تنوير عباسي

Author Name

سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.
هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ( 11 سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام بہ مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:
1. رڳون ٿيون رباب ( شاعري 1958ع )، 2. شعر ( 1970ع )، 3. جي ماريا نہ موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع )، 4. ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع )، (5) شاه لطيف جي شاعري ( تحقيق:  جلد  I- 1976ع )، (6) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، 1985ع )، (7) شاهه لطيف جي شاعري (3 جلد گڏ، 1989ع )، (8) سج تريءَ هيٺان (شاعري: 1977ع )، (9) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع )، (10) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: 1983ع )، (11) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: 1982ع )، (12) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: 1984ع )، (13) هيءَ ڌرتي (شاعري: 1985ع )، ( 14 ) Sachal Sarmast،  (15)  منهن تنين مشعل ( خاڪا: 1990ع )، ( 16) تنوير چئي ( شعري ڪليات:1989ع )، (17) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: 1988ع )، (18) ساجن سونهن سرت  شاعري: 1996ع )، ( 19 ) سپني کان سهڻي ساڀيا ( تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع )، ( 20 ) سچل جو رسالو ( ترتيب:اڻ ڇپيل )، ( 21 ) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: 2000ع ).
سنڌي شاعر، ادب ، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن.
ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، 25  نومبر 1999ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت ( 1 ) تنوير عباسي- هڪ مطالعو ( ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو )، ( 2 ) پوان شل قبول ( مرتب: اياز گل )، ( 3 ) مان تنوير آهيان ( مرتب: مشتاق ڪلهوڙو ) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ” روشن آ سانجهي “ اياز گل ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي تنوير عباسي جا ڪُل 8 ڪِتاب موجود آھن


تنوير عباسي جا ڪتاب

جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
جي ماريا نَه موتَ (ويٽنامي ناول)
ليکڪ : تنوير عباسي
منهن تنين مشعل، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
منهن تنين مشعل
ليکڪ : تنوير عباسي
شاهه لطيف جي شاعري، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
شاهه لطيف جي شاعري
ليکڪ : تنوير عباسي
ساجن سونھن سرت، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ساجن سونھن سرت
ليکڪ : تنوير عباسي
رڳون ٿيون رباب، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
رڳون ٿيون رباب
ليکڪ : تنوير عباسي
ڏوري ڏوري ڏيهه (يورپ جو سفرنامو)، ليکڪ : تنوير عباسي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڏوري ڏوري ڏيهه (يورپ جو سفرنامو)
ليکڪ : تنوير عباسي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ