سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري وڪيل، سماجي ۽ سياسي ڪارڪن علي احمد قريشيءَ جي يادگيرين ۽ جيون ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب ”يادن جا ورق“ اوھان اڳيان پيش آهي.
علي احمد قريشي صاحب هاري تحريڪ ۾ شروع کان سرگرم رهيو، هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيائين جيتوڻيڪ پاڻ خوشحال آبادگار آهي پر سندس هارين سان اڄ بہ روش مثبت آهي. علي احمد قريشيءَ جي آتم ڪٿا دراصل جديد سنڌ جي تاريخ آهي، سنڌ جي سياسي تاريخ توڙي سياسي اڳواڻن جي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي، ذاتي زندگي جا بہ ڪافي احوال اوريل آهن. 92 ورهين جي عمر ۾ بہ ذهني طور چست هن شخص ڪمال جا مشاهدا بيان ڪيا آهن، جيڪي پڙهڻ سان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو.
ھي ڪتاب منڇر پبليڪيشن، دادو پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز قريشيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني، مھربانيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي