ڪھاڻيون

ٽيون وجود

ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. هي ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي دور جون لازوال ڪهاڻيون آهن جهڙوڪ، منهنجو پُٽ مهدي، پنجين موسم، ٽيون وجود ۽ ٻيون ڪهاڻيون.
  • 4.5/5.0
  • 384
  • 244
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر جليل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ٽيون وجود

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ٽيون وجود“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. هي ڪتاب ڪيئي دفعا ڇپيو آهي ۽ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي دور جون لازوال ڪهاڻيون آهن جهڙوڪ، منهنجو پُٽ مهدي، پنجين موسم، ٽيون وجود ۽ ٻيون ڪهاڻيون.
منهنجو پُٽ مهدي جي هڪ ڊائلاگ ۾ هڪ هنڌ امر جليل لکي ٿو:
”مهدي منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪيو، وسامندڙ اکيون منهنجي اکين ۾ وجهي ڇڏيائين. مون پنهنجو منهن سندس ننڍڙي سيني تي آهستي رکيو. سندس ساهه جو ابابيل هڏڙين جي قفس مان اڏامڻ لاءِ پرڙا هڻي رهيو هو. مهديءَ ٻڏندڙ آواز ۾ ڇيو، ”مون کي پگهر جو پورهيو کاراءِ. بابا، خيرات جو ڀَتُ کائيندس ته اڦٽ مري ويندس“.
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1998ع ۾ ڇپيل پنجين ڇاپي جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]