شاعري

رڳون ٿيون رباب

ھي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو آھي. نصير مرزا لکي ٿو:
”تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي. هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي“.
  • 4.5/5.0
  • 836
  • 288
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book رڳون ٿيون رباب

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران سنڌ جي نامياري شاعر تنوير عباسيءَ جي شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب“ اوھان اڳيان پيش آھي. نصير مرزا لکي ٿو:
”تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي. هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي.
تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن موڙي سگھندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي ويئي آهي، ان جا پاڇا ۽ اولڙا هن شاعري ۾ ڏسي پسي سگھجن ٿا.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1958ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1979ع ۾آگم پبليشنگ ايجنسي حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گھر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ڪجهه رڳون ٿيون رباب – جي باري ۾: تنوير عباسي

ايسپ جي آکاڻين ۾ هڪ جوان جماڻ، ملوڪ مهانڊن واريءَ ڇوڪريءَ جو ذڪر آهي، جيڪا شهر کان پري، رڻ پٽ ۾ اڪيلي اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ويٺي هئي. نڪو هوس اوهي، نه واهي. اوچتو ڪو سٻاجهو جوان اتي اچي نڪتو، جنهن سندس دل ورتي ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين؟“ هن وراڻيو ته ”منهنجو نالو سچ آهي“. جوان وري پڇيس ته ”هتي اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ڇو ويٺي آهين، شهر ۾ ڇو نه ٿي هلين؟“ تنهن تي هن وراڻيو ته ”جڏهن مان شهر ۾ رهندي هيس تڏهن ڪوڙ رڳو ٿورن ماڻهن وٽ هوندو هو. جڏهن سڀني ماڻهن مون کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ ڪوڙ کي پاڻ وٽ رهايو تڏهن مان شهر ڇڏي هلي آيس.“
ايسپ کي گذرئي ڪئي صديون ٿيون. انهي زماني ۾ به سچ کي ڌڪاري ڪڍيو ويو هو ۽ اڄ به سچ کي ڌڪاريو ٿو وڃي. اڄ تائين اها جواڻ جماڻ ڇوڪري، شهر ڇڏي، رڻ ۾ اڪيلي، اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ويٺي آهي.
سچ ڪڏهن مارئي ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي، ته ڪڏهن سسئي ٿي ڏونگر ٿو ڏاري. هر دور ۾، ”سچ“ ۽ ”ڪوڙ“ ٻه مختلف طاقتون، هڪ ٻئي سان پئي ٽڪريون آهن ۽ هر وقت جي شاعري سچ کي سهارو پئي ڏنو آهي، انهي آس تي، ته من ايسپ واري رٺل ڇوڪري پرچي، ماڻهن جي بستي ۾ موٽي اچي.
هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءَ به آهي ته ڄڻ کيس بيهوش ڪري ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي، ۽ هوش ۾ اچڻ سان سندس دل تان سموريون گذريل يادگيريون ميٽجي ويون هجن ۽ هو وائڙو ٿي، هيڏي هوڏي واجهائي، هن ڪائنات جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. واقعن، تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن ۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري وجود ۾ آئي.
پنهنجي ٿوريءَ عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به منهنجي احساس کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾ به اهڙائي احساس اٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي منهنجي دل ۾ جاڳيا – جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا ٻاري سگهيس، ته منهنجو جيئن سجايو ٿيو.
منهنجي شعر، خاص ڪري منهنجي تازن غزلن، گيتن ۽ نظمن ۾ ٻولي ۽ موضوع ڪجهه اوپرا پيا ڀانئبا. اهي موضوع، شعر لاءِ ته اوپرا آهن پر سنڌ جي ماڻهن جا ڏٺل وائٺل ۽ ٻڌل آهن. ان لاءِ ايترو ضرور چوندس ته مان پنهنجي شعر ۾ ڪوشش ڪري پنهنجي ذاتي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار ڪندو آهيان. ايراني اثر واريءَ شاعريءَ کان مون کي هي نموني وڌيڪ سهڻو لڳو، ڇو ته ان طرح مان پنهنجا خيال چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو سگهان ۽ منهنجا هم وطن انهن کي پوريءَ ريت پروڙي ٿا سگهن.
سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي. فارسيءَ جو لهجو ۽ موسيقيت، سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن، ان ڪري نون لکيل غزلن ۾سنڌي لهجي ۽ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ، موضوع پڻ سنڌي ماحول مان چونڊيا اٿم.
بهر حال چونڊ جو سڄو بار ”ربانيءَ“ تي آهي، جنهن جي لاءِ منهنجي ڳري قيمت واري آهي.

تنوير عباسي

رڳون ٿيون رباب- هڪ تاثر: نصير مرزا

ادبي اتهاس تي نظر ڦهلائي ڏسنداسين ته هر يُگ ۾ ڪي اهڙا ڪلاڪار (شاعر، اديب ۽ چتر ڪار) نظر ايندا جيڪي پنهنجي دور جي ڪلا کي نئون شعور نئون موڙ، نئين سوچ ۽ نئون رنگ ڍنگ ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا ۽ وقت جي حالتن سان مقابلو ڪندا نظر ايندا. اڳتي هلي جڏهن هن يُگ جو اتهاس جڙندو، تڏهن تنوير عباسي جو نالو به انهن امر نالن مان هڪ ڳڻيو ويندو.
تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي. سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب، سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي.
اڄ تنوير جيتوڻيڪ گهڻو، تمام گهڻو اڳيان وڌي آيو آهي پر تڏهن به سندس هي ماضي واري رچنا(جيڪا منهنجي اڳيان آهي) سندس حال وانگي ڏاڍي خوبصورت، ڀرپور، جاندار ساهه سان سانڍڻ جهڙي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾ پرڇيل آهي.
تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن موڙي سگهندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي ويئي آهي، ان جا پاڇا ۽ اولڙا هن شاعري ۾ ڏسي پسي سگهجن ٿا.
ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل تنوير جي نظمن کي ساهتڪ رچنائون چئي سگهجي ٿو. نظمن سان گڏ ڪجهه غزلن ۾ به تنوير انهيءَ سمي وارين دکدائڪ حالتن کي پنهنجو موضوع بنايو آهي. جديد سنڌي شاعري ۾ سندس غزل پنهنجي رنگ ڍنگ ۽ مزاج جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت ۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي.
تنوير، موناليزا جي امر مرڪ جهڙا مڌر مڌر گيت به لکيا آهن. هن مجموعي جي گيتن ۾ سندس اظهار وڻندڙ، انوکو ۽ دل ۾ لهي ويندڙ آهي. تنوير جو گيت جديد سنڌي شاعري جي مٿي جو جهومر آهي. تنوير امن، نيچر ۽ محبتن جو شاعر آهي.
تنوير کي پڙهندي سچ ته من ۾ ڪنهن نئين ساماڻيل نينگريءَ جي نرم ڪومل ڳل کي ڇهڻ جهڙو مٺڙو احساس اڀري ٿو. ۽ ذهن جي دشائن ۾ سُر ڌِيمي تال ۾ ٻُرندا خوشبوءِ وانگي ڦهلجندا ڀاسندا آهن.

- نصير مرزا

تنوير جي شاعري: نيازي همايوني

افادي شاعريءَ جي واکاڻ اها آهي ته ان ۾ سچ ۽ سونهن جا اُهي اهڃاڻ انڊلٺ جي رکائن جئان اجاگر ٿيل هجن جن جو انسان جي نجي توڙي سماجي زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو رهي ٿو. شاعر نجي طرح جيڪي مشاهدا ڪري ٿو تن جو اظهار تڏهن ئي وزنائتو ٿي سگهندو جڏهن کيس سماجي حالتون به ڌيان ۾ رکڻيون پونديون. اهڙي شاعر کي جتي به ڪا چڱائي نظر اچي ٿي ته ان کي سچ جي ڪسوٽيءَ تي پر کي ساراهي ٿو ۽ جڏهن به ڪا اوڻائي ڏسي ٿو ته ان کي نفرت مان نندڻ لڳي ٿو ڇا ڪاڻ ته بنيادي طرح هي زندگيءَ بهترين قدرن کي برقرار رکڻ جو خواهشمند رهي ٿو.
مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ تنوير جي شاعري توجهه سان پڙهي آهي ۽ سندس زباني پڻ ڪيئي ڀيرا کانئس ٻڌي چڪو آهيان. مون کي سندس شاعريءَ ۾ اهي سڀئي خوبيون نظر اچن ٿيون جيڪي هڪ شآنائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن. ساڳئي وقت دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به منهنجي لاءِ ان ڪتاب جئان آهي جنهن کي ڪيئي دفعا چاهه سان پڙهيو ويو هجي، مان هن يار جي خوشين ڀري زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس ٿيندو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي جنهن جي وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي تصور ڪئي ويندي آهي.
هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود آهي جنهن کي ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي سگهجي ٿو. هن ۾ جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون موجود آهن تنهن هوندي به هيءَ شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي ان لاءِ جو منجهس سچائيءَ جي ساک نروار نظر اچي ٿي. اها سچائي جنهن جو اظهار زندگيءَ جي سونهن سنوارڻ لاءِ ضروري آهي. انهيءَ سچائي ۾ هلڪي ظنز کان وٺي ڀرپور وار جو تاثر به ملي ٿو ته اميد ۽ مايوسيءَ جون اونداهيون ۽ روشنيون پڻ ذهن ۾ تري اچن ٿيونه جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته تنوير جيڪي تجربا ڪيا آهن سي سندس مشاهدن تي مدار رکن ٿا ۽ انهن جي اظهار جون ڪڙيون وڃي سماجي سلسلي سان ڳنڍجن ٿيون مثال طور:

1-اي دوست زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ
ڪٿ زندگي ئي تو کان گريزان نه ٿي وڃ

2-جئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل
موت جي منهن ۾ تئن اسان ڀي کلندا کلندا هلنداسين

3- تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو

4- پياسين منهنجي ڪاڪ ۾ ايندو اڄ
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيو سين

5-بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين تو کي
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو

6-هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام
خون جي بو آ مليل گلڙن سندي سرهاڻ ۾

7-جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا
تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو

8- جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر
ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن

9- اوهان ٿا ڪهو جن کي ابتي ڇريءَ سان
اهي ڪجهه ته لڇندا اهي ڪجهه ته ڪڇندا

10- آزادي يا موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسان جو آهه
جنهن به ڏٺو آواز انهي ءَ ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين

11- دوست اچ اڄ ته وٺون سمجهي مزاج عالم
يار جي زلف پريشان کي ڏسي وٺنداسين

12- روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي
هي نظر چنڊ لاءِ آهي چري

هي تنوير جي مختلف غزلن جا چونڊ شعر هيا جن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شاعري مختلف مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ڪيتري قدر ڪاميابيءَ جا مرحلا طئي ڪندي رهي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جا گيت ۽ ڪي نظم به شامل آهن جن جا رنگ روپ غزل جي انداز کان الڳ هوندي به زندگيءَ جي پيار ۽ انسانيت جي دک درد سان سنمک ٿيندا اچن ٿا:

ڪو نه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون
هوريان ڏاڍيان وڙهندي رڙهندي
ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي
ڳولي لهبي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون

اهڙي طرح سندس نظم ’جوڳي‘ جو هڪ بند آهي:

مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو
زهريلن جي زورکي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو
جن کان حياتي هانو ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو
وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاج ملائڻ چاهيان ٿو
تو جان مان او جوڳي من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو
تنهنجو من ڀي روڳي آهي، منهنجو من ڀي روڳي
او مرليءَ وارا جوڳي.

تنوير جي اڄوڪي شاعري کي ڏسندي سندس ابتدائي شاعريءَ جي مختلف تجربن جو احساس ٿئي ٿو جنهن جي روشنيءَ ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي شروعاتي دور ۾ جيڪي ٻوٽا پوکيا تن جي سرهاڻ مارئي ۽ ملير جي چارن ۽ ويچارن ۾ سدائين سچ ۽ سونهن جي ساڃاهه جا سوجهرا اُپائيندي رهندي.


[b]- نيازي همايوني[/b]

گيت

---

منهنجي من تي اڻٽيهنءَ جي اوندهه آهي ڇانئي

منهنجي من تي اڻٽيهنءَ جي اوندهه آهي ڇانئي
آئي رات سهائي

اکڙيون الجهيون اوجاڳن سان مٺڙا تنهنجي وئي پڄاڻان
چنڊ به ساڳيو رات به ساڳي پر ڇا ٿي ويو آهي نه ڄاڻان
سا چانڊوڪي چهنڊيون پائي جنهن ٿي ڪئي ڪتڪائي
آئي رات سهائي

مون کان سواءِ جيئن ڪو نه سڃاڻي تو کي اچ ائين پاڻ لڪائي
منهنجا چنڊ هليو آ ڪڪرن واري ڪاري چادر پائي
ڊڄندي ڊڄندي مون دنيا کان رات اها چورائي
آئي رات سهائي

نيڻ سُتا جي خواب ٿي جاڳيا خواب ستا جاڳي پيا نيڻ
ساري رات سنڀاريم تو کي پر تنهنجو من ڪين ٿيو ميڻ
ڪرڻا ڪر موڙي جاڳيا مون کي اوٻاسي آئي
آئي رات سهائي

من جا ڦوڳ ڦلهاريا

من جا ڦوڳ ڦلهاريا
اڄ من جا ڦوڳ ڦلهاريا

سرڪ جي هئي سالن کان سڪايل
ڌرتي منهنجي من جان اڃايل
مينهن وري اڄ پيالا پياريا

اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو
من ڇيلين جان ڇال هڻي ٿو
دل دکڙن جا ڏينهن وساريا

مارن وانگر رلندي رلندي
روح ٿڪي پيو هلندي هلندي
ماڳ رسيا منزل جا ماريا

مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ، مکڙي! مرڪ گهڙي پل لاءِ

مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ، مکڙي! مرڪ گهڙي پل لاءِ
جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ
مکڙي مرڪ گهڙي پل لاءِ

مٺڙي مٺڙي هير لڳي ٿي
تنهنجي منهن تي ٿپڪي هڻي ٿي
تنهنجي ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪي ٿي
نيهن جا نياپا تو کي ڏئي ٿي
هير جي مٽجي جهولي ٿيڻ کان اڳ ڪا راند رچاءِ
مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ
جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

پيار جا سُر ڪي جهونگاريندو
ڀونئر هوا تي ترندو ايندو
تو تي هر هر ڦيرا ڏيندو
تو تان پنهنجو سر گهوريندو
هن جي دکي ٿي موٽڻ کان اڳ هن سان نيهن نڀاءِ
مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ
جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي روئي ڪين وڃاءِ

هر ڪنهن سوچ کان ٿيءَ پري تون
ماڪ جا پيالا پيءُ ڀري تون
فڪر نه مرجهائڻ جو ڪري تون
هوريان هوريان، هري هري تون
موت جي ماريءَ تي مرڪي ڪي پيار جا نغما ڳاءِ
مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ
جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ
مکڙي مُرڪ گهڙي پل لاءِ

توڙي ڪو به سهارو ناهي

توڙي ڪو به سهارو ناهي
هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي

ڪوئي ڪنهن جي پيار سهاري ڏينهن ڏکن ۾ ويٺو گهاري
وهم سان پنهنجي دل وندرائي هيڏي هوڏي ٿو واجهائي
ڏڍ ڏئي ڏکڙن کي پرچائي
واٽ ۾ نيڻ وڇائي ٿو ۽ ڪو به اچڻ وارو ناهي
هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي

ڪنهن جي جڳ ۾ سانجهي سهڙي اوندهه ڇانئي اوندهه جهڙي
سجهندو ڪين سجهيو ٿي ڪوئي پنهنجي حال تي روئي روئي
اميدن سان ڪارنهن ڌوئي
پره ڦٽيءَ جي آس لڳائي اوندهه دل تان لاهي
هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

ڪل ڪهڙي ته ڪٿان ڪو آيو هر ڪو هلي ٿو پير وڌايو
نڪتو ڪڏهن ڪو ڇا ڄاڻي ڪاڏي هلي ٿو پاڻ پلاڻي
ويندو ڪهڙي ٿاڪ ۽ ٿاڻي
ماڳ نه آ معلوم تڏهن ڀي هلندو هلي ٿو ڪاهي
هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

اميدن سان جان جڙندي هڪڙي پارس کي ڳولهيندي
پهڻن سان ئي پاند ڀري ٿو جن جي بار کان جيءُ جهري ٿو
دامن سڀڪو تار ڪري ٿو
سڀڪو سکن لاءِ سور سهي ٿو سر جو سانگو لاهي
هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

تلخيءَ کي تسڪين ڏيڻ لاءِ ماکيءَ جي ميٺاڄ چکڻ لاءِ
هر ڪو مکين جا ڏنگ سهي ٿو هٺ تان هيٺ نه ڪوئي لهي ٿو
سور سهڻ کان ڪين رهي ٿو
ڪو ڇا ڄاڻي ماناري ۾ ڦر آهي يا ناهي
هرڪو جيءٌ جيئڻ ٿو چاهي.

پنهنجو پاڻ پتوڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ او قيدي
پنهنجو پاڻ پتوڙ

همت آڏو پهڻ مکڻ جيان رجندو رهندو آهي
همت جو سج چڙهندو رهندو آهي لهندو ناهي
وقت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ جيئن به وڻئي تيئن موڙ
جيئن به وڻئي تيئن موڙ او قيدي
پنهنجو پاڻ پتوڙ

چمڪي تي تون هر کي پنهنجو پاڻ نه ٿيءُ امير
روپا آهن يا سونا ته به آهن هي زنجير
هار گلن جا توکي قيدي ڪن تن کي به مروڙ
ها ها هيءَ پنجوڙ او قيدي
پنهنجو پاڻ پتوڙ

ڪنهن کي ڪوئي بنائي باندي ڪنهن جي ڇا هي مجال
سڀڪو ڄار اڻي ٿو پنهنجي لاءِ ٿئي جنجال
تو ڀي پنهنجي لاءِ بنائي آهي هي پنجوڙ
ها تن کي به مروڙ او قيدي
پنهنجو پاڻ پتوڙ

او قيدي هيءَ آزادي ڀي پنندي ڪين ملي ٿي
رت ۽ ماس جي قربانيءَ ريءَ راضي ڪين ٿين ٿي
زور لڳائي خون وهائي زنجيرن کي ٽوڙ زنجيرن کي ٽوڙ او قيدي
زنجيرن کي ٽوڙ او قيدي
پنهنجو پاڻ پتوڙ

پيار مان چوندين مون کي تون

پيار مان چوندين مون کي تون
مان پيار مان چوندو سانءَ
مٺڙا گهر ته گهرانءِ

راهه ۾ ويندي ويندي تو سان
ڪنهن البيلي وڻ جي هيٺان
اڄ ٿيون چار نگاهون آهن
دل مان دل کي راهون آهن
تون جي دل ڏيندين مون کي
پو مان ڀي ڏيندو سانءِ
مٺڙا گهر ته گهرانءِ

تنهنجي نظرن ڇا سمجهايو
سمجهه ۾ مون کي ڪجهه به نه آيو
دل ۾ هڪڙو ارمان ڀڙڪيون
منهنجو هنيون ڪجهه زور سان ڌڙڪيو
هاڻي مون کي سمجهائڻ لئه
ڪجهه ترس الهه جي نانءِ
مٺڙا گهر ته گهرانءِ

ڪنهن کي خبر هئي هيئن ملنداسين
گڏجي ۽ خوش ٿي کلنداسين
الفت جي هن دور اهي تي
اوچتو ڪيئن ٻئي پاڻ مليا سي
هاڻي پير ڀري مون سان
تون ڪجهه اڳتي هلجانءَ
مٺڙا گهر ته گهرانءِ

ڪاهڪشان جا رستا گذري
هلجي هن دنيا مان نڪري
هل ته وسايون تارن جو جڳ
جنهن ۾ ناهي ويو ڪوئي اڳ
پيار جي متوالن کي هوا
هاڻ جڳ جي نه پوندي ڀانءِ
مٺڙا گهر ته گهرانءِ

ڪنهن جا ڏينهن کٽن ٿا ڪڏهين ڪوئي ڪين ٿو ڄاڻي

ڪنهن جا ڏينهن کٽن ٿا ڪڏهين ڪوئي ڪين ٿو ڄاڻي
تو کي الهه شل آڻي او شال جواني ماڻي

تو بن ڪئي برساتيون ڪاٽيم نيڻن مان جل هاري
تنهنجي واٽ نهاري
نيڻ سڪي ويا آس نه لاٿي منهنجي نينهن نماڻي
تو کي الهه شل آڻي او شال جواني ماڻي

دير ڪيئه جي پو ٿي ويندا جوئر جا لابارا
ٿيندا پڌر سڀ ٻارا
اهڙي ۾ جي آئين پو ڪٿ ملبو رات جي ٽاڻي
تو کي الهه شل آڻي او شال جواني ماڻي

اکڙيون پائي هر دم ويٺي تنهنجي واٽ نهاريان
او ساجن تو کي ساريان
دل کي آٿت ڏيان ٿي پريتم ايندو اڄ نه سڀاڻي
تو کي الهه شل آڻي او شال جواني ماڻي

پيار جو سمنڊ اجهاڳ پيارا پيار جو سمنڊ اجهاڳ

پيار جو سمنڊ اجهاڳ پيارا پيار جو سمنڊ اجهاڳ

لهر ڪناري سان ٽڪرائي
مٺڙا مٺڙا ساز وڄائي
جهومي ناچ ڪري لهرائي
تون ڀي ڇيڙ ڪو راڳ پيارا پيار جو سمنڊ اجهاڳ

لڏندڙ لهرون ڇلندڙ ڇوليون
آءُ هنن مان ماڻڪ ڳوليون
اچ ته ڀريون موتين سان جهوليون
کٽن اسان جا ڀاڳ پيارا پيار جو سمنڊ اجهاڳ

جن جن لهرن سان لنو لاتي
تن ئي ماڻي آهي حياتي
جن موجن مان جهاتي پاتي
آهي تن جو ماڳ پيارا پيار جو سمنڊ اجهاڳ

ننڊ کان ڍرڪن نيڻ اکين تي اوجاڳن جو بار

ننڊ کان ڍرڪن نيڻ اکين تي اوجاڳن جو بار
اکين تي اوجاڳن جو بار

منهنجي اکڙين جي اوجاڳي
اونداهين جا دريا جهاڳي
تو سان ملڻ جي لئه او مٺڙا پهچڻ چاهيو پار
اکين تي اوجاڳن جو بار

خواب جي دنيا مون به نه ماڻي
ننڊ اڏاڻي ننڊ اڏاڻي
توکي ڳولڻ خاطر نڪتي جڏهن ستو سنسار
اکين تي اوجاڳن جو بار

روز وهي اکين مان پاڻي
رات نئين ۽ ڳالهه پراڻي
ياديون نئين سر ايندي ايندي نئون ٿيون ڪن هي پيار
اکين تي اوجاڳن جو بار

جوت جلي وئي ويل ٽري وئي
رات هلي وئي باک ڦٽي وئي
ڪرڻن جي ڦوهاري سان آدَو تو منهن گلزار
اکين تي اوجاڳن جو بار

صبح سمي جو لال افق ٿيو
ڳاڙهو رنگ ٿيو اکڙين جو
صبح جي بدران ليڪن مون کي تنهنجي رهي ٿي سار
اکين تي اوجاڳن جو بار

ڏينهن لڙائي پاڇن جان وڌندي اوندهه جو ٿيو دل تي گهيرو

ڏينهن لڙائي پاڇن جان وڌندي اوندهه جو ٿيو دل تي گهيرو
سانجهيءَ آئي پکيئڙڻ وانگر من ۾ مونجهه ڪيو واهيرو
تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

اجرو نيرو اڀ او مٺڙا اوندهه ۾ گدلو ٿيندو ويو
منهنجي من تي تارن وانگر هڪ جي پٺيان ٻيو غم ايندوويو
پر منهنجي من ڪين ٿيو ميرو
تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

اونداهين ڪارين راتين جان ڇايا آهن دکڙا من ۾
چمڪو ڏئي ۽گم ٿي وئي آ ٽانڊاڻي جان آس انهن ۾
موٽ ته ٿئي ڪو صبح سويرو
تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

پوئين پهر ۾ باک ڦٽندي سونهري ڪرڻا ڪر کڻندا
هير به ڀڄندي نيڻ به ڀڄندا او جنهن ويل ڪڪڙ دس هڻندا
ڀيڄ ڀنيءَ جو ڪج ڪو ڀيرو
تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

نور جا ڪرڻا نانگن وانگر منهنجي ساهه ۾ سرندا رهندا
تو کان سواءِ ڪرڻا ڪنڊن جان منهنجي هانو ۾ هرندا رهندا
دل ۾ دکڙن جو ٿيو ديرو
تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

تون نه رٺين او مٺڙا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

تون نه رٺين او مٺڙا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

جن جي ڪارنهن تنهنجي اکين ۾ سرمو ٿي پئي سونهين
جن ۾ تارن جي چڻگن ٿي دل ۾ دکائي دونهين
جن ۾ تو کي مون کي اوندهه وڌي ڳراٽيون پاتيون
تون ته رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

تنهنجي منهنجي سانت ڪيون ٿي جن ۾ روح رهاڻيون
جيڪي ويٺي ويٺي هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي وهاڻيون
منهنجي ماٺ ڪيون ٿي جن ۾ منهنجي اندر جون باتيون
تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

ڏينهن هنيا ٿي ڏنگ اسان کي رات خوشي ٿي آندي
چار پهر هو وقت اسان جي وس ۾ ڄڻ هڪ باندي
شام خوشي هئي پنهنجي لئه ۽ درد هيون پرڀاتيون
تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

اڄ ڀي پرچي وڃ او پيارا وڇڙيل وقت ورايون
اڄ به اسان جي لاءِ رهن ٿيون اهڙيون راتيون آتيون
تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

پوپٽ مکڙيءَ کي ڳل لائي تنهنجا منهنجا سور سڻائي

پوپٽ مکڙيءَ کي ڳل لائي تنهنجا منهنجا سور سڻائي

تنهنجو ۽ منهنجو افسانو
ور جائي ٿو سارو زمانو
سونهن اوهان جي پيار اسان جو
سارو جڳ ٿو ڳائي
ڀڻڪي ڀونئر گلن کي تنهنجي منهنجي ڳالهه ٻڌائي

چڻنگ ٻري جا چاهه جي دل ۾
باهه لڳائي تنهن محفل ۾
تنهنجي منهنجي پورن مان هي
جڳ ٿو سور پرائي
ساري جڳ جي دل ۾ ڇڏي سين باهه برهه جي لائي

هر ڪنهن جي اک آهي آلي
هر ڪو پئي پورن جي پيالي
توتي مان سر ڏيان
پروانو شمع تي پاڻ پچائي
پنهنجي پنهنجي پياري خاطر هر ڪو سر سهائي

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

ساهه کي منهنجي سيءُ لڳي ٿو تنهنجي جدائي ماري
ڏک جي ڏڪڻيءَ کي روڪيان ٿو محبت جو مچ ٻاري
سياري جون هي لمبيون راتيون ڪيئن اڪيلي گهاريان
تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

سڪ جو نازڪ نازڪ سلڙو اڀريو منهنجي من ۾
موٽ مسافر ڄاڻ سڙيو هي پورن جي پارن ۾
نظرن کي واٽن ۾ ڄمائي تنهنجي لاءِ نهاريل
تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

هڪ پاسي ٿو واءُ اتر جو جيءُ ۾ سيءُ اٿاري
منهنجي آهه ٻئي پاسي ٿي باهه برهه جي ٻاري
آڳ اندر جي ٺاري ٻاريان ٻاري هر هر ٺاريان
تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

جوت جهڪيءَ سان سانت ستارا ائين ٿا من کي ڀاسن
ڄڻ اڀ جي دامن تي ڳوڙها سيءَ جا ڄمي پيا آهن
تارا مون ڏي نهارن ٿا ۽ مان تارن ڏي نهاريان
تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

آ گيت پريت جا ڳايون

آ گيت پريت جا ڳايون

نغمن ۾ هستيءَ کي وڃائي هو اتي اڄ لهرايون
جهرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون
پاڻ سان گڏ هن جڳ کي ڀي گيتن جي لئه ۾ وڃايون
آ گيت پريت جا ڳايون

آ چنڊ سان راند رچايون
لهرون ٿي ۽ هنج ۾ پنهنجي چانڊوڪيءَ کي لوڏيون
بادل ٿيون ۽ اڀ ۾ چنڊ جي منهن کي لڪايون کوليون
اچ ته چڪور جيان من کي پنهنجي هاڻي چنڊ ڏي اڏايون
آ چنڊ سان راند رچايون

آ گلڙن سان لنو لايون
هير ٿي ۽ پرڀات جو پنهنجيون جهوليون ڀريون خوشبوءَ سان
ماڪ ٿي ۽ ڪي رنگ چورايون مکڙين جي ته ڳلن تان
ڀونئر ٿي گل گل جي چوڌاري ڦيرا هر هر پايون
آ گلڙن سان لنو لايون

آءُ ته پنهنجي سُر کي مٽايون

آءُ ته پنهنجي سُر کي مٽايون
هن جڳ کي بدلايون
راڳ پراڻا آلاپيندي
پنهنجي دل ڀي ڀرجي ويئي
ساڳي سُر تي ڪن لائيندي
خلق خدا جي ٿڪي پيئي
ساز نوان ڪي آڻيون پيارا
راڳ نوان ڪي ڳايون
ساز ۾ سوز سمايون

چارڻ چوري چنگ ٿڪي پيا
پر نه مليو ڪو سِر جو دان
گيت مري ويا ساز ڀڄي پيا
چپ ٿي ويو هي سارو جهان
ٻئي جي سر جي آ جي ضرورت
پنهنجي سر کي وڍايون
سر جو سانگو لاهيون

لڙڪ وسائي وسائي ٿڪاسين
پر نه وسائي دل جي آڳ
سارنگ ڳائي ڳائي ٿڪاسين
هاڻي ڳاءِ نئون ڪو راڳ
سر ۾ سمائي آگ اندر جي
آءُ ته ديپڪ ڳايون
آءُ ته باهه دکايون

ڪو نه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون

ڪو نه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون

هوريان ڏاڍيان رڙهندي رڙهندي
ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي
ڳولي لهبي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون

اوندهه ۾ ڪيئن گهارينداسين
نيٺ ته گڏجي ٻارينداسين
واچوڙن ۾ لاٽ اسين اڻ سونهان سونهون

کنويڻون اک نه ملائي سگهنديون
پنهنجو سر نه جهڪائي سگهنديون
رکبو اوچو ڳاٽ اسين اڻ سونهان سونهون

منهن نه ورائي پويان ڏسبو
منزل تي پهچي دم پٽبو
لاهبي دل اساٽ اسين اڻ سونهان سونهون

صبح نه آهي دور ساٿي

صبح نه آهي دور ساٿي
صبح نه آهي دور

لمبي رات وهامي ويندي
دک جي آگ اجهامي ويندي
آس نه لاٿي جي تو ساٿي
اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون
ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون
ڇو ٿو وڃين وهلور ساٿي
صبح نه آهي دور

ڪارن پردن مان پرڀاتيون
اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون
صبح ٿئي ٿو نور وسي ٿو
رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي
اونداهين جو هانءُ ٿو ڦاٽي
ڄاڻ لٿا هي سور ساٿي
صبح نه آهي دور

ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو
ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو
نور جو پهريون پهريون ڪرڻو
اونداهين جو سينو چيري
وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري
ڄاڻ وسي ٿو نور ساٿي
صبح نه آهي دور

هل ته رفيقن کي جاڳايون
صبح سان گڏجي جوت جلايون
منهنجا ساٿي منهنجا سنگتي
آءُ ته ڳايون گيت سحر جا
اچ ته ڪريون دنيا ۾ اجالا
ڇو ٿو پچائين پور ساٿي
صبح نه آهي دور

نظم

---

ٻيجل ڏانهن

آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ
تن کي تپائي جو اهو تند کي ڏي تاءُ

نغمي جا درياهه اڙي نغمي جا درياهه
قيد ڪنارن جا ڀڃي اڄ ته اٿل کاءُ

سال ٿيا سر لئه سڪيا ساهه رکي چاهه
سانت هئا ساز پڙاڏو هو نه پڙلاءُ

چڻنگ لڳي جيڪا ڀيڙ ٿي ۽ دکي پئي
وارُ ٿئي جيڪو گهڙي دل ۾ ڪري گهاءُ

ساهه ۾ اڄ باهه لڳائڻ جي طلب آهه
ساز جي آواز سان وجهه ڏيهه ۾ ڏهڪاءُ

ڇيڙ کڻي ساز سڄڻ ميڙ کڻي سِرَ
آهي جي هڪ مڱڻو ته دنيا ئي سجھي راءُ

هونئن ته چڙا چت ۾ ٿا چڻڪن مگر اڄ ڪلهه
گيت کپن جيڪي گهڙي روح ۾ ڪن گهاءُ

آءُ وري آءُ سر جو هڻي داءُ
آڻ وري ساڻ اهو چنگ کڻي آءُ

سسئي ڏانهن

ڪنڌ موڙي پنهنجو تون دارا لبقا مان هڪڙي بار
اڄ ته او سسئي خدارا پنهنجي مرقد مان نهار
اچ ته هڪ ٻئي جي غمن تي اڄ ڪيون آهه وفغان
مون تي رو تون ۽ مان تنهنجي حال تي ٿيان نوحه خوان
تو سان پرديسي رٺا مون سان رٺا ديسي مگر
تنهنجي لئه ۽ منهنجي لئه پرديسي ئي ٿيا درد سر
هو پنهونءَ کي ويا کڻي هئا چپ سي ڏاگها بي زبان
پر زبان رکندي به گونگا منهنجا مير ڪاروان
درد جي اظهار لئه ورتي جنون جي تون پناهه
هت جنون لئه قيد ۽ عقل و خرد هڪڙو گناهه
تو پنهون ڳولهيو ڏسي ڏاگهن جي پيرن جا نشان
۽ ڪيئه پنهنجي پنهون لئه کولي دل آهه و فغان
منهنجي پيرن ۾ مگر آهن ڪي زنجيرون پيل
منهنجون آهون مير تي هي چند تحريرون رکيل
هٿ پنهونءَ جي راهه ۾ ڪي سانگ ڪارا ٿا سڄن
خون جي رنگت سان ڳاڙها ٿو ڏسان جن جا دهن
تنهنجو مرقد ۾ پنهون سان ٿيو وڃي آخر نباهه
مان اڃا تائين پريشان حال مضطر ۽ تباهه
هاڻي چئه ڪنهن تي زياده جور گردون آهه ٿيو
غم سٺو پنهنجي پنهون لئه ڪنهن زيادهه مون ڪ تون
اڄ اگر زندهه هجي ها سو لطيف نڪته دان
تنهنجي بدران منهنجي حالت تي ٿئي ها نوحه خوان
تو وٽان تنهنجي پنهل کي ويا کڻي تنهنجا ئي ڏير
سچ ٻڌائج سنڌ منهنجيءَ کي کڻي ويو آهي ڪير؟

سهڻي ڏانهن

سهڻي اچ پائي ليئو مهراڻ جي موجن منجهان
هن پريشان حال جو هيڪر ٻڌي وڃ داستان
تو محبت لاءِ سر تان کنيو هو آسرو
مون به الفت لاءِ پنهنجو سِرُ سهائي آ ڇڏيو
توکي تنهنجن ئي سمهاريو موت جي هن سيج تي
مان به سمجهان ٿو ته منهنجا ئي مٽائيندا مون کي
تو به سر ساهي کنيو هو پاڻ سان ڪچو گهڙو
مون به ڪلهه ڪن بيوفائن تي ڪيو هو آسرو
ٿيو گهڙو پرزا ڀُري پهتينءَ تون لهرن ۾ جڏهن
مان به سمجهان ٿو ڇڏيندا ساٿ هي منهنجو ڪڏهن
توکي ڇا ميهر جي ٻانهن جو سهارو ويو ملي
ڄڻڪ طوفانن ۾ توکي هڪ ڪنارو ويو ملي
منهنجو ميهر آ ڪٿي جو منهنجي سڏ ۾ سڏ ڏئي
جو ملي مون سان ۽ لهرن ۾ سهارو منهنجو ٿئي
منهنجو جيڏن ۾ ڪو آهي مون سان جو گڏجي هلي
جو گهڙي”گهوريس“ چئي ۽ پنهنجي ساهڙ سان ملي
تون به سهڻي مان به سهڻي عشق تان قربان ٻئي
سنڌ پنهنجي تان اچو گڏجي هي سر گهوريون سڀئي

مارئي ڏانهن

مارئي جنت مان اڄ پنهنجي وطن ڏي ڪر نظر
جنهن جي لئه حيران رهينءَ ٿي ڪوٽ ۾ شام و سحر
مون ٻڌو آهي وطن جي تو کي هئي ڏاڍي اڪير
قيد ۾ ڀي ٿي رهينءَ مارن جي الفت جي اسير
هڪڙي ماروءَ ٿي چيو تو جبر جو سر خم ڪيو
عيد ڪئي حب وطن ظلم و ستم ماتم ڪيو
ڪوٽ جي ديوار کان اوچي سندءِ حب وطن
حڪمراني کان مٿي تنهنجي اسيري ٿا چون
هاءِ صدار مان سندءِ اهل چمن کي ڇا ٿيو
قوميت آڏو سدا دولت ۽ زر ٿيا شر مسار
هي وطن وڪڻي به چاهن ٿا حصولِ اقتدار
تنهنجي آڏو خود حڪومت جو جهڪي ويو گردن
۽ هنن ڪرسيءَ جي لئه ايمان ڀي وڪڻي ڇڏيو
بيڪس و لاچار هوندي ڀي رهينءَ تون با ضمير
هي حڪومت هوندي ڀي غيرن جا ٿيا آهن اسير
قيد ۾ هوندي به تو کي ياد هئي مارن جي ريت
هي وطن ۾ هوندي ڀي ڳائن پيا غيرن جا گيت
تنهنجي لوئيءَ جا هي دشمن ۽ هنن جو ٿر سان وير
هي غلام آهن عمر جا تنهنجي لئه آهن هي غير
اچ هنن جي عيش جون سڀ محفلون برهم ڪيون
اچ ٻئي گڏجي اسين هن قوم جو ماتم ڪريون

نئين مارئي

ڪلهه عمر کي ٿي مڃايائين روئڻ سان ليڪن
اڄ اهي لڙڪ ڦري چڻنگون ٿيڻ تي آهن
مارئيءَ ڪالهه ٿي سڏڪا ڀريا ڪوٽن ۾ پر
اڄ سندس اڳ ۾ هي ڪوٽ جلڻ تي آهن

ڪالهه محلن ۾ ٿي مجبور سگهي پي ليڪن
مارئيءَ روح جا زنجير ڀڳا آهن اڄ
جن به لوهن ٿي ڪيس قيد ۾ مجبور اڳي
سي ڦري منهن تي عمر جي ئي لڳا آهن اڄ

ڪالهه واجهائي پئي مارن ڏي مدد لاءِ مگر
مارئي هاڻي اٿي پنهنجي مدد پاڻ ڪندي
اڄ سندس حب وطن ٿيندي وري ايڏو بلند
جو حڪومت جي جيبن تنهنجي اڳيان خود جهڪندي

ڀٽائي ڏانهن

او سهڻا شاهه ڀٽائي
تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه اڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن

تنهنجي سسئي پنهنجي پنهونءَ لئه اڄ به ٿي ڏونگر ڏاري
اڄ به پنهون جا پيرا وقت جي واءُ سان وئڙا لٽجي
جبلن جهنگن ۾ رلندي ٿي رهبر لاءِ پڪاري
اڄ ڀي پهڻن جي سختيءَ سان پير سندس پيا ڦٽجي

مدت ٿي جو ماڻهو ويٺا سُر جي لئه ڪن لائي
گيت ڪٿي جن جي گرميءَ سان دل جا دريا اٻرن
ماڻهن سر سهسايو پر ڪو چارڻ سر سهسائي
اڄ ٻيجل جي چنگ منجهان سي چڻگون ڪين ٿيون نڪرن

اڄ تائين ٿا ڪاڪ ۾ ڦرجن ۽ لٽجن ڪيئي مانجهي
مومل جي ماڻن ۾ ڪوئي ڦير نه آيو آهي
اڄ به اميدن جي ڪرڻن کي ويڙهي وئي آ سانجهي
ڪنهن جي دل جي دنيا ۾ ڪو صبح نه آيو آهي

آهي اڃا تائين ڀي تنهنجي مارئي بند ۾ باندي
اڄ به عمر جو زور هلي ٿو ويچارن مارن تي
آزاديءَ جي خوشخبري اڄ ائين ڪنهن به آندي
ضرب اڃا تائين به لڳي ٿي روحن جي تارن تي

تنهنجي گيتن جون گونجارون ٿينديون رهن سدائي
تنهنجي ديس جا ماڻهو نماڻا شل پيا تو کي ڳائن
جن جي دل هن جڳ جي دکن ۽ دردن آهي جلائي
ساهه سڙيا سي تنهنجي گيتن سان ٿا دل وندرائن
او سهڻا شاهه ڀٽائي

موهن جو دڙو

اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان
تنهنجي ويرانيءَ ۾ چئه ايڏي ڪشش آئي ڪٿان

تنهنجي برباديءَ کان صدقي تنهنجي مٽجڻ تان نثار
تنهنجي برباديءَ ئي ٿي وئي آهي تنهنجو يادگار

بي ڪفن مردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري
جنهن ڏني هئي سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگي

تنهنجو هي خاموش ساڪن گهٽيون، هي رک جا ڍير
دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير

تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻائي انقلاب
تنهنجي سيني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب

تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين
سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين

۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهي
پنهنجي ماضيءَ جي بلندي ڏي وري ايندي رهي

قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا
سنڌ جي گلشن ۾ ڪي ئي گل نوان کلندا رهيا

اڄ وري مهران جي مي ساڻ پر پيالا ٿيا
هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا

اوچتو ئي اوچتو تو کي ڪهڙو پور پيو
جو کڻي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن تڪيو

تنهنجي نظرن جي انهن ويرانين جو هر اثر
جو ويا هڪ پل ۾ ٿي ويران ڪئي آباد گهر

ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئي پنهنجي قريب
اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب

وقت جا طوفان اڪري پنهنجو ٻيڙو پار ٿيو
پر ڪنارن تي اچي ٽڪرائجي پرزا ٿيو

وقت جي ڦيري هنن باغن کي بدلي بُرُ ڪيو
ڪالهه هئا جت هنج اڄ ڪانون اتي آ گهر ڪيو

ڪلهه ڪچهرين ۾ لڳل رهندو هئو جت ٽهڪڙو
موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو

ڳوٺ خالي ٿي ويا ۽ شهر ويران ٿي ويا
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا پريشان ٿي ويا

هي ڊٺل جايون ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي

تنهنجي ويرانيءَ ۽ برباديءَ کي وسعت ٿي ملي
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي

نئون دستور

جي مطمئن نه ٿيا سين قرار ڪجهه ته مليو
اٿاهه سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجهه ته مليو

هزارين درد سوين غم ويا اسان جا ساٿي
اسان کي دوست سز رهگذار ڪجهه ته مليو

اسان ته حق جي ٿي ڳولها ڪئي زماني ۾
مليو اسان کي جي بدلي ۾ دار ڪجهه ته مليو

اسان چمن کان ته مايوس ٿي ويا هئا سين
خزان ملي نه مليو جي بهار ڪجهه ته مليو

اسان ته بوند گهري ٿي اسان کي باهه ملي
فلڪ ڏنو جي هي برق و شرار ڪجهه ته مليو

اوهان کان ڪجهه به ملڻ جي اميد ڪو نه هئي
لٿو جي ٿورو گهڻو دل جو بار ڪجهه ته مليو

اوهان کان ڪڏهين به مايوس ڪين موٽياسين
اوهان جي بدران مليو انتظار ڪجهه ته مليو

مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي
ويو ٿي گهٽ جي فضا تان غبار ڪجهه ته مليو

جهونگار

مشڪ جان عشق تنهنجو ٿو هٻڪار ڌئي
ڪيئن جڳ کان ڀلا مان لڪايان پرين

جئين پوري ڍنڍ تي چنڊ جو اولڙو
جهول ڇوليءَ جي ۾ پينگهه ويهي لڏي
نير نيرو پوي جيئن اڇو کير ٿي
لهر ٿي مست جهومي نچي ۽ ڪڏي
پيار منهنجي تي ائين تنهنجو پاڇو پيو
اوچتو سونهن سان جيءُ جرڪي اٿيو
مان به ٿي مست ٿڙندو رهان ٿو سدا
پاڻ کي ڪيئن ڀلا مان سنڀاليان پرين

جيئن ساوڻ جي موسم ٿي سرهي اچي
مينهن ڇم ڇم ڪري ڇير پائي نچي
تيئن منهنجي اندر ۾ او سهڻا سڄڻ
تنهنجي ٽهڪن جو هر دم پڙاڏو اچي
مان به ڪڪرن جيان مست ٿي ٿو رلان
تو کي ڳولڻ جي خاطر ٿو ڊوڙان ڊڪان
نيري اڀ جي اڱڻ ۾ ٿو رلندو رهان
توکي ڪيئن ڳوليان ڪيئن پايان پرين

منهن جي موڙي سمورن خيالن کان مان
دل جي ڳڙکيءَ مان هر دم ٿو واجهون وجهان
رات جو روز جڳ کان لڪي ننڊ جا
ريشمي نرم پردا هٽايان ٿو مان
ننڊ ۾ ڀي نٿا نيڻ آرام ڪن
خواب راتيون سڄيون جاڳندا ٿا رهن
خواب آ خواب ۽ جاڳ آ جاڳ مان
خواب کي جاڳ ۾ ڪيئن مٽايان پرين

هير جي وير هر هر چڙهي صبح جو
جيئن پير جي پنن کي ڏڪائي ڇڏي
ياد تنهنجي اچي تيئن اڙي شل جيئن
منهنجي لونءَ لونءَ کي هر دم ڪنڀائي ڇڏي
منهنجي رڳ رڳ ۾ ٿو پيار تنهنجو سُري
تنهنجي صورت سادا هانوَ ۾ ٿي هُري
درد دل جو ٿو اکڙين مان اٿلي پوي
سور دل ۾ ڀلا ڪيئن سمايان پرين

جيئن اسُر جو ٿڌي هير ٿڌڙا ڪڍي
هلڪڙيون هلڪڙيون ڪتڪتايون ڪري
ساهه مان سيسراٽيون ٿيون اڀرن تيئن
جي پلوءَ تنهنجي پوتيءَ جو مون کي ڇهي
پور تنهنجا ٿا ڪرموڙي جاڳي پون
سور تنهنجا نٿا مون کان سانڍيا ٿين
سرر ڪنهن سان ورهايان ونڊيان او سڄڻ
ڪنهن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌايان پرين

جي ستارن ۾ تو کي لڪائڻ گهران ٿو
ته تون چنڊ وانگر کڙي ٿو پوين
تو کي مکڙين جي وچ ۾ رکان ٿو ته تون
گل جيان هڪڙي پل ۾ ٽڙي ٿو پوين
تو کي ڪوئي ڀلا ڪيئن لڪائي سگهي
سونهن تنهنجي سدائين پئي ٿي بکي
جي هجي ڪو ڏيئو مان وسائي ڇڏيان
جوت سج جي ڀلا ڪيئن وسايان پرين

سونهن سرهي سدا پيار پڌرو سدا
جي لڪايون تڏهن ڀي نه لڪندا پرين
ڇو نه پردا سڀئي پو هٽايون سڄڻ
ڇو نه دنيا جي سامهون ڪريون پيار اسين
تون ٿي ڳانو ته تو کي ڳچيءِ ۾ ٻڌان
گيت ٿي تون ته تو کي چپن تي رکان
تون ٿي گل مان ٿيان هير ۽
تنهنجي سرهاڻ گهر گهر رسايان پرين

هڪڙيءَ خاموش ۽ ٿڌيريءَ رات

هڪڙيءَ خاموش ۽ ٿڌيريءَ رات
هو ڏنو چنڊ مکڙين کي جنم
ڄڻ لهي ويو هو ڪائنات جو غم

مرڪيون مکڙيون جڏهن به ٿي پرڀات
هير جيئن جيئن سحر جو لهرائي
ماڪ مکڙين جو منهن چمڻ آئي

جڏهن روشن ٿيو صبح جو آڪاس
ڪرڻا مکڙين جو هار بنجي پيا
ڄڻڪ سونهري ڄار بنجي پيا

ٿي وئي ساري ڪائنات اداس
مکڙين جو گلو گهٽيو ڪرڻن
تن کي مرجهائي ئي ڇڏيو ڪرڻن

مونجهارو

سج ڪڍيو منهن رات پوري ٿي وئي
ساري جڳ تي ڇائنجي وئي روشني
سج مٿي آيو ۽ ڍرڪيو ۽ لڙيو
شام ٿي آخر ۽ سج ڀي ويو لهي
ساري جڳ ۾ ٻاٽ اوندهه ٿي وئي
ڏينهن جي ڇا زندگي
مان پيو آهيان منجهي

صبح جو گلشن ۾ هڪ مکڙي ٽڙي
ماڪ موتين جي مٿس مالها وڌي
ڪجهه گهڙين لئه جهومي مرڪي ۽ نچي
۽ هوا جي پينگهه تي ويهي لڏي
تير تاڻيا پنهنجي ڪرڻن جا سحر
جيڪي ويا مکڙيءَ جي سيني ۾ چڀي
۽ ويو مکڙيءَ جو منهن ڪو مائجي
ڪجهه گهڙين جي مرڪ هئي
مان پيو آهيان منجهي

چنڊ دريا تي نظر هڪڙي وڌي
جنهن جي سيني ۾ اچي هلچل متي
لهر هڪ اميد جي آئي چڙهي
چنڊ ڀي دريا ۾ آخر ويو ٻڏي
لهر ڀي ڪجهه ٿاٻڙي ڍڙڪي پئي
ڪجهه گهڙيون اميد هئي
مان پيو آهيان منجهي

جي ويس دنيا جي غم کان تنگ ٿي
تنهنجي اکڙين ۾ جڳهه مون کي ملي
سرڪ هڪڙي سڪ منجهان مون پي ڇڏي
تو سوا دنيا سڄي وسري وئي
ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن مون اک پٽي
ساڳيا غم ۽ ساڳي منهنجي بيڪسي
ڪي پلڪ هئي بي خودي
مان پيو آهيان منجهي

ڇڪتاڻ

ڏيهه جي ڏاٽن سان اميدن جا سر ويا ڪاٽجي
ڏاڍ جي ڏاند جي پيرن هيٺ ويا چيڀاٽجي
ته اڃا تائين جيڻ جي آس آهه
زندگيءَ جي راهه ۾

ماڳ ڏي وڌندا رهيا سين جهڙپ جهولن جي سهي
پنهنجي عظمت اک اُن سان ٿي ملائيندي رهي
ها اڃا تائين هلڻ جي آس آهه
زندگيءَ جي راهه ۾

پاڻ طوفانن جي ئي پيٽن ۾ پلندا ٿا رهون
هنس جان سينو ڪڍي لهرن تي لڙهندا ٿا رهون
ها اڃا تائين وهڻ جي آس آهه
وقت جي هن واهه ۾

جيئن پچڻ جو پهه ڪيو سين ڪئي ڀڀڙ ڀڙڪي پيا
نيٺ سهڻيءَ جي گهڙي جان ئي پچي ٿيا سين پڪا
ها اڄ تائين جلڻ جي آس آهه
عشق جي آڙاهه ۾

زندگي ڇڪتاڻ کان مايوس ڪڏهين ٿي نه آهه
هير جان هلندي آ هر دم پر ڪڏهن ٿڪبي نه آهه
ها اڃا تائين رهڻ جي آس آهه
وقت جي وڻراهه ۾

روح رهاڻ

ڪجهه گهڙين جي لئه فلڪ ڪجهه گهڙين جي لئه زمين
ڇا خبر جو هيءُ دم ئي هجي دم آخرين
ڇو نه ڪجهه مرڪي وٺون ڇو نه ڪجهه ڳايون اسين
وقت هي آهي پرين روح ريجهائي وٺون

روح ريجهائي وٺون اچ ته ڪجهه ڳائي وٺون
ڀونئر ٿي مکڙين مٿان ڦيرا ڪجهه پائي وٺون
ماڪ ٿي گلڙن جو منهن ڪجهه تي چمڪائي وٺون
هير ٿي گلزار ۾ ڪجهه ته لهرائي وٺون
اچ ته لنو لائي وٺون موت کان اڳ ۾ سڄڻ
موت کان اڳ ۾ سڄڻ، آس جيئن رهجي نه ڪا
ڇو بهارن ۾ ڀلا گل وڃن ڪومائجي

ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو مينهن سانوڻ جو وسي
ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو ميوو محبت جو رسي
ڪجهه گهڙين لئه اک کڻي پيار مان ڪو ٿو پسي
ڪجهه گهڙين جي لاءِ ٿو نينهن جو نياپو رسي

وقت ٿورو آهي ۽ سو به وڃڻو آ پرين
ڇو ڀلا روئي رڙي سو وڃايون هيئن اسين

عمر آهي هڪ گهڙي سال ساعت ۾ وڃن
سا گذاريون ڇو سڙي پيار کان پاسو ڪري

وقت جو هي واهه ٿو دائما وهندو رهي
تنهنجي ڇولين جو لهي ڪين سگهندو انت ڪو
آئي هڪڙي ٻي وئي آهي بس هي چهچٽو
انت ازل جو ناهي ڪو يا ابد جو ڪو پتو
تنهن کان منهن ڦيري نه ڇو پيار مان تو ڏي ڏسان

پيڻ جو پيام

ڀري پيءُ اڄ هڪ ٻه جام
هليو وقت ويندو وري ڪين ايندو

ڀري جام وانگر هي گردش جهان جي
پيڻ جو ڏئي ٿي پيام
پيڻ سان ئي پيارا زمانو مڃيندو

خبر ناهي ڪنهن کي اڄوڪي سحر جي
ٿئي يا نه ٿئي ڪا به شام
الائي وري وقت ايندو نه ايندو

سمان سال جي ڏک جو هڪ ڏينهن آهي
ته پوءِ عمر ڪيئن ٿئي تمام
اهو راز هي جام تو کي ڏيندو

حياتيءَ کي ماڻڻ گهرين ٿو جي سهڻا
ته وٺ وقت کان انتقام
جو هي وقت ڪنهن کي سڪون ڪين ڏيندو

پهريون وار

ڪري وار هي وقت تو تي او سهڻا
انهيءَ کان اڳي وارا ڪر

زمانو ٿئي سخت تو تي او سهڻا
انهيءَ کان اڳي پيار ڪر

کلي وٺ گهڙي پل جو لمحا کلڻ جا
هٿن مان نه کسڪي وڃن

هي ڳل تنهنجا يعني هي چاڻا مکڻ جا
متان وقت ويندي رجن

حياتيءَ جا پيالا ڀريل غم جي وهه سان
پيئڻ کان سواءِ ڪيئن ڪريون

گڏي مرڪ جو تن ۾ ميٺاج تن مان
گهڙين جون ٿا سرڪون ڀريون

عجب آهي مکڙيءَ تي جو ڄاڻندي ڀي
ته پل لاءِ آهي شباب

ڏسي تيز ڪرڻن ڏي هڪ مرڪ مرڪي
ڏئي موت کي ٿي جواب

ڪئي سال هڪڙيءَ گهڙيءَ جي خوشي لئه
سوين غم ٿا سهڻا پون

مگر مرڪ ايندي چپن تي گهڙيءَ لئه
سڀيئي ڏک ٿا وسري وڃن

جوڳي

او مرليءَ وارا جوڳي!

پنهنجي مِٽن کي ڦوڪيندي تون مرلي ايئن وڄائين ٿو
ڄڻ ڦوڪي تون روح فضا ۾ نغمن جان لهرائين ٿو
دريا شاهه جي لهرن وانگر سينو لاهين چاڙهين ٿو
ڄڻ ته فضائن ۾ گيتن جو هڪڙو واهه وهائين ٿو
يا ته فضائن ۾ نغمن جو هڪڙو ڄار وڇائين ٿو
زهريلن نانگن جي روحن کي جنهن ۾ ڦاسائين ٿو
يا ته اندر جي اونهائيءَ مان سر آڻي تون ڳائين ٿو
پنهنجي برهه جي باهه تون ساري جڳ جي دل ۾ لڳائين ٿو

ڄڻ ساري جڳ تنهنجي سورن واري ڀوڳ آ ڀوڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!

پنهنجي راڳن سان رڳ رڳ ۾ ڪو ميٺاج ملائين ٿو
دک ۽ درد جا نانگ هزارين پيار منجهان پرچائين ٿو
جن کي پنهنجي تن جي تارن تي هي ناچ نچائين ٿو
مرليءَ جي ميٺاج سان تنهن جي زهر جو زور وڃائين ٿو
اهڙن زهريلن جي دل ۾ جادو ڪيئن نه لڳائين ٿو
پنهنجي دشمن تي ڀي حاڪم بنجي حڪم هلائين ٿو

هن دنيا جي رڻ ۾ تنهنجي مرلي ڄڻ مينهوڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!

مان ڀي من جي مرليءَ تي ڪي گيت وڄائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي پنهنجو پاڻ وڃائي سر ۾ سمائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي هن ماٺي دريا ۾ لهرون آڻڻ چاهيان ٿو
مان ڀي دلين جي دنيائن ۾ باهه لڳائڻ چاهيان ٿو
مان ڀي ڳائڻ چاهيان ٿو ها مان ڀي ڳائڻ چاهيان ٿو

سهندي سور صدين کان منهنجي دل ٿي وئي آ موڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!

مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو
زهريلن جي زهر کي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو
جن کان حياتي هانو ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو
وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاج ملائڻ چاهيان ٿو
تو جان مان او جوڳي من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو

تنهنجو من ڀي روڳي آهي منهنجو من ڀي روڳي
او مرليءَ وارا جوڳي!

ڦٽيون چونڊيندڙ

شاعر جي تصور کان سهڻي
ننڍپڻ جي يادن کان پياري
ايڏي سادي ايڏي مٺڙي
ڄڻ آهي ڀٽائيءَ جي ڪافي

اوندهه ۾ ڦٽيون ٿيون ائين جرڪن
ڄڻ جهر مر لاتي آ تارن
يا اڀ ڌرتيءَ تي ڦهلايو
موتين سان ڀريل پنهنجو دامن

چپ چاپ پلو هوءَ پوتيءَ جا
چانديءَ سان ڄڻ ته ڀري ٿي يا
هوءَ حور فلڪ جي آهي ڪا
تارن کي وڃي ٿي ڇنندي جا

جيئن چنڊ جي آئي وسامن ٿيون
تارن جون اڀ ۾ ڪئي ڏياٽيون
تيئن هن جي پلاندن ۾ هي ڦٽيون
هڪ هڪ ٿي وڃن ٿيون گم ٿينديون

هوءَ گيت اهو آهي جيڪو
ڪنهن جي به چپن تي ڪين آيو
هوءَ اهڙو گل آهي جنهن کي
ٽڙندي نه ڪهين ڀي آهه ڏٺو

پهاڙن جي پري

زندگي پنهنجي رواجي چال سان هلندي رهي
ڇو هيءَ نبض ڪائنات اڄ اوچتو بيهي رهي
او پهاڙن جي پري

روح ماٺيءَ ڍنڍ جي ڪنهن سطح جان خاموش هو
تو خبر ناهي ته ڇو ننڍرو پٿر اڇلي ڇڏيو
آيون لهرون ڪر کڻي

جيئن هلي ڪو زندگيءَ جي راهه تي بي فڪر ٿي
ٿاٻو کائي ڇرڪ ماريءَ ۽ وڃي گهٻرائجي
اهڙي حالت منهنجي ٿي

جي وڃي ٿي اوچتو کسڪي هٿن مان ڪا گهڙي
حيثيت ان جي رهي ٿي بس فقط هڪ خواب جي
وئي هٿن مان سا وئي

ها اهو سمجهان ٿو آهي عارضي دورِ بهار
پر خوشيءَ جي هڪ گهڙي آ عمر ڀر جو يادگار
توڙي سا گذري وئي

هي به ڄاڻان ٿو ته ٿيندس جلد ئي تو کان مان دور
پر هنن ڏينهن جي يادن جو کڻي ويندس سرور
جن ڏني آهي خوشي

چند يادن جي ڪڙين کي هر ڪو ماڻهو خود جڙي
پاڻ ئي زنجيرن ٺاهي قيد ٿو خود کي ڪري
عمر ڄڻ آ مارئي

زندگي جي خواب وانگر آهه پو اي مہ جبين
ڇو نه اڄ ان کي بنايون هڪڙو مٺڙو خواب اسين
وس به پنهنجي آهي هي

مانڊاڻ

زندگيءَ ۾ ڪڏهين تنهنجي مرڪ جو ميٺاڄ هو
تنهنجي اکڙين جو خمار
تنهنجي جوڀن جو بهار
وقت جو اهڙو دل تي سونهن جوئي راڄ هو
ساري دنيا هئي حسين
مون به ٿوريءَ دير لئه لاتي هئي لنو او پرين

زندگانيءَ ۾ حقيقت جي ڪڏهن تلخي هئي
زندگيءَ جي جام مان
جو ڀريل هو زهر سان
مون به ڳيتون ڏئي دکن دردن جي وهه پيتي هئي
جام پر خالي نه ٿيو
جيئڻ کپائڻ ٿي گهريو مون تيئن ٿي سوير ڀربو ويو

جي حياتيءَ کان کان پري ٿي ۽ حياتي کي ڏٺم
موت کان ڀي سخت هئي
هيءَ دکن جي زندگي
هن مصيبت کان ڀڄي آکيرو ٺاهڻ ٿي گهريم
تنهنجي اکڙين ۾ مگر
وقت جي طوفان هر ڀيري ڪيو ٿي دربدر

جي گهڻو ويجهو ويس ٿي زندگيءَ کي او پرين
جيڪڏهن منهنجون اکيون
زندگيءَ سان چار ٿيون
ان جي اکڙين ۾ نياپو ڄڻ جيئڻ جو هو پرين
تو جيان پياري هئي
سونهن سوڀيا سان ڀريل هيءَ زندگي ساري هئي

ماڪ رئندي ٿي رهي مکڙي رهي ٿي مرڪندي
اهڙي حالت کي ڏسي
مان پيو آهيان منجهي
مرڪن ۽ لڙڪن جو ڄڻ ميلاپ آهي زندگ
ڪوئي کلندي ٿو روئي
اوڇنگارون ڏيندي ڏيندي ڪو ئي ٿو مرڪي ڏئي

زندگي ٽهڪن ۽ سڏڪن جو سڄو مانڊاڻ آ
يا حقيقت جان ڪڙي
يا چپ وانگر مٺي
خون جي بُو آهي يا گلڙن سندي سرهاڻ آ
يا شراب آ زندگي
جنهن ۾ تلخي ڀي ملي ٿي ۽ لطف ڀي

چتاءُ

اوهان جي زهر جي سقراط کي ڇڏيو ماري
تڏهن به سچ ٿو اڃا تائين زندگي ماڻي
اوهان جي دار و رسن تي مئو ته هو منصور
تڏهن به حق تي سگهيو ڪو به حرف ڪين آڻي

اوهان تي ماڪ ڏسي خوش ٿيو ته مکڙين ڀي
اوهان جي زور کان آهي ڇڏي ڏنو مرڪڻ
مگر اوهان جي اکين جو قصور هو ان ۾
رئڻ جي وقت به تن جي چپن تي هو مرڪڻ

اوهان جي سج کي ٽڪر ڀي ڪيو ته ڇا ٿي پيو
جي رات آئي تڏهن ڀي ڪڏهن نه اوندهه ٿي
انهيءَ ئي سج جا هزارين لکين ڀڳل ٽڪرا
ستارا ٿي ۽ فلڪ تي ويا ٽڙي پکڙي

هي ظلمتون ۽ هي اونداهين جا واچوڙا
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو جو نئون اڀاريندا

هي زرد پن ڏسي مايوس ڪين ٿينداسين
جو ڄاڻون ٿا ته اهي جلد ئي ڇڻي ويندا
رکي اميد بهارن کي پيا سڏينداسين
جي پنهنجي لاءِ نوان گونج گل کڻي ايندا

غزل

---

رحمتون اهڙيون گناهن کي جي شرمائي سگهن

رحمتون اهڙيون گناهن کي جي شرمائي سگهن
سي ڪرم جي هر ستم جي سر کي نِوڙائي سگهن

هڪ نگاههِ لطف فرمائن جي فرمائي سگهن
جيڪي ڄاڻن ٿا رئاري سي ٿا پرچائي سگهن

جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر
ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن

جن سموري عمر ڇاڻي آهي خاڪِ رهگذر
سي اسان کي منزلن تي ڪيئن ٿا پهچائي سگهن

جا پٿر کي پاڻي نه ڪري ان ديدهء تر مان ڇا حاصل

جا پٿر کي پاڻي نه ڪري ان ديدهء تر مان ڇا حاصل
هر دل ۾ اٿاري درد نه جو ان دردِ جگر مان ڇا حاصل

آرامِ نظر مان ڇا حاصل تسڪينِ جگر مان ڇا حاصل
هي رنگ و بو جي فريب آهي پو ذوقِ نظر مان ڇا حاصل

هڪ باهه جو سيني مان نڪرڻ مقصود جڏهن آهي همدم
پوءِ ضبطِ فغان جي ڇا معنيَ آهُن ان دردِ جگر مان ڇا حاصل

يا هر ڪنهن جو غم دل ۾ رک يا هر دل ۾ غم پيدا ڪر
محدود جو هڪڙي تائين رهي ان درد جگر مان ڇا حاصل

هي ڀي ته فريب نظر جو آهن تي نه ڪڏهن ڀلجي وڃجان
جو تاريڪين مان پيدا ٿئي تنهن نورِ سحر مان ڇا حاصل

تنوير مان پنهنجي گيتن سان هڪ باهه لڳائڻ چاهيان ٿو
جنهن سان نه جليو ڪو ڪا شانو تنهن برق و شرر مان ڇا حاصل

ڪنهن جي نظر جو عشق تي احسان نه ٿي وڃي

ڪنهن جي نظر جو عشق تي احسان نه ٿي وڃي
الفت جو غم حيات جو سامان نه ٿي وڃي

پنهنجي ڪرم کي عام نه ڪر ايترو خدا
جو تو کان بي نياز هي انسان نه ٿي وڃي

هڪ اشڪ اک ۾ آهي جو دريا نه ٿي پوي
هڪ آهه لب تي آهي جا طوفان نه ٿي وڃي

آهستي اچ نسيم جو مکڙي نه کلي پئي
غنچي جو خوابِ صبح پريشان نه ٿي وڃي

اي دوست زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ
ڪٿ زندگي ئي تو کان گريزان نه ٿي وڃي

دل ۾ جا خواهش آهي ٿي پيدا هينئر اي دوست
اڳتي هلي سازيست جو ارمان نه ٿي وڃي

اسان کي نه ڇڏ تون اکين جو اڃايل

اسان کي نه ڇڏ تون اکين جو اڃايل
جو ڪڏهين ته هي جام ٿي ويندا خالي

اوهان جون اکيون ڄڻ جوابِ بهاران
اسان جون اکيون ڄڻ سوالي سوالي

نظر آهي صورت جي محتاج ڪڏهين
ڪڏهن حسن آهي نظر جو سوالي

اسان جي خوشين تي ٿي پاڻي ڦري ويو
ڏٺيسين ڪڏهن اک اوهان جيِ جي آلي

دنيا سان ٺهي هلبو ته پرين, هن دنيا ۾ جي رهڻو آ

دنيا سان ٺهي هلبو ته پرين, هن دنيا ۾ جي رهڻو آ
پي ڇڏيا پيالا جي تنهنجي, تيڻن جا نشانا ياد آيا

ڏس آيون گهٽائون گهور ڪري، ڏس مينهن پيو گجگوڙ ڪري،
هن وقت ۾ منهنجو ڇا ٿيندو، جي توکي بهانا ياد آيا

جيئن وسريل گيت ڪو چپ تي اچي، جيئن اوچتو سور جي سَٽ اڀري
ائين تنهنجون ڪهاڻيون ياد آيون. ائين تنهنجا افسانا ياد آيا

سالن کان ستل اڄ سور اٿيا، اڄ مون کي تنهنجا پور پيا
وسري ويو زمانو مون کان جو، مون کي ڪي زمانا ياد آيا

ان سانت ۾ هو سنگيت سڄڻ. ان ماٺ ۾ هو ميٺاڄ پرين
جي روح چيا جي روح ٻڌا، مون کي سي ترانا ياد آيا

جڏهين به ويس مان بيوس ٿي، هن جڳ جي سورن کان سپرين
تون ياد آئين مون کي هر هر، ۽ تنهنجا فسانا ياد آيا

روشني دل جي دکن آهي لٽي او سهڻا

روشني دل جي دکن آهي لٽي او سهڻا
رات چوڏهينءَ جي سوا تنهنجي ٻٽي او سهڻا

چنڊ جي سونهن ڏنو ساهه انهيءَ دم سائين
تنهنجي منهن مان ٿي جڏهن باک ڦٽي او سهڻا

تنهنجي خاطر ٿي ڏنو مرڪي مون ايئن سورن ۾
خشڪ واريءَ ۾ ڪنول ڄڻ پيا ڦٽي او سهڻا

رات جو ڏينهن جو غم ڏينهن جو هئي رات جي تات
عمر کٽندي وئي مصيبت نه کٽي او سهڻا

عمر ڀر پئندي به اڃ ڪين لٿي هئي منهنجي
۽ نه مَي تنهنجي اکين مان ئي کٽي او سهڻا

هيءَ گهڙي آهي فقط هڪڙيءَ گهڙيءَ لءَ مهمان
جي هٿن مان وئي کسڪي ته ڇٽي او سهڻا

هن کي انسان ازل کان ئي لٽيندو آيو
سونهن جي کان نه کٽندي نه کٽي او سهڻا

پاڻ کي جئري رکڻ لاءِ وڏا خون ڪيم
مون نڙي پنهنجي اميدن لاءِ گُهٽي او سهڻا

اوهان ناهيو ته پنهنجي دل بهارن سان ٿا وندرايون

اوهان ناهيو ته پنهنجي دل بهارن سان ٿا وندرايون
اسان ڏي جي اوهان ايندؤ بهارن کي نه ڏسنداسين

اڪيلا ئي اڪيلا مؤج سان پونداسين الجهي اڄ
سهارن کي نه ڏسنداسين ڪنارن کي نه ڏسنداسين

اسان سونهان زماني جا اسان جو ماڳ سان مطلب
ڏکين واٽن ورن وڪڙن ۽ چارن کي نه ڏسنداسين

اجهو نڪتو وهائو هاڻي ڪاري رات ٿي پوري
اجهو ٿي روشني ٿئي هاڻي تارن کي نه ڏسنداسين

ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين

ٿڙنداسين ٿاٻڙنداسين پر اڳتي هلندا هلنداسين
لهرن وانگر اٿندي ڪرندي ماڳ ڏي وڌندا هلنداسين

جيئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل
موت جي منهن ۾ تيئن اسان ڀي ٽلندا کلندا هلنداسين

ڪڏهين ٿورو ڪڏهن گهڻو ۽ ڪڏهين ڪاسو ڪڏهن ڪڻو
نورو ونڊيندي چنڊ سمان ئي گهٽبا وڌندا هلنداسين

ڪنهن جو هانوَ ڇنڊن سان ٺاري ڪنهن جي دل دڙڪن سان ڏاري
ڪڪرن وانگر وسندي وسندي گجندا گجندا هلنداسين

پاڻ جلائي لاٽ ڏبي جڳ کي هڪڙي واٽ ڏبي
اوندهه کي چيريندي تارن وانگر کڙندا هلنداسين

ڪر موڙيندا آهن ڪانئر ڪر کڻندا آهن دل وارا
هلندي هلندي جي ٿڪباسين رڙهندا رڙهندا هلنداسين

آزادي يا موت ٻنهي کان هڪڙو ماڳ اسان جو آ
جنهن به ڏنو آواز انهي ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين

هاڻي اونداهين جي حد آ ٿي وئي

هاڻي اونداهين جي حد آ ٿي وئي
رات ڪاري ڄاڻ جو ٿي دور ٿئي

روشنيءَ سان جام ڇلڪي ٿا پون
جي ستارن جو جهڪو ٿو نور ٿئي

هڪ ڏيو ٻاري وسائن ٿا ٻيو
ڪنهن جي اوندهه ڪنهن جي لئه ٿو نور ٿئي

تون ته گهٻرائي هٽي ڀي ٿو وڃين
پر نٿو مونکان ڪڏهن غم دور ٿئي

دل ڀري اکڙيون ڀريون بادل ڀريا
پياڪ جو پيالو وري ڀر پور ٿئي

جيئن سدائين کان پيون ڇوليون ڇلن مهراڻ ۾

جيئن سدائين کان پيون ڇوليون ڇلن مهراڻ ۾
منهنجو من ڀي تيئن ازل کان آهي هڪ مانڌاڻ ۾

يا روئي ٿي ماڪ يا مرڪن پيون مکڙيون هتي
مان پيو آهيان منجهي گلزار جي مانڊاڻ ۾

هر ثواب آ بي سڪون بي لذت آهي هر گناهه
ذهن آ جڏهين کان نيڪ و بد جي هن ڇڪتاڻ ۾

هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام
خون جي بو آ مليل گلڙن سنديءَ سرهاڻ ۾

جنهن کي پنهنجي عزم تي آهي يقين اي ساٿيو
ڪيئن رکي سگهندو ڀلا سو آسرو اڳواڻ ۾

ساز جي تارن سان ڪٽجي ٿا سگهن اڄ ڀي ڪي سِرَ
سئن هڻ سُر جي رکين ٿو ڀروسو جي پاڻ ۾

داغهاي دل ويران کي ڏسي رهنداسين

داغهاي دل ويران کي ڏسي رهنداسين
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين

دوست اچ اڄ ته وڄون سمجهي مزاج عالم
يار جي زلف پريشان کي ڏسي رهنداسين

ظلم جي هٿ مان پَلَوَ پنهنجا ڇڏائي ته وٺون
حالتِ حيبب و گريبان کي ڏسي رهنداسين

جنهن به نور آندو ٻئي ڪنهن جي گهر ان جي چورائي
هاڻ ان جشن چراغان کي ڏسي رهنداسين

شوقِ ساحل ۾ ٿا موجن جي حوالي ٿيون اڄ

شوقِ ساحل ۾ ٿا موجن جي حوالي ٿيون اڄ
آيو طوفان ته طوفان کي ڏسي رهنداسين

کڻي وڃون ٿا اسين غم ٻنهي جهانن جا
۽ پاڻ ساڻ کڻي انقلاب اينداسين

اگر سوال اٿيو سر ڏيڻ جو او ساٿي
ته پل ۾ بنجي سراپا جواب اينداسين

اوهان جون اکڙيون جي اوجاڳي کان پيون ڍرڪي
ته بنجي رات جو هڪ هلڪو خواب اينداسن

اسان جو قدر اوهان پاڻ ئي ڪندؤ آخر
جي آهيون ذرا ته ٿي آفتاب اينداسين

اسان چڀون ٿا ڪنڊي مثل جنهن جي نظر ۾
انهيءَ جي لءَ کڻي هٿ ۾ گلاب اينداسين

ڪجهه ڏئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين

ڪجهه ڏئي وينداسين ڪجهه نه کڻي وينداسين
پور آهيون ڏئي ميوو ۽ ڇڻي وينداسين

دل جي بازيءَ تان اگر دل به کڻي وينداسين
ويندي ويندي به ڪوئي داءُ هڻي وينداسين

توتان هڪ بار ته گهوري ٿا وڃون سر ليڪن
آس ٻئي ڀيري مرڻ لاءِ کڻي وينداسين

جي رهيو عشق سلامت ته محابي ان جي
جي ڌڪارن ٿا انهن کي به وڻي وينداسين

تنهنجي اکڙين جون هي مکڙيون به گلن جان کلنديون
صبح جي ويل ٿڌي هير بڻي وينداسين

شل ابد تائين رهي رنگ سلامت گل جو
هير جان پاند ۾ خوشبو ئي کڻي وينداسين

رکي ٿو جيڪو سڄي جڳ جو درد سيني ۾

رکي ٿو جيڪو سڄي جڳ جو درد سيني ۾
وجود ان جو زماني تي بار ڇو نه هجي

ٽڙي ٿي مکڙي ته مرڪڻ لئه مرڪندي رهندي
کڻي پوءِ عمر سندس پل ٻه چار ڇو نه هجي

سموري عمر جا دک درد ٿو وساري ڇڏي
قرار چئن گهڙين جو قرار ڇو نه هجي

اسان کي حڪم ٿيو ان ڳالهه کي لڪائڻ جو
سڄي جهان تي جا آشڪار ڇو نه هجي

سدائين ساڻ هجي ساهه سونهن جو جنهن سان
انهيءَ جي لاءِ هميشه بهار ڇو نه هجي

حيات دارو رسن ساڻ جن ڳنڍي پنهنجي
انهن جي عمر ڀلا پائدار ڇو نه هجي

مون پنهنجي تن جون تندون ئي تاڻيون

مون پنهنجي تن جون تندون ئي تاڻيون
تارون اکر ٿيون سازن جون ساڻيون

هڪڙي ئي سج کي روشن ڪرڻ لئه
تارن جون ڪيئي شمعون و ساڻيون

چپ چاپ وٺي هڪ ٻئي ڏي ڏسندي
ائين ڀي ٿيون ٿي پنهنجو رهاڻيون

اهڙيون گهڙيون هڪ ساعت نه ترسيون
جيڪي تصور جي پر تي اڏاڻيون

نئون ٿيندو رهندو هي نينهن هر دم
جي ياد اينديون ڳالهيون پراڻيون

تن جي تندن کي جيڪو تپائي
سو ساز آڻيون سا تند تاڻيون

ڪرڻن جي تيرن جي وچ ۾ رهندي
گلڙن بهارون مرڪي ٿي ماڻيون

جن کي ٻڌڻ سان شرمائجي وئين
نادان هيون سي تنهنجون ڪهاڻيون

هڪ غم جا ودان مليو مون کي

هڪ غم جا ودان مليو مون کي
زندگي منهنجي دائمي نه سهي

جنهن ۾ آهي سدائين عيش و طرب
منهنجي سا دوست زندگي نه سهي

تنهنجي دنيا ته ٿي رهي پُر نورُ
منهنجي دنيا ۾ روشني نه سهي

اي جنون منهنجو ساٿ ڏيندو ڪر
بعضي بعضي گهڙيءَ گهڙيءَ نه سهي

تنهنجي دل ۾ رهان ٿو مثلِ خلش
تنهنجي مون ساڻ دوستي نه سهي

اکين ۾ هڪڙو خمار آهي نظر ۾ ڪنهن جو جمال آهي

اکين ۾ هڪڙو خمار آهي نظر ۾ ڪنهن جو جمال آهي
نه مون کي دل جو خيال آهي نه دل کي منهنجو خيال آهي

اسان کي ۽ خواهش مسرت اسان کي ۽ فڪر عيش و راحت
اسان جي ڇا آهي زندگي ۽ اسان جو ڪهڙو مال آهي

اهو ئي گل ۽ اها ئي شبنم اهو تبسم اهي ئي آنسو
اهو تنهنجو جواب آهي اهو ئي منهنجو سوال آهي

حيات ۾ ملي ڪا راحت ۽ قيد ۾ راس اچي مسرت
اهو نظر جو فريب آهي يا ڪنهن جو حسن خيال آهي

نه پڇ اي همدم تون مون کان هي غم پسندين جو فسانو هرگز
جهان کي جنهن مان ملي ٿي راحت اهو ئي منهنجو ملال آهي

بيان الفت ٻڌائيندي اڄ ته هن کي تنوير جي خموشي

پُر ٿي مليو هو پيالو ليڪن چپ تي آڻي ڪين سگهياسين

پُر ٿي مليو هو پيالو ليڪن چپ تي آڻي ڪين سگهياسين
هڪڙي حياتي حاصل ٿي هئي سا ڀي ماڻي ڪين سگهياسين

گل ته ٽڙيا پر دل نه ٽڙي هر طرف کان آيا رنج مڙي اڄ
اهڙو بهار آيو هو ساٿي جنهن کي ماڻي ڪين سگهياسين

ساز به هو آواز به هو محفل به هئي ۽ دل به هئي پر
سوچيون ٿا تنهن هوندي ڀي ڇو تند کي تاڻي ڪين سگهياسين

ٿرَ جي مارن وانگر رلندي رلندي پنهنجو روح ٿڪي پيو
هن دنيا جي وسعت ۾ ڪنهن ماڳ کي ماڻي ڪين سگهياسين

چنڊ جو ويس مٽائي آيو هو سپرين ڪلهه رات اسان وٽ
جنهن کي ڄاڻي ڪين سگهياسين جنهن کي سڃاڻي ڪين سگهياسين

تنهنجي اکڙين جي اونهائيءَ ۾ ڇلڪيا ٿي چاهه جا چشما
پريت جو مٺڙو مٺڙو پاڻي تن مان آڻي ڪين سگهياسين

هينئن لهرن سان لڙندي لڙندي گذري وئي جي پنهنجي حياتي
مانجهي ڇا ٿيندو جي ڪشتي پار اماڻي ڪين سگهياسين

مکڙي مرڪي ماڪ رني پر ڪجهه سوچي ۽ چپ ٿي وياسين
راز هو اهڙو جيڪو ڄاڻڻ بعد به ڄاڻي ڪين سگهياسين

ياد آئي ان طرح سان اسان کي خزان جي ڳالهه

ياد آئي ان طرح سان اسان کي خزان جي ڳالهه
وسري وئي بهار و گل و گلستان جي ڳالهه

مرڪي ڏنو ٿي گل ته وري ماڪ ٿي رني
گلشن ۾ ڪنهن به ڪين ٿي سمجهي اسان جي ڳالهه

دنيا ۾ ۽ سڪون ملي ڪنهن غريب کي
تون ڀي زمين تي ٿو ڪرين آسمان جي ڳالهه

ٿيو ذڪر تنهنجي مرڪ جو ۽ گل ٽڙي پيا
اي جانِ ڪٿي اچي پهتي ڪٿان جي ڳالهه

جيڪو افق کان دور ۽ هن پار ٿو وسي
تنوير ٿو ڪري انهي ئي نئين جهان جي ڳالهه

منهنجي دل ٿي جلي بهارن ۾

منهنجي دل ٿي جلي بهارن ۾
آهيان گلشن ۾ يا شرارن ۾

بي سهاري ٿيس سهارن ۾
يعني لٽجي ويس بهارن ۾

شبِ فرقت جي ظلمتن کي پناهه
ملي تنهنجي سياهه وارن ۾

زندگيءَ کي ڏٺم ٿي ناچ ڪندي
تنهنجي مبهم انهن اشارن ۾

منهنجي تقدير جو ڪري روشن
نور اهڙو ڪٿي ستارن ۾

راهبر گم ۽ منزلون ناپيد
زندگانيءَ جي رهگذارن ۾

شور هو زندگيءَ جو موجن ۾
موت جي خامشي ڪنارن ۾

سچ ٻڌائج او گل بجز تنوير
ڪنهن کي ويران ڏٺئه بهارن ۾

وري لبريز پئمانا ٿين ٿا

وري لبريز پئمانا ٿين ٿا
وري آباد ميخانا ٿين ٿا

ضرورت ناهي چشمِ تر جي هاڻي
بيان تارن کان افسانا ٿين ٿا

پراون کي اتي پنهنجو ڪجي ڪيئن
جتي پنهنجا ئي بيگانا ٿين ٿا.

جڏهن ٿو خون دل ٿئي تن ۾ شامل
تڏهن رنگين افسانا ٿين ٿا

ڪرن ٿيون بجليون جن تي فلڪ ڇو
اهي منهنجا ئي ڪاشانا ٿين ٿا

غزل تنوير ديواني جو ٻڌندين
خرد وارا به ديوانا ٿين ٿا.

دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل

دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل
ديدهِء پُر نم مهرِ خموشي چئي ڏيندا احوال مفصل

دور افق ۾ حدِ نظر وٽ ڌنڌلو ڌنڌلو ٿي ڏسجي ڪجهه
همت هار نه هاڻي ساٿي دور نه آهي پنهنجي منزل

روزِ قيامت مون کي ڏسي ۽ حيران ٿيو خود داورِ محشر
منهنجا گناهه ناقابلِ بخشش منهنجي حالت رحم جي قابل

منهنجا ساٿي منهنجا همدم راهه سان منهنجو ڪهڙو تعلق
پيشِ نظر جي آهي منهنجي هڪڙو مقصد هڪڙي منزل

ساري جهان کي پنهنجو دشمن آهي بنائڻ ڏاڍو آسان
پنهنجو بنائڻ ڪنهن کي ياد خود ڪنهن جو بڻجڻ آهي مشڪل


اي چارهه گرهن کي ڇڏي ڏي سمجهين ڇا تنوير جو غم تون
پنهنجي پنهنجي دل آ سڀ کي پنهنجي پنهنجي سڀ کي مشڪل

ڇڏي منزلون جيڪي ڳوليندا رهبر

ڇڏي منزلون جيڪي ڳوليندا رهبر
اهي گم سدا رهگذارن ۾ هوندا

اڃا خون آهي اسان جي رڳن ۾
اڃا ڪجهه ٽڙيل گل بهارن ۾ هوندا

نه هوندا ته دريا ۾ ڀي ڪين هوندا
جي هوندا ته طوفان ڪنارن ۾ هوندا

انهن چند غنچن جو الله واهي
جي مرجهائجي ويا بهارن ۾ هوندا

گلن کي مبارڪ بهارون جو هاڻي
اسان جا نشيمن شرارن ۾ هوندا

اهو وقت ڀي نيٺ تنوير ايندو
جو افلاڪ پنهنجي اشارن ۾ هوندا

سدائين سهندا رهياسين ستمگرن جا ستم

سدائين سهندا رهياسين ستمگرن جا ستم
سٺو نه ٿيندو اوهان جو ستم اي اهل ڪرم

قريب آهي سحر دل نه هار اي همدم
سياهه رات جو ماتم ڪري ٿي هيءَ شبنم

اسان جي عزم جي توهين راهبر جي تلاش
۽ ٿيڙ کائي رسڻ منزلن تي پنهنجو ڪم

اگرچ آهي تنفس ئي زندگيءَ جو دليل
تلاش زيست ۾ آواره آهي هر هڪ دم

ٻڌون ٿا اهڙو زمانو قريب تر آهي
جو سمجهيو ويندو اسان جو ئي عم جهان جو غم

گلن جي مرڪ جان تنوير مان به اڄ ٿو چوان
ٻڌائي ڪوئي اچي مون کي ڇا هي ٿيندو غم

سهڻ وارا هر دم تي چپ ڪين رهندا

سهڻ وارا هر دم تي چپ ڪين رهندا
ڪڏهن دل جا دريا ته اٿلي به پوندا

جن آهن دکايون دلين منجهه دونهيون
انهن جي هٿان ٻئي جهان نيٺ سڙندا

وري هي اکيون آسمان ڏانهن کڄنديون
وري مينهن وسندا وري پاند پسندا

ڦٽن جي ڇٽڻ سان احساس ويندو
وري سور ملندا وري چاڪ چڪندا

اندر جي اندر ۾ ئي رهندي سدائين
نڪو سور سلبا نڪو سور لهندا

بهارو اوهان جا ستايل اوهان ڏي
نه ڏسندا نه ڏسندا ڪڏهن ڪين ڏسندا

اچو او ساٿيو نئين راهه ڳوليون

اچو او ساٿيو نئين راهه ڳوليون
جو پيش رهبر ان منزل نه آهي

اسان جو ڪم ته موجن سان لڙڻ آ
اسان جي ذهن ۾ ساحل نه آهي

سڪون دل جو جتان آندو هيو سين
رهي باقي اها محفل نه آهي

اڳوڻو ڪشمڪش جو لطف ڪونهي
اهو طوفان اهو ساحل نه آهي

غمِ دوران به ٿو بي لطف ٿي پئي
جي ان ۾ تنهنجو غم شامل نه آهي

تمناءِ سڪون ۽ زندگيءَ مان
حياتي موج آ ساحل نه آهي

آءُ ڪا پنهنجي ٻار او پيارا

آءُ ڪا پنهنجي ٻار او پيارا
ڪنهن کي ڪنهن جي سار او پيارا

ڇڏهي هنگاما دنيا جا
هل ته هلون هن پار او پيارا

تو جئين مون ڏي مرڪي نهاريو
تو توتي آيو پيار او پيار

ڇا لئه وڇوڙي جڳ تو مون کي
ويهي ڪجهه ويچار او پيارا

مان ڪيئن تو سان نينهن نباهيان
مون تي حياتي بار او پيارا

مرڪي مرڪي ڇو نه گذاريون
ڏينهن حياتي ڏينهن چار او پيارا

مکڙي جڏهين تو جيان مرڪيو
ٿي ويو ان سان پيار او پيارا

مون کي اڃا ڪجهه ڪرڻو آهي
وقت جي وِکَ بيهار او پيارا

آئين ٿي تون يا نور جي بارش هئي پرين

آئين ٿي تون يا نور جي بارش هئي پرين
تاريڪين ۾ غم جي چراغان ڏٺو هو مون

منهنجي دماغ ۾ اڃا خوشبو وسي پئي
توڙي ڪي ڏينهن ٿيا جو گلستان ڏٺو هو مون

منهنجي جهان ۾ هڪڙي قيامت اچي وئي
جنهن ڏينهن هاءِ توکي پريشان ڏٺو هو مون

مکڙين جي مرڪ ماڪ جي روئڻ تي پيس منجهي
ماتم هو يا ڪ جشن بهار ان ڏٺو هو مون

تنهنجي نگاهه رنگ گلستان مٽي ڇڏيو
تنهنجي اکين ۾ روح بهاران ڏٺو هو مون

تن جي لئه اڄ و بال آهي حيات

تن جي لئه اڄ و بال آهي حيات
جن ڪيو موت کي به ماري مات

جيڪا وارن جي ڇانو ۾ گذري
حاصل زندگي اها هڪ رات

جن مان لالاڻ پئي ليئا پاتا
تن اکين ئي ڏياري مي کان نجات

ڪن کي حاصل ٿي نينهن جي نعمت
۽ ملي ڪن کي سونهن جي سوغات

جيڪي سوريءَ کي سيج ٿا سمجهن
موت تن لاءِ آهي آبِ حيات

هونئن ته ڪيئي ستارا ٿا چمڪن
هڪ وهائو ئي آڻي ٿو پرڀات

تنهنجي موٽڻ جي مند آئي آ
ڏس اکين مان وسي پيئي برسات

هير اهڙيءَ طرح اسر جو لڳي
ڄڻ کنيا ٿي پساهه پويان رات

نيهن جي نير ۾ ٻڏي نه وڃان

نيهن جي نير ۾ ٻڏي نه وڃان
اڄ اٿل کاڌي آ وري جذبات

هڪڙي ئي هنڌ تي سدا تنوير
قطب تاري جان رهندو عزم حيات

جيئڻ ٿا گهرن جيڪي هن دور ۾ سي

جيئڻ ٿا گهرن جيڪي هن دور ۾ سي
وڃي نيٺ عزت جو ئي موت مرندا

اوهان جي ڪري جن کان دنيا رسي وئي
او سهڻا اوهان کان ڪڏهن ڪين رسندا

اوهان جو ته ڪم ڏک ڏيڻ آهي سائين
نه سوچو سهڻ وارا سهندا نه سهندا

اوهان ٿا ڪُهو جن کي ابتيءَ ڇريءَ سان
اهي ڪجهه تي لڇندا اهي ڪجهه ته ڪڇندا

اوهان درا ٺاهي وٺو پوءِ ڏسجو
هزارين ئي منصور پيدا ٿي پوندا

ملهه تنهنجو مهانگو جي تو هوت کي پرچايو

ملهه تنهنجو مهانگو جي تو هوت کي پرچايو
سو لڙڪ رڳو پاڻي جنهن نياپو نه پهچايو

ڪئي گل به ٽڙيا هوندا سرهاڻ به ٿي هوندي
پر تنهنجي وڃڻ کان پو مون وٽ نه بهار آيو

اڄ هوت مليو آهي سالن جون سڪون لهنديون
هي وقت نه پوءِ ايندو هن وقت کي ترسايو

بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين توکي
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو

ڄڻ منهنجو جهان هڪڙيءَ سرهاڻ سان ڀرجي ويو
ڇا نينهن لڳو تو سان ڄڻ دورِ بهار آيو

تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو

تنوير امنگن کي گيتن ۾ الاپيندي
جي ڪوئي رٺو مون کان مون تنهنجي ٿي پرچايو

خاموشي جنهن جو اشارو ٿي ويو

خاموشي جنهن جو اشارو ٿي ويو
آدمي اهڙو ستارو ٿي ويو

ٿيو ته مشڪل ساڻ ليڪن او پرين
تو سوا منهنجو گذارو ٿي ويو

مون جيئڻ جي لئه بهانا ٿي گهڙيا
اوچتو تنهنجو اشارو ٿي ويو

ماڪ جو رئندي ۽ گل جو مرڪندي
نيٺ سڀني جو گذارو ٿي ويو

سو ٿيو نزديڪ مون کي ساهه کان
دور کان جنهن جو اشارو ٿيو ويو

تون ته ڪين آئين پنهنجي وعدي تي

تون ته ڪين آئين پنهنجي وعدي تي
آهيان حيران بهار ڇو نه آيو

رات جي هنج ۾ به ليٽڻ سان
روح کي سو قرار ڇو نه آيو

مون ته دنيا جا سک ڇڏايا ته لئه
توکي ليڪن قرار ڇو نه آيو

مون نه سمجهيو ته تنهنجي مرڪڻ بعد
مون کي مکڙين تي پيار ڇو نه آيو

پيالي مان ٿو پيان يا نيڻن منجهان پيان ٿو

پيالي مان ٿو پيان يا نيڻن منجهان پيان ٿو
يا سرڪ لئه سڪان ٿو يا مرڪ لئه مران ٿو

تنهنجي ستم تان صدقي ڪرم تان قربان
هڪڙيءَ گهڙيءَ مران ٿو ۽ ٻي گهڙيءَ جيان ٿو

ڪي ڏينهن ٿيا جو مون کي تو پيار مان سڏيو هو
پڙلاءُ تنهنجي سڏ جو اڄ تائين مان ٻڌان ٿو

او ساز زندگيءَ جا هڪڙو ٿڪل ٿڪل سُر
محفل اٿڻ تي آهي پنهنجي هينئر ٻڌان ٿو

دنيا ڀڄي ٿي سچ کان ۽ ڪوڙ اچي نه مون کي
تنوير تنهن ڪري ئي خاموش مان رهان ٿو

بادلن جان مان ڀٽڪندو ئي رهيس

بادلن جان مان ڀٽڪندو ئي رهيس
ٿڪ کان ڪڏهين به چور ڪين ٿيس

لڙڪ ٿي پلڪ تي ئي ٿي جهلڪيس
ڪنهن جي دل جو سرور ڪين ٿيس

ٿي سگهيس جي نه ڪنهن جي دل جو سرور
ڪنهن جي ڀي دل جو سور ڪين ٿيس

جي سراپا نياز ٿي نه سگهيس
مان سراپا غرور ڪين ٿيس

دونهين جا ٿيس دکي دکي پورو
باهه ظاهر ظهور ڪين ٿيس

تنهنجي دل ۾ رهيس ٿي غم جي خلش
تو کان ڪڏهين به دور ڪين ٿيس

روشنيءَ جي تلاش ۾ ئي رهيس
ڪنهن جي اکين جو نور ڪين ٿيس

مان ته دنيا جي لئه هيس تنوير
هڪ جي اکين جو نور ڪين ٿيس

روح ريجهي ويو اٿم جن ساڻ

روح ريجهي ويو اٿم جن ساڻ
او خدا منهنجي گهر انهن کي آڻ

مون ئي توکي هي رنگ بخشيو آ
اک پٽي ڏس او گل تون مون کي سڃاڻ

بس ڪڇڻ کان رڳو لڇڻ ئي لڇڻ
مون کي ڀي لهر جان او ساٿي ڄاڻ

شال هڪ پل جي لئه ليئو پائي
عمر کان منتظر مان جنهن جي ڪاڻ

بزم دنيا ۾ ڪنهن جي سڏ کان سواءِ
مان هلي آيو آهيان پنهنجو پاڻ

لڙڪ ائين ڇوهه مان پيا ڇلڪي
ڄڻ ته ساوڻ ۾ اٿلي پيو مهراڻ

عمر گهوريان انهن گهڙين تان مان
جن ۾ ٿي منهنجي تو سان روح رهاڻ

منهنجي لهرن سان لنوَ لڳل آهي
تون ئي او نا خدا ڪنارا ماڻ

گلرخن جو ٿيو ذڪر جي تنوير
ساري محفل ۾ ٿي وئي سرهاڻ

ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن به نه ڄاتو

ڪنهن به نه سمجهيو ڪنهن به نه ڄاتو
اکين ئي اکين کي سڃاتو

ڄڻ ته هئي ڪا پريت ازل کان
اڄ مون ڪنهن کي ائين سڃانو

توکي ڪهڙي ڄاڻ ڏکن جي
نينهن تو ڪنهن سان آهه نه لاتو

پيار جو نغمو ڦٿڪي مري ويو
تو به نه ڳاتو مون به نه ڳاتو

اکڙين روئي سارنگ ساريو
آهُن ساڙي ديپڪ ڳاتو

جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا
تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو

پيار جو بارڪ ڪيئن کڻي سگهبو

پيار جو بارڪ ڪيئن کڻي سگهبو
پيار جي ڳالهه ئي لڳي ٿي ڳري

ساهه ۾ ائين سمائجي وئين تون
جيئن وڃي کير منجهه کنڊ ڳري

تو بنا عمر ٿي وئي پوري
تنهنجي غم کان سوا گهڙي نه سري

تنهنجا ڳل هي مکڻ سندا چاڻا
وقت جي گرمين ۾ ويندا ڳري

رات پيالي ۾ جنهن ٿي ناچ ڪيو
آئين اکين ۾ اڄ سا لال پري

اڄ ٿي نڪتا شفق منجهان شعلا
صبح جي باهه ۾ ٿي رات ٻري

روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي
هيءَ نظر چنڊ لاءِ آهي چري

دل تي ڇانئي اماس جي اوندهه
ياد چوڏهينءَ جو چنڊ آيو وري

منهنجي دل جي زمين کي چيري
آئي اڀري سَلي جان ياد وري

دائما پُر هو تنهنجو جامِ جمال
دل ٿي سرڪي ته مون ٿي سرڪ ڀري

منهنجي لڙڪن جي اونهي پاڻيءَ ۾
تنهنجي صورت ڪنول جان آئي تري

آ تصور به ڄڻ ته ٽانڊاڻو
لاٽ نڪتي ۽ باهه ڪيئن ٻري

يا ته هڪ باهه لڳائي ڇڏجي

يا ته هڪ باهه لڳائي ڇڏجي
يا ته هي چڻگ وسائي ڇڏجي

ماڪ مان دونهون دکائي ڇڏجي
چڻگ جو ويس مٽائي ڇڏجي

سمنڊ تي مينهن وسائڻ وارا
ٿر ۾ ڪا بوند وسائي ڇڏجي

جيڪو دردن کان ڀڄي ڳولي اجهو
تنهن کي سيني ۾ سمائي ڇڏجي

زندگي گهارجي مرڪي مرڪي
زهر ۾ کنڊ ملائي ڇڏجي

ڪنهن اڳيان ڪنڌ جهڪڻ ڪين ڏجي
بهتر آ سِرُ وڍائي ڇڏجي

جيڪڏهن روح وڃي ٿي ماندو
گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي

هيءَ عمر سوا تنهنجي گذري ته وڃي ٿي پر

هيءَ عمر سوا تنهنجي گذري ته وڃي ٿي پر
تون هيئنءَ ته مٺي هئي ۽ ناهين ته ڪڙي آهي

هڪ پل جي سڪون خاطر صدين کان دل انسان
هر هر پئي رني آهي پل پل ڀي رڙي آهي

ڪنهن وقت ۾ ان مان ئي هر دل ۾ ڀڀڙ ٻرندا
جنهن چڻنگ سان دل منهنجي سالن کان سڙي آهي

هر سونهن ڀري شئي ڏي ڇڪجي ته وڃي ٿي پر
ڇڪتاڻ ۾ رهندي دل ڪنهن ڏي نه لڙي آهي

سچ ساڻ سدا جيئندا، ڪڏهين به نه سي مرندا
جن پنهنجي حياتي ئي سچ ساڻ جڙي آهي

تنوير اسان کي ٿو ميٺاج ملي سچ ۾
جنهن ڳالهه ۾ ڪوڙ آهي سا ڳالهه ڪڙي آهي

سڀ ڪو سچ جو ساڻي آهي

سڀ ڪو سچ جو ساڻي آهي
ڪير آ جيڪو نه چڙهندو ڦاهي

نئون جڳ سو ئي سگهندو ٺاهي
هي جڳ جڳ به ڇڏيندو ڊاهي

ڪنهن وٽ چڻنگ ته ڪنهن وٽ دونهين
سڀ ڪنهن دل ۾ گرمي آهي

دل ۾ ٿي هيءَ اڻ تڻ پيدا
ماڳ کان اڳتي الائي ڇاهي

جڳ سان ڇنوسين ناتو ڇا ٿيو
تو سان ڇڏبو ناتو نباهي

مارن وانگر پنهنجي نظر ڀي
اڄ هِت آهي سڀان هُت آهي

سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آ
ڪير ٿو ڪنهن سان سور ورهائي

اڏيءَ تي اوهان کي پڪاري ڇڏيو سين

اڏيءَ تي اوهان کي پڪاري ڇڏيو سين
مري خود توهان کي جياري ڇڏيوسين

پياسين منجهي ڪاڪ ۾ ايترو اڄ
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيوسين

گهڙي کن ٿڌي ڇانو ۾ ٿڪ ڀڳوسين
اُسن ۽ لُڪن کي وساري ڇڏيو سين

اسان کي ڇڏي ڏيو ته موجن سان الجهون
اوهان کي ته آڻي ڪناري ڇڏيو سين

اسان جن سهاري ٿي گهاري حياتي
انهن ئي اميدن کي ماري ڇڏيوسين

حياتي هڪ اهڙو پيالو هئي جو
نڪو پي سگهياسين نه هاري ڇڏيوسين

جيئن چنڊ چمڪائي ٿر جي ڀٽن کي
او تنوير جڳ تيئن اجاري ڇڏيو سين