سفرناما
ڏوري ڏوري ڏيهه (يورپ جو سفرنامو)
ھي ڪتاب ليکڪ نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسي جو يورپ بابت لکيل سفرنامو آھي. هي سفرنامو سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اٿينس، روم شهر، نيپلس، ڪٽپري، لنڊن، نيشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم، مادا تساد ميوزيم جي معائني، لسيٽر ۾ يادگار رات، ڪنگس لين، شيڪسپيئر جي شهر، ڊاڪٽر شئڪل ۽ ڊاڪٽر آلچن سان ملاقات، ائمسٽرڊام (هالينڊ)، پئرس وغيره بابت دلچسپ سفري يادگيريون شامل آهن.
- 0/5.0
- 491
- 247
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب ليکڪ نامياري شاعر ۽ محقق تنوير عباسي جو يورپ بابت لکيل سفرنامو آھي. هي سفرنامو سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اٿينس، روم شهر، نيپلس، ڪٽپري، لنڊن، نيشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم، مادا تساد ميوزيم جي معائني، لسيٽر ۾ يادگار رات، ڪنگس لين، شيڪسپيئر جي شهر، ڊاڪٽر شئڪل ۽ ڊاڪٽر آلچن سان ملاقات، ائمسٽرڊام (هالينڊ)، پئرس وغيره بابت دلچسپ سفري يادگيريون شامل آهن.”ڏوري ڏوري ڏيهه“ جي باري ۾ ڪتاب جو پھريون پبلشر طارق اشرف لکي ٿو:”تنوير جي هن سفرنامي پڙهڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته سفرنامو ڇا آهي ۽ ڪيئن لکجي. مان نٿو سمجهان ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ کان سٺو سفرنامو اڄ تائين ڪنهن لکيو آهي.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1984ع ۾ سھڻي پبلشرز حيدرآباد ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 2000ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندر نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ تنوير عباسي
- ڇپيو ويو 2001
- ڇپائيندڙ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 21/Nov/2020
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 247 ڀيرا