ڪھاڻيون
سنڌو منھنجي ساھ ۾
هن ڪتاب جو مهاڳ ’نئون مهاڳ‘ جي عنوان سان ليکڪ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”مان سنڌوءَ جي ڪري آهيان، منهنجي تحرير کي مقصد ۽ مقصد کي منصب سنڌوءَ ڏنو آهي.“ هن ڪتاب ۾ ليکڪ هر ڪالم کي ڪهاڻين وانگر عنوان ڏنا آهن، هن ڪتاب ۾ ٻيا ليک ۽ مختصر ڪهاڻيون چئن حصن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ ’ٽٽل آئيني جو عڪس‘، ’چينو‘، ’پيهي منجھه پاڻ‘ ۽ ’سنڌو منهنجي ساهه ۾‘ شامل آهن. هن ڪتاب جي هر حصي ۾ هڪ ئي خيال ۽ تـاثـر واريـون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي ڪهـاڻين واري پهرين حصي ۾ 21 ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن انسانن بابت لکيون ويون آهن، جيڪي حالتن هٿان چچرجي ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به تاريخ ۾ زندهه رهندا آهن. ٻئي حصي ۾ ڪل 17 ڪهاڻيون ۽ مضمون، ٽئين حصي ۾ 19 ۽ چوٿين حصي ۾ 20 ڪهاڻيون ۽ مضمون شامل آهن.
- 0/5.0
- 357
- 267
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ اوھان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار، ڊراما نگار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امر جليل جي ڪھاڻين جي روپ ۾ لکيل ڪالمن جو مجموعو آھي.هن ڪتاب جو مهاڳ ’نئون مهاڳ‘ جي عنوان سان ليکڪ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”مان سنڌوءَ جي ڪري آهيان، منهنجي تحرير کي مقصد ۽ مقصد کي منصب سنڌوءَ ڏنو آهي.“ هن ڪتاب ۾ ليکڪ هر ڪالم کي ڪهاڻين وانگر عنوان ڏنا آهن، هن ڪتاب ۾ ٻيا ليک ۽ مختصر ڪهاڻيون چئن حصن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ ’ٽٽل آئيني جو عڪس‘، ’چينو‘، ’پيهي منجھه پاڻ‘ ۽ ’سنڌو منهنجي ساهه ۾‘ شامل آهن. هن ڪتاب جي هر حصي ۾ هڪ ئي خيال ۽ تـاثـر واريـون ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي ڪهـاڻين واري پهرين حصي ۾ 21 ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي انهن انسانن بابت لکيون ويون آهن، جيڪي حالتن هٿان چچرجي ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به تاريخ ۾ زندهه رهندا آهن. ٻئي حصي ۾ ڪل 17 ڪهاڻيون ۽ مضمون، ٽئين حصي ۾ 19 ۽ چوٿين حصي ۾ 20 ڪهاڻيون ۽ مضمون شامل آهن.
ھن ڪتاب جا ڪيئي ايڊيشن ڇپيا آھن. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1998ع ۾ ڇپيل پنجين ڇاپي جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ امر جليل
- ڇپيو ويو 1999
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 15/Nov/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 267 ڀيرا