سنڌ سلامت پاران
”منھنجي ڪھاڻين جي موضوع ۾ ظاھري يا باطني طرح، سڌي يا اڻ سڌي طرح موت ۽ محبت جو ذڪر ايندو آھي. عام رواجي محبت وانگر عام رواجي موت بہ مونکي متاثر ڪندو آھي. مان غير معمولي ۽ ممنوع محبتن جو شاھد آھيان. ھيءُ ڪتاب ڪنهن بہ لائبريريءَ جي زينت ٿيڻ لاءِ نہ آھي. ھيءُ ڪتاب ھاسٽلن، گھرن ۽ جھر جھنگن ۾ پڙھڻ لاءِ آھي. “
ھن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. پهريون ايڊيشن سڳنڌ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو طرفان زيب سنڌيءَ جي نگراني هيٺ ڇپيو. روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2000ع ۾ ڇپيل ڇھين ڇاپي جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]