تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 828
  • 293
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر

حق ۽ واسطا ”قلمڪار پبليڪيشن“ وٽ

Book No. 23

ڪتاب جو نالو : تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر
موضوع : تاريخ
ليکڪ : فقير محمد سنڌي
پھريون ڇاپو : فيبروري 2020ع
ڇپرائيندڙ : قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪمپوزنگ : ڪاتب پريس، اسٽيشن روڊ لاڙڪاڻو
مُلہه: 300 روپيه

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

Tareekh jo Manzar ain Pasmanzar (Tareekh)
By: Faqeer Muhammad Sindhi
1st Edition: Feb. 2020
Published by:
Kalamkar Publication Larkana

رابطي لاءِ

فقير محمد سنڌي، نگران قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو، سنڌ
Mob # 0346-3390445

انتساب

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو
زرار پيرزادو
قاضي عابد
قاضي اعجاز
نعيم سنڌو
صاحب خان ڀٽي
۽
آزاد مجتبيٰ گهانگهري
جي نانءٌ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ براڊڪاسٽر فقير محمد سنڌيءَ دنيا جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڇپرايو آهي.
فقير محمد سنڌي هن ڪتاب ۾ مھيني جي هر تاريخ جي ترتيب سان دنيا خاص ڪري سنڌ جي شخصيتن جي جنم ۽ ورسين جي سال ۽ خاص واقعن کي مختصر نموني 365 ڏينھن ۾ سھيڙيو آهي. تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ورقن کي سھيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي سخت ضرورت ھئي. فقير محمد سنڌيءَ ان کان اڳ سنڌ جي تاريخ کي ترتيب وار سھيڙي ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ“ ڇپرايو ھيو ۽ ھن ڪتاب ۾ دنيا جي شخصيتن ۽ واقعن سان اڳ اڳئين ڪتاب کي سنواري ۽ وڌائي ڇپرايو آھي.
هي ڪتاب قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون فقير محمد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

”فقير محمد سنڌي ٻَهَڳُڻو ٻولھارو“

فقير محمد سنڌي ٽن نالن وارو هڪڙو انسان! فقير وانگر نهٺو ۽ سادو، محمد نالي وانگر مٺڙو ۽ محبتي، سنڌي ته به سٻاجھڙو ۽ سيبتو. اِهو ته ٿيس رڳو نالو پر جي مڻيا قطارجيس ته هٿن جون آڱريون پوريون ڪونه پونديون پر تڏهن به شاعر اديب، ڪھاڻيڪار ۽ صداڪار تمام ڀلوڙ ليکجي ٿو. فقير محمد سنڌيءَ کي ٻَهَڳڻو ٻولھارو چوڻ جو مقصد اِهو آهي ته پاڻ ڳالھين جو ڳهير پڻ آهي سندس پھرين ڪچهري پھرين نه پر سالن جي سڃاڻپ ۽ گهرائپ واري ڪچهري چئبي. اهڙي ڪابه وِٿ نه ڏيندو جو لڳي ته ڪا اوپرائپ ۽ اڃاڻپ واري ڪيفيت به ڪا نالي سان هوندي سوندي.
فقير محمد سنڌي ذاتي زندگيءَ ۾ ايم اي پاس هوندي گورنمينٽ ادارن تي ڪرپٽ بيروڪريسي ۽ نايل ۾ نھال جمھوريت جي دعويدارن جي منافقاڻي ۽ مفاد پرستيءَ واري سياست جي ور چڙهيل هڪ مافيه جي ڇانونَ ۽ آشيرواد آڌاريل قبض نااهلن، ناعاقب ايڊيش، وڏيرا شاهي، چمچيه گيري، رڳو پنهنجا نواز، خوشامندي خودڙن جي ڪري ڪيئي ڀيرا “CSS” المعروف مقابلي واري امتحانن ۾ هر ڀيري پنهنجي قابليت ۽ محنت جي زور تي رٽن ٽيسٽون پاس ڪرڻ باوجود ڪڏهن ”واءِ واز“ جي ڪرپٽ ڪاتيءَ هيٺيان ڪٺو ويو آهي ته ڪڏهن سفارشي نانگ جي چِٺي / فون جي ڦوڪ جي وَرِ چڙهندي رهي آهي ۽ هن وقت پنهنجي مدد پاڻ تحت منڊيءَ جا ڪيئي وکرَ وڪڻي پنھنجو توڙي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي رهيو آهي. آرڊر وٺڻ ۽ سپلاءِ ڪرڻ جھڙي رولھڙي واري ونھنوارو وڙڻ کان پوءِ رت ساڙڻ ۽ ست ولوڙڻ، واري ادبي ڪرت ڪورڻ ڪنھن ڪانڀ کٽڻ کان گھٽ ناهي پر فقير محمد سنڌي دنياداريءَ سان گڏ، ادبي دنيا کي به وڏي ڪاميابيءَ سان نڀائي رهيو آهي کڻي ائين چئجي ته سھي ٿيندو ته دنياداري کان به ٻه هٿ اڃان اڳتي وڌي ادبي کيتر ۾ وِکائتو وهندو رهي ٿو! سندس ادبي وِک پھرين وِک کان وڌيڪ ڳوري ۽ مضبوط کان مضبوط تر آهي ۽ نه رڳو مضبوط پر وَکري ۽ نت نرمل پڻ آهي.
مان سندس ڪتاب جيڪي منھنجي پڙهت واري نظر مان گذريا آهن جيئن سونھن سمبارا، قلمڪار ڪوي ۽ سنڌ جي تاريخ جيڪي پاڻ ڏاڍي پرت ۽ پاٻوهه مان پڙهڻ لاءِ ارپيا هئائين، سي جڏهن پڙهي ڏٺا ته سندس ظاهري شخصيت، قرب، پيار، اُڪير، مٺڙي گفتگو ۽ پھرين ملاقات ۾ اوپرن کي پنهنجو ڪرڻ واري رويي کي ڏسي مٿس موهت ٿيڻ سان گڏ ادبي پورهئي جو پڻ قدردان بڻجي پيو آهيان ۽ هر ٿيندڙ ميل ملاقات توڙي ادبي وکرن ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان سندس مهانتا ۽ عظمت جو گرويده ٿيندو رهان ٿو! جنھن ڪري مٿس تعارف ۽ تعريف جا ٻه اکر لکڻ پنهنجي لاءِ اعزاز کان گھٽ نه ٿو ڀانيان ته هڪ اهڙي محبتي ۽ محنتي ماڻهوءَ لاءِ پنھنجي قلم جي ڪور ڪاهي رهيو آهيان جيڪو لائق فائق کان به اڃان ڪجھه اڳڀرو آهي.
سندس ”سونھن سمبارا“ ڪتاب ۾ لکيل توڙي پڙهيل خيال ۽ خاڪن تي مشتمل ريڊيو اسڪريپٽر جو مجموعو آهي، جنھن پڙهڻ سان سندس مطالعي، فڪر ۽ مشاهدي سان گڏ اعليٰ ادبي ذوق ۽ شوق سان گڏ و گڏ نظم و ضبط توڙي ذميواراڻي وٿ جيڪا ريڊيي جي سڌي سنئين نشريات جي خصوصي بندشن، مقرره معيار، قومي اداري طور ساک پت ساڻ گڏ مدِ قابل مايه ناز انائونسرز ۽ ڪمپيئرز ۽ اسڪرپٽ رائيٽرن جي ڀيٽ واري ڊوڙ ۾ حواس باخته ۽ اوسان خطه ڪندڙ ڪيفيت ۾ اظھارڻ جي پروڙ پوي ٿي.
ٻيو ڪتاب ”قلمڪار ڪوي“ نظاڻو ڪتاب آهي. جنھن ۾ پاڻ سميت تنهن وقت جي نئين ٽھيءَ جي انھن شاعرن جون ڪوتائون مرتب ٿيل آهن جن جو پھريان ڪوبه ڪتاب شايع ٿيل ڪونه هو، تن جي همٿ افزائيءَ لاءِ فقير محمد سنڌيءَ جي بھترين ڪوشش هئي، جنھن جي بدولت ئي اهي نوان شاعر اڄ جا ڀلوڙ ۽ برجستا شاعر ليکجن ٿا. تڏهن ته سندس اهڙي همٿ افزائي ۽ جاکوڙي قدمن مان گوهر شناسائي ۽ دوستن جي همٿ افزائي ۽ ساڻن سچائي جا ڳڻ نظر اچن ٿا.
”سنڌ جي تاريخ“ (سھيڙيل تاريخ وار) ڪتاب به پنهنجو مٽ پاڻ انمول تحفو آهي، جنھن ۾ ذري گھٽ سنڌ جي هر ان شخصيت لاءِ ڪشادو استاد موجود آهي، جيڪو پنھنجي وِتُ ۽ وَکر آهر جيجل سنڌ جي سيند سنوارڻ ۽ کير ملھائڻ لاءِ تِرَ توڙي مثقال جي ذري جيترو به ڪَھيو ڪُرڪيو ۽ ڪرتيو ڪيتيون آهي ته سندس پٽاڻ ڪئي اٿائين، فقير محمد سنڌي پنهنجي سنڌي زاد طبعيت جي ڪري ڪنهن رنگ نسل، ذات پات ڀيد ڀاءُ، اوچ نيچ، ننڍ وڏائي، هير ڦير ۽ اِٽڪي ٻٽڪيءَ جو قائل نه هجڻ ڪري تاريخ وار سنڌ جي سپوتن جي ڏڻ توڙي تاريخي ڪارنامن کي سوئي سموئي پيش ڪندو رهي ٿو، جنھن لاءِ تقريباً هر روز صبح شام ۽ رات ڏينھن ڪمپوزر جي حاضري ڀريندو رهي ٿو ۽ شايد تاحيات ڀريندو رهندو ڇو جو پاڻ ڪرتئي اهڙي ڪِڙي ويٺو آهي ۽ اهڙي ٺڪائيندڙ ڪرت ڪندي ڪڏهن بيزارگي به نه ٿو بَکائي الٽجندو سڄي ڏينهن جي هڏن توڙ جاکوڙ کان پوءِ ڪتابي ڪرت لاءِ هشاش بشاش ۽ تُرت تيار نظربو.
سنڌي ادبي کيتر ۾ فقير محمد سنڌيءَ جھڙا جاکوڙي، جفاڪش ۽ جهان ديده ليکڪ اٽي ۾ لوڻ برابر ئي ملندا ۽ اهڙي لوڻياٽي طبعيت جي ڪري ئي فقير محمد سنڌي سوادي ۽ مزيدار ماڻهو آهي.

اعجاز سولنگي لاڙڪاڻو

فقير محمد سنڌي: متحرڪ ۽ مخلص پورهيت ليکڪ

تاريخ بنيادي طور تي انساني، فطرتي، سماجي توڙي اجتماعي سرگرمين جو دستاويز آهي. تاريخ انھن سرگرمين جو رڪارڊ رکڻ جو نالو آهي ته ٻئي طرف تاريخ اهو آئينو آهي جنھن سان نه صرف ماضيءَ کي ڏسي سگهجي ٿو پر مستقبل جي منصوبابندي به ڪري سگهجي ٿي. تاريخ سان اهو الميو به آهي ته حقيقي ۽ سچي تاريخ اڄ به اکين کان اوجهل آهي. تاريخ کي حملي آورن ۽ طاقتور قوتن سدائين پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ استعمال پئي ڪيو آهي. جنھن ڪري تاريخ مٿين طبقي جي ٻانهي پئي رهي آهي. عوامي ۽ حقيقي تاريخ لکڻ جو ڪم جن تاريخدانن ڪم ڪيو آهي انهن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر به نه رهيو آهي. سنڌ جي تاريخ عوامي، قومي ۽ حقيقي بنيادن تي جن تاريخدانن لکي آهي انهن ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، ايس ٻي ڇٻلاڻي،پروفيسر عبدالله مگسي، ڊاڪٽر شاهنواز ڏهر،ڪيول ملڪاڻي، ايم ايڇ پنھور، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جي ايم سيد، يوسف شاهين، بدر ابڙو، پير حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، اياز ڀاڳت، حافظ عبداستار ڪوريجو وغيره شامل آهن. جڏهن ته روزاني جي بنياد تي اخبارون پڻ عوامي پر رف تاريخ سھيڙي رهيون آهن. فقير محمد سنڌي پڻ عوامي تاريخ کي سھيڙڻ جو ڪم پنھنجي هٿن ۾ کڻي هڪ تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. هن جيڪا سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل تاريخ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪئي آهي اهو انتھائي ڪٺن ۽ مشڪل ڪم آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ لکڻ يا مرتب ڪرڻ انتھائي ذميواري وارو ڪم آهي. تاريخ جي سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي وڃي يا رهجي ٿي وڃي ته ان سان ڪيترائي نقصان ٿي سگهن ٿا پر فقير محمد سنڌي ، تاريخ جي هڪ هڪ ڳالھ کي مرتب ڪرڻ لاءِ سالن جا سال ويھي پورهيو ڪيو آهي.جنھن پوري ذميواري سان تاريخ لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هونئن به فقير محمد سنڌي هڪ پورهيت رهيو آهي. جنھن پنهنجي پيٽ گذري لاءِ پڻ سخت کان سخت ترين پورهيا ڪيا آهن. هن جي نس نس ۾ پورهيي جو پگهر ڊوڙي رهيو آهي. ان ڪري فقير محمد سنڌي جھڙا فرد سدائين سماج جا فخرلائق رهيا آهن. جن پنھنجي ضمير کي سدائين زنده رکڻ لاءِ هر قرباني ڏني آهي. سندس هي تاريخ جو ڪتاب ”تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر“ سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ آهي. جنھن سان سنڌ جي ماضي، حال کي پسي سگهجي ٿو ته ايندڙ دور جي حالتن جو ادراڪ به ڪري سگهجي ٿو. مان فقير محمد سنڌي جي هن پورهيي کي سلام پيش ڪريان ٿو.

عيسيٰ ميمڻ
لاڙڪاڻو

ٻه اکر : سنڌ جي تاريخ کي سُونھري ورقن ۾ محفوظ ڪندڙ فقير محمد سنڌي...!

تاريخ جي سُونھري جهروڪن کي عوام الناس سان روشناس ڪرائيندڙ فرد غيرمعمولي صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن. ساڳي ريت سنڌ جي تاريخي واقعن توڙي سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي تاريخ ساز ڪارنامن بابت نئين نسل کي شھڪار ڪتاب ارپيندڙ فقير محمد سنڌي پڻ جديد سنڌي ادب جي تاريخي شعور کي سھيڙندڙ هڪ نامور نانءُ آهي، جنھن پنھنجي جذبي، جرئت ۽ ذاتي دلچسپي وارن گڻن سبب سنڌ جي ادبي تاريخ سھيڙڻ ۾ منفرد سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي سان تعلق رکندڙ موئن جي مٽيءَ جو بيباڪ ڪردار فقير محمد سنڌي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي منظر ۽ پس منظر کي تاريخي ڪئنواس تي رنگ ڀري رهيو آهي.
فقير محمد سنڌي ايامن کان وٺي سنڌي ادب جي وشال دامن کي نج تاريخي معلومات توڙي سائنسي سوچ جو خزانو ارپيندو رهيو آهي. فقير محمد سنڌي جي شخصيت جو محور مٺڙي سنڌ آهي تنھنڪري ڪٺن حالتن ۾ به پنھنجي حصي جو ڪارج مڪمل ڪندو رهيو آهي. سندس هيءُ نڪور تاريخي ڳٽڪو ”تاريخ جو منظر ۽ پس منظر” نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ هڪ اهڙو دستاويزي ڳٽڪو آهي جنھن جي ورق ورق ۾ قديم ۽ جديد سنڌ جو سنگم وڄ وراڪا ڪندي نظر پيو اچي.
فقير محمد سنڌي گهڻ رخي شخصيت طور صحافت، ادب، شاعري ۽ تاريخي مواد جي سھيڙ رکندڙ هڪ نرالو ادبي نانءُ آهي، جنھن کي پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان سُٻنڌ، عوامي اڪيرتا ۽ ماروئڙن جي محبت مڪمل ادبي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيو آهي. سندس ويروتار وجود ۾ هڪ پاسي مرڪون، کل ڀوڳ، ٽھڪ ۽ سندس وڏماڻهپي جو هڪ اهم مثال آهن ته ٻي طرف سندس گوناگون مصروفيتن باوجود صحافت جي اهم شعبي کي ڀرپور وقت ڏيڻ، ريڊيو جي دنيا ۾ پنھنجا جوهر مڃائيندي بھترين پروگرام ترتيب ڏيڻ، ادبي توڙي سماجي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنهنجي قلمي پورهيي سان مسلسل نڀاءُ ڪرڻ سندس عظمتن جا اهڃاڻ آهن.
يقينن موجوده دور جون بحراني ڪيفيتون هڪ قلمڪار دوست لاءِ سازگار نه آهن پر پوءِ به فقير محمد سنڌي جھڙا اڻ ميا ۽ املهه انسان وقت جي بدترين وهڪرن جو رخ موڙي وطن، سماج ۽ عوام الناس جي بھتري لاءِ هر دوزخ کي پار ڪرڻ جي لازوال سگهه ساريندي قوم کي آرٽ جو لافاني جوهر پڻ ارپيندا آهن. موجودهه دور جي بدترين سياسي ۽ سماجي حالتن کي برداشت ڪندي تاريخ جي اٽل موضوع تي قلم کڻندي سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي کي قلمبند ڪندي فقير محمد سنڌي ڪڏهن به مُڙي پوئتي ناهي نهاريو. تنھن ڪري، سندس لڳاتار جذبي ۽ همتن کي هرگز به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. جديد سنڌي ادب جي تاريخي تقاضائن ۽ تاريخ ساز لمحن کي آسان ٻولي ۽ آسان ترتيب سان سھيڙيندي فقير محمد سنڌي جو پورهيو کيرون لھڻي.

جــيــھــــــا ســــي تـيـھـــا مـــــون مــــــارو مـڃــئــــا،
مـــون جـــيــــڏيـــون مـلـيـــر ۾ چـونـڊن مـوڪ ميھا،
منھنجي آس اھا ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

ـ ڀلارو ڀٽ ڌڻي
ثناءُ الله عتيق چنجڻي
لاڙڪاڻو.

پنھنجي پاران: تاريخ منھنجي اکين جو دروازو آهي...!

رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري،
لئن لئن منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات،
سندي جوڳين ذات، ڀيري ڀاڳ مڙي. (شاھ لطيف)

تاريخ قومن کي صدين تائين زنده رکندي آهي، جن قومن تاريخ ۽ لوڪ ادب جو حوالو محفوظ ڪري ورتو آهي، انهن قومن جو جيئاپو صدين تائين رهڻو آهي. سنڌ به اها خوش نصيب سرزمين آهي جنھن وٽ تاريخ، لوڪ ادب، ٻولي ۽ ثقافت محفوظ ورقن ۽ نشانن موجود آهن. لوڪ ادب، علم ادب جو سمنڊ آهي، جنھن مان سموري ادب جي صنفن کي روشني ملي ٿي. لوڪ ادب ثقافت جي اهڃاڻن ۾ شامل آهي، تاريخ، لوڪ ادب ۽ ثقافت قومن کي آڪسيجن جو ڪم ڏين ٿا. مون به ڪوشش ڪئي آهي ته اينٿراپالاجي کي وسعت ڏجي انھيءَ حوالي سان هيءُ منھنجو ٻيون ڪتاب آهي. پھريون ڪتاب "سنڌ جي تاريخ"(سھيڙيل تاريخ وار) رڳو سنڌ جي تاريخ تائين هو. هي ٻيو ڪتاب، (تاريخ جو منظر ۽ پس منظر) سنڌ سميت عالمي سطح تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته : روزاني عوامي آواز ڪراچي جي روز جي سلسلي( تاريخ ڇا ڏنو ڇا ورتو )۾ سڄو سال يعني تاريخ جا 365 ڏينھن شامل ٿيا. تاريخ تي ڪم ڪرڻ منھنجي نظر ۾ انتھائي ڏکيو ڪم آهي، جڏهن مون تاريخ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو، ڪٿي ته اهڙي به تاريخ ملي جنھن ۾ هڪ شخص ٽي جنم وٺي ٿو ۽ ٻه ڀيرا مري ٿو، اهڙي موڙ تي جڏهن تحقيق ڪندڙ پھچي ٿو ته ان لاءِ اڃان وڌيڪ کوجنا ڪرڻي پوي ٿي.
روزاني عوامي آواز ڪراچي جي دوستن جا لک ٿورا جن هر ويل منھنجي همت ۾ واڌارو ڪيو، جنھن ۾ زرار پيرزاو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، قاضي عابد، صاحب خان ڀٽي، نعيم سنڌو، قاضي اعجاز جون صلاحيتون به گڏ رهيو ۽ لاڙڪاڻي جي عوامي آواز جي سرڪيوليشن مينجر آزاد مجتبيٰ گهانگهرو جا به ٿورا جنھن سڄو سال روزاني عوامي آواز جي ڪاپي اعزازي طور ڏني.
ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽ پس منظر" ۾ رفيق آزاد شيخ ڪمپوزنگ سان گڏ رهنمائي پڻ ڪئي، ڪتاب جي آخري مرحلي دوران استاد رفيق آزاد شيخ ڌڻيءَ کي پيارو ٿي ويو، استاد رفيق شيخ جي اوچتي وڇوڙي تي دلي صدمو پڻ رسيو.
ڪتاب "تاريخ جو منظر ۽ پس منظر" ۾ جن دوستن رهنمائي ڪئي خاص طورتي ٽائيٽل ڊزائين لاءِ ۽ ڪتاب جي سيٽنگ لاءِ مرتضيٰ ”مير“ ميمڻ دل ۽ جان سان محنت ڪئي، ڪتاب مڪمل ڪرڻ تائين ساٿ ڏنو. سنڌ جي ناليواري ڪھاڻيڪار ۽ مترجم جھانگير عباسي بيڪ ٽائٽل لاءِ پنھنجو قيمتي رايو ڏنو سائينءَ جو احساس مند رهندس.
سنڌي ڪهاڻي جي منفرد نانءُ اعجاز سولنگيءَ جا به وڏا وڙ جنھن ڪتاب ۽ منھنجي زندگيءَ متعلق تفصيلي طور تي لکيو.

سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ پبلشر عيسيٰ ميمڻ جا به احسان جنھن زندگيءَ جا ڪجهه لمحا اسان لاءِ صرف ڪيا.
نظم جي منفرد ڪوي ثناءُ الله عتيق چنجڻي جا مسڪراهٽ ڀريا جملا دل جي دامن ۾ هر ويل پيا رقص ڪندا. آخر ۾ ڊاڪٽر اياز قادري جو هيءُ چوسٽو جيڪو منھنجي جذبن جي هر ويل عڪاسي ڪندو آهي.
ڏيئا دل جي داغن جا ڪي ٻاري ڇڏياسين،
حـياتـي جـا رستا سنواري ڇڏياسين.
سڀ لئه رکيو سين سـدا صـاف سيـنـو،
ڪُدورت ۽ ڪِينو ٻھاري ڇـڏياسيـن.


فقير محمد سنڌي

جنوري

عيسوي سال جو پھريون مھينو جنوري آهي. هن مھيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا ”جينس“ (JANUS) جي نالي تان رکيو ويو آهي هي جنگ جو ديوتا هو، جيڪو هڪ ئي وقت، اڳيان ۽ پويان ڏسي سگهندو هو، رومين جو خيال هو ته هن ديوتا وانگر هو به پنھنجي ماضي ۽ حال جو جائزو وٺي سگهن ٿا. جنھن سبب هنن هن مھيني جو نالو جنوري رکيو.
پھرين جنوري 1752ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ضامن ۽ شاعرن جو سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشه لاءِ ڀٽ شاه تي آرامي ٿيو.
پھرين جنوري 1888ع تي اعليٰ درجي جو علماءُ، مفتي ۽ شاعر، محمد قاسم ڳڙهي ياسيني ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.

پھرين جنوري 1901ع تي انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد جبار خان لاشاري ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1904ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر چوڌري فضل الاهي جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جنوري 1915ع تي ليکڪ ۽ تاريخدان تاج بانو براهوئي ڳوٺ دين پور شريف تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ علامه حاجي براهوئي دينپوري جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1919ع تي اعليٰ پائي جو اديب، شاعر، محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر عطا محمد حامي ولد قائم الدين خان سوهو ڳوٺ سوهو قناصره تعلقي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1921ع تي ادب دوست شخصيت عبدالغفور ولد عبدالجليل ڀرڳڙي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1923ع تي حڪومت برطانيه علامه اقبال کي سر جو خطاب ڏنو.
پھرين جنوري 1925ع تي سنڌ جي قابل احترام شخصيت اسلامي سياست جو قائد مولانا جان محمد عباسي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1925ع تي شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشھور ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
پھرين جنوري 1928ع تي شاعر سيد سردار علي شاهه ”ذاڪر“ ولد جعفر شاهه بخاري ڳوٺ ٻيرڙي تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1930ع تي بلند پايه اديب، عالم، محقق، مقرر ۽ ماهر لسانيات ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ولد غلام حسين ڳوٺ ماڙي لڳ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1932ع تي شاعر، نقاد ۽ مترجم منير سولنگي ڳوٺ ڀلي ڏنو سولنگي لڳ گاگڙي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1933ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد ولد جمعه خان گوپانگ ڳوٺ ڪرم خان گوپانگ تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1933ع تي سنڌ جو ڪھنه مشق شاعر شعبان بخت اصل نالو الله بخش ولد رسول بخش منگي جي ولادت ڪشمور ۾ ٿي.
پھرين جنوري 1935ع تي جدت پسند ادب جو ليکاري ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار لعل پشپ (لعل ڀڳوان داس ريجواڻي) لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1935ع تي مشھور اديب، محقق ۽ تاريخدان محمد سومار شيخ ولد الله بچايو شيخ ڳوٺ شيخ قرهيو ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو.
پھرين جنوري 1936ع تي نالي وارو شاعر گل حسن گل ٻرڙو، ولد محمد صالح ٻرڙو ڳوٺ بگودڙو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1937ع تي ماهر تعليم، شاعر حبيب الله صديقي ڳوٺ پاٽ ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1937ع تي عبدالحق ابڙو ولد محمد خان ابڙو حيدرآباد ۾ ڄائو ادبي خدمتون اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم جو تمام وڏو اداڪار، صداڪار، سنڌي علم ادب، ثقافت ۽ موسيقي جو ڄاڻو هو.
پھرين جنوري 1937ع تي مزاحيه اداڪار رنگيلو اصل نالو محمد سعيد خان، ننگر هارا افغانستان ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر غلام نبي غازي ولد رحيم ڏنو ميمڻ شھر ميرپور ٻرڙو تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1943ع تي شاعر سالڪ سولنگي اصل نالو محمد بخش ولد رسول بخش سولنگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1945ع تي صوفي شاعر فقير غلام صديق ابڙو ڳوٺ اگھم تعلقي رتوديرو ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1946ع تي اسٽيج فنڪار استاد قلندر بخش ڪلو ولد دوست محمد سيال لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1949ع تي (فنڪار) استاد انور علي سانگي ولد اسد الله سانگي ڳوٺ سانگي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1949ع تي آغا شورش ڪاشميري لاهور کان هفتيوار ”چٽان“ جاري ڪيو.
پھرين جنوري 1950ع تي مقبول شاعر عبدالخالق عبد ڳوٺ شورڻ ضلعي ڪڇي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1950ع تي نامياري سياستدان عبدالسلام ولد حاجي گل محمد ٿهيم ڳوٺ طيب ٿهيم شهدادپور ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1952ع تي سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب رکندڙ سماٽ قبيلي ۾ عبدالستار ڏيرو ولد غلام حيدر ڏيرو والد جي نالي تي قائم ڳوٺ غلام حيدر ڏيرو تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1952ع تي صوفي بخش علي سھتو ڳوٺ لونگ خان سھتو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
پھرين جنوري 1954ع تي ٻوليءَ جو ماهر ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو ولد مراد علي ٻگهيو باڊهه تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1956ع تي سوڊان، برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي.
پھرين جنوري 1957ع تي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ڦلجي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، ڪالم نگار، لسنر ۽ ليکڪ اٿس.
پھرين جنوري 1957ع تي شاعر ۽ اديب حميد پارس جو اصل نالو حميد الحق قاضي ڳوٺ گاهي خان جلباڻي لڳ خانواهڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1960ع تي شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڪامل امداد جتوئي، قادر بخش جتوئي جي گهر ڳوٺ ستار ڏنو سانگي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1960ع تي ڪيمرون کي آزادي ملي.
پھرين جنوري 1963ع تي موهن لعل پريمي ولد ڪنيا لعل جو جنم ڏوڪري شھر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پي ايڇ ڊي موضوع؛ سچل سرمست ڪي اردو شاعر (2004)
پھرين جنوري 1964ع تي شاعر ۽ محقق احمد سلطان کوسو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1964ع تي قومي شاعر زاهد شيخ اصل نالو حاڪم علي ولد گل محمد شيخ جي گهر ڳوٺ شاهه لڌاڻي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1964ع تي ادبي کيتر ۾ شاعر طور ضمير سھتو داخل ٿيو. هن هنڱورجه شھر جي ڏکڻ طرف ڳوٺ رڪراڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1965ع تي انور ابڙو ڳوٺ لالي جا ڀاڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻو ۾ پيدا ٿيو. ادبي خدمتون- صحافت ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
پھرين جنوري 1965ع تي ناليوارو اداڪار اسماعيل چانڊيو تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1967ع تي شاعره ناياب سرڪش سنڌي، سرڪش سنڌي جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1968ع تي شاعر علي حسن ولد عبدالقادر منگي ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1969ع تي نئين ٽھيءَ جو ليکڪ ۽ اديب، دين محمد ڪلهوڙو ولد محمد پناهه تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ ڄائو.
پھرين جنوري 1969ع تي نامياري ڪھاڻيڪار رسول ميمڻ جو پورو نالو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ سکر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1971ع تي نالي وارو راڳي الطاف سمون ولد ارباب علي سمون شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1971ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي ايسوسيئيشن بليوڪراس قائم ٿي.
پھرين جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار مختيار چني گڏيجي شھر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1974ع تي قومپرست اڳواڻ، ذوالفقار ڪولاچي لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر باڊهه ڀرسان سيهڙ اسٽيشن ڳوٺ ۾ الهڏني ڪولاچيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1974ع تي شاعر ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار محبت علي بلوچ اصل نالو محبت علي لنڊ دادو شھر جي ڇاڻي (شاهه آباد) محلي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جنوري 1974ع تي شاعر گوهر شيخ اصل نالو علي گوهر شيخ محمد ايوب شيخ جي گهر گمبٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1975ع تي بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.
پھرين جنوري 1976ع تي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري ولد حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ڳوٺ ميد شھيد تعلقي وارهه ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1978ع تي ناليواري شاعر پياسي نظر چانڊيي جو جنم خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ ٿيو.
پھرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر وفا حاڪم وساڻ ولد مستي خان وساڻ ڳوٺ نواب وساڻ ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1978ع تي نوجوان شاعر ملهار سنڌي اصل نالو محمد ڇٽل ولد دودا خان بوزدار رتوديرو ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1978ع تي نوجوان ليکڪ خالد آزاد پورو نالو خالد حسين ولد حاجي جڙيو وگهيو، ڳوٺ مسو ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ جلال وگهيي، تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1980ع تي مٺل تونيو هنڱورجه شھر جي ڀرسان ڳوٺ علي مردان تونيو ۾ جنم ورتو سڃاڻپ شاعر اٿس.
پھرين جنوري 1980ع تي نالي وارو شاعر علي محمد بيگ مرزا هن جھان کي الوداع ڪيو.
پھرين جنوري 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر وفا وزير علي مگسي ولد محمد صلاح مگسي جي گهر ڀينس ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1983ع تي نوجوان شاعر خالد ساحل (خالد حسين) ڳوٺ مقيم ڏاهري ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1984ع تي شاعر تنها سخاوت شيخ اصل نالو سخاوت علي شيخ ولد محمد علي شيخ ڳوٺ محمد رمضان شيخ ۾ جنم ورتو.
پھرين جنوري 1991ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي مصور حسين کھاوڙ عرف بادشاهه جان، ڳوٺ خان محمد کھاوڙ ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1907ع تي مشھور شاعر حاجي خان محمد عرف خانڻ ولد مير محمد چنجڻي 76 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
2 جنوري 1912ع تي ناميارو عالم پير غلام رسول سرهندي ضلعي حيدرآباد جي شھر مٽياري ۾ ڄائو.
2 جنوري 1925ع تي سماجي ورڪر ۽ سياستدان اشرف عباسي بيگم ڌيءَ حڪيم سعيد خان ڳوٺ وليد لڳ لاڙڪاڻي ۾ ڄائي.
2 جنوري 1937ع تي مشھور شاعر آثم ناٿن شاهي اصل نالو غلام رسول خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1937ع تي شاعر سروپ چندر ”شاد“ مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1948ع تي مشھور سنڌي اديب، مورخ ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي ضلعي دادو جي بختيار پور ڳوٺ ۾ ڄائو.
2 جنوري 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي جاويد ڀٽي بئراج ڪالوني سکر ۾ پيدا ٿيو.
2 جنوري 1970ع تي نوجوان شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عادل عباسي اصل نالو عبدالحق ولد محمد آچر مجاهد عباسي ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1974ع تي ڪراچي ۾ عباسي شھيد اسپتال جو افتتاح ٿيو.
2 جنوري 1977ع تي سنڌي لوڪ ادب جو مشھور سگهڙ ٻيڙو فقير حيدر آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
2 جنوري 1978ع تي فنِ تجويد ۽ قرائت جي ممتاز عالم، الشيخ مصطفى اسماعيل جو وڇوڙو ٿيو.
2 جنوري 1985ع تي شاعر اصغر ساگر اصل نالو علي اصغر ولد رب ڏنو گهمرو ڳوٺ حاجي يار محمد گهمرو باگڙجي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
2 جنوري 1989ع تي مشھور براڊڪاسٽر سرور بلوچ راهه رباني ورتي.
2 جنوري 1990ع تي محقق، ڏاهو، اديب پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
2 جنوري 1995ع تي نوجوان صحافي مدثر کھاوڙ جو جنم ڏينھن آهي.
2 جنوري 2003ع تي نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ، شاعر هئس.
3 جنوري 1905ع تي پورٽ آرٿر تي جاپان قبضو ڪيو.
3 جنوري 1922ع تي نالي واري قلمڪار، شاعر، نقاد، صحافي ۽ ڪھاڻيڪار ڪيرت ٻاٻاڻي موريو لاکو، تعلقو سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
3 جنوري 1940ع تي خوبصورت شاعر ”جوش ٻرڙو“ اصل نالو نذير احمد ولد عبدالواسع ٻرڙو قنبر تعلقي جي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ پيدا ٿيو.
3 جنوري 1948ع تي پاڪستان ۾ پھريون سڪو جاري ڪيو ويو.
3 جنوري 1949ع تي شاگرد سياست جو اڳواڻ ۽ صحافي اقبال ترين جو جنم ٿيو.
3 جنوري 1952ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ ڪھاڻيڪار واجد اصل نالو شعبان علي منگي، لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
3 جنوري 1966ع تي صدر ايوب مسئله ڪشمير تي ڳالھه ٻولهه لاءِ تاشقند روانو ٿيو.
3 جنوري 1966ع تي ليکڪ امتياز مغل جو جنم ڏينھن آهي.
3 جنوري 1971ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، شيخ مجيب الرحمٰن کي جيل مان آزاد ڪيو.
3 جنوري 1971ع تي مشھور شاعر سيحاب اڪبر آبادي جو وڇوڙو ٿيو.
3 جنوري 1988ع تي صحافي ۽ ليکڪ عبدالواحد سنڌي جو وڇورو ٿيو.
3 جنوري 2005ع تي اديب، اي جي اُتم جو وڇوڙو ٿيو.
4 جنوري 1529ع تي مغل حڪمران شاهجھان جو جنم ڏينھن آهي.
4 جنوري 1895ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪندڙ حاجي محمود خادم والد جو نالو محمد بچل ذات جو قريشي تونيه عرب جي ولادت تعلقي ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ بٺي ۾ ٿي.
4 جنوري 1913ع تي خيرپور رياست جو والي مير فيض احمد (ثاني) ولد مير علي نواز خان ناز ٽالپر ڪوٽ ڏيجي ۾ جنم ورتو.
4 جنوري 1919ع تي مشھور ليکڪه بيگم زينت چنا جو جنم سيوهڻ شھر ۾ ٿيو.
4 جنوري 1931ع تي مولانا محمد علي جوهر جو وڇوڙو ٿيو.
4 جنوري 1941ع تي فرانسيسي مفڪر هنري برگسان جو وڇورو ٿيو.
4 جنوري 1947ع تي مشھور صحافي انور سيال ڳوٺ حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) محمد بخش سيال جي گهر جنم ورتو.
4 جنوري 1948ع تي برما، برطانيه کان آزاد حاصل ڪئي.
4 جنوري 1950ع تي پاڪستان، قومي جمھوريه بڻيو.
4 جنوري 1954ع تي اسڪوائش رانديگر هاشم خان پھريون دفعو آمريڪي رانديگر هنري سليمان کان شڪست کاڌي.
4 جنوري 1965ع تي مشھور صحافي، ڪالم نگار ۽ پبلشر قاضي آصف ولد رجب علي جوڻيجو ڳوٺ کاهي مينھين، تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.
4 جنوري 1969ع تي پاڪستان جي مشھور ڊرامه نگار حڪيم احمد شجاع جو وڇورو ٿيو.
4 جنوري 1973ع تي نامياري ليکڪ ۽ شاعر دليپ ڪوٺاري، مٺيءَ ۾ پھلاج مل ڪوٺاري لوهاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.
4 جنوري 1974ع تي صحافي ۽ ليکڪ شوڪت نوناري جو جنم ڏينھن آهي.
4 جنوري 1977ع تي نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ جنم ورتو.
4 جنوري 1999ع تي سنڌ جو تمام سٺو عالم حضرت مولانا عبدالڪريم قريشي المعروف مولانا ٻير وارو وفات ڪري ويو آخري آرام گاهه ٻير شريف قنبر ۾ اٿس.
4 جنوري 2011ع تي سياستدان ۽ گورنر پنجاب سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو.
5 جنوري 1918ع تي سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي ولد قيصر خان جتوئي ڳوٺ شادمان جتوئي لڳ جهوڪ شريف تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
5 جنوري 1927ع تي شاعر پبلشر ۽ صحافي مقبول احمد ڀٽي ولد محمد موسيٰ راز ڀٽي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. تخلص دانش هئس.
5 جنوري 1928ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو پيدا ٿيو. اباڻو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو اٿس.
5 جنوري 1928ع تي پاڪستان جو رانديگر امتياز احمد جو جنم ڏينھن آهي.
5 جنوري 1934ع تي نامور ديني عالم، مولوي عبدالحميد ولد مولوي عبدالله چانڊيو، سيتا روڊ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو.
5 جنوري 1937ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ ميول نيوند رام آهوجا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
5 جنوري 1938ع تي سماج سڌارڪ عبدالله بلوچ ولد غلام محمد مغيري جي گهر باراني مغيري ۾ جنم ورتو.
5 جنوري 1939ع تي ريڊيو ۽ ٽي وي جي دنيا جو معروف شخص عبدالڪريم بلوچ ولد الله بچايو خان رند بلوچ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان ڳوٺ محمد يوسف بلوچ ۾ پيدا ٿيو.
5 جنوري 1952ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بھترين ڪمپيئر مير محمد لنجار ڳوٺ مانجهو تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
5 جنوري 1956ع تي خرطوم کي سوڊان جو صدر مقام بڻايو ويو.
5 جنوري 1971ع تي نوجوان ٽهي جو اهم شاعر احمد سولنگي ولد رسول بخش سولنگي موري شھر ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
5 جنوري 1971ع تي ليکڪ ۽ محقق اشرف علي سمون ڳوٺ پيلوڙي سما تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو.
5 جنوري 1978ع تي پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ڪوچ، ماسٽر عبدالعزيز جو وڇورو ٿيو.
5 جنوري 1979ع تي استاد، سياسي اڳواڻ ۽ ريڊيو لسنر، نجاوت خان مغيري، عبدالعزيز جي گهر قمبر ڪوٽ مغيري ۾ جنم ورتو.
5 جنوري 1981ع تي خالد زخمي چانڊيو ولد ڄام خان ”زخمي چانڊيو“ ڳوٺ جواب پور تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ريڊيو پروڊيوسر اٿس.
5 جنوري 1981ع تي مشھور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر شجاع ناموس جو وڇوڙو ٿيو.
5 جنوري 1982ع تي پاڪستان ٽيلي ويزن پھريون ڀيرو جمعي جي ڏينھن 10 بجي خصوصي نيوز شو پيش ڪرڻ جو آغاز ڪيو.
5 جنوري 1987ع تي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر جي ايس ڪيھر جو وڇورو ٿيو.
5 جنوري 1987ع تي اشرف تاباني، گورنر سنڌ جي عھدي جو حلف کنيو.
5 جنوري 1996ع تي شاعر شوڪت لغاري اصل نالو شوڪت علي ولد گلشير لغاري جي گهر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
6 جنوري 1295ع تي برطانيه ۾ پھريون دفعو باقاعده پارليامينٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
6 جنوري 1774ع تي صوفي شاعر خواجه محمد زمان لنواري وصال ڪيو.
6 جنوري 1775ع تي اردو جو مشھور شاعر خواجه مير درد جو وڇوڙو ٿيو.
6 جنوري 1883ع تي مشھور مصنف خليل جبران جو جنم ڏينھن آهي.
6 جنوري 1912ع تي نيو ميڪسيڪو کي آمريڪا جي 47 هين رياست قرار ڏنو ويو.
6 جنوري 1934ع تي نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي خانواهڻ ضلعو نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ساهتي جا قديم علمي مرڪز.
6 جنوري 1935ع تي هيرو شيوڪاڻي ضلعي ٺٽي جي شھر چوهڙ جمالي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار ۽ نقاد اٿس.
6 جنوري 1950ع تي نالي وارو شاعر راهي چنا اصل نالو محمد پريل ولد محمد ڇٽل چنا جوهي تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.
6 جنوري 1952ع تي ملڪه برطانيه، الزبيٿ ثاني تخت نشين ٿي.
6 جنوري 1959ع تي مشھور رانديگر ڪپل ديو جو جنم ڏينھن آهي.
6 جنوري 1963ع تي چين ۽ پاڪستان پھريون دفعو باضابطه تجارتي معاهدي تي صحيون ڪيون.
6 جنوري 1966ع تي بالي ووڊ جي مشھور اداڪار اي آر رحمّٰن جو جنم ڏينھن آهي.
6 جنوري 1966ع تي تلوڪ چند محروم جو دهليءَ ۾ وڇوڙو ٿيو.
6 جنوري 1977ع تي ڀارت جي عالم عبدالماجد دريا آبادي جو وڇوڙو ٿيو.
6 جنوري 1997ع تي مهان ڪمپيئر، موسيقيءَ جو پارکو ۽ اديب ممتاز مرزا سڀ محفلون ميڙاڪا ڇڏي هميشه لاءِ لاڏاڻو ڪيو.
6 جنوري 2013ع تي سياستدان ۽ مذهبي اڳواڻ، اڳوڻو جماعت اسلامي جو امير قاضي حسين احمد لاڏاڻو ڪيو.
6 جنوري 2016ع تي بالي ووڊ اداڪار اوم پوري لاڏاڻو ڪيو.
7 جنوري 1904ع تي شاعر عبدالله ”خواب“ حيدرآبادي ولد ميان علي بخش ڀٽي جنم ورتو.
7 جنوري 1916ع تي ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار ڇتل سرهيو، موري شھر ۾ پيدا ٿيو.
7 جنوري 1918ع تي لينن، روس جو وزيراعظم بڻيو.
7 جنوري 1924ع تي درويش الطاف پرواز جو جنم ڏينھن آهي.
7 جنوري 1929ع تي سنڌ جو زميندار، راڳ جو پارکو ۽ ادب دوست شخص سيٺ وشنداس چلاڻو ڪيو.
7 جنوري 1930ع تي سنڌ ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد اصل نالو ارجن جيٺا تنواڻي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
7 جنوري 1932ع تي مسلم ليگ جو نالو تجويز ڪرڻ وارو، سر محمد شفيع جو وڇورو ٿيو.
7 جنوري 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ پدم راجا شرما حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو.
7 جنوري 1953ع تي شاعره، ڪھاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تهمينه مفتي نوابشاهه شھر ۾ ڄائي. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ڪھاڻيءَ جو سماجي ڪارج.
7 جنوري 1959ع تي سنڌ جو مشھور سگهڙ محمد مٺل جهتيال ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
7 جنوري 1976ع تي چين جي وزيراعظم چو-اين لائي جو وصال ٿيو.
7 جنوري 1980ع تي مدرسه خيرالمعياد جي باني مولانا حامد علي جو وڇوڙو ٿيو.
7 جنوري 1983ع تي شاعر، نثر نويس ۽ براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
7 جنوري 1986ع تي سنڌ جو نقاد قربان علي بگٽي دل جي تڪليف ڪري لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جنوري 1988ع تي شاعر ۽ قومي ڪارڪن مولانا محمد عظيم شيدا لاڏاڻو ڪري ويو. مولانا عظيم شيدا 1870ع ۾ ڳوٺ گل ٻرڙو تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو.
7 جنوري 2007ع تي سنڌ جو نالي وارو، شاعر، صحافي ۽ مترجم، انور پيرزادي لاڏاڻو ڪيو.
8 جنوري 1642ع تي اطالوي ماهر فلڪيات ۽ رياضي دان گيليليو جو وڇوڙو ٿيو.
8 جنوري 1877ع تي آمريڪي صدر وڊرو ولسن، امن عامه لاءِ 14 نقطن جو اعلان ڪيو.
8 جنوري 1877ع تي علي ڳڙهه ڪاليج جو افتتاح ٿيو.
8 جنوري 1914ع تي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن جو جنم ڏينھن آهي.
8 جنوري 1934ع تي شاعر ۽ اديب محبوب سروري ڳوٺ جاڙو پنوهڙ لڳ هوسڙي تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
8 جنوري 1937ع تي اديب شاعر، مترجم ۽ عالم دين محمد پريل بيدار مڱريو ڳوٺ سنگرار تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
8 جنوري 1941ع تي اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول آفريڪا ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، آخري آرامگاهه ڪينيا ۾ اٿس.
8 جنوري 1950ع تي پاڪستان جي مشھور ٽيڪسٽائل مل ڪوهه نور جو افتتاح سردار عبدالرب نشتر ڪيو.
8 جنوري 1953ع تي سنڌي غزل جو خوبصورت شاعر نواب گل محمد خان زيب مگسي وفات ڪئي.
8 جنوري 1961ع تي پاڪستان جي پھرين سافٽ بال چيمپين شپ جو افتتاح ٿيو.
8 جنوري 1974ع تي پاڪستان جي مشھور گلوڪاره رونا ليلا بنگلاديش هلي وئي.
8 جنوري 1978ع تي ممتاز صحافي حافظ محمد اسلم جو وڇوڙو ٿيو.
8 جنوري 1978ع تي مشھور صحافي زبير صديقيءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
8 جنوري 1990ع تي شاعر ۽ نثر نويس مھر عبيد اصل نالو عبيدالله ولد منظور احمد مھر، جيئو مھر تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
9 جنوري 1324ع تي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ سفر ڪرڻ وارو شخص، مارڪو پولو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
9 جنوري 1824ع تي انگريزن، رنگون تي قبضو ڪيو.
9 جنوري 1911ع تي مشھور پنجابي شاعر استاد دامن لاهور ۾ جنم ورتو.
9 جنوري 1920ع تي همدرد فائونڊيشن جي باني حڪيم سعيد جو جنم ڏينھن آهي.
9 جنوري جنوري 1944ع تي اداڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج بلواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 جنوري 1956ع تي پاڪستان اڪيڊمي آف سائنس جو افتتاح ٿيو.
9 جنوري 1957ع تي پاڪستان جي هاءِ اسڪولن ۾ قومي ترانو پڙهڻ لازمي قرار ڏنو ويو.
9 جنوري 1958ع تي سرهندي پيرن جو نامور فرد غلام مجدد سرهندي وفات ڪئي.
9 جنوري 1960ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جنگ جوٽيندڙ حاجي محمود خادم لاڏاڻو ڪري ويو لاڙڪاڻي ۾ رکيل آهي.
9 جنوري 1996ع تي مشھور اداڪار سلطان راهيءَ کي قتل ڪيو ويو.
9 جنوري 1997ع تي شاعري، تاريخ ۽ جاگرافي جو ڄاڻو روشن علي تنيو وفات ڪئي.
09 جنوري 2007ع تي انور پيروزادو اڪيڊمي ڪراچي؛ سنڌ جي ناليواري صحافي، ليکڪ ۽ اديب انور پيرزادي جي نالي سان منسوب آهي. انور پيرزادو اڪيڊمي جو بنياد ناليواري صحافي ۽ ليکڪ زرار پيرزادي رکيو.
10 جنوري 1907ع تي محمد رمضان آزاد اصل نالو محمد رمضان ولد ابوبڪر ميمڻ خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، صحافي، ۽ مصنف اٿس.
10 جنوري 1910ع تي بي باڪ صحافي با اصول پرست سياستدان ۽ زميندار غلام قادر شاهه لڪياري ولد سيد غلام مصطفيٰ شاهه لڪياري ڳوٺ ٻنڊي عطل شاهه تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھروفيروز ۾ ڄائو.
10 جنوري 1920ع تي انجمن اقوام جو پھريون باقاعدي اجلاس ٿيو.
10 جنوري 1929ع تي صوفي فقير ۽ شاعر نبي بخش فقير لاڏاڻو ڪيو.
10 جنوري 1955ع تي پي آءِ اي جو قيام عمل ۾ آيو.
10 جنوري 1960ع تي پاڪستان ۾ پھريون دفعو هٿياربند فوج جو ڏينھن ملهايو ويو.
10 جنوري 1964ع تي اقوام متحده، جنرل اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس ٿيو.
10 جنوري 1966ع تي پاڪستان، تاشقند معاهدي تي صحيحون ڪيون.
10 جنوري 1966ع تي گلزاري نند لال، ڀارت جو وزير اعظم ٿيو.
10 جنوري 1968ع تي يوگوسلاويه جو صدر مارشل ٽيٽو پاڪستان جي دوري تي آيو.
10 جنوري 1972ع تي نوجوان شاعر عبدالجبار ”عاجز“ منگي، ڇتو منگي ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
10 جنوري 1976ع تي سنڌ جو درد رکندڙ ۽ سياسي اڳواڻ سسئي پليجو ولد غلام قادر پليجو جي گهر ٺٽي ۾ جنم ورتو.
10 جنوري 1979ع تي سنڌ جو مشھور گويو استاد اميد علي خان ولد استاد پيارو خان، هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
10 جنوري 1989ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سڄاڻ، سريلو شاعر نارائڻ شيام دهليءَ ۾ وفات ڪئي.
10 جنوري 2001ع تي يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو بيتاب بادشاهه جلال چانڊيو سول اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
10 جنوري 2012ع تي پير پاڳارا، سيد شاهه مردان شاهه ثاني (ڇٽ ڌڻي) لنڊن جي اسپتال ۾ وفات ڪئي.
11 جنوري 1879ع تي سر غلام حسين، هدايت الله شڪارپور ۾ ڄائو. سماجي خدمتون، ناميارو سياستدان، قانوندان ۽ بھترين منتظم هو.
11 جنوري 1905ع تي ترڪي جي پھرين صدر مصطفى ڪمال اتاترڪ، فوجي زندگي کان آغاز ڪيو.
11جنوري 1908ع تي مشھور شاعر ۽ سماجي خدمتگار هوندراج دکايل لاڙڪاڻي شھر ۾ ڄائو.
11 جنوري 1932ع تي مشھور بخاري سادات سيد خادم حسين شاهه ولد سيد نور حسين شاهه بخاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
11 جنوري 1937ع تي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو جنم ڏينھن آهي.
11 جنوري 1950ع تي چائنا- بندرگاهه جي قيام جو اعلان ڪيو ويو.
11 جنوري 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڀون سنڌي پورو نالو ڀونداس پٽ جئرامداس لوهاڻو سنڌراڻيءَ ۽ ميرباگي خان جي شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو.
11 جنوري 1956ع تي ڀائو در محمد ٻرڙو قنبر شھر جي مشھور پاڙي نورشاهه ۾ خير محمد ٻرڙي جي گهر جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ نثري نظم اٿس.
11 جنوري 1957ع تي پاڪستان ڪاٽن ڪنٽرول بورڊ جو وجود عمل ۾ آيو.
11 جنوري 1966ع تي مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
11 جنوري 1972ع تي چن زي چيني وزير خارجه جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جنوري 1980ع تي شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينھن آهي.
11 جنوري 1993ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي تيز جهونڪي هميشه لاءِ ننڍ سماري ڇڏيو.
11 جنوري 1993ع تي اردو جو مشھور شاعر ابن انشاء جو وڇوڙو ٿيو.
11 جنوري 1998ع تي سنڌ جو ڀلوڙ تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي لاڏاڻو ڪيو.
11 جنوري 2004ع تي سنڌ جو بيباڪ سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئي ولد رئيس ڪريم بخش جتوئي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
11 جنوري 2011ع تي اداڪار ايم يحى ڀٽو جو وڇوڙو ٿيو.
12 جنوري 1714ع تي ڪلھوڙا دور جي جنرل عطر خان جو لاڏاڻو ٿيو.
12 جنوري 1798ع تي ديني عالم حضرت ميان حامد الله عرف ميان حامد حضوري روشن علي تونيو جي گهر ۾ جنم ورتو.
12 جنوري 1945ع تي البانيه جمھوري ملڪ جي حيثيت حاصل ڪئي.
12 جنوري 1948ع تي ميجر عزيز ڀٽي شھيد پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول سان منسلڪ ٿيو.
12 جنوري 1952ع تي پاڪستان انڊسٽريل ڊپلوميٽ ڪارپوريشن جو قيام عمل ۾ آيو.
12 جنوري 1954ع تي سنڌ جي مشھور سياستدان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جسٽس ظفر حسين مرزا جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
12 جنوري 1955ع تي شاعر غلام نبي ناشاد جو جنم ڏينھن آهي.
12 جنوري 1955ع تي شاعر ۽ ڊرامه آرٽسٽ مير صوبدار سعيد، اصل نالو مير صوبدار حسين ٽالپر، مير حسين بخش عرف مير شمن ٽالپر جي گهر ڪوٽ مير محمد تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
12 جنوري 1959ع تي پنجابي ٻوليءَ جي مشھور شاعر استاد ڪرم الدين جو وڇوڙو ٿيو.
12 جنوري 1983ع تي روس جي اڳوڻي صدر نڪولائي پوڊ گورني جو وڇوڙو ٿيو.
12 جنوري 1994ع تي نالي واري شاعر انور هالائي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
12 جنوري 2005ع تي بالي ووڊ اداڪار امريش پوري جو لاڏاڻو ٿيو.
12 جنوري 2007ع تي نامياري چترڪار ظفر ڪاظمي جو وڇوڙو ٿيو. سندس آخري آرامگاهه سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ آهي.

13 جنوري 1440ع تي جڳ مشھور جنگي سورمو ”جون آف آرڪ کي جيئري ساڙيو ويو.
13 جنوري 1871ع تي قادر الڪلام شاعر محمد حافظ شاهه پراڻي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
13 جنوري 1900ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي مصنف ابوالاثر حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينھن آهي.
13 جنوري 1902ع تي ماهر ڊاڪٽر ۽ ادب دوست انسان ڊاڪٽر محمد سليمان قاضي موري شھر ۾ ڄائو.
13 جنوري 1929ع تي گورڌن محبوباڻي ڀارتي پٽ آسومل محبوباڻي ”لوهاڻو“ تخلص هئس. ڀارتي جو جنم ڳوٺ آراضي تعلقو سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ٿيو.
13 جنوري 1930ع تي سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو.
13 جنوري 1942ع تي نالي وارو اديب اظھر سولنگي اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي ڳوٺ ميوي خان تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
13 جنوري 1955ع تي پاڪستان ۾ والي بال فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو.
13 جنوري 1958ع تي انساني حقن جو ڪارڪن، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر بدر سومرو ڳوٺ ڳاڙهي موري تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
13 جنوري 1961ع تي پاڪستان ۾ ٻئين مردم شماري ٿي.
13 جنوري 1976ع تي نوجوان شاعر مور مغيري، اصل نالو غلام عمر ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم وتو.
13 جنوري 1980ع تي سعودي عرب سفير دياض الخطيب جو وڇوڙو ٿيو.
13 جنوري 1982ع تي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جو جنم ڏينھن آهي.
13 جنوري 1983ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران خان جو جنم ڏينھن آهي.
13 جنوري 2003ع تي اديب ۽ مصنف ابن حيات پنھور وفات ڪئي.
14 جنوري 1924ع تي صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينھن آهي.
14 جنوري 1929ع تي شاهه افغانستان امان الله کي جلاوطن ڪيو ويو.
14 جنوري 1940ع تي سنڌ جي ناليواري راڳي استاد محمد يوسف جو جنم ڏينھن آهي.
14 جنوري 1955ع تي ليکڪ ۽ صحافي نور محمد ڀٽو، ڳوٺ پير بخش ڀٽو (ميرپور ڀٽو) تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
14 جنوري 1956ع روس، سڀ کان پھرين پنھنجو جهنڊو خلا ۾ پھچايو.
14 جنوري 1966ع تي نائيجيريا ۾ ميجر جنرل آپرنسي اقتدار سنڀاليو.
14 جنوري 1978ع تي شاعر، ڊرامه نويس ۽ استاد پروفيسر الف ب ت ميروخاني لاڏاڻو ڪيو. اصل نالو الله بخش هئس.
14 جنوري 1984ع تي چوٿين اسلامي ڪانفرنس مراڪش جي شھر ڪاسابلانڪا ۾ ٿي.
14 جنوري 1987ع تي ڪھاڻيڪاره نيلوفر جويو جو وڇوڙو ٿيو.
14 جنوري 2011ع تي ناليواري چترڪار اي.آر ناگوري (عبدالرحيم ناگوري) جو لاڏاڻو ٿيو.
15 جنوري 1873ع تي سنڌ جو صوفي بزرگ شاعر فقير قادر بخش ”بيدل“ روهڙي ۾ وفات ڪئي.
15 جنوري 1892ع تي باسڪٽ بال جاقاعده پھريون ڀيرو شايع ڪيا ويا.
15 جنوري 1885ع تي غريب جمع خان ولد ميان ستار ڏنو پيرزادو ڳوٺ دين خان لاکير تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو، پاڻ مشھور شاعر، صحافي ۽ حڪيم ٿي گذريو آهي.
15 جنوري 1902ع تي سنڌ جي سياسي تاريخ جو مشھور ناءُ قاضي فضل الله نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
15 جنوري 1910ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار اي شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
15 جنوري 1913ع تي تراب بروهي لاڙڪاڻوي اصل نالو عبدالڪريم ولد مير شادي خان محمد زنئي مينگل ڳوٺ قلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- شاعر ۽ نثر نويس هئس.
15 جنوري 1918ع تي مصر جو صدر جمال عبدالناصر، اسڪندريه ۾ جنم ورتو.
15 جنوري 1930ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب لساني ماهر پروفيسر پريتم ورياڻي نصرپور حيدرآباد (هاڻوڪي ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو).
15 جنوري 1930ع تي مشھور ڪافي گو شاعر ۽ مهان راڳي حسين بخش ”خادم“ سروري ولد پير بخش ڀنگر ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
15 جنوري 1934ع تي سنڌ جو معروف قومي شاعر ابراهيم منشي اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد اسحاق سومرو ڳوٺ جنهاڻ سومري تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
15 جنوري 1955ع تي شاعره مھر النساء لاڙڪ جنم ورتو.
15 جنوري 1958ع تي سنڌ جي مشھور اداڪاره شبيران چنا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
15 جنوري 1962ع تي مشھور صحافي، شاعر ۽ اديب زوار نقوي ولد سيد ويڌل شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
15 جنوري 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعره پشپا ولڀ، نامياري ليکڪ ولي رام ولڀ جي گهر مٺيءَ ۾ جنم ورتو.
15 جنوري 1965ع تي برطانيه جي وزيراعظم چرچل جو وڇوڙو ٿيو.
15 جنوري 1966ع تي راولپنڊي، اسلام آباد ٽيلي ويزن اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.
15 جنوري 1970ع تي مجاهد دکن، سيد قاسم رضوي جو وڇوڙو ٿيو.
15 جنوري 1970ع تي شاعر ۽ تنقيدنگار امداد جعفري ولد سيد غلام رسول شاهه ڳوٺ اڳري راهو، تعلقي هالا، ضلعي مٽياري ۾ ڄائو.
15 جنوري 1971ع تي مصر ۾ اسوان ڊيم جو افتتاح ٿيو.
15 جنوري 1972ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي الله بخش ”سرشار“ عقيلي وفات ڪئي.
15 جنوري 1977ع تي مشھور اديب ۽ ماهر تعليم پروفيسر، رشيد احمد صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
15 جنوري 1985ع تي بشير خان قريشيءَ کي رتيديري مان گرفتار ڪري فوجي عدالت حيدرآباد ۾ مٿس ڪيس هلايو ويو. ۽ ٻن ڪيسن ۾ هڪ هڪ سال جو قيد ۽ ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي.
16 جنوري 1778ع تي فرانس، آمريڪا کي تسليم ڪيو.
16 جنوري 1844ع تي آغا قادر داد پٺاڻ خيرپور رياست جو پھريون وزيراعظم هو جيڪو شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
16 جنوري 1918ع تي سدابھار اديب فقير محمد عاجز لاڏاڻو ڪيو.
16 جنوري 1921ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل ”بيوس“ باڊاهي جو اصل نالو شيرل خان ولد حاجي محمد سومر نوناري هو. پاڻ شھر باڊهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
16 جنوري 1930ع تي سنڌ جي ضلعي دادو ۾ عوامي شاعر استاد بخاري جنم ورتو. جنھن جو ڇٽي جو نالو احمد شاهه بخاري آهي. والد جو نالو سيد حاجن شاهه هئس ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ جنم ورتو.
16 جنوري 1935ع تي مشھور ڪافي گو شاعر منٺار فقير راڄڙ وفات ڪئي.
16 جنوري 1948ع تي اديب، شاعر ۽ ڪمپيئر ويناشرنگي شهداد ڪوٽ شھر ۾ جنم ورتو.
16 جنوري 1956ع تي ڪافي جو خوبصورت شاعر نظر لاکائي ولد غلام شبير ڪنڀر سوڀو ديرو شھر ۾ پيدا ٿيو.
16 جنوري 1966ع تي نائيجيريا ۾ پھريون فوجي انقلاب آيو.
16 جنوري 1979ع تي رضا شاهه پھلوي، ايران کي ڇڏيو.
16 جنوري 1985ع تي تحريڪ آزادي جي صف اول جو رهنما رفيق حسين امام، جو وڇوڙو ٿيو.
17 جنوري 1554ع تي همايون بادشاهه ڏاڪڻ تان ڪري لاڏاڻو ڪيو.
17 جنوري 1706ع تي آمريڪي موجد ۽ جڳ مشھور فلسفي بينجمن فرينڪلن، بوسٽن ۾ جنم ورتو.
17 جنوري 1904ع تي سائين جي ايم سيد ويهين صدي جو تمام وڏو ڪردار سندس ذڪر کان سواءِ هن دور جي تاريخ جو ڪوبه باب مڪمل ٿي نه سگهندو. غلام مرتضيٰ شاهه والد ماجد سيد محمد شاهه پنھنجي اباڻي ڳوٺ سن ضلعي دادو پيدا ٿيو.
17 جنوري 1906ع تي عوامي شاعر دادن فقير ذات جويو تخلص ”دادن“ ولد ڌڻي بخش جويو ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
17 جنوري 1925ع تي مشھور ڪرڪيٽر عبدالحفيظ ڪاردار جو جنم ڏينھن آهي.
17 جنوري 1942ع تي باڪسر محمد علي ڪليءَ جو جنم ڏينھن آهي.
17 جنوري 1962ع تي سنڌ جو سماجي ورڪر ۽ صحافي غلام قادر شاهه ليڪاري وفات ڪئي.
17 جنوري 1972ع تي سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي آزادي جو تصور ڏنو.
17 جنوري 1972ع تي چين، هائيڊروجن بم جو ڌماڪو ڪيو.
17 جنوري 1972ع تي سوار محمد حسين شھيد کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر مليو.
17 جنوري 1975ع تي پاڪستان جي نامور مصور عبدالرحمّٰن چغتائي جو وڇوڙو ٿيو.
17 جنوري 1979ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر اديب ۽ ريڊيو ڪمپيئر ياسر قاضي ولد مقصود گل قاضي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
17 جنوري 1987ع تي هارين جي مقبول ليڊر، سنڌ جي اڏول انسان فاضل راهو گولاڙچي شھر ۾ قتل ٿيو. فاضل راهوجي جنم ڀومي راهوڪي ضلعو بدين آهي.
17 جنوري 1999ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو.
18 جنوري 1873ع تي قبرص، برطانيه جي حوالي ڪيو ويو.
18 جنوري 1878ع تي جزيره هوائي، ڪپتان ڪڪ دريافت ڪيو.
18 جنوري 1886ع تي جديد هاڪي جي ابتدا برطانيه کان ٿي.
18 جنوري 1904ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ مشاعرن جو مور عبدالله خواب ولد علي بخش ڀٽي حيدرآباد ۾ ڄائو.
18 جنوري 1936ع تي مشھور ناول نگار ۽ شاعر رڊيارڊ ڪپلنگ جو وڇورو ٿيو.
18 جنوري 1949ع تي نامور ليکڪ ۽ محقق خليل مورياڻي جو پورو نالو خليل الرحمان ولد هدايت الله مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
18 جنوري 1949ع تي پاڪستان جي شھيد سوار محمد حسين جو جنم ڏينھن آهي.
18 جنوري 1954ع تي ڇھين پاڪستان سائنس ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي.
18 جنوري 1955ع تي ناليواري افسانه نگار سعادت حسن منٽو لاهور ۾ لاڏاڻو ڪيو.
18 جنوري 1956ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف انائوسر نور محمد خاصخيلي ولد يار محمد خاصخيلي نوابشاهه شھر ۾ ڄائو.
18 جنوري 1961ع تي عالم، اديب ۽ حڪيم مولوي محمد صادق راڻي پوريءَ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
18 جنوري 1962ع تي ڪرڪيٽ جي متعلق ڊاڪ جي ٽڪيٽ پھريون ڀيرو شايع ٿي.
18 جنوري 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار فياض مسافر بروهي اصل نالو فياض احمد بروهي، ولد نور محمد بروهي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
18 جنوري 1981ع تي راولپنڊي ۾ حڪيم محمد يوسف حسن جو وڇوڙو ٿيو.
18 جنوري 1983ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالستار هليو ولد محمد مٺل ڳوٺ سومر هليو. قنبر علي خان ۾ پيدا ٿيو.
18 جنوري 2007ع تي اردو جي مشھور شاعر محسن ڀوپالي جو وڇورو ٿيو.
18 جنوري 2010ع تي ڪھاڻيڪار، سوانح نگار، ۽ شاعر غلام رباني آگرو وفات ڪئي.
18 جنوري 2011ع تي نوجوان شاعر منٺار سولنگي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي آخري آرام گاهه نئون ديرو ۾ اٿس.
19 جنوري 1736ع تي سيٽم انجڻ جو مؤجد جيمز واٽ جو جنم ڏينھن آهي.
19 جنوري 1809ع تي آمريڪي مصنف ريڊ گرامين يو جو جنم ڏينھن آهي.
19 جنوري 1922ع تي آسٽريليا ڪرڪيٽ جو رانديگر آرٿر مورس جو جنم ڏينھن آهي.
19 جنوري 1927ع تي شاعر ڪھاڻيڪار ۽ بيباڪ صحافي ڊاڪٽر اياز قادري ولد فقير غلام سرور محله ميان جي ڳڙهي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي غزل جي اوسر.
19 جنوري 1935ع تي مشھور شاعر مبين پنائي جو اصل نالو عبدالمبين ولد محمد حسن جمالي بدين ضلعي جي پني ڳوٺ ۾ ڄائو.
19 جنوري 1936ع تي سھڻو شاعر محمد ابراهيم ”راحم“ صديقي ڳوٺ دودي سنهڙيءَ ۾ جنم ورتو.
19 جنوري 1953ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسڪول براڊ ڪاسٽ پروگرام جو آغاز ڪيو.
19 جنوري 1955ع تي پي آءِ اي ڪراچي، لنڊن لاءِ پرواز جو افتتاح ٿيو.
19 جنوري 1957ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي موجوده ڪيمپس جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
19 جنوري 1958ع برطانوي وزيراعظم مسٽر ايڊن پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.
19 جنوري 1973ع تي شاعر ۽ تحقيق نگار انور منصور مڱريو ڳوٺ سنگرار روهڙي ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو.
20 جنوري 1841ع تي چين، هانگ ڪانگ کي برطانيه جي حوالي ڪيو.
20 جنوري 1926ع تي اردو جي مشھور شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار جميل الدين عالي جو جنم ڏينھن آهي.
20 جنوري 1927ع تي نامياري ناول نگار ۽ افسانه نگار قرت العين حيدر اترپرديش ڀارت ۾ جنم ورتو.
20 جنوري 1930ع تي ليکڪ، نقاد، مترجم، ڪالم نگار ۽ ڪھاڻيڪار رسول بخش پليجو جنگشاهي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
20 جنوري 1957ع تي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر مولا بخش ”منظور ظفر“ ولد محمد لائق ڪلهوڙو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 جنوري 1967ع تي موهن جي دڙي جي عجائب گهر جو افتتاح ٿيو.
20 جنوري 1968ع تي سياستدان سيد نفيسا شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
20 جنوري 1969ع تي آمريڪا جي صدر نڪسن پنھنجو عھدو سنڀاليو.
20 جنوري 1971ع تي مشھور شاعر عابد علي عابد جو وڇوڙو ٿيو.
20 جنوري 1975ع تي يونان جي صدر ڪنٽنٽائن اقتدار سنڀاليو.
20 جنوري 1977ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر ملهار چانڊيو چٺيءَ جو نانءُ غلام مصطفيٰ تعلقي قنبر جي ڳوٺ لشڪري چانڊيي ۾ حسين بخش چانڊيي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
20 جنوري 1986ع تي ڏکڻ يمن جي صدر علي ناصر جو تختو اونڌو ڪيو ويو.
20 جنوري 1988ع تي سياستدان خان عبدالغفار خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 جنوري 1994ع تي بشير خان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو.
20 جنوري 2005ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي اصل نالو محمد حسن ”محسن“ ولد فقير محمد چنا لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.
21 جنوري 820ع تي مشھور بزرگ ۽ فقھ اسلام جو ٽيون امام ابو عبيد الله محمد بن ادريس شافعي جو وصال ٿيو.
21 جنوري 1907ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صحافي الھه بخش ”سرشار“ عقيلي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
21 جنوري 1918ع تي شاعر ۽ نثر نويس حاجي امام بخش ”خادم“ بدوي وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
21 جنوري 1924ع تي روس جي ڪميونسٽ اڳواڻ ولاد مير لينن جو وڇوڙو ٿيو.
21 جنوري 1926ع تي مشھور اسڪالر ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو اسماعيل شيخ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
21 جنوري 1931ع تي ليکڪ، محقق ۽ سماجي اڳواڻ عبدالغفور الستيءَ شھر دڙي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
21 جنوري 1943ع تي آزادي ۾ ويساهه رکندڙ سچو محب وطن هيمون ڪالاڻي کي اسرويل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاهي ڏني ويئي.
21 جنوري 1946ع تي سنڌ ۾ ٻي صوبائي اليڪشن ٿي.
21 جنوري 1952ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ محقق سرور منگي، اصل نالو غلام سرور منگي، رضا محمد منگيءَ جي گهر ڳوٺ نئين گڏ تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
21 جنوري 1954ع تي ايٽمي آبدوز کي سمنڊ ۾ لاٿو ويو.
21 جنوري 1956ع تي سياسي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر کوکر جو وڇوڙو ٿيو.
21 جنوري 1958ع تي قوم پرست اڳواڻ قمر ڀٽي والد حاجي محمد سليمان ڳوٺ فيض محمد کوکر تعلقو وارهه ضلعو لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
21 جنوري 1967ع تي رسالپور ڪاليج کي پاڪستان ايئرفورس اڪيڊمي جو درجو مليو.
21 جنوري 1974ع تي سيد علي انور شاهه راشدي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه، درگاهه شاد آباد ۾ اٿس.
21 جنوري 1991ع تي سنڌي صحافت جو روشن باب علي محمد شيخ وفات ڪئي.
21 جنوري 2008ع تي ليکڪ احمد مجتبى غالب ملڪاڻي جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 1666ع تي شاهه جھان جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 1788ع تي مشھور روماني شاعر لارڊ بائرن جو جنم ڏينھن آهي.
22 جنوري 1901ع تي برطانيه جي ملڪه وڪٽوريه جو لاڏاڻو ٿيو.
22 جنوري 1901ع تي جيوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪو گرگلو هندستان جي راجپوتانه علائقي جي ڀيلواڙ رياست ۾ ڄائي. پاڻ سنڌ جي مشھور ڳائڻي ٿي گذري آهي.
22 جنوري 1915ع تي مزاح نويس منشي سجاد حسين جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 1971ع تي سوويت يونين ۽ پاڪستان جي درميان، پاڪستان اسٽيل ملز جو معاهدو ٿيو.
22 جنوري 1973ع تي آمريڪي اڳوڻي صدر جانسن جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 1981ع تي تاريخدان ۽ سياستدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 1983ع تي ايئر وائيس مارشل وقار عظيم، پي آءِ اي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جو عھدو سنڀاليو.
22 جنوري 2002ع تي اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو وڇوڙو ٿيو.
22 جنوري 2004ع تي اديب ۽ صحافي مير نصرت حسين ابڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
23 جنوري 1905ع تي تعليمدان، موهن داس ماتائي جوجنم ڏينھن آهي.
23 جنوري 1913ع تي احمد جمال پاشا، استنبول فوج جو قائد مقرر ٿيو.
23 جنوري 1942ع تي جاپاني فوجون، نيو جنيوا ۽ جزائر سليمان ۾ لٿيون.
23 جنوري 1948ع تي پاڪستان جي پھرين بحري جھاز دلاور جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح ڪيو.
23 جنوري 1952ع تي ڪينيڊا، پاڪستان کي سيمينٽ فيڪٽري تحفي ۾ ڏني.
23 جنوري 1963ع تي پاڪستان جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو.
23 جنوري 1967ع تي شھري اتحاد لاڙڪاڻو جو صدر ۽ سماج سڌارڪ نياز حسين ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
23 جنوري 1973ع تي سوات ۾ پھرين بينڪ کولي وئي.
23 جنوري 1982ع تي صدر پاڪستان جنرل ضياءُ الحق کي يوگوسلاويه جو سڀ کان وڏو اعزاز ڏنو ويو.
23 جنوري 1982ع تي صحافي، محمد قاسم چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي.
23 جنوري 1983ع تي ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌي جي ٽنهين قاتلن کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي.
23 جنوري 1989ع تي جديد ادب جو سرپرست، ڀٽائي جو عاشق خانصاحب عبدالله چنا حيدرآباد ۾ انتقال ڪيو.
24 جنوري 1907ع تي خيرپور رياست جو اڳوڻو وزير سردار محمد يعقوب لاڏاڻو ڪيو.
24 جنوري 1933ع تي اداڪار هيرو چاؤله جو جنم ڏينھن آهي.
24 جنوري 1936ع تي موسيقيءَ جو قابل استاد، گائيڪ ۽ موسيقار استاد نياز حسين ولد محمد ابراهيم قريشي (بيبو خان) ڪراچي ۾ جنم ورتو.
24 جنوري 1990ع تي جديد سنڌي موسيقي جو آواز، استاد محمد جمن ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
24 جنوري 2000ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو لاڏاڻو ڪيو.
24 جنوري 2007ع تي شاعر، احسن الھاشمي جو وڇوڙو ٿيو.
24 جنوري 2010ع تي صحافي ۽ ڪالم نگار ارشاد احمد حقاني جو وڇوڙو ٿيو.
25 جنوري 1885ع تي سنڌي ٻوليءَ جو بھترين نثر نويس لال چند امر ڏنو جڳيتاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
25 جنوري 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي، شاعر، مترجم، محقق انور پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ تعلقي ڏوڪري ۾ اک کولي.
25 جنوري 1948ع تي شاعر الطاف اثيم جنم ورتو.
25 جنوري 1950ع تي پھريون ڀيرو پاڪستاني سِڪي جي ڊزائين تبديل ڪرڻ جو اعلان ٿيو.
25 جنوري 1953ع تي ڪينيڊين پيسفڪ لائن جو جھاز ايمريس آف ڪينيڊا باهه لڳڻ سبب تباهه ٿيو.
25 جنوري 1959ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
25 جنوري 1966ع تي سريلو راڳي الھه ڏنو ولد علي محمد خاصخيلي شھر ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
25 جنوري 1968ع تي ڍاڪا ۾ خونريزي فسادات کانپوءِ فوج طلب ڪئي وئي.
25 جنوري 1972ع تي شارجه جي امير شيخ خالد محمد القاسمي کي قتل ڪيو ويو.
25 جنوري 1996ع تي سياستدان حاجي غلام حسين ولد وڏيرو غلام عمر خان انڙ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
25 جنوري 2007ع تي شاعر، ليکڪ ۽ صحافي امير بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
25 جنوري 2009ع تي ملڪ جي مشھور آرڪيالوجسٽ احمد حسن داني جو وڇوڙو ٿيو.
25 جنوري 2012ع هدايتڪار، اي ڪيو پيرزادو جو لاڏاڻو ٿيو.
26 جنوري 1788ع تي سڊني جو بنياد رکيو ويو.
26 جنوري 1887ع تي ايفل ٽاور جي تعمير شروع ٿي.
26 جنوري 1926ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر فرمان فتح پوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
26 جنوري 1926ع تي ليکڪ سلامت راءِ پارواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
26 جنوري 1945ع تي ليکڪ مير محمد نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
26 جنوري 1954ع تي آسٽريليا جو مشھور ڪرڪيٽر ڪم هيوز جو جنم ڏينھن آهي.
26 جنوري 1965ع تي سياستدان ۽ علم ادب دوست آغا بدرالدين دُراني لاڏاڻو ڪيو.
26 جنوري 1972ع تي ڀارتي صدر مسز اندرا گانڌيءَ کي ڀارتي اعزاز ”ڀارت رتنا“ ايوارڊ ڏنو ويو.
26 جنوري 1974ع تي ترڪيءَ جو جھاز ڪِري تباهه ٿيو جنھن ۾ 63 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا.
26 جنوري 1976ع تي قائداعظم جي ساٿي حاتم علوي جو وڇوڙو ٿيو.
26 جنوري 1982ع تي چوٽيءَ جو ڪھاڻيڪار ماڻڪ/ منير سنڌي نوابشاهه ۾ آپگهات ڪري انت آندو.
26 جنوري 1983ع تي هاڪي جي عظيم ليفٽ هاف حبيب علي ڪڊي جو وڇوڙو ٿيو.
26 جنوري 1988ع تي تعليمي ماهر، ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو وڇوڙو ٿيو.
26 جنوري1998ع تي سماٽ تنظيم جي باني بھاول خان انڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
26 جنوري 2003ع تي مشھور جرمن اسڪالر ڊاڪٽر، اينيميري شمل جو لاڏاڻو ٿيو.
27 جنوري 1928ع تي ڪافي گو شاعر جعفر علي جعفر پنھور ولد باقر علي پنھور ڌمراه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
27 جنوري 1943ع تي آمريڪي فضائيه، جرمني تي پھرين تباهه ڪندڙ حملو ڪيو.
27 جنوري 1961ع تي صدر ايوب، وارسڪ ڊيم جو افتتاح ڪيو.
27 جنوري 1961ع تي شمس الطباءِ حڪيم سيد غلام مرتضيٰ شاهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
27 جنوري 1967ع تي بالي ووڊ اداڪار بوبي ديول جو جنم ڏينھن آهي.
27 جنوري 1969ع تي شاعر ۽ براڊڪاسٽر عابد عباس ڪاظميءَ جو جنم ڏينھن آهي.
27 جنوري 1970ع تي ليکڪ سومرو شبير جو جنم ڏينھن آهي.
27 جنوري 1970ع تي سنڌي ادب جو خادم ڊاڪٽر علي احمد قاضي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي.
28 جنوري 804ع تي رومن ايمپائر جو شھنشاهه شادليمن جو وڇوڙو ٿيو.
28 جنوري 1859ع تي سر سيد احمد خان پھريون ڀيرو عوامي جلسي کي خطاب ڪيو.
28 جنوري 1878ع تي پھرين ٽيليفون ايڪسچينج آمريڪا جي شھر نيو هيون جي بورڊمين بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي.
28 جنوري 1914ع تي فرانس فرڊي نينڊ جو قتل ٿيو.
28 جنوري 1917ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو پھريون سيڪريٽري نواب وقار الملڪ جو وڇوڙو ٿيو.
28 جنوري 1920ع تي شاعر، مولوي محمد بخش خيالي جو جنم ڏينھن آهي.
28 جنوري 1929ع تي نامور اديب معمور يوسفاڻي اصل نالو محمد عمر ولد حاجي محمد يوسف پلي ڳوٺ حاجي پير محمد پلي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
28 جنوري 1933ع تي چوڌري رحمت علي، مشھور پمفليٽ ”اب يا ڪڀي نهين“ لکيو.
28 جنوري 1939ع تي شاعر قمر الدين ”مجذوب“ جو جنم ڏينھن آهي.
28 جنوري 1953ع تي شاعر رزاق مستوئي جو جنم ڏينھن آهي.
28 جنوري 1978ع تي سنڌ جو انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائي راهه رباني ورتي
28 جنوري 1982ع تي حافظ خير محمد ”اوحدي“ وفات ڪئي.
28 جنوري 1983ع تي نائيجيريا جي صدر الحاج شگاريءَ، پاڪستان جو دورو ڪيو.
28 جنوري 1983ع تي بالي ووڊ جي نامور فلم ساز، هدايتڪار ۽ اداڪار سھراب مودي جو وڇوڙو ٿيو.
29 جنوري 1820ع تي برطانيه جي شاهه جارج (ٽئين) جو وڇوڙو ٿيو.
29 جنوري 1882ع تي ابراهيم لنڪن جو جنم ڏينھن آهي.
29 جنوري 1919ع تي جديد ادب جو شاعر ۽ اديب عبدالرزاق ”راز“ ولد منشي عبدالرؤف شيخ پراڻي سکر ۾ جنم ورتو.
29 جنوري 1926ع تي نوبل انعام يافته سائنسدان عبدالسلام جو جنم ساهيوال- پاڪستان ۾ٿيو.
29 جنوري 1929ع تي شاعر ڪمل ميوارام ڪيولراماڻي پياسي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
29 جنوري 1950ع تي ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد جوهر بروهي اصل نالو عبدالقيوم بروهي ٿريچاڻي تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
29 جنوري 1969ع تي سياستدان نصرت سحر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
29 جنوري 1975ع تي شاعر پير زين العابدين شاهه ”زينل“ جو لاڏاڻو ٿيو.
29 جنوري 2018ع تي لاڙڪاڻي جو سينئر صحافي عاشق علي سمون لاڏاڻو ڪيو، سندس آخري آرامگاهه ابوبڪر قبرستان ۾ اٿس.
30 جنوري 1907ع تي مير حسن علي خان ٽالپر وفات ڪئي. وصيت مطابق سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفن ڪيو ويو پاڻ تمام سٺو شاعر هو.
30 جنوري 1933ع تي هٽلر چانسلر جي وڏي عھدي تائين وڃي پھتو.
30 جنوري 1948ع تي شاعر مرزا فتح علي بيگ جو جنم ڏينھن آهي.
30 جنوري 1948ع تي ڀارت جي باني موهن داس ڪرم چند گانڌي کي قتل ڪيو ويو.
30 جنوري 1952ع تي سير سفر ۽ تحقيق ڪندڙ اشتياق انصاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
30 جنوري 1962ع تي يار ويس ۽ درويش صفت نيڪ مرد مرزا علي حسين بيگ وفات ڪئي.
30 جنوري 1971ع تي انڊين ايئر لائينز جو جھاز اغوا ڪري ڪشميري نوجوان لاهور ۾ لاٿو.
30 جنوري 1972ع تي ڪلري ڍنڍ جو نالو تبديل ڪري ڪينجهر رکيو ويو.
30 جنوري 1972ع تي پاڪستان دولتِ مشترڪه کان علحدگي اختيار ڪئي.
30 جنوري 1982ع تي روز ويلٽ نيو يارڪ ۾جنم ورتو.
30 جنوري 1985ع تي شاعر اشرف پلي جو جنم ڏينھن آهي.
30 جنوري 1990ع تي شاعر ۽ صحافي بدر قريشيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
30 جنوري 1996ع تي ملڪ جي وزيراعظم بينظير ڀٽو لاڙجي هڪ تاريخي ۽ پراڻي ننڍي ڪوٺڙيءَ ڪيٽي بندر جو پاور هائوس هڻڻ جي سنگ بنياد واري افتتاحي تقريب ۾ هڪ نئين دور ۾ اڳتي قدم وڌايو.
31 جنوري 1893ع تي شهنشاهه نڙائي شاهه محمد نابينا ولد محمد رمضان بڪڪ تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ دڙي لائق پور جي وچ ۾ ڳوٺ عيسيٰ بڪڪ ۾ ڄائو.
31 جنوري 1937ع تي سنڌ اسيمبليءَ جي پھرين اليڪشن ٿي جنھن ۾ ڪل 60 سيٽون مخصوص هيون.
31 جنوري 1945ع تي ناول نگار ۽ ليکڪ عبدالحئي پليجو جو جنم ڏينھن آهي.
31 جنوري 1951ع تي مشھور شاعر سيماب اڪبر آباد جو وڇوڙو ٿيو.
31 جنوري 1951ع تي آمريڪا خلائي ڊوڙ ۾ داخل ٿيو.
31 جنوري 1960ع تي جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
31 جنوري 1961ع تي نئين ٽهي جو شاعر شاهه محمد پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي لڳ (موهن جو دڙو) ۾ جنم ورتو.
31 جنوري 1963ع تي امجد سراج ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو. سڃاڻپ، ناول نگار، افسانه نگار، لسانيات جو ماهر ۽ صحافي اٿس.
31 جنوري 1977ع تي پاڪستان ۾ هٿياربند فوج جو پھريون هفتو ملهايو ويو.
31 جنوري 1982ع تي نيپال جو سربراهه شاهه بڪرم جو جنم ڏينھن آهي.
31 جنوري 1984ع تي عالم دين ۽ شاعر سيد نجي الله شاهه راشدي گذاري ويو.
31 جنوري 1988ع تي شاعر ساگر سيتائي جو لاڏاڻو ٿيو.
31 جنوري 1999ع تي شاعر سڪايل ملاح گوزائي جو لاڏاڻو ٿيو.
31 جنوري 2004ع تي اداڪاره ۽ گلوڪاره ثريا جو لاڏاڻو ٿيو.
31 جنوري 2007ع تي صحافتي پيشي سان جڙيل قاضي سعيد اڪبر جو وڇوڙو ٿيو.
31 جنوري 2008ع تي شاعر ميرل جويو راهه رباني ورتي.

فيبروري

عيسوي سال جو ٻيو مھينو فيبروري آهي. هن مھيني جو نالو به هڪ رومي ديوتا ”فيبرا“ (FEBRUA) جي نالي تي رکيو ويو آهي. هي ديوتا مذهبي خوشي جي علامت هو. گهڻو وقت اڳ رائج روما ڪلينڊر ڏهن مهينن جو هوندو هو، پر پوءِ جو ليس سيزران ڪيلينڊر ۾ فيبروري جي مھيني جو اضافو ڪيو.

پھرين فيبروري 1740ع تي نادر شاهه سنڌ ۾ پهتو.
پھرين فيبروري 1877ع تي سنڌ جي بي مثال عوامي شاعر، مولوي احمد ملاح تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1895ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماءَ، محمد هاشم گذدر جيسلمير ۾ ڄائو.
پھرين فيبروري 1936ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، مترجم ۽ مضمون نگار عطا محمد ڀنڀرو ڳوٺ بچل ڀنڀرو ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
پھرين فيبروري 1940ع تي سڪيلڌي ۽ لاڏلي فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1942ع تي ناميارو استاد، شاعر ۽ نثر نگار الهورايو بهڻ ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ گڙنگ ۾ ڄائو.
پھرين فيبروري 1943ع تي اسماعيل يوسف ڪاليج بمبئي جو افتتاح قائد اعظم محمد علي جناح ڪيو.
پھرين فيبروري 1946ع تي هنگري کي آزادي ملي.
پھرين فيبروري 1946ع تي ٽريگولائي اقوام متحده جو پھريون جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو.
پھرين فيبروري 1961ع تي نوجوان شاعر، گوهر سنڌي پورو علي گوهر سومرو، رستم ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1967ع تي سڄاڻ ليکڪ، صحافي ۽ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل اندر جيت لوهاڻو ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ ڄائو.
پھرين فيبروري 1969ع تي شاعر عزيز سيتائي، محمد علي خان ٻگهيو جي گهر سيتا روڊ رحماني ننگر ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1970ع تي ليفٽيننٽ جنرل عتيق الرحمان مغربي پاڪستان جو گورنر بڻيو.
پھرين فيبروري 1971ع تي اداڪار خير محمد ڏاهري ڳوٺ حاجي محمد وارث ڏاهري، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1975ع تي راڳي، مريد علي ڄامڙو، ڳوٺ گل ڄامڙي ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر رحمت الله پيرزادو ولد مير محمد پيرزادو سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظرآباد) ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1978ع تي نوجوان صحافي رئوف چانڊيو جو پورو نالو عبدالرئوف ولد عبدالغفور چانديو، ڳوٺ پنهون خان چانڊيي، تعلقي ميروخان ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1980ع تي نوجوان ٽھيءَ جو شاعر ياسين چانڊيو ولد خادم حسين چانڊيو تعلقي باقراڻيءَ جي ڳوٺ آندل خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين فيبروري 1982ع تي صفدر علي مھيسر ولد حسن علي مھيسر جي گهر رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ايڊيٽر اٿس.
پھرين فيبروي 1984ع تي فراز عالم، اصل نالو حبدار علي سولنگي ڳوٺ نھال خان سولنگي ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
پھرين فيبروري 1989ع تي ڪالم نگار، صاحب خان ڀٽي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين فيبروري 1997ع تي سنڌ جو مايه ناز فنڪار، نور محمد لاشاري لاڏاڻو ڪيو.
2 فيبروري 1901ع تي علي اڪبر شاهه ولد سيد احمد شاهه ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ. پاڻ اعليٰ پائي جو عالم دين، سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي.
2 فيبروري 1914ع تي پروفيسر غلام حسين جلباڻي نوشھروفيروز جي جلباڻي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1925ع تي استاد الشعراء ۽ حڪيم مرتضى ”اعظم“ عباسي، ادبي نالو ”ملازم“ ۽ پوءِ ”اعظم“ ولد ميان جان محمد جي گهر ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1935ع تي لقمان ثاني، صاحب تقويٰ مفتي غلام عمر جتوئي راهه رباني وٺي مالڪي حقيقي سان مليو.
2 فيبروري 1941ع تي شاعر خادم سنڌي اصل نالو خادم حسين سولنگي امام بخش سولنگي جي گهر خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1944ع تي مشھور استاد ۽ راڳي، انور الدين جتوئي ولد حاجي محمد عثمان جتوئي ڳوٺ ٺوڙها، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1944ع تي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي پھرين مسلمان ميئر قاضي خدا بخش جو وڇوڙو ٿيو.
2 فيبروري 1947ع تي مصر جي اخبار الاحرام جو مدير اعلى محمد حسين هيڪل ئي رهيو.
2 فيبروري 1948ع تي قائد اعظم بنگال آئل ملز جو افتتاح ڪيو.
2 فيبروري 1952ع تي ٽي وي ڊرامه نويس ڪيھر شوڪت ولد غلام عباس ڪيھر دادو شھر ۾ جنم ورتو. اباڻو ڳوٺ آگاڻي تعلقو لاڙڪاڻو اٿس.
2 فيبروري 1954ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو جنم ورتو.
2 فيبروري 1958ع تي افغانستان جو شاهه ظاهر شاهه پاڪستان جو دورو ڪيو.
2 فيبروري 1967ع تي اسلام آباد ۾ گندهڪ ملي پاڻي جو چشمو دريافت ٿيو.
2 فيبروري 1973ع تي پاڪستان جو ٽيون آئين قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو.
2 فيبروري 1978ع تي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ اسڪالر يار محمد چانڊيو، ڊکڻ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1982ع تي تران ۾ آمريڪي سفارت خاني کان مليل خفيه دستاويزات شايع ٿيا.
2 فيبروري 1984ع تي نوجوان شاعر سميع سجاد اصل نالو عبدالسميع ولد سجاد ميراڻي، تعلقو ڪنگري، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
2 فيبروري 1995ع تي سڀ کان ننڍي عمر جي مائڪرو سافٽ انجنيئر جو ايوارڊ ماڻيندڙ عارفه ڪريم جو جنم ڏينھن آهي.
2 فيبروري 2013ع تي اديب، ناول نگار، افسانه نگار، ڪالم نگار ۽ صحافي سراج الحق ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
3 فيبروري 1905ع تي شعله بيان مقرر نواب بھادر يار جنگ جو جنم ڏينھن آهي.
3 فيبروري 1928ع تي سائمن ڪميشن هندوستان تائين پھتو.
3 فيبروري 1930ع تي محمد حسين ”ڪاشف“ ولد حافظ محمد عمر ڪنڀار چمبڙ تعلقي ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، اديب، شاعر، محقق، نقاد، مقاله نگار ۽ تعليمي ماهر اٿس.
3 فيبروري 1936ع تي علامه راشد خيري جو وڇوڙو ٿيو.
3 فيبروري 1948ع تي ڪراچي ۾ پارسي ڪميونٽي سنڌ جي طرفان قائد اعظم جو استقبال ڪيو.
3 فيبروري 1962ع تي نقاد، اديب ۽ ڪالم نويس، انعام شيخ اصل نالو انعام الله ولد حاجي گل محمد شيخ ڪرما باغ محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 فيبرروي 1962ع تي ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ ولد حبيب الله پٺاڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 فيبروري 1965ع تي سگهڙ، بھار علي بھار جو جنم ڏينھن آهي.
3 فيبروري 1966ع تي روس جو خلائي باز پھريون دفعو چنڊ تي لٿو.
3 فيبروري 1970ع تي مشھور اديب ۽ فلسفي برٽينڊ رسل جو وڇوڙو ٿيو.
3 فيبروري 2010ع تي شاعر، ايم ڪمل، مولچند منگهارام بند راڻي جو وڇوڙو ٿيو.
3 فيبروري 2010ع تي اداڪار، خيال سرحدي جو لاڏاڻو ٿيو.
4 فيبروري 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
4 فيبروري 1794ع تي آمريڪي ڪانگريس، پوسٽل سروس جي قانون کي منظور ڪيو.
4 فيبروري 1800ع تي ٿامس جيفرسن آمريڪا جي ٽئين صدر طور منتخب ٿيو.
4 فيبروري 1904ع تي آزاد ڪشمير جي ليڊر چوڌري غلام عباس جو جنم ڏينھن آهي.
4 فيبروري 1940ع تي مشھور اقتصادي ماهر ۽ اديب علي اڪبر ڍڪڻ، ولد محمد رمضان ڍڪڻ ڳوٺ پنھور، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1947ع تي لاهور کان شايع ٿيندڙ ”دي پاڪستان ٽائمز“ اخبار منظر عام تي آئي.
4 فيبروري 1950ع تي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي پھرين سال پاسنگ آئوٽ پريڊ ٿي.
4 فيبروري 1964ع تي ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس اختر رند اصل نالو اختر علي رند ڳوٺ مير رند تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1966ع تي اقوام متحده نقشي ۾ پھريون ڀيرو ڪشمير جي تڪرار کي تسليم ڪيو.
4 فيبروري 1968ع تي نوجوان شاعر، نالي مٺو مھيسر ڳوٺ گاهي مھيسر ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1968ع تي صحافي ۽ سماجي ورڪر بختيار چنا نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار مسيح مگسي قنبر لڳ ڳوٺ ڇڄڙا ۾ استاد محمد خان مگسي جي گهر ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر عبدالله ”شجاع“ سنڌي لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ حڪيم محمد بخش ٽگڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1978ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر سعيد سومرو قنبر ۾ جنم ورتو.
4 فيبروري 1981ع تي ليکڪ ۽ شاعر ثناءُ الله عتيق چنجڻي جو جنم ڏينھن آهي.
4 فيبروري 2017ع تي نامياري ليکڪا، ناول نگار، ڊراما نگار ۽ ڪھاڻيڪار بانو قدسيه جو وڇوڙو ٿيو.
5 فيبروري 1937ع تي نالي وارو نثر نگار، بيدار مورائي اصل نالو فتح الدين سومرو، موري شھر ۾ جنم ورتو.
5 فيبروري 1938ع تي تحريڪ آزاديءَ جي سلسلي ۾ قائداعظم پھريون ڀيرو عليڳڙهه جو دورو ڪيو.
5 فيبروري 1953ع تي مشھور موسيقار ۽ قومي تراني پاڪستان جي ڌن ٺاهيندڙ احمد ڇاڳلا جو وڇوڙو ٿيو.
5 فيبروري 1955ع تي پاڪستان ۾ پھريون دفعو فوجين راندين جي ميدان تي مقابلا ڪيا.
5 فيبروري 1962ع تي ڍاڪا ۾ ريڊيو اسٽيشن جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو ويو.
5 فيبروري 1962ع تي بالي ووڊ جي مشھور اداڪاره سري ديوي جو جنم ڏينھن آهي.
5 فيبروري 1962ع تي ريڊيو ڪمپـيئر، شاعر ۽ نثر نويس امر ساهڙ جو اصل نالو غلام قادر ولد محمد صديق ڳوٺ ٿاڌات ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو.
5 فيبروري 1969ع تي نئين ٽهي جي شاعر عاشق چانڊيو اصل نالو احمد علي ولد محمد سليمان چانڊيو، ڳوٺ ايوب خان چانڊيي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
5 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر اياز امر شيخ ڳوٺ گاهي خان شيخ تعلقي سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
5 فيبروري 1976ع تي بالي ووڊ اداڪار اڀيشڪ بچن جو جنم ڏينھن آهي.
5 فيبروري 1981ع تي ايم. آر. ڊي نالي سياسي اتحاد 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ اٺن سياسي پارٽين جي گڏيل اجلاس دوران عمل ۾ آيو.
5 فيبروري 1982ع تي شاعر ۽ اسڪالر مير مرتضيٰ شيخ اصل نالو غلام مرتضيٰ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
5 فيبروري 2001ع تي سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ ليکڪ بشير احمد قريشي وفات ڪئي.
5 فيبروري 2016ع تي ناميارو شاعر بشير سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
6 فيبروري 1819ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي هڪ شخص ٽامس اسٽيوفورڊ ريفلز، سنگاپور ۾ برطانوي بستي (ڳوٺ) ٺاهيو.
6 فيبروري 1891ع تي داغ دهلوي، نظام محبوب علي خان جا استاد مقرر ٿيا.
6 فيبروري 1911ع تي آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1931ع تي انگلينڊ جو فاسٽ بالر فريڊي ٽرو مين جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1939ع تي گلوڪار رميش شيوڪ جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1952ع شاعر، غمخوار بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1952ع تي تنوير جوڻيجو ڌيءَ صدر الدين جوڻيجو شھر مٺي ۾ پيدا ٿي. پاڻ مشھور ڪھاڻيڪاره ۽ اديب آهي.
6 فيبروري 1983ع تي ليکڪ، ڪريم بخش هنڱورو جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1985ع تي ريڊيو انائونسر سعيده سھتو جو جنم ڏينھن آهي.
6 فيبروري 1987ع تي نثار احمد کھڙو پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.
6 فيبروري 1987ع تي استاد ۽ ڪمپيئر صدرالدين ڪلهوڙو ڳوٺ احمد خان ڪلهوڙو تعلقو نصيرآباد ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
6 فيبروري 1997ع تي علي محمد مجروح ولد خير محمد پنھور وفات ڪئي. پاڻ بھترين شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
6 فيبروري 2018ع تي سنڌي ٻوليءَ جو قومي، عوامي، انقلابي، رومانوي ۽ مزاحمتي شاعر عبدالحڪيم ارشد ولد حاجي يار محمد لکمير ڪراچيءَ ۾ راهه رباني ورتي.
7 فيبروري 1203ع تي سلطان غياث الدين غوري برات شھر ۾ وفات ڪئي.
7 فيبروري 1528ع تي مير معصوم بکري جو جنم ڏينھن آهي.
7 فيبروري 1541ع تي رياست چلي جي شھر سنتياگو جو بنياد رکيو ويو.
7 فيبروري 1898ع تي شاعر مير ڇٽل خان مسڪين ڳوٺ حسين آباد تعلقي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو. اصل نالو بلوچ خان هئس.
7 فيبروري 1902ع تي سردار محمد عثمان سومرو ضلعي ٺٽي جي سومرا قبيلي جي خاندان متوءَ پوٽي مان هو، ڳوٺ محمد هاشم سومرو لڳ ٺٽي ۾ جنم ورتو.
7 فيبروري 1932ع تي پنھنجي وقت جو اهم، شاعر آخوند عبدالقادر ”بيدل“ ولد محمد پناهه ڀٽو انتقال ڪيو.
7 فيبروري 1935ع تي تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي، مظھر الحق صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
7 فيبروري 1935ع تي ناليواري ليکڪ لڪشمڻ ڀاٽيا جو جنم ڏينھن آهي.
7 فيبروري 1971ع تي سياستدان اڪرام الله ڌاريجو جو جنم ڏينھن آهي.
7 فيبروري 1975ع تي اداڪاره نجمه ڪاوش جو جنم ڏينھن آهي.
7 فيبروري 1975ع تي سنڌ موويز جي پھرين پيشڪش، بادل ۽ برسات فلم جيڪا پيار ڪھاڻيءَ تي منبي هئي.
7 فيبروري 1978ع تي پاڪستان جي ممتاز شاعر، اديب ۽ استاد صوفي غلام مصطفى تبسم جو وڇوڙو ٿيو.
7 فيبروري 1981ع تي سنڌ جو ڏاهو اديب محمد عثمان ڏيپلائي حيدرآباد، سنڌ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار شاهه مڪي (حيدرآباد ڪئنٽونمينٽ) واري مقام ۾ آهي.
7 فيبروري 1983ع تي صدر پاڪستان، نور خان کي ٻيو ڀيرو ”پي سي پي“ جو صدر مقرر ڪيو ويو.
7 فيبروري 1992ع تي سنڌ جو جدت پسند موسيقار، استاد نياز حسين لاڏاڻو ڪيو.
7 فيبروري 2010ع تي سياستدان اجمل خٽڪ جو لاڏاڻو ٿيو.
8 فيبروري 1587ع تي انگلستان جي ملڪه ميري کي ڦاهي ڏني وئي.
8 فيبروري 1805ع تي اکين جي سڀ کان پھرين اسپتال روس جي گادي واري هنڌ ماسڪو ۾ قائم ٿي.
8 فيبروري 1935ع تي ڊاڪٽر اسحاق ابڙو ولد عبدالحڪيم ابڙو ڳوٺ امام بخش ٿيٻي تعلقي ميھڙ ۾ ڄائو. ادبي خدمتون، فارسيءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري. ”شاهه عنايت شھيد جي فڪري پوئلڳ روهڙي جي سادات خاندان ميرجان الله شاهه رضوي جي فارسي ڪلام.“
8 فيبروري 1941ع تي گلوڪار ۽ غزل جي بادشاهه گائڪ جگجيت سنگهه جو جنم ڏينھن آهي.
8 فيبروري 1942ع تي برصغير جو ناميارو گويو استاد سينڌو خان وفات ڪئي. آخري آرام گاهه درگاهه محمد فقير کٽياڻ تي آهي. استاد سينڌو خان عظيم موسيقار سان گڏ فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ جو بھترين شاعر هو.
8 فيبروري 1948ع تي سنڌي ڪمپوزنگ جو باني عبدالماجد ڀرڳڙي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
8 فيبروري 1960ع تي قائد اعظم جي مزار جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
8 فيبروري 1961ع تي دوست محمد لغاري ولد عبدالعزيز لغاري ڳوٺ مينهون لغاري تعلقي شھدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو سڃاڻپ، مقبول ڪمپيئر ۽ ليڪچرار آهي.
8 فيبروري 1963ع تي جنرل قاسم کي قتل ڪيو ويو.
8 فيبروري 1975ع تي سرحد، پيپلز پارٽي جي چيئرمين حيات محمد شير پائو جو وڇوڙو ٿيو.
8 فيبروري 1984ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار الطاف امر پوسٽ آفيس محلي قنبر علي خان ۾ عبدالرحمان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
8 فيبروري 1984ع تي خاوند ڏنو لاڙڪ ولد محمد ڇٽل لاڙڪ تعلقي سوڀي ديري جي ننڍڙي ڳوٺ پوٺي لاڙڪ ۾ اک کولي اديب سڃاڻپ، تحقيق ۽ شاعري اٿس.
8 فيبروري 1985ع تي پھرين عالمي طنز ۽ مزاح ڪانفرنس حيدرآباد دکن ۾ ٿي.
8 فيبروري 1989ع تي فلمي ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جي مقبول اداڪاره بيگم خورشيد مرزا جو وڇوڙو ٿيو.
8 فيبروري 1991ع تي محقق، ڪالم نگار ۽ استاد سعيد احمد چانڊيو، ڳوٺ نھال جي وانڍ، غيبي ديرو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
8 فيبروري 2015ع تي سچل سرمست جي درگاهه جو گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي جو وڇوڙو ٿيو.
9 فيبروري 1863ع تي ريڊ ڪراس جو بنياد هنري ڊوننٽ رکيو.
9 فيبروري 1896ع تي سنڌ جي تاريخي ۽ سماجي عورت بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون عراق جي شھر ڪرمان ۾ پيدا ٿي.
9 فيبروري 1902ع تي پاڪستان جي مشھور شاعر نظير لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1922ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر جم ليڪر جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1940ع تي ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ اديب نذير قاضي اصل نالو پروفيسر نذير احمد ولد محمد قاسم قاضي موري شھر ۾ پيدا ٿيو.
9 فيبروري 1949ع تي پاڪستان جي قومي جهنڊي ۾ چنڊ ۽ ستاري جو اضافو/ واڌارو ڪيو ويو
9 فيبروري 1975ع تي اديب، همدم لاشاري جو جنم ڏينھن آهي.
9 فيبروري 1977ع تي پاڪستان جي اڳوڻي مرڪزي وزير خواجه شھاب الدين جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 1564ع تي مشھور سائنسدان گيليليو جو جنم ڏينھن آهي.
10 فيبروري 1908ع تي شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ شيخ عبدالرحيم جي هٿان مسلمان ٿيو، مسلمان ٿيڻ کان پھرين سندس نالو جيٺانند هو.
10 فيبروري 1914ع تي سنڌ جو نامور شخص الاهي بخش خميساڻي خيرپور ۾ جنم ورتو.
10 فيبروري 1919ع تي ڪوٽاري پريڊ جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
10 فيبروري 1923ع تي مشھور طبيعات وليم رونتجن جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 1926ع تي اسدالله شاهه ”فدا“ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو. ادبي سڃاڻپ. اديب، شاعر ۽ عالم هئس.
10 فيبروري 1938ع تي شاعر، اديب ۽ قانوندان خادم حسين ابڙو ولد الھه ورايو، ڳيريلي تعقلي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو.
10 فيبروري 1940ع تي شاعر گوپال حڪومتراءِ ٺڪر سيوهڻ ۾ جنم ورتو.
10 فيبروري 1952ع تي جاگرافيءَ جي ماهر، ليکڪ ۽ استاد، محمد رفيق ڌناڻي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
10 فيبروري 1954ع تي ناليوارو شاعر قمبر کوسو ڳوٺ الف کوسو رڪ تعلقي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
10 فيبروري 1966ع تي شاعر سڳن آهوجا جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 1968ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنماء حاجي محمد هاشم گزدر وفات ڪئي.
10 فيبروري 1976ع تي نوجوان ڊرامه نگار، ڊائريڪٽر ۽ شاعر ايوب گل ولد نظام الدين جو جنم ڳوٺ محمد بچل راڄڙ، ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.
10 فيبروري 1985ع تي مشھور شاعر، صحافي ۽ وڪيل هادي بخش لاڙڪ خيرپور ۾ وفات ڪئي.
10 فيبروري 1986ع تي ڏکڻ يمن جي صدر ابوالفتح اسماعيل جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 1987ع تي مشھور مصور صادقين جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 1991ع تي ڪالم نگار، صحافي، سوشل ورڪر آزاد مجتبى گهانگهرو، خادم حسين گهانگهرو جي گهر بھارپور محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 فيبروري 2001ع تي سنڌ جو نالي وارو اديب ۽ ڪھاڻيڪار گوبند مالهي ڀارت ۾ ديھانت ڪئي.
10 فيبروري 2015ع تي سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو وڇوڙو ٿيو.
10 فيبروري 2016ع تي اردو ٻوليءَ جي نامياري ليکڪه فاطمه ثريا بجيا جو وڇوڙو ٿيو.
11 فيبروري 1847ع تي ٿامس فونو گراف ايڊيسن ميلان شھر ۾ پيدا ٿيو. وجه شھرت 19 صديءَ جو آمريڪي سائنسدان.
11 فيبروري 1877ع تي ممتاز عالم دين، قادر الڪلام شاعر حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح ڳوٺ ڪنڊي ديھه لوهڻ تعلقي بدين ۾ پيدا ٿيو.
11 فيبروري 1944ع تي ثميره زرين ڌي محمد اعظم جي گهر شڪارپور ۾ ڄائي. سندس گهريلو نالو سڪينه هو. سنڌي افساني جي فن ۾ کيس خاتون اول جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
11 فيبروري 1947ع تي لاکيڻي لطيف جو ناميارو پارکو ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
11 فيبروري 1950ع تي فرانسيسي فلاسافر، سائنسدان ۽ رياضيدان ريني ڊيسڪارٽس جو وڇوڙو ٿيو.
11 فيبروري 1966ع تي پاڪستان جي پھرين رنگين سئنيما اسڪوپ فلم مالا رليز ڪئي.
11 فيبروري 1970ع تي اوسومي نامي، مصنوعي سيارو زمين جي چوڌاري چڪر لڳائڻ لاءِ جپان ڇڏيو.
11 فيبروري 1975ع تي علم، ادب جي ديوي، شري سرلا ديوي 60 سالن جي عمر ۾ ديھانت ڪئي.
11 فيبروري 1978ع تي پاڪستان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ايس اي رحمان جو وڇوڙو ٿيو.
11 فيبروري 1984ع تي حريت پسند ڪشميري رهنما مقبول بٽ کي نئين دهلي جي ٿاگ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي.
11 فيبروري 1996ع تي سنڌ جو مايا ناز عالم اديب، ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي گهر جي ڏاڪڻ تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو جنھن سبب زخمن جا تاب نه سھندي ڪراچي ۾ وفات ڪئي. کيس لاڙڪاڻي ۾ شيخ زيد اسپتال لڳ قبرستان علي بحر ۾ دفنايو ويو.
11 فيبروري 2013ع تي شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد، ولي محمد شيخ لاڏاڻو ڪيو.
11 فيبروري 2018ع تي انساني حقن جي علمبردار ۽ قانوندان عاصمه جھانگير جو لاڏاڻو ٿيو.
11 فيبروري 2018ع تي مشھور اداڪار قاضي واجد جو لاڏاڻو ٿيو. آخري آرامگاهه عيسى نگري قبرستان ڪراچي ۾ آهي.
12 فيبروري 610ع تي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم کي نبوت جي بشارت ملي.
12 فيبروري 1809ع تي دنيا جو عظيم سائنسدان، چارلس ڊارون انگلينڊ جي شھر شروس بريءَ ۾ جنم ورتو.
12 فيبروري 1915ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام تجويز پيش ڪندڙ، نواب سليم الله خان جو وڇوڙو ٿيو.
12 فيبروري 1920ع تي اديب، عالم، حڪيم ۽ شاعر مير علي نواز علوي وفات ڪئي.
12 فيبروري 1933ع تي سنڌ جو سماجي خدمتگار مير غلام محمد خان ٽالپر وفات ڪئي.
12 فيبروري 1929ع تي پاڪستان جي نامور ولن اسلم پرويز جو جنم ڏينھن آهي.
12 فيبروري 1938ع تي فائن آرٽ جو ماهر رضوان عمراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 فيبروري 1949ع تي مشھورڪرڪيٽر وشواناٿ جو جنم ڏينھن آهي.
12 فيبروري 1951ع تي لفظ پاڪستان جي خالق چوڌري رحمت علي جو وڇوڙو ٿيو.
12 فيبروري 1978ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فضل الاهي، پشاور يونيورسٽي ۾ انسٽيٽيوٽ آف فزيڪل ڪيمسٽري جو افتـتاح ڪيو.
12 فيبروري 1978ع تي سنڌ جو ناميارو محقق، مورخ، اديب ۽ شاعر رحيم داد ”مولائي شيدائي“ وفات ڪئي مولائي شيدائي جي والد جو نالو شير محمد خان بروهي هو. مولائي شيدائي سکر ۾ 1894ع ۾ جنم ورتو.
12 فيبروري 1987ع تي ممتاز مفڪر ۽ عالم مولانا محمد بخش مسلم جو وڇوڙو ٿيو.
12 فيبروري 1988ع تي سنڌ جو ٽيگور ۽ خليل جبران سڏجهندڙ امرت راءِ سلم 85 ورهن ۾ ديھانت ڪئي.
12 فيبروري 2017ع تي نامياري تاريخ نويس، تعليمي ماهر ۽ قومپرست سياستدان ڊاڪٽر حميده کھڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
13 فيبروري 1911ع تي مشھور شاعر فيض احمد فيض ضلعي سيالڪوٽ ۾ جنم ورتو.
13 فيبروري 1973ع تي بيگم رعنا لياقت علي سنڌ جي گورنر بڻي.
13 فيبروري 1973ع تي سنڌ جي گورنر رسول بخش ٽالپر پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.
13 فيبروري 1974ع تي نائيجيريا جي جنرل اولسي گن اقتدار سنڀاليو.
13 فيبروري 1974ع تي روس جي اليڪنڊر سولزي هنٽس کي جلاوطن ڪيو ويو.
13 فيبروري 1979ع تي تحريڪ پاڪستان جي ممتاز رهنما قاضي محمد اڪبر جو وڇوڙو ٿيو.
13 فيبروري 1986ع تي جپان ٽيلي ويزن جي خرابي دور ڪرڻ لاءِ نئون سيارو خلا ۾ ڇڏيو.
13 فيبروري 2007ع تي شاعر الطاف عباسي، الطاف نبي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
13 فيبروري 2007ع تي شاعر الھنواز ”نواز“ رڪڻائي جو وڇوڙو ٿيو.
13 فيبروري 2008ع تي شاعر عبدالرئوف ابڙو، منصور ويراڳي جو وڇوڙو ٿيو.
13 فيبروري 2016ع تي نامياري موسيقار روبن گوش جو ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ٿيو.
14 فيبروري 1483ع تي مغل شھنشاهه ظھير الدين بابر جو جنم ڏينھن آهي.
14 فيبروري 1556ع تي اڪبر بادشاهه هندستان تي تخت نشين ٿيو.
14 فيبروري 1936ع تي هاري ڪاميٽيءَ جو بيباڪ اڳواڻ ڪامريڊ مظفر جتوئي ولد ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
14 فيبروري 1940ع تي ناميارو راڳي محمد يوسف ولد لؤنگ فقير مڱڻهار حيدرآباد ۾ ڄائو.
14 فيبروري 1946ع تي نورو جي صدر اوگو جو جنم ڏينھن آهي.
14 فيبروري 1947ع تي شاعر غضنفر راجا جو جنم ڏينھن آهي.
14 فيبروري 1958ع تي سردار عبدالرب نشتر جو وڇوڙو ٿيو.
14 فيبروري 1974ع تي مشھور موسيقار رتن جنڪر جو وڇوڙو ٿيو.
14 فيبروري 1976ع تي شاعر، ليکڪ، ريڊيو ڪمپيئر ۽ مرتب حاجي حسين جلباڻي ڳوٺ نورنگ خان جلباڻي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 فيبروري 1997ع تي سرسنگيت جو راڻو، سنڌ جو مھدي حسن استاد محمد يوسف، سنڌي قوم کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
14 فيبروري 2005ع تي لبناني صدر رفيق الحريري بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو.
14 فيبروري 2015ع تي شاعر ۽ ليکڪ قاضي مقصود گل لاڏاڻو ڪيو.
15 فيبروري 1869ع تي مشھور شاعر ۽ مصنف مرزا اسد الله خان غالب جو وڇوڙو ٿيو.
15 فيبروري 1908ع تي مشھور اديب رفيق خاور جو جنم ڏينھن آهي.
15 فيبروري 1919ع تي نامور اديب، سماج سڌارڪ ۽ تعليم دان پروفيسر عبدالرحيم ولد الله بچايو ڏيٿو ڳوٺ ٻيلو تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
15 فيبروري 1925ع تي علي محمد شيخ ولد محمد خان ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ سنڌي صحافت جي آسمان جو روشن ستارو هو.
15 فيبروري 1925ع تي جديد اردو غزل گو شاعر ڊاڪٽر بشير بدر جو جنم ڏينھن آهي.
15 فيبروري 1930ع تي مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفي اصل نالو پي بي دريا ناڻي خيرپور ۾ ڄائو.
15 فيبروري 1931ع تي شاعر ڀڳوانداس ڪيسومل دولتاڻي ”هوش“ ميرپور ماٿيلو ۾ جنم ورتو.
15 فيبروري 1933ع تي ڊاڪٽر غلام قادر سومرو ڳوٺ ڏيٿا تعلقو ڪنڊيارو ضلعو نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادب ۾ طنز مزاح-ڪھاڻيڪار، مترجم، محقق ۽ نقاد آهي.
15 فيبروري 1935ع تي سنڌ جو عظيم رياضيدان، ڊاڪٽر نورمحمد ٽالپر حيدرآباد ۾ ڄائو.
15 فيبروري 1935ع تي آمريڪي وزير زراعت، جون آر بلاڪ جو جنم ڏينھن آهي.
15 فيبروري 1938ع تي سنڌ جو نالي وارو محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڳوٺ غلام چانڊيي دادو ۾ ڄائو.
15 فيبروري 1966ع تي سنڌ جو مشھور قانوندان ۽ درويش انسان رحيم بخش شيخ وفات ڪئي. رحيم بخش شيخ جي جنم ڀومي شڪارپور آهي رحيم بخش جي پيدائش 1895ع ۾ ٿي.
15 فيبروري 1966ع تي ليکڪ ذوالفقار باڊاهيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
15 فيبروري 1971ع تي نوجوان ٽھيءَ جو خوبصورت شاعر، ڪوڙل قربدار جو ڇٽيءَ جو نالو ذوالفقار علي ولد جاڙو خان سمون ڳوٺ فيض محمد بجراڻي چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.
15 فيبروري 1971ع تي برطانيه ۾ اعشاري نظام رائج ٿيو.
15 فيبروري 1972ع تي صحافي امير بخش بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
15 فيبروري 1973ع تي شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينھن آهي.
15 فـيـبـروري 1974ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش جو جنم ڏينھن آهي. سندس پي ايڇ ڊي مقالي جو عنوان ”شاهه جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ آهي.
16 فيبروري 1642ع تي شيخ عبدالحق محدث دهلوي جو وڇوڙو ٿيو.
16 فيبروري 1649ع تي اورنگزيب، قنڌار تي ٻيھر حملو ڪيو.
16 فيبروري 1887ع تي جناح حال لاهور جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
16 فيبروري 1910ع تي سيد هاشم رضا جو جنم ڏينھن آهي.
16 فيبروري 1916ع تي مشھور استاد ۽ تعليم دان غلام رضا ڀٽو هالا شھر ۾ پيدا ٿيو.
16 فيبروري 1934ع تي قومي شاعر ۽ صحافي پروانو ڀٽي اصل نالو (ميوو خان) ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
16 فيبروري 1940ع تي پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ پھريون فلم اسٽوڊيو پنجولي جو افتتاح ٿيو.
16 فيبروري 1944ع تي برصغير جي فلمي صنعت جي پھرين معمار دادا صاحب پالڪي جو وڇوڙو ٿيو.
16 فيبروري 1947ع تي مشھور اديب اسلم ڪشميري جي شادي ٿي.
16 فيبروري 1948ع تي ڀارت جي مشھور ليکڪا وينا شرنگي ڌيءَ مھراج گوپي ڪرشن شھدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائي.
16 فيبروري 1971ع تي مشھور شاعر نثار بيالوي کي حيدرآباد ۾ ”مجتھد الشعراء“ جو خطاب ڏنو ويو.
16 فيبروري 1981ع تي الطاف راجا اصل نالو الطاف حسين ذات چنو چنا ڳوٺ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، مضمون نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ ايڊيٽر اٿس.
16 فيبروري 1988ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ شاعر رشيد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.
16 فيبروري 2016ع تي ناميارو اديب پروفيسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪيو.
16 فيبروري 1997ع تي ناميارو اديب، راهي چنا وفات ڪري ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڪالونيءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
17 فيبروري 1405ع تي تيمور بادشاهه جو وڇوڙو ٿيو.
17 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ انگريز ۽ ٽالپرن جي لشڪر ۾ خونريز جنگ لڳي.
17 فيبروري 1924ع تي اسڪالر ڊاڪٽر حبيب الله مرزا جو جنم ڏينھن آهي.
17 فيبروري 1929ع تي سياسي اڳواڻ ارباب حاجي خميسو ميمڻ لاڏاڻو ڪيو.
17 فيبروري 1945ع تي ناميارو فنڪار، ٽيلي ويزن ۽ ڊرامه نگار محمود صديقي ولد مولوي احمد صديقي سکر ۾ ڄائو.
17 فيبروري 1948ع تي پاڪستان ۾ نوٽن ۽ سڪن تي پھريون دفعو اردو ۽ انگريزي زبان ۾ دولت مشترڪه لکيو ويو.
17 فيبروري 1951ع تي پاڪستان جو پائلٽ آفيسر راشد منھاس شھيد ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
17 فيبروري 1965ع تي پارس عباسي سنڌ جي نالي واري شاعر تنوير عباسي جي نياڻي آهي. ادبي سڃاڻپ شاعره اٿس؟
17 فيبروري 1973ع تي قراقرم جي رستي چين ۽ پاڪستان جو رابطو شروع ٿيو.
17 فيبروري 1976ع تي شاعر غمدل غني اصل نالو عبدالغني منگي، رستم شڪارپور ۾ جنم ورتو.
17 فيبروري 1988ع تي اسڪائوٽنگ جي خدمت ڪندڙ رحم علي جعفري لاڏاڻو ڪري ويو.
18 فيبروري 1201ع تي فلسفي نصير الدين الطوسي جو جنم ڏينھن آهي.
18 فيبروري 1266ع تي ناصر الدين محمود جو وڇوڙو ٿيو.
18 فيبروري 1546ع تي عيسائيت جو وڏو مصلح مارٽن لوٿر جو وڇوڙو ٿيو.
18 فيبروري 1782ع تي ٽيپو سلطان، برطانوي ڪمانڊر بريٿ ويٽ جي خلاف تجور جي هنڌ تي فتح حاصل ڪئي.
18 فيبروري 1831ع تي سيد صبغت الله شاهه اول تجر ڌڻي (پھريون پير پاڳارو) وفات ڪئي. سيد صبغت الله شاهه اول جو جنم 1769ع ۾ ٿيو.
18 فيبروري 1843ع تي چارلس نيئپر، مير محمد نصير خان ۽ ٻين ميرن کي گرفتار ڪيو.
18 فيبروري 1930ع تي نظام شمسي جو سيارو پلوٽو سڀ کان پھرين دريافت ٿيو.
18 فيبروري 1931ع تي سنڌ ۽ هند جو ناميارو اديب ٺاڪر چاول ڪراچي ۾ جنم ورتو.
18 فيبروري 1936ع تي پير اصغر شاهه راشدي راهه رباني وٺي ويو سندس مزار پير ڳوٺ ۾ روضي شريف جي ٻاهران اتر طرف آهي.
18 فيبروري 1960ع تي سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر ڪامريڊ اظھر ولد مظهر علي جتوئي حيدرآباد ۾ ڄائو.
18 فيبروري 1967ع تي احمد علي ”مجذوب“ ڄام شورو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
18 فيبروري 1967ع تي سائنسدان رابرٽ اوپن هيمر جو وڇوڙو ٿيو.
18 فيبروري 1977ع تي زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام کي زرعي يونيورسٽي جو درجو مليو. سال 1928-29ع ڌاري ڪنگ جارج پنجين جي نالي سان سڪرنڊ ۾ هڪ زرعي ڪاليج قائم ڪيو ويو بعد ۾ انهيءَ ڪاليج کي 1954ع ۾ سڪرنڊ کان ٽنڊو ڄام منتقل ڪيو.
18 فيبروري 1977ع تي سنڌ ۾ ٽن ڪاليجن، زرعي ڪاليج، ٽنڊو ڄام، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۽ اين اِي ڊي ڪاليج ڪراچي کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو.
18 فيبروري 1981ع تي جيمس آباد جو نالو تبديل ڪري ڪوٽ غلام محمد رکيو ويو.
18 فيبروري 1981ع تي شاعر ماٺيڻو اوٺو وفات ڪئي.
19 فيبروري 1473ع تي عظيم سائنسدان نڪولس ڪوپرنيڪس جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1689ع تي پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خوشحال خان خٽڪ جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 1843ع تي ڪئپٽن پيلي قلعي ۾ رهندڙ بلوچ عملي کي آگاهه ڪيو ته سڀاڻي انگريزي جهنڊو قلعي ۾ چاڙهيو ويندو.
19 فيبروري 1902ع تي سنڌ جو مشھور ناميارو ديني عالم مولانا عبدالله چانڊيو، ولد غلام حيدر چانڊيو، ڳوٺ ملان چانڊيي (جواب پور چانڊيي) ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
19 فيبروري 1915 ع تي گوڪلي جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 1928ع تي مشھور اديب باسط سليم جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1949ع تي سياستدان اسفند يار ولي جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1951ع تي مذهبي عالمِ دين، علامه طاهر القادر جو جنم ڏينھن آهي.
19 فيبروري 1952ع تي مذهبي اسڪالر مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
19 فيبروري 1971ع تي الجزائر جي صدر بن يزيد شازل اقتدار سنڀاليو.
19 فيبروري 1976ع تي تحريڪِ پاڪستان جي ممتاز رهنما سردار امير اعظم خان جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 1977ع تي ايٿوپيا جي چيئرمين يلنگوهيل مدم اقتدار سنڀاليو.
19 فيبروري 1998ع تي فلمي اداڪار آغا تالش جو وڇوڙو ٿيو.
19 فيبروري 2008ع تي صحافي ۽ ليکڪ رام ڪرشن هيرانند راهي ديھانت ڪئي.
19 فيبروري 2015ع تي ماهر تعليم، ليکڪ ۽ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي جو وڇوڙو ٿيو.
20 فيبروري 1506ع تي جھازراني جو بادشاهه ڪرسٽوفر ڪولمبس جو وڇوڙو ميلا ڊولڊ ۾ ٿيو.
20 فيبروري 1843ع تي منجهند جو (2) وڳي ڪرنل پٽيل پياده فوج، گهوڙي سوارن ٻن توپن سان حيدرآباد جي قلعي ۾ داخل ٿيو ۽ قلعي جي مناري تي اڇي ۽ ڳاڙهي رنگ جو ڇھن ستن پٽين وارو لڳل سنڌ جو نقشو لاهي اتي برطانيه جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو.
20 فيبروري 1846ع تي انگريزن لاهور تي قبضو ڪيو.
20 فيبروري 1900ع تي قائداعظم جي شريڪِ حيات رتنا ٻائي جو جنم ڏينھن آهي.
20 فيبروري 1921ع تي انڊونيشا جو صدر سھارتو جاوا ۾ جنم ورتو.
20 فيبروري 1929ع تي قائداعظم جي شريڪ حيات رتنا ٻائي جو وڇوڙو ٿيو.
20 فيبروري 1930ع تي مشھور اديب، يونس اديب جو جنم ڏينھن آهي.
20 فيبروري 1931ع تي مشھور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو.
20 فيبروري 1958ع تي موجوده دور جي تمام وڏي گلوڪاره عابده پروين ڌيءَ غلام حيدر جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 فيبروري 1977ع تي نوجوان شاعر تنھا سيف بخاري اصل نالو سيد سيف الله شاهه بخاري هالا ۾ جنم ورتو.
21 فيبروري 1857ع تي قابل قدر شاعر، بي نظير نثر نويس ۽ صحافي شمس الدين بلبل ولد بھادر خان ذات تنيو ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
21 فيبروري 1868ع تي مشھور شاعر امير مينائي جو جنم ڏينھن آهي.
21 فيبروري 1948ع تي برطانيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽرنگ جو معاهدو ٿيو.
21 فيبروري 1958ع تي مفڪر ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه جامع مسجد جي سامهون سرمد شھيد جي ڀر دهليءَ ۾ اٿس.
21 فيبروري 1961ع تي محمد علي ڪِلي جو مقابلو ڊوني فلي سان ٿيو.
21 فيبروري 1967ع تي درياءِ جھلم جو رخ منگلا ڍنڍ جي طرف موڙيو ويو.
21 فيبروري 1969ع تي مشھور شاعر ۽ بلند پايه عالم دين مولانا حبيب الله ولد سعد الله اعواڻ جنم ورتو. مولانا حبيب الله شھدادڪوٽي سان مشھور هو.
21 فيبروري 1972ع تي پوليس پھريون دفعو پشاور ۾ هڙتال ڪئي.
21 فيبروري 1980ع تي ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو جو جنم ڏينھن آهي.
21 فيبروري 1981ع تي قادر الڪلام شاعر عبدالله خواب هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
21 فيبروري 1985ع تي پير علي محمد اظھر ريلائي انتقال ڪيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، نقاد ۽ اديب هو.
21 فيبروري 2000ع تي موسيقار امداد حسين جو وڇوڙو ٿيو.
22 فيبروري 1857ع تي اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول جو جنم انگريز آفيسر جي گهر انگلينڊ ۾ ٿيو.
22 فيبروري 1904ع تي مشھور اديب وقار انيالوي جو جنم ڏينھن آهي.
22 فيبروري 1907ع تي لارڊ پائول آف گلول انگلستان جي برائون سي ٻيٽ تي ويهن ڇوڪرن تي ٻڌل جٿي تي پھرين هڪ سئو اسڪائوٽ ڪئمپ قائم ڪئي.
22 فيبروري 1911ع تي مشھور شاعر محمد جمن هالو ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
22 فيبروري 1915ع تي اڳوڻي صدر غلام اسحاق خان بنگش جو جنم ڏينھن آهي.
22 فيبروري 1922ع تي مولانا محمد قاسم مشوري پنھنجي ڳوٺ مشھوري شريف ۾ مدرسو قاسميه قائم ڪيو.
22 فيبروري 1923ع تي مشھور غزل گوشاعر حافظ شاهه ناطق حسيني ولد سيد الله بخش شاهه ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
22 فيبروري 1924ع تي سوچڻ جو عالمي ڏينھن ملهائڻ جي شروعات پھريون ڀيرو چوٿين گرل گائيڊ بين الاقوامي ڪانفرنس آمريڪا ۾ منعقد ڪئي وئي.
22 فيبروري 1948ع تي قائد اعظم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پھرين ۽ آخري پريس ڪانفرنس سبي ۾ ڪئي.
22 فيبروري 1969ع تي پاڪستان حڪومت 10 پيسن جو سڪو جاري ڪيو.
22 فيبروري 1974ع تي پاڪستان، بنگلاديش کي تسليم ڪيو.
22 فيبروري 1980ع تي افغانستان ۾ مارشلا جو نظام نافذ ڪيو ويو.
22 فيبروري 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ڀارومل اَمداڻي، سوٽھڙ چيلهار شھر، تعلقي ڇاڇڙي ۾ ڄائو.
22 فيبروري 1983ع تي مشھور شاعر جوش مليح آبادي، اصل نالو شبير حسين خان آفريدي جو وڇوڙو ٿيو.
23 فيبروري 1821ع تي مشھور انگريز شاعر جان ڪيٽس جو وڇوڙو ٿيو.
23 فيبروري 1913ع تي جالب دهلوي جي ادارت هيٺ، همدرد اخبار جاري ٿي.
23 فيبروري 1931ع تي شاعر ضياءَ الحق اسلم جو جنم ڏينھن آهي.
23 فيبروري 1948ع تي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
23 فيبروري 1951ع تي نامياري قومي شاعر، غلام احمد نظامي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
23 فيبروري 1970ع تي گويانه صدر آرٿر چنگ برسر اقتدار سنڀاليو.
23 فيبروري 1976ع تي ڪلڪتي ۾ مسلم ڪش فسادن جي ڪري فوج کي طلب ڪيو هيو.
23 فيبروري 1984ع تي برونائي جو قومي ڏينھن آهي.
23 فيبروري 1989ع تي شاعر عبدالله آس هنڱورو جو جنم ڏينھن آهي.
23 فيبروري 2008ع تي مشھور براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو جو وڇوڙو ٿيو.
23 فيبروري 2015ع تي سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوان داس چالاڻو ڪيو.
24 فيبروري 1304ع تي مشھور مسلمان سياح ابن بطوطه جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1918ع تي يورپي ملڪ ايستونيا آزاديءَ جوا علان ڪيو.
24 فيبروري 1923ع تي مشھور اديب، ايوب صابر جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1935ع تي نامور قانوندان ۽ سياستدان عبدالحفيظ ولد عبدالستار پيرزادو پراڻي سکر ۾ ڄائو.
24 فيبروري 1940ع تي ليکڪ مظھر قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1955ع تي ممتاز محقق ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر سيد سجاد دهلوي جو وڇوڙو ٿيو.
24 فيبروري 1974ع تي اتر يمن ۽ ڏکڻ يمن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي.
24 فيبروري 1981ع تي ڪرڪيٽر محمد سميع جو جنم ڏينھن آهي.
24 فيبروري 1981ع تي برطانيه جي شھزادي چارلس، ليڊي ڊائنا اسپينسر سان منڱڻيءَ جو اعلان ڪيو.
24 فيبروري 2005ع تي تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو وڇوڙو ٿيو.
25 فيبروري 1885ع تي جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏيندڙ شاعر ڪشنچند بيوس لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
25 فيبروري 1926ع تي تعليمي ماهر ڀڳوان داس، مير چنداڻي جو جنم ڏينھن آهن.
25 فيبروري 1941ع تي تعليمي ماهر، استاد ۽ محقق اي آر ملڪ مڪمل نالو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ گهوٽڪي ۾ ڄائو.
25 فيبروري 1942ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي ولد سچي ڏنو قاضي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
25 فيبروري 1948ع تي پاڪستان ۾ اردو کي قومي اسيمبليءَ ”قومي زبان“ جو درجو ڏنو.
25 فيبروري 1948ع تي مسئلي ڪشمير کي اقوام متحده ۾ پيش ڪيو ويو.
25 فيبروري 1952ع تي شاعر مير غلام رسول غريب ٽالپر ڳوٺ مير باغ علي خان ضلعي بدين ۾ ڄائو.
25 فيبروري 1960ع تي پاڪستان جو نئون گاديءَ جو هنڌ اسلام آباد کي مقرر ڪيو ويو.
25 فيبروري 1965ع تي شاعر اعجاز منگي جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1979ع تي شاعر ۽ سماجي ورڪر علي حسن چڍڙ جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1984ع تي شاعر نند لال مينگهواڙ جو جنم ڏينھن آهي.
25 فيبروري 1986ع تي فلپائن ۾ مسز اڪينو جي قيادت ۾ عبوري حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو.
25 فيبروري 2007ع تي نظر لاکائي هن فاني ڏيھه کي ڇڏي مالڪ حقيقي سان مليو آخري آرامگاهه وڏا لاکا صوڀي ديري ۾ اٿس.
26 فيبروري 1802ع تي مشھور افسانه نگار ۽ عظيم شاعر وڪٽر هيوگو جو جنم ڏينھن آهي.
26 فيبروري 1917ع تي مشھور اديب قدرت الله شھاب جو جنم ڏينھن آهي.
26 فيبروري 1938ع تي شاعر آخوند زخمي هالائي جو جنم ڏينھن آهي.
26 فيبروري 1943ع تي سياسي ۽ سماجي ورڪر عبد الرحمان محمد يعقوب جو وڇوڙو ٿيو.
26 فيبروري 1943ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر لال نارنگ جو جنم ڏينھن آهي.
26 فيبروري 1952ع تي برطانوي وزيراعظم چرچل ايٽم بم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
26 فيبروري 1967ع تي نيپال جي شاهه مھندار ۽ ملڪه رتنا پاڪستان جي دوري تي آئيون.
26 فيبروري 1976ع تي محقق ۽ اديب محمد حنيف صديقي لاڏاڻو ڪيو.
26 فيبروري 1984ع تي اداڪاره وينا ملڪ جو جنم ڏينھن آهي.
26 فيبروري 2003ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
26 فيبروري 2015ع تي ناميارو راڳي صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ مڪي مڪرمه سعودي عرب ۾ راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه مِٺي ۾ اٿس.
27 فيبروري 1883ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق ديوان سوڀراج نرملداس فاني حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
27 فيبروري 1928ع تي نالي وارو شاعر فقير جعفر علي پنھور ولد باقر علي ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
27 فيبروري 1932ع تي شاعر آس صابلداس ولسواڻي ”مجبور“ بنگل ديرو ۾ جنم ورتو.
27 فيبروري 1947ع تي انڊونيشيا جو صدر سوئيڪارنو پنھنجا سڀ اختيارات جنرل سوهارتو جي سپرد ڪيا.
27 فيبروري 1952ع تي پھريون دفعو پاڪستان ۾ اينٽي قادياني تحريڪ شروع ٿي.
27 فيبروري 1953ع تي سنڌ جو ناميارو مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ اصل نالو عبدالرشيد ولد شفيع محمد چارڻ دادو شھر ۾ جنم ورتو.
27 فيبروري 1959ع تي اي آر خان، پاڪستان بحري فوج جو ڪمانڊر اِن چيف مقرر ٿيو.
27 فيبروري 1959ع تي شاعر اختر هالائي جو وڇوڙو ٿيو.
27 فيبروري 1970ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر رياضت ٻرڙو ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
27 فيبروري 1971ع تي نوجوان ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن اياز مھيسر تعلقي ميھڙ جي ڳوٺ قاضي محمد عارف ۾ جنم ورتو.
27 فيبروري 1973ع تي شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جو لاڏاڻو ٿيو.
27 فيبروري 1985ع تي بين الاقوامي شھرت يافته نيورو سرجن ڊاڪٽر جمعه جو وڇوڙو ٿيو.
27 فيبروري 1986ع تي مصر ۾ پوليس بغاوت ڪئي.
28 فيبروري 1922ع تي مصر ۾ بادشاهت شروع ٿي.
28 فيبروري 1931ع تي مضمون نگار ۽ صحافي ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو موهن جي دڙي جي ڳوٺ ڪاراڻي ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ (1988ع.)
28 فيبروري 1948ع تي ڪشمير جي چوڌري غلام عباس مرحوم، جمون جيل کان آزاديءَ کانپوءِ پاڪستان هليو آيو.
28 فيبروري 1949ع تي عبدالحڪيم سومرو راڻي پور شھر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر اٿس.
28 فيبروري 1949ع تي ٽي وي اداڪار صلاح الدين تونيو ولد محمد ابراهيم تونيو خيرپور جوسي ڀرسان ڳوٺ حاجي ڌڻي بخش تونيو تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
28 فيبروري 1951ع تي پاڪستان ۾ مردم شماري جو آغاز ٿيو.
28 فيبروري 1952ع تي ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ استاد سليم اختر ڪورائي، خيرپور ميرس شھر ۾ جنم ورتو.
28 فيبروري 1965ع تي شاعر، اديب، صحافي ۽ سماج سڌارڪ زاهد ميراڻي اصل نالو زاهد حسين ولد قادر بخش ميراڻي ڌاڪ تلاءَ، رتيديري ۾ جنم ورتو.
28 فيبروري 1974ع تي صحافي ۽ سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو وڇوڙو ٿيو.
28 فيبروري 1979ع تي مولانا سيد ابوالاعلى مودودي کي پھريون ”فيصل“ ايوارڊ ڏنو ويو.
28 فيبروري 1985ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن ٿي.
28 فيبروري 1986ع تي سويڊن جي وزيراعظم اولف پالمي جو قتل ٿيو.
28 فيبروري 1986ع تي ممتاز شاعر، مرثيه نگار ۽ مترجم امروهي جو وڇوڙو ٿيو.
28 فيبروري 1991ع تي پھرين خليجي جنگ جو خاتمو ٿيو.
29 فيبروري 1976ع تي پرنس ڪريم آغا خان ”آغا خان ايوارڊ جاري ڪيو، جيڪو فن تعمير متعلق آهي. سندس مقصد آهي ته دنيا جون عظيم يادگار عمارتون جيڪي زبون ٿي رهيون آهن، تن جي حفاظت ڪئي وڃي.

مارچ

عيسوي سال جو ٽيون مھينو مارچ آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”مارس“ (MARS) ديوتا جي نالي تي پيو. اهِل روم مارس ديوتا کي جنگ جو ديوتا چوندا آهن. هي تمام خطرناڪ ديوتا هو ۽ هن جي شڪل تمام خوفناڪ هئي. روم وارن جو عقيدو هو ته ڪڪر، برسات، بجلي سڀ مارس ديوتا جي هٿ ۾ آهن.

پھرين مارچ 1892ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولا بخش مسڪين ڀٽو شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1897ع تي مشھور شاعر ۽ اديب احسن ڪربلائي اصل نالو مرزا گل حسن بيگ ولد مرزا دوست ٽنڊو آغا حيدر آباد ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1899ع تي ٽلو مل ٽيڪ چند ڌيرواڻي دادو ضلعي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشھور/ سماجي ورڪر هو.
پھرين مارچ 1920ع تي مشھور عوامي شاعر ۽ راڳي مينهل فقير مھر ڳوٺ طيب ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1927ع تي قومي سردار ۽ سماج سڌارڪ ملڪ سڪندر خان، ولد ملڪ سردار خان ڳوٺ ٿاڻي بولان خان ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1927ع تي شاعر مولوي نورالدين نور ولد خاوند ڏنو چانڊيو قنبر علي خان جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڏاتو جي وانڍ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1932ع تي شاعر شيخ عبدالعليم جوش ولد شيخ عبدالله ”عبد“ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1934ع تي نامياري اسٽيج اداڪار ايس پي مينگهاڻي، اصل نالو سوڀراج پرسرام مينگهاڻي ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1935ع تي گڊو بئراج سکر جو افتتاح ٿيو.
پھرين مارچ 1939ع تي مشھور اديب مستنصر حسين تارڙ جوجنم ڏينھن آهي.
پھرين مارچ 1950ع تي شھنشاههِ ايران پاڪستان جي دوري تي آيو.
پھرين مارچ 1955ع تي استاد ۽ زرعي سائنسدان ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1955ع تي شاعريءَ سان ذوق رکندڙ راز علي گل ڀٽو ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف ۾ پيدا ٿيو.
پھرين مارچ 1956ع تي لسانيات، لغات، لطيفيات، جو ماهر آفتاب ابڙو، اصل نالو (عبدالله ابڙو) ڳوٺ گابرسڻ باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1956ع تي شاعر سجاد ميراڻي اصل نالو غلام حسين علي بخش ميراڻي جي گهر پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1960ع تي نوجوان شاعر زيب ڪنگو اصل نالو اورنگزيب ولد قادر ڏنو ڪنگو ڳوٺ ڪنگا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1961ع تي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اسير، ناميارو قانوندان سياسي اڳواڻ جھانگير راهوجو، وڳڻ شھر تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1962ع تي پاڪستان ۾ ٻيون آئين نافذ ڪيو ويو.
پھرين مارچ 1967ع تي علي محمد ڪاڪيـپوٽو ولد بھادر خان ڪاڪيـپوٽو وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ برصغير جو وڏو عالم محقق، اديب، ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.
پھرين مارچ 1968ع تي جنرل حافظ الاسد، شام جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو.
پھرين مارچ 1968ع تي ناميارو راڳي احمد مغل ولد حيات علي مغل پريالوءِ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
پھرين مارچ 1969ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار منظور جوکيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1970ع تي نوجوان شاعر مارو جمالي اصل نالو سڪندر علي ولد فيروز خان جمالي جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1972ع تي مراڪش ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو.
پھرين مارچ 1976ع تي شاعر ۽ صحافي ادريس عاجز، محمد مراد عباسي جي گهر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1977ع سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو بنياد پيو.
پھرين مارچ 1979ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي محمد خان غني وفات ڪئي.
پھرين مارچ 1981ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر مرتضيٰ لغاري پورو نالو غلام مرتضيٰ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين مارچ 1981ع تي صفي الله آءِ سومرو اصل نالو صفي الله سومرو ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اسسٽنٽ ايڊيٽر اٿس.
پھرين مارچ 1996ع تي شاعر عامر انصاري، محمد صالح انصاري جي گهر گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1888ع تي سياسي ليڊر سرشاهنواز ڀٽو ولد غلام مرتضيٰ خان ڀٽو ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1914ع تي مشھور مصور شاڪر علي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مارچ 1915ع تي سنڌي صحافت، ادب ۽ سياست جي قابل احترام شخصيت قاضي عبدالمجيد ”عابد“ سيوهڻ شريف ۾ پيدا ٿيو.
2 مارچ 1923ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو مهان ڪوي شيخ اياز، اصل نالو مبارڪ علي ولد غلام حسين شيخ سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ ڄائو.
2 مارچ 1933ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسي جنم ورتو.
2 مارچ 1944ع تي شاعر واسديو ونيسيمل سڌ ناڻي ”موهي“ ميرپورخاص ۾ جنم ورتو.
2 مارچ 1956ع تي مراڪش، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
2 مارچ 1963ع تي ڪي.ٽو تي پاڪستان جو قبضو حڪومت چين تسليم ڪيو.
2 مارچ 1964ع تي ليکڪ ڊاڪٽر گل بليدي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مارچ 1970ع تي روڊيسياڪو جمھوري خودمختياري حاصل ڪئي، جيڪو هاڻي زمبابوي جي نالي سان مشھور آهي.
2 مارچ 1981ع تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ پي آءِ اي جي جھاز کي هائيجيڪ ڪري ڪابل کڻي ويا.
2 مارچ 1992ع تي ازبڪستان اقوام متحده ۾ شموليت اختيار ڪئي.
2 مارچ 1995ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار واجد لاڏاڻو ڪيو.
2 مارچ 2000ع تي سنڌ جو يگانو ليکڪ، افسانه نويس ۽ شاعر انيس انصاري وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.
3 مارچ 1841ع تي مشھور عالمِ دين، صوفي بزرگ احمد يار خان مھر ولد عبدالغفار خان مھر ڳوٺ خان گڙهه ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
3 مارچ 1903ع تي بھترين شاعر ۽ اديب محمد خان غني ولد محمد دائود ميمڻ ڳوٺ ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
3 مارچ 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ليکڪ فتاح ملڪ شھر پنو عاقل ضلعي سکر ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1947ع تي مھتاب اڪبر راشدي، اصل نالو بدرالنساء ولد محمد عيسيٰ چنه نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ محقق، ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ، ٽي وي ڪمپيئر ۽ فنِ ثقافت علم ادب سان لاڳاپيل آهي.
3 مارچ 1951ع تي اديب ڊاڪٽراشرف سمون جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1957ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر عنايت ميمڻ اصل نالو عنايت الله ولد محمد يعقوب ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1962ع تي سياستدان ۽ گورنر عشرت العباد خان جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1969ع تي صحافي منور شيخ جو جنم ڏينھن آهي.
3 مارچ 1972ع تي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جو عھدو ختم ڪري چيف آف آرمي اسٽاف جو عھدو مقرر ڪيو ويو.
3 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر خاڪِي جاني بدين ۾ جنم ورتو.
3 مارچ 1981ع تي شھزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شاديءَ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.
3 مارچ 1982ع تي اردو جي نامور شاعر فراق گورکپوري جو وڇوڙو ٿيو.
3 مارچ 1988ع تي شاعر احمد گل، اصل نالو احمد خان ولد حبيب الله سولنگي جي گهر ڳوٺ رحيم ڏنو سولنگي ضلعي نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1193ع تي سلطان صلاح الدين ايوبي جو وڇوڙو ٿيو.
4 مارچ 1201ع تي مشھور مصنف ۽ ماهر نجوم، فلسفي خواجه نصير الدين طوسي جو جنم ڏينھن آهي.
4 مارچ 1665ع تي برطانوي بادشاهه چارلس (ٻيو) هالينڊ سان جنگ جو اعلان ڪيو.
4 مارچ 1789ع تي آمريڪا ۾ جمھوريت جو آغاز ٿيو.
4 مارچ 1861ع تي ابراهيم لنڪن آمريڪا جو صدر بڻيو.
4 مارچ 1940ع تي مشھور اديب مختلف ٻولين جو ماهر ۽ شاعر داد محمد ”خادم“ بروهي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
4 مارچ 1953ع تي ڪينيڊا جو جيٽ جھاز ڪراچي ايئرپوريٽ تي ڪري تباهه ٿيو.
4 مارچ 1945ع تي فن لينڊ، جرمني سان جنگ جو اعلان ڪيو.
4 مارچ 1960ع تي ليکڪ ۽ مترجم ڊاڪٽر اسحاق انصاري انيس انصاري جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1960ع تي علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ احمد خان شيدا ابڙو لاڏاڻو ڪيو.
4 مارچ 1975ع تي شاعر اسير اياز اصل نالو اياز حسين چنه راڌڻ اسٽيشن جي ويجهو جنم ورتو.
4 مارچ 1987ع تي نوجوان شاعر ۽ نثر نويس بسمل - اصل نالو منصور احمد چانڊيو ولد سرمد چانڊيو جي گهر قنبر ۾ جنم ورتو.
4 مارچ 1998ع تي سنڌ جي برک ڪھاڻيڪاره ۽ نقاد خيرالنساءِ جعفريءَ وفات ڪئي.
4 مارچ 2013ع تي نامياري سماج سڌارڪ ۽ انسانيت جي شيواڌار ڊاڪٽر هر چند راءِ عمر ڪوٽ ۾ پنھنجي گهر رين بسيرا ۾ وفات ڪئي.
5 مارچ 1909ع تي سيد صبغت الله شاهه ثاني شھيد (پڳ ڌڻي) سورهيه بادشاهه ڇهون (پير پاڳارو) سنڌ جي تاريخ ۽ حُر تحريڪ جو عظيم اڳواڻ پير جي ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
5 مارچ 1913ع تي حاجن شاهه ”هم وطن“ سيتائي ولد سيد فتح محمد شاهه ڳوٺ سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو. پاڻ سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
5 مارچ 1930ع تي شاعر، حڪيم ۽ استاد محسن لاڙڪاڻوي، اصل نالو محمد حسن ”محسن“ ولد فقير محمد چنا ميرانپور ٻرڙو ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1944ع تي قومي شاعر راشد مورائي اصل نالو سيد راشد علي شاهه ولد سيد علي شاهه ”خادم“ ضلعي نوشھروفيروز ۾ پيدا ٿيو.
5 مارچ 1951ع تي ايشين گيمز جو آغاز ٿيو.
5 مارچ 1953ع تي روس جي سابق صدر جوزف اسٽالن جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 1957ع تي زميندار ۽ سياستدان اعجاز جکراڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1963ع تي اديب، شاعر، سماجي سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ انتظار حسين ڇلگري ڳوٺ ڏيول ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1977ع تي نوجوان ٽھيءَ جو شاعر عبدالحميد آس ٻٻر جوهيءَ ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1978ع تي نوجوان شاعر، صحافي ۽ پبلشر ساجد سنڌي، محمد صادق جاگيراڻي جي گهر ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1983ع تي شاعر مجيب سنڌي اصل نالو مجيب الرحمان ولد محمد حيات دوڙ ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ جنم ورتو.
5 مارچ 1987ع تي تحريڪ آزادي جو ممتاز رهنما سينيٽر راحت سعيد چتاري جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 1992ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ڄام صادق جو وڇوڙو ٿيو.
5 مارچ 2012ع تي سنڌ جو قومي شاعر سرڪش سنڌي، اصل نالو عبدالمجيد چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي جي علي بحر قبرستان ۾ اٿس.
5 مارچ 2017ع تي شاعر ۽ استاد عبدالرحمٰن عبد مغيري راهه رباني ورتي آخري آرامگاهه ميان لال ۾ اٿس.
5 مارچ 2018ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي لاڏاڻو ڪيو.
6 مارچ 1888ع تي فرانسيسي گورنر ليگارڊي، شھر جبوتي جو بنياد رکيو.
6 مارچ 1933ع تي پھريون اقبال ڏينھن ملهايو ويو.
6 مارچ 1952ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ زرعي ماهر محمد امين ولد موليڏنو ڳوٺ موري منگر تعلقي ۽ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
6 مارچ 1959ع تي غزل گو شاعر اياز گل اصل نالو (اياز علي دل) سکر ۾ پيدا ٿيو.
6 مارچ 1963ع تي شام ۾ فوجي انقلاب آيو.
6 مارچ 1973ع تي آمريڪي نوبل يافته مصنف پرل بڪ جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 1974ع تي پاڪستان ريڊ ڪراس سوسائٽي جو نالو تبديل ڪري هلال احمر رکيو ويو.
6 مارچ 1978ع تي نوجوان ليکڪ ۽ ترجمي نگار خالد وسير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
6 مارچ 1980ع تي آزاد انور ڪانڌڙو اصل نالو انور ڪانڌڙو ڳوٺ احمد خان ڪانڌڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سڄاڻ صحافي، ليکڪ، مضمون نگار ۽ مقالا نگار اٿس.
6 مارچ 1990ع تي مشھور گلوڪاره مالا جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 2001ع تي ليکڪ ۽ شاعر انور ضياءَ عباسي جو وڇوڙو ٿيو.
6 مارچ 2007ع تي سيد ڪامل شاهه جھانيان هي فاني جھان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. سندن آخري آرام گاهه درگاهه مانڌم سوڀو ديرو جي ويجهو آهي.
7 مارچ 1844ع تي عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني ڳوٺ همايوني تعلقي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
7 مارچ 1928ع تي محمد علي صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1931ع تي مشھور شاعر سرجيت سنگهه جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1950ع تي نالي وارو شاعر مير عبدالرسول مير گمبٽ ضلعي، خيرپور ۾ جنم ورتو.
7 مارچ 1952ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر ويوين رچرڊ جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1955ع تي بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1971ع تي جنرل ٽڪا خان کي مشرقي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
7 مارچ 1981ع تي آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينھن آهي.
7 مارچ 1982ع تي صوبي سرحد جي اڳوڻي گورنر، ارباب سڪندر خان خليل کي قتل ڪيو ويو.
7 مارچ 1998ع تي سنڌ جو مشھور ترقي پسند اديب، شاعر صحافي ۽ بيباڪ سياستدان ڪامريڊ برڪت علي آزاد وفات ڪئي.
7 مارچ 1999ع تي مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو لاڏاڻو ٿيو.
7 مارچ 2000ع تي سياستدان بيگم طاهره آغا جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1884ع تي شاهه لطيف جي بيتن جو شارح هوتچند مولچند گربخشاڻي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
8 مارچ 1897ع تي افغانستان جو رهنما جمال الدين افغاني جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1908ع تي قومي شاعر، بيباڪ صحافي محمود هالائي ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ نوان هالا ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
8 مارچ 1979ع تي عورتن جو عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ نوٽيس ورتو 20 ڊسمبر 1999ع تي جنرل اسيمبلي عورتن جي متڀيد جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون.
8 مارچ 1921ع تي نامور فلمي نغمه نگار، ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مارچ 1931ع تي پنجابي فلمن جي مشھور اداڪار يوسف خان جو جنم ڏينھن آهي.
8 مارچ 1942ع تي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو ڳوٺ ڪاٺيا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ ڄائو.
8 مارچ 1945ع تي هند سنڌ جو ناميارو اديب، ڪھاڻيڪار، اخبار نويس ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڪنڊياري ۾ ڄائو.
8 مارچ 1957ع تي گانا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
8 مارچ 1966ع تي شاعر ادل سولنگي ڳوٺ مھرابپور تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو.
8 مارچ 1977ع تي مشھور افسانه نگار ڪرشن چندر جو وڇوڙو ٿيو.
8 مارچ 1977ع تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
8 مارچ 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ستار سندر اصل نالو عبدالستار مري ڳوٺ واحد بخش مري، نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
8 مارچ 1983ع تي جڳ مشھور الغوزي نواز خميسو خان لاڏاڻو ڪيو.
9 مارچ 1746ع تي نپولين ۽ جوز بقائن جي شادي ٿي.
9 مارچ 1825ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ جي ولادت ٿي.
9 مارچ 1846ع تي بھترين شاعر ۽ مضمون نگار آخوند فقير محمد ”عاجز“ ولد آخوند محمد موسيٰ قريشي حيدرآباد جي شيراڻي محلي ۾ ڄائو.
9 مارچ 1924ع تي سنڌ جو مخلص انسان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
9 مارچ 1933ع تي مشھور اديب، اردو، فارسي ۽ گوجري ٻوليءَ جو شاعر صابر آفاقي جو جنم ڏينھن آهي.
9 مارچ 1942ع تي نالي وارو نقاد، ڪھاڻيڪار ممتاز مھر سکر ۾ جنم ورتو.
9 مارچ 1948ع تي ممتاز ماهر قانون غلام علي ميمڻ جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 1951ع تي مشھور شاعر فيض احمد فيض راولپنڊي سازش ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو.
9 مارچ 1961ع تي ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينھن آهي.
9 مارچ 1978ع تي ملڪ جي ممتاز ديني روحاني پيشوا مخدوم محمد شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 1985ع تي پاڪستان جي ممتاز دانشور جِي الانا جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 2000ع تي نامياري لوڪ راڳي پٺاڻي خان جو وڇوڙو ٿيو.
9 مارچ 2010ع تي شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ملڪ نديم جو وڇوڙو ٿيو. ڊاڪٽر ملڪ نديم جو اصل نالو عبدالرزاق هو.

10 مارچ 1739ع تي نادر شاهه، دهليءَ ۾ قتل عام ڪرايو.
10 مارچ 1739ع تي غدر جي بعد لال قلعو دهليءَ جو دروازو کوليو ويو.
10 مارچ 1869ع تي مسلم ليگ جو نالو تجويز ڪندڙ سر محمد شفيع جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1872ع تي عالم دين مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1876ع تي ٽيليفون تي پھريون پيغام گراهم بيل پنھنجي هڪ دوست والسٽن کي ڏنو.
10 مارچ 1910ع تي (سھڻا سائين) خواجه الله بخش غفاري ولد حضرت محمد مٺل (پير مٺا سائين رح) جو جنم شھر خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ ٿيو.
10 مارچ 1932ع تي زيب ڀٽي، پورو نالو قادر بخش ڀٽي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ؛ اديب ۽ استاد اٿس.
10 مارچ 1935ع تي شاعر، مترجم ۽ ڪھاڻيڪار بشير مورياڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1938ع تي ذوالفقار راشدي ولد سيد محمد امام شاهه راشدي پير ڳوٺ (شاهه جو ڳوٺ) لڳ نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ معروف شاعر، اديب ۽ صحافي اٿس.
10 مارچ 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ، شاعر، ڊراما نگار ۽ تنقيدنگار امداد حسيني (سانول) ٽکڙ وسئين ملوڪ شاهه ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1945ع تي مشھور ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
10 مارچ 1950ع تي ايران جي رضا شاهه پھلوي سڀ کان پھرين شاهي قلعي لاهور جو سير ڪيو.
10 مارچ 1957ع تي شاعر عادل سخيراڻي اصل نالو غلام رسول ولد فقير محمد خان سخيراڻي جو جنم ٿيو.
10 مارچ 1959ع تي مشھور رانديگر ڪپل ديو جو جنم ڏينھن آهي.
10 مارچ 1973ع تي مشھور صحافي ۽ پروڊيوسر نور جوکيو گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1974ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊراما نگار رفيق وقار، محمد قاسم کھڙو جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
10 مارچ 1982ع تي ڪراچي ۾ پاڪستان، سريلنڪا جي خلاف پھريون ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ 204 رنـز تان کٽيو.
10 مارچ 1986ع تي موتين جھڙو انسان تاج محمد ابڙو 62 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
10 مارچ 1995ع تي مشھور راڳي موهن ڀڳت وفات ڪئي.
11 مارچ 1858ع تي جنگ آزاديءَ دوران انگريزن لکنؤ تي قبضو ڪيو.
11 مارچ 1884ع تي مشھور شاعر الفريڊ دارالامر جي باقاعده رڪنيت اختيار ڪئي.
11 مارچ 1892ع تي آمريڪي رياست مساجو سيٽس ۾ باسڪٽ بال جو پھريون عوامي مقابلو ٿيو.
11 مارچ 1922ع تي ملائيشيا جي رياست پاهانگ ۾ تنڪو عبدالرزاق جو جنم ٿيو.
11 مارچ 1924ع تي تحريڪ آزادي جو سورهيه سچو سپاهي هيمون ڪالاڻي پٽ پيسومل ڪالاڻي سندس اصل نالو راهي هيمن هو، پر پيار مان کيس هيمون چوندا هئا، هيمون ڪالاڻي سکر ۾ ڄائو.
11 مارچ 1934ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر سليم اختر جو جنم ڏينھن آهي.
11 مارچ 1935ع کان فارس کي ايران چيو وڃي ٿو.
11 مارچ 1948ع تي مشھور تعليمدان ۽ ليکڪ سيد ديدار حسين شاهه ديھه ڪلانڪوٽ، چاچڙڪي مڪان، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
11 مارچ 1969ع تي نوجوان دانشور، ڪالم نگار ۽ نقاد جامي چانڊيو ڳوٺ ٽوڙهي بجار، تعلقي قنبر، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. اصل نالو جاويد احمد چانڊيو اٿس.
11 مارچ 1969ع تي شھيد سنڌ، بھادر نياڻي ۽ سورمي، غزاله بتول صديقي، دادو ضلعي جي علمي ادبي شھر پاٽ شريف ۾ جنم ورتو.
11 مارچ 1973ع تي مشھور ناول نگار خاتون ممتاز شيرين جو وڇوڙو ٿيو.
11 مارچ 2013ع تي نامياري راڳي غلام علي سنديلو جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1828ع تي جرمن ماهرِ لسانيات، محقق ۽ لطيف جي پارکو ارنيسٽ ٽرمپ جرمنيءَ جي شھر السفيلڊ ۾ ڄائو.
12 مارچ 1915ع تي صوفي راڳ جي مشھور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1917ع تي روس ۾ انقلاب آيو.
12 مارچ 1922ع تي سنڌي علم ادب جو روشن ستارو محبوب علي چنه سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو.
12 مارچ 1925ع تي صوفي فقير موهن لال آهوجا جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1935ع تي شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سگهارو ڪھاڻيڪار غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
12 مارچ 1945ع تي ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1947ع تي نالي وارو شاعر عاجز اڄڻ جو جنم ڏينھن آهي.
12 مارچ 1948ع تي ڪراچي کي پاڪستان جي گاديءَ وارو هنڌ بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو.
12 مارچ 1967ع تي انڊونيشيا ۾ جنرل سھارتو اقتدار سنڀاليو.
12 مارچ 1972ع تي ڪمپيئر ۽ اداڪار نعمت الله جوڻيجو (محمد ملوڪ) ولد حسين بخش جوڻيجو ڳوٺ ٺل جوڻيجو تعلقه رتوديرو ۾ جنم ورتو.
12 مارچ 1985ع تي بين الاقوامي اسلامي محقق ۽ مصنف ڊاڪٽر غلام جيلاني برق جو وڇوڙو ٿيو.
12 مارچ 1985ع تي شام جو حافظ الاسد ٽيون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊيو ويو.
12 مارچ 1987ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي 10 هين آئين جي ترميم کي منظور ڪيو.
12 مارچ 1992ع تي سٺو ڳائڻو ۽ ريڊيو آرٽسٽ حسين بخش خادم وفات ڪئي.
12 مارچ 1993ع تي انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1781ع تي يورنيس سيارو دريافت ٿيو.
13 مارچ 1889ع تي ايفل ٽاور کي مڪمل ڪيو ويو.
13 مارچ 1941ع تي سر شاهه محمد سليمان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1941ع تي صحافي عبدالغفار صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مارچ 1955ع تي قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظھر مغل جو جنم ڏينھن آهي.
13 مارچ 1960ع تي اسلام آباد ۾ عجائب گهر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
13 مارچ 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مزاحمتي شاعر حليم باغي اصل نالو عبدالحليم ولد محمد سومار ساند ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ، ضلعي ميرپور خاص ۾ ڄائو.
13 مارچ 1967ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر فرينڪ وارل جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 1978ع تي بنگلاديش جي سينيئر وزير مسيح الرحمان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 2007ع تي سينيئر صحافي احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مارچ 2009ع تي لالي ووڊ جو ناليوارو ڊائريڪٽر، فلمي اداڪار ڪيفي جو وڇورو ٿيو.
13 مارچ 2016ع تي قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
14 مارچ 1879ع تي مشھور سائنسدان آئن اسٽائن جو جنم ڏينھن آهي.
14 مارچ 1883ع تي فلاسافر، معيشتدان، سماجياتدان، صحافي ۽ انقلابي سوشلسٽ ڪارل مارڪس پروشيا جي وچولي طبقي ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1900ع تي ڪميونسٽ انقلاب ۽ تاريخ جو نامور اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاري ولد سيد زين العابدين بخاري ڀارت گجرات جي مشھور شھر احمد آباد ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1900ع تي ماهوار عصمت جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
14 مارچ 1933ع تي نامور اديب، شاعر ۽ استاد نيڀراج ولد گنگو مل سوٽھڙ جو ادبي نالو صوفي نيڀراج ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1937ع تي قادر الڪلام شاعر سرويچ سجاولي اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ ڳوٺ ابراهيم تارڙ لڳ سجاول ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
14 مارچ 1953ع تي ناليوارو اديب ۽ ليکڪ محمد خان زرداري ڳوٺ عالم خان زرداري تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
14 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر قادر بخش ”بشير“ وفات ڪئي.
14 مارچ 1959ع تي اديب قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر اديب انقلابي اصل نالو مظفر علي ولد علي حسن چانڊيو ڳوٺ گاهي خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1967ع تي لاهور، سرگودا ۽ سيالڪوٽ شھرن ۾ جنگ ۾ بھادري ۽ جوان مرديءَ جو مظاهرو ڪندڙ کي هلال استقلال جو اعزاز ڏنو ويو.
14 مارچ 1969ع تي ايئر مارشل اصغر خان، تحريڪ استقلال پارٽيءَ جو بنياد رکيو.
14 مارچ 1976ع تي بلبل سنڌ مولوي قاضي دوست محمد جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه ڪينيڊي مارڪيٽ لڳ عثمانيه مسجد لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
14 مارچ 1987ع تي سنڌي ادب جو روشن باب پير علي محمد راشدي ڪراچي ۾ انتقال ڪيو.
14 مارچ 1989ع تي شاعرهوش محمد درد ابڙو، ڪولاب جيئل ۾ جنم ورتو.
14 مارچ 1990ع تي شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1206ع تي سلطان معز الدين محمد غوري جو قتل ڪيو ويو.
15 مارچ 1846ع تي عالم ۽ شاعر مولوي الله بخش اٻوجهو جنم ورتو.
15 مارچ 1846ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر رکيل شاهه ولد ميان نور محمد شاهه ڳوٺ حليم شاهه تعلقي ميرپور (بلوچستان) ۾ ڄائو.
15 مارچ 1874ع تي جليل القدر ديني ۽ سماجي اڳواڻ محمد صادق (کڏي وارو) ولد مولانا عبدالله شيخ ڪراچي جي محلي کڏي ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1920ع تي مشھور سنڌي اخبار ”الوحيد“ جو پھريون پرچو شايع ٿيو.
15 مارچ 1922ع تي گيتن جو خوبصورت شاعر بردو سنڌي اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري ڳوٺ ماڪن ڪوري تعلقي ميرپور ماٿيلي ضلعي گهوٽڪي ۾ ولادت ٿيس.
15 مارچ 1925ع تي قادر الڪلام شاعر سليم ڳاڙهوي جو اصل نالو الھه ورايو ولد حاجي الهڏنو مھر هو. پاڻ ڳوٺ ڳاڙهوي ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
15 مارچ 1929ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر نشتر ناٿن شاهي اصل نالو غازي خان نشتر ولد بالو خان لغاري ڳوٺ ٻهاري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1930ع تي ڊاڪٽر غلام علي الانا ولد خواجه الله ڏنو ڳوٺ تڙ خواجه تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، عالم، محقق، دانشور ۽ ماهر لسانيات اٿس.
15 مارچ 1941ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ مترجم ولي رام ولڀ مٺي ضلعو ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
15 مارچ 1942ع تي لڪشمڻ امرومل دُبي ڳوٺ شر خيرپور ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر اٿس.
15 مارچ 1952ع تي مشھور اديبه رخسانه صولت جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1953ع تي نالي وارو چترڪار حفيظ الله کوهارو ڳوٺ سھڙا ڍورائي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ڄائو.
15 مارچ 1955ع تي پاڪستان جي ڪرڪيٽر محسن حسن خان جو جنم ڏينھن آهي.
15 مارچ 1956ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب ۽ محقق سوڀران نرملداس وفات ڪئي.
15 مارچ 1961ع تي نثر نويس محمد صالح کھڙو ولد فضل محمد کھڙو ڳوٺ کهڙا تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
15 مارچ 1969ع تي استاد نظاماڻي اصل نالو محمد ابراهيم نظاماڻي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، محقق ۽ نثر نويس اٿس.
15 مارچ 1969ع تي يوسف هارون مغربي (اولهه) پاڪستان جو گورنر مقرر ٿيو.
15 مارچ 1973ع تي شيخ مجيب الرحمان بنگلاديش جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو.
15 مارچ 1981ع تي انگلينڊ جو رانديگر بيرنگٽن جو وڇوڙو ٿيو.
15 مارچ 1995ع تي (شھيد ڀٽو گروپ) جو قيام عمل ۾ آيو. جنھن جو چيئرمين مير مرتضيٰ ڀٽو ٿيو.
15 مارچ 2001ع تي ماهر لسانيات ۽ لطيف سرڪار جو پارکو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
16 مارچ 1236ع تي سلسلي چشتيه جو باني حضرت خواجه معين الدين چشتي جو وصال ٿيو.
16 مارچ 1406ع تي تاريخدان ابن خلدون جو وڇوڙو ٿيو.
16 مارچ 1846ع تي نامور صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد رکيل شاه ولد نور محمد شاه ڳوٺ حليم شاهه، تعلقي ميرپور ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1878ع تي شاهه ايران رضا شاهه پھلوي جو والد رضا شاهه محمد جو جنم ڏينھن آهي.
16 مارچ 1903ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صوفي منش انسان آغا عبدالنبي عليگ ولد آغا گل حسن خان پٺاڻ شڪارپور ۾ ڄائو.
16 مارچ 1909ع تي سنڌ جو مزاحيه شاعر امام الدين ”ضامن“ ميھڙ جي ڀرسان دٻي ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1943ع تي آمريڪي سفير، آرنلڊ ليوس رافيل، نيويارڪ ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1956ع تي شاعر نظر لاکائي ڳوٺ وڏالاکا تعلقي صوبيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1957ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز ”نشانِ حيدر“ جي شروعات ٿي.
16 مارچ 1971ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار عزيز قاسماڻي اصل نالو عبدالعزيز چانڊيو ولد سونو خان (سرمد چانڊيو) جي گهر ڳوٺ جمع خان چانڊيي تعلقي قبو سعيد خان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1972ع تي نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ پھريون دفعو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ميچ کيڏي وئي.
16 مارچ 1975ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان شاعره ارم محبوب حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
16 مارچ 1987ع تي لاهور جي انگريزي اخبار پاڪستان ٽائيمز جي 40 هين سالگره ملهائي وئي.
16 مارچ 1996ع تي سنڌ جو سريلو فنڪار ڦوٽو زرداري وفات ڪئي ڦوٽي زرداري جي جنم ڀومي ضلعو سانگهڙ آهي پاڻ اٽڪل 1956ع تي پيدا ٿيو.
17 مارچ 1672ع تي انگلينڊ- هالينڊ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
17 مارچ 1861ع تي اٽليءَ آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
17- مارچ 1905ع تي داغ دهلوي اصل نالو مرزا محمد ابراهيم حيدرآباد دکن ۾ وفات ڪئي.
17 مارچ 1911ع تي پھريون دفعو مسلم اوقاف بل قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو.
17- مارچ 1920ع تي بنگلاديش جي باني، شيخ مجيب الرحمان جو جنم ڏينھن آهي.
17 مارچ 1920ع تي خلافت جو مسئلو مولانا محمد علي جوهر جي قيادت ۾ وفد برطانوي وزيراعظم سان مليو.
17 مارچ 1938ع تي اسلامي جدوجھد جي تاريخ جو امر انسان پير تراب علي شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
17 مارچ 1952ع تي ڪوري پائڊ، کان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي درميان، پي آءِ اي جي پھرين تجرباتي پرواز ٿي.
17 مارچ 1961ع تي شاعر سيف الله سيف جو جنم آهي.
17 مارچ 1971ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ذوالفقار ڪورائي، سردار صاحب خان ڪورائي پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1976ع تي براڊڪاسٽر وسند علي مھر خان پور جي قديم ڳوٺ ٿاهريو ۾ محمد صادق جي گهر ۾ جنم ورتو.
17 مارچ 1982ع تي سنڌ جو مشھور سيلاني فقير ۽ صوفي شاعر ولايت علي شاهه وصال ڪيو.
17 مارچ 1985ع تي روسي صدر ڪانسٽنٽائن الستيتوت چرننڪو جو وڇوڙو ٿيو.
17 مارچ 1987ع تي پاڪستان، انڊيا جي سرزمين تي پھرين ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي.
18 مارچ 1878ع تي مشھور عالم ۽ تحريڪ آزادي جو ڪارڪن عبدالرحيم شاهه سجاول ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
18 مارچ 1925ع تي اردو جي مشھور اديب محمد اسحاق ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
18 مارچ 1960ع تي شاعر، ڪمپيئر ۽ ڊراما شارٽ اسٽوري رائيٽر عبدالجبار آزاد منگي نصيرآباد جي منگي محلي ۾ جنم ورتو.
18 مارچ 1961ع تي جنوبي ڪوريا ۾ ڊاڪٽر جون چانگ جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو.
18 مارچ 1962ع تي ڊراما نويس، ڪمپيئر ۽ شاعر جبار آزاد منگي نصيرآباد، ضلعي قنبر - شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
18 مارچ 1970ع تي ڪمبوڊيا جي سربراهه پرنس سھانوڪ جي حڪومت ختم ڪئي.
18 مارچ 1975ع تي اسحاق سميجو ضلعي دادو جي ڳوٺ فضل پور ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ، شاعر، صحافي، ڪمپيئر ۽ ٻارن جو ليکڪ آهي.
18 مارچ 1978ع تي چوٿين عالمي هاڪي ٽورنامينٽ شروع ٿي.
18 مارچ 1978ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي سزاءِ موت ٻڌائي وئي.
18 مارچ 1982ع تي چشتيان بھاول نگر ۾ احسان دانش آخري مشاعري ۾ شرڪت ڪئي.
18 مارچ 1993ع تي ملڪ جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو آمريڪا ۾ وفات ڪئي. 20 مارچ تي سنڌڙي لڳ سندس ابائي قبرستان ڳوٺ دين محمد جوڻيجو ۾ گهرجي ڀرسان باغ ۾ دفنايو ويو.
18 مارچ 1994ع تي مشھور سنڌي اداڪار محبوب عالم جو وڇوڙو ٿيو.
18 مارچ 1999ع تي روازني تعمير سنڌ (اخبار) حيدرآباد مان قاضي شاهه محمد خريد ڪري جاري ڪئي.
18 مارچ 2007ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جو ڏکڻ آفريڪا ۾ ورلڊ ڪپ هلندي پراسرار موت ٿيو.
19 مارچ 1857ع تي جنگ آزادي جي پھرين گولي بازڪ پور جي مقام تي هلي.
19 مارچ 1885ع تي برصغير ۾ جديد شاعريءَ جو باني سرڳواسي ڪشن چند ”بيوس“ لاڙڪاڻي شھر جي مشھور حڪيم تير ٿداس کتري جي گهر ۾ جنم ورتو.
19 مارچ 1886ع تي شاعر، نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينھن آهي.
19 مارچ 1898ع تي ميران محمد شاهه (ٻيو) ولد سيد حاجي زين العابدين شاهه ٽکڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون، معروف اديب، شاعر، سياسي اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر هو.
19 مارچ 1911ع تي پھريون ڀيرو عورتن جو ڏينھن ملهايو ويو.
19 مارچ 1933ع تي شاعر عبدالفتاح عبد بٺورائي ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
19 مارچ 1949ع تي نالي وارو شاعر، سيد غضنفر علي ”راجا“ شھر رتوديرو ۾ سيد وريل شاهه جي گهر جنم ورتو.
19 مارچ 1953ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسڪول براڊ ڪاسٽ پروگرام شروع ڪيو.
19 مارچ 1960ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر خدا بخش خاڪي فقير شھدادڪوٽ ۾ وصال ڪيو.
19 مارچ 1972ع تي نيشنل اسٽيڊيم لاهور جو نالو تبديل ڪري قذافي اسٽيڊيم رکيو ويو.
19 مارچ 1972ع تي پاڪستان جي حڪومت پنجاب جي ڪمشنر ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
19 مارچ 1974ع تي اديب ڀڳت کيمچند جو چالاڻو ٿيو.
19 مارچ 1979ع تي مصور گل محمد کتري جو وڇوڙو ٿيو.
19 مارچ 1982ع تي ڪراچي ۾ پھريون ايشيائي هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ کيڏيو ويو.
19 مارچ 2006ع تي پاڪستان فلم انڊسٽري جو روشن ستارو اداڪار، محمد علي دل جي دوري سبب هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.
20 مارچ 1351ع تي محمد بن تغلق جو وڇوڙو ٿيو.
20 مارچ 1739ع تي نادر شاهه، هندستان جي شھر دهليءَ تي قبضو ڪيو.
20 مارچ 1923ع تي اردو جي ناليواري نثرنگار شوڪت صديقيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 1943ع تي پيرانِ پاگاره سلسلي جي پير صبغت الله شاهه ثاني کي انگريزن موت جي سزا ڏني.
20 مارچ 1956ع تي تيونس، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
20 مارچ 1966ع تي مشھور گلوڪارهه الڪا ياگنڪ جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 1969ع تي آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن، ويٽنام سان جنگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
20 مارچ 1971ع تي ڪھاڻيڪار ۽ مترجم جھانگير عباسي ولد غلام مصطفيٰ عباسي ڳوٺ محراب پور ڪلهوڙو تعلقه باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 مارچ 1976ع تي هند جي حڪمران مير جمال خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 مارچ 1987ع تي زمبابوي جي وزيراعظم رابرٽ موگا، پاڪستان جي دوري تي آيو.
20 مارچ 1987ع تي بالي ووڊ اداڪار ڪنگنا رناوت جو جنم ڏينھن آهي.
20 مارچ 2014ع تي مشھور صحافي، ناول نگار ۽ ليکڪ خشونت سنگهه جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مارچ 1897ع تي دين محمد اديب فيروز شاهي ڳوٺ فيروز شاهه تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. سڃاڻپ پاڻ بلند پايه عالم، نثر نويس ۽ شاعر هو.
21 مارچ 1912ع تي پاڪستان جو مشھور موسيقار خواجه خورشيد انور جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1921ع تي ڪوٽاري پريڊ جو افتتاح ٿيو.
21 مارچ 1924ع تي اردو جو مشھور اديب اسلم ڪاشميري جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1932ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو.
21 مارچ 1938ع تي مشھور خطاط، سرور راهي جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1940ع تي نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي ايم سيد جي گهر سن ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو.
21 مارچ 1949ع تي ويسٽ انڊيز جو مشھور ڪرڪيٽر ڪالي چرن جو جنم ڏينھن آهي.
21 مارچ 1962ع تي خواجه محمد طاهر نقشبندي، عالم معروف سڄڻ سائين جو جنم درگاهه رحمت پور، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
22 مارچ 1844ع تي مولانا تاج محمد امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه ڳوٺ ديواني لڳ ڳاڙهي موري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. مولانا تاج محمد امروٽي پاڻ برک عالم، فاضل، شاعر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
22 مارچ 1888ع تي فٽبال ليگ جو قيام عمل ۾ آيو.
22 مارچ 1913ع تي قائداعظم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
22 مارچ 1918ع تي شاعر ۽ ليکڪ اِندر ڀوڄواڻي اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند ڀوڄواڻي ڳوٺ ٻيلي تعلقي سجاول ضلعي ڪراچيءَ (هاڻي ٺٽي) ۾ ڄائو.
22 مارچ 1945ع تي عرب ليگ قائم ٿي.
22 مارچ 1946ع تي برطانيه، اردن کي آزادي ڏيڻ لاءِ معاهدي تي صحيح ڪئي.
22 مارچ 1954ع تي سڄاڻ شاعر بلبل کور واهي اصل نالو خان محمد جت کورواهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
22 مارچ 1974ع تي پاڪستان جي مشھور دانشور، اديب پروفيسر حميد احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
22 مارچ 1982ع تي مشھور شاعر احسان دانش جو وڇورو ٿيو.
22 مارچ 1984ع تي معروف شاعر عبدالعزيز خالد، قرآن مجيد جو منظوم ترجمو ڪيو.
22 مارچ 1999ع تي سنڌ موسيقيءَ جو روشن ستارو وحيد علي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. وحيد علي 1950ع ۾ ٽنڊي آدم شھر ۾ جنم ورتو.
22 مارچ 2005ع تي اداڪار رشيد خمار جو وڇوڙو ٿيو.
22 مارچ 2008ع تي اسرائيل، تلڪرم جو ڪنٽرول فلسطين حوالي ڪيو.
23 مارچ 1878ع تي آچاريه آسودو مل گدواڻي، سنڌ جي انھن آڳاٽن ليکڪن مان هو، جن سنڌي نثر ۽ ڪھاڻيءَ کي نئون رنگ ڏنو آسودومل گدواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
23 مارچ 1912ع تي آغا بدرالدين دُراني ولد آغا شمس الدين ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو سڃاڻپ، مشھور سياستدان ۽ علم ادب دوست رهيو.
23 مارچ 1925ع تي مشھور نڙائي فنڪار، مير محمد لنڊ ڳوٺ ڪيٽي مير نارو خان چڪ نمبر 3 تعلقي ڏيپلي ۾ پيدا ٿيو.
23 مارچ 1929ع تي مشھور براڊڪا سٽر سرور بلوچ دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
23 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان پيش ڪئي وئي.
23 مارچ 1948ع تي پاڪستان جي ڪرڪيٽر وسيم باري جو جنم ڏينھن آهي.
23 مارچ 1950ع تي نشانِ حيدر جو اعزاز جاري ڪيو ويو.
23 مارچ 1952ع تي ناميارو شاعر ۽ اديب قادر بخش ”مخلص“ ولد صحبت خان چانڊيو ڳوٺ گهنور خان چانڊيي تعلقي ساماري، ضلعي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
23 مارچ 1956ع تي پاڪستان ۾ پھريون آئين نافذ ڪيو ويو.
23 مارچ 1956ع تي پاڪستان، دنيا جو پھريون اسلامي جمھوريه ملڪ بڻيو.
23 مارچ 1957ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر ڪيپٽن محمد سرور شھيد کي مليو.
23 مارچ 1959ع تي سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آصف مٺياڻوي شھر مٺياڻي ۾ ڄائو.
23 مارچ 1963ع تي مشھور صوفي شاعر، نماڻو فقير ديھانت ڪئي سندس ارٿي سچل سائين جي پيرن کان آهي نماڻو فقير هڪ عورت جو نالو آهي. جنھن جو اصل نالو هاسي ٻائي يا رڪي ٻائي هو. جيڪا شڪارپور جي هڪ هندو ڏوڍاراهه جي نياڻي هئي. سخي قبول محمد (ثاني) نماڻو فقير نالو رکيس، نماڻو فقير جي ولادت 1888ع تي ٿي.
23 مارچ 1966ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر ميجر راجه عزيز ڀٽي شھيد کي مليو.
23 مارچ 1970ع تي شاعر، اديب، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن صمد رضوي ساز لاڏاڻو ڪري ويو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
23 مارچ 1970ع تي جدي ۾ اسلامي وزير خارجه ڪانفرنس منعقد ٿي.
23 مارچ 1979ع تي پاڪستان جي سڀ کان ننڍي ريجمنٽ سنڌ ريجمينٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
23 مارچ 1982ع تي ذوالفقار علي شيخ سوڀوديرو شھر ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري اٿس.
23 مارچ 1985ع تي محمد خان جوڻيجو وزيراعظم جو عھدو سنڀاليو.
23 مارچ 1992ع تي مشھور صوفي راڳي ڍول فقير گڙدن جي تڪليف جي ڪري هن جھان کي الوداع ڪيو. ڍول فقير جو اصل نالو ڍولڻ ولد فقير محمد خاصخيلي هو.
23 مارچ 2005ع تي ريڪارڊر ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ جي تحت پاڪستان جي مشھور چينل ”آج ٽي.وي“ پنھنجي نشريات جو آغاز ڪيو.
24 مارچ 1603ع تي انگلستان جي ملڪه الزبيٿ اول جو وڇوڙو ٿيو.
24 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان منظور ٿي.
24 مارچ 1946ع تي ڪيبنيٽ مشن دهليءَ پھتو.
24 مارچ 1946ع تي ماهر لسانيات، محقق هدايت پريم روهڙي شھر ۾ جنم ورتو. اصل نالو هدايت الله آخوند هئس.
24 مارچ 1948ع تي قائداعظم پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اردو کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪابه ٻئي زبان سرڪاري نٿي ٿي سگهي.
24 مارچ 1970ع تي ڊاڪٽر سيد عاشق علي جھانيان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي جي سيد هادي بخش شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
24 مارچ 1976ع تي ارجنٽائن جي صدر جارج وڊيلا اقتدار سنڀاليو.
24 مارچ 1978ع تي ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
24 مارچ 1979ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي مھاراشٽر جي شھر ممبئي ۾ پيدا ٿيو.
24 مارچ 1996ع تي شاعر ۽ نثر نويس بلال تبسم، اصل نالو محمد بلاول محمد اسلم ٽوٽاڻي جي گهر جنم ورتو.
24 مارچ 2014ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر راشد مورائي جي وڇوڙي جو ڏينھن آهي.
25 مارچ 1655ع تي ڪرسٽن هائجنز سيارو زحل جو چنڊ ٽائٽن دريافت ڪيو.
25 مارچ 1843ع تي سنڌي سرويچ هوش محمد شيدي مياڻيءَ جي ميدان جنگ ۾ شھيد ٿيو.
25 مارچ 1912ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1913ع تي خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير مراد علي خان ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1916ع تي ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ ٻارن لاءِ لکندڙ جيٺانند ڀاونداس لعلواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
25 مارچ 1952ع تي ماهر ڊاڪٽر، اديب، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
25 مارچ 1952ع تي سنڌ جو نالي وارو گويو استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. استاد بيبوخان 1904ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
25 مارچ 1953ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽر هارون رشيد جو جنم ڏينھن آهي.
25 مارچ 1955ع تي مشھور شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو اصل نانءُ غلام عمر ولد الھه ڏنو گهمرو ڳوٺ ڪيٽي مير محمد گهمرو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
25 مارچ 1957ع تي سنڌ جي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رحمت الله ماڄوٺي چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ عبدالرحمان ماڃوٺيءَ جي گهر جنم ورتو.
25 مارچ 1969ع تي پاڪستان جو صدر محمد ايوب خان پنھنجي صدارتي عھدي تان استعفى ڏني.
25 مارچ 1969ع تي پاڪستان جي صدر طور جنرل يحى خان عھدو سنڀاليو.
25 مارچ 1971ع تي عوامي ليڊر شيخ مجيب الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو.
25 مارچ 1975ع تي شاهه خالد بن عبدالعزيز سعودي عرب جو اقتدار سنڀاليو.
25 مارچ 1975ع تي شاهه فيصل کي قتل ڪيو ويو.
25 مارچ 1977ع تي ڪرم حسين ڪلهوڙو ولد محمد معشوق ڪلهوڙو جي گهر ڳوٺ سيد سردار شاهه لڳ ٻيڙو چانڊيو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون؛ استاد، سوشل ورڪر، مترجم ۽ شاعر اٿس.
25 مارچ 1978ع تي مشھور شاعره سعيده عروج مظھر جو وڇوڙو ٿيو.
25 مارچ 1994ع تي نوجوان شاعر ساگر بلاول نوابشاه ۾ جنم ورتو.
26 مارچ 1911ع تي مشھور شاعر جوالا پرشاد برق جو جنم ڏينھن آهي.
26 مارچ 1936ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، نقاد، مترجم، ناٽڪ نويس، شاعر ۽ ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل ”ڀاٽيا“ ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشھري فيروز) ۾ جنم ورتو. جنم جو نالو لوڪومل هئس.
26 مارچ 1941ع تي اندرا گانڌي جي شادي فيروز گانڌي سان ٿي.
26 مارچ 1942ع تي ناميارو ديني عالم ۽ ماهوار شريعت جو ايڊيٽر مفتي عبدالوهاب چاچڙ ڳوٺ ڪنڊي چاچڙ تعلقي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو.
26 مارچ 1954ع تي مشھور پاڪستاني هيرو سنتوش ڪمار جي پھرين شادي لاهور جي حڪيم محمد حسين جي ڌيءَ جميلا حسن سان ٿي. سنتوش ڪمار جو اصل نالو سيد موسى رضا هو.
26 مارچ 1971ع تي اڳوڻي صدر يحى خان سياسي سرگرمين تي پابندي لڳائي ڇڏي.
26 مارچ 1971ع تي بنگلاديش پاڪستان کان ڌار ٿي پنھنجي الڳ ملڪي حيثيت بڻائي.
26 مارچ 1974ع تي بيگم نصرت حاجي عبدالله هارون ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
26 مارچ 2006ع تي اسڪاٽ لينڊ ۾ ريسٽورنٽ ۾ سگريٽ پيئڻ تي پابندي لڳائي وئي.
26 مارچ 2008ع کان سڄي دنيا ۾ (Purple Day) يعني واڱڻائي ڏينھن ”مرگهي جي آگاهي“ طور ملهايو ويندو آهي.
27 مارچ 1300ع تي قومي سورمو، دودو سومرو، ڌرتيءَ خاطر وڙهندي شھيد ٿيو. سندس آخري آرام گاهه بدين ضلعي جي سرحد سان لڳ ڳوٺ روپا ماڙيءَ ۾ آهي.
27 مارچ 1822ع تي اردو پھرين اخبار ”جام جھان نما“ جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
27 مارچ 1845ع تي مشھور طبعياتدان وليم رونتجن جو جنم ڏينھن آهي.
27 مارچ 1898ع تي تحريڪ آزادي جي اڳواڻ سر سيد احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1929ع تي قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجا 14 نقطا پيش ڪيا.
27 مارچ 1962ع تي شاعر ۽ سياسي اڳواڻ جميل الزمان ”جميل“ جنم ورتو.
27 مارچ 1968ع تي دنيا جو پھريون خلاباز، يوري گيگارين جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1971ع تي ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگي دادو ۾ جنم ورتو.
27 مارچ 1978ع تي نالي واري شاعره ۽ ڪھاڻيڪاره ساجده جبين (ساجد شاهه) ڳوٺ باجارا ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
27 مارچ 1982ع تي پاڪستان، سري لنڪا جي خلاف لاهور ٽيسٽ ميچ کٽي ورتي.
27 مارچ 1984ع تي گني جو صدر سيڪو طور جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1986ع تي ممتاز مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر عبدالحئي جو وڇوڙو ٿيو.
27 مارچ 1994ع تي شاهه لطيف جو شارح ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڪلياڻ آڏواڻي ديھانت ڪئي.
27 مارچ 1997ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو.
27 مارچ 1999ع تي شاعر مسڪين ملاڪاتيار جو وڇوڙو ٿيو.
28 مارچ 1738ع تي برطانيه، اسپين جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
28 مارچ 1845ع تي ميڪسيڪو، آمريڪا سان سفارتي تعلقات منقطع ڪيا.
28 مارچ 1854ع تي ڪريمين جنگ، فرانس، روس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
28 مارچ 1898ع تي مولانا محمد قاسم مشوري ولد حاجي محمد عثمان مشوري ڳوٺ مشوري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مولانا مشوري جو تعلق بگٽي بلوچن جي مشھور قبيلي مشوري سان آهي.
28 مارچ 1919ع تي رولٽ ايڪٽ جي مذمت ڪري قائداعظم وائسراءِ کي خط لکيو.
28 مارچ 1922ع تي شام ۾ انقلاب آيو.
28 مارچ 1937ع تي نائيجيريا جي جنرل اولسي گن جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1964ع تي سنڌي ٻولي جو شاعر نصير احمد سومرو ولد الله بخش سومرو هنگورجه شھر ۾ جنم ورتو.
28 مارچ 1966ع تي ترڪي جي صدر جورت ثنائي پنھنجو عھدو سنڀاليو.
28 مارچ 1968ع تي شاعر بشير احمد جگر خون جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1969ع تي آمريڪي صدر آئزن هاور جو وڇوڙو ٿيو.
28 مارچ 1975ع تي بالي ووڊ، اداڪار اڪشي کنا جو جنم ڏينھن آهي.
28 مارچ 1985ع تي ملهه پھلوان شير ميربحر انتقال ڪيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پھلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ آهي.
28 مارچ 1990ع تي پاڪستان جي وڏي ديني شخصيت، عالم، مفتي، دين اسلام جو خادم مولانا محمد قاسم مشوري هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
29 مارچ 1815ع تي اڳوڻي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جو جنم ڏينھن آهي، جنھن سنڌي ٻولي ۽ صورت خطي لاءِ بھتر ڪردار ادا ڪيو.
29 مارچ 1885ع تي روس، افغان سرحد تي حملو ڪيو.
29 مارچ 1911ع تي خير محمد ”اوحدي“ ولد محمد ابراهيم انصاري شڪارپور ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، شاعر، نقاد، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو ڪارڪن ٿي گذريو آهي.
29 مارچ 1931ع تي گيتن ۽ ڪافين جو شاعر، بلاول پرديسي هالا تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خاڻوٺ ۾ جنم ورتو.
29 مارچ 1949ع تي ترڪي، اسرائيل کي تسليم ڪيو.
29 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
29 مارچ 1955ع تي فرانس جي ريل گاڏي تيز رفتاريءَ جو رڪارڊ قائم ڪيو.
29 مارچ 1970ع تي ترڪيءَ ۾ زلزلي سبب ڪافي جانين جو نقصان ٿيو.
29 مارچ 1973ع تي اردو کي قومي زبان قرار ڏيڻ جي شِق منظور ٿي.
29 مارچ 1979ع تي مشھور مصنف بشير احمد ڊار جو وڇوڙو ٿيو.
29 مارچ 1982ع تي ڪويت اڪيڊمي جي طرفان ڊاڪٽر سليم الزمان کي ايوارڊ ڏنو ويو.
29 مارچ 1992ع تي نالي واري شاعر لقمان حڪيم کوکر، ولد عبدالرحمان کوکر هن فاني جھان کي الوداع چيو.
29 مارچ 1996ع تي تعليمدان ۽ وڪيل سيد احسان علي شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
29 مارچ 2004ع تي بلغاريه، ايسٽونيا، لٽويا، ليٿوانيا، رومانيه، سوواڪيا ۽ سلووينيا جي نيٽو ۾ شموليت ٿي.
30 مارچ 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
30 مارچ 1867ع تي آمريڪا، روس کان ست ڪروڙ ٻه لک ڊالر جي عيوض آلاسڪا خريد ڪيو.
30 مارچ 1890ع تي معروف اديب ۽ سماجي ورڪر محمد صديق ميمڻ حيدرآباد ۾ ڄائو.
30 مارچ 1905ع تي نثر نويس الھه بخش، ٺري لڳ ٽنڊو غلام علي ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1927ع تي آسٽريلين رانديگر ويلي گراوٽ جو جنم ڏينھن آهي.
30 مارچ 1941ع تي سياستدان وسيم سجاد جو جنم ڏينھن آهي.
30 مارچ 1945ع تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران سوويت يونين، آسٽريليا تي حملو ڪيو.
30 مارچ 1978ع تي مير حسن علي خان ٽالپر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
30 مارچ 1979ع تي محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر مخمور بخاري اصل نالو سيد شير الله هالا ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1984ع تي شاعر وفا غلام عباس ڳوٺ حاجي عمر دين خاصخيلي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ جنم ورتو.
30 مارچ 1987ع تي ممتاز عالم دين علامه احسان الاهي ظھير جو وڇوڙو ٿيو.
30 مارچ 2002ع تي مشھور شاعر آنند بخشي جو وڇوڙو ٿيو.
30 مارچ 2011ع تي اداڪاره روشن عطا جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه دالميا قبرستان ڪراچي ۾ اٿس.
31 مارچ 1594ع تي فرانسيسي فلاسافر، سائنسدان ۽ رياضيدان ريني ڊيسڪارٽس جو جنم ڏينھن آهي.
31 مارچ 1889ع تي پيرس جي مشھور ايفل ٽاور جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيو.
31 مارچ 1914ع تي ليکڪ مير الله بخش ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
31 مارچ 1921ع تي منگوليا کي آزادي ملي.
31 مارچ 1933ع تي هٽلر جرمني جو اقتدار سنڀاليو.
31 مارچ 1941ع تي پاڪستاني اداڪار وحيد مراد جي گهر واري سلمى مراد جو جنم ٿيو.
31 مارچ 1968ع تي قادرالڪلام شاعر ۽ ڪھاڻيڪار فيض محمد ”فيض“ حيدري وفات ڪئي.
31 مارچ 1969ع تي منگوليا ۾ مسلمانن جي سڀ کان قديم يونيورسٽي جو سنگِ بنيد رکيو ويو.
31 مارچ 1972ع تي بالي ووڊ اداڪاره مينا ڪماري جو وڇوڙو ٿيو.
31 مارچ 1973ع تي قومي آزادي کي سائين جي ايم سيد باقاعدي هڪ نظريي ۽ پروگرام جي صورت ۾ پيش ڪيو. جنھن جا نظرياتي اصول هئا، قومپرستي، سوشلزم، سيڪيولرزم ۽ جمھوريت شامل رکيا.
31 مارچ 1983ع تي ڪولمبيا ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ 5 هزار انسان اجل جو شڪار ٿيا.
31 مارچ 1987ع تي صحافي ۽ ليکڪ علي محمد ڀٽو لاڏاڻو ڪيو. آخري آرامگاهه گدي پٺاڻ قبرستان حيدرآباد ۾ اٿس.

اپريل

عيسوي سال جو چوٿون مھينو اپريل آهي. هن مھيني جي معنيٰ آهي ”کولڻ وارو“ هن مھيني ۾ جئين ته بھار جي موسم ايندي آهي. ان ڪري هن جو نالو ڪنھن ديوتا ديوي جي بجاءِ بھار موسم تي رکيو ويو آهي.

پھرين اپريل 1555ع تي مطابق 9 جمادالاول 962هه تي مرزا شاهه حسن ارغون، آخري وفات ڪئي.
پھرين اپريل 1578ع تي انگلستان جو سائنسدان وليم هاروي جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين اپريل 1879ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صحافي محمد صديق مسافر ولد گلاب خان قنبراڻي ٽنڊي باگي ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.
پھرين اپريل1881ع تي برلن ۾ پھرين ٽيليفون ايڪسچينج جو افتتاح ٿيو.
پھرين اپريل 1918ع تي رائل فورس جو قيام عمل ۾ آيو.
پھرين اپريل 1918ع تي سنڌ جو ممتاز اسڪالر ۽ دانشور پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ولد سيد غلام علي شاهه ڳوٺ قادر ڏنو شاهه تعلقي ميرپور بٺوري ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1923ع تي مشھور اديب نظير حسين زيدي جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين اپريل 1930ع تي بلند پايه شاعر، اديب، مترجم ۽ حڪيم نياز همايوني اصل نالو مشتاق احمد ولد قائم الدين، شڪارپور جي مشھور ڳوٺ همايون ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1931ع تي اردو جي اديب انعام الحق ڪوثر، جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين اپريل 1933ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي اصل نالو امير بخش عالماڻي ڳوٺ جھان خان عالماڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين اپريل 1936ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار روشن علي تنيو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ وڳڻ ۾ پيدا ٿيو.
پھرين اپريل 1936ع تي پاڪستان جي نالي واري ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين اپريل 1942ع تي ممتاز اديب، شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“ ولد آغا در محمد خان پٺاڻ شڪارپور شھر ۾ ڄائو.
پھرين اپريل 1943ع تي سماجي ورڪر قانوندان منير چانڊيو ولد ايم عثمان چانڊيو لاڙڪاڻي شھر جي دڙي محلي ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1947ع تي مضمون، مقالا، تحقيق ۽ تنقيد نگار بدرالدين اُڄڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1972ع تي نوجوان شاعر، ليکڪ ۽ ريڊيو ڪمپيئر فياض لطيف اصل نالو بشير احمد ولد محمد حسن چانڊيو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1948ع تي هندوستان، پاڪستان جي ٻن دريائن جو پاڻي روڪي ڇڏيو.
پھرين اپريل 1950ع تي مشھور شاعر ارشاد ساگر جتوئي، جهوڪ شريف لڳ تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
پھرين اپريل 1958ع تي شاعره عطيه دائود لاڙڪ، نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1960ع تي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اختر ٽانوري اصل نالو غلام عباس، بوزدار وڏا، ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
پھرين اپريل 1961ع تي شاعر ۽ نثر نويس انور فگار هڪڙو ولد محمد صديق هڪڙو شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين اپريل 1962ع تي رزاق سھتو، الھه وسائي سھتي جي گهر ڳوٺ صوفاڻي تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ اديب آهي.
پھرين اپريل 1963ع تي ليکڪ ۽ شاعر سميع ساجد جوڻيجو ڳوٺ نم شريف، تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1963ع تي ڪاظم شاهه ”ڪوثر بخاري“ اصل نالو (ڪوثر بخاري) هنڱورجه ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
پھرين اپريل 1967ع تي نوجوان شاعر ياسر بوزدار، اصل نالو شاهه محمد ولد علي گلاب بوزدار، بوزدار وڏا، ضلعو خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1970ع تي نثر نويس ۽ شاعر عبدالحليم سومرو نور محمد جي گهر نصيرآباد ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر خاور قبولائي اصل نالو محمد موسيٰ سرگاڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر اياز رضوي جو پورو نالو سيد اياز حسين شاهه رضوي، تعلقي جهڏي جي ڳوٺ عباس علي شاهه ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1973ع تي شاعر ۽ صحافي قادر جاگيراڻي اصل نالو عبدالقادر جاگيراڻي، ولد پير محمد جاگيراڻي ڳوٺ ميول خان جاگيراڻي تعلقي ميروخان ضلعو قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1973ع تي نوجوان شاعر شفيع محمد شاد، ولد سھراب خان قادري ڳوٺ پراڻو ٺارو، تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر امر اقبال اصل نالو محمد اقبال ولد الهورايو چن ڳوٺ سوهو ڪناسرا تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1975ع تي نوجوان شاعر وفا ٻرڙو (محمد بخش ٻرڙو) جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1976ع تي اسٽيو جابس ۽ اسٽيو وزيناڪ، ايپل ڪمپيوٽر ٺاهيو.
پھرين اپريل 1978ع تي پروفيسر رام پنجواڻي چيٽي، چنڊ جي ميلن ۾ ڳائيندي وڄائيندي دل جي تار ٽٽي پيس ۽ هميشه هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو.
پھرين اپريل 1981ع تي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار امداد جسڪاڻي احمد علي جسڪاڻي جي گهر ڳوٺ جمعي جسڪاڻي تعلقو پنو عاقل ضلعو سکر ۾ جنم ورتو.
پھرين اپريل 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان پير حسام الدين راشدي وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق سنڌ جي تاريخ قبرستان مڪلي (ٺٽو) ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرانديءَ کان ڏکڻ پاسي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
پھرين اپريل 1986ع تي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل قيمت ڏهه ڊالر في بيرل کان هيٺ آئي.
2 اپريل 742ع تي رومن ايمپائر شھنشاهه، شارليمن جو جنم ڏينھن آهي.
2 اپريل 1857ع تي مولانا عزيز الله مطلوي جو لاڏاڻو ٿيو.
2 اپريل 1894ع تي خيرپور رياست جو اڳوڻو حڪمران مير علي مراد ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
2 اپريل 1897ع تي سماجي ورڪر ساڌو گوڪل داس جو چالاڻو ٿيو.
2 اپريل 1902ع تي موسيقار ۽ گويو، استاد بڙي غلام علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
2 اپريل 1919ع تي پوري بري صغير ۾ رولٽ ايڪٽ جي خلاف احتجاج ٿيو.
2 اپريل 1922ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ ڪھاڻيڪار فيض محمد ”فيض“ حيدري ولد امام بخش ڪيريو ڳوٺ ٽنڊي حيدر تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.
2 اپريل 1925ع تي ناميارو فلمسٽار عبداللطيف ساقي ولد الله بچايو رند بلوچ عراق جي شھر بغداد ۾ ڄائو. اباڻو ڳوٺ يوسف بلوچ ڪوٽڙي هئس.
2 اپريل 1939ع تي محقق، نقاد، ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي موضوع آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر 1981ع.
2 اپريل 1939ع تي ٻاراڻي ادب جو ليکاري اياز پاٽولي، جو جنم ٽنڊي محمد خان شھر ۾ ٿيو. اصل نالو محمد هاشم پاٽولي اٿس.
2 اپريل 1948ع تي اسرائيل جو مسئلو سڀ کان پھرين اقوام متحده ۾ پيش ٿيو.
2 اپريل 1969ع تي بالي ووٽ اداڪار ۽ فلمساز اَجي ديو گن ڀارت جي گاديءَ واري شھر نئين دهليءَ ۾ جنم ورتو.
2 اپريل 1973ع تي ليکڪ حميد ابڙو، اصل نالو عبدالمجيد ابڙو ٺل تعلقي جي ڳوٺ حاجي شاهنواز ڏيٿي ۾ جنم ورتو.
2 اپريل 1976ع تي نوجوان شاعر، پنھل اصل نالو محمد پنهل ولد عبدالمالڪ ميمڻ ڳوٺ ڪارڙا ڪلهوڙا لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 اپريل 1981ع تي شاعر ضمير حيدر چانڊيو ولد نياز علي چانڊيو جي گهر ڳوٺ درياهه خان چانڊيو ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
2 اپريل 1981ع تي ڪراچي ۾ جمعه بازار جو آغاز ٿيو.
2 اپريل 2005ع تي ڪھنه مشق غزل گو شاعر، محسن ڪڪڙائي وفات ڪئي.
3 اپريل 972ع تي دنيا جي سب کان قديم يونيورسٽي جامعه الازهر جو بنياد رکيو ويو.
3 اپريل 1895ع تي شاعر، مولانا ثناءُ الله ثنائي جو جنم ڏينھن آهي.
3 اپريل 1937ع تي مشھور اديب، گل محمد چنا نوابشاهه شھر ۾ جنم ورتو.
3 اپريل 1939ع تي تحقيقي نگار، صحافي ۽ شاعر يوسف شاهين اصل نالو محمد يوسف دائود پوٽو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
3 اپريل 1947ع تي فرانس جو صدر جارج پامپيدو جو وڇوڙو ٿيو.
3 اپريل 1947ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام جو قانون پاس ٿيو.
3 اپريل 1949ع تي، بي بي سي، پنھنجي نشريات ۾ اردو کي شامل ڪيو.
3 اپريل 1953ع تي ملڪ فيروز خان نون پنجاب جو وزيراعلى ٿيو.
3 اپريل 1955ع تي شاعر ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو جو جنم ڏينھن آهي.
3 اپريل 1965ع تي مشھور گلوڪاره نازيه حسن ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
3 اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر قربان گل (قربان علي چنو) محمد پريل جي گهر گڏيجي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
3 اپريل 1980ع تي مشھور شاعر سرور بارهه بنڪوي جو وڇوڙو ٿيو.
3 اپريل 1986ع تي آئي بي ايم، پھريون ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر متعارف ڪرايو.
3 اپريل 1992ع تي (فلم) باغي حبيب فلمز جي طرفان پيش ڪيل هيءَ سنڌي فلم رليز ٿي هن فلم جي ڪھاڻي لکندڙ محمد بخش چانگ هو.
4 اپريل 1888ع تي شاعر ۽ اديب فقير خادم حسين خاصخيلي ولد محمد رمضان ڳوٺ قائم خان تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 اپريل 1914ع تي گلوڪار، شاعر، سياسي اڳواڻ ۽ موسيقار کيئل داس فانيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
4 اپريل 1938ع تي ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلم جو مشھور آرٽسٽ صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه حيدرآباد لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ڄائو.
4 اپريل 1940ع تي شاعر، شبير ”هاتف“ اصل نالو شبير علي شاهه ولد مرحوم سيد الله بخش شاهه ٺکڙائي ڳوٺ ٺکڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
4 اپريل 1951ع تي صحافي دستگير ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
4-اپريل 1964ع تي ممتاز حسين قزلباش مديني منوره ۾ خالقِ حقيقي سان مليو، آخري آرامگاهه به مديني منوره ۾ اٿس.
4 اپريل 1968ع تي امن جو نوبل انعام يافته، مارٽن لوٿر ڪنگ کي قتل ڪيو ويو.
4 اپريل 1973ع تي نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو افتتاح ٿيو. اتي قائم تمام آفيسن باقاعده ڪم شروع ڪيو.
4 اپريل 1974ع تي نوجوان شاعر اياز سومرو، امان الله سومرو جي گهر جنم ورتو.
4 اپريل 1978ع تي شاعر سائل پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.
4 اپريل 1979ع تي پاڪستان جي اڳواڻي وزيراعظم، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي.
4 اپريل 1984ع تي ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار، ڪليم ٻُٽ جو جنم ڏينھن آهي.
4 اپريل 2008ع تي مشھور اداڪار انور سولنگي جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ اٿس.
5 اپريل 1818ع تي معروف جرمن سياسي فلسفي ڪارل مارڪس پروشيا ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1821ع تي نپولين بوناپارٽ ۾ جلاوطني دوران جزيره سينٽ هيليا ۾ وفات ڪئي.
5 اپريل 1860ع تي سنڌ جو عارف، مجدد ۽ باڪمال بزرگ مولانا غلام محمد ملڪاڻي ڳوٺ ملڪاڻي تعلقي دادو ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1885ع تي ميونخ يونيورسٽي جرمني جو پروفيسر ارنيسٽ ٽرمپ جو وڇوڙو ٿيو.
5 اپريل 1897ع تي يونان ۽ سلطنت عثمانيه جي وچ ۾ جنگ جو آغاز ٿيو.
5 اپريل 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش ولد حاجي فقير شفلي (کٽي) جوهي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1933ع تي لياقت علي خان ٻئين شادي بيگم رعنا سان ڪئي.
5 اپريل 1945ع تي مشھور شاعر ۽ اديب، سليم چنا ولد نجم الدين چنا پاٽائيءَ جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
5 اپريل 1950ع تي برطانيه جي وزيراعظم چرچل استعفى ڏني.
5 اپريل 1954ع تي ڊرامانگار، خان چند درياڻي جو چالاڻو ٿيو.
5 اپريل 1977ع تي محمد بخش ايم بي دربان، درگاهه نواڙو شريف جي ڀرسان ڳوٺ فتح محمد دربان ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
5 اپريل 1977ع تي شاعره، سحر سنڌو ذات خاصخيلي ٽنڊو غلام علي لڳ جنم ورتو.
5 اپريل 1987ع تي مير علي محمد ٽالپر لنڊن جي ”لنڊن اسپتال ۾ گذاري ويو. سندس جسم خاڪي کي 9 اپريل تي حيدرآباد آڻي، سندس اباڻي قبرستان گنجو ٽڪر ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
5 اپريل 1993ع تي بالي ووڊ اداڪاره ديويا ڀارتي جو وڇوڙو ٿيو.
5 اپريل 1994ع تي مشھور قوال غلام فريد صابري جو لاڏاڻو ٿيو.
5 اپريل 2017ع تي سياسي ۽ ادبي شخصيت، ڪامريڊ امير بخش شر لاڏاڻو ڪيو.
6-اپريل 1867ع تي صوفي شاهه عنايت شھيد جي سلسلي جي نامور شاعر سوامي ڪلاچند ولد ديوان رامچند گرواڻي حيدرآباد م جنم ورتو، ”ڪلياڻ“ تخلص استعمال ڪندو.
6 اپريل 1866ع تي جديد اولمپڪ راندين جو آغاز ٿيو.
6 اپريل 1917ع تي آمريڪا پھرين جنگ عظيم ۾ شامل ٿيو.
6 اپريل 1919ع تي پروفيسر عبدالڪريم ولد محراب خان سنديلو پنھنجي والد جي نالي تي ٻڌل ڳوٺ مھراب خان سنديلو تعلقو ڏوڪري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
6 اپريل 1932ع تي فرينفڪن ڊي روز ويلٽ، آمريڪا جو صدر بڻيو.
6 اپريل 1941ع تي جرمني ٻئين جنگِ عظيم جي دوران يونان ۽ يوگوسلاويه تي حملو ڪيو.
6 اپريل 1956ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر مدثر نذر جو جنم ڏينھن آهي.
6 اپريل 1975ع تي شاعر، ريڊيو پروڊيوسر ۽ سماجي ورڪر مير بھادر علي مھر ولد لطف علي مھر لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ ننڍن مھرن ۾ جنم ورتو.
6 اپريل 1981ع تي ڌاڙن ۽ قتل جي ڏوهي غياثا کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي.
6 اپريل 1985ع تي جسٽس غوث علي شاهه، گورنر سنڌ جي حيثيت سان عھدي جو قسم کنيو.
6 اپريل 1998ع تي پاڪستان، ڀارت تائين مار ڪرڻ وارو ميڊيم رينج ميزائل جو تجربو ڪيو.
6 اپريل 2005ع تي ڪردش ليڊر، جلال طلاباني عراق جو صدر بڻيو.
6 اپريل 2006ع تي ميڪسيڪو سٽي کان 15 سئو سال پراڻو احرام هل آف اسٽار دريافت ٿيو.
6 اپريل 2011ع تي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پارکو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وفات ڪئي.
6 اپريل 2016ع تي قومپرست اڳواڻ شفيع ڪرناڻي کي مڪلي ويجهو حملي ۾ شھيد ڪيو ويو.

7 اپريل 1652ع تي ري پبلڪ آف سائوٿ آفريڪا جي صدر مقام، ڪيپ ٽائون جو بنياد رکيو.
7 اپريل 1894ع تي مير فيض محمد اول ٽالپر مير علي مراد خان جي وفات کان هڪ هفتو پوءِ گاڌيءَ تي ويٺو.
7 اپريل 1931ع تي شاعر ۽ علماءِ الدين، علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسين وفات ڪئي، سندس مزار ڳڙهي ياسين ۾ آهي.
7 اپريل 1935ع تي آغا سليم اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، ناول نويس اديب ۽ شاعر آهي.
7 اپريل 1939ع تي اٽليءَ، البانيه تي قبضو ڪيو.
7 اپريل 1942ع تي بالي ووڊ اداڪار جتيندر جو جنم ڏينھن آهي.
7 اپريل 1948ع تي اقوام متحده، صحت جي عالمي تنظيم جي قيام جو اعلان ڪيو.
7 اپريل 1950ع تي ناليوارو شاعر ۽ اديب مير عبدالرسول مير ٽالپر ولد رئيس مھر علي خان ٽالپر گمبٽ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو.
7 اپريل 1973ع تي پير عبدالله جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو.
7 اپريل 1975ع تي مشھور ليکڪه فھميده شرف ڳوٺ ٻٽ سرائي چھڙ ۾ جنم ورتو.
7 اپريل 1985ع تي سوڊان ۾ فوج، صدر نميري جي حڪومت کي ختم ڪيو.
7 اپريل 1986ع تي مظفر حسين شاهه بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ اسپيڪر چونڊيو ويو.
7 اپريل 1992ع تي قومپرست اڳواڻ، حبيب الله ناريجو لاڏاڻو ڪيو.
7 اپريل 2003ع تي سنڌ جي قومي شاعر محمد خان مجيدي وفات ڪئي.
7 اپريل 2005ع تي ابراهيم الجعفري عراق جو وزير اعظم بڻيو.
7 اپريل 2012ع قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ سنڌ جو ارڏو پٽ جسقم جو چيئرمين بشير خان قريشي شھادت ماڻي، آخري آرام گاهه رتوديرو باءِ پاس وٽ اٿس.
8 اپريل 1336ع تي امير تيمور بادشاهه جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1899ع تي آمريڪا سان تعلق رکندڙ مارٿا پليس اها پھرين عورت هئي جنھن کي برقي ڪرسي وسيلي سزاءِ موت ڏني وئي.
8 اپريل 1922ع تي جمال الدين ”مومن“ ولد هوت خان خاصخيلي ڳوٺ جتوئي نوان تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو. پاڻ مشھور تعليمي ماهر، قومي، سماجي ڪارڪن ۽ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي.
8 اپريل 1928ع تي سگهڙ، گلڻ سولنگي جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1946ع تي پروڊيوسر فيض ٻگهيو لاڙڪاڻي ضلعي جي شھر ڏوڪري جي ويجهو ڳوٺ ڪاراڻي ۾ عبدالواحد ٻگهئي جي گهر جنم ورتو.
8 اپريل 1946ع تي تجريدي شاعر ۽ تنقيدنگار، ملڪ نديم، اصل نالو عبدالرزاق ڪشمور ۾ جنم ورتو.
8 اپريل 1950ع تي سياستدان، محمد پناهه خان ڊکڻ جو وڇوڙو ٿيو.
8 اپريل 1956ع تي تيونس جي وزير خارجه، بورقيبه پنھنجو عھدو سنڀاليو.
8 اپريل 1965ع تي نوجوان شاعر گلزار سيال ولد شاهنواز سيال ڪي اين شاهه، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
8 اپريل 1970ع تي صحافي ۽ ايڊيٽر نثار منصور جو جنم ڏينھن آهي.
8 اپريل 1976ع تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو.
8 اپريل 2007ع تي سياستدان، مھرومل جڳواڻي جو چالاڻو ٿيو.
8 اپريل 2007ع تي گلوڪار، اسد امانت علي جو وڇوڙو ٿيو.
8 اپريل 2011ع تي ناليوارو اداڪار، حسين ساريو ڪراچي اسپتال ۾ وفات ڪئي. کيس ڳوٺ گند، باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ دفن ڪيو ويو.
9- اپريل 1915ع تي لاڙڪاڻي جي سماجي ورڪر ۽ ادبي خيالن جي مالڪ شري سرلا ديوي سنڌ جي قديم شاهوڪار ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
9- اپريل 1930ع تي اڪبر آشرم لاڙڪاڻو، هيءُ ادارو مشھور صوفي ويدانتي شاعر ۽ اديب امرت راءِ جئه سنگهاڻي ”سام“ قائم ڪيو.
9- اپريل 1935ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر اسحاق ”راهي“ ولد محمد صالح سومرو ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
9- اپريل 1948ع تي پاڪستان فٽ بال فيڊريشن جو وجود پيو.
9- اپريل 1951ع تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
9- اپريل 1965ع تي مشھور ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائي، پورو نالو الھه رکيو ولد جاڙو خان سولنگي، ڳوٺ حاجي مالڪ ڏني سولنگي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
9- اپريل 1965ع تي ڀارت جي خلاف رڻ ڪڇ جي جنگ شروع ٿي.
9- اپريل 1973ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمود حسين جو وڇوڙو ٿيو.
9- اپريل 1980ع تي صوفي، علي محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
9- اپريل 1995ع تي سنڌ جي مشھور سياسي شخصيت، سردار غلام محمد خان مھر وفات ڪئي، سردار غلام محمد خان مھر جي جنم ڀومي خانڳڙهه ضلعو گهوٽڪي آهي.
9- اپريل 1997ع تي ماهر نقاد ۽ اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو وفات ڪئي آخري آرام گاهه قنبر ۾ اٿس.
9- اپريل 2013ع تي شاعر عاجز اڄڻ جو وڇوڙو ٿيو.
10 اپريل 1775ع تي هوميو پيٿي طريقي علاج جو باني سيموئيل هنمين جو جنم ڏينھن آهي.
10 اپريل 1843ع تي دٻيءَ واري جنگ کان پوءِ مير محمد نصير خان ٽالپر (ٽالپرن جو آخري حڪمران) ۽ سندس خاندان جي ڪجهه ٻين فردن کي جلاوطن ڪري ڪلڪتي روانو ڪيو ويو.
10 اپريل 1888ع تي مشھور سماجي ورڪر، شاعر ۽ ليکڪ پروفيسر هاسارام پٽ سندر داس پمناڻي روهڙي شھر ۾ پيدا ٿيو.
10 اپريل 1916ع تي ترڪي جي مصطفى ڪمال اتاترڪ، جنرل جي عھدي تي فائز ٿيو.
10 اپريل 1919ع تي لاهور ۾ ٻن سياسي اڳواڻن ڊاڪٽر سيف الدين ڪچلو ۽ مسٽر سيتا پال کي گرفتار ڪيو ويو.
10 اپريل 1920ع تي سنڌي ٻولي جي شاعر، ليکڪ ۽ ناول نگار پريتم هنگورائي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
10 اپريل 1922ع تي اردو جي مشھور اديب، اسد گيلاني جو جنم ڏينھن آهي.
10 اپريل 1923ع تي شاعر، محقق ۽ اديب اظھر ريلائي پير، ولد پير ڪريم ڏنو صديقي قريشي ريلائي درگاهه پير رکيل ريلائي ضلعي دادو ۾ ڄائو.
10 اپريل 1923ع تي برصغير جي مشھور شاعر، عبدالحميد فدا خالدي جو جنم ڏينھن آهي.
10 اپريل 1925ع تي ڪھاڻي نويس، جمال الدين ادبي نالو جمال ابڙو ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگي تعلقو ميھڙ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ قرارداد دهلي منظور ٿي.
10 اپريل 1950ع تي علم ۽ ادب جو گوهر، مولانا دين محمد وفائي وفات ڪئي.
10 اپريل 1952ع تي سياسي اڳواڻ نذير عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
10 اپريل 1958ع تي مشھور ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نويس ۽ شاعر طارق عالم ابڙو، قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 اپريل 1973ع تي پاڪستان جي ٽئين آئين کي لاڳو ڪيو ويو.
10 اپريل 1974ع تي نوجوان راڳي، مريد عباس ڪٽپر، محمد عالم جي گهر ۾ جنم ورتو.
10 اپريل 1984ع تي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جو جنم ڏينھن آهي.
10 اپريل 1986ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو وطن واپس آئي.
10 اپريل 1990ع تي شاعر ۽ نثر نويس مرزا اسد بيگ ”اسد“ ولد مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي.
11 اپريل 1829ع تي مشھور زمانه انا الحق جو پيروڪار، حضرت سچل سرمست رح ولد بزرگوار جو نالو ميان صلاح الدين آهي. سچل جي وفات درازا ۾ ٿي. سچل سرمست رحه جي ولادت 1739ع ۾ ٿي.
11 اپريل 1934ع تي شاعر، صحافي ۽ اديب فضل احمد بچاڻي ولد خان صاحب ڇٽل بچاڻي، ٽنڊي الهيار، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1934ع تي پروڊيوسر، ممتاز اعواڻ جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1944ع تي شاعر، ڊاڪٽر عابد لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1947ع تي ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ ارباب کهاوڙ اصل نالو ارباب علي نبي بخش کهاوڙ آهي، هو ابتدا ۾ ارباب سنڌي جي نالي سان به لکندو هو. سندس جو جنم وارهه ۾ ٿيو.
11 اپريل 1967ع تي ليکڪ، ابراهيم کرل ولد مولا بخش خيرپور ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1971ع تي شاعر، ڪوثر هالائي جو جنم ڏينھن آهي.
11 اپريل 1976ع تي ڪمپيوٽر ايپل ون ٺاهيو ويو.
11 اپريل 1980ع تي عالم دين مولانا احتشام الحق ٿانوي جو وڇوڙو ٿيو.
11 اپريل 1983ع تي پاڪستان جو مقبول گلوڪار، احمد رشدي، دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
11 اپريل 1984ع تي چيني فوج، ويٽنام تي حملو ڪيو.
11 اپريل 1986ع تي شاعر، نذير سروهي گمبٽ ۾ جنم ورتو.
11 اپريل 1990ع تي شاعر، عجب شيخ جو جنم لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ مالاهي شيخ ۾ ٿيو.
11 اپريل 2011ع تي مشھور عالم علي محمد حقاني دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. علي محمد حقانيءَ جي جنم ڀومي نئون ديرو آهي جتي 1908ع جنم ورتو.
11 اپريل 2011ع تي اسٽيج جي معروف اداڪار مرتضى حسن مستانه جو لاڏاڻو ٿيو.
12 اپريل 1900ع تي استادالشعرا، حافظ محمد احسن ذات چنو والد جو نالو جمعه خان ڳوٺ ملڪاڻي شريف، دادو ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1912ع تي بخش جمالي ولد ڪريم بخش جمالي ڳوٺ بچل مھيسر تعقلي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڪھنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي.
12 اپريل 1917ع تي ڀارت سجو ڪرڪيٽر ونو منڪڊ جو جنم ڏينھن آهي.
12 اپريل 1921ع تي اجمل بيگ مرزا، ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ سنڌ جي مهان اديب، دانشور عالم شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1929ع تي اخبار همدرد جو آخري پرچو شايع ٿيو.
12 اپريل 1930ع تي خوبصورت شاعر، نياز همايوني شڪارپور ضلعي ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1931ع تي شاعر، اسدالله شاهه بيخود حسيني ولد الله بخش شاهه ڳوٺ ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو.
12 اپريل 1945ع تي چترڪار، قاضي خضرحيات ادبي نالو خ ح ع قاضي ولد عبدالحئي قائل رتوديرو شھر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1945ع تي آمريڪي صدر روز ويلٽ جو وڇوڙو ٿيو ۽ آمريڪي نائب صدر هيري ايس ٽرومين صدارت واري عھدي تي فائز ٿيو.
12 اپريل 1949ع تي فلم، ريڊيو اسٽيج جو ليکڪ ۽ هدايتڪار حيات علي شاهه بخاري ولد غوث علي شاهه بخاري حيدرآباد ۾ ڄائو.
12 اپريل 1953ع تي صحافي، عبدالحميد شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1957ع تي سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفه جو هڪ اعليٰ آرٽسٽ/ مصور، خدا بخش ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
12 اپريل 1967ع تي شاعر، يونس همدم جو جنم ڏينھن آهي.
12 اپريل 1967ع تي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ضراب حيدر، غلام حيدر ڪليار جي گهر سکر ۾ جنم ورتو.
12 اپريل 1995ع تي مظفر حسين ”جوش“ وفات ڪئي.
12 اپريل 2006ع تي بالي ووڊ اداڪار ۽ گلوڪار راجڪمار جو وڇوڙو ٿيو.
12 اپريل 2016ع تي شاعر، ڊاراما نگار، افسانه نگار ۽ اديب آغا سليم جو وڇوڙو ٿيو.
13 اپريل 1829ع تي تي برطانوي پارليامينٽ، رومن ڪيٿولڪس کي مڪمل مذهبي آزادي ڏني.
13 اپريل 1885ع تي شيرين زبان ڳائڻو ۽ ايڪي ۽ امن جي پرچار ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام پٽ تارا چند گهوٽڪي جي ننڍڙي ڳوٺ جروار ۾ جنم ورتو.
13 اپريل 1915ع تي مشھور استاد، اديب، شاعر، ڊرامه نويس ۽ آرٽسٽ پروفيسر الف ب ت ميروخاني جنم ورتو. اصل نالو الله بخش هئس.
13 اپريل 1915ع تي مشھور شاعر ۽ نثر نويس احمد خان اختر ولد عبدالرحيم ميمڻ ڳوٺ بولان خان شورو تعلقي حيدرآباد ۾ ڄائو.
13 اپريل 1938ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت، قمر شهباز (قمر الدين ٻگهيو) نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
13 اپريل 1944ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو هڪ نه وسرندڙ آواز ۽ بھترين فنڪار انور بلوچ هيرآباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
13 اپريل 1960ع تي پاڪستان ۽ متحده عرب جمھوريه ۾ پھريون تجارتي معاهدو ٿيو.
13 اپريل 1960ع تي فرانس ايٽمي صلاحيت رکندڙ چوٿون نمبر ملڪ بڻيو.
13 اپريل 1965ع تي جي ايم رئيساڻي مدئجوي اصل نالو، غلام محمد ولد حمزه علي رئيساڻي چوهڙپور ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ استاد شاعر، مضمون نگار، تحقيق نگار ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
13 اپريل 1968ع تي علامه آءِ آءِ قاضي پنھنجي ضعيف ۽ ڏٻري جسم کي مھراڻ جي موجن حوالي ڪندي موت کي ڳلي لڳايو.
13 اپريل 1972ع تي عدليه کي انتظاميه کان الڳ ڪري مستقل قانوني ڪميشن جو قيام عمل ۾ آيو.
13 اپريل 1987ع تي پاڪستان جي ماهر قانوندان، ميان محمود علي قصوري جو وڇوڙو ٿيو.
13 اپريل 1987ع تي گلوڪاره بيگم فقيرياڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
13 اپريل 1992ع تي موسيقار سي ارجن بمبئي جي اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ دوران دل جي دوري سبب وفات ڪئي.
13 اپريل 1993ع تي اداڪار، سعيد احمد واگهو جو وڇوڙو ٿيو.
13 اپريل 2004ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر هري دلگير ڀارت ۾ وفات ڪئي.
14 اپريل 1845ع تي هز هائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
14 اپريل 1865ع تي صدر ابراهيم لنڪن کي فورڊ ٿيٽر ۾ا داڪار جان ولڪس بوٿ ۾ گولي هنئي.
14 اپريل 1870ع تي ٿامس ايڊيسن، پھريون برقي ليمپ ايجاد ڪيو.
14 اپريل 1881ع تي نواب غيبي خان ولد سردار محمد خان چانڊيو پنھنجي اباڻي ڳوٺ غيبي ديرو تعلقي قنبر ۾ تولد ٿيو. غيبي خان جو اصل نالو علي نواز خان چانڊيو هو.
14-اپريل 1891ع تي شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جو لاڏاڻو ٿيو.
14 اپريل 1893ع تي عالم دين، شاعر، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو رهنماءَ مولانا دين محمد وفائي ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پيدا ٿيو.
14 اپريل 1894ع تي قادر الڪلام شاعر، شھمير خان ولد جلال خان چانڊيو ٽنڊي ولي محمد (حيدرآباد) ۾ ڄائو. شھمير خان جا وڏا اصل ڳوٺ گاهي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي جا هئا.
14 اپريل 1902ع تي آمريڪا ۾ پھريون گهمندڙ سئنيما گهر، لاس اينجلس ۾ شروع ٿيو.
14 اپريل 1925ع تي شاعر، نقاد ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر احسان احمد ولد لطف الله بدوي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
14 اپريل 1948ع تي ناميارو موسيقار، اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ۽ اداڪار رستم علي ولد شوڪت علي ٻرڙو قنبر ۾ پيدا ٿيو.
14 اپريل 1967ع تي ليکڪ ۽ ناول نگار منظور ٿھيم جو جنم ڏينھن آهي.
14 اپريل 1972ع تي ذوالفقار علي ڀٽو سٺي اڪثريت سان قومي اسيمبليءَ جو صدر چونڊيو ويو.
14 اپريل 1986ع تي ممتاز ايراني رهنما آيت الله ڪاظم شريعت مدار جو وڇوڙو ٿيو.
14 اپريل 1992ع تي سنڌ جو هر دل عزيز اديب ۽ صحافي طارق اشرف دل جو دورو پوڻ سبب انتقال ڪيو.
14 اپريل 1994ع تي پاڪستاني سائنسدان سليم الزمان صديقيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
14 اپريل 1997ع تي فن جي دنيا جو انسان، مير محمد لنڊ وفات ڪئي، اباڻي ڳوٺ لڳ اصحابين جي قبرستان ۾ آرامي آهي.
14 اپريل 2007ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
14 اپريل 2010ع تي مذهبي عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جو وڇوڙو ٿيو.

15 اپريل 1705ع تي ملڪه اين، سائنسدان نيوٽن کي سر جو خطاب ڏنو.
15 اپريل 1877ع تي انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پھرين ٽيسٽ ميچ ٿي.
15 اپريل 1888ع تي مشھور انگريز شاعر ۽ نقاد آرنلڊ ميٿوي جو وڇوڙو ٿيو.
15 اپريل 1914ع تي مولانا شفيع اوڪاڙوي زندگيءَ جي آخري تقرير ڪئي.
15 اپريل 1917ع تي سائنسدان ڊاڪٽر آءِ ايڇ عثماني جو جنم ڏينھن آهي.
15 اپريل 1941ع تي سياستدان، سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ، مٽياريءَ ۾ خان بھادر سردار سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جي گهر ۾ جنم ورتو.
15 اپريل 1950ع تي برک اديب، شاعر ۽ صحافي مقصود گل اصل نالو قاضي مقصود حيات رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
15 اپريل 1955ع تي آغا نور محمد پٺاڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر اڪادمي ادبيات ڪراچي، ڪھاڻيڪار، نقاد ۽ مترجم آهي.
15 اپريل 1969ع تي نوجوان شاعر، ڊاڪٽر خادم منگي اصل نالو خادم حسين ولد حاجي خالق ڏنو منگي ڳوٺ دودو ڏيٿو ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
15 اپريل 1975ع تي شاعر، نقاد ۽ ڪالم نگار علي آڪاش جو جنم ڏينھن آهي.
15 اپريل 1980ع تي ليکڪ اصغر ڳاهو جو جنم ڏينھن آهي.
15 اپريل 2007ع تي اڳوڻي سينيٽر حسين شاهه راشدي جو وڇوڙو ٿيو.

16 اپريل 1867ع تي هوائي جھاز جو مؤجد ربررائٽ جو جنم ڏينھن آهي.
16 اپريل 1889ع تي خاموش فلمن جي مشھور مزاحيه اداڪار چارلي چپلن لنڊن م جنم ورتو.
16 اپريل 1917ع تي شاعر انور علي شاهه بخاري چڪ ۾ جنم ورتو.
16 اپريل 1919ع تي تعليمي ماهر ۽ استاد آمنه خميساڻي ضلعي دادو جي پاٽ شھر ۾ جنم ٿيو.
16 اپريل 1926ع تي مشھور مزاحيه اداڪار ۽ هدايتڪار جيري ليوس، نيو جرسي ۾ جنم ورتو.
16 اپريل 1934ع تي مشھور پبلشر، پوڪرداس منشي شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
16 اپريل 1943ع تي مشھور ليکڪ فتح الله صديقي سيوهڻ شريف ۾ جنم ورتو.
16 اپريل 1948ع تي راڳي استاد سينڌو خان لاڏاڻو ڪري ويو.
16 اپريل 1950ع تي اديب ۽ شاعر اڪبر نظير نمائي اصل نالو سيد غلام اڪبر شاهه ڳوٺ نِمون يار علي شاهه لڳ اڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو.
16 اپريل 1952ع تي ڪھاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڊرامي نگار انور بلوچ ڳوٺ محمد حسن بليدي تعلقي نصيرآباد ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ٿيو.
16 اپريل 1978ع تي بالي ووڊ اداڪاره ۽ اڳوڻي مس يونيورس لارادتا جوجنم ڏينھن آهي.
16 اپريل 1987ع تي سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر، اقبال جوڳيءَ جي وفات ٿي.
16 اپريل 1996ع تي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪراچي ماس ٽرانزٽ پروجيڪٽ جو افتتاح ڪيو.
16 اپريل 2011ع تي مزاحيه اداڪار ببو برال لاهور اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو.
17 اپريل 1770ع تي انگريز شاعر، وليم ورڊز ورٿ جو جنم ڏينھن آهي.
17 اپريل 1790ع تي بنجمن فرينڪلن جو وڇوڙو ٿيو.
17 اپريل 1941ع تي ٻئين جنگ عظيم ۾ يوگوسلاويه، جرمني جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا.
17 اپريل 1943ع تي آرٽسٽ ۽ ڪمپيئر عاشق عارباڻي جو جنم ڏينھن آهي.
17 اپريل 1950ع تي ڪراچي ۾ پھرين قومي عجائب گهر جو افتتاح ڪيو.
17 اپريل 1973ع تي نائيجيريا جي اڳوڻي صدر ڊيوري هاماني کي ويسٽ افريقن اڪنامڪ ڪميونٽي جو چيئرمين منتخب ڪيو ويو.
17 اپريل 1974ع تي نيجر جي صدر ڪونٽي اقتدار سنڀاليو.
17 اپريل 1976ع تي ڪمانڊ ۽ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه جي نئين عمارت جو باقاعده افتتاح ٿيو.
17 اپريل 1996ع تي سري لنڪا، آسٽريليا کي هارائي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنھنجي نالي ڪيو.
17 اپريل 1999ع تي مولوي قادر بخش قاسمي جو وڇوڙو ٿيو.
17 اپريل 2000ع تي راڳي محمد جمن ڀٽ لاڏاڻو ڪيو.
17 اپريل 2010ع تي سماج سڌارڪ غلام نبي ڀنگر جو وڇوڙو ٿيو.
18 اپريل 1886ع تي سنڌي ادب، ثقافت، علم، فن، تهذيب ۽ تمدن جو پارکو علامه آءِ آءِ قاضي اصل نالو امداد علي ولد امام علي قاضي جي ولادت حيدرآباد ۾ ٿي.
18 اپريل 1924ع تي پارپٽي ڪرشن آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائي، ادبي سڃاڻپ، نثر نگار ۽ مضمون نگار اٿس.
18 اپريل 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر غلام حسين رنگريز ڳوٺ ميرپور بٺورو ۾ جنم ورتو.
18-اپريل 1955ع تي مشھور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن آمريڪا جي پرنسٽن شھر ۾ وفات ڪئي.
18 اپريل 1956ع تي نثر نويس لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي ڀارت ۾ لوڪ پڌاريو، سندس وصيت مطابق سندس سنک ۾ آڻي سنڌو نديءَ حيدرآباد جي ڀر ۾ پرواهه ڪيا ويا.
18 اپريل 1956ع تي مصر ۽ اسرائيل جنگ بندي تي رضامند ٿيا.
18 اپريل 1962ع تي روحاني پيشوا ۽ باوقار انسان، حماد الله هاليجوي ولد ميان محمود اندڙ وفات ڪئي.
18 اپريل 1962ع تي بالي ووڊ اداڪار پونم ڍلون ڪانپور ۾ ڄائي.
18 اپريل 1970ع تي آرٽسٽ نياز جاني جو جنم ڏينھن آهي.
18 اپريل 1976ع تي ليکڪ الله بخش ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
19 اپريل 1882ع تي ارتقا جو نظريو پيش ڪندڙ، چارلس رابرٽ ڊارون جو وڇوڙو ٿيو.
19 اپريل 1904ع تي مرثيه گو شاعر، غلام حسين ملنگ ولد سيٺ غلام علي پنھنجي اباڻي ڳوٺ ننڍي شھر ضلعي بدين ۾ ڄائو.
19 اپريل 1904ع تي محمد حنيف صديقي ولد حاجي محمد صالح صديقي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم، ليکڪ ۽ فرض شناس آفيسر هو.
19 اپريل 1928ع تي عالم ۽ ڀٽائي جو پارکو ٻانهون خان شيخ ڀٽ شاهه ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.
19 اپريل 1931ع تي پاڪستان جي نامور اداڪار محمد علي جو جنم رامپور انڊيا ۾ ٿيو.
19 اپريل 1940ع تي ٻئين جنگِ عظيم جي دوران جرمني، ڊينمارڪ ۽ ناروي تي حملا ڪيا.
19 اپريل 1946ع تي انگلينڊ جي رانديگر ايلن ناٽ جو جنم ڏينھن آهي.
19 اپريل 1948ع تي برما، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
19 اپريل 1967ع تي ناليوارو شاعر ڪھاڻيڪار ۽ پبلشر الطاف ملڪاڻي دادو شھر ۾ جنم ورتو.
19 اپريل 1971ع تي نوجوان شاعر امتياز سومرو ولد گل حسن سومرو (پير جو ڳوٺ) نئون ديرو ۾ جنم ورتو.
19 اپريل 1981ع تي سنڌ جو مشھور مزاحيه اداڪار خادم کوکر ولد حاجي علي اڪبر کوکر ڳوٺ دڙي خير محمد کوکر لڳ ڦلجي اسٽيشن ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
19 اپريل 1986ع تي پيپلز پارٽي جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل جي.اي.رحيم جو وڇوڙو ٿيو.
20 اپريل 571ع تي ٻنهين جھانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي دنيا ۾ تشريف آوري ٿي.
20 اپريل 1870ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو جنم ڏينھن آهي.
20 اپريل 1889ع تي ايڊولف هٽلر آسٽريليا ۽ جرمني جي سرحد بويريا جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو.
20 اپريل 1918ع تي مشھور شاعر اختر هوشيارپوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
20 اپريل 1924ع تي ترڪي ۾ آئين نافذ ڪيو ويو.
20 اپريل 1961ع تي پاڪستان دفاعي ادارو داؤد فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو.
20 اپريل 1966ع تي نالي وارو شاعر، ڊاڪٽر مشتاق ڦل اصل نالو مشتاق حسين ولد خان محمد ڦل ڳوٺ ٽالپر وڏا، خيرپور ۾ جنم ورتو.
20 اپريل 1973ع تي لاڙڪاڻي جي مشھور چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد رکيو ويو.
20 اپريل 1974ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 اپريل 1975ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي پھرين وائيس چانسلر ابوبڪر حليم وفات ڪئي.
20 اپريل 1986ع تي پاڪستان جو ممتاز اديب ۽ نقاد سيد سبط حسن جو وڇوڙو ٿيو.
21 اپريل 1902ع تي قائداعظم جي والد محترم جناح پونجا جو وڇوڙو ٿيو.
21 اپريل 1918ع تي فرانس ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو.
21 اپريل 1921ع تي اديب، شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ ولد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ڄائو.
21 اپريل 1923ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد نجف علي شاهه ڪمتري نقوي ٽنڊي جھانيان ۾ ڄائو.
21 اپريل 1938ع تي شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جو وڇوڙو ٿيو.
21 اپريل 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو ليکڪ وشنو ڀاٽيا ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
21 اپريل 1967ع تي علامه اقبال جي تصوير ڊاڪ جي ٽڪليءَ لاءِ پھريون دفعو ڏني وئي.
21 اپريل 1972ع تي پاڪستان ۾ ٽئين مارشل لا ختم ٿي.
21 اپريل 1973ع تي ريڊيو پاڪستان عالمي سروس شروع ڪئي.
21 اپريل 1977ع تي جنرل ضياءَ الرحمان بنگلاديش جو صدر منتخب ٿيو.
21 اپريل 2007ع تي محقق، سائنسدان ۽ اسڪالر ايم ايڇ پنھور جو وڇوڙو ٿيو.
21 اپريل 2009ع تي گلوڪاره، اقبال بانو جو وڇورو ٿيو.
21 اپريل 2011ع تي نوجوان قومپرست اڳواڻ، روپلو چولياڻي کپري ويجهو مارجي ويو.
22 اپريل 1500ع تي برازيل دريافت ٿيو.
22 اپريل 1870ع تي فلاديسير لينن سھبرڪ جي مقام تي جنم ورتو.
22 اپريل 1922ع تي باڪمال شاعر ۽ نثر نويس رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري ڳوٺ ملگزار تعلقي نصيرآباد ضلعي سبي ۾ جنم ورتو.
22 اپريل 1948ع تي قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان اولمپڪ گيمز جو افتتاح ڪيو.
22 اپريل 1964ع تي پاڪستان جي پھرين رنگين فلم، ”سنگم“ رليز ٿي.
22 اپريل 1970ع تي ڌرتيءَ جو عالمي ڏينھن، پھرين هيءُ ڏينھن آمريڪي سينيٽر گي لارڊ نيلس ملهايو.
22 اپريل 1973ع تي عبدالفتاح عبد عاقلي وفات ڪئي.
22 اپريل 1985ع تي برازيل جو چونڊيل صدر تيڪريڊ ونيويز جو وڇوڙو ٿيو.
22 اپريل 1994ع تي ناليوارو اديب ۽ ايڊيٽر حاجي رحيم بخش ميمڻ وفات ڪئي.
22 اپريل 2008ع تي اسٽيج اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار محمد صديق پرهياڙ جو وڇوڙو ٿيو.
22 اپريل 2011ع تي اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر جو وڇوڙو ٿيو.
22 اپريل 2012ع تي گلوڪار ماسٽر منظور جو سندس ئي گهر مان گولي لڳل لاش مليو.
22 اپريل 2012ع تي سياستدان عبدالسلام ٿھيم جو لاڏاڻو ٿيو.
23 اپريل 1616ع تي انگريزي شاعر ۽ مصنف وليم شيڪسپيئر جو وڇوڙو ٿيو.
23 اپريل 1850ع تي انگريزي جو مشھور شاعر وليم ورڊس ورٿ جو وڇوڙو ٿيو.
23 اپريل 1858ع تي نوبل انعامي يافته جرمن ماهر طبيعات ميڪس پلانڪ جو جنم ڏينھن آهي.
23 اپريل 1899ع تي مخدوم غلام حيدر صديقي، قريشي هالا نوان ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ڇٺي جو نالو محمد سعيد هئس. پاڻ حضرت غوث مخدوم نوح رحه جو چوڏهون سجاده نشين هو.
23 اپريل 1968ع تي عظيم موسيقار ۽ گويو استاد بڙي غلام علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.
23 اپريل 1982ع تي پروفيسر يوسف سليم چشتي جي ڪتاب ”تاريخ تصوف“ کي ضبط ڪيو ويو.
23 اپريل 1984ع تي ايڊز جو سبب بڻجندڙ خطرناڪ ايڇ.آءِ.وي، وائرس دريافت ٿيو.
23 اپريل 1986ع تي سلامتي ڪائونسل ۾ لبيا تي آمريڪي حملي خلاف قرارداد کي ويٽو ڪيو ويو.
23 اپريل 1988ع تي مشھور غزل گو شاعر درگاهي ميراڻي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
23 اپريل 1992ع تي اڪيڊمي ايوارڊ يافته ڀارتي اداڪار ۽ فلمساز ستيا جيت رائي جو وڇوڙو ٿيو.
23 اپريل 1999ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪاڻيڪار ڪيھر شوڪت لاڏاڻو ڪيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ آگاڻي لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
23 اپريل 2006ع تي القاعده سربراهه اسامه بن لادن، عيسائين خلاف جھاد جو اعلان ڪيو.
24 اپريل 1800ع تي دنيا جي سڀ کان وڏي لائبريري آف ڪانگريس آمريڪا ۾ قائم ٿي.
24 اپريل 1890ع تي عالم، مشائخ، اديب ۽ شاعر محمد اسماعيل جان روشن ولد آغا محمد حسن جان مجدد سرهندي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
24 اپريل 1898ع تي سياستدان ۽ گادي نشين مخدوم غلام حيدر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
24 اپريل 1938ع تي مشھور گلوڪار احمد رشدي حيدرآباد، دکن ۾ جنم ورتو.
24 اپريل 1943ع تي تعليمدان ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي.
24 اپريل 1957ع تي نالي وارو ڪھاڻيڪار اخلاق انصاري اصل نالو اخلاق احمد انصاري ولد انيس انصاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
24 اپريل 1965ع تي پوليس آفيسر اي.ڊي خواجه جو جنم ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو.
24 اپريل 1968ع تي ميان ارشد حسين پاڪستان جو وزير خارجه بڻيو.
24 اپريل 1970ع تي سينيگال ۾ آئين نافذ ڪيو ويو.
24 اپريل 1973ع تي مشھور رانديگر سچن ٽنڊولڪر مراٺي زبان ۾ ناول لکندڙ اديب رميش ٽنڊولڪر جي گهر ۾ جنم ورتو.
24 اپريل 1995ع تي راڳي حاجي ڪلو جو لاڏاڻو ٿيو.
24 اپريل 2003ع تي سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي مشھور اداڪاره شھزادي جو لاڏاڻو ٿيو.
24 اپريل 2006ع تي بنگلاديش جي مشھور سوشل ورڪر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن نسرين پروين الحق جو وڇوڙو ٿيو.
24 اپريل 2007ع تي شاعر راز سروري جو لاڏاڻو ٿيو.
24 اپريل 2013ع تي گلوڪاره شمشاد بيگم جو لاڏاڻو ٿيو.
25 اپريل 1927ع تي شاعر سيد قادن شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
25 اپريل 1949ع تي ليکڪ خيرمحمد ٻرڙو سيوهڻ لڳ ڳوٺ ڪاڇي واهڻ ضلعي ڄامشورو ۾ جنم ورتو.
25 اپريل 1951ع تي نامور اداڪار، شيام جو وڇوڙو ٿيو.
25 اپريل 1954ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي پرائيويٽ سيڪريٽري مطلوب الحسن جو وڇوڙو ٿيو.
25 اپريل 1960ع تي افغانستان جي شاهه امير امان الله خان جو وڇوڙو ٿيو.
25 اپريل 1966ع تي ليکڪ اعجاز يوسف جو جنم ڏينھن آهي.
25 اپريل 1971ع تي ڪالم نگار، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار مظھر ابڙو خيرپور جي ڳوٺ ڪولاب جيئل ۾ جنم ورتو.
25 اپريل 1972ع تي ذوالفقار علي ڀُٽي پھرين مئي تي مزدورن جو ڏينھن ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
25 اپريل 1975ع تي ليکڪ عبدالحق عالماڻي راهه رباني ورتي.
25 اپريل 1995ع تي سنڌ جو عاشق، سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سائين جي ايم سيد کي سن ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. سندس ڪفن دفن واري رسم ۾ مختلف مذهب ۽ طبقن جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. مسلمان قرآن شريف، هندو گيتا ۽ عيسائي بائيبل پڙهي رهيا هئا ۽ ڀٽائي جي رسالي جو ورد به جاري هو. تاريخ جو هڪ سنهري باب پنھنجي پڄاڻي تي پهتو.
25 اپريل 2008ع تي اسٽيج اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ صداڪار محمد صديق پرهياڙ جو وڇوڙو ٿيو.
26 اپريل 1723ع تي سيد محمد بقا شاهه ولد سيد محمد امام شاهه رحه جي گهر ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي ديھه فريد آباد (پراڻي درگاهه) خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
26 اپريل 1926ع تي جرمني ۽ روس جي وچ ۾ امن معاهدي تي صحيون ڪيون.
26 اپريل 1932ع تي تي عالم دين ۽ فلاسافر ڊاڪٽر اسرار احمد جو جنم ڏينھن آهي.
26 اپريل 1940ع تي ليکڪ ڪماري ودور جو جنم ڏينھن آهي.
26 اپريل 1950ع تي ڀارت جو وزيراعظم پنڊت جواهر لال نھرو پاڪستان آيو.
26 اپريل 1959ع تي ڪيوبا، پناما تي حملو ڪيو.
26 اپريل 1962ع تي آمريڪي خلائي ايجنسي ناسا جو خلائي شٽل رينجر فور چنڊ تي وڃڻ وقت تباهه ٿيو.
26 اپريل 1964ع تي تنزانيه کي آزادي ملي.
26 اپريل 1981ع تي ليکڪا، بينظير ملڪاڻي، روشن علي ملڪاڻي جي گهر دادو ۾ جنم ورتو.
26 اپريل 1984ع تي صدر ريگن، عوامي جمھوريه چين جو دورو ڪيو.
26 اپريل 2012ع تي شرنائي نواز فنڪار، امام ڏنو فقير حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
27 اپريل 1847ع تي شاعر سيد علي گوهر شاهه اصغر بنگلاڻي جو وصال ٿيو.
27 اپريل 1907ع تي باڪمال شاعر عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي ڳوٺ عاقل، تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
27 اپريل 1909ع تي ليکڪ هوتچند هيرانند جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
27 اپريل 1937ع تي سنڌ اسميبليءَ جو پھريون اجلاس هيرانند جي اڳواڻي ۾ ٿيو.
27 اپريل 1941ع تي جرمن فوج يوناني شھر ايٿنز تي قبضو ڪيو.
27 اپريل 1942ع تي سياستدان عبدالله هارون جو وڇوڙو ٿيو.
27 اپريل 1960ع تي مغربي آفريقه جي ملڪ ٽوگو، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
27 اپريل 1962ع تي قرارداد پاڪستان پيش ڪندڙ شيرِبنگال مولوي فضل الحق ڍاڪا ۾ لاڏاڻو ڪيو.
27 اپريل 1968ع تي نور محمد ترهه کي افغانستان جو صدر مقرر ڪيو ويو.
27 اپريل 1978ع تي فائن آرٽ، صحافي ۽ ليکڪ اياز جوکيو محرابپور ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
27 اپريل 1982ع تي مزاحيه ڪالم نگار، تنقيد نگار ۽ شاعر غلام مستانو سيوهاڻي ابڙو وفات ڪئي.
28 اپريل 1896ع تي قائداعظم بيريسٽري جو امتحان پاس ڪيو.
28 اپريل 1930ع تي آمريڪي سابق وزير خارجه، جيمس ايڊيشن بيڪر جو جنم ڏينھن آهي.
28 اپريل 1935ع تي شاعر ۽ اديب آغا ڪاشميري جو لاڏاڻو، لاهور ۾ ٿيو.
28 اپريل 1936ع تي شاهه فاروق، مصر جو بادشاهه بڻيو.
28 اپريل 1948ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل شاعر اطهر منگي اصل نالو علي نواز منگي لاڙڪاڻي ضلعي جي واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو.
28 اپريل 1962ع تي نثر نويس، شاعر مرزا گل حسن بيگ ادبي نانءُ احسن ڪربلائي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيو.
28 اپريل 1969ع تي ڪي.ايڇ خورشيد آزاد ڪشمير جو صدر مقرر ٿيو.
28 اپريل 1985ع تي صدر پاڪستان، جنرل ضياءُ الحق، ريڊيو پاڪستان پشاور جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو.
28 اپريل 1985ع تي پشاور جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٽئين قائداعظم انٽرنيشنل فٽ بال ٽورنامينٽ فلڊ لائٽ ۾ شروع ٿي؟
28 اپريل 1995ع تي راڳي استاد طفيل خان راهه رباني ورتي.
29 اپريل 1428ع تي فرانس جي دهقاني دوشيزه جون آف آرڪ، مرداني وردي پائي جنگ ۾ شريڪ ٿي.
29 اپريل 1945ع تي هٽلر، ايوا براؤن سان شادي ڪئي.
29 اپريل 1951ع تي آسٽريليا جي پھرين گورنر، دولت مشترڪه جي پھرين ايوان کي خطاب ڪيو.
29 اپريل 1974ع تي شاعر ۽ اديب علي بخش احمد زئي وفات ڪئي.
29 اپريل 1976ع تي اداڪار منور ظريف جو لاڏاڻو ٿيو.
29 اپريل 1986ع تي آمريڪا جي شھر لاس اينجلس جي سينٽر لائبريري ۾ آتشبازي جي ڪري 8 لک ڪتاب سڙي خاڪ ٿيا.
29 اپريل 1991ع تي بنگلاديش ۾ طوفان جي سبب هڪ لک اٺيتاليھه هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ گهر متاثر ٿيا.
29 اپريل 2003ع تي مولانا جان محمد عباسي گهڻي جدوجھد کان پوءِ راهه باني ورتي.
29 اپريل 2003ع تي لوڪ گلوڪاره مائي الھه وسائي هي فاني جھان ڇڏيو.
29 اپريل 2011ع تي افسانه نگار ۽ مصنف اي حميد جو لاهور ۾ لاڏاڻو ٿيو.
30 اپريل 1030ع تي محمود غزنوي جو وڇوڙو ٿيو.
30 اپريل 1789ع تي جارج واشنگٽن آمريڪا جو پھريون صدر بڻيو.
30 اپريل 1909ع تي نيدرلينڊ جي ملڪه جوليانه جو جنم ڏينھن آهي.
30 اپريل 1920ع تي مولانا حامد الله ولد گل محمد ميمڻ وفات ڪئي. پاڻ سداحيات شخصيت هو.
30 اپريل 1945ع تي سياستدان، پھرين مھاڀاري جنگ ۽ ٻئين مھاڀاري جنگ ۾ هٽلر هڪ ڏينھن اڳ پرڻيل زال ايوا برائون سان خودڪشي ڪئي.
30 اپريل 1954ع تي پاڪستان جو معياري وقت، انڊيا کان 30 منٽ اڳتي ڪيو ويو.

30 اپريل 1965ع تي مشھور مضمون نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر امر لغاري سندس اصل نالو محمد يعقوب ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري تعلقي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
30 اپريل 1975ع تي آمريڪا ۽ ويٽنام جي وچ ۾ جنگ ختم ٿي.
30 اپريل 1975ع تي ڪراچي ۾ ٽرامو ڪمپني پنھنجو ڪم شروع ڪيو.
30 اپريل 1978ع تي افغانستان جو نالو عوامي جمھوريه افغانستان رکيو ويو.
30 اپريل 2002ع تي جنرل پرويز مشرف ريفرنڊم جي ذريعي پنج سال جي عرصي لاءِ صدر مقرر ٿيو.
30 اپريل 2016ع تي ناميارو اديب ۽ محقق پروفسر الھه رکيو ٻُٽ جو وڇوڙو ٿيو.

مئي

عيسوي سال جو پنجون مھينو مئي آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”ميا“ (MAIA) ديوي جي نالي تي رکيو ويو. هن مھيني ۾ سج اتر اڌ گول خط استوا جي بلڪل ويجهو پهچي ويندو آهي. اتر اڌ گول ۾ گرمي جو آغاز ٿي ويندو آهي ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ سياري جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿيندا آهن.

پھرين مئي 1236ع تي شمس الدين التمش جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين مئي 1840ع تي دنيا جي سڀ کان پھرين ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پھرين مئي 1886ع تي مزدورن جو عالمي ڏينھن طور شڪاگو جي شھيدن جو ڏينھن طور ملهايو وڃي ٿو. مزدور تحريڪ 1811ع ۾ هڪ پورهيت ”ڪمس“ جي اڳواڻيءَ ۾ لڊلائٽ نالي تنظيم ٺاهي جنھن اڳتي هلي مزدورن جا حق تسليم ڪرايا.
پھرين مئي 1931ع تي ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ مڪمل ٿي.
پھرين مئي 1934ع تي عالم، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق خليق مورائي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو. آخري آرامگاهه لياري نديءَ ڀرسان مارواڙي مقام ۾ آهي.
پھرين مئي 1940ع تي نالي واري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق، ولد تاج محمد سهرياڻي بلوچ جنم ورتو.
پھرين مئي 1955ع تي مشھور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 1961ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر، زخمي چانڊيو اصل نالو (ڄام خان) ولد مولا بخش چانڊيو شھر ڊکڻ تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين مئي 1966ع تي آزاد بخاري، اصل نالو عبدالڪريم شاهه چڪ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
پھرين مئي 1969ع تي ناليوارو قومپرست ۽ اڳوڻو شاگرد اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي، پڊعيدن ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
پھرين مئي 1971ع تي ڀلوڙ شاعر ۽ نثر نويس ايوب کوسو، ولد محمد حسن کوسو ڳوٺ حاجي احمد خان کوسو لڳ جهڏو ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو.
پھرين مئي 1973ع تي نوجوان شاعر انور ساگر ڪانڌڙو ڳوٺ الھه بچائي ڪانڌڙي تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 1982ع تي سياستدان، مير رسول بخش ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين مئي 1983ع تي نوجوان شاعر ۽ ڪھاڻيڪار علي صفدر ولد شير احمد بيوس چانڊيو ڳوٺ جمال خان چانڊيو ۾ جنم ورتو.
پھرين مئي 2011ع تي پاڪستان جي شھر ايبٽ آباد ۾ فوجي آپريشن ۾ القائده اڳواڻ اسامه بن لادن مارجي ويو.
2 مئي 1519ع تي مشھور مصور، ليونارڊو جو وڇوڙو ٿيو.
2 مئي 1729ع تي روس جي ملڪه ڪيٿرائن جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1912ع تي رئيس امروهي جي وڏي ڀاءُ سيد محمد تقي جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1924ع تي جمال ابڙو، ”جمال الدين“ ولد علي خان ابڙو ڳوٺ سانگين تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ويهين صدي جي وڏن سنڌي ڪھاڻيڪارن مان هڪ آهي.
2 مئي 1951ع تي ايران ۾ تيل جي صنعت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو.
2 مئي 1952ع تي تنوير جوڻيجو مٺي ۾ پيدا ٿيو، اباڻو شھر (پاٽ ضلعو دادو) ادبي سڃاڻپ ماهر سماجيات، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار اٿس.
2 مئي 1952ع تي اردن جو شاهه حسين تخت نشين ٿيو.
2 مئي 1955ع تي ليکڪ ضياءَ شاهه جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو.
2 مئي 1964ع تي ناليوارو صحافي، ڪالم نگار ۽ وڪيل جاويد قاضي ولد قاضي فيض محمد، نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
2 مئي 1969ع تي ويسٽ انڊيز جي مشھور ڪرڪيٽر برائن لارا جو جنم ڏينھن آهي.
2 مئي 1970ع تي سردار محمد عثمان سومرو 68 سالن جي ڄمار ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
2 مئي 1974ع تي پاڪستان جا تمام جنگي قيدي وطن واپس پھتا.
2 مئي 1976ع تي نامور باڪسر، محمد علي، جمي ينگ کي شڪست ڏئي عالمي اعزاز پنھنجي نالي برقرار رکيو.
2 مئي 1976ع تي نوجوان شاعر سڪندر کرل ڳوٺ نسيم کرل تعلقي گمبٽ ۾ پيدا ٿيو.
3 مئي 1469ع تي مشھور اطالوي ماهر سياسيات ۽ تاريخ نويس نيڪولو ميڪاولي جو جنم ڏينھن آهي.
3 مئي 1481ع تي سلطنت عثمانيه جي سلطان محمد فاتح جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1494ع تي ڪرسٽو فر، جميڪا کي دريافت ڪيو.
3 مئي 1613ع تي پشتو ٻوليءَ جي عظيم عوامي ۽ انقلابي شاعر خوشحال خان خٽڪ، ڌاري اڪوڙهه ۾ شھباز خان جي گهر ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1906ع تي وحدت الوجود جو قائل سائين بچل شاهه هڪ سئو سالن جي ڊگهي عمر ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. سندس آخري آرام گاهه سکر ۾ اولهه طرف سکر بئراج جي لڳ بچل شاهه مياڻي نالي ڳوٺ ۾ آهي.
3 مئي 1912ع تي اردو جو عالم ۽ اديب ڊپٽي نذير احمد، ولد مولوي سعادت علي جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1920ع تي سنڌ جو مهان ڏاهو سوڀو گيانچنداڻي ڳوٺ ٻنڊي، تعلقو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار، ترجمه نگار، علم سياسيات ۽ ليڪچر گهري دلچسپي اٿس.
3 مئي 1945ع تي پاڪستان جي مشھور رانديگر صادق محمد جو جنم ڏينھن آهي.
3 مئي 1946ع تي جماعت اسلامي جو امير ۽ وڪيل اسد الله ڀٽو جنم ورتو.
3 مئي 1947ع تي جپان ۾ آئيني جمھوريت جو قيام عمل ۾ آيو.
3 مئي 1950ع تي سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ محقق اياز عالم ابڙو قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1969ع تي هندستان جي اڳوڻي صدر ذاڪر حسين جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1975ع تي نوجوان شاعره ايس نسيم ميمڻ موري ۾ جنم ورتو.
3 مئي 1977ع تي موسيقي جي دنيا جو گل گلابي، استاد محمد ابراهيم ڪينسر جي مرض ۾ ڪومائجي ڪلاسيڪل دنيا کي الوداع ڪيو.
3 مئي 1986ع تي ممتاز عالم دين، قاضي عظيم الدين جو وڇوڙو ٿيو.
3 مئي 1986ع تي سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو سياسي ميڙاڪو محترم بينظير صاحبه جي ٻن سالن جي جلاوطني کان پوءِ ڪراچي اچڻ تي ٿيو.
3 مئي 1994ع تي سنڌ جو عظيم فنڪار، منصور بلوچ لاهوري ۾ انتقال ڪيو.
3 مئي 2015ع تي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو وڇوڙوٿيو.
4 مئي 1799ع تي شير ميور،ٽيپو سلطان شھيد ٿيو.
4 مئي 1884ع تي جان ڪوليئر جو جنم ڏينھن آهي.
4 مئي 1901ع تي سلسله عاليه سھروردي جو عظيم بزرگ شيخ المشائخ محمد اقبال حميد سھروردي جو جنم ٿيو.
4 مئي 1905ع تي اردو جي مشھور شاعر آختر شيراني جو جنم ٿيو.
4 مئي 1910ع تي موجوده اسرائيل جي دارالحڪومت تل ابيب جو بنياد رکيو ويو.
4 مئي 1930ع تي شاعر محمد اسحاق مجاهد جو جنم ڏينھن آهي.
4 مئي 1931ع تي مصطفى ڪمال پاشا، ترڪي جو صدر بڻيو.
4 مئي 1963ع تي ممتاز مزاح نگار، شوڪت ٿانوي جو لاهور ۾ وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1977ع تي شاعر فقير در محمد هيسباڻي جو وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1980ع تي يوگو سلاويه جي صدر مارشل ٽيٽو جو وڇوڙو ٿيو.
4 مئي 1983ع تي برطانيه جي شھزادي اين، برٽش ڪائونسل جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو.
4 مئي 1996ع تي شاعر تنھا سيف بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
5 مئي 1818ع تي معروف جرمن سياسي فلسفي ڪارل مارڪس پروشيا جرمني ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1821ع تي فرانس جو سپھ سالار ۽ شھنشاهه بوناپارٽ نيپولين جو وڇوڙو ٿيو.
5 مئي 1925ع تي خانبھادر غلام محمد خان اسراڻ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاسپورٽ جو سلسلو پھريون دفعو شروع ٿيو.
5 مئي 1952ع تي پاڪستان ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ پھريون سڌو سنئون ريڊيو، ٽيلي گرافڪ رابطو ٿيو.
5 مئي 1953ع تي سماجي ورڪر محمد اشرف کهاوڙ ولد خانصاحب امداد حسين خان کهاوڙ شھدادڪوٽ ان وقت جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1956ع تي ٽوڪيو ۾ عالمي جوڊو چيمپئين شپ مقابلي طور افتتاح ٿيو.
5 مئي 1957ع تي موسيقي جو بي تاج بادشاهه شاهه محمد نابينا وفات ڪئي.
5 مئي 1961ع تي آمريڪا، انسان کي خلا ۾ موڪليو.
5 مئي 1963ع تي راڳي ذوالفقار علي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر پريم پتافي اصل نالو عبدالرزاق ولد محمد يوسف ضلعي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر ساٿي محبوب زنگيجو ولد محمد بچل رنگيجو ٻيڙو خان گاڏهي ڪي اين شاهه ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1980ع تي نوجوان شاعر سرفراز عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 1986ع تي شاعر رضا نادر شيخ، اصل نالو نادر حسين لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 مئي 2006ع تي ننڍي کنڊ جو عظيم موسيقار نوشاد علي دل جي تڪليف سبب بمبئي جي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
5 مئي 2009ع تي سنڌ جي نالي واري شخصيت قمر شهباز لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، ناٽڪ نويس، ڪھاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نويس هئس.
6 مئي 1523ع تي المعروف صوفي بزرگ، حضرت مخدوم بلاول کي شھيد ڪيو ويو.
6 مئي 1831ع تي شاهه اسماعيل دهلوي کي شھيد ڪيو ويو.
6 مئي 1935ع تي بھترين مصور، ڀڳوان ڪپور اصل نالو ڀڳوان چترو مل ڪپور ڪراچي شھر ۾ ڄائو.
6 مئي 1957ع تي مشھور شاعر اسير ملاح جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد ڇتو خان مير بحر، ڳوٺ ڪاري کھي تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
6 مئي 1960ع تي اداڪاره سنگيتا پٽاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
6 مئي 1972ع تي شاعر ۽ افسانه نگار سراج الدين ظفر جو وڇوڙو ٿيو.
6 مئي 1973ع تي صحافي رام ڪولهي جو جنم ڏينھن آهي.
6 مئي 1975ع تي سنڌ جو عظيم انسان عالم، صحافي، پبلشر ۽ سماجي ورڪر عبدالحميد ڀٽي لاڏاڻو ڪيو.
6 مئي 1976ع تي صوفي شاعر، فقير محمد سليمان جو لاڏاڻو ٿيو.
6 مئي 1995ع تي سگهڙ، ڌڻي بخش ميمڻ راهه رباني ورتي.
7 مئي 1828ع تي ريڊ ڪراس جي باني، هنري ڊرنئٽ جو جنم ڏينھن آهي.
7 مئي 1861ع تي بنگالي زبان جي عظيم شاعر، رابندر ناٿ ٽئگور ڪلڪتي ۾ هڪ بنگالي ڪٽنب ۾ جنم ورتو.
7 مئي 1898ع تي قادر الڪلام شاعر مرزا علي محمد بيگ ولد مرزا قربان علي بيگ ٽنڊي آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
7 مئي 1920ع تي سوويت يونين، جارجيا جي آزادي تسليم ڪئي.
7 مئي 1924ع تي سگهڙ عبدالرحمان چانڊيو رهه رباني ورتي.
7 مئي 1959ع تي مذهبي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ادبي نالو اُبو راشد سنڌي ۽ ابو ناصر عاقلائي ولد مولانا علي محمد حقاني لاڙڪاڻي شھر جي قديم ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
7 مئي 1962ع تي شاعر وفا رضا سيال جو جنم ڏينھن آهي.
7 مئي 2004ع تي چليءَ ۾ طلاق کي قانوني حيثيت حاصل ٿي.
7 مئي 2004ع تي ڪراچي ۾ جمعي نماز دوران امام بارگاهه تي خودڪش ڌماڪيو ٿيو جنھن ۾ 10 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. سَوَن کان مٿي زخمي ٿي پيا.
7 مئي 2015ع تي محقق، ڪھاڻيڪار ۽ ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي جو چالاڻو ٿيو.
7 مئي 2018ع تي راڳي محمد عرس چانڊيو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
8 مئي 1821ع تي يونانين، ترڪي فوج کي شڪست ڏني.
8 مئي 1887ع تي شاعر، ميان غلام محي الدين ميرل جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1938ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر، جاويد برڪي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1962ع تي منگلا بند جي تعمير شروع ٿي.
8 مئي 1968ع تي جان ڪوليئر 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
8 مئي 1979ع تي صحافي ۽ ايڊيٽر عرفان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
8 مئي 1980ع تي مارشل ٽيٽو کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
8 مئي 1998ع تي مشھور راڳي عبدالله ڪڇي جو وڇوڙو ٿيو.
9 مئي 1841ع تي مذهبي عالم شيخ محمد عابد انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
9 مئي 1857ع تي جنگ آزاديءَ جو آغاز ٿيو.
9 مئي 1877ع تي رومانيه جي پارليامينٽ ترڪيءَ کان آزادي حاصل ڪئي.
9 مئي 1896ع تي دنيا جو پھريون زير زمين ريلوي سسٽم جوآغاز بڊالپسٽ ۾ ٿيو.
9 مئي 1912ع تي اديب ۽ محقق الھه بچايو، يار محمد سمون جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
9 مئي 1927ع تي آسٽريليا جو نئون گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا ٿيو.
9 مئي 1929ع تي ممتاز علام دين، روحاني پيشوا مولانا محمد شاهه امروٽي ولد ميان نظام الدين شاهه ڳوٺ ديواني پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
9 مئي 1931ع تي شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سڀ کان پھريان ڀوپال ويو.
9 مئي 1948ع تي ليکڪا رضيه ناز ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
9 مئي 1962ع تي شاعر حاجي پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
9 مئي 1978ع تي سنڌي صحافت جو روشن ستارو ۽ سنڌ جو معمر سياستدان قاضي سليم اڪبر ڪراچي ويجهو روڊ حادثي ۾ راهه رباني وٺي ويو.
9 مئي 1998ع تي اداڪار ۽ مشھور گلوڪار طلعت محمود جو وڇوڙو ٿيو.
10 مئي 1854ع تي شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر ديپڪ روهيت چند جو جنم ڏينھن آهي.
10 مئي 1908ع تي پھريون ڀيرو مائرن جو (ماءُ جو عالمي ڏينھن) ملهايو ويو.
10 مئي 1930ع تي شاعر ۽ شاه لطيف جو پارکو الھه نواز رُڪڻائي ڳوٺ رُڪڻ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1940ع تي ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني، بيلجيم، نيدرلينڊز ۽ ليڪسمبرگ تي حملو ڪيو.
10 مئي 1940ع تي ناميارو محقق، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ولد در محمد ڳوٺ ٿاڻو سوڍر المعروف فيص محمد سوڍر تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
10 مئي 1952ع تي وجودي فڪر جو ڪھاڻيڪار، مشتاق شورو سجاول ۾ عبدالڪريم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1963ع تي صدر فيلڊ مارشل محمد ايوب خان کي نيپال فوج جو اعزاز، فيلڊ مارشل ان جي دوري دوران نيپال ۾ بڻايو ويو؟
10 مئي 1963ع تي ليکڪ قربان ٻگهيو جو جنم ڏينھن آهي.
10 مئي 1966ع تي ناميارو فنڪار، غلام رباني چانڊيو ولد سجاول فقير چانڊيو ڳوٺ ننگر خان چانڊيي، تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1971ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جو انائونسر شبير شاهه ولد سيد محمد شاهه ڳوٺ دودائي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 مئي 1974ع تي غزل گوشاعر، حافظ شاهه ناطق حسيني حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
10 اپريل 1974ع تي نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر محمد عالم جي گهر نئين ديري ۾ جنم ورتو.
10 مئي 2002ع تي هندي ۽ اردو ٻوليءَ جو مشھور شاعر ڪيفي اعظمي جو وڇوڙو ٿيو.
11 مئي 1911ع تي سوامي ڪلا چند لاڏاڻو ڪيو. آسٿان ڪلياڻ مندر تي ٽي ڏينھن ميلو لڳندو هو، جيڪو ورهاڱي کانپوءِ اهو ميلو لڳڻ بند ٿيو.
11 مئي 1912ع تي مشھور افسانه نگار، سعادت حسن منٽو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
11 مئي 1926ع تي مشھور اديب همايون جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1938ع تي مشھور اداڪار مصطفى قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1942ع تي عالمي صھيوني ڪانفرنس نيويارڪ ۾ منعقد ٿي.
11 مئي 1944ع تي سياستدان حيدر علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
11 مئي 1944ع محقق، نقاد، افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار ”عابد“ لغاري ڳوٺ تاج پور ضلعي مٽياري ۾ پيدا ٿيو. ”تاجپور جي لغاري خاندان جون علمي خدمتون“ پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس.
11 مئي 1973ع تي پاڪستان، چين کي تسليم ڪيو.
12 مئي 1820ع تي ممتاز سماجي ڪارڪن ۽ جديد نرسنگ جي باني، اٽليءَ جي فلارنس نائٽ انگيل جو جنم ٿيو.
12 مئي 1857ع تي جنگ آزادي جي مجاهدن، بھادر شاهه ظفر کي پوري هندوستان جو بادشاهه بڻائڻ جو اعلان ڪيو.
12 مئي 1881ع تي معروف چاڪليٽ ڪمپني، ڪيڊبريءَ جو باني، جان ڪيڊبري جو وڇوڙو ٿيو.
12 مئي 1904ع تي نظم ۽ نثر تي دسترس رکندڙ آخوند محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو.
12 مئي 1932ع تي ناميارو اديب، شاعر، خوش خط ۽ مرثيه خوان قربان علي بيگ مرزا وفات ڪئي.
12 مئي 1936ع تي علامه اقبال پنجاب مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو.
12 مئي 1944ع تي گيت جو خوبصورت شاعر ۽ قومي ڪارڪن جمن دربدر عمر ڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر جنم ورتو.
12 مئي 1945ع تي مارشل زوخوف، برلن شھر تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران قبضو ڪيو.
12 مئي 1946ع محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ڳوٺ ڊٻ، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
12 مئي 1951ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ٿيو. 1952ع ۾ يونيورسٽيءَ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
12 مئي 1951ع تي جامعيه ڪراچي قائم ٿي.
12 مئي 1971ع تي اقوام متحده، جي جنرل اسيمبليءَ نسلي امتياز ختم ڪرڻ جو سال قرار ڏنو.
12 مئي 1978ع تي اردو جي مشھور شاعر، مولانا ماهر القادري جو وڇوڙو ٿيو.
12 مئي 1980ع تي (ڳائڻي) ناليواري گلوڪاراه امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد، موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
12 مئي 1990ع تي قومي ۽ سماجي فڪر رکندڙ شاعر افضل قادري ڦڦڙن جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
12 مئي 1991ع تي سنڌ جو ڏاهو زيب عاقلي حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو.
12 مئي 2003ع تي اقوام متحده جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر، صدر الدين آغا خان جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1846ع تي آمريڪا، ميڪسيڪو جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
13 مئي 1881ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين پھرين ريل گاڏي هلائي وئي.
13 مئي 1883ع تي سنڌ جو سياسي اڳواڻ ۽ سرهندي پيرن جو نامور فرد پير غلام مجدد سرهندي ولد ميان عبدالحليم سرهندي مٽياري ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
13 مئي 1911ع تي گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1921ع تي شاعر نواب بھاول خان لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1969ع تي ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1970ع تي مذهبي عالمِ دين مولانا غلام رسول عباسي جو لاڏاڻو ٿيو.
13 مئي 1978ع مفتي مير رشد الله امروٽي جو جنم ڏينھن آهي.
13 مئي 1983ع تي پاڪستان جو مشھور ادڪار علاؤ الدين جو وڇوڙو ٿيو.
13 مئي 1998ع تي ڀارت 2 جوهري تجربا ڪيا، جنھن کانپوءِ آمريڪا ۽ جاپان ڀارت تي معاشي پابندي لڳائي ڇڏي.
14 مئي 1879ع تي شڪاگو ۾ آرٽ انسٽيٽيوٽ قائم ٿيو.
14 مئي 1907ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فيلڊمارشل محمد ايوب خان جو جنم ڏينھن آهي.
14 مئي 1914ع تي مشھور اديب، مير گل خان نصير جو جنم ڏينھن آهي.
14 مئي 1943ع تي سنڌ جي پھرين وزيراعظم الله بخش سومرو کي شڪارپور ۾ شھيد ڪيو ويو.
14 مئي 1948ع تي اسرائيل جي قيام جو اعلان ٿيو.
14 مئي 1950ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ابوالاثر حفيظ جالنڌري جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي.
14 مئي 1963ع تي ڪويت اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
14 مئي 1992ع تي غزل جو شهنشاهه ۽ صحافي فيض بخشا پوري ولد مهدي خان ڊومڪي بلوچ وفات ڪئي.
14 مئي 1995ع تي موسيقار ۽ راڳي استاد مٺو ڪڇي اصل نالو محمد اسحاق ولد محمد بچل ڪڇيءَ جو وڇوڙو ٿيو.
15 مئي 1853ع تي لنڊن م ٽيون رائل اوپيرا هائوس جو افتتاح ٿيو.
15 مئي 1867ع تي قادر الڪلام شاعر ۽ صوفي طريقي جو بزرگ غمدل فقير اصل نالو عبدالخالق دايو. ڳوٺ ڪچا چاچڙ تعلقي پني عاقل ضلعي سکر ۾ پير بخش جي گهر پيدا ٿيو.
15 مئي 1918ع تي آمريڪي پوسٽ آفيس، دنيا جي پھرين ايئرميل سروس شروع ڪئي.
15 مئي 1926ع تي مشھور سياستدان الاهي بخش سومرو شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش سومري جي گهر ۾ جنم ورتو..
15 مئي 1931ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر احمد خان مدهوش جوهي ضلعو دادو ۾ پيدا ٿيو والد جو نالو حاجي فقير سومرو هئس.
15 مئي 1931ع تي مشھور سنڌي نثر نويس ۽ شاعر موتي پرڪاش ڳوٺ دڙي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
15 مئي 1940ع تي مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت رکيل شاهه هن دنيا کي الوداع ڪيو.
15 مئي 1940ع تي مولوي ۽ شاعر الله بخش اٻوجهو وفات ڪئي.
15 مئي 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مايه ناز غزل گو شاعر وفا ناٿن شاهي اصل نالو مشتاق ولد خيرات علي قريشي شھر بنڊيالا ضلعي امر ستر (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو.
15 مئي 1957ع تي برطانيه پھرين هائڊروجن بم جو تجربو ڪيو.
15 مئي 1958ع تي سنڌ جو نالو وارو اديب منصور قادر جوڻيجو ڳوٺ گهاڙي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1959ع تي شاعر، فيض پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 1966ع تي حزب الله ولد الاهي بخش سومرو ڳوٺ ڦلواهڻ، تعلقو ۽ ضلعو خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ. ايڊيٽر، تحقيق، ترتيب ۽ مضمون نگار اٿس.
15 مئي 1967ع تي بالي ووڊ اداڪاره ماڌوري ڊڪشٽ جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 1970ع تي ليکڪ ۽ ڪالم نگار مير نادر ابڙو جو جنم ٿيو.
15 مئي 1971ع تي صحافي، سھيل پيرزادو ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1971ع تي نوجوان صحافي، اديب ۽ شاعر پريل دايو ڳوٺ ملھائيندي راجا تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
15 مئي 1976ع تي شاعر، مسرور پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
15 مئي 2018ع تي ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جو اسير، قومي تحريڪ سان لاڳاپيل ۽ شاعر عمر الدين زرداري جو وڇوڙو ٿيو، آخري آرامگاهه ڳوٺ سھراب زرداري لڳ ڪڪڙ ضلعي دادو ۾ اٿس.
16 مئي 1811ع تي جنگ اليورا جو آغاز ٿيو.
16 مئي 1922ع تي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ ڪنھن به تعارف جو محتاج ناهي، رشيد احمد لاشاري ”رشيد“ ڳوٺ ملگزار، نصيرآباد، ضلعي سبي ۾ پيد اٿيو.
16 مئي 1928ع تي مشھور شاعر ساقي زمان شاهه لاڏاڻو ڪيو.
16 مئي 1943ع تي جرمني ۾ يھودي بغاوت جو خاتمو آندو ويو.
16 مئي 1948ع تي مصر جي صدر جمال عبدالناصر عملي طور فوجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو.
16 مئي 1958 تي اسٽيج ڊائريڪٽر ٻلديو گهنشاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
16 مئي 1975ع تي دنيا جي واحد خاتون مسز جنڪو تابيت، مائونٽ ايورسٽ کي سَرِ ڪيو.
16 مئي 1984ع تي چيزل شاهه اصل نالو سيد العزيز ولد رکيل شاهه وفات ڪئي. سيد چيزل شاهه فتحپور تعلقي گنداواهه اولهه (بلوچستان) ۾ پيدا ٿيو. پاڻ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي.
16 مئي 1986ع تي نيواوا ۾ آمريڪا جي زير زمين تجربيگاهه ۾ خطرناڪ تابڪاري پکڙجي وئي.
16 مئي 1986ع تي آمريڪي گلوڪار جنيٽ جيڪسن جو جنم ڏينھن آهي.
16 مئي 2005ع تي پاڪستان ۾ قومي اسيمبلي، پـيمرا جو بل منظور ڪيو.
16 مئي 2005ع تي ڪويتي پارليامينٽ عورتن جي حق راءِ جو بل پاس ڪيو.
17 مئي 1545ع تي شريعت ۽ طريقت جو صاحب، مخدوم نوح سرور جو گادي نشين، مخدوم امين محمد اول جو جنم ڏينھن آهي.
17 مئي 1804ع تي هزهائينس، مير نصير محمد خان ٽالپر جنم ورتو شاعري ۾ تخلص جعفري ڪتب آڻيندو هو.
17 مئي 1865ع تي انٽرنيشنل ٽيليگراف يونين قائم ٿي.
17 مئي 1900ع تي ايران جي مشھور مذهبي شخصيت آيت الله خمينيءَ ايران جي شھر خمين ۾ جنم ورتو.
17 مئي 1924ع تي شاعر، نقاد، ڪالم نويس ۽ ايڊيٽر سيد منظور نقوي اصل نالو سيد لطف علي شاهه والد جو نالو سيد حسين علي شاهه ٽنڊي جھانيان حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
17 مئي 1937ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار احمد سلطان چانڊيو غيبي ديري ۾ ڄائو.
17 مئي 1937ع تي اديب، صحافي ۽ سياسي ڪارڪن عبدالوهاب پليجو ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ ڄائو.
17 مئي 1938ع تي مذهبي عالم دين مفتي هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
17 مئي 1949ع تي شاعر ۽ اديب ارڏو اترادي اصل نالو ارصلاح ولد ڪوهدل باجڪاڻي ڳوٺ گلواڻي تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
17 مئي 1958ع تي موسيقار آسر فقير خواجه جو لاڏاڻو ٿيو.
17 مئي 1978ع تي چارلي چپلن جو چوري ٿيل لاش ٻن مھينن بعد هٿ ڪيو ويو.
17 مئي 1995ع تي ياڪ شِراڪ، فرانس جو صدر منتخب ٿيو.
17 مئي 2012ع تي سماج سڌارڪ ۽ ڪلاسيڪل ڪردار فقير مقيم ڪنڀار، اصل نالو فقير محمد، راهه رباني ورتي.
18 مئي 1821ع تي بزرگ هستي شيخ عبداللطيف ثاني لنواري واري جو وصال ٿيو.
18 مئي 1872ع تي عظيم فلسفي ۽ رياضيدان لارب برٽرنڊ آرٿر وليم رسل انگلينڊ جي هڪ وڏي گهراڻي رسل ۾ جنم ورتو.
18 مئي 1922ع تي مشھور اديب وزير آغا جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1930ع تي شاعر ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ مدد جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1931ع تي پي ايڇ ڊي هولڊر موتي پرڪاش اصل نالو (ڊاڪٽر موتي سکر امداس شرما) دڙو ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. پي ايڇ ڊي جو موضوع هئس. (سنڌ شعر ۾ استري چٽ)
18 مئي 1933ع تي گلوڪار پير علي بخش ڀٽي جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1943ع تي سگهڙ غلام سرور ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1973ع تي تحريڪ پاڪستان جي رهنما چوڌري خليق الزمان جو وڇوڙو ٿيو.
18 مئي 1980ع تي مشھور گلوڪار علي ظفر جو جنم ڏينھن آهي.
18 مئي 1985ع تي شاعر سعيد هالائيءَ لاڏاڻو ڪيو.
18 مئي 1991 ع تي شاعر ۽ نثر نويس مبين اڃڻ اصل نالو محمد مبين، حاجي حسين بخش جي گهر ضلعي خيرپور ميرس ۾جنم ورتو.
19 مئي 1922ع تي مذهبي عالمِ دين رشد الله راشدي پير جهنڊو واري جو وصال ٿيو.
19 مئي 1930ع اتر آفريڪا ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
19 مئي 1935ع تي مشھور مصنف ٽي.اي لارنس روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
19 مئي 1953ع تي برطانيه جي ڪرنل سر جان هنٽ، مائونٽ ايورسٽ سر ڪيو.
19 مئي 1958ع تي صفي اول جي شاعره نجمه نور ڦلپوٽو خيرپور ۾ جنم ورتو.
19 مئي 1961ع تي شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ جو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 1962ع تي شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 1965ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام رسول خان جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
19 مئي 1976ع تي شاعر عطيه بتول تونيوجو جنم ڏينھن آهي.
19 مئي 2003ع تي نالي واري شاعر ميھر مجاهد، ولد رتو خان ميمڻ ميروخان ۾ وفات ڪئي.
20 مئي 1057ع تي مشھور عرب شاعر، ابوالعلاء المصري جو وڇوڙو ٿيو.
20 مئي 1631ع تي خاندان سادات جي باني خضر خان جو وڇوڙو ٿيو.
20 مئي 1902ع تي ڪيوبا، آمريڪا کان آزادي حاصل ڪئي.
20 مئي 1915ع تي آسٽريليا جي صدر ڪرڪ شينگر جو جنم ڏينھن آهي.
20 مئي 1946ع تي عالم الدين ميان محمد نصير الدين ولد عبدالحليم ميڪڻ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
20 مئي 1946ع تي ناليوارو مصور، اياز حسين ولد يار محمد خان ابڙو ڳوٺ جيئڻ ابڙي تعلقي قنبر ۾ ڄائو.
20 مئي 1951ع تي نالي واري شاعره ۽ ليکڪه اڪرم سلطانه وقاصي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 مئي 1957ع تي شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ ڳوٺ حاجي فتح محمد درس تعلقي ڪنري بدين ۾ پيدا ٿيو.
20 مئي 1975ع تي سنڌ جو رياضدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر اٽلي شھر ۾ وفات ڪئي. پاڻ اٽلي ۾ ٿيندڙ هڪ بين الاقوامي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هو.
20 مئي 2012ع تي اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
21 مئي 1927ع تي لينڊ برگ، بحر اوقيانوس اڪيلي سر پار ڪيو.
21 مئي 1934ع تي علامه اقبال انجمن حمايت اسلام جو صدر منتخب ٿيو.
21 مئي 1951ع تي شاعر محمد عابد مظهر ولد سيد مظهر حسين سيوهاڻي باجارا ۾ جنم ورتو.
21 مئي 1970ع تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس وصيت موجب حيدرآباد ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو.
21 مئي 1973ع تي صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري جو جنم ڏينھن آهي.
21 مئي 1975ع تي مشھور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
21 مئي 1978ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار، ايم اسماعيل ٻرڙي قنبر علي خان جي تاريخي ڳوٺ گهٽهڙ ۾ حاجي محمد حسن جي گهر ۾ جنم ورتو.
21 مئي 1984ع تي ڪنٽڪي (آمريڪا) جي عجائب گهر ٽيسٽ ٽيوب جي ڪامياب تجربي جي نتيجي ۾ هڪ گهوڙيءَ 65 پائونڊ وزني زيبري کي جنم ڏنو.
21 مئي 1991ع تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو ويو.
22 مئي 1441ع تي بزرگ سيد احمد ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. آخري آرامگاهه مڪلي قبرستان ۾ اٿس.
22 مئي 1545ع تي شير شاهه سوريءَ جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1820ع تي شاعر، فقير الھه رکيو مھر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
22 مئي 1875ع تي غازي پور (يو پي) جي هڪ مدرسي ۾ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي قائم ٿي.
22 مئي 1933ع تي تجارت جو عالمي ڏينھن پھريون ڀيرو ملهايو ويو.
22 مئي 1972ع تي مشھور افسانه نگار ۽ شاعر وڪٽر هيوگو جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1972ع تي سيلون ۾ نئين آئين نافذ ٿيڻ کانپوءِ ملڪ جو نالو مٽائي سريلنڪا رکيو ويو ۽ دولتِ مشترڪه ۾ شموليت اختيار ڪئي.
22 مئي 1981ع تي پاڪستان جي مشھور نعت گو شاعر، حافظ مظھر الدين جو وڇوڙو ٿيو.
22 مئي 1982ع تي سنڌ جو عظيم انسان، مير رسول بخش خان ٽالپر وفات ڪئي.
22 مئي 1991ع تي ناميارو شاعر ۽ ريڊيو پروڊيوسر، زيب عاقلي راهه رباني وٺي ويو.
22 مئي 2012ع تي قومپرست اڳواڻ مظفر ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو.
22 مئي 2012ع تي سنڌ سان عشق رکندڙ شھيد سنڌ، غزالا بتول صديقي کي ڪراچيءَ ۾ وحدت سنڌ ريلي دوران فائرنگ ڪري شھيد ڪيو ويو.
23 مئي 1857ع تي اٽاوه ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
23 مئي 1857ع تي هوتي مردان ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
23 مئي 1902ع تي سنڌي ادب ۽ زبان سان نهايت پيار ڪندڙ خان صاحب عبدالله چنا ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو.
23 مئي 1918ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مشھور رانديگر ڊينس ڪامپٽن جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1935ع تي علامه اقبال جي ٻئين شريڪِ حيات سردار بيگم جو وڇوڙو ٿيو.
23 مئي 1935ع تي آمريڪي وزير داخله دونالڊ پي هوڊل جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1955ع تي گلوڪار ڪمليش گنگواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 مئي 1960ع تي رستم زمان گاما پھلوان، جو وڇوڙو ٿيو.
23 مئي 1974ع تي مولوي نذير حسين جتوئي 71 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
23 مئي 1994ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار لاڏاڻو ڪيو.
24 مئي 1543ع تي مشھور سائنسدان ڪوپرنيڪس جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 1819ع تي انگلستان جي ملڪه وڪٽوريه جو جنم ڏينھن آهي.
24 مئي 1844ع تي مارس جو پھريون برقي پيغام واشنگٽن کان باليٽمور موڪليو ويو.
24 مئي 1931ع تي دولتِ مشترڪه جو قيام عمل ۾ آيو.
24 مئي 1949ع تي نثر نگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف جي ڪلام کي انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ امير علي ولد ولي محمد چانڊيو ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو قنبر ۾ جنم ورتو.
24 مئي 1978ع تي مشھور عالم، ۽ اديب شيخ عبدالمجيد سنڌي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. وصيت مطابق ٺٽي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ڀرسان مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
24 مئي 1981ع تي صحافي مولانا عبدالغفور سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 1985ع تي شمع دهلي جي مالڪ حافظ، يوسف دهلوي جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 2005ع تي سياستدان مير الھه بچايو ٽالپر جو وڇوڙو ٿيو.
24 مئي 2005ع تي مشھور مزاحيه ۽ فلمي اداڪار رنگيلو (اصل نالو محمد سعيد خان) جو وڇوڙو ٿيو.

25 مئي 632ع تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن دنيا کان پردو فرمايو.
25 مئي 1757ع تي سيد محمد راشد رضي ڌڻي ولد سيد محمد بقا شاهه جي ولادت ڳوٺ رحيم ڏنو ڪلهوڙو خيرپور ميرس ۾ ٿي.
25 مئي 1831ع تي غزل ۽ قصيدي جو شاعر داغ دهلوي اصل نالو مرزا محمد ابراهيم، نواب شمس الدين خان جي گهر دهليءَ ۾ جنم ورتو.
25 مئي 1891ع تي مارشل ٽيٽو، جوسپ بزاز جي مقام تي جنم ورتو.
25 مئي 1899ع تي بنگال جي مشھور شاعر قاضي نذرالاسلام جو جنم ڏينھن آهي.
25 مئي 1932ع تي ڀارت جو برک سنڌي شاعر ڪرشن ”راهي“ لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ پيدا ٿيو.
25 مئي 1940ع تي سنڌ جو نالي وارو نقاد ۽ شاعر تاج بلوچ ڪوٽ سردار مراد خان بلو، پنو عاقل ۾ جنم ورتو.
25 مئي 1945ع تي محقق، نقاد، مترجم، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ حاجي خان پٺاڻ جي گهر ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي پي ايڇ ڊي جو موضوع ڪراچي ضلعي جو علم ادب ۾ حصو.
25 مئي 1975ع تي شاعر ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
25 مئي 1979ع تي سنڌ جو سدابھار انسان، ارباب نور محمد پليجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
25 مئي 1984ع تي فقير جعفر علي پنھور موٽرسائيڪل ۽ ويگن جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.
25 مئي 2005ع تي بالي ووڊ اداڪار سنيل دت جو لاڏاڻو ٿيو.
26 مئي 1883ع تي شاعر ۽ فلسفي عبدالقادر الجزائر جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1934ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي مصطفيٰ حيدر جتوئي ولد حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي شھر ۾ ڄائو.
26 مئي 1965ع تي صحافي، خالد کوکر ولد محمد عيسى کوکر دادو ضلعي جي ڳوٺ باداڻي ۾ جنم ورتو.
26 مئي 1969ع تي شھيدِ ملت، خان لياقت علي خان جو وڏو ڀاءُ سجاد علي جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1982ع تي تحريڪِ پاڪستان جي نالي واري رڪن حڪيم نير واسطي جو وڇوڙو ٿيو.
26 مئي 1984ع تي شاعر ۽ نقاد مرزا اجمل بيگ لاڏاڻو ڪيو.
26 مئي 1987ع تي بلوچستان جو پھريون سول گورنر سردار غوث بخش رئيساڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
26 مئي 2006ع تي مشھور وِلن جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار، اديب، جو وڇوڙو ٿيو.
27 مئي 1332ع تي حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جو ڄاڻو ابن خلدون (ابو زيد عبدالرحمان ولي الدين) تيونس ۾جنم ورتو.
27 مئي 1908ع تي شاعر عبدالفتاح فائق جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1914ع تي ناليواري مسخري، نالي مٺو جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1962ع تي مشھور ڪمنٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر روي شاستري جو جنم ڏينھن آهي.
27 مئي 1964ع تي هندستان جو پھريون وزيراعظم جواهر لعل نھرو جو چالاڻو ٿيو.
27 مئي 1980ع تي شيخ القرآن مولانا غلام الله خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 مئي 1999ع تي ڊاڪٽر خان محمد پنھور ايل ايم سي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
27 مئي 2007ع تي صحافي اي.جي چانڊيو جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1905ع تي مذهبي عالم، مولانا غلام صديق شھدادڪوٽي جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1918ع تي ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر جو جنم ڏينھن آهي.
28 مئي 1948ع تي جامعه عثمانيه جو رهنما سيد محمد اڪبر وفاقاني جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1957ع تي ناليوارو شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال ڳوٺ فريد آباد، تعلقي باقراڻي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
28 مئي 1962ع تي سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 1967ع تي ايلسا قاضي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
28 مئي 1974ع تي ڪرڪيٽر مصباح الحق ميان والي ۾ جنم ورتو.
28 مئي 1975ع تي قادر الڪلام شاعر سڪندر خان کوسو ولد مير بھادر خان کوسو لاڏاڻو ڪيو.
28 مئي 1998ع تي پاڪستان ۾ جوهري تجربا ڪيا ويا.
28 مئي 2008ع تي بيورو ڪريٽ، امداد الله انڙ جو وڇوڙو ٿيو.
28 مئي 2013ع تي ناليواري شاعر، نذير احمد جوش ٻرڙو جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1453ع تي سلطان محمد فاتح، قسطنطنيه فتح ڪيو.
29 مئي 1785ع تي مير نور علي شاهه رضوي جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1884ع تي انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو وڇوڙو ٿيو، جنھن جون سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهم خدمتون آهن.
29 مئي 1917ع تي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1922ع تي صوفي بزرگ مخدوم احمد يار خان مھر ڀرچونڊي ۾ وفات ڪئي.
29 مئي 1938ع تي مذهبي عالم مخدوم ابوبڪر مھيسر جو وڇوڙو ٿيو.
29 مئي 1940ع تي اڳوڻي صدر پاڪستان، فاروق احمد لغاري جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1947ع تي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر بادل جماليءَ جو جنم ڏينھن آهي.
29 مئي 1970ع تي شاعره، ٽي وي ڪمپيئر، ڪھاڻيڪاره ۽ ڪالم نگاره زاهده تاج ابڙو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
29 مئي 1982ع تي مشھور ليکڪا فاطمه ڀٽو ولد مير مرتضيٰ ڀٽو جنم ورتو.
29 مئي 1988ع تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کي هٽايو ويو.
30 مئي 1843ع تي بزرگ سيد محمد صالح جيلاني (ثاني) جو وصال ٿيو.
30 مئي 1942ع تي سردار احمد علي پتافي ڳوٺ گلو پتافيءَ ۾ ڄائو.
30 مئي 1950ع تي بالي ووڊ اداڪار، پاريش راول جو جنم ڏينھن آهي.
30 مئي 1950ع تي ڪشمير جي صدر سردار محمد ابراهيم خان جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو.
30 مئي 1955ع تي شاعر سيد محمد عالم شاهه ”عالم“ ٽکڙائي جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مئي 1969ع تي نوجوان شاعر صحافي سجاد مھر شڪارپور ۾ جنم ورتو.
30 مئي 1981ع تي بنگلاديش جي صدر ضياءُ الرحمان چٽگانگ ۾ قتل ڪيو ويو.
30 مئي 1985ع تي مشھور سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيت مير محمد بخش خان ٽالپر ميرپور خاص ۾ وفات ڪئي.
30 مئي 2005ع تي ڪرڪيٽر فضل محمود جو وڇوڙو ٿيو.
30 مئي 2011ع تي صحافي سيد سليم شھزاد کي قتل ڪيو ويو.

31 مئي 1857ع تي بريليءَ ۾ جنگ آزادي شروع ٿي.
31 مئي 1902ع تي سنڌ جو مايه ناز موسيقار، ڊرام نويس ۽ اديب احمد چاڳلا ولد غلام علي چاڳلا ڪراچي ۾ جنم ورتو.
31 مئي 1923ع تي مناڪو جي حڪمران پرنس ٽئين جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1934ع تي ڪوئٽه ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلو آيو.
31 مئي 1939ع تي آمريڪي وزيرِ توانائي جونز هيرنگٽن جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1941ع تي ممتاز عالم دين، علامه احسان الاهي ظھير جو سيالڪوٽ ۾جنم ٿيو.
31 مئي 1942ع تي شاعر، نثر نويس ۽ تعليمدان آغا روشن علي پٺاڻ ولد آغا بشير محمد پٺاڻ جي گهر ۾ درٻيلي تعلقي ڪنڊياري ۾ پيدا ٿيو.
31 مئي 1946ع تي براڊڪاسٽر نثار ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
31 مئي 1968ع تي مشھور تاريخ دان ۽ اهل قلم رائچند هريجن فوت ٿي ويو.
31 مئي 1972ع تي نوجوان شاعر، ڪالم نگار فياض چنڊ ڪليري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
31 مئي 1978ع تي انفرادي شاعر، عارف الموليٰ ڪار حادثي ۾ انتقال ڪيو.
31 مئي 1982ع تي ملڪ جي تمام نجي صنعتن کي مالڪن حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
31 مئي 1988ع تي تحريڪ پاڪستان جي سرگرم رڪن ۽ قائداعظم جي دوست حاجي عبدالستار سيٺ جو وڇوڙو ٿيو.
31 مئي 1999ع تي گلوڪار، موسيقار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽي جو وڇوڙو ٿيو.
31 مئي 2005ع تي بزرگ سيد شھبازعلي جھانيان جو وڇوڙو ٿيو.

جون

عيسوي سال جو ڇهون مھينو جون آهي. هن مھيني تي اهو نالو ”جونو“ (JUNO) نالي ديوي جي نالي تي رکيو ويو. جونو ديوي ديوتائن جي سردار ”جيوپيٽر“ جي ڌيءَ هئي. هن مھيني ۾ اتر اڌ گول ۾ انتهائي گرمي هوندي آهي. 21 جون تي اتر اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينھن ٿيندو آهي، جڏهن ته وري ڏکڻ اڌ گول ۾ وڏي کان وڏي رات ٿيندي آهي. هن مھيني ۾ 30 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين جون 664ع تي حضرت عمرو بن العاص رضه جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين جون 1892ع تي افغانستان جي شاهه امير امان الله خان جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جون 1896ع تي مارڪوني وائرليس ايجاد ڪئي.
*پھرين جون 1897ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ڳوٺ ٽلٽي ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌ جو عظيم محقق، اديب، تاريخدان ۽ لسانيات جو ماهر هو.
پھرين جون 1930ع تي مشھور اديب حميد ڪاشميري جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جون 1936ع تي سنڌي ادب جو ڀلوڙ نقاد قربان علي بگٽي ولد روحل خان بگٽي ڳوٺ گلاب خان بگٽي لڳ لاڙڪاڻو شھر ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1949ع تي مزاح نگار، ڪالم نويس گلاب هڪڙو (حيدر بخش هڪڙو) شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جون 1959ع تي مشھور براڊڪاسٽر ۽ ليکڪ الاهي بخش ٻانڀڻ ولد محبت خان ڳوٺ نير وارو تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
پھرين جون 1959ع تي سنڌ جو سڄاڻ اديب محمد پنهل ڏهر تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي جي ڳوٺ خان محمد ڏهر ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1962ع تي پاڪستان ۾ ٻيو آئين نافذ ٿيو.
پھرين جون 1968ع تي ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ جھانپور شريف ۾ جنم ورتو.
پھرين جون 1974ع تي مجاهد حسين سولنگي ڳوٺ نھال خان سولنگي تعلقي سوبيديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ اک کولي، ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ محقق اٿس.
پھرين جون 1982ع تي پاڪستان جي اڳوڻي صدر فضل الاهي چوڌري جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين جون 1987ع تي اردو ادب ۽ فلمي دنيا جي ممتاز شخصيت، خواجه احمد عباس جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1865ع تي انگلينڊ جي مشھور رانديگر جارج لوهمين جو جنم ڏينھن آهي.
2 جون 1912ع تي ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌيءَ جو اصل نالو خالد حسين ولد جان محمد ٻگهيو ڪوٽڙي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ٿيو.
2 جون 1936ع تي ڀارت جو مشھور سنڌي اديب ۽ شاعر واسديو نرمل ڪراچي سنڌ ۾ جنم ورتو.
2 جون 1946ع تي موجوده جمھوريه انڊونيشيا جي باني ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1950ع تي مشھور اديب احسان بي.اي جوجنم ڏينھن آهي.
2 جون 1952ع تي مشھور براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو، شڪارپور ۾ محمد عثمان هڪڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.
2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي ڪنڌڪوٽ ۾ جنم ورتو.
2 جون 1960ع تي شاعر ۽ ڊرامه نگار، ايوب گاد اصل نالو محمد ايوب ولد غلام حيدر گاد لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 جون 1971ع تي نوجوان شاعر ۽ مترجم منور سولنگي ولد روشن علي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
2 جون 1982ع تي ٽيلي ويزن جي مشھور فنڪاره طاهره نقوي جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1986ع تي مشھور فلمي اداڪار ننھان رفيع خاور جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1988ع تي ڀارت جي نامور اداڪار راج ڪپور جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 1992ع تي اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 2004ع تي گلوڪار مجيب عالم جو وڇوڙو ٿيو.
2 جون 2006ع تي شاعر ۽ ليکڪ نثار حسيني جو وڇوڙو ٿيو.

3 جون 1657ع تي انگلستان جي سائنسدان وليم هاروي جو وڇوڙو ٿيو.
3 جون 1897ع تي بلند پايه عالم، سماجي ورڪر محمد عبدالهادي ڳوٺ راوت سر تعلقي ڇاڇري ۾ ڄائو.
3 جون 1903ع تي سماجي ورڪر اديب شاعر امرت راءِ ”سام“ ولد هشمت راءِ جسنگهاڻي قديم ڳوٺ طيب ابڙو تعلقي رتوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 جون 1916ع تي مشھور اديب، مرزا ظفر الحسن جو جنم ڏينھن آهي.
3 جون 1939ع تي نثر نويس آغا شهاب الدين ولد آغا تاج محمد خان لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 جون 1947ع تي قائد اعظم آل انڊيا ريڊيو تان پھرين ۽ آخري تقرير ڪئي.
3 جون 1947ع تي پاڪستان جي قيام جو اعلان ٿيو.
3 جون 1982ع تي سنڌ جو نالي وارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عطا محمد حامي ڪينسر جي تڪليف سبب جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي. پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل مقالو خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو.
3 جون 1986ع تي ياسر عرفات کي پي ايل او جي ڪمانڊر ان چيف جي عھدي کان برطرف ڪيو ويو.
3 جون 1986ع تي عالمي فٽ بال ڪپ ۾ ارجنٽائن کي ڪاميابي ملي.
3 جون 1988ع تي ممتاز دانشور، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اڳوڻي رڪن احمد وحيد اختر جو وڇور وٿيو.
3 جون 1989ع تي ايران جي مذهبي ۽ روحاني پيشوا آيت الله روح الله خميني جو وڇوڙو ٿيو.
3 جون 1998ع تي محبتي ماڻهو، سگهڙن جو سرواڻ محمد ملوڪ عباسي 54 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
3 جون 2003ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو.
3 جون 2005ع تي راڳي، ٻڍو فقير جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1857ع تي ڪانپور ۽ بنارس ۾ جنگِ آزادي شروع ٿي.
4 جون 1876ع تي ترڪي جي سلطان عبدالعزيز کي قتل ڪيو ويو.
4 جون 1924ع تي آسٽريليا جي مشھور فاسٽ بالر، فريڊ اسپورٿ جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1934ع تي رسالي جوهر نسوان جو پھريون شمارو شايع ٿيو.
4 جون 1942ع سفر نامه نويس، سگا جو باني، ڪھاڻيڪار ڊاڪٽر سليمان شيخ هالا ۾ پيدا ٿيو.
4 جون 1944ع تي آئس لينڊ جمھوريه ملڪ بڻيو.
4 جون 1954ع تي اداڪار ۽ ليکڪ ارباب ڇڄڙو مولائي ولد محمد صديقي ڇڄڙو ڳوٺ مورچو تعلقي موري ضلعي نوشھروفيروز ۾ ڄائو.
4 جون 1986ع تي ممتاز عالمِ دين علامه احمد سعيد جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1986ع تي قنڌار ۾ قومي سلامتيءَ جي نائب وزير کي ماريو ويو.
4 جون 1984ع تي نثري نظم جي اردو ۽ پنجابي زبان جي شاعره سارهه شگفته جو وڇوڙو ٿيو.
4 جون 1988ع تي اردو جي نقاد ۽ افسانه نگار مجنون گورکپوري جو وڇوڙو ٿيو.
5 جون 1865ع تي پنھنجي وقت جو يگانو انسان، فقير فولاد شر ڳوٺ مينگهو فقير شر تعلقي ٺري ميرواهه ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
5 جون 1907ع تي بزرگ محمد اڪرم پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
5 جون 1916ع تي اديب ۽ شاعر هري رام درياڻي تخلص دلگير ولد گر ڏنو مل شھر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 جون 1925ع تي بلند پايه صحافي، عالم ۽ اديب علي نواز وفائي سکر ۾ ڄائو.
5 جون 1942ع تي مشھور لوڪ ڳائڻي، جيوڻي ٻائيءَ جولاڏاڻو ٿيو.
5 جون 1953ع تي ڊاڪٽر نور افروز خواجه سيٺ احمد علي جي گهر حيدرآباد ۾ جنم ورتو. اديب سڃاڻپ، تنقيد ۽ تحقيق، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر.
5 جون 1957ع تي پاڪستان بحريا، مجاهد ۽ مبارڪ ٻه جنگي جھاز حاصل ڪيا.
5 جون 1967ع تي عربن جي اسرائيل سان ٻئين جنگ شروع ٿي.
5 جون 1984ع تي مصر جي وزيراعظم فواد محي الدين جو وڇورو ٿيو.
5 جون 1985ع تي الطاف حسين سنڌ ۾ آباد مهاجرن جي نمائندهه سياسي پارٽي مهاجر قومي مومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو بنياد رکيو.
5 جون 1997ع تي عوامي شاعر گل حسن گوپانگ شاد قنبر ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.
5 جون 2000ع تي بزرگ پير احمد شاهه ذاڪري جو لاڏاڻو ٿيو.

6 جون 1818ع تي پير محمد راشد روضي ڌڻي راهه رباني ورتي.
6 جون 1901ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي ولد وڏيرو حڪيم سعيد خان عباسي پنھنجي اباڻي ڳوٺ وليد ۾ پيدا ٿيو.
6 جون 1938ع تي ڪافيءَ جو شاعر سيد ڪامل شاهه جھانيان جن جي ولادت باسعادت ٿي. سندس والد بزرگ جو نالو سيد هادي بخش جھانيان هو.
6 جون 1943ع تي پاڪستان جو مشھور رانديگر آصف اقبال جو جنم ڏينھن آهي.
6 جون 1947ع تي پاڪستان فنڊ، قائداعظم محمد علي جناح قائم ڪيو.
6 جون 1948ع تي ناميارو شاعر، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ، غلام نبي اداسيءَ جي گهر ڳوٺ حاجي يار محمد کوسو، خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
6 جون 1968ع تي سنڌ جو جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر قاضي محمد سليمان وفات ڪئي.
6 جون 1985ع تي ڪالم نگار، نثر نويس ۽ سماجي ورڪر عبدالحفيظ ولد ڄام خان چانڊيو ادبي نالو، حفيظ زخمي چانڊيو، زخمي چانڊيي جي گهر جواب پور ضلع شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جنم ورتو.
6 جون 1986ع تي اسرائيلي فوج، مسجد اقصى جو گهيرو ڪيو.
6 جون 1986ع تي ترڪي ۾ شديد زلزلو آيو.
6 جون 1994ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر اسحاق راهي گذاري ويو.
6 جون 2016ع تي شاعر، لکيڪ ۽ ايڊيٽر اياز جاني لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. آخري آرامگاهه اسٽيل ٽائون قبرستان ڪراچيءَ ۾ اٿس.
7 جون 1858ع تي روهڙيءَ واري جنگ، روهڙي کان ٻاهر امرڪس واهه جي ڪناري تي ميان عطر خان، ميان احمد يار خان ۽ ميان غلام شاهه جي وچ ۾ خونريز جنگ لڳي.
7 جون 1930ع تي سياستدان قلندر بخش ڍورائي جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 1962ع تي پاڪستان پھريون موسمياتي راڪيٽ ڇڏيو.
7 جون 1966ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي ۽ ايڊيٽر امين لغاري عرف غلام حيدر ولد ولي محمد لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
7 جون 1973ع تي نامور مزاحيه اداڪار، عمر شريف، برج جي عالمي چيمپئن جو اعزاز حاصل ڪيو.
7 جون 1974ع تي ليکڪ قادر بخش ڪنڌر جو جنم ڏينھن آهي.
7 جون 1982ع تي ليکڪ ابراهيم ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
7 جون 1989ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار جمال ڪوريجو ولد محمد جڙيل ڪوريجي جي گهر ڳوٺ محمد بخش ڪوريجي ۾ اک کولي.
7 جون 2000ع تي حافظ محمد ڪامل مھيسر جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 2012ع تي ليکڪ، ڪاشف سومرو جو وڇوڙو ٿيو.
7 جون 2018ع تي ناميارو سياستدان، قانوندان، مفڪر، لطيف شناس ۽ نقاد رسول بخش پليجو هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
8 جون 1857ع تي جنگ آزاديءَ جي مجاهدن دهليءَ تي قبضو ڪيو.
8 جون 1884ع تي سوامي ڄيٺانند عرف سوامي اچل پرشاد ناٿاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1908ع تي صحافي شيخ بابو محمد سليمان جو وڇوڙو ٿيو.
8 جون 1957ع تي بالي ووڊ اداڪاره ڊمپل ڪپاڊيا جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1962ع تي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا ختم ڪري 1962ع جو آئين نافذ ڪيو.
8 جون 1966ع تي سنڌ زبان جو باڪمال شاعر ۽ اديب عزيز الله مجروح وفات ڪئي.
8 جون 1975ع تي بالي ووڊ اداڪاره شلپا شيٽي جو جنم ڏينھن آهي.
8 جون 1977ع تي مشھور عالمِ دين ميان محمد نصيرالدين ميڪڻ وفات ڪئي.
8 جون 1980ع تي شاعر راڻاجي اسنگي، اصل نالو راڻو ذات مارواڙي مينگهواڙ ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
8 جون 1985ع تي صوفي سنت، محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو مينهل فقير مھر سجدي جي حالت ۾ ڌڻي کي پيارو ٿيو.
9 جون 1870ع تي مشھور ادبي شخصيت چارلس ڊڪـنـز جو وڇوڙو ٿيو.
9 جون 1915ع تي نامور اديب، صحافي، حڪيم علي حسن ڌاريجو ولد محمد عثمان ڳوٺ پير راڄن شاهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
9 جون 1919ع تي ليکڪ شام فتناڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 جون 1930ع تي شاعر مير خير محمد ضياء، خدابخش خان ٽالپر جو فرزند هو. هن فاني جھان کي الوداع چيو.
9 جون 1939ع تي ناميارو صحافي حيات بلوچ ولد ميوو فقير چانڊيو، ٽنڊي آدم ويجهو ڳوٺ لاکڙا ۾ پيدا ٿيو.
9 جون 1945ع تي اسٽيج ڊرامن جي هدايتڪار، ڀرت ڪمار ڍنگر جو جنم ڏينھن آهي.
9 جون 1946ع تي ڀلوڙ شاعر شوق خانواڻيءَ جو اصل نالو محمد ياسين قاسمي تخلص شوق المعروف شوق خانواڻي انڊيا جي شھر ڪرنال پاڻي پٽ ۾ ڄائو.
9 جون 1951ع تي شاعر حاجي پير بخش فاروقي جو وڇوڙو ٿيو.
9 جون 1953ع تي مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي درالبقا ڏي روانو ٿي ويو.
9 جون 2009ع تي شاعر ۽ اديب مختيار گهمرو وفات ڪئي.
10 جون 1830ع تي مولانامحمد حسين آزاد جو جنم ڏينھن آهي.
10 جون 1923ع تي سيد علي اڪبر ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
10 جون 1925ع تي نظم جو شاعر علي محمد خالدي ولد نھال خان لاشاري ٺٽي ۾ جنم ورتو.
10 جون 1926ع تي نياز حسين ولد فقير غلام سرور قادري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، افسانا نگار، ايڊيٽر ڪھاڻيڪار ۽ ترجمي نگار اٿس.
10 جون 1932ع تي خادم رفيقي مھيسر ڳوٺ رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو پاڻ مشھور اديب، شاعر ۽ صحافي ٿي گذريو آهي.
10 جون 1948ع تي ناميارو شاعر ۽ چترڪار هارون چنا، رستم، ضلعي شڪارپور لڳ ڳوٺ ٽنڊي علي شير ۾ ڄائو.
10 جون 1953ع تي ناميارو ڪھاڻيڪار رسول بخش درس جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ محمد اسماعيل درس جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
10 جون 1967ع تي پنھنجي وقت جو يگانو انسان فقير فولاد شر وفات ڪئي.
10 جون 1971ع تي نوجوان شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرام نگار انعام عباسي اصل نالو انعام الله عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 جون 1971ع تي ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.
10 جون 1975ع تي عبدالفتاح شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جون 1488ع تي اسڪاٽ لينڊ بادشاهه جيمز (ٽيون) کي قتل ڪيو ويو.
11 جون 1903ع تي سريا جي بادشاهه ۽ ملڪه کي قتل ڪيو ويو.
11 جون 1935ع تي ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو جو جنم ڏينھن آهي.
11 جون 1947ع تي مسلم ليگ هند، ورهاڱي جو منصوبو منظور ڪيو.
11 جون 1948ع نيرو، خودڪشي ڪري ڇڏي.
11 جون 1957ع تي ليکڪ جڳديش لاکياڻي جو جنم ڏينھن آهي.
11 جون 1971ع تي ريڊيو ڪمپيئر ۽ آرٽسٽ جاويد احمد پٺاڻ عبدالرحمان جي گهر ڳوٺ ڇڄڙا ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
11 جون 1982ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار سنتوش ڪمار جو وڇوڙو ٿيو.
11 جون 2011ع تي نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ اديب طارق عالم ابڙو، وفات ڪئي.
12 جون 1593ع تي انگريزي ڊرامه نويس ڪرسٽوفر مالو کي قتل ڪيو ويو.
12 جون 1897ع تي آسام جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو خوفناڪ زلزلو آيو.
12 جون 1923ع تي ممتاز قانوندان شريف الدين پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي. سندس جنم برهان پور ڀارت ۾ ٿيو.
12 جون 1924ع تي ناميارو شاعر مير عبدالحسين سانگي جو وڇوڙو ٿيو.
12 جون 1929ع تي جامعيه ڪراچي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽرجميل جالبي جو جنم ڏينھن آهي.
12 جون 1964ع تي ڪمپيئر ۽ استاد شرف الدين مغيري ولد حاجي پاکر خان مغيري جي گهر راڌو خان مغيري ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
12 جون 1980ع تي جاپان جي وزير اعظم اوهيرا جو وڇوڙو ٿيو.
12 جون 2012ع تي شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ جو لاڏاڻو ٿيو.
13 جون 1899ع تي سردار عبدالرب نشتر جو جنم ڏينھن آهي.
13 جون 1908ع تي صحافي، اديب، ناول نويس محمد عثمان ڏيپلائي ولد حبيب الله ميمڻ شھر ڏيپلي ۾ جنم ورتو.
13 جون 1920ع تي سنڌي موسيقي جو شهنشاهه راڳي استاد محمد ابراهيم ولد احمد ڪڇي گجرات جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سلايا ۾ جنم ورتو.
13 جون 1924ع تي شاعر ۽ اديب نثار بزمي، اصل نالو قلندر بخش ولد محمد حسن خان جوڻيجو ڳوٺ مرزاپور، تعلقي گڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
13 جون 1939ع تي نهايت سٻاجھڙو شاعر عبدالحڪيم ”ارشد“ ولد حاجي يار محمد لکمير، ڳوٺ لکمير نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو.
13 جون 1946ع تي ايران، آذربائيجان کي خود مختياري ڏني.
13 جون 1961ع تي شاعر جلال ڪوري ڳوٺ عالم پلي، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
13 جون 1974ع تي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي پھريون ڀيرو ريڊيو تان قوم کي خطاب ڪيو.
13 جون 1974ع تي عرب جمھوريه يمن ۾ ٻيون ڀيرو انقلاب آيو.
13 جون 1982ع تي سعودي عرب جي سربراهه شاهه خالد، دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
13 جون 2003ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ملڪ معراج خالد جو وڇوڙو ٿيو.
13 جون 2012ع تي عظيم گلوڪار مھدي حسن جو وڇوڙو ٿيو.
14 جون 1746ع تي سنڌي نثر ۽ نظماڻي نثر جو لکندڙ آخوند عزيز الله ميمڻ، مٽيارين ۾ جنم ورتو.
14 جون 1777ع تي آمريڪا جو قومي جهنڊو منظور ٿيو.
14 جون 1914ع تي عالم دين ۽ بزرگ پير صاحب ڏنو جو وڇوڙو ٿيو.
14 جون 1940ع تي ليکڪ، قمر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
14 جون 1943ع تي شاعر، الھڏنو دکي باڊهه ۾جنم ورتو.
14 جون 1960ع تي شاعر، منظور مسافر جو جنم ڏينھن آهي.
14 جون 1963ع تي روس پھريون ڀيرو عورت، نزشيخوفاڪو کي خلا ۾ موڪليو.
14 جون 1967ع تي تنزانيه، بئنڪن کي قومي تحويل (ڌارا) ۾ ورتو.
14 جون 1974ع تي ليکڪ، احسان زنگيجو جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1895ع تي غلام احمد ”نظامي“ ولد حاجي محمد صديق ميمڻ، ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ اديب، صحافي ۽ ناميارو قومي شاعر اٿس.
15جون 1916ع تي جديد شاعريءَ جو برک شاعر هري دلگير پٽ گر ڏنو مل درياڻي لاڙڪاڻي شھر ۾ ڄائو.
15 جون 1916ع تي پاڪستان جو مشھور نقاد ۽ محقق ڊاڪٽر ابوالليث صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1925ع تي سنڌ جو نالي وارو صوفي بزرگ سخي قبول محمد (ثاني) وفات ڪئي سندس مزار سچل جي روضي ۾ اندر آهي.
15 جون 1927ع تي اردو جي مشھور ليکڪ ۽ شاعر ابن انشاءَ جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1933ع تي شاعر هوتو سنڌو پياسي پليو لغاري نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
15 جون 1943ع تي مشھور شاعره ۽ اديبه مريم مجيدي، ڌيءَ محمد خان ”مجيدي“ جتوئي ميرنپور، تعلقي بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي.
15 جون 1957ع تي اداڪار ڪشنچند پريمي جو جنم ڏينھن آهي.
15 جون 1961ع تي صوبائي وزير توقير فاطمه ڀٽو ڪراچي ۾ ڄائي.
15 جون 1962ع تي نالي وارو شاعر منٺار سولنگي ولد غلام مرتضيٰ سولنگي جي گهر جنم ورتو.
15 جون 2011ع تي نئين ٽھيءَ جو جديد شاعر حسن درس حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
16 جون 1918ع تي ناليواري اديب ۽ تعليمدان حاجي رسول بخش ميمڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
16 جون 1925ع تي برصغير جو مشھور اڳواڻ آرداس جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 1930ع تي انگلينڊ جي مشھور رانديگر هرائن سٽيٿم جو جنم ڏينھن آهي.
16 جون 1942ع تي سگهڙ گل حسن بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
16 جون 1943ع تي مشھور موسيقار راڳي ۽ ڪمپوزر فيروز گل ولد رحيم بخش شيخ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
16 جون 1959ع تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ پنهل ساريو ولد مولا بخش ساريو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
16 جون 1970ع تي اسلامي جمھوريه انڊونيشيا جي باني ڊاڪٽر احمد سوئيڪارنو جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 2009ع تي راڳي اسحاق فقير عرف ڪارو مڱڻھار جو وڇوڙو ٿيو.
16 جون 2010ع تي شاعر ۽ دانشور غلام محمد جنجهي جو وڇوڙو ٿيو.
18 جون 1953ع تي قديم سنڌي تهذيب جو مجسمو مولانا محمد صادق کڏي واري وفات ڪئي.
19 جون 1903ع تي انگلينڊ جو مشھور رانديگر وائلي هيمنڊ جو جنم ڏينھن آهي.
19 جون 1931ع تي ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار شوپارواڻي اصل نالو حشمتراءِ اين پارواڻي دادوءَ ۾ ڄائو.
19 جون 1932ع تي ناليواري تعليمدان آپا مريم نوحاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
19 جون 1947ع تي ڪراچي کي، پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو.
19 جون 1958ع تي مزاحيه شاعر، شھمير خان شھمير چانڊيو هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
19 جون 1961ع تي ڪويت آزاد ٿيو.
19 جون 1963ع تي ڪلاسيڪل راڳ جو شھنشاهه راڳي راستاد برڪت علي جو وڇوڙو ٿيو.
19 جون 1980ع تي نالي وارو شاعر محمد احسن چنه دادو ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
19 جون 1992ع تي سنڌي ادب جو برجستو ناءُ موهن ڪلپنا لوڪ پڌاريو.
19 جون 1994ع تي جيون گرسھاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
20 جون 712ع تي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي.
20 جون 1837ع تي ملڪه وڪٽوريه، برطانيه جو تخت ماڻيو.
20 جون 1936ع تي سنڌيءَ ٻوليءَ جي مشھور شاعر، اديب ۽ ناٽڪ نويس شبير ”ناز“ چنا شڪارپور ۾ جنم ورتو.
20 جون 1944ع تي مير محمد پيرزادو ولد رحمت الله پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. اديب خدمتون، ناميارو شاعر ۽ اديب آهي.
20 جون 1947ع تي قائداعظم، آل انڊيا ريڊيو تان پھريون ڀيرو خطاب ڪيو.
20 جون 1949ع تي برصغير جو هري سنگ تخت تان دستبردار ٿيو.
20 جون 1950ع تي سرمد چانڊيو اصل نالو سونو خان چانڊيو، رئيس جمال خان چانڊيو تعلقي قنبر ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ادبي خدمتون، گيت جو شاعر، نقاد، استاد شاعر، ناول نگار، محقق ۽ لطيف شناس اٿس.
20 جون 1961ع تي نوجوان شاعر، محمد رمضان نول شھر موري ۾ جنم ورتو.
20 جون 1971ع تي انڊونيشيا جو اڳوڻو صدر سوئيڪارنو وفات ڪئي.
20 جون 2018ع تي اردو ٻوليءَ جو عظيم مزاح نگار مشتاق احمد يوسفي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
21 جون 1037ع تي مشھور مسلمان سائنسدان ۽ فلاسافر ابن سينا جو وڇوڙو ٿيو.
21 جون 1843ع تي رائل ڪاليج آف سرجري جو قيام عمل ۾ آيو.
21 جون 1904ع تي فٽ بال لاءِ بين الاقوامي تنظيم فيضا قائم ٿي.
21 جون 1918ع تي صاحب ديوان، عالم ۽ شاعر عبدالغفور مفتون همايوني وفات ڪئي. عبدالغفور مفتون همايوني 1844ع تي همايون شريف شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
21 جون 1924ع تي هاڪارو ملهه پھلوان شير مير بحر ولد علي محمد مير بحر ڳوٺ موسو ديرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
21 جون 1931 تي آمريڪي وزير مارگريٽ ايم هيڪلر جو جنم ڏينھن آهي.
21 جون 1944ع تي شآعر سيف ٻنوي جوجنم ڏينھن آهي.
21 جون 1953ع تي محترمه بينظير، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي گهر ڪراچي ۾ جنم ورتو. محترمه بينظير ڀٽو جو پيار جو نالو پنڪي هو.
21 جون 1978ع تي جنرل ضياءُ الحق، پنج سئو ميل ڊگهي شاهراهه قراقرم جو افتتاح ڪيو.
21 جون 1986ع تي برصغير جي ممتاز اداڪاره ۽ فنڪاره ممتاز بيگم جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 1885ع تي مھدي سوڊاني جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 1906ع تي ناميارو شاعر، محقق، سياح، تاجر ۽ تحريڪِ پاڪستان جو ممتاز رڪن جِي الانا، اصل نالو غلام علي الانا جو ڪراچيءَ ۾ جنم ٿيو.
22 جون 1924ع تي سنڌ جو انتهائي محترم عالم غلام مصطفيٰ ولد حافظ محمود چانڊيو ڳوٺ ڀنڀو خان چانڊيو تعلقو ميروخان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
22 جون 1931ع کان ستاويهه سيپٽمبر 1950ع تائين دنيا جو هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپئين شپ جو اعزاز آمريڪا جي جولوئيس وٽ رهيو.
22 جون 1932ع تي بالي ووڊ اداڪار امريش پوري جو جنم ڏينھن آهي.
22 جون 1941ع تي جرمني، روس تي حملو ڪيو.
22 جون 1947ع تي مشھور عالم ۽ سماجي ڪارڪن سيد عبدالرحيم شاهه ڪراچي ۾ وفات ڪئي. مڪليءَ واري تاريخي قبرستان ۾ آخري آرامگاهه اٿس.
22 جون 1947ع تي هاري تحريڪ جي رڪن شھيد بختاور لاشاري جي شھادت جو ڏينھن آهي.
22 جون 1970ع تي مشھور گلوڪارہ، حميرا چنا حيدرآباد ۾ ڄائي.
22 جون 1971ع تي اعليٰ پائي جو عالم دين سيد علي اڪبر شاهه وفات ڪئي.
22 جون 1974ع تي پير آف گولڙهه شريف، سيد غلام محي الدينرح جو وصال ٿيو.
22 جون 1976ع تي ڪالم نگار منير مصور ٻگهيو جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
22 جون 1992ع تي مشھور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو وڇوڙو ٿيو.
22 جون 2012ع تي اردو جي مشھور ليکڪ، ڪالم نويس ۽ ناول نگار عبيد الله بيگ جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 1843ع تي قاضي عبدالنبي شڪارپوري جو جنم ڏينھن آهي.
23 جون 1934ع تي اسٽريا جي صدر ڪرڪ شيگر اقتدار ماڻيو.
23 جون 1938ع تي شاعر محمد بخش حافظ، نوان جتوئي ۾ جنم ورتو.
23 جون 1940ع تي فرانسيسي وفد، جرمني جنگ بنديءَ جا شرط منظور ڪيا.
23 جون 1974ع تي مولوي نذير حسين جتوئي جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 1980ع تي وزيراعظم اندرا گانڌي جي پٽ سنجي گانڌي هوائي جھاز حادثي ۾ وڇوڙو ڪيو.
23 جون 1989ع تي سياستدان ايم اي قريشي جو وڇوڙو ٿيو.
23 جون 2004 تي مذهبي عالمِ دين عزيز الله جروار جو لاڏاڻو ٿيو.
24 جون 1943ع تي ڏکڻ جمھوريه ميمن جي صدر احمد الھاشمي کي قتل ڪيو ويو.
24 جون 1950ع تي ڪوريا جي جنگ شروع ٿي.
24 جون 1964ع تي سياسي عورت اڳواڻ راءِ ناز بوزدار جو جنم ڏينھن آهي.
24 جون 1980ع تي ڀارت جي اڳوڻي صدر وي وي گري جو وڇوڙو ٿيو.
24 جون 1987ع تي سياسي اڳواڻ قاضي فضل الله لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وصيت مطابق کيس لاڙڪاڻي ۾ قائم شاهه بخاري قبرستان جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
24 جون 2011ع تي ناليواري محقق شوڪت خواجائي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه ستين جي آستان روهڙي لڳ قبرستان ۾ آهي.
24 جون 2016ع تي ڪلاسيڪل راڳي الھه ڏنو خاصخيلي روڊ حادثي ۾ راهه رباني ورتي.
25 جون 1912ع تي آخوند فضل لاڏاڻو ڪري ويو.
25 جون 1922ع تي شاعر سائق بخاري جنم ورتو.
25 جون 1929ع تي تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1934ع تي مشھور شاعر ۽ اعليٰ پائي جي خطاط حافظ محمد هارون دلگير وفات ڪئي.
25 جون 1939ع تي سماجي اڳواڻ محمد طالب ڀرٽ پيدا ٿيو.
25 جون 1944ع تي نواب بھادر يار جنگ جو وڇوڙو ٿيو.
25 جون 1950ع تي اديب ۽ ترجمه نگار صفي لکنويءَ جو وڇوڙو ٿيو.
25 جون 1954ع تي شاعر مھر عيسو فقير (صديق جي واند) وفات ڪئي.
25 جون 1967ع تي شاعر حاجي عبدالله ”واقف“ (ٺارو شاهه) لاڏاڻو ڪري ويو.
25 جون 1968ع تي ليکڪ غلام مصطفيٰ چنا (ڪي اين شاهه) ۾ جنم ورتو.
25 جون 1971ع تي شاعر محمد عرس اوٺو جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1974ع تي بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 1975ع تي موز مبيق پرتگال جي غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪئي.
25 جون 1977ع تي محترم بينظير ڀٽو پنھنجي تعليم مڪمل ڪري واپس وطن آئي.
25 جون 1978ع تي بالي ووڊ اداڪار آفتاب شوداساڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 جون 2009ع تي پاپ موسيقيءَ جو شاندار نانءُ مائيڪل جيڪسن جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1564ع تي نقشبندي سلسلي جو مشھور صوفي عالم مجدد الف ثاني پيدا ٿيو.
26 جون 1781ع تي مرزا سودا جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1892ع تي مشھور آمريڪي نوبل انعامي يافته مصنف پرل بڪ جو جنم ڏينھن آهي.
26 جون 1893ع تي شاعر ۽ اسڪالر سيد نجيع الله شاهه راشدي ولد سيد نور الحق راشدي ڳوٺ نور آباد لڳ وڳڻ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
26 جون 1905ع تي ڀريا جورائيٽر چرنداس ٺاڪرداس پيدا ٿيو.
26 جون 1910ع تي فرانس پھريون دفعو نيوٽرون بم جو تجربو ڪيو.
26 جون 1927ع تي طنز و مزاح جي دنيا جو نهايت مقبول صحافي ۽ شاعر نور عباسي اصل نالو نور محمد نور ولد حاجي محمد هاشم عباسي ضلعي نوشھروفيروز جي شھر ڀرين ۾ جنم ورتو.
26 جون 1953ع تي ناليوارو شاعر ۽ ٻارن جو ليکڪ اقبال تنيو دادو ۾ پيدا ٿيو.
26 جون 1955ع تي مشھور صحافي ۽ اديب چراغ حسن حسرت جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1957ع تي مشھور مزاح نگار مجيد لاهوري جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 1965ع تي ناليوارو صحافي خالد کوکر دادو تعلقي جي ڳوٺ باداڻيءَ ۾ پيدا ٿيو.
26 جون 1970ع تي شاعره ۽ ليکڪه ڊاڪٽر پرهه سڪينه گاد جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
26 جون 1973ع تي شاعر محمد رمضان آزاد لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جون 1976ع تي شاعر امداد حيدر سولنگي پيدا ٿيو.
26 جون 1985ع تي اسڪالر مولانا محمد قاسم پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جون 2005ع تي جهڏي جو رائيٽر مجرم لغاري هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
26 جون 2010ع تي نامياري شاعر احمد خان ”مدهوش“ جو وڇوڙو ٿيو.
26 جون 2016ع تي صوفي راڳي جمال الدين فقير جو وڇوڙو ٿيو.
27 جون 1880ع تي مشھور رفاعي ڪارڪن هيلن ڪيلر جو جنم ڏينھن آهي.
27 جون 1930ع تي معروف اردو شاعر حمايت علي شاعر حيدرآباد دکن ۾جنم ورتو.
27 جون 1949ع تي خان محمد پنھور ولد محمد يعقوب پنھور ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ آراضي ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ صحافي، ماهر تعليم، ۽ سماجي خدمتگار اٿس.
27 جون 2003ع تي شاعر ۽ ليکڪ سيد اڪبر شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
27 جون 2010ع تي اديب ۽ ليکڪ احسان دانش ڀٽو جو لاڏاڻو ٿيو.
28 جون 622ع تي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم مديني شريف ۾ داخل ٿيو.
28 جون 1606ع تي شھنشاهه قطب الدين ايبڪ جي رسم تاج پوشي لاهور ۾ ٿي.
28 جون 1913ع تي قائد اعظم، لنڊن ۾ شاگردن جي هڪ ايسوسيئيشن ٺاهي.
28 جون 1919ع تي معاهدو درسيلز ٿيو.
28 جون 1940ع تي نوبل ۽ بينڪر انعامي يافته محمد يونس جو جنم ڏينھن آهي.
28 جون 1970ع تي ڪرڪيٽر مشتاق احمد جو جنم ڏينھن آهي.
28 جون 1972ع تي پاڪستان جو سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي هندوستان جو دورو ڪيو.
28 جون 1977ع تي نوجوان ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ مختلف اين جي اوزر جو سرگرم اڳواڻ ذوالفقار شاهه راڌڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
28 جون 1985ع تي لبنان جو اڳوڻو صدر الياس سارڪس جو وڇوڙو ٿيو.
29 جون 1561ع تي پھريون يورپي سياهه هرناڊو، آمريڪي رياست آرڪسناس ۾ داخل ٿيو.
29 جون 1880ع تي اديب، ڪي بي نور الدين نانا جو جنم ڏينھن آهي.
29 جون 1933ع تي خيرپور رياست جو آخري حڪمران مير علي مراد خان (ثاني) ولد مير فيض محمد خان (ثاني) ٽالپر انگلينڊ ۾ ڄائو.
29 جون 1939ع تي نسيم کرل اصل نسيم احمد کرل ولد حاجي عبدالڪريم کرل ڳوٺ کرل، تعلقي گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ مقاميت نگاري جو بھترين ڪھاڻيڪار هو.
29 جون 1947ع تي ٽيليويزن جو سينئر پروڊيوسر بادل جمالي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جي تخليقي ۽ منفرد ڪھاڻيڪار آهي.
29 جون 1965ع تي شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضى سيال جو جنم ڏينھن آهي.
29 جون 1972ع تي اندراگانڌي ۽ ذوالفقار ڀٽو جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون.
30 جون 1857ع تي قومي خدمتگار ڏيارام گدومل حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
30 جون 1893ع تي مشرقي جرمني جو چيئرمين واٽر سيل جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 1966ع تي مشھور عالمي باڪسر مائيڪ ٽائيسن جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 1969ع تي رانديگر سنٿ جي سوريا جو جنم ڏينھن آهي.
30 جون 2004ع تي ويهين صدي جو سنڌي ڪھاڻيڪار جمال ابڙو
لاڏاڻو ڪيو.

جولاءِ

عيسوي سال جو ستون مھينو جولاءِ آهي. هن مھيني تي اهو نالو مشھور حڪمران جوليس سيزر جي نالي پويان رکيو ويو آهي. ڪنھن زماني ۾ هي مھينو پنجي (5) نمبر تي هو ۽ هن جو نالو ”ڪئانٽليس“ (QUANTILIS) هو جنھنجي معنيٰ آهي پنجون هن مھيني دوران اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندي آهي ۽ ڏينھن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينھن وڏا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ سردي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. اتر اڌ گول جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هن مھيني دوران بارشون ٿين ٿيون هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين جولاءِ 1822ع تي گجراتي زبان جي پھرين اخبار شايع ٿي.
پھرين جولاءِ 1843ع تي برازيل حڪومت سڀ کان پھرين ڊاڪ جي ٽڪلي جاري ڪئي.
پھرين جولاءِ 1894ع تي مشھور صوفي شاعر غلام علي مسرور فقير ولد ماستر رحيم بخش بدوي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين جولاءِ 1922ع تي مشھور نقاد پروفيسر مجتبى حسين جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين جولاءِ 1924ع تي رام ڪرشن هيرانند راهي آڏوائي سنڌ جي شھر حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. اديب سڃاڻپ ليکڪ، صحافي ۽ نقاد اٿس.
پھرين جولاءِ 1931ع تي شاعر صوفي غلام محمد ”پياسي“ ولد زوار ساجن ڪلهوڙو علي آباد سکر ۾ جنم ورتو.
پھرين جولاءِ 1934ع تي شاعر ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو ڳوٺ حاجي خان ڪلهوڙو تعلقو خانپور، ضلعو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين جولاءِ 1939ع تي احمد بخش بدوي ”مٺل“ شڪارپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، مضمون نگار ۽ نثر نويس اٿس.
پھرين جولاءِ 1940ع تي محقق ۽ مرتب ڊاڪٽر نواز علي شوق ڳوٺ رحمت خان سهرياڻي ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.
پھرين جولاءِ 1947ع تي پاڪستان معدني ترقياتي ڪارپوريشن وجود ۾ آئي.
پھرين جولاءِ 1948ع تي قبول ابڙو ڳڙهي ياسين شڪارپور ۾ جنم ورتو. اديب خدمتون ناول نگار ۽ افسانه نگار اٿس.
پھرين جولاءِ 1982ع تي ڪوهاٽ کي ڊويزن جو درجو ڏنو ويو.

2 جولاءِ 579ع تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم جي ڏاڏي هي فاني جھان ڇڏيو.
2 جولاءِ 711ع تي محمد بن قاسم سنڌ تي ڪاهه ڪئي. ۽ راجا ڏاهر کي شڪست ڏني.
2 جولاءِ 1900ع تي ٻئين جديد اولمپڪ راند شروع ٿي.
2 جولاءِ 1919ع تي اردو جي مشھور اديب انوار صولت جو جنم ڏينھن آهي.
2 جولاءِ 1933ع تي ليکڪ استاد علي شاهه بخاري جو جنم ڏينھن آهي.
2 جولاءِ 1935ع تي مشھور مضمون نگار جميل احمد جو جنم ڏينھن آهي.
2 جولاءِ 1954ع تي نقاد، محقق، مترجم رؤف نظاماڻي اصل نالو (عبدالرؤف نظاماڻي) ڪراچي ۾ جنم ورتو.
2 جولاءِ 1956ع تي ليکڪ سڪندر عباسي جي ولادت جو ڏينھن آهي.
2 جولاءِ 1957ع تي نالي وارو صحافي عبدالمجيد اوڍو پيدا ٿيو.
2 جولاءِ 1966ع تي ليکڪ بھادر خان ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
2 جولاءِ 1971ع تي نوجوان ليکڪ، سماجي اڳواڻ بدر سميجو پني عاقل ۾ جنم ورتو.
2 جولاءِ 1998ع تي دنيا جي سڀ کان ڊگهي انسان جو اعزاز رکندڙ عالم چنا جو لاڏاڻو ٿيو.
2 جولاءِ 2005ع تي ناليواري شخصيت حاجي علي بخش ڪولاچي (ٽنڊو ڪولاچي) هن فاني جھان کي الوداع چيو.
2 جولاءِ 2007ع تي ناليواري ٽي وي پروڊيوسر ۽ هدايتڪار هارون رند جو وڇوڙو ٿيو.
3 جولاءِ 622ع تي حضور اڪرم صلي الله عليھ وسلم مڪي کان مديني ڏانھن هجرت ڪئي.
3 جولاءِ 1918ع تي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اسڪالر مخدوم محمد قريشيءَ وفات ڪئي.
3 جولاءِ 1929ع تي ليکڪ مرزا نادر بيگ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
3 جولاءِ 1929ع تي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي.
3 جولاءِ 1935ع تي ڏيپلو سان تعلق رکندڙ شاعر گل محمد ”اشڪ“ جنم ورتو.
3 جولاءِ 1952ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر وسيم حسين راجا جو جنم ڏينھن آهي.
3 جولاءِ 1965ع تي شاعر، صحافي ۽ براڊڪاسٽر امين ارباب، اصل نالو محمد امين ولد علي محمد نھڙو ڳوٺ علي محمد نھڙيي جي تعلقي ماتلي ضلعي بدين ۾ ڄائو.
3 جولاءِ 1968ع تي ٻارن لاءِ صدارتي ايوارڊ جو فيصلو ٿيو سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن ٻارن کي به مختلف شعبن ۾ صدارتي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ تحريڪ هلائي هئي.
3 جولاءِ 1970ع تي ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ شاعر غضنفر علي ثناگر جنم ورتو.
3 جولاءِ 1972ع تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ شمله معاهدي تي صحيون ٿيون.
3 جولاءِ 1980ع تي اردن جي وزيراعظم، شريف عبدالمجيد جو وڇوڙو ٿيو.
3 جولاءِ 1991ع تي سنڌ جي 50 کان وڌيڪ ناليوارن اديبن، ليکڪن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ سوشل ورڪرن ايم ڪيو ايم جي سنڌ کي ورهائڻ واري مطالبي جي مذمت ڪئي.۽ سخت رد عمل جو اظهار ڪيو.
4 جولاءِ 1904ع تي بلند پايه شاعر ۽ اديب لطف الله بدوي ولد حاجي امام بخش خادم بدوي شڪارپور ۾ ڄائو.
4 جولاءِ 1907ع تي سياستدان ۽ قانوني ماهر عبدالستار پيرزادو ولد ميان عبدالرحمان پيرزادو پراڻي سکر ۾ ڄائو.
4 جولاءِ 1934ع تي مادام ڪيوري جو وڇوڙو ٿيو.
4 جولاءِ 1937ع تي ڪھنه مشق غزل گو شاعر محسن ڪڪڙائي اصل نالو سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد شاهه، ڪڪڙ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
4 جولاءِ 1947ع تي شوڪت حسين شورو تعلقي ميرپور بٽوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. ادبي لياقت، ڊراما نويسي، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اٿس.
4 جولاءِ 2000ع تي مشھور لوڪ فنڪار علڻ فقير لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو وصيت مطابق کيس ڄامشورو ۾ سندس گهر جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو. علڻ فقير جو ڇٺي جو نالو ٽوئنر فقير هو. ذات جو مگڻهار هو. 1932ع تي دادو جي قديم ۽ تاريخي شھر آمري ۾ جنم ورتو.
4 جولاءِ 2005ع تي شاعر محمد حسن، محسن عباسيءَ وفات ڪئي.
5 جولاءِ 1905ع تي پاڪستان جي چوٿين وزيراعظم چوڌري محمد علي جو جنم ڏينھن آهي.
5 جولاءِ 1938ع تي ڪلاسيڪل راڳ جو سھڻو سٻاجھڙو انسان گلزار علي خان ولد محمد مراد دايو ڳوٺ ديھانت لڳ خانواهڻ تعلقو ڪنڊيارو هاڻوڪي نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1940ع تي مشھور اديب ۽ صحافي طارق اشرف اصل نالو سيد اشرف علي ولد سيد لطف علي شاهه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1945ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ محقق دادا سنڌي اصل نالو ڪريم بخش ولد محمد قاسم سومرو ڳوٺ داد لغاري تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1948ع تي ڊاڪٽر فھميده حسين ٽنڊو ڄام ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ نقاد، محقق، ڪھاڻيڪار، شاعره، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ شاهه لطيف جي شاعري ۾ عوت جو روپ اٿس.
5 جولاءِ 1952ع تي لاڙڪاڻي جو خوبصورت شاعر واجد ”ناز“ اصل نالو شعبان منگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1959ع تي محقق، تاريخدان ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي گڏاپ ڪراچي ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1960ع تي ڪانگو ۾ پيٽرس لوممبا جي اڳواڻي ۾ انقلاب آيو.
5 جولاءِ 1967ع تي شاعر وزير فرهاد سولنگي، مياڻي ضلعي نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو.
5 جولاءِ 1977ع تي هٿياربند فوج پاڪستان ٽيون ڀيرو اقتدار سنڀاليو.
5 جولاءِ 1978ع تي شاعر شاهه عبد، اصل نالو سيد عبدالڪريم شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
5 جولاءِ 1987ع تي معروف اديب محمد طفيل جو وڇوڙو ٿيو.
5 جولاءِ 1999ع تي مولف، مترجم ۽ مصنف جمال الدين ”مومن“ وفات ڪئي.
5 جولاءِ 2008ع تي ڪالم نگار، سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ زاهد حسين پيرزادو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ راهه رباني ورتي.
6 جولاءِ 1933ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ شاعر رشيد ڀٽي ولد حافظ عبدالحميد ڀٽي سکر ۾ ڄائو اصل ڳوٺ اروڙ اٿس.
6 جولاءِ 1954ع تي محقـق، نقاد ۽ تاريخدان غلام محمد لاکو (ڊاڪٽر غلام لاکو) ڳوٺ مٺي خان جتوئي ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع: ڪلھوڙا دور حڪومت 1999ع اٿس.
6 جولاءِ 1955ع تي ناميارو صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ حسن سريوال ۾ جنم ورتو.
6 جولاءِ 1969ع تي ڪالم نگار، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين ۽ هدايتڪار حميد ڀٽو جو جنم لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
6 جولاءِ 1970ع تي نامياري مصور، ليکڪ ۽ استاد نعمت خلجي اصل نالو نعمت الله ولد محمد يوسف خلجي پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
6 جولاءِ 1970ع تي صوفي شاعر ذلف علي فقير اصل نالو ذوالفقار علي ”ڏنو“ ولد حاجي رحمت الله مگسي ڳوٺ دوست علي مگسي تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.
6 جولاءِ 1974ع تي ناميارو راڳي علي مراد جتوئي، ڳوٺ علي مراد جتوئي تعلقي ميھڙ ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 1884ع تي مايه ناز، فاضل، شاعر ۽ صوفي درويش گل محمد خان زيب مگسي ولد نواب مير قيصر خان مگسي جهل مگسي ۾ پيدا ٿيو.
7 جولاءِ 1889ع تي مشھور سياستدان، اديب، عالم ۽ صحافي شيخ عبدالمجيد سنڌي ولد ديوان ليلا رام ٺٽي جي هندو گهراڻي ۾ ڄائو.
7 جولاءِ 1909ع تي سنڌ ۽ هند جو نالي واري اديب تيرٿ وسنت خيرپور جي ڳوٺ لقمان ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 1927ع تي مشھور محقق، مورخ ۽ نقاد ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 1933ع تي لاڙڪاڻي جي تعليمي شخصيت پروفيسر ولي محمد ڀٽي جنم ورتو.
7 جولاءِ 1937ع تي چين تي جپان حملو ڪيو.
7 جولاءِ 1939ع تي مشھور زميندار ۽ سياستدان ڪشنچند پارواڻي سانگهڙ ضلعي ۾ جنم ورتو.
7 جولاءِ 1950ع تي ادب، ثقافت ۽ تاريخدان ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ساسون اسپتال بمبئي ۾ وفات ڪئي.
7 جولاءِ 1961ع تي سنڌ جو امر آواز سرمد سنڌي اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل ڳوٺ پريالو ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
7 جولاءِ 1967ع تي صوفياءِ سنڌ جي تعليم کي ملڪي امن امان لاءِ خطرناڪ سمجهي حڪومت جي ايم سيد کي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر بنديءَ جو حڪم جاري ڪيو.
7 جولاءِ 1972ع تي سنڌي اسيمبليءَ ۾ لساني بل کي پيش ڪيو ويو.
7 جولاءِ 1983ع تي اعزاز يافته مشھور اردو شاعر گوبي ناٿ امن جو دهليءَ ۾ وڇوڙو ٿيو.
7 جولاءِ 1986ع تي مشھور لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي ڌي وهيون فقير مگڻهار لاڏاڻو ڪري وئي.
7 جولاءِ 1986ع تي شاعر ۽ مضمون نگار محمد مٺل ڪالاڻي وفات ڪئي.
7 جولاءِ 1986ع تي تحريڪِ پاڪستان جو ممتاز رهنما ۽ صحافي ناسخ سيلفي جو وڇوڙو ٿيو.
7 جولاءِ 2000ع تي مهان شاعر نثار بزمي وفات ڪئي. کيس مرزا پور ۾ پير سليم شاهه جي درگاهه جي ڀر سان دفنايو ويو.
7 جولاءِ 2001ع تي قطعي جي بادشاهه شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪيو آخري آرامگاهه بخاري پير، ويجهو سنڌي ڪربلا خيرپور ميرس ۾ اٿس.
7 جولاءِ 2007ع تي قطعيءَ جو بادشاهه شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪيو.
7 جولاءِ 2008ع تي سنڌ جي سريلي شاعر ايم بي دربان وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه نواڙو شريف ۾ آهي.
8 جولاءِ 1922ع تي مشھور شاعر ۽ اديب احمد خان ”آصف“ ولد محمد اسماعيل مصراڻي ڳوٺ مٺو ٻٻر تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
8 جولاءِ 1948ع تي قائداعظم محمد علي جناح، پيراڊائيز سئنيما ڪراچي ۾ هڪ دستاويزي فلم ڏٺي.
8 جولاءِ 1949ع تي نالي واري شاعر بشير سيتائي عرف (بخشل خان) سيتا ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
8 جولاءِ 1972ع تي ڪرڪيٽر سارو گنگولي جو جنم ڏينھن آهي.
8 جولاءِ 1973ع تي صحافي آڪاش چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي.
9 جولاءِ 1909ع تي مسڪين جھان خان کوسو ولد جبار خان کوسو ننگر پارڪر جي ڳوٺ سامي ويري ۾ ڄائو. سنڌ جو مشھور سماجي ڪارڪن هو.
9 جولاءِ 1925ع تي ڀارت جي نالي واري اداڪار گرودت جو جنم ڏينھن آهي.
9 جولاءِ 1929ع تي مراڪش جي شاهه حسن ثاني جو جنم ڏينھن آهي.
9 جولاءِ 1947ع تي قائداعظم جي ڪوشش سان مسلم ڪمرشل بئنڪ قائم ٿي.
9 جولاءِ 1948ع تي پنجاب يونيورسٽي قائم ٿي.
9 جولاءِ 1950ع تي پاڪستان عالمي بينڪ جو ميمبر بڻيو.
9 جولاءِ 1960ع تي بالي ووڊ جي نامور سنڌي اداڪاره ۽ اڳوڻي ماڊل سنگيتا بجلاڻي مھاراشٽر هندستان ۾ جنم ورتو.
9 جولاءِ 1966ع تي عبدالحق ساريو ولد فقير راڻو تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٻنڊي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر آهي.
9 جولاءِ 1967ع تي مادرِ ملت محترمه فاطمه جناح 74 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو، آخري آرامگاهه مزارِ قائد ڪراچيءَ ۾ اٿس.
9 جولاءِ 1976ع تي بنگلاديش ۾ پھرين پاڪستاني بئنڪ، حبيب بئنڪ قائم ٿي.
9 جولاءِ 1985ع تي محمد عيسيٰ ولد الله ڏنو ميمڻ تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ کوهاري ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، ايڊيٽر، ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ پبلشر اٿس.
9 جولاءِ 1987ع تي پاڪستان جو ممتاز دانشور، صحافي ۽ پروفيسر وارث مير، دل جي دوري سبب راهه رباني ورتي.
10 جولاءِ 1800ع تي فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتو قائم ٿيو.
10 جولاءِ 1932ع تي سنڌ جي برک تعليمي ماهر، قانوندان ۽ ليکڪ بشير احمد قريشي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
10 جولاءِ 1933ع تي م ن معزون جو مڪمل نالو محمد نواز ولد رئيس شفيع محمد ڀٽي، ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ؛- سنڌي ٻوليءَ جو مشھور اديب، دانشور، محقق، مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ مصور هو.
10 جولاءِ 1933ع تي شاعر مولابخش فدا، ڳوٺ قائم مڱڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 جولاءِ 1949ع تي مشھور ڪرڪيٽر سنيل گواسڪر جو جنم ڏينھن آهي.
10 جولاءِ 1950ع تي صحافي ۽ پروڊيوسر الطاف سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
10 جولاءِ 1958ع تي دنيا جي سڀ کان ٿلهي شخص رابرٽ ارل جو وڇوڙو ٿيو.
10 جولاءِ 1978ع تي مغربي پاڪستان جي اڳوڻي وزير احمد نواز گرديزي جو وڇوڙو ٿيو.
10 جولاءِ 2006ع تي اردو جي ناليواري شاعر، صحافي ۽ افسانا نگار احمد نديم قاسمي جو وڇوڙو ٿيو.

11 جولاءِ 1911ع تي نالي وارو شاعر پرسرام ”ضياءَ“ جنم ورتو.
11 جولاءِ 1914ع تي ماهر لسانيات، اديب، ۽ شاعر پروفيسر علي نواز جتوئي ولد حاجن خان جتوئي ڳوٺ گدوءَ لڳ پراڻا جتوئي تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.
11 جولاءِ 1938ع تي آغا صوفي، اصل نالو آغا غلام نبي صوفي لاڏاڻو ڪيو. ادبي سڃاڻپ، مشھور شاعر ڊراما نويس علم حڪمت ۽ تصوف جو ڄاڻو هو.
11 جولاءِ 1947ع تي سنڌ جي نالي واري ڪھاڻيڪار، موسيقار، شاعر، ناول نگار ۽ مضمون نگار بيدل مسرور شڪارپور ۾ اک کولي.
11 جولاءِ 1947ع تي شاعر سرويچ سنڌي جو جنم ڏينھن آهي.
11 جولاءِ 1955ع تي ليکڪ، ارشاد احمد ڪاغذي جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو.
11 جولاءِ 1957ع تي هز هائينس، سلطان ڪريم آغا خان جو وڇوڙو ٿيو.

12 جولاءِ 1825ع تي حسن علي خان ”حسن مير“ ٽالپر ولد مير محمد نصير خان ٽالپر حيدرآباد جي قلعي ۾ پيدا ٿيو.
12 جولاءِ 1912ع تي لاڙڪاڻي ۾ اسڪائوٽنگ کي مشھور ۽ مقبول ڪندڙ رحم علي جعفري ولد محمد بخش لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو.
12 جولاءِ 1912ع تي ابوالڪلام آزاد، اخبار الھلال شايع ڪئي.
12 جولاءِ 1921ع تي سگهڙ، هادي بخش چنا جو جنم ڏينھن آهي.
12 جولاءِ 1924ع تي سنڌ جو مايه ناز غزل گو شاعر مير عبدالحسين سانگي لاڏاڻو ڪيو. مير جو جست خاڪي وصيت مطابق لاکيڻي لطيف جي روضي جي ڀر ۾ اولهه طرف دفن ڪيو ويو. مير عبدالحسن سانگي جو جنم 1851ع ۾ ڪلڪتي ۾ ٿيو.
12 جولاءِ 1927ع تي سياستدان، نواب اڪبر بگٽي، کيتران بلوچستان ۾ جنم ورتو.
12 جولاءِ 1928ع تي سياسي ۽ سماجي شخصيت عبدالهادي ولد سيٺ عبدالغفور سرهيو لاڙڪاڻي جي قديم سرهيه پاڙي ۾ ڄائو.
12 جولاءِ 1942ع تي شاعر، مضمون نگار ۽ تاريخدان محمد مٺل ڪمالاڻي عرف م-ع ترابي ولد عبدالله خان موري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
12 جولاءِ 1965ع تي سنڌ جو ناليوارو شاعر تابش بخاري اصل نالو غلام شبير شاهه ڳوٺ شير محمد ڏاوچ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
12 جولاءِ 1965ع تي ڪرڪيٽر، سنجي منجريڪر جو جنم ڏينھن آهي.
12 جولاءِ 1975ع تي ريڊيو ڪمپيئر ۽ شاعر شاهين سنڌي، ڳڙهي ياسين ۾ غلام محمد ڪٽپر جي گهر ۾ جنم ورتو. شاهين سنڌي جو اصل نالو در محمد ڪٽپر آهي.
12 جولاءِ 1997ع تي نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ نوبل پرائيز رکندڙ پاڪستاني نياڻي ملالا يوسفزئي جوجنم ڏينھن آهي.
12 جولاءِ 2011ع تي ماهرِ لسانيات، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو راهه رباني ورتي.
12 جولاءِ 2018ع تي سماج سڌارڪ، اسڪالر ۽ سنڌي ثقافت سان عشق ڪندڙ دادا جشن واسواڻي، پونا ۾ ديھانت (وڇوڙو) ڪيو.
13 جولاءِ 1913ع تي صحافي تولارام عاجز جو لاڏاڻو ٿيو.
13 جولاءِ 1951ع تي ليکڪ شبنم شلواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
13 جولاءِ 1962ع تي شاعز حمز علي سوهو جو جنم ڏينھن آهي.
13 جولاءِ 1998ع تي سنڌ ڌرتيءَ جو شاعر ناظم منگي وفات ڪئي.
14 جولاءِ 1918ع تي مشھور ڊرامه نگار برمن جو جنم ڏينھن آهي.
14 جولاءِ 1916ع تي سنڌي ادب جو وڏو مرتبي وارو ليکڪ، نقاد، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم پريم ابيچنداڻي خيرپور سنڌ ۾ جنم ورتو.
14 جولاءِ 1920ع تي نالي وارو شاعر مولوي عبدالله ”اثر“ ولد الله ڏنو چانڊيو لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ نثر ۽ نظم اٿس.
14 جولاءِ 1942ع تي شاعر مدد علي شاهه منظر جو جنم ڏينھن آهي.
14 جولاءِ 1946ع تي مھتاب محبوب اصل نالو (مھتاب عباسي) ڪراچي ۾ اک کولي ادبي سڃاڻپ ڪھاڻي، ناول، ڊرامو، مضمون ۽ سفر نامو اٿس.
14 جولاءِ 1948ع تي مشھور ڪمپيئر، صدا ڪار ۽ ٽي وي ڊرامن جو اداڪار محمد علي ٻگهيو شھر باڊهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
14 جولاءِ 1952ع تي احمد علي صابر چانڊيو ولد نواب خان چانڊيو ڳوٺ ڇاڇڙي تعلقي ميروخان ضلعي قنبر ۾ ڄائو، ادبي خدمتون، شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اٿس.
14 جولاءِ 1958ع وزيراعظم عراق، نوري سعيد پاشا کي قتل ڪيو ويو.
14 جولاءِ 1962ع تي شاعر ۽ اديب حيدر بخش عزيز گوپانگ، ڳوٺ حاجي خان گوپانگ تعلقي ڪنڊياري ۾ نامياري تعليمدان محمد صالح گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
14 جولاءِ 1962ع تي مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو لاڏاڻو ٿيو.
14 جولاءِ 1970ع تي اداڪاره ماهه نور بلوچ جو جنم ڏينھن آهي.
14 جولاءِ 1978ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار نسيم کرل لاڏاڻو ڪيو.
14 جولاءِ 2005ع تي سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو وڇوڙو ٿيو.
15 جولاءِ 1206ع تي مشھور يورپي مُصوري، امام زيجران جو وڇوڙو ٿيو.
15 جولاءِ 1927ع تي مشھور اديب روشن نگينوي جو جنم ڏينھن آهي.
15 جولاءِ 1942ع تي الطاف عباسي اصل نالو الطاف النبي عباسي سوڀو ديرو شھر ۾ عباسي محلي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
15 جولاءِ 1947ع تي برطانوي پارليامينٽ قانون آزادي هند منظور ڪيو.
15 جولاءِ 1948ع تي قائداعظم محمد علي جناح اسٽيٽ بئنڪ جو افتتاح ڪيو.
15 جولاءِ 1958ع تي ريڊيو پاڪستان جو معروف سينئر پروڊيوسر آغا محمد علي ولد آغا نواب علي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
15 جولاءِ 1961ع تي چنبيلي جي گل کي پاڪستان پنھنجو قومي نشان قرار ڏنو.
15 جولاءِ 1963ع تي نامياري صحافي، شاعر، ڪالم نويس ۽ ڊرام نگار نياز پنھور اصل نالو ذوالفقار علي ولد محمد ابراهيم پنھور عمرڪوٽ جي شھر شادي پليءَ ۾ جنم ورتو.
15 جولاءِ 1976ع تي ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو رب ڏنو ولد سائين بخش شاهاڻي، راز شاهاڻي تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ جنم ورتو.
15 جولاءِ 1989ع تي سنڌي ادب جو روشن مينار استاد الشعراءَ احمد خان آصف رات جي رهزنن هٿان مارجي ويو.
15 جولاءِ 2015ع تي ننڍي کنڊ جي سنڌي فلمي سندري اداڪاره شيلا راماڻي جو وڇوڙو ٿيو.
16 جولاءِ 622ع کان سن هجريءَ جو آغاز ٿيو.
16 جولاءِ 1917ع تي علم دوست انسان در محمد اوسته ولد محمد حيات سومرو ڳوٺ ڀلي ڏنو آباد ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
16 جولاءِ 1945ع تي آمريڪا، نيو ميڪسيڪو ۾ ايٽم بم جو آزمائشي ڌماڪو ڪيو جنھن سان دنيا ۾ ايٽمي دور جو آغاز هو.
16 جولاءِ 1954ع تي سنڌ ڌرتيءَ جو قابل فخر شخصيت علامه علي خان ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پيدائش 1888ع ۾ ٿي.
16 جولاءِ 1965ع تي اٽلي ۽ فرانس جي وچ ۾ مائونٽ بلانگ سرنگ جو افتتاح ٿيو.
16 جولاءِ 1969ع تي آمريڪا جو اپالو نمبر 11 چنڊ جي سفر لاءِ ڪيپ ڪينيڊي کان روانو ٿيو.
16 جولاءِ 1994ع تي ماهر لسانيات، اديب، دانشور ۽ استاد ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو وفات ڪئي.
17 جولاءِ 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر استاد پيرل قنبر ولد امام بخش عاصي سومرو ڳوٺ بٺي لڳ مبارڪ ڪلهوڙو تعلقي ميروخان ۾ جنم ورتو. استاد پيرل قنبر جو اصل نالو پير محمد هو.
17 جولاءِ 1940ع تي شاعر ۽ ليکڪ هاسا رام پروفيسر کي روهڙي ۾ رستي ويندي کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
17 جولاءِ 1942ع تي ديوان گو شاعر لعل چند مجروح مڪمل نالو شيخ لعل چند عرف لعل محمد مجروح وفات ڪئي. لعل محمد مجروح قنبر شھر ۾ 1884ع تي پيدا ٿيو.
17 جولاءِ 1953ع تي ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌي اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
17 جولاءِ 1955ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊرام نويس تاجدار عادل حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
17 جولاءِ 1976ع تي پاڪستان ۾ رائيس ۽ فلور ملن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو.
17 جولاءِ 1983ع تي ممتاز عالمِ دين قاري محمد طيب جو وڇوڙو ٿيو.
17 جولاءِ 1993ع تي ڀلوڙ انسان سچو صحافي فقير محمد لاشاري پنجاب صوبي جي شھر گوجر خان وٽ روڊ حادثي ۾ شھيد ٿيو. آخري آرام گاهه گاجي کھاوڙ ۾ اٿس.
18 جولاءِ 1931ع تي شاعر ۽ استاد عبدالرحمٰن عبد مغيري ولد غلام محمد باراني مغيري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 جولاءِ 1946ع تي آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر ڊينس للي جو جنم ڏينھن آهي.
18 جولاءِ 1949ع تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي پھرين سنڌي خاتون گورنر، ڊاڪٽر شمشاد اختر ڏيٿو، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
18 جولاءِ 1953ع تي نالي وارو شاعر ۽ ليکڪ برڪت بلوچ، حسين آباد ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
18 جولاءِ 1956ع تي پاڪستان جي مشھور ڪرڪيٽر عبدالقادر جو جنم ڏينھن آهي.
18 جولاءِ 1968ع تي رومانيه سان پاڪستان جو پھريون ثقافتي معاهدو ٿيو.
18 جولاءِ 1972ع تي عبدالحسين ڏيسي ڳوٺ مڏ جي زميندار گهراڻي ۾ اک کولي. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
18 جولاءِ 1989ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار بيوس محرم مغيري ولد محمد عثمان مغيري ڳوٺ الله بخش مغيري ۾ جنم ورتو.
19 جولاءِ 1296ع تي علاؤالدين خلجي، دهلي جو بادشاهه بڻيو.
19 جولاءِ 1962ع تي درگاهه سچل سرمست جو سجاده نشين، سخي قبول محمد درازي چوٿون، خواجه عدالحق (ٻئي) جي گهر ۾، درازا شريف ۾ ڄائو.
19 جولاءِ 1969ع تي سنڌ جي منفرد شخصيت، مولوي حاجي احمد ملاح بدين شھر جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. ادبي سڃاڻپ عوامي شاعر اٿس.
19 جولاءِ 1980ع تي روس جي صدر بريزنيف 22 هين اولمپڪ راندين جو افتتاح ڪيو.
19 جولاءِ 1984ع تي گيمبيا جي صدر داؤد جواد اسلامي امه امن ڪميٽيءَ جو نئون چيئرمين چونڊيو ويو.
19 جولاءِ 1985ع تي اڳوڻي پاڪستاني وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو پٽ سر شاهنواز ڀٽو فرانس جي پنھنجي رهائش گاهه تي مردهه حالت ۾ مليو.
19 جولاءِ 1987ع تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان هڪ هزار روپين جو نوٽ جاري ڪيو.

20 جولاءِ 940ع تي فنِ خطاطي جي ماهر ابن مفلد جو وڇوڙو ٿيو.
20 جولاءِ 1880ع تي معز الدين محمد نوري (شھاب الدين) بادشاهه بڻيو.
20 جولاءِ 1943ع تي مولانا اشرف علي ٿانوي جو وڇوڙو ٿيو.
20 جولاءِ 1943ع تي قائداعظم تي قاتلاڻو حملو ٿيو.
20 جولاءِ 1951ع تي سحر امداد حيدرآباد ۾ جنم ورتو (مڙس جو نالو امداد حسيني) سحر امداد جي ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ تنقيد اٿس.
20 جولاءِ 1951ع تي اردن جي شاهه عبدالله کي شھيد ڪيو ويو.
20 جولاءِ 1954ع تي رزاق مھر محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس اٿس.
20 جولاءِ 1956ع تي سوانح نگار، شاعر، محقق، سفر نامه نويس ۽ براڊ ڪاسٽر نصير مرزا عرف (نصير علي بيگ مرزا) ٽنڊو ٺوڙهو ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
20 جولاءِ 1976ع تي شاعر فقير صادق لاشاري ڳوٺ سجاول فقير لاشاريءَ ۾ جنم ورتو.
21 جولاءِ 1906ع تي سنڌ جو عوامي شاعر فقير دادن ولد ميان ڌڻي بخش جويو تعلقي وارهه جي ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۾ پيدا ٿيو.
21 جولاءِ 1910ع تي مشھور اديب، تاريخ نويس ۽ لسانيات جو ماهر پنڊٽ ڪشنچند ولد ٽوپڻ لال جيٽلي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
21 جولاءِ 1945ع تي جنوبي آفريڪا جي مشھور رانديگر بيري رچرڊ جو جنم ڏينھن آهي.
21 جولاءِ 1946ع تي اديب ۽ محقق محبوب علي شيخ ولد حاجي شمس الدين ڳوٺ ٻٽ سرائي تعلقي ميھڙ ضلعي دادو ۾ ڄائو.
21 جولاءِ 1963ع تي نوجوان ليکڪ پروانو سيوهاڻي اصل نالو منظور علي سومرو سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو.
21 جولاءِ 1988ع تي صدارتي ايوارڊ يافته لوڪ فنڪار فقير عبدالغفور جو وڇوڙو ٿيو.
22 جولاءِ 1914ع تي ميجر طفيل شھيد جو جنم ڏينھن آهي.
22 جولاءِ 1922ع تي جديد سنڌي شاعريءَ جو بانيڪار نارائڻ ”شيام“ جو اصل نالو نارائڻ داس پٽ گوڪلداس ناگواڻي هو. پاڻ ڳوٺ کاهي قاسم ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
22 جولاءِ 1923ع تي برصغير جو مشھور گلوڪار مڪيش جو جنم ڏينھن آهي.
22 جولاءِ 1957ع تي نور الھدى شاهه، سيد خادم حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ جو هنڌ ٽکڙ، ضلعو حيدرآباد اٿس، ادبي سڃاڻپ ڊراما نويسي، ڪھاڻيڪاره، شاعره ۽ ڪالم نويسي اٿس.
22 جولاءِ 2006ع تي خوبصورت شاعر اظھر گيلاني اصل نالو سيد انور علي شاهه ولد اصغر علي شاهه وفات ڪئي.
23 جولاءِ 1878ع تي آزاديءَ جي تحريڪ جو علمبردار ۽ قومي ڪارڪن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ولد محمد خان ڀرڳڙي تعلقي جيمس آباد جي ڳوٺ ڊينگاڻ ۾ پيدا ٿيو.
23 جولاءِ 1978ع تي ممتاز شاعر، اديب ۽ عالم دين بابا ذهين شاهه تاجي جو وڇوڙو ٿيو.
23 جولاءِ 1989ع تي پرخلوص اديب ۽ شاعر قاضي عبدالحئي ”قائل“ مڪي شريف ۾ وفات ڪئي.
24 جولاءِ 1901ع تي نامور شاعر خواجه غلام فريد وفات ڪئي. خواجه غلام فريد جا وڏا ٺٽي مان لڏي مٺڻ ڪوٽ ۾ آباد ٿيا. خواجه غلام فريد ذات جو ڪوريجو هو.
24 جولاءِ 1932ع تي سنڌي، اردو ۽ سرائڪي زبانن ۾ ڪافي لکندڙ شاعر اختر اديب اصل نالو غلام محمد شاهه (ثاني) ولد باغ علي شاه لکوي لکيءَ، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
24 جولاءِ 1937ع تي مشھور اداڪار منوج ڪمار جو جنم ڏينھن آهي.
24 جولاءِ 1946ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي پھرين قرارداد منظور ٿي.
24 جولاءِ 1947ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر ظھير عباس جو جنم ڏينھن آهي.
24 جولاءِ 1981ع تي ڊاڪٽر اسد الله شاهه ”بيخود“ حسيني هن فاني دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
24 جولاءِ 1987ع تي پاڪستان جي ممتاز اسڪالر ۽ اديب قدرت الله شھاب جو وڇوڙو ٿيو.
25 جولاءِ 1881ع تي شاعر ۽ ڪامورو امام بخش صابر، عرف شاهنواز خان جتوئي تعلقي موري جي ڳوٺ ملڪ ۾ ڄائو.
26 جولاءِ 1923ع تي ڪھاڻي نويس، الله بخش ادبي نالو انيس انصاري ولد احمد بخش انصاري جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
26 جولاءِ 1955ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀُٽي جو ور آصف علي زرداري ولد حاڪم علي زرداري نوابشاهه (هاڻي بينظير آباد) لڳ ڳوٺ مير خان زرداري (بلاول قبا) ۾ جنم ورتو. اصل نالو سجاول خان اٿس.
26 جولاءِ 1979ع تي نوجوان پبلشر ۽ شاعر پارس رياض ملاح اصل نالو رياض حسين ڳوٺ جمال الدين ملاح، تعلقي ناري ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو.
27 جولاءِ 1914ع تي سنڌ جو مايه ناز صوفي شاعر فقير ولي محمد لغاري (ثاني) لاڏاڻو ڪيو آخري آرام گاهه تاج پور ۾ اٿس.
27 جولاءِ 1927ع تي نالي وارو شاعر، محقق ۽ نقاد عبدالقيوم صائب حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
27 جولاءِ 1961ع تي مخدوم جميل الزمان، مخدوم امين فهيم جي گهر ۾ هالا ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ؛ سياسي اڳواڻ ۽ شاعر اٿس.
27 جولاءِ 1964ع تي ناميارو ليکڪ حفيظ ڪنڀر تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ حاجي عرس ڪالري ۾ ڄائو.
28 جولاءِ 1895ع تي قاضي علي اڪبر درازي ولد علي محمد قاضي، قاضي عبدالسميع محلي روهڙي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، شاعر، ۽ سچل سائين جو سوانح نگار آهي.
28 جولاءِ 1901ع تي نامور سياستدان ۽ بااثر زميندار محمد ايوب کھڙو ولد رئيس شاهه محمد کھڙو تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
28 جولاءِ 2010ع تي مزاح نگار ۽ ڪالم نويس حليم بروهي وفات ڪئي.
29 جولاءِ 1816ع تي (ٻيو پير پاڳارو) سيد علي گوهر شاهه اول ”بنگل ڌڻي“ سيد صبغت الله شاهه اول جو پٽ هو ڳوٺ رحيم ڏني ڪلهوڙي تعلقي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
29 جولاءِ 1894ع تي تاج الشعرا ۽ فخر الشعراء، هدايت علي نجفي ”تارڪ“ ولد فقير الهداد عرف تراب علي تنيو ڳوٺ لعلو رائنڪ تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
29 جولاءِ 1965ع تي شاعر لالڻ چنو اصل نالو لعل ڏنو ولد محمد اسماعيل چنو سوڀوديرو، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
30 جولاءِ 1893ع تي محترمه فاطمه جناح جو جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
30 جولاءِ 1903ع تي شاعر مولوي نذير حسين تخلص جلالي ولد مولوي خادم حسين جتوئي شاهپور ۾ ڄائو.
30 جولاءِ 1911ع تي پرسرام ضيا پٽ ننڍيرام جهامناڻي ٽنڊي آدم ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. پاڻ قومي درد رکندڙ مشھور شاعر هو.
30 جولاءِ 1915ع تي ترقي پسند، قوم پرست ۽ سياستدان ارباب نور محمد پليجو جنم ورتو.
30 جولاءِ 1951ع تي سماجي ورڪر ۽ سياستدان سيد اڪبر حسين شاهه راشدي، سيد حاجي مير مصطفيٰ راشدي جي گهر ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي ضلعي لاءِ راشدي خاندان قابل فخر آهي.
31 جولاءِ 1930ع تي شاعر ۽ نغمه نگار آنند بخشي جو جنم راولپنڊي ۾ ٿيو.
31 جولاءِ 1955ع تي شاعره زبيده ميتلو قنبر علي خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
31 جولاءِ 1966ع تي شاعر عرفان مهديءَ جنم ورتو.
31 جولاءِ 2003ع تي سنڌ جي مزاحمتي شاعر ابراهيم منشي لاڏاڻو ڪيو.

آگسٽ

عيسوي سال جو اٺون مھينو آگسٽ آهي. هن مھيني تي اهو نالو مشھور رومي حڪمران ”آگسٽس“ (AUGUSTUS) جي نالي تي پيو. آگسٽس جي لفظي معنيٰ آهي دانا. هن مھيني دوران اتر اڌ گول ۾ ڏينھن ننڍا ٿيندا آهن، ان جي برعڪس ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينھن وڏا ٿي ويندا آهن. هن مھيني ۾ مينھن وسن ٿا. هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين آگسٽ 1901ع تي لاڙڪاڻي جي تاريخي، سياسي، ۽ اقتصادي اهميت کي محسوس ڪندي ضلعي جو قيام عمل ۾ آندو ويو.
پھرين آگسٽ 1932ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بھترين شاعر ۽ اديب احمد مجتبيٰ غالب ڳوٺ ملڪاڻي شريف دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1933ع تي لطيف سرڪار جي راڳي غلام حيدر نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين آگسٽ 1941ع تي تعليمي ماهر صاحب خان چنا لاڙڪاڻي جي ڳوٺ الهيار آگاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1944ع تي مشھور شاعر نظام ”زائر“ خيرپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1948ع تي مشھور شاعر ۽ اديب نظام الدين ”ناظم“ چانڊيو ولد مولوي عبدالله ”اثر“ چانڊيو ڳوٺ ٻيڙو چانڊيو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1960ع تي ليکڪ ۽ محقق خير محمد لغاري ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ ولي محمد خان لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1963ع تي ناليوارو براڊڪاسٽر خليل ڪاڪيپوٽو اصل نالو خليل الله ڪاڪيپوٽو ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1971ع تي اسڪالر ۽ مترجم محمد دائود ولد محمد بخش ميمڻ“ ڳوٺ ترائي تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1972ع تي نامور محقق، ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو ڳوٺ گل محمد ڄامڙي راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آگسٽ 1975ع تي زاهد عباسي سوڀو ديرو شھر جي ڀرسان ڪلهوڙا ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، شاعر اٿس.
پھرين آگسٽ 1977ع تي مشھور ڪالم نويس ۽ قومي ڪارڪن ستار زنگيجو روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو.
پھرين آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي امين لاکو اصل نالو محمد امين ولد محمد هاشم لاکو دولت پور صفن ۾ جنم ورتو.
پھرين آگسٽ 1982ع تي مشھور شاعر ۽ مصري شاهه جي درگاهه جو سجاده نشين، روحاني پيشوا سيد غلام قادر شاهه نصرپوري انتقال ڪيو سندس مزار نصرپور ۾ آهي.
پھرين آگسٽ 2000ع تي ڪتاب لاڙڪاڻو امر شخصيتون! لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي ڇپايو ترتيب عبدالستار ڀٽي ڏني.
2 آگسٽ 1810ع تي قاضي ثناءُ الله جو مشرقي پنجاب ۾ جنم ٿيو.
2 آگسٽ 1892ع تي عظيم شاعر ڇتي فقير سانگي ميروخان تعلقي جي ڳوٺ دڙي ۾ وفات ڪئي.
2 آگسٽ 1946ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ناٽڪ نگار ۽ اديب ڊاڪٽر پريم پرڪاش اصل نالو پريم سنگهه سنت سنگهه ميلسنگهاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
2 آگسٽ 1963ع تي مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار اعجاز علي ولد فتح علي سمون خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.

3 آگسٽ 1917ع تي اردو جي ناليواري شاعر شڪيل بدايوني جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
3 آگسٽ 1934ع تي شاعر غازي ٽکڙائي جي جنم جو ڏينھن آهي.
3 آگسٽ 1953ع تي شاعرکيمچند شرما، ٿاڻي بولان ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1955ع تي سياستدان جنيد سومرو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1967ع تي ليکڪ قادر شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1968ع تي شاعر ۽ نثر نويس غوث پيرزادو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1968ع تي شاعر جوش منگي (جاويد حسين منگي) پنجوديرو لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 1969ع تي ليکڪ زاهد سومرو پڊ عيدن ۾ جنم ورتو.
3 آگسٽ 2008ع تي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن امان الله بلوچ وفات ڪئي.
3 آگسٽ 2014ع تي سياستدان بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي هن فاني جھان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
4 آگسٽ 1862ع تي (پنجون پير پاڳارو) سيد شاهه مردان شاهه اول ”ڪوٽ ڌڻي“ ولد حزب الله شاهه مسڪين جنم ورتو.
4 آگسٽ 1899ع تي اردو جي مشھور شاعر تبسم صوفي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1919ع تي ليکڪ يکيو تلسي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1922ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1929ع تي (اداڪار) ڄاڃاڻي رميش روچيرام، سنڌ رنگ منچ اسٽيج جو سداحيات اداڪار خيرپور ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1939ع تي شاعر مستانو محمد شاهه جنم ورتو.
4 آگسٽ 1939ع تي اردو جي ناليواري شاعر، ڊرامه نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1939ع تي مشھور شاعر ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو سجاده نشين محمد امين فهيم مخدوم، ولد مخدوم زمان طالب الموليٰ هالا نوان ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1945ع تي صحافي غلام محمد کھڙو جنم ورتو.
4 آگسٽ 1948ع تي سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1956ع تي صحافي شير محمد ملڪاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
4 آگسٽ 1967ع تي شاعر زاهد دارا ابڙو جنم ورتو.
4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شھزاد جاگيراڻي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو.
4 آگسٽ 1991ع تي شاعر عرفان مهدي لاڏاڻو ڪيو.
4 آگسٽ 2000ع تي نامياري ادڪار محمود صديقي جو انتقال ٿيو.
4 آگسٽ 2015ع تي هند جو ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش لوڪ پڌاريو.
5 آگسٽ 1895ع تي خلافت تحريڪ جو اڳواڻ علي انور شاهه راشدي ڳوٺ الھه بخش ڪلهوڙو عرف شاهه آباد تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1905ع تي پير علي محمد شاهه راشدي ولد پير محمد حامد شاهه راشدي ڳوٺ بھمڻ لڳ نصرت اسٽيشن تعلقي رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ادب، تاريخ، سياست ۽ صحافت اٿس.
5 آگسٽ 1921ع تي ليکڪ گوبند مالهي ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1935ع تي حليم بروهي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. والد جو نالو (عبدالعزيز) ادبي خدمتون مزاح نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نويس هئس.
5 آگسٽ 1942ع تي ليکڪ اميد علي شاهه رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1944ع تي سنڌ جو بيباڪ سياسي اڳواڻ ۽ صحافي حمزو خان پليجو جنگشاهي جي ڳوٺ مگر خان پليجي ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
5 آگسٽ 1961ع تي ناليواري صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌي جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1963ع تي نامياري ليکڪ اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد آچر مجاهد عباسي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1969ع تي صحافي ساجد اعواڻ شڪارپور ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1970ع تي دانشور، ليکڪ، سماجي ۽ سياسي جاڳرتا لاءِ جاکوڙيندڙ نصير ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1972ع تي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جو جنم ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1974ع تي مشھور راڳي ذوالفقار علي خاصخيلي ولد فقير الهڏنو خاصخيلي، ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ پاڪ سنگهار ۾ جنم ورتو.
5 آگسٽ 1975ع تي بالي ووڊ اداڪار ڪاجول جو ڏينھن آهي.
5 آگسٽ 1995ع تي بيورو ڪريٽ ۽ سماجي اڳواڻ آغا حسن عابدي جي وفات ٿي.
5 آگسٽ 1998ع تي سالم صوفي فقير يار محمد پيرازدي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
6 آگسٽ 1904ع تي اداڪار ايم اسماعيل جنم ورتو.
6 آگسٽ 1945ع تي ٻي جنگِ عظيم دوران آمريڪا جپان جي شھر هيرو شيما تي ايٽم بم جو وارُ ڪيو.
6 آگسٽ 1950ع تي مذهبي عالم عبدالعزيز ٿريچاڻي جو انتقال ٿيو.
6 آگسٽ 1954ع تي اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو جنم ٿيو.
6 آگسٽ 1977ع کان پاڪستان ٽيلي ويزن سانجهي ۽ سومهڻي جي آذان نشر ڪرڻ جو آغاز ڪيو.
6 آگسٽ 2008ع تي اداڪار، صداڪار، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر عبدالڪريم بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
7 آگسٽ 1904ع تي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو صحتمند ۽ پرخلوص خدمتگار محمد يعقوب نياز ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
7 آگسٽ 1930ع تي بنگالي ٻوليءَ جي عظيم شاعر رابندر ناٿ ٽيگور جي وفات جو ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1947ع تي نالي وارو شاعر راز ناٿن شاهي اصل نالو علي شير ولد نور محمد ميراڻي، ضلعي دادو جي مشھور شھر خيرپور ناٿن شاهه ۾ جنم ورتو.
7 آگسٽ 1947ع تي نالي واري ليکڪه خير النساءَ جعفري جو جنم ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1954ع تي حفيظ جالندري جو لکيل قومي ترانو حڪومت پاڪستان منظور ڪيو.
7 آگسٽ 1961ع تي شاعر ضمير احمد وفا جو جنم ڏينھن آهي.
7 آگسٽ 1980ع تي شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر رضا بخاري، اصل نالو سيد رضا شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1810ع تي برصغير جي مشھور شاعر مرزا اسد الله خان ”غالب“ جي شادي ٿي.
8 آگسٽ 1919ع تي برطانيه، افغانستان جي آزاد حڪومت کي تسليم ڪيو.
8 آگسٽ 1924ع تي سماجي ورڪر، جج، دانشور تاج محمد ابڙو ولد قادر بخش خان ابڙو شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
8 آگسٽ 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ايم ڪمل اصل نالو مولچند منگهارام بندراڻي شھر ڪنڊياري جو رهندڙ هو. جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيس.
8 آگسٽ 1927ع تي لال ڪرشن آڏواڻي ڪراچي ۾ جنم ورتو.
8 آگسٽ 1934ع تي ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي حيدرآباد ۾ لوڪ پڌاريو.
8 آگسٽ 1950ع تي شاعر بيوس نظاماڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1961ع تي شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر جو انتقال ٿيو.
8 آگسٽ 1981ع تي شاعر راجا ثابت علي شاهه جنم ورتو.
8 آگسٽ 1981ع تي شاعره بينظير عادل جو جنم ڏينھن آهي.
8 آگسٽ 1996ع تي مشھور شاعر ۽ اديب نظام الدين ناظم چانڊيو وفات ڪئي.
8 آگسٽ 2014ع تي تعليمدان پروفيسر انيتا غلام علي جو انتقال ٿيو.
8 آگسٽ 2016ع تي ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نگار علي بابا جو ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو.
9 آگسٽ 1757ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌ جي گادي تي ويهاريو ويو.
9 آگسٽ 1871ع تي هوائي جھاز جي مؤجد آرول رائٽ جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1884ع تي مير علي نواز خان ٽالپر ولد مير امام بخش خان ٽالپر ضلعي خيرپور ميرس جي ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي ۾ تولد ٿيو. ادبي سڃاڻپ سنڌي ٻولي جو باڪمال شاعر، علم، ادب ۽ موسيقيءَ سان چاهه رکندڙ شخص هو.
9 آگسٽ 1933ع تي ليکڪ ۽ سماجي ورڪر غازي محمد ايوب شر جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1941ع تي ليکڪ بدر الدين لاڙڪ جنم ورتو.
9 آگسٽ 1945ع تي آمريڪا، جپان جي شھر ناگاساڪيءَ تي ٻيھر ايٽم بم جو وارُ ڪيو.
9 آگسٽ 1953ع تي اديب، شاعر، صحافي ۽ ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1954ع تي ڪالم نگار، ليکڪ ۽ صحافي نصير اعجاز جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1959ع تي ريڊيو ايران زاهدان جو افتتاح ٿيو.
9 آگسٽ 1963ع تي شاعر رحمت الله جوڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 1969ع تي شاعر امتياز ڪلهوڙو ولد غلام قادر ڪلهوڙو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، ۾ جنم ورتو.
9 آگسٽ 1980ع تي اڳواڻي صدر پاڪستان جنرل محمد يحى خان جو لاڏاڻو ٿيو.
9 آگسٽ 1980ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ شھيد نذير عباسي هن فاني جھان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
9 آگسٽ 1984ع تي تحريڪِ پاڪستان جو ممتاز رهنما خواجه حسن عسڪريءَ ڍاڪا ۾ وفات ڪئي.
9 آگسٽ 1991ع تي باليووڊ جي سنڌي اداڪاره هنسيڪا موٽواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
9 آگسٽ 2017ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ڪھنه مشق شاعر ۽ اديب ناطق ڳيريلائي (محمد صالح چنو) وفات ڪئي. آخري آرامگاهه ڳوٺ قادر بخش ڀٽو (ڪُلي) ڳيريلي ويجهو تعلقي باقراڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
10 آگسٽ 1900ع تي مذهبي اسڪالر پير مظھر الدين راشدي جو جنم ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1934ع تي مشھور اديب محمد صديق خان شبلي پيدا ٿيو.
10 آگسٽ 1939ع تي سماج سڌارڪ، بھاول خان انڙ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1947ع تي ليکڪ نياز خالديءَ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1947ع صحافي امداد علي اوڍو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي ۾ آئين ساز اسيمبليءَ جو پھريون اجلاس ٿيو.
10 آگسٽ 1954ع تي سنڌ جو مشھور ناچو ڪلاڪار، چاندي فقير ولد اجيم ڀيل، ڳوٺ مالهيءَ جو پار تعلقي ڇاڇري ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1956ع تي ناليوارو محقق شوڪت خواجائي ڪراچيءَ ۾ لطيف بخش خواجائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.
10 آگسٽ 1959ع تي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف جدوجھد ڪندڙ، قومپرست سياست کي عبادت سمجهندڙ نئين نسل جي رهنمائي ڪندڙ سياستدان بشير خان قريشي ولد غلام مرتضيٰ قريشي موٽڻ پور محلي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 1958ع تي ليکڪ ۽ مضمون نگار منظور حسين ڪالرو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1963ع تي ڀارت جي مشھور عورت ڌاڙيل ۽ اسيمبلي ميمبر ڦولن ديوي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 آگسٽ 1973ع تي فضل الاهي چوڌري پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو.
10 آگسٽ 1981ع تي شاعره صنم عزيز ڀنڀرو خيرپور ۾ جنم ورتو.
10 آگسٽ 2012ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ جديد شاعر، مترجم، محقق ۽ ڊارمه نويس شمشيرالحيدري لاڏاڻو ڪيو.
11 آگسٽ 1897ع تي عظيم انسان حافظ امام بخش سومرو جنم ورتو.
11 آگسٽ 1919ع تي علم ۽ فن جولک داتا، اينڊريو ڪارينگيءَ وفات ڪئي.
11 آگسٽ 1934ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاهه لطيف جو پارکو، حيدر علي لغاري تاجپور جي نواب گهراڻي ۾ نواب قنبر علي لغاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
11 آگسٽ 1935ع تي مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان مير سوهاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 آگسٽ 1940ع تي چاڊ، فرانس کان آزادي حاصل ڪئي.
11 آگسٽ 1943ع تي اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جو جنم ڏينھن آهي.
11 آگسٽ 1947ع تي قائداعظم، پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ جو صدر منتخب ٿيو.
11 آگسٽ 1947ع تي لياقت علي خان پاڪستان جو پھريون وزيراعظم ٿيو.
11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستاني دستور ساز اسيمبليءَ قومي پرچم جي ڊزائين جي منظور ڏني.
11 آگسٽ 1953ع تي شاعر ڊاڪٽر قربان علي قربان سھتو جو جنم ڏينھن آهي.
11 آگسٽ 1954ع تي سما خاندان جو آخري حڪمران ڄام ڪانڀو خان وفات ڪئي.
11 آگسٽ 1974 تي گلوڪاره حديقه ڪياني جنم ورتو.
11 آگسٽ 1976ع تي تفسير ۽ شرح جو ڄاڻو، شاعر، ۽ نثر نويس آخوند محمد حسن مسڪين لاڏاڻو ڪيو.
11 آگسٽ 1988ع تي سنڌي مهاجر فسادن دوران بشير خان قريشي کي گرفتار ڪري 18 مهينن لاءِ قيد جي زندان ۾ رکيو ويو.
11 آگسٽ 2002ع تي مذهبي اسڪالر مولانا نجم الدين ڇڄڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
12 آگسٽ 1772ع تي ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪوٽ، قلعا، تخت ڇڏي راهه رباني وٺي ويو.
12 آگسٽ 1912ع تي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر گوبند رام هر دلعزيز جنم ورتو.
12 آگسٽ 1915ع تي مهان اديب ۽ دانشور محمد ابراهيم جويو ولد محمد خان جويو تيرٿ لڪي جي ڀر ۾ ڳوٺ آباد تعلقي ڪوٽڙي ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
12 آگسٽ 1919ع تي مشھور اديب عبدالسلام خورشيد پيدا ٿيو.
12 آگسٽ 1925ع تي سنڌ ٻوليءَ جي برک اديب، سماج سڌارڪ صحافي ٽهليرام آزاد جو مڪمل نالو ٽهليرام جسومل ڪوڏواڻي ٽنڊي محمد خان شھر ۾ جنم ورتو.
12 آگسٽ 1936ع تي گلوڪار فدا حيدري جو ڪرمپور ۾ جنم ٿيو.
12 آگسٽ 1941ع تي مشھور مزاح نگار مرزا عظيم بيگ چغتائي وفات ڪئي.
12 آگسٽ 1966ع تي شاعر انعام ٽکڙائي جنم ورتو.
12 آگسٽ 1969ع تي مغربي جرمني ۽ پاڪستان جي درميان براهِ راست ٽيليفون رابطو ٿيو.
12 آگسٽ 1975ع تي ڪھاڻيڪار ۽ صحافي عباس سارنگ جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
12 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
12 آگسٽ 1989ع تي سياسي اڳواڻ غوث بخش بزنجو لاڏاڻو ڪيو.
13 آگسٽ 1903ع تي اسلامي جمھوريه تيونس جو صدر حبيب بورتيبه جنم ورتو.
13 آگسٽ 1910ع تي فلورنس نائٽ انگيل لندن ۾ وفات ڪئي.
13 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو قادر الڪلام شاعر هزارو خان ”مجاهد“ ولد لعل بخش عباسي ڳوٺ گهوگهاري تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1936ع تي ماهر تعليم، دانشور، سماج سڌارڪ، مورخ ۽ محقق ڊاڪٽر حميده کھڙو محمد ايوب کھڙو جي گهر ۾ جنم ورتو. جنم ڀومي لاڙڪاڻو اٿس.
13 آگسٽ 1937ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ، محقق ۽ لسانيات جو ماهر ڊاڪٽر پرسي گدواڻي جو مڪمل نالو پرسو جيسومل گدواڻي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1951ع تي پاڪستان جو قومي ترانو، ريڊيو پاڪستان تان نشر ڪيو ويو.
آگسٽ 1969ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر محمد ايوب، محمد رمضان شيخ جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
13 آگسٽ 1975ع تي ملڪ جو مشھور ڪرڪيٽر شعيب اختر جو جنم ڏينھن آهي.
13 آگسٽ 1977ع تي ناليواري ڪھاڻيڪاره ثميره زرين ڦوهه جواني ۾ هن جھان کي ڇڏي دارالبقا ڏانھن رواني ٿي.
13 آگسٽ 1999ع تي ٻاراڻي ادب لاءِ ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
14 آگسٽ 1891ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آخوند محمد قاسم هالائي پراڻا هالا ۾ وفات ڪئي.
14 آگسٽ 1901ع تي سنڌ جو ناميارو سياستدان محمد ايوب کھڙو ڳوٺ عاقل ۾ ڄائو.
14 آگسٽ 1920ع تي مشھور گلوڪار ڪشورڪمار پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1929ع تي مشھور شاعر اميد خيرپوريءَ اصل نالو اميد علي ولد زوار مراد علي جمالي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1931ع تي سنڌ جو هاڪارو رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي ولد غلام رسول جتوئي ڳوٺ جتوئي نوان ضلعي موري تعلقي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، شاعره، ڪھاڻيڪاره ۽ ناول نگاره ريٽا شاهاڻي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1937ع تي مشھور اديب ۽ دانشور ظفر حسن سيد حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
14 آگسٽ 1939ع تي مشھور اديب ۽ محقق محمد علي حداد، خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ سميت سڄي برصغير ۾ انگريزن جو راڄ ختم ٿيو ۽ پاڪستان آزاد ملڪ جي حيثيت ماڻي.
14 آگسٽ 1947ع تي نالي واري سماجي ڪارڪن بلقيس ايڌي، عبدالستار ايڌي جي جيون ساٿي آهي سندس جنم ڪراچي ۾ ٿيو.
14 آگسٽ 1948ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي نشريات جو آغاز ٿيو.
14 آگسٽ 1955ع تي حڪومت پاڪستان قومي تراني جي خالق حفيظ جالندري کان سڀ حقوق خريد ڪيا.
14 آگسٽ 1956ع تي سماج سڌارڪ ۽ قانوندان انصار برني جو جنم ڏينھن آهي.
14 آگسٽ 1960ع ليکڪ، شاعر ۽ مرثيه نگار ڊاڪٽر امام علي مرزا جو جنم ڏينھن آهي.
14 آگسٽ 1969ع تي اڪرم ساگر عباسي پنجوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار اٿس.
14 آگسٽ 1971ع تي نوجوان شاعر بيخود بلوچ اصل نالو فتح الله جسڪاڻي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ جمعي جسڪاڻيءَ ۾ جنم ورتو.
14 آگسٽ 1973ع تي چوڌري فضل الاهي پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾ قسم کنيو.
14 آگسٽ 1973ع تي پاڪستان ۾ ٽيون آئين نافذ ٿيو.
14 آگسٽ 1984ع تي غلام فريد سنڌي اصل نالو غلام فريد حاجي آهي هن نوجوان شاعر جو جنم ڳوٺ پيروز حاجيءَ ۾ ٿيو.
14 آگسٽ 1991ع تي سگهڙ الھورايو مھيسر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
14 آگسٽ 2004ع تي ناليواري راڳي ۽ موسيقار سينگار علي سليم جو انتقال ٿيو.
15 آگسٽ 1902ع تي شاعر انجم هالائي هالن ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1914ع تي شاعر غني قاضي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1918ع تي قائد اغطم جي شادي 41 سالن جي عمر ۾ هڪ پارسي سيٺ مسٽر ڊنشا پيٽنٽ جي ڌي مس رتنا ٻائي سان هندستان جي شھر ڪلڪتي ۾ ٿي.
15 آگسٽ 1921ع تي سنڌي ناول نويس ۽ نثر نويس گوبند مالهي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1922ع تي سنڌ خلافت ڪاميٽي، صوبي ۾ غازي ڪمال ڀاشا جو ڏهاڙو ملهايو.
15 آگسٽ 1929ع تي ليکڪ مراد علي مرزا (ٽنڊو آغا) ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1937ع تي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ولي رام ڪشائي جنم ورتو.
15 آگسٽ 1947ع تي هندستان انگريزن کان آزادي حاصل ڪئي.
15 آگسٽ 1949ع تي مزاحمتي شاعر افضل قادري لاڙڪاڻي جي ڳوٺ دودي سنهڙي ۾ ڄائو.
15 آگسٽ 1955ع تي ادل سومرو اصل نالو (ڊاڪٽر عبدالڪريم سومرو) سکر شھر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، محقق، ۽ ٻاراڻو ادب جو تخليقار، پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ادبي سنگت تاريخ ۽ ڪردار اٿس.
15 آگسٽ 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اثر سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالعزيز سولنگي ولد چنيسر خان سولنگي جهمپير ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1973ع تي نوجوان شاعر ۽ صحافي علي زاهد اصل نالو زاهد علي عباسي ولد غلام محمد عباسي ڳوٺ خانپور تعلقي، ڪي اين شاهه، ضلعو دادو ۾ جنم ورتو.
15 آگسٽ 1981ع تي بينظير ڀٽو صاحبه کي ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو.
15 آگسٽ 2002ع تي سنڌ جي ڪھاڻيڪار ۽ ڊرامه نگار رزاق مھر هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
16 آگسٽ 1803ع تي بزرگ خواجه گل محمد لنواري شريف جو وصال ٿيو.
16 آگسٽ 1941ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق وفات ڪئي.
16 آگسٽ 1947ع تي مائونٽ بيٽن ريڊ ڪلف ايوارڊ جو اعلان ڪيو.
16 آگسٽ 1948ع تي مشھور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام قادر پليجو ولد علي محمد پليجو ڳوٺ منگر خان (جنگشاهي ضلعي ٺٽي) ۾ جنم ورتو.
16 آگسٽ 1949ع تي اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جنم ورتو.
16 آگسٽ 1952ع تي ليکڪ ميراعظم ٽالپر جنم ورتو.
16 آگسٽ 1958ع تي هالي ووڊ جي گلوڪاره ميڊونا جو جنم ڏينھن آهي.
16 آگسٽ 1970ع تي بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
16 آگسٽ 1970ع تي شاعر محمد صديق امين هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
16 آگسٽ 1976ع تي بھاولپور ريڊيو اسٽيشن جي نشريات جو آغاز ٿيو.
16 آگسٽ 1978ع تي نوجوان شاعر امر ابڙو باڊهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
16 آگسٽ 1991ع تي سنڌ جو مصور ۽ اديب ع ق شيخ وفات ڪئي.
16 آگسٽ 1997ع تي مشھور گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.
17 آگسٽ 1887ع تي هالن جو مشھور معروف بزرگ پير ميان غلام پنڃيل وصال ڪيو.
17 آگسٽ 1924ع تي سنڌ جو ليکڪ ڊاڪٽر ارجن چنڊاڻي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. تخلص ”شاد“ ادبي سڃاڻپ شاعر؛- پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي غزل تحقيق، تنقيد ۽ شاعر اٿس.
17 آگسٽ 1940ع تي ليکڪ، غلام نبي ميمڻ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1942ع تي پاڪستاني فلمن جي مشھور اداڪاره شبنم جنم ورتو.
17 آگسٽ 1945ع تي جڪارته کي انڊونيشيا جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو.
17 آگسٽ 1947ع تي خيرالنساءَ جعفري حيدرآباد ۾ ڄائي. ادبي سڃاڻپ سنڌ جي جديد ڪھاڻيڪاره اٿس.
17 آگسٽ 1955ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي نشريات جو آغاز هوم اسٽيڊ هال حيدرآباد مان ٿيو.
17 آگسٽ 1960ع تي گيبون کي آزادي ملي.
17 آگسٽ 1963ع تي شاعره زيب نظاماڻيءَ ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1967ع تي ڀلوڙ شاعر عبدالله شرر وفات ڪئي.
17 آگسٽ 1968ع تي صحافي پرويز قادر ناريجو جو جنم ڏينھن آهي.
17 آگسٽ 1975ع تي نوجوان شاعر ساگر غلام حسين پنھور ميھڙ ۾ جنم ورتو.
17 آگسٽ 1988ع تي پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق جو جھاز حادثي جو شڪار ٿيو.
17 آگسٽ 1988ع تي غلام اسحاق خان پاڪستان جو صدر ٿيو.
18 آگسٽ 1253ع تي فارسي ۽ اردو جو مشھور شاعر امير خسرو پٽيالا ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1920ع تي انگلينڊ جو رانديگر گاڊفري ايونز پيدا ٿيو.
18 آگسٽ 1932ع تي ملڪ جو يارهون وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ولد دين محمد جوڻيجو ضلعي سانگهڙ تعلقي کپري ۾ سنڌڙي لڳ پنھنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
18 آگسٽ 1934ع تي استاد، اديب، دانشور ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو ڳوٺ پيچوها تعلقي وارهه ان وقت ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1936ع تي سنڌي ۽ اردو جي مشھور شاعره نور شاهين اصل نالو نور جھان ڌيءَ شاهه محمد خان، علي زئي ڪاڪڙ پٺاڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڄاتل سڄاتل اديب ولي رام ولڀ ولد ڪيول رام مٺي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو مقبول عوامي فنڪار برڪت علي ڀٽ مشھور فنڪار رسول بخش جي گهر سکر ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1960ع تي شاعر ۽ اديب مختيار سمون ولد يار محمد شھر ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 آگسٽ 1961ع تي مشھور اديب ترجمي نگار ۽ ڪالم نگار خالد چانڊيي جو پورو نالو سيف الله ولد امان الله چانڊيو ڳوٺ ڀنڀي خان چانڊيي تعلقي ميروخان، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ڄائو.
18 آگسٽ 1967ع تي بالي ووڊ گلوڪار دلير مھدي جو جنم ڏينھن آهي.
18 آگسٽ 1987ع تي هٽلر جو سڄو هٿ سمجهيو ويندڙ روڊلف هينسر جو مغربي برلن جي برٽش ملٽري اسپتال ۾ انتقال ٿيو.
18 آگسٽ 1988ع تي مشھور آرٽسٽ ميان اسد الله کونھارو جي وفات ٿي.
18 آگسٽ 1996ع تي لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه جو انتقال ٿيو.
18 آگسٽ 2006ع تي سنڌي روزاني اخبار ”آس“ حيدرآباد مان شايع ٿي هن اخبار جو باني عبدالمجيد راجپوت عرف امر ڀٽي آهي.
19 آگسٽ 1871ع تي اورول رائٽ جنم ورتو.
19 آگسٽ 1902ع تي باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو ساٿي اختر حسين پيدا ٿيو.
19 آگسٽ 1920ع تي سياستدان امير علي شاهه جيلاني جو جنم ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1937ع تي شاعر مائل سروري جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1951ع تي عوامي گلوڪار عطاءُ الله نيازي (عيسى خيلوي) جو جنم ڏينھن آهي.
19 آگسٽ 1953ع تي مشھور صوفي شاعر فقير غلام ”مسرور“ وفات ڪئي آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
19 آگسٽ 1956ع تي صحافي فتح محمد ڏاهري جنم ورتو.
19 آگسٽ 1966ع تي ڪراچي ۽ ملتان جي درميان براهِ راست ڊائلنگ سروس جو آغاز ٿيو.
19 آگسٽ 1968ع تي برصغير جي نالي وارو صحافي مولانا محمد اڪرم وفات ڪئي.
19 آگسٽ 1971ع تي مشھور شاعر ليکراج ڪشنچند عزيز لوڪ پڌاريو.
19 آگسٽ 1975ع تي مذهبي عالم مخدوم عبدالحئي، راهه رباني ورتي.
19 آگسٽ 1981ع تي شاعر انور جروار جو جنم ڏينھن آهي.

20 آگسٽ 1762ع تي شاهه ولي الله جو وصال ٿيو.
20 آگسٽ 1890ع تي صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي وصال ڪيو.
20 آگسٽ 1895ع تي سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
20 آگسٽ 1933ع تي ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي ڳوٺ اروڙ تعلقي روهڙي ضلعي سکر ۾ ڄائو.
20 آگسٽ 1933ع تي اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري جي پيدائش ٿي.
20 آگسٽ 1933ع تي لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جنم ورتو.
20 آگسٽ 1942ع تي اداڪار موتي ڪلواڻي جنم ورتو.
20 آگسٽ 1945ع تي راڳي اشرف علي ٻرڙو قنبر ۾ جنم ورتو.
20 آگسٽ 1952ع تي سياسي ورڪر شمس الدين قاضيءَ جوجنم ڏينھن آهي.
20 آگسٽ 1970ع تي شاعر غلام شبير ڏيپر جنم ورتو.
20 آگسٽ 1971ع تي پائلٽ آفيسر راشد منھاس شھيد ٿيو.
20 آگسٽ 1974ع تي شاعر امداد بخاري سجاول ۾ جنم ورتو.
20 آگسٽ 1976ع تي صحافي ياسين مشوري جو جنم ڏينھن آهي.
21 آگسٽ 1887ع تي ڊي جي ڪاليج جو باني ۽ سماج سڌارڪ ڏيارام ڄيٺمل هيءُ فاني جھان ڇڏيو.
21 آگسٽ 1907ع تي شاعر، فقير سلطان مھر، رستم ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1908ع تي سماجي ورڪر سجنداس جهاتو مل واٽواڻي جي پيدائش ٿي.
21 آگسٽ 1928ع تي سنڌ جي مشھور انقلابي هاري اڳواڻ ۽ ترقي پسند دانشور، ڪامريڊ روچيرام جو جنم تنو مل لوهاڻي جي گهر مٺي ۾ ٿيو.
21 آگسٽ 1936ع تي جديد سنڌي ڪھاڻي ۾ اهم نالو اندرا واسواڻي ميرپور خاص سنڌ ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1940ع تي سنڌ جو باڪمال شاعر عبدالڪريم پلي ولد خانصاحب عطا محمد پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.
21 آگسٽ 1944ع تي صحافي الھه رکيو نعيم جنم ورتو.
21 آگسٽ 1960ع تي سنڌ جو ڄاتل سڄاتل نعت گو شاعر سيد گل محمد شاهه بخاري درگاهه شريف ميان غلام صديق ميڪڻ شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
21 آگسٽ 1967ع تي صحافي عزيز سومرو جنم ورتو.
21 آگسٽ 2006 تي شرناءِ نواز، استاد بسم الله خان جي وفات ٿي.
21 آگسٽ 2007ع تي اردو جي نامياري ليکڪه ۽ ناول نگار قرت العين حيدر جي وفات ٿي.
21 آگسٽ 2012ع تي نامور ڀارتي سنڌي اديب شاعر ۽ ليکڪ ارجن سڪايل 93 ورهين جي ڄمار ۾ ڀارت جي علائقي اولهه انڌيري ۾ ديھانت ڪري ويو.
21 آگسٽ 2012ع تي شاعر، ليکڪ ۽ لسنر ڊاڪٽر قربان علي جهتيال لاڏاڻو ڪيو.
22 آگسٽ 1858ع تي آزاديءَ ۾ ويساهه رکندڙ روپلو ڪولهي شھادت جو جام پيتو.
22 آگسٽ 1906ع تي خواجه جي-الانا جوپورو نالو غلام علي ولد الھه ڏنو خواجه ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ انگريزي ۾ هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ عالمي شھرت حاصل ڪئي.
22 آگسٽ 1922ع تي مشھور اديب ۽ نوبل انعام يافته ڊاڪٽر عبدالسلام پيدا ٿيو.
22 آگسٽ 1925ع تي اردو جو مشھور اديب، افسانا نگار ۽ اسڪالر اشفاق احمدجنم ورتو.
22 آگسٽ 1933ع تي باڪسنگ جو مقابلو پھريون ڀيرو ٽي وي تي ڏيکاريو ويو.
22 آگسٽ 1937ع تي عظيم ۽ امر انسان نور محمد لاکير وفات ڪئي. سندس وصيت مطابق مسلم هاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
22 آگسٽ 1944ع تي آزاديءَ جي تحريڪ جو اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله سنڌيءَ راهه رباني ورتي.
22 آگسٽ 1944ع تي مذهبي اسڪالر مولانا شفيع محمد مسجدي لاڏاڻو ڪيو.
22 آگسٽ 1954ع تي شاعر ۽ اديب ثناءُ الله ثنا سرهندي خواجه محمد ابراهيم خليل سرهندي جي گهر گلزار خليل پير سرهندي تعلقي ساماري ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.
22 آگسٽ 1956ع تي مذهبي اسڪالر مولانا احمد هالائي هيءُ فاني جھان ڇڏيو.
22 آگسٽ 1967ع تي نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه حيدرآباد ۾ ڄائو.
22 آگسٽ 1975ع تي شاعر محمد خان سمون جو جنم ڏينھن آهي.
22 آگسٽ 1976ع تي نوجوان شاعر، ريڊيو پروڊيوسر ۽ مضمون نگار نادر جوڻيجو، خادم حسين جوڻيجي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو
22 آگسٽ 2017ع تي سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس پي ايڇ.ڊي جو موضوع ”سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر“ اٿس.
22 آگسٽ 2017ع تي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ۽ عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ڊاڪٽر خير محمد جوڻو دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيو. آخري آرامگاهه قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ اٿس.
23 آگسٽ 634ع تي خليفة المسلمين حضرت ابوبڪر صديق رضه جو وصال ٿيو. اصل نالو عبدالله، ابوبڪر ڪنيت ۽ صديق لقب اٿس.
23 آگسٽ 980ع تي مشھور سائنسدان بو علي سينا جنم ورتو.
23 آگسٽ 1299ع تي مشھور سياح مارڪوپولو کي جيل مان آزادي ملي.
23 آگسٽ 1623ع تي صوفي شاعر، شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو لاڏاڻو ٿيو.
23 آگسٽ 1798ع تي ٺٽي جي اڳوڻي گورنر غلام علي نظاماڻي وصال ڪيو.
23 آگسٽ 1943ع تي محقق، تاريخدان ۽ اديب محمد لائق زرداري ولد احمد خان زرداري ڳوٺ محمد موسيٰ زرداري تعلقي موري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو.
23 آگسٽ 1944ع تي بالي ووڊ اداڪاره سائره بانو جو جنم ڏينھن آهي.
23 آگسٽ 1946ع تي مثالي سماجي ورڪر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصيت محمد ملوڪ انڙ ڳوٺ راهب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
23 آگسٽ 1948ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُنِ منظور ٿي.
23 آگسٽ 1967ع تي نئين ٽھيءَ جي شاعره رخسانه پريت اصل نالو رخسانه ڌيءَ محمد صديق چنڙ ڪاري موري، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. رخسانه پريت ناليواري سياستدان ڊاڪٽر دودو مھيريءَ جي وني آهي.
23 آگسٽ 1972ع تي شاعر انور علي شاهه چڪ واري جي وفات ٿي.
23 آگسٽ 1976ع تي سينيٽ، اسلام آباد يونيورسٽيءَ جو نالو تبديل ڪري قائداعظم يونيورسٽي رکڻ جو بل منظور ڪيو.
23 آگسٽ 1986ع تي ترڪي جي سابق صدر جلال بايار جي وفات ٿي.
23 آگسٽ 1987ع تي مترجم، ڪھاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي وفات ڪئي.
23 آگسٽ 2010ع تي شاعر اختر لڪياري هي فاني جھان ڇڏيو.
23 آگسٽ 2014ع تي نالي واري شاعر ڪرم ٽالپر جو انتقال ٿيو.
24 آگسٽ 1876ع تي ٽالپر حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1889ع تي مولانا ميان گل محمد ميڪڻ وفات ڪئي سندس آخري آرام گاهه شريف صديقيه شهداد ڪوٽ ۾ آهي.
24 آگسٽ 1922ع تي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1929ع تي فلسطين ۽ پي.ايل.او جي اڳواڻ ياسر عرفات جي پيدائش جو ڏينھن اهي.
24 آگسٽ 1931ع تي برطانيه جو جھاز ڪِري تباهه ٿيو، 62 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
24 آگسٽ 1947ع تي اسڪالر مولانا قمر الدين مھيسر جي وفات ٿي.
24 آگسٽ 1953ع تي ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن غلام رسول چانڊيو جنم ورتو.
24 آگسٽ 1960ع تي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجه حرارت واسٽڪ جي مقام تي ٿيو.
24 آگسٽ 1974ع تي سياستدان ۽ وڪيل عبدالستار پيرزادو وفات ڪئي.
24 آگسٽ 1974ع تي شاعر، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ علي حسن ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
24 آگسٽ 1977ع تي مشھور شاعر محمد جمن هالو وصال ڪيو، آخري آرامگاهه مڪلي قبرستان ۾ اٿس.
24 آگسٽ 1980ع تي مشھور صحافي، اديب ۽ بھادر حر مجاهد فقير محمد رحيم مھر لاڏاڻو ڪيو.
24 آگسٽ 2005ع تي اداڪار جمشيد انصاري جي وفات ٿي.
25 آگسٽ 1852ع تي صوفي شاعر پير ميان غلام نبي پنڃل هالن ۾ جنم ورتو.
25 آگسٽ 1867ع تي مشھور سائنسدان مائيڪل فريڊ انتقال ڪيو.
25 آگسٽ 1896ع تي سنڌي ٻوليءَ جو صاحب فن شاعر ۽ قابل احترام استاد، قادر بخش بشير شڪارپور ۾ جنم ورتو.
25 آگسٽ 1916ع تي جنگِ عظيم اول ۾ رومانيه، آسٽريليا ۽ جرمني خلاف اعلان جنگ ڪيو.
25 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي پھرين بئنڪ جو افتتاح ٿيو.
25 آگسٽ 1955ع تي ليکڪ الھه بچايو پنھور جو جنم ڏينھن آهي.
25 آگسٽ 1962ع تي مشھور ناول نگار ۽ شاعر تسليمه نسرين جو جنم ٿيو.
25 آگسٽ 1962ع تي زرعي ماهر ڊاڪٽر عبدالله آريجو جي پيدائش ٿي.
25 آگسٽ 1968ع تي آسٽريليا جي رانديگر سيٽن ميڪب جنم ورتو.
25 آگسٽ 1969ع تي قائره ۾ عرب ليگ جو اجلاس ٿيو.
25 آگسٽ 1972ع تي چين پھريون دفعو ويٽو پاور استعمال ڪيو.
25 آگسٽ 1979ع تي سماج سڌارڪ بلاول شاهه حسيني جو وڇورو ٿيو.
25 آگسٽ 1987ع تي شاعر، استاد زيب سومرو جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 1998ع تي ماکيءَ کان مٺو آواز محمد علي ٻگهيو لاڏاڻو ڪيو.
25 آگسٽ 1998ع تي اداڪاره ماروي جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 2008ع تي برک عالم، استاد، اديب، نقاد ۽ شاه لطيف جو پارکو حيدر علي لغاري اختر ڪاٽيجز، حيدرآباد ۾ پنھنجي رهائشگاهه تي وفات ڪئي.
25 آگسٽ 2016ع تي صحافي ۽ ليکڪ ساز ڪاظمي جو وڇورو ٿيو.
26 آگسٽ 1824ع تي مير حسن علي خان ٽالپر ولد مير نور محمد خان ٽالپر جنم ورتو. سڃاڻپ نامور عالم، سخن سنج شاعر هو.
26 آگسٽ 1924ع تي شاعر گرداس انواڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
26 آگسٽ 1938ع تي شاعر نور سمون خيرپور ۾ جنم ورتو.
26 آگسٽ 1956ع تي مذهبي عالم، شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
26 آگسٽ 1960ع تي مذهبي عالم ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
26 آگسٽ 1963ع تي پاڪستاني عورتن جي هڪ گروپ سوات جي سڀن کان وڏي چوٽي سر ڪئي.
26 آگسٽ 1986ع تي فدا محمد خان کي صوبي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
26 آگسٽ 1986ع تي ڪيمرون ۾ قدرتي چشمي مان زهريلي گيس جو اخراج ٿيو جنھن سان تقريباً ٻه هزار (2000) انسان اجل جو شڪار ٿيا.
26 آگسٽ 2006ع تي سياسي اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
26 آگسٽ 2009ع تي ڪھاڻيڪار، صحافي، ليکڪ ۽ ڪمپيئر حضور بخش آزاد جتوئي لاڏاڻو ڪيو.
27 آگسٽ 1789ع تي فرانس ۾ انقلاب آيو.
27 آگسٽ 1842ع تي جليل القدر صوفي بزرگ ۽ سچل سائين جي درگاهه جو پنجون سجاده نشين سخي قبول محمد درازي (ثاني) ولد خواجه نجم الدين درازن ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
27 آگسٽ 1883ع تي انڊونيشيا جو جزيرو ڪراڪاٽو زبردست زلزلي سبب تباهه ٿيو.
27 آگسٽ 1876ع تي مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 1908ع تي آسٽريليا جو رانديگر ڊان بريڊمين جنم ورتو.
27 آگسٽ 1929ع تي مراد علي مرزا حيدرآباد جي ٽنڊو آغا اسماعيل شاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس، مترجم، نقاد اٿس.
27 آگسٽ 1934ع تي گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي جنم ورتو.
27 آگسٽ 1940ع تي شاعر جمال پلي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان، عالمي اداري خوراڪ جو رڪن بڻيو.
27 آگسٽ 1947ع تي ريڊيو پاڪستان هجرت ڪري آيلن لاءِ اڌ ڪلاڪ لاءِ پھريون ڀيرو پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪيو.
27 آگسٽ 1972ع تي ريسلنگ جي چيمپئين گريٽ خالي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آگسٽ 1974ع تي شاعره ۽ ڪالم نويس عرفانه ملاح جنم ورتو.
27 آگسٽ 1976ع تي برصغير جو مشھور گلوڪار مڪيش جو انتقال ٿيو.
27 آگسٽ 1982ع تي شاهراهه قراقرم تي درهه خنجراب کي ٽريفڪ لاءِ کولڻ تي پروگرام منعقد ٿيو.
27 آگسٽ 1986ع تي نالي وارو شاعر،ا ديب ۽ صحافي ذوالفقار راشدي لاڏاڻو ڪيو.
27 آگسٽ 1996ع تي قاضي عبدالمجيد عابد هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
27 آگسٽ 1984ع تي شاعر، سازيدي نواز، مصور ۽ ليکڪ غلام رسول، غلام ابڙو هالائي راهه رباني ورتي.
27 آگسٽ 2006ع تي شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 2015ع تي جسٽس رٽائرڊ ظفر حسين مرزا جي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1749ع تي جرمن شاعر گوئنٽيءَ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1826ع تي موهاڪس جي جنگ لڳي.
28 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شھداد خان جي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1896ع تي مشھور اديب، نقاد ۽ شاعر فراق گورخپوري جنم ورتو.
28 آگسٽ 1919ع تي ڪليه جاميه عثمانيه قائم ٿيو.
28 آگسٽ 1937ع تي ناليوارو ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي جنم ورتو.
28 آگسٽ 1939ع تي ليکڪ برج موهن جي پيدائش ٿي.
28 آگسٽ 1942ع تي شاعر پير بخش عباسي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1950ع تي ڪمپيئر ۽ صحافي اسلم آزاد ولد سليمان ڪورائي بلوچ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
28 آگسٽ 1965ع تي سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو مشھور اداڪار احمد حسين ولد محمد بچل ميمڻ دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
28 آگسٽ 1968ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا ۽ شاعره امر سنڌو اصل نالو سلميٰ اٿس. والد جو نالو حسين بخش لغاري جنم جو هنڌ ڳوٺ دودو خان لغاري تعلقو ميرپور خاص اٿس.
28 آگسٽ 1968ع تي اردن جي ولي عھد شھزادو حسن جي شادي بيگم شائسته اڪرام الله جي ڌيءَ ثروت اڪرام الله سان ڪراچي ۾ ٿي.
28 آگسٽ 1973ع تي 90 هزار پاڪستاني جنگي قيدين جي واپسي لاءِ دهلي ۾ هڪ معاهدو ٿيو.
28 آگسٽ 1984ع تي قومي جهنڊي جي بي حرمتي لاءِ سزا 3 سال قيد مقرر ٿي.
28 آگسٽ 2002ع تي راڳي شفيع محمد جمن جو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ٿيو.
28 آگسٽ 2005ع تي نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتـڙ جو وصال ٿيو.
29 آگسٽ 1521ع تي بغداد تي عثماني ترڪن قبضو ڪيو.
29 آگسٽ 1829ع تي مشھور ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جنم ورتو.
29 آگسٽ 1857ع تي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيندي لکپڙهه سنڌيءَ ۾ ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو.
29 آگسٽ 1904ع اولمپلڪ راند سنيٽ لوئي ۾ ٿي.
29 آگسٽ 1906ع تي هند، سنڌ جي ليکڪ گل سدا رنگاڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
29 آگسٽ 1942ع تي اديب ۽ تعليمي ماهر پروفيسر احسان دانش ڀٽو شڪارپور ۾ جنم ورتو.
29 آگسٽ 1942ع تي مشھور اديبه بشرى رحمّٰن پيدا ٿي.
29 آگسٽ 1947ع تي ڪراچي جي سئنيما گهرن ۾ پھريون دفعو پاڪستاني دستاويزي فلم ڏيکاري وئي.
29 آگسٽ 1952ع تي سياستدان قيصر خان بوزدار راهه رباني ورتي.
29 آگسٽ 1956ع تي پاڪستان جي سابق گورنر غلام محمد وفات ڪئي.
29 آگسٽ 1963ع تي قانوني ماهر شمس الدين ابڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
29 آگسٽ 1971ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو اعزاز نشانِ حيدر، پائلٽ آفيسر راشد منھاس شھيد کي ڏنو ويو.
29 آگسٽ 1983ع تي ممتاز مذهبي عالم مفتي جعفر حسين مجتھد وصال ڪيو.
29 آگسٽ 2002ع تي سياستدان الھه بخش ڀٽو وصال ڪيو.
29 آگسٽ 2007ع تي نعت گو الحاج خورشيد احمد هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
30 آگسٽ 1565ع تي مغل بادشاهه جھانگير جو جنم ٿيو.
30 آگسٽ 1899ع تي شاعر محمد موسى راز جنم ورتو.
30 آگسٽ 1948ع تي شاعر غلام قادر دلدار جي پيدائش ٿي.
30 آگسٽ 1953ع تي شاعر شاد ڪولاچي جنم ورتو.
30 آگسٽ 1956ع تي شاعر گل حسن ساٿي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
30 آگسٽ 1965ع تي ليکڪ، سماجي ورڪر ڊاڪٽر اسلم آزاد جنم ورتو.
30 آگسٽ 1968ع تي سماجي سوچ جو مالڪ پير محمد پانڌياڻيءَ وفات ڪئي.
30 آگسٽ 1971ع تي قومي ڪارڪن، نامور شاعر، اديب، نقاد، ناول نگار ۽ مترجم نواز خان زنئور تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ احمد خان زنئور ۾ جنم ورتو.
30 آگسٽ 1972ع تي نظم جي شاعر علي محمد خالديءَ وفات ڪئي.
30 آگسٽ 1980ع تي ناليواري ليکڪ نور محمد ڪنڀر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
30 آگسٽ 1981ع تي ايران جي سابق وزيراعظم باهنر کي قتل ڪيو ويو.
30 آگسٽ 1983ع تي ممتاز اديب ڊاڪٽر جميل جالبي کي ڪراچي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو.
31 آگسٽ 1915ع تي مير علي احمد ٽالپر ولد مير نبي بخش ٽالپر ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ اک کولي، ادبي سڃاڻپ؛- ممتاز سياستدان، اديب، مفڪر ۽ فلاسفر اٿس.
31 آگسٽ 1947ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر، نقاد، طنز نگار ۽ صحافي عبدالرحمٰن نقاش ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ جنم ورتو .

سيـپٽمبر

عيسوي سال جو نائون مھينو سيپٽمبر آهي. سيپٽمبر لاطيني زبان جي لفظ سيپٽم (SETPTEM) مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ستون پراڻي رومن ڪيلينڊر ۾ هي مھينو ستون هو، پريورپي ڪيلينڊر ۾ هن جو نمبر نائون آهي. هي مھينو موسمن جي مٽاسٽا جي لحاظ کان نهايت اهم مھينو آهي. هن ئي مھيني دوران 21 سيپٽمبر تي سج بلڪل خط الستوا تي چمڪڻ لڳندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ڏينھن رات برابر ٿين ٿا. اتر اڌ گول ۾ خزان جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ بھار جي موسم ٿئي ٿي. هن مھيني ۾ 30 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين سيپٽمبر 1857ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو خاتمو ٿيو.
پھرين سيپٽمبر 1858ع تي سنڌ جي درسگاهه سنڌ مدرسة السلام جو افتتاح ٿيو.
پھرين سيپٽمبر 1899ع تي سياستدان سيٺ پرتاب راءِ ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1930ع تي آبپاشي ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ، اي اين جي عباسي، سوڀوديرو ۾جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1939ع تي اديب پروفيسر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي ولد حاجي رحيم بخش ميمڻ لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1957ع تي شاعر ۽ ليکڪ، ڪامريڊ ڪريم بلوچ اصل نالو عبدالڪريم ولد شاهه محمد بلوچ ڳوٺ باراني مغيري لڳ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1958ع تي شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو ڳوٺ جاني ٻرڙي تعلقي ڪوٽ ڏيجي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1959ع تي شاعر استاد رائي ولد علي شير سومرو ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو
پھرين سيپٽمبر 1961ع تي سنڌ جو علم دوست شخص، ۽ مرتب خادم حسين چانڊيو ڳوٺ شادي خان چانڊيو تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ اميد علي خان چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1961ع تي سماجي ورڪر ۽ ايڊيٽر محمد خان شيخ ميھڙ ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1966ع تي نوجوان شاعر ذوالفقار گاڏهي، شير محمد ڳاڏهي، ڪي اين شاهه ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1966ع تي صوفي شاعر صوفي درويش علي لاڙڪ اصل نالو (روشن علي) ڳوٺ پيالو لاڙڪ سوڀوديرو جي ڀرسان جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 1968ع تي نوجوان ليکڪ ۽ چترڪار خالد ڀٽي اصل نالو خالد سيف الله ولد مولوي محمد مراد شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين سيپٽمبر 1970ع تي صوفي راڳي فقير مظهر علي ولد فقير لطف علي دايو، رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
سيپٽمبر 1975ع تي نوجوان قومپرست اڳواڻ روپلو چولياڻي، اصل نالو عبدالجبار چولياڻي، ڳوٺ شمون خان چولياڻيءَ (تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ عبدالستار چولياڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
پھرين سيپٽمبر 2007ع تي لطيف جو پارکو، مشھور ڪميپئر سيد صالح محمد شاهه هن فاني جھان کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
پھرين سيپٽمبر 2009ع تي ڪتاب سوڀي ديري جا ڏات ڌڻي تحقيقي جائزو ليکڪ خاوند ڏنو لاڙڪ سنڌ ادبي سنگت شاخ سوڀو ديرو ڇپرايو.
2 سيپٽمبر 1192ع تي ٽئين صليبي جنگ جو خاتمو ٿيو.
2 سيپٽمبر 1762ع تي سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
2 سيپٽمبر 1898ع تي دارالعلوم ندوة العلماءَ جو دفتر لکنؤ ۾ قائم ڪيو ويو.
2 سيپٽمبر 1908ع تي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر امير الاهي جنم ورتو.
2 سيپٽمبر 1924ع تي مشھور ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر انيس خورشيد جنم ورتو.
2 سيپٽمبر 1939ع تي شاعر منگهارام ديوانو جي پيدائش ٿي.
2 سيپٽمبر 1941ع تي باليووڊ اداڪاره ساڌنا شوداساڻي جو جنم ٿيو.
2 سيپٽمبر 1945ع تي مترجم ڪھاڻيڪار، ناول نگار علي محمد پرويز، محمد سليمان ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، جنم ڀومي ڳوٺ لاکا، تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو اٿس.
2 سيپٽمبر 1950ع تي پروفيسر علي مرتضيٰ ڌاريجو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ناميارو مترجم ۽ اديب اٿس.
2 سيپٽمبر 1958ع تي پيڪنگ ۾ پھريون ٽيليويزن جو آغاز ٿيو.
2 سيپٽمبر 1962ع تي مشھور سنڌي ادب جو پارکو عثمان علي انصاري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
2 سيپٽمبر 1964ع تي شاعر علي دوست عاجز فريدآباد، ميھڙ ۾ جنم ورتو.
2 سيپٽمبر 1965ع تي صحافي رزاق سروهي جو جنم ٿيو.
2 سيپٽمبر 1971ع تي قطر، اقوامِ متحده جو ميمبر ٿيو.
2 سيپٽمبر 1973ع تي پاڪستان ۾ 26 گيهه تيار ڪرڻ واريون مِلون قومي تحويل ۾ ورتيون ويون.
2 سيپٽمبر 1976ع تي آرٽسٽ ۽ شاعره بختاور پليجو جنم ورتو.
2 سيپٽمبر 1985ع تي پاڪستان جو پھريون وزير خارجه چوهدري ظفر الله جي وفات ٿي.
3 سيپٽمبر 1916ع تي منگوليا جي حڪمران چيئرمين لوممباجن سئيلان بال پيدا ٿيو.
3 سيپٽمبر 1936ع تي نامور ڪھاڻيڪار، اخبار نويس، مترجم ۽ تاريخدان جينت ريلواڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1936ع تي گلوڪاره رام نواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
3 سيپٽمبر 1939ع تي ٻئين جنگ عظيم جو آغاز ٿيو.
3 سيپٽمبر 1946ع، شاعر ڪوثر ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
3 سيپٽمبر 1947ع تي ڪويت جي امير، قائداعظم کي تحفي ۾ تلوار پيش ڪئي.
3 سيپٽمبر 1954ع تي نامياري صحافي، روزاني عوام آواز جي چيف ايڊيٽر ۽ پبلشر عبدالجبار خٽڪ ڪراچي ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1957ع تي صحافي غلام سرور سنجراڻي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1964ع تي پاڪساني گلوڪار ۽ نعت خوان جنيد جمشيد جو جنم ڏينھن آهي.
3 سيپٽمبر 1966ع تي جنوبي آفريڪا جي وزيراعظم هندريڪ فيرفورڊ کي قتل ڪيو ويو.
3 سيپٽمبر 1966ع تي صحافي ۽ ليکڪ جعفر ميمڻ ولد سائين داد ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1967ع تي ليکڪ حفيظ سرمد گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1967ع تي شاعر فدا سنجراڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
3 سيپٽمبر 1969ع تي شاعر غلام حسين بيتاب نئون ديرو ۾ جنم ورتو.
3 سيپٽمبر 1972ع تي A.T.T.4 جو پھريون ايشيائي ٽيبل ٽينس جو مقابلو ٿيو.
3 سيپٽمبر 1995ع تي بلاول فائونڊيشن، نوابشاهه، هيءَ هڪ غير سرڪاري ۽ غير سياسي تنظيم آهي، جنھن جو بنياد نوابشاهه ۾ رکيو ويو.
4 سيپٽمبر 973ع تي ابو ريحان البيروني جنم ورتو.
4 سيپٽمبر 1923ع تي مزاح نگار، مشتاق احمد يوسفي جئه پور ڀارت ۾ جنم ورتو.
4 سيپٽمبر 1933ع تي علامه اقبال کي ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
4 سيپٽمبر 1936ع تي لطيفيات جو ڄاڻو ۽ اديب امداد علي سرائي ڪاٺياواڙ محلي، نصيرآباد ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
4 سيپٽمبر 1936ع تي ليکڪ امداد علي سرائي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
4 سيپٽمبر 1936ع تي شاعر علي اڪبر مجروح جي وفات ٿي.
4 سيپٽمبر 1951ع تي اديب ۽ صحافي فقير محمد لاشاري ولد محمد حسن لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارهه جي قديم ڳوٺ گاجي کهاوڙ ۾ جنم ورتو.
4 سيپٽمبر 1951ع تي شمالي ويٽنام جي صدر هوچي منه جو انتقال ٿيو.
4 سيپٽمبر 1951ع تي علي محمد رمدي جو جنم ڏينھن آهي.
4 سيپٽمبر 1955ع تي شاعر مرزا امام علي بيگ وصال ڪيو.
4 سيپٽمبر 1957ع تي ريڊيو، فلم ۽ ٽيلي ويزن جي سينيئر فنڪار امتياز احمد، نيويارڪ ۾ وفات ڪئي.
4 سيپٽمبر 1958ع تي صحافي محمد عاشق پٺاڻ جو جنم ڏينھن آهي.
4 سيپٽمبر 1969ع تي مصر ۽ اسرائيل جي وچ ۾ معاهدو ٿيو ته هڪٻئي جي خلاف طاقت جو استعمال نه ڪيو ويندو.
4 سيپٽمبر 1974ع تي سريلنڪا جي وزيراعظم مسز بندرا نائيڪي، پاڪستان جي دوري تي آئي.
4 سيپٽمبر 1987ع تي ممتاز صحافي محرم علي ڀٽي وفات ڪئي.
4 سيپٽمبر 1987ع تي سنڌ جو قادرالڪلام شاعر سليم ڳاڙهوي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيو.
4 سيپٽمبر 1988ع تي ممتاز عالمِ دين مولانا ظاهر قاسمي وفات ڪئي.
4 سيپٽمبر 2002ع تي سنڌ جي نالي واري گلوڪاره فوزيه سومرو سٽي سائوٿ ڪراچي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪيو.
5 سيپٽمبر 1773ع تي شاعر مير قلندر بخش شاهه رضوي لاڏاڻو ڪيو.
5 سيپٽمبر 1822ع تي شام ملڪ ۾ زلزلو آيو جنھن ۾ هزارين انسان موت جو شڪار ٿيا.
5 سيپٽمبر 1927ع تي لاڙڪاڻي جي هر دلعزيز ۽ سدابھار شخصيت عبدالرزاق سومرو ولد دودا خان سومرو شھر رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
5 سيپٽمبر 1933ع تي غلام رباني آگرو ڳوٺ آگرا ضلعي نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪھاڻيڪار، سوانح نگار، ڪيترو عرصو سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، گل ڦل رسالي جو باني ايڊيٽر رهيو.
5 سيپٽمبر 1935ع تي برک، ناٽڪ ڪار، ڪھاڻيڪار ۽ نقاد هريڪانت ڄيٺواڻي جو پورو نالو روپچند چيٺواڻي جيڪب آباد ۾ ناناڻي گهر ۾ جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1939ع تي ليکڪ ونود لاکياڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
5 سيپٽمبر 1951ع تي ليکڪ بيگم نصرت اصفحاني جي شادي بئريسٽر ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿي. بيگم نصرت ڀٽو 1929ع تي بمبئي ۾ پيدا ٿي.
5 سيپٽمبر 1958ع تي سماج سڌارڪ عبدالغفار ملڪ پڊ عيدن ۾ جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1963ع تي نوجوان ٺهي جو شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر گل ڪونڌر، اصل نالو گل محمد ولد بشير احمد ڪونڌر ڳوٺ مڏ ڪونڌر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو.
5 سيپٽمبر 1966ع تي نئين ٽھيءَ ۾ جديد شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1959ع تي شاعر نيڪ سروري جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1967ع تي معروف ليکڪا ۽ ڪمپيئر شبنم گل ڌيءُ ڊاڪٽر شبير احمد لاشاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1972ع تي ميونخ ۾، فدائين اسرائيل جي رانديگرن تي حملو ڪري انهن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو.
5 سيپٽمبر 1975ع تي شاعر زين کوسو اصل نالو زين العابدين ولد مينهون خان ڳوٺ چينجاڻي تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1980ع تي ڪمپيئر ثاقب ابڙو جنم ورتو.
5 سيپٽمبر 1997ع تي نوبل انعامي يافته سماج سڌارڪ مدر ٽريسا لاڏاڻو ڪيو.
6 سيپٽمبر 1320ع تي غياث الدين تغلق دهليءَ تي تخت نشين ٿيو.
6 سيپٽمبر 1566ع تي سلطنت عثمانيه جو حاڪم سليمان (پھريون) وصال ڪيو.
6 سيپٽمبر 1766ع تي برطانوي سائنسدان جان ڊالٽن جنم ورتو.
6 سيپٽمبر 1913ع تي جولي گبسن، آمريڪي اداڪاره جو جنم ٿيو.
6 سيپٽمبر 1939ع تي ٻئين جنگِ عظيم دوران جرمنيءَ پھريون دفعو برطانيه تي هوائي حملو ڪيو.
6 سيپٽمبر 1948ع تي نيدر لينڊ جي ملڪه جوليانه برسر اقتدار سنڀاليو.
6 سيپٽمبر 1949ع تي جعفر علي خاصخيلي ناچيز ولد محمد بخش عرف ڇپر خان خاصخيلي شھر پٿوري جي ڀرسان اڪڙي لوهڙي ۾ پيدا ٿيو سڃاڻپ علم ۽ ادب دوست ٿي گذريو آهي.
6 سيپٽمبر 1950ع تي جنرل محمد ايوب خان پاڪ فوج ڪمانڊر اِن چيف مقرر ٿيو.
6 سيپٽمبر 1954ع تي تاج جويو (تاج محمد جويو) ڳوٺ پير ڪولاچي تعلقي دولت پور ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو. اديب سڃاڻپ نقاد ۽ محقق اٿس.
6 سيپٽمبر 1963ع تي نئين ٽهي جو سڄاڻ ليکڪ شمشاد سومرو ولد فتح الدين سومرو مورو شھر ۾ ڄائو.
6 سيپٽمبر 1965ع تي ڀارتي فوجين، لاهور تي اچانڪ حملو ڪيو، ان موقعي تي پاڪ فوج پنھنجي سرحدن جي حفاظت ڪندي، پنھنجي سرحدن جو دفاع ڪيو، جنھن کي هاڻي يومِ دفاع طور ملهايو ويندو آهي.
6 سيپٽمبر 1968ع تي ملڪ جي مشھور رانديگر سعيد انور، جو جنم ڏينھن آهي.
6 سيپٽمبر 1971ع تي ميجر شبير شريف شھيد ٿيو.
6 سيپٽمبر 1986ع تي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ ٻارن جو عالمي ڏينھن ملهايو ويندو آهي.
6 سيپٽمبر 1991ع تي روس، ايسٽونيا جي آزادي قبول ڪئي.
6 سيپٽمبر 2008ع تي پاڪستان ۾ صدارتي اليڪشن کانپوءِ آصف علي زرداري 481 ووٽ کڻي صدر پاڪستان منتخب ٿيو.

7 سيپٽمبر 1298ع تي مارڪو پولو، جزيره ڪرزولاڪي ويڙهه ۾ دشمن جي هٿان گرفتار ٿيو.
7 سيپٽمبر 1618ع تي هر دلعزيز هستي شاهه خير الدين سکري، فاصلاڻي لاڏاڻو ڪيو.
7 سيپٽمبر 1870ع تي روسي صحافي ۽ مصنف اليڪساندر ڪوپرن جو جنم ڏينھن آهي.
7 سيپٽمبر 1872ع تي مذهب ۽ سنڌي ادب تي دسترس رکندڙ آخوند عزيز الله ميمڻ لاڏاڻو ڪيو، آخري آرام گاهه مٽياريءَ ۾ آخوند جي قبرستان ۾ اٿس.
7 سيپٽمبر 1875ع تي سنڌي زبان جو يگانو شاعر حافظ حيات شاهه ولد سيد مير عالم شاهه ضلعي جهنگ ۾ پنھنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
7 سيپٽمبر 1909ع تي يوناني، آمريڪي اداڪار، هدايتڪار ۽ تخليقڪار ايليا ڪازان جو جنم ڏينھن آهي.
7 سيپٽمبر 1930ع تي، اسڪالر، مرليدر جيٽلي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
7 سيپٽمبر 1954ع تي سيٽو معاهدي تي پاڪستان سميت 8 ملڪن صحيح ڪئي.
7 سيپٽمبر 1957ع تي زيب سنڌي (محمد خان شيخ) خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ مترجم ڪھاڻيڪار پبلشر ڊرامه نگار، اٿس.
7 سيپٽمبر 1965ع تي انڊونيشيا، پاڪ ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت ڪئي.
7 سيپٽمبر 1968ع تي صحافي عزيز ڪاڇيلو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
7 سيپٽمبر 1974ع تي قاديانين کي غير مسلم اقليت ۾ شمار ڪيو ويو.
7 سيپٽمبر 1975ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽر حنيف محمد، پھرين نمبر ڪلاس ڪرڪيٽ ڪيريئر جو آغاز ڪيو.
7 سيپٽمبر 1977ع تي شاعر پرتاب راءِ سنڌي اصل نالو پرتاب راءِ پونڙ ذات مينگواڙ ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
7 سيپٽمبر 1979ع تي شاعر انور سومرو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
7 سيپٽمبر 1996ع تي آمريڪا، پاڪستان کي بوئنگ طيارا کپائڻ جي اجازت ڏني.
7 سيپٽمبر 2014ع تي سياستدان مير عنايت علي ٽالپر وفات ڪئي.
8 سيپٽمبر 1380ع تي ڪولي ڪوو، جنگ جو ڏينھن آهي، جنھن ۾ روسين، تاتارين ۽ منگولن کي شڪست ڏني.
8 سيپٽمبر 1814ع تي شاعر، قطب علي شاهه قطب جنم ورتو.
8 سيپٽمبر 1888ع تي پھريان پنج فٽ بال ليگ گيمون کيڏيون هيون.
8 سيپٽمبر 1917ع تي توپ ڪاپي، عجائب گهر جو حرم سرا سياحن لاءِ کوليو ويو.
8 سيپٽمبر 1922ع تي آمريڪا جو وزيرِ تعميرات ۽ شھري ترقيات، سموئيل آئي، پئرس ۾ جنم ورتو.
8 سيپٽمبر 1923ع تي ناليوارو شاعر رسول حمزه توف، داغستان جي ڳوٺ تسادا ۾ پيدا ٿيو.
8 سيپٽمبر 1931ع تي علامه اقبال ٻئين گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ بمبئي ويو.
8 سيپٽمبر 1942ع تي هدايتڪار، گائڪ ۽ سنگيتڪار ارجن آسومل ڀنڀاڻي ٺارو شاهه ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.
8 سيپٽمبر 1963ع تي ناميارو راڳي، استاد محمد حنيف لاشاري، ڳوٺ شاهه بخش لاشاري ۾، حاجي محمد پريل لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو.
8 سيپٽمبر 1982ع تي مقبوضه ڪشمير جي وزيراعلى شيخ محمد عبدالله وفات ڪئي.
8 سيپٽمبر 1984ع تي مهان راڳي ۽ ڀلوڙ شاعر مصري فقير سول اسپتال نواب شاهه ۾ انتقال ڪيو. آخري آرام گاهه سرهاڙي لڳ جوڻن جي ڳوٺ واري قبرستان ۾ اٿس. مصري فقير شاعري ۾ تخلص ”مخمور“ استعمال ڪندو هو.
8 سيپٽمبر 1991ع تي جمھوريه مقدونيه جو قيام عمل ۾ آيو.
9 سيپٽمبر 1828ع تي روس جو مشھور اديب ۽ شاعر ٽالسٽائي ڪائونٽ ليو جنم ورتو.
9 سيپٽمبر 1842ع تي فرعون دماغ فوجي عملدار سر چارلس نيپئر کي وڏا اختيار ڏئي حيدرآباد جو پريزيڊنٽ بڻائي روانو ڪيو.
9 سيپٽمبر 1853ع تي آسٽريليا جو مشھور فاسٽ بولر فريڊ اسپلفورٿ پيدا ٿيو.
9 سيپٽمبر 1909ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر ۽ نقاد ٻلديو گاجرا تخلص گمنام هئس. شڪارپور ۾ ڄائو.
9 سيپٽمبر 1921ع تي اڪبر الھه آبادي وصال ڪيو.
9 سيپٽمبر 1928ع تي معروف شاعره ۽ اديبه وحيده نسيم جنم ورتو.
9 سيپٽمبر 1929ع تي پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري عمر ارپيندڙ جرمن عورت ڊاڪٽر رٿ ڦائو جو جنم ڏينھن آهي.
9 سيپٽمبر 1931ع تي ليکڪ الھه نور بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
9 سيپٽمبر 1931ع تي آزاديءَ جي جدوجھد ڪندڙ امام الدين راشديءَ لاڏاڻو ڪيو.
9 سيپٽمبر 1940ع تي شاعر ۽ ليکڪ ناطق ڳيريلائي، ڳيريلو، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
9 سيپٽمبر 1944ع تيڪوسي راج گوپال، اچارلي فارمولي جي بنياد تي گانڌي ۽ جناح جي درميان مذاڪرات ٿيا.
9 سيپٽمبر 1947ع تي پاڪستان ۾ پھريون وائيس چانسلر عمر حيات مقرر ٿيو.
9 سيپٽمبر 1948ع تي اردو جي مشھور شاعر آختر شيراني جو وڇوڙو ٿيو.
9 سيپٽمبر 1958ع تي گوادر بندرگاهه پاڪستان ۾ شامل ٿيو.
9 سيپٽمبر 1968ع تي حافظ امام بخش سومرو حادثي دوران دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
9 سيپٽمبر 1976ع تي چين جي انقلابي اڳواڻ ماؤزيتنگ وفات ڪئي.
9 سيپٽمبر 1980ع تي سنڌي سنگيت جو تمام وڏو گويو استاد منظور علي خان ٽنڊي آدم ۾ گذاري ويو.
9 سيپٽمبر 1983ع تي پاڪستان جي مشھور گلوڪار مھدي حسن کي نيپال جو سڀ کان وڏو اعزاز ڏنو ويو.
10 سيپٽمبر 1526ع تي بوڊاپسٽ تي ترڪن قبضو ڪيو.
10 سيپٽمبر 1920ع تي شاعر شمس الدين ”شاهه شمن“ جو لاڏاڻو ٿيو.
10 سيپٽمبر 1920ع تي شاعر اڪن فقير اوڍاڻو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1932ع تي نالي وارو ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر غلام نبي گل، عبدالوسيع ٻرڙو جي گهر قنبر علي خان ۾ جنم ورتو.
10 سيپٽمبر 1938ع تي مشھور شاعر تاج ٽکڙائيءَ جو پورو نالو محمد دائود ميمڻ آهي، هي ٽکڙ جي نامور شاعر محمد خان غنيءَ جو پٽ آهي. تاج ٽکڙائي ڳوٺ ٽکڙ وسي ملڪ شاهه موجوده ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.
10 سيپٽمبر 1938ع تي شاعر ديورت پياسي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1947ع تي جنگ افيون شروع ٿي.
10 سيپٽمبر 1948ع تي ميڪسيڪو اولمپڪ لاءِ پاڪستان هاڪي ٽيم جو اعلان ٿيو.
10 سيپٽمبر 1952ع تي اداڪاره پونم روپاڻي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1960ع تي شاعر امام علي مختيار جو جنم ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1965ع تي شاعر رحيم بخش مھر ”خادم“ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1965ع تي ايئر وائيس مارشل، نور خان جيڪو 1965ع جي جنگ دوران ايئر مارشل ٿي ويو.
10 سيپٽمبر 1970ع تي ليکڪ نياز شيخ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
10 سيپٽمبر 1974ع تي جمھوريه گني بساؤ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت سان دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو.
11 سيپٽمبر 1048ع تي مشھور سياح ابو ريحان البيروني وفات ڪئي.
11 سيپٽمبر 1803ع تي انگريزن جي قبضي ۾ پاني پت آيو.
11 سيپٽمبر 1921ع مشھور محقـق، مؤرخ، اديب ۽ اسڪالر تاج صحرائي اصل نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
11 سيپٽمبر 1925ع تي مشھور اديب، مشڪور حسين ياد پيدا ٿيو.
11 سيپٽمبر 1931ع تي محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڳوٺ ماڙي تعلقو لکي ضلعو شڪارپور ۾ حاجي غلام حسين ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
11 سيپٽمبر 1939ع تي عراق ۽ سعودي عرب، ناز جرمني جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
11 سيپٽمبر 1946ع تي اقوام متحده، جي تحت ٻارن لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويو.
11 سيپٽمبر 1947ع تي اردو جي نامور شاعر قمر جلالوي، علي ڳڙهه کان هجرت ڪري ڪراچيءَ پھتو.
11 سيپٽمبر 1947ع تي مشرقي پنجاب (انڊيا) کان هجرت ڪري پاڪستان پھتل مھاجرن جو تعداد 12 لک کان مٿي هو.
11 سيپٽمبر 1948ع تي ڊاڪ جي ٽڪليءَ تي قائداعظم محمد علي جناح جي تصوير پھريون دفعو شايع ٿي.
11 سيپٽمبر 1948ع تي باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح زيارت ۾ وفات ڪئي. آخري آرامگاهه ڪراچي ۾ اٿس.
11 سيپٽمبر 1957ع تي ليکڪ عاجز يوسفاڻي، پورو نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ، شڪارپور ۾ جنم ورتو.
11 سيپٽمبر 1976ع تي اغوا ٿيل ڀارتي جھاز لاهور ايئرپورٽ تي لاٿو ويو ۽ مسافرن کي آزاد ڪيو ويو.
11 سيپٽمبر 2001ع تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي دهشتگردن حملو ڪيو.
12 سيپٽمبر 1897ع تي آئرين جو ليٽ ڪيوري فرانسيسي ڪيميادان ۽ طبيعياتدان ۽ نوبل انعام يافته جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 1914ع تي نامور اديب ۽ شاعر رئيس امروهي جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 1924ع تي اردو جي نامور افسانه نگار ممتاز شيرين جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 1937ع تي ويسٽ انڊيز جي مشھور رانديگر، ويسلي هال پيدا ٿيو.
12 سيپٽمبر 1944ع تي لسانيات جي ماهر محمد عمر چنڊ، ڳوٺ نئون آباد، تعلقي ڄام نواز علي خان، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 1948ع تي رينا جناح، قائد اعظم جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ بمبئي کان ڪراچي پھتي.
12 سيپٽمبر 1957ع تي ملائيشيا اقوام متحده جو ميمبر ٿيو.
12 سيپٽمبر 1965ع تي سيالڪوٽ سيڪٽر ۾ ٽينڪن جي زبردست جنگ ٿي، ڀارت جون 180-ٽينڪون تباهه ٿيون.
12 سيپٽمبر 1965ع تي شاعر سلطان بخاري جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
12 سيپٽمبر 1968ع تي شاعر ظفر ناٿن شاهي جو جنم ڏينھن آهي.
12 سيپٽمبر 1968ع تي مذهبي عالم دين، محمد صالح سمون جو لاڏاڻو ٿيو.
12 سيپٽمبر 1970ع تي نئين ٽهي جو شاعر مھراڻ ڌامراهو، اصل نالو مسرت حسين ولد قائم الدين ڌامراهو، تاريخي ڳوٺ ڌامراهه تعلقي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 1971ع تي روس جو سابق وزيراعظم خرد شيف جي وفات ٿي.
12 سيپٽمبر 1980ع تي ترڪي ۾ فوجي انقلاب کانپوءِ، جنرل ڪنعان ايورن اقتدار سنڀاليو.
12 سيپٽمبر 1982ع تي علم ادب جي دنيا جو انسان سيد خادم حسين شاهه دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
12 سيپٽمبر 1984ع تي شاعر نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقوي وفات ڪئي.
12 سيپٽمبر 1987ع تي شاعر بيوس سجاد گاڏهي، گاجي کهاوڙ تعلقي وارهه ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
12 سيپٽمبر 2005ع تي تعليمدان شيخ واحد بخش جو لاڏاڻو ٿيو.
13 سيپٽمبر 1754ع تي سلطان محمد (اول) وفات ڪئي.
13 سيپٽمبر 1882ع تي تل ابيب جي جنگ لڳي.
13 سيپٽمبر 1904ع تي يورپ ۾ سڀ کان پھرين هوائي جھاز جي پرواز شروع ٿي.
13 سيپٽمبر 1919ع تي شاعر، نثر نويس ۽ صحافي شمس الدين بلبل وفات ڪئي.
13 سيپٽمبر 1921ع تي سقاريه جي جنگ لڳي.
13 سيپٽمبر 1922ع تي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پيد طرابلس ۾ ٿيو.
13 سيپٽمبر 1930ع تي مشھور اديب محمد حيات خان سيال جنم ورتو.
13 سيپٽمبر 1933ع تي مشھور سياسي ۽ سماجي شخصيت قائم علي شاهه خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
13 سيپٽمبر 1945ع تي عبدالقادر جوڻيجو ولد مريد حسين جوڻيجو ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو ادبي سڃاڻپ، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نويس، ۽ اديب آهي.
13 سيپٽمبر 1948ع تي قائد اعظم محمد علي جناح کي سنڌ جي راڄڌاني واري شھر ڪراچي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
13 سيپٽمبر 1975 تي ٽي وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سليم راشدي ڳوٺ شريفاڻي ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
13 سيپٽمبر 1986ع تي عالم اسلام جو نامور خطاط، محمد يوسف وصال ڪيو.
13 سيپٽمبر 1987ع تي جڳ مشھور اديب ۽ فلسفي اي ڪي بروهي لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي، سندس جست خاڪي 16 سيپٽمبر ڪراچي جي هڪ فوجي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
14 سيپٽمبر 1321ع تي مشھور شاعر رانتي جو وصال ٿيو.
14 سيپٽمبر 1822ع تي مشھور صوفي شاعر ڇتو فقير سانگي جي ولادت ٿي.
14 سيپٽمبر 1884ع تي آسٽريليا جي اخبار آرگس پھريون دفعو ٽيسٽ جو لفظ استعمال ڪيو.
14 سيپٽمبر 1924ع تي مشھور اداڪار، راج ڪپور جو جنم ڏينھن آهي.
14 سيپٽمبر 1936ع تي مشھور اديب، عنبر چغتائي جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1948ع تي خواجه ناظم الدين گورنر جنرل جي عھدي تي مقرر ٿيو.
14 سيپٽمبر 1949ع تي ناميارو سياستدان پير مظهرالحق حيدرآباد ۾ پير شاهنواز جي گهر ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1952ع تي شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي ولد روشن علي سانگي لاڙڪاڻي شھر ويجهو دودائي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو.
14 سيپٽمبر 1957ع تي آسي زميني اصل نالو محمود نظاماڻي ولد محمد رحيم نظاماڻي ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، سنڌي ٻوليءَ جو نمائندو شاعر آهي.
14 سيپٽمبر 1962ع تي نوجوان ليکڪ، تعليمي ماهر ۽ پبلشر محمد ادريس جتوئي ڳوٺ ٽوڙها تعلقي موري ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1964ع تي ناميارو سياسي اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه ولد سيد امداد محمد شاهه جي گهر سن ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1965ع تي ناميارو صحافي جاويد شاهه ڳوٺ مٺي جتوئي، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر 1966ع تي مشھور شاعر ۽ اديب رئيس ضياءُ الدين ضيا ايس بلبل وفات ڪئي.
14 سيپٽمبر 1966ع تي منصور رياض منگي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 سيپٽمبر1967ع تي پاڪستان شپنگ ڪارپوريشن قائم ڪئي.
14 سيپٽمبر 1970ع تي نامور صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو ڳوٺ سيتا وليج ضلعي دادو ۾ ڄائو.
14 سيپٽمبر 1984ع تي سردار شير باز خان مزاري ڪلعدم نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کان استعفى ڏني.
14 سيپٽمبر 1988ع تي جنگ عظيم اول ۾ يلغاريه هٿيار ڦٽا ڪيا.
15 سيپٽمبر 1815ع تي آمريڪا جو قومي ترانو لکيو ويو.
15 سيپٽمبر 1915ع تي سرڪوٽ جي نامياري ڊاڪٽر ۽ سماجي ڪارڪن، هرچند راءِ ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ پنھنجي ناناڻي ڳوٺ ڪيتارو گام ۾ ماستر گرڌاري لال سوٽھڙ جي گهر جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1916ع تي برطانيه پھريون دفعو جنگ ۾ ٽينڪ استعمال ڪئي.
15 سيپٽمبر 1917ع تي مشھور اديب، شان الحق جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1931ع تي مولانا دين محمد بٺوي ولد ڳهڻو خان چانڊيو وفات ڪئي، مولانا جي جنم ڀومي ڳوٺ بٺي تعلقو ميروخان آهي.
15 سيپٽمبر 1932ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ، جديد شاعر مترجم، محقق ۽ ڊراما نويس شمشير الحيدري ڳوٺ ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1935ع تي شاعر ۽ صحافي نادر علي شاهه فراق، ٺارو شاهه ۾ جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1940ع تي مشھور براڊ ڪاسٽر سڪندر بلوچ ولد نٿو خان چانديو ٽنڊو آغا (حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو.
15 سيپٽمبر 1940ع تي ٻئي جنگ عظيم جي دوران جرمني ۽ برطانيه ۾ زبردست هوائي جنگ ٿي.
15 سيپٽمبر 1948ع تي محمد علي ڪلي، ليون اسپنڪس کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو عالمي چيمپين شپ کٽي.
15 سيپٽمبر 1949ع تي شاگرد اڳوڻ ۽ قومي ڪارڪن امان الله شيخ ولد حاجي گل محمد شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1956ع تي سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير، ارباب غلام رحيم جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
15 سيپٽمبر 1961ع تي نوجوان شاعر رجب آزاد ولد محمد بچل سولنگي جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 1976ع تي ناليواري اديب، صحافي ۽ مھراڻ رسالي جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي لاڏاڻو ڪيو.
15 سيپٽمبر 1982ع تي فيصل آباد ريڊيو اسٽيشن جي نشريات جو آغاز ٿيو.
15 سيپٽمبر 1986ع تي فنون ادب جو ڄاڻو مير غلام علي آزاد بلگرامي، بلگرام ۾ جنم ورتو.
15 سيپٽمبر 2011ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور ليکڪ، ڪھاڻيڪار ناول نگار ۽ نقاد وشنو ڀاٽيا ملند ڪالوني بمبيءَ ۾ آخري پساهه پورا ڪيا.
15 سيپٽمبر 2013ع تي مشھور شاعره ۽ ليکڪا ريٽا شھاڻي جي ديھانت ٿي.
16 سيپٽمبر 1845ع تي قانوني ماهر، سماجي ورڪر نور محمد لاکير ولد محمد سجاول لاکير ڳوٺ چڪرو تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
16 سيپٽمبر 1904ع تي آغا تاج محمد ولد آغا عبدالمجيد خان ڳوٺ باگڙجي تعلقي لکي ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ مشھور اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر اٿس.
16 سيپٽمبر 1941ع تي ايران جي شھنشاهه رضا شاهه پھلوي اڳوڻي مصر جي ڀيڻ فوزيه سان شادي ڪئي.
16 سيپٽمبر 1948ع تي سياستدان عبدالحق ڀرٽ عرف دوست محمد ولد احمد نواز ڀرٽ تعلقي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
16 سيپٽمبر 1961ع تي ليکڪ خادم چانگ جو جنم ڏينھن آهي.
16 سيپٽمبر 1974ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڪالم نويس، ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙي اٺين شاخ لڳ جوهي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
16 سيپٽمبر 1983ع تي عباس ڪوريجو، اصل نالو غلام عباس ولد حاڪم علي ڪوريجو قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڪھاڻيڪار اٿس.
16 سيپٽمبر 1984ع تي تحريڪ پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن ۽ ممتاز قانون دان چوڌري عنايت الله گورايه وصال ڪيو.
17 سيپٽمبر 1906ع تي مشھور اديب ۽ شاعر محمد اسماعيل عرساڻي ولد ميان محمد هاشم ميمڻ هالانوان ۾ ڄائو.
17 سيپٽمبر 1912ع تي مشھور اديب جميل نقويءَ جنم ورتو.
17 سيپٽمبر 1924ع تي پوپٽي هيرا ننداڻي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿي. ادبي سڃاڻپ مشھور ڪھاڻي نويس، ناول نگار، مضمون نگار، تنقيد نگار ۽ شاعره اٿس.
17 سيپٽمبر 1936ع تي ماهر قانون ۽ سماجي ورڪر اختر علي جي قاضي ولد غلام مصطفيٰ قاضي حيدرآباد ۾ ڄائو.
17 سيپٽمبر 1945ع تي هونڊوراس اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
17 سيپٽمبر 1946ع تي پاڪستاني اداڪار وحيد مراد شادي ڪئي.
17 سيپٽمبر 1949ع تي برک عالم، فصيح البيان مقرر مولانا محمد ادريس ڏاهري ڳوٺ مقيم ڏاهري تعلقي پور صفن ضلعي نوابشاهه ۾ پيدا ٿيو.
17 سيپٽمبر 1966ع تي مشھور شخصيت عبدالستار جان سرهندي لاڏاڻو ڪيو.
17 سيپٽمبر 1968ع تي اداڪار عبدالحسين ساريو جو جنم ڏينھن آهي.
17 سيپٽمبر 1973ع تي باموس اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
17 سيپٽمبر 1974ع تي جمھوريه گني بساو اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
17 سيپٽمبر 1974ع تي ڪلاسيڪل راڳي استاد امانت علي خان جو وصال ٿيو.
17 سيپٽمبر 1984ع تي کٽمنڊو ۾ پھريون جنوبي ايشين فيڊريشن گيمز ٿي.
18 سيپٽمبر 1906ع تي برصغير جي ممتاز فنڪار شاهنواز جو جنم ڏينھن آهي.
18 سيپٽمبر 1913ع تي شاعر مرزا اسد بيگ ”اسد“ ولد شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي گهر ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ؛ شاعر ۽ نثر نويس هئس.
18 سيپٽمبر 1932ع تي سعودي عرب جو بنياد وڌو ويو.
18 سيپٽمبر 1947ع تي هڪ سماجڪ سڌار اڳواڻ ڊاڪٽر اڪبر حيدر سومرو ولد غلام حيدر خان لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
18 سيپٽمبر 1948ع تي سقوط، حيدرآباد دکن ٿيو.
18 سيپٽمبر 1950ع تي بالي ووڊ اداڪاره شبانه اعظمي جو جنم ڏينھن آهي.
18 سيپٽمبر 1954ع تي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي کي پھريون پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.
18 سيپٽمبر 1956ع تي جاپان، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
18 سيپٽمبر 1957ع تي ليکڪ ۽ اداڪار سريش سنڌو جئپور ۾ جنم ورتو.
18 سيپٽمبر 1961ع تي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل، ڊاگ هيمر شولڊ جي وفات ٿي.
18 سيپٽمبر 1962ع تي رونڊا، اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
18 سيپٽمبر 1964ع تي ناليوارو ڪمپيئر سيد تاج علي شاهه برڪت علي شاهه جي گهر محلي محمد پور لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 سيپٽمبر 1970ع تي نوجوان شاعر ۽ ريڊيو لسنر محمد لقمان مگسي ولد واحد بخش مگسي لڳ رشيد وڳڻ ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ جنم ورتو.
18 سيپٽمبر 1973ع تي مشرقي جرمني، اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
18 سيپٽمبر 1977ع تي روسي جاسوسي سيارو ڪوسموس کي خلا ۾ ڇڏيو ويو.
19 سيپٽمبر 1137ع تي ايوبي سلطنت جي حڪمران سلطان صلاح الدين ايوبي، تڪريت، عراق ۾ نجم الدين ايوب جي گهر جنم ورتو.
19 سيپٽمبر 1763ع تي صوفي بزرگ خواجه گل محمد، لنواريءَ واري جو جنم ڏينھن آهي.
19 سيپٽمبر 1897ع تي عظيم سائنسدان ڊاڪٽر سليم الزمان صديقي لکنؤ ۾ پيدا ٿيو.
19 سيپٽمبر 1892ع تي ليکڪ قاضي عبدالرزاق، روهڙيءَ واري جو جنم ڏينھن آهي.
19 سيـپٽمبر 1909ع تي مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.
19 سيپٽمبر 1915ع تي سنڌ ۽ هند جي شاعر پرڀو وفا اصل نالو پرڀو جوتو مل ڇڳاڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
19 سيپٽمبر 1933ع تي باسڪٽ بال کي اولمپڪس ۾ شامل ڪيو ويو.
19 سيپٽمبر 1944ع تي ليکڪ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري نبي بخش کوسو جو جنم ڏينھن آهي.
19 سيپٽمبر 1960ع تي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽرنصير نظاماڻي جو جنم ڏينھن آهي.
19 سيپٽمبر 1960ع تي زائري اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
19 سيپٽمبر 1960ع تي ڪوبينن اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
19 سيپٽمبر 1960ع تي ڀارت سان دريائي پاڻيءَ تي معاهدو ٿيو.
19 سيپٽمبر 1960ع تي رولڊ ايئرويز جو جھاز ڪِري تباهه ٿيو، جنھن ۾ 78 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
19 سيپٽمبر 1970ع تي شاعر ۽ اديب رشيد احمد لاشاري حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
19 سيپٽمبر 1987ع تي اڳوڻو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پاڪسان جي نمائندگي لاءِ نيويارڪ روانو ٿيو.
20 سيپٽمبر 1810ع تي مشھور شاعر مير تقي مير وفات ڪئي.
20 سيپٽمبر 1911ع تي پير حسام الدين راشدي ولد محمد حامد شاهه راشد جي ولادت ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي رتي ديري ۾ نصرت اسٽيشن جي ڀر ۾ راشدي پيرن جي ڳوٺ بهمڻ ۾ ٿي. اديب سڃاڻپ: مايه ناز اسڪالر، محقق، مورخ، اديب، صحافي ۽ ٻين لاتعداد خوبين جو مالڪ هو.
20 سيپٽمبر 1933ع تي فلاسافر ۽ ٿيافسٽ، ايني بيسنت جي وفات ٿي.
20 سيپٽمبر 1938ع تي شاعر مسڪين سروري سرهاڙيءَ ۾ جنم ورتو.
20 سيپٽمبر 1947ع تي مصنف، سوانح نگار ۽ باباءِ قوم هيڪٽر بويٿو جو انتقال ٿيو.
20 سيپٽمبر 1949ع تي شاعر غالب سولنگي، ياروديرو ۾ جنم ورتو.
20 سيپٽمبر 1949ع تي بالي ووڊ جي فلمي ڊائريڪٽر مھيش ڀٽ جو جنم ڏينھن آهي.
20 سيپٽمبر 1956ع تي چين جو وزيراعظم، چواين لائي پھريون ڀيرو پاڪستان آيو.
20 سيپٽمبر 1961ع تي آئل گيس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جو قيام عمل ۾ آيو.
20 سيپٽمبر 1961ع تي محنتي استاد، بھترين ليکڪ ۽ سڄاڻ صحافي ڊاڪٽر عبدالحئي ابڙو نئون ڳوٺ تعلقي ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو.
20 سيپٽمبر 1965ع تي سلامتي ڪائونسل هڪ قرارداد منظور ڪئي جنھن ۾ پاڪستان ۽ انڊيا کي جنگ بند ڪرڻ جو چيو ويو.
20 سيپٽمبر 1981ع تي پاڪستان جي وفاقي ڪابينا اهو فيصلو ڪيو ته نوٽن تي ”رزق حلال عين عبادت هي“ پوئين حصي تي الفاظن لکڻ جي منظوري ڏني.
20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو کي شام جو ساڍي اٺين وڳي سندس رهائشگاهه 70 ڪلفٽن ڪراچي جي اڳيان پوليس مير مرتضيٰ جي جلوس کي روڪي ۽ مٿن فائرنگ ڪئي جنھن ۾ مير مرتضيٰ ساٿين سميت شھيد ٿيو. آخري آرام گاهه گڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اٿس.
21 سيپٽمبر 1187ع تي صلاح الدين ايوبي بيت المقدس تي پھتو.
21 سيپٽمبر 1853ع تي آخوند فضل علي ولد حافظ نصرپوريءَ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو.
21 سيپٽمبر 1866ع تي ماضي ۽ مستقبل جو موجد ايچ جي ويلز، جنم ورتو.
21 سيپٽمبر 1934ع تي پاڪستان جي مشھور رانديگر حنيف محمد جو جنم ڏينھن آهي. سندس جنم ڀارتي رياست گجرات ۾ ٿيو.
21 سيپٽمبر 1945ع تي عراق اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
21 سيپٽمبر 1945ع تي قطر اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
21 سيپٽمبر 1960ع تي احمد خان سھاڳ، سنڌي ٻوليءَ جو سگهڙ ۽ اديب دادو ۾ جنم ورتو.
21 سيپٽمبر 1971ع تي بحرين اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
21 سيپٽمبر 1972ع تي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه جي نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو ويو.
21 سيپٽمبر 1975ع تي ملائيشيا جو حڪمران تنڪو يحى پترا، اقتدار سنڀاليو.
21 سيپٽمبر 1978ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنما، غازي انعام نبي پرديسي جو وصال ٿيو.
21 سيپٽمبر 1988ع تي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. بلاول ڀٽو زرداري محترم بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جو پٽ آهي.
22 سيپٽمبر 1211ع تي ابن فلڪان جو جنم ٿيو.
22 سيپٽمبر 1808ع تي حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي، هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
22 سيپٽمبر 1922ع تي قادري طريقي جو بزرگ، برک عالم ۽ صاحب طريقت مولانا عبدالڪريم ٻير وارو ولد محمد عالم قريشي ڳوٺ ٻير تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
22 سيپٽمبر 1935ع تي وقت جو عارف، مجدد مولانا مخدوم غلام محمد ملڪاني وفات ڪئي.
22 سيپٽمبر 1938ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر، مضمون نگار، تحقيق، مقالا ۽ سفر نامه لکندڙ تاجل بيوس (تاج محمد سمون) ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقو سوڀو ديرو ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
22 سيپٽمبر 1940ع تي مالي، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
22 سيپٽمبر 1949ع رباط ۾، اسلامي سربراهه ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.
22 سيپٽمبر 1950ع تي سياسي اڳواڻ نثار احمد کھڙو ولد وڏيرو محمد نواز کھڙو لاڙڪاڻي شھر جي ويجهو ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
22 سيپٽمبر 1955ع تي سياستدان سيد نويد قمر جو جنم ڏينھن آهي.
22 سيپٽمبر 1961 تي شاعر، ڊراما نويس ۽ صحافي زاهد ملڪ جو اصل نالو محمد اسماعيل ولد مير محمد ملڪ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
22 سيپٽمبر 1979ع تي پاڪستان جو عالم دين، مولانا سيد ابوالاعلى مودودي لاڏاڻو ڪيو.
22 سيپٽمبر 1988ع اردو جي نامور شاعر ۽ اديب رئيس امروهي جو لاڏاڻو ٿيو.
22 سيپٽمبر 1992ع تي سنڌ جو مهان ڪلاسيڪل گويو استاد گلزار علي خان فالج جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪيو.
23 سيپٽمبر 1818ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جنم ورتو.
23 سيپٽمبر 1846ع تي گيليءَ نيپچون سيارو دريافت ڪيو.
23 سيپٽمبر 1908ع تي ليکڪ ۽ صحافي علي محمد ڀٽو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
23 سيپٽمبر 1923ع تي شاعر سيد احسن الهاشمي ”احسن“ ولد سيد مٺن شاهه ٽنڊو مير نور محمد لڳ گدو بندر شاهه لطيف آباد ۾ جنم ورتو.
23 سيپٽمبر 1934ع تي مشھور اديب وارث سرهندي جو جنم ڏينھن آهي.
23 سيپٽمبر 1947ع تي سنڌ جو امر ۽ عظيم انسان ڪشن چند بيوس 62 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
23 سيپٽمبر 1949ع تي ويٽ نام جي صدر رٽان ڊڪ تانگ، اقتدار سنڀاليو.
23 سيپٽمبر 1949ع تي پھريون جوهري ڌماڪو ٿيو.
23 سيپٽمبر 1955ع تي صحافي، ڊاڪٽر بدر الدين شيخ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
23 سيپٽمبر 1955ع تي پاڪستان معاهدو سنٽو ۾ داخل ٿيو.
23 سيپٽمبر 1962ع تي برصغير ۾ سڀ کان پھرين مسجد شريف عرب ڪاهه ڪندڙ محمد بن قاسم محرم الحرام 93هه مطابق 711ع ۾ ديبل يعني ڀنڀور ۾ جوڙائي جنھن جا آثار دريافت ٿيا آهن.
23 سيپٽمبر 1962ع تي استاد شاعر عبدالڪريم ”عبد“ ڳوٺ سپڙا تعلقو رتوديرو ۾ جنم ورتو.
23 سيپٽمبر 1965ع تي سڄاڻ ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن رفيق احمد انڍڙ تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ ستابي انڍڙ ۾ جنم ورتو.
23 سيپٽمبر 1971ع، ڪرڪيٽر معين خان جوجنم ڏينھن آهي.
23 سيپٽمبر 1976ع تي لبنان جي صدر الياس سيارڪس جو اقتدار سنڀاليو.
23 سيپٽمبر 1999ع تي ناليواري اديب ۽ سياسي اڳواڻ خالد سنڌي وفات ڪئي آخري آرام گاهه گلستان سجاد حيدرآباد جي مقام ۾ آهي.
23 سيپٽمبر 2004ع تي اردو جي مشھور شاعر تابش دهلوي جو لاڏاڻو ٿيو.
23 سيپٽمبر 2009ع تي شاعر سالڪ سولنگي لاڏاڻو ڪيو. آخري آرام گاهه لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
24 سيپٽمبر 1717ع تي مشھور اديب، هيرسي اول جنم ورتو.
24 سيپٽمبر 1902ع تي ايران جي مذهبي رهنما ۽ انقلابي ايران جي سرواڻ آيت الله روح الله خميني جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
24 سيپٽمبر 1924ع تي برصغير جي مشھور فنڪار محمد رفيع جنم ورتو.
24 سيپٽمبر 1953ع تي شاعر ۽ نثر نويس مولابخش ”مسڪين“ ڀٽو شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪيو.
24 سيپٽمبر 1959ع تي ڪافي گو شاعر محمد بخش ڪوجهي ولد الاهي بخش شيخ وفات ڪئي.
24 سيپٽمبر 1961ع تي مشھور شاعر، اديب ۽ صحافي محمد صديق مسافر وفات ڪئي.
24 سيپٽمبر 1963ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر ۽ راڳي اختر درگاهي ولد عبدالرحمان درگاهي، ميمڻ محلي رهڙي ۾ پيدا ٿيو. درگاهي سندس پاڙو آهي ذات جو ميربحر آهي.
24 سيپٽمبر 1978ع تي پاڪستان ۾ پھريون بيت المال قائم ٿيو.
24 سيپٽمبر 1986ع تي فلسطيني ڪيمپن تي اسرائيل جي جھازن زبردست بمباري ڪئي.
24 سيپٽمبر 1993ع تي نالي وارو محقق، نقاد ۽ مورخ ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ وفات ڪئي. حيدرآباد جي مڪلي قبرستان ۾ آخري آرامگاهه اٿس.
24 سيپٽمبر 1995ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي هڪ ڪلو واٽ ايف ايم چئنل جي نشريات جو افتتاح وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڪيو.

25 سيپٽمبر 1887ع تي مشھور نثر نويس ۽ شاعر محمد صالح ڀٽي ولد مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي پراڻن هالن ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
25 سيپٽمبر 1903ع تي عالم دين مولانا سيد ابوالاعلى مودوديءَ جنم ورتو.
25 سيپٽمبر 1917ع تي راڳي ڀڳت جيتو رام روهڙيءَ واري جو جنم ڏينھن آهي.
25 سيپٽمبر 1929ع تي علامه اقبال جي استاد مولانا امير حسن جو لاڏاڻو ٿيو.
25 سيپٽمبر 1934ع تي شاعر سڄڻ قبولائي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
25 سيپٽمبر 1936ع تي مير غلام اڪبر مشتاق ٽالپر شهداداڻي ٽالپرن جي ڄاماڻي پاڙي جي خاندان ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
25 سيپٽمبر 1937ع تي ليکڪ نند دوارڪا داس اسيواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪستان جي ڀارت سان جنگ ختم ٿي.
25 سيپٽمبر 1969ع تي شاعره ۽ ليکڪا بانو محبوب جوکيو محرابپور، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائي.
25 سيپٽمبر 1978ع تي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي آئي.
25 سيپٽمبر 1981ع تي ممتاز سياسي رهنما چوڌري ظھور الاهي جو قتل ٿيو.
25 سيپٽمبر 1996ع تي صوفي شاعر، صوفي ولي محمد تراب لاڏاڻو ڪيو.
26 سيپٽمبر 1893ع تي چين جي رهنما مائوزيتنگ جنم ورتو.
26 سيپٽمبر 1923ع تي باليووڊ اداڪار ديوآنند جو جنم شڪر ڳڙهه، گرداس پور پنجاب ۾ ٿيو.
26 سيپٽمبر 1932ع تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه جو جنم ڏينھن آهي.
26 سيپٽمبر 1947ع تي قائداعظم محمد علي جناح رح، وليڪا ٽيڪسٽائيل مل جو افتتاح ڪيو.
26 سيپٽمبر 1955ع تي اداڪار جگديش شرما جو جنم ڏينھن آهي.
26 سيپٽمبر 1957ع تي همير شولڊ اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل بڻيو.
26 سيپٽمبر 1959ع تي آزادي ۽ سماج لاءِ جاکوڙيندڙ شيخ عبدالعزيز قنڌاري جو لاڏاڻو ٿيو.
26 سيپٽمبر 1960ع تي سياستدان الھه بخش گبول جو لاڏاڻو ٿيو.
26 سيپٽمبر 1960ع تي اڳوڻي وزيراعظم آءِ آءِ چندريگر جو لاڏاڻو ٿيو، سندس اصل نالو ابراهيم اسماعيل هو.
26 سيپٽمبر 1976ع تي ليکڪ امداد سولنگي جو جنم ڏينھن آهي.
26 سيپٽمبر 1984ع تي لاهور ۾، اقبال ميوزيم جو افتتاح ٿيو.
26 سيپٽمبر 1996ع تي نامور موسيقار ماسٽر غلام علي جو وڇوڙو ٿيو.
26 سيپٽمبر 1996ع تي ليکڪ نور سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو.
26 سيپٽمبر 2007ع قانوندان ۽ ليکڪ انور الدين سرڪي راهه رباني ورتي.
27 سيپٽمبر 1328ع تي مفڪر ۽ عالم دين محدث ابن تيميھ جو وصال ٿيو.
27 سيپٽمبر 1852ع تي دنيا جي پھرين ريل گاڏي هلي.
27 سيپٽمبر 1857ع تي سگهڙ، قاضي الھورايو نظاماڻي جو جنم ڏينھن آهي.
27 سيپٽمبر 1935ع تي شاعر، ڊاڪٽر قيوم تاراز شڪارپور ۾ جنم ورتو.
27 سيپٽمبر 1961ع تي مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس ولد مولانا محمد قاسم سومرو ڳوٺ چنيهاڻي ۾ ڄائو.
27 سيپٽمبر 1962ع تي نيل آرسٽرانگ، آمريڪا جي قومي خلائي نظامت ۾ خلاباز طور داخل ٿيو.
27 سيپٽمبر 1962ع تي شاعر محبت لونگاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
27 سيپٽمبر 1966ع تي ليکڪ، سيد پناهه علي شاهه لاڏاڻو ڪيو.
27 سيپٽمبر 1969ع تي بوليون ايئرويز جو جھاز تباهه ٿيو.
27 سيپٽمبر 1970ع تي ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽي جو جنم ڏينھن آهي.
27 سيپٽمبر 2013ع تي تاريخ جو ڄاڻو، چاچو علي نواز کوسو جو وڇوڙو ٿيو.
27 سيپٽمبر 2013ع شاعر شاهن باڊاهيءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1861ع تي قادر الڪلام شاعر، عالم، اديب پير علي اصغر شاهه راشدي ولد پير حزب الله شاهه (تخت ڌڻي) پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
28 سيپٽمبر 1895ع تي مشھور سائنسدان لوئي پاسچر جو انتقال ٿيو.
28 سيپٽمبر 1900ع تي راشد خيريءَ پٽ رزاق خيري جو جنم ٿيو.
28 سيپٽمبر 1924ع تي سندري اتمچنداڻيءَ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ، ناول، ڊراما، ڪھاڻيون ۽ مضمون طور اٿس.
28 سيپٽمبر 1929ع تي ليجنڊ گلوڪاره لتا منگيشڪر ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي ’اندور‘ شھر ۾ جنم ورتو.
28 سيپٽمبر 1944ع تي اعجاز علي بيگ مرزا سنڌ جي نامياري عالم مرزا قليچ بيگ جي پُٽَ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جنم ورتو.
28 سيپٽمبر 1946ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر ماجد خان جو جنم ڏينھن آهي.
28 سيپٽمبر 1951ع تي فائن آرٽ جي دنيا ۾ سنڌ جو ناميارو مصور پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي حيدرآباد ۾ ڄائو.
28 سيپٽمبر 1954ع تي شاعر مراد علي ڪاظمي جو لاڏاڻو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1969ع تي پاڪستاني فلمن جو مقبول اداڪار نديم جي شادي فرزانه احتشام سان ٿي.
28 سيپٽمبر 1970ع تي مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبدالناصر جو وڇورو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1973ع تي نوجوان شاعر انور پرديسي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
28 سيپٽمبر 1975ع تي مذهبي عالم، محمد هاشم جان سرهنديءَ جو وڇوڙو ٿيو.
28 سيپٽمبر 1984ع تي مديحه پرديش ۾ اردو اڪيڊميءَ، علامه اقبال کي خراج پيش ڪرڻ جي طور تي صوبي ۾ اقبال ادبي مرڪز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
28 سيپٽمبر 1984ع تي لاهور جي هوائي اڏي تي سڀ کان پھريان مسافرن کي پرواز جي ذريعي اطلاع ڏيڻ لاءِ ڪمپيوٽر جو نظام قائم ٿيو.
28 سيپٽمبر 1988ع تي گلوڪاره پارس علي پارس جو جنم ڏينھن آهي.
29 سيپٽمبر 1725ع تي رابرٽ ڪلائيو جو جنم ڏينھن آهي.
29 سيپٽمبر 1904ع تي ليکڪ سريچند ميوارام جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
29 سيپٽمبر 1939ع تي شاعر دولت عيدناڻي جو جنم ڏينھن آهي.
29 سيپٽمبر 1946ع تي نواب آف ڀوپال ۽ قائداعظم جي ملاقات ٿي.
29 سيپٽمبر 1959ع تي شاعر وفا لانگاهه جو جنم ڏينھن آهي.
29 سيپٽمبر 1965ع تي شاعر گل نصرپوري جو وڇوڙو ٿيو.
29 سيپٽمبر 1967ع تي نالي واري شاعر ماڻڪ ملاح سڪرنڊ ۾ جنم ورتو.
29 سيپٽمبر 1978ع تي رومن ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني پيشوا، پوپ جان پال (اول) جو لاڏاڻو ٿيو.
29 سيپٽمبر 1981ع تي شاعر ميان جان محمد عباسي شاد ٻورڙائي جو لاڏاڻو ٿيو.
29 سيپٽمبر 1996ع تي ماهر لسانيات ۽ شاعر پروفيسر علي نواز جتوئي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
29 سيپٽمبر 2004ع تي سنڌ جي بزرگ سياسي شخصيت سيد امداد محمد شاهه لاڏاڻو ڪيو کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
30 سيپٽمبر 1207ع تي فلسفي، اسلام ۽ تصوف جو سڀ کان وڏو مفسر مولانا جلال الدين رومي جنم ورتو.
30 سيپٽمبر 1897ع تي ڊاڪٽر علي احمد قاضي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پاڻ بااصول آفيسر، اديب ۽ زنده دل انسان هو.
30 سيپٽمبر 1925ع تي بي بي سي لنڊن، ٽيلي ويزن جو پھريون پروگرام نشر ڪيو.
30 سيپٽمبر 1936ع تي نامور شاعر پرويز فنا سيد جو جنم ڏينھن آهي.
30 سيپٽمبر 1944ع تي ڪلهوڙا عباسي خاندان جي معروف شخصيت حاجي منور علي ولد حاجي خان محمد عباسي پنھنجي اباڻي ڳوٺ وليدن ۾لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
30 سيپٽمبر 1947ع تي پاڪستان اقوامِ متحده جو ميمبر ٿيو.
30 سيپٽمبر 1960ع تي جمھوريه ڪيمرون اقوام متحده جو ميمبر ٿيو.
30 سيپٽمبر 1987ع تي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، پاڪستان ٽوئرزم ڪنوينشن جو افتتاح ڪيو.

آڪٽوبر

عيسوي سال جو ڏهون مھينو آڪٽوبر آهي. آڪٽوبر لاطيني زبان جو لفظ ”آڪٽو“ (OCTO) مان ورتل آهي. هن مھيني ۾ زمين سج جي چؤطرف پنھنجي مدارتي ٽئين چوٿائي کان وڌيڪ سفر ڪري چڪي هوندي آهي. اتر اڌ گول سج کان پري ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. اتر اڌ گول ۾ ڏينھن رات کان ننڍو ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ ڏينھن رات کان وڏو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. اتر اڌ گول ۾ سياري ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ اونهاري جي موسم جو آغاز ٿيندو آهي. هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين آڪٽوبر 1920ع تي سنڌ جو نامور شاعر، اديب، ڊرامه نويس ۽ صحافي زيب عاقلي اصل نالو عبدالحق سومرو لاڙڪاڻي شھر ڀرسان ڳوٺ عاقل خالد ۾ ڄائو.
پھرين آڪٽوبر 1940ع تي سنڌ جو ترقي پسند قومي شاعر سرڪش سنڌي اصل نالو عبدالمجيد ولد مولوي عبدالله چانڊيو ڳوٺ ڀلي پوٽا لڳ رام جي سيتا ضلعي دادو ۾ ڄائو.
پھرين آڪٽوبر 1944ع تي نامور محقق جيئل اوڏ ولد اتم چند اوڏ ڳوٺ شاهه پاڙي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آڪٽوبر 1949ع تي سگهڙ محمد لقمان کوکر جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين آڪٽوبر 1957ع تي ناميارو شاعر اڪبر ساگر اصل نالو علي اڪبر جوکيو شڪارپور ڳوٺ چوڏهيو سڌايو شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
پھرين آڪٽوبر 1964ع تي يوسف سنڌي (اصل نالو محمد يوسف ميمڻ دڙو شھر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ، محقق، مترجم، نقاد، ڪھاڻيڪار ۽ پبلشر اٿس.
پھرين آڪٽوبر 1973ع تي ڪمپيئر ۽ ڊراما آرٽسٽ ارباب علي ميمڻ ڳوٺ سونو جتوئي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين آڪٽوبر 1977ع تي شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر سھراب گوپانگ رستم خان گوپانگ ڳوٺ پليو خان گوپانگ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پھرين آڪٽوبر 1982ع تي گلوڪاره ديبا ڪنول بدين ۾ جنم ورتو.
2 آڪٽوبر 1928ع تي شاعر ايشور نارائڻداس شرما آنچل جنم ورتو.
2 آڪٽوبر 1934ع تي ماهر تعليم ۽ سماجي اڳواڻ انيتا غلام علي ڪراچي ۾ جنم ٿيس.
2 آڪٽوبر 1948ع تي الطاف اثيم ولد محمد ايوب منگي راڻي پور شھر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعر، تحقيق، تاريخ ۽ آثار قديم اٿس.
2 آڪٽوبر 1962ع تي ناز سنائي اصل نالو محمد عثمان ميمڻ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ اديب، تنقيد نگار، ايڊيٽر ۽ پبلشر اٿس.
2 آڪٽوبر 1971ع تي نوجوان ليکڪه، شاعره ۽ وڪيل ڪلپنا ديوي جنم ورتو.
3 آڪٽوبر 1789ع تي مشھور ليکڪ پاٽينچر هينري جو جنم ڏينھن آهي.
3 آڪٽوبر 1828ع تي مشھور ڪافي گو شاعر مصري شاهه نصرپوري ولد سيد بلند شاهه نصرپور جي رضوي ساداتن جي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.
3 آڪٽوبر 1926ع تي مصطفى ڪمال پاشا، اتاترڪ جو پھريون مجسمو استنبول ۾ نسب ڪيو ويو.
3 آڪٽوبر 1929ع تي مملڪت سَرون جو نالو تبديل ڪري يوگوسلاويه رکيو ويو.
3 آڪٽوبر 1932ع تي عراق، برطانيه کان مڪمل آزادي حاصل ڪري، ليگ آف نيشنز جي رڪنيت اختيار ڪئي.
3 آڪٽوبر1941ع تي عنايت بلوچ ولد غلام نبي اداسي بلوچ احمدپور ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛- ناميارو شاعر، اديب، ۽ براڊڪاسٽر اٿس.
3 آڪٽوبر 1943ع تي فلمي دنيا جي مشھور اداڪاره زيبا جو جنم ڏينھن آهي.
3 آڪٽوبر 1947ع تي هڪ اجلاس ۾ جمون ڪشمير لاءِ هڪ عارضي ۽ انقلابي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
3 آڪٽوبر 1949ع تي موشي دايان ميجر جنرل جي عھدي تي فائـز ٿيو.
3 آڪٽوبر 1952ع تي برطانيه ۾ پھريون ايٽمي ڌماڪو ڪيو ويو.
3 آڪٽوبر 1960ع تي فرانس، موريطانيه کي آزادي ڏني.
3 آڪٽوبر 1961ع تي ليکڪ روشن آرا ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
3 آڪٽوبر 1963ع تي صحافي نعيم اختر جو جنم ڏينھن آهي.
3 آڪٽوبر 1977ع تي ڀارتي وزراعظم اندرا گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو.
3 آڪٽوبر 1986ع تي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايلين بارڊر، ڀارت ۾ ٽيسٽ کيڏندي 10 هزار رنسون مڪمل ڪيون.
3 آڪٽوبر 1986ع تي آمريڪا جي طرفان ڀارت کي دفاعي فوج جديد بڻائڻ لاءِ تعاون پيش ڪيو.
4 آڪٽوبر 1855ع تي هالن جي مذهبي عالم، آخوند عبدالصمد ثانوي جو وصال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1910ع تي اسپين ۾ جمھوريت قائم ٿي ۽ شھنشاهه مينول (ٻيو) انگلستان ۾ پناهه ورتي.
4 آڪٽوبر 1919ع تي ويهين صدي جي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ، اصل نالو مخدوم محمد زمان ولد مخدوم غلام محمد هالا نوان ۾ پيدا ٿيو.
4 آڪٽوبر 1924ع تي آمريڪا جو وزير تجارت ميلڪم بيلڊرج جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1928ع تي سجاد باقر رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1947ع تي جمون ڪشمير جي مھا راجا هري سنگهه کي اقتدار تان هٽايو ويو.
4 آڪٽوبر 1947ع تي خيرپور رياست پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.
4 آڪٽوبر 1948ع تي ناميارو قانوندان سر غلام حسين هدايت ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
4 آڪٽوبر 1948ع تي مولانا مودودي کي جماعت اسلامي جي ريليءَ مان گرفتار ڪيو ويو.
4 آڪٽوبر 1953ع تي بائيبل جو پھريون مڪمل انگريزي ترجمو سوئٽزرلينڊ ۾ شايع ٿيو.
4 آڪٽوبر 1957ع تي روس ملڪ پھريون مصنوعي سيٽلائٽ اڏايو.
4 آڪٽوبر 1957ع تي انسان خلائي دور ۾ داخل ٿيو.
4 آڪٽوبر 1967ع تي نوجوان شاعر ۽ ايڊيٽر اياز جاني اصل نالو اياز حسين ولد قربان علي ميمڻ رحمت پور محلي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
4 آڪٽوبر 1977ع تي نئين ٽھيءَ جي شاعر ۽ نثر نويس رضوان گل پورو نالو رضوان الحق پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو.
4 آڪٽوبر 1978ع تي بالي ووڊ اداڪاره سوها علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
4 آڪٽوبر 1987ع تي پاڪستان جي سابق وزير خارجه ميان ارشد حسين جو وصال ٿيو.
4 آڪٽوبر 1995ع تي ناليواري گلوڪار مسعود رانا جو وڇوڙو ٿيو.
5 آڪٽوبر 1595ع تي مغل حڪمران اڪبر جي رتن فيضي جو وصال ٿيو.
5 آڪٽوبر1830ع تي آمريڪا جي 21 هين صدر آرٿر چيٿر ايلن جو جنم ڏينھن آهي.
5 آڪٽوبر 1864ع تي شديد طوفان جي سبب ڪلڪتي جو وڏو حصو متاثر ٿيو جنھن ۾ تقريباً سٺ هزار انسان اجل جو شڪار ٿيا.
5 آڪٽوبر 1924ع تي علامه اقبال جي پٽ جاويد اقبال جو جنم ڏينھن آهي.
5 آڪٽوبر 1939ع تي ناليوارو اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو ڳوٺ مبارڪ ٻرڙي، تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
5 آڪٽوبر 1954ع تي مشھور سياستدان اعجاز علي خان جتوئي ولد رئيس عبدالحميد خان جتوئي ضلعي دادو جي ٻيٽي جاگير ۾ ڄائو.
5 آڪٽوبر 1956ع تي سنڌ جي نامياري قومپرست سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو پورو نالو دودو ولد محمد صالح مهيري ڳوٺ بجاري شريف، تعلقي ڪڙيي گهنور (موجوده شھيد فاضل راهو) ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
5 آڪٽوبر 1957ع تي اداڪار، هدايتڪار ۽ ڊراما نگار اسلم ڀٽو جو جنم ڏينھن آهي.
5 آڪٽوبر 1966ع تي نوجوان شاعر رياض سمون اصل نالو رياض حسين ولد غلام علي سمون لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
5 آڪٽوبر 1966ع تي صوفي سيد مقبول حسين جھانيان جنم ورتو ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
5 آڪٽوبر 1978ع تي ممتاز اديب، صحافي ۽ شاعر ضياءَ الحسن موسوي جو وڇوڙو ٿيو.
5 آڪٽوبر 1984ع تي آمريڪي خلائي جھاز چيلنجر سفر تي روانو ڪيو ويو.
5 آڪٽوبر 1987ع تي اڳوڻي عالمي هيوي ويٽ باڪسنگ چيمپئن محمد علي ۽ سندس گهر واري پاڪستان جو دورو ڪيو.
5 آڪٽوبر 1989ع تي تبت جو ملڪ بدر روحاني پيشوا دلائي لاما کي نوبل انعام ڏنو ويو.
5 آڪٽوبر 2011ع تي آمريڪي ڪمپني ايپل جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ان جي باني اسٽيو جابس جو انتقال ٿيو.
6 آڪٽوبر 1878ع تي سماجي ورڪر سيٺ گيانچند موٽواڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
6 آڪٽوبر 1927ع تي پھرين مڪمل ڳالهائيندڙ فلم، دي جيز سنگر پيش ڪئي وئي.
6 آڪٽوبر 1946ع تي بالي ووڊ اداڪار ونود کنا جو جنم ڏينھن آهي.
6 آڪٽوبر1955ع تي پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد استعفى ڏني.
6 آڪٽوبر 1955ع تي اسڪندر مرزا پاڪستان جو گورنر جنرل بڻيو.
6 آڪٽوبر 1959ع تي شاعر منظور ڪنڀر جو جنم ڏينھن آهي.
6 آڪٽوبر 1959ع تي پھرين تصوير وٺڻ واري ڪامياب خلائي مشين سوويت ليونا ٿر چنڊ تي لٿي.
6 آڪٽوبر 1962ع تي يوگنڊا کي آزادي حاصل ٿي.
6 آڪٽوبر 1973ع تي چوٿين عرب اسرائيل جنگ شروع ٿي.
6 آڪٽوبر 1980ع تي نوجوان شاعر امر پيرزادو جنم ورتو.
6 آڪٽوبر 1981ع تي مصر جي صدر انور سادات کي قائره ۾ قتل ڪيو ويو.
6 آڪٽوبر 1988ع تي مشھور شاعر رفيع صابر مٿرادي جو وڇوڙو ڪراچيءَ ۾ ٿيو.
6 آڪٽوبر 2006ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر آثم ناٿن شاهي لاڏاڻو ڪيو.
7 آڪٽوبر 1853ع تي سنڌي ادب جو سچو خدمتگار چوٽي جو نثر نويس ۽ اعليٰ پايي جو شاعر شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد مرزا فريد ون بيگ ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ڄائو.
7 آڪٽوبر 1922ع تي ونيز ويلا جو صدر ڪارلس اينڊ رنر پيرز جنم ورتو.
7 آڪٽوبر 1942ع تي آمريڪا ۽ برطانيه حڪومت اقوامِ متحده جو بنياد وجهڻ جو اعلان ڪيو.
7 آڪٽوبر 1958ع تي پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو مارشل لا نافذ ٿيو.
7 آڪٽوبر 1958ع تي محقق ۽ ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري جو جنم ڏينھن آهي.
7 آڪٽوبر 1964ع تي پاڪستان حڪومت جنوبي آفريڪا سان تمام برآمدي تجارت ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
7 آڪٽوبر 1968ع تي ڊاڪ جي اداري ٻارن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان هڪ يادگار ٽڪلي جاري ڪئي.
7 آڪٽوبر 1975ع تي شاعر منور ڪلھوڙو جو جنم ڏينھن آهي.
7 آڪٽوبر 1984ع تي ڪرڪيٽر سلمان بٽ جو جنم ڏينھن آهي.
7 آڪٽوبر 1988ع تي تحريڪ پاڪستان ۽ تحريڪ خلافت جو سرگرم رڪن مولوي محمد عظيم شيدا جو وڇوڙو ٿيو.
7 آڪٽوبر 1999ع تي مشھور اديب ۽ محقق محمد علي حداد لاڏاڻو ڪيو.
7 آڪٽوبر 2011ع تي محقق ۽ ليکڪ نقش ناياب منگي جو وڇوڙو ٿيو.
8 آڪٽوبر 1831ع تي خان محمد چنجني ولد مير محمد چنجڻي ڳوٺ ميان داد چنجڻي تعلقي وارهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ صاحب ديوان شاعر، حاجي خانڻ جي نالي سان مشھور هو.
8 آڪٽوبر 1927ع تي مشھور قانوندان جسٽس عبدالرزاق ٿھيم جيڪب آباد جي ڳوٺ شيرانپور ۾ جنم ورتو.
8 آڪٽوبر 1929ع تي محمد نادر خان، ڪابل، افغانسان تي قبضو ڪيو.
8 آڪٽوبر 1930ع تي منصور ويراڳيءَ مانجهند ضلعي دادو ۾ جنم ورتو ادبي سڃاڻپ؛ شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار اٿس. اصل نالو (عبدالرؤف ابڙو) اٿس.
8 آڪٽوبر 1931ع تي سويزادر سوڊان جي باري ۾ا ينگلو مصري معاهدو ختم ٿيو.
8 آڪٽوبر 1932ع تي ليکڪ جيوت چاوله جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
8 آڪٽوبر 1948ع تي آمريڪي صدر هيري ٽرومين، اعلان ڪيو ته آمريڪا ايٽم به جو راز صرف برطانيه ۽ ڪينيڊا کي ڏيندو.
8 آڪٽوبر 1950ع تي خليق الزمان جي وڃڻ کان پوءِ وزيراعظم لياقت علي خان کي مسلم ليگ جو صدر منتخب ڪيو ويو.
8 آڪٽوبر 1952ع تي ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول ”دي اولڊ مين اينڊ دي سي-The Old man and the Sea“ شايع ٿيو.
8 آڪٽوبر 1955ع تي ليکڪ ۽ ڪالم نگار دلشاد ڀٽو سينئر جو جنم ڏينھن آهي.
8 آڪٽوبر 1974ع تي شاعر ذوالفقار ساحل شاهاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
8 آڪٽوبر 1975ع تي نئين ٽھيءَ جو شاعر خطائي ٿيٻو اصل نالو جاڙو خان ولد سالار ٿيٻو ساماري شھر ۾ جنم ورتو.
8 آڪٽوبر 1983ع تي نوجوان اديب منير چانڊيو قنبر ۾ ڄائو.
8 آڪٽوبر 1987ع تي زيلائنس ورلڊ ڪپ جو افتتاح حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ڪيو.
8 آڪٽوبر 1987ع تي پاڪستان ريلائنس ورلڊ ڪپ ميچ ۾ سريلنڪا کي 15 رنسن تان هارايو.
9 آڪٽوبر 1871ع تي شڪاگو جو ڪافي علائقو آتشزدگيءَ سبب تباهه ٿيو.
9 آڪٽوبر 1934ع تي يوگو سلاويه جو سربراهه اليگزينڊر اول کي قتل ڪيوويو.
9 آڪٽوبر 1951ع تي چوهدري محمد علي پاڪستان جو وزير خارجه مقرر ٿيو.
9 آڪٽوبر 1967ع تي ڪيوبا جي نالي واري شخصيت چي گويرا جي وڇوڙي جو ڏينھن آهي.
9 آڪٽوبر 1971ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار عبدالرزاق ولد حڪيم هدايت الله ڪلهوڙو ڳوٺ ڀاوند لاکا ۾ پيدا ٿيو.
9 آڪٽوبر 1972ع تي نوجوان شاعره گل بيبي بخاري ولد ولي محمد شاهه بخاري ٺٽي ۾ جنم ورتو.
9 آڪٽوبر 1976ع تي مشھور شاعر ۽ اديب آغا عبدالنبي عليگ وفات ڪئي.
9 آڪٽوبر 1976ع تي شاعر، ريڊيو ڪمپيئر، وڪيل ۽ سماجي ورڪر امتياز احمد شاهاڻي، ولد غلام محمد شاهاڻي لاڙڪاڻي لڳ ڳوٺ شاهه يارو ۾ جنم ورتو.
9 آڪٽوبر 1976ع تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي تعاون سان، بينڪ الجزيره پنھنجو ڪم شروع ڪيو.
9 آڪٽوبر 1987ع تي برطانيه جي شھزادي اليگزينڊر پاڪستان جي دوري تي آئي.
9 آڪٽوبر 1992ع تي سنڌ جو عوامي شاعر استاد بخاري ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو آخري آرامگاهه ضلعي دادوءَ ۾ اٿس.
9 آڪٽوبر 1999ع تي ماهر تعليم، عالم، مدبر ۽ دانشور سيد غلام مصطفيٰ شاه ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
9 آڪٽوبر 2007ع تي ليکڪ غلام نبي شاهاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
10 آڪٽوبر 1911ع تي چين جمھوريت پسند هجڻ جو اعلان ڪيو.
10 آڪٽوبر 1914ع تي تحريڪ پاڪستان جو ممتاز رهنما سردار امير اعظم خان جو جنم ٿيو.
10 آڪٽوبر 1997ع تي ناميارو شاعر، مصور سيد منظور نقوي لاڏاڻو ڪيو.
10 آڪٽوبر 1948ع تي پاڪستان جو مشھور ڪلاسيڪل موسيقار نصرت فتح علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
10 آڪٽوبر 1950ع تي مشھور اديبه شھناز بٽ جو جنم ڏينھن آهي.
10 آڪٽوبر 1959ع تي نامور تعليمات، عالم ۽ اديب آغا تاج محمد خان حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
10 آڪٽوبر 1967ع تي اديب، عالم ۽ مزاحمتي شاعر خليل کوسو ڳوٺ حاجي علي محمد کوسي لڳ مسڻ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ پيدا ٿيو.
10 آڪٽوبر 1974ع تي مشھور شاعر بھزاد لکنوي جو وڇوڙو ٿيو.
10 آڪٽوبر 1977ع تي نوجوان شاعر نماڻو صديق مھيسر، اصل نالو محمد صديق مھيسر ڳوٺ پپري، ميھڙ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
10 آڪٽوبر 1984ع تي شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ساجد زخمي چانڊيو ولد ڄام خان چانڊيو (زخمي چانڊيو) جوابپور چانڊيو، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
10 آڪٽوبر 1997ع تي ناميارو شاعر ۽ مصور سيد منظور نقوي لاڏاڻو ڪيو.
11 آڪٽوبر 1492ع تي ڪومبس آمريڪا پھتو.
11 آڪٽوبر 1737ع تي ڪلڪتي ۾ زلزلي جي ڪري تقريباً 3 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
11 آڪٽوبر 1860ع تي مذهبي عالمِ دين مخدوم فضل الله جو وڇوڙو ٿيو.
11 آڪٽوبر 1907ع تي تعليمي ماهر ايم.ايڇ خواجه سنڌ جي تاريخي شھر ملاڪا تيار ۾ جنم ورتو.
11 آڪٽوبر 1915ع تي شاعر ۽ ايڊيٽر سيد اظھر گيلاني ڳوٺ لعلو تعلقي گهوٽڪي ۾ جنم ورتو.
11 آڪٽوبر 1932ع تي مشھور اديب ارشاد الحق قدسي جو جنم ڏينھن آهي.
11 آڪٽوبر 1942ع تي بالي ووڊ جي نامياري اداڪار اميتاڀ بچن الھه آباد ۾ جنم ورتو.
11 آڪٽوبر 1944ع تي سياستدان ۽ وڪيل اڳواڻ، امداد علي اعواڻ سکر ۾ جنم ورتو.
11 آڪٽوبر 1949ع تي سنڌ جو مهان ڏاهو عبدالواحد آريسر ڳوٺ وائوڙي ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ سياسات، تحقيق، مترجم ۽ فلسفو اٿس.
11 آڪٽوبر 1974ع تي شاعر نواز ڏاهريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
11 آڪٽوبر1986ع تي آمريڪا جي صدر ريگن ۽ روس جي صدر گوربا چوف ۾ مذاڪرو ٿيو.
11 آڪٽوبر 2008ع تي مشھور فلمي اداڪار بدر منير لاڏاڻو ڪري ويو.
11 آڪٽوبر 2012ع تي سياستدان شير افگن خان نيازيءَ جو وڇوڙوٿيو.
12 آڪٽوبر 1939ع تي مشھور صوفي شاعر ٻڍل فقير لاڏاڻو ڪيو. ٻڍل فقير 1865ع ۾ شڪارپور لڳ ڳوٺ بخشي انڙ ۾ پيدا ٿيو.
12 آڪٽوبر 1912ع تي سياستدان علي گوهر لاهوري جو جنم ڏينھن آهي.
12 آڪٽوبر 1939ع تي سنڌ جي نالي واري ڪھاڻيڪار، ۽ روح رهاڻ مئگزين جو ايڊيٽر حميد سنڌي (عبدالحميد ميمڻ) نوشھرو فيروز ۾ زندگي جي اک کولي.
12 آڪٽوبر 1944ع تي غلام نبي مغل حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ ناول نگار ۽ افسانه نگار اٿس.
12 آڪٽوبر 1946ع تي روزاني ڊان اخبار جو آغاز ٿيو.
12 آڪٽوبر 1947ع تي ڪھاڻيڪار، مزاحيه ڪالم، تنقيد ۽ تبصرا نگار غلام مستانو سيوهاڻي ابڙو ڳوٺ پياري واهڻ تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 آڪٽوبر 1950ع تي سنڌ جو ناليوارو اديب مدد علي سنڌي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
12 آڪٽوبر 1965ع تي نوجوان صحافي، ڪالم نگار ۽ شاعر اعجاز منگي ولد نجم الدين منگي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
12 آڪٽوبر 1972ع تي مشھور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
12 آڪٽوبر 1973ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر مولانا غلام قادر مھيسر وفات ڪئي. جنھن جو تعلق ميروخان جي ڳوٺ بکر مھيسر سان هو.
12 آڪٽوبر 1984ع تي پاڪستان هاڪي فائينل کٽي اولمپڪ چيمپئين بڻيو.
12 آڪٽوبر 1986ع تي راجيو گانڌي ۽ وائنبرگر جي وچ ۾ مذاڪرو ٿيو.
12 آڪٽوبر 1996ع تي شاعر، نقاد امير علي چانڊيو حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
12 آڪٽوبر 1999ع تي پاڪستاني فوج جي سربراهه، چيف آف آرمي اسٽاد جنرل پرويز مشرف پاڪستاني حڪومت سنڀالي.
13 آڪٽوبر 1240ع تي برصغير جي پھرين خاتون حڪمران رضيه سلطانه کي قتل ڪيو ويو.
13 آڪٽوبر 1718ع تي مذهبي عالمِ دين مفتي محمد رفيق جو وصال ٿيو.
13 آڪٽوبر 1867ع تي ليلا رام خاڪي پٽ وطن مل ٺيڪواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ غزل گو شاعر، نقاد، ناٽڪ نويس ۽ شارح شاهه لطيف هو.
13 آڪٽوبر 1884ع تي مصور ۽ شاعر، جنھن کي سنڌ ۾ ”مدر ايليا“ چيو ويندو هو ايلسا قاضي جو جنم جرمنيءَ جي روڊل اسٽاپ نالي هڪ ننڍڙي شھر ۾ ٿيو.
13 آڪٽوبر 1907ع تي نواب محسن الملڪ جو وڇوڙو ٿيو.
13 آڪٽوبر 1914ع تي گيريٽ مورگن، گيس ماسڪ ايجاد ڪيو.
13 آڪٽوبر 1923ع تي انقره جمھوريه، ترڪي جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو.
13 آڪٽوبر 1928ع تي نامور ڀارتي اداڪار ۽ سنڌي ناٽڪ جي قدآوار شخصيت جيون گرسھاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
13 آڪٽوبر 1935ع تي علامه اقبال وصيت نامو لکيو.
13 آڪٽوبر 1958ع تي شاعر خليل لاکير جو جنم ڏينھن آهي.
13 آڪٽوبر1966ع تي ليکڪ نوشاد کوسو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
13 آڪٽوبر 1972ع تي روسي ايئرلائينز جو جھاز ماسڪو جي ويجهو ڪِري تباهه ٿيو.
13 آڪٽوبر 1982ع تي سياستدان، اديب، شاعر ۽ سماجي ورڪر قاضي فيض محمد راهه رباني ورتي.
13 آڪٽوبر 1987ع تي آمريڪي بحريه، خليج فارس ۾ پھريون دفعو ڏولفنن کي فوجي ڪاروائي لاءِ استعمال ڪيو.
13 آڪٽوبر 1987ع تي هندستان جو مشھور فلمي گلوگار ڪشور ڪمار (ابھاس ڪمار گنگولي) دنيا کي الوداع ڪيو.
13 آڪٽوبر 2002ع تي سياسي ورڪر ڊاڪٽر احسان علي مھيسر جو لاڏاڻو ٿيو.
14 آڪٽوبر 1878ع تي پھريون فلڊلٽ بال ٽورنامينٽ برطانيه جي شھر برمالين ۾ کيڏيو ويو.
14 آڪٽوبر 1890ع تي آمريڪي صدر آئزن هاور جو جنم ڏينھن آهي.
14 آڪٽوبر 1921ع تي شاعر شفيع محمد ”اوج“ علوي ولد در محمد اوج علوي جنم ورتو.
14 آڪٽوبر 1950ع تي ليکڪ ابراهيم خشڪ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
14 آڪٽوبر 1954ع تي پيراگوئي اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
14 آڪٽوبر 1955ع تي وحدت مغربي پاڪستان، يعني ون يونٽ وجود ۾ آيو.
14 آڪٽوبر 1955ع تي ون يونٽ قائم ٿيڻ سبب خيرپور رياست کي پاڪستان حڪومت ۾ ضم ڪيو ويو.
14 آڪٽوبر 1971ع تي شاعر خضر کوکر، لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
14 آڪٽوبر 1973ع تي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر راجا صاحب محمود آباد ۾ وفات ڪئي.
14 آڪٽوبر 1974ع تي ليکڪ احمد منصور عباسيءَ جو جنم ٿيو.
14 آڪٽوبر 1977ع تي ڪرڪيٽر سعيد اجمل جو جنم ڏينھن آهي.
14 آڪٽوبر 1980ع تي عالمِ دين مولانا مفتي محمود جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه عبدالخيل پنياله ۾ اٿس.
14 آڪٽوبر 1986ع تي آمريڪي وزيرِ دفاع وائن برگر پاڪستان جو دؤرو ڪيو.
14 آڪٽوبر 1988ع تي نجيب محفوظ کي نوبل انعام مليو، جيڪو پھريون عرب اديب هو.
14 آڪٽوبر 1994ع تي ياسر عرفات، رابن ۽ شمون پيرس کي امن جو نوبل پرائيز ڏنو ويو.
14 آڪٽوبر 1996ع تي موسيقيءَ جو سدابھار نانءُ فيروز گل پرڏيھه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. آخري آرام گاهه ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ آهي.
14 آڪٽوبر 1996ع تي ناميارو ڪھاڻيڪار محمد دائود بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
14 آڪٽوبر 2000ع تي صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ جي وفات ٿي.
14 آڪٽوبر 2004ع تي اداڪاره آفرين بيگ کي قتل ڪيو ويو.
15 آڪٽوبر 1542ع تي شھنشاهه جلال الدين محمد اڪبر جو جنم ٿيو.
15 آڪٽوبر 1657ع تي سنڌ جي سپھ سالار ميان شاهل محمد ڪلھوڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
15 آڪٽوبر 1844ع تي سنڌي ٻوليءَ جو عمدو نثر نويس تعليمي ماهر ۽ سماجي خدمتگار ڪوڙو مل کلناڻي پٽ ديوان چندن مل ڀريا ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو.
15 آڪٽوبر 1913ع تي هندستان جي مشھور اداڪار شوڪت ڪمار جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1914ع تي ماهر تعليم، عالم، مدبر ۽ بين الاقوامي شھرت يافته سيد غلام مصطفيٰ شاهه، بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڏاڏاڻي ڳوٺ قادر ڏنو شاهه ۾ ڄائو.
15 آڪٽوبر 1918ع تي شاعر کيئل آڏواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1919ع تي مشھور اديب محمد سعيد شيخ جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1931ع تي سائنسدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر ابوالڪلام جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1935ع تي شاعر نادر شاهه فراق نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
15 آڪٽوبر 1943ع تي ناميارو نثر نويس غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ ولد عبدالرحيم ميمڻ لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
15 آڪٽوبر 1945ع تي محقق، نقاد ۽ مترجم حيدر سنڌي (ڊاڪٽر غلام حيدر ٻرڙو) ڳوٺ مبارڪ ٻرڙو تعلقي موري ۾ پيدا ٿيو.
15 آڪٽوبر 1946ع تي روزنامه جنگ جاري ڪئي وئي.
15 آڪٽوبر 1967ع تي پاڪستان ۽ رومانيه جي درميان سڌو سنئون انقره ريڊيو ٽيلي ويزن سروس شروع ٿي.
15 آڪٽوبر 1968ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ معشوق ڌاريجو قاضي احمد ۾ جنم ورتو.
15 آڪٽوبر 1971ع تي صحافي ۽ ڪالم نگار اسد چانڊيو جو جنم آهي.
15 آڪٽوبر 1973ع تي شاعر، اديب ۽ ايڊيٽر فقير محمد ڍول جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1978ع تي شاعر نويد ناز ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
15 آڪٽوبر 1977ع تي نوجوان شاعر جاويد شبير، غلام حسين جاگيراڻي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
15 آڪٽوبر 1979ع تي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام کي نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
15 آڪٽوبر 1990ع تي روسي صدرميڪائيل گوربا چوف کي امن جو نوبل انعام ڏنو ويو.
15 آڪٽوبر 2011ع تي پاڪستان جي ممتاز افسانه، ڊرامه ۽ ناول نگار منشاءَ ياد اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
16 آڪٽوبر 1605ع تي شھنشاهه جلال الدين اڪبر هن جھان کي الوداع ڪيو.
16 آڪٽوبر 1916ع تي قائداعظم جو ڊرائيور ۽ پاڪستاني فلمن جومشھور اداڪار، آزاد جو جنم ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1916ع تي صحافي نواز علي بلوچ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
16 آڪٽوبر 1925ع تي شاعر پرڀوداس ونيت جو جنم ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1926ع تي محمد نادر خان، افغانستان ۾ انقلابي مھم شروع ڪئي، جنھن ۾ 1200 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
16 آڪٽوبر 1930ع تي آسٽريليا جو رانديگر رچي بينو جو جنم ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1935ع تي اداڪاره شيلا راءِ سنگهاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائزيشن ايف.اي.او قائم ٿي.
16 آڪٽوبر 1947ع تي پاڪستان ايئرفورس، رائل ايئرفورس کان چارج ورتي.
16 آڪٽوبر 1948ع تي بالي ووڊ اداڪاره هيما مالني جو جنم ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1950ع تي صحافي محمد اسحاق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
16 آڪٽوبر 1951ع تي پاڪستان جي پھرين وزيراعظم خان لياقت علي کي شھيد ڪيو ويو.
16 آڪٽوبر 1952ع تي پاڪستان پھريون ٽيسٽ ميچ جيڪو انڊيا جي خلاف نئين دهلي ۾ کيڏيو ويو.
16 آڪٽوبر 1993ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي نظير شھزاد جو لاڏاڻو ٿيو.
17 آڪٽوبر 1817ع تي سر سيد احمد خان ولد مير تقي دهليءَ ۾ جنم ورتو.
17 آڪٽوبر 1918ع تي يوگو سلاويه ۾ جمھوريت قائم ٿي.
17 آڪٽوبر 1935ع تي صحافي جھانگير قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1940ع تي شاعر واسق ناٿن شاهي جو جنم ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1951ع تي خواجه ناظم الدين پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو.
17 آڪٽوبر 1951ع تي وزيراعظم خان لياقت علي خان کي ڪراچي آڻي قائداعظم جي لحد جي ويجهو دفن ڪيو ويو.
17 آڪٽوبر 1957ع تي ابراهيم اسماعيل چندريگر پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ٿيو.
17 آڪٽوبر 1959ع تي گلوڪار پون ڪمار جو جنم ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1966ع تي بوٽسوانا اقوامِ متحده جو ميمبر بڻيو.
17 آڪٽوبر 1973ع تي شاعر غلام حسين غمگين جو جنم ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1974ع تي صحافي حامد ناز سومرو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1979ع تي بين الاقوامي فلاحي ڪارڪن مڌر ٽريسا کي نوبل انعام ڏنو ويو.
17 آڪٽوبر 1980ع تي ڪرڪيٽر محمد حفيظ جو جنم ڏينھن آهي.
17 آڪٽوبر 1984ع تي دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ کي سَر ڪيو ويو.
17 آڪٽوبر 1998ع تي سنڌ جو اڳوڻو گورنر، حڪيم ۽ اسڪالر، حڪيم محمد سعيد کي ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيو ويو.
18 آڪٽوبر 1892ع تي لاڙڪاڻي جو نالي وارو شاعر نواز علي نياز ولد محمد آچر ذات سومرو، جعفري پاڙي ۾ جنم ورتو.
18 آڪٽوبر 1927ع تي مايا ناز ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ۽ مضمون نويس نجم عباسي، اصل نالو نجم الدين عباسي خانواهڻ ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو.
18 آڪٽوبر 1931ع تي بلب جي موجد ٿامس ايڊيسن جي وفات تي سوڳ ۾ سڄي آمريڪا جي روشني هڪ منٽ لاءِ بند ڪئي وئي.
18 آڪٽوبر 1942ع تي سماجي ورڪر مير ظفر حسين سانگي، سردار مير غلام محمد سانگي جي گهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
18 آڪٽوبر 1946ع تي ناميارو صحافي، ريڊيو ڪمپيئر، اديب ۽ لطيف جو پارکو هدايت منگي اصل نالو هدايت الله منگي ولد غلام الرسول منگي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ ڄائو.
18 آڪٽوبر 1951ع تي شاعر غلام علي جعفري جو جنم ڏينھن آهي.
18 آڪٽوبر 1958ع تي پرسرام ضيا اجمير (ڀارت) ۾ ديھانت ڪئي.
18 آڪٽوبر 1964ع تي مشھور شاعر، اديب، ريڊيو، اسٽيج جو مايه ناز ڪمپيئر بخشڻ مھراڻوي اصل نالو محمد بخش ولد فقير محمد رحيم مھر جي گهر سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
18 آڪٽوبر 1965ع تي مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو جنم ڏينھن آهي.
18 آڪٽوبر 1972ع تي الجزائر اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
18 آڪٽوبر 1972ع تي ليکڪ ۽ صحافي جاويد جوکيو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
18 آڪٽوبر 1975ع تي شاعر رحيمداد جوڳي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
18 آڪٽوبر 1999ع تي اداڪار ۽ هدايتڪار ايس گل جو لاڏاڻو ٿيو.
18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪارساز سانحو ٿيو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اٺن سالن جي جلاوطني کان پوءِ وطن موٽي رستيءَ ۾ ڪارساز وٽ بم ڌماڪو ٿيون. جنھن ۾ ڪافي انساني جانيون ضايع ٿيون.
19-آڪٽوبر 1905ع تي قاضي ثناءُ الله پاڻي پتي جو وصال ٿيو.
19 آڪٽوبر 1914ع تي مير رستم خان (ثاني) جي وفات جو ڏينھن آهي. آخري آرامگاهه قادر بخش جي قبن واري مقام ۾ آهي.
19 آڪٽوبر 1940ع تي (گائڪه) روبينا قريشي اصل نالو عائشه شيخ الاهي بخش شيخ جي گهر صدر حيدرآباد ۾ جنم ورتائين.
19 آڪٽوبر 1940ع تي نامور مصور ۽ تعليمي ماهر دارا عالم ولد محمد عالم ابڙو، قنبر ۾ پيدا ٿيو.
19 آڪٽوبر 1940ع تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران جرمني، ڊنمارڪ ۽ ناروي تي حملو ڪيو.
19 آڪٽوبر 1947ع تي مصر سڀ کان پھرين پنھنجو سفارتخانو پاڪستان ۾ قائم ڪيو.
19 آڪٽوبر 1955ع تي شاعر ۽ ٽي وي ڊائريڪٽر سميع بلوچ ڳوٺ حاجي عطا محمد لُنڊ ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
19 آڪٽوبر 1956ع تي ناليواري بالي ووڊ اداڪار سني ديول جو جنم ڏينھن آهي.
19 آڪٽوبر 1963ع تي سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
19 آڪٽوبر 1974ع تي ڪارٽونسٽ، مصور، صحافي ۽ شاعر مراد علي شاهه بڪيرائي، بڪيرا شريف ۾ جنم ورتو.
19 آڪٽوبر 1979ع تي پير صاحب پاڳاري پنھنجي جدا پارٽي ”پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل“ قائم ڪئي. جنھن جو پاڻ صدر ٿيو.
19 آڪٽوبر 1981ع تي شاعر انور جروار جو جنم ڏينھن آهي.
19 آڪٽوبر 1982ع تي شاعر نور الدين ”نور“ مھيسر جو جنم ڏينھن آهي.
19 آڪٽوبر 1986ع تي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ايلين بارڊر انڊيا ۾ ٽيسٽ کيڏڻ دوران 10 هزار رنسون مڪمل ڪيون.
19 آڪٽوبر 2008ع تي شاهه لطيف جي پارکو ۽ شارح، ٻانهون خان شيخ جو لاڏاڻو ٿيو.
19 آڪٽوبر 2013ع تي گلوڪاره زبيده خانم جو وصال ٿيو.
20 آڪٽوبر 1282ع تي ابن قلڪان جو لاڏاڻو ٿيو.
20 آڪٽوبر 1890ع تي مشھور سياح رچرڊ برٽن جو جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1922ع تي قادر الڪلام شاعر عارف الموليٰ اصل نالو سيد شاهنواز ولد سيد ڏنل شاهه جيلاني ڳوٺ پير سبحان علي شاهه تعلقي شهدادپور ۾ ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
20 آڪٽوبر 1950ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي عبدالله بسمل ٽکڙائي جو وصال ٿيو.
20 آڪٽوبر 1958ع تي علامه اقبال جي حوالي سان ڊاڪ ٽڪٽ پھريون دفعو بند ڪئي وئي.
20 آڪٽوبر 1969ع تي صحافي رزاق کرل جيڪب آباد جي ڳوٺ لعل پور ۾ جنم ورتو.
20 آڪٽوبر 1969ع تي سماجي سوچ رکندڙ نظير چاچڙ جو جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1969ع تي صوماليه ۾ فوجي حڪومت قائم ٿي.
20 آڪٽوبر 1976ع تي مولانا خوش محمد ميروخاني وفات ڪئي.
20 آڪٽوبر 1975ع تي اسلامي ترقياتي بينڪ پنھنجي ڪم جو آغاز ڪيو.
20 آڪٽوبر 1978ع تي ڪرڪيٽر ورندر سھواگ جو جنم ڏينھن آهي.
20 آڪٽوبر 1980ع تي خانبھادر محمد ايوب کھڙو ڪراچي ۾ وفات ڪئي کيس اباڻي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
20 آڪٽوبر 1991ع تي هاري اڳواڻ رئيس بروهي جو وڇوڙو ٿيو.
20 آڪٽوبر 2010ع تي سياستدان ۽ اڳوڻي صدر فاروق احمد لغاريءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
21 آڪٽوبر 1833ع تي مير مراد علي خان ٽالپر وفات ڪئي. جيڪو پھرين چوياري جو آخري حڪمران هو.
21 آڪٽوبر 1833ع تي ايلفرڊ نوبل جو جنم ڏينھن آهي.
21 آڪٽوبر 1901ع تي عثمان علي انصاري ولد هدايت علي انصاري شڪارپور ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، علم و فن تهذيب ۽ ثقافت، بالخصوص شاهه لطيف جو عاشق هو.
21 آڪٽوبر 1924ع تي علامه اقبال جي ٽئين گهر واري ممتاز بيگم جو وصال ٿيو.
21 آڪٽوبر 1931ع تي مشھور اديب مرزا هادي رسوا جو وڇوڙو ٿيو.
21 آڪٽوبر 1933ع تي سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
21 آڪٽوبر 1942ع تي ليکڪا رشيده حجاب جو جنم ڏينھن آهي.
21 آڪٽوبر 1943ع تي تاريخدان ۽ ليکڪ طارق علي جو جنم ڏينھن آهي.
21 آڪٽوبر 1945ع تي فرانس ۾ عورتن کي پھريون دفعو ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
21 آڪٽوبر 1948ع تي اقوام متحده، ايٽمي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي باري ۾ روسي تجويز کي رد ڪيو.
21 آڪٽوبر 1950ع تي چيني فوجين تبت تي قبضو ڪيو.
21 آڪٽوبر 1950ع تي نامياري سياستدان حسين هارون پورو نالو عبدالله حسين هارون پرکيس حسين هارون جي نالي جي سڃاڻپ آهي. سندس جنم ڪراچيءَ ۾ٿيو.
21 آڪٽوبر 1958ع تي هائوس آف لارڊز ۾ عورتن کي شموليت ڏني وئي.
21 آڪٽوبر 1967ع تي واشنگٽن ڊي سي ۾ هڪ لک ماڻهن ويٽنام جنگ خلاف مظاهرو ڪيو.
21 آڪٽوبر 1969ع تي مشھور شاعره، ڪالم نويس ۽ سماجي ورڪر حميره نور پورو نالو حميره شمس شيخ، پني عاقل ۾ جنم ورتو.
21 آڪٽوبر 1988ع تي ممتاز مذهبي اسڪالر مولانا محمد مالڪ ڪانڌلوي لاهور ۾ وصال ڪيو.
21 آڪٽوبر 2012ع تي بالي ووڊ فلم ڊائريڪٽر سيشن چوپڙا ديھانت ڪئي.
22 آڪٽوبر 1086ع تي زلاقه جي جنگ لڳي.
22 آڪٽوبر 1761ع تي سکن لاهور تي قبضو ڪيو.
22 آڪٽوبر 1908ع تي علامه اقبال وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي.
22 آڪٽوبر 1913ع تي ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي جو جنم ڏينھن آهي. سندس جنم ايسر داس جي گهر شھدادپور ضلعي نوابشاهه ۾ ٿيو.
22 آڪٽوبر 1928ع تي حرن جو روحاني پيشوا شاهه مردان شاهه (پير پاڳارو) پير سڪندر شاهه ثاني المعروف پير پاڳارو پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
22 آڪٽوبر 1964ع تي فرانسيسي فلسفي ۽ اديب زان پال سارتر، نوبل پرائيز وٺڻ کان انڪار ڪيو.
22 آڪٽوبر 1971ع تي ليکڪ اشوڪ ڪالاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
22 آڪٽوبر 1971ع تي شاعر انور لاکير جو جنم ڏينھن آهي.
22 آڪٽوبر 1971ع تي پاڪستان، ڀارت کي هاڪي عالمي ميچ ۾ هارايو.
22 آڪٽوبر 1977ع تي اداڪار، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر، مشتاق حسين تنيو ڳوٺ ٿرڙي هاشم ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
22 آڪٽوبر 1989ع تي پاڪستان، سيف گيمز ۾ ڇهه سون جا تمغا حاصل ڪيا.
22 آڪٽوبر 2007ع تي سرويچ سجاولي، اصل نالو محمد صديق ولد خميسو خان تارڙ وفات ڪئي.
23 آڪٽوبر 1814ع تي پھريون ڀيرو پلاسٽڪ سرجري انگلستان ۾ ڪئي وئي.
23 آڪٽوبر 1920ع تي سنڌ جو محب وطن، مخلص سياستدان مير رسول بخش ولد حاجي مير نبي بخش ٽالپر ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
23 آڪٽوبر 1944ع تي مشھور اديب يونس جاويد جو جنم ڏينھن آهي.
23 آڪٽوبر 1946ع تي جيڪب آباد جي سياستدان مير هزار خان بجاراڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 آڪٽوبر 1947ع تي پھرين آزاد ڪشمير حڪومت قائم ٿي.
23 آڪٽوبر 1947ع تي شاعر محمد اسحاق سوز حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
23 آڪٽوبر 1948ع تي ليکڪ نثار آگاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 آڪٽوبر 1955ع تي جاپان ۾ سوشلسٽ پارٽي جو وجود پيو.
23 آڪٽوبر 1957ع تي ڪھاڻيڪاره ۽ ليکڪا زرينه حسن ناريجو، نامياري سياستدان حسين بخش جي شريڪِ حيات آهي سندس جنم نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.
23 آڪٽوبر 1958ع تي فيلڊ مارشل ايوب خان 5 ڏينھن لاءِ ملڪ جو وزيراعظم بڻيو.
23 آڪٽوبر 1987ع تي 87 هون ادبي نوبل انعام روسي زبان ۽ آمريڪي شاعر جوزف راؤسڪي کي ڏنو ويو.
23 آڪٽوبر 1987ع تي وفاقي وزير ارباب نياز جو وڇورو ٿيو.
23 آڪٽوبر 1987ع تي صحافي عبدالقادر نظاماڻي لاڏاڻو ڪيو.
23 آڪٽوبر 2008ع تي سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڪوڙا خان ڀيو، روڊ حادثي ۾ راهه رباني ورتي.
23 آڪٽوبر 2009ع صوفي راڳي سھراب فقير جو لاڏاڻو ٿيو.
23 آڪٽوبر 2011ع تي اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار ڀٽي جي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو وفات ڪئي.
24 آڪٽوبر 1775ع تي هندستان جو آخر مغل تاجدار بھادر شاهه ظفر قلعي معلى دهليءَ ۾ جنم ورتو. سندس پورو نالو ابوالمنظر سراج الدين محمد، بھادر شاهه غازي هو. ظفر سندس شاعراڻو تخلص هو. اڪبر شاهه ثاني جو فرزند هو.
24 آڪٽوبر 1933ع تي سنڌ جو نالي وارو لسانيات جو ماهر، تحقيق، ناول نگار، افسانه نگار سراج (سراج الحق ميمڻ) ٽنڊو ڄام ۾ اک کولي.
24 آڪٽوبر 1938ع تي گلوڪار ڪالا مزاري جو جنم ڏينھن آهي.
24 آڪٽوبر 1948ع تي روس اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
24 آڪٽوبر 1950ع تي سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه جو جنم ڏينھن آهي.
24 آڪٽوبر 1964ع تي اتر رهوڊيشيا آزاد ٿيو.
24 آڪٽوبر 1965ع تي سياستدان صداقت علي جتوئي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
24 آڪٽوبر 1968ع تي مشھور شاعر قمر جلالوي جو وڇوڙو ٿيو.
24 آڪٽوبر 1971ع تي روبينا ابڙو ڳيريلي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، شاعري اٿس.
24 آڪٽوبر 1986ع تي محمد سومار شيخ وفات ڪئي. ادبي خدمتون، آثار قديم، تاريخ، لوڪ ادب سوانح، افسانه نگار ۽ ثقافت اٿس.
24 آڪٽوبر 1986ع تي ممتاز ماهر تعليم ۽ اقتصاديات پروفيسر اويس احمد اديب، جو لاڏاڻو ٿيو.
24 آڪٽوبر 2000ع تي سنڌ جو قومي شاعر زخمي چانڊيو راهه جي رهزنن هٿان مارجي ويو. زخمي چانڊيو جي آخري آرام گاهه ڳوٺ جوابپور چانڊيا قبرستان ۾ آهي.
24 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌ جي بھترين گلوڪاره، ليکڪا، اداڪارا ۽ صداڪار جيجي زرينه بلوچ لاڏاڻو ڪيو.
25 آڪٽوبر 1400ع تي مشھور انگريز شاعر جيوفري چاسر جو وڇوڙو ٿيو.
25 آڪٽوبر 1869ع تي مشھور سائنسدان ايڊيسن، نئين مشين ٽيلي گرافي متعارف ڪرائي.
25 آڪٽوبر 1904ع تي شاعر سترام مداس ڪيولرام ڀڳواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 آڪٽوبر 1906ع تي مرزا قمر علي بيگ حيدري جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
25 آڪٽوبر 1926ع تي ناليواري مصور اسماعيل گل جي، جو پشاور ۾ جنم ٿيو.
25 آڪٽوبر 1959ع تي امبرت واسواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 آڪٽوبر 1961ع تي آرٽسٽ ذوالفقار هيسباڻيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
25 آڪٽوبر 1962ع تي يوگنڊا اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
25 آڪٽوبر 1977ع تي متحده عرب امارات جي نائب وزير خارجه کي قتل ڪيو ويو.
25 آڪٽوبر 1980ع تي ڀارت جي فلمي شاعر ساحر لڌيانوي هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي.
25 آڪٽوبر 1995ع تي سنڌي ڪھاڻيءَ جي اڌ صدي جي تاريخ، نجم عباسي راهه رباني وٺي ويو.
26 آڪٽوبر 1492ع تي اتر آمريڪا جو ملڪ ڪيوبا دريافت ٿيو.
26 آڪٽوبر 1882ع تي مولانا عبدالرحمّٰن شڪارپوري جو وڇوڙو ٿيو.
26 آڪٽوبر 1916ع تي نثر نويس، ابو البشير ميمڻ (ناچيز) اصل نالو حاجي نور احمد ولد محمد هاشم ميمڻ ڳوٺ ڇڄڙا تعلقو قنبر ضلعي لاڙڪاڻي۾ جنم ورتو.
26 آڪٽوبر 1925ع تي صحافي مينگهراج وليچا جو جنم ڏينھن آهي.
26 آڪٽوبر 1925ع تي ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
26 آڪٽوبر 1931ع تي گلوڪار لکميچند ڇاٻڙا جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
26 آڪٽوبر 1938ع تي سياستدان ولي محمد شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
26 آڪٽوبر 1940ع تي شاعر منگهارام غلام جي ديھانت ٿي.
26 آڪٽوبر 1945ع تي قائداعظم جي هدايت تي هندستان جي مسلمانن يوم فلسطين ملهايو.
26 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت سان الحاق ڪرڻ لاءِ مھاراجا، جمون ۽ ڪشمير لاءِ خط لکيو.
26 آڪٽوبر 1965ع تي پير ڪرم الله انصاري عرف دلبر سائين ولد پير الاهي بخش انصاري ضلعي دادو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خانپور ۾ پيدا ٿيو. پنھنجي وقت جو عالم دين آهي.
26 آڪٽوبر 1967ع تي شھنشاهه ايران جي تاج پوشي ٿي.
26 آڪٽوبر 1971ع تي شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينھن آهي.
26 آڪٽوبر 1974ع تي بالي ووڊ اداڪاره روينا ٽنڊن جو جنم ڏينھن آهي.
26 آڪٽوبر 1974ع تي محقق ۽ ماهر لسانيات ممتاز حسن جو وڇوڙو ٿيو.
26 آڪٽوبر 1977ع تي مشھور اديب ۽ صحافي ابراهيم جليس جو لاڏاڻو ٿيو.
26 آڪٽوبر 1988ع تي قومي ۽ سماجي شاعر بردو سنڌي اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري وفات ڪئي.
27 آڪٽوبر 1900ع تي احمد خان ”شيدا“ ابڙو هالا نوان ۾ پيدا ٿيو. اديب خدمتون، شاعر، مضمون، افسانا ۽ سماجي ورڪر اٿس.
27 آڪٽوبر 1941ع تي سيراليون کي آزادي ملي.
27 آڪٽوبر 1946ع تي شاعر خير محمد آزاد جلباڻي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آڪٽوبر 1956ع تي محمد ايوب خان پاڪستان جو صدر ٿيو.
27 آڪٽوبر 1959ع تي صدر محمد ايوب خان کي فيلڊ مارشل جو عھدو ڏنو ويو.
27 آڪٽوبر 1959ع تي شاعر ۽ صحافي اختر هالائي وفات ڪئي.
27 آڪٽوبر 1961ع تي منگوليا اقوامِ متحده جو رڪن بڻيو.
27 آڪٽوبر 1961ع ماريطانيه اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
27 آڪٽوبر 1967ع تي شاعر لالڻ ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
27 آڪٽوبر 1969ع تي نوجوان ٽهي جو شاعر مشتاق بخاري اصل نالو سيد مشتاق احمد ولد سيد غلام علي شاهه بخاري ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
27 آڪٽوبر 1967ع تي ليکڪ منير چنا جو وڇوڙو ٿيو.
27 آڪٽوبر 1974ع تي استاد اڳواڻ جان محمد جمالي جو لاڏاڻو ٿيو.
27 آڪٽوبر 1978ع تي عربي جي ممتاز اسڪالر مولانا عبدالعزيز ميمڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
27 آڪٽوبر 1983ع تي شاعر مير حسن کوسي جو جنم ڏينھن آهي.
27 آڪٽوبر 1986ع تي آمريڪي اداڪاره پائل جو وڇورو ٿيو.
27 آڪٽوبر 1992ع تي فلمي اداڪار نير سلطانه جو لاڏاڻو ٿيو.
27 آڪٽوبر 2011ع تي سگهڙ حبيب الله مڱڻھار جو وڇوڙو ٿيو.
28 آڪٽوبر 1627ع تي شھنشاهه جھانگير جو وڇوڙو ٿيو.
28 آڪٽوبر 1637ع تي آمريڪا جو پھريون ڪاليج هارورڊ ڪيمبرج ۾ قائم ٿيو.
28 آڪٽوبر 1918ع تي ليکڪ نور محمد سنڌي جو جنم ڏينھن آهي.
28 آڪٽوبر 1954ع تي فلمي اداڪاره نشو جو جنم ڏينھن آهي.
28 آڪٽوبر 1955ع تي مائڪرو سافٽ جي باني ۽ مالڪ بل گيٽس جو جنم ڏينھن آهي.
28 آڪٽوبر 1956ع تي ايراني سياسي اڳواڻ صدر محمود احمدي نجات، جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
28 آڪٽوبر 1958ع تي پرسرهه هيرا نند سچا ننداڻي وفات ڪئي. تخلص ضيا ڳوٺ ٽنڊو باگو هئس.
28 آڪٽوبر 1967ع تي بالي ووڊ اداڪاره جوليا رابرٽس جو جنم ڏينھن آهي.
28 آڪٽوبر 1979ع تي اقوامِ متحده، عالمي يوم خوراڪ ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي.
28 آڪٽوبر 2002 تي مشھور محقق، مؤرخ، اديب ۽ اسڪالر تاج صحرائي، پورو نالو تاج محمد ولد نور محمد ميمڻ، دادو ۾ وفات ڪئي.
29 آڪٽوبر 1795ع تي مشھور انگريز شاعر جان ڪيٽن جو جنم ڏينھن آهي.
29 آڪٽوبر 1873ع تي شير بنگال مولانا فضل الحق جو جنم ڏينھن آهي.
29 آڪٽوبر 1889ع تي ليکڪ نرملداس گربخشاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
29 آڪٽوبر 1908ع تي ڪولندن اولمپڪس ۾ هاڪي جو ميچ کيڏيو ويو.
29 آڪٽوبر 1922ع تي مصطفى ڪمال ترڪيءَ جو صدر منتخب ٿيو.
29 آڪٽوبر 1930ع تي جامعه اسلاميه دهليءَ جو قيام عمل ۾ آيو.
29 آڪٽوبر 1954ع تي اسرائيل، مصر تي حملو ڪيو.
29 آڪٽوبر 1960ع تي محمد علي ڪلي باڪسنگ ۾ پھريون ڀيرو پيشي جي لحاظ کان مقابلي ۾ حصو ورتو.
29 آڪٽوبر 1972ع تي شاعر سميع ڪنڌر جو جنم ڏينھن آهي.
29 آڪٽوبر 1972ع تي مخدوم عبدالڪريم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو.
29 آڪٽوبر 1992ع تي اداڪار اسماعيل شاهه جو وڇورو ٿيو.
29 آڪٽوبر 2005ع تي سماجي ورڪر تعليمي ماهر انور الدين شيخ جو لاڏاڻو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1930ع تي شاعر ۽ اداڪار ايشور مفلس جو جنم ڏينھن آهي.
30 آڪٽوبر1940ع تي شاعر ميان عبدالله مھر جو لاڏاڻو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1945ع تي سگهڙ الھه ڏنو ٻانهاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
30 آڪٽوبر 1949ع تي پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي تعلقات قائم ٿيا.
30 آڪٽوبر 1950ع تي پشاور يونيورسٽي قائم ٿي.
30 آڪٽوبر 1961ع تي مترجم ۽ ليکڪ انس راڄپر ڳوٺ ڌنگيجا ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
30 آڪٽوبر 1963ع تي صحافي نعيم اختر جو جنم ڏينھن آهي.
30 آڪٽوبر 1967ع تي سماجي ورڪر پير محمد جوکيو جو جنم ڏينھن آهي.
30 آڪٽوبر 1974ع تي محمد علي ڪلي، جارج فور مين سان عالمي چيمپئين شپ لاءِ مقابلو ڪيو.
30 آڪٽوبر 1976ع تي سک ليڊر سنت فتح سنگهه جو لاڏاڻو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1981ع تي سنڌ جو مشھور اديب ۽ شاعر قاضي علي اڪبر درازي وفات ڪئي.
30 آڪٽوبر1983ع تي آزاديءَ جو متوالو محمد هالائي جو وڇڙو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1984ع تي پاڪستان جي مشھور موسيقار خواجه خورشيد انور جو لاڏاڻو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1987ع تي صحافي رضا انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1994ع تي تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي پروفيسر محمد الياس ابڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
30 آڪٽوبر 1996ع تي فلم ۽ ٽي وي اداڪار قربان جيلاني راهه رباني ورتي.
30 آڪٽوبر 2015ع تي صوفي شاعر ۽ راڳي امام الدين ڊکڻ جو لاڏاڻو ٿيو.
31 آڪٽوبر 1451ع تي عظيم سياح ڪرسٽوفر ڪولمبس جو جنم ڏينھن آهي.
31 آڪٽوبر 1896ع تي سيد علي گوهر شاهه ثاني جو وڇوڙو ٿيو.
31 آڪٽوبر 1923ع تي رضا شاهه محمد ، ايران جو وزيراعظم چونڊيو ويو.
31 آڪٽوبر 1924ع تي اخبار ”ڪامريڊ“ جو پھريون پرچو دهليءَ کان شايع ٿيو.
31 آڪٽوبر 1942ع تي صحافي حسين بخش ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
31 آڪٽوبر 1946ع تي ناليوارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ڄام ساقي جو پورو نالو محمد ڄام ولد محمد سچل جنجهي ڳوٺ جنجهيءَ تعلقي ڇاڇڙي، ضلعي ٿرپارڪر ۾ جنم ورتو.
31 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارتي فوج جهونا ڳڙهه تي قبضو ڪيو.
31 آڪٽوبر 1966ع تي ليکڪ روشن ڪنڀر جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
31 آڪٽوبر 1966ع تي صحافي اي جي چانڊيو پورو نالو اعجاز علي چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي.
31 آڪٽوبر 1975ع تي مشھور موسيقار ايس.ڊي برمن جو لاڏاڻو ٿيو.
31 آڪٽوبر 1977ع تي سياستدان چاڪر علي جوڻيجو راهه رباني ورتي.
31 آڪٽوبر 1984ع تي هندوستان جي وزيراعظم مسز اندرا گانڌيءَ کي قتل ڪيو ويو.
31 آڪٽوبر 1984ع تي اندرا گانڌيءَ جي پٽ راجيو گانڌيءَ ڀارت جي نئين وزيراعظم جو حلف کنيو.
31 آڪٽوبر 2005ع تي شاعره، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪاره امرتا پريتم لاڏاڻو ڪيو.
31 آڪٽوبر 2005ع تي سنڌي جي ناليواري شاعر محمد ابراهيم ”راحم“ صديقيءَ لاڏاڻو ڪيو.

نومبر

عيسوي سال جو يارنهون مھينو نومبر آهي. هي مھينو ، لاطيني زبان جي لفظ نووم (NOVEM) مان ورتل آهي. جنھن جي معنيٰ آهي نائون مھينو، يورپي ڪيلينڊر ۾ هن کي يارنھن نمبر تي رکيو ويو آهي رومي ڪلينڊر ۾ هن کي نائين نمبر تي رکيو ويو. هن مھيني کي خوني مھينو به چوندا آهن. ڇاڪاڻ جو هن مھيني ۾ سخت سردي پوندي آهي. هن مھيني ۾ 30 ڏينھن ٿين ٿا.

پھرين نومبر 1891ع تي آمريڪا ۾ باسڪٽ بال راند پھريون دفعو کيڏي وئي.
پھرين نومبر 1891ع تي سگهڙ حافظ دائود لاڙڪ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين نومبر 1917ع تي ٻارن جو شاعر اسماعيل ميرٽي جو وڇوڙو ٿيو.
پھرين نومبر 1928ع تي رومانيه ۾ ريڊيو پروگرام پھريون دفعو نشر ٿيو.
پھرين نومبر 1931ع تي براڊڪاسٽر ۽ استاد الھه بخش شاهه بخاري ڳوٺ تنيا بقاشاهه تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.
پھرين نومبر 1940ع تي تحريڪِ پاڪستان جي دوران دُعا ڏينھن ملهايو ويو.
پھرين نومبر 1945ع تي عبدالقادر جوڻيجو ضلعي مٺي جي شھر جنهاڻ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار اٿس.
پھرين نومبر 1945ع تي آسٽريليا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
پھرين نومبر 1946ع تي سدا ملوڪ سگهڙ ۽ شاعر عبدالرحمان مھيسر ولد حافظ محمد صلاح مھيسر ڳوٺ رفيق مھيسر ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين نومبر 1946ع تي ناميارو ليکڪ ۽ ترجمي نگار عبدالرحمان جتوئي ولد عبدالله جتوئي ڳوٺ شير علي جتوئي تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پھرين نومبر 1951ع تي ليکڪ نظام الدين قمر ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين نومبر 1952ع تي پھريون هائيڊروجن بم ڌماڪو ڪيو ويو.
پھرين نومبر 1960ع تي شاعر سيد غلام مرتضى شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين نومبر 1961ع تي فيصل آباد ۾ زرعي يونيورسٽي قائم ٿي.
پھرين نومبر 1973ع تي بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا راءِ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين نومبر 1975ع تي قادر الڪلام شاعر انجم هالائي اصل نالو آخوند حاجي عبدالرحمان ولد علي محمد ميمڻ وفات ڪئي.
پھرين نومبر 1977ع تي نديم سنديلو ولد قربان علي سنديلو تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ حڪيم سنديلي ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر، ايڊيٽر ۽ ترجمي نگار آهي.
2 نومبر 1857ع تي پير تراب علي شاهه راشدي لاڙڪاڻي جي تعلقي قنبر جي ڳوٺ علي خان راشدي ۾ جنم ورتو.
2 نومبر 1858ع تي برطانيه حڪومت هندستان جي ذميواري قبول ڪئي.
2 نومبر 1877ع تي آسٽريليا جو مشھور رانديگر وڪٽر ٽرمير جو جنم ٿيو.
2 نومبر 1877ع تي آغا خان (ٽيون) جو جنم ٿيو.
2 نومبر 1897ع تي ڀارت جي نامور فلم ساز، هدايتڪار ۽ اداڪار سھراب مودي جو جنم ڏينھن آهي.
2 نومبر 1902ع تي شاعر ثاقب منگيءَ جو جنم ڏينھن آهي.
2 نومبر 1936ع تي سنڌي فلمساز غلام حيدر صديقي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
2 نومبر 1935ع تي شاعر پير غلام سرور جو وڇوڙو ٿيو.
2 نومبر 1939ع تي ڀڳت ڪنور رام کي پير ڀرچونڊيءَ جي هڪ مريد جان محمد جلباڻي رڪ اسٽيشن تي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو.
2 نومبر 1949ع تي ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪالم نگار آغا رفيق شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
2 نومبر 1950ع تي مشھور ڊرامه نگار برنارڊ جو وڇوڙو ٿيو.
2 نومبر 1953ع تي مولانا سيد سليمان ندوي جو وڇوڙو ٿيو.
2 نومبر 1964ع تي ناليوارو شاعر علي دوست عاجز فريد آباد، دادو ۾ جنم ورتو.
2 نومبر 1964ع تي لاهور ٽي.وي سينٽر پنھنجي نشريات جو آغاز ڪيو.
2 نومبر 1967ع تي ڪراچي ۾ ٽيليويزن اسٽيشن قائم ٿي.
2 نومبر 1967ع تي جمي ڪارٽر آمريڪا جو 39 هون صدر منتخب ٿيو.
3 نومبر 1681ع تي مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو جنم ڏينھن آهي.
3 نومبر 1873ع تي ديني عالم حامد الله حضوري هن فاني جھان کي الوداع ڪيو سندس آخري آرام گاهه ميروخان ۾ آهي.
3 نومبر 1889ع تي تحريڪ آزاديءَ جو اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم جو جنم ڏينھن آهي.
3 نومبر 1893ع تي عالم، اديب، شاعر ۽ صحافي عبدالخالق ”خليق مورائي“ ولد قاضي نبي بخش سومرو موري شھر ۾ پيدا ٿيو.
3 نومبر 1908ع تي قاضي فيض محمد ولد قاضي نبي بخش هالاڻي ضلعي نوشھروفيروز ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ، سياستدان، ماهر وڪيل، اديب ۽ شاعر اٿس.
3 نومبر 1908ع تي اٽلي جو صدر گلو وائي ليون جنم ورتو.
3 نومبر 1921ع تي شاعر ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي ”ساقي“ ضلعي نوابشاهه ۾ ڄائو.
3 نومبر 1929ع تي ناليواري محقق ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي جو جنم ڏينھن آهي.
3 نومبر 1949ع تي نـٿـورام کي گانڌي جي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي.
3 نومبر 1950ع تي اڳوڻو ايم.پي.اي ۽ چانڊيا قبيلي جو سردار نواب شبير احمد ولد احمد سلطان چانڊيو ڳوٺ غيبي خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.
3 نومبر 1955ع تي ايران سنٽو ۾ داخل ٿيو.
3 نومبر 1957ع تي لائيڪانامي روسي ڪتياڪو اسپوتنڪ، ٻيو مصنوعي سيارو خلا ۾ موڪليو ويو.
3 نومبر 1957ع تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي ڳوٺ حاجي بخش پلي عمرڪوٽ ۾ ڄائو، ادبي سڃاڻپ، سنڌ جو ناميارو عالم ۽ اديب اٿس.
3 نومبر 1961ع تي اسٽيٽ بينڪ جي نئين بلڊنگ جو افتتاح ٿيو.
3 نومبر 1962ع تي سياستدان عبدالڪريم سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
3 نومبر 1963ع تي صحافي فيض ميراڻي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
3 نومبر 1967ع تي شاعر نور الله مھر ”کوهي وريام“ جو جنم ڏينھن آهي.
3 نومبر 1972ع تي ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر ۽ هدايتڪار علي روشن شيخ ڳوٺ ڀيڏا تعلقي لاڙڪاڻو ۾ جنم ورتو.
3 نومبر 1982ع تي پي آءِ اي، اسلام آباد ۽ سعودي عرب جي درميان پھرين پرواز جو آغاز ڪيو.
3 نومبر 1983ع تي اسلام آباد، نيويارڪ لاءِ پي آءِ اي پرواز شروع ٿي.
3 نومبر 1984ع تي پنجابي ٻوليءَ جي مشھور شاعر استاد دامن جو وڇورو ٿيو.
3 نومبر 1984ع تي ماسٽر چندر لاڏاڻو ڪري ويو.
3 نومبر 2013ع تي گلوڪاره ريشمان جو لاڏاڻو ٿيو.
4 نومبر 1333ع تي اٽليءَ جي شھر فلوراس ۾ ٻوڏ آئي.
4 نومبر 1819ع تي ڪوسٽيم انجڻ جو موجد جيمز واٽ لاڏاڻو ڪيو.
4 نومبر 1874ع تي خيرپور رياست جو ناميارو وزيراعظم خان بھادر محمد ابراهيم ولد محمد اسماعيل شيخ جنم ورتو.
4 نومبر 1931ع تي شاعر گرڌاري لال گريجا جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1942ع تي ناليواري ليکڪ قاسم پٿر جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1945ع تي سگهڙ گل فقير ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1945ع تي آسٽريليا عالمي اداري صحت جو رڪن بڻيو.
4 نومبر 1946ع تي گڏيل قومن جو ادارو (اقوام متحده) جو ادارو يونيسيڪو N.S.E.O قائم ٿيو.
4 نومبر 1952ع تي آئزن هاور آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
4 نومبر 1952ع تي صحافي حيدر عباس جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1964ع تي ڏکڻ ويٽنام ۾ فوجي حڪومت قائم ٿي.
4 نومبر 1971ع تي بالي ووڊ اداڪاره تبو (تبسم هاشمي) جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1980ع تي شاعر ۽ ليکڪ جبار بوزدار جو جنم ڏينھن آهي.
4 نومبر 1982ع تي شاعر نور هالائي جو وڇورو ٿيو.
4 نومبر 1984ع تي صدر ريگن ٻئين مرحلي لاءِ آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
4 نومبر 1991ع تي قادرالڪلام شاعر عبدالڪريم پلي لاڏاڻو ڪيو.
4 نومبر 1994ع تي (گويو) استاد فدا حسين خان اصل نالو خدا بخش هو. پاڻ 52 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
4 نومبر 2008ع تي اداڪار غلام حسين ڏيپر جو وڇوڙو ٿيو.
5 نومبر 1919ع تي ليکڪ ارجن سڪايل موري ڀرسان سڌو جا ۾ جنم ورتو.
5 نومبر 1921ع تي مصر جي شھزادي فوزيه ڌيءُ فواد الاول جو جنم ڏينھن آهي.
5 نومبر 1925ع تي مشھور اديب خاطر غزنوي جو جنم ڏينھن آهي.
5 نومبر 1929ع تي سنڌ جو نالي وارو عالم مولانا تاج محمد امروٽي پنھنجي زندگيءَ کي الوداع چئي مالڪي حقيقي سان مليو.
5 نومبر 1933ع تي غلام رباني آگرو ولد عبداللطيف آگرو ڳوٺ محمد خان آگرو تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ برک اديب، دانشور ممتاز ڪھاڻيڪار اٿس.
5 نومبر 1945ع تي ڪولمبيا اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
5 نومبر 1953ع تي محقق ۽ ليکڪ اياز ڀاڳت جو جنم ڏينھن آهي.
5 نومبر 1961ع تي شاعر، صحافي، سماجي اڳواڻ ۽ انقلابي تنظيم هاري ڪاميٽي جو قائد ڪامريد علي محمد عباسي وفات ڪئي.
5 نومبر 1964ع تي اداڪاره زيبا بختيار جو جنم ڏينھن آهي.
5 نومبر 1967ع تي يمن ۾ انقلاب آيو.
5 نومبر 1967ع تي عبدالرحمّٰن الرياني يمن جو نئون سربراهه بڻيو.
5 نومبر 1969ع تي پاڪستان ۾ شاليمار ايڪسپريس هلائي وئي.
5 نومبر 1982ع تي پاڪستان جو هدايتڪار شباب ڪيرانوي جو لاڏاڻو ٿيو.
5 نومبر 1988ع تي ڪرڪيٽر ورات ڪوهلي جو جنم ڏينھن آهي.
5 نومبر 2009ع تي نالي واري شاعر احمد خان آصف مصراڻيءَ وفات ڪئي.
5 نومبر 2011ع تي ڊرامن جي مشھور اداڪاره قمر النساءِ هڪڙو جو لاڏاڻو ٿيو.
6 نومبر 1869ع تي مير سليمان سھراب خان جو وڇوڙو ٿيو.
6 نومبر 1917ع تي مذهبي عالم محمد اسماعيل جو لاڏاڻو ٿيو.
6 نومبر 1918ع تي جنگ عظيم اول ۾ آسٽريليا هٿيار ڦٽا ڪيا.
6 نومبر 1919ع تي سماجي ورڪر ڊاڪٽر چيتن ڀمڀاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
6 نومبر 1919ع تي محقق، اي جي اين قاضي جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
6 نومبر 1953ع تي ناميارو ليکڪ بشير هيسباڻي ڳوٺ نور الله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.
6 نومبر 1955ع تي نامياري اديب، ايس جي ڀاڳيا جو اصل نالو سڌام چند گوڪل مل ڀاڳي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
6 نومبر 1960ع تي شاعر نذير رمز سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
6 نومبر 1969ع تي شاعر مدهوش ڀٽو تعلقي رتيديري جي ڳوٺ بنگل ديري ۾ عبدالرحمان ڀٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو. چٺيءَ جو نالو الطاف حسين اٿس.
6 نومبر 1972ع تي چين جي سابق صدر ليو شاوچي جو لاڏاڻو ٿيو.
6 نومبر 1983ع تي ترڪي ۾ عام چونڊون ٿيون.
6 نومبر 1986ع تي آمريڪا ۾ اپوزيشن ڊيموڪريٽ پارٽي، سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي.
6 نومبر 1996ع تي ڏهيسر ممتاز علي ڀٽي کي سنڌ جو نگران وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو.
6 نومبر 1996ع تي مشھور معاشي ماهر اين ايم عقيلي جو لاڏاڻو ٿيو.
6 نومبر 1997ع تي شاعر غمگين ظفر جو جنم ڏينھن آهي.
7 نومبر 994ع تي ابن حزم، طرطبه ۾ جنم ورتو.
7 نومبر 1867ع تي مادام ڪيوري، وارسا ۾ جنم ورتو.
7 نومبر 1925ع تي ايڊين هاڪي فيڊريشن جو بنياد رکيو.
7 نومبر 1927ع تي سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ڪرشن عيد نداس کٽواڻي) ٺارو شاهه ضلعو نوشھرو فيروز ۾ جنم ورتو.
7 نومبر 1930ع تي نقاد ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ٻولي ۾ لفظن جي بناوت اٿس.
7 نومبر 1930ع تي مشھور اديب نظير صديقي جو جنم ڏينھن آهي.
7 نومبر 1945ع تي صحافي دلدار سنجراڻي جو جنم ڏينھن آهي.
7 نومبر 1959ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز نشانِ حيدر، ميجر طفيل محمد شھيد کي مليو.
7 نومبر 1973ع تي شاعر علي تقي شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
7 نومبر 1974ع تي ليکڪ عبدالغفور انصاري وفات ڪئي.
7 نومبر 1977ع تي سياستدان سيد عابد علي شاهه لاڏاڻو ڪيو.
7 نومبر 1979ع تي نوجوان راڳي عبدالجبار ٻرڙو جو جنم ڏينھن آهي.
7 نومبر 1983ع تي عبدالستار افغاني، ميئر جي حيثيت سان حلف کنيو.
8 نومبر 1637ع تي سلطنت عثمانيه جو سليمان ثاني تخت نشين ٿيو
8 نومبر 1674ع تي مشھور انگريز شاعر جان ملٽن دنيا کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو.
8 نومبر 1844ع تي پنجاب پبلڪ لائبريري قائم ٿي.
8 نومبر 1875ع تي تعليمدان ۽ ليکڪ ديوان ننديرام ميراڻي چالاڻو ڪيو.
8 نومبر 1889ع تي مونٽانا، آمريڪا جي رياست بڻي.
8 نومبر 1912ع تي مشھور تاريخدان، اديب ۽ اهل قلم رائچند هريجن ٿر جي تعلقي ڇاڇري جي ننڍڙي شھر چيلهار ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1921ع تي سيد شاهه مردان شاهه اول ”ڪوٽ ڌڻي“ پنجون پيرپاڳارو وفات ڪئي.
8 نومبر 1933ع تي افغانستان ۾ نادر شاهه کي قتل ڪيو ويو.
8 نومبر 1936ع تي سنڌ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ڪالم نگار امر جليل (قاضي عبدالجليل) روهڙي شھر ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1960ع تي جان ايف ڪينيڊي آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو.
8 نومبر 1961ع تي شاعر محمد جواڻ ”جانب“ سومرو مسوديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1964ع تي شاعر سيد حضور شاهه نعيم بخاري، ولد قلندر شاهه بخاري تعلقي سجاول جوڻيجي جي ڳوٺ بکر مھيسر ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1965ع تي شاعر، ترجمي نگار ۽ محقق پريتم پياسي ڳوٺ نور محمد پلي تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو.
8 نومبر 1968ع تي رچرڊ نڪسن آمريڪا جو صدر منتخب ٿيو.
8 نومبر 1968ع تي سنڌ جو جو نمائندو شاعر سعيد ميمڻ ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مولوي بشير احمد ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.
8 نومبر 1972ع تي سنڌي فلم بادل رليز ٿي هن فلم جو هدايتڪار غلام حيدر صديقي فلمساز اسماعيل ميمڻ ۽ موسيقار امداد حسين هو.
8 نومبر 1980ع تي مشھور پاڪستاني فلمن جي هيرو درپن جو وڇوڙو ٿيو.
8 نومبر 1987ع تي عرب ليگ جي سربراهه ڪانفرنس منعقد ٿي.
8 نومبر 1988ع تي جارج بش آمريڪي صدر چونڊيو ويو.
8 نومبر 1994ع تي سياستدان ۽ سماجي ورڪر سيد نظر شاهه پنھنجي اباڻي ڳوٺ خير شاهه ۾ وفات ڪئي
8 نومبر 1995ع تي سنڌ جي گهڻ پاسائو شخصيت م ن معزون وفات ڪئي.
8 نومبر 2002ع تي شاعر ۽ اسڪالر جون ايليا جو لاڏاڻو ٿيو.
9 نومبر 1692ع تي ناليواري عالم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينھن آهي.
9 نومبر 1877ع تي ويھين صدي جي نامور شاعر، مصنف، قانوندان، سياستدان ۽ تحريڪ پاڪستان جي اهم رڪن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال، سيال ڪوٽ ۾ شيخ نور محمد جي گهر ۾ جنم ورتو.
9 نومبر 1911ع تي نامور شاعر، براڊڪاسٽر تابش دهلوي جو جنم ڏينھن آهي
9 نومبر 1914ع تي شاعرِ مشرق علامه اقبال جي والده محترمه جو لاڏاڻو ٿيو.
9 نومبر 1920ع تي مشھور مزاح نگار شفيق الرحمّٰن جو جنم ڏينھن آهي.
9 نومبر1952ع تي قومپرست، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ عبدالخالق جوڻيجو ڳوٺ قاضي دڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
9 نومبر 1953ع تي شاهه عبدالعزيز جو وڇوڙو ٿيو.
9 نومبر 1953ع تي نامور سنڌي موسيقار ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪئي.
9 نومبر 1955ع تي جاپان ۾ لبرل ڊيموڪريٽڪ پارٽي وجود ۾ آئي.
9 نومبر 1959ع تي اداڪاره روبينه اشرف جو جنم ڏينھن آهي.
9 نومبر 1971ع تي مهان ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ انتقال ڪري ويو.
9 نومبر 1972ع تي پاڪستان سيٽو معاهدي کان جدا ٿيو.
9 نومبر 1972ع تي پاڪستان اتر ويٽنام ۽ اتر ڪوريا کي تسليم ڪيو.
9 نومبر 1973ع تي (فلم) ”جيجل ماءُ“ مشھور هدايتڪار ۽ پروڊيوسر اي. ايڇ صديقي ۽ موسيقار غلام علي رليز ڪئي.
10 نومبر 1483ع تي عيسائين جو پروٽيسٽنٽ فرقي جو باني مارٽن لوٿر جرمني علائقي ايرل بين ۾ جنم ورتو.
10 نومبر 1794ع تي روس جي ملڪه ڪيٿهرائي جو لاڏاڻو ٿيو.
10 نومبر 1915ع تي وائسراءِ هند، لارڊ هارڊنگ ميڊيڪل اسڪول جو نالو تبديل ڪري ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج رکيو.
10 نومبر 1918ع تي سيد حاجي محمد شاهه انتقال ڪيو پاڻ نالي وارو شاعر هو.
10 نومبر 1931ع تي سنڌي افساني ادب جو سٺو ليکڪ حفيظ شيخ ولد عبدالرسول شيخ گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
10 نومبر 1938ع تي جديد ترڪي جي باني مصطفى ڪمال اتاترڪ لاڏاڻو ڪيو.
10 نومبر 1940ع تي شاعر ۽ سماجي ورڪر ميان علي محمد قادري لاڏاڻو ڪري ويو. علي محمد قادري 1856ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
10 نومبر 1951ع تي سلامتي ڪونسل ”مسئلي ڪشمير“ جي حل لاءِ قرارداد منظور ڪئي.
10 نومبر 1955ع تي ڪراچي ۾ معاشرتي خدمت لاءِ پھرين قومي ڪانفرنس منعقد ٿي.
10 نومبر 1960ع تي صحافي زلف پيرزادي ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو.
10 نومبر 1962ع تي گلوڪاره ساڌنا اسيراڻي جو جنم ڏينھن آهي.
10 نومبر 1964ع تي ڪراچي ۾، ڪراچي سرڪلر ريلوي شروع ٿي.
10 نومبر 1980ع تي جڳ مشھور ماهر الغوزي نواز مصري خان جمالي انتقال ڪيو.
10 نومبر 1982ع تي روس جي صدر برزنيف جو وڇوڙو ٿيو.
11 نومبر 622ع تي رسول الله صلي الله عليھ وسلم قباء ۾ تشريف فرما ٿيا.
11 نومبر 1821ع تي روس جي مشھور ناول نگار دوستو وسڪي روس جي شھر ماسڪو ۾ جنم ورتو.
11 نومبر 1888ع مشھور مفڪر، عالمِ دين عظيم سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد، اصل نالو محي الدين احمد بن خير الدين ڪنيت ابوالڪلام، تخلص ”آزاد“، مڪي شريف ۾ باب الاسلام جي ويجهو قدوه محلي ۾ جنم ورتو.
11 نومبر 1916ع تي موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1917ع تي مشھور اديب فارغ بخادي جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1920ع تي مشھور اديب نصر الله خان جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1920ع تي دانشور، صحافي ۽ اديب علي احمد بروهي ولد ڪريم بخش بروهي تعلقي اوٻاڙي جي ڳوٺ کنڀڙا ۾ ڄائو.
11 نومبر 1930ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪه ايشوري جوتواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1945ع تي قاضي خادم ولد محمد لائق قريشي ڳوٺ الهداد چنڊ ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ؛ مشھور اديب ۽ ليکڪ اٿس.
11 نومبر 1944ع تي بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه لاڏاڻو ڪيو.
11 نومبر 1948ع تي شاعر يونس کونھارو جوجنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1957ع تي راڳي امير حسن صدر ڪراچي ۾ جنم ورتو.
11 نومبر 1960ع تي ناميارو ڪھاڻيڪار، ڊرامه نويس مضمون نگار، ريڊيو ڪمپيئر ماڪن شاهه رضوي ولد جيئرو شاهه رضوي شھر جُهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ ڄائو.
11 نومبر 1974ع تي محمد احمد خان قصوري جو قتل ڪيس ذوالفقار علي ڀٽي خلاف داخل ڪيو ويو.
11 نومبر 1975ع تي انگولا جي صدر ڊاڪٽر آگينؤ نيٽو اقتدار سنڀاليو.
11 نومبر 1984ع تي راجندر سنگهه بيديءَ جو وڇورو ٿيو.
11 نومبر 1987ع تي مشھور گلوڪاره صنم ماروي جو جنم ڏينھن آهي.
11 نومبر 1988ع تي شاعر گل حسن شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو.
11 نومبر 2003ع تي قومي اسيمبلي ميمبرن ڪاروڪاري رسم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
11 نومبر 2004ع تي فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جو وڇوڙو ٿيو.
12 نومبر 1640ع تي شاعر مخدوم محمد امين اول جو لاڏاڻو ٿيو.
12 نومبر 1917ع تي ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪنٽواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
12 نومبر 1918ع تي شاعر سليم هالائي هالانوان ۾ جنم ورتو.
12 نومبر 1922ع تي اردو جي غزل گو شاعر شڪيب جلالي جو لاڏاڻو ٿيو.
12 نومبر 1928ع تي شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينھن آهي.
12 نومبر 1930ع تي لنڊن ۾ پھرين گول ميز ڪانفرنس ٿي.
12 نومبر 1933ع تي سياستدان قمر الزمان شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
12 نومبر 1936ع تي مشھور اديب ڊاڪٽر حسرت ڪاسنگنجوي جو جنم ٿيو.
12 نومبر 1956ع تي مراڪش اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
12 نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي جو نمائندو شاعر پنھنجي دور جو عڪس ۽ آئينو نواز علي نياز لاڏاڻو ڪيو.
12 نومبر 1969ع تي پاڪستان جي پھرين صدر اسڪندر مرزا جو لاڏاڻو ٿيو.
12 نومبر 1970ع تي آرٽسٽ بدر سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
12 نومبر 1984ع تي برطانيه هڪ پائونڊ جو سڪو جاري ڪيو.
12 نومبر 2002ع تي ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي کي سندس ڳوٺ ۾ قتل ڪيو ويو.
13 نومبر 1719ع تي ميان نور محمد ڪلهوڙو مسند نشين ٿيو.
13 نومبر 1899ع تي ميجر جنرل اسڪندر مرزا، مرشد آباد بنگال ۾ سيد محمد فتح علي جي گهر جنم ورتو. اسڪندر مرزا، پاڪستان جو گورنر جنرل ۽ صدر جي عھدي تي رهيو. آخري آرامگاهه ايران ۾ اٿس.
13 نومبر 1932ع تي ليکڪ ارجن چاولا جو جنم ڏينھن آهي.
13 نومبر 1939ع تي سياستدان ۽ وڪيل واڌو مل بيلارام آڏواڻي چالاڻو ڪيو.
13 نومبر 1945ع تي ايٿوپيا، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
13 نومبر 1945ع تي پاناما، اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
13 نومبر 1948ع تي سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينھن آهي.
13 نومبر 1951ع تي پنج هزار مصري شاگردن ڪراچي ۾ جلوس ڪڍيو.
13 نومبر 1954ع تي ممتاز عالم الدين عمر الدين چنو وفات ڪئي.
13 نومبر 1957ع تي گلوڪار ۽ موسيقار بادل راهي جو جنم ڏينھن آهي.
13 نومبر 1975ع تي شاعر گلبھار باغائي جو جنم ڏينھن آهي.
13 نومبر 1987ع تي نعتيه گو شاعر ۽ ليکڪ مولانا محمد شاهه امروٽي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.
13 نومبر 1988ع تي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي جو لاڏاڻو ٿيو.
14 نومبر 1889ع تي ڀارت جي پھرين وزيراعظم جواهر لال نھرو جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
14 نومبر 1925ع تي اردن جي شاهه حسين جو جنم ڏينھن آهي.
14 نومبر 1928ع تي سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتو مل جو چالاڻو ٿيو.
14 نومبر 1931ع تي ناول نگار گرڌاري لال گاريجا جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
14 نومبر 1938ع تي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ڏينھن آهي.
14 نومبر 1942ع تي قائد اعظم، اسلاميه ڪاليج جالنڌر جو افتتاح ڪيو.
14 نومبر 1944ع تي سفر نامن جي بادشاهه الطاف شيخ ولد گل محمد شيخ هالا نوان ۾ جنم ورتو.
14 نومبر 1952ع تي شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
14 نومبر 1958ع تي ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينھن آهي.
14 نومبر 1965ع تي ڪلفٽن ۾ واقع ماهي خاني جو افتتاح ٿيو.
14 نومبر 1970ع تي صحافي الله بخش قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
14 نومبر 1972ع تي مذهبي عالم مولانا ظھور الحسن درس جو لاڏاڻو ٿيو.
14 نومبر 1973ع تي برطانيه جي شھزادي اين ۽ مارڪ نلپس جي شادي ٿي.
14 نومبر 1984ع تي ليکڪ، صوفي لعل بخش ڪانڌڙو راهه رباني ورتي.
14 نومبر 1984ع تي پاڪستاني فلمي دنيا جو اداڪار اقبال حسن جو لاڏاڻو ٿيو.
14 نمبر 2017ع تي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو متوالو ستار ڀٽي، هميشه مالڪ حقيقي سان وڃي مليو آخري آرامگاهه ابوبڪر مقام ۾ اٿس.
15 نومبر 1881ع تي مذهبي عالم مولانا عبدالرحمّٰن ميمڻ جو جنم ڏينھن آهي.
15 نومبر 1899ع تي ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو.
15 نومبر 1920ع تي اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي جو جنم ڏينھن آهي.
15 نومبر 1924ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار طالش جو جنم ڏينھن آهي.
15 نومبر 1945ع تي ونيز ويلا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
15 نومبر 1946ع تي سياستدان آفتاب شاهه جيلاني ميرپور خاص ۾ جنم ورتو.
15 نومبر 1949ع تي مھاتما گانڌي جي قاتل، ناٿو رام کي انباله جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي.
15 نومبر 1953ع تي زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينھن آهي.
15 نومبر 1956ع تي آزاد قاضي لاڙڪاڻي جي شھر ڏوڪري ۾ جنم ورتو اصل نالو عبدالواحد قاضي ادبي سڃاڻپ محقق، مترجم ۽ مرتب اٿس.
15 نومبر 1962ع تي ڪاتب، ليکڪ ۽ شاعر فقير فيض محمد سڪندري ولد حمزو پتافي ڳوٺ بهاول خان پتافي، تعلقي ڏهرڪي ضلعي گهوٽڪي ۾ ڄائو.
15 نومبر 1963ع تي مشھور آرٽسٽ آغا سعيد شڪارپور ۾ جنم ورتو.
15 نومبر 1965ع تي نثر نگار، شاعر ۽ عوامي تحريڪ جو سرواڻ اياز لطيف پليجو ولد رسول بخش پليجو حيدرآباد ۾ ڄائو.
15 نومبر 1965ع تي مشھور شاعر بدرشاهه اصل نالو بدرالدين شاهه ڳوٺ وڪيي سانگي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.
15 نومبر 1972ع تي پاڪستان، عوامي جمھوريه جرمني کي تسليم ڪيو.
15 نومبر 1974ع تي نوجوان اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه حيدرآباد ۾ ڄائي.
15 نومبر 1981ع تي اردو ۽ فارسي جي مشھور شاعر خاور رضوي اصل نالو سيد سبط حسن رضوي جو لاڏاڻو ٿيو.
15 نومبر 1986ع تي ٽينس جي مشھور رانديگرياڻي ثانيه مرزا جو جنم ڏينھن آهي.
16 نومبر 1855ع تي ڊيوڊ لونگ اسٽون، آبشا وڪٽوريه دريافت ڪيو.
16 نومبر 1947ع تي سياستدان رحيم بخش بوزدار جو جنم ڏينھن آهي.
16 نومبر 1948ع تي آزاد ڪشمير تراڙ خيل ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.
16 نومبر 1961ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچي، ڪمرشل سروس جو پروگرام شروع ڪيو.
16 نومبر 1963ع تي وسيم سومرو اصل نالو محمد خان ٽنڊو آدم ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ مضمون نگار اٿس.
16 نومبر 1963ع تي انجمن ساز شخصيت سيد ميران محمد شاهه ”ٻيو“ وفات ڪئي آخري آرام گاهه ٽکڙ ۾ اٿس.
16 نومبر 1963ع تي بالي ووڊ اداڪار ميناڪشي ششادري جو جنم ڏينھن آهي.
16 نومبر 1970ع تي حافظ الاسد، تحريڪ اصلاح جي شروعات ڪئي.
16 نومبر 1971ع تي مولانا غلام رسول مھر جو وڇورو ٿيو.
16 نومبر 1977ع تي متحده عرب امارات، سيف بن عباس جي قاتل کي سزاءِ موت ڏني وئي.
16 نومبر 1986ع تي آمريڪا زيرِ زمين ايٽمي ڌماڪو ڪيو.
16 نومبر 1986ع تي تائيوان ۾ شديد زلزلي جي ڪري ڪافي عمارتن کي نقصان پھتو.
16 نومبر 1998ع تي شاعر گلزار تبسم جو جنم ڏينھن آهي.
17 نومبر 1894ع تي آزادي جي تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ طيب علي علوي جو جنم ڏينھن آهي.
17 نومبر 1932ع تي ٽئين گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي.
17 نومبر 1938ع تي لڇمڻ ڀنڀاڻي نوابشاهه ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ ڀارت جو مشھور مضمون نگار، ڪھاڻيڪار، ڊرامه نگار ۽ صحافي آهي. پاڻ ورهاڱي کانپوءِ جئپور لڏي ويو.
17 نومبر 1947ع تي آزاد ڪشمير جي فوجين ميرپور کي آزاد ڪيو.
17 نومبر 1952ع تي نامياري گلوڪاره رونا ليلى جو جنم ڏينھن آهي.
17 نومبر 1956ع تي سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر شيرل بيوس باڊاهي پنھنجي ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو. هو باڊهه شھر جو رهاڪو هو.
17 نومبر 1957ع تي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
17 نومبر 1958ع تي سوڊان ۾ انقلاب آيو.
17 نومبر 1976ع تي پروفيسر سيد وقار عظيم جو وڇوڙو ٿيو.
17 نومبر 2007ع تي سنڌي ڊرامن جي نامياري اداڪار شفيع محمد شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
17 نومبر 2010ع تي ناليوارو پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو لاڏاڻو ٿيو.
17 نومبر 2012ع تي ڪٽر مذهبي انتھا پسند، شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري چالاڻو ڪيو.
18 نومبر 1822ع تي آزادي تحريڪ جي رڪن هريچند گنگارام جي پيدائش جو ڏينھن آهي.
18 نومبر 1886ع تي آمريڪي سابق صدر آرٿر چيسٽر ايلن جو انتقال ٿيو.
18 نومبر 1886ع تي سنڌي سياستدان سر شاهنواز خان ڀٽو پيدا ٿيو.
18 نومبر 1907ع تي صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي.
18 نومبر 1914ع تي علامه شبلي نعماني جو وڇوڙو ٿيو.
18 نومبر 1918ع تي قائداعظم جي ويجهي ساٿي ايم ايڇ اصفحاني جو لاڏاڻو ٿيو.
18 نومبر 1949ع تي قيام پاڪستان بعد شاهي قلعي لاهور جو عالمگيري دروازو کوليو ويو.
18 نومبر 1965ع تي شاعر ۽ اديب خليل عارف سومرو سنڌ جي ناليواري شاعر احمد خان مدهوش جو فرزند آهي. سندس پورو نالو خليل حسين ڪاڇي جي شھر جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو.
18 نومبر 1968ع تي نالي وارو شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي اصل نالو عبدالعزيز منگي ولد هدايت الله منگي، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ بگي ۾ جنم ورتو.
18 نومبر 1970ع تي تعليمي ماهر خان بھادر، ڪي بي، نور الدين نانا جو لاڏاڻو ٿيو.
18 نومبر 1976ع تي مذهبي عالم مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي.
18 نومبر 1982ع تي قادر الڪلام شاعر ڊاڪٽر ابراهيم خليل حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
19 نومبر 1897ع تي مشھور شاعر ۽ نثر نويس ليکراج ڪشنچند عزيز حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
19 نومبر 1917ع تي ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم مسز اندرا گانڌيءَ جو جنم ٿيو.
19 نومبر 1938ع تي اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي جو جنم ڏينھن آهي.
19 نومبر 1947ع تي پاڪستان، عالمي اداري صحت جو رڪن بڻيو.
19 نومبر 1951ع تي بالي ووڊ اداڪاره زينت امان جو جنم ڏينھن آهي.
19 نومبر 1957ع تي برصغير جي ناليوار سياستدان سرشاهنواز ڀٽي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي. آخري آرامگاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي تاريخي قبرستان ۾ اٿس.
19 نومبر 1968ع تي سنڌي ادب جو انمول شاعر ۽ اديب سيد لطف الله بدوي جو لاڏاڻو ٿيو.
19 نومبر 1973ع تي اردو جي ممتاز شاعر سلام نئين دهليءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.
19 نومبر 1975ع تي اڳوڻي مس يونيورس، مشھور اداڪاره سشميتا سين جو جنم ڏينھن آهي.
19 نومبر 1978ع تي بلوچستان جي مشھور سياسي رهنما اڪبر بگٽي، تحريڪ استقلال کان عليحدگي اختيار ڪئي.
19 نومبر 1981ع تي سعيد هارون جو وڇوڙو ٿيو.
19 نومبر 2008ع تي مشھور براڊڪاسٽر سيد الھه بخش شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
20 نومبر 1828ع تي عربي زبان جي پھرين اخبار الوقائع مصريه، قائره مان شايع ٿي.
20 نومبر 1903ع تي تاريخدان، استاد ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشي ڀارت جي رياست پٽيالا ۾ جنم ورتو.
20 نومبر 1910ع تي مشھور روسي ناول نگار ڪانٽ ليو ٽالسٽائي جو جنم ڏينھن آهي.
20 نومبر 1911ع تي ناول نگار، ڪھاڻيڪار، ناٽڪ نويس مضمون نگار، شاعر، گلوڪار ۽ اداڪار پروفيسر رام پنجواڻي پورو نالو رام پرتا براءِ پنجواڻي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 نومبر 1912ع تي کپري جي علمي ادارن جو باني ۽ تعليمي اڳواڻ مولوي محمد حسن پھوڙ ڳوٺ جهنڊي مري تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ پيدا ٿيو.
20 نومبر 1916ع تي نامور اديب، صحافي ۽ شاعر احمد نديم قاسمي سرگودا ۾ جنم ورتو.
20 نومبر 1920ع تي پروفيسر الياس ابڙو ولد محمد رمضان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر رهيو آهي.
20 نومبر 1926ع تي سياستدان سيد مظفر علي شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
20 نومبر 1941ع تي اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينھن آهي.
20 نومبر 1941ع تي آبپاشي جو ماهر ادريس راجپوت ولد ديندار خان راجپوت ڀارت جي ضلعي گڙ گائون جي هڪ ڳوٺ نُوهه ۾ پيدا ٿيو. هن وقت ڪراچي سنڌ ۾ رهائش اٿس.
20 نومبر 1951ع تي رومانوي شاعر عبدالغفار تبسم ميرپور ڀٽو تعلقو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
20 نومبر 1958ع تي خاموش طبع، شاعر محمد صديق ميمڻ لاڏاڻو ڪيو.
20 نومبر 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر نظر سنڌي وفات ڪئي.
20 نومبر 1980ع تي مشھور شاعر اطھر نفيس جو وڇورو ٿيو.
20 نومبر 1984ع تي پاڪستان جي نامور لينن انعام يافته شاعر فيض احمد ”فيض“ جو وڇوڙو ٿيو.
20 نومبر 1989ع تي ٻارن جو عالمي ڏينھن طور گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي قرارداد منظور ڪئي ٻارن جي حقن جي عالمي پڌرنامو جاري ڪيو.
20 نومبر 2009ع تي نالي واري سياستدان غلام مصطفى جتوئي جو وڇوڙو ٿيو.
21 نومبر 1684ع تي طنز جو بادشاهه واليٽر جو جنم ٿيو.
21 نومبر 1921ع تي مشھور اديب مھدي الافاني جو وڇوڙو ٿيو.
21 نومبر 1926ع تي ڀارتي اداڪار پريم ناٿ جو جنم ڏينھن آهي.
21 نومبر 1932ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ڪلياڻ آڏواڻي پٽ جئه رامداس آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
21 نومبر 1926ع تي شاعر قطب علي ”قلب“ ڳوٺ تلهار ٽنڊو باگو ۾ پيدا ٿيو.
21 نومبر 1945ع تي گوئٽي مالا، اقوام متحده جو رڪن ٿيو.
21 نومبر 1965ع تي شاعر ۽ ليکڪ علي محمد درد سولنگي، ولد مير محمد سولنگي ڳوٺ قاضي پير محمد ڦلجي اسٽيشن، تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
21 نومبر 1965ع تي سنڌ جو جاکوڙي ليکڪ، لطيف شناس ۽ پبلشر استاد لغاريءَ جو اصل نالو لقمان ولد محمد عالم ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو.
21 نومبر 1984ع تي پاڪستان جي مشھور فلمي اداڪار اسلام پرويز جو وڇوڙو ٿيو.
21 نومبر 1991ع تي شاعر ۽ ليکڪ غلام احمد قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.
21 نومبر 2015ع تي سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فھيم جو وڇوڙو ٿيو.
22 نومبر 1842ع تي (ٽيون پير پاڳارو) سيد حزب الله شاهه ”تخت ڌڻي“ ولد پير علي گوهر شاهه جو جنم ٿيو.
22 نومبر 1884ع تي علامه سيد سليمان ندويءَ جنم ورتو.
22 نومبر 1928ع تي سيد شاهه مردان شاهه ثانيءَ ڇٽ ڌڻي (ستون پير پاڳارو) ولد پير سيد صبغت الله شاهه. سندس عرفي نالو سيد سڪندر علي شاهه اٿس.
22 نومبر 1930ع تي ناول نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر موهن ڪلپنا، جو اصل نالو موهن بولچند لال هو. پاڻ ڪوٽڙي ۾ جنم ورتائين.
22 نومبر 1933ع تي مشھور صوفي شاعر مل محمود پلي وفات ڪئي.
22 نومبر 1933ع تي سنڌ جو بلند پايه شاعر، اديب، خطيب ۽ صحافي رحيم بخش ”قمر“ لاکو ولد محمد عيسيٰ لاکو ڳوٺ عمر راهو تعلقي دولت پور صفن ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
22 نومبر 1943ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مشھور رانديگر مشتاق احمد جنم ورتو.
22 نومبر 1948ع تي لاڙڪاڻي جو اهم قابل فخر سپوت شهزادو شيخ باقراڻي شھر ۾ جنم ورتو.
22 نومبر 1950ع تي سنڌي زبان جي خوبصورت ليکڪا، ڪھاڻيڪاره ۽ شاعره اندرا شبنم ڪراچي ۾ جنم ورتو.
22 نومبر 1958ع تي شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي وفات ڪئي. آخري آرام گاهه ڀٽائي جي درگاهه تي آهي.
22 نومبر 1963ع تي آمريڪا جي صدر ڪينيڊي کي قتل ڪيو ويو.
22 نومبر 1964ع تي استاد، اديب ۽ تحقيق نگار الطاف جوکيو محرابپور تعلقي ڪنڊياري ۾ جنم ورتو.
22 نومبر 1965ع تي علمي ۽ ادبي دنيا جو جوهر، پروفيسر احسان بدوي ڪراچي ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪئي. آخري آرام گاهه شڪارپور ۾ اٿس.
22 نومبر 1972ع تي نوجوان راڳي رياض حسين سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
22 نومبر 1983ع تي پاڪستاني فلمن جو مشھور اداڪار وحيد مراد جو وڇوڙو ٿيو.
23 نومبر 1908ع تي ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمد جو جنم ڏينھن آهي.
23 نومبر 1912ع تي شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينھن آهي.
23 نومبر 1926ع تي علامه اقبال، پنجاب ڪونسل جو رڪن چونڊيو ويو.
23 نومبر 1930ع تي صدر ريگن جي ”ٽاپ چوائس“ وزير محنت ويم.اي بروڪ جو جنم ڏينھن آهي.
23 نومبر 1931ع تي سياستدان امير الدين شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
23 نومبر 1953ع تي اردو جي نامور اديب، سيرت نگار، عالم ۽ مؤرخ مولانا سيد سليمان ندوي ڪراچي ۾ راهه رباني ورتي.
23 نومبر 1971ع تي پاڪستان ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ٿيو.
23 نومبر 1974ع تي سياسي اڳواڻ حميره علواڻي ڌيءَ حيدر علي خواجه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
23 نومبر 1982ع تي راز مراد آبادي جووڇوڙو ٿيو.
23 نومبر 1993ع تي نوجوان شاعر شھزاد علي لاشاري جو جنم ڏينھن آهي.
23 نومبر 1998ع تي موسيقار ۽ شرنائي نواز آچر فقير مڱڻھار جو لاڏاڻو ٿيو.
23 نومبر 2015ع تي اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جو وڇوڙو ٿيو.
24 نومبر 1800ع تي فورٽ وليم ڪاليج ڪلڪتي ۾ باقاعده پڙهائي جي شروعات ٿي.
24 نومبر 1930ع تي انگلينڊ جو رانديگر ڪين بيرنگٽن جوجنم ڏينھن آهي.
24 نومبر 1934ع تي سنڌ جو بيباڪ صحافي، شاعر ۽ اديب مولوي نور محمد نظاماڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
24 نومبر 1938ع تي ليکڪ ۽ قانوندان قاضي فضل ڪريم جو جنم ڏينھن آهي.
24 نومبر 1952ع تي اردو جي مشھور و معروف شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينھن آهي.
24 نومبر 1952ع تي استاد شاعر ۽ مصور محمد بخش واصف وفات ڪئي.
24 نومبر 1955ع تي انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو مشھور رانديگر ۽ ڪپتان آئن بوٿم جو جنم ڏينھن آهي.
24 نمبر 1956ع
24 نومبر 1967ع تي شاعر جھانگل شاهه مست جو وڇوڙو ٿيو.
24 نومبر 1972ع تي شاعر سورج سجاولي جو جنم ڏينھن آهي.
24 نومبر 1977ع تي سنڌي ادب جو ڀلوڙ انسان محبوب علي چنه مڪي شريف جي متبرڪ شھر ۾ وصال ڪيو ۽ اُتي ئي دفن ٿيل آهي.
24 نومبر 2012ع تي ڪالم نگار ۽ ليکڪ ارد شيرڪائوسجي جو لاڏاڻو ٿيو.
24 نومبر 2012ع تي سياستدان قرار الدين ڪوريجو جو وڇوڙو ٿيو.
25 نومبر 1835ع تي اسڪاٽ لينڊ جي شھر ڊمفرلن ۾ علم ۽ فن جي لک داتا اينڊريو ڪارنيگي جو جنم ٿيو.
25 نومبر 1879ع تي ٿانور داس ليلا رام وسواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ اديب، عالم ۽ فلسفي هو.
25 نومبر 1930ع تي سياستدان احمد علي خان جلباڻي جو جنم ڏينھن آهي.
25 نومبر 1942ع تي شاعر عبدالغفور ”عابد“ اصل نالو عبدالغفور ولد مولوي عبدالله جوڻيجو ڳوٺ مير حسن نظاماڻي، بدين ۾ جنم ورتو.
25 نومبر 1943ع تي انجمن آفتاب ادب دادو جو بنياد وڌو ويو. حافظ محمد احسن چنا، ماستر جمع خان غريب، امام الدين ضامن جي ڪوشش سان انجمن عمل ۾ آئي.
25 نومبر 1944ع تي سنڌي ٻوليءَ جي ممتاز ليکڪا ۽ سنڌي عورت صحافي زيڊ. اي شيخ جو پورو نالو زيب النساءِ شيخ هو. سندس جنم حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي آغا ۾ ٿيو.
25 نومبر 1945ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري خاتون ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي اصل نالو ثريا نسيم قاضي، محمد عثمان جي گهر ۾ جنم ورتو.
25 نومبر 1948ع تي اردو، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻوليءَ جو ممتاز شاعر قاسم جلال جو جنم ڏينھن آهي.
25 نومبر 1952ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪيپٽن ۽ سياستدان عمران خان جو جنم ڏينھن آهي.
25 نومبر 1959ع تي ليکڪ منظور علي مھيسر جو جنم ڏينھن آهي.
25 نومبر 1968ع تي اسد عباسي ولد حاجي الهداد عباسي موري لڳ ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ؛- ايڊيٽر ۽ سماجي ورڪر اٿس.
25 نومبر 1983ع تي پاڪستان جي مشھور گلوڪار سليم رضا جو وڇوڙو ٿيو.
25 نومبر 1986ع تي افغان رهنما ڊاڪٽر نجيب تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو.
25 نومبر 1996ع تي مشھور اديب، شاعر خادم رفيقي مھيسر لاڏاڻو ڪري ويو.
25 نومبر 1999ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر تنوير عباسي هن فاني جھان کي الوداع چيو آخري آرام گاهه اسلام آباد ۾ اٿس.
25 نومبر 2013ع تي مذهبي عالم عبدالغفور قاسمي سجاولي جو لاڏاڻو ٿيو.
25 نومبر 2014ع تي تعليمدان آپا مريم سلطانا نوحاڻي جو وڇوڙو ٿيو.
26 نومبر 1894ع تي باڪسنگ جو پھريون مڊل ويٽ ميچ ٿيو.
26 نومبر 1919ع تي مشھور اداڪار، هدايتڪار، گائڪ ۽ شاعر ڌرم ڪمار تولاڻي ٽنڊي آدم سنڌ ۾ جنم ورتو.
26 نومبر 1935ع تي ڊاڪٽر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقو ۽ ضلعو بدين ۾ جنم ورتو. تخلص شام ڪتب آڻيندو هو. ادبي سڃاڻپ محقق، نقاد، شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ماهر لسانيات ۽ ماهر تعليم هئس. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي شاعريءَ تي فارسي جو اثر.
26 نومبر 1939ع تي سنڌ جو عوامي شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ ولد سيد امام الله شاهه ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
26 نومبر 1954ع تي سنڌ جو سخي مرد نواب غيبي خان چانڊيو، اصل نالو نواب علي نواز خان وفات ڪئي.
26 نومبر 1964ع تي لاهور ٽيلي ويزن پنھنجي تجرباتي نشريات جو آغاز ڪيو.
26 نومبر 1974ع تي پشاور ٽيلي ويزن اسٽيشن جو افتتاح ٿيو.
26 نومبر 1986ع تي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي ۽ روس جي صدر گوربا چوف جي وچ ۾ مذاڪرو ٿيو.
26 نومبر 1989ع تي اقوام متحده، عالمي ڏينھن خوراڪ جو ملهائڻ لاءِ قرارداد منظور ڪئي.
26 نومبر 1993ع تي اديب، شاعر، ۽ صحافي رحيم بخش ”قمر“ لاکو وفات ڪئي.
26 نومبر 2000ع تي نعت گو شاعر غلام نبي مھيسر وفات ڪئي غلام نبي مھيسر جي جنم ڀومي ميھڙ شھر آهي. جتي 1939ع تي ڳوٺ ڀاڳي تيوڻي ۾ هن جو جنم ٿيو.
27 نومبر 1862ع تي مشھور اديب بھادر شاهه ظفر جلاوطني جي زندگيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
27 نومبر 1872ع تي قوم جو سچو هڏڏوکي سر عبدالله هارون ولد محمد هارون ميمڻ ڪراچي جي ڪڇي ميمڻ پاڙي ۾ ڄائو.
27 نومبر 1895ع تي فرانس ۾ الفريڊ نوبل پنھنجو وصيت نامو تحرير ڪيو.
27 نومبر 1927ع تي گلوڪار ۽ اداڪار چمن داس تلسي جو جنم ڏينھن آهي.
27 نومبر 1940ع تي مشھور فلمي هيرو ۽ فلم ميڪر بروس لي جو جنم ڏينھن آهي.
27 نومبر 1956ع تي مولانا ظفر علي خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 نومبر 1961ع تي محمود مغل (محمود الحسن مغل) سيوهڻ شريف شھر ۾ پيدا ٿيو. ادبي سڃاڻپ ڊراما نگار، ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس اٿس.
27 نومبر 1975ع تي اديب ۽ شاعر زبير سومرو ولد عبدالمجيد سومرو سنڌ جي تاريخي شھر شڪارپور ۾ جنم ورتو.
27 نومبر 2001ع تي شاعر ۽ ليکڪ امام بخش عاصم جو وڇوڙو ٿيو.
28 نومبر 1786ع تي مذهبي عالم احمد شاهه بريلوي جو جنم ڏينھن آهي.
28 نومبر 1887ع تي مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري جو جنم ڏينھن آهي.
28 نومبر 1902ع تي ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه جي قيام لاءِ فيصلو ڪيو ويو.
28 نومبر 1908ع تي جمھوريه چاڊڪو کي داخلي خودمختياري ملي.
28 نومبر 1915ع تي بلغاريه ۽ آسٽريليا، سروبا تي قبضو ڪيو.
28 نومبر 1919ع تي آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر ڪيٿ ملر جو جنم ڏينھن آهي.
28 نومبر 1928ع تي نامياري ليکڪه، ڊرامه نگار ۽ ناول نگار بانو قدسيه جو جنم ڏينھن آهي.
28 نومبر 1932ع تي شاعر غلام سرور فقير جو لاڏاڻو ٿيو.
28 نومبر 1938ع تي مسلم رهنما مولانا شوڪت علي جو وڇوڙو ٿيو.
28 نومبر 1971ع تي اردن جي وزيراعظم و صفي التل کي قتل ڪيو ويو.
28 نومبر 1972ع تي پاڪستان جي شھر ڪراچيءَ ۾ پھرين ايٽمي بجلي گهر جو افتتاح ٿيو.
28 نومبر 1975ع تي شاعر ياسين بادل لاشاري جو جنم ڏينھن آهي.
28 نومبر 1983ع تي اردو جي مشھور اديب، مؤرخ ايم.اسلم جو وڇوڙو ٿيو.
29 نومبر 1787ع تي سيد احمد شھيد جو جنم ڏينھن آهي.
29 نومبر 1913ع تي مشھور اديب ۽ مقرر سردار جعفري لکنؤ ۾ جنم ورتو.
29 نومبر 1933ع تي موجوده دور جو مشھور سياسي اڳواڻ ممتاز علي ڀٽو ولد نواب نبي بخش خان ڀٽو ڳوٺ سردار پير بخش خان ڀٽو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ممتاز علي ڀٽو ”ڏهيسر سنڌ“ جي لقب سان پڻ سڃاتو ويندو آهي.
29 نومبر 1939ع تي لوڪ ثقافت ۽ موسيقي جو پارکو ممتاز مرزا اصل نانءُ توسل حسين هو، ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ ڄائو.
29 نومبر 1938ع تي ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميورام جو چالاڻو ٿيو.
29 نومبر 1947ع تي يو.اين.او فلسطين جو ورهاڱو ۽ اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو.
29 نومبر 1950ع تي اداڪار ۽ هدايتڪار هريش ٺاڪر جو جنم ڏينھن آهي.
29 نومبر 1967ع تي اتر يمن جي صدر مقام عدن کان برطانيه جو آخري فوجي دستو روانو ٿيو.
29 نومبر 1975ع تي ڪرڪيٽر يونس خان جو جنم ڏينھن آهي.
29 نومبر 1980ع تي پاڪستان جي سابق وزير اعظم چوڌري محمد علي جو وڇوڙو ٿيو.
29 نومبر 2005ع تي هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو وڇوڙو ٿيو.
29 نومبر 2014ع تي مذهبي اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي شھيد ڪيو ويو، آخري آرامگاهه دودائي روڊ لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
30 نومبر 1868ع تي مشھور قومي ڪارڪن، اديب شاعر ۽ عالم اسد الله شاهه ”فدا“ ولد سيد الھه بخش شاهه ٽکڙائي ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
30 نومبر 1874ع تي مسٽر ونسٽن چرچل، بلين پيلس ۾ جنم ورتو.
30 نومبر 1900ع تي انگريز اديب ۽ شاعر آسڪر وائلڊ جولاڏاڻو ٿيو.
30 نومبر 1929ع تي سنڌي ادب ۽ صحافت جي دنيا جو نامور انسان هري موٽواڻي تخلص سنڌي ولد شيوا رام موٽواڻي لاڙڪاڻي محلي نوان تڪ ۾ پيدا ٿيو.
30 نومبر 1936ع تي مشھور شاعر اصغر گوندوي جووڇوڙو ٿيو.
30 نومبر 1943ع تي مولانا محمد کٽيءَ جولاڏاڻو ٿيو.
30 نومبر 1950ع تي اردو جي اديب ڊاڪٽر محمد دين تاثير جو وڇوڙو ٿيو.
30 نومبر 1961ع تي داؤد خيل ۾ پينسلين جي فيڪٽريءَ پنھنجي ڪم جو آغاز ڪيو.
30 نومبر 1963ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اديب ۽ ڪھاڻيڪار اڪبر لغاري تعلقي هالا جي ڳوٺ ٽالي خان لغاري لڳ ڀاڻوٺ ۾ ڄائو.
30 نومبر 1967ع تي ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي نالي سياسي پارٽيءَ جو بنياد پنجاب جي شھر لاهور ۾ وڌو ۽ چيئرمين جي حيثيت سان پاڻ پارٽي جو ڪردار پيش ڪرڻ لڳو.
30 نومبر 2013ع تي ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد علي جو لاڏاڻو ٿيو.
30 نومبر 2015ع تي ليکڪ ۽ محقق مومن بلو جو وڇوڙو ٿيو.

ڊسمبر

عيسوي سال جو ٻارهون مھينو ڊسمبر آهي. ڊسمبر، لاطيني زبان جي لفظ (DECM) مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڏهون. رومن ڪلينڊر ۾ هي مھينو ڏهون هو، جڏهن ته يورپين ڪيلينڊر ۾ هي ٻارهون ۽ آخري مھينو آهي. هن مھيني ۾ زمين سطح مدار تي پنھنجو چڪر پورو ڪرڻ وارو هوندو آهي. ڏکڻ اڌ گول ۾ 22 ڊسمبر سڀ کان وڏو ڏينھن هوندو آهي. اتر اڌ گول ۾ بھار جي موسم ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ گرمين جي موسم ٿئي ٿي. هن مھيني ۾ 31 ڏينھن ٿين ٿا.
پھرين ڊسمبر 1801ع تي وفاقي دارالحڪومت فلاڊلفيا واشنگٽن مستقل ڪيو ويو.
پھرين ڊسمبر 1860ع تي ابراهيم لنڪن آمريڪا جو 16هون صدر منتخب ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1896ع تي (چوٿون پير پاڳارو) سيد علي گوهر شاهه ثاني ”محافي ڌڻي“ وفات ڪئي.
پھرين ڊسمبر 1904ع تي شاعر همت علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1921ع تي شاعر سڳن آهوجا جو جنم شڪارپور سنڌ ۾ ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1927ع تي نامور شاعر ڊراما نگار ۽ مفڪر سليم احمد جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1931ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪھاڻيڪار حفيظ شيخ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
پھرين ڊسمبر 1938ع تي مضمون نگار ۽ مرتب نصر حسين ابڙو شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ مدئجيءَ ۾ جنم ورتو.
پھرين ڊسمبر 1940ع تي شاعر گورڌن نامديو شرما گهايل ميھڙ ۾ جنم ورتو.
پھرين ڊسمبر 1941ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار امير بخاري گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ پيرڙي بخارا لڳ ٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1946ع تي سنڌي ٻوليءَ جو مشھور محقق پروفيسر ڊاڪٽر الھه رکيو ٻُٽ ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ پُٽ سرائي ۾ ڄائو.
پھرين ڊسمبر 1948ع تي مشھور رانديگر سرفراز نواز جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1949ع تي مشھور عالم، اديب، محقق ۽ نثر نويس ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ڳوٺ بخشو مگسي (دڙي مگسي) تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ پيدا ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1955ع تي نالي واري راڳي ادُت نارائڻ جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1958ع تي افضل سولنگي ڳوٺ ڪرڙ خان سولنگي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ ناميارو شاعر اٿس.
پھرين ڊسمبر 1960ع تي پاڪستاني رهاڪن جي ٻارن لاءِ ڪويت ۾ هڪ اردو اسڪول قائم ٿيو.
پھرين ڊسمبر 1968ع تي شاعر وحيد محسن جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1972ع تي پبلشر ۽ ايڊيٽر انعام عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1974ع شاعر محمد سليم سيال جو جنم ڏينھن آهي.
پھرين ڊسمبر 1976ع تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو قيام عمل ۾ آيو.
پھرين ڊسمبر 1980ع تي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ، مشھور عالم، اديب، نقاد، تاريخ نويس، ناٽڪ نويس ۽ اسٽيج اداڪار ٿي گذريو آهي.
پھرين ڊسمبر 1988ع تي سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.
پھرين ڊسمبر 1994ع تي فقير جانڻ چن اصل نالو جان محمد ولد محمد حسن وفات ڪئي. پاڻ صوفي بزرگ شاعر هو.
پھرين ڊسمبر 2003ع تي سنڌي ادبي تاريخ ۾ چوٽيءَ جو مزاح نگار علي محمد بروهي لاڏاڻو ڪيو.
پھرين ڊسمبر 2016ع تي مشھور صحافي، شاعر، ڪمپـيئر ۽ اداڪار پروانو ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو.
2 ڊسمبر 1833ع تي بلند پايه عالم دين، حڪيم، شاعر ۽ مدرس مفتي غلام عمر جتوئي ولد محمد صادق جتوئي ڳوٺ سونو جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.
2 ڊسمبر 1938ع تي ناليوارو محقق، اديب ۽ حڪيم خليفو عبدالحميد ولد حڪيم خليفو عبدالمجيد چانڊيو ڳوٺ ستاڻي چانڊيي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.
2 ڊسمبر 1947ع تي صحافي ۽ شاعر اختر بخاري اصل نالو سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه ماٿيلو (مومل جي ماڙي) تعلقي گهوٽڪي ۾ ڄائو.
2 ڊسمبر 1950ع تي ناليوارو شاگرد اڳواڻ ۽ قومپرست، حبيب الله ناريجو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 ڊسمبر ڊسمبر 1795ع تي اسڪاٽ لينڊ جي اديب ڪامس ڪارلائل جو جنم ڏينھن آهي.
3 ڊسمبر 1887ع تي مذهبي عالم دين مولانا محمد قاسم سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
3 ڊسمبر 1920ع تي سياسي اڳواڻ چاڪر علي جوڻيجو جو جنم ڏينھن آهي.
2 ڊسمبر 1950ع تي ناليوارو شاگرد اڳواڻ ۽ قومپرست، حبيب الله ناريجو نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 ڊسمبر 1960ع تي ناميارو ليکڪ امام راشدي اصل نالو (سيد امام المتقين) ولد سيد بدرالدجيٰ شاهه راشدي، شاهه جو ڳوٺ نئوديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
3 ڊسمبر 1967ع تي پھريون دفعو انساني دل تبديل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو.
3 ڊسمبر 1970ع تي صحافي مصطفى ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
3 ڊسمبر 1972ع تي هلال احمر سنڌ ۾ پنھنجي شاخ قائم ڪئي.
3 ڊسمبر 1972ع تي آئرلينڊ جي صدر پيٽرڪ هلاري اقتدار سنڀاليو.
3 ڊسمبر 1979ع تي شاعر ۽ اداڪار مير حاجن پنھور جو جنم ڏينھن آهي.
4 ڊسمبر 1876ع تي ڪاڪو ڀيرومل پٽ مھر چند آڏواڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سڃاڻپ؛ ادبي محقق، تاريخ نويس، ماهر لسانيات، مضمون نگار، ناول نگار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم اٿس.
4 ڊسمبر 1897ع تي معاهدي قسطنطنيه تي صحي ڪئي وئي.
4 ڊسمبر 1911ع تي باڪسنگ جو پھريون فلائي ويٽ ميچ ٿيو.
4 ڊسمبر 1925ع تي موسيقار ۽ گلوڪار هيرو هنگواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
4 ڊسمبر 1933ع تي علامه اقبال کي ڊاڪٽر آف لٽريچر جي اعزازي ڊگري ڏني وئي.
4 ڊسمبر 1939ع تي ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جڳديش لاچاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
4 ڊسمبر 1939ع تي سياستدان سيد حسين شاهه بخاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
4 ڊسمبر 1940ع تي موسيقار ۽ بانسري نواز سنتوش گاگو مل ڀاڳيا جو جنم ڏينھن آهي.
4 ڊسمبر 1957ع تي بھادر شاهه ظفر کي جلاوطن ڪري رنگون روانو ڪيو ويو.
4 ڊسمبر 1962ع تي مشھور سياستدان ڄام مدد علي ولد انور علي خان، سانگهڙ ۾ جنم ورتو.
4 ڊسمبر 1974ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ، اردو زبان کي عدالتي زبان طور تسليم ڪيو.
4 ڊسمبر 1985ع تي آمريڪا جي مشھور اداڪاره اين مڪسٽر جو وڇوڙو ٿيو.
4 ڊسمبر 2000ع تي هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ ڪارڪن۽ شاعر ڪامريڊ باقر سنائي جي وفات ٿي.
4 ڊسمبر 2012ع تي لوڪ فنڪاره زينت امان شيخ راهه رباني ورتي.
4 ڊسمبر 2017ع تي بالي ووڊ جو ليجينڊ اداڪار ششي ڪپور ڊگهي علالت کانپوءِ ديھانت ڪري ويو.
5 ڊسمبر 1608ع تي برطانيه جي عظيم شاعر ملٽن جو جنم ڏينھن آهي.
5 ڊسمبر 1783ع تي سيد محمد بقا شاهه شھيد پٽ ڌڻي راهه رباني ورتي.
5 ڊسمبر 1840ع تي مير نور محمد خان ٽالپر وفات ڪئي. جنھن کان پوءِ انگريزن کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي حوس وڌڻ لڳي.
5 ڊسمبر 1858ع تي انگريز عملدار سر جان جيڪب جو لاڏاڻو ٿيو.
5 ڊسمبر 1860ع تي سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ڏينھن آهي.
5 ڊسمبر 1898ع تي مشھور شاعر جوش مليح آبادي اصل نالو شبير حسين خان جو جنم ڏينھن آهي.
5 ڊسمبر 1918ع تي پاڪستان جو مشھور مصنف جگن ناٿ آزاد جو جنم ڏينھن آهي.
5 ڊسمبر 1937ع تي مشھور شاعر ۽ اديب سوز هالائي اصل نالو الهڏنو ولد محمود ڀنڀرو هالا پراڻا ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
5 ڊسمبر 1947ع تي لاهور ۾ ملڪي اديبن ۽ شاعرن جي پھرين ڪانفرنس منعقد ٿي.
5 ڊسمبر 1958ع تي مشھور صحافي ۽ سماج سڌارڪ امان الله سنڌي ولد مير خان چانڊيو ڳوٺ ڊرٻ ميري خان، تعلقي ۽ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ ڄائو.
5 ڊسمبر 1958ع تي مشھور شخصيت پطرس بخاري جو وڇوڙو ٿيو.
5 ڊسمبر 1963ع تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شھيد سھروردي جو وڇوڙو ٿيو.
5 ڊسمبر 1971ع تي ضمير حسين ڏيسي تعلقي سوڀيديري جي ڳوٺ مڏ ۾ غلام حسين ڏيسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ؛ شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر اٿس.
5 ڊسمبر 1978ع تي ملڪ جي سابق وزير داخله حبيب الله جو وڇوڙو ٿيو.
5 ڊسمبر 1982ع تي ملڪ جي ملڪه موسيقي روشن آرا بيگم جو وڇوڙو ٿيو.
5 ڊسمبر 1984ع تي ناليواري شاعر خادم سنڌي راهرباني ورتي آخري آرامگاهه مراد شاهه قبرستان پنجهٽي خيرپور ميرس ۾ اٿس.
6 ڊسمبر 1917ع تي برطانيه، يروشِلم تي قبضو ڪيو.
6 ڊسمبر 1936ع تي مشھور اديب وقار احمد رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
6 ڊسمبر 1943ع تي مسلم ليگ ڪونسل جو اعزازي سيڪريٽري، لياقت علي خان کي چونڊيو ويو.
6 ڊسمبر 1962ع تي ناليواري شاعر حنيف عاطر جنم ورتو.
6 ڊسمبر 1963ع تي ناليواري شاعر جواد جعفريءَ جو پورو نالو جواد حسين سومرو ولد انور حسين لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو.
6 ڊسمبر 1966ع تي شيخ زيد بن سلطان ابو ظھبي جو اقتدار سنڀاليو.
6 ڊسمبر 1968ع تي نالي وارو صحافي ۽ سياسي ورڪر اعجاز حسين مھر ولد غلام حسين مھر ڳوٺ ڪامل مھر ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
6 ڊسمبر 1971ع تي منصور ابڙو ولد انور علي ابڙو لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. سڃاڻپ نوجوان ٽھيءَ جو شاعر آهي.
6 ڊسمبر 1971ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ صحافي ساقي ابڙو، اصل نالو راشدي منھاس ابڙو، اڏيرو لال اسٽيشن تعلقي مٽياري ۾ جنم ورتو.
6 ڊسمبر 1983ع تي صوبي بلوچستان جي سابق وزير مير گل خان نصير جو وڇوڙو ٿيو.
6 ڊسمبر 1983ع تي ٽيلي ويزن، ريڊيو ۽ فلم جي مشھور فنڪاره نجمه محبوب جو وڇورو ٿيو.
6 ڊسمبر 1983ع تي شيخ عبدالرزاق راز وفات ڪئي. ادبي سڃاڻپ؛- سنڌي ادب کي نثري توڙي نظم ۾ اهڙا ته شاهڪار ڏنا جو جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب باقي آهن، سندس نالو روشن رهندو.
6 ڊسمبر 2000ع تي سنڌ جي مايا ناز شخصيت عبدالحق ابڙو وفات ڪئي.
7 ڊسمبر 1868ع تي مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جو لاڏاڻو ٿيو.
7 ڊسمبر 1918ع تي ترقي پسند ڪھاڻيڪار گوبند پنجابي شڪارپور ۾ جنم ورتو.
7 ڊسمبر 1925ع تي اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينھن آهي.
7 ڊسمبر 1927ع تي قومي خدمتگار ديوان ڏيارام گدومل ديھانت ڪئي.
7 ڊسمبر 1934ع تي سنڌ جي نالي واري شاعر اديب، تنوير عباسي اصل نالو (نور نبي) والد جو نالو گل حسن عباسي سوڀو ديرو شھر ۾ پيدا ٿيو.
7 ڊسمبر 1937ع تي شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينھن آهي.
7 ڊسمبر 1944ع تي شاعر وفا محمد ”وفا“ پلي خانصاحب عطا محمد پلي جي گهر ۾ جنم ورتو.
7 ڊسمبر 1947ع تي ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي جنم ورتو.
7 ڊسمبر 1948ع تي شاعر نقش ناياب منگي جو جنم ڏينھن آهي.
7 ڊسمبر 1962ع تي صوفي درويش ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو وڇوڙو ٿيو.
7 ڊسمبر 2012ع تي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر جو لاڏاڻو ٿيو.
8 ڊسمبر 1574ع تي ترڪي جي سلطان سليم (ٻئين) جو لاڏاڻو ٿيو.
8 ڊسمبر 1916ع تي سماج سڌارڪ ڊاڪٽرچمن داس ڇاٻلاڻي جو جنم ڏينھن آهي.
8 ڊسمبر 1925ع تي مشھور شاعر ناصر ڪاظمي جو جنم ورتو.
8 ڊسمبر 1927ع تي شاعر ”نديم“ انصاري اصل نالو ولي محمد ولد محمد بچل انصاري ڳوٺ موري ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو.
8 ڊسمبر 1935ع تي بالي ووڊ جي مشھور فلمي اداڪار ڌرميندر جو جنم ڏينھن آهي.
8 ڊسمبر 1944ع تي بالي ووڊ جي مشھور اداڪاره شرميلا ٽيگور جو جنم ڏينھن آهي.
8 ڊسمبر 1952ع تي آمريڪا جي سابق صدر آئزن هاور، ڪراچيءَ ۾ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي درميان ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ڏٺي.
8 ڊسمبر 1957ع تي سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينھن آهي.
8 ڊسمبر 1957ع تي غلام سرور مغل، ولد خانبھادر رسول بخش مغل وفات ڪئي. غلام سرور مغل جي جنم ڀومي ڪوٽ ڏيجي ضلعو خيرپور ميرس اٿس. پاڻي سنڌي ۽ اردو جو غزل گو شاعر آهي.
8 ڊسمبر 1958ع تي حافظ عبدالستار ڪوريجو. ولد نظام الدين ڪوريجو، ڳوٺ ڪوريجا تعلقي رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ، محقق ۽ تاريخدان اٿس.
8 ڊسمبر 1959ع تي ليکڪا ۽ آر ڪيالاجي جي ماهر، مستور بخاري، جو جنم روهڙي ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ٿيو.
8 ڊسمبر 1975ع تي مشھور شاعر مشير ڪاظمي جو وڇوڙو ٿيو.
8 ڊسمبر 1986ع تي ايران، عراق جي خلاف زبردست حملو ڪيو.
8 ڊسمبر 2008ع تي ناليواري ٽي.وي اداڪار يعقوب زڪريا جو لاڏاڻو ٿيو.
8 ڊسمبر 2014ع تي برک ڏاهو، سياسي اڳواڻ، ليکڪ ۽ اديب ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي چالاڻو ڪيو.
9 ڊسمبر 656ع تي جنگ جمل لڳي.
9 ڊسمبر 1292ع تي صوفي شاعر شيخ سعديرح جو وڇوڙو ٿيو.
9 ڊسمبر 1753ع تي سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙو راهه رباني ورتي.
9 ڊسمبر 1837ع تي نواب محسن الملڪ جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1874ع تي اردو جي مرثيا گو شاعر مير انيس جو وڇوڙو ٿيو.
9 ڊسمبر 1878ع تي سنڌي سرائڪي ٻوليءَ جو ڀلوڙ شاعر حمل فقير ولد رحيم خان لغاري راهرباني ورتي.
9 ڊسمبر 1916ع تي جنگ ورڊن ختم ٿي.
9 ڊسمبر 1917ع تي سقوط يروشلم جو واقعو پيش آيو.
9 ڊسمبر 1922ع تي سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1939ع تي صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع تي سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع تي بالي ووڊ اداڪار شتروگن جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1952ع تي مذهبي اڳواڻ ۽ سياستدان لياقت بلوچ جو جنم ڏينھن آهي.
9 ڊسمبر 1958ع تي مشھور نثر نويس الله بچايو ولد يارمحمد سمون وفات ڪئي.
9 ڊسمبر 1961ع تي رکيل خاصخيلي (الھه رکيو خاصخيلي) ڳوٺ گابر خاصخيلي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
9 ڊسمبر 1966ع تي بارياڊوس اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
9 ڊسمبر 1974ع تي گلوڪار، راحت فتح علي خان جو جنم ڏينھن آهي.
10 ڊسمبر 1048ع تي ابو ريحان البيروني جو وڇوڙو ٿيو.
10 ڊسمبر 1878ع تي مولانا محمد علي جوهر رامپور ۾ جنم ورتو.
10 ڊسمبر 1896ع تي ڊائنامائيٽ جو موجد الفريڊ نوبل جو وڇوڙو ٿيو.
10 ڊسمبر 1910ع تي شاعر ضياءُ الدين ايس بلبل جو جنم ڏينھن آهي.
10 ڊسمبر 1911ع تي مشھور عالم ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
10 ڊسمبر 1943ع تي سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينھن آهي.
10 ڊسمبر 1948ع تي انساني حقن جو عالمي ڏينھن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان ٺهراءُ (3) 217-A پيش ڪري پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
10 ڊسمبر 1949ع تي مولانا شبير احمد عثمان جو وڇوڙو ٿيو.
10 ڊسمبر 1950ع تي ليکڪ، تعليمدان ۽ ٽي وي ڪمپيئر حافظ ارشد انڍڙ، ڳوٺ ستابو انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ جنم ورتو.
10 ڊسمبر 1954ع تي فلمي اداڪاره بابره شريف جو جنم ڏينھن آهي.
10 ڊسمبر 1963ع تي اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپئن جھانگير خان جو جنم ڏينھن آهي.
10 ڊسمبر 1976ع تي ڊيره غازي خان جي ڍوڊڪ جي مقام تي تيل دريافت ٿيو.
10 ڊسمبر 1978ع تي اسرائيل جي وزيراعظم مناحم بيگن ۽ مصري صدر انور سادات کي نوبل امن انعام ڏنو ويو.
10 ڊسمبر 1994ع تي سنڌي مرثيه گو سيد ثابت علي شاهه ثالث جو لاڏاڻو ٿيو.
10 ڊسمبر 2003ع تي جڳ مشھور محقق، اديب ۽ ڏاهو غلام مصطفيٰ قاسمي سول اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.
11 ڊسمبر 1922ع تي مشھور اداڪار دليپ ڪمار جوجنم ڏينھن آهي.
11 ڊسمبر 1926ع تي سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي جو چالاڻو ٿيو.
11 ڊسمبر 1934ع تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينھن آهي.
11 ڊسمبر 1939ع تي ڏاهپ سان ڀرپور شخصيت سيد ديدار حسين شاهه ولد سيد محبوب علي شاهه ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري رتيديري شھر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ۽ شاهه صاحب کي لاڙڪاڻي ضلعي مان پھريون چيف جسٽس جو اعزاز حاصل آهي.
11 ڊسمبر 1946ع تي يونيسيف (UNICEF) قائم ٿي.
11 ڊسمبر 1955ع تي لاؤس اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
11 ڊسمبر 1957ع تي صحافي مظھر علي لاشاري جو جنم ڏينھن آهي.
11 ڊسمبر 1958ع تي پاڪستان ۾ زرعي اصلاحات ڪميشن قائم ٿي.
11 ڊسمبر1965ع تي سماجي ورڪر ۽ شاعر ارباب مٺل منگي سوڀيديري شھر ۾ جنم ورتو.
11 ڊسمبر 1973ع تي ممتاز مذهبي رهنما علامه رشيد ترابي جو وڇوڙو ٿيو.
11 ڊسمبر 1976ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار مشتاق احمد ولد محمد گوپانگ تعلقي ميروخان جي ڳوٺ عثمان گوپانگ ۾ جنم ورتو.
11 ڊسمبر 1979ع تي پاڪستان بين الاقوامي ايٽمي اداري جو رڪن بڻيو.
11 ڊسمبر 1984ع تي سنڌي ادب جو خدمتگار محمد يعقوب ”نياز“ ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
11 ڊسمبر 1982ع تي سماجي ورڪر ۽ ريڊيو لسنر سنجر علي مگسي ولد پيارو خان مگسي جي گهر رشيد وڳڻ لڳ ڳوٺ واحد بخش مگسي ۾ جنم ورتو.
11 ڊسمبر 1985ع تي ملهه ۽ رسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پھلوان انب شيدي جو وڇوڙو ٿيو.
11 ڊسمبر 1986ع تي نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1888ع تي فريڊم فائيٽر تاراچند گجر جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1923ع تي راز بلڙائي اصل نالو عبداللطيف راز ولد عبدالستار ڪوريجو ڳوٺ درويش تعلقي گهوڙا ٻاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ نثر نويس اٿس.
12 ڊسمبر 1929ع تي صحافي غلام تقي جعفري جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1932ع تي مشھور اديب پريشان خٽڪ جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1948ع تي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1949ع تي پاڪستان ايئرفورس جي طياري کي حادثو پيش آيو، جنھن ۾ ڪافي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.
12 ڊسمبر 1952ع تي محقق، مترجم ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ الله ابڙو جو جنم ڏينھن آهي.
12 ڊسمبر 1956ع تي تيونس اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
12 ڊسمبر 1968ع تي تحريڪ آزادي ڪشمير جو رهنما چوڌري غلام عباس جو وڇوڙو ٿيو.
12 ڊسمبر 1982ع تي جام نوائي بدايون جو وڇوڙو ٿيو.
12 ڊسمبر 2000ع تي سياستدان بيگم شائسته اڪرم الله جو وڇوڙو ٿيو.
12 ڊسمبر 2007ع تي اداڪار الياس ڪاشميري جو لاڏاڻو ٿيو.
13 ڊسمبر 1474ع تي وليم ڪيڪسٽن جيڪو ڇپائي جو مؤجد آهي، جنھن سڀ کان پھرين انگريزي ڪتاب ڇاپيو.
13 ڊسمبر 1879ع تي مشھور شاعر عرفاني بدايوني جو جنم ڏينھن آهي.
13 ڊسمبر 1920ع تي آمريڪا جي وزير خارجه چارج پي شلٽر جو جنم ڏينھن آهي.
13 ڊسمبر 1938ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ چترڪار فتاح هاليپوٽو شرجيل ولد (ڪرڙ خان هاليپوٽو) ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو.
13 ڊسمبر 1942ع تي سنڌ جو بلند پايه عالم، اديب، صحافي ۽ سياسي رهنما حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ولد حڪيم حافظ غلام محي الدين عباسي وفات ڪئي.
13 ڊسمبر 1943ع تي اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينھن آهي.
13 ڊسمبر 1944ع تي سنڌ جو ناميارو سگهڙ ۽ شاعر محمد ملوڪ عباسي ولد محمد صالح عباسي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو لڳ ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي ۾ ڄائو.
13 ڊسمبر 1965ع تي سياستدان پرتاب راءِ ديھانت ڪري ويو.
13 ڊسمبر 1968ع تي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينھن آهي.
13 ڊسمبر 1972ع تي ريڊيو پاڪستان کي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جو نالو ڏنو ويو.
13 ڊسمبر 1978ع تي مير خليل الرحمّٰن کي گولڊ مرڪري انٽرنيشنل ايوارڊ ڏنو ويو.
13 ڊسمبر 1985ع تي مشھور صحافي ۽ انقلابي اڳواڻ مولانا خير محمد نظاماڻي وفات ڪئي.
13 ڊسمبر 1989ع تي صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جو لاڏاڻو ٿيو.
13 ڊسمبر 2003ع تي سنڌي ادب جو گهڻ گهرو شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو.
13 ڊسمبر 2008ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر تاجل بيوس وفات ڪئي آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان ڪراچي سنڌ ۾ اٿس.
14 ڊسمبر 1799ع تي آمريڪا جي سابق صدر جارج واشنگٽن جو وڇوڙو ٿيو.
14 ڊسمبر 1877ع تي صحافي مرزا مخلص علي علوي جو وڇوڙو ٿيو.
14 ڊسمبر 1889ع تي ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مولائي شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.
14 ڊسمبر 1889ع تي ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مولائي شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينھن آهي.
14 ڊسمبر 1924ع تي بالي ووڊ جو مشھور اداڪار راجڪپور جو جنم ڏينھن آهي.
14 ڊسمبر 1931ع تي اردو جي ناليواري شاعري فلاسافر جون ايليا جو جنم ڏينھن آهي.
14 ڊسمبر 1950ع تي نثر نويس، محقق ۽ لطيف سرڪار جو پارکو غلام محمد شھواڻي جو وڇوڙو ٿيو.
14 ڊسمبر 1953ع تي ڪوالبانيه اقوام متحده جو رڪن بڻيو.
14 ڊسمبر 1955ع تي اٽلي اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
14 ڊسمبر 1959ع تي سياستدان عبدالله مراد بلوچ، حاجي مراد ڪلمتي بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو.
14 ڊسمبر 1961ع تي تنزانيه اقوام متحده جو ميمبر بڻيو .
14 ڊسمبر 1973ع تي شاعره شبنم سيلرو جو جنم ڏينھن آهي.
14 ڊسمبر 1976ع تي نيڪ سيرت ۽ اعليٰ گڻن جو مالڪ مولوي عبدالله اثر راهه رباني وٺي ويو.
14 ڊسمبر 1977ع تي پاڪستان جي صدر جنرل محمد ضياءُ الحق پھريون دفعو چين جو دورو ڪيو.
14 ڊسمبر 1984ع تي شاعر مستانو محمد شاهه جو وڇوڙو ٿيو.
15 ڊسمبر 1910ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ضياءَ الدين ضياءَ ايس بلبل ولد شمس الدين بلبل ميھڙ تعلقي دادو ۾ پيدا ٿيو.
15 ڊسمبر 1925ع تي سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر انور هالائي اصل نالو محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو شيدا هالا ۾ ڄائو.
15 ڊسمبر 1927ع تي سماجي ورڪر فيض محمد کرل (فيض درياءُ) ولد علي مراد کرل ڳوٺ صاحب خان ڳورڙ تعلقي قنبر ۾ جنم ورتو.
15 ڊسمبر 1931ع تي عالم دين مولانا دين محمد بٺوي وفات ڪئي. مولانا دين محمد ذات جو چانڊيو هو ۽ هن جي جنم ڀومي تعلقو ميروخان آهي.
15 ڊسمبر 1946ع تي سنڌي سنگيت جي سريلي گلوڪاره آمينه، اصل نالو غلام زينب شاهه ڌيءَ بخش شاهه حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
15 ڊسمبر 1961ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار، مقالا نگار ۽ اسڪالر ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، ڌامراهه ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
15 ڊسمبر 1966ع تي والٽ ڊرني جو وڇوڙو ٿيو.
15 ڊسمبر 1972ع تي آمريڪي سابق صدر هيري ايس ٽرومين جو وڇوڙو ٿيو.
15 ڊسمبر 1975ع تي آمريڪي صدر فورڊ، عوامي جمھوريه چين جو دورو ڪيو، مائوزيتنگ ۽ وزيراعظم دينگ زيانگ سان ملاقات ڪئي.
15 ڊسمبر 1976ع تي سنڌ جي انمول شخصيت مولانا غلام محمد گرامي راهه رباني ورتي.
15 ڊسمبر 1976ع تي سنڌ جي انمول شخصيت مولانا غلام محمد گرامي راهه رباني ورتي.
15 ڊسمبر 1984ع تي شاعر ۽ ڪھاڻيڪار احساس ميرل اصل نالو مير محمد، نور محمد جي گهر ۾ جنم ورتو.
15 ڊسمبر 1986ع تي ممتاز اداڪاره سميتا پاٽل جو وڇوڙو ٿيو.
15 ڊسمبر 2001ع تي مشھور ٽي.وي اداڪار فريد نواز بلوچ جو وڇوڙو ٿيو.
16 ڊسمبر 1651ع تي سنڌ جي حاڪم مرزا عيسى خان ترخان ثاني جي وفات ٿي.
16 ڊسمبر 1835ع تي نيويارڪ ۾ مرچنٽ اسٽريٽ کي باهه لڳي.
16 ڊسمبر 1883ع تي انگلينڊ جي مشھور رانديگر جيڪ هابس جو جنم ڏينھن آهي.
16 ڊسمبر 1910ع تي رولڊ ايمنڊسن، اتر قطب دريافت ڪيو.
16 ڊسمبر 1916ع تي سنڌي ٻوليءَ جو نثر نويس ديوان ڪوڙومل لوڪ پڌاريو.
16 ڊسمبر 1917ع تي لوڪ ادب جو محافظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقو سنجهورو ضلعو سانگهڙ ۾ جنم ورتو. ادبي خدمتون تمام وسيع اٿس.
16 ڊسمبر 1923ع تي اي. جي اتم (آسن ڄيٺانند اتم چنداڻي) جنم ورتو. ادبي خدمتون، نقاد، محقق ڪھاڻيڪار ۽ مترجم اٿس.
16 ڊسمبر 1927ع تي ليکڪ حبيب بروهي جو جنم ڏينھن آهي.
16 ڊسمبر 1946ع تي ٿائيلينڊ اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
16 ڊسمبر 1951ع تي ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ جيل ياترا ڪندڙ پھرين عورت اختر بلوچ اصل نالو زرين اختر ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد ۾ پيدا ٿي.
16 ڊسمبر 1957ع تي فيروز خان پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو.
16 ڊسمبر 1960ع تي مشھور صوفي شاعر ۽ بزرگ نصير فقير جلالاڻي وفات ڪئي.
16 ڊسمبر 1961ع تي ليکڪا حميده ملاح جو جنم ڏينھن آهي.
16 ڊسمبر 1964ع تي ليکڪ ساجد قريشي جو جنم ڏينھن آهي.
16 ڊسمبر 1966ع تي صوفي منش ڀڳتي ۽ راڳي ڀڳت نارومل وفات ڪئي.
16 ڊسمبر 1971ع تي بنگلاديش جو قيام عمل ۾ آيو.
16 ڊسمبر 1988ع تي نامور اديب، شاعر ۽ استاد صوفي نيـڀراج وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه يوسف شاهه ڳوٺ موري منگر جي قبرستان ۾ آهي.
16 ڊسمبر 1997ع تي شاعر، ڪھاڻيڪار، ۽ بيباڪ صحافي ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪئي. آخري آرام گاهه درگاهه ميان محمد صالح قادري لاڙڪاڻي ۾ آهي.
16 ڊسمبر 2004ع تي ناميارو موسيقار فيروز الدين جو وڇورو ٿيو.
17 ڊسمبر 1845ع تي سنڌي جو مشھور شاعر موهن فقير آهوجا ولد پريم داس تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو.
17 ڊسمبر 1917ع تي شاعر، اديب ۽ صحافي قاضي عبدالحئي ”قائل“ ولد قاضي عبدالحق ضلعي جيڪب آباد جي شھر ٺل ۾ جنم ورتو.
17 ڊسمبر 1924ع تي ارجن شاد، پٽ گوبند رام مير چنداني لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر، پي ايڇ ڊي جو موضوع. ”سنڌي غزل“ هو، جيڪا ڊگري بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.
17 ڊسمبر 1984ع تي ڪامريڊ جمال الدين بخاري 84 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
18 ڊسمبر 1878ع تي ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن جو جنم ڏينھن آهي.
18 ڊسمبر 1909ع تي ماسٽر چندر پٽ آسن داس ٺارو شاهه ضلعي نوشھرو فيروز ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ ۽ هند جو مهان ڪلاڪار ٿي گذريو آهي. ماسٽر چندر جو اصل نالو چانڊومل ڏامواڻي هو.
18 ڊسمبر 1973ع تي نوجوان شاعر پريتم قاضي اصل نالو سڪندر آفتاب قاضي، خضر حيات جي گهر تعلقي رتيديري جي شھر نئين ديري ۾ پيدا ٿيو.
18 ڊسمبر 1977ع تي مولوي محمد حسن پهوڙ راهه رباني وٺي وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ عبدالواحد پهوڙ لڳ منگلان چاڙهي جي مقام ۾ آهي.
18 ڊسمبر 2011ع تي چترڪار حفيظ الله کوهارو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.
19 ڊسمبر 1828ع تي مير ڪرم خان ٽالپر وفات ڪئي. آخري آرام گاهه حيدرآباد ۾ اٿس. هيءَ پھريون ٽالپر حڪمران هو جيڪو حيدرآباد ۾ دفن ٿيل آهي. پاڻ وڏو شاعر هو ڪرم تخلص هئس ”ديوان ڪرم“ جي نالي سان سندس فارسي غزلن جو مجموعو آهي.
19 ڊسمبر 1869ع تي لاهور ۾ سڀ کان پھريون انگريزي اسڪول کليو.
19 ڊسمبر 1873ع تي جذام جي علاج جي دريافت ناروي جي مشھور سائنسدان هنس ڪئي.
19 ڊسمبر 1879ع تي سنڌي نثر ۽ نظم جو يغاگو انسان شاعر ليکراج عزيز مڪمل نالو ليکراج ڪشن چند ميرچنداڻي حيدرآباد م جنم ورتو.
19 ڊسمبر 1906ع تي روس جي سابق صدر برزنيف جو جنم ڏينھن آهي.
19 ڊسمبر 1919ع تي مشھور اداڪار اوم پرڪاش جو جنم ڏينھن آهي.
19 ڊسمبر 1964ع تي مشھور ۽ معروف قوال عظيم پريم راڳي جو وڇوڙو ٿيو.
19 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي سابق صدر يحى خان پنھنجي عھدي تان استعفى ڏني.
19 ڊسمبر 1975ع تي سياسي ورڪر قاضي واجد احمد مھيسر جو جنم ڏينھن آهي.
19 ڊسمبر 2007ع تي ناليواري مصور اسماعيل گل جي کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.
19 ڊسمبر 2013ع تي سماج سڌارڪ ۽ شھري اتحاد جو اهم رڪن عبدالله بلوچ راهه رباني ورتي آخري آرامگاهه ميان لال ۾ اٿس.
20 ڊسمبر 1914ع تي حشو ڪيو لراماڻي جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي ڀرياسٽي، ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ سنڌ جو مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪھاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جو فدائي اٿس.
20 ڊسمبر 1916ع تي سنڌ جي نامياري تعليمدان ۽ سماجي خدمتگار دادي ليلاوتي هر چنداڻي، هوتچند واڌواڻي جي گهر ۾ هيرآباد حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
20 ڊسمبر 1935ع تي ناميارو اديب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڳوٺ پٺاڻ، حسين آباد حيدرآباد ۾ ڄائو.
20 ڊسمبر 1942ع تي جسٽس راڻا ڀڳوان داس نصيرآباد، ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
20 ڊسمبر 1945ع تي نالي وارو شاعر بلاول اوٺو ڳوٺ خانور اوٺا ۾ ڄائو.
20 ڊسمبر 1946ع تي شاعر فتاح عابد اصل نالو عبدالفتاح ولد عبدالڪريم گدائي لاشاري جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.
20 ڊسمبر 1960ع تي شاعر عبدالجبار عبد ڳوٺ مريد سيٺار شڪارپور ۾ جنم ورتو.
20 ڊسمبر 1970ع تي آزاد ابن سنڌ، اصل نالو مختيار احمد سومرو گڏيجي شھر جي سومرا محلي ۾ جنم ورتو. سڃاڻپ شاعر ۽ استاد اٿس.
20 ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو، صدر مملڪت ۽ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو عھدو سنڀاليو.
20 ڊسمبر 1972ع تي پھريون دفعو پاڪستان مواصلاتي دور ۾ داخل ٿيو.
20 ڊسمبر 1976ع تي پاڪستان ٽيليويزن، رنگين نشريات جو آغاز ڪيو.
20 ڊسمبر 1976ع تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، اسلام آباد ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جو سنگ بنياد رکيو.
20 ڊسمبر 1981ع تي پاڪستان جي جسٽس حمود الرحمّٰن جو وڇوڙو ٿيو.
21 ڊسمبر 1262ع تي برِصغير جي سهروردي سلسلي جو باني شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتان ۾ وصال ٿيو.
21 ڊسمبر 1933ع تي ايڪتا (اخبار) هيءَ اخبار هفتيوار لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندي هئي. جنھن جو ايڊيٽر قسمت راءِ ڇڳاڻي هو.
21 ڊسمبر 1940ع تي مشھور شاعر ۽ اديب ڪرم ٽالپر اصل نالو قادر بخش ولد عنايت علي ٽالپر ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو.
21 ڊسمبر 1947ع تي قائداعظم، پاڪستان جو پھريون چيف اسڪائوٽ جي حيثيت سان حلف کنيو.
21 ڊسمبر 1952ع تي سنڌو ماٿري جي ماڳ مڪان ۽ قديم تاريخي ثقافتي ورثن بابت کوجنا ڪندڙ بدر ابڙو ولد جمال ابڙو لاڙڪاڻي شھر ۾ جنم ورتو.
21 ڊسمبر 1959ع تي مشھور ريڊيو پروڊيوسر ۽ سڄاڻ اديب، شاعر مختيار ملڪ اصل نانءُ مختيار حسين ولد شفيع محمد ملڪ خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو.
21 ڊسمبر 1960ع تي صحافي ۽ سياستدان شيرين الرحمّٰن جو جنم ڏينھن آهي.
21 ڊسمبر 1963ع تي بالي ووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينھن آهي.
21 ڊسمبر 1968ع تي مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي.
21 ڊسمبر 1968ع تي اپالو هشتم، چنڊ جي طرف روانو ٿيو.
21 ڊسمبر 1972ع تي پاڪستان ٽيلي ويزن لاهور جي نئين عمارت جو افتتاح ٿيو.
21 ڊسمبر 1977ع تي شاعر مولانا ثناءُ الله سنائي جو وڇوڙو ٿيو.
21 ڊسمبر 1982ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي خالق ۽ عظيم شاعر ابوالاثر حفيظ جالنڌري جو وڇوڙو ٿيو. آخري آرامگاهه مينارِ پاڪستان وٽ اٿس.
21 ڊسمبر 2001ع تي امن جو عالي ڏينھن طور ملهائڻ جو اعلان گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي منظور ڪيو، گڏيل قومن جي عالمي اداري جي 1981ع کان اها ڪوشش جاري هئي.
22 ڊسمبر 1919ع تي شاعر مظفر حسين ”جوش“ ولد محمد حسين خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو خيرپور ۾ هن جو والد صاحب ڪنھن خاص عهدي تي فائز هيو.
22 ڊسمبر 1933ع تي عالم، اديب ۽ شاعر ڊاڪٽر نذير احمد جروار ولد عبدالله عرف جمعه خان جروار شھدادڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ جنم ورتو.
22 ڊسمبر 1947ع تي مشھور سگهڙ عبدالعزيز چانڊيو جو جنم ڏينھن آهي.
22 ڊسمبر 1966ع تي پاڪستان جي سائنسدانن پھريون دفعو ايٽم کي منتشر ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو.
22 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جي پھرين نائب صدر نور الامين عھدي جو حلف کنيو.
22 ڊسمبر 1934ع تي مشھور اديبه نشاط فاطمه جو جنم ڏينھن آهي.
22 ڊسمبر 1965ع تي پاڪستان پھريون ڀيرو ايٽمي ري-ايڪٽر جو ڪم شروع ڪيو.
22 ڊسمبر 1986ع تي اسٽار عبداللطيف ساقي لاهور ۾ وفات ڪئي.
22 ڊسمبر 1999ع تي لاڙڪاڻي جي سينئر صحافي ۽ اديب هدايت منگي لاڏاڻو ڪيو.
22 ڊسمبر 2012ع تي سياستدان بشير احمد بلور جو وڇوڙو ٿيو.
23 ڊسمبر 1906ع تي نامور محقق ۽ تاريخدان اي بي آڏواڻي حيدرآباد ۾ ڄائو.
23 ڊسمبر 1929ع تي شاعر رحمت الله شوق، شڪارپوريءَ جو جنم ڏينھن آهي.
23 ڊسمبر 1944ع تي محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر يشودرا واڌواڻي جو جنم ڏينھن آهي.
23 ڊسمبر 1953ع تي سنڌ فٽبال ايسوسيئيشن جو پاڪستان فٽبال فيڊريشن سان الحاق ٿيو.
23 ڊسمبر 1969ع تي سماجي ورڪر انيڪ خوبين جو مالڪ جاويد صبغت الله ولد صبغت الله مھر ضلعي شڪارپور شھر چڪ ۾ پيدا ٿيو.
23 ڊسمبر 1971ع تي غلام مصطفى کر کي پنجاب جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
23 ڊسمبر 1999ع تي ناليواري شاعر بلاول پرديسي جو وڇوڙو ٿيو.
23 ڊسمبر 2000ع تي نامياري گلوڪاره ملڪه ترنم ميڊم نورجھان جو وڇوڙو ٿيو.
23 ڊسمبر 2014ع تي نامياري اديب، شاعر ۽ صحافي لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا جو وڇوڙو ٿيو.
24 ڊسمبر 1870ع تي سر سيد احمد خان ”ماهوار تھذيب الاخلاق“ جاري ڪيو.
24 ڊسمبر 1900ع تي ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ ڪراچي ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر،ا ديب، نقاد، محقق ۽ افسانه نگار اٿس.
24 ڊسمبر 1906ع تي ڪئنيڊا ۾ پھرين ريڊيو نشريات جي ابتدا ٿي.
24 ڊسمبر 1915ع تي جڳ مشھور قانوندان، معروف فلسفي، مشھور اديب ۽ مقرر اي ڪي بروهي، اصل نالو الله بخش ولد ڪريم بخش بروهي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.
24 ڊسمبر 1919ع تي مشھور اديب سجاد حيدر جو جنم ڏينھن آهي.
24 ڊسمبر 1923ع تي انگلينڊ جي مشھور ڪرڪيٽر ڪالن ڪاؤڊر جو جنم ڏينھن آهي.
24 ڊسمبر 1924ع تي عظيم گلوڪار محمد رفيع جو جنم ڏينھن آهي.
24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، نقاد، تاريخ نويس پروفيسر منگارام ملڪاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.
24 ڊسمبر 1952ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻي لاڙڪاڻي ۾ بختراءِ مٽلائي جي گهر ۾ جنم ورتو.
24 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جو سڀ کان وڏو فوجي اعزاز نشان ِ حيدر ميجر اڪرم شھيد کي مليو.
24 ڊسمبر 1982ع تي ڪراچي ٽيسٽ ميچ ۾ ظھير عباس 186 رنز ٺاهي، ڀارت خلاف هڪ هزار رنز مڪمل ڪرڻ جو پھريون پاڪستاني رانديگر هيو.
24 ڊسمبر 1987ع تي تامل ناڊو جي وزير اعلى راما چندرن جو وڇوڙو ٿيو.
24 ڊسمبر 1993ع تي ٿر جو عظيم دانشور معمور يوسفاڻي لاڏاڻو ڪيو.
24 ڊسمبر 1994ع تي فن موسيقي جو ماهر ۽ شاعر استاد پيرل قنبر لاڏاڻو ڪيو.
24 ڊسمبر 1995ع تي صوفي بزرگ ۽ شاعر جانڻ چن جو وصال ٿيو.
24 ڊسمبر 2006ع تي سنڌي ڊرامن جي مشھور اداڪار مشتاق جسڪاڻي جو وڇوڙو ٿيو.
24 ڊسمبر 2007ع تي فلمي مشھور اداڪار اظھار قاضي جو لاڏاڻو ٿيو.
25 ڊسمبر 1872ع تي چانڊيا قبيلي جو سردار نواب غيبي خان چانڊيي جو اصل نالو علي نواز خان ولد سردار محمد خان چانڊيو، ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو.
25 ڊسمبر 1876ع تي قائد اعظم محمد علي جناح ولد جناح پونجاه، ٺٽي ضلعي جهرڪ شھر ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سرڪاري حلقن سندس جنم ڀومي ڪراچيءَ کي قرار ڏنو.
25 ڊسمبر 1919ع تي مشھور شاعر قتيل شفائي جو جنم ڏينھن آهي.
25 ڊسمبر 1922ع تي اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر الياس عاشقي جو جنم ڏينھن آهي.
25 ڊسمبر 1925ع تي آبپاشي جو ماهر ۽ نثر نويس ايم-ايڇ پنھور مڪمل نالو محمد حسين ولد حاجي خان پنھور ڳوٺ ابراهيم پنھور ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
25 ڊسمبر 1935ع تي درديلو شاعر ۽ رياست خيرپور جو ناميارو والي مير علي نواز ناز وفات ڪئي آخري آرام گاهه ڪربلا معليٰ ۾ اٿس.
25 ڊسمبر 1931ع تي سياسي اثر رسوخ رکندڙ شخص سردار واحد بخش خان ڀٽو ڦوهه جواني ۾ لاڏاڻو ڪيو.
25 ڊسمبر 1956ع تي سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري اصل نالو الھه بخش انصاري ڳوٺ ابل جي وسيءَ بدين ۾ ڄائو.
25 ڊسمبر 1962ع تي مشھور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
25 ڊسمبر 1964ع تي شاعر ۽ نثر نگار انور ڏنگڙائي اصل نالو انور علي ابڙو ڏنگڙي لڳ موهين جو دڙو ۾ پيدا ٿيو.
25 ڊسمبر 1968ع تي ناليواري ليکڪ، ترجمي نگار حبيب ساجد جو پورو نالو حبيب الله ولد رحمت الله بليدي، ڳوٺ گل محمد بلوچ، ضلعي خيرپور ۾ جنم ٿيو.
25 ڊسمبر 2004ع تي نامور استاد، شاعر ۽ سگهڙ حافظ محمد بخش خاصخيلي وفات ڪئي.
25 ڊسمبر 2016ع تي راڳي ۽ ڪمپيئر سرفراز علي جتوئي، راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ اٿس.
26 ڊسمبر 1530ع تي مغل بادشاهه ظھير الدين بابر جو وڇوڙو ٿيو.
26 ڊسمبر 1782ع تي ٽيپو سلطان، ميسور جو حڪمران بڻيو.
26 ڊسمبر 1893ع تي عوامي جمھوريه چين جي عظيم انقلابي ليڊر چيئرمين ماؤزيتنگ جو جنم ڏينھن آهي.
26 ڊسمبر 1935ع تي ويسٽ انڊيز جي رانديگر روهن کنھائي جو جنم ڏينھن آهي.
26 ڊسمبر 1955ع تي سنڌ جو يگانو شاعر حافظ حيات شاهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.
26 ڊسمبر 1957ع تي سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو جنم ڏينھن آهي.
26 ڊسمبر 1972ع تي آمريڪي سابق صدر هيري ٽرومن جو وڇوڙو ٿيو.
26 ڊسمبر 1982ع تي شاعر ۽ نثر نويس جيئند علي مھر ڳوٺ جيئو مھر، لکي غلام شاهه ۾ جنم ورتو.
26 ڊسمبر 1997ع تي لطيف شناس جيجي ڊاڪٽر در شهوار سيد وفات ڪئي. جيجي درشهوار سيد جون سنڌي ادب ۽ قوم لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن. آخري آرام گاهه سن ۾ اٿس.
26 ڊسمبر 2006ع تي شاعر منير نيازي جو وڇوڙو ٿيو.
27 ڊسمبر 1797ع تي مشھور شاعر مرزا اسد الله خان غالب جو جنم ڏينھن آهي.
27 ڊسمبر 1822ع تي عظيم سائنسدان لوئي پاسچر جو جنم ڏينھن آهي.
27 ڊسمبر 1917ع تي شاعر اختر هالائي اصل نالو خليفو محمد عمر ولد حاجي عبدالرحمان ميمڻ هالا نوان ۾ پيدا ٿيو.
27 ڊسمبر 1927ع تحريڪ پاڪستان جو رهنما حڪيم محمد اجمل خان جو وڇوڙو ٿيو.
27 ڊسمبر 1937ع تي آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪلڪتي جي صدارت قائداعظم ڪئي.
27 ڊسمبر 1949ع تي انڊونيشيا جي آزادي جو ڏينھن آهي.
27 ڊسمبر 1953ع تي نثر نويس ۽ شاعر مخدوم محمد صالح ڀٽي پراڻن هالن ۾ وفات ڪئي.
27 ڊسمبر 1979ع تي افغانستان ۾ روسي فوجون داخل ٿيون.
27 ڊسمبر 1996ع تي سنڌ جو امر آواز، سرمد سنڌي اصل نالو رحمان مغل هڪ روڊ حادثي ۾ 35 سالن جي عمر ۾ راهه رباني ورتي. آخري آرامگاهه پريالو ۾ اٿس.
27 ڊسمبر 2003ع تي شھري اتحاد لاڙڪاڻو جو باني محمد بخش ابڙو ولد فقير محمد راهه رباني ورتي، محمد بخش ابڙو 1948ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
27 ڊسمبر 2007ع تي ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شھيد ڪيو ويو. آخري آرام گاهه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اٿس.
28 ڊسمبر 1856ع تي آمريڪا جي سابق صدر ٿامس وڊ روولن جو جنم ڏينھن آهي.
28 ڊسمبر 1885ع تي انڊين نيشنل ڪانگريس جو بنياد رکيو ويو.
28 ڊسمبر 1924ع تي ناليواري ليکڪا اتمچنداڻي سندري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
28 ڊسمبر 1925ع تي اداڪار سنتوش ڪمار، اصل نالو سيد موسى رضا، جو جنم لاهور ۾ ٿيو.
28 ڊسمبر 1928ع تي اديب ۽ استاد خالد ٽالپر جو اصل نالو مولوي محمد صديق ٽالپر ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
28 ڊسمبر 1936ع تي شاعر سائل آزاد اصل نالو بابو غلام حسين ولد الله بچايو ڊکڻ ۾ جنم ورتو.
28 ڊسمبر 1940ع تي سينگال اقوام متحده جو ميمبر بڻيو.
28 ڊسمبر 1941ع تي پاڪستان ڪرڪيٽ جو رانديگر ۽ سابق ڪپتان انتخاب عالم جو جنم ڏينھن آهي.
28 ڊسمبر 1948ع تي مصر جي سابق وزيراعظم محمود فھمي الفراشي کي قتل ڪيو ويو.
28 ڊسمبر 1951ع تي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پھريون ڀيرو گورنر راڄ فافذ ڪيو ويو.
28 ڊسمبر 1962ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي موجوده نشريات جو آغاز ٿيو.
28 ڊسمبر 1970ع تي سنڌ جو با اثر زميندار غلام محمد وساڻ وفات ڪئي.
28 ڊسمبر 1972ع تي ليکڪ رفيق جويو جو جنم ڏينھن آهي.
28 ڊسمبر 1974ع تي پاڪستان جي شھر سوات ۾ قيامت خيز زلزلو آيو.
28 ڊسمبر 1975ع تي ڪھنه مشق شاعر ۽ نهايت خوش مزاج ۽ کلمک انسان شهنشاهه هالائي وفات ڪئي.
28 ڊسمبر 1984ع تي سنڌ ۽ سيد سان عشق ڪندڙ بشير خان قريشيءَ شادي ڪئي.
28 ڊسمبر 1986ع تي ليکڪ ماجد سنڌي جو جنم ڏينھن آهي.
28 ڊسمبر 1997ع تي برصغير جو مھان ڪوي شاعر شيخ اياز اَسر ويل 4 وڳي ڌاري ميڊ ايسٽ اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو آخري آرام گاهه ڪراڙڍنڍ جي ڪپ تي ڀٽائي گهوٽ جي پاڙي ۾ اٿس.
28 ڊسمبر 2010ع تي فلمي ڊائريڪٽر جاويد فاضل جو وڇوڙو ٿيو.
29 ڊسمبر 1530ع تي همايون تخت نشين ٿيو.
29 ڊسمبر 1845ع تي ٽيڪساس آمريڪا جي رياست بڻيو.
29 ڊسمبر 1932ع تي اردو جي نامياري شاعر محسن ڀوپالي جو جنم ڏينھن آهي.
29 ڊسمبر 1937ع تي بھترين گلوڪاره، ليکڪا، اداڪاره ۽ صداڪاره زرينه بلوچ ڌي محمد موسيٰ بلوچ ڳوٺ الهداد چنڊ حيدرآباد ۾ پيدا ٿي. سندس اصل نالو آمنه هو. سنڌ جا ماڻهو جيجي جي لقب سان سڏيندا هئس.
29 ڊسمبر 1942ع تي بالي ووڊ اداڪار راجيش کنا جو جنم ڏينھن آهي.
29 ڊسمبر 1949ع تي هالينڊ، انڊونيشيا جي آزاديءَ کي تسليم ڪيو.
29 ڊسمبر 1949ع تي مشھور رانديگر سيد مجتبى ڪرماني جو جنم ڏينھن آهي.
29 ڊسمبر 1969ع تي صوفي منش شخصيت ۽ ڀڳتي راڳي، ڀڳت چنديرام جو چالاڻو ٿيو.
29 ڊسمبر 1976ع تي رانديگر ثقلين مشتاق جو جنم ڏينھن آهي.
29 ڊسمبر 1985ع تي فلپائن جي صدر مسز اڪينو کي سڀ کان ممتاز شخصيت قرار ڏنو ويو.
29 ڊسمبر 1986ع تي آمريڪي مصنف جان فيڪڊ ونلڊ جو وڇوڙو ٿيو.
29 ڊسمبر 1999ع تي بشير خان قريشي 11 مھينا 12 ڏينھن قيد ڪاٽي حيدرآباد سينٽرل جيل مان آزاد ٿيو.
29 ڊسمبر 2002ع تي شاعر پيرل پرديسي سيتائي جو وڇوڙو ٿيو.
29 ڊسمبر 2012ع تي مشھور ڪمنٽيٽر ۽ ڪرڪيٽر ٽوني گريگ سڊني آسٽريليا ۾ وفات ڪئي.
30 ڊسمبر 1800ع تي بزرگ پير قائم الدين قلندر بڪيرائي جو وڇوڙو ٿيو.
30 ڊسمبر 1906ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو.
30 ڊسمبر 1920ع تي سنڌ جو مايه ناز اديب، شاعر، عالم، صحافي ۽ دانشور مولانا غلام محمد گرامي ولد جاڙو خان لغاري ميھڙ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو.
30 ڊسمبر 1930ع تي آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس الھه آباد ۾ ٿيو.
30 ڊسمبر 1939ع تي شاعر غلام سرور حاذق جو جنم ڏينھن آهي.
30 ڊسمبر 1942ع تي شاعر محمد بخش نياز جو جنم ڏينھن آهي.
30 ڊسمبر 1947ع تي رومانيه مان بادشاهت ختم ٿي.
30 ڊسمبر 1985ع تي مخدوم سجاد حسين قريشي پنجاب جو گورنر بڻيو.
30 ڊسمبر 1985ع تي ريٽائرڊ جنرل محمد موسى، بلوچستان جو گورنر بڻيو.
30 ڊسمبر 1986ع تي برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ميڪملن جو وڇوڙو ٿيو.
30 ڊسمبر 1988ع تي صحافي ۽ هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي جو وڇوڙو ٿيو .
31 ڊسمبر 1599ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني قائم ٿي.
31 ڊسمبر 1892ع تي موسيقار آسر فقير جو جنم ڏينھن آهي. آسر فقير ولد ميرڻ خواجه ضلعي ٺٽي، تعلقي جاتيءَ جي ڳوٺ تـڙ خواجه ۾ جنم ورتو.
31 ڊسمبر 1914ع تي ليکڪ گل محمد شاهه رضوي جو جنم ڏينھن آهي.
31 ڊسمبر 1914ع تي شمس العلماء ۽ مشھور شاعر مولانا الطاف حسين حاليءَ جو پاڻي پت ۾ وڇوڙو ٿيو.
31 ڊسمبر 1928ع تي مشھور اديب ڪرنل غلام سرور جو جنم ڏينھن آهي.
31 ڊسمبر 1929ع تي انگلينڊ جي مشھور ڪرڪيٽر پيٽرمي جو جنم ڏينھن آهي.
31 ڊسمبر 1958ع تي وڪيل ۽ سياستدان محمد اياز سومرو، خدا بخش سومرو جي گهر شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.
31 ڊسمبر 1967ع تي صحافي سيد معظم بخاري جو جنم ڏينھن آهي.
31 ڊسمبر 1980ع تي نوجوان شاعر همراز علي فقير اصل نالو (امتياز حسين) والد جو نالو خدابخش مڱڻهار سندس جنم سوڀوديرو شھر ۾ ٿيو.
31 ڊسمبر 1982ع تي نامور زميندار، اديب، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي عاشق رئيس ڪريم بخش نظاماڻي وفات ڪئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1909ع ڌاري ماتلي ضلعي بدين ۾ جنم ورتو هو.
31 ڊسمبر 1984ع تي تعليمدان پروفيسر اڪرم انصاري جو وڇوڙو ٿيو.
31 ڊسمبر 2008ع تي اداڪار سھراب مشوري راهه رباني ورتي.
31 ڊسمبر 2010ع تي گلوڪار امانت گل جو وڇوڙو ٿيو.
31 ڊسمبر 2018ع بالي ووڊ اداڪار قادر خان جو وڇوڙو ٿيو.

مددي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون

1) انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (نگران اعليٰ) پروفيسر ڊاڪٽر فهميده حسين - سنڌ لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ 6 جلد.
2) سنڌي ادب تي هڪ نظر - مختيار احمد ملاح (مڪتبه فريد ڪراچي)
3) سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري - مرتب؛ ڊاڪٽر خواجه غلام علي الانا (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ نيورسٽي).
4) قلمڪار ڪوي - مرتب؛ فقير محمد سنڌي، جي ايم رئيساڻي (قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2009ع).
5) کير ٿر تي صبح - سهيڙ؛ سعيد سومرو (ڪنول پبليڪيشن قنبر 2009ع).
6) ماهوار ادب حيدرآباد - جا مختلف پرچا.
7) قانون اسان لاءِ - امتياز احمد شاهاڻي (قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2009ع).
8) وقت جي واکاڻ (شاعري) - جي ايم رئيساڻي (قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2010ع).
9) مارو جي ملير جا - مرتب؛ خادم حسين چانڊيو (گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد سنڌ 2004-2005ع).
10) لاڙڪاڻو امر شخصيتون - عبدالستار ڀٽي (لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي 2000ع).
11) سوڀي ديري جا ڏات ڌڻي- خاوند ڏنو لاڙڪ (سنڌي ادبي شاخ سوڀوديرو 2009ع).
12) ڪوزي منجهه سمنڊ - سهيڙ؛ جاويد علي (گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد).
13) امرتا: ماهوار حيدرآباد جا مختلف پرچا.
14) نئين زندگي: ماهوار حيدرآباد جا مختلف پرچا.
15) روزاني ڪاوش: حيدرآباد جا مختلف پرچا.
16) روزاني شام حيدرآباد جا مختلف پرچا.
17) روزاني عوامي آواز ڪراچي پھرين آگسٽ 2017ع کان جولاءِ 2018ع تائين: جا مڪمل پرچا.
18) روزاني سوڀ ڪراچي: جا مختلف پرچا.
19) ٽماهي مھراڻ: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، مختلف پرچا.
20) مھراڻ شاعر نمبر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو (1990)
21) مھراڻ سوانح نمبر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، حيدرآباد (1990)
22) شاهه جو رسالو: ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه حيدرآباد سنڌ (1985ع).
23) ميمڻ، عيسى ”سياست تاريخ ۽ ڪردار“، ڏوڪري، سرسوتي ساهت گهر، ضلعو لاڙڪاڻو.
24) روزاني ارادو لاڙڪاڻو جا مختلف پرچا.
25) روزاني سرواڻ ڪراچي جا مختلف پرچا.
26) ناميارا سائنسدان (جلد اول) سنڌيڪار : قاضي منظر حيات، سنڌ لئنگويج اٿارٽي.
27) جنب گذاريم جن سي (حصو ٻيو) مصنف جي ايم سيد، ايڊيشن ٽيون 2015ع ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
28) ڏهر منجهه ڏيئا، (گڏيل شاعري) مرتب وسيم آڪاش سيتائي، ڪنول پبليڪيشن قنبر، 2015ع.
29) عقيدت جا ڳوڙها، مرتب: ملهار سنڌي، ڇاپو پھريون مئي 2009ع، سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو.
30) سنڌي شاعريءَ جو سفر، تحقيق ۽ چونڊ: ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌي ادبي سنگت سنڌ، (2013ع).
31) واهيون مھڪيون واٽ تي (گڏيل وايون) مرتب مبين اڄڻ، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد 2019ع.
32) سونھن سمبارا (ريڊيو اسڪرپٽ) فقير محمد سنڌي، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو 2016ع.
33) روزاني فاسٽ ٽائمز لاڙڪاڻو جا مختلف پرچا.
34) روزاني ھلال پاڪستان ڪراچي جا مختلف پرچا.