ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب ليکڪ نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسي جو يورپ بابت لکيل سفرنامو آھي. هي سفرنامو سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اٿينس، روم شهر، نيپلس، ڪٽپري، لنڊن، نيشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم، مادا تساد ميوزيم جي معائني، لسيٽر ۾ يادگار رات، ڪنگس لين، شيڪسپيئر جي شهر، ڊاڪٽر شئڪل ۽ ڊاڪٽر آلچن سان ملاقات، ائمسٽرڊام (هالينڊ)، پئرس وغيره بابت دلچسپ سفري يادگيريون شامل آهن.
”ڏوري ڏوري ڏيهه“ جي باري ۾ ڪتاب جو پھريون پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:”تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1984ع ۾ سھڻي پبلشرز حيدرآباد ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ