تصوف

اولاڻا عشق جا (ڪلام فقير معشوق علي کوکر)

ھي ڪتاب فقير معشوق علي کوکر جي شخصيت ۽ شاعريءَ (اڻ ڇپيل) بابت تحقيقي مقالو آھي جنھن جي ترتيب ۽ تحقيق راشد شر ڪئي آھي.
پاڻ جڏهن فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام پڙهون ٿا ته اسان کي هن فقير وٽ به عشق فراق جي دانهن سان گڏ سندس شاعريءَ جو ٻيو جيڪو اهم موضوع ملي ٿو اهو آهي صوفياڻو رنگ جنهن ۾ هن پاڻ کان اڳ وارن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي پيغام جي تسلسل کي اڳتي وڌايو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 1784
  • 1636
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book اولاڻا عشق جا  (ڪلام فقير معشوق علي کوکر)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اولاڻا عشق جا (ڪلام فقير معشوق علي کوکر“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب فقير معشوق علي کوکر جي شخصيت ۽ شاعريءَ (اڻ ڇپيل) بابت تحقيقي مقالو آھي جنھن جي ترتيب ۽ تحقيق راشد شر ڪئي آھي.
پاڻ جڏهن فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام پڙهون ٿا ته اسان کي هن فقير وٽ به عشق فراق جي دانهن سان گڏ سندس شاعريءَ جو ٻيو جيڪو اهم موضوع ملي ٿو اهو آهي صوفياڻو رنگ جنهن ۾ هن پاڻ کان اڳ وارن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي پيغام جي تسلسل کي اڳتي وڌايو آهي.
هي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران ڇپيل ناھي ۽ پياري راشد شر سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو آھي، جنھن لاءِ سندس ٿورائتا آھيون.



[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


[b]ارپنــا[/b]

مان پنهنجو هي علمي پورهيو
فقير معشوق علي کوکر جي پٽن
مختيار احمد، طالب حسين، اختيار علي،
اظهر علي، نزاڪت علي، اعتبار علي ۽
پنهنجن ان سمورن فڪري استادن ۽ باشعور دوستن جي
نالي ڪريان ٿو جن منهنجي زنگ لڳل ذهن ۾
شعور جي لاٽ ٻاري مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو علم سيکاريو.

پنهنجي پاران

جيئن ته مون کي سموري سنڌ جي صوفي شاعرن جي آستانن تي گهمي سندن فهم فڪر کي پڙهڻ جو دلي شوق رهيو آهي ايئن پنهنجي تعلقي فيض گنج جي صوفي شاعرن جي اوتارن تي وڃي سندن طالبن ۽ فقيرن کان شاعري ۽ راڳ رنگ ٻڌڻ جو به گهڻو شوق رهيو آهي. فيض گنج جي فقيرن جي اوتارن جون رولاڪيون ڪندي هڪ دفعي خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڳوٺ ۾ هڪ ادبي صوفياڻي ڪچهريءَ ۾ مون پهريون دفعو اتان جي هڪ ڳوٺاڻي جي واتان فقير معشوق علي کوکر جو ذڪر ٻڌو هيم ته هتان جو هڪ اهڙو به صوفي شاعر آهي جيڪي ادب جي ميدان ۾ اڃا تائين گمنام بڻيل آهي ۽ هن کي اب جي ميدان ۾ ڪنهن به محقق ناهي پهچايو ان ڪري ان فقير جي فن فڪر تي تحقيق ۽ سندس ڪلام کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي، ان ڏينهن کان مون کي فقير معشوق علي کوکر جي شاعري پڙهڻ جو شوق جاڳيو هيو ۽ پوءِ مون جلد ئي فقير معشوق علي کوکر جي پٽن ڏانهن لڙي ويو هيس جن مون کي لکين عزتون ڏئي فقير معشوق علي کوکر جو اڻ ڇپيل پورو ڪلام منهنجي حوالي ڪيو ۽ مان فقير معشوق علي کوکر جي ڪلام کي پڙهڻ کانپوءِ دنگ رهجي ويو هيس جو هن درويش جو ڪلام رنگين موسيقيءَ سان ڀريل ۽ رسيلي درجي جي ٻولي جو ميٺاڄ رکندڙ صوفياڻي طرز جو ڪلام هيو. فقير معشوق علي جو ڪلام پڙهڻ کانپوءِ سُتت ئي مون فقير معشوق علي کوکر جي ڪلام ۽ سوانح کي سهيڙڻ ۾ مصروف ٿي ويو هيس. پاڻ جڏهن به صوفياڻي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي پڙهون ٿا ته اسان کي صوفياڻي ڪلاسيڪل شاعري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو معيار بحال ڪرائيندي نظر اچي ٿي. دنيا اندر انسان دوستي ٻڌي امن ڀائيچاري سان رهي زندگي گذارڻ جو پيغام ماڻهن تائين پهچائڻ جو هر انسان دوست ڪردار جو پنهنجو الڳ طور طريقو رهيو آهي ايئن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ به صوفي شاعرن انسان دوستيءَ کي پنهنجي ڪلام جو مرڪزي خيال بڻائي پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ ۾ امن ڀائيچاري سان زندگي گذارڻ جو درس ڏنو آهي ۽ سماج مان مذهبي انتها پسنديءَ جهڙي نفرت ڀري باهه کي وسائڻ لاءِ پنهنجي صوفياڻي ٻوليءَ ۾ راڳ جي رنگ سان حق جا هوڪا ڏئي امن جي لاٽ ٻاري آهي. پاڻ جڏهن فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام پڙهون ٿا ته اسان کي هن فقير وٽ به عشق فراق جي دانهن سان گڏ سندس شاعريءَ جو ٻيو جيڪو اهم موضوع ملي ٿو اهو آهي صوفياڻو رنگ جنهن ۾ هن پاڻ کان اڳ وارن ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جي پيغام جي تسلسل کي اڳتي وڌايو آهي. آءٌ سنڌ جي هن صوفي فقير شاعر جي ڪلام تي ڪيل پنهنجي هن پورهئي کي نه عقيدت جو نالو ڏيندس نه وري هن درويش جي ڪلام مان روحاني راز ڳولڻ جي پڙهندڙن کي صلاح ڏيندس بلڪه مان هن ڪلام کي پڌري ڪرڻ جو مقصد واضع ڪندو هلان ته منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته مان سنڌ جي صوفي شاعرن جي شاعريءَ کي مزارن ۽ عقيدت جي پَڙن مان ڪڍي سندن سماج ۽ انساني ڀلائيءَ واري موقف کي چٽو پيش ڪري هن صوفين جي ڌرتيءَ تي پيار محبت جو پيغام پڌرو ڪريان. آخر ۾ مان ان مهربانن جي شڪرگذاري ڪندس جن منهنجي هن ڪم ۾ منهنجي گهڻي کان گهڻي مدد ڪئي آهي جن ۾ فقير معشوق علي کوکر جا پٽ مختيار احمد، طالب حسين، اختيار علي، اظهر علي، نزاڪت علي ۽ اعتبار علي جن جو هن ڪم ۾ اهم سهڪار رهيو ۽ مان هنن جي ئي سهڪار سان هن ڪم کي منزل تائين پهچايو آهي. ان کانسواءِ هن ڪم ۾ سائين آسي زميني، خاوند ڏنو لاڙڪ، سيال حيات، ڊاڪٽر شير مهراڻي، الطاف اثيم، مرتضيٰ ناز، فدا فياض، علي عاجز شر، يوسف جميل لغاري، ساجد شر، سجاد علي شر، صدام راڄپر جهڙا استاد دوست به منهنجو هر ممڪن سهڪار ڪندا رهيا آهن. هينئر تائين سنڌي ادب ۾ گمنام بڻيل هن صوفي درويش شاعر فقير معشوق علي کوکر جو مڪمل ڪلام سهيڙي ان تي پنهنجي طرفان ڪيل هن ڪاوش کي ڏسي سرهائي محسوس ان ڪري به ڪيان پيو ڇو ته مون کي يقين آهي ته فقير معشوق علي کوکر جهڙي درويش صفت شاعر جي هن ڪلام مان سنڌي ادب جا شاگرد استاد محقق ضرور لاڀ حاصل ڪندا.
سنڌ سلامت سٿ خاص ڪري محمد سليمان وساڻ جون پڻ مھربانيون جنھن ڪتاب کي پنھنجي ويب سائيٽ تي آندو.


[b] راشد شر پڪاچانگ
[/b] rashidshar788@gmail.com 30303329336

مهاڳ : مين پريم دا پيالا پي آيا........!!!

هزارن سالن جي شاندار تهذيب ۽ ثقافت رکندڙ صوفين ۽ سرمستن جي سنڌ پنهنجي جهول ۾ بيشمار اهڙن املهه هيرن کي سانڍيندي پئي اچي جن پنهنجي علم، ادب، عمل، ڪردار، فهم ۽ فيض سان پنهنجي جيجل سنڌ جي سينڌ کي پئي سنواريو آهي. انهن بي بها هيرن ۾ ڪي شاعر، اديب، سگهڙ ۽ ڪهاڻيڪار آهن، ڪي موسيقار ۽ فنڪار آهن ته ڪي واڍا، رازا ۽ لوهار آهن مطلب ته فن ۽ فڪر جي هر ميدان ۾ اهي پاڻ مڃائي هن ڌرتي جي ثقافت کي دوام بخشيندا رهيا آهن. پر جيڪڏهن ڳوڙهي نظر سان نهاربو ته انهن سڀني شعبن ۾ صوفي بزرگن جو رنگ ۽ ڍنگ هميشه نمايان ۽ نرالو رهيو آهي. اهي صوفي لاڪوفي هن ڌرتيءَ جي هر جاءِ تي محبتن جا ميلا مچايون ويٺا آهن. ڪٿي سرمستيءَ ۾ انالحق پيا اُچارين، ڪٿي فنا في الله جا سبق پيا سيکارين، ڪٿي خود کي سمجهڻ لاءِ پيا پاڻ پتوڙين ته ڪٿي خدا کي سمجهڻ جا احوال پيا اورين. پوءِ اهي راز ۽ نياز جون ڳالهيون، سوز ۽ ساز جون ڳالهيون ۽ عشق جي آواز ۽ انداز جون ڳالهيون هڪڙا شاعريءَ جي گيڙو ويس ۾ ويڙهي پيا پيش ڪن ته ٻيا وري نينهن جا ناچو بڻجي جهر جهنگ جهومي ۽ ڳائي وڄائي پيا پيش ڪن.
فيض گنج جو علائقو به سنڌ جي ٻين علائقن جيان علم، ادب، فن ۽ فڪر سان مالامال آهي. هتان جا نوجوان علم ۽ قلم جي قافلي سان جهڙي ريت سلهاڙجي هلن پيا ان جو ڪو به مثال ناهي. مون کي ان وقت بي انتها خوشي ٿيندي آهي جنهن وقت مختلف شعبن سان وابسته نوجوان خاص طور تي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد مستقبل ۾ ڪجهه ڪرڻ جا خواب اچي اوريندا آهن يا ساڃاهه جي ڪا وک کڻندي نظر ايندا آهن ۽ پنهنجي وس ۽ وت آهر، همت ۽ حيثيت آهر پنهنجي حصي جي ڏات جي ڪا ڏياٽي ٻارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. تازو جڏهن پيارو راشد شر فيض گنج جي ڀلوڙ صوفي شاعر معشوق علي کوکر جو عارفانه ڪلام ”اولاڻا عشق جا“ جي نالي سان سموهي ۽ سهيڙي کڻي آيو ته دل باغ بهار ٿي پئي ڇو ته ان جي همت ۽ حوصلي کي ڏسي مون کي فيض گنج جي نوجوان قلمڪارن جي هار ۾ هڪ خوبصورت جرڪندڙ موتيءَ جو اضافو محسوس ٿيو. پوري ايمانداريءَ سان ٿو چوان ته جنهن به علائقي جا نوجوان علم ۽ ادب ڏانهن راغب آهن اهو علائقو اڄ نه ته سڀاڻي تاريخ ۾ پنهنجو لازوال ڪردار ضررور ادا ڪندو ۽ راشد جهڙن کوڙ سارن فيض گنج جي نوجوانن جو علم ۽ ادب سان اهڙو چاهه ڏسي مون کي پورو يقين ٿئي ٿو ته فيض گنج جو خطو پنهنجي ڌرتيءَ جي خدمت ۾ انشاءَ الله پهرين صف ۾ هوندو. ڇاڪاڻ ته عام طور ڪيترا ئي نوجوان سنڌي ادب ۾ ايم اي ته ڇا پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ به صرف نوڪريءَ لاءِ ڊگريون کڻي پيا ڊوڙندا آهن پر اهڙا چند نوجوان هوندا آهن جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ئي سنڌي ادب جي خدمت لاءِ سوچيندا ۽ لوچيندا آهن. اهي ئي اسان جو حقيقي سرمايو آهن. مانوارو راشد شر به انهن جاکوڙي نوجوانن مان هڪ آهي جنهن کي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ادب جي مطالعي اهڙو ته دل ۾ ديرو لاتو جو رات ڏينهن مٿس اهو شوق غالب رهيو ته علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ ڪو تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪجي. حالانڪ مان ڄاڻان ٿو ته هو حالات جي بي رحم وهڪري ۾ وهندڙ اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي پيٽ پالڻ لاءِ به پاڻ پتوڙڻو پوي ٿو تنهنڪري هو ڪنهن به شهرت جي شوق کان بي نياز آهي پر سندس ادب دوستي اها آهي جو ادبي ميدان ۾ ڪجهه ڪرڻ کي ئي ايمان سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هزار ڀيرا مجبورين جي مٺ ۾ نپوڙجڻ باوجود هن فيض گنج جي هڪ بهترين صوفي لاڪوفي شاعر جي ڪلام کي سنڌي ادب ۾ ڪتابي صورت ۾ سجائي رکڻ جو سانباهو ڪيو آهي ۽ ان لازوال شاعريءَ کي وقت جي گمنام غار ۾ دزي چڙهڻ کان بچائي ورتو آهي.
فقير معشوق علي جي زندگيءَ تي مان انڪري لکڻ مناسب نٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جي احوال، سندس شاعريءَ جي موضوعن ۽ سندس همعصر شاعرن بابت جيڪو تفصيل راشد بيان ڪيو آهي ان کانپوءِ وري لکڻ ورجاءُ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو. مان بس ايترو اضافو ڪندس ته فقير معشوق علي ۽ سندس همعصر جهڙوڪ در محمد در لعل، صوفي جائي جمال، فقير ظفر سائين، سارنگ فقير لاشاري ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا صوفي شاعر آهن جيڪي فيض گنج جي صوفي رنگ ۾ ڪنهن انڊلٺ ريکا وانگر اڀريل آهن. حقيقت ۾ ايئن کڻي چئجي ته فقير خوش خير محمد جي ڏات ڪرڻا ڪرڻا ٿي مختلف صوفين جي سينن کي روشن ڪندي رهي ٿي ۽ هي سڀ ان ئي فيض مان فيضياب ٿيل آهن. جن جو فڪر ۽ فهم توڻي زندگي ايندڙ دور جي اديبن لاءِ هڪ گس آهي. فيض گنج جي انهن سڀني صوفي شاعرن جو عوامي ميل ميلاپ دوران ورتاءُ، حسن سلوڪ، نوڙت ۽ نياز جو رنگ ۽ ڍنگ اهڙو هيو جو ملڻ واري کي بي اختيار کين فقير سائين سڏڻ کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نه لڀندو هيو. فقير معشوق علي کوکر هونئن ته تصوف جي هر موضوع تي لکيو آهي پر سندس شاعريءَ جو گهڻو تڻو محور محبوب جي محبت، ساڻس ملڻ جي بي انتها سڪ ۽ اڪير، سندس حسن جي تعريف ۽ ساڻس شڪوا شڪايات آهن جيڪي حقيقت ۾ سنڌ جي اڪثر صوفي شاعرن وٽ موجود آهن پر هر ڪنهن جو انداز بيان الڳ آهي. اهوئي سبب آهي جو فقير معشوق علي پنهنجي سڀاءُ، انداز بيان ۽ سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ دل جي ڳالهه دل تائين پهچائڻ جو شاندار انداز رکي ٿو. مثال طور محبوبن سان اکڙيون اتڪڻ ۽ دلربا جي ديد دلبر سان عاشقن جي عيد ٿيڻ جون ڳالهيون کوڙ شاعرن ڪيون آهن پر فقير معشوق علي جو انداز بيحد وڻندڙ آهي ته:

دوبـــــــــــــدو ديدون مـــلن، عيدون ٿين، حج اڪــــــبري،
منهن ڏسي محبوب جو، سجدو ڪريان قدمين ڪري.

جيئن سنڌ جي اڪثر صوفي شاعرن قاصد، کنياتي يا خاطو کي پرينءَ جي پار پهچي خبر چار آڻڻ لاءِ پنهنجي شاعراڻي انداز ۾ پئي هيلا هلايا آهن ڪانون ۽ ڪبوترن هٿان پئي چٺيون ۽ نياپا مڪا آهن تيئن فقير سائينءَ به پنهنجي دل گهريئي دلبر جي حال معلوم ڪرڻ لاءِ هن طرح جون سٽون سرجيون آهن ته:

آ خــبر خاطو ٻڌائـــــج، ڪا پرينءَ جي پار جـــــــــي،
ڏس سڄڻ ڪهڙي ڏني ورندي ورڻ جي وار جـي.

اها هڪ حقيقت آهي ته جيڪا سڪ ۽ سچائي پراڻي دور جي صوفي شاعرن ۾ هئي سا اڄ جي دور ۾ تمام گهٽ نظر اچي ٿي. ان دور جي همعصر شاعرن جي محبت ۽ سچائي جو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته فقير معشوق ۽ سندس همعصر شاعر مختلف وقتن تي پنهنجي شاعريءَ جي انداز ۾ هڪٻئي کي ڀيٽا ڏيندا رهندا هئا ان جا مثال فقير معشوق جي شاعريءَ ۾ به گهڻين جاين تي ڏسي سگهجن ٿا. جيئن فقير در محمد در لعل جي وڇوڙي تي فقير سائين کيس زبردست لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي ته:


اڄ اسان جي اڱڻ تان در لعل محمد ويو لـڏي،
گــڏ گذاري راتڙيون وڇڙيا پرين ويلــــي وڏي.

يا وري فقير خوش خير محمد کي محبت جي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته:

سر مٿي سونهين گلابي تاج پوشي شهـنشاهه
خير محمد خوش اسم سلطان ڏس ٻاهر سپاهه.


يا وري سائين ظفر علي بابت لکيو اٿائين ته:

هـــــو اسم طفر علي تارڪ وجود عاشق باالله
دم اناالحق جو هنيومنصور جان معارف آگاهه.

فقير معشوق علي جي شاعريءَ جي خوبين تي غور ڪبو ته منجهس لفظن جو ميٺاڄ، تجنيس حرفي ۽ لفظن جي اهڙي ته سهڻي جوڙجڪ آهي جو سادن لفظن ۾ سندس شاعري ۾ ڪمال جي رواني آهي جو بار بار پڙهڻ سان ڄڻ لفظ پاڻهي زبان تي ايندا وڃن ٿا ان سان گڏ موسيقيت اهڙي جو گنگنائڻ ۾ به مزو ڏئي ٿي.
جيئن سندس هي سٽون آهن:

دل ڪُنهين دستور سان دلبر لـٽي ڌاڙو هڻــي،
هر طرح حملا ڪيا هٿ ۾ حسن خنجر کڻي.

سنڌ ۾ سچل سرمست، خوش خير محمد فقير، حمل فقير ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي شاعرن سرائڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آهي جيڪا ڏاڍي دلڪش آهي. منهنجي راءِ آهي ته سرائڪي ٻوليءَ ۾ ميٺاڄ ئي اهڙو آهي جو اها ڳائڻ ۽ ٻڌڻ ۾ وڌيڪ سرور ڏيندي آهي ته آسانيءَ سان دل ۾ پيهي وڃي من جي تارن کي ڇيڙيندي آهي. فقير معشوق علي به سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيا آهن جيڪي پڻ عشق جي ارڏاين، حسن جي هوڏ، پيار جي پنڌ ۽ محبت جي مامرن سان ٽمٽار آهن. سندس سرائڪي شاعريءَ مان اهوئي ئي پيغام ملي ٿو ته “ مين پريم دا پيالا پي آيا ”. سندس هڪڙي سرائڪي ڪافي جيڪا خوش خير محمد جي ڪافي “ ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا ” جي جواب طور لکيل آهي اها اڪثر ڪري خوش خير محمد جي نالي سان مشهور ئي آهي جڏهن ته اها حقيقت ۾ فقير معشوق علي جي آهي پر سندس انداز، گهاڙيٽي ۽ الفاظ جي چونڊ ۾ اهڙي ته يڪسانيت آهي جو ٻئي ڪافيون هڪ ئي شاعر جون ٿيون محسوس ٿين. اها ڪافي آهي “ڪيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا، ڪرين قرب سگها ول آوڻ دا.”
اهڙي ريت سندس هي به جڳ مشهور ڪافي آهي ته:


آ مل ڍولڻ يار، طرف تساڏي اکيان اڙيان .

يا هن ڪافيءَ ۾ به ڪيڏي نه هيٺاهين ۽ نيازمندي آهي ته:

قاصـدا مين ڪيا ڪران ڦيرا صنم پاندا نــهين،
ڏس سـڄڻ ڪهڙي سبب گڏ جال هُڻ آندا نهين.

مون کي يقين آهي ته صوفي معشوق علي جو هي ڪتاب ”اولاڻا عشق جا“ پڙهي اوهان به ضرور اها راءِ قائم ڪندا ته سنڌي ادبي بورڊ يا ٻين وس وارن ادارن جو اهو فرض آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وکريل اهڙي ناياب شاعريءَ کي هٿ ڪري ڇپرائن. ڇاڪاڻ ته بيشمار اهڙا بهترين اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڏات ڌڻي آهن جن جو لازوال پورهيو وقت جي بي رحم وهڪرن جي رحم و ڪرم تي آهي جيڪي پنهنجي حالات سبب ڇپرائي نه سگهيا آهن، جيڪڏهن وقت سر انهن کي محفوظ نه ڪيو ويو ته سنڌي ادب جو هڪ بي بها خزانو هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو. آخر ۾ دعا آهي ته فقير معشوق علي کوکر جو هي ڪتاب ادب دوستن جي دل ۾ هڪ سٺي جاءِ جوڙي ۽ کيس ميڙي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻيندڙ راشد شر جي هي محنت قبول پوي ۽ سنڌ جا اهڙا نوجوان سنڌ جي ادب جي اهڙي طرح آبياري ڪندا رهن، آمين.

سيال حيات
پڪا چانگ فيضگنج

سچل سرمست جي “اسڪول آف ٿاٽ” جو هڪ اهم شاعر فقير معشوق علي کوکر

تصوف جو فڪر سنڌ جي مٽيءَ جي خمير ۾ شامل آهي. بلڪه جيڪڏهن ايئن چئجي تڏهن به غلط نه ٿيندو ته سنڌ ئي تصوف کي جنم ڏيندڙ ڏيهه آهي. هتان جا بزرگ، شاعر، ڏاها، سگهڙ، عالم ۽ درويش صدين کان امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندا رهيا آهن. هو اهڙو درس مختلف طريقن سان ڏيندا رهيا آهن جن ۾ عام مجلسن ۽ ميڙاڪن ۾ خطاب، اوطاقن ۾ ٿيندڙ ڊگهيون ڪچهريون، آستانن ۽ آسڻن تي ٿيندڙ گفتگو، فصلن جي لهڻ کان پوءِ يا نئين فصل جي پوکيءَ وقت ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي ٿيندڙ ڏاهپ جون ڳالهيون وغيره شامل آهن. شاعري شروع کان ئي اظهار جو هڪ سگهارو، مؤثر، مڃيل ۽ معتبر ذريعو رهي آهي. اسان جي موجود قديم شعري دفترن مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ کان اول جنهن شاعر جي شاعري ملي ٿي اهو پير ستگر آهي، جنهن گنان چيا. ساڳي ريت پير شمس سبزواري ۽ پير صدرالدين جا گنان پڻ گهڻا مشهور ٿيا. گنانن جي صورت ۾ سنڌي شاعريءَ جو اهو خزانو اڄ به موجود آهي. گنان واري گهڻي شاعري سنڌ ۾ عربن جي دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن ته سنڌ ۾ آڳاٽن ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي قديم شاعريءَ جا حوالا توڙي جو ناپيد آهن، پر مختلف شعري روايتن مان انهن جا ڏس پتا ملن ٿا ۽ اهو معلوم ٿئي ٿو ته تمام گهڻي آڳاٽي دؤر يعني راجا ڏاهر جي دور کان به گهڻو اڳ سنڌ ۾ موجود هئا، ۽ اهي ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ شاعريءَ ۾ ڳائي وڄائي “ستن گهرن جو خير” به گهرندا هئا ته چڱائيءَ ۽ عقل جا گفتا پڻ چوندا هئا. اهي پوءِ نسل در نسل هلندا آيا ۽ عربن توڙي سومرن جي دور ۾ به ساڳي روش اختيار ڪيائون. ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ گهڻو پوءِ مشهور ٿيا. اها هڪ مڃيل سچائي آهي ته آڳاٽي ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي شاعري ئي اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنياد هئي. ڊاڪٽر ٻوهئي صاحب به لکيو هو ته، “اسان جي ادب جون پاڙون انسان جي تمام آڳاٽي معاشري ۽ سماج ۾ موجود آهن. ان ڪري اسان جي ڪنهن به ادبي دور کي “حادثاتي” دور چئي نه سگهبو.” اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي شاعريءَ جو هومر ۽ هيسئڊ جي قصن سان خوبصورت تقابلي جائزو پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي شعري روايت يونان جي ڊائنوسس جي سياري واري ميلي جي موقعي تي پيش ٿيندڙ ٽرئجڊي ۽ ڪاميڊي ڊرامن جهڙي پڻ لڳي ٿي. يونان ۾ هر سال ڊائنوسس ديوتا جي ياد ۾ ۽ فصل لهڻ جي خوشيءَ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندڙ ميلي دوران ٻين سرگرمين سان گڏ اوپيرا پڻ پيش ڪيا ويندا هئا. يوريپيڊيز (EURIPIDES) ، اسڪائيلس ۽ ارسٽوفينز (ARISTOPHANCES) جي ڊرامن جو ذڪر سڀ کان اول انهن ميلن دوران پيش ٿيل ڊرامن جي فهرست ۾ ملي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ پڻ بهادرن ۽ جري پهلوانن جا رزميه قصا وڏي جذباتي انداز ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. جيڪي گهڻو پوءِ مقدس قصن سان منسوب ٿيا ۽ اڄ به مشهور آهن. لطيف سائينءَ جو سُرڪيڏارو ان ئي منظر نامي جي جديد شڪل آهي. اها قديم شعري روايت ئي سنڌي ڪلاسيڪي ادب جي پيڙهه يا اساس هئي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ان اساسي شاعريءَ جي سڌريل صورت آهي، جيڪا مختلف دورن کان سفر ڪندي سومرن ۽ سمن جي عهد ۾ داخل ٿئي ٿي. ۽ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جي دور کان ٿيندي اڄوڪي دور ۾ پهچي ٿي. سنڌي شاعريءَ جي وهندڙ هن ڇل ڇل “مها سنڌو ساگر” ۾ جن هزارين شاعرن پنهنجن ٻولن جا موتي داخل ڪيا آهن، فقير معشوق علي کوکر به انهن مان هڪ آهي. فقير معشوق عليءَ جو جنم 10 جون 1926ع تي موجوده تعلقي فيض گنج ۾ خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جي ڳوٺ ۾ ٿيو. ۽ سندس وصال 23 ڊسمبر 1997ع تي ٿيو. خوش خير محمد هيسباڻي سچل سرمست جي اسڪول آف ٿاٽ جو شاعر هو. جنهن وٽ پڻ جلال ۽ جمال گڏ ملن ٿا. ساڳي اسڪول آف ٿاٽ ۾ فقير درمحمد هيسباڻي، (فقير معشوق علي کوکر جو مرشد)، فقير غلام حيدر گودڙيو، نانڪ يوسف، غمدل سائين ۽ ڪي ٻيا شاعر شامل آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ساڳي دور سان تعلق رکندڙ غمڪسار سائين، بيرنگ سائين، اعجاز شاھ، احمد شاھ لڪياري، فقير جانڻ چن، ڪنڊڙي وارن جي سلسلي جي دولهه دريا خان، صوفي علي محمد ٽالپر ۽ ڪن ٻين شاعرن تصوف جي ساڳي رمز کي الڳ نموني پيش ڪيو. سچل سائينءَ يا سندس سلسلي جي ٻين شاعرن گهڻو ڪري جلال جا نوان استعارا تخليق ڪيا. يا وري موجود يا مروج استعارن کي نئين معنيٰ ڏني آهي، جن کي اسان جلاليات جا استعارا يعني “ميٽافورس آف سبلمٽي” سڏي سگهون ٿا، انهن خاص استعارن ۾ هي استعارا شامل آهن. سردار ٿيڻ، سلطان ٿيڻ، شاهاڻو شملو ٻڌڻ، گهوٽ ٿيڻ، هنگامو ڪرڻ، هُل ڪرڻ، رب جبار سڏائڻ، اهڙو ڪم ڪرڻ جنهن ۾ سڀ اختيار پاڻ وٽ رکڻ، تلوار کڻڻ، تجلي ڏيڻ، تجلو اچڻ، ڪاتي سان ڪسجڻ، ڪسڻ، ڪهڻ ۽ ڪسي قربان ٿيڻ ، چشمن جي چمڪار، کِنوڻين جي کيڪارَ، گوڙ يا گجگوڙ جي گجڪارَ، اَبَر ۾ آفتاب جو نمودار ٿيڻ ۽ ستارن جو تاب نه سهڻ، سوريءَ جو سينگارجڻ، سوريءَ جي هسواري ڪرڻ، سورهيه جو اسهڻ، معرڪو مارڻ، حسن جي فوجن جو اڀرڻ، ديدن جون دوناليون، ديدن جا خنجر، ذولفن جا قيد ۽ ڪوڙڪا اڏجڻ، شاھ سڏائڻ، ڏونگر ڏورڻ، مرد ٿي ميدان مارڻ، شوق ۾ شڪار ٿيڻ، پروانو بڻجي باهه ۾ پچڻ، حڪم هلائڻ، محبت جو مچ ٻرڻ، عشق ڪمال ڪمائڻ، موت کان اڳ مرڻ، ڇاتي ڇاتي ڇير ٻڌي نچڻ، دوبدو ديدون ملڻ، عيدون ٿيڻ، پيار جا پيچ پوڻ، وصل جا پيالا پيئڻ، روز و شب ماتم ڪرڻ وغيره جهڙا ڪيترائي استعارا آهن، جيڪي هن سموري شعري سلسلي جي جلالي رنگ جي شاهدي ڏين ٿا. هنن شاعرن وٽ خاص طور حسن جي فوجن، ديدن جي دونالين، اکين جي خنجرن، ڀرون ڀالا وارا استعارا ان ڪري عام آهن، جو هنن خاص طور سنڌ ۾ ڪهري ۽ جنگي دور ڏٺو. ٽالپرن جي شاهي وارو دور هجي يا انگريزن جو دور، هي ٻئي دور توڙي اڳ وارا دور سنڌ ۾ ڪيئي جنگيون ٿيون. ۽ شاعرن پنهنجين اکين سان تباهيون ڏٺيون. هنن جنگين کي پنهنجي شعري ادراڪ جي طفيل سونهن يا حسن سان همڪنار ڪري پيش ڪيو.

دل ڪنهين دستور سان دلـــــــبر لٽـــــــي ڌاڙو هڻــــي،
طرح حمله ڪيا هٿ ۾ حســــــن جو خنجـــــر کڻــــــي.
تيــــــر مزگان جا لڳا، اٽڪي جڏهن اک جــي اڻــــــي،
جان جند چشمن چٽي، گهورن گهٽي گهايئي گهڻي.
ماٺ ڪر معشوق علي، هي ڳالهه جي ڳهلا ڳڻـــــي،
سر صنم کي ڏي سگهو لاهي لڱن تان هي لڻـــــي.

فقير معشوق علي کوکر وٽ به ڪي مروج ته ڪي وري نوان استعارا آهن، پر سندس اظهار پنهنجي مرشد توڙي ساڳي سلسلي جي ٻين شاعرن کان الڳ آهي، جيڪو کيس ٻين شاعرن کان ڌار ڪري بيهاري ٿو. هن جي شاعريءَ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪمال جي رواني آهي.

دوبـــدو ديدون ملــن، عيدون ٿين حج اڪــبـــــــــري،
منهن ڏسي محبوب جو سجدو ڪيان قدمين ڪري.
جــــن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا، مولا مـــــــلائيندو وري
دل ســـدا وسندي وري، جيڪا جدائيءَ ۾ جهُـــــري.

فقير معشوق علي کوکر وٽ فڪري گهرائي ته آهي ئي آهي، پر فني اعتبار کان سندس شاعري حرف تجنيس جهڙي شعري صنعت سان سينگاريل آهي. اهڙي شاعري ڳائڻ سان اڃان وڌيڪ خوبصورت ٿي پوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ موسيقيت تمام گهڻي ڀريل هوندي آهي، ايئن هن فقير جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي موسيقيت آهي، ٻئي پاسي رواني آهي، ٽئين پاسي لفظن جي خوبصورت چونڊ آهي ته چوٿين پاسي فڪري گهرائي پڻ آهي، جنهن جو مکيه موضوع تصوف آهي.

وات وائي ٻي نه ڪن، وحدانيت واپار ۾،
ســـر سـٽن ۾ ٿا سٽين باقا برهه بازار ۾ .


فقير معشوق علي کوکر پنهنجي مرشد فقير درمحمد هيسباڻيءَ کي پڻ شاعريءَ ۾ زبردست خراج پيش ڪيو آهي، جيڪو پڻ قديم شعري روايت جو تسلسل آهي.

تارڪ وجودي ترڪ و تر بنده علــــي برحق بنيــــــو
ماضي قبل جو ڪالهه گم، حاصل حسيني حال هـو
مــن عرف جو مصداق شد، ثابت قدم سلمان مـــثل
دامــن علي ۾ دل مليل اعــــجاز وڌ اقبال هـــــــو.

فقير معشوق علي کوکر نه صرف پنهنجي انداز بيان ۾ منفرد آهي، پر ڪيترين ئي جاين تي هن پاڻ کان اڳ واري شعري روايت کي جديد انداز ۾ جوابن سان پڻ سينگاريو آهي. جيئن خوش خير محمد فقير هيسباڻيءَ جو مشهور شعر آهي:

ڪــــــــيا انصـــــاف آکان تيڏي آوڻ دا،
ڏاڍا لائق ڪيتئــــــي ليئي پاوڻ دا.

جڏهن ته فقير معشوق علي کوکر ساڳي شعر کي جوابي انداز سان ڄڻ ته مڪمل ڪيو آهي.
ڪــــيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا،
ڪــــرين قرب سگها ول آوڻ دا.

اسان جي نوجوان محقق دوست راشد شر جنهن اڳ به فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي تحقيقي ۽ ساراهڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، ان فقير معشوق علي کوکر جو ڪلام سهيڙي هڪ ٻيو وڏو علمي تحقيقي ڪم ڪيو آهي. آئون کيس هيءُ اهم علمي ڪم ڪرڻ تي واڌايون ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته هو ساڳي جذبي سان اڃان وڌيڪ ڪم ڪندو ۽ پنهنجي تر جي قديم شعري روايت کي سهيڙي ادب جي نئين تاريخ رقم ڪندو.

ڊاڪٽر شير مهراڻي
سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي

سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو سماجي ڪارج

هن پوري دنيا جي اندر هڪڙا ٻه اهڙا سگهارا نظريا آھن جن تي دنيا جا ماڻھو ٻن حصن ۾ ورهائجي عمل ڪن ٿا انهن نظرين ۾ هڪڙو (آئڊيلزم) ۽ ٻيو (مٽيريلزم) آھي. دنيا ان ٻن نظرين مان ڪيترو لاڀ حاصل ڪري ڪيترو نفعو ۽ نقصان حاصل ڪيو آهي اهو فيصلو تاريخ ڪري چڪي آهي ۽ اها حقيقت دنيا جو عقل مڃي چڪو آھي ته هن ڪائنات جي پوري ڪا ر وهنوار شين کي ٽوڙڻ جوڙڻ کان ويندي جديد تجزيا ۽ تجربا ڪرڻ جو معراج جنهن علم کي حاصل رهيو آهي اهو آهي جدلياتي سائنسي علم. اسان کي جدلياتي فلسفي ۾ وري دلچسپ ڳالھ اها به ملي ٿي ته جدليات سميت دنيا جو ڪو به علم عقل دليل آخري ناهي هر شيءِ دنيا جو هر لقاءُ مسلسل تبديليءَ جو پانڌيئڙو آھي. هر شيءِ تبديليءَ جي عمل ۾ حرڪت ۽ ارتقا پذير آهي، سمورا مظهر حرڪت جي حالت ۾ رهن ٿا اهي نروار ٿين ٿا ۽ ختم ٿي وڃن ٿا انهن ۾ ڪون ڪو لاڳاپو هجي ٿو ۽ اندروني تضاد هجي ٿو اها ئي جدليات اڄ جو ڪمال آھي، اهو اڄ جو سچ آھي سڀاڻي سچ ڇا هوندو يا جدليات کان وڌيڪ ڪھڙو پختو نظريو ايندو اهو سڀاڻي جو هڪ الڳ سچ هوندو جنهن جي جدليات ۾ مستقل ڪا به تجزياتي عقيدتمنداڻي تشريح ڪُل جي صورت ۾ نٿي ملي. هاڻ جڏهن پاڻ ٻي پاسي مٽيريلزم جي ڀيٽ ۾ آئڊيلزم کي ڏسون ٿا ته جدلياتي ماديت خود آئڊيلزم جو ھڪ ضد آهي، سادي صورت ۾ ايئن کڻي چئجي ته آئڊيلزم مان مراد خيالي تصور خيالي دنيا جتي عقل منطق کان وڌيڪ تصور جي بنياد تي روحاني طور ڪنهن شيءِ تي يقين ڪيو وڃي اھڙي خيالي تصور کي پاڻ آئڊيلزم سڏيون ٿا.
بنيادي طور تي تصوف به ھڪ خيالياتي نظامIdeological system) ) جو حصو آهي جنهن جو سڌو تعلق مذھب جي سماجي شعور سان آهي. مذهبي شعور وري سماجي شعور جي ستن شڪلن جي اها آڳاٽي کان آڳاٽي شڪل آهي جيڪي انساني سماج جي اوسر جو بنيادي ڏاڪو آهي جتان سياسي، قانوني، اخلاقياتي جمالياتي ۽ سائنسي شعور جي ارتقا ٿي آھي. پوري انساني تاريخ جي مذهبي توڙي غير مذهبي نظرين تي جڏهن نظر ڦيرائي ڏسجي ٿو ته اسان کي خبر پوي ٿي ته دنيا جا اڪثر نظريا خدا ڀڳوان اشور جهڙا ٻيا ڪيترائي مذهبي نظريا هڪٻئي جي ارتقا پذير پيداوار ۽ رد يا سڌريل صورت ۽ نفي آهن جيڪي مسلسل ارتقائي مرحلن مان گذري اڄ جي هن جديد شڪلن ۾ سامهون آيا آھن. پاڻ جڏهن هن ڪائنات جي قديم کان قديم شڪل ڏانهن جهاتي پائي ڏسون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته ماضيءَ ۾ ڪو به هڪ خدا ڀڳوان يا ڪو هڪ واضح مذهب ڪون هوندو هيو. دنيا جا ماڻھو عجيب وهمن جي ڪروڌ ۾ پيسجندا رهندا هئا سندن ڄمڻ مرڻ ۽ روزي ڏيڻ جا الڳ الڳ خدا تخليق ٿيل هوندا هئا. هو ڪڏهن سج جي پوڄا ڪندا هئا ته ڪڏهن تارن جي ته وري ڪڏهن باھ کي پيا پوڄيندا هئا مطلب ته دنيا جا سمورا نظريا مذهب مسلسل بغاوت ۽ ارتقا جي مرحلن مان گذريا آهن خود تصوف به مذھب جو اهڙو ئي ارتقائي بيباڪ نظريو آھي جيڪي مذھبي نظريي جي انقلابي تشريح جي صورت ۾ سامهون آيو. انساني شعور جي مسلسل ارتقا جي اهڙي ئي دلچسپ تاريخ جو مثال اسان کي يونان ۾ ملي ٿو جنهن رجعت پسند خدائن مذهبن کان بغاوت ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي هئي. ان بغاوت جي ڊگهي سفر ۾ پروميٿيس جي ڪٿا ڏاڍي دلچسپ آهي توڙي جو هي ڪهاڻي ڏند ڪٿا تي مبني آهي پر هن قصي جي اهميت جو سبب هڪ اهڙي خدا سان بغاوت ڪرڻ آهي جيڪي انسانيت جو ويري ۽ انسانيت جي جياپي جو استحصال ڪندڙ هيو. يونان جي اها دلچسپ ڏند ڪٿا ايئن آهي ته انساني وجود کان اڳ يونان جي خدائن ٽائيٽنس نالي وڏين قوتن کي شڪست ڏني، جنگ دوران ڪيترائي ٽائيٽنس تباهه ٿي ويا ۽ بچيل ٽائيٽنس کي قيد ڪيو ويو، پر هڪ ٽائيٽنس جنهن جو نالو پروميٿيس هيو جنهن پنهنجي ڀاءُ ايپيميٿيس کي سمجهايو ته هو ان جنگ ۾ يوناني خدائن جو ساٿ ڏين. ٽائيٽنس خلاف جنگ ۾ فتح کانپوءِ خدا زيوس پروميٿيس ۽ ايپيميٿيس جو شڪريو ادا ڪيو ۽ هنن کي اهو ڪم سونپيو ته هو ساھ وارن جانورن جي تخليق ڪن. ايپي ميٿيس کي اهو ڪم ڏنو ويو ته جيڪي مخلوق تخليق ڪيا وڃن انهن کي الله طرفان مختلف نعمتون ڏنيون وڃن. پروميٿيس کي پهريون انسان جوڙڻ جو چيو ويو، پروميٿيس پهريون دفعو انسان کي بلڪل خدا جي شڪل جهڙو جوڙيو، زيوس پروميٿيس کي چيو ته انسان توڙي جو خدا جي شڪل جھڙو آھي پر انسان فاني هوندو ۽ ھو پنهنجي حياتيءَ ۾ يونان جي جبل اولمپس جي پوڄا ڪن جيئن انسان خدا جي ڏمر کان بچي سگهي. جڏھن قربانيءَ جو وقت آيو ته پروميٿيس هڪ جانور ڪهي آيو جنهن جو گوشت پروميٿيس ڇيڻن جي هيٺان لڪائي ڇڏيو ۽ هڏا جانور جي چرٻيءَ ھيٺ رکيا جانور جي ان گوشت جي ورهاست وقت زيوس کي پنهنجي حصي ۾ رڳو ھڏا مليا، جنهن سبب زيوس کي تمام گھڻي ڪاوڙ آئي، زيوس سڄي ڌرتيءَ مان باھ جو خاتمو آڻي ڇڏيو جيئن انسان ذات گوشت نه پچائي سگهي پروميٿيس زيوس جي ان قدم کي نا انصافي سڏيو ۽ پنهنجي ٺاهيل مخلوق خلاف ظلم سمجهو، پروميٿيس مائونٽ اولمپ تي چڙھي ويو ۽ اتان باھ کڻي ماڻھن کي ڏنائين، باھ جي اچڻ سان انسانن کي سٺو کاڌو مليو ۽ انهن کي ٿڌين موسمن ۾ گرم رھڻ ۾ مدد ڏنائين. جڏھن اهو سڀ ڪجھ زيوس ڏٺو ته هن کي چڙ آئي ۽ پروميٿيس کي قيد ڪري هن کي سزا ڏنائين قيد ۽ تشدد باوجود پروميٿيس خدا کان ڪڏھن به معافي نه ورتي. پروميٿيس جي اھڙي بهادريءَ لاءِ هن کي ڏند ڪٿائن مذھبن ۽ خدائن جي تاريخ ۾ عزت جي نگاھ سان ان ڪري به ڏٺو وڃي ٿو جو هي قصو بيباڪي بهادري ۽ بغاوت جي تاريخ جو تسلسل آھي. رجعت پسند خدائن مذھبن سماجن کان بغاوت جو پروميٿيس جو اھو ھڪڙوئي قصو ناهي بلڪه انساني تاريخ ۾ ٻيا اھڙا ڪيترائي برونو، سقراط، گيليلو، گوتم، منصور، شاھ لطيف، عنايت، بلاول، سچل سرمست بغاوت ڪندي حق جا هوڪا ڏئي ڪوڙ سان بغاوت ڪندا رهيا آھن.
پاڻ جڏھن تصوف جي آڳاٽي تاريخ جا پيرا کڻي ڏسون ٿا ته تصوف جو نظريو صرف شاعري جي صورت ۾ نٿو ملي نه ئي وري تصوف اسان جي سماج جو ڪو نئون موضوع آھي بلڪه تصوف سنڌي شاعريءَ کان گھڻو آڳاٽو آھي، جيڪي دنيا جي ڪيترين ئي هزارين سالن جي تاريخن جو سفر ڪري اسان جي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ ۾ پهتو آھي. بنيادي طور تي لفظ تصوف صوف، صفا، اهل صفه سان جوڙيو ويندو آهي. آڳاٽي زماني ۾ تصوف جا پرچارڪ صوفي فقير اُنَ جو سبيل سادو ڪپڙو اوڙھي پنهنجي سادگي ظاهر ڪري اهو ثابت ڪندا ھئا ته ھٺ وڏائي انسان کي نٿي سونهي مطلب تصوف جي نظريي جون ابتدائي پاڙون سادگيءَ جي تند سان جڙيل آھن. تصوف جي نظريي ۾ هيڪڙائي کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ڏاڪا مقرر ڪيا ويا آهن. مشرق سميت پوري برصغير ۾ وري تصوف وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي صورتن ۾ نطر اچي ٿو، تصوف جا ٻه مڪتب فڪر آهن هڪ نوفلاطوني ٻيو اشراقي ۽ اطلاقي، جنهن جو تعلق يوناني فلسفه ۽ ويدانيت سان آهي. ان سوچ فڪر ۽ تصور جا حامي منصور الحلاج، شيخ فريد الدين عطار ۽ جلال الدين رومي هئا جن جو نظريو وحدت الوجود هيو ان فڪر کي فلسفي جي (Perdict) انداز ۾ ملت مسلمه ۾ شيخ ابن العربي محي الدين اندلسي جوڙيو هيو، تصوف جي اندر ٻيو تصور وحدت الشهود جو آهي جنهن جو تخليقڪار مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي آهي. ان فڪر جا قائل شاهه ولي الله ۽ علامه اقبال آهن انهي نظريي ۽ سوچ کي نئون لاڙو ۽ نوان رخ ڏيڻ وارو ۽ ٻنهي نظرين کي پرکڻ وارو ۽ ان جو ٽڪراءُ ۽ متضاد ڳالهين تي روشني وجهڻ وارو ۽ ان جو تت ڪڍڻ وارو شاهه ولي الله هيو، اصل ۾ هو نظرياتي طور وحدت الوجود جو قائل هو پر وحدت الوجود جي ڪمزور پاسن ۽ ان جي جامد ۽ مدي خارج ڳالهين سان اختلاف رکندو هيو. شاهه ولي الله خاص طور تي اسلامي تعليم جو پارکو هيو جنهن وحدت الوجود ۾ اصلاحات آڻي ۽ مذهبي حوالي سا غير شرعي پاسن سان اختلاف رکي اسلامي تصوف ۾ ڪجهه ترميمي بحث ڪيو. تصوف جي تاريخي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته وحدت الشهود جو باني امام رباني مجدد الف ثاني هيو جيڪي همه اوست جو قائل ۽ شارح هيو. جيئن اسين مٿي به اھا ڳالھ بيان ڪري آياسين ته ھڪڙا صوفي وحدت الوجودي هوندا آهن ۽ ٻيا وحدت الشهودي ھوندا آھن، انهن ٻنهي صوفين جي موروثيت ۾ اهو فرق ھوندو آهي جو وحدت الوجودي صوفين جي نقطه نظر ۾ هن پوري ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جي ذات موجود آهي، وحدت الوجودي ۽ وحدت الشهودي صوفين ۾ اھو فرق ٿو بيهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان سڀڪجھ خدا آهي، پر وحدت الشهود ۾ اهي ٻئي الڳ آهن، وحدت الشهودي صوفين جو چوڻ آهي ته ڪنهن به جڳھ شيءِ جو پاڇو هرگز اها خود جڳھ يا ساڳئي شيءِ سڏرائي نٿو سگهي ايئن خدا ڪائنات ٻه الڳ شيون آھن. تصوف جي فڪر جو اثر اسلام جي اندر سن 160 هه کان ملي ٿو حالانڪه تصوف ۽ صوفي لفظ بعد ۾ مروج ٿيو، تصوف جي تاريخي اصطلاح مان خبر پوي ٿي ته پهريان احسان لفظ هيو جيڪي اڳتي هلي تصوف جي هم معنيٰ طور سڏجڻ لڳو. اسلامي تصوف جي تاريخ مان ڪجهه مستند حوالن مان خبر پوي ٿي ته اسلامي تصوف جي تاريخ ۾ دنيا ۾ سڀ کان پهريان بغداد جي هڪ صوفي بزرگ عبدڪ الصوفي کي صوفي جي نالي سان سڃاتو ويو، هي ٻي صدي ھجري جو بزرگ آھي انڪري چئي سگهجي ٿو ته اسلامي تصوف جي معرفت ۽ طريقت جي ابتدا ٻي صدي ھجريءَ ۾ ٿي. اسلامي تصوف کانپوءِ ستت ئي يعنيٰ ٽين صدي هجري کان ٿورو پوءِ ھڪ اھڙي صوفي بزرگ با يزيد بسطامي جو نالو ملي ٿو جنهن جي وفات 261 ھ 875ع ۾ ٿي، ھن بزرگ بابت چيو وڃي ٿو ته پاڻ ھڪ سنڌي بزرگ ابو علي سنڌي (جيڪي برھمڻ پنڊت جو شاگرد ھيو) جنهن سان ملاقات ڪيائين ان وقت جي ڪجھ تذڪرن ۽ تاريخي ڪتابن مان اھو به ملي ٿو ته صوفي با يزيد بسطامي ۽ ابو علي سنڌي جي ھن ملاقات کان اڳ ابو علي سنڌي تصوف جي علم کان واقف ھيو ان ڳالھ جو اقرار با يزيد بسطامي ڪندي چوي ٿو ته؛ مون ابو علي سنڌي کان جيئن تصوف ۾ فنا ۽ توحيد جو علم سکيو ايئن هن مون کان الحمد شريف جي تفسير معلوم ڪئي. تاريخي تذڪرن ۾ بيان ٿيل ان ڳالھ مان واضح ٿئي ٿو ته ٻي صدي تائين سنڌ اندر تصوف جي تعليم مروج ھئي ۽ ان تعليم اڳتي ھلي پنهنجا پير وڌيڪ مضبوط ۽ پختا ڪيا. آهستي آھستي جيئن دنيا ارتقا ڪندي رھي ايئن اسان جي ڌرتيءَ تي تصوف جون پاڙون به مضبوط ٿينديون ويون ۽ ھتي ڪيترن ئي عظيم بي مثال صوفي بزرگن جنم ورتو جن پنهنجي فهم فڪر عقل دانش سان نوان دڳ نوان رستا متعارف ڪرايا. وقت جي تقاضائن تحت تصوف جا اھي سڀ رستا مذھب جي اصلاحي ترقي پسند نفي بڻجي سامهون آيا، تصوف پنهنجي دور ۾ سموري انسان ذات لاءِ ترقي پسند فڪر هيو جيڪو ٻين نظرياتي تڪرارن جي صورت ۾ ترقي پسند بڻجي آيو جنهن مذهب ۾ سڌارا آندا. جهڙي طرح هر تاريخي نظرئي کي پنهنجو عروج ۽ زوال هوندو آهي جڏهن سماج جمود فرسوده دقيانوسي ۽ انتهاپسنديءَ جي ور چڙهي ويندو آهي ته ان ۾ اندروني تضاد رهندو آهي ان جي مادي سياسي سماجي حالتن مان ئي هڪ ڪايا پلٽ تبديلي جنم وٺندي آهي اهڙي ريت ان سياسي سماجي اقتصادي مادي تبديلي سان گڏ علمي ادبي فڪري تبديلي به رونما ٿيندي آهي جيئن يورپ جي روشن خيال دور ۾ ادب آرٽ فلسفي ۾ انقلاب برپا ٿيو ۽ عيسائي مذهب ۾ ريفارميشن جي تحريڪن جنم ورتو اهڙي ريت تصوف به ريفارميشن بڻجي آيو مذهب ۾ تصوف هڪ سڌريل صورت جو فڪري ارتقا پذير سماجي شعور آهي هو پنهنجي دور جو ترقي پسند فڪري نظريو هيو هر نظرئي جيان هو به ڪن جڳهن تي جمود جو شڪار ٿيو ان جي جڳهه ٻي ترقي پسند نظرئي ورتي ۽ اهڙي ريت ان ۾ به ڪجهه خرابيون پيدا ٿي پيون، جهڙي ريت ڊاڪٽر مبارڪ علي تصوف کي سماج جي اندر مزاحمت جي رڪاوٽ سمجهندو آهي ۽ تصوف پنهنجي بيهڪ ۾ هڪ (Alienation) ويڳاڻپ اسهپ پيدا ڪئي انسانن جي مادي ضرورتن جي طور تي جيئن سماجي اقتصادي سياسي ثقافتي طبقاتي برابري ۽ قومي سوال کا پري رکي ماڻهن کي گونا گونيت ۽ وجداني ڪيفيت ۾ مبتلا رکيو اهڙي ريت صوفيت ۾ عورت کي ڪمتر سمجهو ويو تصوف پڌر شاھي جي به ور چڙهيو ۽ هڪ پڌر شاهي فڪر ۽ نظريو رهيو جتي عورت کي عبادت جي راه ۾ رڪاوٽ سمجهيو ويو آهي جئين آدم ۽ هوا جي متعلق هوا تي ڏوهه وڌو ويندو آهي ته ان آدم کي ڀلايو ۽ عورت حسناڪ جي صورت ۾ انسان ڀلجي ٿو پوي ۽ صوفي مجازي عشق جا به انڪاري آهن جيڪي انسان جي جبلت (instinct) آهي ۽ ان جي لاءِ صوفي بيابانن ٿرن ۽ ريگستانن ۾ هليا ويندا آهن. شاهه لطيف به جوانيءَ واري وقت ۾ مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان عشق لڳڻ کانپوءِ ويڳاڻپ (Alienation)“جيڪي پنهنجي جوهر ۾ انسان جي فطرت به آهي” جو شڪار رهيو سندس بيهوشيءَ واري حالت ۾ جسم واريءَ سان لٽجي ويو هيو لطيف جي ان ويڳاڻپ سان ڀلي ڪير اختلاف ڪري به پر جيڪڏهن لطيف جي ان نوجواني واري زندگيءَ جي عشق کي ڏسجي ٿو ته اها ڳالهه به واضح طور ملي ٿي ته لطيف پوري ڪائنات فطرت جو مشاهدو ان وقت ڪيو جڏهن سندس مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ سان عشق لڳو. ايئن سڌارٿ گوتم ٻڌ بادشاهت عيش عشرت آرام خاندان ڇڏي ڪري ريگستان ۾ نڪري پيو هڪ فقير ٿي پيو جيڪو سڪون گونا گونيت جي تلاش ۾ نڪتو دنيا کان لاتعلق ٿي ويو، گوتم ٻڌ سماجي اڻ برابري انساني پيڙاه ڏک درد کان پري رهيو، انهن جي خلاف مزاحمت نه ڪري سگهيو جيڪي ڏکن تڪليفن ۾ ڦاٿل هئا ۽ اهي تڪليفون ڏسي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ نه ئي انهن جي خلاف آواز اٿاري سگهيو ۽ ھو وڃي سڪون جي تلاش ۾ نڪتو ايتري قدر جو سندس حسين ۽ خوبصورت زال جنهن سان هو پيار ڪندو هيو هو ان کي به ڇڏي هليو ويو ۽ ڪيترائي سال هندستان جي شهر گيا ۾ هڪ وڻ هيٺان ويٺو رهيو اتي سندس موت ٿيو ان وڻ کي سڌارٿ جا چاهيندڙ اڄ به ٻڌو سڏيندا آهن. پر جڏهن پاڻ گوتم ٻڌ جي ڀيٽ ۾ شاهه لطيف کي ڏسون ٿا ته لطيف جو فڪر نظريو ڏاهپ هڪ اهڙي تحريڪ مزاحمت طور سامهون ٿي اها ڳالهه واضح ٿي ڪري ته واقعي لطيف هڪ شاعر کانسواءِ هن پوري انساني تاريخ کي تبديل ڪرڻ جو هڪ جاندار مثال هيو، جنهن جي نظريي ۾ عام رواجي فلسفين جيئن زمين ۾ منهن ڪري جهڪي ويهڻ ڪفر هيو.
کُهي جا کنيائين، وک تنهين ويجهي ڪئي،
ڇــــــــڪيءَ ڇنائين، پــــــنڌ مڙوئي پٻ جـــــــو.
(شاهه)
لطيف هڪ عقليت پسنداڻو (Rationalist)عظيم جينيئس شاعر هيو جنهن سنڌ جي جاگرافيائي سماجياتي اقتصادياتي، ثقافتي، مادياتي ۽ تهذيبي حالتن کي ان وقت پنهنجي شاعري وسيلي اجاگر ڪيو. هن سنڌي سماج سميت دنيا جي سموري مادي اٿل پٿل رياستن سياستن سماجن، جاگرافيائي، اقتصادي طبقن ۽ انساني نفسيات فڪر ۽ ادب کي خوب سمجهي اسان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي طرح سنڌي سماج جي بنيادي واضح ۽ اوچا آدرش رکندڙ عنصرن کي اڀاريو ۽ ان وقت جي مُدي خارج سوچ مٿان پنهنجي شاعريءَ جي جمالياتي بيهڪ ۾ سچ پچ ته وڄون وسائي ڇڏيون. لطيف انيڪ موضوعن ۽ انيڪ پيچرن ۽ پنڌن جو پانڌيئڙو هيو، لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ انساني شعور فڪر فهم عقل جو اڀريل سج آهي، لطيف سماجي اڻ برابري غير منصفاڻي ورڇ انساني پيڙاه انتهاپسندي جي خلاف پنهنجي فڪري باغيانه سگهه رکندڙ شاعر آهي، لطيف هڪ نئين سنڌ سميت نئين دنيا تخليق ڪري وجود ۾ آندي لطيف طرقي پسند فڪر جو شاعر هيو لطيف فطرت جي لقائن ۽ ان جي اصولن کي شاعري جماليات ۾ هڪ فڪري سوچ ۽ منطقي اصولن کي جوڙيو. لطيف عقليت پسنداڻي طور تي ڌرتي فطرت سماج کي پرکيو پر لطيف عمليت پسنداڻي (Pragamatist)بنيادن تي شاهه صوفي عنايت وانگر جيئن جو تيئن ڪنهن وڏي تاريخ ساز مزاحمتي جدوجهد جو حصو نه رهيو، پر لطيف جي شاعريءَ جو نفسياتي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ مڪمل طور لطيف کي ڪنهن عملي جدوجهد کان خارج ڪرڻ به لا علمي چئبي، ڇو ته اهو موضوع به تحقيق جو منتظر آهي.
جيڪڏهن اڄ اسان تصوف ۽ فلسفي جي ڀيٽ ڪيون جنهن انسانن لاءِ سماج لاءِ ڪائنات جي تخليق جا لقاءَ بيان ڪيا جن هزار سالن جي سچائين کي ڳولي لڌو انسانيت جي حقن جو پڙاڏو گونجايو ۽ منطقي ۽ عقلي بنيادن تي مادي سياسي سماجي فطري، اقتصادي، ماديت پسند، انساني ارتقا، انساني شعور، انساني فڪر، پيدواري قوتون ۽ پيدواري صلاحيتون ۽ پيدواري رشتن ناتن لاڳاپن جو تجزيو ڪيو. جدليات سائنسي فلسفو ئي آهي يوناني شروعاتي فلسفي جيڪي فطري فلسفي (Natural Philosopher) هئا جن (Greek Fatalism) کي للڪاريو ان دور جا ماڻهو قدرتي آفتن زلزلن وبائي بيمارين کان ڊڄي پنھنجي بچاءَ لاءِ ديوتا ٺاهي انهن جي پوڄا ڪندا هئا انهن تي قربانيون ڏيندا هئا اهڙن ڪوڙن ديوتائن ۽ خدائن کي رد ڪري مادي حقيقت ظاهر ڪئي جن ڪائنات جي جوڙجڪ تي بحث ڪيا انهن عنصرن ايٽمز ۽ مادن تي بحث ڪيا ۽ ان کان پوءِ (Sophistry) فلسفي ۽ پوءِ سقراط جنهن سماجي موضوعن کي بحث بڻايو اخلاقيات سماجيات جنسيات جهڙا علم انهن جا سبجيڪٽ هئا، ان کان اڳ ايپي ڪيورس جنهن انسان جي جبلت (instinct) کي اجاگر ڪيو، ان به انسانن جي لذت ۽ الفت کي ظاهر ڪيو، (sophistry) فلاسفر پروٽاگورس، ٿراسي ميڪس ڪيلي ڪلس گارجياس، ۽ پولس، (instinct) جبلت، سوچ، ويچار، تي بحث ڪيو، انهن سٺن سماجن جون صفتون بيان ڪيون ڀلائي انصاف ۽ عدل انسانن جي سٺي زندگي، نظام يعني نج اخلاقي صفتون بيان ڪيون، ڪارل مارڪس چيو هو ته دانشورن ۽ فلسفين دنيا جي تشريح ڪئي آهي اصل ڪم ته دنيا کي تبديل ڪرڻ آهي اهي فلسفي ئي هئا جن انسانن جي گهرجن لاءِ آواز بلند ڪيو، اهڙي طرح جيڪڏھن اسان سائنس جي تاريخ پڙهون ٿا ته 1548ع جي فلسفي ۽ سائنسدان برونو جنهن جو تعلق اٽلي سان هيو جنهن کي چرچ پاران جئيري ساڙڻ جي سزا ڏني وئي ان جو ڏوھ اهو هيو ته هن ڪاپرنيڪس جي ڪائنات بابت نظريي کي عام ڪيو، ان موجب ته ڪائنات جو مرڪز زمين نه پر سج هيو، ۽ زمين سميت ٻيا سمورا فلڪياتي وجود ان جي چوڌاري ڦرندا رهن ٿا، رومن چرچ هن تي مڇرجي پيو برونو ان سچائي تان نه هٽيو نيٺ هن مرڻ قبوليو ۽ پنهنجي عقليت پسندي تحت هن تحقيق ڪري اها دعويٰ ڪئي ته ڪائنات رڳو اها ناهي جيتري اسان کي نظر ٿي اچي هن چيو ته ڪائنات لامحدود آهي ۽ اسان جهڙيون ٻيون دنيائون به وجود رکي سگهن ٿيون نيٺ 1600ع ۾ مذهب جي توهين ۾ هن کي جيئرو ساڙيو ويو، ان کانپوءِ سائنسدان گليليو کي به ڪائنات جو محور سج قرار ڏيڻ واري ڏوھ ۾ سزا ڏني وئي ۽ هن کي سڄي ڄمار جيل ۾ گذارڻو پيو. هاڻ پاڻ جيڪڏهن تاريخي طور اسان تصوف کي پڙهون ٿا ته اسان جا اڪثر صوفي بزرگ عمليت پسند نه هئا سواءِ صوفي شاهه عنايت جي جنهن لاءِ ڊاڪٽر سبط حسن چيو هو ته صوفي شاهه عنايت انهن روايتي صوفين منجهان نه آهي جيڪي هر حال ۾ صبر شڪر ڪن بلڪه هو حالتن تبديل ڪرڻ وارن مان هيو. اسان کي شاعريءَ جي پسمنظر ۾ جماليات جي اهم عنصرن ۾ مذهبي مدي خارجيت لاءِ اصلاحي تنقيد ملي ٿي ۽ شاعري جي اندر تصوف جي شڪل ملي ٿي، تصوف مذھب جي ھڪ سڌريل صورت جو ارتقا پذير سماجي شعور آھي جيڪي تصوف جون اخلاقي ۽ سماجي نڪته آهن ته اهي لاڳو ڪيا وڃن ته ڪنهن حد تائين اڄ به بهتري اچي سگهي ٿي مثال طور جيئن اڄ جو انسان انا پرستي مذهب پرستي دولت پرستي ۽ خواهش پرستي سان گڏوگڏ بدحالي بيوسي بيحسي بڇڙائي بي حيائي مفلسي ۽ لاچاري نفرت ناراضگي ڏاڍ ۽ اوچ نيچ ۽ ذات پات جي ور چڙهي پنهنجون سڀئي خوش حاليون، اميدون آسرا خواب ۽ خيال امن آزادگي سچائي سادگي عاجزي انڪساري مان ۽ مروت عزت ۽ آبرو ايڪو ۽ اتحاد عدل ۽انصاف کان وڃائجي ويٺو آهي انڪري اڄ جو انسان حسد ساڙ ڪيني ڪدورت قتل و غارت مذهبي انتها پسندي فساد ۽ فتني سان گڏوگڏ ذات پات رنگ و نسل جي ور چڙهي چڪو آهي جيڪڏهن ڪنهن حد تائين تصوف جا ڪجهه بنياد مذهب ۾ ريفارميشن طور تي استعمال ڪيا وڃن ته اڄ جي حالتن ۾ به مذهبي جنونيت ۽ بربريت قابو ۾ اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن تصوف کي عام مذھبي روايتي ۽ عقيدتمنداڻي تشريح کان هٽي ڪري انصاف جي ڪاٿي ۾ توريو وڃي ته اسان کي تصوف جو واسطو به پنهنجي جوهر ۾ انسان ذات ۽ انساني سماج سان جڙيل نظر ايندو، جيئن آءٌ مٿي به اها ڳالھ واضح ڪري آيس ته تصوف مذھب جي ھڪ سڌريل صورت جو ارتقا پذير سماجي شعور آھي. ڇو ته تصوف انساني سماج جي رجعت پسند نظرين جو رد هيو ۽ صوفي فقيرن وٽ اھڙا سادا عام اصول هئا جن ۾ خاص ڪري جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سوچ کي ڪاپاري ڌڪ ھڻي رهيا ھئا ڇو ته تصوف ۾ ذاتي ملڪيت ۽ سرمائي جي گهوڙي تي سواري ڪري پيڙيل طبقن جو استحصال ڪندڙ ڦورن جي ڪا به جڳھ نٿي ملي تصوف ان سمورين ڳالهين جو ھڪ رد هيو باقي عملي طور تصوف جي ان مزاحمتي قول ۽ فعل ۾ توڙي جو ڪٿي تضاد به ملن ٿا پر ان تضادن جا جواب اسان کي صوفي شاه عنايت جي عظيم جدوجهد مان به ملن ٿا جنهن ذاتي ملڪيت خلاف هڪ تاريخ ساز جنگ ڪندي اصل صوفيءَ واري تاريخي علمي تشريح ڪري ڏيکاري.
سنڌي ادب جو تاريخي مطالعو ڪرڻ سان پتو پوي ٿو ته جيئن سنڌي ادب جي شروعات 1050ع ۾ سومرا دؤر کان ٿي بلڪل ساڳئي طرح ان ادب جي شروعات جو ذريعو پڻ سنڌي شاعري ھئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا پهريان ڪجھ اھڙا شاعر ملن ٿا جن وٽ سنڌي شاعريءَ جو فن ته هيو پر سندن ڪلام ڪنهن خاص اوچي ۽ فڪري گهرائي تي پورو نه پئي لڌو. ايئن سومرا دؤر کان سنڌي شاعريءَ جو ھڪ ڪلاسيڪل دؤر سمن جي دور جي روپ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ ھن دؤر جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اھم ڪلاسيڪل شاعر قاضي قادن اڀري ٿو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اسان جي سنڌي سماج جون سياسي ۽ سماجي حالتون تبديل ٿينديون رهيون بلڪل ساڳئي طرح سنڌي شاعريءَ جي موضوع جي قوت بيان جو تجربو به سگهارو ٿيڻ لڳو ۽ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي سمنڊ جو ھڪ اھڙو وهڪرو شروع ٿي ويو جنهن قاضي قادن، شاه ڪريم، شاه لطيف، روحل فقير، سچل سرمست، نانڪ يوسف، خوش خير محمد، عثمان فقير، حمل فقير، بيدل سائين، جانڻ چن سميت ھن ڌرتيءَ اھڙن ٻين ڪيترن ئي بيباڪ صوفي شاعرن کي جنم ڏنو جن پنهنجي شاعراڻي موضوع ۾ ٻڌي امن ڀائيچاري ۽ حضرت عشق جي موضوع کي مکيه قرار ڏئي ڳايو.

ستو سڄي رات، مُھ ويڙھي مئن جيئن،
نه تـــــــــــــو سنبل تات نه جهوري آھِ ڪا.

سيئي سيل ٿئام، پڙھيام جي پاڻ لاءِ،
اکــــــــــر اڳيان اڀري واڳون ٿي وريام.
(قاضي قادن)

ڪلاسيڪل سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو تاريخي مطالعو ڪرڻ سان اهو واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صورت ۾ جنهن ڪلاسيڪل صوفي شاعر جا پهريون دفعو فني توڙي فڪري طور پختا شعر مليا آھن اهو آھي قاضي قادن باقي ان ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ڪو قاضي قادن کان اڳ سنڌي شعر نٿو ملي بلڪه قاضي قادن کان اڳ يعنيٰ سومرا دؤر جا ڪجھ نالن کانسواءِ ۽ سڃاڻپ جوڳا نالا ۽ شعر ملن ٿا جن کي سنڌي شاعريءَ جو حوالو ته سڏي سگهجي ٿو پر کين سنڌي صوفياڻي شاعريءَ ۾ جيئن جو تيئن ان ڪري به ڳڻي نٿو سگھجي جو سندن ڪلام جي سگھ تصوف جي ڀيٽ ۾ ڏاڍي عام ۽ سادي آھي. جيتريقدر ڳالھ سنڌي شاعريءَ جي سماجي فڪري ڪارج جي آھي ته اها به ھڪ جدلياتي حقيقت آھي ته انساني سماج ۾ انساني فڪر جي ارتقا ۽ سگھ مسلسل ارتقا جي مرحلي ۾ رهي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڻ کي وڌيڪ پختو ڪندي نظر اچي ٿي بلڪل ساڳئي طرح وقت حالتن جي ڦيري سان گڏ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جا سمورا فني توڙي فڪري پاسا مضبوط نوان ۽ اڳ کان اڳرا نظر ايندا رهيا آھن. پاڻ جڏھن سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي ھن ڊگهي سفر ۾ فني ۽ فڪري لحاظ کان مڃيل پهرين ڪلاسيڪل ۽ سگهاري شاعر قاضي قادن جي ڪلام کي ڏسون ٿا ته اسان کي قاضي قادن جي شاعري ان ڳالھ جو ٺوس دليل ڏيندي ثابت ٿي بيهي ته سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ابتدا ئي تصوف سان ٿي آھي ۽ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جا ابتدائي اھڃاڻ تصوف جي رنگ ۾ رنگيل آھن. اھڙي ريت قاضي قادن جا هن طرح جا صوفياڻا بيت گواھ آھن.

سيــــــــــئي سيـــــل ٿئام، پڙهـــيام جي پاڻ لَءِ
اکــــــــــــــــــر اڳيان اُڀري، واڳـــــون ٿي وريـــــام.

عينَ قصر در لک، ڪوڙين سهسين کڙڪيان،
جان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻ سامـــــــــھان.
(قاضي قادن)

ڪلاسيڪل سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي پيڙه ٻڌي جنهن شاعر سنڌي شاعريءَ ۾ تصوف کي جيئن جو تيئن مظبوط ڪيو اھو قاضي قادن ئي هيو باقي سندس شخصيت زندگي جو شروعاتي دور صوفي رنگ کان ڪيترو متزاد هيو جو ھن پنهنجي قاضي جي عهدي تي رھي ڌرتي ڌڻين جي دل کي ڪيترو ڇيهو رسايو اهو تاريخ ڪڏھن به نه وساري سگهندي ان ڪري قاضي قادن جي قول فعل ۾ ضرور تزاد ھئا ۽ ھن جو ذاتي ڪردار سنڌي سماج جي ماڻھن لاءِ نيچ هيو ۽ پاڻ جيترو وقت قاضي جي عهدي تي رهيا ايترو وقت ڌارين حملي آور حڪمرانن جي چوڻ تي ماڻھن کي مارائڻ ۽ فتوائن ۾ حصو وٺندا رهيا، پر ان ڳالھ جي ڪري کيس سنڌي صوفياڻي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان خارج ڪرڻ ڄڻ سنڌي شاعريءَ جي ٺوس تاريخي دليل کي پٺي ڏيڻ آھي. قاضي قادن کانپوءِ جڏھن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي پڙھجي ٿو ته اسان کي ڪنهن به اھڙي ڪلاسيڪل شاعر جو ڏس پنڌ نٿو ملي جنهن وٽ صوفياڻي رمز نه ملندي هجي بلڪه قاضي قادن کانپوءِ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو ھڪ وڏو همعصر دؤر شروع ٿيو جنهن پاڻ کان اڳ وارن شاعرن جي فڪري رجحانن واري تسلسل کي برقرار رکڻ سان گڏوگڏ تصوف جي موضوع کي وڌيڪ سگهارو ڪيو.

ســـــــــــــــوئي ھيڏان سوئي ھوڏان سوئي من وسي،
تــــــــــــــــــي هين سندي سوجهري سو مي سو پسي.

ڪـنز قدوري ڪافيا، جي پڙھي پروڙين ســـــــــڀ،
ته ڪـــر منڊي ماڪوڙي کوه ۾، پيئي ڪڇي اڀ.
(شاه ڪريم)

تصوف جي دنيا ۾ وحدة الوجودي صوفي فقيرن جي پوري تاريخ جا پنا اٿلائڻ سان خبر پوي ٿي ته سمورن صوفي فقيرن جو اھو چٽو فڪري موقف رھيو آھي تہ اللھ ھڪ آھي خود خدا هن ڪائنات ۾ تحليل آھي هن پوري ڪائنات فطرت انسان مطلب سڀني لقائن ۾ خدا موجود آھي.

پڙاڏو ســــــو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين،
هُــــــــــــــــــئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻــــــــه ٿــــــيا.

اَسِــــين سِڪُون جن کي، اَسِين پُڻِ سيئِي،
”لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ”، وَنءُ اوڏانهِين پيهِي،
تِــــــهان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِجِ حَقَ کي.
(لطيف)

هتي دلچسپ ۽ نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھ اھا ٻڌائڻ لازمي ٿو سمجهان ته اسان کي هن سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي دؤر ۾ ڪجھ اھڙا سنڌي شاعر ملن ٿا جن جي شاعريءَ جي موضوع مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن جو مقصد صرف تصوف يا عام صوفين واري فراريت ۾ گم ٿيڻ وارو نه هيو بلڪه سندن شاعراڻا موضوع ٻولي سماج دنيا تاريخ سائنس جي پروڙ تي مبني هئا اھڙن شاعرن ۾ شاهه لطيف به اچي وڃي ٿو پر اسين شاھ لطيف کي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ کان پاسيرو ان ڪري به نٿا ڪري سگهون جو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ دنيا جي ٻين موضوعن سان گڏ تصوف به ملي ٿو جنهن کي پاڻ خوب ڳايو اٿن. سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي ميدان ۾ هونءَ ته سنڌي صوفي شاعرن جو ڳاڻيٽو ڏاڍو طويل آھي جنهن کي هتي شامل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿو لڳي، پر ان ئي تسلسل ۾ تصوف ۽ سنڌي شاعريءَ کي ڇال ڏئي نئين روپ ۾ پيش ڪري سنڌ جو منصور سڏائيندڙ ھڪ اھڙو اهم سنڌي صوفي شاعر پيدا ٿيو جنهن پنهنجي شاعراڻي رنگ ۾ رجعت پسند ملن ۽ سندن رجعت پسند مذھبن جون ڌاڻيون ڪڍي ڇڏيون.


مذھـــــــــــبن ملــــــــڪ ۾ ماڻــــھو منجهايـــــــا،
شـــــــــيخيءَ پيـــــريءَ بزرگيءَ، بيحد ڀلايـــا،
ڪي نمازون نوڙي پڙھن، ڪن مندر وسايا،
اوڏو ڪين آيا سچل عقل وارا عشـــق جــي.

ڪلمي مون کي ڪين ڪيو مورئون مسلمان،
نــــــــــڪي احمد موڪليو، عرب کـــــان ايــمان،
سچــــــــو ســـو سبحان، پر ماڻھن ليکي آدمـي.
(سچل)

سنڌي صوفياڻي شاعري دنيا جي اسلامي تصوف جي فڪري تسلسل جي هڪ ڪڙي آھي. جتي ھر صوفي شاعر ان ڳالھ تي زور ڀريو آھي ته خدا روزن نمازن سان نٿو ملي هن ڪائنات خدا فطرت کي ڳولڻ ۽ سمجهڻ لاءِ قلب جو صاف هجڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ هي سڀ عبادتون ڪنهن به ڪم جون ناهن.


ڪلـــــــــــمو پڙھان ته ڪافـــــــر ٿيان گهران نه انهيءَ گهير،
جاڏي راھ رســــــــــول جي، تاڏي نه پايان پـــــــــيـــــــــــــــــــــر،
جــــــــي من مان نه ڪڍان مــــيـــر، ته حضور حاصل نه ٿئي.
(سچل)

جيڪڏھن سموري سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي فڪري پسمنظر ۽ سماجي ڪارج يا تصوف جي آسان سادي معنيٰ کي سمجهڻو ھجي ته درازا جي هن درويش سچل سرمست کي ئي پڙھجي ڇو ته سچل سرمست سموري سنڌي صوفياڻي شاعري ۽ تصوف جي ڊڪشنري آھي جنهن وٽ ماضيءَ واري شاعري ۽ تصوف جي ڪيل اڻ پورين تشريحن تي تنقيد سان گڏ تصوف جي پوري تاريخ جو پوسٽ مارٽم ٿيل ملي ٿو جنهن ۾ پاڻ تصوف جي بچيل جاندار پرزن کي ھڪ تير ترار جو روپ ڏئي پنهنجي لفظن سان اھڙو ته تکو ڪيو آھي جنهن جو ڌڪ ملائيت ۽ رجعت پسند انتها پسند مذھبي ملا پنڊت پادري ڪڏھن به بچائي نه سگهندا. هينئر پاڻ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي جنهن همعصر دؤر ۾ هلون ٿا يقينن هي دؤر به سچل سرمست جي اثر يا سندس ڇڏيل فڪر جو تسلسل آھي جيڪڏھن اسين هن سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي فڪري تسلسل کي سچل سرمست جي اسڪول آف ٿاٽ جو دور سڏيون تڏھن به غلط نه ٿيندو. ڇو ته سچل کانپوءِ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو اھڙو ته بيباڪ روپ سامهون آيو جيڪي اسان کي سچل کان اڳ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ ۾ تمام گھٽ ملي ٿو ايتريقدر جو شاهه لطيف جھڙي عظيم شاعر وٽ به تصوف جي صوفياڻي ٻولي تمام ٿڌي انداز ۾ ملي ٿي پر سچل ان ساڳئي ڳالھ کي بيباڪيءَ سان بيان ڪرڻ جي روايت کولي ڇڏي ٿو. سچل سرمست کانپوءِ واري صوفياڻي سنڌي شاعري سچل سرمست جي اثر کان ٻاهر نظر نٿي اچي بلڪه ايئن کڻي چئجي ته ٽالپر دؤر کانپوءِ سنڌي صوفياڻي شاعري سچل سرمست جي اثر جي پاڇي ۾ رهي آھي ۽ اڪثر صوفي شاعر سچل سائين کي پنهنجو فڪري استاد ۽ مرشد تسليم ڪن ٿا. آءٌ اها ڳالھ مٿي وري وري ورجائي آيو آھيان ته تصوف مذھبي ملن پنڊتن پادرين رجعت پسند خدائن ڀڳوانن جو رد آھي جنهن ۾ حق جي ڳولا عشق جي تشريح ۽ پيار امن ٻڌي ۽ ڀائيچاري جي اهڙي دنيا تعمير ڪرڻ جو پيغام سمايل آھي جتي انتهاپسنداڻو اسلام ڪفر ڪوڙ ڪيني جو ڪو تصور ئي ناهي. جتي دنيا جي صوفي فلسفين تصوف جي فلسفي سان پنهنجي پنهنجي حال آھر خوب پئي نڀايو آھي ايئن سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو ڪو مٽ ئي ناهي ڇو ته سچل کانپوءِ سنڌي صوفياڻي رنگ سچل جي بيباڪ نعري جي ستي پي ڇڏي ھئي جنهن ۾ لڪ لڪوٽي جي ڊرامي بازي تمام گھٽ نظر اچي ٿي. ھتي اھا ڳالھ به واضح ڪندو هلان ته منهنجي نظر ۾ دنيا جي ڪنهن به نظريي سان اختلاف رکڻ ايترو ڏکيو ۽ پيچيده عمل ناهي جيترو مذھبي جنونيت سان اختلاف رکڻ ڏکئي کان ڏکيو عمل آھي پر ان اختلاف کي جيئن بيباڪ نموني سان سنڌ جي صوفي شاعرن نروار ڪيو شايد ئي دنيا ۾ ڪنهن ٻي پاسي اسان کي ان جو مثال ملي.


پاڻ تو پيدا ڪيو، ڪين مان چيءِ احــــــــسان ڪــــــــر،
گهرج هئي توکي گھڻي، ڪين مان چيءِ احسان ڪر.
شـــــــــڪم مادر ۾ رهيس، ٿــــــي ڏھ مهينا قيــــــــــد ۾،
تــــــو اتي پاليو مون کي ڪين مان چيءِ مهمان ڪـر.
(بيدل فقير)

دم اســـــــــم ڌاڙو ھڻي اغوا ڪيــــــــــــــــم اللھ کــــــــــــــــــــــــي،
چٽيــــــــــــم ٿــــــي چوغان ۾، بره جـــــــــــي بــــــــارود ســـــــــــــان
جيتيـــم جوڌي کي وڃي، سوگهو ڪيو اٿم ساه کــــــــــــــي
ملــــــــــــــڪ مُوتُو جـــــــــــي ويس، انت مُوتُو پوءِ ٿيــــــــــــــس
فرمــــــــــــــــان مڃيم فرقان جو، وٺيو ويــــــــس ويساه کـــــي
شريعـــــــــــت طريقت جي تڏي، هينئون حقيقت سان گــــــڏي
معــــــــــــــــرفت جــــــــــــــو گهر اڏي، ويهاريم الله کــــــــــــي
لــــک ڏين ته به نه ڏيان، توڙي ڪوڙيون ڪروڙن جون ڏين
جانــــــڻ چن چوي جوش سان، ساڙيان انهيءَ صلاح کـــــــي.
(جانڻ چن)

ھن پوري فطرت پوري ڪائنات جا سمورا لقاءَ انساني شعور سمجھ عقل فهم کانسواءِ بي مقصد بي معنيٰ ۽ موڳا آھن دنيا جي سمورن مذھبن خدائن جي وجود کي ساراهه جوڳو ڪري ساھ ڦوڪي سندن هستين کي نروار ڪرڻ انسان ذات ۽ انساني شعور عقل فهم فڪر جو ئي ڪم رهيو آھي اھڙي ئي طرح جي عالماڻي تشريح سنڌي صوفين وٽ به ملي ٿي.

مـــــــــــــــــــــــون نه ھجان خلق ته تون نــه خــلقڻهار.
(جانڻ چن)

اڄ جتي پوري دنيا رجعت پسند تصوراتي عقيدت جي گچلي ۾ ڦاٿي پئي آھي اڃا دنيا جي ماڻھن جو تعداد نج سائنسي ماديت پسنداڻي سوچ واري صف ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترو به مس ملندو ان پسمنظر ۾ ۽ سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان جو سنڌي سماج ڪجھ سوايو سائنسي فلسفياڻي عقلي منطقي ترقي کان ڪٽيل نظر ايندو، اسان جي سماج جي اندر اڄ جا مشھور شغل مذھبي انتها پسندي، فرقيواريت، سرمائيداريت سميت سماج جا ٻيا ناسور غلامداراڻا قانون ۽ رسمون هڪ اھڙي ڄار جي صورت ۾ پکڙيل نظر ايندا جتي امن آزادي انقلاب خلاف مسلسل پروپئگنڊا نظر ايندي پر اھڙي گھٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ جي سنجيده صوفين جي سرمستي راڳ رنگ ۽ سندن صوفياڻي شاعريءَ جو سماجي فڪري ڪارج ڏاڍو لاڀائتو نظر ايندو. اسان کي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي ٻين سمورن دلچسپ فڪري لاڙن ۾ هڪ وڌيڪ ٻيو جيڪي اهم ۽ دلسچپ رنگ ملي ٿو اهو آھي موسيقيءَ جو. اها به ھڪ حقيقت آھي ته اسان جي سماج جي ڀيٽ ۾ اڄ دنيا ھن سمورن جڳاڙي نظرين کان ڪوھين ڏور ۽ اڳتي نڪري چڪي آھي دنيا جي انقلابي واٽ واحد سائنس ئي آھي ۽ دنيا سوشلسٽ انقلابي پاسي ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙي رهي آھي پر اڄ جي اھڙي ترقي يافته دور ۾ به جنهن سماج جي اندر قبيلائي تڪرار ڪارو ڪاري ڪوڙ ٺڳي نفرت فرقيواريت جھڙي باھ ڀڙڪندي هجي هر پاسي گھٽ ۽ ٻوسٽ ئي ٻوسٽ جي اونداهي ھجي ته اھڙي اونداهيءَ سان جنگ لاءِ سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي تنبوري جي تند ۾ ويڙهيل عشق پيار محبت امن ۽ ڀائيچاري جي آلاپ ضرور ڪنهن مشعل راھ ۾ پنهنجو نالو لکرائيندي.


آءُ ڪانـــــگا ڪر ڳالھ، مون کي تن ماروئڙن جـــــــــــي،
ماروئڙن جي، سانگيئڙن جي.
ٻن عمر تنهنجا ماڙيون بنگلا، کُھ ڪنگڻ ڪــــــٺمال،
مون کي تن ماروئڙن جـي.
ڀائــــــــرن ۽ ڀينرن ريءَ هتڙي، ساعت ڀانيان ســـــــال،
مون کي تن ماروئڙن جــي.
(دريا خان فقير)

سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي اھڙي دلچسپ موسيقيءَ سان ٽمٽار دريا خان فقير جي مٿئين ڪافي کي ڀڳت ڪنور رام جي آواز ۾ ٻڌي سنڌي ڪلاسيڪل صوفياڻي شاعريءَ جو موسيقيءَ جي ميدان ۾ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي صوفياڻي شاعري سمورين خوبين مان راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي ھڪ الڳ جمالياتي اهميت ۽ سڃاڻپ رکي ٿي اھڙي طرح موسيقي سان ٽمٽار هڪ ٻي فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪافيءَ جو هيٺيون نمونو قابل تعريف آھي.

لــک ناز سکيو آن نــوان
مشـــتاقن جـــي مارڻ لــئــه
تـــيـــــــــر اکين جا ڏاڍا تکيــــرا، سيني لڳن ٿا سنــــــــــوان
سبــــــق سوين تنهنجي سورن جا، روئي ڪيا اٿــــم روان
ڳُڻن تنهنجن جون ڳالهيون ڳجهيون، ڇا چئي ڇا چـوان
خيـــــــــر محمد خوش در دلبر جي پيش هلي مان پــــوان.
(فقير خوش خير محمد)

جھڙي ريت دنيا جي هر علم عقل جو ڪو نه ڪو مقصد ڪو نه ڪو سماجي ڪارج هوندو آھي ساڳئي طرح سنڌي صوفياڻي شاعريءَ کي جڏھن پڙهي ڏسجي ٿو ته اسان کي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ ۾ به اھا ڳالھ واضح ملي ٿي ته عشق پيار محبت ٻڌي امن ۽ ڀائيچاري کانسواءِ اصل زندگيءَ جو ڪارج نٿو ٺھي دنيا جي مڙني صوفي درويشن جيئن سنڌي صوفي شاعرن به ان ڳالھ تي زور ڀري ماڻھن ۾ پنهنجو اهو پيغام عام ڪيو آھي ته دنيا ايستائين تميز واري نه ٿيندي جيستائين ان مان مذھبي انتها پسندي فرقيواريت ساڙ ٻيائي قتل ۽ جاگيردارڻي سوچ جو خاتمو نه ايندو. انڪري چئي سگھجي ٿو ته سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جو اصل مقصد ۽ سماجي ڪارج به اهو ئي آھي جنهن ۾ سنڌي سماج سميت پوري دنيا عالم انسانيت جو ڀلو آھي. مجموعي طور تي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ جي موضوع جي پاڇي هيٺ ڪيل هن فڪري بحث مان اسين اهو ثابت ڪري آياسين ته تصوف جي تاريخ سنڌي شاعري کان به گھڻو آڳاٽي آھي جنهن کي دنيا جي هر اهل علم اديبن مفڪرن گھڻو لکيو ۽ پڙھيو آھي پر اسان جو اھو الميو ضرور چئبو جو اسان وٽ تصوف تي نه هجڻ برابر ڪو علمي تحقيقي ڪم ٿيو هوندو. جيڪڏھن ڪو ٿورو گهڻو ڪم ٿيو به هوندو ته اهو عقيدت جي پاڇن کان نه نڪري سگهيو هوندو مطلب هن موضوع کي مٽيريلسٽ دوستن فراريت جو گند سمجهي اڇلي ڇڏيو آھي ته وري ٻي پاسي عقيدمند محققن تصوف جي ڇيڇڙن کي ابتيون سبتيون ڇڪون ڏئي غلط تشريحن سان پئي پيش ڪيو آھي.

فقير معشوق علي کوکر جي حياتيءَ جو احوال

جيئن دنيا جي هر ٻولي ادب ۽ شاعريءَ جي سڃاڻپ پنهنجي آهي ايئن سنڌي ادب جي اندر ڪلاسيڪل صوفياڻي شاعريءَ جي پنهنجي هڪ الڳ جڳهه آهي. هونءَ ته سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سفر گهڻو آڳاٽو آهي جنهن سفر ۾ سنڌي ٻولي ادب جا ڪيترائي ڪلاسيڪل شاعر پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي علم عقل جي بنياد تي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ماڻهن ۾ ٻڌي ڀائيچاري ۽ انسان دوستيءَ جو سبق ڏنو آهي. ان صوفياڻي سفر جي تسلسل ۾ کجين جي ميٺاڄ واري ضلعي خيرپور جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي. هتان جي ٻين سمورين سرگرمين جي ڀيٽ ۾ شاعريءَ جي دنيا ۾ اسان کي سنڌي ٻولي جي اهم ڪلاسيڪل صوفي شاعرن جو تعداد گهڻو نظر اچي ٿو. خيرپور ضلعي جي تعلقي فيض گنج جو سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ انڪري به مقام اوچو آهي جو هتان جي مٽيءَ ۾ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جهڙا ڪلاسيڪل صوفي شاعر مدفون آهن. خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي صوفياڻي علمي تعليم جي پيغام جي تسلسل جو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. هونءَ ته خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو تعلق ضلعي نواب شاهه سان هيو پر سندس وفات کانپوءِ هن درويش کي فيض گنج تعلقي جي ڪرونڊي شهر جي مٽيءَ ۾ دفنائي هن علائقي کي شاعري ۽ تصوف جي علم سان نوازيو ويو جنهن کانپوءِ خوش خير محمد جي خاندان ۾ شاعري جو سلسلو جاري ٿيو جنهن سلسلي نه صرف خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي خاندان تي گهرا اثر ڇڏيا بلڪه سندس شاعراڻي فڪر هتان جي آسپاس جي ماحول سميت پوري سنڌ ۾ پنهنجي فڪر جا عقيدتمند ۽ حقيقت پسند صوفي ذهن پيدا ڪيا جن سماج ۾ ڀائپي ۽ امن سان زندگي گذارڻ جو پيغام ڏنو ان ئي صوفياڻي شاعريءَ جي تسلسل ۾ فقير در محمد هيسباڻي ٻيو، خير محمد ٽيون، فقير ظفر علي هيسباڻي، فقير جائي جمال هيسباڻي، فقير سارنگ لاشاري سميت فقير معشوق علي کوکر جهڙا ٻيا ڪيترائي اهم صوفي شاعر اچي وڃن ٿا جن جي سڃاڻپ نه صرف هڪ صوفي شاعر طور ٿئي ٿي بلڪه سندن ڪلام سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سرمايو سڏجي ته به غلط نه ٿيندو.
تعلقي فيضگنج جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻيءَ ۾ فقير معشوق علي کوکر جو جنم فقير وليداد کوکر جي گهر ۾ 10 جون 1926ع تي ٿيو. معشوق علي کوکر کي ٻيا پنج ڀائر هئا جن ۾ فقير محبوب علي، فقير امام بخش، فقير معشوق علي (پاڻ)، سبحان علي عرف ڪيوڙو فقير، فقير نصير علي، فقير گل بهار علي اچي وڃن ٿا. معشوق علي کوکر قرآن شريف جي شروعاتي تعليم پنهنجي ناني سماڻو خان کوکر وٽان حاصل ڪئي، سنڌي انگريزي ست درجا ڀنگو بهڻ هاءِ اسڪول ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ نصابي تعليم پرائڻ بجاءِ صوفي رنگ ۾ اهڙو ته رنگجي ويو جو پنهنجي باقي زندگي گيڙو ويس ۾ ويڙهي پنهنجي مرشد فقير در محمد هيسباڻي (ٻيو) ۽ فقير ظفر علي هيسباڻيءَ جي سايي ۾ شاعري تصوف ۽ انسان دوستيءَ جو سبق پرائيندا رهيا. فقير سائين جن شادي ٽيهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ئي ڏاڏاڻي خاندان مان حاجي لونگ خان کوکر جي نياڻي سان ڪئي جتان کين ڇهن پٽن ۽ پنجن نياڻين جو اولاد ٿيو. فقير معشوق علي کوکر جي شاعراڻي زندگيءَ ۾ فقير در محمد هيسباڻي ۽ فقير ظفر علي هيسباڻيءَ جو ذڪر ڪرڻ ان ڪري به اهم آهي جو فقير معشوق علي کوکر جي شاعري ۽ سندس فقيراڻي زندگي گذارڻ جو سبب سندس مرشد فقير در محمد هيسباڻي ۽ فقير ظفر علي هيسباڻي جي ئي صحبت هئي. فقير معشوق علي کوکر پنهنجي مرشد فقير در محمد هيسباڻيءَ جو نه صرف طالب هيو بلڪه فقير سائين کي پنهنجي مرشد سان ايتري ته محبت ۽ عقيدت هوندي هئي جو پاڻ زندگيءَ جو گهڻو وقت درگاهه خوش خير محمد هيسباڻيءَ تي پنهنجي مرشد فقير در محمد هيسباڻي (ٻيو) سان گڏ گذاريندا هئا. فقير معشوق علي کوکر جن جي پنهنجي مرشد در محمد هيسباڻي (ٻيو) سان ان محبت جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ به پنهنجي مرشد کي ياد ڪندي هن ريت ڪيو آهي:

اڄ اسانجي اڱڻ تان دُر لعل محمد ويا لڏي
گڏ گذاري راتڙيون وڇڙيا پرين ويلي وڏي.
(فقير معشوق علي کوکر)

جيڪڏهن هن فقير صفت درويش انسان جي طبيعت مزاج جي فقيريءَ واري لاڙي جي ڳالهه کي پڌرو ڪبو ته ان ۾ سندس مرشد در محمد هيسباڻي (ٻيو) جو ڪردار ته نظر ايندو پر ان سان گڏوگڏ هن فقير کي فقيري دنيا کي جهاڳڻ جي ذاتي دلچسپي به هوندي هئي. فقير سائين جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه دفعا ايران ۽ عراق ۾ حضرت امام حسين جي مزار ۽ ٻين اهم تاريخي مقامن جون زيارتون ڪري آيا. پاڻ جن صوفي شاعرن جي درگاهن تي گهڻو ويندا هئا انهن ۾ ڀٽ شاهه، درازا شريف سچل سائين جي درگاهه، نانڪ يوسف جي درگاهه، جهوڪ صوفي شاهه عنايت جي درگاهه، بابا بلهي شاهه جي درگاهه، ٺري ميرواهه غلام حيدر گودڙيو جي درگاهه جهڙن ٻين به ڪيترن ئي صوفي شاعرن جي درگاهن تي گهڻو ان ڪري به ويندا هئا جو کين اتي شاعري ۽ راڳ ٻڌڻ جو موقعو ملندو هيو. فقير سائين جن پاڻ صوفي شاعرن جي ورسي پروگرامن جا خاص مهمان به هوندا هئا ۽ راڳ رنگ ۾ به گهڻو حصو وٺندا هئا جو هو سچل سائين، خوش خير محمد کان ويندي، ٻين شاعرن جو ڪلام پاڻ ڳائيندا هئا. پاڻ جن ڪتابن جو گهڻو مطالعو ڪندا هئا انهن ۾ شاهه جو رسالو، سچل سرمست جو ڪلام، بيدل سائين جو ڪلام، نانڪ يوسف جو ڪلام، غلام حيدر شر جو رسالو، خوش خير محمد جو ڪلام، در محمد هيسباڻيءَ جي شاعري سميت تقريبن مڙني سنڌي صوفي شاعرن جي شاعريءَ سان گهڻو لڳاءُ رکندا هئا. فقير سائين جن 62 سالن جي ڄمار ۾ سن 23 ڊسمبر 1997ع ۾ ڄنگهه ۾ شديد سورُ پوڻ ڪري هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا.

فقير معشوق علي کوکر جي شاعريءَ جا موضوع

شاعريءَ جي دنيا ۾ خاص ڪري صوفياڻي شاعري هڪ اهڙو پيغام آهي جنهن ۾ ڳجهين ڳالهين جو راز ۽ رمز سمايل هوندي آهي جنهن راز کي هڪ شاعر نهايت دلڪش انداز ۾ بيان ڪري نه صرف دنيا کان داد حاصل ڪندو آهي بلڪه هو پنهنجي تصوراتي شاعراڻي خيال جي ڪمال سان هر پڙهندڙ جي دل دماغ تي به حاوي ٿي ويندو آهي. شاعر فطرت کان ويندي مذهب تاريخ ثقافت جهڙن اهم موضوعن کي هڪ مصور جيئن چٽي جڏهن پني تي اُتاريندو آهي ته سندس ان تخليق کي پڙهي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ شاعري ۾ بيان ڪيل واقعو سامهون گذرندو هجي يا ايئن کڻي چئجي ته جڏهن هڪ شاعر شاعري ڪندو آهي ته ان کان اڳ ۾ هو سماج جا ڪردار پنهنجي سماجي فطري حالتن جي چرپر چونڊ ڪندو آهي ۽ پوءِ هو انهن کي ڪو نه ڪو نالو ڪو رنگ ڏئي پيش ڪندو آهي. شاعريءَ جي دنيا ۾ هر شاعر جو فڪر نظريو پنهنجو هوندو آهي هر شاعر جي لکڻ جو انداز اسلوب پنهنجو ۽ الڳ هوندو آهي بلڪل ايئن شاعريءَ جي ٻين مڙني موضوعن ۾ خاص ڪري تصوف جي به پنهنجي حيثيت آهي جنهن ۾ صوفي شاعرن پيار محبت ٻڌي ۽ انسان دوستيءَ جهڙن موضوعن کي بنيادي قرار ڏئي ڳايو آهي. هڪ صوفي شاعر جي اها ڪوشش هوندي آهي ته هو گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پنهنجي تخليقي شاعراڻي قوت ذريعي هڪ اهڙي فڪري لاٽ ٻاري جنهن سان انسان ذات نفرت جي باهه مان نڪري پيار محبت واري زندگي گذاري ۽ هڪ اهڙي دنيا تخليق ڪري جنهن ۾ هندو مسلم عيسائي کان ويندي شيعي سني جي فرقيواريتي انتها پسند سوچ جو خاتمو آڻي سگهجي. فقير معشوق علي کوکر شاعري انگريز د‌‍ؤر جي ان اُسريل حالتن ۾ ڪئي جنهن د‍‍ؤر ۾ يا ان کان اڳ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ماحول ڪافي سهڻي نموني سان جُڙيل هيو. معشوق علي کوکر جي شاعريءَ تي جن شاعرن جي فڪر جو اثر نظر اچي ٿو يا جيڪي سندس اهم همعصر شاعر هئا جن شاعرن سان سندس رهاڻيون ٿيون انهن ۾ فقير در محمد هيسباڻي ٻيو، فقير ظفر علي هيسباڻي، فقير جائي جمال هيسباڻي، خوش خير محمد ٽيون، فقير سارنگ لاشاري، ظفر شر پڻ اچي وڃن ٿا. معشوق علي کوکر جو ڪلام سنڌي سرائڪي ٻوليءَ ۾ پڻ ملي ٿو پاڻ سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ غزل جي گهاڙيٽي تي 44 شعر لکيا اٿن. توڙي جو سندس ڪلام جو تعداد ايترو گهڻو ناهي نه ئي وري سندس ڪلام جي موضوعن ۾ نج صوفياڻي شاعريءَ جا به رڳو رنگ چٽيل ناهن، پر باوجود ان جي سندس ڪلام جي شيرين موسيقي ۽ فراق جون دانهون کيس سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تسلسل جي اوٽ ۾ بيهاريندي نظر اچن ٿيون، فقير معشوق علي جي ڪلام جي ڪجهه فني اوڻاين باوجود سندن ڪلام جا فڪري پاسا بلڪل پورا ۽ دلچسپ آهن. معشوق علي کوکر جي ڪلام جي موضوعن جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته سندس ڪلام ۾ جتي جتي مختصرن ڪجهه تصوف جا رنگ ملن ٿا اهي کيس تصوف جي هڪ صوفي شاعر طور پڻ سڃاڻپ ڪرائن ٿا، سندس اهڙي صوفياڻي خيال مان ڪجهه مثال هتي پيش ڪجن ٿا.

صورتون پنجويهه پاري هڪ اندر آهن درج
سڀ سوا سئو صورتون وحدت سندو ويچار ٿيو.
(فقير معشوق علي کوکر)

وات وائي ٻي نه ڪن وحدانيت واپار ۾
سر سَٽين ۾ ٿا سَٽين باقا بره بازار ۾.
(فقير معشوق علي کوکر)

سنڌ جا ڪيترائي صوفي شاعر آهن جن درد فراق جي ستي پيتي آهي، هي فقير به انهن شاعرن مان هڪ آهي. هن فقير جي ڪلام ۾ درد جي شدت ۽ فراق جو ڳوڙهو مواد پڻ ملي ٿو. فقير معشوق علي کوکر جي شاعريءَ جي موضوعن ۾ درد فراق جو موضوع ان ڪري به دلچسپ آهي جو سندس هن طرز جي ڪلام جي روانگي ۽ موسيقي جو رڌم دل کي ڇهي ٿو جنهن جو اندازو سندس هيٺين شعرن مان لڳائي سگهجي ٿو.
سور سختيون ساهه کي وڌ ڪي نه ڪي هرگز هٽيون
ڪر دوا ديدار جي ٻڌ ڦٽ فراقن تي پٽيون.

فراقي فَٽ سدان چڪدي هزارين درد دل هـڪ دي
پڙهڻ پيڙي سبق سڪ دي زبان تيڏا ذڪر ڪـردي.

حال هجر دا سُڻ تون سارا نال غمان دي ٿيم گذارا
دلبر ڏي ديدار وڃن وڇوڙي واليان گهڙيان.

هاڻ فقير معشوق علي کوکر جي شاعريءَ جي هڪ ٻي اهم موضوع جي ڳالهه ڪبي جيڪي موضوع آهي تاريخي ۽ حب الوطن ڪردار عمر مارئيءَ جو جنهن کي پاڻ سهڻي انداز سان ڳايو اٿن. سندس اهڙي ڪلام مان هتي مثال پيش ڪجي ٿو.

سڪ وطن جي ساهه کي ڪڍ ڪوٽ جي قيدڻ عمر
آهه مون مارن سوا هت زندگي ساري زهر.
(فقير معشوق علي کوکر)

مجموعي طور تي اسانکي هن درويش صفت شاعر جي ڪلام ۾ جيڪي اهم موضوع ملن ٿا انهن ۾ تاريخي ڪردار، تصوف، عشق، فراق پڻ اچي وڃن ٿا.

فقير معشوق علي کوکر جي شاعريءَ تي فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي شاعريءَ جو اثر

پاڻ اها ڳالهه اڳ ۾ به بيان ڪري آيا آهيون ته فقير معشوق علي کوکر سميت خاص ڪري فيض گنج جي ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام تي جنهن شاعر جو گهڻو اثر رهيو آهي اهو آهي فقير خوش خير محمد هيسباڻي، ساڳئي طرح اسين جڏهن معشوق علي کوکر جي شاعري پڙهون ٿا ته اسان کي معشوق علي کوکر جي ڪلام تي به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اثر نمايان نظر اچي ٿو جنهن جو اندازو هيٺ نموني طور ڏنل ٻنهي شاعرن جي ڪلام مان لڳائي سگهجي ٿو.

ڪيا انصاف آکان تيڏي آوڻ دا
ڏاڍا لائق ڪيتئي ليئي پاوڻ دا.
(ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي، ص: 155)

مٿي جنهن ڪافي جو نمونو ڏنو ويو آهي اها خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي مشهور ڪافين مان پڻ آهي. بلڪل ساڳيو اثر معشوق علي کوکر پنهنجي ڪلام ۾ به کنيو آهي جيڪي هن ريت آهي.

ڪيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا، ڪرين قرب سگها ول آوڻ دا.
(فقير معشوق علي)

هاڻ جيڪڏهن پاڻ خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي محبوب جي آجيان تي چيل ۽ معشوق علي کوکر جي محبوب جي فراق ۾ ڳايل ڪلام کي پڙهنداسين ته ٻنهي شاعرن جي ڳالهه جي طرز بلڪل هڪجهڙي ملندي، بس فرق ايترو ٿي سگهي ٿو ته خوش خير محمد پنهنجي محبوب جي آجيان ۾ محبوب جي احسان کي مڃي ٿو ته وري ٻي پاسي فقير معشوق علي کوکر پنهنجي محب جي وڇوڙي تي غمگين ٿئي ٿو بهر حال اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو معشوق علي کوکر جي ڪلام تي گهرو اثر پڻ ڇانيل آهي.

فقير معشوق علي کوکر ۽ سندس همعصر

---

فقير در محمد هيسباڻي (ٻيو)

ترارن کان تکيون آهن، نــگاهون ناز وارن جــــــــــــــــــون،
پري کان ڪيئن ٿيون گهائن، دلــيون درد ويچارن جون.

ٻولــــن سهڻا غمازن سان، ٽــلن ٿا ٽور نازن ســـــــــــــــــان،
ڏسن رمزن جي رازن سان، کــڻي نينان نظارن جــــــــون.

حــــــــســــن جي فوج جو حمله، ســدا غالب عشاقن تـــي،
ڏسي اکيون مجنهن متيون، پڙهيل تحصيلدارن جون
“مڪنوز در لعل” (حصه اول) ڪلام نمبر: 41)

تيـــــــــــــــڏي بره بڇي بيماري، مـــــل دلــبر ڏي دلــــــــــــداري

تيــــڏيان ڦٽيان اکيان دو ناليان، جند جهوري ڀروان ڀاليان
ڏنگيان زلفان نانگان ڪاليان، دل کس ڳئين دست الاري

تيـــــــــــــڏي درد فراق هزارين، اڳ ملڻ ڪنون نا ماريـــــن
ٻهه دل دي اڱڻ اُجــــــــــــــارين، مـــــل نينهن رلا نـــــــــرواري.
“مڪنوز در لعل” (حصه دوم) ڪلام نمبر:30)

فقير در محمد هيسباڻي (ٻي) خير محمد هيسباڻي (ٻي) جي گھر ۾ 1887ع ۾ تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ ۾ پيدا ٿيو، سندس وفات مئي 1977ع ۾ ٿي در محمد فقير جو ڪلام “مڪنوز در لعل” (حصه اول) جي نالي سان فقير احسان علي هيسباڻي ۽ مڪنوز در لعل حصه دوئم فقير سيف الرحمٰن هيسباڻي مرتب ڪيو آهي، فقير دُر محمد جو ڪلام به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جيئن تصوف ۽ انسان دوستيءَ جي سبق سان ٽمٽار آهي. فقير دُر محمد هيسباڻي سنڌي سرائڪي ٻوليءَ جو اهو صوفي شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪلام ۾ تصوف جي موضوع کي اهم ۽ بنيادي قرار ڏئي پاڻ سنڌي اردو سرائڪي ۽ فارسي ۾ شاعري ڪئي آهي. فقير در محمد هيسباڻي معشوق علي کوکر جو نه صرف همعصر هيو بلڪه پاڻ معشوق علي کوکر جو مرشد پڻ هيو. معشوق علي کوکر سندن شان ۾ به ڪلام چيو آهي.

دَر معرفت معروف عارف در محمد لعل هو
صورت اندر معنيٰ مَحو حاڪم حُسن جمال هو.
(فقير معشوق علي کوکر)

فقير ظفر علي هيسباڻي

بحر بقا ڏس لهر لقا پئون ٻارنهن پيا ڇڪن ڇڪا
هر جا هادي حق سڃاڻ وفي انفسڪم موجون ماڻ.
(فقير طفر علي هيسباڻي)

فقير ظفر علي هيسباڻي جو تعلق به خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي خاندان سان آهي پاڻ سنڌي سرائڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي اٿن پر سندن ڪلام اڃا تائين ڇپجي ناهي سگهيو. فقير ظفر علي هيسباڻي به معشوق علي کوکر جي اهم همعصر شاعرن مان هڪ آهي، فقير معشوق علي کوکر سندن تاج پوشيءَ تي پڻ ڪلام چيو جيڪي هن ريت آهي.

نينهن جو نيهي نسنگ پندرهين صدي نروار ٿيو
خاص اسم ظفر علي عاشق علم بردار ٿـيو.
(فقير معشوق علي)

فقير جائي جمال هيسباڻي

فقير جائي جمال هيسباڻيءَ جو جنم 1899ع ۾ تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ درگاهه شاهه پنجو ۾ مولاداد هيسباڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو پر پوءِ هو تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ خوش خير محمد هيسباڻيءَ ڏانهن لڏي اچي هميشه لاءِ رهائش پذير ٿيا. فقير جائي جمال جي وفات 13 ڊسمبر 2017ع ۾ ٿي، فقير سائين جن جي ڪلام ۽ سوانح تي فقير همراز منگتو تحقيقي ڪم ڪري فقير جائي جمال جو رسالو بحر البقا جي نالي سان ڇپرايو آهي. فقير جائي جمال هيسباڻي ۽ معشوق علي کوکر هڪٻئي جا نه صرف مرشد ڀائي هئا بلڪه هنن ٻنهي جي ڳوٺ جو مفاصلو به ليئو پائي ڏسڻ جيترو ويجهو آهي. پاڻ ٻئي پنهنجي مرشد در محمد هيسباڻي (ٻيو) جي خدمت ۾ پاڻ ۾ رهاڻيون ڪندا رهندا هئا. فقير جائي جمال هيسباڻي اهو صوفي درويش آهي جنهن جو ڪلام سنڌي، سرائڪي ٻولين سميت ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ بيت ڪافي جي صنف ۾ پڻ ملي ٿو سندن ڪلام بحر البقا جي نالي سا ڇپجي چڪو آهي ۽ پوئتي ٻيو به ججهي تعداد ۾ اڻ ڇپيل مواد پڻ ملي ٿو.
عشق دي ڪافر ڪٽي اسان، مسجد پير نه پئيندي هون
پڙهون نمازان نه ڏيون سجدي، نه هٿ مُصلي ڪون لئيندي هون.
(بحرالبقا، رسالو فقير سائين جائي جمال هيسباڻي ص 322)

راز ڀـــــريون اکــــيون، رانجهـــن تنهنجــــــون
مشــــــتاقـــــــــــــــــن کي، مـــــــارن ٿـــــــــــــــيـــون

اکڙيــــــــون تـــــــنهنجون، لال گلابـــــــــــــــــي
ڏاڍا ڏيــــــــــــــــــل، ڏيـــــــــــــکارن ٿـــــــــيـــون

نيـــــــــــــنن جــــــــا، نـــــــــــشــان نـــشانــبـــر
وار ڪـــــــــري دل، وارن ٿــــــــــــــيــــــــون.
(بحرالبقا، رسالو فقير سائين جائي جمال هيسباڻي ص 176)

فقير خير محمد هيسباڻي (ٽيون)

فقير خير محمد هيسباڻي (ٽيون) جو جنم فقير در محمد هيسباڻي (ٻيو) جي گهر ۾ 1929ع ۾ ٿيو ۽ سندس وفات 2006ع تي ٿي. هن درويش جي به سنڌي شاعريءَ ۾ سڃاڻپ فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي خاندان جي اهم صوفي شاعرن سان گڏ فقير معشوق علي کوکر جي اهم همعصر شاعرن جي نالي سان ٿئي ٿي. فقير خير محمد هيسباڻي (ٽيون) جو ڪلام اڃان تائين ڇپجي ناهي سگهيو، سندس ڪلام سنڌي سرائڪي ۽ اردو ٻولين ۾ ڪافي ۽ غزل ۾ چيل آهي.

دونهان درد دل ۾ دکايون وڃئون پيا
سوين سور سيني ۾ سمايون وڃئون پيا.

ڪندو مولا ميلو عجيبن سان آخر
جُدائيءَ ۾ جيئڙو جلايون وڃئون پيا.

حياتي تي باورڪنهن کي يار ڪونهي
چپڙا چــپــن ســـــان ملايون وڃئون پيا

پون پور پل پل پيا پرين جي پسڻ لاءِ
سنيها سورن جا سڻايون وڃئون پــــيا.
(فقير خير محمد هيسباڻي ٽيون)

فقير سارنگ علي لاشاري

فقير سارنگ علي لاشاري جو جنم تعلقي فيض گنج جي ڳوٺ لٻاڻڪي سانجاهو ۾ عبدالرحيم لاشاريءَ جي گهر ۾ 1948ع ۾ ٿيو. فقير سارنگ لاشاريءَ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري ڀنگو بهڻ هاءِ اسڪول مان ست درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ فقيري رنگ ۾ رنگجي ويو، هن کي صوفياڻي موسيقي ٻُڌڻ ۽ صوفياڻي شاعري پڙهڻ جي شوق هڪ سٺي ڪلاسيڪل صوفي شاعر وارو مان بخشي ڇڏيو. فقير سارنگ لاشاري سنڌي شاعري کانسواءِ سرائڪي ۾ به ڪلام لکيو آهي سندس شاعري سنڌي سرائڪي بيت ۽ ڪافي تي مشتمل آهي، فقير سارنگ لاشاريءَ جي شاعريءَ جو مواد ٻن ڪتابن جيترو آهي پر سندس اهو ڪلام اڃا تائين ڇپجي ناهي سگهيو. سارنگ لاشاريءَ جو ڪلام فقير خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي درگاهه، گودڙيو جي درگاهه، نانڪ يوسف جي درگاهه سميت سنڌ جي مختلف صوفياڻين محفلن ۾ سنڌ جي مشهور صوفي فنڪارن ڳايو آهي جيئن ته سارنگ لاشاري ۽ فقير معشوق علي کوکر هڪ ئي علائقي جا هئا جنهنڪري هنن جون ملاقاتون به ٿينديون رهنديون هيون جنهن ڪري هنن ٻنهي صوفي شاعرن کي هڪٻئي جو همعصر شاعر چئي سگهجي ٿو. سارنگ لاشاريءَ جي ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
رُس مَ رُسڻ گهوريو محبـــوب مُشتاقن ســـان
چوان چئي نه سگهان چپن کي چوريـــــو
طلب جي ترازي کڻي طالب توريـــــو
سارنگ سوريو نيو نماڻي پاڻ ســـــــــان.
(فقير سارنگ علي لاشاري)

هي خاص اسان ڏا خيال جيڪر رُلئي وتون نال
فذڪروني اذڪُر ڪم ٻيا مڙئي ٻائيتال
جيهي تيهي هان مين تُساڏي دامن دي لڄپال
سگهڙا آوين سُهڻل سائين سارنگ سڳ سنڀال.
(فقير سارنگ علي لاشاري)

ظفر علي شر

ظفر علي شر جو جنم 20 فيبروري 1968ع تي ڳوٺ مبارڪ علي شر ۾ نظام علي شر جي گهر ۾ ٿيو. ظفر علي شر جو به فقير معشوق علي کوکر جي ويجهن همعصر شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، فقير معشوق علي کوکر ۽ ظفر شر هڪٻئي سان رهاڻيون ڪندا هئا. ظفر علي شر فقير معشوق علي کوکر جو نه صرف ويجهو دوست هيو بلڪه هن کي معشوق علي کوکر وٽان ئي شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، جنهنڪري ظفر علي شر پاڻ کي معشوق علي کوکر جو شاگرد به سڏائي ٿو. معشوق کوکر جي ٻين همعصر شاعرن جي ڪلام جيئن ظفر شر جي ڪلام جي روانگي به ڪمال جي آهي. سندس ڪلام مان هيٺ نموني طور ڏجي ٿو.
رقيبن جي رقابت ۾ رُلي وئي زندگي منهنجي
جُدائي جيءَ کي جهوريو، جلي وئي زندگي منهنجي.

حياتي تان کنيم هٿڙا جيئڻ مشڪل ٿيو منهنجو،
وڇوڙي زهر قاتل ۾ ملي وئي زندگي منهنجي.

ڏيئو روشن محبت جو لڳو طوفان ويو وِسامي،
انوکي راهه الفت ۾ ڀلي وئي زندگي منهنجي.

وڇوڙي آ جگر وڍيو جيئڻ جي آس ڪانهي ڪا،
هٿن منهنجن منجهان هاڻي هلي وئي زندگي منهنجي.

رقيبن ۾ پوي رولو رُلين ڪيڏو رُلايو آ،
ظفر زخمن ڏُکيرن ۾ رُلي وئي زندگي منهنجي.
(ظفر علي شر)

فــقـير معـشوق علـي کــوکــر جو سنڌي ڪلام

---

وطن جو گيت (1)

مطلع: وطن جا وڻن ٿا نوان نِتِ نِظارا
ٿيو ساههُ سُرهو ڪيا غم ڪنارا

1: سوين سبز ٻوٽا ڦُٽا سڀ وطن جا
اسم لَکَ انهن جا سٺا سڀ وطن جا
نقش خوش نماءُ ڪُل رَکن رنگ نيارا

2: ملي پاڪ محبت ملهايون وطن جي
صِدقَ ساڻُ صُحبت ملهايون وطن جي
ڏئي هٿ هٿن ۾ هلون هلڻ هارا

3: خدا يا سدائين وَسائين وطن کي
ڪرين شاد آباد سائين وطن کي
گُهرون ٿا دُعا تون سڀن جا سَهارا

4: وطن پاڪ معشوق علي آ پيارو
ڪيون جان قربان ڌن مال سارو
ڪيون خوب خدمت مِڙي هڙ متارا.

(2)

مطلع: دُو بدو ديدون ملن عيدون ٿين حج اڪبري
مُنهن ڏسي محبوب جو سجدو ڪيان قدمين ڪِري

1: جَن ڏٺي ڪي ڏينهن ٿيا مولا ملائيندو وري
دل سدا وسندي وَري جيڪا جُدائي ۾ جُهري

2: ڪانگ ٿي لاتيون لَويون سولا سَوڻ ٿيا اک ڦَري
ڍولُ منهنجي ڪولَ ٿيندو ڪئي خبر کِنيان تي کري

3: اڄ اڱڻ ايندا پرين ساعت جَنهين رِي نه سري
ٻول ٻاروچل ٻُڌا پاڻهئي ڪندو پَڪ پَروَري

4: دل متان ماندي ٿئين ويندا ڏکيا ڏينهڙا ٽَري
شڪ نه آ ڏسنديون اکيون مَهتاب هڪ مُنهن مُنوري

5: دوست دلداري مُڪي ويهندو سڄڻ ويجهو سُري
غم وهم ويندا لهي خوش دل ٿيندي دردن ڀَري

6: پيچ پيارل جا پيا در دست دل دلبر ڌَري
ڏورِ جنهن ڏاڍي ٻڌي سا نه ڪندو ڍولڻ ڍَري

7: باس باسيم دل و جان صدقه ڪندم ساههُ و سِري
سو ملي معشوق علي جاني جِنهين دلڙي ڦُري.

(3)

مطلع: آ خبر خاطو ٻڌائج ڪا پرين جي پار جـي
ڏَسِ سڄڻ ڪِهڙي ڏني ورندي ورڻ جي وارَ جي

1: پورَ ٿا پل پل پون ويسرِ وِٿي نه وار جي
روز شب رَتُ ٿي رواري يادگيري يار جـي

2: ڳالهه سا ڪهڙي ڪيان دلدار کان دم ڌار جي
دل مطالع درد ڪيا سک سانتِ سڀ ويا وارِجي

3: دانهن دل ڪنهن کي ٻُڌائي عشق جي آزار جي
درد جا دونهان متا هڏ چَم لَحم ويا ٻارجي

4: ڪين ٿو گهرجي ٻيو درڪار اٿم ديدار جي
نينهن نرمل سان نڀائي نه ڪري انڪار جي

5: ساهه کي سڪڙي گهڻي معشوق علي منٺار جـي
دل اندر دم دم رهي حُب دل گهريئي دلدار جي.

(4)

مطلع: ٻُڌ مٺا تون ٻاجهه سان فرياد دل توکي ڏيان
حال سڀ سُورن سندو توکان سواءِ ڪنهن سان ڪيان

1: آ اڱڻ هيڪر هلي قربان قدمن تان ٿيان
پاڪ پيرن جي پَڻي تنهنجي کڻي چشمين چُمان

2: ڏي پرين پينار کي پيالو وَصُل وارو پيان
هي وَهي ساري وئي باقي الائي دم ڇا جيان

3: خاص خوراڪُون خوشيون سڀ سک صبر سورن نِيان
دِل هِڪاتي درد لک آ بار بيحد بي بيان

4: حال هن مسڪين جو معلوم هڙ تنهنجي اڳيان
ڇا زبان ظاهر ڪري مَخفي مِڙئي توکي عيان

5: يار جا ڪون دور ٿيئين معشوق علي هٿڙا هنيان
دانهن دل ورناءِ تون آ روز شب ماتام مِيان.

(5)

مطلع: اڄ اسان جي اڱڻ تان دُرلعل محمد ويا لڏي
گڏ گُذاري راتِڙيون وڇڙيا پرين ويلي وَڏي

1: مونجهه ڏئي مَن ۾ ويا موٽي ملڻ تن جو مَحالُ
شل وَصُل واڳان ورائي مَن مَنَههَ اوڏا اڏي

2: ڪير ڏئي خاصي خَبر وَيڙا پرين وَرندا ڪڏهن
هِڪ گهڙي سو سال ڄڻ گُذريا غمن ۾ ويا گڏي

3: ڪَل ته وچ جي ڪان پئي سَنبريا سفر ساجن سُتت
مَن اندر ماتم ڏئي ڇوري ڇپر ويڙا ڇڏي

4: ڏيهه کان پرڏيهه ٿي ويٺا وِٿي وارث وجهي
ماڳ تي موٽي مِلن من طلبگارن جي تڏي

5: من موهيندڙ ڳالهه مرشد جي مِٺي معشوق علي
سا نٿي وِسري وروهه جا ڪئي سخي سائل سَڏي.

(6)

مطلع: دَرِ معرفت معروف عارف در محمد لعل هــو
صورت اندر معنيٰ مَحَوَ حاڪم حُسنشِ جمال هو

1: تارڪ وجودي ترڪ وترڪ بندهه علي بَرحق بنيو
ماضي قبل جو قال گم حاصل حُسيني حال هو

2: من عرف جو مصداق شُد ثابت قدم سلمان مثل
دامن علي ۾ دل مليل اعجاز وڌ اقبال هو

3: مُوتو قِبل جي موج ماڻي حد ٽپي لاحد لنگهيو
ماڻي بقا منجهان فنا وهه واه خُدائي خيال هو

4: زَر مال ساهه صدقه ڪري مُرشد مٿان مقبول ٿيو
ڏهه سِر هجن ڏور ڏيئي اهڙو سخي ننگ پال هو

5: سالڪ مرد منصور رند شاعر شرف وڌ شان ۾
نثر و نظم موتي مَڙهيل تشريح قرآن قال هو

6: چوڏهين جمادل اول پوئين رات ٿيو جاني جُدا
اربع تيرهن سو ستانوي هجري سال هو

7: هَم راز ٿيو هر راز ۾ شهباز گڏ پرواز سان
دم مُرغ دل جازب جهٽيو مجذوب جذب جلال هو

8: طاقت نه آ تمثيل جي سهڻي سِيرت بيحد بيان
روشن صورت نوري نما جلوه جمال ڪمال هو

9: معشوق علي عاشق هيو بر آل محمد مصطفيٰ
خوش دل نياز و ناز ۾ ممتاز بي مثال هو.

(7)

مطلع: سر مَٿي سونهن گلابي تاج پوشي شهنشاه
خير محمد خوش اسم سلطان ڏس ٻاهر سپاه

1: طالبن تَسليم ڪئي معنيٰ صورت مطلوب جي
ساجدن سجده ڪري برحق پڙهيائون بسم الله

2: هر طرف هٻڪار ٿي عنبر عطر گڏ مُشڪ جي
سيجهَه سهڻل سان سونهين محبن هٿن سان ڪئي مُباح

3: جا بجا خوشيون مليون موقع مبارڪ باديون
هر رعيت راضي رهي راجا رِيڌو بر تختگاه

4: مير محمد مصطفيٰ موجود حق ميسر مليو
شاهه عبدالحي ڪئي نُوري نظر ناتي نباه

5: قرب علي قادر قلندر لعل لک لڄپال جا
ظاهر و باطن ملائي شاه نصير نيبهه نگاه

6: فيض دَرِ مرشد مليو روشن علي احسان ڪيا
سِر بَسر شهه صفي الله برتر بنائي بارگاهه

7: لعل در دامن علي پوتو پرين اعجاز سان
در بره بنده علي مقبول ڪئي خوش خانگاه

8: ذوق مان ظفر علي صوفي صحن سينگاريا
ميل محبت جا مَلهيا پُر فيض برڪت واه واه

9: پاڪ دروازه پرينءَ جو ڪيم مٽ معشوق علي
تون به ڪر قربان سڄڻ تان سر سڀو گهر مال ساهه.

(8)

مطلع: ساهه ٿو ساري سِڪي اڄ آ مٺا منهنجي اڱڻ
روز شب راهون ڏسان پِيڙا طرف تنهنجا تڪڻ

1: سک صبر آرام نيڙا دوست تنهنجي دور ٿيڻ
دم بدم دل کي پيون سڪ سوز جون سختيون سهڻ

2: ڳل مٿي ڳوڙها ڳڙيا اکين ڪيا وارا وسڻ
سوز مان سڏڪا ڀري پل پل رهيا پنبڻ پسڻ

3: يار تنهنجا ياد آهن قول گڏ ويهي ٻَڌڻَ
سي پرين پاڙيو سِگها آهي الاءِ دم ڇا جيئڻ

4: معاف ڪر منهنجون خطائون مون ۾ آهن عيب مڻ
لعل محمد جي مهابي ڇڏ پرين رسمون رُسَڻُ

5: ڍول پنهنجي ڪول ڪر تون پير ڏي پنهنجا چمڻ
من گهريئي معشوق علي سان ٿئي مٺا مُرڪي ملڻ.

(9)

مطلع: آءُ اڱڻ پيهي پرين نت ساهه ٿو سڏڙا ڪري
درد جون دانهون ٻُڌي ورندي ورڻ واري وري

1: دل ڪنهن دستور سان جاني وئين جلدي ڦُري
درد دل ۾ دائما ڏئي ٿئين پرين مون کان پري

2: روز شب روئن اکيون دل سڪ منجهان سُڏڪا ڀري
رک وِصالي واسطا جند ٿي جُدائي ۾ جُهري

3: سڪ اندر وڌندي رهي جيئن باهه ڏئي ڀڙڪا ٻري
دم بدم درڪار تنهنجي آءُ هلي هينئڙو ٺري

4: عرض مڃ مسڪين جو ديدار ٿي دلڙي گُهري
دم الائي ڇا گهڙي ماندي ملڻ ريءَ نه مري

5: پاڪ پيشاني پسان سجده ڪيان سِرڙو ڌري
من مُٺل معشوق علــي قربان ٿي قدمين ڪري.

(10)

مطلع: پٽن تي پنهوار ڪن ويڙهيچا وِرونهان ويهي

1: ٻاجهه ڀريون سي ٻوليون ٻولن وصل واڌائي خبران کولن
پاڻ ۾ ڪن پيار صلح صدا تن عادت ايهي

2: سانگي سينڌ نه سرما پائن پٽ پٽيهر ڪين هنڍائن
اطلس کان انڪار لوئي لعل تنهين دل ريهي

3: اُچا مَنَهنَ مارو ٺاهن چئونرا گهر چڱيرا چاهن
ڪکن منجهه قرار پلنگ برابر ڀائن پيهي

4: ساڳ سلوڻا کنڀيون کائن للر لوڻڪ موٺ ملائن
ڏوئرن سوڌا ڏار ڏٿ ورهائن ڏيهه ۾ ڏيهي

5: صفرا گل پنهوارن پاتا هار پسين جا هينئڙي لاتا
سرتيون ڪن سينگار چال اها تن عجب جيهي

6: گُذريا ورهه ويڙهيچن وِڇڙيس قابو قيد ڪوٽن ۾ ڪڙيس
بنديءَ بند هزار ڪل سنگهارن منهنجي ڪيهي ؟


7: مٺڙا مارو مون وٽ ايندا ڇني ڇوري ڪين ڇڏيندا
اهو اٿم اعتبار ننگ نڀائيندا ننگي نيهي

8: رب معشوق علي مارو ميلي سُڪر سڻائي ٿئي هر وَيلي
لهن گرد غبار ملان پنهوارين پکين پيهي.

(11)

مطلع: عمر مون ڏي مڪا مارن سنيها اڄ سڀن ساري
ٻُڌي خط هت پنهوارن جو روئان رت نت هنجون هاري

1: ڪڍج قيدڻ حويلن جي ڄڻي ڄائي ٿريلن جي
وٺي هُت ڇانگ ڇيلن جي وڃين پنهنجي وطن چاري

2: پري سانگين سفر ڪيڙا وري پنهنجي وطن ويڙا
ڏسڻ کان ڏور ٿر ٿيڙا وڌو ڳڻتي انهي ڳاري

3: پڪا پيرون للر لاڻا اباڻن ساهه سيباڻا
مهي ڌونئرو مکڻ چاڻا پيئن پِسُ کير ڌڻ ڌاري

4: جنهين جي آءُ اُتي ويندس ڏکن جو حال هڙ ڏيندس
وڃين خوش نيٺ ٿر ٿيندس غمن جون هت گهڙيون گهاري

5: جَڙي جندڙي اصل جن سان ملان معشوق علي تن سان
گهمان سرتين سهيلين سان الله واڳون وطن واري.

(12)

مطلع: اڄ اباڻن جي ڏني خاطو خبر خاصي کري
بر مٿي برسات ٿي ڳم ڦوڳ ڦوٽا پيا ڦري

1: مهر مولا جي وسي پيڙا منهه گهر ٿر ٺري
گاهه گلزاري ڪئي سرسبز ٿيون سوڪان وري

2: عمر مارن جي ملڪ جي تو هتي ڪري قيدڻ ڌَري
قرف ڪوٽن ۾ ڪَڙي تنهنجي ظلم زوراوري

3: ڏاڍ ڏوٿن سان هلي ٿو ٿرٿلي ڪيڙا ٿري
آ غريبي جن گذر تن سان نه ڪر تون هيتري

4: مڃ الله لڳ عرض هي بيمار بيوس ڪر بري
ملڪ پنهنجي مڙهه پڄائج جي وڃان مان هت مَري

5: ماڳ مارن جو ڏسڻ مون لاءِ حج آ اڪبري
سي ملن معشوق علي ڌُر کان جنهين سان دلبري.

(13)

مطلع: سڪ وطن جي ساهه کي ڪڍ ڪوٽ جي قيدڻ عمر
آهه مون مارن سوا هت زندگي ساري زهر

1: ڏي ميان موڪل ڏسي پنهنجا ٿريلي ٿاڪ ٿر
ڪر مهر مارو ڏسان تون لاهه ڏوٿن تان ڏمر

2: موٺِ منڱ مارو کائن ڏونرا پسي لوڻڪ لُلَرُ
تو ستايا سومرا جن جو گذر سانئون سنڱر

3: پٽ نه پايان مورئين ٻن بافته بخمل سمر
لعل لوئي نه لڄايان جا اٿم پنهوار پر

4: سک نه سيجهن تي سمهان مون هنڌ حوالي ڪيم ڪر
محل ماڙن کان مٺا مون کي پکا پنهنجا پڌر

5: ملڪ مارن جو اچي خاطو ٻڌائي ڪا خبر
من ملن معشوق علي جن لئه وهايم جام جر.

(14)

مطلع: دل سدا جن لئه سڪي آيا اهي احسان ٿيا
صد شڪر لائق لکين مون وٽ محب مهمان ٿيا

1: قرب وڌ وستي وسي همدل هڙئي همخان ٿيا
ڪل ڪچهري زيب ور سُرها صحن ايوان ٿيا

2: سبز سڀ سوڪان ٿيون رحمت ابر نيسان ٿيا
عشق آبادي وڌي باغات بر بستان ٿيا

3: غم ويا خوش رهي مشڪل مڙئي آسان ٿيا
جان تان لٿڙي جفا دلگير جا درمان ٿيا

4: محفل محبن اندر گڏ ساز ڪل سامان ٿيا
راڳ رندي راز جا امرو نهي اعلان ٿيا

5: بي بها بحرين جا موتي پڌر پنهان ٿـيا
گفتگو گوهر ڇٽن هٿ لعل دُر مرجان ٿـيا

6: معرفت جي ملڪ جا عارف با الله عرفان ٿـيا
عاشق و معشوق هڪ منجهه عشق جي ميدان ٿيا

7: معنوي صورت سڄڻ سيرت حسن سبحان ٿيا
سونهن سهڻن جي پسي شمس و قمر قربان ٿيا

8: پي پيالا پُر پريمي مست منجهه مئخان ٿيا
خُمر ڪنهن خاصي کنيان عرشن مٿي آشيان ٿيا

9: رک طلب تهدل انهن جي مرد شهه مردان ٿيا
تن منجهان معشوق علي قربان تن ڌن جان ٿيا.

(15)

مطلع: دل ڪهين دستُور سان دلبر لُٽي ڌاڙو هڻي
هر طرح حمله ڪيا هٿ ۾ حُسن خنجر کڻي

1: تير ميگان جا لڳا اٽڪي جڏهن اک جي اڻي
جان جند چشمن چُٽي گهورن گھُٽي گهايئي گهڻي

2: مار زلفن مار جا ڏهه وار ڏنگ ڄاڻي ڌڻي
تيز ڌڪ تلوار ابرو جي مٿان بارش بڻي

3: پٽ پرين پهري ڪيا سينگار سڀ سُرما ڦڻي
سونهن سهڻي جي سرس وه واه جا ويتر وڻي

4: ماٺ ڪر معشوق علي هي ڳالهه جي ڳهلا ڳڻي
سر صنم کي ڏي سگهو لاهي لڱن تان لُڻـي.

(16)

مطلع: سال سڪ ۾ سو ويا ڪي ڏينهن رُت راتيون مٽيون
ڏي پياسي پُر پيئن وارث وصالت جون وٽيون

1: درد واري درس ۾ ويٺا ڏکن جا دم ڪَٽيون
سور جون جنهن ۾ سٽون سي سڀ پڙهڻ پيڙيون پٽيون

2: سور سختيون ساهه کي وڌ ڪي نه ڪي هرگز هٽيون
ڪر دوا ديدار جي ٻڌ ڦٽ فراقن تي پٽيون

3: يار خاطر هر شهر ٿر بر گهمن بازر گهٽيون
سي سڪايل سُک نه سيجن تي سمهن سورن سٽيون

4: رات راڙي روڄ ۾ لڳيون اکيون سي نا پٽيون
ڪر ڪرم معشوق علي تي ڪول ڪر ڪسيون ڪٽيون.

(17)

مطلع: اڄ اچڻ جي ڪر عنايت قرب جون ڳالهيون ڪيون
ٿي نهاريان طرف تنهنجا نيڻ مان نِرمل کنيون


1: وات وائي تات تنهنجي راتيون روئندي ويون
سڪ سريري سک وڃايا ڏک وئين ڏوڙا ڏيون

2: ياد ڳالهيون يار تنهنجون دل اندر دم دم نيون
سي نه وسرڻ جون اهي جي تو مٺا مون کي چيون

3: ڪل ڪيان قربان ڪوڙين مال مڏيون اڻ مَيون
جان جند هر هر ٻئي توتان صنم صدقه ٿيون

4: درد مند معشوق علي تنهنجي طلب تابش تيون
سي سڄڻ سيني ملاءِ جيڪي پلي تنهنجي پيون.

(18)

مطلع: دلربا ديدار ڏي اڄ ڪا گهڙي گڏ گهاريو
دم الائي ڇا گهڙي ماڻا ڪري نا ماريو

1: سُور سختيون ساهه کي ڳڻتي اوهان جي ڳاريو
درد جا دونهان مٿان ٻارڻ ڏئي تو ٻاريو

2: دم بدم همدم ٿيون سُڏڪا ڀري دم ساريو
ٿا وهن ڳوڙها ڳلن تي آب اکڙين هاريو

3: ٻَنِ جدائي جو جيئڻ واڳون وصُلَ جون واريو
خوش ڏسي توکي ٿيان مان درد دل تان ٽاريو

4: مل وِلهي وَستي وسي آتڻ اڱڻ اجاريو
ٿو سڪي معشوق علي مهتاب منهن ڏيکاريو.

(19)

مطلع: ڪانگ ڪر کولي خبر وڃ وڻ چڙهي واڪا ڪري
ڏج نياپو نينهن جو ساجن اڳيان سرڙو ڌري

1: پهچ پل ۾ چئو پرين کي با ادب هوري هري
اڄ اچڻ واري ڪري گڏ گهر ملون ڀاڪر ڀري

2: سڌ سڄڻ جي ڏي سگهو ساعت جنهين ريءَ نه سري
سو صنم ايندو ڪڏهن جيڪو پسڻ کان آ پري

3: دل چري چَڪ چُور ڪئي هڪ ذوق زابر جي ذري
هي سڪايل ساهه منهنجو ٿو اندر ڳڻتين ڳري

4: گڏ رهي معشوق علي اهڙو وصل وارو وري
شل هميشه هڪ هجون ٻَن وقت ٻيائي جو ٻري.

(20)

مطلع: سڪندي ٿيڙم سال، موٽ مٺا ڪر محب ملڻ جي

1: باهه بدن ۾ ڀڙڪي ٻاري سُورن ساڙي جندڙي ساري
ويجهو ڪر تون وصال، پلڪ پري هڪ ناهه پلڻ جي

2: تو در دلبر دلڙي دانهين هٿ وس تنهنجي جيئن تون چاهين
ڀورل ڪر ڪو ڀال، هُجت نه توسان آهه هلڻ جي

3: درد مندي جون ٻُڌ تون دانهون هيڪر مٺڙا اچ اورانهون
پنهنجو توسان حال اوريان روئي ناهه الڻ جي

4: توکي دلبر دل ٿي ساري روئي ڳوڙها ڳل تي هاري
جيئڻ ٿيم جنجال، ناهي جهوري جِهڄڻ جهلڻ جي

5: ڪول معشوق علي کي ڪر تون ننڌر نماڻي در تي ڌر تون
سانول سڻج سوال، رمز روحي رک راز رلڻ جـي.

(21)

مطلع: ڪڏهن ايندي اڱڻ اسان جي الاهي ڏينهن تو لايا
ڏسڻ کان ڏور ٿو ڏسجين پري تيئن پير تو پايا

1: نهارن نيڻ ٿا روئي طرف تنهنجي الله ڄاڻي
ستت صدقو جواني جي ملڻ جا ڪر صنم سايا

2: نه ڪر مسڪين سان ماڻا نباهج نينهن تون نازڪ
جلي جيءُ ٿو جدائي ۾ وصل جا ڪي گُهلن وايا

3: ليئو پائي لڪي ويٺين اڃا تائين نه آئين تون
ڏکي دلڙي ڏکايل کي وري وڌ سُور سَمايا

4: سدائين ساهه سورن ۾ عمر ساري نه سک سنڀران
سوين صدمان سڄڻ تنهنجا نماڻي کي نظر آيا

5: اچو هيڪر هلي مون وٽ ٿين سڀ سير گهر سُرها
ڪري قربان سِر سوڌي مڙئي معشوق علي مايا.

(22)

مطلع: هو اسم ظفر علي تارڪ وجود عاشق باالله
دم انا الحق جو هنيون منصور جان معارف آگاه

1: هو يگانه مرد ڪامل بيخوديءَ جو بادشاه
تنهن علامه عشق جو سالڪ رکيو سر تي ڪلاه

2: از دريا ءَ وحدت وره واهڙ وهايا وير واه
عشق آباديون ڪيون سوڪان سبز ٿيون وه واه

3: رحمت و شفقت سندي جنهن تي ڪري قرب و نگاه
سڀ سخي پنهنجا ڪيا سائل سڏي سلطان سپاه

4: منتظم وزير حق بيشڪ بڻائي بارگاه
واهه ويهو مست آبادي سندس آرام گاه

5: عاشقن معشوق علي ساجن سڃاتو ساه پساه
حق ڏسي حق سان هميشه ٿا رکن ناتو نباه.

(23)

مطلع: نينهن جو نينهي نسنگ پندرهين صدي نروار ٿيو
خاص اسم ظفر علي عاشق علم بردار ٿيو

1: منتظم و وزير حق آ هيسباڻي ذات خود
خاندان خوش خير محمد جو گُلي گلزار ٿيو

2: ٿو ٻڌائي قول قرآني حديث مصطفيٰ
آ علامه عشق جو هوڪو ٻڌي هوشيار ٿيو

3: تي منجهان توريت زي زبور الف انجيل مان
في لفظ فرقان مان پي تزافپ تيار ٿيو

4: پنج ٿيا پاره روحي چئني ڪتابن جو جوهر
ويد ڪل جو پيد هڪ مسلم هندو حصيدار ٿيو

5: سورتون پنجويهه پاري هڪ اندر آهن درج
سڀ سوا سئو سورتون وحدت سندو ويچار ٿيو

6: آ هلي پير مغان جي آستان چم با ادب
خود پرستي کي ڇڏي داخل اندر دربار ٿيو

7: حق نه حاصل حاسدن کي آ عدالت عشق جي
سج ڏسڻ سڀ کي سهل پر ڪور کي دشوار ٿيو

8: هل پرين جو پير کڻ ويٺي وڃائين وقت ٿو
تون وساري اڄ رهين ڪل ياد جو اقرار ٿيو

9: راز نه هرگز ملي مرشد سوا مردن چيو
حج پڙهي توڙي نمازون بن بره بيڪار ٿيو

10: ٿو گهري معشوق علي دلبر اوهان کان هي دعا
ڪول جيئن قدمي ڪيئي ڌرتي ڌري نه ڌار ٿيو.

(24)

مطلع: ياد دل تي يار آهين تون نٿو وسرين گهڙي
لَنَوَ لڳي توساڻ مٺڙا جان جند توسان جڙي

1: اچ ملڻ لاءِ دل اکيون آهن اداس اي مٺا
پل پري پلجي نٿي آ ڪول ڪر سورن سڙي

2: رات ڏينهان تات تنهنجي سار لهه سانول سِگهي
سُک ويا سڀ ساه جا دل ۾ متي دردن ڌَڙي

3: تانگهه تنهنجي طرف جي سڪ سَرس سالن جي اٿم
اڄ نه ڪلهه جي آ مٺا توساڻ دل ازلون اڙي

4: دلربا ديدار توکان ٿو گهري معشوق علي
دل ولهي وارث وسا خوش ڪر سڄڻ لائق لڙي.

(25)

مطلع: مل مٺا مونجهان مٽن اکيون پسن دلڙي ٺري
شل هميشه گڏ هجون هڪ پل نه ٿي مون کان پري

1: آ هلي هم دم ٿيون ڀورل ملون ڀاڪر ڀري
چاهه مان تنهنجا قدم چشمين چمان سر ڌڙ ڌري

2۔ تون پري وارث وئين ويران دل وسندي ڪري
سار لهه سانول سِگهي تو ري نٿي ساعت سري

3: دود دکيا درد جا ٿي عشق جي آتش ٻري
تن تپايو ترت تنهنجي زوق جي هڪڙي ذري

4: درد مند دانهو ڪري سڪ سوز جا سڏڪا ڀري
پاڪ رُخ پنهنجو پسا ماندي ملڻ لئه ٿي مري

5: منٿ مڃ معشوق علي جي دانُ ٿو توکان گهري
ڏي حسن جو خير نا خالي سخي سائل وري.

(26)

مطلع: عاشقن اڄ عيد ڪئي دلدار جي ديدار ۾
خوش ٿيا محبوب سان هم حال گڏ گفتار ۾

1: شوق مان شائق هلي داخل ٿيا دربار ۾
طرف نه تاڻن ٻيا ديدون وجهن دلدار ۾

2: وات وائي ٻي نه ڪن وحدانيت واپار ۾
سر سَٽن ۾ ٿا سٽين باقا بره بازار ۾

3: معنوي مورت پسن صورت سندي سينگار ۾
هڪ شمع پدمين پتنگ جليا حسن جهلڪار ۾

4: هڪ ٿيا معشوق عاشق عشق جي اعتبار ۾
منجهه طلب طالب رهن مطلوب خودمختيار ۾

5: پاڻ پرکن پاڻ کي ٿا جيت توڙي هار ۾
ٿا نظر ناظر رکن معشوق علي منٺار ۾.

(27)

مطلع: ڏکن جي ڪاڻ ڏاڍن سان اکيون بيوس وڃي اڙيون
وين جاٿي سريري سک اتي لاشڪ لڪي لڙيون

1: فڪل فند ۾ ڦٽيون ڦاٿي ڀڄڻ مشڪل ٿين تاٿي
حسن حملا هئا جاٿي اُتي ويتر وڃي وڙيون

2: شمع شعلا جتي آهن طرف تاڏي ڪُڏي ڪاهن
ورڻ واريون وري ناهن پيون مچ ۾ سُري سڙيون

3: لٽائي دل اکين زوري لڳن لون لون اندر لوري
جلاين جند جهڄڻ جهوري روئن رت ٿيون ڪري رڙيون

4: بره سر تي ٿين باري ڪراين عشق سو زاري
پين سُڌ سور جي ساري گذارن غم اندر گهڙيون

5: طلب جن جي تنهين تايون ڳچي ڳارا پلو پايون
اُتي معشوق علي آيون جتي ڪاڪُل ڪمند ڪڙيون.

(28)

مطلع: عشق جن وٽ ٿو اچي نه ساهه جو سانگو ڌرن
سر ڏيڻ لئه سورما باقا بره بازار گِهرن

1: حسن حمله ڪئي ڪٺا منهن ٿا ڏئي مانجهي مرن
جئن شمع ساڙي پتنگ تئن ٿا اندر ٻارڻ ٻرن

2: نينهن نيشانا بڻي سورهه قدم اڳتي سُرن
سي سپر سينو ڪري وک وار نه پوئتي ورن

3: ڪربلا جي ڪرشمي ۾ ڪنڌ ڪپايا ڪيترن
سر ڏئي سوڀون کٽن ڪن سودمندن سودو سرن

4: قيد قابل ڪيترا مجنون منجهه بيٺا برن
سور سختيون سي سهي ديدار ٿا دانَهه گُهرن

5: ڪين ٿا معشوق علي منصور سوري کان ڏرن
ڏس هٿان فرهاد جي شيرين سبب ڏونگر ڏرن.

(29)

[b]مطلع[/b]: وجهين ٿو دام دلڙن کي کڻي نينون نهارين ٿو
عجب تون ناز لک دلبر ڪري مشتاق مارين ٿو

1: ڪڙي ڪاڪل ڪمندن سان ڀروون ڀالا اُلارين ٿو

تڪي تون تير پنبڻين جا هڻي ماري جيارين ٿو

2: ڪيا تابع حسن تنهنجي کلي جن کي کيڪارين ٿو
ڪشش تنهنجي ڪيا قابو سبق سڪ جا سيکارين ٿو

3: اکين جا پُر ڪري پئمانا پياسن کي پيارين ٿو
ڪري داناءُ ديوانا اداسي دم ڌتارين ٿو

4: ڪرين حيران هڪدم ۾ جڏهن جلوه ڏيکارين ٿو
حسن شهباز جي هٿ ۾ مُرغ عرشين اُڏارين ٿو

5: سڏي سائل سخي در تي سوين ويجها ويهارين ٿو
لکين معشوق علي جهڙا ڪري بردا بيهارين ٿو.

فــقـير معـشوق علـي کــوکــر جو سرائڪي ڪلام

---

(1)

مطلع: ڪيا فراق آکان تيڏي جاوڻ دا، ڪرين قرب سگها ول آوڻ دا

1: ڏُکي هِجر فراق دي هڪـڙي گهڙي
سوين سُور سَٺي سِڪ سَـوز سَڙي
تَڪان راه تيڏي روان ايـوين کڙي
وسي مينهن جوين رُت ساوڻ دا

2: اڱڻ يار آڻي تيڪون پاڪ ڌڻي
نڀي نينهن جوين اها ڳالهه ڳَڻي
تڙڦ تانگهه لڳي دن رين گهڻي
پُکي وقت پيا غم کاوڻ دا

3: مِٺا مهر وفا دي تون نظر ڌرين
مُٺي درد فراق دي ڪَول ڪرين
سڪي ساهه سدا پڪي پير ڀرين
ڪرين ڪرم صنم وِک چاوڻ دا

4: سُتي جاڳ پئي نوين سُور سرس
مَٿي باب بندي کڙي بار برس
ڪُٺي قرب اُتون ڪرين ترت ترس
نهين سُٿرا سوز سماوڻ دا

5: پرين رَمز معشوق علي نال رلا
وصل واڳ ولا رهي ڀاڳ ڀلا
چُمان قدم نوڙ نرڙ نيڻ ملا
ڪرين ڀال ڀاڪر ڀر پاوڻ دا.

(2)

مطلع: يا علي مشڪل ڪشا پُر جام محبت دا پلا
بخش بحرا بره دا صدقه شهيد ڪربلا

1: عرض مولا من سگها روحي رمز رهبر رَلا
کول گُهنڊ درشن پسا تون نا سخي سائل وَلا

2: حاج هر هٿ وچ تُساڏي ٻي نه ڪنهن در در رُلا
رهنما راضي رهين هان مئن منجهل حق تي هَلا

3: ڪر خطاوان معاف ميڏيان مئن وسوڙيل ويسلا
نفس نجسي پاڪ ڪر تون نيڪ مقصد وچ ملا

4: دم بدم هم دم رهين در آپني رک داخلا
غم وهم دُک دور ڪر هين بي وسي دا ڀَر جهلا

5: پاڪ محمد دي مهابي هر مرض جسمي جلا
ڏي شفا شافي مصيبت دا ختم ڪر معاملا

6: شاد ڪر آباد مئڏي ڪُل ڪٽنب دا سِلسلا
عشق اپنا ڪر عطا دل وچ ڄما سڪ دا سَلا

7: ڪر ڪرم معشوق علي تي تئن بِنا ڪونهين بِلا
قلب روشن دل رهي سيني اندر ڪر سوجهلا.

(3)

مطلع: حُسن سَردار دُر محمد وِکا ديدار دِل جاني
سِڪي دلڙي سڪايل دي ملڻ دي ڪر مهرباني

1: ڏکا جَلوه جٿان هووين اِٿان هووين اُٿان هوين
مخاطب جٿ ڪٿان هووين پسائو پاڪ پيشاني

2: تئڏا درشن ثواب حج دي ملو همدم اَڄو اَڄدي
چُمان جُتي ڪران سجدي ٿيوان قدمان تون قرباني

3: ملا ديدار ديداندي مَنون مطلب مُريداندي
مهابي شاهه شهيدان دي ڪرو آوڻ دي احساني

4: ڦَٽيل دلڙي فراقي ٿي ملا مَرَهَمِ مُلاقي ٿي
اسان ڪُن آ اوطاقي ٿي رَلائو راز روحاني

5: بره تئڏي لَنئُون لاتي سگها پائو پِرين جهاتي
ملا ڇاتي نال ڇاتي ٿيوي دل شاد ويراني

6: مُئل جندڙي تڏان جيسي وِصل پيالا جڏان پيسي
ملڻ مٺڙا ڪڏان ٿيسين تيڏي پل پل پريشاني

7: هو ال اول هو ال آخر هوي باطن خواه ظاهر
وِچون پرده ڏکا ٻاهر سهڻي صورت سلطاني

8: طمع نان مال ملڪيت دي نڪا ڪَشف و ڪرامت دي
ضرورت هي زيارت دي ڏکا تجلات نوراني

9: خوشي آرام درد نيتي سڙي سوران دي ڍڪ پيتي
ڏُکي دلڙي ڏيکڻ ڪيتي رهي شب روز گرياني

10: وَصُل واڳان ولا جلدي پري هڪ پل نهين پَلدي
تئڏي تن تات ول ول دي مڻا معراج جسماني

11: رهيا تن من تَسا دلبر دِلِ ويران وَسا دلبر
پهچ پل وچ پَسا دلبر حسن جلوه يوسف ثاني

12: ڪرو دل خوش غمان ڳلي مهر منگدا معشوق علي
هو وَ وهامي خفي جلي ٿيوي شفقت شاهاني.

(4)

مطلع: آ مل ڍولڻ يار، طرف تُساڏي اکيان اڙيان

1: ساهه سدائين تئڪون ساري آ وس ويڙهي ڪر نه ڪناري
سگهڙي مَوڙ مَهار ديدان دڳ تڪ تئڏي کڙيان

2: وچ ته جدائي جيڪي گهارن روندي راتيان ڏينهن گذارن
ماڻهيان ڪون قرار سوز گُدازي سُوران سڙيان

3: جا ڪون ڌار مئن جاني ٿئيان پهرڻ پَٽ پوشاڪان ڳئيان
ڇوڙيم سڀ سينگار هار مُنڊي حُسن نٿ ڦُل ڪڙيان

4: حال هجر دا سُڻ تون سارا نال غمان دي ٿيم گذارا
هڪ سِر سُور هزار، دردان لايان دل تي ڌڙيان

5: نال معشوق علي ڪر تون ميلي سانول آوين سُتت سويلي
دلبر ڏي ديدار وڃن وڇوڙي واليان گهڙيان.

(5)

مطلع: تئن بِن ڍولڻ يار ڏُکدي آئي ڏينهن گُذارڻ

1: درد هجر دي مُور نه مُڪدي ناول ڳوڙهي ڳل تون سُڪدي
روئڻ زارو زار آيا آب اکين ڪون هَارڻ

2: پل پل مئن هِن ڦالان پايان ڏيکڻ واٽان تئڏيان آيان
ڏس تون ڪهڙي وار، آسين ساڏي اڱڻ اُجارڻ

3: ماڻهو ڏيندي مُنهن تي مهڻي سينا سُٿري سُهمي سَهڻي
لهسي لوڪ ميار، مئن گهر آسين گهڙيان گهارڻ

4: حال اندر دا آ تون اوران بيٺي سڪ دي سڳڙي سَوران
آئي بارو بار طرف تُساڏي ڪانگ اُڏارڻ

5: مِل معشوق علي نال پيارا گهوران تئن تون جيءَ جند سارا
صدقي ساه ڄمار سِر گهر مايا وارو وارڻ.

(6)

مطلع: ڏينهن ٿئي ڏاڍي ڏٺي آ مل مٺا مونجهان لهن
طرف تئڏي روز شب تَڪ نيڻ دڳ روندي رهن

1: هن هجر دي درد لک دم ساهه سئو صدمي سَهن
دل هِڪا درياءَ مثل، اکيان ڏونهين واهڙ وَهن

2: اڄ نهين ڪل دي مليل ڏک ڏاج وچ ڏوڙي اهن
رخ پسا دک دور ڪر سڪدي ڳئي لنگهه سال هن

3: من اندر ماتم متا رل ڪر مٺا سُرهي صحن
هار سڀ سينگار تئن بن سينڌ نا سُرمه ٺهن

4: آ اڱڻ چم پير چشمان لا ڪران سجده سُهن
نال مل معشوق علي دک درد سڀ دل تون ڊهن.

(7)

مطلع: قاصدا مئن ڪيا ڪران سڪدي سڄڻ ڪئي سال ٿئي
آک هڻ آسي ڪڏان سئو خواب جنهن دي خيال ٿئي

1: پور پريان دي پون جاري نيڻي جر جال ٿئي
رنج هي دل ڪون رسيا جاني جدا گڏ جال ٿئي

2: گڏ سڄڻ گهاريان گهڙيان وو ڏينهن وڌ اقبال ٿئي
دم جيوڻ جاني سوا جڳ وچ مڙئي جنجال ٿئي

3: سک سڀئي ڀڄ لڪ ڳئي سو سور هڪ مين نال ٿئي
روز شب رووان رڙان هيڻي هجر وچ حال ٿئي

4: يار گهر آوي رکان پيرين پنبڻ هنڌ وال ٿئي
سر صدق معشوق علي سوڌا مڏي گهر مال ٿئي.

(8)

مطلع: اي رفيقان وَس نهين دل دردمند ديوان هي
سُور سوغاتان مليان سک دا لُٽيا سامان هي

1: سي گهڙيان گهارڻ ڏکيان جو دم جدا جانان هي
سڪ صبر آرام نيتا نال غم گذران هي

2: ڇوڙ ڳيا جاني جا ڪون آيا نه ول ارمان هي
سا وِلهي وَستي وَسي جا يار بن ويران هي

3: بيوسي وسديان اکين جيوين ابر باران هي
رهه گذر رنجيدگي دل دا نڪو دَرمان هي

4: آ اڱڻ ٻهه ڍول ٻولي جان جِند نذران هي
مال سر معشوق علي قدمان اُتون قربان هي.

(9)

مطلع: يار دي ويکڻ ڪيتي ديوان دل ماندي رهي
لنوَ لڳي اڄ ڪلهه نهين سِڪ سَرس سالان دي رهي

1: آ ڪڏان گڏ ڍول ٻهسي مئن ڦالان پاندي رهي
مَن ڪَناوي دانهن دل تڪ طرف تڙپاندي رهي

2: غم هجر دي گهاءُ گهايئي ذَوف زخماندي رهي
بن سڄڻ ٿي لا دوا دل دردمندان دي رهي

3: سور سئو سا منهن ٿئي ڌم ڌام دردان دي رهي
بره دي بيمار ڪون دَرڪار در ماندي رهي

4: چا پڻي پيران پرين دي مئن اکين لاندي رهي
يار دِي معشوق علي مئن خاڪ قدمان دي رهي.

(10)

مطلع: قاصدا وڃ آک دلبر ڪُون ڪڏان آسين اڱڻ
هي جدا جالڻ ڏکي هِڪڙي گهڙي سئو سال ڄڻ

1: سڻ سُڻاوان ڳالهه سُوران دي نهين سولي سلڻ
يار جا ڪون ڌار هي سک سيج ڳئي سهجون سمهڻ

2: نال ادب نياز دي آکين پرين ڪُون عرض سُڻ
جا پلي تئڏي پئي ڪر دل لڳي دي ڳوپ ڳَڻ

3: سا سڻاوين ڳالهه سڀ جا، جا سلي تئڪون سڄڻ
سڻ سنيها يار دا بيمار دا ٿيسي بچڻ

4: مئن دعا منگدي ڪَري سائين سبب سولي سوڻ
سڏ سخي سائل ٻلهيسي ڍول اپني ڪَول هڻ

5: ڪر ڪرم معشوق علي محبوب گهر آسي ملڻ
درد ٿيسن دُور ڪُل جَورو جَفا هي رُلڻ.

(11)

مطلع: قاصدا مئن ڪيا ڪران ڦيرا صنم پاندا نهين
ڏس سڄڻ ڪهڙي سبب گڏ جال هُڻ آندا نهين

1: فَٽ فراقي وڌ ڳئي اعلاج زخمان دا نهين
داغ دل ڌوپن ڪيوين آبِ وصل ناندا نهين

2: ڍول مئڏي ڪول ٿي رخ تون نقاب چاندا نهين
مل ڏونهئين رل هڪ ٿيوون سيني سڄڻ لاندا نهين

3: دل سنڀالي دوست ڪون هر وار دم واندا نهين
هي قسم اي لوڪ ڪل بن يار من ڀاندا نهين

4: سِر صدق سئو يار تون انداز پدماندا نهين
يار دَي معشوق علي مٽ پاڪ قدمان دا نهين.

(12)

مطلع: دلبر ڪر نا دُور گوڏي گڏ ٻَهه جاني جلدي

1: عينان طرف تُساڏي اڙيان راهه ڏهاڙي ڏيکڻ کڙيان
پل پل پوندي پُور روئن اکيان ول ول ملدي

2: ڏينهن ڏُکي ڪون آئي ڏُکدي سُرما سينڌ ڦڻي ڳئي سُکدي
هڪ سِر سئو سئو سُور روز ڳراڻي وچ دل ڳلدي

3: ڇوڙ ڏوائي ڪم هر گهر دي دل ڪُون صدمي سُور سڄردي
نيتا شوق شعُور حاج هٿون ڳئي ول هل چلدي

4: ياد تساڏيان دل تي ڳالهيان مُور نه مئڪون وسرڻ واليان
تئڏا ذڪر ضرور وائي وات نه ٻي ڪا وَلدي

5: درد هجر دا مئن سَر آيا سيني دي وچ سرس سمايا
ڪيتا عشق ڪَلور جان جسم وچ جوشان جلدي

6: ڇوڙ جدائي آ وس پاڻي نال معشوق علي ڪر نا ماڻي
عرض ڪرين منظور مئن گهر موڙين واڳ وصل دي.

(13)

مطلع: سوا تئڏي صنم سائين سڪايل دي نهين سردي
نه ڇوڙين هان پلي پيڙي بنا ملهه مئن بندي دردي

1: ڏکا تجله مُحب مُکدا جدا جالڻ نهين سکدا
گذارڻ رات دن دکدا قسم هي پاڪ پرور دي

2: هجر دي مرض هان ماري ڳئي جند جان سڙ ساري
پڇو آ حال هڪ واري سڻاوان دانهن روءَ دردي

3: نه ڪر محبوب هُڻ ماڻي الهه تئڪون اِٿان آڻي
تڙپ دل تڪ طرف تاڻي جِوا جند مئن مُٺي مَردي

4: فراقي فَٽ سدان چڪدي هزارين درد دل هڪدي
پڙهڻ پيڙي سبق سڪ دَي زبان تئڏا ذڪر ڪردي

5: صَدا معشوق علي دي من ڀلائي دا نه ڀيرا ڀن
ڪران قدمان اُتون تن من صدق مايا سِر و گهردي.

(14)

مطلع: لڳي هي چوٽ چشمان دي پنبڻ پئڪان ڀرون ڀالي
صنم سيني سڌي ڪر ڪي هڻي ڌڪ سئو نه هڪٽالي

1: حسن حمله ڪئي ڪيئي ڪُنڍي ڪاڪل ڪَنين والي
سوين سوگهي ڪري سالڪ مُٺي مدهوش مت والي

2: اکين آ هو مثل عاشق قتل ڪيتا ڪجل ڪالي
فڪل فند عشق دا قيدي زلف زندان وچ جالي

3: ڪريندا ناز لک نازڪ عجب رکدا چلڻ چالي
ڪري مشتاق محزوني رهن هردم اکين آلي

4: کليندا ڏند مثل موتي مٿون مرجان لب لالي
هٿين پيرين ذري زيور ڪريندي ڪيس ڪٺ مالي

5: نهين معشوق علي مُڙدي شمع وچ ڪُڏ سڙڻ والي
شمع وچ جل شمع ٿيندي رهن ڏونهين هڪي حالي.

(15)

مطلع: مل مٺا اکيان پسن ديدار دي درڪار هي
دل ذڪر تئڏا اسم ڪردي فڪر هر وار هي

1: هاڪ تئڏي حسن دي هرگهر شهر بازار هي
مئن سڪايل ڪون سڪاوڻ نا مناسب يار هي

2: سوز غم سٿرا نهين اوکا بره دا بار هي
ڪر وصل خوش دم رهي تئن بن بدن بيمار هي

3: ڪشش تئڏي بن مٺا ڪوشش بِنهه بيڪار هي
تون نباهين نينهن عاشق دا نڪو اختيار هي

4: تون نظر آندا نهين مئن ڪون وڏا ويچار هي
حال مل هيڪر پڇين لنگهه سال ڳئي نا سار هي

5: ڪول ڪر معشوق علي ڪون طلب تاروتار هي
ڪر جدا جاني نه ڇوڙين عرض باروبار هي.