري جي دورن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:
1. پهريون دور: مدرسو فيروز شاهه 1800ع کان شروع ٿيو، جنهن جو مدرس مولانا عبدالمجيد چنو هو، جيڪو مدرسي جو باني ٿيو.
2. ٻيون دور: ٻيو سمو 1833ع کان هليو، جنهن جو صدر مدرس مولانا خير محمد ولد مولانا عبدالمجيد چنو رهيو.
3. ٽيون دور: 1870ع کان جاري ٿيو، جيڪو عرصو مدرسي جي چوٽي ۽ بلنديءَ جو هو، جنهن ۾ اداري جو نالو جامع الفيوض رکيو ويو.
4. چوٿون ڀيرو: 1907ع کان رهيو ۽ 21 سالن تائين هلندو رهيو.
5. پنجون سمو: هي عرصو 1928ع کان درس جي شغل سان جاري ٿيو ۽ 15 سال ديني خدمت ڪندو رهيو،
6. ڇهون دور: 1943ع کان شروع ٿيو، 1978ع تائين هلندو رهيو.
ان حساب سان هي درسگاهه 1800ع کان 1978ع تائين 178 سال ديني درس تدريس جي خدمت ڪندو رهيو، جو پڻ هڪ وڏو مثال آهي.
جامع الفيوض فيروز شاهه جي مدرسن جو مختصر ڏيٺ ويٺ ۽ تعارف:
1. مولانا عبدالمجيد چنوڳوٺ فيروز شاهه تعلقو ميهڙ ضلع دادو اٽڪل 1770ع ۾ پيدا ٿيو، هن ديني تعليم مدرسي مٽيارين ۾ مولانا مخدوم محمد عثمان وٽ مڪمل پڙهي، تحصيل 1800ع ۾ ڪئي، ساڳئي سال هن پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسي فيروز شاهه جو بنياد رکيو، جنهن مان گهڻن دين جي شائقن فائدو ورتو، هي بزرگ 1833ع ۾ رحلت ڪري ويو.
2. مولانا خير محمد ولد عبدالمجيد چنو، فيروز شاهه ڳوٺ ۾ 1808ع ڌاري پيدا ٿيو، مدرسي فيروز شاهه ۾ پڙهيو، سندس والد اول کان آخر تائين ديني علوم جي مطالعي ۾ رهبري ڪئي، اهڙيءَ ريت هن فيض واري دستاربندي ساڳي مدرسي ۾ ڪئي ۽ والد کان سند ورتائين ، هن درس جو 37 سال ڪم هلايو، 1870ع ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
3. علامه عطاءُ الله فيروز شاهي ولد مولانا خير محمد 1262هه برابر 1847ع ۾ ڳوٺ فيروز شاهه تعلقي ميهڙ ۾ جيون ورتو، ابتدائي سکيا هن پنهنجي موروثي درسگاهه کان لڌي، جنهن ۾ سندس والد جي رهبري ڪم آئي، باقي اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ جي مشهور درسگاهه شهدادڪوٽ ۾ داخلا ورتي، جتي هن عربي لغت، صرف نحو کان تفسير، حديث، فقهه، منطق، فلسفو وغيره علوم علامه گل محمد شهداد ڪوٽيءَ جي شفيقانه رهبريءَ ۾ فيض ۽ فضيلت سان دستاربند ٿيو، والد جي رحلت جي ڪري ڳوٺ وارو مدرسو اچي سنڀاليائين، هن مدرسي کي ”جامع الفيوض“ جو نالو ڏئي مدرسو جامع الفيوض فيروز شاهه رکيو، هن جي دور ۾ ڪيترن ئي شخصن هتان سندون ورتيون، جن ۾ مشهور 16 عالم ٿيا، جن جا نالا هي آهن:
1. مولانا حامد الله ٻيلائي
2. مولانا احمد ڏاهري
3. مولانا الهڏنو سيوهاڻي
4. مولانا حزب الله هالائي
5. مولانا محمد پريل آگرو فيروز شاهي
6. مولانا قطب شاهه فيروز شاهي
7. مولانا محمد اسماعيل سومرو
8. مولانا محمد مسعود کوکر
9. مولانا حافظ محمد صديق ڪنڀر ٿرڙي محبت
10. مولانا الله بخش تعلقو ڪنڊيارو
11. مولانا محمد نعمان مورو
12. مولانا محمد ادريس راڄپر مورو
13. مولانا محمد صديق سيوهڻ
14. مولانا رضا محمد دولتپوري
15. مولانا محمد ملوڪ ميهڙ
16. مولانا الله بخش مهيسر ميهڙ
علامه عطاءُ الله فيروز شاهي هن دنيا کان منهن مٽيو، 16 رجب 1325هه برابر 15 جولاءِ 1907ع تي، سندس مزار فيروز شاهه ڳوٺ ۾ آهي.
4. مولانا عبدالرحمان ولد خدابخش چنو، علامه جو نياڻو ٿيندو هو.
چوٿون دور هن سنڀاليو، علامه جي وفات کانپوءِ ساڳئي سال مدرسو جاري رکيائين، 21 سال درس تدريس جي شغل کي هلايائين.
7 جنوري 1928ع تي هن دنيا کي ڇڏي آخرت ڏانهن راهي ٿيو.
5. مولوي عبدالحي ولد مولوي جان محمد چنو، مولوي عبدالرحمان جي وفات بعد هن مدرس ديني تعليم کي مدرسي اندر جاري ساري رکيو، هن عالم 15 سال ديني علوم کي پڙهايو، اهڙي ريت 14 جنوري 1943ع تي وفات ڪري ويو.
6. مولانا محمود احمد پٽ مولانا عبدالحي چنو.
ابتدائي سکيا مدرسي فيروز شاهه ۾ ورتائين، بقايا تعليم مدرسي ٺيڙهي ۾ پڙهي،، سند ورتائين، پيءُ جي وفات بعد مدرسي فيروز شاهه ۾ مدرس اعليٰ ٿيو.

مدرسو فيض محمد آگرو

مدرسو فيض محمد آگرو

هي درسگاهه 1886ع ۾ مذڪور ڳوٺ، تعلقي ميهڙ ضلع دادوءَ ۾ کوليو ويو، هي مدرسو لاڙ جي مدرسي ٻيلي جو ماٽي ۽ ڀيچي هو، هي ٻئي شاخون مدرسي جامع الفيوض فيروز شاهه جون اهم ديني سکيا گهر هئا، جن مان هڪ شاخ هيٺين سنڌ لاڙ ۾ قائم ٿي، جنهن علم جي شمع سان لاڙ جي هنڌين ماڳين ماڻهن جون دليون روشن ڪيون ۽ ديني سجاڳي پيدا ڪئي.
مدرسي فيض محمد آگري واري برانچ اتر سنڌ ۾ ڌاڪو ڄمايو، ديني علم کي ترقي ڏياري ۽ ماڻهن کي دماغي ديني سوچ عطا ڪئي، هن اداري 20 سال ڪاميابيءَ سان پورا ڪيا، اڻ ڳڻين شاگردن کي اسلامي سکيا سان سينگاريو ويو، مخصوص شاگردن مدرسي کي پورو وقت ڏئي درس نظامي جو نصاب پورو ڪيو، جن کي فيض ڀريون سندون ڏنيون ويون، وڏي شان مان سان دستاربندي ڪري کين ديني درس تدريس کي جاري رکڻ جي هدايت به ڪئي وئي،اهڙن عالمن مان هيٺيان بختاور هئا:
1. مولانا گلاب الدين چنو فيروز شاهي
2. مولانا محمد پريل آگرو
3. مولانا عنايت الله آگرو سندس ڀائيٽو
4. مولانا محمد صالح ابڙو، گاجي کهاوڙ
5. مولانا محمد علي ضلع نواب شاهه
6. مولانا فيض الڪريم ضلع نواب شاهه
7. مولانا نبي بخش ضلع نواب شاهه
8. مولانا محمد آگرو ضلع نواب شاهه
9. مولانا محمد دائود آگرو ضلع نواب شاهه
10. مولانا محمد اسماعيل ضلع نواب شاهه
11. مولانا فضل محمد ضلع نواب شاهه
مولانا فيض محمد آگرو:
مذڪور مدرس عالم ڳوٺ فيض محمد آگري تعلقي ميهڙ ۾ 1857ع ۾ سرت سنڀالي، هي اهو سال هو جنهن ۾ برصغير اندر انگريزن خلاف آزاديءَ جي هلچل سڄي ڏيهه ۾ باهه ٻاري ڇڏي هئي، هڪ قسم جي برٽش حڪومت خلاف کليل بغاوت هلي رهي هئي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلم گڏ وڙهي رهيا هئا.
هن سمورو علم مدرسي جامع الفيوض ۾ علامه عطاءُ الله فيروز شاهي جي رهبري هيٺ ورتو، شان مان سان دستار بندي ڪري سند ورتائين، هي عالم کليل ذهن وارو ۽ هوشيار قسم جو طالب ٿي گذريو، استاد جي سند ۽ هدايت کان پوءِ هن پنهنجي ڳوٺ ۾ مدرسو کولي درس تدريس جو شغل جاري رکيو، مدرسي برپا ٿيڻ جو پهريون سال 1886ع هو، هي علامه حامد الله ٻيلائي جو هم درس هو، هن 50سال عمر ۾ 6 آگسٽ 1906ع ۾ وفات ڪئي.

مدرسو ٻيلو

مدرسو ٻيلو

هي درسگاهه مدرسي فيروز شاهه جي شاخ هو، مذڪور مدرسو ڳوٺ ٻيلو، تعلقو سجاول ضلع ٺٽو ۾ 1888ع ۾ کوليو ويو، هن دانشگاهه لاڙ جي مسلم آباديءَ جي عربي ۽ پارسي علم ادب سيکارڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي، مدرسي لاڙي مسلمانن جي دل ۽ دماغ کي اسلامي شعور بخشيو، ۽ علم جي روشني سان لاڙين جي خيالن ۽ سوچ کي منور ڪيو، اداري جي شهرت ۽ هاڪارائپ ۾ وڏي واڌ ايندي رهي، علامه 22سال هن درسگاهه کي ڏنا، پر ڪن سببن جي ڪري، کيس مدرسو بند ڪرڻو پيو، ان ڪري 1910ع ۾ بند ڪري هليو ويو، هتان فيض ياب عالم هئا:
1. علامه علي محمد مهيري ولد حافظ ڌڻي پرتو، ڳوٺ بجاري، ضلع بدين، هي مدرسي جو غير معمولي طالب ٿي رهيو، اديب، شاعر، ليکڪ، فقيه ۽ وڏو مدرس ٿي اڀريو، هن استاد جو نائب رهي هتي درس تدريس جو ڪم جاري رکيو، ساڳي وقت 6 ڪتاب لکيائين جيڪي گهڻو پڌر پيا، پاڻ 21 شعبان 1367هه ۾ جهان ڇڏي ويو.
2. مولانا فتح محمد مهيري، ڳوٺ بجاري، ضلع بدين.
3. مولانا محمد هاشم ڳوٺ غلام الله، ضلع ٺٽه
4. مولانا محمد عمر کٽي ڳوٺ ساڪرو ضلع ٺٽه
5. مولانا محمد احسن کٽي ڳوٺ ساڪرو ضلع ٺٽه
6. مولانا علي بخش شاهه لائق پور ضلع ٺٽه
7. مولانا عبدالله ميمڻ ولهار ضلع ٺٽه
8. مولانا محمد نور ميمڻ ٻيلو ضلع ٺٽه
9. مولانا محب علي شاهه عالم ڪوٽ ضلع ٺٽه
10. مولانا محمد عيسيٰ سمو لڳ سجاول ضلع ٺٽه
11. مولانا احمد ميمڻ ملير ضلع ٺٽه
مٿين مدرسي کي بند ڪرڻ کان پوءِ علامه حامد الله ضلع بدين ڏانهن لاڙو رکيو، هن ضلع ۾ گولاڙچي جي ويجهو ڦٽوڻ جو هڪ ڳوٺ آهي، 1910ع ۾ ڦٽوڻ ڳوٺ ۾ درسگاهه کولي درس تدريس جاري رکيائين، جيئن ته علامه کي مدرسي ٻيلي ۾ وڏي پذيرائي ۽ پڌرائپ ٿي چڪي هئي، ان ڪري مدرسي ڦٽوڻ ۾ جڏهن درس تدريس جاري ڪيائين، ته هن درسگاهه جي هاڪ ۽ ڌاڪ ڏوران ڏور هلي وئي.
مدرسي ڦٽوڻ ۾ جيڪي بختاور عالم ۽ فاضل، مدرس ۽ مهندار اديب ۽ شاعر، فقيه، مفسر، منطقي ڄاڻ جا سرواڻ نڪتا اهي هئا:
1. مولانا محمد رفيق تعلقو ماتلي، ضلع بدين
2. مولانا محمد سليمان نظاماڻي تعلقو ماتلي ضلع بدين
3. مولانا محمد سعيد گوپانگ تعلقو ماتلي ضلع بدين
4. مولانا عبدالواحد سميجو ترائي ضلع بدين
5. مولانا نور محمد گرانون ضلع بدين
6. مولانا محمد عثمان ڀان ضلع بدين
7. مولانا غلام محمد سولنگي فيروز شاهي ضلع دادو
مذڪور مدرسو 10 سال هليو، 1920ع ۾ بند ٿيو.
علامه حامد الله پٽ گل محمد ميمڻ 1860ع ۾ پيدا ٿيو.
تعليم جو سفر:
منڍ واري سکيا ننگر ٺٽي ۾مولوي عبدالرحيم جي نگهبانيءَ ۾ ورتائين، بعد ۾ درسگاهه شهداد ڪوٽ ڏانهن ويو، جتي داخل ٿيو ۽ ڪجهه وقت درس تدريس مان فائدو وٺي، استادن جي مرضيءَ سان مدرسي جامع الفيوض فيروز شاهه ۾ نالو لکائي، علامه عطاءُ الله فيروز شاهيءَ جي رهبريءَ هيٺ درس نظامي جي نصاب پٽاندڙ پنهنجي سکيا جو سفر جاري رکيائين، اڳتي هلي هن جي ذهانت ۽ زڪاوت پڌري ٿيڻ لڳي، هو مدرسي جي شاگردن کان گهڻو ذهين نڪتو، ان ڪري هن جي حيثيت درسگاهه اندر نمايان رهي، اهو ئي ڪارڻ هو جو علامه غلام صديق شهدادڪوٽي، مدرسو فيروز شاهي ڏسي شاگردن جي دماغي درجن، ۽ خوبين کي ڀيٽي فيصلو ڏنائين ته ”طالب حامد الله ميمن ٻيلائي، مدرسي جي شاگردن کان ته ذهين آهي، پر پنهنجي استاد کان اڳڀرو آهي، هن شاگرد جون صلاحيتون مٿاهيون ۽ نراليون آهن،“ جيئن دانشگاهه پاٽ ۾ طالب محمد صديق سيتائي پنهنجي هم سبق طالبن کان ته گوءِ کنيون وڃي ٿو، پر پنهنجي استاد کان به ذڪاوت ۾ امتيازي حيثيت وارو آهي“ مدرسو فيروز شاهه ۽ مدرسو پاٽ ٻئي شهدادڪوٽ جي دانشگاهه جون شاخون هيون، ان ڪري سندن استاد شاخن جي درس تدريس جومعائنو ڪندا رهندا هئا، ۽ تعليم جي ڪارڪردگي جي باري ۾ تاثرات ڏيندا رهندا هئا، جنهن ۾ مذڪور ٻن شاگردن لاءِ تاثرات ڏنا ويا.
علامه حامد الله جامع الفيوض ۾ ديني علوم پڙهي، پورو ڪري، دستاربندي ڪيائين، اهڙي ريت فيض فضيلت سان استاد کان سند حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ هو حجاز مقدس ڏانهن اسري ويو، جتي مديني منور ۾ ڪجهه وقت رهي دور حديث پوري ڪرڻ ۾ لڳايائين، واپس ٿي 1888ع ۾ مدرسو ٻيلو کوليائين، جنهن ڪري کيس ”ٻيلائي“ لقب سان ياد ڪيو ويو، هن درسگاهه کي 22 سال هلائي بند ڪيائين، ان کان پوءِ مدرسو ڦٽوڻ کوليائين، جنهن کي به 10 سال هلائي، درس تدريس کي ڇڏيائين، اهڙي ريت پڙهائي کي 32 سال ڏنائين، پڙهائي دوران فتويٰ جو ڪم به ڪندو رهندو هو، علامه حامد الله ٻيلائي پنهنجي دور ۾ لاثاني عالم ٿي گذريو، پنهنجو مٽ پاڻ هو، هن ڪيترا وڏا عالم، اديب، شاعر، فقيه، مدرس، محدث ۽ مفسر تيار ڪيا، 10 شعبان 1338هه برابر 10 اپريل 1920ع ۾ هي جهان ڇڏي دار البقا ڏانهن راهي ٿيو.

مدرسو ڳڙهي ياسين

مدرسو ڳڙهي ياسين

هي درسگاهه جڳ هاڪاري دانشگاهه شهدادڪوٽ جي نامورن شاخن مان هڪ اهم شاخ هئي، هي مدرسو 1885ع ۾ برپا ٿيو، جنهن جو پهريون استاد علامه محمد هاشم سومرو رهيو، هي ادارو 1960ع تائين اوج تي پهتل هو پوءِ اڄ تائين ديني رسم پيو پوري ڪري، مني صديءَ تائين عربي، پارسي ۽ سنڌي ٻولين جي خدمت سان گڏ ديني تعليم مٿين سنڌ، ڏکڻ پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن هن مدرسي جي سکيا جي جهلڪ پوري شان شوڪت سان ڏسڻ ۾ آئي.
مذڪور ملڪن مان سنڌ ۽ بلوچستان جي جهالت دور ڪرڻ ۾ هن اداري جو وڏو دخل رهيو آهي. ديني تعليم علم تفسير، علم حديث، فقه، منطق، فلسفو، تاريخ وغيره علوم سان اڻ ڄاڻن کي عالم بنايو، هن درسگاهه ديني سکيا جو سلسلو 75 سال وڏي دٻدٻي سان هلايو، جو پڻ سنڌ ۾ مثال آهي. هن اداري جي پڙهائيءَ کي چئن ڀاڱن ۾ ونڊي ورڇي سگهجي ٿو، جن مان ٽي دور اهم رهيا آهن وري ٽن دورن مان ٻه پهريان وڏي اهميت وارا ليکيا وڃن ٿا، ان هوندي به ٻيو دور سڀني دورن کان وڏي امتيازي حيثيت رکي ٿو، ٻئي دور ۾ مدرس پنهنجي اعليٰ ذهانت ۽ خدادادصلاحيت سان مدرسي کي نئين غالب ۽ ڍنگ سان ڍالي ڇڏيو، اڳ ۾ ”مدرسو ڳڙهي ياسين“ جي نالي سان تيار ٿيو، جيڪو 19 سال انهيءَ نالي سان هليو، ان کان پوءِ ”مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين“ ٿي هلندو رهيو، جيڪو 1905ع کان پڌرو ٿيو ۽ اڄ تائين انهن لفظن سان صورتخطي ۾ ڪم اچي ۽ ساراهجي ٿو، اهڙي عام پڌرائي مدرسي کي مدرس اعليٰ علامه محمد قاسم سومري بخشي، سندس سکيا جي سمي ڪيترا عالم، فاضل، اهل قلم، اديب، شاعر، مدرس، مبلغ، حڪيم، فلسفي ۽ سياستدان نروار ٿيا، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ ثابت ٿيا.
مدرسي ڳڙهي ياسين جي مالي امداد:
زميندار الله بخش پٺاڻ ڳڙهي ياسين پنهنجي ذاتي هڙان وڙان هن اداري جي هر وقت امداد جاري رکي، استادن کي اجهي، لٽي ۽ اٽي جي بي پرواهي رهي، ان ڪري سمورو ڌيان تعليم ۽ تربيت ڏانهن ڏنائون ان حالت ۾ ديني تعليم اوج تي پهچي چڪي، اندرين ۽ ٻاهرين شاگردن جي پر گهور لڌي وئي ٿي، زميندار الله بخش پٺاڻ ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور وڃي ڪري علامه محمد هاشم سومري کي درس تدريس لاءِ دعوت ڏئي ڳڙهي ياسين ۾ وٺي آيو.
(1) مدرسي ڳڙهي ياسين جو پهريون دور:
هي مدرسي جو ابتدائي ۽منڍ وارو وقت چيو وڃي ٿو، جنهن جو پايو وجهندڙ ۽ پهريون مدرس علامه محمد هاشم سومرو هو، مدرسو 1885ع ۾ جاري ٿيو ۽ 1904ع تائين 19 سال هليو، هن سمي تحصيل ٿيل هي عالم پيدا ٿيا:
1. مولانا عبدالله رتائي
2. مولانا جمال الدين
3. مولانا حافظ نور محمد ڳڙهي ياسيني
4. مولانا فقير محمد
5. مولانا مخدوم غلام مصطفيٰ
6. مولانا محمد قاسم سومرو سندس فرزند
(2) مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين ٻيو سمو:
هن دوران 1905ع کان 1931 تائين 26 سال ڪاميابيءَ سان هليو، هن سمي مدرسي جي مدرس اعليٰ وڏي دماغي صلاحيتن ۽ خوبين جي ڪري اداري کي چار چنڊ لڳي ويا ان ڪري ته ڳڙهي ياسين مان ڦري ”مدرسو قاسميه“ ٿي ويو، نه ڇڙو نالي جي نواڻ جي ڪري مدرسو هاڪارو ٿيو، پر فلسفي، منطق ۽ پوري سکيا جي ميدان ۾ اداري ترقي ڪئي، سياسي ميدان ۾ مدرسي جو حصو رهيو، جيڪو اڳ بنهه ٻڙي برابر هو.
هن دور جا جيڪي لاثاني عالم، مفڪر، اديب، شاعر، اهل قلم، سياستدان پيدا ٿيا اهي هئا:
1. مولانا محمد ابراهيم
2. علامه صاحبداد
3. مولانا احمد مڪراني
4. مولانا ولي محمد
5. مولانا عبدالحڪيم ڪرڪي
6. مولانا غلام صديق
7. مولانا محمد حسين کهاوڙ، مدير اعليٰ الحنيف اخبار
8. مولانا محمد حسن
9. مولانا صاحبڏنو ڪرني
10. مولانا عبدالرحمان ناڙيلوال
11. مولانا حافظ محمد هاشم
12. مولانا فضل محمد
13. مولانا محمد عابد
14. مولانا صدر الدين صحبت پوري
15. مولانا حافظ محمد موسيٰ
16. مولانا عبدالحڪيم سڌايو
17. مولانا رحيم بخش
18. مولانا فخرالدين ڪٽباري
19. مولانا عبدالحميد عمر پوري
20. مولانا عبدالواحد باگڙ والا
21. مولانا عبدالغفار سرهندي
22. مولانا غلام احمد جان سرهندي
23. مولانا عبدالستار رتيديرو
24. مولانا قادر بخش گهانگهرو
25. مولانا عبدالڪريم ڪيهر
26. مولانا محمد پناهه پيرزادو
27. مولانا حافظ خيرمحمد اوهدي
28. مولانا نجم الدين سومرو سندس سوٽ
(3) ٽيون دور:
آخري سمو چئجي ته به صحيح ٿيندو، مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين 1931ع کان 1964ع تائين اوج ڪري بيٺو، هن دور جو مدرس اعليٰ مولانا محمد ابراهيم سومرو هو، جنهن اداري کي 34 سال هلايو، هن دور ۾ نائب مدرس مولانا نجم الدين سندس سوٽ رهيو.
هن مدرسي جا اُهي عالم شاگرد تحصيل ڪري نڪتا:
1. مولانا يار محمد چنا
2. مولانا خليل الرحمان چوڌري
3. مولانا محمد علي جيڪب آبادي
4. مولانا جان محمد شڪارپوري
5. مولانا عبدالعزيز
6. مولانا محمد موسيٰ ياسيني
مدرسو قاسميه ڳڙهي ياسين جي مدرسن ۽ معلمن جو احوال:
(1) علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسيني:
سندس والد جو نالو محمد بخش سومرو اصل شهدادڪوٽ جو رهواسي هو، جنهن کي بختاور فرزند 1259هه برابر 1847ع ۾ پيدا ٿيو، سموري ديني تعليم مدرسي شهداد ڪوٽ ۾ پڙهيو، تعليمي رهبري استاد العلماءِ علامه نور محمد شهدادڪوٽيءَ کان نصيب ٿيس، جتان 1870ع ۾ فيضن ڀري سند لڌائين.
سند يافته هئڻ کان پوءِ ڀرمي ڳوٺ جا کيس دعوت ڏئي وٺي ويا ان ڪري ديني تعليم جو 1870ع ۾ بندوبست ڪيو ويو، ڀرمي ڳوٺ تعلقي ميرو خان ۾ آهي، قنبر ۽ شهدادڪوٽ روڊ جي اولهه ۾ شهدادڪوٽ شهر جي ويجهو آهي، پر ميرو خان شهر کان گهڻو پري آهي، هن درسگاهه ۾ 10 سال پڙهايائين.
ڀرمي مدرسي جا مشهور شاگرد:
1. مولانا ڪريمداد چانڊيه
2. مولانا غلام عمر چانڊيه
3. مولانا عنايت الله آگرو
4. مولانا ڪمال الدين سيوهاڻي
مدرسي ڀرمي ۾ مولانا تاج محمد ابڙو ڪٽباري بلوچستاني علامه محمد هاشم کي دعوت ڏئي بلوچستان وٺي ويو، ته سندس پٽ گل حسن ابڙي کي تحصيل ڪرائي 1880ع ۾ علامه مدرسو ڪٽباري هلائڻ شروع ڪيو، جتي هن جي فرزند کي ديني تعليم ۾ تحصيل ڪرائي، نواب اسد الله رئيساڻي جي جاگير ۾ قاضي مقرر ٿيو، ڪن ڳالهين تي نواب رئيساڻي سان نه ٺهي سگهيو ان ڪري 1885ع ۾ بلوچستان ڇڏي ويو، پوءِ ميان جي ڳوٺ تعلقي شڪارپور ۾ درس هلايائين، ساڳي سال ڳڙهي ياسين درس تدريس شروع ڪيائين.
مدرسي ڪٽباري بلوچستان جا شاگرد:
1. مولانا گل حسن ابڙو ڪٽباري
2. مولانا تاج محمد بلوچستاني
جڏهن ته علامه محمد هاشم سومرو اصل شهدادڪوٽ جو رهاڪو هو، مدرسو ڀرمي جو بنياد رکيائين ۽ اتي ڏهه سال پڙهايائين، مدرسي ڪٽبار بلوچستان ۾ 5 سال رهيو، ميان جي ڳوٺ ۾ مدرسو قائم ڪيائين، ان حالت ۾ هن علامه چئني هنڌن سان پنهنجي نسبت نه ملائي، جڏهن ڳڙهي ياسين ۾ درس تدريس شروع ڪيائين ته هي ماڳ کيس ڏاڍو پسند پيو، ان ڪري هن پنهنجي نالي پويان ڳڙهي ياسيني“ چوائڻ شروع ڪيو، ساڳي وقت هن درسگاهه اتر سنڌ، بلوچستان، پنجاب، افغانستان تائين ديني پڙهائي جو اثر ڇڏيو، علامه شاعر ۽ اديب هو، ڪيترن ڪتابن جا حاشيا به لکيائين، علم فقه تي کيس وڏو عبور هو، فتويٰ جو ڪم به ڪندو رهندو هو، سندس لکيل تحريرون پوين وٽ محفوظ رهيون اچن.
اولاد: ٽي فرزند ٿيا، جن جا نالا هئا:
(1) مولانا محمد صالح
(2) علامه محمد قاسم
(3) مولانا محمد ابراهيم
جڏهن تحريرون ڪڍندو هو تڏهن فيصلن جي آخر ۾ مهر هڻي صحيح ڪري ڇڏيندو هو، سندس مهر:
روشن از نور محمد هاشم است
سال 1312هه
19 شوال 1322هه برابر 28 نومبر 1904ع تي ڳڙهي ياسين ۾ هي جهان ڇڏي ويو.
(2) علامه محمد قاسم سومرو:
سندس والد جو نالو علامه محمد هاشم سومرو هو، جنهن کي مٿين نالي سان 16 ربيع الآخر 1305هه برابر 3 ڊسمبر 1887ع تي فرزند ارجمند پيدا ٿيو، اها آچر ڏينهن جي صبح جي گهڙي هئي.
علمي ماحول ورثي ۾ مليس، 4 سالن جي عمر ۾ مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ والد جي رهبريءَ ۾ سکيا شروع ڪيائين، ننڍي کان زيرڪ ۽ ذهين هوندو هو، ان ڪري ٻارائپ ۾ پارسي شعر چوڻ لڳو، مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ مٿين ٽن ڪتابن کان سواءِ ٻيا سڀ ڪتاب اتي ئي پورا ڪيائين، ڇاڪاڻ ته علامه محمد هاشم پٽ کي سکيا ڏيندي فقط ٽي ڪتاب رهائي رحلت ڪري چڪو، بقايا ٽي ڪتاب 1905ع ۾ مدرسي همايوني ۾ علامه عبدالغفور همايونيءَ جي رهبريءَ ۾ پڙهي پورا ڪري ورتائين، جنهن جي صحبت ۽ استادي شفقت هن جي سڀاءُ ۾ ڪيئي رنگ ڀري ڇڏيا، 18 سالن جي اوستا ۾ ديني علوم جي فيض ڀري دستاربندي ٿي وئي.
علامه محمد قاسم جي سنڌي، پارسي ۽ عربي ٻولين ۾ فصاحت ۽ بلاغت پڌر پيل هئي، تقرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پارسيءَ جو وڏو شاعر ۽ عربيءَ جو ماهر هوندو هو، هن جي هٿين اکرين فتويٰ قاسميه چئن جلدن ۾ ٿيندي، جا سندس وڏو شاهڪار آهي، مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين کي اوج تي پهچايو، تنهن ڪري هي ادارو قاسميه سان مشهور ٿيو، ڪيترن دين جي شائقن کي فيض رسايائين، جن مان 28 عالم گهڻو هاڪارا رهيا، جيڪي هن جي علمي سخاوت جو ڪمال ثبوت آهن، جن مان عالم، مدرس، اديب، شاعر، صحافي، ليکڪ، تفسير، فقيه، سياستدان ٿي اڀريا، هن درسگاهه جو ناميارو شاگرد مفتي اعظم پاڪستان علامه صاحبداد صاحب هڪ نرالي شخصيت جو مالڪ ٿي اڀريو، علامه محمد قاسم 44 سال حياتي جا ماڻي 18 ذوالقعد 1349 هه برابر 18 مارچ 1931ع تي ڳڙهي ياسين ۾ رحلت ڪري ويو.
(3) مولانا محمد ابراهيم سومرو:
علامه محمد هاشم کي محمد ابراهيم نالي 1307هه برابر 1889ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ فرزند عطا ٿيو، جنهن ڪجهه تعليم پنهنجي والد جي سائي هيٺ پرائي، باقي علوم ڀاءُ علامه محمد قاسم جي رهبريءَ هيٺ پڙهي ڇڏيا، 1915ع ۾ تحصيل ڪري ورتائين، سند وٺڻ کان پوءِ ساڳي سال مدرسي همايون ۾ تعليم 12 سال ڏنائين، 1927ع ۾ جيڪب آباد شهر ۾ يتيم خاني ۾ مدرسو هلائڻ جاري ڪيائين، ڀاءُ ۽ استاد علامه محمد قاسم جي وفات بعد 1931ع ۾ مدرسو ڳڙهي ياسين جو صدر مدرس ٿيو، ۽ نائب مدرس مولانا نجم الدين کي ڪري ورتائين، جيڪو هن جو سؤٽ به هو، مدرسي مان هن صدر مدرس جي حيثيت سان ڪيترا عالم تحصيل ڪرايا، مولانا مدرس سان گڏ ليکڪ ۽ شاعر، اديب به هو، هن جا 12 ڪتاب لکيل آهن، جن مان 4 ڪتاب پارسي ۽ هڪ ڪتاب عربي ٻولين ۾ لکي ورتائين، جڏهن ته ست ڪتاب سنڌي ۾ طبع آزمائي ڪيائين، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. مشڪوات شريف جو سنڌي ترجمو
2. قوة ايمان
3. العقول الصواب
4. مناسڪ حج
5. لباس النبي ڪريم ﷺ
6. تعليم مسلمين
7. فتويٰ
مولانا محمد ابراهيم 12 ڊسمبر 1964ع تي وفات ڪري ويو.
مولانا نجم الدين سومرو:
سندس والد جو نالو امام بخش سومرو ڳڙهي ياسين ۾ 1326هه برابر 1908ع ۾ پيدا ٿيو، علامه محمد هاشم ڳڙهي ياسين جو ڀائيٽو لڳي، هن جا ٻه سؤٽ وڏا عالم هئا.
1. علامه محمد قاسم سومرو
2. مولانا محمد ابراهيم سومرو
مولانا نجم الدين سمورو علم مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ پڙهيو، جنهن سان منهنجي گڏجاڻي 22 سيپٽمبر 1978ع ۾ ٿي، سندس ڊؤل هو، چڱي قد، ڍڪيل جسم، وارن ۾ گهڻي سفيدي، هلڻ، گهمڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ ڪا به ڪمزوري نه نظر ايندڙ، نرم گفتار، منهن ۾ مرڪ، سخي، ماضي کي بيان ڪرڻ ۾ ڪنهن به هٻڪ جي محتاجي کان آزاد، پنهنجي استاد کان هيڪاندو متاثر، ۽ سؤٽ سان اٿاهه سڪ، پنهنجي مسلڪ سان چس، ٻين جي مسلڪ سان رواداري، سهپ، ۽ جاذب شخصيت جو مالڪ نظر آيو.
علامه محمد قاسم سومرو ڳڙهي ياسين ۾ 1931ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، ساڳئي سال مدرسي جو مدرس اعليٰ مولانا محمد ابراهيم سومرو ٿيو، جنهن جو نائب مدرس مولانا نجم الدين سندس سؤٽ مقرر ٿيو، 1964ع ۾ مولانا محمد ابراهيم سومرو رحلت ڪري ويو، سندس جاءِ تي مدرس اعليٰ مولانا نجم الدين ٿيو،جنهن جا نائب مدرس ٻه پٽ 1. مولوي محمد قاسم ثاني، 2. مولوي محمد صائم ٿيا.
مولانا نجم الدين مدرس اعليٰ جي حيثيت سان مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ 19 سال پڙهائي 19 آڪٽوبر 1979ع تي وفات ڪري ويو، سندس شاگرد مذڪور مدرسي مان جيڪي نڪتا اهي هي هئا:
1. مولوي صحبت
2. مولوي الاهي بخش درس
3. مولوي عبدالرزاق بروهي
4. مولوي عبدالخالق ناڙيوال
5. مولوي عبدالله افغان
6. مولوي رحمت الله بروهي
7. مولوي غلام قادر ناڙيوال
8. مولوي عبدالحي بروهي
علامه صاحبداد جمالي:
جيئن ته مدرسه قاسميه ڳڙهي ياسين اتر سنڌ ۾ علم جو درياءَ ٿي ثابت ٿيو، جنهن مان ڪيترائي واهڙ وهي نڪتا، جن بلوچستان جي ويران ميدان کي رجائي سر سبز ڪري ڇڏيو، هن مدرسي هڪ پاسي ماڻهن کي قلم ۽ فلسفو عطا ڪيو، ٻئي پاسي سياسي شعور بيدار ڪيو، لُهرن شاگردن مان علامه صاحبداد ولد خميسو خان جمالي اڀريو، جيڪو ڳوٺ لوڻي ضلع سبي بلوچستان ۾ 1316هه برابر 1898ع ۾ پيدا ٿيو.
تعليم جو چيرو:
هڪ درجو انگريزي سبي شهر کان پورو ڪري، مدرسي لانڊي تعلقو ڀاڳ ۾ مولانا محمد يوسف وٽ ابتدائي پارسي ۽ ڪجهه عربي پرايا، پوءِ ڪيترا مدرسا ڀيٽي نيٺ درسگاهه قاسميه ڳڙهي ياسين ۾ گوڏا ڀڃي ديني بقايا علوم کي علامه محمد قاسم جي رهبري هيٺ پورو ڪيائين، 11 ذوالقعد 1336هه برابر 21 جولاءِ 1918ع تي فيض حاصل ڪري سند لڌائين، ان کان پوءِ استاد جي حڪم تي هيٺين مدرسن ۾ تعليم جاري رکيائين.
1. مدرسو راڻي پور خيرپور 1918ع ۾ پير سيد علي مدد شاهه جيلانيءَ جي دعوت تي هتي درس تدريس هڪ سال ڏنائين،
2. مدرسه ڪٽبار بلوچستان، ڪٽباري بزرگن جي دعوت تي 1919ع ۾ ويو، ٻه سال درس جاري رکيائين، جتي مولانا تاج محمد ثاني کي تحصيل ڪرائي.
3. مدرسو سلطان ڪوٽ ضلع سکر هتي مستقل رهائش ڪري پڙهائڻ ۽ اشاعت جو ڪم ڪيائين، هتان هڪ ”رسالو الاسلام“ ماهيانو جاري ڪيائين، ٻيا ڪيترا ڪتاب لکيائين، جن مان 19 ڪتاب مشهور ٿيا، هن درسگاهه مان هيٺيان عالم تحصيل ڪري نڪتا:
1. مولانا الاهي بخش سلطان ڪوٽي
2. مولانا ولي محمد ڪٽباري
3. مولانا ميان دوست محمد
4. مولانا عبدالستار
جولاءِ 1934ع تي سلطان ڪوٽ ڇڏي، مير احمد يار خان قلات جو استاد مقرر ٿيو ۽ قلات جو قاضي القضاة ٿيو، پر کيس اتي مزو نه آيو، ان ڪري 1935ع ۾ ڇڏي سلطان ڪوٽ ۾ اچي وري رهيو، 1939ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي، سرگرم رڪن جي حيثيت سان ڪم ڪيائين، مسلم ليگ کيس راس نه لڳي، ان ڪري 1943ع ۾ هن جماعت کي ڇڏي ويو، 1947 کان پوءِ سنڌ ڪراچي جمعية اهل سنت جو صدر ٿي رهيو، ان دوران سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ استاد مقرر ٿي پڙهايائين، 1952ع ۾ هن اداري جي استادي ڇڏي ويو.
جامع راشديه پير ڳوٺ: تعلقو خيرپور ۾ 1952ع کان پوءِ شيخ الجامعه مقرر ٿيو، جتي سندس زير نظر 8 عالم نائب مدرس ڪم ڪندا هئا، هي موصوف علامه 25 جماد الاوليٰ 1385هه برابر 22 جولاٰءِ 1965ع تي حقيقي جهان ڏانهن راهي ٿيو.

مدرسو سيتا

مدرسو سيتا

اسٽيشن سيتا کان اٽڪل 7 ميل ڪچي ۾ ننڍي سيتا نالي سان هڪ مشهور ڳوٺ آهي، ضلع دادو ۾ وڏي سيتا شهر ۽ اسٽيشن ريلوي آهي، جنهن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ رحماني ننگر نالو ڏنو ويو آهي 1947ع کانپوءِ سنڌ جي قديم تاريخ سان هٿ چراند ٿي، جيئن ته سنڌ جي پراڻن ماڳن ۽ مڪانن جانالا ميساريا ويا ۽ پنهنجا نوان نالا مٿن رکيا ويا، دادوءَ ۾ سيتا شهر ۽ سيتا ڳوٺ ٻه وسنديون آهن، شهر جو نالو مٽايو ويو، باقي ڳوٺ جهوني ثقافت واري نالي سان نروار آهي، اهڙيءَ ريت 1885ع ۾ سيتا ڳوٺ ۾ ديني درسگاهه کڙو ٿيو، مدرسي جي ڪارڪردگي ۽ تدريسي عمل جي مشهوريءَ جي ڪري هيءُ ڳوٺ سنڌ توڙي هند ۾ هاڪارو رهيو، 55 سال ديني تعليم جو مانڊاڻ جاري ساري هليو، اداري جو صدر مدرس فقط اڪيلو علامه محمد صديق سيتائي هو، جڏهن ته مدرسي ۾ سڀ علوم ڪاميابي سان پاڙهيا ويندا هئا، پر پوءِ علم معقول، منقول، مناظره ۽ فقه ۾ خاص پڙهائي ٿيند ي هئي، هن علمي خصوصيت جي ڪري درسگاهه سيتا سنڌ ۾ وڏي شهرت واري جاءِ والاري ورتي، ان ڪري مذڪور علوم ۾ ڪيترن سارن شاگردن هن دانشگاهه مان لاڀ پرايو، علم حڪمت ۾ به هي ادارو بهترين سکيا ڏيندو هو، اهڙين اهم ڳالهين جي ڪري شاگردن جو هتي ڳاهٽ رهندو هو، دين سان اڪثر ماڻهو لڳاءُ رکن ٿا، ان ڪري ديني سکيا وٺڻ فرض ڄاڻن ٿا، پر بدن جي تندرستي ۽ صحت به هڪ املهه نعمت ۽ سوکڙي ليکي وڃي ٿي، ان لاءِ هن مدرسي جي سنڌ ۽ هند ۾ هاڪ رهي هي دانشگاهه 1940ع ڌاري پڄاڻي کي پهتو، هن درسگاهه جا هاڪارا علماءِ هتان پڙهي فيض ياب ٿيا.

سندن نالا هئا:
1. مولانا حافظ سيد حبيب الله شاهه گاجي کهاوڙ
2. مولانا محمد ڪامل ابڙو گاجي کهاوڙ
3. مولانا فتح محمد سيوهاڻي
4. مولانا عبدالله سيتائي
5. مولانا رحمت الله سيتائي
6. مولانا عبدالعزيز ملڪاڻي
7. مولانا عبدالقيوم بختيارپوري
8. مولانا عبدالرزاق
9. مولانا عبدالرحيم بختيارپوري

علامه محمد صديق سيتائي:
سندس والد جو نالو حافظ عبدالرحمان سولنگي هو، محمد صديق ڳوٺ ننڍي سيتا ضلع دادو ۾ 1860ع ۾ سرت سنڀالي، هن ٿورو وقت مدرسي شهدادڪوٽ ۾ فيض وٺڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر استاد علماءِ جي تاڪيدي صلاح ۽ مشوري تي هن مدرسي پاٽ ۾ نالو لکايو، هن سمورو علم درسگاهه پاٽ ۾ پڙهيو، مذڪور مدرسي ۾ طالب علمي دوران سڀني شاگردن کان درسي نظامي ۾ گوءِ کڻندو رهيو، ٻين شاگردن جي به تدريسي عمل ۾ وڏي مدد ڪندو رهندو هو، شاگردي واري زماني ۾ به جهڙو علمي ڪمن ۾ ڪمال ڪري چڪو تهڙو علم حڪمت ۾ يڪتا حڪيم ۽ جراح ثابت ٿيو، ان ڪري پڙهڻ مهل به عام ۽ خاص ۾ گهڻو مڃيو ٿي ويو، مدرسي ۾ پرائيندي علم معقول منقول جو وڏو ماهر ٿي چڪو، مناظره ۾ به مخالف ڌر کي لاجواب ڪري ڇڏيندو هو، علم فقه جو لاثاني ڄاڻو، اسلامي قانوندان نڪري پيو، اعليٰ ذهانت ۽ قابليت جي ڪري کيس ماڻهن جي دلين ۾ ڍاليو ويو، اهڙي ريت تعليم پوري ڪري فيض فضيلت سان مدرسي مان علامه مخدوم حسن الله پاٽائي صديقي جي رهبري ۾ سند وٺي، تعليم کان فارغ ٿيو.
1885ع ۾ هن سيتا درسگاهه جاري ڪيو، جتي 55 سال درس ڏيندو رهيو، ڪيئي عالم، فقيه، اديب، حڪيم پيدا ڪري ڇڏيائين، جيئن ته هي علم طب ۾ جراح حڪيم ثابت ٿيو، ڳوٺ سيتا ۾ مدرسي سان گڏ کيس شفاخانو به هو، جتي غريبن ۽ نادارن جو علاج مفت ڪندو رهندو هو، علامه محمد صديق ماهر درس تدريس ۽ لاثاني جراح حڪيم 12 رمضان 1359هه برابر 16 سيپٽمبر 1940ع تي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو.
استاد علماءِ علامه غلام صديق شهداد ڪوٽي علامه سولنگيءَ لاءِ تاثرات ڏنا ته ضلع دادو جي ٻن درسگاهن 1 پاٽ 2 فيروز شاهه جا ٻه شاگرد پنهنجي مدرسن ۾ ته امتيازي حيثيت جا لاثاني شاگرد رهيا، اڳتي هلي پنهجن استادن کان به گوءِ کڻي ويا، مدرسي پاٽ مان علامه محمد صديق سولنگي سيتائي ۽ مدرسي فيروز شاهه مان علامه حامد الله ميمڻ ٻيلائي، ٻئي عالم وڏا ذهين ثابت ٿيا.

قبو سعيد خان

قبو سعيد خان

هن جي اوڀر ۾ شهدادڪوٽ روڊ، اولهه ۾ ڪچي پل روڊ، اتر ۾ مير علي جان خان مگسي جي ڳوٺ ڏانهن روڊ ۽ ڏکڻ ۾ مير احمد نواز جيسراڻي جي ڳوٺ ڏانهن روڊ ويندڙ آهي.
سعيد خان ولد بخشل خان ولد اسحاق خان جمالي جي نالي تي هي ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو، سعيد خان اصل ضلعي دادو جي تعلقي جوهي، ڦلجي اسٽيشن جي اولهه ۾ ڳوٺ بهاولپور جو رهاڪو هو، بهاولپور جي اتر اولهه پاسي ڪاڇي ۽ جبل جي پرڳڻي ۾ سعيد خان ۽ سندس ڪٽنب وارن جون زمينون هيون، سعيد وارا جمالين جو وڏو گهر هئا، ڪلهوڙن ڪاڇي ۾ زور ورتو، انهن جي نا ٺاهيءَ سبب بهاولپور ڇڏي، موجوده قبي سعيد خان ۾ ويٺو، ان وقت قبو سعيد خان بلوچستان جي حد هو، جتي سعيد خان جي 11 هزار ايڪڙ زمين هئي، 1852ع ۾ بيگاري نواڻ جي نڪرڻ ڪري، عيدن واهه تي هن جي پوين جي هزار ايڪڙ آباد هئي، باقي سيلابي زمين هئي، سعيد خان 12 هجري جي اول ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، کيس ڳوٺ ۾ دفن ڪري مٿس قبو اڏايو ويو، جنهن ڪري ڳوٺ قبو سعيد خان جي نالي سان پڌرو ٿيندو رهيو، هن وقت سندس پوين کي ساڍا چار سو ايڪڙ زمين اڃا آهي، جيڪا قبي کان اتر طرف آهي، باقي زمين نوبتي ڍل جي ڊپ کان سندس پونئرن وڪرو ڪري ڇڏي.
ڳوٺ جي باري ۾ مثال:
ڇهي وئي ڊهي، لانگهو ٿيو گهانگهو،
قبو ٿيو قائم، سير ٿي ساريون،
ڇهي ۽ لانگهو ميرو خان تعلقي جا آباد ۽ سر سبز ڳوٺ ۽ ديهون هيون، جيڪي پيدائش جي ڪري گهڻي هاڪاريون هيون، بيگاري واهه نڪرڻ ڪري اهي ٻئي ديهون پوئتي پئجي ويون، ۽ قبو سر سبز ٿي ويو، قبي جي سير علائقي ۾ ساريون جهجهيون ٿيڻ لڳيون.
ٻيو مثال:
قبو آ بشت جو بُبو،
ويڙهه: ڪنهن سمي ڀوت خان هڪ مگسي قبيلي جو سرداري ماڻهو هو، هن جي جاگير جي حد جمالي سان لڳندي هئي، شاديهڙ نيهه کان مٿان ڀوت خان جي ڌنارن کان جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ جا جکراڻي ۽ ڊومڪي زوري مال هڻي ويا، ڌنارن سعيد خان جمالي وارن کي اوڏرڙو ڏسي، اچي دانهن ڏني، سعيد خان جمالي قوم جي ٺاري خان ۽ دودي خان بوهڙن جي سهاري سان سهتي بالا وٽ ڦورن کي پڄي مٿن ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ ٻئي بوهڙي ۽ ڪي جمالي جوان ڪم آيا، جمالين ڦورن کان مال ۽ پنهنجا لاش آجا ڪرائي پنهنجي ڳوٺ پهتا، ٻه ٽن ڏهاڙن کان پوءِ اهو موٽايل مال مگسي سردار ڏانهن پهچايو ويو، مگسي انهي ڀلائي جي ڀاڙي ۾ هڪ عهد نامو لکيو ته سعيد خان جمالي ۽ سندس عزيزن کي ”ٻه داڻا ۽ ٻه روز“ يعني هڪ وقت هڪ ماڻهو کي ٻه ڀيرا ماني ۽ سندس وهٽ کي ٻه گهمرا داڻو ڏنو ويندو، اها روايت اڄ سوڌو جاري آهي.
سعيد خان جا وڏا سخي ماڻهو ٿي گذريا آهن، سندس ڏاڏو اسحاق خان پڻ سخي هو، هن وٽ بلوچستاني مهمان آيو، جنهن کي هن آڌر ڀاءُ ڏنو، ۽ رواني ٿيڻ تي کيس مٺيون مانيون تيار ڪرائي هڪ کليءَ پاڻيءَ جي ڏنائين، ته هو هن ثمر وسيلي رڻ پٽ پار ڪري، آسانيءَ سان پنهنجي ماڳين رسي، جڏهن راهي گهر پهتو ته گهر واريءَ کان ماني گهريائين، جنهن کيس چيو ته ماني ته نه آهي، هن اسحاق واري ماني کاڌي ۽ هيٺيون بيت چيائين:
من نندان من شوري آستم و به مهمان اسحاق خاني استم.
جيتوڻيڪ مان پنهنجي گهر ۾ آهيان، پوءِ اسحاق جو مهمان آهيان.
سعيد خان به پنهنجي وڏن کان مهمانوازيءَ ۾ گهٽ نه هو، کيس ٻه بيرڪون (اوطاقون) هيون، هڪ بيرڪ جي دروازي مٿان ڳاڙهي ۽ ٻئي اوطاق جي در مٿان اڇي جهنڊي هئي، ڳاڙهيءَ واري کي گوشت ماني ۽ اڇيءَ واري کي کير ماني ملندي هئي.
قبي سعيد خان ۾ سعيد خان جو هڪ عزيز امير بخش ولد ٻيڙو خان جمالي هو، جنهن جا ٻه بيت:
من مونسان نه جهيڙ، اجهي پاڻ
پرين ايندئي صبري ثابوتي ساڻ
درد دفعي ٿيندئي گوندر ويندئي
تاريندئي ٻانهون ڏئي ٻاجهه جون
جڏهن هنجهه هئا، تڏهن آدر هو اشرافن کي
اڇا پکي ڍنڍ جا تن کي سڪ نه ساهه اورڻ
امير بخش چوي تن سان تامڻ آءُ درن ڪان
دٻن ۾ ليٽن منجهه لڙڪاءُ پوءِ هنجهن
سندي جاءِ کڻي ڪانوَن ڪانگيرا ڪيا،
ڳوٺ جون ذاتيون:
بروهي، مگسي، کوسا، کچي، پنجابي، گڊا، مغيري ۽ جمالي، گهڻائي ۾ بروهي ۽ مگسي آهن،
1989ع ۾ ڳوٺ جي آدمشماري 500 چئي وڃي ٿي، هينئر ڳوٺ جون سهولتون: بجلي، روڊ، پرائمري بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪول بوائز ۽ مڊل گرلس اسڪول، اسپتال، واٽر سپلاءِ، پوسٽ آفيس، ٽيليفون ايڪسچنج، بينڪ، ساسو جو مرڪز، جتان زرعي سهولتن لاءِ ٻج ۽ ڀاڻ وغيره، پوليس اسٽيشن موجود آهن.

بکو سيال ڳوٺ

بکو سيال ڳوٺ

هي ڳوٺ لاڙڪاڻي جيڪب آباد ضلعن جي ڇيڙي تي ڪالرا ذات جو وسايل آهي، سيال سندن راهڪ هئا، سٻاجهي سڀاءُ جا مالڪ هئا، اڳتي هلي سيالن ڏاڍو زور ورتو، ڪالرا سندن ارهه زورائي ۽ ڏاڍ کان تنگ ٿي کين ئي زمين کپائي ڳوٺ ڇڏي هليا ويا، ، پوءِ ساڳيو ڳوٺ بکر سيال جي نالي تي ڪوٺجڻ ۾ آيو، شهدادڪوٽ رتيديري روڊ سان ڀنڊن جي ڳوٺ تائين، جتان اتر پاسي ڳڙهي خيرو روڊ نڪري ٿو، انهي سان 6 ڪلوميٽر پنڌ ڪري بکر سيال جي ڳوٺ ۾ رسي سگهجي ٿو.
پراڻي دور ۾ شهدادڪوٽ کان دوداپور تائين ڇوٽي ريلوي لائين هئي، جنهن جي وچ تي ٻه اسٽيشنون مينهون لغاري، ۽ عالم شاهه هيون، عالم شاهه اسٽيشن کان بکو سيال 2 ميل اتر پار هو، 1942ع جي وڏي ٻوڏ ۽ شهدادڪوٽ کان جيڪب آباد ريلوي لائين نئين سر وڇائڻ جي ڪري هي ڇوٽي لائين رد ڪئي وئي.
ڳوٺ ۾ ڇٽي وڻراهه، پاڻي ۽ زمين وچولي قسم جي آهي.
هڪ واقعو:
ڳوٺ جو چڱو مڙس سرائي علي مردان خان سيال هو، جنهن کي ٻه گهر واريون هيون، هن وٽ دائود سيال گهرو نوڪر هوندو هو، هڪ ڀيري سرائي دائود کي گهر اچڻ کان روڪ ڪئي، ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ دائود ڏينهن ڏٺي جو سرائيءَ جي گهر گهڙي پيو، کيس ۽ سندس ٻن گهر وارين کي ٻولائي قتل ڪري ويو، مٿس ڪيس هليو پر هو آجو ٿي ويو.
ٻيو واقعو:
1967ع ۾ بکي سيال مان سيد غلام شاهه جي چوري ٿي، جنهن جو شڪ سيالن ۾ ڏيکاريو ويو، چوريءَ جي ڇڪتاڻ تان ٻن سالن تائين ڪروڌ هليو، بعد ۾ ساک تي سيد ۽ سيالن ۾ ٺهراءُ ٿيو.
ذاتيون: سيد، سيال، ڪالرا، ۽ چانڊيا، هاڻي رڳو سيد ۽ سيال رهن ٿا، گهڻائيءَ ۾ سيال ذات آهي.

ڳوٺ چاڪياڻي

ڳوٺ چاڪياڻي

هي وستي ٻه صدييون پراڻو ڳوٺ چيو وڃي ٿو، پهرين چاڪي ذات هتي جا رهواسي هئا، جڏهن ته هن سمي چاڪي ذات جو هڪ ماڻهو به نه آهي، اوائلي دور ۾ چاڪي ذات وارن مان هڪ عورت با اخلاق، نيڪ سيرت ۽ سخي عورت هوندي هئي جنهن جي اولاد نه هئي، مائي سخا ۽ سٻاجهائپ جي ڪري ڏاڍي پڌر پيل هئي ڳوٺ ۾ ڪنهن به وقت ڪيترا به مهمان اچي نڪرندا هئا ته هن مائيءَ وٽان کين تازي ماني ملندي رهندي هئي.
هن سٻاجهي عورت جي لاڏاڻي کان پوءِ ڳوٺ مان هڪ درويش اچي لانگهائو ٿيو، جنهن هن ديا وان مائيءَ جي پڇا ڪئي. کيس ٻڌايائون ته اها الله تعاليٰ کي پياري ٿي وئي، پوءِ انهي بزرگ هن ڳوٺ جو نالو چاڪياڻي رکيو، جيڪو اڄ تائين پيو ڳائجي، ڳوٺ جو پاڻي نه مٺو نه چهرو پر وچٿرو ذائقو رکندڙ آهي، پوءِ به ڳوٺ جي 40 قدمن تي مٺي پاڻي جو کوهه آهي، جنهن مان ڳوٺ وارن نڙن وسيلي گهرن ۾ مٺي پاڻي جو بندوبست ڪيو آهي، هتي 95 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن، جن ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر، آبدار، تپيدار، ماستر، ڪلارڪ وغيره آهن.
ذاتيون: سيد، سومرا، عمراڻي، هڏ کري، ڪنڀر ۽ وڌا آهن، جن مان سيد ٻه گهر، سومرا ڇهه گهر، عمراڻي هڪ گهر، ڪنڀر هڪ گهر، هڏ کري 20 گهر ۽ وڌا ذات 120 گهر آهن.
ڳوٺ جو ڀنڀو خان وڌو ڏاڍو رهزن ۽ ڦڏائي ماڻهو گذريو، جنهن ڀرپاسي جي هر هڪ ذات سان پنهنجا تِر سنوان نه رکيا، سڀ سان هن جي دشمني رهي، مرڻ مهل پنهنجن کي وصيت ڪيائين ته منهنجي لاش کي ڳوٺ واري مقام ۾ دفن نه ڪيو وڃي متان دشمن هن جي لاش کي اتان ڪڍي وڃن، ان ڪري ڳوٺ جي مسجد جي ٻاهرين در کان هن کي دفن ڪيو وڃي، سندس پوين هن جي چوڻ تي ائين ڪيو.

ڳوٺ امام بخش جمالي

ڳوٺ امام بخش جمالي

امام بخش جمالي زميندار ۽ پنهنجي ذات جو رئيس هئڻ ڪري مشهور ٿيو، جنهن پنهنجي ذات وارن سان هڪ وسنديءَ وسائي، جنهن مٿان پنهنجو نالو ڌريائين، ڳوٺ جو پاڻي کارو آهي، ڳوٺ وارا واهن جو پاڻي پيئڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن، زرعي آباديءَ جي لاءِ پاڻيءَ جي اڻاٺ هئڻ ڪري، زمين ٽي حصا نه جهڙي ڪم اچي پئي، باقي چوٿين پتي زمين جي آباد رهي ٿي، ان ڪري هي ڳوٺ ٿورا ماڻهو رکي ٿو، باقي گهڻا ماڻهو هتان پيٽ گذاري نه هئڻ ڪري لڏي ويا آهن ڳوٺ ۾ وڻراهه نه جهڙي آهي.

ڳوٺ سنجر ڀٽي

هي ڳوٺ ڀٽي ذات جو وسايل آهي، تعلقي شهداد ڪوٽ جي گهڻن ڳوٺن کان وڏو ۽ سڌريل وٿاڻ آهي، ڳوٺ جو اڳواڻ سنجر نالي ڀٽي باهمت، سپيتو ۽ همدرد ماڻهو هو، آئي وئي مهمان توڙي آفيسرن جي خدمت چاڪري ڪندي پيو گد گد ٿيندو هو، آفيسر به هن کي عزت جي نگاهن سان ڏسندا هئا، ان ڪري هن جي ڪارگر ۽ من پسند شخصيت جي ڪري هن وسندي مٿان سنجر ڀٽي هن جي نالي تي قائم رهي، هتي ڀٽي ذات جي گهڻائي آهي، ڳوٺ وارا من پسند ۽ گهڻي ڀاڱي تعليم جي زيور سان سينگاريل آهن، پرائمري اسڪول سنجر ڀٽي قديم آهي، ان ڪري هن اداري مان ڳوٺ وارن کي پئي فيض مليو آهي، پاڻي جر جو مٺو آهي، زمين زرخيز رهي ٿي ، ان ڪري ماڻهو سک سان رهن ٿا.

رتوديرو تعلقو

---

جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب

سکو سڀ سرتيون، سپن مان سير،
ٻيو مٽائي نير، اڀيون ابر آسري.
مٺي پاڻي جا وشال ڌاراءِ ۽ وڏا واهڙ جن ماڳن مڪانن مٿان مدامي وهندا رهن ٿا، اتي سڀيتا سرجي ٿي، اهڙن وٿاڻن مان لاڙڪاڻو به هڪ آهي، جنهن کي لاڙڪ ذات سان نسبت ڏنل آهي، جيڪا ماضي قريب جي ڳالهه آهي، ان کان گهڻو اڳ ماضي بعيد ۾ هن ساڳي پرڳڻي ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي هڪ وساڻل تهذيب جو پتو کرو ڏئي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، ان مان پڌر پيو ته انهن پراڻن کنڊرن جي لڪل تمدن جي ورثي موجوده لاڙڪاڻي کي جنم ڏنو، هن خطي جي اداره سوچ ۽ ساڃاهه ڪيترائي ڏاها ۽ ڏيا وارا ماڻهو پئي پيدا ڪيا آهن، جن ۾ هڪ پاسي خانبهادر کهڙو، رئيس جان محمد خان جوڻيجو، پير علي محمد ۽ پير حسام الدين راشدي ڀائر، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ علي محمد عباسي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي وغيره جدا جدا ذاتين مان اڀريا، ان کان سواءِ ڀٽو خاندان مان مرتضيٰ ڀٽو اول، سر شاهنواز ۽ سندس فرزند شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب گهڻا ناميارا رهيا آهن، شهيد جو ڏاڏو مرتضيٰ اول پنهنجي ڪار گذارين ۽ ڪارنامن جي ڪري سنڌ ۾ پڌر ٿيو، سر شاهنواز سنڌ ۽ هند جي سياسي بصيرت جي کيتر تي ڇانيل رهيو، پر جڏهن شهيد ڀٽو صاحب جو دور آيو ته لاڙڪاڻي کي چار چنڊ لڳي ويا، جيئن شهيد ڀٽو صاحب سنڌ، پاڪستان، ايشيا ۽ پوري دنيا ۾ مشهور ٿيو، اسلامي ۽ ٽين دنيا جو ليڊر ٿي اڀريو، تيئن لاڙڪاڻو به دنيا ڀر پر گهٽ ۽ پڌر پئجي ويو، جتي شهيد ڀٽي صاحب جو ذڪر خير ٿئي اتي لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ جو نعرو ضرور لڳي، هن وٿاڻ جي ڪهاوت، لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو“
ڏات ڌڻين جو ڏيهه، لاڙڪاڻو، هلو ڪن جو مڪان، لاڙڪاڻو ساڃاهه وندن جي وسندي، لاڙڪاڻو سياسي بصيرت جو ڪمال، لاڙڪاڻو، ساهيته ۽ هلچل جي ڀرمار ۾ لاڙڪاڻو نروار رهيو آهي، قديم رهڻي ڪهڻي، معيشت جي جهجهائي، ڌرتي جي زرخيزي ۽ وڻڪار جي ڪري لاڙڪاڻو نمايا پئي ٿيو آهي، هي هن خطي جا فطري ۽ طبعي رخ آهن، جنهن ڪري لاڙڪاڻو سنڌ اندر پنهنجي سڃاڻپ جي اوج تي رسيو آهي، پر اصل حقيقت اها آهي ته جڏهن شهيد ڀٽي لاڙڪاڻي واري، پاڪستان جي نادار ۽ ڪنگال عوام سان گڏ دنيا جي ڏتڙيل ۽ ماريل عوام جو آواز بلند ڪيو ته لاڙڪاڻو پڻ عالمي حيثيت سان هاڪارو ٿي ويو.
ڀٽي صاحب جي شخصيت جو مختصر خاڪو:
قداور، سڌي لڱين، سنهي ڪاٺي جاند هاٺي، گورو رنگ، اکيون ڪاريون، وڏيون، چيرويون، منهن گول، کاڏي تي گب گب، سهڻي شڪل، خوش پوش، خوش گفتار، خوش ذوق، خوش نوش، ملنسار، هر دلعزيز، وڻندڙ شخصيت، اعليٰ ذهانت، وڏو حاضر جواب، بلا جو خود اعتماد، بنهه نه ڊر، مزاحي انداز، حڪومت ڪرڻ جو پورو پورو ڏانءُ، عوام سان دلي لڳاءُ، ملڪ مٿان ساهه ڏيندڙ، ملڪ ٻه اڌ ٿيل، شڪست کاڌل، بحرانن ۾ وڪوڙيل، بي يار، بي مددگار حيثيت ۾ ڀٽه صاحب جي حوالي ڪيو ويو، اهو اڌورو ۽ ڪمزور ملڪ تيزي سان تعمير ڪري دنيا جي آڏو هڪ نئون ۽ طاقتور پاڪستان پيش ڪري ڏيکاريو، ملڪي سياست مٿان طوفان جيان آيو، ملڪي اڏاوت جي لاءِ سهڪار ۽ امداد وٺڻ ۾ عالمي طوفاني دورا ڪيائين، جلد هڪ نئون پاڪستان قائم ڪري، وري به طوفاني ڪڙي سان ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، هڪ ڀيري تقرير ۾ چيائين، ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ملڪ جو عوام کي مون کي ياد ڪري روئيندو، ملڪ جي ڌرتي روئيندي، جبل روئيندا، دريا روئيندا، ان وقت جي ٻڌندڙ هن گفتار کي کل مسخري ڄاڻي ٽارائي ڇڏيو، پر اڄ اهي جملا سون ۾ مڙهڻ جهڙا آهن، اهي جملا صحيح ۽ سچي پيشن گوئي ثابت ٿين ٿا، پيپلز پارٽي مان اين، پي، پي، فرنٽ، ش، ڀ، وغيره ڇڄي ويون، وڃي پنهنجون درگاهون تيار ڪيائون ۽ ٻيا کوڙ سارا سياستدان پارٽي ڇڏي هليا ويا، پوءِ به هن پارٽي ۾ تر برابر به ڪمي نه آئي آهي، ساڳي وقت ملڪ جي هر مخالف حڪومت قومي خزانو پيپلز پارٽي کي ختم ڪرائڻ ۾ ضايع ڪندي رهي ٿي، پر هن جي مقبوليت ۽ مڃتا ۾ ذرو به کوٽ نه اچي سگهي آهي، اهو سڀ شهيد ڀٽي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت جي ڪارنامن جو ڪمال چئبو، ڀٽي صاحب جي تصوير ڪڍائڻ جو ڍنگ، ۽ انٽرويو ڏيڻ ۾ هٿن ۽ منهن جو هلائڻ جو انداز ۽ بيان ملڪي توڙي غير ملڪي صحافي برادري جي پسندي جي دلي ترجماني ٿيندي رهندي هئي، ملڪي ماڻهو ته سندس اهڙين ادائن ۽ اشارن، مرڪن ۽ ٻهڪڻ تان گهور گهور ويندا هئا، هنن جي ڪپڙن جي پسندي، چونڊ ۽ سلائي سندس شخصيت کي ڏانڍو حسين رکندي هئي، اڄ به هن جا مخالف هن جي تصويري ڏيکاءُ، پوشاڪي، فيشن، تقريري اشارن جي پيروي ڪندا رهن ٿا، جيڪا هن جي قداور ۽ سريلي سرشت جي زنده مثال ۽ ڪمال جي نواڻ پيش ڪري ٿي، پيپلز پارٽي کان اڳ ۾ ملڪي سياسي فيصلا، چونڊن جي موسم ۾ جاگيردارن ۽ سردارن جي محلاتن چوياريون ڪري، پنهنجي من پسندي جا ماڻهو هٿ ٺوڪي نبيرن ۾ ميمبر ٿاڦي ڇڏيندا هئا، اتي جو اتي ٺهه پهه کڻڪ پئجي ويندي هئي، ته تڪن ۾ ڪهڙا ميمبر ٿي چڪا، اهڙي محلاتي ۽ بنگلن واري سياست کي ڀٽي صاحب غريب عوام جي جهوپڙين، منهن، جهڳين، پکن، لانڍين ۽ ڪچي ويڙهن ۾ آندو، عوام کي ووٽ جي وٿ ۽ سگهه کان باخبر ڪيو، ان ڪري روايتي نواب ۽ جاگيردار سياستڪارن جو ننڊ آرام ڦٽي ويو، در در ۽ گهر گهر وڃن جو رواج پئجي ويو، اهو سڀ پيپلز پارٽي جي عام ڀلائي جي سياسي سکيا جو ڍنگ هو، پيپلز پارٽي ٿوري وقت ۾ هڪ سياسي ادارو ٿي پيو، جنهن مان ننڍو وڏو، مرد عورت، هاري ناري، مزدور ملاح، ڀيل، باگڙي، جوڳي جابلو، شهري واهڻي، ٿري ريگستاني سياسي سبقن وٺڻ سان سجاڳ ٿي ويا، سولي ۽ سستي سياست مان ڦري ڏکي ۽ مهانگي سياست ٿي پئي، ووٽ جو مان مرتبو هن اداري جي ذوق، شوق ۽ قرباني ڏيڻ جي ڪري ٿيو، اڳ سياست اڪ جي ماکي سمان هئي، هاڻي ٻٻر ۽ ٻير جي تيز ڪنڊن جي ماکي ٿي پئي، جيڪا هر سياستدان سولائي سان اڪيلي سر نٿو کائي سگهي، ان ڪري سياست گلن جي سيج مان مٽجي ڇتن ڪنڊن جي سيج بڻجي وئي، جيڪڏهن عام چونڊون هن گهڙي به جمهوري واٽ، ايماندارانه نموني ڪيون وڃن ته وري به پيپلز پارٽي وڏ ي ۽ ڀاري اڪثريت سان سوڀاري ٿي ويندي.
مٿين مانڊاڻ کي ڌيان ۾ رکندي، جيڪڏهن انصاف روءِ سان ڀٽي صاحب جي سياسي ڏياءِ ڏات جي ڪڇ ماپ ڪجي، ته هن کي دنيا جي اعليٰءِ ۽ ممتاز سياستڪارن کان مٿي ڳڻجي، ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو، پاڪستاني عوام هن ڏس ۾ ته فيصلو ڪري ڇڏيو، جو کيس قائد عوام ”جو لقب ڏنو“ سچ ته ڀٽو صاحب مخالف سياسي ڌڙن ۽ انهن چند مخالف جنرلن جو به سڄڻ ۽ خير خواهه هو، ڇو ته ملڪ سلامت رهندو، ته مخالف به زنده رهي سگهندا، شهيد ڀٽو صاحب ملڪ جي خواتين جي ڀلائي،تعليم ۽ صحت جون ڳالهيون وري وري پئي ورجايون، جن اصلاحي طريقن جي مخالفن زوردار مخالفت پئي ڪئي، ڇو ته هو ڄاڻي پيو ته عورتون ملڪ جو اڌ عوام سڌاري هيٺ اينديون ته ملڪ تيز ترقي جي ڪنڌي لڳندو، اڄ اهي ساڳيون ڳالهيون روشن خيال ۽ روشن سوچ چيون وڃن ٿيون، سچ ته اهڙو سپوت هزارن سالن تائين ملڪ پيدا ڪري نه سگهندو، ملڪ جي يڪجهتي ۽ ٻڌي خاطر هن جي سياسي ساڃاهه تاڙي وئي ته ملڪ جي گهڻي آباد غريب هاري ناري، مزدور ماڻهن جي آهي، انهن جي زندگي جو معيار بلند نه ٿيندو، تيتر ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهندو، هن پيڙيل، ماريل ۽ هيسيل ماڻهن جون دليون جيتڻ جا جتن ڪيا، عام ماڻهن جا ميلا گڏ ڪرڻ جو ڏانءُ ته هن جي جبلت ۾ هو، عوام سان هن جو دلي ڳانڍاپو هو، ان ڪري هن نعرو هنيو ته مان غريب پختون، پنجابي، بلوچ ۽ سنڌي عوام سان گڏ آهيان.
دنيا جي مسڪين، مفلس ۽ ماريل عوام جي عزت نفس ۽ خوشحالي جو نعرو هنيو، تڏهن لاڙڪاڻو نشانبر ٿيو، ساڳي وقت عوامي بنيادي حقن ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ جو آواز بلند ڪيو، هاري ناري، مزدور ۽ ڪمي جي طرفداري ٿي، ته ان حالت ۾ عام ماڻهو ۾ حقن وٺڻ جو شعور جاڳي پيو، موصوف دنيا جي عوام ۾ شهريت پذير ٿي ويو، هو جيڏي گهڻ پاسائين شخصيت ٿي چمڪيو، ايڏي لاڙڪاڻي جي تعريف ۽ واکاڻ ۾ اضافو ٿي ويو، ڀٽو صاحب ۽ لاڙڪاڻو ٻئي ڳنڍيل رهيا آهن، ڪنهن به هڪ جي واکاڻ ٻئي جي ساراهه به ضروري ٿيو وڃي، وطن دوست ۽ عوام دوست کي ماڻهو صديون ياد ڪندا رهندا آهن، اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ به ڀٽو صاحب کي پاڪستاني عوام ساريندو رهي ٿو، اهڙي ريت دنيا جي ملڪن ۾ به پنهنجي پنهنجي ملڪ دوست ۽ عوام دوست ماڻهو کي تاريخ هيرو ڪري پيش ڪري ٿي، جنهن جاڪي هيٺ مثال ڏجن ٿا:
1. سڪندر اعظم:
يونان جو شهنشاهه 336 ق،م ۾ تخت تي ويٺو 33 سالن جي فوهه جواني ۾ فوت ٿيو، هن دنيا جي ڪيترن ملڪن کي فتح ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ به آيو، يوناني هن جي بهادري جي ساراهه جا ڍڪ ڀري نٿا ڍاپن.
2. هنيبال:
ڪارٿيجي شهنشاهه 247-182 ق. م ۾ اڀريو، رومين جي اڳرائي ۽ سرڪشي جي ڪري هن اڻ لتاڙيل رستي (آلپس جبل) مٿان ڪٽڪ، هاٿين سميت اُڪاري رومين کي حيرت ناڪ هار ڏني، هن ۾ اها به هڪ سٺي خوبي هئي جو هر سپاهي کان آفيسر تائين هر هڪ فوجي جا نالا کيس ياد هوندا هئا، اهڙي ڏات ڀٽي صاحب کي به الله تعاليٰ عطا ڪئي هئي، جو پار ٽي جي ورڪر کان عهديدار تائين نالا ۽ ذاتيون ياد هونديون هيون.
3. سلطان صلاح الدين ايوبي:
مصر جو 1175ع ۾ حاڪم ٿيو، هن جي دور ۾ ٽين صليبي جنگ 1192ع_1189ع تائين هلي، جنهن ۾ برطانيه، فرانس، جرمني ۽ ٻين عيسائي ملڪن وچ ۾ مشرق ۾ مسلمانن مٿان ڪٽڪ ڪڙڪايا، کين سلطان صلاح الدين ايوبي دليرانه مقابلو ڪري کين صلح تي آماده ڪيو.
4. مملوڪ سلطان الملڪ الناصر:
مصر جو 1400ع ۾ حاڪم ٿيو، تيمور بادشاهه جنهن دنيا جي ملڪن ۾ پنهنجي ڏاڍ جو ڏهڪاءُ وجهي ڇڏيو، جنگ ۾ ماڻهن جي سرين جا منارا ٺهرائي ڇڏيندو هو، عثمانيه سلطنت جي سلطان يا يزيد اول کي به قيد ۾ رکيو هئائين شام فتح ڪري، مصر مٿان حملي آور ٿيو، جنهن جابر سان مملوڪ سلطان بي جگري سان مقابلو ڪري کيس هٽائي ڇڏيو.
5. ڪرنل جمال عبدالناصر:
1952ع کان پوءِ مصر جو صدر ٿيو، عربن کي هڪ بلاڪ ۾ ڪٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، اسرائيل ۽ ان جي حمايتي مغربي ملڪن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو.
6. فرحت عباس:
1899ع ۾ الجزائر ۾ پيداٿيو، اهنسا جي بنياد تي ملڪي آزادي لاءِ فرانس سان لڙهندو رهيو، اهنسا جي اصول مان کڙتيل نه نڪتو، ان ڪري اهو طريقو مٽائي، نيشنل لبريشن فرنٽ جو رڪن ٿيو، اڳتي هلي هن فرانس کي مجبور ڪيو ۽ 1962ع ۾ آزاد الجزائر جو پهريون صدر ٿيو، هن الجزائر کي جمهوريت جي ڍنگ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عمل نه ڪيو ويو، ملڪ کي اڄ تائين ڇيهو رسندو آيو، هن صدارت تان استيعفا ڏيئي ڇڏي.
7. بسمارڪ:
جرمني جو مشهور چانسلر (وزير اعظم) ٿي گذريو، هن پنهنجي ڇڙوڇڙ ملڪ جي ننڍين رياستن کي دانائي سان گڏ ڪري هڪ ”متحد جرمني“ ٺاهي ڏيکاري، جيڪو هن جو وڏو ڪارنامو آهي، آسٽريا جي اڳراين سان منهن ڏيندو رهيو، هن کي هاريائين، فرانس جي سرڪشي ۽ جنگي جنون سان ٻه ڀيرا مهاڏو اٽڪايو ۽ کيس هارايو، هن کي فولادي چانسيلر (وزير اعظم) چوندا هئا.
مذڪور شخصيات واسطيدارن ملڪن ۾ اڄ تائين هيروز تسليم ڪيا وڃن ٿا، کين تعليمي نصاب ۾ جائگير ڪيو ويو آهي، ۽ سندن ملڪن ۾ يادگار آهن، هنن جون يادون ملهايون وڃن ٿيون، انهن جي ڀيٽ ۾ شهيد ڀٽي صاحب جي شخصيت تي هڪ نظر رکجي ٿي، جيئن ته هن کي شڪست کاڌل، اڌورو ملڪ ڏنو ويو، جنهن جا 90000 فوجي ۽ آفيسر جنگي قيدي هجن ملڪ جي 5 هزار چورس ميل زمين مٿان دشمن ملڪ جو قبضو رهي، دنيا جا دوست ملڪ بيزار ٿي پاڪستان جو ساٿ ڇڏي ويا هجن، پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ۽ ڪمزور رهجي ويو هجي، اڃا به خطرو رهي ته متان بقايا اڌ پاڪستان دشمن ملڪ ڦٻائي نه وڃي، ان حالت ۾ دنيا جو ڪو به دوست ملڪ حمايت کان لهرائي ويو، فوجي جنرل لاچار ٿي بيهي رهيا، ان هيجان ۽ بحراني ماحول ۾ ڀٽي صاحب پنهنجي گهڻ پاسائين جاذب شخصيت سان اڌوري ملڪ جي نئين سر اڏاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ان روشني ۾ اندروني ملڪ کان ڪشمير تائين دورا ڪيا ۽ جوشيليون تقريرون ڪري قوم ۾ نئون روح ڦوڪيائين، پنهنجي حمايتي ۽ روايتي دوستن مان چين ۽ اسلامي ملڪن ترڪي، ايران، انڊونيشيا، عرب ملڪن کي حمايت لاءِ پڪاريائين، جن هن جي بهادرانه للڪارن تي هر مدد جا اعلان ڪيا، جنهن تي مخالف ملڪ جا غلط ارادا خاڪ ۾ ملي ويا، ۽ دشمني بدران دوستي واري رخ ڏانهن موڙ کاڌائين، جنهن ڪري عزت ڀريو شملا ٺاهه ٿي چڪو، معاهدي جي آڌار تي بنگال ۽ ڀارت جنگي جرائم تحت جنگي قيدين مٿان ڪيس نه هلائڻ تي راضي ڪيا ويا، کين مان ۽ آبرو سان ڇوٽڪارو مليو، 5 هزار چورس ميل ڦٻايل زمين پنجاب پرڳڻي کي ڀارت واپس ڪري ڇڏي، ان سان نه رڳو ملڪ جي نئين سر اڏاوت ٿي چڪي، پر ڀٽي صاحب ملڪ جي ائٽمي سگهه جي راهه لاءِ تياريون ڪري ڇڏيون، ڀارت هن ڏس ۾ ائٽم بم جو تجربو ڪيو، هن قوم کي تقرير ۾ ٻڌايو ته ڪا ڳالهه نه آهي، دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي، آمريڪا اڳ ۾ ائٽم بم جو تجربو ڪيو، ان کان پوءِ روس به ائٽم بم جو تجربو ڪري ڏيکاريو، ان ڪري ذوالفقار علي ڀٽي صاحب اعلان ڪيو ته گاهه کائي به اسين ائٽم بم جو تجربو ڪنداسون، اڳتي هلي ٿيو به ائين، پاڪستان کي بحرانن، هيجانن ۽ اوڪرن مان صحيح نموني ڪڍي ورتائين، وطن دوستي جا سڀ وچن واعد پورا ڪري ڏيکاريائين، انهي سلي ۾ هي ملڪ ڀٽي صاحب جي ذريعي وڏي سگهه سان اڀري چڪو، ڀٽو صاحب هن ملڪ جو وڏو محسن ليکجي ٿو، اهڙي هيري، وطن دوست، ۽ ديس جي دلدار کي ڪال ڪوٺين ۾ بند رکي، چيچلائي عذاب ڏئي شهيد ڪرڻ، ملڪ سان تاريخي نا انصافي ٿي چڪي، ڄڻ ملڪ ۽ قوم سان هزارين ڀيرا غداري ٿي چڪي، جنهن کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي.
ڀٽي صاحب ٽن مارشل لا وارن جنرل سان سامهون ٿيو، ٻن بلائن مان ته پار پئجي ويو، ٽين بلا هن کي وڪوڙي وئي، جنهن سان به دليرانه منهن ڏيندو رهيو، آخري پساهن تائين آڻ نه مڃيائين، ملڪ جي مخالف سياستانن جمهوري واٽ سان ووٽ وسيلي ڀٽي صاحب کان کٽڻ مشڪل ڄاتو، جنرل به هن جي وڌندڙ اثر کان خائف رهيا، ۽ ٻاهريون قوتون هن جي ذهانت ۽ ملڪي پاليسين جي اعليٰ رٿا بندي کان حسد ڪرڻ لڳيون، ٽيئي ڌڙا مايوس ٿي هن جي سر وٺڻ لاءِ سازشون سٽڻ لڳا، ان ڪري هن کي هميشه ختم ڪرڻ لاءِ مٿس جڙتو خوج جي چرچ جو ڪيس مڙهي، ٻه سال ڪورٽن جا چڪر ڏياريندا رهيا، ڪورٽن ۾ اڻ ڌرئي نبيري ٿيڻ جي ڪا به اميد پيدا نه ٿي سگهي، هن مٿان ڦاسي جي سزا مقرر ٿي چڪي، دنيا جي ملڪي سربراهن جي اڪثريت هن جي جان بخشي جون اپيلون ڪيون پوءِ به 4 اپريل 1979ع تي هن جي پياري ۽ حسين زندگي جي روشن شمع کي هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو، ان ريت لاڙڪاڻو جيڪو سنڌ، پاڪستان، ايشيا، اسلامي بلاڪ ۽ دنيا جو ڏاهو ماڻهو ۽ برک سياستدان شهيد ڪيو ويو.

ڀٽي صاحب جو سياسي پس منظر:
سر شاهنواز ڀٽو ننڍي کنڊ جو سياستدان ٿي گذريو، ان ڪري شهيد ڀٽي کي سياست ورثي ۾ ملي چڪي، 1958ع ڌاري قومي حڪومت ۾ شامل ٿيو، اڳتي هلي ملڪ جو خارجه وزير ٿيو، هن جي دور حڪومت کان اڳ ۾ ملڪ جي پاليسي هڪ طرفي رهي چڪي هئي، جنهن کي هن آهستي آهستي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، 1965ع ۾ هندو پاڪ لڙائي لڳي، ٻنهي ملڪن جي وچ تي تي روس جي ٽياڪڙي ۾ صلح لاءِ تاشقند معاهدو ٿيو، هن مٿان ڀٽو صاحب ۽ صدر محمد ايوب جا اختلاف اڀري چڪا، ان تي هن استيعفا ڏئي ڇڏي، 1967ع ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو، جڏهن ته 1934ع ۾ ”سنڌ پيپلز پارٽي کڙي ٿي چڪي پهرين پيپلز پارٽي سنڌ پرڳڻي تائين هلي، جڏهن ته ٻئي پاڪستان ليول تي وجود ۾ آئي، شهيد ڀٽي صاحب سوشلزم جو نعرو لڳايو، ڪروڙين ماڻهو هن جي پارٽي پروگرام ۾ داخل ٿي ويا، هن جي وڌندڙ اثر ۽ مقبوليت ڏسي، ايوب شاهي ڏمرجي وئي، کيس طرح طرح نموني هراسان ڪيو ويو، جيل اماڻيو ويو، نيٺ ايوب آمريت جو زوال ٿي چڪو، هن جاءِ ڀرڻ لاءِ غير آئيني نموني سان ٻيو جنرل ملڪ جو سربراهه ٿيو،جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب ون يونٽ ٽوڙايو ۽ جون 1970ع ۾ عام چونڊون ڪرايون چونڊ مهم دوران اولهه پاڪستان جون سڀ پارٽيون ڀٽي صاحب جي خلاف رهيون، پوءِ به اولهه پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت سان چونڊجي آئي، اوڀر پاڪستان ۾ 1971ع ۾ فوجي قدم کنيو ويو، جنهن ۾ انڊيا بنگالين جي کلي عام مدد ڪئي، 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستاني فوج جي جنرل عبدالستار نيازي ڀارتي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا، ان ريت پاڪستاني فوج انڊيا ۾ جنگي قيدي ٿي وئي، ان نازڪ دور ۾ پاڪستان مٿان مصيبت جا پهاڙ ڪري پيا، فوجي جنرل مجبور ٿي ڀٽي صاحب کي پاڪستاني اقتدار جي دعوت ڏني، ان نموني ڀٽي صاحب جي سياست جو پسن منظر شروع ٿيو.
ڀٽي صاحب ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جو صدر ٿيو، ساڳي سال روس جو سفر ڪري، اسٽيل مل ورتائين، 12 اپريل 1973ع تي متفقه نموني آئين منظور ڪيو ويو، آئين ۾ ڏيکاريو ويو ته ملڪ جو مذهب اسلام رهندو ۽ قرآن ۽ سنت خلاف ڪو به قانون نه ٺاهيو ويندو.
فيبروري 1974 ۾ لاهور شهر ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهه ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جولاءِ 1977ع ۾ آچر بدران جمعي جي ڏينهن تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري نموني سيرت ڪانفرنس جو انتظام ٿيو، گذريل حڪومتن پاران حاجين جي عدد مٿان پيل پابندي هٽائي وئي، غلطين کان پاڪ قرآن شريف جي ڇپائي جو بندوبست ڪيو ويو، اسرائيل خلاف اسلامي ملڪن جي مدد ڪرڻ جو اعلان ٿيو، قاديانين کي غير مسلم قرار ڏنو ويو.

اقتصادي ۽ صنعتي اصلاحات:
وڏن ڪارخانن، بئنڪن ۽ ويمي ڪمپنين کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو، ڪپهه، ڪڻڪ ۽ چانور جي تجارت حڪومت جي هٿ هيٺ ڏني وئي، لوهه، ٽامو، تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي هٿ ڪرڻ جا پروگرام تيز ڪيا ويا، ڪميونيڪيشن جي وسيلن کي تيزي سان وڌايو ويو.

زرعي اصلاحات:
جاگيرداري ختم ڪري، 34 لک ايڪڙ زمين مفت ۾ سرڪاري مالڪي ۾ آئي، ساڳي زمين ننڍن کاتيدارن جي حيثيت سان ورهائي وئي، بي زمين هارين ۾ في خاندان 12 ايڪڙ زمين مفت تقسيم ڪئي وئي، 1975ع ۾ ننڍن کاتيدارن يعني 12 ايڪڙ آپ پاشي ۽ 24 ايڪڙ غير آپ پاشي مٿان محصول ۽ لوڪل ريٽ معاف ڪيا ويا، 1976ع ۾ سرداري نظام جو خاتمو ٿيو.

صحت جي ترقي:
پرائمري تعليم لازمي، اسڪول، هاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون وڌايون ويون، 1976ع ۾ تعليم جي ترقي لاءِ هڪ ارب 21 ڪروڙ رپيا رکيا ويا، تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ استادن جون پگهارون وڌايون ويون، ڏڪر الائونس ڏنا ويا، تدريس گاهن ۾ استادن جي سکيا جو بندوبست ٿيو، شاگردن کي سواري ڀاڙي ۾ رعايت، اسڪالر شپ ڏنيون ويون، ثقافت کي بچائڻ لاءِ عجائب گهر، آثار قديمه جي سنڀال جو بندوبست ٿيو.

خواتين جي عزت افزائي:
صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي نمائندگي رکي وئي، سفارت ۾ عورتن کي ترجيح ڏني وئي، سنڌ جي گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان کي گورنر جي حيثيت سان پهرين عورت رکي وئي.
قائد اعظم يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۾ وفاقي حڪومت جي سيڪريٽريٽ ۾ عورت سيڪريٽري، قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي کي رکيو ويو.
غير ملڪي لاڳاپا:
پاڙيسري ملڪن مان افغانستان، ايران، چين، ڀارت سان دوستانا ناتا وڌايا ويا، غير برادرانه پاليسي رکڻ لاءِ دولت مشترڪه ۽ سيٽو معاهدن مان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو، روس دوستي ۾ اضافو آندو ويو، مغربي يورپ ۽ مشرقي يورپ جي ملڪن سان ناتا رکيا ويا، اسلامي ملڪن ۾ ترڪي، ايران ۽ عرب ملڪن سان لاڳاپا سڌاريا ويا، دنيا جي بيٺڪيت جي خلاف انقلابي تحريڪن جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي، شمالي ڪوريا، ويٽنام، ڪمپوچيا، گني، سائو، انگولا ۽ موزمبيق جي انقلابي حڪومتن کي تسليم ڪيو ويو.

سندس تصنيفات:
هيٺيان ٽئي ڪتاب انگريزي ۾ لکيل آهن:
1. نالي ماتر آزادي 1967ع
2. عظيم الميد 1971ع
3. جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو 1979ع
ڀٽو صاحب ٽين دنيا جو واحد دانشور ۽ سياستدان مڃيو وڃي ٿو، جنهن جون 1968ع ۾ مشرقي يورپ جي ملڪن جا دورا ڪري انهن ملڪن جي حالتن جو جائزو ورتو، سندن بحراني ڪيفيات مٿان تبديلين جا اشارا ڪيا هئا، اهي 1989ع ۾ پورا ٿيا، ڀٽي صاحب پنهنجي ڪتاب نالي ماتر آزادي ۾ سرمائينداري نظام ۽ ڪميونزم جي بحران تي روشني وڌي آهي، ٽين دنيا جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن جي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
ٻئي ڪتاب ۾ قرارداد پاڪستان کان مشرقي پاڪستان ۾ فوجي ڪارروائي تائين حالات جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
ٽين ڪتاب ۾ سندس زندگي جي تجربات جو نچوڙ آهي، ڀٽي صاحب جي جيل دوران ضياءَ حڪومت هن جي خلاف قرطاس ابيض شايع ڪرايو، انهن مڙهيل الزامن جي جواب ۾ ٽيون ڪتاب ڀٽي صاحب لکيو آهي.
محترما بينظير ڀٽو صاحب والد جي شهادت کانپوءِ ضياءَ آمريت جو دليرانه مقابلو ڪيو، هڪ ڀيري ضياءَ ڊڪٽيٽر شاهي خلاف تقرير ۾ چيائين: ‘‘دیواروں پے دیکھ اور عزت اور عزت سے جا۔’’ يعني ضياءَ شاهي خلاف ديوارن تي چاڪنگ ٿيندي رهندي هئي، جنهن ۾ عوام پنهنجي ڀڙڪيلي جذبات سان ڀتن تي لکندا هئا، ته ضياءَ ظالم، ڊڪٽيٽر، قاتل، ملڪ دشمن، آمريڪا جو ايجنٽ، سرمائيدان جو ساٿاري ۽ عوام جو ويري وغيره آهي، ضياءَ جي هوائي حادثي کان پوءِ محترما ٻه ڀيرا ٿوري ٿوري وقت لاءِ ملڪ جي وزير اعظم مقرر ٿي، اڳتي هلي پاڪستان چوٿون ڀيرو جنرل مشرف جي ور چڙهي ويو، جنهن قانوني وزير اعظم نواز شريف کي لاهي، جلاوطن ڪري، ملڪ جو صدر ٿيو، جنهن ڊڪٽيٽر سان محترمه مهاڏو اٽڪايو، پر هن آمر کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو.
جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ عام انتخابات ٿيا، چونڊن ۾ محترما جي همدردي جي ڪري، پيپلز پارٽي جيتي وئي، ملڪ جو صدر ۽ وزير اعظم پيپلز پارٽي مان ٿيا، پر ملڪي پاليسيون مشرف دور جون هلنديون هليون، پيپلز پارٽي جي عام ورڪرن ۽ جيالن کي پارٽي پاران ڪي به رعايتون نه ملي سگهيون، عوامي ورڪرس ۽ جيالن کي نظر انداز رکيو ويو، ان جي بدران زرداري، آشيرواد کي وڏي هٿي ملندي رهي، هي پارٽي لاڙڪاڻي سرزمين تان اڀري، پر ان جي ترقياتي ڪمن کي وساري، نواب شاهه کي ترجيحي بنياد تي آندو ويو، جيالن جي جاءِ تي زرداري ذات ۽ مسٽر اويس مظفر ٽپي کي اوليت ڏني وئي، جن جو پارٽي مفادن سان ڪو به سروڪار نه رهيو هو، ووٽ سنڌي عوام کان ورتو ويو، ۽ نوازيو وري مهاجر لابي کي ويو، سنڌي جي پهرين ووٽ پنجسالي به اهڙي رهي ۽ ٻي پنجسالي به سندن مفادن خلاف ڪم ڪندي رهي، سنڌ ۾ بدامني ۽ ڪرپشن عروج تي رهي ٿي.

خيرو ديرو ڳوٺ

خيرو ديرو ڳوٺ

هي وسندي خير محمد عرف خيرو ڳچل ذات واري جي وسايل چئي وڃي ٿي، جيڪو ڪلهوڙا حاڪمن جي سپهه سالار ٿي گذريو. هن ڳوٺ جي اولهه ۾ ٺلهه ۽ لاشاري ڳوٺ اوڀر ڏي بنگلديرو ڏکڻ تي چانڊيا، ڀنڊ، دستي ذات جون وستيون ۽ اتر ۾ ويسر، ڪورڪاڻي، الهه بخش هڪڙو ڳوٺن جون آباديون آهن. 1947ع کان اڳ هي وٿاڻ آبادي جي خيال کان زيب، زينت، واڌاري سڌاري ۾ چوٽ چڙهيل هو. ڳوٺ جي اوج عروج جو ڪارڻ هتان جا بجلاڻي ذات وارا هندو هئا، جيڪي تعليم يافته، چوٽي جا واپاري ۽ وڏا سيٺيون رهيا. هو ڪاموراشاهي توڙي سياست ۾ پڌرا هوند اهئا. 1-1-2015ع تي ڳوٺ جي عمر رسيده محمد يوسف هليو ٻڌايو ته 1945ع ۾ ٽوپڻ داس بجلاڻي جي دعوت تي خيرو ديري رائيس مل ۾ مهاتما گاندي صاحب آيو، پر مسز سازاگروال (بجلاڻي) پنهنجي ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو ذڪر نه ڪيو آهي. خيرويرو ۾ سئي سڳي کان سون جي سودن سامانن جي دوڪانن جي بازار سينگاريل هوندي هئي، هر وڙ جا دوڪان موجود هوندا هئا. اناج جا ڪارخانا، گرام، ڪپڙي جا آڏاڻا پڻ شامل هئا. ڳوٺ جي نبيري نڇيڙي جو انتظام هلائڻ لاءِ هندن ۾ مکي حشمت راءِ بجلاڻي، مسلمانن ۾ منگي نور محمد ۽ قاضي عبدالله هئا.
ذاتيون:
ڳچل، هليه، هڪڙا، ميمڻ، ميربحر، مهر، منگي، مشوري، سيد، سومرا، ڀيل، ڀٽي، ڪنگا، ڪلهوڙا، قاضي، ڪوريجا، لاشاري، شيخ، خاصخيلي، پيرزادا، گاڏهي، لهر، ويسر، چنا، دايا، ابڙا آهن. سڀني ذاتين ۾ گهڻائي ڳچل ذات وارن جي آهي. هن وقت هن آبادي جي 6000 شماري آهي.
1951ع ۾ خيرو ديري جون شاندار ۽ سهڻيون جايون اکين سان وڃي ڏٺيون. ڳوٺ جا ڳچل ذات وارا ڏاڍا مڙس ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻهو هئا، جيڪي هندن جون ڇڏيل قيمتي جايون ڊاهي، ڪاٺ ۽ سرون نيلام ڪندا هئا. پوليس جي خوف کان ڪاٺ جا واپاري ڳچل ذات وارن کان خريد ڪري بيل گاڏين تي رات جو کڻائي وڃڻ جي جاکوڙ ڪندا هئا ته رستي تان ساڳيا ڳچل ئي واپارين کان مال ڦري ويندا هئا. اهڙي ريت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪيترائي ڳوٺ هندن جي هئڻ ڪري ڏاڍا سونهن ڀريا ۽ ٺاهوڪا لڳندا هئا، جن جون جنسار واريون جايون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. هندن واريون وسنديون ڏاڍيون حسين ۽ هاڪاريون رهيون هيون. اسان جي ڳوٺ دودائي ۾ 800 کن آبادي اندر هندن ديوانن جي ٽماڙ محلات گيڊر ٽيئر بليجم، در دريون، الماڙيون، ڏاڪڻيون برما جي ساڳ واري ڪاٺ جون ٺهيل هيون. اهڙا ڪيترا سارا ماڳ هندن جي ڪري شاندار ۽ مشهور هيا، جن ۾ حيدر چانڊيو ۽ طيب ڳوٺ، تعلقو رتيديرو، ڏوڪري تعلقي ۾ پٺاڻ ۽ ڳيريلو ڳوٺ، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ نائچ ڳوٺ وغيره ناميارا هئا. طيب ۽ حيدر چانڊيو جون ماڙيون گهڻو پڌر پيل هيون. هندن جي اڏاوتن کي مهاجر دوستن بي درديءَ سان ڊاهي، کپائي پٽ پڌر ڪري ڇڏيو.
خيرو ديرو ۾ پير علي شاهه جيلاني بغدادي اچي دائمي رهيو، جنهن جا عقيدتمند ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پٿريل آهن. خيرو ديرو ترقي ۽ سڌاري ۾ هندو بجلاڻي ذات وارن وڏو ساٿ رهيو، جن جو هن ڳوٺ جي واڌاري ۾ وڏو واکاڻ وارو ڪردار ٺهي ٿو. ان سان گڏ مسٽر علي حسن خان منگي صاحب جا ڪارناما گهڻو مشهور رهيا آهن.

مانائتي ساز اگروال دانشوره:
وڏ شانائتي ساز ڌيءَ ديوان ڪشنچند بجلاڻي خيرو ديرو تعلقو رتيديرو جا ناناڻا جئسنگهاڻي طيب ڳوٺ جا زميندار هئا. ساز صاحبه ماءُ جي پهريٺي نياڻي هئي. سنڌي ماڻهن جي ڪهني ريت پٽاندڙ عورت جو پهريون ويم پيڪن ۾ ٿيندو آهي. ان رسم مطابق محترمه ساز 1935ع ۾ طيب ڳوٺ ۾ جيون ورتو. مسٽر ڪشنچند پٽ جيٺا نند بجلاني جو آخري پٽ هو. ڄيٺانند حيدرآباد ۾ اسٽيشن ماسٽر هئڻ ڪري اتي رهندو هو جيڪو 30 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. مسٽر ڪشنچند کي پنهنجن وڏن ڀائرن پڙهائي وڪيل ڪرايو ۽ حيدرآباد ۾ ئي رهيو. ملڪي ورهاڱي کانپوءِ بجلاڻي ذات وارا هندو برادري پنجن شهر ۾ آيا هئا، جيڪي سڀ جا سڀ خيرو ديرو، رتيديرو، نئون ديرو، پنجو ديرو ۽ بنگلديرو کان لڏي ڀارت هليا ويا.
منڍ ۾ مس ساز صاحبه بامبي ۾ مئٿس ۾ ماسٽر ڊگري ڪري ورتي. پاڻ اديبانه جائزا، مزاحيه انداز، ڪالم نگاري، سوانح سنوار، سان گڏ ادارن ۾ پڙهايو به اٿس. مطلب ته پاڻ هڪ ساهتيه جي وڏي وديا وان حيثيت سانئڻ آهي، جنهن پنهنجن وڏن گهر وارن، ڀارت واسي هندو سنڌين ۽ دنيا واسي هندو سنڌين کان انٽرويو وٺي، پرک پروڙ جي ڍنگ سان ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي: ”Sinthi Stories From A Lost Home land“ مئڊم ساز بامبي ۾ جئي اگروال سان شادي رچائي. هن سمي هوءَ ڏاڏيءَ ۽ نانيءَ واري ڪڙي تي اچي پهتي آهي. سنڌي هندو، سنڌ ڇڏي نه رڳو ڀارت وڃي ويهي رهيا، پر هو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تي پي کوڙي ويهندا رهيا آهن، پنهنجي مالي حالتن، تعليم، صحت ۽ سماجي پساري کي چاڙهاڪن جي چوٽ تي رسايو آهي. ساڳي ويل بجلاڻي هندو نيات وارو وڏي شان مان ۽ ساک ساٿ سان ساهه پساهه پيا کڻن.

جيلاني سيد شرف الدين عرف علي شاهه

جيلاني سيد شرف الدين عرف علي شاهه

1923ع ڌاري بغداد شهر (عراق ملڪ) ۾ پيدا ٿيو. ڪراچيءَ ۾ لياري جا گبول ذات وارا بغداد جي جيلاني سيد خاندان جا معتقد ۽ مريد هئا. ان ڪري انهيءَ جيلاني گهراڻي مان جيلاني پير علي شاهه لياري جي گبول مريدن وٽ ايندو رهندو هو. اڪثر ڪري عبدالستار گبول مريد وٽ خاص بيٺڪ رهندي هئي، جتان راڻي پور جي جيلاني پير مور شاهه لياري ۾ اچي ڪري کيس دعوت ڏيئي پاڻ سان راڻيپور وٺي آيو، سنڌ ۾ اهڙي نموني ڪيترن هنڌن تي سندس مريدن ۽ مڃتا وارن ۾ تيزيءَ سان واڌارو ايندو رهيو. انهن مريدن ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو تعلقو رتيديري جا زميندار ۽ ڳوٺائي به اچي ٿي ويا. ساڳي تعلقي جي ڳوٺ طيب مان ز ميندار عبدالخالق ابڙو مريد ٿيو، جنهن پنهنجي مرشد کي ڪوٺ ڪري ڳوٺ ۾ هڪ گهر ۽ اڍائي ايڪڙ آباد زمين نذراني ۾ دستاويز ڪري ڏنو. ان ڪري سنڌ ۾ پير صاحب جي پهرين رهائش گاهه طيب ڳوٺ کان شروع ٿي. ان بعد خيرو ديري ڳوٺ جي زميندار قاضي عبدالله انهيءَ تعلقي واسي پير صاحب ڏانهن طيب ۾ وڃي ڪري مريد ٿيو ۽ کيس ڪوٺ ڏيئي پاڻ وٽ وٺي آيو. خيرو ديري ڳوٺ ۾ سڪني زمين جا ٻه ايڪڙ بخشش ۾ عطا ڪيا، جتي هڪ مسجد، گهر، ۽ مريدن جي رهائش لاءِ لانڍيون ٺهرائي ڇڏيائين. پاڻ خيرو ديرو ۾ دائمي ٿاڪ ڪري رهڻ لڳا، سندس مريدن ۾ بي ڳڻت واڌارو ايندو رهيو. دودائي ڳوٺ تعلقي لاڙڪاڻي جا ميمڻ به سندس معتقدن ۾ آيا. جيڪب آباد ۾ به مريدن جو حلقو پيدا ٿيو، جن ۾ عبدالحڪيم سومرو پوليس جمعدار ڪراچي مريد ٿيو، جنهن کان پوليس نوڪري ڇڏرائي، ذڪر الاهي ڌن ۾ لڳايو. نوڪري کان پوءِ هو ڪراچي توڙي جيڪب آباد مان لڏياچي دائمي خيرو ديري ۾ بزرگ جو خليفو مقرر ٿيو، جتي خلافت جو فرض ادا ڪندو رهيو. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ پير صاحب سخت بيمار ٿي پيو، مريدن کيس کڻائي ڪراچي ۾ علاج ڪرائڻ شروع ڪيو، جتي سندس وڏو فرزند ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه به پهچي ويو. علاج دوران اسپتال ۾ 11 جمادي الثاني 1479هجري برابر 31 ڊسمبر 1958ع تي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو. سرت دوران سندس فرزند بغداد ڏانهن هلڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، پر هن وصيت ڪري ڇڏي ته وفات پڄاڻا کيس خيرو ديرو ۾ رکيو وڃي. سندس چوڻ پٽاندڙ ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه ۽ مريدن هن کي ڪراچي مان کڻائي خيرو ديرو ۾ دفن ڪرايو. خليفي عبدالحڪيم جي لاڏاڻي بعد ڪئپٽن محمد ابراهيم شاهه جيلاني جي پٽ سيد طلال شاهه جيلاني عراق مان اچي هن جي ڏوهٽي محمد يعقوب سومري کي پڳ خلافت ٻڌرائي، انهيءَ ٻئي نمبر خليفي جي جاءِ تي سندس پٽ محمد علي کي به سيد علي شاهه جي پوٽي طلال ابراهيم ولد ڪئپٽن سيد محمد ابراهيم جيلاني خليفو مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جي نگرانيءَ ۾ هن جماعت جو شيرازو هلندو رهي ٿو.
پوري جماعت جي چندن، ڦوڙي فراد مان گڏ ٿيل رقم خليفي جي هٿن ۾ رهندي آهي، جنهن مان خليفو هر مهيني جي 11 تاريخ تي واعظ ۽ ڪلام پاڪ جو دور صلات سان گڏ ننگر جو بندوبست به وڏي ڍنگ سان ڪندو رهندو آهي. وفات واري ماهه جي 11 ۽ 12 تاريخن تي ديني محفلون ۽ ننگر ٿيندا آهن. ماهوار تي 3000 ۽ سالياني عرس تي 6000 کان مٿي مريد ايندا رهن ٿا.

مسٽر علي حسن خان منگي

مسٽر علي حسن خان منگي

سندس والد محمد ابراهيم منگي رتيديري شهر جي زميندار خاندان مان هو، بمبئي يونيورسٽي جو مئٽرڪ پاس، مئجسٽريٽ ٿيو، 18 سيپٽمبر 1913ع تي علي حسن پٽ ڄائو، ڄمڻ سان والده وفات ڪري وئي، 5 سالن بعد والد وفات ٿي ويو. علي حسن هڪ ڀاءُ ۽ ٻن ڀينرن سان خيريداري ۾ ناناڻن ۾ رهيو.
تعليم: سنڌي پرائمري اسڪول خريديري ۾ پوري ڪري، انگريزي هاءِ اسڪول بنگلديري ۾ 29-1928ع ڌاري مئٽرڪ ڪڍيائين. لاڙڪاڻي هاءِ اسڪول ۾ سال کن ماستر ٿي رهيو. ترقي وٺي اسڪول بورڊ سکر جو انسپيڪٽر مقرر ٿيو، جنهن جي حد شڪارپور، جيڪب آباد، سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻو هئي. تعليم کاتي ۾ رهڻ ڪري پڙهيل طبقي وارن سان واسطي ۾ رهيو. 30 سال پورا ڪري تعليم کاتو ڇڏي، راشن انسپيڪٽر ٿيو. هن کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ ڪري واپارين، سيٺين، دڪاندارن، زميندارن سان ڄاڻ سڃاڻ ۾ هليو. مستر علي حسن پنهنجي يتيمي واري زندگي ۾ والدين جي آجهه ٻاجهه کي ياد ڪري ٻين تي رحم ترس کائيندو رهندو هو. ان ڪري غريبن، مسڪينن، ڪنگالن ۽ نادارن تي ترس کائيندو هو.
سياست: سياسي ميدان تي اچڻ ڪري، سکر پبلڪ پارڪ لوڪس ۾ ”پبلڪ پڪار آفيس“ ٺاهي، جنهن ۾ هر هڪ ضرورتمند جو ڪم ڪار پيو ٿيندو هو. 1947ع ۾ ملڪي ورهاڱو ٿيو. سکر لوڪس پاڪ ۾ مهاجر ڪئمپ قائم ڪيائين، کين کاڌو، ڪپڙو ۽ دوائون اجها ڏيڻ شروع ڪيا. سکر ۾ منگي ڪالوني ٺهرائي، مهاجرن جي حوالي ڪيائين.
1) 1948ع ۾ لاڙڪاڻي اندر منگي وولن مل کڙي ڪيائين.
2) روهڙي ۾ ريشمي ڌاڳو ۽ پکا ٺاهڻ جون ٻه فيڪٽريون.
3) روهڙي نٽ بولٽ فيڪٽري.
4) ڪوٽڙي شاهنواز گئس ڪمپني.
5) ڪراچي منگي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن.
6) ڪراچي سيڊولڊ بئنڪ.
7) ڪراچي انشورنس ڪمپني.
8) سکر ۾ ٻه ڪوآپريٽو بئنڪس.
9) ڪپهه ٽاٽڻ جو ڪارخانو.
10) چانورن جو واپار.
11) پراڻن بحري جهازن کي نيلام تان وٺڻ.
پراڻا جهاز خريد ڪري کين ڀڃڙائي، انهن جا پرزا ٻاهرين ملڪن ۾ ڪاٻاڙ جي حساب سان نيڪال ڪري ناڻو ڪمائڻ. مذڪور ڌنڌي واپار مان خوب ڏوڪڙ پئسو ڪمائي خير جي ڪمن ۾ لڳو رهيو. غريبن جو مفت علاج ڪرائڻ، غريب ۽ هوشيار شاگردن جي تعليم جاري رکائڻ ۾ کين امداد جاري ساري رکڻ، سماجي ڪار گذارين ۾ دل کولي سخا ڪرڻ هن جو سدائين شيوو رهندو آيو.
اهوئي خاص سبب هو جو هي لاڙڪاڻي ضلعي جو ٿي ڪري سکر سياست ۾ پنهنجو مقام ٺاهي ويو. هن سکر ۾ پهرين 1952ع جي اليڪشن ۾ سوڀ پاتي، 1956ع ۾ انتخاب ٿيو، جنهن ۾ ڪامياب رهيو. 1970ع جي چونڊ ۾ کني ويو، 1976ع جي چونڊ ۾ سوڀارو ٿيو. البت 1986ع واري چونڊ کان ٻاهر ٿي ويو.
هي سخي سوشل ورڪر، قومي خدمتگار، ذهين سياستدان 1994ع ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.

مئڊم نوين-اي-منگي صاحبه

مئڊم نوين-اي-منگي صاحبه

محترمه نوين اي منگي مسٽر علي حسن منگي جي ڏوهٽي ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي والدين جي سائي ۽ شفقت سان ڪراچي ۾ رهي، پڙهي ڪڙهي تيار ٿي. 2006ع ۾ خيروديرو شهر تعلقي رتيديري ۾ آئي. 2008ع ۾ خيروديري کي ماڊل وليج تيار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ناني جي نالي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان جي لاڳاپي سان خير جي ڪمن جو چرخو هلايو، جنهن ۾ علي حسن منگي ميموريل ٽرسٽ خيرو ديرو جو بنياد رکيائين، جنهن جو مخفف آهي. A.H.M.M.T.
جيئن ته تعليم جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ T.C.F جا پاڪستان ۾ 1000 اسڪول هلن پيا. انهيءَ بنياد ۽ ڍنگ تي خيرو ديرو پرائمري اسڪول تيار ڪري هلايو وڃي ٿو. پنجن سالن کان پوءِ ان پرائمري اسڪول کي مڊل اسڪول ڪيو ويندو. ٽن سالن کان پوءِ اهو مڊل اسڪول هاءِ اسڪول ٿي ويندو. 2010ع ۾ گورنمينٽ خيرو ديرو گرلس مڊل کي منگي ٽرسٽ پنهنجي تحويل ۾ وٺي، گرلس هاءِ اسڪول ڪري ڇڏيو آهي. 2014ع ۾ گورنمينٽ هاءِ منگي ٽرسٽ پنهنجي نگراني ۾ وٺي، شاگردن کي مفت ڪتاب، ڪپڙا ۽ اسڪالر شپس ڏئي، هاءِ اسڪول جي سراسري بهتر بنائي ڇڏي آهي. منگي ٽرسٽ خيرو ديرو ڳوٺ جي پاڙن ۾ عورتن کي گڏ ڪري بالغانان سنڌي تعليم جا چار چنڊ لڳايا ويا آهن. ڀيلن جي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏني وڃي ٿي، کين رعايتون ڏيئي سراسري کي وڌائي، اتر سنڌ ۾ هڪ نئون مثال قائم ڪيو آهي.
خيرو ديرو ۾ عام ڀلائي ۽ بهتري جا ڪارخاما:
هر هڪ هفتي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ قائم ٿئي ٿي، جتي 3 روز علاج مفت ٿئي ٿو. 2008ع ۾ خيروديرو ۾ ضرورتمندن کي 140 نلڪا ٽرسٽ ڏنا آهن. گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو ٽرسٽ بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. 2013ع ۾ گهرجائو ماڻهن کي گئس جا 77 ڪنيڪشن مليا. تعليمي ڀلائي لاءِ منگي ٽرسٽ هڪ جهاڳوڙ ۽ وڏو پلاٽ خريد ڪيو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ پارڪ ۽ سندن وندر لاءِ رانديون ٿينديون رهنديون. 2015ع ۾ سولر سسٽم تي تعليم جي ادارن لاءِ بجلي، پاڻي جو بندوبست ٿيو.
لائبريري: تعليمي ادارن سان گڏ ڪتاب گهر ۾ 4000 ڪتاب رکيل آهن ۽ روزانو سنڌي اخبارون اچن ٿيون، گوٺي اچن ٿ ا۽ روز پڙهن ٿا. اهو ٽرسٽ جو هڪ عظيم ڪارنامو ليکجي ٿو.
خيروديرو جا لاچار ۽ بي وس مريض:
ڳوٺ واسين کي دوا ڪرائڻ جا وسيلا ۽ وسائل نه آهن، جن جا اهنج وڏا آهن، غريبن جي قوت کان علاج چڙهيل آهي، جنهن ۾ دل، ڦڦڙ، جيرو، آنڊو، ڪئنسر، ٽي بي، دماغي مرض وغيره قسمن جي مريضن کي منگي ٽرسٽ ڪراچي ۾ گهرائي، آپريشن ڪرائڻ، کارائڻ، رهائش ۽ دوائن جو بندوبست ڪندي رهي ٿي.
سياري جو مند ۾ منگي ٽرسٽ پاران هلڪي مهمانوازي ۽ اسٽاف لاءِ چانهه، بسڪٽ، ٿڌ ۾ ڪڪڙ شورو جي وڏي ديڳ چڙهيل رهي ٿي جيڪا ٽرسٽ جي ماڻهن ۽ عام ماڻهن ۾ ونڊبي آهي. اونهاري ۾ برف شربت جو به انتظام رکيل رهي ٿو.
علي حسن منگي ٽرسٽ جي نگران ۽ سرپرست اعليٰ محترمه نوين اي منگي صاحبه آهي، خريديري ۾ تعليم، صحت، صفائي، سماجي ڀلائي جا ڪارناما سندس غير حاضري ۾ اکين سان ڏٺا ۽ ٻڌا، ٽرسٽ انتظاميه جي مئنيجر محترم سيد اسد شاهه سان ملڻ ٿيو، ٻين ورڪرس ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کان ڄاڻ ٿي ته خيريديري جي ڀلائي ۽ بهبودي جي ڪارجن ۾ چوڻو پوي ٿو ته هي پروگرام سنڌ جي خيرخواهه عورت ملاله جو مٽ آهي، جنهن پاڻ کي سنڌ جي ميڊيا کان پري رکيو آهي.لڪ ڇپ، ڳجهه ڳوهه ۽ ڍڪ راز ۾ اُتم عمل ڪري رهي آهي، ساڳي وقت سندس غيرحاضري ۾ تنظيم جو ڪم به سهڻي نموني هلي پيو ۽ پئسي جو استعمال به سٺي ۽ صحيح دڳ سان پيو ڪم اچي، جڏهن ته محترمه ملاله صاحبه کي ميڊيا دنيا جي کيتر تي پڌرو ڪيو ۽ نوبل پرائيز کڻايو، پر ان جي ڀيٽ ۾ شانائتي نيون اي ڪنڊائتي ٿي، انسان نيڪي چڱائي، شيوا ٽهل ۽ ڀلائي بهتري جي ڌن ۾ ڏينهن رات رڌل رهي، خيرو ديرو ٽرسٽ اتنظاميا کان روزانو رپورٽ وٺندي رهي ٿي ۽ ضروري ويلن تي پاڻ به گرمي سردي ۽ بدامني کان بي پرواهه ٿي، ڳوٺ ۾ رهي پوي ٿي. اهي ڏينهن ٽرسٽ جي سنڀال ۾ گهاريندي رهي ٿي ۽ ٽرسٽ جي ڪارڪنن کي گهربل ۽ ضروري پاڻ تربيت ڏيندي رهي ٿي. ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اين جي او پروگرامن ۾ هي مانڊان اول نمبر تي هلي رهيو آهي.

پنجو ديرو ڳوٺ

پنجو ديرو ڳوٺ

هي بستي پنجو ابڙي اڏائي تيار ڪئي، جيڪو آدم شاهه ڪلهوڙي جو مريد هو، کيس لاڙڪاڻي پرڳڻي ۾ جاگير عطا ڪئي () روينيو رڪارڊ ۾ ديهه پنجو ابڙو تعلقو رتي ديرو آهي، هي وسندي رائيس ڪئنال جي اولهه ۾ نئون ديرو شهر کان 3 ڪلوميٽر پري، لاڙڪاڻي سکر روڊ جي اوڀر ڪناري تي برابر آهي، 1988ع ڌاري هتي جي گهر شماري 350 ۽ آدم شماري 2500 کن هئي، ملڪي ورهاڱي کان اڳ پنجو ديرو هندو ديوانن جي ڪري وڏي واڌاري ۽ سڌاري کي پهتل چيو وڃي ٿو.
پير علي محمد شاهه راشديءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ۾ ”پنجو جا ديوان“ جي عنوان سان سندن واکاڻ ۾ لکي ٿو، ته هتي جو ”تولا رام“ مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ ”جوتومل“ وڪيل وڏي اثر رسوخ وارا صوفي منش ماڻهو هئا، ان سان گڏ حاجي بيگ لاڙڪ وفا، دوستي ۽ محبت جي معاملي ۾ وقت جو امام هو، جيڪو آخري عمر ۾ حج تي ويو، جتي خاڪ پاڪ جي سپرد ٿي ويو.()
ڇتي ڪوريءَ جو لاڳاپو به هن پنجو ڳوٺ سان هو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ ڳالهائڻ کان بس نه ڪندو هو، ان ڪري پهاڪو جڙي پيو، ”ڇتي ڪوري واري ڊيگهه“ ساڳئي وقت ڳوٺ جا ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندڙ اديب دوست واکاڻ جي لائق ٿي گذريا آهن ۽ اڃا پڻ ادبي ڪار گذاريون شوق سان پيا نباهين، جن ۾ مسٽر عبدالصمد ولد محمد جمن ابڙو جنم 1935ع سيڪنڊري تعليم ۾ آفيسر ٿي رهيو، محمد پنهل ولد محمد جڙيل قادري جنم 1945ع، مسٽر عبدالڪريم عبد ولد محمد ابراهيم ميمڻ، لعل بخش لاڙڪ ۽ مسٽر محبت مسرور تحسين جي لائق آهن.
ذاتيون:
سيد، سومرا، قادري، ڪنڀر، ڀٽي، ڀيل، جيها، جروار، لاڙڪ، ابڙا، ڇڄڙا، ڊکڻ، دايا، ٻٻر، ميمڻ، شيخ، گهڻائيءَ واري ذات لاڙڪ آهن،()

بنگل ديرو ڳوٺ

بنگل ديرو ڳوٺ

هن ڳوٺ جي آبادي شهر جيڏي آهي، تعلقي جي مکيه ڳوٺن مان هڪ اهم وسندي آهي، لاڙڪاڻو رتي ديرو خاص روڊ هن جي وچ مان لنگهي ڳوٺ جا ٻه ڀاڱا ڪري ٿو، هڪ اوڀاريون ۽ ٻيو اولهائون حصو، پر اولهه وارو ٽڪرو اوڀر وٿاڻ کان وڏ ڀرو آهي، ڳوٺ گولائيءَ تي مائل آهي، جنهن جي اتر اولهه ۾ سوڀاري واهه، گندي پاڻي جو ن کڏون وغيره آهن، اتر ۾ لنڪ روڊ وسيلي خيرو ديرو ڳوٺ آهي، هتي پاڻي مٺو ۽ زمين ڀلي آهي، بنگلديرو لاڙڪاڻي کان 17 ڪلوميٽر رتي ديري کان 7 ڪلوميٽر ڏور آهي، ڳوٺ مٿان سومرا سربراهي هوندي هئي، جن ۾ زميندار يار محمد ۽ دوست محمد سومرو هاڪارا رهيا، زميندار يار محمد سومري جامع مسجد ۽ مدرسو تيار ڪرايو، جنهن لاءِ مولانا عبد الله لاکي کي باگڙجي ڳوٺ مان دعوت ڏئي لڏائي آيو، هن جي رهائش ۽ خرچ پاڻ برداشت ڪندو رهيو، طالبن جي کاڌ ۽ خوراڪ ۾ ڳوٺ وارا شريڪ ٿيا.

ذاتيون:
سيد، سومرا، ڀٽا، ڀٽي، ڪنڀر، ڪلهوڙا، منڱريا، منگي، مير بحر، جيها، جوکيا، ناريجا، چنا، چانڊيا، لاکا، شيخ، خاصخيلي، عباسي، ڀيل، گهڻائي ۾ ڀٽا ذات آهي، جا ڌنڌي، واپار، پوکي راهي، تعليم ۽ سياست ۾ وڏي ترقي ڪري چڪي آهي، ان ڪري بنگل ديرو ڀٽا تشخص سان سينگارجي ۽ سنوارجي ويو آهي، هن ماڳ جو مسٽر محمد انور ولد محمد عمر ڀٽو ايم اين اي رهي چڪو ۽ پيپلز پارٽي ۾ اهم رڪن جي حيثيت سان ڇانيل رهيو، ان ڀٽا ڪارڪردگي مان هن ڳوٺ ۾ هن ذات جي اهميت جي ساک ملي ٿي، مسٽر محمد انور ڀٽو مرحوم ٿي چڪو آهي، سياسي ميدان ۾ سندس ڀاءُ مسٽر عبدالفتاح ڪم ڪري رهيو آهي.
بنگل ديري جون شخصيتون:
محترم محمد عرس ڀٽو ماکڻي:
هلڪي ڦلڪي، ڦڙتيلي، گهمندڙ ڦرندڙ، رس رهاڻ سان ڀريل، ذهين، فهيم، دريا دل، ماڻڪ ماڻهو، منائاتي نبي بخش ڀٽي کي ڳوٺ بنگلديري ۾ سٻاجهو سپوت محمد عرس نالي 1912ع ۾ نروار ٿيو. سنڌي 6 درجا ابائي اسڪول ۾ پڙهي راس ٿيو. اهڙي سچار ۽ سڀاڳي سرواڻ سان سندس ڳوٺ ۾ 28 نومبر 2015ع تي رهڻ ٿي چڪي.
خانداني 25 جريب آباد زمين هئي جيڪا پنهنجي والد ۽ 4 ڀائرن سان گڏجي پوکي راهي ڪندا هئا. وقت پڄاڻا بنگلديري ۾ دوڪان ڪڍي مکڻ، ڪپڙو ۽ لوڻ مرچ وغيره وکر رکي واپار هلايو. ان ڌنڌي سان گڏ جايون، پلاٽ ۽ زرعي يا غيرآباد زمين ڳنهڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جو به ڏاڍو سٺو ڍنگ رکندو هو.
گهرو زندگي:
هن جون چار شاديون ٿيون. 93 سالن جو صحيح سالم ۽ صحتمند بدن جو ڌڻي آهي، کيس 6 پٽ ۽ 11 نياڻيون آهن، جن کي تعليم سان سينگاريائين. سندس ٻه پٽ مسٽر غلام قادر ۽ مسٽر غلام حسين 20 گريڊ ٿي رسي نوڪرين کان فارغ رهي چڪا آهن، ترتيب وار سندس فرزندن جا نالا آهن:
1- مسٽر نبي ڀٽو ماکڻي
2- مسٽر غلام قادر ڀٽو ماکڻي
3- مسٽر غلام الله ڀٽو ماکڻي
4- مسٽر غلام حسين ڀٽو ماکڻي
5- مسٽر ممتاز ڀٽو ماکڻي
6- مسٽر گل حسن ڀٽو ماکڻي
محترم سيٺ محمد عرس کي 26 پوٽا، 19 پوٽيون، 16 پڙپوٽا ۽ 16 پڙ پوٽيون آهن. وڏن جي مليل زمين 25 جريبن کي وڌائي 700 آباد جريب زمين تيار ڪري ويو آهي.
1) زمين پلاٽ، جايون ۽ دوڪانداري جا ڌنڌا ڪندو رهيو. زمين، پلاٽ ۽ جايون ڳنهڻ ۽ نيڪال ڪرڻ جي وهنوار ۾ هن جو اهم ذوق رهيو. اهڙي ڏيتي ليتي ۾ هن جي ڪارپت ڏاڍي صاف سٿري رهي. ڪنهن کان به زمين جاءِ يا پلاٽ خريد ڪري ورتائين. ان حالت ۾ وڪرو ڪندڙ پنهنجي سودي ۾ پريشان ٿي. هن ڏانهن سودي جي موٽ لاءِ ميڙ منٿ ڪيائين ته محمد عرس سودي کي مورڳي حالت ۾ واپس ڪري ڇڏيندو هو. جيڪڏهن وڪرو ڪندڙ ڌر خوددار هوندي سيٺ محمد عرس کي وهنوار ڪيل جائيداد واپسي لاءِ چوندي هئي ته معمولي نفعي تي ڪيل واپار کي موٽائي ڇڏيندو هو. اهڙي مٽ سٽ ۾ کل خوشيءَ کان ڪم وٺندو هو. ڪس ڪسر کائڻ ۾ پنهنجي تر ۾ گهڻو هاڪارو رهيو آهي.
2) دوڪانداري جي وکر وهائڻ لاءِ سکر ڪرانا بازار مان هڪ دوڪاندار کان 150 ڳاڙهن مرچن جون ٻوريون ورتائين، گهڻي گراهڪي جي تڙ ڀيڙ جي ڪري واپاري ڀل ۾ چيرو اڌ رقم لکي، باقي اڌ رقم تان هٿ کڻي ويو. محمد عرس چيرو پڙهي، واپاري جي اڌ رقم پاڻ ڏي ڪري، دوڪاندار کي چيائين ته چيرو سنڀال منهنجا ڏوڪڙ توڏانهن ٿيندا. اهي واپس ڪر، واپاري مودين جي سوڙهه ڏسي هن کان اڌ ڪلاڪ جي مهلت ورتي، فارغ ٿي چيرو چيڪ ڪيائين، جنهن ۾ پنهنجي ڪيل ڀل پٽاندڙ وڃايل رقم ترندي ڏسي دڪان جي دخل تان لهي، پاڙيوارا سڀ دوڪان گڏ ڪري کين ٻڌايائين ته هي گراهڪ مونکي وڃايل ناڻو زوري واپس ڪري رهيو آهي. اهڙي ريت کيس پورو بل خوشيءَ سان ادا ڪري هليو آيس. 12 ڏينهن بعد وري سکر ساڳي بازار مان هن وٽان گذر ٿيو، مون کي ڏسي ڀڄندو آيو، آڇ ڪيائين ته گهڙي کن مون سان ويهه ۽ بوتل پيءُ، کيس چيم ته بل ادائي جو عيوض صحيح ادا ڪرڻ منهنجو فرض هو ۽ تنهنجو حق هو، تو مٿان منهنجو ڪو به ٿورو ناهي. مان ان حالت ۾ بوتل پَٽي نه پيئندس. ائين چئي موڪلائي هليو ويس.
3) منهنجي دوڪان وٽان رمضان لٻاڻي جو لنگهڻ ٿيو، هن جي قميص ليڙان ليڙان، پوتڙو ڦاٽل اڳڙيون اڳڙيون ۽ اهي ڳنڍيون ڏنل، مٿي سان رومال کٿل ۽ ٽٽل هو. کيس ڏسي دل درد سان ڀرجي وئي. هن کي محبت ڀري آڇ ڪئي ته هڪ گهڙي مون وٽ رهي رهاڻ ڪر، هن رحم ڀري موٽ ۾ چيو، پوک ۾ پاڻي جو سماءَ رکي هڪ پلڪ ۾ واپس اچي ڪچهري ڪريون ٿا، درزي دوڪان تي رکيل هو، رمضان جي پٺيرڪي ٿيڻ سان درزي ڏي هن ڏانهن ڏسڻ جو اشارو ڪيو، انهيءَ ويل قميص جو ڪپڙو درزي کي ڏيئي قميص سلائيءَ لاءِ ڦوڪ ڏني، جنهن گهڙي ۾ قميص سان جادو ڪيو، هاڻي لٻاڻي کي اچڻ وڃڻ ۽ پوکي ڏسڻ ۾ ٿورو وقت لڳو جيئن هو ويٺو ته مان گهران هڪ وڏو ٿالهه چانورن جو ٺاهوڪو ڀت ڏَني ڪَني آڻي اڳيان رکيو، هن به هڪ ساهي سان سڄي ٿالهه جو ڪم لاهي ورتو، ٿانوَ ۾ هڪ چانور به نالي ڪاڻ نه رهايائين. ان کان پوءِ کيس نڪور قميص، پوتڙو ۽ رومال مٿي سان ڍڪائي، گهر ڏانهن راهي ڪيم، جهڙي مون کي سرهائي رسي ان کان چؤڻ لٻاڻي کي پهتي، هو ڏاڍو ٽڙندو ۽ ٻهڪندو هليو ويو.
4) بچل ڀٽو منهنجو قرضي هو، جيڪو پوکي راهي ۽ مال ڌاريندو هو، مينهن جو مکڻ مون کي وڪرو ڪندو هو، اڳ کاڌي ۾ ڏوڪڙ وٺندو هو، سندس مينهون وهڪي ويون. هن ڏانهن ڏوڪڙ رهجي ويا، هڪ ڏينهن ڪلهي تي ڳوڻ کنيون صبح ڌاري اچي دوڪان تي سهڙيو، پهچڻ سان چيائين چانور وٺي ڏي، ڪپڙي جا گراهڪ خريداري ڪري رهيا هئا. مان ڏاڍو رُڌل هوس، هن کي چيم ته ادا سڀاڻي چانور وٺي ڏيندس، ائين چوڻ تي هو گارين ۾ مڇرجي هڪ سرٽو کڻي مون مٿان ڪاهي پيو ته اجهو ٿو توکي پورو ڪريان. مان هڪ دم گراهڪن کي هٿ جوڙ ڪري دوڪان کان ٻاهر ڪري دوڪان سوگهو ڪيم، پوءِ هن کي نواب مهاجر چانورن واپاري کان ڳوڻ ۾ چانور وٺي ڏنا، بعد ۾ گڏجي ساڳي گهٽي سان پنهنجن گهرن ڏانهن گڏ هلياسون. لاڙي تي هر هڪ کي جدا ٿي پنهنجن ٿاڪن تي ٿانيڪو ٿيڻو هو، ايتري ۾ هن چانور لاهي مون ڏانهن آيو. وڏي پڇتاءَ ۽ زاري سان ڏوهه باس ڪندي چيائين ته گهر ۾ اَنُ نه هئڻ ڪري ديڳڙو پاڻي جو چاڙهي ٻارن کي جڙتو ڀت جا دلاسا ڏناسون اجهو ڀت تيار ٿيو، پر زارو زار روئڻ ۽ زمين تي ليٿڙڻ لڳا، ان حالت ۾ مان تنهنجي دوڪان تان سڀاڻي چانور ملڻ جو ٻڌي عقل وڃائي، تو وڙائتي ماڻهوءَ مٿان هلان ڪري گاريون ڏنيون، توکي جس آفرين جو بي بها وڙ ڪري منهنجي ٻارن کي موت کان بچايو، اهو ٻڌي مان بچل کان معافيون وٺڻ شروع ڪيون ته اهڙي ڀوائتي لوڙ ۾ مان توکي ڪم نه پئي آيس، ان لاءِ منهنجي آزي نيازي قبول ڪر، مهرباني ڪري، مونکي معافي ڏئي. اهڙي ريت هڪ ٻئي کي منت سماجت ڪندي هڪ ٻئي کي ڇڏ ڇوٽ ڪري ڀاڪر پائي جدا ٿياسون.
5) ماستر محمد ايوب ميراڻي بنگلديري ۾ هڪ ساهيٽو ماڻهو هو، جنهن جي گهر مان رات جي وڳڙي ۾ چوري ٿي وئي، سندس گهر جو الهه تلهه ٻهاري ويا. 1942ع جو وقت هو، هن ٿاڻي تي بنا نالي فرياد داخل ڪرائي، پوليس جاچ ڪئي، چوري هٿ نه پئي لڳي، پوليس ڊپٽي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي جي حڪم تي ڳوٺ مان هڪ سئو ماڻهن کي گهرائي، قطار ۾ بيهاريو، هر هڪ کي آفيس ۾ گهرئي ڪلام پاڪ تي هٿ رکائي ڏوهه باس پئي ڪرائي، جڏهن سيٺ محمد عرس جو وارو آيو ته هن پنهنجي ڀاءُ غلام رسول ۽ پنهنجي ناٺي مٿان ڀڪ اڇلي، ان ٻڌڻ سان ڊپٽي ڪليڪٽر کان شرڪ نڪري ويو، ڏوهي هٿ ٿيڻ سان وڏي واڪي چيائين ته ”هڪ سچار جي صدقي بخشش قطار!“ جيڪڏهن چوري نه ڀلي ها ته 100 ماڻهن کي 110 قلم ڏسڻو پوي ها. چوري حقدار کي پلئه پئي، چورن کي آجائي ڀاڳين پئي. بنگلديرائي ڀٽا برادري اڻونڊائپ جو انگ ونڊي سيٺ محمد عرس کي ڪيترن سالن تائين پنهنجي ڀونڊي ڀائپي مان ڪڍي ڇڏيو، هو ڀٽا سنگت کان ته نرهه رهيو پر حق سچ جو سدائين ساٿاري ۽ واهيرو رهيو.
6) 1958ع ڌاري دڳ ويندي ڪي شاهينگ بنگلديري جي ڪپڙي جي دوڪان مٿان ڏينهن ڏٺي جو ڪپڙو ڦرڻ لڳا. دوڪاندار هاءِ گهوڙا ۽ ڦر ڦر دانهون ڪوڪون ڪيون، رڙين ۽ واڪن تي ڳوٺاڻا پهتو پهتو، وارو ڙي وارو جا ڪوڪرا ڪندا اوڦٽو ڦورن جي ڪڍ لڳا، هر هڪ ڦورو پنهنجي منهن ڀڳو، هڪ لُٽيري کي گل حسن ڪِلو ٺوڪي پورو ڪري ڇڏيو. ڦورن فرياد ڪري، بگلديرائين کي سوگهو ڪرايو. ڦورو اجنبي هئڻ ڪري بنگلديرائين کان سونهان نه هئا. ان ڪري پوليس ايس پي مسٽر عنايت الله خان ابڙو (سانگي) جي جاچ ۽ نگرانيءَ ۾ سڃاڻپ جي جاچ هلي. ڦريل دوڪان جي ڀرسان سيٺ محمد عرس ڀٽي جي دوڪان به هو، پر ان ڏينهن هو ڪنهن ڪم سانگي دوڪان تي حاضر نه ٿو. دوڪان بند هو. پوءِ به پوليس هن کي به جاچ قطار ۾ رکي سڃاڻپ ڪرائي، فريادي ڳوٺ جي اڻ واقفڪاري جي حالت ۾ قطار مان هلندي بي گناهه محمد عرس کي قطار مان ٻاهر ڪڍي ڏوهي ٺهرايو.
ايس پي عنايت الله بنگلديري ۾ رهي پڙهي ويو هو، هو ذاتي طور تي ڳوٺ وارن کي سڃاڻندو هو. هن محمد عرس کي گهرائي چيو ته مونکي جاچ ڪرائيندي معلوم ٿيو آهي ته تون ته ناحقي ۽ بي ڏوهي آهين، جنهن ماڻهو ماريو آهي، ان جو نالو پڌرو ڪر، هن کيس چيو ته مان ته هن کي اکين سان ماريندي ته ڪو نه ڏٺو، جيئن توهان ٻين کان ٻڌو مان به ٻين کان ٻڌان ٿو. توهان حاڪم پاڻ کي ٻاهر رکو ٿا، پر مون کي فريادي جي چوڻ تي ڦاسايو وڃي ٿو، توهان اختيارن هوندي بي وس ٿا رهو ته مان ته ڪجهه به نه آهيان. اڻ ڏٺل واقعي کي ڏٺل واقعو مان ڪڏهن به پيش نه ڪندس. الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي مان اهڙي قسم جي شاهدي نه ڏيندس. مان ڌڻي تعاليٰ تي ڀاڙيان ٿو. ايس پي هن کي چالان ڪرايو، رتيديري سب جج جي ڪورٽ ۾ چالان بعد 11 ڏينهن کان پوءِ آندو ويو، جنهن ڪورٽ هن کي پهرين ڏينهن ئي ڏوهه کان آجو قرار ڏئي ڇڏيو.
چوٿين شادي جو عجيب واقعو:
اڄ کان اٽڪل پنجٽيهارو سال اڳ ڪٺو ڪيل مال دولت، زر زمين ۽ پلاٽ جايون اولاد ۾ ونڊي ورهائي ڇڏيون. هٿين خالي، موج جلالي ٿي رهيس.
بنگلديري ۾ بلوچستان جا ماڻهو سردين جو ڪمائڻ ايندا هئا، جن جي سهڪار، مدد ۽ سهارو محمد عرس هوندو هو. سال بسال اهڙن ماڻهن جو مرڪزي ڀرجهلو ۽ ٽيڪو ڏيندڙ مکڻ ماڻهو ماکڻي ڀٽو رهندو رهو. هن وقت کان ٽيهارو روهيه اڳ جو قصو آهي ته بلوچستان کان هڪ نوجوان عورت پنهنجو پهريٺي پٽ ڪڇڙ تي کڻي، پڇاڪندي اچي مون وٽ سهڙي، جنهن چيو ته منهنجو گهروارو فوت ٿي ويو، جيڪو تنهنجي سخاوت، سلڇڻائپجي ساراهه ڪندو رهندو هو، تنهن ڪري توسان شادي ڪرڻ گهران ٿي، انهيءَ ماجرا ٻڌڻ کانپوءِ هن سان مان ٽن گهروارين ۽ وڏي ڪڙم قبيلي جي ونڌ ڪيم. پوءِ وري وڏي عمر جي ڪٿا سڻايم ته پوءِ چوٿين شادي ڪهڙي راهه ڪريان، پڇاڙي ۾ هوءَ هوڏ تي بيٺي رهي.
مذڪور هٺ ڏسي، کيس چيم ته بنگلديري ڀرسان سندس قبيلي جا بلوچستاني دائمي ٿاڪ ڪري ويٺل آهن، انهن مان مهانڊا ۽ ماڻپي وارا ماڻهو شادي جي اجازت ڏين ته پوءِ مان سوچ ويچار کي ڪم آڻيندس. هوءَ پنهنجي ذات وارن ڏانهن وئي، هفتي ٻن کانپوءِ انهن چڱ مڙسن کي ڪيئن به ڪري راضي رکي آئي، جن يڪراءِ ٿي مون وٽ هائوڪار ڪئي. پڇاڙي ۾ مان هن کي اهو به مڃايو ته ڳوٺ جي ملا نڪاح واري ڏانهن به تون پنڌ ڪر ۽ کيس مون وٽ وٺي اچ، هن ائين ڪيو. ملا صاحب آيو، جنهن کان مان پڇا ڪئي جنهن عورت جي رام ڪهاڻي ٻڌائي ڇڏي.
مٿين وستار هلندي، مان پنهنجي ڪٽنب جي مردن ۽ گهر ڌياڻين کي هن واقعاتي ورتا ۽ وستار کان نه رڳو سڌ وارو رکيو، پر شادي جي يڪراءِ نبيري جي نڇيڙي به لاڀ واري ڪري ڇڏي هئي. ان ريت جي پٽاڻ پٽاندڙ پنهنجا ننڍا وڏا ۽ ڀائپي ڪٺو ڪري نڪاح ڪري شادي ڪئي.
نئين سر وڻج واپار ڪري جدا نڪور الڳ ٿاڪ ٺاهيو، چوٿين گهرواريءَ مان ٽي نياڻيون پيدا ٿيون. اڳ ڄائو به ان گهر ۾ گڏ رهندو اچي ٿو، هن کي پهرين شادي ڪرائي، جنهن مان چار ٻار ٿيا، وري هن ٻي شادي پنهنجي راءِ ساٿ سان ڪئي. اهڙي ريت هن مڪان ۾ اڳ ڄائو ۽ چوٿين گهرواري ۽ ٻنهي جا ٻار جملي 12 ڀاتي منهنجي نئين سر نئين ڪمائي تي هلندا آهن، منهنجي بئنڪ بچت ايتري ته آهي جو هي چوٿون گهاٽ مزي ۽ محبت سان هلندو رهي ٿو، جنهن جي گهرو وهنوار ۾ ڪا به لچي نه ايندي.
کارائڻ پيارڻ آ عجب دلبري:
مکڻ جي واپار ۾ سيٺ محمد عرس ڀٽو جي ايتري ته هاڪارائپ رهي جو بنگلديري جا ماڻهو هن جي پوري خاندان کي ماکڻي گهراڻو چوندا رهندا آهن.
دوڪانداري جي وقت ماني کارائڻ ۾ گهڻو پڌر پيل رهيو آهي، گرمي سردي ۾ سندس چوڻ پٽاندڙ صبح جو هڪ يا وڌيڪ مهمان اچي نڪتا ته کين نيرن ۾ مکڻ سان مکيل چانورن جون اڇيون وڏي گول گهيري واريون مانيون مٿن مکڻ جا چاڻا رکيا ويندا هئا، سڻب جي ڪري هڪ هڪ ماني جا ننڍا ڀاڱا به مهمان ڇڏائي نه سگهندا هئا. ورائي جو لسي جا وٽا منهن تي چاڙهي، وڏو چڙهه ڪري اوڳرايون ڏيندا رهند اهئا. ڪڏهن نيرن تي مهماني ۾ بسريون مکڻ ڳڙ سان چڪڙ ٿيل ملودا يا سيون کنڊ ۽ مکڻ سان ريڳڙ ٿيل يا حلوو ڍاڪئن ۾ ڍڪيل مهمان جي مان ۾ پيش ٿيندا رهندا هئا. رڳو ٿانءَ کولڻ ۽ ڏسڻ سان کائڻ وارن جي دل ۽ دماغ تر ٿيو وڃي، ناشتي ڪرڻ تائين کائيندڙ جي ڌيان تان دنيا جهان جا وڳوڙ ۽ ولوڙ ئي ٽريو وڃن.
سردين جي مانجهاندي ۾ سايون ڀاڄيون، پلي، ساڳ جو ٻوڙ وغيره ٿوم جي رائي ڏنل. منجهنس جهجهو مکڻ پيل ان سان گڏ چانورن جون مانيون مکڻ سان جهپيل کائيندڙن جو آڏو رکيون وينديون هيون، ورلي ورلي ماهه ۽ مڇي به مهمان جي رونق بڻجي وينديون هيون يا سڳداسي چانور هٻڪار وارا، تريل سوڪ پٽاٽا ۽ کنڊ مٺائي سان کارايا ويندا هئا. چانورن جي کائڻ کانپوءِ ٿالهين جي تري ۾ گيهه جو ريٻڙو رهيو ويندو هو، لسي لوڻي وڏي ذوق سان ڪم آندي ويندي هئي. هڪ واري مهمان کائڻ کانپوءِ سيٺ محمد عرس ڀٽو ماکڻي کي مهمان آخري دم تائين ياد رکندا هئا.

مولانا عبدالله لاکو:
سندس والد جو نالو مولوي عبدالرحيم ۽ ڏاڏو مولوي غلام محمد لاکو، سندن ٽي پيڙهيون ديني عالم ٿيا، اصل ڳوٺ باگڙجي، تعلقو سکر، جتي 1277هه برابر 1860ع ۾ پيدا ٿيو، ننڍائيءَ ۾ والد جي سائي پدري کان نره رهيو، پرائمري اسڪول باگڙجيءَ ۾ پنج درجا پورا ڪري، ديني علوم لاءِ مدرسي جيئڻ ابڙي، تعلقي قمبر ۾ 1302هه برابر 1884ع ڌاري مولانا محمد اسماعيل ميمڻ وٽ تحصيل ڪيائين.
ديني علوم جي سند کان پوءِ 1885ع ۾ بنگل ديري جي زميندار يار محمد سومري علم دوست جي ڪوٺ تي اچي مدرسو بنگل ديرو کوليائين، مولانا لاکي صاحب جي خاندان جي رهائش ۽ خرچ زميندار مٿان مقرر ٿيو، طالبن جي کاڌ خوراڪ وغيره ۾ ڳوٺ وارا ڀائيوار رهيا، 47 ورهيه ديني تعليم جي عمل کي جاري رکيائين، جنهن مان ڪيترائي عالم فيض ياب ٿيا، جن مان مولانا مير محمد نورنگي ۽ مولانا عبدالڪريم ڪُورائي ڪٽبار سنڌ سطح تي نروار رهيا، سندس ڀائيٽو مولانا شفيع محمد ولد مولوي غلام حسين بنگل ديري مدرسي جو تحصيل يافته ڪراچي شهر مان اخبار ”حيات“ ۽ ”رسالو مجاهد“ ڪڍيو. مجاهد رسالو اردو، پارسي، عربي ۽ سنڌي ٻولين ۾ ظاهر ڪيائين، هو وقت جو وڏو صحافي ٿي گذريو، سندس جنم 1905 ۽ وفات 1940ع ۾ ٿي، هتي جي شاگردن مان مولوي فيض محمد تونيي ميرو خاني استاد لاکي صاحب جي رهبري ۾ ”طب اڪبري“ پارسي جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ان مٿان .تحفة الحڪماءَ“ نالو رکيو، مولانا عبدالله لاکو صاحب 20 اپريل 1932ع تي وفات بنگل ديري ۾ ڪري چڪو.
خلافت تحريڪ جو سرگرم رڪن رهيو، پر هجرت تحريڪ جو سخت مخالف ٿي رهيو.

مولوي غلام يحيٰ لاکو:
سندس والد گهڻو مشهور عبدالله لاکو وڏو عالم ٿي گذريو، جنهن جو درس تدريس بنگل ديرو ڳوٺ هو، جتي 1912ع ۾ پيدا ٿيو.
مذڪور درسگاهه ۾ مولوي غلام يحيٰ تربيت وٺي، والد جي رهبريءَ هيٺ فيض ۽ فضيلت سان سند يافته ٿيو، هي سوشل ورڪر ۽ مسلم ليگ قاضي فضل الله جي ڌڙي جو سرگرم رڪن هو، 1936ع کان مسلم ليگ جو حمايتي رهندو، بنگلديري ۾ هندو وڏي اثر وارا ۽ علم دوست هئا، جن 1916ع ۾ پنهنجي ڳوٺ اندر اي وي اسڪول جو بنياد رکيو، ملڪي ورهاڱي کان پوءِ هندو هتان هليا ويا، ان ڪري اي وي اسڪول بنگل ديري جي سنڀال مولوي غلام يحيٰ پاڻ تي رکي، اڳتي هلي ان اداري کي 1958ع ۾ قاضي فضل الله جي مدد سان هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريو، ساڳئي نموني تعليم جي ميدان ۾ پبلڪ اسڪول جناح باغ ۾ تيار ڪرائڻ ۾ قاضي فضل الله، عبدالغفور ڀرڳڙي صاحبان سان گڏ هن جو به اهم ڪردار رهيو، هفتيوار اخبار انصاف لاڙڪاڻو مٿين ساٿين جي ساٿ سان لاڙڪاڻي مان ڪڍيائين.
جڏهن پيپلز پارٽي ميدان تي آئي، ته مسلم ليگ وڃي ٻڙيءَ تي پهتي، ان حالتن کي ڏسندي مولوي غلام يحيٰ مسلم ليگ ۾ 33 سال ڪم ڪندي، نئين بيداريءَ ڏينهن رخ ڪري ورتائين، ساڳي وقت ڀٽو شهيد ڳڙهي خدا بخش جو رهاڪو هو، جيڪو بنگل ديري کي نهايت ويجهڙو پوي ٿو، ان سببن جي ڪري پ پ ۾ شامل ٿي ويو، 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي سهڪار سان رتي ديري ترقياتي پروگرام جو چيئرمين ٿيو، جڏهن کان شگرمل نئون ديرو وجود ۾ آئي، تڏهن کان ملازم ٿي رهيو.

مولانا محمد وارث ڀٽو:
سندس والد والي ڏنو ڀٽو بنگل ديري ۾ 1877ع ۾ پيدا ٿيو، پارسي ۽ ڪجهه عربي مدرسي بنگل ديري ۾ پڙهيو، اعليٰ تعليم مدرسي رتي ديري ۾ مولانا عبدالله نوناري جي رهبريءَ ۾ پوري ڪري ورتائين.
تعليم جي فراغت کان پوءِ 1913ع ۾ بنگل ديري ۾ ملا مڪتب گرانٽ تي هلائڻ شروع ڪري ڏنائين، حرمين شريفين جي زيارت بعد مڪتب کي 1918ع ۾ بند ڪري، خانگي ديني مدرسو قائم ڪيو، 1977ع ۾ وفات ڪري ويو.
مولانا سراج احمد ڀٽو:
مولانا محمد وارث کي 1918ع ۾ فرزند عطا ٿيو، پارسي تعليم ۽ ڪجهه عربي پنهنجي والد جي سائي ۾ پرائي، ان پڄاڻا مدرسي چنگل تعلقي رتي ديري ۾ پڙهيو، بقايا علوم مدرسي ميرپور ڀٽي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾ پورو ڪيائين.
تعليم جي فراغت کان پوءِ مدرسي بنگل ديري ۾ پنهنجي والد جي پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندو رهندو هو، سندس والد 1977ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، تنهن بعد مولانا سراج احمد حڪمت تي زور ڏنو.

ڳوٺ وسايو ڀٽو

ڳوٺ وسايو ڀٽو

سنڌ جون وسنديون ۽ واهڻ گهڻو ڪري ذاتين ۽ ساهيٽن ماڻهن جي نالن تي نروار ٿيا آهن، ورنه هيڪڙ ٻيڪڙ هنڌن، ماڳن، يا ڪنهن ٻئي نموني چٽا ٿي وجود ۾ پئي آيا آهن، اهڙيءَ ريت هي بستي به هڪ شاهوڪار ماڻهو وسايي خان ڀٽي وسائي، هي وٿاڻ ضلعي لاڙڪاڻي ۽ رتي ديري تعلقي جي حدن ۾ اچي وڃي ٿو، رتي ديري شهر کان 19 ڪلوميٽر ڏور ٿو پوي، بيهڪ ۾ روڊ جي اولهه ۾ آهي، زمين جي چورس ٽڪر تي کڙو ٿيل، زمين ڀليري، پاڻي ٻاڙو پر پيئڻ جهڙو آهي.
وسايو ڀٽو ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جي آخري اتر ڇيڙي تي ۽ جيڪب آباد ضلعي جي ڏکڻ ڪنڌيءَ مٿان رٿيل آهي، لاڙڪاڻي شهر کان بنهه دور جڏهن ته جيڪب آباد شهر کي صفا ويجهو پوي ٿو، جيڪڏهن هي ڳوٺ شهر ي سرڪاري يا غير سرڪاري ڪمن ڪارين لاءِ جيڪب آباد سان ملايل هجي ها ته ڳوٺ کي وڏي سهولت رسي ها.
راضي شاهه ولد سيد ڪمال شاهه جنم 1901ع وسايو ڀٽو ۽ وفات 1962ع ۾ ٿي ويو، جيڪو سنڌ جي ملاکڙن ۾ ناليرو ملهه ۽ سٺو ماڻهو به هو.
ذاتيون:
ڀٽا، ڀٽي، پهوڙ، سومرا، گهڻائي ۾ ڀٽا ذات آهي،

ڀانڊو قبو

ڀانڊو قبو

سنڌ جي واهڻن، ننگرن ۽ شهرن نالن جي مزيدار تاريخ آهي، ان ريت هن وسنديءَ جي نالي جي به هڪ مثالي اتهاس آهي، سنڌ مٿان ڌارين جون ڪاهون ۽ هلائون ته اڻ ڳڻيون ٿينديون رهيون آهن، پر خاص ڪري، افغاني لٽيرن جون اتر سنڌ تي اوچتو يلغارون پئي ٿيون آهن، انهن حملن ۾ سنڌي وسندين مان سون، چوپايو مال وغيره ڦري هليا ويندا هئا، هن ڳوٺ رتي جلباڻي بهادر جي اڳواڻيءَ ۾ اڳرائي ڪندڙ افغانين گهلرن سان مهاڏو اٽڪايو، وڏي ويڙهه ٿي، جنهن ۾ ڳوٺ وارن جي هار ٿي، گهلر رتي خان جو سر مبارڪ لاهي، پاڻ سان کڻي ويا، ڳوٺ وارن شهيد جلباڻي رتي صاحب جي ڌڙ مٿان هڪ قبو ٺهرائي، ڳوٺ جو نالو ”ڀانڊو قبو“ رکيو.
ڌڙ معنيٰ ”ڀانڊو“ هن ڳوٺ جي وچان سم نالو نڪري ٿو، جنهن ڪري مذڪور وسنديءَ کي ”نالي“ جي ڪري طبعي نموني ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته اصل ۾ هڪ ئي بستي چئي وڃي ٿي، قبي جي اولهه ۾ سيال ذات وارن جو ڳوٺ ۽ قبي جي اوڀر ۾ ڊکڻ ذات وارن جو ڳوٺ آهي، ان ريت ڀانڊو قبو وسندي ڄڻ سم واهه جي ڪري ٻن ڳوٺن ۾ ونڊجي ويو، 1988ع ۾ 100 گهر، آدمشماري 2000 کن رهي ٿي.
ڳوٺ جي زمين وچولي، پاڻي کارو، وڻڪار جهڪي، ذاتيون: ڊکڻ ۽ سيال، جن ۾ گهڻائي سيالن جي آهي.

ڳوٺ وارثڏنو ماڇي:
تعلقي رتيديري ۾ هن ڳوٺ جي وسائڻ جو سهرو وارث ڏني ماڇيءَ جي سر تي سونهين ٿو، ان ڪري هن وسنديءَ تي سندس نالو پيو ڳائجي، ڳوٺ محمد پور اوڍي روڊ جي اوڀارين ڀر تي آهي، ڏکڻ ۾ رائيس مل ۽ اتر ۾ پرائمري اسڪول کڙو ٿيل اٿس، ڳوٺ جي ديهه جي زمين زرخيز، پاڻي مٺو، وڻڪار جهجهي، وڻن ۾ نم ۽ سرنهن جا درخت گهڻائي ۾ آهن، 1980ع ۾ هن وٿاڻ جي 200 آدمشماري کن هئي.

ذاتيون:
ماڇي، ڪاسائي، سومرا ۽ نوناري آهن، جن ۾ گهڻائي واري ذات ماڇي آهي،
ڳوٺ جو اڏيندڙ وارث ڏنو ماڇي ڏاڍو سخي ماڻهو ۽ بهادر انسان ٿي گذريو آهي، ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ سرڪار هن کي هڪ تلوار انعام ڏني، جيڪا هن جي پوين وٽ اڃا ٿانيڪي آهي، هن جو ننگر خانو هلندو هو، ماني کارائڻ ۾ واهرو ۽ ويري ۾ ٻيائي نه رکندو هو، 1740ع ڌاري ايراني بادشاهه نادر شاهه هن وستي کان لنگهيو ٿي، ان سمي کيس ۽ سندس ڪٽڪ کي هن سخي ماڻهو ماني کارائي.
پراڻي دور ۾ اتر سنڌ مٿان افغاني پٺاڻن جا ٽولا، ڦورو، ڌاڙيل اوچتو ڳوٺن مٿان حملا ڪندا هئا، انهن حملي وارن کي سنڌي ماڻهو گهلر چوندا هئا، جنهن منجهان گهل!گهل!! جا لفظ ٺهيا، هو گهلر ڳوٺن جا ڳوٺ ويران، فصل ڀيلي، ماڻهو قتل ۽ چوپايو مال زوري ڦري ڪاهي ويندا هئا، هڪ ڀيري هن ڳوٺ مٿان گهلر اچي ڪڙڪيا، ڳوٺ وارن پنهنجا ڏاٽا کڻي، ڦورن مٿان نعارا هڻي، ڪاهي پيا، گهلر هن لڙائيءَ ۾ پنهنجا پيٽ ڦاڙائي، هار کائي وٺي ڀڳا، ڌاڙيلن چيو، ته ڳوٺ جي سنهڙن ماڻهن، ننڍڙن ننڍڙن اوزارن سان اسان مٿان مقابلو ڪري، ماري ڀڄايو، مذڪور جنگ کان پوءِ وارث ڏني ماڇي جي ڳوٺ سنهڙا ماڇي هڪ پاڙو سڏبو رهيو آهي، جن جي وڏن گهلرن سان مهاڏو اٽڪائي کين ميدان مان ڀڄايو ۽ سوڀارا ٿيا.

مولانا سلطان احمد جتوئي:
مولانا جي والد جو نالو ملا سالار جتوئي هو، شاهه جو ڳوٺ فيض واهه، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلع شڪارپور ۾ 1911ع ۾ پيدا ٿيو، تعليم 11. 12 سالن جي وهي ۾ شروع ڪيائين، هيٺن هنڌن تان سکيا ورتائين،
مدرسو رتي ديرو: مولانا خادم حسين جتوئي جي نگرانيءَ ۾ ديني تعليم ورتائين.
مدرسو جندو ديرو: مولانا محمد مبارڪ ڀٽي جي نظر هيٺ اسلامي سکيا وٺي چڪو.
مدرسو ٻيڙو چانڊيو: مولانا غلام رسول عباسيءَ وٽ ڪجهه وقت پڙهيو.
مدرسو نصير آباد: مولانا محمد عظيم سولنگي جي اعليٰ صلاحيتن هيٺ رهي تعليم ورتائين.
مدرسو دارالهديٰ ٺيڙهي: هن مدرسي جي تعليم ۽ تربيت مان فائدو ورتائين.
مدرسو پاٽ: جڳ مشهور درسگاهه ٿي گذريو، جتي مخدومن جي اعليٰ صلاحيتن سان ديني تعليم حاصل ڪيائين ۽ اتان ئي سند حاصل ڪري آيو.
تعليم پرائڻ کان پوءِ شاهه جو ڳوٺ فيض واهه مان لڏي دائمي رتي ديرو رهائش ڪيائين، جتي مولانا خادم حسين جي وفات کان پوءِ رتي ديري جامع مسجد جو پيش امام ٿيو ۽ استاد جي مدرسي کي 1924ع کان هلايائين، هن کي پڙهائڻ کان وڌيڪ واعظ سان گهڻو شوق رهيو، 5 جنوري 1975ع تي واعظ ڪندي واپس ٿيو ته وفات ڪري ويو، هڪ ”ڪتاب سلطاني مولود“ لکيائين.

ڳوٺ ڪوريجا

ڳوٺ ڪوريجا

هي ڳوٺ مشهور ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽي جي اولهه ۾ آهي. ڳوٺ جي زمين زرخيز، پاڻي مٺو، رائيس ڪئنال ۽ وارهه بئراج تي آباد ٿيندڙ آهي. هتي جو وڏيرو علي حيدر خان ڪوريجو مشهور ماڻهو ٿي گذريو. ڳوٺ پنج صديون پراڻو ليکيو وڃي ٿو. آبادي ڳتيل ۽ سوڙهي آهي. اٽڪل 500 گهرن تي اڏيل آهي. ورهاڱي کان اڳ هتي هندو ڪافي عدد ۾ رهندا هئا. ديني توڙي دنيوي تعليم ۾ هيءَ وسندي اڳڀري رهي آهي. ناظران قرآن پاڪ جي تعليم اصل کان ملان غلام الرسول ڪوريجو جي گهراڻي وارن جي ذمه هوندو هئي، پرائمري اسڪول 1935ع ۾ قائم ٿيو، پهريون استاد محمد عارف منگي رهيو جنهن جي محنتن ۽ ڪوششن سان تعليم جو سلسلو جاري ٿيو..
حفظ القرآن جو درسگاهه: هن سکيا کي ڳوٺ جي جامع مسجد ۾ ماستر محمد حسن ڪوريجي صاحب جي ڪوشش سان 1974ع ۾ هلايو ويو، جنهن جو پهريون مدرس حافظ ۽ قاري استاد شهاب الدين ٻگهيو ڳوٺ ڪاراڻي لڳ موهن جو دڙو هو. مدرسي سان پوري ڳوٺ جو سهڪار رهيو. جتي ڳوٺ ۽ ٻاهريان شاگرد به حفظ ڪندا هئا. ان کانپوءِ ڳوٺ جي قاري فيض الله ڪوريجي نئين سر حفظ مدرسي جو بنياد رکيو، جيڪو اڃا هلندو رهي ٿو. ڳوٺ ۾ 12 عالم ۽ سئو کان مٿي حافظ ۽ قاري صاحب آهن، ڄڻ ته هيءَ وسندي حافظن جي کاڻ آهي، علم ادب ۽ تاريخ جو هاڪارو مؤرخ، حافظ ۽ هاءِ اسڪول ٽيچر عبدالستار ڪوريجو صاحب به هن ڳوٺ جو رهاڪو رهيو آهي.

ميرپور ڀٽو ڳوٺ

ميرپور ڀٽو ڳوٺ

هن ڳوٺ جو اصل نالو پير بخش ڀٽو آهي، پر ڳوٺ جو اسڪول ميرپور ڀٽو جي نالي تي آهي، هيءَ وسندي گولائي زمين جي ٽڪري تي کنيل آهي، هن جي چوڌاري بچاءُ بند ڏنل هو، نئوديرو رتي ديري روڊ جي اوڀر پاسي تي هي ڳوٺ اڏيل آهي، ساڳي روڊ سان هڪ ڪلوميٽر تي لنڪ روڊ وسيلي مليل آهي، رتي ديري روڊ شهر کان 6 ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 25 ڪلوميٽر ميرپور ڀٽو پري ٿيندو، هتي جي زمين زرخيز ۽ پاڻي مٺو رهي ٿو، ڳوٺ ڀٽا ذات وارن جو ٻڌايل آهي، زمينداري به سندن رهندي اچي ٿي، ڪنهن دور ۾ زميندار ڀٽن جو هن ڳوٺ ۾ ننگر خانو هلندو هو، ٻاهر مهمان ته کائيندا هئا، پر ڳوٺ وارا به انهيءَ ننگر مٿان روزگار پورو ڪندا هئا، اهڙي سخا جيڪا سندن وڏن کان هلندي هئي، 1960ع ڌاري انهيءِ رسم کي سندن پوين بند ڪري ڇڏيو.
ذاتيون:
ڀٽا، ڀٽي، شيخ، ڪوري، ڪلهوڙا، کوکر، سيد وغيره ذاتيون هن بستيءَ ۾ رهن ٿيون، گهڻائيءَ ۾ ذات ڀٽا آهي، سنڌ جي ڀٽن جي لٺ سرداريءَ جي پڳ هن ڳوٺ وارن مٿان رهندي اچي ٿي.
ميرپور ڀٽي جي زميندار ڀٽن، مان نواب الاهي بخش ڀٽو رتي ديري ۾ ديني درسگاهن جي هڙان وڙان امداد جاري رکندو هو، ان ڪري رتي ديري جي ديني تعليم ترقي ڪئي، پوين ڀٽن مان نواب نبي بخش ڀٽي پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو کڙو ڪرايو، جنهن جو پورو خرچ پاڻ ڪندو رهندو هو، علام عبدالڪريم ڪورائي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جهڙا علماءَ دعوتون ڏيئي ڳوٺ جي ديني تعليم کي واڌارو ڏنو، جنهن مدرس، معلم، طالبن جي ماني رهائش، لٽو، ڪتاب وغيره پاڻ برداشت ڪندو رهندو هو.
ميرپور ڀٽي ڳوٺ جون شخصيتون:
ڀٽا ذات جي باري، ليکڪن جي راِءِ آهي، هي اصل ۾ سنڌ جا قديم رهاڪو نه آهن، ”جنب گذاريم جن سين“ ڪتاب ۾ مشهور دانشور ليکڪ جي ايم سيد لکي ٿو ته ڀٽا ذات سنڌ ۾ پنجاب کان آيا، وري چوي ته ڪن جو چوڻ آهي جيسلمير جي ڀٽي خاندان مان آهن، جتان سنڌ ۾آيا، آخر ۾ چوي ٿو، ڀٽا آرائين قوم جي هڪ شاخ آهي، جي ايم سيد جي ڀٽن جي ذات جي اپٽار کان سواءِ ٻيا دانشور ٻڌائين پيا ته ڀٽا اصل ۾ ڀوتان رياست جا رهاڪو هئا، جتان نڪري دهلي ۾ آباد ٿيا، ان کان پوءِ جيسلمير، پنجاب ۾ داخل ٿيا، اتان سنڌ ۾ آيا، هنن کي ڪلهوڙن حاڪمن سنڌ ۾ رعايتون ڏنيون، سنڌ ۾ هنن جو مرڪزي ڳوٺ، ميرپور ڀٽو ڳوٺ هو، جتان پوءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي ڳڙهي، نئون ديرو وغيره رهائشگاهه ڪيائون.
سردار واحد بخش:
سردار واحد بخش ولد الاهي بخش ولد دودا خان ڀٽو جنم 1898ع وفات 1931ع.
پير علي محمد شاهه راشدي ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ ڪتاب جلد پهرين ۾ هن جي باري ۾ لکي ٿو، قد ڊگهو، چهرو موڪرو، شهپر وڏا، ڀرون جاڙيون، رنگ کليل، لباس راجائن جهڙو، رنگارنگي پڳ، سوٽ يا شيرواني، شلوار ۽ زري لڳل جتي، جهڙو سهڻو، تهڙو ڪپڙو پيو ٺهندو هو، هنگامه خيز پسند طبع وارو ماڻهو هو، انڊين اسيمبلي ۾ چونڊجي دهلي ۾ آيو، ڳاڙهي رنگ شاهي ڪار، جيڪا ٻئي راجا راجواڙي وٽ ڪانه هئي.
هند سنڌ ۾ جيڏانهن نڪرندو هو، سنگتين جوٽولو ساڻ وٺي هلندو، انهن ساٿين کي مهينن کان پوءِ به سندن ڳوٺ ياد نه رهندو هو، اٽالي ۾ شيئل شڪار، سير تفريح، کانا گانا سڀ خوشي واريون شيون موجود هونديون هيون، هن وٽ سدائين ميلو لڳو پيو هوندو هو، جڏهن سنڌ زميندار جاگيردار واري سيٽ تان چونڊجي ويو، دهلي ۾ پهتو، تڏهن به هن جو ساڳو ئي يار ويسي ۽ دريا دلي وارو طريقو جاري ۽ ساري رهيو، هو بامبي ڪائونسل جي چونڊ ۾ بنا مقابلي ميمبر چونڊجي ويو، هن جي مٿان هڪ نازڪ خون جو ڪيس ٿي ويو، انگريز حڪومت هن کي گرفتار ڪري ڪورٽ ۾ چالان ڪيو، جتان انهيءَ تاريخ تي رات جو ڪورٽ مان ضامن تي آزاد ٿيو، اڳتي هلي ساڳي هلندي ڪيس مان آزاد ٿي ويو، هن کي نمونيا جو بخار ٿي ويو، جنهن مان چڙهي نه سگهيو، 28 يا 29 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.
نبي بخش خان ولد الاهي بخش ولد دودا خان ڀٽو:
ساڳي ڪتاب ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، نواب نبي بخش خان ڀٽو جي باري ڄاڻائي ٿو، سردار واحد بخش ڀٽو جو ننڍو ڀاءُ، جيڪو وڏي ڀاءُ جي سڀاءُ کان الحدو طبع جو هو، صلح پسند، خاموش، سانتيڪو، شريف، سچو، فقيرانه روش وارو انسان هو، سنڌ جي زميندارن ۾ هن جي ڪردار جو ڪو ثاني نه هو، واعدي وفا سون تي سهاڳ رهيو، بامبي ڪائونسل، سينٽرل انڊيا اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر رهيو، پر ڪڏهن به پارٽي نه مٽايائين، نه وري برٽش حڪومت جو ڇاڙتو بڻيو، نه سرڪاري خطاب ورتائين.
انڊيا سينٽرل اسيمبلي جي صدارت جي چونڊ ۾ سر عبدالرحيم ۽ شيرواني بيٺا، اليڪشن ۾ هن شيرواني کي ووٽ ڏيڻ جو انجام ڪري ڇڏيو، ان لاءِ هن مٿان ڏاڍا زور بار پيا، پر هن واعدي پٽاندڙ ووٽ شيرواني کي ڏنو، جڏهن ته سر عبدالرحيم هڪ ووٽ تي کٽي ويو.
سنڌ اسيمبلي ۾ به هن جي سياسي پاليسي ساڳي ڍنگ سان هلندي آئي، سنڌ سينٽرل اسيمبلي جي چونڊ ۾ سر عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد ۽ نواب نبي بخش ڀٽو جي اليڪشن ۾ سڄي سنڌ کي ووٽ ڏيڻا هئا، چار مهينا ورڪ هلي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي نبي بخش ڀٽو، ٻئي نمبر تي هارون ۽ شيخ صاحب هارايو، هن چونڊ ۾ ميمبر ٿي دهلي ۾ آيو، جتي ريلوي ايڊوائيزري ڪاميٽي يا ايڊوائزري ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ هئي، هندستان جي چوٽي جي ليڊرن جي بيهاريل اميدوارن جو مقابلو هو، ان چٽا ڀيٽي مان کٽي، نواب نبي بخش انڊيا جي ليڊرن کي حيران ڪري ڇڏيو.

مهراج رامچند:
سندس پتا جو نالو مهراج ڪنيا لعل برهمڻ رتي ديرو شهر اصل رهائش، جنهن ۾ 1925ع تي پيدا ٿيو، رتي ديري شهر ۾ ابتدائي سکيا وٺي، بي اي آنرس هندي ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ڪيائين، هندستان جي ميسوريونيورسٽي مان B, Ph, E ڪري ورتائين، باجو وڄائيندڙ هو، جنهن تي راڳ ڳائيندڙ پڻ هو، ڊراما رچائيندڙ، سماجي سڌارڪ ۽ سياسي ڪارڪن ٿي رهيو، سلڇڻو، ٻهڳڻ، سريلو، سپيتيو ساڌو، ملنسار، ماٺ جو ويري، پراون کي پنهنجو ڪندڙ، ودوان، ديادان، ڪارائتو ڪارڪن، جنهن سان رتي ديري ۾ 5 سيپٽمبر 1979ع تي رهاڻ ٿي، سندس ڏيٺ ويٺ ۽ خبرون چارون هيٺين ريت رهيون.

گاندي آشرم رتي ديرو:
1936ع ۾ گاندي آشرم کوليو ويو، هي سياسي ادارو هو، جنهن کي انڊيا ڪانگريس هتي نروار ڪيو، ان جابنيادي ٻه مقصد هئا، عوام ۾ سماجي سڌارو ۽ سياسي سوج ٻوجهه کڙي ڪرڻي هئي، ساڳي وقت گاندي آشرم جا هيٺيان پنج ڀاڱا هوندا هئا:
تعليم: هندي، سنڌي ۽ انگريزي ڦهلائڻ.
علاج: هڪ اسپتال قائم ٿي، جتي هڪ ڊاڪٽر ڪم ڪندو هو.
دستڪاري: ننڍن وڏن کي آڏاڻا، سٽ ڪتڻ، پاٺو ٺاهڻ سيکاريو ويندو هو.
اخبار: دکايل اخبار 1942ع ۾ جاري ٿي چڪي.
شهر ۽ ڳوٺاڻي صفائي: صفائي سٺائي صحت جي نشاني آهي، ان لاءِ شهر ۽ ٻهراڙين کي صاف ۽ سٿرو رکيو ويو.
مٿين ڪم لاءِ آشرم منڊلي جي بجيٽ ۾ 5000 رپيا رکيل هوندا هئا، اها رقم صدر جي هٿ ۾ رهندي هئي، ڇو ته هو صدر ۽ خزانچي پڻ هوندو هو، اهڙي قسم جي بجيٽ ملڪي مسائل ۽ ڪانگريس انڊيا جي آشيرواد سان ٺاهي ويندي هئي.
گاندي آشرم (منڊلي) جا عهديدار:
صدر: هوند راج دکايل ۽ پڻ خزانچي هو.
ميمبر: گوپالداس.
ميمبر: طوطارام وليشا.
1945ع ۾ نائب صدر جو عهدو به ڪڍيو ويو، جيڪو مهراج رام چند ٿيو، 1946ع ۾ ساڳو رام چند آشرم جو صدر ٿي ويو.
مٿين ڪٿا جي ڪڙين جي جوڙجڪ ڪرڻ لاءِ آل انڊيا ڪانگريس جو ميڙ رتي ديري ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت مسٽر آچاريه ڪربلاڻي حيدرآباد واري سنڌي ڪئي، جنهن ۾ جواهر لعل نهرو جي ڀيڻ وجي لڪشمي ۽ بيگم آصف ارونا به شامل هيون.

هندو مها سڀا:
مسلمانن جي قوت ۽ طاقت جي خلاف هندستان ۾ جيڪي مسلم هند خلاف هندو سڀائون اڀريون ۽ کڙيون ٿيون انهن مان هي به هڪ جماعت هئي، هن جو کرو متو هو، ته هندستان اندر مسلمانن جو زور گهٽائي، هندن کي سگهارو ڪيو وڃي، مها سڀا ضلع لاڙڪاڻي جو صدر مسٽر گوڪلداس پٽ ميولداس روچلاڻي هو، جنهن جي آڌار ۽ سڃاڻپ تي هو سنڌ جي هندو سياست ۾ ڇانيل رهندو آيو، پاڻ رتي ديري جو رهاڪو هو، مها سڀائي هئڻ ڪري، هو سنڌ جو وزير ٿي اڀريو.

ڳوٺ وليداد گابر

ڳوٺ وليداد گابر

تعلقي رتي ديري جو سدا آباد ڳوٺ ٻن حصن ۾ هڪ وليداد ۽ گابر آهن، ٻنهين وسندين وچ ۾ واهه وهي ٿو، واهه جي ويڪر واري وٿي 50 فوٽن کان به سرس پوي ٿي، ڳوٺ وليداد جو زميندار وليداد ذات جو ويسر هو، گابر ڳوٺ جو چڱو مڙس گابر جوڻيجو هو، ان ڪري ٻن ڳوٺن جي ٻن نيڪ مردن جي نالن تي ”وليداد گابر“ ڳوٺ ٺهي پيو، سنڌي پرائمري اسڪول به ساڳئي نالي تي قائم ٿي چڪو، 1980ع ڌاري هن ٻن ڳوٺن جي گهر شماري 300 ۽ آدمشماري 1500 هئي، ٻنهين وسندين جو عوام هڪ ٻئي جي ساٿ ۽ سهڪار ۾ رهي ٿو، وليداد بستيءَ جي ڪجهه حصي جو پاڻي مٺو رهي ٿو، جڏهن ته گابر وٿاڻ جو پاڻي هر گهر ۾ مٺو آهي، ملڪي ورهاست کان اڳ ۾ هتي هندن جو مندر سڄي سنڌ ۾ ناميارو هوندو هو، ان ڪري هر سال سڄي سنڌ جا هندو ياتري گڏ ٿي، اچي ميلو ملهائيندا هئا.
تعلقي رتي ديري ۾ ٻه ڳوٺ سرڪاري مخصوص نوڪرين جي ڪري گهڻو هاڪارا رهيا آهن، ڳوٺ زنگيجا ۾ تپيدار شماري جام ۽ وليداد گابر ۾ ماستر شماري گهڻي رهي آهي، ان لاءِ ٻئي وسنديون مشهور رهيون آهن.
ذاتيون:
وليداد گابر جون، سيد، سومرا، مير بحر، جوڻيجا، جسڪاڻي، ويسر، ڪلهوڙا، چنا، دايا، گهڻائي ۾ جوڻيجا ذات آهي.

ڳوٺ جي قدآور شخصيت:
محمد عثمان ولد گلاب خان چنو، ڳوٺ وليداد گابر تعلقي رتي ديري ۾ جنم 20 سيپٽمبر 1909ع تي ٿيو، ابتدائي تعليم آبائي اسڪول ۾ پڙهي، باقي سنڌي فائينل نئوديرو پرائمري اسڪول مان پاس ڪيائين، ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد مان 3 سال تربيت ورتائين ان کان پوءِ ڳڙهي خدابخش پرائمري اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو، دودائي اسڪول ۾ ٻارن کي سکيا ڏنائين، 1939ع ۾ تعلقي سيوهڻ ۾ پرائمري تعليم مٿان سپروائزر ٿي رهيو. 1947ع تي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ساڳئي عهدي تي آيو، ان کان پوءِ رتي ديري، شهدادڪوٽ، ڳڙهي ياسين تعلقن مٿان انهيءَ درجي تي هليو، آخر ۾ تعلقي لاڙڪاڻي جي تعليم مٿان نگران ٿيو، جتان 16 جولاءِ 1963ع تي وفات ڪري ويو، کيس وليداد گابر جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، کيس هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
مرحوم محمد عثمان خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو گهرو دوست رهيو، لاڙڪاڻي جي سياسي صلاحن ۽ مشورن ۾ کهڙي صاحب جو محمد عثمان چنو اول ڪڙي واري شخصيت هئي، کهڙي صاحب مٿان هن جو جادوءَ جهڙو اثر هو، هن دو رجي سياسي ميدان ۾ هن کي مرڪزي اهميت هئي، کهڙا دؤر جي مسلم ليگ سياسي رٿا ۾ هن جو اهم ڪردار رهيو، هو راڳ جو شوقين هو ۽ پاڻ به سريلو ڳائيندڙ ۽ يار ويس ماڻهو هو، سندس لاڙڪاڻي واري اوطاق ماڻهن کان خالي نه رهندي هئي.

وارهھ تعلقو

---

وارهه شهر

سنڌو درياءَ جي سکر بئراج کان اڳ ۾ ڇڙواڳ وهڪ هوندي هئي، پنهنجي مرضيءَ سان وهڻ جا وهڪرا مٽائيندو رهندو هو، سانوڻيءَ جي موسم ۾ سنڌوندي ڏني ڪني ٿي، وهڪرا ڪري ڪنارن کان ڦاٽي پوندي هئي، جن مان ڪيترائي ڦاٽ اٿلي سنڌ ڌرتيءَ کي آباد ڪندا رهندا هئا.
مٿين ڦاٽن مان هڪ ڦاٽ سکر جي حدن مان نڪري، لاڙڪاڻو شهر ٽپي، قنبر شهر جي اوڀر ڏکڻ کان وهي، لعلو رائنڪ جو پاسو ڏئي، وارهه شهر جي چوڌاري ميلن ۾ ڦهلجي وهندو هو، جتان آخر ۾ منڇر ڍنڍ ۾ ڪرندو هو، وري ساڳئي درياءَ جا ٻڪ سنڌو درياءَ ۾ پوندا هئا، هي ڦاٽ صدين تائين وهندي موجوده وارهه جي چئني پاسن مان واري جا پنج وڏا دڙا ٺاهي چڪو.
اهي دڙا هيٺين شڪل ۾ ٺهيا:
آريجا
ڪنڊي دڙو ڊڪين وارو دڙو
حاجي سليمان وارو دڙو

وارهه شهر جي نالي جي اڏاوت ۾ ٻن چوڻين جو دخل چيو وڃي ٿو.
پهرين چوڻي:
وارهه جي پنجن دڙن مان وچين پنجين دڙي مٿان وارهه جو شهر آباد آهي، هن کي ”واري دڙو“ چيو ويندو آهي، اڳتي هلي واري لفظ جي ”ي“ اکر جي جاءِ ”ه“ اکر ورتي، ان ڪري لفظ ”وارهه“ جڙي پيو،
ٻي چوڻي:
وارهه وارن دڙن جي وارهه شهر کان ٻن ميلن جي وڇوٽي آهي، هنن دڙن جي چوڌاري ميلن ۾ ڪنڊي، لَوَنِ، سَرَ ۽ ٻوڙن جا وڏا جهنگ هوندا هئا، اهي ٻيلا وارهه شهر جي اوڀر اتر ۾ قنبر شهر ۽ ڳڙهي ڪرٽيو، اوڀر ۾ لعلو رائنڪ، ٿرڙي هاشم، ٿرڙي حاجران ۽ نصير آباد، ڏکڻ گاجي کهاوڙ تائين جهلن جا جهلا هئا، وارهه شهر جي اولهه ۾ ٽن ميلن کان پوءِ مٿانهان پٽ هوندا هئا، جتي دريا جو پاڻي نه پهچندو هو، ڇاڪاڻ ته اولهه ۾ جبلن مان جابلو نيون آبشارن جي شڪل ۾ لٽ اڇلي اڇلي انهن ميدانن کي مٿاهون ڪري ڇڏيو، ڪلهوڙا دور حڪومت کان اڳ پنجابي سک خانه بدوش ٽولن جي منهن اچي وارهه جي واري دڙي تي سال بسال ٿاڪ ڪري ويهندا هئا جڏهن سرءُ ۾ پاڻي لهي ويندو هو ته هو ٻوڙن مان مُڃ ڀڃيندا هئا، جنهن مان رسا، نوڙيون، واڻ ٺاهيندا هئا، سکن پنهنجي عارضي رهائش هوندي به واري جي دڙي مٿان عبادتگاهه جوڙي ڇڏيو، جنهن کي سندن زبان ۾ ”گرد وارهه“ سڏين ٿا، جيڪو لفظ بعد ۾ گرد، وارهه مان گرد ڪٽجي ۽ مٽجي ”وارهه“ تي اچي بيٺو، اهڙي ريت گرد وارهه مان ”وارهه“ ٿيو.
آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهادت کان پوءِ ميان يارمحمد ڪلهوڙو جابلو پاسو، ڪاڇو علائقو وڃي آباد ڪيو، ان سمي هڪ ڪلهوڙي جنرل ”محمد موسيٰ کٽياڻ“ (1) هن دڙي (وارهه شهر) جي لڳ اولهه پاسي هڪ قلعو تيار ڪري فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي، ان ڪري امن ۽ سلامتي خاطر ڪيتريون ڪاسبي ذاتيون هن دڙي مٿان اچي دائمي رهيون، انگريز حڪومت 1898 ۾ وارهه شهر کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر جو درجو ڏنو، ان کان پوءِ وارهه شهر جي ڀر وارن ڳوٺن مان هندو لڏ پلاڻ ڪري وارهه شهر ۾ رهائش ڪري ويٺا، 1912 ۾ شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ وارهه جو مختيارڪار ٿي آيو، وارهه جي هندو وڌندڙ آبادي جي ڪري، هندو پئنچات جو بنياد پيو، جنهن جو پهريون مکي (سر پيئنچ) ”ويڙهومل“ مقرر ٿيو، ايتري قدر جو وارهه جو پورو دڙو ولارجي ويو، وارهه جي ڏکڻ ۾ هندن (حمل ڳوٺ کان لڏي آيل) هڪ ڪالوني تيار ڪئي، جنهن کي ”حمل پاڙو“ سڏڻ لڳا.
ڀانت ڀانت نياتين جو وارهه ۾ وارد ٿيڻ:
سڀ کان پهرين وارهه شهر وارن جي لاءِ ڌاري ذات اڳ ۾ مولوي حڪيم گل محمد کهاوڙ جيڪب آباد مان لڏي، وارهه شهر جي وچ ۾ مسجد ۽ حڪمت خانو اڏائي اچي دائمي رهيو، جنهن کان پوءِ ڪافي کهاوڙ اچي وارهه ۾ ڪٺو ٿيا، جن کان پوءِ ٻگهيا اچي وارهه ۾ ويٺا، هنن ۾ ملاگامو تحريڪ ريشمي رومال، خلافت تحريڪ جي وڏن اڳواڻن مان هڪ هو، هجرت تحريڪ ۾ ٽي هزار ٽولي جو سالار بڻجي افغانستان ويو، جتي وفات ڪري ويو، کيس جلال آباد ۾ دفن ڪيو ويو، هن جا ٻه پٽ حبيب الله ۽ عبدالله ٻگهيا وارهه شهر مان لوڪل ڪائونسل جا ميمبر چونڊيا، ٻگهين جي دور ۾ چولياڻي حاجي جڙيل خان لڏي وارهه ۾ وارد ٿيو، جيڪو به لوڪل ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، بروهي به اچڻ لڳا، وارهه شهر کي سينٽر جو درجو مليو، جنهن جو پهريون چيئرمين عبدالمجيد صديقي ٿيو، 1975 ۾ سينٽري مان وارهه ٽائون ڪاميٽي ٿي وئي، جنهن جو پهريون چيئرمين سرائي خدا بخش کهاوڙ رهيو، جنهن قاضي فضل الله جي ڀاڻيجي عبدالمنان قاضي کي نياڻو بنايو هو، ان بعد بدرالدين ابڙو، غلام رسول کهاوڙ، امداد حسين چولياڻي، چئرمين رهيا، بروهين ۾ شير محمد، عيد محمد، علي حسن بروهي هاڪار ا آهن، معارفاڻين ۾ ٺارو خان، جهان خان مشهور ٿيا، ابڙن ۾ بدرالدين ۽ نجم الدين ناليوارا هئا، مسٽر نجم الدين اڄ به سنڌ اسيمبلي جو ٻيو ڀيرو سانده ميمبر رهندو اچي.
وارهه جي ترقي ۽ واڌارو:
سنڌو دريا جي ڪهني ڦاٽ کي شاهل محمد ڪلهوڙي، سانگين، ابڙن ۽ چانڊين جي گڏيل سهڪار سان کاٽي ڪرائي، هن جا ڪجهه وڪڙ ۽ ور ڪڍي، ڦاٽ جون ڪڙون ٻڌايون، نئين تعمير ٿيل ڦاٽ گهاڙ واهه سان اتر سنڌ ۾ اهم واهه ٿي هليو، جنهن مان نورنگ واهه ڪڍيو ويو، هن واهه مان ڊاڊ واهه ۽ نيڪر واهه ڪڍي وارهه شهر جي چوڌاري پوکي راهي کي وڌايو ويو، ٽالپر سمي مير نصير خان ٽالپر نورنگ وارهه مان مير واهه ڪڍرايو، جنهن سان وارهه جي ميلن ۾ غير آباد پيل زمين آبادي هيٺ آئي، پاڻي جي جهجهائي جي ڪري فصل، ميوا ۽ ڀاڄيون جام ٿينديون رهيون.
وارهه شهر جي آبادي ۾ انقلابي مٽ سٽ:
وارهه شهر ۽ ان جي آس پاس ميلن ۾ هيٺاهين زمين هئي، ان ڪري سانوڻيءَ ۾ گهاڙ ڦاٽ جو پاڻي هن جهول ۽ هيٺاهين واري زمين ۾ اچي گڏ ٿيندو هو، باقي مٿاڇرو پاڻي رڙهي منڇر ڍنڍ جي حوالي ٿيندو هو، ڦاٽ جي پاڻي لٽاسي هن ماڳ تي ڪيترا واريءَ جا دڙا جوڙي ورتا، جن ۾ پنج واري جا دڙا مشهور رهيا، هي دڙا هڪ ٻئي کان ٻن ميلن جي وڇوٽي تي هئا، وارهه شهر کان ٽي ميل اولهه ۾ جابلو نين جي تيز وهڪرن ۾ لٽ آڻي ميلن ۾ مٿاهان ميدان جوڙي ڇڏيا، خانه بدوش پنجابي سک وارهه واري دڙي مٿان سال بسال پئي وسنديون ڪيون، جڏهن ته سندن رهائش چند مهينن لاءِ عارضي هوندي هئي، سک اچ وڃ کان پوءِ ساڳئي دڙي جي لڳ اولهه ۾ ڪلهوڙا ڇانوڻي لڳڻ ڪري ڀرپاسي ٻهراڙي واري آبادي اچي وارهه واري دڙي مٿان هميشه لاءِ وسنديون ڪري ويٺي، انگريزن جي دور ۾ وارهه جي ويجهن ڳوٺن مان هندو گهڻي ڀاڱي هن شهر ۾ پنهنجي آبادي وڌائي ويا، انهن دوران کهاوڙ ۽ ٻگهيا اچي چڪا، 1947ع ۾ وارهه جا هندو ڀارت ڏانهن لڏي چڪا، جن جي خالي جاين تي مهاجرن اچي بسيرا ڪيا، ون يونٽ ٿيڻ ڪري پنجاب مان ماڻهولڏي وارهه جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين خريد ڪري تعلقي وارهه ۾ ڳوٺ ڪري ويهجي ويا، لساني جهڳڙن ڪري مهاجر وارهه خالي ڪري ويا، جن جون جايون ٻهراڙيءَ وارن پنجابين وڏين رقمن ۾ خريد ڪري، وارهه شهر وسايو، ڪجهه سمي کان پوءِ هو به شهر خالي ڪري، زمينون وڪرو ڪري هليا ويا، بروهي، چولياڻي، معارفاڻي چانڊين جا جٿا ڪڙڪي پيا، پهرين ته وارهه جي مالڪي کهاوڙن جي هوندي هئي، هاڻي وارهه ۾ ڏينهن به چانڊين جا ۽ رات به سندن آهي.
(وارهه جي مشهور شخصيتن خانصاحب قادر بخش تنيو، سيد پير نبل شاهه راشدي، مولانا پير نجي الله شاهه راشدي جو احوال پڙهو شخصيتن ۾)

وارهه جون مشهور شخصيتون
خانصاحب قادر بخش تونيو:
ڳوٺ چودڙو، تعلقه وارهه، چئن دڙن کي ملائي، هڪ وڏي دڙي جي شڪل ۾ آڻي، هڪ بستي ”چودڙو ڳوٺ“ تيار ڪيو ويو، وڳڻ نصير آباد شاهي روڊ کان اوڀر پاسي مير واهه شاخ سان 3 ڪلوميٽر پنڌ تي هڪ وڏي دڙي مٿان هي وسندي کنيل آهي.
مذڪور ڳوٺ جي زميندار الاهي بخش تونيه کي 1908ع ۾ قادر بخش نالي فرزند پيدا ٿيو، چودري پرائمري اسڪول ۾ 6 درجا سنڌي پڙهي، زمينداري ڪمن ڪارين ۾ جڪڙجي ويو، فيصلا بي ريائيءَ ۽ برابري نموني ڪرڻ سان ڏاڍو پڌرو ٿي چڪو، آئي، وئي سان ميل ميلاپ ۾ اڳرو ۽ مهمان نوازيءَ ۾ هاڪارو ٿي ويو، شڪار جو شائق، نشان ۾ چٽو، چوٽي جو ثابت ٿيو، منڍ کان پڇاڙيءَ تائين مسلم ليگ سان ڳنڍيل رهيو، زمينداري ته هن کي ورثي ۾ ملي، پر سياسي ميدان ۾ هن پنهنجي جاءِ ۽ حيثيت پاڻ پيدا ڪئي، 52 ورهين ۾ 1960ع ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.
سياسي ميدان ۾ سندس حيثيت:
سياسي دوستن ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي چوٽي جي سياستدانن سان ميل ميلاپ ۽ سنگت رهي، سياسي ساٿين ۾ سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش ڀٽو، نواب لاهوري، پڇاڙيءَ ۾ قاضي فضل الله جي ڪڻين پيو، جنهن سان پوين پساهن تائين ساٿ ۽ سنگت ۾ رهيو.

لوڪل بورڊ اليڪشن:
49- 1948ع لاڙڪاڻي ضلعي جي لوڪل بورڊ چونڊ ۾ نواب نبي بخش ڀٽي صاحب پنهنجي تڪ مان هارائي چڪو، ساڳي اليڪشن جي دوران وارهه تڪ مان خانصاحب قادر بخش تونيه کٽيو، جنهن پنهنجي ميمبري تان استعفا ڏئي پنهنجي دوست نواب نبي بخش جو وارهه تڪ مان فارم ڀرائي هن کي اتان سوڀارو ڪرايو، نه رڳو هن صاحب ڀٽي صاحب کي لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊرايو پر ضلع لوڪل بورڊ جي پريزيڊنٽ جي چونڊ ۾ به ڪامياب ڪرائي ويو، جڏهن ته نواب سنڌ ۽ هند جي مڃيل شخصيت هو، سنڌي انگريزي تعليم يافته هو، هن جي ڀيٽ ۾ سندس دوست خانصاحب فقط سنڌي تعليم سان سينگاريل هو ۽ وارهه تعلقي مان ضلع لاڙڪاڻي جي سياسي ميدان تي نئين سر اڀري چڪو هو.

سنڌ صوبائي اليڪشن:
49_1948ع ۾ وارهه تعلقي کي صوبائي اليڪشن جي ٻن تڪن ۾ ورهايو ويو، هڪڙو وارهه اوڀر وارو تڪ ۽ ٻيو وارهه اولهه تڪ، اولهه تڪ مان حاجي خان ڪلهوڙو قاضي فضل الله ڌڙو ۽ عبدالفتاح ميمڻ وڪيل خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو گروپ رهيو، جنهن مقابلي ۾ عبدالفتاح ميمڻ ڪامياب ٿيو.
وارهه اوڀر تڪ ۾ صوبائي اليڪشن ۾ ٽي سياستدان بيٺا، جن ۾ حيدر بخش جتوئي، سنڌ هاري ڪاميٽي جو ليڊر، اديب، عالم ۽ وڪيل سياستدان، خيرپور جوسي جي مشهور گهراڻي مان چوٽي جو زميندار غلام مصطفيٰ اسراڻ ۽ ٽيون قادر بخش تونيو هو، جن جي مقابلي مان تونيو صاحب سوڀارو ٿيو، اهڙي ريت ضلعي لاڙڪاڻي جي هاڪارن سياستدانن کي خانصاحب تونيه صاحب ڇنڊي ماري ويو.

سنڌ جي عام ساهيٽائپ ۽ شاهوڪاريءَ جي تباهي جا ڪارڻ:
ملڪ ۾ ڪڏهن ڪڏهن پئسي ڏوڪڙ جي بحران يا فصل جي سوڪ ٻوڏ جي ڪري، ڏڪراچي ڪڙڪندو آهي، ان ملڪي مانڌاڻ ۾ ڪي سماجي سڌارڪ ۽ ملڪ جا ڀلو گهرندڙ اٿي کڙا ٿي بيهندا آهن، پنهنجي ذاتي مال ملڪيت قوم تان گهور ڪري، پنهنجن ماڻهن کي ان چڪڻ مان ڪڍي پار ڪندا آهن، ساڳئي وقت جهالت کي دور ڪرڻ لاءِ تعليمي کيتر ۾ قومي خير خواهه پنهنجي دولت مان نجي تعليمي ادارا کڙا ڪري، سکيا جي روشني عام ڦهلائيندا آهن ته جئين هن ڏس ۾ عام ملڪي ماڻهو فيض ياب ٿين، سکيا جي سگهه سان ئي ماڻهو چڱي مٺي جي ڀيٽ گهڙي پلڪ ۽ پروڙ وٺي ٿو، پوءِ ان روشنيءَ جي زور تي کيڏاري ۽ شاتر سياستدانن کي اک ڇنڀ ۾ جهاڙي وڃي ٿو، تعليم وارو ڀلائي ۽ برائي ڄاڻڻ کان پوءِ صحيح ووٽ جو استعمال ڪري ٿو.
مٿين ٽيڪا ٽپڻيءَ جي ابتڙ سنڌ ۾ ابتا ساز وڄندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پئسي واريون ڌريون تاش کيڏڻ، پکي ۽ جانور ويڙهائڻ، گهوڙا گڏهه ۽ ڏاند ڀڄائڻ، اٺ ويڙهائڻ ۽ مهانگو ولايتي پاڻي گهرائي پيڻ، ان ريت هر نشي ۾ ليڪو ٽپڻ، پڇاڙي ۾ مخالف جنس جي جنون ۾ پونچي چٽ ڪري، خود ڪشي تي تيار ٿيڻ وغيره ۾ سنڌ جي دولت تباهه ٿيندي رهي ٿي.
سچ پچ ته سنڌي ماڻهن کي سڌي راهه ۽ دڳ لائڻ لاءِ قومي ادارن جي هئڻ جي وڏي ضرورت آهي، هن ڏيهه ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ماڻهو هڏ ڏوکي پيدا نه ٿيا آهن، پر جيڪڏهن ٿيا آهن، تن مان مانائتو حسن علي آفندي صاحب، محترم نور محمد لاکير وڪيل صاحب، سائين سيد الهندو شاهه صاحب، جناب مير غلام محمد ٽالپر صاحب، قبلا سيد عبدالرحيم شاهه ٺٽي سجاول وارو صاحب، پر سيد سجاولي صاحب جو مال ملڪيت سنڌ سونهاري جو هو، پر افسوس جو سنڌ ي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ ڪم نه اچي سگهيو، هن وقت تائين اهڙي سنڌ ڀلائي خاطر اڃا ڪا به رسم جڙي نه سگهي آهي، جنهن سان سنڌ ۾ ڀلائي ۽ بهبوديءَ جا عام ادارا ڍالجي سگهن.
خانصاحب قادر بخش تونيه جهڙو ذهين ۽ ڏاهو ماڻهو، جنهن پاڻ کان وڌيڪ تعليم يافته ۽ نظرياتي سياستدان حيدر بخش جتوئي جهڙي شخصيت کي اليڪشن ۾ هارايو ۽ تر جي وڏي زميندار ۽ خانداني شاهوڪار غلام مصطفيٰ اسراڻ کي انتخابات ۾ ٿڏي ڇڏيو، جڏهن ته سياسي ميدان ۾ ايڏو مٿاهون مانُ لڌائين، پوءِ به عوامي قدرن کان ڪورو رهجي ويو، ڇالاءِ ته تاش پتي کيڏڻ کان پري رهي نه سگهيو، هن گمراهه راند ۾ نه رڳو پاڻ اڙيو رهندو آيو، پر پوين کي به هن موذي وبا ۾ جڪڙي ويو.
9 مارچ 1989ع تي چودري ڳوٺ ۾ مرحوم جي بنگلي تي وڃڻ ٿيو، ته اتي ان سمي تاش جي ٽڪري جاري هئي، ايستائين جو سڄو ڳوٺ هن مرض کان واندو ۽ آجو نه هو، امير غريب هن بيماريءَ ۾ ورتل هو، وري ٻئي ڀيري ساڳي سال 11 آگسٽ تي خانصاحب مرحوم جي بقايا احوال وٺڻ لاءِ سندس ڀائيٽي کان 8 بجين رات جو وٺڻ ويس، جيڪو لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ رهندڙ هو، اتي پهچڻ سان هن جي جاءِ تي به ساڳي خانداني راند جي ٽِڪري متل هئي، جنهن موتمار راند هن ڪٽنب جي معيشت ۽ سياسي مان مرتبي جا ترا ڪڍي ڇڏيا، پوءِ به ڄاڻي واڻي هي ڌڙو تيز تباهي ڏانهن ٻڌا ٽپا ڏيندو رهي ٿو.

سيد پير نبل شاهه راشدي:
سيد پير شمس العالم عرف نبل شاهه ولد سيد پير ارشاد شاهه راشدي، ڳوٺ لعلورائنڪ تعلقو وارهه 1907ع ۾ پيدا ٿيو، هي سيد دنيوي خرکسن ۽ سياسي گتين کان بنهه ڏور فقط ديني امور ۾ سرشار، بلند اخلاق، پرهيز گار، همدرد، حڪمت جو صاحب، جيڪو ڌنڌو وڏن کان پرائي هٿ ڪيائين، سٺو هٿ شفا وارو مشهور حڪيم رهيو.

تعليم:
ديني سکيا گهڻو ڪري پنهنجي آبائي ڳوٺ مان سکي، بقايا تعليم جدا جدا مدرسه ڀيٽي، ديني تعليم ۽ حڪمت پوري ڪري ڇڏيائين، ساڳئي وقت ديني تعليم سان والهانو ذوق هئڻ ڪري 1956ع ۾ ارشاد العلوم مدرسو کڙو ڪرائي، ان درسگاهه کي 9 جريب آباد زمين وقف ڪري ڏئي ڇڏيائين، جنهن مان جيڪا پيدا ۽ اپت ٿئي اها هن اداري مٿان خرچ ٿيندي رهي، ته جيئن استاد ۽ شاگرد ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگين، 13 مارچ 1978ع تي مدرسي ۾ حاضر طالب 25 هئا.
مولانا پير نجي الله شاهه راشدي:
سندس والد جو نالو پير نور الحق شاهه راشدي، ڳوٺ وڳڻ تعلقو وارهه ۾ 16 محرم 1313هه ۾ نجي الله شاهه پيدا ٿيو، پير نور الحق شاهه کي محبوب علي وڳڻ ڳوٺ ۾ مزو نه آيو، ان ڪري اتان 1905ع ۾ ڇڏي، وڳڻ ڳوٺ جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي وڳڻ وارهه روڊ جي سر ڏکڻ ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌائي، ”نور آباد ڳوٺ“ نالو رکيائين، جتي سندس پويان آباد آهن، پير نجي الله ڏينهن رات ۾ هڪ ڀيرو کائيندو هو، ڪتابن سان ذوق هوس، ان ڪري هن کي چڱيري لئبريري هئي، ديني علوم سان ذوق رهندو هو، ساڳئي وقت پاڻ به وڏو عالم هو، ڳوٺ ۾ ديني تعليم جي سرپرستي ڪندو رهندو هو.

سندس تعليم:
جيئن ته راشدي پير ديني تعليم سان گهرو ڳانڍاپو رکندا آهن، پنهنجي اولاد کي پاڻ پڙهائيندا آهن، يا ڳوٺ مدرسو برپا ڪري ان جي سرپرستي ڪندارهندا آهن، جتي پنهنجي اولاد کي ديني تعليم سان سينگاريندا آهن، جن جن مدرسن ۾ پير نجي الله شاهه پڙهيو اهي هئا:
مدرسو وڳڻ: مولانا غلام رسول چانڊيو ديني تعليم ڏيندو هو، جنهن وٽان ديني سکيا حاصل ڪيائين.
مدرسو ٺوڙهي بجار: هتي هڪ مشهور مولانا ڪريم داد چانڊيو ٺوڙهي وارو مدرس اعليٰ هوندو هو. جنهن جي نظرداريءَ هيٺ پڙهيو.
مدرسو پٽ وارو ضلع جيڪب آباد مولانا سيد محسن شاهه وٽ رهي ديني تعليم پرايائين.
مدرسو نورنگ: مولانا مير محمد جاگيراڻيءَ وٽ سڀني علوم جي تحصيل ڪرڻ وارو ٿيو ته استاد جي رضا منديءَ سان مدرسي ٻيڙي چانڊيي مان مولوي غلام رسول عباسيءَ جي عزت افزائيءَ لاءِ دستار بندي هتان ڪيائين ڇو ته مولوي عباسي نور نگ مدرسي جو شاگرد هو.
نوٽ: طالب العلم گهڻن مدرسن ۾ ان ڪري ٿا پڙهن جو ديني علوم ۾ ڪيترا علم اچي وڃي ٿا، مثال صرف نحو، لغت عربي، تاريخ فلسفو، منطق، فقه، معقولات، معمولات، تفسير، حديث وغيره اچي وڃن ٿا، هر هڪ مدرس ڪنهن نه ڪنهن علم ۾ وڏي مهارت رکي ٿو، پوءِ هر هڪ شاگرد ان مخصوص علم سکڻ لاءِ ماهر مدرس ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويندو رهي ٿو، ان ريت هر هڪ علم سکڻ لاءِ طالب ماهر استاد وٽان سکڻ پڙهڻ لاءِ مدرسا مٽائيندا رهندا آهن.

ڳوٺ گاجي کهاوڙ

ڳوٺ گاجي کهاوڙ

کهاوڙ ڪلهوڙن جا مٿو مٿي تي واهرو هئا، ميان آدم خان ڪلهوڙي جي شهيد ٿيڻ پڄاڻا، ميان نصير محمد ڪلهوڙو پنهنجي مريدن ۽ حمايتن سان گڏجي ڪاشيءَ جي پاسي امن امان سان زندگي گذارڻ لڳو، هن سان گڏ ٻه سوٽ کهاوڙ محمد حسن ۽ سلطان به شامل رهيا، ميان نصير کان پوءِ پٽس ميان يار محمد مغلن کان سنڌ ڇڏائي منجهس حڪومت کڙي ڪئي، هن بعد سندس فرزند ميان نور محمد ڪلهوڙو سلطان جي پٽ گاجي کهاوڙ ۽ محمد حسن جي پٽ ڏاتي کهاوڙ کي شهدادڪوٽ ۾ زمين ڏني، گاجي کهاوڙ شهدادڪوٽ کي پسند نه ڪري، ڇڏي وارهه تعلقي پهچي پنهنجي نالي تي ”گاجي کهاوڙ“ ڳوٺ ٻڌايو، جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي بادشاهي جو وارو آيو، سندس وزير ليکي جي گاجي کهاوڙ هڪ شاندار ڪوٺ ڪوٺائي، جنهن ۾ ليکي وزير ڏاڍو سرهو ٿيو، انهيءَ سلي ۾ وزير ميان غلام شاهه کان هن کي 3 لک ايڪڙ زمين ڏياري، گاجي کهاوڙ وڏي ڄمار ماڻي، هن ڪلهوڙا راڄڌانيءَ جو وارو ڏٺو ۽ ٽالپر حڪومت جو سمو به چڱو ئي پسيو، ساڳي زمين کهاوڙن کان ڪجهه ٽالپرن ۽ ڪجهه انگريزن ڦري.
گاجي کهاوڙ کي بولي نالي هڪ سهڻي ٻانهن هوندي هئي جنهن جي سونهن ۽ سوڀيا سنڌ ڀر ۾ هاڪاري هئي، هن جي اڏاوت جي هاڪ ٻڌي، سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي، گاجي کهاوڙ کان گهر ڪئي، بولي جي ٻانهن گاجي کهاوڙ دل سان ڏيڻي ڪئي، مير ڪرم علي گاجي کهاوڙ ڳوٺ ۾ بولي سان شادي رچائي، کيس سنڌ جي راڻي ڪري ڇڏيائين. گاجي کهاوڙ کي زمين آباد لاءِ نهري پاڻي کپندو هو، بولي راڻي جي منت مدارت تي مير ڪرم علي ٽالپر مير واهه منظور ڪري، سرڪاري خرچ سان چيلي واهه مان کيس کڻائي ڏنو، ان مير واهه کان پوءِ گاجي کهاوڙ ٻيا به واهه پنهنجي خرچ تي کڻائيندو آيو، هڪ گاجي ڪڙيو (گاجي کهاوڙ شاخ) ٻيو سنهڙو ڪڙيو تيار ڪرائي ويو، انهن واهن تي زمين آباد ڪرائي، پنهنجي مالي حالت کي چار چنڊ لڳرائي ڇڏيائين.
مولانا عبدالحڪيم سومرو:
پاڻ عالم، والد عالم ۽ ڏاڏو عالم يعني هن خاندان جون ٽي پيڙهيون پڙهندي ۽ پڙهائيندي گذري چڪيون، جيئن نادر بادشاهه ايراني دهلي فتح ڪئي، تيئن پنهنجي پٽ کي مغل شهنشاهه جي نياڻيءَ سان نڪاح ٿي وڌو، ته نادر هڪ دم نصر الله ابن نادر ونادر ابن شمشير، شمشير ابن شمشير، ابن شمشير تاب هفتاد پشت، جڏهن نادر پٽ قلعي جو جيڪو نوڪر هو، ۽ سندس نُهُن تيموري گهراڻي مان ڪيترين پيڙهين کان بادشاهه هئا، اصل ۾ ته سڀ هڪجهڙا انسان آهن، اسان ئي ڏاڪا بندي ڪئي آهي، تيمور به پهرين وهيءَ ۾ ازبڪن جي رڍ چوري ڪيو کنيو ٿي ويو، هن کي کڙي جو نشانو وٺي تير هنيو ويو، کيس پڪڙي بادشاهه آڏو آندو ويو، ازبڪ بادشاهه هن چور جو سر قلم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر بادشاهه جي پٽ وٺي رڙيون ڪري هن کي ڇڏايو، بادشاهه اڳڪٿيءَ ۾ چيو، ته وَڙَ چور آهي، اسان کي ڇيهو رسائيندو، ٿيو به ائين.
مذڪور عالم کي هن ڪتاب ۾ آڻڻ نه کپندو هو ڇو ته هن جو لاڙڪاڻي ضلع سان لاڳاپو نه آهي، پر هن جي هڪ متاثر ڪندڙ جاکوڙ آهي، جنهن ۾ هن بزرگ موصوف شيخ سعدي جي پارسي ڪاوشن کي سنڌي نظم ۾ ڍالي ڇڏيو، ساڳئي وقت مدرسي ۾ پارسي ۽ عربي پڙهائيندي سنڌي ٻولي به شاگردن کي پڙهائيندو رهندو هو، جڏهن ته هاڻوڪا انگلش نرسري،ڪي جي وغيره سينٽر سنڌي ٻولي نه ٿا پاڙهين، ان ڪري هي سنڌي سڄاڻ گهڻي واکاڻ جوڳو استاد صاحب آهي، سندس مانائتي حيثيت هر سنڌيءَ جي جيءُ ۾ هئڻ کپي.
مولانا عبدالحڪيم صاحب پٽ مولانا نور محمد پٽ مولانا عبدالله سومرو ڳوٺ چوڏهو سڌايو، تعلقو شڪارپور اٽڪل 1312هه ۾ جيون سنڀاليائين،تعليم پرائي، سند وٺي، ٻهراڙي ڇڏي شهر شڪارپور وسايائين.
سندس سکيا جو عمل:
منڍ ۾ تعليم درسگاهه شاهل سڌائي لڳ ڳوٺ چوڏهي سڌائي ۾ پڙهيو، اتي سندس استاد مولانا محمد اسماعيل مهرهو، مدرسي ڳڙهي ياسين ۾ علامه محمد قاسم سومري کان فيض ورتائين. مدرسي سومراڻي ۾ مولانا عبدالقادر انڍڙ صاحب، مدرسو اوستو ڀلي ڏنو ۾ مولانا غلام رسول سانچو، مدرسو پير جهنڊو ۾ مولانا محمد لغاري، مدرسو پاٽ مولانا مخدوم محمود صديقي، مدرسي ديوبند ۾ مولانا انو رشاهه کان دور حديث ٻه سال حاصل ڪري، مدرسي اوستو ڀلي ڏني واري اڳين استاد مولانا غلام رسول سانچو صاحب کان فيض فضيلت جي سند ورتائين، جڏهن ته دستاربنديءَ جي وقت مولانا غلام رسول مدرسي قاضي وانڍ، ڀاڳ ناڙيءَ ۾ پڙهائيندو هو، جتان مولانا عبدالحڪيم سومري کي پڙهائي سند ڏنائين، هن جي دور جا اُهي عالم جن سان علمي بحث ۽ مسئلا نباهيندو هو، اهي هئا:
مولانا رحيم بخش سومرو سندس وڏو ڀاءُ
مولانا محمد ڪامل قادري نابينا سنهڙي وارو
مولانا غلام رسول عباسي
مولانا خوش محمد تونيه
سندس پڙهائيءَ جا مدرسا هئا:
مدرسو شاهل سڌايو، مدرسو ڳورو پهوڙ، مدرسو هاشميه، مدرسو پير جهنڊو، مدرسو مراد پور، مدرسو اشرف العلوم شڪارپور شهر، بي چاڪيءَ جي حالت ۾ شڪارپور اسپتال ۾ اڱاري رات 28 ذوالحج 1381هه برابر 13 مئي 1961ع تي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو.
سندس شاگرد رشيد:
مولانا ولي محمد ابڙو کنڊو
مولان عبدالحڪيم کوسو، سبي بلوچستان
مولانا عبدالصمد قاضي قلات بلوچستان
مولانا تاج محمد بروهي وزير معارف قلات بلوچستان
مولانا تاج محمد مگسي قنبر.

محبوب علي وڳڻ

محبوب علي وڳڻ

وارهه تعلقي جو مشهور شهر وڳڻ جي نالي سان پراڻي دور کان وجود ۾ رهيو آهي، اڳتي هلي هن کي وڏا وڳڻ بعد ۾ هتي جي مشهور زميندار محبوب علي خان جي سخاوت ۽ سٺن گڻن جي ڪري هن آبادي مٿان عوامي زبان ۾ ”محبوب علي وڳڻ“ نالو سڏجڻ ۾ آيو، تعلقي جي اهم ترين آبادين مان هڪ شهر ليکجي ٿو، اتر کان ڏکڻ پاسن تي مستطيل جي نموني کڙو ٿيل شهر آهي، ضلع لاڙڪاڻي جي اهم شاهراهه تي هي شهر اڏيل آهي، جتي چار دڳ، رستا نڪرن ٿا، ان ڪري چودڳي يا چوسول به ٺهي ٿو، لاڙڪاڻي کان وڳڻ نصير آباد ڪراچي، وڳڻ کان وارهه، وڳڻ کان قنبر شهدادڪوٽ، وڳڻ کان لاڙڪاڻو روڊ وڃن ٿا، هن چوسول تان هر قسم جون ڪارون، بسيون، ڊاٽسنون، ٽرڪون، ڪوسٽر وغيره صبح شام هلنديون رهن ٿيون.
ملڪي ورهاڱي کان پوءِ محبوب علي وڳڻ، تعلقي جي ٻيو نمبر واپاري منڊي آهي، خاص ڪري سارين جو هتي وڏو واپار هلي ٿو، ڪيترائي سيلر هلن ٿا، هن شهر کي پيئڻ جي پاڻيءَ جو وڏو بحران رهيو آهي، جئين ته اڳ هتي کوهن جو پاڻي پيتو ويندو هو، جن جي اونهائي ويهن کان ٽيهن فوٽن تائين محدود هوندي هئي، ان ڪري پاڻي پيئڻ لائق رهندو هو، ڪجهه سمي کان پوءِ هتي (هينڊ پمپ) نلڪا رواج ۾ اچڻ لڳا، جن کي زمين اندر 60 کان 70 فوٽ اونهائي ۾ لاٿو ويو ٿي، ان ڪري جر جو پاڻي تيزي سان کارو ٿيندو ويو، جيڪو پيئڻ جي لائق نه رهيو، ان ڪري واٽر سپلاءِ اسڪيم تيار ٿي چڪي، جامع مسجد وڳڻ شاندار اوائلي عمارت آهي، وچين گنبذ جي اندران ڪتاب الله جو سورتون نقش ٿيل هيون، زمين جي ڌڏڻ ڪري ۽ 1960ع جي برساتين جي سبب ڪري مسجد شريف کي وڏو ڇيهو رسيو، مسجد جي نئين سر اڏاوت ۽ مرمت جي ڪري اهي اڪريل آيتون گهڻي ڀاڱي ختم ٿي ويون، آهن، انگريزي تعليم جي واڌاري ۽ ترقي جي ڪري ديني تعليم پوئتي پئجي چڪي، پوءِ به مدرسا تعليم هلندي رهي ٿي.
هن ڳوٺ ۾ وڻراهه ۽ باغات جي کوٽ آهي، هڪ جر جو پاڻي کارو آهي، ٻيو سم جو آزار ۽ ٽيون عمارتن جي تعميرات جي سبب ۽ مختصر پلاٽ هئڻ، ڪري گهٽيون سوڙهيون، ٽي ٽي ۽ چار چار منزل عمارتون هئڻ ڪري شهر ۾ وڻراهه نه آهي.
ذاتيون:
تونيه، ڊکڻ، لوهر، عباسي، ڪلهوڙا، کٽي، سومرا، خاصخيلي، جوڻيجا، راهوجا، وڳڻ، ٽوٽاڻي، چانڊيا، مغيري، نه بروهي وغيره آهن، وڳڻ گهڻائي ۾ آهن، پر پوءِ سنجيده ۽ امن پسند ذات رهي آهي.
ڳوٺ جي قد آور شخصيت:
زميندار محبوب علي ولد الله بخش ولد محبوب علي خان وڳڻ 6 ربيع الاول 1280هه برابر 27 آگسٽ 1863ع تي بنا پٽ جي الله تعاليٰ کي پيارو ٿي چڪو، کيس 3000 جريب زمين هئي، ٻه نياڻيون ٿيو ن، جن مان هڪ حاجي عبدالفتاح ولد حاجي غلام رسول وڳڻ ڳوٺ رشيد وڳڻ کي شادي ڪري ڏني وئي، ۽ ٻي ڳوٺ محبوب علي وڳڻ جي هڪ عزيز مقصود علي وڳڻ کي پرڻائي وئي، جنهن مان محمد مٺل خان وڳڻ وجود ورتو.
سندس يادون:
تعليم پارسي، سخي، انصاف پسند، ديندار، انسان دوست هن پنهنجي حياتي ۾ يادگار ڇڏيا، اهي آهن:
ڳوٺ محبوب علي وڳڻ جي جامع مسجد، جيڪا اڄ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ جامع مسجد جي حيثيت اڃا رکيو اچي ٿي.
حضرت قلندر شهباز سائين جي مزار جو ڪٽهڙو چاندي ۽ دروازو جنهن جي مٿان سونو پڙش، جنهن جي مڪمل ڪرڻ تائين خرچ جي پورائي لاءِ ديهه لائق پور ۾ 300 ايڪڙ زمين حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ڪٽهڙي ۽ دروازي جوڪم راس ٿيو تڏهن محبوب علي جي وارثن کي مذڪور زمين واپس ٿي ملي.
حضرت مخدوم بلال تي هڪ لک رپين سان 5 ذوالقعد 1348هه برابر 25 مارچ 1930ع تي راس ڪرايائين، هيءَ مسجد اڄ به سندس ياد تازي ڪندي رهي ٿي، ساڳئي وقت 20 جريب زمين به وقف ڪري ڏنائين، محبوب علي خان هر جمعي تي مخدوم صاحب تي ويندو رهندو هو ۽ پاڻي به اتان گهرائي پيئندو هيو.
ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مزار ڀرسان قبائين مسجد کڙي ڪرايائين.
ڪافي ڳوٺن ۾ مسجدون تيار ڪري ورتائين، جهڙوڪ جعفراڻين ۾ مسجد، وارهه شهر ۾ مسجد، رشيد وڳڻ ۾ مسجد، بڊو مغيري مسجد، ماڇي ڳوٺ مسجد، عالي کبڙ مسجد، ٿرري هاشم ڳوٺ ۾ مسجدون تيار ڪرايائين، ڪيترن هنڌن تي عام ماڻهن جي سهولت لاءِ کوهه کوٽايائين.
ديني تعليم لاءِ ڪيترن ڳوٺن جي درسگاهن کي امداد ڏيندو رهندو هو خاص ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني تعليم جي ترقيءَ لاءِ 15 جريب وقف ڪري ويو ۽ مدرسه ٺوڙهي بجار جي امداد به پاڻ ڪندو رهندو هو.

فقير محمد ڪلهوڙو، تعلقو وارهه:
14 آگسٽ 1923ع تي عثمان ڪلهوڙو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، سندس پيءُ الله بخش کي ٻه زالون هيون، فقير محمد جي ماءُ مري وڃڻ ڪري پڻس ٻي شادي ڪئي، جنهن مان فقير علي ڄائو، اصل ڳوٺ واسو ڪلهوڙو تعلقي وارهه آهي.

تعليم:
چار درجا سنڌي پاس ڪري هڪ درجو انگريزي پڙهيو، 5 ڊسمبر 1939ع تي تعليم ڇڏي ڏنائين.

بيهڪ ۽ مهانڊا:
قدآور ، بدن سگهارو، ڇڙڪ، اکيون وڏيون، منهن موڪرو، رعبدار چهرو، ڪڻڪ رنگو، هڪ هٿ جو آڱوٺو نه، سنڌي ڪپڙن ۾ شلوار قميص، سانوڻيءَ ۾ گوڏ، صدري، ڪڏهن پٽڪو، ٽوپي ڪڏهن مٿو اگهاڙو، ڪنهن سمي ڦل سوٽ سان رهيو ٿي.
هن کي قرض کڻڻ جي لوري لڳل هئي، پڻس قرض کان منع ڪندو رهندو هو، ڪنهن ڏينهن کِٽ پِٽ تي تکا مٺا ٿيا، ته هڪ هندو سيٺ سندن وچ ۾ اچي، فقير محمد کي پاسي تي وٺي ويو ۽ هن کي قرض ڏئي راضي ڪيائين، سرائي الله بخش جي مرڻ کان پوءِ گهر ۽ ڳوٺ جو وڏو فقير محمد رهيو.
فقير محمد ڪلهوڙي جي زندگيءَ جا واقعا:
هڪ ڀيري هن جي سرڪشيءَ جي ڪري پڻس قلم 110 ۾ سزا ڏياري ۽ وري ضامن پئي کيس آزاد ڪرايائين، سياسي ڦڏن جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ياترا ڪري چڪو، گهر ۾زال، ماٽيلي ماءُ ۽ ماٽيلو ڀاءُ فقير علي کي ڇوٽ ڪرايو، پر فقير علي بچي ويو، هن مٿان ڪيس داخل ٿي چڪو، ڪورٽ جي هلندي ڪيس ۾ فقير علي جي اظهار نه ڏيڻ ڪري آزاد ٿي ويو.
سماجي ڪار گذاريون:
هارين ۽ عام ڳوٺ وارن سان سٺو هلندو هو، سرءُ ۾ ڏاندن جي چاري لاءِ هارين کي ڪا به بندش نه هئي، هاري لاب وقت ول جا گڏا کڻي سگهندا هئا، ٻار جي ورهاست ۾ لاپو، بٽئي نه ڪڍندو هو، سنگ ٻه ڦاران اڌو اڌ ڪندو هو، پنهنجي اڌ مان فقيرن کي ونڊ ڪرائيندو رهندو هو، ان ڪري ٻار کڻڻ مهل فقيرن جا ولر سندس ڪڍ هوندا هئا، ميلا ملاکڙا، راڳ ويراڳ ۽ ڏاندن جون گويون ڪرائيندو هو، نصير آباد ۾ پير بخاريءَ تي ذوالحج جي 10. 11 ۽ 12 تاريخن تي وڏو ميلو لڳرائيندو هو، نبيري نڇيڙي انصاف روءِ سان ڪندو هو، هندو برادري سان ڏاڍو سٺو برتاءُ هوس، ڪنهن کان به غنڊا ٽيڪس، منٿلي يا ڀتو نه وٺندو هو ۽ نه وٺرائيندو هو.

سياسي ساڃاهه:
سياست ۾ هن جو گهرو چاهه ۽ چس رهيو، پهرين هاري ڪميٽيءَ سان سهڪار ڪيائين، هاري اميدوار حيدر بخش جتوئي ۽ مسلم ليگي قادر بخش تونيه جو مقابلو ٿيو، هن هاري پارٽي کي واسو ڪلهوڙو ۽ ڏيرا پولنگين تي کٽرايو، جڏهن هن جي سياسي سهڪار قاضي فضل الله سان ٿي، ته مرندي گهڙيءَ تائين سندس پاسو نه ڇڏيائين.

عام وڏيرا شاهيءَ جا وڪڙ:
اقتدار، قوت، طاقت ٿوري هجي يا گهڻي، انسان وس کان نٿو گهٽائي، جيتري ماڻهو کي سگهه رهي ٿي، ان کان وڌيڪ ٽپا ڏيڻ لڳي ٿو، ان داءُ پيچ جيان، ڪورين جو پاڙو هن جي رخ تي هلندو هو، هونءَ ته ڪوري سماج ۾ نماڻو نياتي رڪن رهيو آهي، پر سگهاري هوا جي زور سان ڦوڪڻي وانگر ڀرجي وڃي ٿو، محمد علي ڪوري فقير محمد ڪلهوڙي جي آشيرواد تي گهڻو نروار ٿي چڪو هو، ٻيو رمضان بوهڙ پڻ نام ڪٺيو هن جي لاري تي هلندو هو.
ڳوٺ وڌي ڪلهوڙي ۾ هن جو چاچو لعل بخش (پڻس جو سوٽ) رهندو هو، نواز علي پٽ لعل بخش ڪلهوڙو سرڪشيءَ تي اڀري آيو، واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٻارڻ ٻاري ڏنائين، ان ڪري فقير محمد پنهنجي چاچي کي وڃي ڪري ڏاڍو سمجهايو، پر هن جو پٽ پنهنجي ڇڙواڳ روش کان نه هٽيو، نيٺ هڪ ڀيري محمد علي ڪوري ۽ رمضان بوهڙ نواز علي جو دڳ روڪي، دسي رمضان بوهڙ هن جو نڪ ڪپي ڇڏيو، هن اها جٺ ۽ تعدي فقير محمد جي کنڌي تي هڻي ڇڏي.
21 رمضان تي تپيداري هال نصير آباد ۾ فقير محمد ويٺو هو، نواز علي ۽ علي بخش وجهه وٺي 12 بجين ڏينهن جو ٺلهه ۾ لڪي نواز علي فقير محمد جي پويان وڃي ڳچي ۾ ريوالور هنيون ۽ علي بخش بندوق جا سڌا فائر ڪيا، فقير محمد هميشه لاءِ هن دنيا مان هليو ويو، هن جي لاش مٿان نصيرآباد اچي اهو هُلايو ويو، ته هن کي جابلو مينگل ماري ويا، جڏهن ته هي واردات عام ماڻهن پنهنجي اکين سان ڏٺي، قانون جون ڌڄيون اڏائڻ کان پوءِ، قانون لتاڙيندڙ به نٿو بچي سگهي، ڪرائي کان پوءِ ڪو به ڪنهن جو نه آهي.

جاني بند ڳوٺ

جاني بند ڳوٺ

جاني نالي ابڙي هن ڳوٺ کي اڏائي، وسنديءَ وارو واهڻ ڪري، وارهه تعلقي ۾ نروار ڪري ڇڏيو، هڪ سمي سنڌو درياءَ جي اٿل جي ڪري، هي ڳوٺ خطري ۾ گهريل هو، جاني ابڙي مڙسيءَ ڪري هن ڳوٺ جي چوڌاريءَ هڪ جهلي بند ڏياري ورتو، بند اچڻ ڪري هي ڳوٺ ٻوڏ کان سلامت رهجي ويو، ان کان پوءِ هن ڳوٺ جو نالو ئي ”جاني بند“ ٿي چڪو، وڳڻ نصيرآباد روڊ جي اولهه ۾ سڏ سوا پنڌ تي، وڻراهه، سان ڍڪيل، پاڻي کارو، ۽ زمين وچولي قسم جي آهي.
ذاتيون:
ابڙا، سومرا، سانڀل، چنا، شيخ، ڍلو، ڏيورا، بروهي، گهڻائي ۾ ابڙا آهن.

ڳوٺ حيتم سوهو

ڳوٺ حيتم سوهو

هي آبادي اڳ وارهه تعلقي جي حدن ۾ رهي پئي هن سمي تعلقي نصيرآباد جي وڏين وسندين مان هڪ وڏڀري بستي رهي آهي، هي وٿاڻ گولائي ڍنگ سان هڪ شاهوڙ زمين جو ڀاڱو والاري ٿو. شاهي روڊ لاڙڪاڻي کان وڳڻ نصيرآباد واري جي اولهه پاسي اٽڪل 8 ڪلوميٽر ڏور پوي ٿو. هن ڳوٺ جو بنياد اندازاً 275 سال اڳ کڙو ٿيو، جنهن جو باني سرائي حيتم خان ولد جلال خان سوهو رهيو. هو پنهنجي اٽالي ۽ ملڪيت سان ملتان ڇڏي سنڌ جي هن ٿاڪ تي اچي آباد ٿيو، هن ماڳ کي پنهنجي نالي سان نشانبر رکيائين.
ٽالپر دور ۾ ٽالپري سرڪار:
هن خطي ۾ سنڌي سکيا جا ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ٻه جدا سرڪاري اسڪول، هڪ گرلس مڊل ۽ بئائيز هاءِ اسڪول آهن. جر جو پاڻي مٺو، گئس، بجلي جون سهولتون مليل رهن ٿيون. هڪ سيلر، چار هيلر، چار هوٽل، عام واهپي ۽ ڪارج جي شين جا جهجها دوڪان آهن. هن مڪان جي الهندي پار کان نورنگ واهه مان هڪ نڪرندڙ شاخ ميرواهه وهندو آهي، جنهن جي لٽاسي پاڻيءَ تي سانوڻي جا فصل اڀرن ٿا، جن ۾ سارين جو فصل اهم ترين هلندو هلي ٿو، سرءُ ۾ بوسي ڪڻڪ، لوسڻ، جَوَ، سرنهن، السي وغيره به جهجهي انگن ٿين ٿا. وڻراهه ۽ فطري ساوڪ سان ڳوٺ وارن جي پٽيءَ نه پئي آهي، ڇاڪاڻ ته واهن، واهين، گسن، چارن، ٻنن ۽ بندن کي وڻن جهڙي فطري سونهن کان بنهه نرهه رکيو ويو آه نه وري اونهاري جي ٻڙڪندڙ ۽ ٽچڪندڙ اس کان اولي ۽ اوڍر رکڻ لاءِ پنهنجن گهرن کي بچائڻ جي جاکوڙ ڪئي وڃي ٿي. اهڙي رحمت کان هي ڳوٺ خالي رهي ٿو جيڪا هڪ اڍنگ، اڻ وڻندڙ ۽ اڀاڳي اڻونڊائپ آهي، جنهن کي تيزيءَ سان دور ڪرڻ گهرجي.
ذاتيون: سوهو، سومرا، ڪوري، ڪنڀار، کوکر، لنجار، ڀٽا، چنا، پيرزادا، بروهي، ٿهيم ماڻهو ڳڻپ 7000 آهي.
ڳوٺ ۾ گهڻائي ۽ زميندار ذات سوهو رهندي اچي ٿي. ٻئي نمبر تي ڪوري ذات رهي ٿي. منڍ کان هن گهڙي تائين ڳوٺاڻا نهايت امن پسند، مهمانواز، هڏڏوکي ۽ آئي ويل هٿ ونڊائي ڪرڻ جا ڪوڏيا آهن، ان ڪري هن ٿاڪ جي صلح سانت، مال ۾ ماڻهو سلامتي ۽ هڪ ٻئي جي سهڪار سان کوڙ سارا آفيسر ٿيا آهن، جن جس کرن جي وچور کي هيٺ آڻجي ٿو.
بيلدار، داروغا، سروير وغيره ته چڱي انگ ۾ آهن، پر 8 انجنيئر رهيا آهن. صحت کاتي ۾ ڪافي ڪمپائونڊ سان گڏ 8 ڊاڪٽر آهن. هاءِ اسڪول هيڊماستر 10 رهن ٿا. زراعت کاتي ۾ 5 آفيسر ٿيا، پوليس سپاهي ويهارو ۽ صوبيدار 5 ٺهيا آهن. سنڌي استاد 80 جي انگ ۽ انگريزي ٽيچرس 15 پار پيا آهن. تپيدار 5، ٻه مختيارڪار ۽ هڪ بختاور ڊي سي جي درجي سان سينگاريل چيو وڃي ٿو. ايريگيشن کاتي ۾ هڪ انجنيئر سونهين پيو. قومي پارليامينٽ ۾ هڪ ڊائريڪٽر اسلام آباد، يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن جو ڊائريڪٽر اسلام آباد ۽ زرعي ترقياتي بئنڪ آف پاڪستان جو هڪ وائيس پريزيڊنٽ جهڙا سڀاڳا سپوت هن ڳوٺ جي سونهن ۽ سوڀيا جا مشهور مهمير ۽ مهيسر آهن.
هيتم سوهو مشهور ماڳ سان ملهائتا مڻيادار ماڻهو:
هر وسندي، وستي، وسنئن ۽ واهڻ ڏيهه جي بنيادي ٽڪاءَ ۽ رهائش جا ٿنڀا ٿوڻيون آهن، جنهن مان سڀيتا سنجري ۽ سينگارجي ٿي. انهيءَ جوڙ ۽ جنسار جا انگ ڪي ماڻڪ ماڻهو انگيت ۽ اڏين ٿا. اهي املهه اڏيندڙ پنهنجن ترن ۽ ٿاڪن، ماڪن ۽ مڪانن کي چار چنڊ لڳائين پيا، ان ڪري سندن وٿاڻن وارا سياڻا ۽ سگهڙ پنهنجي ڀلوڙ ماڻهن جي ڪارنامن کي سيني به سيني صدين تائين سانڍي رکندا اچن ٿا. اهڙن ڀلوڙ ۽ ڀلارن، ڏيا ۽ ڏات وارن جي تعريف جو ڳڻين ۽ واکاڻ وارين ڪارگذارين ۽ ڪارسازين جون ڳالهيون ڳيچ ڳائجن ٿيون.
1) مسٽر شفيع محمد ولد جمعا خان سوهو جنم 1935ع سنڌي سکيا پرائمري اسڪول هيتم سوهو، مئٽرڪ وڳڻ هاءِ اسڪول، انٽر لاڙڪاڻو ڊگري ڪاليج۽ بي اي اليڪٽرانڪ مهراڻ يونيورسٽي سنڌ ڄام شورو مان ڪري ورتائين، اليڪٽرڪ کاتي ۾ ايس ڊي او مقرر ٿيو. جدا جدا جاين مٿان ڪم ڪندي انجنيئر ٿي رهيو، جتان وقت پوري ڪري نوڪري کان فارغ ٿيو.
2) مسٽر محمد خان ولد شاهه محمد سوهو. جنم 1953ع سنڌي تعليم ابائي اسڪول ۾ پڙهي، مئٽرڪ ۽ انٽر نصيرآباد مان ڪيائين. بي اي اليڪٽرانڪ مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪري ڇڏيائين. بجلي محمڪي ۾ ايس ڊي او جي عهدي سان مقرر ٿي هليو. نرالن نرالن وٿاڻن تي رهي، ترقي ڪندي انجنيئر مان سپرنٽنڊنٽ انجنيئر (اي سي) جي عهدي تي ڪم ڪندو اچي پيو. هن سمي دادو ضلعي مٿان پنهنجي ڪارگذارين ۾ رُڌل رهي ٿو.
3) مسٽر سليم الله ولد مولانا عبدالقادر سوهو، جنم 1965ع سنڌي تعليم آبائي ڳوٺ کان ڪري بي اي اليڪٽرانڪ مهراڻ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيائين. اليڪٽرانڪ ۾ بي اي ڪندي سندس چترڪاري مثالي حيثيت رکي ٿي. هڪ ڀيري هن آمريڪا جي گذريل صدر مسٽر بل ڪلنٽن جي تصوير ٺاهي تيار ڪئي جيڪا موصوف ڏانهن ڏياري موڪلي اها شڪل اهڙي ته پرڪشش ۽ جاذب هئي، جنهن کان پوءِ آمريڪي صدر اهڙو متاثر ٿيو جو هن کي آمريڪا گهرائي، وائيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ گيسٽ جي ڪڙي سان هن کي انعام ڪرام به ڏنائين ۽ آمريڪن شهريت به بخشش ڪيائين.
ساڳي موصوف سليم الله پاڪستان جي موجوده وزيراعظم نواز شريف جي به ساڳي ڍنگ سان پنهنجي آزاد هٿ تي تصوير چٽي ڏانهس رواني ڪئي، جنهن هنر کان وزيراعظم اهڙو پر لطف ٿيو جو هن چترڪار کي پاڻ وٽ گهرائي مهماني کارائي ۽ انعام ڪرامن سان نوازيو.
4) مسٽر محمد نواز ولد علي خان سوهو. جنم پرائمري کان مڊل تائين آبائي اسڪولن ۾ تعليم ورتائين. مئٽرڪ انٽر نصيرآباد ۾ پوري ڪيائين. ايم ايس سي سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ڪيائين.

ڳوٺ موندر لاکا

ڳوٺ موندر لاکا

موندر نالي هڪ لاکي ذات واري هن ڳوٺ جو بنياد وڌو، ڳوٺ جي ڌرتي ڪلراٺي، مستطيل نموني پٿريل، ڏکڻ ۾ سنهڙو چيلو واهه، اتر پاسي کان کڏ، اولهه ۽ اوڀر ۾ آباد زمين، پاڻي مٺو، زمين سراسري چڱي، نصير آباد وارهه روڊ جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ نصير آباد شهر کان 6 ڪلوميٽر پري آهي.
ڳوٺ ۾ لائق ڏنو لاکو شاعر ٿي چڪو آهي، ڳوٺ ۾ عبدالرحمان لاکي ۽ محمد نواز ڦلپوٽي جي سياسي ڇڪتاڻ رهي، لاکو صاحب پيپلز پارٽي جو سرگرم رڪن رهي چڪو، جڏهن ته ڦلپوٽو صاحب مسلم ليگ جو پراڻو حمايتي رهندو آيو.
ذاتيون:
اوڏ، ٻرڙا، ٻگهيا، ٿهيم، گڊا، ماڇي، لوهر، لاکا، ڪنڀر، ڪلهوڙا، وڪا، شابراڻي، کٽياڻ، کوکر، کوهارا، سيد، ڦلپوٽا.

ڳوٺ مڱيا

ڳوٺ مڱيا

وارهه تعلقي ۾ مسڻ ذات جو ساڌاري ڳوٺ هيٺاهين هنڌ تي وسندڙ هو، جيڪو هيئنر ڦٽل ۽ ويراني شڪل ۾ آهي، هتي جا ماڻهو پنهنجي نوجوان چڱي مڙس مسڻ جي اڳواڻيءَ ۾ لڏي، سڏ پنڌ تي هڪ مٿاهين هنڌ تي اچي ويٺا، ان کان پوءِ چڱي مڙس پنهنجي نيات مسڻ مان هڪ ڇوڪريءَ سان مڱڻو رچايو، پر بدقسمتيءَ سان شادي جي اميد پوري نه ٿي سگهي، اهو مڱيل چڱو مڙس شاديءَ کان اڳ ۾ وفات ڪري ويو، ان ڪري هن وسنديءَ کي مڱيو يا مڱيا نالي سان سڏڻ ۾ ڍر ئي نه لڳي، نصير آباد گاجي کهاوڙ روڊ سان اولهه پاسي اٽڪل ڏهه ڪلوميٽرن کان پوءِ ڏکڻ پاسي ٻن ڪلوميٽرن پنڌ تي مڱيا ڳوٺ وسي ٿو، جيڪو نصير آباد کان 12 ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 48 ڪلوميٽر اوجهڙ تي پوي ٿو، بيهڪ ۾ مستطيل، اولهه ۽ اوڀر ۾ ڪلراٺي زمين، اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه جدا جدا وڏيون کڏون، پاڻي کارو، زمين اڌ تي سٺي باقي ڪلراٺي رهي ٿي.
هڪ واقعو:
1988ع ۾ هن ڳوٺ مڱيا ۾ منگين جا گهر لاڳيتا ٻن پاڙن ۾ ورهايل هئا، هن ڳوٺ جي منگين جي سڱيڻي مٽي گاجي کهاوڙ وارن منگين سان ڳنڍجي چڪي، اڳتي هلي مڱيا ڳوٺ جي ان پاڙي جي گاجي کهاوڙ وارن منگين سان نفرت ٿي وئي، جنهن سان مائٽي ڳنڍي هئي، ان ڪري مڱيا ڳوٺ جي ان منگي پاڙي هڪ سازشي سٽا تيار ڪئي، مائٽي ڇنڻ لاءِ هنن کيڏ کيڏي اونداهي رات ۾ پنهنجن گهرن ۾ ڌاڙ! ڌاڙ!! ڪرڻ لڳا، سندن ٻئي پاڙي وارا منگي بي خبري ۾ پنهنجي ذات وارن منگين جي ڪمهلين دانهن ۽ ڪوڪن تي بندوقون کڻي پنهنجن گهرن کان ٻاهر اوٽ وٺي ڌاڙيلن جي تاڙ ۾ ويهي رهيا، ايتري ۾ ڳوٺ جا ٻيا ماڻهو رڙين وارن جي واهر ۾ پرٽجي پيا، واهرو منگين ڪن ايندڙ پنهنجي ڳوٺين کي شاهينگ ڄاڻي، انهن مٿان بندوقن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ ٻه ڄڻا واهرو ڳوٺ ٿڏي تي اڦٽ مري ويا، سج اڀرڻ کان اڳ ۾ مڱيا ڳوٺ ۾ نه رهيو نالي ڪاڻ ڪو هڪ منگي، اهڙي ريت هتي جي کوٽن منگين گاجي کهاوڙ وارن منگين سان سڱيڻو ساٿ ڊُڊائپ ۽ کوٽائپ جي نموني ڇني ڇڏيو ۽ مڱيا ڳوٺ کان به دائمي نره ٿيا.
ذاتيون:
مسڻ، مير بحر، پيرزادا، چنا، ڊکڻ، سيد، گهڻائي ۾ مسڻ ذات آهي.

نصير آباد شهر

نصير آباد شهر

ڪلهوڙا ڪٽنب مان ميان نصير محمد خان هتي هڪ قلعو ٺهرايو، ۽ شهر جو بنياد رکيو، جنهن قلعي جو هن وقت ڪو به اهڃاڻ نه آهي، البت هن شهر جو نشان ۽ نالو سندس نالي پٺيان نصير آباد سڏجڻ ۾ اچي ٿو، هاڻوڪو شهر اٽڪل پنجن ڇهن ڪلوميٽرن چورس ايراضيءَ تي اچي چڪو آهي، هونءَ به شهري آبادين ۾ تيزيءَ سان واڌ ان ڪري به آئي آهي جو ٻهراڙين ۾ هڪ ته بد امني ۽ ٻيو جهالت عام آهي، ان لاءِ ٻهراڙين وارن لاءِ لڏپلاڻ ڪري شهري آبادين ۾ وڏي واڌ آندي آهي.
هن شهر جي وچان لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ ڪراچيءَ تائين وڃي ٿو، ساڳئي وقت هتان ٻيا به ڪيترائي روڊ نڪرن ٿا، جهڙوڪ نصير آباد کان، گاجي کهاوڙ، وارهه، رشيد وڳڻ، باڊهه ۽ محبوب علي وڳڻ روڊ جن سان سوارين جي اچ وڃ صبح کان رات تائين جاري آهي، هن شهر کي منڍ کان تعلقي جي حيثيت هئي، شهر ۾ سارين جا ڪيترائي ڪارخانا آهن، واپار جي هلچل ۽ چانورن جي پيداوار جي ڪري نصير آباد هڪ وڏي واپاري منڊي آهي، هي شهر وارهه کان ڪنهن به حالت ۾ پوئتي نه هو، پر پوءِ به مشرف جي دور حڪومت ۾ نصير آباد کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو، شهر جي زمين ڪلراٺي ۽ پاڻي کاري هئڻ ڪري شهر ۾ وڻ ورلي ور چڙهن ٿا، نصير آباد جو ناليرو سخي ۽ ديا وان مرد چيلا رام ٿي گذريو، جنهن عوام لاءِ ڪيئي کوهه کوٽايا، هندو پنچائت جي سک لاءِ جايون، چوپائي مال لاءِ پاڻي جا هود (حوض) اس کان بچاءَ لاءِ اجها ۽ ڇاپرا، مسافر خانا وغيره خير جا ڪم، جيڪي هن وقت به هن جي سخا جي ساک ڀرين ٿا.
ذاتيون:
آگرا، اوڍاڻا، ڪاٺيا، ڪوري، ڪنڀر، ڪلهوڙا، تونيا، نوناري، ڊکڻ، لوهر، چنا، چانڊيا، خاصخيلي، سوهو، سومرا، سيد، مسڻ، مير بحر، واهوچا، ڪانڌڙا، ڳنواس، بروهي، شيخ وغيره، گهڻائي ۾ شيخ آهن.

ڳوٺ مائي شاهل

ڳوٺ مائي شاهل

مائي شاهه خاتون عرف مائي شاهل چانڊيا گهراڻي مان هڪ برجستي ڏاهي سورهيه ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ واري عورت هئي، کيس ٻه ڀائر هر هڪ خدا بخش چانڊيو ۽ امام بخش چانڊيا هئو، گهرواري جو نالو واحد بخش چانڊيو هو، جنهن مان هن کي فقط هڪ نياڻي ٿي، انگريز حڪومت دوران ڪن ڳالهين جي ڪري هن غئبي ديري ۾ زندگي گذارڻ مناسب نه ڄاتي، ان لاءُ غئبي ديرو هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائين ، تعلقي وارهه جي ڳوٺ ڪورڪاڻين ۾ سندس زمين هئي، جتي پنهنجي نياڻيءَ سان لڏي اچي ويهي رهي، هڪ لڱا هن جي گهر مان ڪافي سون ۽ روڪڙ چوري ٿي وئي، جنهن لاءِ هن پوليس ٿاڻي تي چوريءَ جي فرياد داخل ڪرائي ، پوليس جي جاچ هوندي به چوري واپس نه ٿي ، ان چوريءَ جي ڏوهه عيوض انگريز سرڪار مائي شاهه خاتون کي گاجي کهاوڙ شهر کان ٽي يا چار ڪلو ميٽر ن تي ڏکڻ پاسي ٻه سو ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي، ان مليل زمين جي ڪري، مائي شاهل ڪورڪياڻين جي ڳوٺ مان نڪري، نئين حاصل ٿيل زمين مٿان هڪ ڳوٺ پنهنجي نالي مائي شاهل تيار ڪرائي دائمي ٿاڪ ڪيائين ، کيس نياڻي مان ٽي ڏوهٽا ٿيا، هرهڪ نواب خير محمد ، نواب يوسف علي ۽ نواب واحد علي چانڊيا، جن جو اولاد اڃا هلندو رهي ٿو.

کنڊو ڳوٺ

کنڊو ڳوٺ

تعلقي وارهه جي ورن ۾ وسيل ڳوٺ کنڊو ، وارهه شهر جي اتر پار 11 ڪلو ميٽر کن پنڌ تي روڊ سان مليل آهي، وسنديءَ جي چڱي مڙس جي ٻٽيهي مان سامهون هڪ ٻه ڏند خيرڪي هئڻ ڪري کيس کنڊو چوندا هئا، ان ڪري ڳوٺ جي نالي تي کنڊو عام سڃاڻپ پڌري ٿي وئي، کنڊو هڪ کوسو ذات وارو هوندو هو، جنهن هن ڳوٺ جو بنياد رکيو، بعد ۾ کوسا هتان لڏي ويا، هاڻي ڪو به کوسو ذات وارو هتي آباد نه آهي.
ضلع شڪارپور ۾ جنهن ابڙن جي ذات جو مرڪز آهي، اتي ابڙن ۾ اڻبڻت ۽ تڪرار اڀري پيو، تنهن ڪري اتان ڪي گهر لڏو کڻي ضلع لاڙڪاڻي تعلقي وارهه جي حدن ۾ ٽپي پيا، نيٺ کنڊو ڳوٺ ۾ دائمي ڊاٻو ڪيائون.
کنڊو ڳوٺ گولائي تي، پاڻي ڪسارو، وڻراهه نه جهڙي، زمين وارهه بئراج تي آباد ٿيندي رهي ٿي، هن ڳوٺ جي هاڻوڪي مشهور شخصيت استاد نجم الدين ولد مولانا ولي محمد ابڙو ايم پي اي آهي.
ذاتيون:
ابڙا، خاصخيلي، شيخ، کٽي، ٽوٽاڻي، لوهر، گاڏهي، چانڊيا، مگسي، مڱڻيجا، بروهي آهن، گهڻائي ۾ جيها، ابڙا آهن.
کنڊو ڳوٺ ۾ ديني ۽ دنيوي تعليم رهي آهي، ديني تعليم جي گهڻائيءَ جي ڪري، ڳوٺ جا ابڙا ٻن فرقن ۾ ونڊجي ويا، هڪڙا سني مسلمان ۽ ٻيا قادياني غير مسلمان، هي اهي ابڙا آهن، جن ضلع لاڙڪاڻي ۾ قاديانين جو ٻج پوکيو، ساڳي وقت سني مسلمانن جو قائد مولانا محمد دائود ابڙو هو، ۽ قاديانين جو هاڙهي مولوي عبدالرئوف ابڙو رهيو، جيڪو اڳتي هلي مسلمان ٿي چڪو، پر سندس پويان قادياني رهيا.
کنڊو ڳوٺ جي مهانڊو شخصيت ڀلي ڏنو ابڙو:
ڀلي ڏنو ابڙو سنڌ جي مسخرن ۾ مڃيل مسخرو هو، ساڳي وقت هو سنڌ جي مسخرن جو استاد ليکيو وڃي ٿو، جنهن جون مسخريون سنڌ ڀر مشهور هيون، هن پنهنجي ذاتي ڏوڪڙن مان کنڊو ڳوٺ ۾ مسجد ٺهرائي ۽ ديني تعليم لاءِ مدرسي جو بنياد رکيائين.
مولوي عبدالرئوف ابڙو ولد فتح محمد ابڙو:
مولوي عبدالرئوف 1889ع کنڊو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، ڪيس 1300 اڳڪڙ زمين پنهنجي والد جي طرفان ورثي ۾ ملي، بنيادي پارسي ۽ عربي تعليم کنڊو مدرسي مان پرائي، باقي اعليٰ تعليم مدرسي وڳڻ ۾ پڙهيو ۽ مدرسي علي خان قنبر ۾ مولانا شمس القمر پنجابي وٽ تحصيل ڪري ورتائين، هي عالم قاديانين جي سخت خلاف هوندو هو، مدرسي جي شاگردن کي ٻن ڌڙن ۾ ونڊي قاديانين خلاف بحث ڪرائيندو هو، ته جيئن شاگرد قاديانين جي غير اسلامي سرگرمين کان واقف ٿين، پر هي عالم سڳورو هنن جي خلاف ٺوس دليل پيش ڪرڻ ۾ پوئتي رهيو، ان ڪري عبدالرئوف ابڙي جهڙي ذهين شاگرد جي لاڙن ۽ سوچ مٿان ڄڻ قاديانين جو پڪو اثر پوندو ٿي ويو، هن ۾ قاديانين جي نظريه جي هڪ قسم جي تڙپ اچي اڀري. 1928ع ۾ فارغ التحصيل ٿي، کنڊو مدرسي ۾ صدر مدرس ٿيو، قاديانين جا ڪتاب گهرائي، مطالعو ڪندو رهيو، 1933ع ۾ قادياني ٿي ويو، 1947ع ۾ پاڪستان جو وزير خارجه چوڌري ظفر الله ٿيو، جنهن جي مدد سان هن کنڊو ڳوٺ ۾ قاديانين جو جلسو ڪري کلي عام قادياني هئڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ضلع لاڙڪاڻي ۾ هي پهريون عالم هو، جيڪو قادياني ٿيو، هن جي مرتد ٿيڻ تي عوام مڇرجي پيو، هن جو ڳوٺائي ۽ عزيز مولانا محمد دائود سنڌ پاڪستان جا علماءَ گهرائي، کنڊو ۾ هزارين جان نثار ڪٺو ڪرائي، قاديانين جي اسلام دشمني جي سرگرمين کي وائکو ڪيو ويو، مولوي عبدالرئوف جو آرام سڪون اڏامي ويو، نيٺ هن وري دل سان ”عبدالرسول“ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
موت:
سانوڻيءَ جي رت ۾ ڏاند گاڏيءَ تي سارين جو ٻج رکي زمين ڏانهن پاڻ گاڏي ڪاهي ويو، رستي ۾ گاڏي اٿلي اونڌي ٿي پئي، هن جي مستطيل مغز کي سخت زخم رسيو، 8 يا 10 ڏينهن جيئرو هو، پر 8 جولاءِ 1948ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.
سندس پويان:
سندس حياتيءَ تائين هن جا عزيز مسلمان هئا پر سندس وفات کان پوءِ هن جا عزيز قادياني طريقي طرف ويا، هنن اسلام دشمني ۾ ٻه قدم اڃا وڌائي ڇڏيا، قاديانين سان گهرو رشتا به ڪندا رهيا، کنڊو ڳوٺ کان الڳ هڪ ”نئون ڳوٺ انور آباد“ تيار ڪري، پاڻ ۾ اٺ نو گهر قادياني ٿي ويٺا.
سندس عام ڪار گذاريون:
مولوي عبدالرئوف زميندار هوندي به عوامي ماڻهو هو، سماجي ڀلائيءَ ۾ عوام جو ساٿي، هر دل دوست، کنڊو پرائمري اسڪول کولرايائين، انگريزي تعليم لاءِ کنڊو توڙي ڀرپاسي وارن کي روح ڦوڪيائين، پاڻ هڪ ذهين ۽ فهيم ماڻهو هو، شاگردي دور ۾ ٺوس دليلن نه ملڻ ڪري، ٿڙڪي پيو، نيٺ پاڻ سنڀالي، عبدالرسول ٿي چڪو، سنڌي، پارسي، ۽ عربي ٻولين جو شاعر هو، ڊاڪٽر دائود پوٽي سان عربيءَ ۾ خط ڪتابت ڪندو رهندو هو، صاحب موصوف هن کان ڏاڍو متاثر رهندو هو.
سندس سنڌي شاعريءَ ۾ تخلص عاصي هو هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي:
ٿلهه: آدم پار اتر جي هير اديون
ساريم ملڪ ملير اديون
سدا سانگين لاءِ سڪي ساهه اديون
جن لاءِ زور نهاريان پئي راهه اديون
سيئي ملائيندم ته الله اديون
جن جي جيءُ اندر اڪير اديون
سڪ سانگين جي مون کي چور ڪيو
ڏاڍو ڏيهه اباڻو مون کا ڏو ر ٿيو
هتي قسمت آڻي مون کي دور ڪيو
اها باب بڻي آ تقدير اديون
تازن طعامن جي مون کي طلب نه ڪا
ساريان سانگين جا ويٺي ساڳ سُڪا
تنهنجي ماڙين کان منهنجا منهه پڪا
پيئجن روز جنين ۾ پنير اديون
عبدالرئوف طلب رک تات سدا
ايندو ڏينهن نه هوندي رات سدا
اها وائي بلبل وات مدا
منهنجو راڄ اباڻو امير اديون
مولوي ولي محمد ابڙو:
سندس والد دريا خان ابڙو، ڳوٺ کنڊو، تعلقو وارهه 1902ع ۾ جيون ورتائين، هوشيار ۽ ذهين عالم ٿي گذريو آهي، ديني تعليم مدرسي کنڊو پوٺي ۾ مولانا عبدالعزيز خاراني وٽ شروع ڪيائين، اعليٰ تعيلم مدرسي شاهل سڌائي تعلقي شڪارپور ۾ مولانا عبدالحڪيم سڌائي وٽ پرائڻ شروع ڪري ڏنائين، 1927ع ۾فيض فضيلت سان ديني علوم جي دستار بندي ڪيائين، مولوي فضل الحق ڪانڌڙي جا عربيءَ ۾ مٿيان ڪتاب رهيل هئا، مولوي ولي محمد ابڙي سندس ڳوٺ ڪرم ڪانڌڙي ۾ هڪ سال رهي، هن کي عربي جا رهيل ڪتاب پڙهائي تحصيل ڪرائي ڇڏي، مدرسي علي خان ۾ 1929ع کان 5 سال ديني تعليم ڏيندو رهيو، 1934ع ۾ هي درسگاهه ڇڏي، مدرسي ٺوڙهي بجار ۾ نائب مدرس ٿي رهيو، ساڳي درسگاهه ۾ مولوي محمد قاسم چانڊيه کي پڙهائي، دستاربند ڪرائي، کيس سند ڏنائين، ساڳي وقت انهي مدرسي ۾ 1939ع تائين پڙهائيندو رهيو، مدرسي وڳڻ ۾ هڪ سال پڙهيائين، مدرسي ميهڙ ضلع دادو ۾ ٻن سالن تائين درس تدريس جو ڪم هلائيندو هليو، مدرسو دائود ڪانڌڙو پاڻ کوليائين، 1943ع کان 1954ع تائين ساڳي مدرسي ۾ درس ڏيندو رهيو، 1954ع ۾ ڳوٺ واري مدرسي کنڊو پوٺو جو صدر مدرس ٿي ديني تعليم ڏيندو هليو، 14 آگسٽ 1971ع تي وفات ڪري ويو، سندس اولاد مان بدر الدين ابڙو ٽائون ڪاميٽي وارهه ۾ چئرمين ٿيو، ۽ ٻيو فرزند نجم الدين ابڙو 2008ع ۾ ٻيو ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو اچي.

ڳوٺ ڊينگل ماڇي

ڳوٺ ڊينگل ماڇي

وڳڻ وارهه روڊ سان لعلورائنڪ ڳوٺ کان ڏيڍ ڪلوميٽر تي ڊينگل ماڇي ڳوٺ آباد آهي، وارهه شهر کان 15 ڪلوميٽر پري ۽ لاڙڪاڻي شهر کان 35 ڪلوميٽر ڏور رهي، چورس نما ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي اولهه ۾ نصير واهه ۽ ڏکڻ ۾ قبرستان آهي.
ڳوٺ جي مختصر تاريخ:
ڊينگل ماڇي ڳوٺ منڍ ۾ کٽياڻ ذات وارن جو وسايل هو، جن سان گڏ ٿورا سک به رهندا هئا، اڳتي هلي هن ڳوٺ ۾ سکن وٺي ڊيهڙو ٻڌو، ٿورن ڏهاڙن اندر ڳوٺ ۾ سکن جي گهڻائي ٿي ويئي، ڳوٺ ٻيلي جي وچ ۾ هئڻ ڪري، مرن جو مرڪز ٿي ويو، سک مرون کائيندا هئا، ان ڪري ڳوٺ سکن جي لاءِ مشهور شڪار گاهه ۽ روزگار جو ذريعو ٿي ويو، پوءِ ته ڪيترن هنڌن کان سک شڪار لاءِ ڪانڍجي ايندا هئا، سکن ڏاڍو زور ورتو، هنن جي ڏاڍائي ۽ ارهه زورائيءَ جي ڪري کٽياڻن ڊهه ئي نه ورتي، هتان لڏو پٽي هليا ويا.
هن ڳوٺ مان جيئن ئي کٽياڻن ٽپڙ پٽيا، تيئن هنن جي خالي ڪيل گهرن ۾ ڊينگل ماڇي ۽ هن جي ڪڙم وارن اچي ڳوٺ ۾ والار ڪئي، ان کان پوءِ سکن ۽ ماڇين جون چڪريون ۽ چوٽون جاري ٿي ويون، ڊينگل نه ڊر ۽ ڏاڍو ڪرڙو ماڻهو هو، ان لاءِ سکن کي ٽوٽا چٻايائين، کين اسرڻ نه ڏنائين، سکن ڳوٺ جي پاڻي پيئڻ وارن کوهن ۾ مرن جا هڏا اڇلايا، ڊينگل هڪدم ڳوٺ ۾ ڪچيون کوهيون کڻائي پاڻي پيئڻ جو بندوبست ڪري ورتو، هن پهلوان دل نه هاري، مهاڏو جاري رکيائين، نيٺ ته وقت ڊينگل ماڇي جي حمايت ۾ فيصلو ڏٺو، 1947ع ۾ ملڪي ورهاست ٿي چڪي، سکن جا ڇيهه ڇڄي پيا، هو پاڻ کي ڪمزور ڀانئڻ لڳا، پوءِ هي بستي ڇڏي ڀارت هليا ويا، ان ريت ڊينگل ماڇي سوڀارو ٿيو، هن عالمن کي گهرائي، سندن فتويٰ سان کوهن مان پاڻي نيڪال ڪرائي، هڏا ڪڍائي،کوهه صاف ڪري وري کوهن جي پاڻيءَ کي روز مره جي ضرورت پٽاندڙ لائق بڻايو، وقت گذرڻ کان پوءِ ڊينگل ماڇي پنهنجو حياتيءَ جو وارو وڄائي ويو، هن بعد سندس پٽ علي محمد ڳوٺ جو چڱو مڙس ٿي ويو، هن کي پٽ جي اولاد نه ٿي سگهي، علي محمد ري پٽيو ٿي هي دنيا ڇڏي ويو، ان ريت هن وسندي کي ”ڊينگل ماڇي“ نالو ته ڏنو، پر سندس گهراڻو اتي پورو ٿي ويو، ڳوٺ پنهنجي ذات وارن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، باقي دنيا تائين سندس نالو پيو رهندو.
ذاتيون:
ماڇي، مير بحر، موچي، گڊا، گهڻائيءَ ۾ ماڇي ذات وار آهن.

ميانداد چنجڻي ڳوٺ

ميانداد چنجڻي ڳوٺ

ڪشمير ۾ هڪ شهر چني آهي ، جيڪو اڌم پور ۽ رام بان وسندين جي وچ ۾ آهي ، چني شهر کان عالمن جي هڪ جماعت چناب نديءَ جي رستي پنجاب جي چيني ڪوٽ شهر ۾ آئي ، جنهن کي هاڻي چنيوٽ چيو وڃي ٿو چنيوٽ ساهيوال ضلع جو هڪ شهر آهي، جتي جو مولانا منظور احمد چنيوٽي مشهور رهيو آهي، پنجاب جي چنيوٽ شهر مان ميان مامون يا ميانداد ولد ميان عبدالرشيد چنيوٽي پنهجي عزيزن سان وارهه تعلقي ۾ آيو.
ڪن جو چوڻ آهي ، ته ميانداد ميانوالي پنجاب مان سنڌ ۾آيو ، جڏهن وارهه تعلقي جي موجود ه بستي تي آيو، اڳ ۾ هڪ کوهه مٿان کوسا ذات جا ماڻهو هئا ، ميانداد چنيوٽي وارا به کوهه تان پاڻي ڀرڻ لڳا، ان ڪري ٻن ڌرين کوسن ۽ چنيوٽن ۾ پاڻي ڀرڻ تي تڪرار هلي پيو، ميانداد وارن اڳ ۾ ميان نصير محمد ڪلهوڙي حاڪم کي فرياد ڏني، جنهن کوسن کي گهرايو، کوهه مٿان نشانن جي باري ۾ کوسن چيو، ته کوهه ٻسو ۽ بنا وڻن جي آهي، جڏهن ته چنيوٽن چيو ته کوهه مٿان وڻ آهن، ان صفائي لاءِ ٽياڪڙي جماعت کان مقرري رپورٽ ورتي وئي، جنهن رپورٽ ۾ چنيوٽن جي فائدي ۽ کوسن جي خلاف اطلاع ڏنو، ان ڪري ڪلهوڙي حاڪم کوهه تان کوسن کي بي دخل ڪري، ميانداد کي کوهه ۽ زمين جو قبضو ڏياري ڇڏيو.
فيصلي کان پوءِ ميانداد ان وٿاڻ مٿان ٽڪنڊي نموني پنهنجي نالي تي ڳوٺ تيار ڪرايو، ڳوٺ جي اولهه ۾ مقام ۽ اوڀر ۾ کڏ آهي، ڳوٺ وچان بکو واهه وهي ٿو، جيڪو ڳوٺ کي ٻن اڌن ۾ ونڊي ٿو، ڳوٺ جي اتر پاسي وڻراهه ۽ پاڻي مٺو آهي، ڏکڻ پاسي جو پاڻي کارو ۽ زمين وچولي آهي، هي ڳوٺ نصير آباد روڊ کان ڏکڻ پاسي لنڪ روڊ سان اڍائي ڪلوميٽر پري آهي، منڍ ۾ هن ڳوٺ کي ميانداد چنيوٽي چوندا هئا، پوءِ چنيوٽيءَ مان ڦري چنجڻي سڏجڻ ۾ آيو ”ميانداد چنجڻي ڳوٺ“
ذاتيون: چنجڻي، ايري، پيرزادا، موچي، سيد گهڻائيءَ ۾ چنجڻي آهن.

لعلو رائنڪ

لعلو رائنڪ

لعلو رائنڪ= لعلو جو مقبرو يا قبو چئجي ٿو، هن ڳوٺ جي چئني پاسن کان قبرستان آهي، پهرين هن وٿاڻ تي کوسا ذات آباد هئا، پوءِ لعلو نالي تونيه هن ڳوٺ کي وسايو، هن جي مرڻ کان پوءِ مٿس مقبرو بنايو ويو، اڳتي هلي لعلو رائنڪ سڏجڻ ۾ آيو، هن سمي هي وڏو وسندڙ ننگر آهي، وارهه شهر کان 15 ڪلوميٽر ۽ لاڙڪاڻي کان 30 ڪلوميٽر پري آهي، وڳڻ وارهه روڊ هن کي چيري اتر پاسي ڳوٺ جي وڏي حصي کي ڪري ٿو، ۽ ڏکڻ پاسي ننڍو حصو ڇڏي ٿو، ڳوٺ جي اولهه ۾ کڏ، اوڀر اتر ۾ بوهڙن وارو روڊ، ۽ بيهڪ چورس نما آهي، هڪ حصي جو پاڻي کارو باقي پاڻي پيئڻ جهڙو آهي، ڳوٺ ۾ وڻراهه ڇٽي آهي، آبادي رائيس ڪئنال تي ٿئي ٿي.
هن ڳوٺ جو تاج محمد ولد خير محمد تونيو سخي مرد ۽ راڳ ساز جو وڏو شوقين ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي ملڪيت ڌڻيءَ جي نالي تي ورهائي ڇڏي، هڪ ڀيري هن وٽ هڪ وڏو گويو ڪهي آيو، جنهن راڳ جو منڊل مچايو، هن ساز جي وسيلي هن کان ماني جي گهر ڪئي، تاج محمد اُن وقت ئي ماني تيار ڪرائي، کيس آڻي ڏني، جنهن تي گويي سندس فن کي سمجهڻ جي گهڻي واکاڻ ڪئي.
هن ڳوٺ ۾ ديني مدرسو به هو ۽ پاٺشالا به هئي، جنهن ۾ پنڊت منشارام برهمڻ هندي ۽ سنسڪرت پڙهائيندو هو، هتي جو فقير تارڪ مدرسي ۾ عربي پارسي پڙهيو ۽ پاٺشالا ۾ هند ي سنسڪرت به پڙهيو، ان کانسواءِ ٽڪاڻو به هو، جتي ٻائو ساڌو ڪرپال داس گرمکي پڙهائيندو هو.
ذاتيون:
تونيا، قاضي، ٿهيم، گڊا، موچي، مغيري، سيد، سومرا، دايا، چانڊيا، قبيلو ڏيڻ گهرجي، پتوجا، هندو، جوڻيجا، خاصخيلي، حاصلا، گهڻائي واري ذات تونيا آهن.

آڏي جاگير ڳوٺ

آڏي جاگير ڳوٺ

قنبر تعلقي جي پاسن ۾ پيل ڳوٺ، چانڊيا ذات وارن جي ويجهو ٻن تعلقن قنمبر ۽ وارهه جي دامن تي لاڳيتو جاگير جو وسيع پرڳڻو، جنهن منجهان هڪ اوڏڙي ۽ ويجهڙي جاگير آهي، تنهن کي آڏي جاگير ڪري سڏيو وڃي ٿو، نهري پاڻيءَ جي پهچ کان پري هجڻ ڪري هتي جي زمين گهڻي ڀاڳي ڪلراٺي ۽ ڪساري پاڻيءَ واري هجي ٿي، پوءِ به ڳوٺ جي ڀرپاسن ۾ ڪرڙن جون ڪنڌيون جهجهي نموني آهن. ()
هن وسنديءَ ۾ سرائي سائينداد کوکر جي زمينداري هئي، هو نهايت ديندار ۽ نيڪ ماڻهو هو، ان ڪري ڳوٺ جي مسجد ۽ ديني تعيلم تي وڏو ڌيان ڏيندو رهندو هو، جملي کوکر دين جي سکيا ۽ مسجد سان وڏو ذوق رکندا هئا، مسجد ۾ سرائي سائينداد جو پٽ سومهڻي جي نماز پڙهي تهجد جي نماز لاءِ مسجد ۾ ننڊ پئجي ويو، جنهن کي ننڊ ۾ شهيد ڪيو ويو.
مٿين واقعي جي ڪري، کوکر آڏي جاگير مان ٽپڙ سهيڙي 1920ع ۾ باڊهه جي ڀرسان ڀائيٽي جي نالي ”فيض محمد کوکر ڳوٺ“تيار ڪرائي ويهي رهيا، جتي اڃا سوڌو پيا گذارين. ()
ذاتيون:
سيد، مغيري، مڱڻهار، مڱڻيجا، ٽوٽاڻي، عمراڻي، چانڊيا، ابڙا، لوهر، دايا، گهڻائي ۾ چانڊيا آهن.

جوڻاڻي ڳوٺ

جوڻاڻي ڳوٺ

هن ڳوٺ جو بنياد تونيا ذات جي هڪ ساهيٽي ماڻهو ”جوڻي“ نالي واري وڌو، اڳتي هلي ان نالي جي نسبت سان ”جوڻاڻي وستي“ سڏجڻ ۾ آيو، ڪن جو چوڻ آهي هي ڳوٺ محمد يونس تونيه ٻڌايو، جنهن کي جونس ڪري به چوندا هئا، جو نس لفظ مان بگڙي ”جوڻاڻي“ ٺهي پيو.
پهرين روايتن جي ٽيڪ ۽ تائيد ۾ ساڳي ڳوٺ جي تونين ۾ ”جوڻاڻي“ تونين جو هڪ پاڙو آهي، جن جي وڏي ڏاڏي جو نالو ”جوڻو“ هوجنهن تي جوڻاڻي تونيا ڪوٺائڻ لڳا.
جوڻاڻي ڳوٺ وارهه گاجي کهاوڙ روڊ سان وارهه شهر کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ تي 6 ڪلوميٽر ڏور آهي، ملڪي ورهاڱي کان اڳ ۾ هتي هندو به رهندا هئا، جن هن ڳوٺ کي وڏي رونق بخشي، ڳوٺ کي هڪ واري جي دڙي مٿان کڻايو ويو، پراڻي سمي ڳوٺ جي چئن پاسن کان سچا ٻوڙا، نم جا وڻ، لوا ۽ ڪنڊي جون سڱريون هيون، ڏڪر جي رُت ۾ هتي جا رهاڪو ڪنڊي جون سڱريون ڪٽي، چنڊ ۾ پيهي ستون ڪري کائندا هئا، پاڻي مٺي هئڻ ڪري، ماڻهن گهرن توڙي ٻاهر زمين ۾ جهجها جام کوهه کڻايا، جن تي پوکي راهي ۽ واڙي وکري ٿيندي هئي، 1942ع واري وڏي ٻوڏ جي اچڻ ڪري، جوڻاڻي ڳوٺ جو پاڻي کارو ٿي ويو، ۽ زمين به ڪلراٺي ٿيڻ لڳي، تعلقي وارهه جي ڳوٺن ۾ هي ڳوٺ علم ادب ۽ لئبريري جي ڪري گهڻو مشهور رهيو، ان ڏس ۾ جيڪڏهن ضلع ڀر هن ننگر جي ساراهه ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، سابق وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب به هن ڳوٺ جي لئبريري جي واکاڻ ٻڌي ۽ هلي ڪري اکين سان ڏٺائين.
ذاتيون:
ڪوري، ڪنڀر، قريشي، موچي، کرل، سومرا، جت، تونيا، گهڻائيءَ ۾ تونيا ذات آهي.
جوڻاڻي ڳوٺ جون مشهور شخصيتون:
مولانا حاجي پير محمد قريشي (تونيه)
1844ع ۾ جوڻاڻي ڳوٺ ۾ محمد جيئند قريشي کي فرزند مولانا حاجي پير محمد عطا ٿيو،، منڍ ۾ چٽساليءَ جو ڌنڌو ڪندو هو، هڪ ڀيري لٺ تي چٽسالي ڪري، اها ڪنهن دوست کي سوکڙي ڪري ڏنائين، هو ميرو خان شهر ويو، جتي ميان حامد حضوري لٺ ڏسي، واکاڻ ۾ فرمايائين، ته چٽن ڪڍڻ وارو ته ڪو عالم ۽ ڪامل شخص ٿو ڏيکارجي.
مولانا پير محمد تعلقي ميهڙ ۾ مدرسي روهڙي شريف ۾ وڃي داخل ٿيو، ڪجهه سمو پڙهي، اعليٰ تعليم لاءِ مدرسي شهدادڪوٽ ۾ وڃي ديني علوم جو اڀياس ڪيائين، جتان فيض فضيلت سان سند ورتائين، تعليم پوري ٿيڻ کان پوءِ حرمين شريفين اسهيو، ڪافي وقت اتي ترسي مدرسه مدينه منوره ۾ علامه محمد مظهر کان تعليم ورتائين، عربستان کان واپس ٿي پنهنجي ڳوٺ ۾ مسجد اڏائي، مدرسي جو بنياد رکيائين، 1944ع ۾ ڌڻي تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو، اولاد ۾ مولانا غلام صديق ۽ مولانا غلام عمر ٻه پٽ ٿيا.
مولانا غلام صديق قريشي (تونيه)
1332هه برابر 1913ع ۾ پيدا ٿيو، تعليم لاءِ جوڻاڻي مدرسي ۾ داخل ٿي، والد جي رهبريءَ هيٺ تحصيل ڪري ورتائين، هي وڏو فقيهه ۽ عالم ٿي گذريو، ڪتابن جو شائق ۽ وڏو ڪتبخانو گڏ ڪري ورتائين، 39 ورهين جي ڄمار ۾ 1951ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، تحرير ۽ تقرير ۾ هوشيار هو، مُهُرَ ۾ ”فدا مصطفايم بجان وبَدل غلام صديقم زِراَ زِاَزل“ کيس فرزند غلام عثمان 16 جمادي الاول 1355هه اربعا تي عطا ٿيو.
سندس تصنيفات:
مخزن الروايات تحريران.
مولوي غلام عثمان قريشي (تونيه)
مولانا غلام صديق کي 16 جمادي الاول 1355هه اربعا ڏينهن برابر 3 سيپٽمبر 1936ع تي فرزند مولوي غلام عثمان پيدا ٿيو، وڏو عالم، مقرر، محدث ثابت ٿيو، سموري تعليم پنهنجي والد جي رهبري ۾ ورتائين، 1973ع ۾ وفات ڪري ويو، کيس هڪ پٽ مولوي منور علي ٿيو.
مولانا غلام عمر قريشي (تونيه)
مولانا حاجي پير محمد قريشيءَ جو ننڍو فرزند هو، وڏو شاعر، ليکڪ ٿي گذريو، هن جي لکت جا ڪيترائي قلمي نسخا موجود آهن.
مولوي عبدالله سومرو:
سندس والد جو نالو محمد رمضان سومرو جوڻاڻي جو رهاڪو هو، منڍ ۾ مدرسي جوڻاڻي ۾ پڙهيو، بقايا تعليم مدرسي روهڙيءَ ۾ ورتائين، وڏو شاعر ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ، هن جي شعر جو نمونو:
ڏسو وقت جو تاب تکائي:
ڪي ڪجهه ڏيهي، ڪي پرڏيهي، چهه پهه چار ڪندا جاٿي ويهي.
اتي هلندي سا ادا پچر پرائي
دين جون ڀينرڪن، سڏي ڏين عيدان، عيدان ڏيئي اٽڪائن ديدان.
پوءِ ماڻهن جي منهن تي چون مائي
بنجي فقير ٿا مڪان وسائن، مسجد ڏي ڪڏهن پير نه پائن.
آهي ورد و ليهن جو ٻيائي
حاجي عبدالله تون ٿيءُ نه اڻاسو، وٺج الله رسول جو پاسو.
تڏهن ٿيندءِ سڀ سڻائي.
مولانا عبدالرسول قريشي (تونيو):
والد جو نالو محمد هاشم قريشي، جوڻاڻي ڳوٺ ۾ 1920ع ۾ پيدا ٿيو، شعر ۾ نظام الدين جي نالي نظام تخلص ڪم آندو آهي:
ڪيچي ويڙهه ڪالهه ملندم شال
ڪنديس وس وڃڻ سان
1. وينديس رهنديس ڪينڪي الا
جبل گهمنديس جال ملندم شال
2. سسئي سان سڃ ۾ الا
ڀلو ڪنديس ڀال ملندم شال
3. پلاڻين هليا پرڀات جو الا
نماڻي نه نيئون نال ملندم شال
4. نيزاريون نظام چئي الا
هن بندي جون ٿيون بحال ملندم شال
ڊاڪٽر علي اڪبر قريشي (تونيو):
سندس والد علي گل عرف گل قريشي ڳوٺ جوڻاڻي، جنم 3 فيبروري 1958ع تعليم ۾ پي ايڇ ڊي، سنڌي ماستر، 76_1977ع کان عملي شاعري ۾ پير پاتو، منڍ ۾ تخلص اڪو، اڪن، اسير، هاڻي فائق رهيا اٿس، شاعري جي کيتر ۾ اظهر گيلاني ۽ نشتر ناٿن شاهي استاد رهيس، ديوان اسير لکي چڪو آهي، پر هن وقت فائق تخلص سان شاعري ڪري ٿو:
شعر جو نمونو:
”ٽڪر هڻنديس ٽڪر سان ٿينديس ٻه ٽڪر
ٽڪر ڪندو ڇا ٽڪر کي توڻي هجي سو ٽڪر
اندر جنين ٽُڪَرَ ٽڪر سي ٿينديون.

قنبر تعلقو

---

محلو علي خان هڪڙو، قنبر شهر

قنبر شهر جي اتر پاسي علي خان ذات هڪڙي هڪ ڳوٺ جو بنياد رکيو، اڳتي هلي وڌندڙ آدمشماري ۽ ٻهراڙين ۾ بدامني جي ڪري لڏپلاڻ ٿيڻ جي ڪري شهري آبادين ۾ حيرت ناڪ واڌ ٿيندي رهي آهي، انهي ساڳي جهنجهٽ جي ڪري قنبر شهر جي اصلي آباديءَ کان جلد ڪي ئي ڏاڪا ٽپي چڪي، هن سمي علي خان هڪڙو قنبر شهر جو هڪ محلو ٿي ويو آهي.
علي خان هڪڙو محلي جي زمين ڪلراٺي، پاڻي کارو هئڻ ڪري هتي ٻٻر ۽ ٻير جي وڻن جي جهجهائي آهي، ٻيا وڻ هيڪڙ ٻيڪڙ نه جهڙا ٿين ٿا، هن ماڳ مٿان منڍ کان هڪڙا ذات وارا زميندار وڏي قوت ۾ رهيا آهن، جن ۾ علي حسن هڪڙو سياسي لحاظ کان ضلع لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو، شڪار جو به وڏو شوقين رهيو، هڪ ڀيري هن شينهن جو شڪار ڪيو، جنهن ۾ ڦٽجي پيو، هن جي دوا درمل پير تراب علي شاهه راشدي ڪئي، هن کي کير جي ٽپ ۾ ويهاري، کير سان وهنجاريائين، ان ريت ٻي دوا به ڪندو رهيو، ڪافي ڏينهن کان پوءِ زميندار هڪڙو چيٺجي ويو، مسٽر دوست محمد ولد علي حسن هڪڙو جونيئر ۽ سينئر آڪسفورڊ ڪورس پڙهيل هو، ڏاڍو ذهين، هوشيار، ۽ جوڙ توڙ وارو سياستدان ٿي گذريو، ڪيترا ڀيرا سنڌ اسيمبلي جي اليڪشن ۾ ميمبر چونڊبو رهيو، پهرين قاضي فضل الله جي طرفان سياست ۾ حصو وٺندو رهيو، پوءِ به سياسي راند ۾ هڪ طرفو هلڻ جو هن ۾ دستور نه هوندو هو، هن جي زندگي ۾ قنبر شهر يا تعلقي جي سياست ۾ وڏو عمل دخل رهندو آيو.
هن محلي علي خان ۾ سيد راشدي به رهندا آهن، جن ۾ پير تراب علي شاهه راشدي گهڻو هاڪارو ٿي رهيو، هو خلافت تحريڪ جي ڪرتن ڌرتن مان ڳڻيو ويندو هو، هن لاڙڪاڻي شهر ۾ پوري هندستان جي ڪانگريس جا ليڊر پئي گهرايا ۽ خلافت ڪانفرنسون پئي ڪرايون، سياست، حڪمت ۽ علم دين ۾ کيس وڏي مهارت هئي، هو دانشگاهه شهدادڪوٽ جو سند يافته علامه هو، هن ڪيترا مدرسا تيار ڪرايا، جن ۾ درسگاهه علي خان هڪڙو قنمبر وڏي شهرت تي پهتو، هن ديني اداري جي هڪ شاگرد هاسٽل هوندي هئي، جنهن ۾ طالب ڏينهن رات رهندا هئا، کين هفتي اندر فقط جمعي وار تي ڇٽي ملندي هئي، باقي ڏهاڙا هنن کي پڙهايو ويندو ۽ پير تراب علي شاهه هن ديني سکيا جو مدار المهام هوندو هو، ڏوڪڙ پئسي جي خرچ ۾ هن شاهه صاحب سان ڪيترائي مخير، خيرخواهه ۽ دين سان محبت رکندڙ سخي دوست شامل حال رهندا هئا.
1978ع ۾ علي خان هڪڙي محلي، قنبر جون ذاتيون:
هڪڙا، سيد راشدي، سومرا، سيال، شيخ، بروهي، باگڙجي، ٻرڙا، راڄپر، ڪنڀر، ڪلهوڙا، ڪوري، گاڏهي، گوپانگ، ماڇي، مگسي، مير بحر، جويا، مهاجر، چانڊيا، وڌا، تونيا، ڀٽا، لاڙڪ آهن، هڪڙا ذات وڏي انگ ۾ آهي، زمينداري به سندن آهي.

پير تراب علي شاهه راشدي

پير تراب علي شاهه راشدي

عالم باڪمال، اسلامي تهذيب ۽ سنڌي تمدن جو نمونو، کدر يا بافتي جو چولو، گيڙو يا اڇي گوڏ، پيرن ۾ ڳورو بلوچستاني جوتو، ڪلهي ۾ دلائل الخير ۽ ڪلام پاڪ، هٿ ۾ نيٽ جو لڪڻ يا ڪهاڙي، سندس جسم مبارڪ مرڪزي بجلي گهر مثل، جيڪو آيو ٿي، سو اڙجي ويو ٿي، ديسي ۽ پرديسي ماڻهن جا ڳاهٽ لڳا پيا هوندا هئا، سنگت ۾ امير توڙي غريب هڪ جهڙا هوندا هئا، خلافت تحريڪ ۽ هجرت تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، مهاجر ڪابل پهچايا ويا، پر پٺاڻ سرڪار انگريزن سان ٺاهه ڪري ڇڏيو، مهاجر نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا رهيا.
انگريزن جي سخت خلاف رهندو آيو، ساڻن ملاقات نه ڪندو هو، هن جو چوڻ هو، جيڪو انگريزن سان هٿ ملائيندو، تنهن جو قيامت ۾ ڇوٽڪارو نه ٿيندو، وڏو طبيب ۽ عاشق رسول ﷺ هو، () اڳتي هلي چيو وڃي ٿو ته هن کي انگريز سرڪار گرفتار ڪري جيل حوالي ڪيو، جتي هو نفسياتي طور پنهنجي انگريز مخالفت تان سخت گيري تان هٿ کڻي ويو.

ميڻا ڳوٺ

ميڻا ڳوٺ

ميڻا ذات جي نالي سان هي ”ڳوٺ ميڻا“ نروار ٿيو، جيڪو قنبر تعلقي سان لاڳاپو رکي ٿو، ڳوٺ چورس شڪل تي کڙو ٿيل آهي، هن بستي جي ڏکڻ ۾ کڏ، اتر ۾ 5 ايڪڙ زمين تي قبرستان آهي، اولهه ۾ روڊ، اوڀر ۾ واري جا دڙا ۽ لاڙڪاڻه آريجا روڊ آهي، هي ڳوٺ 18 ميل لاڙڪاڻي کان ڏور ۽ قنبر شهر کان 6 ميل پري آهي، زمين ڀلي، پيئڻ جو پاڻي مٺو، وڻراهه جهجهي رهي ٿي، 1978ع ۾ 300 گهر جن ۾ 2000 آدمشماري هئي، ميڻن سان چانڊيا اڳرائي ۽ ڏاڍائي ڪندا رهيا آهن، 63_1962 ۾ ميڻن ڳوٺ جا ٻه وڏا زميندار ميڻا، جدا جدا وقتن تي شهيد ڪيا ويا، جن ۾ جوابدار چانڊيا هئا.
ميڻا ذات جي تاريخي حيثيت:
مسٽر ٽاڊ راجستان جي ليکڪ پٽاندڙ ميڻا ذات هند جي پراڻين ذاتين مان هڪ قديم نيات ليکي وڃي ٿي، آڳاٽي سمي هن ذات نادو ليا مٿان پک کوڙيا، ڪجهه وقت کان پوءِ حالتن هن ذات جو ساٿ نه ڏنو، ان ڪري نادوليا تان ميڻن جي حڪومت هلي وئي، جڏهن راجپوت دور حڪومت رهي، تڏهن هڪ بهادر راوت ميڻي نادوليا مٿان ٻيهر پنهنجو ڌاڪو ڄمايو، جنهن سمي مهاراجا پرٿوي راج جي راڄڌاني هلي رهي هئي، ان وقت ميڻن جي طاقت ۽ قوت پوين پساهن ۾ پئجي چڪي، ان ريت ميڻا حاڪميت ختم ٿي چڪي.
ميڻا ڳوٺ جون ذاتيون:
ميڻا، مشوري، سيد، سومرا، ڪٽپر، ڪوري، گراماڻي، کهڙا، شيخ، پلال، لوهر، ميڻا ذات وڌيل آهي.

هني ڳوٺ

هني ڳوٺ

هاني خاتون هڪ عورت جو نالو هو، جيڪا سخا ۽ دريا دلي جي ڪري هاڪاري رهي، هن جي ڪشاده دلي، ۽ خير خيرات جي ڪري سندس مرڻ کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۽ دماغن مٿان ياد رهندي آئي، هن جي ياد تازي رکڻ لاءِ هن ڳوٺ مٿان ”هني ڳوٺ نالو ڌريو ويو“ هي بستي قنبر شهر کان اولهه پاسي 10 ڪلوميٽر پري پوي ٿي، هن ماڳ جي اتر اولهه ۾ هڪ کڏ آهي، هي وستي اولهه کان اوڀر سوڙهي ۽ اتر ڏکڻ پاسن کان ڊگهي آهي، هن وٿاڻ جي آبادي ڏاڍي ڳتيل آهي، وڻراهه، زمين ڀلي رهي ٿي.
ذاتيون:
تونيا، ڪوري، شابراڻي، چنا، سيد، بروهي آهن.

جيئڻ ابڙو ڳوٺ

جيئڻ ابڙو ڳوٺ

ٽڪنڊي نموني ڳوٺ قنبر تعلقي جي وڏن ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي، قنبر شهر کان 5 ڪلوميٽر اتر اوڀر ڪنڊ تي کڙو ٿيل ماڳ آهي، قنبر کان روڊ نڪري، هن ڳوٺ مان پارٿي، ڳوٺ بکي کهاوڙ، مهي مڪول ڳوٺ، ٺوڦ چوسول ۽ لاشاري وسندين ۾ پوي ٿو، لاشاري ڳوٺ کان ساڳو روڊ ٽپي وارهه براج پاري ڪري رتي ديري شهر ۾ پوي ٿو، جيئڻ ابڙي وٿاڻ جي ڀرسان ڏکڻ طرف کان نور واهه وهي ٿو.
هي ڳوٺ لشڪر خان ابڙي جي پونيرن مان جيئڻ ابڙي نالي واري ڳوٺ کي ٻڌايو، لشڪر خان بلوچستان ۾ تعلقي اوستي محمد جي هڪ ڳوٺ حمير خان ماهو جو رهاڪو ۽ زميندار ماڻهو هو، جتان خانداني دشمني سبب لڏي سنڌ ۾ تعلقي قنبر جي جيئڻ ابڙو ڳوٺ ٻڌائي ويهي رهيو، جڏهن پنهجن عزيزن سان صلح ٿي چڪو، تڏهن لشڪر خان پوئتي واپس هليو ويو، جتي وفات ڪري ويو، هن وقت لشڪر خان ابڙي جا پويان ڳوٺ ”حمير خان ماهو“ ۾ به رهن ٿا ۽ جيئڻ ابڙي ۾ به آهن، هن وقت هن ڳوٺ جو زميندار لشڪر خان ابڙي جي پوين مان ديدار حسين ابڙو آهي.

نئون ڳوٺ

نئون ڳوٺ

لاهوري گهراڻو لاڙڪاڻي ضلع ۾ مشهور آهي، هي ذات جا کرل ۽ لاهور شهر کان لڏي لاڙڪاڻي شهر ۾ ويٺا، هوشيار ذات هئڻ ڪري هي انگريز سرڪار جي دور حڪومت ۾ رعايتون وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، لاڙڪاڻي جي ميمڻ محلي ۾ اچي ويٺا، پر ميمڻ محلي بدران لاهوري محلو ليکجڻ ۾ آيو، هن خاندان کي نواب جو لقب انگريز سرڪار کان مليو، سندن نالي تي ڪافي لاڙڪاڻي شهر جو حصو کاتي تي رهيو، ۽ ٻي اڻ ڳڻي زمين جا مالڪ ٿي ويا، ڀلائي جا ڪم ڪيائون، لاهوري محلا ۾ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول کي 24 ايڪڙ زمين خيرات ۾ ڏنائون، سول هاسپٽل لاڙڪاڻه به سندن ملڪيت هئي، شاهه محمد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻه به سندن ڪاوشن جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيو، جامع مسجد لاهوري ٽي قبائي کان سواءِ ٻيون ڪيتريون مسجدون جدا جدا هنڌن تي تيار ڪريائون، هن خاندان ۾ آخري مشهور ماڻهو نواب امير علي لاهوري ٿي گذريو.
لاهوري گهراڻي جي شيخ محمد لاهوري سرڪاري غير آباد زمين کڻت ۾ کڻي، زمين کي ٺهرائي، آباد ڪرايو، اتي هڪ بستي ٻڌايائين، جنهن کي ”نئين ڳوٺ“ جي نالي سان شهرت ملي چڪي، هن ڳوٺ ۾ لاهورين جون زمينون اڄ به آهن، پر هن ”نئين ڳوٺ“ ۾ هڪ لاهوري به نه آهي، ڳوٺ جي اولهه ۾ ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا، اوڀر ۾ گهاڙ برانچ، اتر ۾ آباد زمين ۽ ڏکڻ ۾ هڪ کڏ ۽ لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ آهن، هن ڳوٺ کان لاڙڪاڻو شهر 21 ڪلوميٽر پري آهي، ڳوٺ جو پاڻي مٺو، چڱڙي وڻراهه ۽ چڱي زمين آهي.
ذاتيون:
ٻگهيا، تونيا، مهاجر، مير بحر، سولنگي، شيخ ۽ ڪلهوڙا آهن، گهڻائي تونيا ذات آهي.

ديدڙ ڳوٺ

ديدڙ ڳوٺ

هيءَ وسندي زمين جي مستطيل ٽڪري مٿان اوڀر کان اولهه پاسي تي وسايل آهي، ڳوٺ ۾ ديدڙ ذات جي وڏي آبادي آهي ۽ ساڳي وقت هي ماڳ سندن قائم ڪيل آهي، ان ڪري ديدڙ ڳوٺ مشهور ٿي چڪو، هن ڳوٺ جا شاهه محمد ديدڙ ۽ حسين بخش ديدڙ وڏا عالم اديب ٿي گذريا آهن، جن جو سنڌي ادب ۾ سٺو نالو ڳڻجي ٿو، لاڙڪاڻي وڳڻ روڊ تي پکي ڳوٺ کان ٽي ميل پنڌ ڪري ٽه دڳي تي پهچبو، جتان اولهه پاسي وڃڻ کپي، ڪجهه پنڌ کان پوءِ ديدڙ ڳوٺ اچي ويندو، ڳوٺ جي اوڀر ۾ کڏ ۽ اتر لنگهه ڍنڍ، جيڪا ضلع لاڙڪاڻي ۾ پکين جو موت ۽ رونشي ڪوڏين لاءِ شڪار گاهه رهي آهي، ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ گنهور شاخ ۽ قبرستان آهن، ساڳي وقت اولهه ۾ علي محمد ورک جو ڳوٺ آهي، لاڙڪاڻي شهر کان هي ماڳ 20 ڪلوميٽر پري آهي، هتي جو پاڻي کارو، وڻراهه چڱيري ۽ زمين زرخيز آهي.
ذاتيون:
سيد، سولنگي، سيال، ڪوري، ڪوريجا، مهاجر، منگي، مير بحر، ديدڙ، دايا، ڏهوٽ، شيخ، چوهاڻ، کٽي، نوناري، گهڻائي واري ذات ديدڙ آهن.

ڳوٺ ڊگهه سومر خان چانڊيو

ڳوٺ ڊگهه سومر خان چانڊيو

ضلع لاڙڪاڻي جي وڏي شاهوڙ مشهور ڊگهه ڍنڍ جي لڳ ڀڳ سومر خان چانڊيي معرفاڻي هي وسندي آباد ڪئي، جنهن ۾ نجا چانڊيا رهن ٿا، هن ڳوٺ جي اولهه ۾ ڊگهه ڍنڍ جو شڪار گاهه، ڏکڻ کان ٻير ڳوٺ ۽ ٺوڙهي ڳوٺ آهن، هتي ڍنڍ جي پاڻي جي ڪري سيلاب ۽ سم جام آهي، ان ڪري هتي جي ماڻهن جو روزگار زمين جي پوکي راهيءَ کان سواءِ هن ڍنڍ جي مڇي ۽ پکين جي شڪار مٿان گهڻو روزگار جو سهارو آهي، لوڙهه، ڪم، ڪوڻيون، بهه، ٽڪيون، جهنگلي گل ٻوٽا به جام ٿين ٿا، پکين جي شڪار لاءِ ديسي ماڻهو به ايندا آهن ۽ غير ملڪي سربراهه به پاڪستاني حڪومت جي ڪارندن جي دعوتن تي ڪانڍجي شڪار جو مزو ماڻيندا آهن، ڍنڍ مٿان سرڪاري بنگلا ٺهيل آهن.

هتي جون مشهور شخصيتون:
مولانا غلام عمر ولد سعد خان چانڊيو وڏو حڪيم ۽ عالم ٿي گذريو آهي.
علامه ڪريمداد ولد الهر کيه چانڊيو، جنهن دور حديث ديوبند کان حاصل ڪيو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ مشهور رهيو، هن جو وڏو درسگاهه بجار ۾ رهيو، جتان کوڙ سارا هن عالم پيدا ڪيا.

ڳوٺ ٺوڙهي بجار

ڳوٺ ٺوڙهي بجار

هيءَ وسندي قنبر شهر جي اولهه پاسي ۾ 12 ڪلوميٽر پري آهي، اوڀر ۾ روڊ ۽ کڏ آهي، باقي پاسن کان وچولي قسم جي زمين آهي.
ڪنهن سمي هي پرڳڻو گاهه پيدا ڪندڙ هو، وسندڙ ويءُ مٿان مالوند ماڻهن جا ڦيرا هوندا هئا، خاص ڪري تونيا ذات جا ٻه پاڙا هتي مال چاريندا هئا، هو هن جو ءِ جا ڏاڍا هيراڪ ٿي ويا، تونين جي هڪ پاڙي جو نيڪ مرد بجار ۽ ٻئي جو چڱو مڙس سهراب هوندا هئا، انهيءَ گاهه جي ميدان مٿان ٻه دڙا هئا، بجار تونيي جي هڪ مينهن سڱن کان ٺوڙهي هوندي هئي، جيڪا صبح جو هڪ دڙي تي ۽ شام جو ٻئي دڙي مٿان ويهڪ ڪندي رهندي هئي، ڪافي وقت کان پوءِ ٻنيهن پاڙن پاڻ صلاح مشورو ڪري هڪ دڙي مٿان دائمي ٿاڪ ڪري ويهڻ جو پڪو پهه ڪيو، پر اڳتي هلي سهراب گڏيل بيٺڪ کان نڇڙي جدا ٻئي دڙي مٿان پنهنجا ماڳ مچائي ويهي رهيو، ان ڪري هڪ دڙي واري ويهڪ جو نالو ٺوڙهي بجار ۽ ٻي بيٺڪ جو ٺوڙهي سهراب سڏجڻ لڳو، الڳ الڳ ٻه ڳوٺ ٿي ويا، هندن جي دور ۾ 1947ع کان اڳ ۾ هندو ڳچ رهندا هئا، جيڪي سونارڪو ڌنڌو ڪندا هئا ۽ مسلمانن مان ڪيترا وري ڊکاڻڪو ڪم ڪندا رهندا هئا، هي ڳوٺ اصل کان هن وقت تائين چڱي سڌاري ۾ رهندو اچي ٿو، پراڻي دور ۾ مسلمانن مان بجار ۽ مانجهي تونيا رئيس سڏبا هئا، جيڪي گهڻو هاڪارا هئا، ساڳي وقت هندن جا مکي به وڏي عزت ۽ شان سان پڌر پيل هئا، ديني تعليم هتان جي پوري قنبر تعلقي ۾ مشهور رهي آهي، هاڻي به هتي تڏا، وڃڻا، پنڊيون، کارا ۽ برٿ جو ڪم سٺو هلي ٿو.
ذاتيون:
تونيا، سپرا، سومرا، ڪوري، بروهي، مگسي، شيخ، چانڊيا گهڻائي ۾ تونيا ذات آهي.

ڇڄڙا ڳوٺ

ڇڄڙا ڳوٺ

هي ماڳ ڇڄڙا ذات جي نالي تي اڏايو ويو، تعلقي قنبر جي آباد ۽ خوشحال وسندين مان هڪ شاهوڪار ۽ امن پسند ڳوٺ آهي، قنبر شهر جي اتر پاسي 3 ڪلوميٽر پنڌ تي آهي، هن ڳوٺ جي زمين ڏاڍي ڀلي آهي، نور واهه جي پاڻيءَ تي آبادي ٿيندي رهندي آهي، ڳوٺ ۾ سبزي ۽ باغات هئڻ ڪري، هتي جا ماڻهو معاشي حالتن ۾ رڱيل آهن ۽ ساڳئي وقت سڄو سڄو ڏينهن زمين ۾ واڙي وکري پوکڻ ۽ ان کي نيڪال ڪرڻ ۾ سدائين رڌل رهن ٿا، هر هڪ ماڻهو سکيو ستابو ۽ سائو ڊائو رهي ٿو، علم ادب جي ڏس ۾ به هي ڳوٺ گهڻو اڳرو رهيو آهي.
ذاتيون:
ٻرڙا، جوڻيجا، ڀٽا، ميمڻ، ڇڄڙا، سڀ کان جهجهي ذات ڀٽن جي آهي.

گهٽهڙ ڳوٺ

گهٽهڙ ڳوٺ

ڳوٺ جي چئن پاسن کان کڏون آهن، ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دڳ آهن، جن دڳن کي گَهَٽ چون ٿا، هن ماڳ جي بچاءُ لاءِ جيڪڏهن اهي ٽي دڳ گهاٽ جهلي بيهبا ته ڳوٺ جا اندريان اندر ۽ ٻاهريا ٻاهر رهجي ويندا، اهڙي ريت گهٽهڙ جي معنيٰ گهٽ= دڳ، لنگهه، رستو. هڙ معنيٰ سوگهو جهلڻ، رستا بند ڪرڻ وغيره آهي. گهٽهڙ معنيٰ رستا روڪڻ، بند ڪرڻ آهي، پراڻي دور ۾ افغاني سنڌ ۾ ڪاهي شهر ۽ ڳوٺ ڦريون آرام سان هليا ويندا هئا، انهن گهلرن ۽ ڦورن کان هي ڳوٺ سلامت رهندو هو، ڇو ته ڳوٺ وارا ڳوٺ ۾ ٽي گهاٽ سوگها جهلي ڌاڙيلن جو آساني سان مقابلو ڪري سگهندا هئا.
گهٽهڙ ڳوٺ جي اولهه ۾ ڳوٺ ٻير، ڳوٺ هني ۽ گوپانگن جا ڳوٺ آهن، اوڀر ۾ مکيه شاهي روڊ لاڙڪاڻو ڪراچي، ڏکڻ ۾ گٺ ۽ اتر ۾ ڪور متل، ڏيرن ۽ مغيرن جا ڳوٺڙا آهن، گهٽهڙ شاهي روڊ کان ٻه ڪلوميٽر اولهه تي پرڀرو آهي، هتي جي زمين زرخيز ۽ آباد آهي، هر فصل ڦاٽي پوي ٿو، ان ڪري ماڻهو خوشحال ۽ ڊايل آهن. هتي جي خوشحالي، واپار ۽ ڌنڌي جي ڪري پهاڪو ٺهي چڪو آهي:
”جي ثمر نه هجئي ساڻ، ته گهري پئه گهٽهڙ ۾“
چوڻي جو مقصد مراد آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي روزگار نه آهي، بي روزگار آهي، ۽ هن جو وقت تنگ گذري ٿو ته ان کي مشورو ٿو ڏجي ته گهٽهڙ ۾ پهچ، ته پنهنجو روزگار ٿيندو رهندو ۽ تون خوشحال ٿي ويندين.
ٽالپر دور حڪومت ۾ محمد يعقوب ٻرڙو ڪاردار هوندو هو، جنهن وٽ سرڪاري نموني جيل (ڪاٺ) هوندو هو، چور، ڌاڙيل، ڏوهي ماڻهو کي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ جيل ڪاٺ ۾ وجهي ڇڏيندو هو.
پراڻي دور ۾ هتي جا سڳداسي چانور ضلع لاڙڪاڻي ۾ پڌر پيل هئا، گهٽهڙ شهر جي جامع مسجد حاجي گل محمد ٻرڙي جي ٺهرايل گهڻو مشهور آهي.
1962ع ڌاري تعلقي قنبر جو بدنام ڌاڙيل پيارو گوپانگ هن ڳوٺ ۾ هڪ جاءِ تي رهيل هو، جنهن جي پوليس جاسوسي ڪرائي، هن مٿان ڇاپو هنيو، جنهن ۾ شهدادڪوٽ جو صوبيدار محمد بخش ميمڻ ۽ ضلع لاڙڪاڻي جا چونڊيل دلير صوبيدار پوري پوليس سان پياري گوپانگ مٿان گهيرو ڪري ويا، ڪافي وقت مقابلو هليو، ڌاڙيل جاءِ جي اندران وڙهندو فائر ڪندو رهيو، نيٺ پوليس جاءِ مٿان چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي، ڇت مان گرکو ڪري بي هوشي جي گيس ذريعي هن مٿان قابض ٿيا ۽ کيس ٿڏي تي ماري ڇڏيائيون.

گهٽهڙ جا شاعر:
فقير محمد ٻرڙو
يا حمايت حضرتا تارس مير تون
پهچ پارس پير دستگير تون
پير محمد معشوق شاهه راشدي
هن شاعر مولانا همايوني بزرگ شاعر جي طرز ڪلام تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
تنهنجي حسن مليح خداداد مٿي
دلدار هزارين مان نه رڳو
گهٽهڙ جون ذاتيون:
بروهي، بردي، ٻرڙا، ڪوري، ڪنڀر، موچي، مڱڻهار، گڊا، ٽوٽاڻي، ڀٽا، وڪا، سيد، شيخ، ڊکڻ، ٻرڙا ذات جو انگ سڀ ذات کان جهجهو آهي.

بند جاگير ڳوٺ

بند جاگير ڳوٺ

سنڌ جي قنبر تعلقي ۾ کيرٿر جبل کان چار نيون برسات جي موسم ۾ ڦاٽي نڪرن ٿيون جن جو تيز وهڪرو ڀرپاسي واريون ايراضيون وسنديون ۽ واهڻ ٻوڙي ڇڏين ٿيون، انهن نين جي وهڪرن کان بچائڻ لاءِ جاگير ڳوٺ کي اولهه پاسي کان بند اڏيو ويو آهي، ان ڪري هن وسنديءَ کي ”بند جاگير ڳوٺ“ چوندا رهن ٿا.
موسمي نين جا نالا:
نئين کچي.
نئين دڙپ.
نئين وهندڙي.
نئين تنيي.
بند جاگير جون حدون:
ٽن طرفن اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ مڇيءَ جا فارم ٺهيل آهن ۽ اولهه پاسي ڳوٺ جي بچاءُ لاءِ شاهي بند ڏنل آهي.
هيءَ ڳوٺ قنبر دوست علي روڊ سان هلڻ ٿيندو، دوست علي بنگلا کان هن وسنديءَ تائين 30 ڪلوميٽر پنڌ جملي ٿئي ٿو، زمين وچولي قسم جي آهي، سم سيلاب ڪافي حد تائين هتي رهي ٿو، هن ڳوٺ ۾ ٻه ذاتيون وسن ٿيون چانڊيا ۽ پرڏيهي، هي پرڏيهي سنڌ کان ٻاهر جا رهاڪو چيا وڃن ٿا، ڪنهن دور ۾ هو پنجاب جا رهاڪو هئا، اتان ڪنهن سانگي لڏي بند جاگير ۾ اچي رهيا، ان ڪري هتي جا ماڻهو کين پرڏيهي ، پرڏيهي چئي کين پرڏيهي ذات وارا ٺهرايو آهي.

ڀولا ڪلهوڙا ڳوٺ

ڀولا ڪلهوڙا ڳوٺ

ڪلهوڙا ذات سنڌ ۾ حاڪم گهراڻو ٿي گذري آهي، هنن پنهنجي فوج بدران ۾ سنڌ کان ٻاهريان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪيا، جن ۾ ٽالپر ذات به هئا، پهرين ته ٽالپر ڪلهوڙن جا مريد ۽ مڃتا وارا ماڻهو ثابت ٿيا، تنهن ڪري سنڌ جي لشڪر ۾ کين وڏا وڏا عهدا ڏنا ويا، پوءِ اڳتي هلي سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪم سرفراز خان کان غلطي ٿي چڪي، جنهن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان بعد سندس خاندان مان غلام نبي ڪلهوڙو، عبدالنبي ڪلهوڙو حاڪم به هڪ ٻئي پٺيان وڏيو ن وڏيون غلطيون ڪري سنڌ پنهنجي هٿان وڃائي چڪا، ان ڪري سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا، جن ڪلهوڙن جون سڀ رعايتون کسي ورتيون، مٿن سخت دٻاءُ رکيو، ايستائين جو ڪلهوڙن کان حڪمراني دماغ مان وسري ويئي، جن ڳوٺ ۽ شهر ڇڏي سير سفر ۾ وقت گذاريو، ڪن سرودن جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ڪن رڇ، ته ڪن ڀولا ڌاري گذر ڪيو ٿي، ڪي اڃا زمين سان شامل رهيا، اڳتي هلي پاڻ سنڀالي ويا.
ڀولا ڪلهوڙا ڳوٺ وارا، ڀولا ڌاري، ڀولن کي سکيا ڏئي ڪرتب ڪرائيندا هئا، ڀولن جي ڪرتبن ڏسڻ سان ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا، جنهن جي عيوض ۾ ماڻهو ڏسندڙ کين خيراتون ڏيندا هئا، جن تي هو گذارو ڪندا هئا.
ڳوٺ مستطيل زمين مٿان کنيل آهي، ڳوٺ جي اوڀر پاسي نئون ڳوٺ، اولهه ۾ ڪلراٺو ميدان، اتر ۾ زرخيز زمين، ڏکڻ ۾ کڏ ۽ لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ، هيءُ ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان 22 ڪلوميٽر پري آهي، برٽش دور حڪومت ۾ ماهي خاصخيلي هن ڳوٺ ۾ وڏو ڌاڙو هنيو هو.
ذاتيون:
بردي، ڀٽا، خاصخيلي، ڪلهوڙا، مير بحر، مغيري آهن، گهڻائي واري ذات ڪلهوڙا آهي.

خيرپور جوسو

خيرپور جوسو

ڪنهن سمي درياءَ سنڌ جو وهڪرو هن ڳوٺ جي ڀرسان وهندو هو، هن وسنديءَ مٿان مير بحر رهندا هئا، مير بحرن جو چڱو مڙس يوسف مير بحر نالي هوندو هو، جنهن کي ”جوسو“ ڪري سڏيندا هئا، ان ڪري هن وسنديءَ جو نالو ”خيرپور جوسو“ مشهور ٿي ويو.
ٽالپر دؤر ۾ سري کان اسراڻن جو چڱو مڙس جهونگل خان هن ڳوٺ ۾ لڏي آيو، جهونگل خان اسراڻ کي ٽالپرن جاگير ڏني، ان ڪري هو هتي جو زميندار ۽ جاگير دار ٿي ويو، ڪن قبيلا ۽ ذاتين جي ماهرن جي تجزئي مان ڄاڻ ملي ٿي ته اسراڻ به مير بحرن جي خاندان ۾ شامل ٿين ٿا، هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان 17 ڪلوميٽر پري آهي، لاڙڪاڻو وڳڻ روڊ هن ڳوٺ مان لنگهي ٿو، ڳوٺ روڊ ٻن حصن ۾ ڇني ڇڏي ٿو، هي وسندي اتر کان ڏکڻ ۾ مستطيل نموني آهي، رائيس ڪئنال تي آبادي ٿئي ٿي، زمين وچولي، پاڻي مٺو، وڻراهه جهڪي آهي.

ڍنڍ لنگهه:
هي ڍنڍ، ڊگهه ڍنڍ کان پوءِ ضلع لاڙڪاڻي ۾ ٻئي نمبر تي وڏي ڍنڍ آهي، هن وقت هن ڍنڍ ۾ گهڻي ڀاڱي پوک جي آبادي وڌندي وڃي ٿي.

ذاتيون:
اسراڻ، سيد، سهتا، ساند، سيال، ڪنڀر، ڪلهوڙا، ميربحر، مهيسر، مغيري، بروهي، ڀٽا، ڀٽي، ديدڙ، دايا، لاڙ، لاشاري، چن، جمالي، کک، اسراڻ وڏي ذات آهي، ۽ کين ڳوٺ جي زمينداري به آهي.

شخصيت:
خانبهادر غلام محمد خان ولد اسراڻ خيرپور جوسو 2 ربيع الاول 1300هه تي ڄائو، پنج درجا پرائمري اسڪول آبائي ڳوٺ ۾ پڙهي، پنج درجا انگريزي مدرسا هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو، پارسيءَ جي تعليم به ورتائين.

لنگهه ڍنڍ:
هيءَ ڍنڍ 20 ايڪڙ کن ايراضيءَ ۾ پٿريل آهي، ”لنگهڻ“ مصدر جو اسم ”لنگهه“ آهي، جنهن کي لانگهو به چئبو آهي، لنگهه يا لانگهو معنيٰ اچڻ وڃڻ جو چارو، رستو، راهه، دڳ وغيره آهي، پراڻي دور ۾ ڍنڍ وارو ميدان عام لانگهو هوندو هو، جڏهن هن جاءِ تي پاڻي جهجهو جام رهيو، ۽ ٻارهن مهينا پاڻيءَ جو ڇڇ ڀريو رهيو، تڏهن ڍنڍ، تلاءُ ٺهي پيو، هن مٿان پراڻو نالو ”لنگهه ڍنڍ“ ڌريو ويو، هاڻي لکت توڙي عام زبان تي ”لنگهه ڍنڍ“ ٺهي چڪو.
سياري جي مند ۾ ڪيترائي قسم هزارين پرڏيهي پکي هن ڍنڍ تي اچن ٿا، جيئن ته سائيبريا روس ۾ سياري جي سردين ۾ گاهه گند سڙيو وڃي، ان ڪري هتان پکي هجرت ڪري سنڌ جي ڪيترين ڍنڍن مٿان لهن ٿا، اهڙي ريت هن ڍنڍ لنگهه تي به اچي خوراڪ حاصل ڪن ٿا ۽ پنهنجو نسل به وڌائين ٿا، هن هنڌ مٿان پکين کي چوڳو ۽ کاڌو ملي ٿو، آنا ٻچا ڪن ٿا، کين امن سڪون ملي ٿو، سڄو سيارو هتي گهاري، لٿي سياري پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽ ڪن ٿا.
پاڪستاني سربراهه 1970ع تائين هر سياري جو هن ڍنڍ مٿان ڦيرا ڏيندا هئا، جتي پکين جي موت جي دعوتن مٿان پرڏيهي ملڪن جي سربراهن کي شڪار جي ڪوٺ ۾ شامل ڪندا هئا، هي ڍنڍ ملڪي توڙي غير ملڪي سربراهن جي پسنديده شڪار گاهه رهي آهي، هن ڍنڍ مٿان ٻاهرين سربراهن کي رهائڻ لاءِ سٺا بنگلا جڙيل آهن، ۽ وزيٽرس بوڪ به پڻ رکيل آهن، جن تي شڪار ڪندڙ سربراهن جا تاثرات قلم بند ٿيل آهن، هي لنگهه ڍنڍ خيرپور جوسي، تعلقي قنبر ۾ آهي، وزيٽرس بوڪ ڏيکاريندو آهي ته مقرر ڪيل شڪار واري تاريخ تي ملڪي سربراهه ۽ هن جي ساٿين ڪيترن مهمان پکين کي موت ڏنو، هر هڪ ڪيترا پکي ماريا ۽ ڪهڙي ڪهڙي جنس جا پکي قتل ڪيا ويا وغيره.

ڳوٺ نور محمد آچو

ڳوٺ نور محمد آچو

ڳوٺ جو بنياد وجهندڙ نور محمد آچو ذات وارو هو، قنبر شهر کان اولهه پاسي 8 ڪلوميٽرن پنڌ تي آهي، ڳوٺ گولائي نموني تي کنيل آهي، وڻراهه وارو ۽ زمين ڀلي آهي، 1988ع ۾ هن وسندي جا گهر 100 هئا، جن ۾ 800 کن ماڻهن جو ميڙ هو.
ذاتيون: بروهي، چانڊيا، آچا، سيد گهڻائي ۾ آچا ذات آهي.

ميان علي شير چانڊيو ڳوٺ

ميان علي شير چانڊيو ڳوٺ

هيءَ بستي ميان علي شير جي ڄمڻ کان اڳ جي اڏيل هئي، هن ڳوٺ کي کڙي ڪرڻ ۾ ميان علي شير جي والد فقير محمد چانڊيي جي ڪوشش هئي، جيئن ته ميان علي شير هن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، پر هر ماڻهو پنهنجي ڪردار ۽ عمل جي خوشبوءِ جي ڪري، عوام ۾ گهائل، مائل ۽ پسنديده ٿي وڃي ٿو، هي عالم باعمل، نيڪ سيرت، بزرگ ماڻهو هوندو هو، ان ڪري ڳوٺ وارن هن وسنديءَ جو نالو ”ميان علي شير چانڊيو ڳوٺ“ ڌري ڇڏيو، قنبر تعلقي جي هڪ ٻهراڙي آهي، قنبر شهر کان اولهه پاسي دوست علي روڊ سان هي واهڻ پوي ٿو، ڳوٺ اتر کان ڏکڻ پاسن تي مستطيل نموني ٻڌل آهي، زمين ڪجهه ڀاڱي چڱي باقي ڪلراٺي آهي، پاڻي کارو، هن آبادي جي ڀرپاسن ۾ ٻٻر، ڪنڊي ۽ ٻير جا وڻ جهجها آهن.
ذاتيون: 1978ع ۾ خاصخيلي، مير بحر، شابراڻي، چانڊيا آهن، گهڻائي ۾ چانڊيا ذات آهي.

ميان علي شير چانڊيو

ميان علي شير چانڊيو

سندس والد جو نالو فقير محمد چانڊيو، جنهن کي 1222هه ۾ ميان علي شير فرزند عطا ٿيو، ديني تعليم لاءِ درسگاهه شهداد ڪوٽ ۾ ويهاريو ويو، جتان هن فيض فضيلت سان دستار بندي ڪري ورتي، هي شاعر، مدرس، مبلغ، متقي ۽ پر هيز گار ماڻهو ٿي رهيو.
هڪ ڀيري پنهنجي ڳوٺ مان ڏٻري گهوڙي تي چڙهي، بنا ڏوڪڙن جي حج ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتو، اتي هن کي هڪ نابينا ڪلام پاڪ حافظ مليو، جنهن وٽ هو مهمان ٿي رهيو، ڏيٺ ويٺ ڪرائڻ ۾ هن حافظ ميان علي شير کي چيو، ته توهان جي هتي اچڻ کان اڳ ۾ مان ننڊ ۾ توهان جي آرين پارين ۽ ڏٻري گهوڙي تي سوار کي خواب ۾ ڏٺو تاڙيو، مون کي چيو ويو ته بنا ثمر جي هڪ ماڻهو حج جي ذوق ۾ پيو اچي، ڪراچي پهچڻ وارو آهي، ان لاءِ هڪ هزار ٺاهي تيار ڪر، اچڻ سان کيس خيرات ڏئي ڇڏ، هي هزار رپيا قبول پون، انهن ڏوڪڙن سان ميان علي شير حج ڪري ماڳين پهتو، 80 ورهيه گهاري 1302هه ۾ الله تعاليٰ کي پيارو ٿي ويو.

ڳوٺ ڪور سليمان

ڳوٺ ڪور سليمان

نور واهه جي هڪ شاخ جو نالو ڪور سليمان آهي، چيو وڃي ٿو، ته سليمان نالي هڪ کوسو ذات جو هن ڪور مٿان بيلدار هو، جنهن بيلدار جي نالي پٺيان ڪور سليمان پڌرو ٿيو، جڏهن ته هن ڳوٺ ۾ کوسو ذات جو ڪو هڪ فرد به نه آهي، وري ٻي روايت ۾ هتي جا ماڻهو زور سان چون ٿا، ته هن ڳوٺ جو زميندار سليمان ڊکڻ (سومرو) هو، جنهن پنهنجي زمين کي آباد ڪرائڻ لاءِ نور واهه مان هڪ شاخ منظور ڪرائي ۽ ساڳي نالي تي ڳوٺ به هو ۽ شاخ کي ڪور سليمان چيو ويو، هن ڳوٺ جي اتر ۾ سم شاخ ۽ ڏکڻ اتر طرفن کان عام رستا به آهن.
هي ڳوٺ قنبر شهر کان 15 ڪلوميٽر پري آهي، قنبر دوست علي روڊ سان وارهه بئراج تي پهچي، اتان سر اولهه هڪ سڙڪ (1978ع ۾) نڪري ٿي، جتان مينهل شابراڻي ڳوٺ رسي، لاڙو کائي ، هن ڳوٺ پهچي سگهجي ٿو، ڳوٺ ۾ وڻراهه، زمين ڀلي، پاڻي مٺو.
ذاتيون:
سومرا، سيد، شيخ، شابراڻي، ڪنڀر، ميربحر، مڱڻهار، گڊا، چانڊيا، جتڪ.
عبدالمجيد سومرو زميندار:
ڪور سليمان جو هاڪارو، سخي ديندار زميندار، عبدالمجيد سومرو قنبر تعلقي جي ڀليري شخصيت هو، ڪمزور ذاتين جو خير خواهه ۽ بهادر ماڻهو هو، پوري تعلقي ۾ مشهور رهيو، هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني درسگاهه کولايو، جنهن جي هڙان وڙان هر وقت مدد ڪندو رهندو هو، خلافت تحريڪ جي شوريٰ جا ميمبر هن ڳوٺ ۾ اجلاس ڪندا هئا، ساڳئي وقت خلافت تحريڪ وارن جي به امداد ڪندو رهندو هو، هن جي وفات کان پوءِ هن جو پٽ علي گوهر سومرو زمين کي عيش عشرت ۾ کائي کپائي ويو، آخر ۾ گهر جي جاءِ مير محمد يوسف مري بلوچ کي وڪرو ڪري پنهنجا پَلَو آجا ڪيائين، هاڻي هن ڳوٺ جا زميندار شابراڻي آهن.

ڳڙهي خير محمد ڪرٽيو ڳوٺ

ڳڙهي خير محمد ڪرٽيو ڳوٺ

هي ڳوٺ سرائي خير محمد ڪرٽئي ٻڌايو، جنهن جي هڪ ڌاريل طوطي هن کي هٿ ۾ چهنب سان چڪيو، انهيءَ چَڪَ مان ڦٽ ٿيو جنهن ناسور جي شڪل اختيار ڪئي، اڳتي هلي، هي درد بيماري هن جي موت جو ڪارڻ بڻي.
قنبر شهر کان غئبي ديري روڊ سان وارهه بئراج وٽ پهچي وارهه جي ٽاپ وارو رستو ڏکڻ پاسي ڏئي ٻه ڪلوميٽر کن وڃي ڪري، اتان اولهه طرف هڪ ڪلوميٽر هلجي ته هن ڳوٺ تي رسي سگهجي ٿو، هي ڳوٺ قمبر شهر کان 15 ڪلوميٽر پري آهي، ڳوٺ جي اوڀر ۾ وارهه بئراج آهي، ڳوٺ جي زمين وارهه بئراج تي آباد ٿيندڙ نهايت زرخيز آهي، ڳوٺ جو پاڻي کارو آهي.
ذاتيون:
ڪرٽيا، ٽوٽاڻي، ٺوڙهياڻي، خاصخيلي، سومرا، گهڻائي ۾ ڪرٽيا ذات آهن.

ڳوٺ مينهل شابراڻي

ڳوٺ مينهل شابراڻي

هي ڳوٺ مينهل نالي شابراڻي ذات جي آباد ڪيو، جيڪو ديهه ڪڙيو مراد علي، يونين ڪائونسل دوست علي ۾ آهي، هن ماڳ جي اتر ۾ رستو، ڏکڻ ۾ ڦٽل واهه، اولهه ۾ کڏ آهي، مراد علي ولد مينهل شابراڻي وڏو بهادر ماڻهو ٿي گذريو آهي، جڏهن چانڊين ۽ رندن جي لڙائي لڳي، انهيءَ ويڙهه ۾ هن چانڊين جي طرفداري ڪئي، جنگ ۾ مراد علي شابراڻي چانڊين جي پاران جهنڊو کڻندڙ هو، ”شابراڻي جهنڊي ڌڻي“ هڪ چوڻي جڙي چڪي، هي مهاڏو چانڊين کٽيو ۽ رندن هارايو، هي وٿاڻ قنبر شهر کان 13 ڪلوميٽر پري پوي ٿو، قنبر شهر کان اولهه طرف ڏهه ڪلوميٽر دوست علي روڊ سان هلي وارهه بئراج تي پهچبو، 3 ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي هلي هن ڳوٺ ۾ رسي سگهجي ٿو.

ذاتيون:
شابراڻي، ٽوٽاڻي، لاڙائي، سپڙا، بروهي، انصاري، شابراڻي جهجهي انگ ۾ آهن.

عبيد الله لاکو:
عبيد الله ولد مولوي محمد ايوب ولد زميندار يار محمد لاکو آڪٽوبر 1923ع ۾ رب رکيي لاکي ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ هوش سنڀاليائين، هن ڳوٺ واري ديني درسگاهه ۾ پارسي نصاب پڙهي پورو ڪيو، هن لاڙڪاڻي شهر جي قادرين مان شادي ڪئي، ان ڪري هن جو لاڙڪاڻي شهر سان گهرو ناتو رهندو آيو، لاڙڪاڻي سياست ٻن ڌڙن ۾ ورهايل هئي، هڪ ڌڙي جو ليڊر قاضي فضل الله ۽ ٻئي جو خانبهادر محمد ايوب کهڙو هو، ان سياسي ڌڙا بندي جو مسٽر عبيد الله لاکو شڪار ٿي ويو، هن کي ضلع بدر ڪيو ويو، ان ڪري لاڙڪاڻو ڇڏي هو دادو شهر ۾ رهڻ لڳو، هي ليکڪ ۽ اديب دوست هوندو هو، دادو شهر ۾ بنا دير پنهنجو مقام ٺاهي ويو، جتي ميونسپل دادو اليڪشن ۾ حصو ورتائين، دادو ميونسپل جو ڪائونسلر چونڊجي ويو، 1951ع ۾ دادو شهر مان هفتيوار ”اخبار صداءِ حق“ ڪڍندو هو، جيڪا اڳتي هلي هن جي مخالف حڪومت بند ڪري ڇڏي، ان کان پوءِ 1955ع ۾ ٻي ”اخبار محافظ مهراڻ“ جاري ڪيائين، اها 1959ع ۾ پاڻ کي بند ڪرڻي پئجي وئي، مسٽر عبيد الله لاکو زميندار، سٺو ليکڪ، اديب، ذهين، وڏو خوداعتماد، ۽ بهادر ماڻهو هوندو هو، هن ٻه شاديون ڪيون، هڪ پنهنجن مان ٻي ڌارين قادرين مان شادي ڪيائين، 56 سال جي عمر ۾ 1979ع ۾ وفات ڪري ويو.

سيد گل محمد شاهه راشدي:
سيد والد جو نالو سيد حسين شاهه راشدي هو، سندس دائمي رهائش علي خان قنبر ۾ هئي، سيد گل محمد شاهه راشدي 1908ع ڌاري پيدا ٿيو، هو پنهنجي وقت جو وڏو ناليوارو حڪيم ٿي گذريو، حڪمت سندس خانداني پيشو هئي، حڪمت دانائي کان سواءِ ڪچهري ۽ محفل جو مور هوندو هو، رهاڻ ۾ ديني نصيحتون هن جو ترجيحي ذوق رهيو.

سندس تعليم:
مدرسي ارشاد العلوم علي خان کان شروع ڪري ڏنائين، جڏهن ته سيد گل محمد شاهه جي جاءِ مدرسي کان 30 وکن تي هوندي هئي، پوءِ به مدرسي جي دستور پٽاندڙ هر هڪ شاگرد کي هاسٽل ۾ ڇهه ڏينهن ۽ راتيون هڪ هفتي اندر رهڻو پوندو هو، فقط جمعي جي ڏينهن تي شاگرد پنهنجي گهر وڃي سگهندو هو، انهن شاگردن مان سيد گل محمد شاهه به هڪ هو.

مدرسي جي جاءِ:
پير تراب علي شاهه راشدي سيد علي خان شهر ۾ مدرسي کي هلائڻ لاءِ هڪ جاءِ ٺهرائڻ خاطر هڪ ايڪڙ زمين خريد ڪري، اها جاءِ علي خان شهر جي وڏيري علي حسن هڪڙي جي نالي تي دستاويز تيار ڪرائي ڇڏيو، مدرسي جي شاگردن جي پڙهائي جو حال، شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل، استاد ن جون رهائش گاهون،غسل خانا، جاءِ ضرورت لاءِ بندو بست، اسٽور روم وغيره تيار ڪيا ويا، هن اداري جو مئينيجر پير تراب علي شاهه هوندو هو، جيڪو استادن جون پگهارون، شاگردن ۽ استادن جي خوراڪ سان گڏ اداري جي هر ضرورت پوري ڪندو هو، مٿيون ادارو 17_1918ع کان شروع ٿيو، دين جا خير خواهه سخي زميندار عام ديني اداري کي هلائڻ لاءِ خيراتون، چندا وغيره ٿيندا رهندا هئا.
مدرسي ۾ عربي ۽ پارسيءَ جا به عالم مقرر هوندا هئا، سنڌي پڙهائڻ لاءِ هڪ ماستر ۽ حفظ لاءِ هڪ حافظ القرآن رکيل هئا، عربي پڙهائڻ لاءِ مدرس شمس القمر هوندو هو، جنهن جو نالو پير تراب علي شاهه راشدي مٽائي، شمس الحق رکي ڇڏيو، اڳتي هلي شمس الحق نالو مشهور ٿي ويو، مولانا شمس الحق بلوچستان جو وزير ٿيو، ان کان پوءِ پهاولپور رياست جو وائيس چانسلر اتي جي يونيورسٽيءَ جومقرر ٿيو.
پارسي پڙهائڻ جو استاد مولانا ولي محمد ابڙو کنڊو ڳوٺ جو مقرر ٿيو، جيڪو مدرسي ۾ شاگردن کي پارسي پڙهائيندو رهندو هو، مدرسي ارشاد العلوم ۾ مولانا شمس الحق جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اتر سنڌ جو مشهور مدرس علامه عبد الڪريم ڪورائي ڪٽبار مقرر ٿيو.
مذڪور مدرسي جي شهرت ۽ خلافت تحريڪ جي اڳواڻيءَ جي ڪري پير تراب علي شاهه سنڌ ۽ هند ۾ مشهور ٿي ويو، پير راشديءَ جي عوامي پڌرائي ۽ هاڪارائپ جي ڪري وڏيرا هَڪِڙا هن سان نا ٺاهه ٿي ويا، مدرسي جي بلڊنگ هڪڙن جي نالي تي هئي، ان ڪري اختلاف وڌي ويا، تعليم نه هلي سگهي، 1937ع ۾ مجبورن ادارو بند ٿي چڪو، مدرسي جي خالي جاءِ هئڻ ڪري ماڻهو گهر اڏي مدرسي مٿان قبضا ڪري ويهي رهيا.
سيد گل محمد شاهه راشدي انهيءَ اداري ۾ پارسي، عربي، سنڌي پڙهيو، 12 مارچ 1938ع تي مٿيون احوال سيد گل محمد شاهه راشدي جي مهربانين سان مليو.

گهوگهارو ڳوٺ

گهوگهارو ڳوٺ

تعلقي قنبر جو ڳوٺ، جنهن جي بيهڪ گولائيءَ تي کنيل آهي، هن وسنديءَ جي اولهه ۾ چيلو واهه اتر پاسي ڇهن ايڪڙن تي قبرستان آهي، ساڳي مقام ۾ گهوگهاري جو مقبرو به آهي، گهوگهارو ولد ڌڱاڻو هڪ ساهيٽو ماڻهو پنجاب مان پنهنجي ڪٽنب سان سنڌ ۾ لڏي هن ماڳ تي پهچي ويو، جتي دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، انهي وستيءَ مٿان پنهنجو نالو گهوگهارو ڳوٺ رکيائين، پنجاب ۾ هن خاندان کي ڀٽي سڏين ٿا، پر گهوگهاري ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ هنن ماڻهن کي مڱڻ ذات سڏين ٿا، ڳوٺ ۾ گهوگهاري جي پوين کي مڱڻ ذات سان چون ٿا.
لاڙڪاڻو وڳڻ وايا نصير آباد روڊ سان پکو ڳوٺ آهي، جتان لنڪ روڊ ٽي ميل ڏکڻ طرف وڃي ٿو، ان ساڳئي روڊ سان ٻٽيون موريون يا ٽي دڳ اچن ٿا، اتان اولهه پاسي ساڳي روڊ سان هڪ ڪلوميٽر تي گهوگهارو ڳوٺ پوي ٿو، 1988ع ۾ 300 گهر هئا، جن جي آدمشماري 4000 کن ٿيندي هئي، هي ڳوٺ سگداسي چانورن جي ڪري ضلع لاڙڪاڻي ۾ گهڻو مشهور رهيو آهي، هن وسنديءَ جو الهه رکيو ولد جعفر چانڊيو بدنام چور ٿي گذريو، برٽش دور حڪومت ۾ روزانو پوليس ٿاڻي جون حاضريون ڀريندو رهندو هو، هڪ ڀيري ڳوٺ ۾ مست اٺ ڇڙاوڳ ٿي ڳوٺ وارن جي ڪڍ ڊڪندو رهيو، ڳوٺ وارا جاين جي ڇتين مٿان چڙهي ويا، الهه رکيو زمين کان گهر ڏانهن آيو ٿي، ته گهٽي ۾ هن مٿان اٺ ڪڙدي ڪئي، هن مست اٺ سان لٺ جو مقابلو ڪيو، اٺ کي لٺيون کپائي ڏنائين، نيٺ هن کي لٺين جي ڌڪن سان پورو ڪري ڇڏيائين، هن وڙهاند ڳوٺ وارن کي حيران ڪري ڇڏيو، الهه رکئي جي هن ڪارنامي کي اڃا سوڌو ياد ڪندا رهن ٿا، هي جوڌو 1950ع ۾ هن فاني جهان کي ڇڏي ويو، ڳوٺ جو پاڻي کارو پر زمين ڏاڍي ڀليري آهي.
ڳوٺ گهوگهاري جون ذاتيون:
سيد، بروهي، ڀنڊ، ٻٻر، پيرزادا، خاصخيلي، چانڊيا، مري، مير بحر، مهاجر، مڱڻ، ڪوري، ڪلهوڙا، ڪنڀر، دايا، شيخ، گڊا، هاليپوٽا، کوکر، لوهر، لاشاري، نوناري، وڳڻ گهڻائي ۾ ذات مڱڻ آهي.
گهوگهاري ڳوٺ ۾ ادبي منڊليون:
هن وسنديءَ مان الله بخش مڱڻ سنڌ ۾ وڏي پايي جو سگهڙ ٿي نروار ٿيو، کيس ڄمندي ئي قدرت وڏي ڏيا ۽ ڏات سان اڏي ڇڏيو، هو منڍ کان اسڪول توڙي مڪتب جي تربيت ۽ سکيا کان ٽهندو رهيو، لکڻ ۽ پڙهڻ کان پري ٿي چڪو، مختلف روايتون ثابت ڪن ٿيون ته هي هڪ ذهين وڏو عالم ٿي گذريو، هن ڏس ۾ ڪيترائي هن جا عقيدت مند ۽ ڏاها شاگرد ٿي اڀريا، جن ۾ احمد خان چانڊيو، جيڪو پڻ پنهنجي استاد الله بخش مڱڻ جيان لکڻ ۽ پڙهڻ کان پاسيرو رهندو آيو، پر استاد جي مچايل ساهتيه سنگت هئي، جنهن جو گهوگهاري ۾ سگهڙ ڪچهريون ۽ رهاڻيون هلنديون هيون، جيڪي احمد خان جي لاءِ روح رچنديون مجلسون ثابت ٿيون، انهن ۾ ويهندي ۽ سڻندي سندس سيني ۾ ڄاڻ جو درياءَ ڇوليون هڻندو هليو، گلڻ فقير ڪوري گهوگهاري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ نڪري پڌرو ٿيو، ساڳي فيض جي درياءَ مان فيضياب ٿيو، شاهه محمد شاهن، چانڊيو، وڏي واکاڻ وارو شاعر ۽ سگهڙ ٿي ظاهر ٿي پيو، ان ريت هيءَ وسندي علم ادب ۾ سنڌ ساهتيه سنگت ۾ حصيدار ٿي پڌري رهي، جنهن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
الله بخش مڱڻ سگهڙ:
سندس والد رانجهڻ منڱڻ ڳوٺ گهوگهارو تعلقو قنبر ۾ 1895ع ۾ پيدا ٿيو، ڄمندي ڄام پر تعليم کان پري رهيو، سنڌ جو وڏو سگهڙ، سپورنج ۽ شاعر ٿي گذريو آهي، هن جا ڪيترائي شاگرد ٿي رهيا، جن ۾ گهوگهاري ڳوٺ مان احمد خان چانڊيو، شاهن چانڊيو ۽ گلڻ ڪوري هاڪارا رهيا، 1985ع ۾ 100 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پيرين سيرين ۽ ذوق سان گذاري ويو.
سندس ڏات جو هنر پيش ڪجي ٿو:
راڻي مومل ۾ جڏهن اهو عيب ڏٺو،
تڏهن ڪري ڪاوڙ پوئتي ٻانهه پير هٽيو،
مينڌري ڪاڻ مومل پنهنجو پاڻ پٽيو،
نينگر ناز لٽيو عجيب ڪاڻ الله بخش چوي.
ڀڃڻي: حضرت بي بي زليخا بت تي ڪپڙو وڌو ۽ حضرت يوسف عليه السلام جن پوئتي ڀڳا.

هيون تندون تنبوري تي،
جڙيون جوڙ وڏي جنسار،
تن مان چاڙهيائين هڪڙي،
هيس تکي جيڪا تار،
گوهر به گهري پيو، الله جي آڌار
اچي هڪ وار، ڏنو سر ڏياچ هو.
ڀڃڻي: چنڊ جو معجزو.
احمد خان چانڊيو سگهڙ:
عبدالحڪيم چانڊيي کي پنهنجي ڳوٺ گهوگهاري ۾ 1911ع ۾ احمد خان نالي پٽ ڄائو، اسڪول جي پڙهڻ ۽ لکڻ کان پري رهيو، جڏهن ته هن جو استاد الله بخش مڱڻ سگهڙ به اسڪول توڙي مڪتب جي سکيا کان پري رهيو، احمد خان الله بخش مڱڻ سگهڙ جي ڪچهرين ۽ رهاڻين ۾ ويهي ويهي رچي ريٽو ٿي ويو، هي الله بخش جو عقيدت مند شاگرد ٿي ويو، جنهن کان هن زباني علم گهڻو پرايو، ان ڪري ناليوارو سگهڙ ٿي اڀريو، 70 سال عمر جا ماڻي 1981ع ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو.
هن موصوف جي سگهڙائپ جو هنر هيٺ ڏجي ٿو:
هنر پهريون:
سڄڻ جي سڪ ۾ من هيس ماندو،
ايڏو سو احمد چوي هن سيني ۾ سانڍيو
الله پرين آندو، ٿيس چڱا چانڊيو چوي.
ڀڃڻي حضرت جابر جي ڳالهه.

هنر ٻيو:
هڪ ڏينهن حاڪم کي سائل ڪيو سوال،
هلي آيا ان هنڌ تي هيو جنهن سان قرب ڪمال،
ٻڌي هوت جو احوال عبرت ۾ پيا احمد چوي.
ڀڃڻي: سائين ڪريم جن ﷺ ۽ سائل گڏجي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله وٽ هلي آيا، کين فرمايائون ته گوشت جي ضرورت آهي.
گلڻ فقير سگهڙ:
گلڻ غمروز ولد محمد پريل ڪوري، ڳوٺ گهوگهارو جنم 1944ع سنڌي پرائمري 5 درجا اسڪول گهوگهاري ۾ پڙهيو، هن کان اڳ ۾ گهوگهاري جا ٻه وڏي ناليوارا سگهڙ ٿي گذريا جن ۾ الله بخش مڱڻ ۽ احمد خان چانڊيو هئا، گلڻ فقير مذڪور سگهڙن جي رهاڻ کان متاثر ٿي، سندن شاگردي قبول ڪئي، سگهڙ سنگت مان رچي شاعر ٿي ويو، پوءِ ته ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ شامل شريڪ ٿيندو رهيو.
شعر ۾ محنت، سنڌ دوستي، سينگار، ڏهس ساڳئي وقت مجازي محبت ۾ رچيل رهي ٿو.
سندس شعر ٻن سٽن کان چئن سٽن تائين سينگاريل آهي، هن جو شعري مداحون سنڌ جا سرتار وارا وڏي ذوق سان جهونگاريندا رهن ٿا.
ڪڙمت جي ڪار گذارين تي هن جي شاعري:
سج اڀرڻ کان اڳ ۾ يار،
اٿي ڪرين الا توهار،
قومي ٻچن لاءِ ڪرين پيو ڪار،
ڪونه ڪڏهن ڪرين انڪار،
توسان ساڻي آهه خدا، واهه ڙي هاري واهه ادا
وطن جي حب ۾ سندس تاثرات:
اي منهنجا وطن منهنجو توکي سلام آ،
تنهنجي ئي نام ساڻ ته منهنجو به نام آ،
ڪنهن وقت جي ضرورت توکي جي ٿي پوي،
ته منهنجو سر ۽ ساهه ٻئي توکي انعام آ.
گلڻ فقير سگهڙ جو هنر پيش ڪجي ٿو:
هنر پهريون:
عمر کنئي مارئي چست منجهارئون چاهه
سهڻي وڻيس سڀن ۾ وينگس ڏاڍي واهه
سيج ويهڻ جي سومرو پيو ريجهائي، وٺرائيس راهه
هوءَ اهڙي ڪم تي ڪوري چوي ڪامڻ ڪري نه ڪاهه
ڀڃڻي: جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام جن فرزند حضرت اسماعيل عليه السلام جن کي ڪاتي کڻي ذبح پيا ڪن، ته قدرت کان ڪاتي کي منع ٿي چڪي، ته نه وهه
هنر ٻيو:
ڪجهه ڏنائين ڪجهه ٻڌائين، ڏاهي کي ٿيو ڏک،
جانب تنهن جوءِ ڏي راڻي رکيو رخ
ڪنهن تي به ڪک ڪونه سهي ڪوري چوي،
ڀڃڻي: آزاريندڙ مائي بيمار ٿي چڪي، سائين ڪريم ﷺ جن کانئس پڇڻ ويا.
شاهن فقير چانڊيو:
شاهه محمد شاهن، اداسي ولد الهه رکيو چانڊيو 1946ع ۾ پنهنجي ڳوٺ گهوگهاري ۾ پيدا ٿيو، پرائمري اسڪول گهوگهاري ۾ پنج سنڌي درجا پڙهيو، ڳوٺ ۾ سگهڙ جي حيثيت سان سنڌ جي سگهڙ سنگت گهرائي ڪچهريون ۽ رهاڻيون ڪندو رهندو هو، انهيءَ رهاڻ جي ڪري هن کي شاعري جو ذوق جاڳي پيو.
سندس روزگار جو ذريعو:
اٽي جي مشين جو مستري آهي، جنهن تي گهر جو چرخو هلائيندو رهندو آهي.
سندس شعر جا نمونا:
محنت، وطن دوستي، سنڌ سان محبت، ڪي شعر مجازي حيثيت جا اٿس، شعر ٻه سٽا ۽ چوسٽا آهن،
ڪلام 1200 کن ٿي ويندا،
سينگار 100 شعر ٿي پوندا،
نظم 100 عدد تائين پهچندو.
شاهن فقير جي ڪلام کي گل حسن ميراڻي، مکڻو فقير، جلال چانڊيو ڳايو آهي، مذڪور شعر کان سواءِ مولودن مٿان به طبع آزمائي ڪئي اٿس،
محنت جي باري ۾ سندس طبع آزمائي:
محنت سان ڪر ڪڙمي پيار،
محنت ڪر تون محنت يار محنت سان ڪر ڪڙمي پيار
1. محنت ريءَ نه سرندي تنهنجي، باهه هميشه ٻرندي تنهنجي
ٻاجهه سان ٻيڙي ترندي تنهنجي،
توتي قوم جو آهي بار، محنت ڪر تون محنت يار،
2. محنت سان ئي مان ملي ٿو محنت سان ايمان ملي ٿو
محنت سان ڇا ڇا نه ملي ٿو
محنت آهي مزيدار محنت ڪر تون محنت يار
3. محنت تنهنجو شان ۽ شوڪت محنت تنهنجي دل جي فرحت
محنت ۾ آ تنهنجي عزت
محنت تنهنجي ڳل جو هار محنت ڪر تون محنت يار
4. محنت سان ئي ساريون ٿينديون هر جاءِ ڏسڻ لاءِ ٻاريون ٿينديون
ڪڻڪ مٽر جؤ جواريون ٿينديون،
پوءِ ڀلي ڪر وڻج واپار محنت ڪر تون محنت يار
5. محنت مشڪل کي ٽاري ٿي محنت ڳڻتي کي ڳاري ٿي
محنت ڏونگر بي ڏاري ٿي،
6. محنت مولا کي آ پياري حال حقيقت ٻڌاءِ هاري
محنت مديني ڪئي سرڪار،
محنت کان ٿيو ڪين ڪي آري محنت ڪر تون محنت يار
7. محنت سان رک پيار اداسي ته دل ٿي تون تيار اداسي
محنت ڀلو پار اداسي
چڱا چون ٿا چوڌار محنت ڪر تون محنت يار.

وطن دوستي مٿان خيال آزمائي:
اسان جو وطن پيارو وطن
جڏي جيءُ جو آ جيارو وطن
سرءَ منجهه سهڻو بهار ۾ بهار
ڇا سانوڻ سونهين ٿو سيارو وطن
اسان جي وطن جا عجيب آدمي
نئون نينهن نازڪ نظارو وطن
سدا سر سبز سائو ۽ آباد آ
غريبن جو آهي گذارو وطن
اسان جي وطن جي نشاني عجب
آ پرچم حلال وستارو وطن
منهنجي ساهه سر جو سهارو اداسي
سدا سونهن وارو سوڀارو وطن
اسان جي وطن ۾ آهي هر خوشي
اکين ٺار اندر اوجارو وطن
هاريءَ جي واکاڻ جهڙي جاکوڙ مٿان تعريفي تڪبندي:
واهه ڙي هاري دلبر هاري جڳ ۾ تنهنجي محنت جاري
محنت تنهنجي من جو زيور محنت تنهنجي رب کي پياري

هاري پنهنجو هر سنڀال داتا تنهنجو آ رکوال
تنهنجي محنت الله ڄاڻي خلق بنائي خوش حال

اسان جي وطن جو آ ڪڙمي قرارو. محنت سان آ جنهنجو هميشه گذارو
محنت سان ان جي وڏي آ محبت. اٿس عار ان کان نه سانوڻ سيارو

فرض ڪر ته هاري انسان آهي هلائي ٿو هر کي بيشڪ جوان آهي
اداسي جي توکي هميشه دعا آهي خدا تنهنجو نگهبان آهي
تتي ٿڌي جي نه پرواهه هن کي هاري جو مولا نگهبان آهي
سنڌ اسان جي سدا سوڀاري جنهن ۾ آ خوش هاري ناري
سنڌ اسان جي جيجل آهي سنڌ جي ساوڪ ساهه کان پياري
هر ماڻهو سنڌ جو مزيدار آهي ڪو مسڪين آ ڪو زميندار آهي
پگهار دار پورهيت عملدار ڇا ڪڙمي به اڪثر قربدار آهي.

شاعر جي سرائيڪي ٻولي ۾ طبع آزمائي:
تون سهڻا تيڏي وصف سهڻي
تيڪون سهڻي دا سردار آکان
سر دا پتلا تيڪون ڪران ياد تيڪون
ڳلي دا هار آکان
تون حال دا محرم يا ميڏا
تيڪون روح اکين دا ٺار آکان
رخ روش محبوب دا شاهن اتي
بدن باغ بهار آکان.

ڪور سليمان ڳوٺ ۾ ديني مدرسي ۽ سنڌي پرائمري اسڪول جو ٽڪراءُ ٿيو:
هن ڳوٺ جو ناليرو زميندار محمد خان سومرو پنهنجي تعلقي قنبر ۾ هاڪارو هوندو هو، جنهن جي سنگت ۽ صحبت پير تراب علي شاهه راشدي سان لڳندي هئي، پير صاحب انگريزن جو ڪٽر مخالف ۽ خلافت تحريڪ جي مشهور بانين مان هڪ مجاهد اڳواڻ هو، جنهن سنڌ ۽ هند جي خلافت تحريڪ جي هر هڪ ڪانفرنس ۾ پئي شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي خلافت تحريڪ وارن مولانا جان محمد جوڻيجو بئريسٽر، مولانا احمد ملوي، علي انور شاهه راشدي وغيره دوستن جي مدد سان ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ علي برادرس حسين احمد مدني، گاندي وغيره آيا، جلسي جي صدارت علامه پير رشدالله شاهه راشدي جهنڊي واري ڪئي.
خلافت تحريڪ جي پروگرام پٽاندڙ انگريزي تعليم خلاف هنڌين ماڳين ديني تعليم جا مدرسا کڙا ڪيا ويا، انهيءَ حڪمت عملي تحت ڪور سليمان ڳوٺ تعلقي قنبر ۾ 1922ع اندر هڪ مدرسو قائم ڪيو ويو، جنهن جو مدرس اعليٰ علامه عبدالڪريم ڪورائي مقرر ٿيو، ساڳئي سال پرائمري اسڪول ڪور سيلمان ۾ هيڊ ماستر نظر محمد ابڙو پڙهائي رهيو هو، جتي پنج درجا سنڌي ۽ شاگرد سراسري 40 هوندي هئي.
مذڪور اسڪول ۾ اڪيلو ۽ بنا نائب جي هيڊ ماستر نظر محمد ولد استاد قاضي غلام حسين ولد قاضي فيض محمد ابڙو هو، جيڪو خيرو ديرو ڳوٺ تعلقي رتي ديري 1897ع ۾ پيدا ٿيو، پرائمري اسڪول خيروديرو ۾ پڙهي 1913ع ۾ فائينل پاس ڪيائين، 1914ع ۾ سنڌي ماستر ٿيو، پرائمري اسڪول ڪور سليمان ۾ 1920ع ۾ هيڊ ماستر ٿي آيو، مدرسي ڪور سليمان جا اخراجات ۽ حمايت ڳوٺ جو زميندار محمد خان سومرو ڪندو رهندو هو، پر هو پرائمري اسڪول جي خلاف به نه هو، سنڌي ماستر نظر محمد ابڙي کي پير تراب علي شاهه راشدي، زميندار محمد خان سومري جي اوطاق ۾ گهرائي، کيس واعظ نصيحت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ هدايت به ڪئي ته هو انگريزن جي نوڪري ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ سنڌي تعليم ڏيڻ اسڪول جي اندر بند ڪري، جنهن تي ماستر نظر محمد ابڙي هن موصوف کي چيو ته جيڪڏهن منهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ مون کي هر مهيني 20 رپيا ملندڙ پگهار جيتري رقم دستاويز ڪري لکي ڏني وڃي ته نوڪري ڇڏي ڏيندس، پير صاحب هن کي وراڻيو، ته ساڳئي انگريزن جي ايجنٽن واري ڳالهه دهرائين ٿو.
مٿين ڪِٽ پِٽ گپا گيهه هلندڙ دوران ٽي چار ڄڻا ترڪي ٽوپن سان هٿن ۾ داسا کڻي ڇوڪرن کي اسڪول مان ڀڄائڻ ۾ لڳي ويا، تنهن تي استاد نظر محمد به بنا دير جي سڀني ترڪي ٽوپين وارن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ کين اسڪول مان ڊوڙائي ڪڍيو.
ڪن ڏينهن کان پوءِ اونهاري جي رات جو ماستر نظر محمد ٻاهر پٽ تي کٽ مٿان گهور ننڊ ۾ ستل هو، ته هن کي سيني مٿان لٺن جا ٽاڪوڙا لڳي ويا، هن به بنا اوير کٽ تان بل کائي، حملي آورن سان مقابلو ڪيو، کين پڪڙڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو، پر پاڻ بچائڻ ۾ سوڀارو رهيو، انهيءَ ويڙهه ۽ ٽڪراءُ کان پوءِ هن زميندار کي خاموش ڏٺو، تنهن ڪري 1922ع ۾ بدلي ڪرائي، پرائمري اسڪول ميراڻي چانڊيا ۾ دخليڪار ٿيو. ()

ڳوٺ قائم خان شيخ جو تڪ

ڳوٺ قائم خان شيخ جو تڪ

هن ڳوٺ جي قديم حقيقت ٻڌائي ٿي ته هن وستيءَ جا آباد ڪندڙ پهرين ڦلڻ ذات آهي، جيڪي اڄ به رهن ٿا، هو اصل ۾ ڪنڊياري شهر جا رهاڪو هئا ۽ ٽالپرن جا خاص ماڻهو هوندا هئا، 1843ع ۾ ٽالپرن جي هار ٿي، انگريزن ٽالپرن ۽ سندن لاڳاپيل ماڻهن کي ٻڌڻ شروع ڪيو، انهيءَ ڪرب ۽ مصيبت کان بچڻ خاطر لڏو کڻي لاڙڪاڻي جي قنبر تعلقي جي جهنگ واري ڀاڱي کاهي مينهون ۾ اچي ڀيڙا ٿيا، جتان ڪجهه سمي کان پوءِ هاڻوڪي ڳوٺ قائم خان شيخ جي تڪ ۾ پنهنجا مستقل ڀاڻا اڏي ويٺا، هتي هڪ قبرستان به هوندو هو، جنهن کي فقير جو مقام ڪري چوندا آهن.
شيخ خاندان جي تاريخ:
شيخ خاندان جو وڏو ڏاڏو ”اڀوڙو هندو“ بهاولپور رياست مان لڏي چانڊڪا پرڳڻي ۾ آيو جتي راشدي پيرن کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو، سندس پوين مان نور محمد شيخ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لڏي اچي ڦلڻ ڳوٺ تعلقي قنبر ۾ ويٺو، شيخن جي ويهڻ کان پوءِ هي ڳوٺ روينيو رڪارڊ ۾ شيخن جي ديهه ۽ نور محمد شيخ جو ڳوٺ ٿي چڪو، جنهن کان پوءِ نور محمد جو پٽ قائم خان شيخ گهڻو مشهور ٿيو، سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيائين، دين دنيا جي ڪمن ۾ پنهنجي خاندان کان گوءِ کڻي ويو، بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، کيس خانبهادر جو لقب مليو، ڳوٺ قنبر شهر کان اولهه ۾ ڏهه ڪلوميٽر پري ٿيندو، ڳوٺ جي اوڀر ۾ مينهون کاهي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور ڊگهه ڍنڍ، اولهه ۾ ٻن ڪلوميٽرن تي وارهه بئراج آهن.
ڳوٺ جو مشهور ڌاڙيل جلال شيخ هسٽري شيٽر ٿي گذريو، جنهن سمي لاڙڪاڻي جو انگريز دور ۾ روينيو عملدار گوڙ والو هو، جنهن هن ڌاڙيل کي سوگهو ڪري پوليس ٿاڻي جون روز حاضريون کارايون.
ذاتيون:
ڦلڻ، شيخ،ڪوري، بڙدي، بروهي، گاڏهي، گهڻائي ۾ ذات شيخ آهي.

قائم خان شيخ صاحب:
هن جي والد نور محمد جو ڪارنامو رهيو، جو هن پنهنجي خاندان کي هي ڳوٺ چونڊي ڏنو، ۽ هن ڳوٺ جي اصلي رهاڪن سان ڀڃي نهايت سٺو هليو، ساڻن رلجي ويو، سڄي ڳوٺ کي رٿا سان گهٽيون سڌيون ويڪريون ڪرايائين، پنهنجون جايون جڳهون عاليشان ٺهرايائين، ڳوٺ رڪارڊ موجب پنهنجي نالي ڪرايائين، ديهه شيخن جي ٺهرايائين، اوري پري ڳوٺن ۾ پنهنجو چڱو نالو قائم ڪري ويو.
سندس پٽ خانبهادر قائم خان شيخ پنهنجي خاندان کان کڻائو ٿي اڀريو، هو نه رڳو قنبر تعلقي ۾ پڌرو ٿيو، پر ضلعي لاڙڪاڻي، سنڌ ۽ هند کان به ٽپي سعودي عرب ۾ پنهنجي پڌرائي ڪرائي چڪو، سندس مختصر ڪارنامن جي وچور ڏجي ٿي.
ڳوٺ ۾ هڪ عاليشان مسجد ٺهرايائين، جنهن ۾ هڪ وقت 500 نمازي نماز پڙهي سگهن ٿا، مسجد جي ڀرسان حجرا ٺهرائي، اهي مدرسي کي ڏنائين ۽ مدرسي جي دائمي خرچ لاءِ زمين 10 ايڪڙ وقف ڪري ڇڏيائين، ديني تعليم پرائڻ لاءِ اور ي پري جا شاگرد هتي رهڻ لڳا، استادن جا خرچ رعايتون مقرر ڪيائين.
هن جو ننگر خانو پيو هلندو هو، جتان هر مهمان ۽ ضرورت مند پيو فائدو وٺندو هو.
مسجد 1920ع ۾ ٺهرائي ۽ ديني تعليم لاءِ بندوبست ڪري 1933ع ۾ حرمين شريفين ڏانهن ارادو ڪيائين ان ڪري ڀر وارن ڳوٺن مان ڳوٺ ڦال، ڳوٺ دڦڙ، ڳوٺ ٻرڙا، تڪ غلام حسين، ڳوٺ همير وغيره وارن کي دعوت ڏئي زيارت لاءِ شوق ڏياري تيار ڪيائين، انهن زيارتين مان جن ٽڪيٽن جو خرچ پاڻ تي کنيو باقي کاڌي پيتي وغيره جو ثمر شيخ صاحب جي حوالي رهيو، پر جن ماڻهن ٽڪيٽون به نه ڀري سگهيون، تن جو خرچ به پاڻ برداشت ڪري وڏو قافلو ٺاهي، حج تي روانو ٿيو، اتي پهچڻ سان هٿ ڪشادو رکيائين.

مسافر خانو:
مدينه شريف ۾ پنهنجي نالي تي هڪ مسافر خانو سنڌ جي حاجين لاءِ ٺهرايائين، علامه دائود پوٽو پنهنجي سوانح حيات م لکي ٿو ته منهنجي تعليم جاري رکڻ لاءِ ماهوار هڪ رپيو شيخ صاحب پاران مون کي ملندو رهندو هو، هي سخي مرد، ديندار، انسان دوست 17 مئي 1936ع تي هي جهان خالي ڪري چڪو.

ڀائيندو لاکو ڳوٺ

ڀائيندو لاکو ڳوٺ

هن بستيءَ کي ڀائيندي نالي لاکي ذات واري کڙو ڪرايو، قنبر شهدادڪوٽ روڊ سان نور واهه جي ڏکڻ پاسي تي آهي، قنبر شهر کان 5 ڪلوميٽر پري آهي، ڳوٺ ۽ نور واهه جي وچ تي هڪ کڏ آهي، ڳوٺ وڻن سان ڍڪيل، زمين زرخيز، پيڻ جو پاڻي مٺو آهي.
ڳوٺ ۾ چانڊين ۽ ڏيپرن جو جيهڙو ٿيو، بيگ محمد چانڊيو هن ڳوٺ جو هڪ چڱو ماڻهو هو، جنهن کي سندس گهر جي ڀرسان رات جو ننڊ پيل کي ڪن شاهينگن ڪهاڙين سان پورو ڪري ڇڏيو، جنهن جا ڏوهي 1989ع تائين ڪنهن به نه ڏٺا نه ڪي ڦاٽا، خون گم ٿي ويو، پر چانڊين هن خون جو ڏوهي ڏيپرن کي قرار ڏنو، ان ڪري شڪ جي بنياد تي چانڊين ڏيپرن جا ٻه ماڻهو ماريا، وري ٻيو ڀيرو به ڏيپر مٿان چانڊيا حملو ڪري ويا،جنهن ۾ اڳرائي ڪندڙن مان هڪ چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو، اسپتال لاڙڪاڻي پهچڻ سان وفات ڪري ويو، چڱن ماڻهن وچ ۾ پئي چانڊين ۽ ڏيپرن مٿان هڪ لک ويهه هزار رپيا ڏنڊ رکيو، جيڪو هنن ادا ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ جو محمد پنهل ڏيپر هڪ مشهور سگهارو ٿي گذريو آهي، سندس گهر واري جاءِ جي هڪ شهتير 3 وزني هن جي روبرو ڪري ٿي، جيڪو هن اڪيلي سر هٿن تي جهپي ورتو، زمين تي ڪرڻ کان شهتير کي بچائي ورتائين ان ڪري گهر جا ڀاتي بچي ويا، هن ڳوٺ جو نور محمد ڪلهوڙو ڏاڍو سخي مرد ٿي گذريو آهي، جنهن سخا جي ڪارنامن کي ڳوٺ وارا ياد ڪندا رهندا آهن، دين محمد ولد محمد پناهه ڪلهوڙو هڪ اسرندڙ اديب آهي.
ذاتيون:
سيد، سومرا، سوهو، شيخ، جيها، ڏيپر، لاکا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ڏيپر ذات وڏي انگ آهن.
مولانا عبدالڪريم ملگاڻي هڪ نابينا عالم:
گلشير ملغاڻي 6 ڊسمبر 1978ع تي پنهنجي موجوده ڳوٺ بوهي قبا ۾ مليو، هن جو چوڻ هو ته مولانا عبدالڪريم ولد دودو خان ملغاڻي منهنجو سڳو چاچو ٿئي، اسان جا وڏا اصل ۾ ڳوٺ دوداپور ضلع جيڪب آباد جا رهاڪو هئا، منهنجو چاچو اکين کان نابينو هو، ڪلام پاڪ جو حافظ ۽ عربي پارسي جو دستار بند عالم هوندو هو، سموري ديني تعليم مشهور عالم دين محمد اسماعيل ابڙائي کان مدسي جيئڻ ابڙي ۾ حاصل ڪري، دستار بند ٿيو، هو 1845ع ڌاري پيدا ٿيو، عالم ٿيڻ کان پوءِ هن ديهه لعل محمد اوڍو جي نئون شهر ۾ هڪ مدرسو کوليو، جيڪو 25 سال کن جاري ۽ ساري رهيو، جنهن ۾ حفظ ڪلام پاڪ ۽ عربي پارسي جي تعليم ڏيندو رهندو هو.
مدرسو نئون شهر جا دستار بند عالم:
مولوي محمد بلال کوکر ڳڙهي خيرو جمالي
حافظ مولوي علي مدد خروس، ڳوٺ بڊو تعلقو ڳڙهي ياسين
مولوي عبدالغفور جکرو، ڳوٺ نئون شهر
مولوي قيصر ملغاڻي، تعلقه ڳڙهي خيرو جمالي
مولوي فتح محمد ڳوٺ بوهي قبا تعلقو ڳڙهي ياسين
مولوي جمعو خان جکرو
مولوي اميد علي ڳوٺ نئون شهر
مولوي عبدالڪريم ملغاڻي(1915ع ۾ وفات)
استاد محمد رمضان شيخ:
سندس والد محمد لقمان اصل ڳڙهي صاحب خان تعلقه رتي ديري جو رهاڪو هو، جتي هن کي محمد رمضان 1895ع ۾ پيدا ٿيو، ڪن سببن جي ڪري ڳڙهي صاحب خان کي ڇڏي، ڳوٺ دليل ٻرڙي ۾ اچي دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيو، هن پنهنجي فرزند کي 1906ع ۾ مدرسه لورڙ تعلقي قنبر ۾ مولوي محمد عيسيٰ وٽ ويهاريو، لورڙ مدرسي ۾ 15 سال پڙهيو، مولوي محمد عيسيٰ اتان ڇڏي 1921ع ۾ حمزي چچي ڳوٺ تعلقي قنبر ۾ مدرسو کوليو، محمد رمضان به پنهنجي استاد سان گڏيو آيو، جتي هن 3 سال پڙهيو، انهي دوران 1925ع ۾ هن شادي ڪئي، ان ڪري هن وڌيڪ پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ دستاربند ٿيڻ کان رهجي ويو، شاديءَ واري سال ۾ کيس علي اڪبر نالي پٽ ڄائو، ملا محمد رمضان بهار چانڊيي ۾ مڪتب کوليو، جتي پارسي پڙهائڻ لڳو ۽ دليل ٻرڙي ۾ به مڪتب پڻ کوليائين، جنهن کي 1930ع ڌاري مسلم اسڪول بنايائين.
اڳتي هلي علي اڪبر مسلم اسڪول دليل ٻرڙي ۾ پنهنجي والد جو نائب ماستر ٿي رهيو، هي منهنجو دوست هوندو هو، ڳالهائڻ ۾ ڏاڍي رواني، پر پڙهائڻ جو شوقين نه هو، روزاني پنهنجي خانگي ڪمن کي گهڻو وقت ڏيندو هو، جڏهن ته ملا محمد رمضان سٺو پاڙهو استاد ٿي گذريو، علي اڪبر ڪچهرين جو ڪوڏيو، چرچي ۽ مزاح ۾ وڏو تجربو رکندڙ هو، ملا محمد رمضان 1972ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو، هو دعا سڳو به ڪندو هو، جنهن کان پوءِ ڏاڍو مشهور ٿي ويو هو.

پير محمد لاکو ڳوٺ

پير محمد لاکو ڳوٺ

هيءَ وسندي تعلقي قنبر جي وسندڙ ڳوٺن مان هڪ آبادي آهي، قنبر شهر جي اولهه ۾ دوست علي روڊ سان ٻن ڪلوميٽرن تي هڪ شاخ اچي پوي ٿي، جنهن واهه جي ڪڙ وٺي اتر پاسي وڃبو، ته ٻن ٽن ڪلوميٽرن تي پهرين ڳوٺ رب رکيي لاکو ايندو، جنهن کان نڪري اڳڀرو هڪ فرلانگ تي ساڳي شاخ جي اولهه ڀر تي هڪ ٻيو ڳوٺ پير محمد لاکو اچي ٿو، جتي 1873ع ۾ هڪ شاهي ديني درسگاهه ٿي گذريو، جنهن جا سرپرست لاکا زميندار هئا، جن جي مانيءَ جو اهڙو ته ڪشادو بندوبست هوندو هو، جنهن لاءِ پوري تعلقي ۾ پهاڪو نالي جڙي ويو ته جيڪڏهن ماني چاهيو ته لاکا مدرسي ۾ وڃو.
جيڪڏهن تعليم چاهيو ته ٺوڙهي مدرسي ۾ وڃو.
”اگر نان خواهي که لاکا برو،
در علم خواهي که تورهي برو“
تعلقي قنبر ۾ پير محمد لاکو، رب رکيو لاکو، مٺو لاکو، ڀائيندو لاکو ڳوٺ آهن، جن ۾ لاکا ذات جي گهڻائي آهي.

جائزو

جائزو

سنڌي قوم جي ساهٽين ۽ سگهارن مان ڪي ٻه چار مانوارا سنڌي تعليم جي واڌاري لاءِ پنهنجا وس ۽ وٿ گهور ڪري سنڌي ماڻهن کي سکيا سان سينگاري ويا، جن ۾ وڏي شان مان وارا حسن علي آفندي صاحب، سيد الهند و شاهه صاحب، مير غلام محمد ٽالپر صاحب، نور محمد لاکير وڪيل صاحب وغيره هئا، جيڪي سنڌي قوم جي دلين مٿان خير جي سهڻن نالن سان دائمي ڇانيل رهندا اچن ٿا، البت ٺٽي سجاول واري سيد عبدالرحيم شاهه سنڌو ڌرتي جا سوين ايڪڙ زرعي زمين تعليم جي واڌاري لاءِ غير سنڌين کي وقف ڪري، سنڌ واسين کي سيکت ڏئي لاڏاڻو ڪري ويو.
سنڌ وڃي سورن ۽ پورن جا ويچار ونڊيندي، نبيرو ڪجي ٿو، ته اسان جي سنڌو متارن ۽ مالوند ماڻهن جي گهڻائي اڃا ايڪو يهين صدي ۾ تعليمي ڦهلاءُ ۽ واڌاري جي سوچڻ لاءِ تيار ئي نه ٿي آهي، لکين پرائمري سنڌي استادن به سنڌي ٻارن کي نه پڙهائڻ جو سُنهن کنيو آهي، ساڳي وقت سنڌي سياستدان سنڌ جي يڪجهتي، ايڪتا ۽ ٻڌيءَ کي ونڊ ڪري پاڻ مان ڪيترائي ننڍا ننڍا جٿا قائم ڪيا آهن، ۽ سنڌ جي هيڪڙائي ۽ مرڪزي سگهه کي ٽڪرن ۾ ڦانڊي ڇڏيو آهي، جنهن سان سنڌ جو گڏيل ۽ مرڪزي نشان ۽ سڃاڻپ کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
سنڌ جي تعليم جي لاءِ خيراتي عام ڦهلاءُ ۽ واڌاري بدران جانور ۽ پکي ويڙهائڻ، جانور ڀڄائڻ، تاش کيڏڻ، ولايتي پاڻي مهانگي ملهه وارو ڪم آڻڻ يا ديسي خماري ٻوٽين کي گهوٽي پيئڻ يا ڦوڪڻ ۽ دونهان ڪڍڻ ۾ دولت گنوائڻ ۽ لٽائڻ ۾ ڪوڏيا آهن، يا ته غير جنس جي ذاتي خفت ۽ هوس ۾ شاهوڪاري کي تيلي ڏئي خودڪشي ڪئي وڃي ٿي، جن مان زميندار علي محمد ابڙو به هڪڙو هو، جنهن پنهنجي دولت ذاتي خفتن ۾ لٽائي ۽ اڏائي ڇڏي، پر سنڌ جي تعليمي ڀلائي بهتري ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ تيار نه ٿي سگهيو.
جڏهن به سماج جو ڪو ساهيٽو ۽ ساهه ست وارو ماڻهو جهان ۾ پڌر پٽ عشقانا ذوق، شوق شڪار منجهه گرفتار ٿي پوي ٿو، ته ان مانڊاڻ سان ڄڻ براين جو ڪارخانو کلي پوي ٿو، ان حساب سان هوس لذت جي رسم عام ٿي وڃي ٿي، جنهن ڪري سرندي ۽ ڏوڪڙ پئسي وارو ماڻهو انهي پيروي ۾ وهي وڃي ٿو، محترم علي محمد ابڙو به ان عيش عشرت ۾ سنڌ کان ٽپي پنجاب ياترائون ڪندو رهيو، هن کان پوءِ اڳتي هلي سندس فرزند شمن خان ابڙو به والد جي پيروي سان پنجاب جا دلپسند دورا ڪندو رهيو.

لاکي گهراڙي جي اولاد:
هن کي اٺ پٽ پيدا ٿيا، جن جا نالا هئا:
انڙ
ميڻائي
موندا
لوٺا
وريار (ورياهه)
سونڍا
اکو
ڦل
لاکي ذات مان راڌڻ ذات به وجود ورتو، راڌڻ کي ٽي پٽ پيدا ٿيا.
ديدڙ
گجڻ
هوٿي يا هوتي
گجڻ کي هالي نالي هڪ پٽ ڄائو.

لاکا ذات:
هي نيات سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سماٽي سٿن مان هڪ هاڪاري، نه ڊر ۽ سورهيه چئي وڃي ٿي، هي لڇ سما قوم جي اهم شاخ آهي، ساڳئي وقت لاکا سورهيه ۽ سرويچ ذات هجڻ سان گڏ ملڪي معاملات ۽ ديس دانائي ۾ ڏاڍا سڄاڻ ۽ باخبر رهن ٿا. ()
22 نومبر 1820ع تي ٽاڊ انگريز راجستان جو ليکڪ پيپار پرڳڻي ۾ ويو، جتي وڃي هو بيان ڪري ٿو:
لاکوڦولاڻي ريگستان جي هڪ وڏي حصي مٿان ڄمت رکي ٿو، انهيءَ ميدان کان هند ي سمنڊ تائين سندس حملن کي ڪو به روڪي نٿو سگهي، اهڙين ڪامياب ڪاررواين جي ڪري پنهنجي خطي ۾ نشانبر رهي ٿو، کيس سدائين سوڀون مليون، ڪڏهن به هار ۽ شڪست جو منهن نه ڏٺو آهي، هن جي سرويچي ۽ ساراهه جا گيت لوڻي ندي کان سنڌو ندي تائين ڳائجن ٿا.()
سنڌ جو شاهه سائين به هن جي واکاڻ ۾ فرمائي ٿو: ()
جاڳو جاڙيجا! سما سک م سمهو
پسو آن پاريا لاکو ٿو لوڙيون ڪري
ٽاٽونڪين پلاڻ سدا هڻن کوکرا
لاکي لوڙائن جا اهڙا ئي اهڃاڻ
ڏيئي تڳن تاڻ ڪوڪ ڪاريندا ڪڇڙي
ريٻارڻ! ريجهاءِ لاکو نولاٽين سين
سائو مانَ سندياءِ ٺٺ مٽائي ٺاڪرو
لاکا لک سڄن ڦلاڻي ڀير ٻيو
جنهن ڀر راڻا راڄيا ڪوٽن منجهه ڪنبن
جنهن جو جاڙيجن ستي سنچو نه لهي.
جاڙيجا ۽ سما سنڌ جون بي ڊپيون ۽ حڪمران ذاتيون ٿي گذريون آهن، هنن سنڌ مٿان حڪومت ڪندي به پاڙيسري ڪڇ ملڪ ڏانهن هلان ۽ حملن جو ٻارڻ ٻاري ڏنو، نيٺ ڪڇ مٿان راڄ ڌانيون ۽ بيٺڪيون کڙيون ڪري، حاڪم ٿي ويا، وري ڪڇ ملڪ هٿ ڪري سوارشٽر ڏانهن ڪاهه ڪري ويا، جتي به هنن پنهنجون حڪومتون قائم ڪري ورتيون.
اهڙين دلير ذاتين سان ڀٽائي سائين مخاطب ٿيندي، کين خبردار ڪري ٿو، ته توهان جي ڀرپاسي ۾ لاکا ذات جو ڦلاڻي لاکو حملا ڪندو رهي ٿو، هن جي ويجهن پرڳڻن ۾ ڦر ۽ لٽ جاري آهي، تنهن ڪري چوڍا ۽ جاڙيجا قبيلا توهان هن جي قهري ڪاررواين کان هوشيار رهو، متان هو توهان مٿان به ڪڙڪي نه پوي، لاکو ڦلاڻي وڏو سورهيه آهي، ٻيا لکين لاکا ذات وارا جوڌا ۽ پهلوان ڇونه هجن، پر لاکي ڦلاڻي مٽ ۽ برابر نٿا ٿي سگهن، هن جي بهادريءَ جي ڊپ کان ڪيترائي راجائون پنهنجن قلعن ڪوٽن اندر مضبوط هوندي به ڏڪن ڦرڪن ٿا، ساڳئي وقت جاڙيجن جهڙي دلير ذات به هن کان ڪن هڻي ٿي، لاکي ڦلاڻيءَ جي ڀؤ کان رات جو ننڊ به سک سان نٿا ڪري سگهن، ساڳئي وقت هو ٻين ڌاڙيلن جي ڀيٽ ۾ بي ترس ۽ بي وڙو به نه آهي، ان ڪري سنڌ جو سرتاج شاعر ڀٽائي سائين ڪڇ ملڪ جي هڪ مالدار شاهوڪار عورت ريٻاڙي ذات کي مشورو ٿو ڏي، ته لاکي ڦولاڻي ڏانهن وڃي نڪر کيس آزيون نيازيون ڪر، ته هو توکان تنهنجون ٻڪريون، رڍون وغيره نه ڦريندو ، لاکا ذات سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ رهي ٿي، ضلع لاڙڪاڻي جي قنمبر تعلقي ۾ ڪافي کان گهڻا لاکا رهن ٿا، جن جي وچور هيٺ آڻجي ٿي.
ڀائيندو لاکو ڳوٺ قنمبر تعلقو گهر 90
پير محمد لاکو ڳوٺ قنمبر تعلقو گهر 14
رب رکيو لاکو ڳوٺ قنمبر تعلقو گهر 50
قنمبر شهر ۾ لاکا گهر 250
موندر لاکو نصير آباد تعلقو گهر 11
نصير آباد شهر گهر 35
يارو ديرو ڳوٺ گهر 11
جملي گهر: 461

لاکا ۽ کچي ذاتين جو سماجي رشتو:
چتور جي راجا لاکي پنهنجي حياتيءَ ۾ ننڍي پٽ موڪل کي پنهنجي تخت تي ويهاريو، راجا موڪل لاکي کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي لال ٻائي نالي ڪُل چار ٻار هئا، لال ٻائي سونهن ۽ سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي، راجا موڪل پنهنجي ڌيءَ جو سڱ هڪ کچي سردار گاگرون کي هڪ شرط تي شادي ڪري ڏنو، ته هر ڏکي وقت ويل سهرو ۽ ڄاٽو هڪ ٻئي جي واهر ۽ سهڪار ڪندا رهندا.
هڪ لڱا سردار گاگرون جي پٽ ڌيرج کچي مٿان رياست جي مالوا جي راجا فوجي چڙهائي ڪري ڏني، راجا موڪل لاکي وچن پٽاندڙ پنهنجي ڏهٽي جي آئي مهل واهر نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو خود ”مڌريا جي وڙهاند“ ۾ وڪوڙيل رهجي ويو، ان لڙائيءَ ۾ راجا موڪل لاکو پنهنجن چاچن جي مقابلي ۾ مارجي چڪو.

کچي ذات:
کچي ذات راجپوت چوهاڻ خاندان مان پڻ هڪ لڇ آهي، چوهاڻ راجپوتن جا 24 پاڙا آهن، جن کي نالي وار هيٺ بيان ڪجي ٿو: ()
چوهاڻ
هر
سوني گرا
کچي
ڏيوڙا
پبسيا
سخورا
گوئوال
ڀڌوڙيا
نرڀاڻ
مالاڻي
پوربيا
سور
مدريجا
سنڪريچا
ڀوريجا
پاليچا
يسرا
ڪچيرا
روسيا
چندو
نڪمڀ
نڀاور
بنڪٽ
سنڌ ۾ کچي ذات چڱي حد تائين هوندي، پر ضلع لاڙڪاڻي ۾ گهڻي کان گهڻا لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ وسن ٿا، باقي ٿوري آبادي محلي ڪوثر مل، محلي الهه آباد ۽ دڙي محلي ۾ رهي ٿي، ان کان سواءِ تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ننڍا ڦل، تعلقي ڏوڪري ۾ فريد آباد ڳوٺ، تعلقي قنبر ۾ لشڪري ٽپال ۽ گهوگهاري ڳوٺن ۾ آباد آهن، تعلقي شهدادڪوٽ جي قبي سعيد خان ۾ رهن ٿا، کچي ذات سنڌ اندر امن پسند ۽ سٺي زندگي گذارڻ جو ڏانءُ رکي ڄاڻي ٿي.

بوهي ذات:
هي ذات اتر هندستان مان لڏي آيل مير بحر نيات چئي وڃي ٿي، هن سمي ڏکڻ ڀارت بمبئي ۾ وڏي عدد ۾ رهي ٿي، ڪيهر ذات وارن جو ٿڙ به بوهي گهراڻو آهي، گجرات ۾ بوهي ذات وارا پاڻ کي راجپوت چوائڻ گهرن ٿا، سندن پونيئر راجپوت ڪوٺائڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿا ڪن، ساڳئي وقت بوهي اتر پرديش ۽ لکنوءَ ۾ به گهڻي شماري ۾ ڳڻيا وڃن ٿا، هتي جا بوهي 9 پاڙن ۾ ڦانڊيل آهن.
بکر
ماڇي
ڀاٽيا
مالي
گاڏهي
ميلا
گوهه
پوربيا
ڪار

راهيا ذات:
سنڌو درياءَ ۽ ستلج درياءَ جي ماٿرين ۾ ڳتيل رهندا آهن، راهيا ذات کي يوناني دانشورن پنهنجي قلم سان ”راهي ذات“ لکيو آهي.

چوڍا سما:
”تاريخ ڪاٺياواڙ“ پٽاندڙ سنڌ ۾ سما چوڍا ۽ جاڙيجا ذاتيون وڏي طاقت واريون هيون پر سنڌ مٿان حڪومت چوڍا سما ڪندا هئا، ان دور ۾ ڪڇ جو علائقو هاڪڙي درياءَ جي آبياري جي ڪري سرسبز ستابو رهندوهو، هندستان ۽ سنڌ جي حاڪمن جي لالچي نگاهن جو هي پرڳڻو شڪار رهندو هو، ان ڪري سنڌ جي حڪمرانن چوڍا سما ڪڇ مٿان جنگ جا ڪارا ڪڪر کڙا ڪري ڇڏيا، هنن ڪڇ جي چڙهائيءَ دوران سنڌ جي جاڙيجن کي به عارضي مددي طريقي سان پنهنجي فوج ۾ ڪم آڻيندا رهندا هئا، آهستي آهستي هن آباد خطي مٿان سما بيٺڪيون کڙيون ڪري، دائمي ٿاڪ ڄمائي ويا، ان ريت ڪڇ جا والي ٿي ويا.
چوڍا سما گهراڻي جي حڪمراني هوس مطابق اقتداري وڌاءَ واري خواهش جي ڪري کين ڪڇ ملڪ ۾ به سڪون سان ويهڻ نه آيو، ان پر هو سوراشٽر ملڪ ڏانهن سرندا هليا، سوراشٽر کي ”سورٺ“ ۽ ڪاٺياواڙ به چوندا هئا، ان سمي هن ملڪ جا پراڻا رهاڪو ولاڀائي، والا، ڄيٺوا، چوڙا، اهير، ريٻاڙي، مير، ڪولهي ۽ ڀيل ذاتيون هئا.
چوڍن سمن سوراشٽر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي، ان دوران سوراشٽر ۾ ولاڀائي خاندان جي بادشاهي هئي.

ولا ڀائي خاندان:
سڪا نندا گپتا بادشاهه 470ع ۾ مري ويو، سندس سپهه سالار ڀتارڪا سوراشٽر ملڪ ۾ حڪومت جو اعلان ڪري، ولا ڀائي خاندان جو بنياد رکيو، سوراشٽر ۾ ”ولا ڀائي ننگر“ تيار ڪرائي، گادي جو شهر ڪيائين، ولا ڀائي سورا شٽر ۽ گجرات ۾ پٿريل هئا، هي ذات گهڻائي سان گڏ بهادر به هڪ هئا.
مذڪور خاندان سٿين قوم جي هڪ شاخ هو، سٿين کي جت قوم چيو وڃي ٿو، ڪي ليکڪ سٿين کي راجپوتن ڄيٺوا ۽ چوڙا هڪ ٿڙ جون لامون آهن، سٿين دري سيهون کان ٿيندا، وچ ايشيا مان چڪر لڳائيندا، هندستان ۾ داخل ٿيا، ڪشمير ۾ ديرو ڄمائي ويٺا، جتان پنجا ب ۾ آيا، سنڌ ۾ لنگهي، ڪڇ کان سوراشٽر ۾ حڪومتون ٺاهي ويا، هن قوم سوراشٽر ملڪ ۾ ”سريننگر ڳوٺ“ کڙو ڪيو، ولا ڀائي بادشاهه مان آخري حاڪم وليرام ٿيو، جنهن پنهنجي ڀيڻ چوڍا سما ذات جي لٺ سردار کي شادي ڪري ڏني، پاڻ ري اولاد جي حيثيت سان وفات ڪري ويو، ملڪ جي وزيرن ۽ اميرن يڪ راءِ فيصلو ڪري، راجا وليرام جي ڀاڻيجي چوڍي سمي راءِ چند کي ولاڀائي شاهي گهراڻي جو تاج پهرائي، سوراشٽر جي گادي وانٿلي تي ويهاريو، ان ريت 875ع ۾ راءِ چند سوراشٽر ملڪ ۾ چوڍا سما خاندان جو بنياد وڌو، جيڪو 32 سال حڪومت ڪري 907ع ۾ ديهانت ڪري ويو، جنهن کان پوءِ هن جو پٽ وشو راهه چوڍا سمو ملڪ جو والي رهيو، والا ڀائي خاندان جي زوال سان ڄيٺيون ۽ چوڙن زور وٺڻ شروع ڪيو، 875ع ۾ چوڍا سما ولا ڀائي شاهي جا وارث ٿي، اڀريا، جن جي حاڪميت کي ڄيٺون ۽ چوڙن دل سان تسليم نه ڪيو.

ڄيٺوا ۽ چوڙا:
ٻنهي ذاتين جون لامون هڪ ٿڙ مان هيون جيڪي سڪا ۽ سٿين قومن جو بنياد آهن، ولاڀائي به سندن خاندان هو، جن جي حڪمرانيءَ جي سج لهڻ تي چو ڍاسما حڪمران ٿيا، جن جي ڄيٺو ا توڙي چو ڙا خلاف رهيا.
ڌرين جي ڇڪتاڻ هلندي رهي، ان ڪري چوڍا سما سنڌي جا ڙيجن جي مدد سان ڪٽڪ چاڙهي ڄيٺن کي گهملي مان زوري ڀڄايو، ڄيٺوا گهملي مان نڪري ڇا يا هليا ويا، جتان نڪري ڌنڪ پهتا، ڌنڪ ۾ ڄيٺوا ۽ چوڙا گڏ رهنداهئا، سندن هڪ ٻئي سان ڏاڍو گهرو سٻنڌ هوندو هو، ڪجهه وقت کان پوءِ چوڙا ڌنڪ ڇڏي آکا ۾ اچي آباد ٿيا، اتان به نڪري پرڀا پتڻ ۾ رهڻ لڳا، سورا شٽر ملڪ ۾ چوڙن جي حڪمراني دوران پرڀا پتڻ سندن پراڻي گادي جو شهر هو، جتي ڀيل برادري يڪ راءِ فيصلو ڪري، ونراج چوڙي کي گجرات جو راجا بنايو، جيڪو ڪجهه سمو حڪومت هلائي مري ويو، چوڙا خاندان جو آخري حاڪم سماٽ سنيها پنهنجي ڌيءُ هڪ سولنگي سردار کي شادي ڪري ڏني، جنهن مان مولراج سولنگي پيدا ٿيو، هن جي پالنا پرورش ناني ڪئي ، جنهن پنهنجي جيئري ڏهٽي جي حق ۾ گجرات جي راجا ٿيڻ جي راءِ ڏني ، پاڻ ري اولاد مري ويو ، راجا جي راءِ پٽاندڙ مولراج گجرات جو والي ٿيو.
مولراج سولنگي گجرات جي چوڙا خاندان جو وارث ٿيو، جيئن ته چوڙن ۽ چوڍا سمن جا پاڻ ۾ تر سنوان نه هئا، ان ڪري مولراج چوڍا سمن سان تڪرار به ورثي ۾ پلئه پاتو، چوڍا سما گهراڻي جو راجا راءِ گهراڙو سومناٿ مندر جي ياترين کي تنگ ڪندو هو، مولراج مندر جو رکپال هو، هن کي ائين ڪرڻ کان موڙڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو پنهنجي ارڏائپ مٿان اٽل رهيو، ان لاءِ مولراج سوراشٽر تي ڪاهي ويو، هن کي قيد ڪيائين، نيٺ ياتيرين کي نه آزارڻ جو هن کان انجام وٺي، کيس آزاد ڪري ڇڏيائين، 982ع ۾ راجا راءِ گهراڙو وفات ڪري ويو، سندس پٽ راجا ڪاوت چوڍا سمو وانٿلي جو والي رهيو.
وير رام ديو پرمار راجپوت راجا هو، ڪاٺياواڙ جي ڏکڻ ڪناري کان پري جعفر آباد ڀرسان ”شيال ٻيٽ“ مٿان حڪومت ڪندو هو، راجا وير رام ظالم حاڪم هو، پنهنجي ڀر وارن راجڪمارن کي ڊوهه سان ڦاسائي پڃرن ۾ بند رکندو هو، ائين ڪرڻ سان هن کي مزو ايندو هو، 36 راجڪمار هن جا قيدي هئا، وير رام شهزادي ڪاوت کي پرڀا پتڻ واري پاڻي ۾ ٻيڙي تي ملاقات ڪرڻ جي بهاني، قيد ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت ستٽيهون راجڪمار پڃري ۾ قيد ٿي چڪو.
شهزادي ڪاوت چوڍا سمي جي قيدي ٿي پڃري ۾ بند ٿيڻ جي خبر هن جي مامي راجا وليجا، رياست تلاجا جي والي کي پئي، تنهن بنا دير راجا وير رام مٿان ڪاهي ويو، جنهن کي قتل ڪري، ڪاوت کي آجو ڪيو، راجا وليجا جو اوچتو پير جو ٿڏو ڪاوت کي لڳي ويو، جنهن انهي ٿڏي کي سخت بي عزتي ڄاتو، وقت گذرڻ سان، هي چيترا سار ڏانهن ڪاهه ڪري ويو، جتي ناشڪر ڀاڻيجي 1003ع ۾ محسن مامي کي پورو ڪري ڇڏيو، راجا ڪاوت پنهنجي موت مري ويو، سندس پٽ راءِ ڏياس تخت ڌڻي ٿيو.
گجراتي راجا مولراج سولنگي سوراشٽر تي ڪاهي ويو، راجا راءِ ڏياس جهونا ڳڙهه ڀڳو ٿي ويو، پر اهو اپرڪوٽ وٽ پڪڙجي پيو، کيس مارايو ويو، ساڳي سال 1010ع ۾ سوراشٽر تي هن پنهنجو گورنر مقرر ڪري، گجرات واپس ٿي ويو.
راجا راءِ ڏياس جي راڻين مان هڪ راڻيءَ محلات مان پنهنجو ننڍو پٽ ساڻ ڪري اهيرا امير ديويات وٽ پناهه ورتي، راجا مولراج سولنگي راجا راءِ ڏياس جي نسل ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي هڪ امير کي مقرر ڪيو، ته هن جي پٽ کي ڳولهي ختم ڪيو وڃي، سولنگي امير، اهيرا مير ديويات وٽ پيري سان وڃي پهتو، هن کي حڪم ڪيائين ته نو گهمان چوڍي سمي شهزادي کي ظاهر ڪر، هن ڇا ڪيو جو پنهنجو پٽ سام جي عيوض حاضر ڪيائين، امير سولنگي، اهيرا امير کي حڪم ڪيو ته تلوار سان انهي ڇوڪري جو سر قلم ڪر، هن بنا دير پنهنجي پٽ کي قتل ڪري وڌو، پر اهيرا امير کان اهڙو دل ڏاريندڙ واقعو ڪهڙي نموني ٿو وسري!
وقت گذرڻ کان پوءِ اهيرا امير هڪ سٽ سٽي، پنهنجي ڌيءُ جي شادي ڀائپي ۾ ڪرائڻ جي ڪوٺ ڏني، تنهن جشن ۾ سولنگي امير کي به دعوت ڏني وئي، جيڪو پنهنجي اٽالي سان اچي شريڪ ٿيو، هن رٿا بندي پٽاندڙ سولنگي امير ۽ سندس اٽالي مٿان حملو ڪرائي، سڀني جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، پوءِ شادي ڌام ڌوم سان ملهائي ڇڏيائين.
ان ريت امير اهيرا ديويات راجا راءِ نوگهان کي وانٿلي جي تخت تاج جو مالڪ بنائي، وري چوڍا سما قوة جو سوراشٽر ۾ ڌاڪو جاري ڪرايو.
ديويات اهيرا پنهنجي ڌيءُ جيئل ڪنوار ۽ گهوٽ کي سنڌ ڏانهن شادي جي جشن ملهائڻ لاءِ موڪليو، ان دور ۾ سنڌ جو حاڪم همير سومرو هو، جنهن جيئل ڪنوار کي ڏسي، مٿس موهت ٿي پيو، چرين جي حد تائين پهتو، هن جي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو، اها ٻاٻور راجا نوگهان جي ڪنين پيئي، جنهن سنڌ مٿان چڙهائي ڪرائي، همير کي زير ڪرايو، ان ريت جيئل ڪنوار ۽ گهوٽ کي هٿ ڪرائي، اهير امير ديويات کي واپس ڪري، پنهنجو احسان لاٿو.
چوڍا سما جو پڇاڙڪو حاڪم راءِ ماند ليڪ هو جنهن سلطان محمود بيگڙي اڳيان 1470ع ۾ اسلام قبوليو، ان لاءِ کيس ”خان جهان“ جو لقب عطا ٿيو، جهونا ڳڙهه مٿان مصطفيٰ آباد نالو ڌريو ويو، سوراشٽر علائقي کي سورٺ سڏيو ويو، خان جهان جي پٽ کي مينگرول جي ڀرسان جاگير بخشش ڪئي وئي، خان جهان احمد آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پڇاڙي جا پساهه پورا ڪيائين، کيس احمد آباد جي بازار واري ماڻڪ چونڪ ۾ آخري جاءِ ڏني وئي، چوڍا سما اڇا وانٿلي ۾ ناليري حاڪمن جيان گذارين ٿا، چوڍن ۽ لکٽين (لکتارن) جي قبيلن 17 صدي جي منڍ ۾ پاڻ اشتراڪ ڪري ڇڏيو.()

گوهيل ذات:
هي نيات راجپوت ٿڙ جي هڪ شاخ آهي، هي لام قديم بادشاهه والا ڀائي خاندان مان پڻ هڪ لڙهي آهي، هي ذات وارا ماڻهو هندستان جي سوراشٽر پرڳڻي ۾ اچي آباد ٿيا، پر 1240ع ۾ راٺوڙ قوم هنن کي سوراشٽر مان زوري ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جتان نڪري سدائين مارواڙ کي وسايائون.

جاڙيجا ذات:
سنڌ مٿان حڪمران چوڍا سما هئا، هو سنڌ ڇڏي ڪڇ ۽ سوراشٽر ۾ پنهنجون بيٺڪيون ٺاهي ويا، ان ڪري سنڌ نڌڻڪي ٿي چڪي، جاڙيجن لاکي گهراڙي کي پنهنجو سردار ڪري ورتو، جنهن اڳتي هلي ڄام جو لقب ڌريو، هن جي مرڻ بعد سندس پٽ انڙ گادي ڌڻي ٿيو، جنهن کي پنهنجا ڀائر قتل ڪري، ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا.
جاڙيجا سمن کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي قوت هئا، جن ڪڇ ۽ سوراشٽر ملڪن ۾ سمن جي جنگي مدد ۾ ونگارون وهندي، منجهن حڪمراني جي خواهش پيدا ٿي، پوءِ جاڙيجن ڪڇ ۽ سوراشٽر ۾ پنهنجون حڪومتون ٺاهي ورتيون.
1313ع ۾ جاڙيجن سمن جي مدد ۾ سوراشٽر ملڪ اندر ڄيٺيون کي جنگ ۾ گهملي مان زوري ڀڄايو، ان ريت سوراشٽر سمن کي فتح ڪري ڏنائون، تنهن کان پوءِ جاڙيجن واپس ٿي، ڪڇ ۾ اچي پنهنجون سرداريون ٺاهي ورتيون، ڄام همير جاڙيجي کي 1535ع ۾ قتل ڪيو ويو، ان ڪري ڄام راول هالا ڪڇ مان نڪري ويو، پوءِ هن سوراشٽر تي هلان ڪئي ۽ سوڀارو ٿيو، هن پنهنجي ڄمت کي وڌائڻ شروع ڪري ڏنو، ان پر هو گوندل، ماليا، مورو، نوان ننگر، راڄ ڪوٽ، درال وغيره رياستن کي زير ڪري چڪو، 1540ع ۾ پنهنجي قائم ڪيل بيٺڪيت کي ”هالا وند“ سڏيو، ۽ هتي دائمي ٿاڪ اختيار ڪيائين، ڄام راول هالا جي پوين پاڻ کي ”هالاڻي“ چوائڻ شروع ڪيو، جاڙيجن جا ڪيترا پاڙا رياست نوان ننگر جي چوڌاري ڄمت ڪري ويا، سوراشٽر جو اتر اولهه وارو حصو ”هالار“ سڏجڻ ۾ آيو، (سنڌي جاڙيجن سنڌ جي هالار جبل جي تشخص کي پنهنجي خانداني نالن سان سوراشٽر ۾ رهي بحال رکيو اهو سنڌ سان محبت جو چٽو مثال آهي) سوراشٽر جي ڏکڻ حصي ۾ به ڪا هي پيا، ان ريت راج ڪوٽ رياست به هٿ ڪري چڪا، 1616ع نوان ننگر رياست جي والي ڄام جئسا جي جاڙيجي گجرات ۾ مغل بادشاهه جهانگير جي دعوت ڪئي، هن جي وفات تي 1624ع ۾ ڀائيٽو ڄام لاکا جي گادي ڌڻي ٿيو، ڄام لاکاجي بعد ڄام ملجي ملڪ جو والي ٺهيو، هي بنا اولاد مري ويو، 1661ع ۾ ڀاڻس راءِ سنگجي حاڪم ٿيو، سندس ڀاڄائي ڏير خلاف گجرات جي مغلي گورنر قطب الدين کي فرياد ڏني، جنهن نوان ننگر مٿان ڪاهي ڄام راءِ سنگجي کي ماري، رياست مغل شاهي سان ملائي ڇڏي، هن جو پٽ ڄام تماچي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو، جتان مغل شاهي سان وڙهندو رهيو، 1727ع ۾ گجرات جو گورنر جسو تسنگجي جي ست ستاءَ سان مغل شهنشاهه اورنگزيب ڄام تماچي کي نوان ننگر رياست واپس ڏني، جاڙيجا خاندان جو ناليرو حاڪم مير مان هو، جهڙو سڄاڻ تهڙو جوڌو، هن نوان ننگر کي خوب وڌايو، 1800ع ۾ وفات ڪري ويو، هو پنهنجي حياتي ۾ ڄام جئساجي کي واڳ ڌڻي ڪري ويو، جنهن انگريزن سان جوٽون کاڌيون.

موهل ذات:
هي نيات هندستان جي مالي (ملهي) ذات جي جڙ مان نڪتل آهي، مالي ذات پنجاب ۾ حد کان گهڻي پٿريل آهي، سڪندر اعظم جڏهن يونان کان هلندي ڪاهون ڪندي پنجاب ۾ پهتو، تڏهن هن ذات هن حاڪم سان ٽڪر کاڌو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، انهن گهائن جي ڪري هن جو اڳتي هلي موت ٿيو، هي ذات ملتان پرڳڻي جي ”سهيل ٿان“ ۾ وسندي هئي، بيڪانير جي ميدان مٿان به هي ذات پٿريل هوندي هئي، جنهن وقت راٺوڙ قوم بيڪانير ۾ پنهنجي حڪومت جو بنياد وڌو، تنهن سمي هن ذات جي آزاديءَ ۾ ڪتر پئجي وئي.
ضلع لاڙڪاڻي ۾ موهل ذات جون وسنديون:
ڳوٺ بڊا ۾ موهلن جا 25. 30 گهر آهن، جن جي ماڻهو ڳڻپ 350 ٿيندي.
پير ڳوٺ لڳ نئون ديرو جي ڀرسان موهلن جو ڳوٺ آهي، گهر شماري 20 ٿيندي ۽ ماڻهو شماري 200 ٿيندي.
درياءَ ڀرسان ڪچي ۾ تعلقي رتي ديري سان واڳيل موهل ڳوٺ آهي، 30 گهر ۽ ماڻهو 350 کن آهن،
سوائي اگهم ڳوٺ ڀرسان موهل ڳوٺ پوي ٿو، جنهن ۾ 150 گهر ٿين ٿا.
19 مئي 1998ع ۾ بڊي ڳوٺ جي موهلن جو چوڻ آهي، ”واليڏنو موهل پنجاب مان لڏي سنڌ ۾ اچي ويٺو، جتان سنڌي موهلن جي پيڙهه وڌندي رهي.“

ڪاٺيا ذات:
ڪاٺيا هَوَن گهراڻي جي ٿڙ جي هڪ لام آهي، جنهن جو رهائش گاهه پنجاب رهيو، سڪندر اعظم پنجاب مٿان چڙهائي ڪئي، هن ذات يوناني شهنشاهه سان ٽڪر کاڌو، 8 صديءَ ۾ هي ذات سنڌ ۾ به پهتل هئي، جتان اوڀر سنڌ مان نڪري، هندستان جي حدن ۾ گهر ي پيا، جتي سوراشٽر مٿان هلان ڪري، قابض ٿيا، جنهن کي اڳتي هلي سوراشٽر مان ڪاٺياواڙ نالو ڏانائون، 12 صديءَ ۾ هندستان اندر مهاراجا پرٿوي راج ۽ مهاراجا چئچند جون رتو ڇاڻ ويڙهيون هليون، ٻنهي ڪٽن ۾ ڀرتي ٿيل ڪاٺيا ذات جا جوڌا پهلوان هئا، جن جو ڌنڌو فوجداري هو، گهوڙي تي چڙهڻ، هٿيار کڻڻ هنن جي جهوني ڪرت هئي، ساڳئي وقت يوناني ڪن دانشورن جي لکت پٽاندڙ هن ذات جو اصل نسل يوناني قوم سان لڳي ٿو، هي يوناني قوم منجهان آهن، ڪاٺيا ذات جڏهن سنڌ مان نڪري هندستان جي ايراضيءَ ۾ آيا ٿي، پهرين ڪڇ ۾ پهتا، هنن جي سرڪشي ۽ اراڏئپ جي ڪري، ڪڇ جي حاڪم ڄام عابد کين رهڻ نه ڏنو، 1000ع ۾ هنن کي ڪڇ نيڪالي جو حڪم ڏنائين، ان ڪري هو ڪڇ ڇڏي سوراشٽر ۾ اچي آباد ٿيا، جتي هنن جو سيلا قوم سان ٽڪر ٿيو، هن کي جيتيائون، پوءِ ڪڇ ۽ سنڌ مان سوراشٽر ۾ اچي گڏ ٿيا، بهادري ۽ گهڻائيءَ جي ڪري هن ملڪ مٿان ڇائنجي ويا، اڳتي هلي هنن پنهنجي نسل کي ڪورون جي ڪٽنب سان ملايو.

جهالا ذات:
هي نک راجپوت قوم مان نروار ٿي آهي، ڪنهن سمي هي ذات سنڌ ملڪ ۾ ننگر پار ڪر جي ڀرسان ”ڪيرانت“ ۾ حڪومت ڪندي هئي، جتان ڪن اڻ وڻندڙ حالات جي ڪري ڇڏي هليا ويا، 1090ع ۾ سوراشٽر ملڪ جي هڪ حصي مٿان قابض ٿي، کپ کوڙي ويهي رهيا، ان ماڳ جو نالو ”جهالا وند“ رکيائون، هي مقام انهيءَ نالي سان ڏاڍو پڌر پيو، ”جهالا وند“ ۾ ئي زندگي گذارڻ لڳا، هن ذات جا راجائون سوراشٽر ۾ ڏاڍو هاڪارا ٿي گذريا.

مير ذات:
هي نيات سوراشٽر ۾ ڄيٺون سان گڏ رهندي هئي، جڏهن به ڄيٺون جو حاڪم گاديءَ تي ويهندو هو، تڏهن مير ذات وارا پنهنجي آڱر ڪاتي سان چيهه ڏئي رت ڪڍندا هئا، اهارت پنهنجي نرڙ تي ڳاڙهو تلڪ ڪڍي، پاڻ کي ڄيٺون حاڪمن جو رت ڏيندڙ ساٿي چوائيندا هئا، هو ائين ڪرڻ سان پاڻ کي وفادار ۽ طرفدار ثابت ڪندا هئا، ميرن جا پويان ضلع مير واهه ۾ گهڻا ئي اچي آباد ٿيا

ريٻاري ذات:
هي ذات اتر هندستان جي حرن مان تڙجي سوراشٽر علائقي ۾ اچي ڪٺو ٿي، جتي بردا جبلن ۾ دائمي ٿاڪ ڪري ويهي رهيا، انهن ماڳن تي کين ”ٻاربر“ پوءِ ”بردا“ چوندا هئا، پڇاڙي ڌاران هي نيات ٻن شاخن ۾ ونڊجي وئي.

ٻار ٻرذات بردا ذات
هلندي هلندي جيسلمير ۽ ڪڇ ۾ وٿاڻ ڪر ي ويا، جتان سنڌ ۾ به اٿلي پيا، سنڌ ۾ هاڪڙي درياءَ جي ڪنڌي، بدين، جهڊو، نئون ڪوٽ، ڊگهڙي ويجهو اوڏو، پاڪر ڏونگر جي سکپور، گهڙيار ندي جي ڪنڌي مٿان سندن ٺڪاڻا آهن، ان کان سواءِ مٺي، عمر ڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان ۽ ٺٽي جي حدن ۾ وسن ٿا.
سنڌ ۾ ريٻاري جا ٽپڙ ڪلهن تي هوندا هئا، مال جي چاري جي کوج ۾ ڪڏهن ڪاٿي ته ڪنهن مهل ڪٿي وڃي ٿوري مهل ٿاڪ ڪري رهندا هئا، کين رڍن، ٻڪرين، ڍڳين، مينهن ۽ اٺن جا ڌڻ هوندا هئا، جن کي ٿرن برن ۾ پيا پاليندا رهندا هئا، سندن گذارو مال تي رهندو هو.
ملڪي ورهاڱي کان پوءِ هو ڪچيون پڪيون آباديون جوڙي واهڻن ۽ ڳوٺن جي مانڊاڻ ۾ رهيا، ان ڪري پنهنجي ٻارن کي به پڙهائڻ لڳا، هن نيات ۾ ڪي هندو ۽ ڪي مسلمان آهن، هو پاڻ کي راجپوت ڪري چوائن ٿا، سنڌي ريٻاري ٻاڪرو، مرغي، گوشت ۽ مڇي کائن ٿا، هندو ريٻاري گوشت کان پري، ويشنو قسم جا آهن، پنهنجن لاشن کي ساڙين ٿا ۽ مسلم ريٻاري پورين ٿا، پراڻي دور ۾ سنڌ اندر ريٻاري فوت ٿيل عورت کي ڪاري رنگ جو ڪفن ڏيندا هئا، هن سمي اڇي ڪپڙي جو ڪفن عورت کي ڏين ٿا، بي واهه عورتن ۽ مردن لاءِ ٻي شادي منع ٿيل آهي، شاديون پنهنجي پاڙي مان نه ڪندا آهن، شادي ۾ ڪنوار کي هڪ ڳئون ڏاج ۾ ڏيندا آهن، شادي وهانءُ ۾ ريٻاري ڌاري ذات کي ڪوٺ گهڻو ڪري نه ڏيندا آهن.
سنڌي ريٻاري ٻاهر عوام سان سنڌي زبان ڳالهائيندا آهن، پر پنهنجن گهر ڀاتين سان اڃا راجستاني ڪڇي گاڏڙ ٻولي پيا ڪم آڻيندا آهن، سندن لهجن جا ڪي ڍنگ نروار رکجن ٿا، سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيڏانهن پيو وڃين؟ گهرو ٻوليءَ ۾ چون، ”ڪٿوڙيو زائي“؟ پٽڪي کي ”پوت“ ۽ پڙيءَ کي سڏين ”پيڻ“ هنن جون پنگتي نبيريون ۽ نڇيڙيون سندن ”مکي“ ڪندو رهندو آهي.
ريٻارين جا پاڙا آهن:
ڀانگڙا
کانڀليا
مهيس
جالا
موٽڻ
ڀوپا.

اهير ذات:
اهير هڪ ذات آهي، پر هن ذات کي قوم سڏجي ته به ان ۾ ڪا ڀل يا وڌاءُ نه ٿيندو، جنهن جي باري ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي انساني نسل جي ڄاڻ رکندڙ تاريخدان پنهنجي پنهنجي رخ سان هن ذات يا قوم جي پرک رکن ٿا، اهڙن دانشورن جي جدا جدا راين ۽ جائزن کي پيش ڪجي ٿو:
اهير، سنڌ جي پراڻي قوم آهي، جنهن هتي آريا حملي آورن سان چڪريون کاڌيون، پر جڏهن آريا مٿن غالب پئجي ويا، تڏهن اهير جابلو ڀٽن ۾ وڃي ڀيڙا ٿيا، ڪي وري سنڌ ڇڏي ايران ڏانهن راهي ٿيا، ايران وارن اهيرن جو پاڪ ڪتاب ”زندا“ سڄو سنڌ جي ساک سان ڀريل پيو آهي، نئين پارسي ٻولي، جيڪا ايراني اهيرن جي اولاد ايرانين جي زبان آهي، ان جو ناتو سنڌيءَ ٻولي سان ساڳو قائم آهي، فارسي جا ڪيترا لفظ ساڳيا ٻنهين ٻولين ۾ جيئن جو تيئن موجود آهن، () محمد سومار شيخ صاحب موجب ته اهير ڪڇ ملڪ جا رهاڪو هئا، ڪڇ ملڪ جو اصل نالو ”اڀيرس“ ديس هو، سنڌ اڀير (اسير) لفظ اڳتي هلي ”اهير“ ٿي ويو، اهير معنيٰ قيدي يا مظلوم سڏجي ٿو، ساڳي وقت موصوف ڦرکائي پنهنجي ويچار ونڊ ۾ چوي ٿو ته بلوچ اصل ۾ اهير (اسير قوم) آهي،
مٿين اهير جائزي کان پوءِ هيٺ ڏيهي پرڏيهي هن ڏس ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا رهن ٿا:
اهير لفظ جي جڙ ”اَهِي“ آهي جنهن جي معنيٰ نانگ آهي، اَهِي مان اهير لفظ جڙي پيو، هي نيات ننڍي کنڊ ۾ آڳاٽي سمي کان وسندي رهي ٿي، ڪن جو چوڻ آهي ته اهير گهڻي ڀاڱي افغانستان کان پنجاب ۾ پرٽجي پيا، جتان اٿلي هندستان ڏانهن پٿرجي ويا، ڀارت جي خانديشا، ناستيڪ، اتر پرديش، اولهه ڀارت، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، پالنپور علائقن ۾ اڄ به ماڳ مچايون ويٺا آهن، هن ذات مان هندستان اندر ڪيترائي بادشاهه نروار ٿيا، پاڪستان جي پنجاب ۽ سنڌ ۾ اهير وسندا رهن ٿا، اهڙي ريت انساني نسل جي ماهرن ۽ دانشورن هن ذات کي پنهنجن ڪتابن ۾ جاءِ ڏني آهي:
1. ڀڳت پراڻ: هن لکت جي وسيلي پنگتي لڇن لامن کي پڌرو ڪيو ويو آهي، ته اهير نيات وئشن مان پيدا ٿي آهي، ان ڪري هن کي وئش خاندان سمجهڻ گهرجي.
2. برهما پراڻ: هن لکڻي مان پڌرو ٿئي ٿو، ته اهيرن جو پيءُ ڪشيٽريا مان ماءُ وئش خاندان مان هئا، ٻنهين جي ميلاپ مان اهير ذات وجود ورتو.
3. ڏيهي پراڻيون چوڻيون: ذاتين جي کوجنا ۽ ڇنڊ ڇاڻ مان پروڙ پوي ٿي، ته اهير ذات هڪ ٻانهوڙي راجپوت ڇوڪر ۽ هڪ ٻانهيءَ وئش ڇوڪري مان نسري نروار ٿيا.
4. يوناني ليکڪ: انساني پيڙهي جي پروڙ رکندڙ يوناني سڄاڻ هندستاني ذاتين جي باري ۾ تاريخ اندر و ستار ڪندي لکن ٿا، ته ”اڊهيرن“ جو حاڪم ”ابيسار“ 325 ق.م دوران مري ۽ مرگلا جي پرڳڻن جي وچ تي راڄ ڪندو هو، هندو ڏيهي تاريخدان به پنهنجن اتهاسن ۾ اهيرن کي ابهيرا سڏيو آهي.
5. بامبي گزيئٽر: هن دفتر جي لکت موجب سڪندر اعظم جي دور ۾ اهير اتر اولهه پنجاب ۾ رهندا هئا، ان کان پوءِ هو ڏکڻ پنجاب ڏانهن اسري ويا، جتان سنڌ جي سري ۾ سڪونت پذير ٿي ويا، سنڌ ۾ سندن وسندي جو زمانو 250ع هو.
6. مسٽر وليمز ۽ سر وليم: هنن عالمن جي اتهاس جي آڌار تي اهير سٿين لوڪ جا پونيئر آهن، ان باري ۾ سندن دليل ڏنل آهن، ته سٿين جي سماجي سٽا پٽاندڙ ڀاءُ جي مرڻ پڄاڻا رنڙ ڀاڄائيءَ سان ڏير شادي رچائي سگهي ٿو، هن نسل ۾ اهڙي قسم جون شاديون روا رکجن ٿيون، اهير به ان نموني جا وهانءُ جاري رکن ٿا، ساڳئي وقت سٿين قوم نانگ جي پوڄاري آهي، نانگ سندن قومي نشان ۽ سڃاڻپ آهي، اهي ٻئي دليل ثابت ڪن ٿا ته اهير سٿين قوم مان آهن.
7. نيسلفيلڊ: هي ليکڪ پنهنجي دليلي دائري اندر پڌرو ڪري ٿو، ته ”ابهيرا“ سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جي بگڙيل شڪل ”اهير“ ٿيو آهي، ۽ اڳتي هلي پراڪرت ٻوليءَ جو لفظ جڙي ويو آهي، اهير آريائي پود مان آهن ڇو ته آريا ڀاڄائي سان شادي ڪندا آهن.
8. مينيو: هي مورخ پنهنجي انوکي واٽ وٺندي، ظاهر ڪري ٿو، ته اهيرن جي اپت گاڏ ٻاجهر جي نموني سان ٿي چڪي آهي، پيءُ برهمڻ ۽ ماءُ امبا شٿا مان وجود ورتائون.
9. مسٽر اي، ايم، ٽي جيڪسن: بطلومي يوناني جي سمي وارين تاريخن اهيرن کي ابيسار لکيو آهي، جنهن جي آڌار تي، مسٽر جيڪسن ”ابيسار“ کي سائيبريا سان ملايو آهي، انهيءَ پرک ۽ ڪسوٽيءَ تي اهيرن کي سائبريا جو رهاڪو ٺهرائي ٿو.
10. سر والٽر ايلٽ: هي معزز پنهنجي ذاتين جي تجزئي نگاريءَ ۾ ٻڌائي ٿو، ته اهير اتر پرديش جي جهوني قوم آهي، اهير قوم کي اتر ڀارت ۾ اهير ۽ دکن ڀارت ۾ ”ڪرومباس“ سڏيندا هئا، پر اڳتي قومن جي پارکن ڪرومباس ۽ اهيرن کي ڇنڊي ڇاڻي الڳ الڳ ٻه قومون ڪري ٺهرايو، ساڳئي وقت هن جو چوڻ آهي، ته اهير هندن جي لڇڻن جي لڙهي ۾ نٿا اچن، ڇو ته هندن جي اوتار سري ڪرشن گذاري ويو، هن جي لاش کي دئارڪا ۾ چکيا تي چاڙهيو ويو، ان کان پوءِ سندس ودوائن ۽ خزاني کي ارجن هڪ دستي جي سنڀال هيٺ اندر پرسٿا ڏانهن روانو ڪيو، جڏهن هي قافلو پنجاب پهتو ته اهيرن هن قافلي کان سڀ ڪجهه ڦري ورتو، جيڪڏهن هي هندو هجن ها ته پنهنجي اوتار جي ود وائن جي عزت آبرو ڪن ها، ان مان پڌرو آهي ته هو هندو نه آهن، اهير آرين جي قوم مان به نه آهن، پر هو ننڍي کنڊ جي هڪ پراڻي قوم ضرور آهن.
ڀارت جي گڏيل پرڳڻن ۾ ضلعي مرزاپور ۾ اهيرن کي ”اهر آر“ ۽ جهانسي جي ڏکڻ هڪ ٻئي پرڳڻي کي ”اهير واڙ“ چوندا آهن، جڏهن 8 صديءَ ۾ ڪاٺيا قوم هندستان ۾ داخل ٿي، تڏهن گجرات جو وڏو ڀاڱو اهيرن جي راڄڌانيءَ ۾ ڏٺائون، اهيرن جي خانديش ۾ وڏي سگهه هئي، جتي قلعو اسير ڳڙهه سندن ڄمت ۽ حڪومت جو نشان هو.
11. فرشته: هي تاريخدان مفڪر لکي ٿو ته اسير ڳڙهه اسا نالي اهير شهزادي جو لڏيل هو، جتي سندس حڪومت هئي.
12. ڊاڪٽر فڪ: هن عالم جي دعويٰ آهي ته اهيرن جي باري ۾ هندن جي پران ۾ ابهيراس جو ذڪر هڪ قبيلي جي حيثيت سان ٿيل آهي، جنهن جي اتر ڀارت ۾ نشاندهي ٿئي ٿي، ناسڪ ۾ گفا مندر تي ڪتبو لکيل آهي، جنهن ۾ شهزادي ابهيرا ايشور آسينا پٽ شيودتا جو ذڪر ڪيل آهي.
حقيقت ۾ اتر ڀارت ۾ اهيرن کان جت ۽ گجر پراڻيون قومون آهن، ڀارت ۾ اهير هڪ قوم جي شڪل وٺي نروار ٿي چڪي، جيئن ته اهير برهمڻ، اهير سوانا، اهير لوهر، اهير ڊکڻ، اهير ڪولهي، اهير هاري وغيره وري ٻولي جي بدولت ڀارت جي اندر اهير جدا جدا هنڌن تي نرالي نرالي ٻولي ڳالهائين ٿا، ان ڪري ڀارت ۾ هر پرڳڻي جي اهيرن جي زبان ۾ فرق سمايل آهي، چوڍا سما سورهيائي ۽ سرويچائيءَ جي داستانن ۾ اڃا سوڌا اهير راڻا چوائين ٿا، جيڪي جادو بنسي اهيرن جي هڪ لام آهن، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اهيرن جون ڪي لڇون ۽ لامون:
اباليا 11 چوچڙ 21 کيوا
براد يا 12 چوڍا سما 22 کونٽي
ڀادرڪا 13گاگيا 23 ننڌنيا
ڀئيديا 14 گوگهام 24 پيڌريا
ڀينڊا 15 گوهيل 25 پيٿيا
ڀيڀا 16 گوديا 26 واوليا
ڀوريا 17 جوگال 27 سنجوا
ڀوتڙ 18 ڪڇوٽ 28 سنڌوا
چَوَدا 19 ڪماليا 29 سسوتيا
چٿريا 20 ڪارنار 30 وڌيا
31 وسرا 32 وجوا

دکن هندستان ۾ اهيرن جون نکون:
رومانس 3 ڌيداموار 5 گهوسي
گئال بنس 4 ڀروٿيا 6 گجر
دکن هندستان ۾ نظام شاهيءَ دوران ڳرين ڍلن جي ڪري 19 صديءَ جي منڍ ۾ دکن حيدر آباد ڇڏي، انگريزي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا، جتان ڪي ڪراچي سنڌ ۾ وڃي نڪتا، ڪي وري راج ڪوٽ پهتا، ڪيترا ديسا ۽ پوني هليا ويا، هنن جو جدا جدا پرڳڻن ۾ وڃڻ جو سبب انگريزي لشڪر جي رجمنٽ جي ونڊ ورهاست جي ڪري ٿيو.

ضلع لاڙڪاڻي ۾ اهير ذات جي آباديءَ جو جائزو:
هر هڪ ذات جا ٿورا ٿورا ماڻهو ته پنهنجي پنهنجي سهولت سان ڪن ڳوٺن، واهڻن، ننگرن ۽ شهرن ۾ وسن ٿا، پر جن ڳوٺن تي اهيرن جا نالا آهن، اهي هي آهن:
الهه بخش اهير ڳوٺ: اسٽيشن پير محمد ميتلا تعلقه قنبر ۾ هي آبادي آهي، ديهه داٻو، تپو داٻو، جنهن ۾ اهير، شر ۽ بروهي ذاتيون رهن ٿيون، انهن ۾ اهير شماري 3000 آهي.
امام بخش اهير ڳوٺ: لڳ جيئڻ ابڙو، نور واهه جي ڏکڻ پاسي لاڙڪاڻو قنبر روڊ جي اتر پاسي، جنهن وسنديءَ ۾ اهير، کوسا، جاگيراڻي رهن ٿا اهير ذات ڳاڻاٽو 900 آهي.
علي محمد اهير ڳوٺ: لڳ بٺي بهرام تعلقو ميرو خان، قنبر شهدادڪوٽ وايا بهرام روڊ جي اوڀر پاسي هي وستي کڙي ٿيل آهي، بهرام روڊ سان هي ڳوٺ لنڪ روڊ وسيلي مليل آهي، هتي اهير، کهاوڙ، چانڊيا، مگسي زندگي گهارين ٿا، جن ۾ اهيرن جي ڳڻپ 300 ٿيندي، هي ڳوٺ تعلقي ميرو خان ۾ شامل آهي.
محمد صديق اهير ڳوٺ: تعلقو لاڙڪاڻو، لڳ گهاڙي، لاڙڪاڻي قنبر روڊ جي اتر پاسي گهاڙي واهه جي وٽ تي محمد صديق اهير بڊا ڳوٺ کنيل آهي، جنهن ۾ اهير مغيري، موهل، ڏونگريا ويٺل آهن، جن ۾ اهير آبادي 250 آهي.
اهير ذات جي مٿين چئن ڳوٺن کان سواءِ لاڙڪاڻي شهر جي محلن ۾ به اهير وسن ٿا، جن کي هيٺ ڳڻجي ٿو:
صفدر ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ 200 کن اهير رهن ٿا.
لاهوري محلا لاڙڪاڻه ۾ اهير 700 جي لڳ ڀڳ آباد آهن.
لاهوري پيپلز ڪالوني لاڙڪاڻو اهير شماري 500 آهن.
ڊاڪٽر ڪالوني لاڙڪاڻو: هي اهير 50 کن حياتي گهارين ٿا.

سولنگي ذات:
سولنگي منڍ ۾ لوڪوٽ (لاهور) ۾ رهندا هئا، وڏي اوج تي رسيل ذات هئي، سولنگي يا چلوڪ يا تڪ، چوهاڻ، پرمار ۽ پرهار هڪ ٿڙ جون لامون آهن، ننڍي کنڊ ۾ هن ذات جي سورهيائيءَ جو ڌاڪو ويٺل هو، هن ذات جون ٻه شاخون لانگاهه ۽ ٽوگر ملتان خطي ۾ پکڙيل هيون، سولنگي گنگا جي ماٿريءَ تي به رهندا هئا، هن ذات جي حڪومت ملبار ڪناري کان بمبئي لڳ ڪلياڻ تائين هوندي هئي.
گجرات جي آخري چوڙا خاندان جي راجا سماٽ سنيها پنهنجي ڌيءَ سولنگي سردار کي شادي ڪري ڏني، جنهن مان مولراج پيدا ٿيو، ناني، ڏهٽي جي حق ۾ گجرات جو والي ٿيڻ جي راءِ ڏني، پاڻ راجا ري اولاد مري ويو، راجا چوڙاجي راءِ مطابق مولراج گجرات جو واڳ ڌڻي ٿي چڪو.
گجرات جي سولنگي راجائن ۾ ستين پيڙهيءَ تي راجا سڌراءِ جئسنگ سولنگي ننڍي کنڊ ۾ گهڻو هاڪارو رهيو، جنهن جو پوري هندستان مٿان ڌاڪو رهيو، هن راجا توسع پسنديءَ جي ڪري جنگين جي دائري کي وڌائي ڇڏيو، ڪرناٽڪ کان هماليه جي دامن تائين ڪاهون جاري رکيائين، 22 رياستن کي ڍل ڀرو ڪري ڇڏيائين.
راجا ڪمار پال سولنگي گجرات جي خوشحاليءَ تي وڏو ڌيان ڏنو، ساڳئي وقت جابلو سالپوري راجائن جي گڏيل سوا لک فوج مٿان ڪاهي، کين عبرت ناڪ شڪست ڏني، ان ڪري هن جي هاڪ ۽ ڌاڪ ننڍي کنڊ ۾ عام ٿي وئي، هن جي دور حڪومت ۾ برهما جي مندر مان سولنگي ذات جو ڪتبو هٿ لڳو، جنهن ۾ سولنگي پاڙن جون حڪومتون ۽ رياستن جا نالا ڏنل آهن.
سولنگين جي پاڙن جا نالا رياستن جا نالا
بگهيل بگهيل کنڊ
ٿراڊ اوالج
ڀيلا ڪلياڻ پور
ڀوت بارو، ٽيڪرا، ڪهير، جيسلمير
ڪالاچ بارو، ٽيڪرا، ڪهير، جيسلمير
لانگاهه ملتان
ٽوگرو (ٽوگرا) پنج ند
برڪو (برڪي) پنج ند
سورڪي دکن هندستان
سروريه گرنار، ڪاٺياواڙ
راوڪ جئپور
رانڪيا ميواڙ
کروار مالوا
تانيا چاند ڀرسا ڪمبري
الميچا نامعلوم
ڪلامور گجرات
1228ع ۾ سولنگي راجا مولديو تخت ڌڻي ٿيو، هي سولنگي راجائن ۾ ڪمزور ترين ثابت ٿيو، ان ڪري سولنگين جي بهادري ۽ مشهوريءَ کي وڏو ڌڪ رسيو.
فيروز شاهه تغلق جي دور حڪمرانيءَ ۾ سولنگي راجا سهارن مسلمان ٿيو، جنهن پنهنجو لقب ”وجة التبوتڪ“ رکايو، کيس فيروز شاهه تغلق هن کي گجرات جو والي ٺهرايو، هن جي رحلت کان پوءِ گجرات جو حاڪم سندس پٽ مظفر ٿيو، جنهن حاڪم پنهنجي سولنگي خاندان جو شجرو لڪائي، نئين گهراڻي جو بنياد رکيو، هندستان جي مرڪزي قوت کي ڪمزور ڏسي، ظفر جو لقب اختيار ڪري، گجرات کي آزاد رياست ڪري ڇڏيائين، مظفر خان کي پنهنجي پوٽي قتل ڪري ڇڏيو، هن جي قتل ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽ گجرات جو گادي ڌڻي رهيو، جنهن پنهنجي پٽ احمد کي گجرات جو والي ڪري ڇڏيو، احمد گجرات کي وڏي ترقي تي رسايو، گجرات جي هڪ شهر مٿان احمد آباد نالو ڏنو، جيڪو سولنگين جو مڃيل ڪارنامو ٿو ڳائجي.
27 آڪٽوبر 1819ع تي ليکڪ ٽاڊ ميواڙ جي سفر نامي ۾ لکي ٿو، ته روپن ڳڙهه رياست جي راجا شيورتن سان گڏجاڻي ٿي، جنهن جي جاگير ڪجهه ميواڙ ۽ ڪجهه مارواڙ ۾ واقع هئي، سندس قلعو پهاڙ جي اولهه پاسي تي هو، راجا شيورتن گجرات جي شاهي گهراڻي ۾ سولنگي سردار هو، گجرات رياست سولنگين کان وڃڻ ڪري، سولنگي شاهي گهراڻو ڪيترن حصن ۾ ورهائجي ويو، هندستان جي مشهور تارا ٻائي راجا شيورتن جي نياڻي هئي.

ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سولنگين جون وسنديون:
ڳوٺ مهرو ماڇي، تعلقو لاڙڪاڻو
ڳوٺ ورند ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ ڊينگل ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ وارث ڏنو ماڇي، تعلقو رتي ديرو
ڳوٺ موٽڻ ماڇي، تعلقو لاڙڪاڻو
ڳوٺ ڪنڊو ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ ميان رتو سولنگي، تعلقو وارهه
ڳوٺ فتح ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ حسين ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ صادق ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ بخش علي ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ ميرڻ ماڇي، تعلقو قنبر
ڳوٺ سنهڙا ماڇي، تعلقو قنبر
ڳوٺ گند ماڇي، تعلقووارهه
ڳوٺ ڇهي ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ علي محمد سولنگي، تعلقو وارهه
ڳوٺ سونو ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ سولنگي لڳ وليد، تعلقو لاڙڪاڻو
ڳوٺ ماڇي لڳ الهه آباد، تعلقو لاڙڪاڻو
ڳوٺ مولي ڏنو ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ لانگهو سولنگي، تعلقو وارهه
ڳوٺ ڊٻ ماڇي، تعلقو وارهه
ڳوٺ الله بخش سولنگي، تعلقو لاڙڪاڻو
مٿين ڳوٺن کان سواءِ ٻين ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ سولنگين جي ٻين ذات وارن سان گڏ رهائش آهي، جنهن کي نٿو ڄاڻائي سگهجي.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/8PJASeF.jpg[/img]