نانڪ يوسف اصل ۾ سچل سرمست جو روحاني فرزند ۽ خاص طالب هو، جنھن پنھنجي علمي شعور ۽ مشاھدي وسيلي پنھنجي شعر ۾ خودشناسي، خدا شناسائي، خودفراموشي ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام ڏنو آھي. ڪتاب ۾ نانڪ يوسف جي ولادت، ننڍپڻ، سچل سرمست سان ملاقات، ميرن سان تعلق، نانڪ جو لقب ملڻ، امرتسر جي سفر، نانڪ يوسف جي شخصيت، سچل سرمست جي اثر، شادين، اولاد، شجري، ان وقت جي سياسي ۽ ادبي ماحول، صحبتي سنگت، طالبن ۽ سندس وفات تائين جا مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ سندس شاعري جيئن سنڌي بيت ۽ ڪافيون، سرائيڪي ڏوھيڙا ۽ ڪافيون، ريختو ۽ ھندي ڪلام، بلوچي ڪافي ۽ ٻاڻيون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ ضميما ۽ واڌارو ڪلام شامل ڪيو ويو آھي.
تصوف
نانڪ يوسف جو ڪلام
- 5.0/5.0
- 32
- 8
- 2 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعر نانڪ يوسف جي شاعريءَ جو مجموعو ”نانڪ يوسف جو ڪلام“ اوھان اڳيان آڻجي ٿو، جنھن جو مرتب تنوير عباسي آھي جڏھن تہ ضميما ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي محنتن جو ثمر آھن.
نانڪ يوسف اصل ۾ سچل سرمست جو روحاني فرزند ۽ خاص طالب هو، جنھن پنھنجي علمي شعور ۽ مشاھدي وسيلي پنھنجي شعر ۾ خودشناسي، خدا شناسائي، خودفراموشي ۽ انسان دوستيءَ جو پيغام ڏنو آھي. ڪتاب ۾ نانڪ يوسف جي ولادت، ننڍپڻ، سچل سرمست سان ملاقات، ميرن سان تعلق، نانڪ جو لقب ملڻ، امرتسر جي سفر، نانڪ يوسف جي شخصيت، سچل سرمست جي اثر، شادين، اولاد، شجري، ان وقت جي سياسي ۽ ادبي ماحول، صحبتي سنگت، طالبن ۽ سندس وفات تائين جا مضمون شامل آھن. ٻئي حصي ۾ سندس شاعري جيئن سنڌي بيت ۽ ڪافيون، سرائيڪي ڏوھيڙا ۽ ڪافيون، ريختو ۽ ھندي ڪلام، بلوچي ڪافي ۽ ٻاڻيون شامل آھن. ٽئين حصي ۾ ضميما ۽ واڌارو ڪلام شامل ڪيو ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1983ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2014ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف نانڪ يوسف
- مُرتب تنوير عباسي
- مُرتب ڊاڪٽر مخمور بُخاري
- ڇپيو ويو 2014
- ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 30/Jun/2022
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي نہ
- لاٿو ويو 8 ڀيرا