ڪالم / مضمون

سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق رُڪ سنڌيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو سھيڙيل مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان بہ موجود آهن تہ ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون بہ پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن.
  • 4.5/5.0
  • 409
  • 90
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

حق ۽ واسطا

ڪتاب جو نالو: سکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو
مصنف: رڪ سنڌي
ڇپائيندڙ: ساڻيهه اشاعت گهر، حيدرآباد، سنڌ
ڇاپو: پهريون، مارچ 2013ع

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سُکي ڌرتي، ڏُکويل ماڻھو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب ليکڪ، صحافي ۽ محقق رُڪ سنڌيءَ جي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جو سھيڙيل مجموعو آھي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان بہ موجود آهن تہ ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون بہ پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ موجود آهن. هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن.
هي ڪتاب ساڻيھ اشاعت گهر، حيدرآباد پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون رُڪ سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

پاڪستان جي وفاق ۾ شامل قومن سان ملڪ ٺهڻ وقت جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا، اهي اڄ ڏينهن تائين وفا نه ٿيڻ سبب هي ملڪ وقت بوقت بحرانن جي ور چڙهندو رهي ٿو. ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هجي، يا مسلم ليگ جي روپ ۾ ملڪ جي خيرخواهي جا دعوى ڪندڙ اقتدار جي ايوانن ۾ هجن، انهن ڪڏهن به وفاقي پاڪستان جو بنياد وجهندڙ قومن جون شڪايتون دور ڪرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي قدم نه کنيا آهن. ملڪي سطح جون سياسي پارٽيون جڏهن به اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل هونديون آهن ته سندن مظلوم قومن ڏانهن رويو دشمني وارو هوندو آهي. جڏهن ته اهي ساڳيون ئي پارٽيون مخالف ڌر ۾ هجڻ وقت ملڪي عوام سميت وفاقي ايڪن لاءِ انقلابي تبديليون آڻڻ جي دعوى ڪندي نه ٿڪجنديون آهن. هن ڪتاب ۾ پيپلز پارٽي سميت مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دورن ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تان پردو کنيو ويو آهي. انهن ٻنهي پارٽين طرفان وقت بوقت سنڌي قوم سان ڪيل واعدن جي انحرافي جو ذڪر به ٿيل آهي.
هن ڪتاب ۾ آگسٽ 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا دردناڪ داستان به موجود آهن ته ساڳي وقت حڪمران ڌر طرفان ٻوڏ متاثرن سان امداد جي نالي تي ڪيل ٺٺوليون به پنهنجن مڙني ثبوتن سان گڏ کين ننگو ڪرڻ لاءِ موجود آهن. منهنجي هن ڪتاب ۾ مارچ 2009ع کان جنوري 2013ع تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مضمون ۽ ڪالم شامل آهن. جيڪي ان دور جي جيئري جاڳندي تاريخ آهن. ايندڙ دور جو مورخ جڏهن موجوده دور جي تاريخ لکڻ لاءِ قلم کڻندو ته کيس هن ڪتاب مان سنڌ جي بي وس ماڻهن جي اکين مان وهيل رت جا ڳوڙها ٻيهر ٽمندي نظر ايندا.

رڪ سنڌي

پ پ، نواز شريف ۽ مظلوم قومن جو ڪيس

ٻن اڳوڻن وزيراعظمن ۾ جڏهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ مشهور ”ميثاق جمهوريت“ وارو معاهدو ٿيو هو ته ان وقت فوجي آپيشاهي سٽيل عوام ۽ خاص ڪري پاڪستان جي مظلوم قومن منجهه اها اميد پئدا ٿي هئي ته هاڻ جڏهن به پ پ يا مسلم ليگ نواز مان ڪابه پارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت جوڙيندي ته گهٽ ۾ گهٽ مظلوم قومن سان ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪيو ويندو. 1973ع واري آئين ٺهڻ وقت مظلوم قومن سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا. انهن جي پاسداري ڪئي ويندي. فوجي آمريت جي دور ۾ آئين ۾ هڪ طرفيون ترميمون ڪري ننڍن صوبن جي عوام جا جيڪي حق غصب ڪيا ويا آهن، سي کين موٽي ملندا. ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن 1973ع جو آئين جوڙايو هو، ان وقت ننڍن صوبن جي عوام سان اهو واعدو ڪيو ويو هو ته 20 سالن جي عرصي بعد ان ۾ ترميمون ڪري صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويندا. پر جنرل ضياءَ طرفان ملڪ تي زبردستي قبضي بعد اهو واعدو وفا نه ٿي سگهيو. 36 سال گذري ويا. ان وچ ۾ جمهوري حڪومتون به آيون، ته آمريتن به عوام کي پنهنجن پنجوڙن منجهه جڪڙيو. پر سنڌ، بلوچستان ۽ پختون خواه جو عوام پنهنجا ڦريل حق ماڻڻ بدران ويتر ٿورا گهڻا يعني انڌا منڊا مليل حق به وڃائي ويهي رهيو. 36 سالن جي عرصي اندر ٻه ٻه ڀيرا پ پ ۽ مسلم ليگ نواز جون حڪومتون به آيون پر ”ادو ڄائو، ادي مئي، اسان اوترا جو اوترا.“ واري چوڻي موجب جيئن پوءِ تيئن مظلوم ۽ محڪوم قومن جو عوام ويو زنجيرن منجهه جڪڙندو. تاريخي طور الڳ وجود رکندڙ قومن جي سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ، سندن تاريخي حقن تي راتاهي جو تسلسل نه فقط برقرار رهيو پر ان اڃا وڌيڪ خوفناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي. پنهنجي ڪائناتي حقن لاءِ جهيڙيندڙ قومن سنڌين ۽ بلوچن کي فوج ڪشيءَ جو شڪار ٿيڻو پيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جو رت وهايو ويو ۽ وري رياست جي رٽ قائم رکڻ جي بهاني بلوچن جي سينن ۾ سنگينون ٽنبيون ويون. جنرل مشرف جي دور ۾ بلوچستان ۾ جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو، سو اڄ به پنهنجي وحشتناڪ شڪل ۾ جاري آهي. بلوچستان جي ڌرتيءَ تي والار ڪرڻ لاءِ گوادر بندرگاه جو هيبتناڪ منصوبو پنهنجي مڙني خوفناڪين سان جاري آهي. سنڌ جا وسيلا لٽيا پيا وڃن. سنڌ ڌارين جي آبادڪاريءَ جو نه صرف شڪار آهي پر هاڻ ته ڌاريا ماڻهو سنڌ کي حصا پتيون ڪرڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين سان ٻه پاڻي ڪرڻ لاءِ سينا ساهي رهيا آهن.
هن وقت جڏهن حڪمرانن ۽ حڪمران رهندڙ پارٽين جي اڳواڻن جي سيني ۾ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جو درد دکي رهيو آهي. ان وقت اسان مظلوم قومن جا هيڻا ۽ بي يارو مددگار ماڻهو سندن خدمت ۾ نماڻو عرض رکون ٿا ته ٻيلي پاڪستان هوا ۾ بيٺل ڪو ڦوڪڻو ڪونهي، پر هيءُ ملڪ هتي موجود قومن جي وجود جو ئي نالو آهي. هتي رهندڙ سنڌين، پنجابين، پٺاڻن، بلوچن ۽ سرائڪين جي جيئرن جاڳندن ماڻهن جي ساه ۽ پساه سان ئي هن ملڪ جي دل ڌڙڪندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن ملڪ جو ايڏو ئي اونو ۽ فڪر آهي ته پوءِ ان ۾ رهندڙ ماڻهن جي خوشحاليءَ ۽ حقن واري معاملي تي ڇو ٿيون اکيون ٻوٽيون وڃن. ملڪ تڏهن مستحڪم ۽ جٽادار ٿيندو، جڏهن هتي رهندڙ قومون پاڻ ڀريون ٿينديون، مستحڪم ۽ مضبوط ٿينديون. سندن پئدائشي حقن جو احترام ڪيو ويندو.
ڪالهه جڏهن مسلم ليگ نواز جي سربراه نواز شريف ۽ سندس پارٽي ميثاق جمهوريت تي حڪومت سان ڳالهين لاءِ چارٽر پڌرو ڪيو آهي ۽ خود نواز شريف اها دعوى ڪئي آهي ته هو ننڍن صوبن جي عوام کي گڏ کڻي هلڻ گهري ٿو ته اسان جي دل کي وري اها انڌي منڊي تسلي ملي آهي ته من وقت جي تلخ حقيقتن ۽ ماضيءَ جي تجربن مان ملڪ جي هن وڏي پارٽي ۽ سندس قيادت ڪجهه پرايو هجي. وڏي صوبي ۾ اڪثريت رکندڙ ان پارٽيءَ جي قيادت جي ذهن ۾ ملڪ کي بچائڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جو حقيقي درد جاڳيو هجي. پر پ پ حڪومت کي موڪليل ان فارمولي ۾ ميان صاحب جي پارٽي وري به قومن جي حقيقي حقن ۽ اختيارن واري معاملي کي اڳيان آڻڻ کان ڄاڻي واڻي گوٿناٿ ڪئي آهي ۽ معاملي کي منجهائي عوام کي بتال ڪرڻ جا گر استعمال ڪيا آهن. هڪ طرف اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ڪنڪرٽ لسٽ جي خاتمي جي ته ڳالهه ڪئي وئي آهي، پر صوبن (قومن) کي حقيقي خودمختياري واري سوال کي ڄاڻي واڻي وڏي فنڪاريءَ سان گول ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ متحده قومي موومينٽ قومي اسيبمليءَ ۾ صوبن کي اختيار ڏيڻ لاءِ 1973ع جي آئين ۾ ترمين لاءِ هڪ بل تجويز ڪيو هو. جنهن ۾ صوبن لاءِ انهن حقن جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، جيڪا ڳالهه لڳ ڀڳ 40 سال اڳ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ڪئي هئي. پر ان وقت جي فوجي حڪمرانن ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪرڻ ته سهايو پر بنگالي عوام جي جائز گهرن کي قبول نه ڪيو. هاڻي جڏهن پلين هيٺان گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي ۽ باقي ملڪ جو وجود به حڪمرانن جي افعالن سبب داءَ تي لڳل آهي، ان وقت گهٽ ۾ گهٽ ملڪ جي خيرخواهي جي دعوى ڪندڙ پارٽين جي قيادت کي به وقت ۽ حالتن آهر فيصلا ڪرڻ گهرجن. نه فقط نواز ليگ پر پ پ تي ان سلسلي ۾ وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون. پ پ کي تازين چونڊن ۾ ننڍن صوبن جي عوام وڌ کان وڌ مينڊيٽ ڌئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. سنڌ ۽ پختون خواه ۾ پ پ سميت ننڍن صوبن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ پارٽيون حڪومت ۾ آهن. هيءُ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پ پ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ پارٽيون مرڪز ۾ سگهاري پوزيشن ۾ آهن. ان سان گڏوگڏ مسلم ليگ نواز به ماضيءَ ۾ ۽ خاص ڪري اقتدار کان محروم هجڻ وقت صوبن کي حق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪندي رهي آهي. نواز ليگ ساڳي طرح اي پي ڊي ايم ۾ به شامل مظلوم قومن جي پارٽين سان اهڙا واعدا ڪندي رهي آهي ته هو اقتدار ۾ اچي يا مخالف ڌر ۾ هوندي وقت جي حڪمران ڌر تي اهو دٻاءُ برقرار رکندي ته اها قومن کي پنهنجا حق ڏئي. خود بلوچستان جي حوالي سان نواز ليگ جا زباني ڪلامي اهي اقرار ۽ اعلان موجود آهن ته بلوچستان سميت ننڍن صوبن کي پنهنجا اختيار ملڻ گهرجن.
هاڻي جڏهن آئين ۾ ترميمن لاءِ جاکوڙ جاري آهي ته ان وقت مظلوم قومن جو عوام حڪمران ڌر سميت پنجاب ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽين آڏو اها حجت ڪرڻ ۾ حق بجانب آهي ته هاڻي گذريل 62 سالن ۾ ننڍن صوبن (قومن) سان ڪيل زيادتين جو حقيقي معنى ۾ ازالو ڪيو وڃي. آئين ۾ اهڙيون جٽادار ۽ عوام دوست تبديليون ڪيون وڃن. جنهن سان ملڪ جي سالميت آڏو آيل سوال ۽ خطرا ٽري سگهن. ان سلسلي ۾ اقتدار کان ٻاهر ويٺل ڌرين کي به اسان جي گذارش آهي ته هو هن معاملي تي سگهارو آواز بلند ڪن. جيڪڏهن ججن جي بحاليءَ لاءِ عوام کي رستن تي آڻي سگهجي ٿو ته پوءِ ملڪ جي استحڪام يعني هتي موجود قومن جي موت ۽ حياتي وارن معاملن تي مجرماڻي ماٺ ملڪ سان ڪهڙي سڄڻائپ چئي سگهجي ٿي.
وفاقي پاڪستان ۾ ننڍين ۽ پوئتي پيل قومن جون شڪايتون دور ڪرڻ ۽ کين زندگي جي هر ميدان ۾ انصاف ڏيڻ ۽ خوشحالي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪي بنيادي انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون. اهي پاڻ نه اينديون، پر انهن لاءِ ننڍين صوبن جي عوام کي موثر نموني آواز اٿارڻو ۽ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان لاءِ پاڪستان جي وفاق کي مضبوط ۽ مستحڪم ڏسندڙن جو فرض آهي ته هو ننڍين قومن جي جائز مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن هيٺين 6 نقطن جي بنياد تي جدوجهد هلائي وڃي ته جيڪر پاڪستان جو وفاق مضبوط ۽ مستحڪم ٿيڻ سان گڏ خوشحال ۽ آسودو پڻ بنجي پوي، ۽ قومن ۾ وڌندڙ نفرتون هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن.

پاڪستان ۾ قومن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪي بنيادي نقطا:
پاڪستان ۾ چئن قومن جي جداگانه قومي وجودن کي تسليم ڪري، پاڪستان کي هڪ گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، چئني قومن جي وطنن (صوبن) کي آزاد ۽ خودمختيار رياستن جو درجو ڏنو وڃي.
پارلياماني طرز حڪومت جي مطابق پاڪستان جو هڪ اهڙو وفاق قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ بالغ راءِ دهيءَ جي اصول تي سڌو سنئون چونڊيل قانون ساز اسيمبليءَ کي مڪمل بالادستي حاصل هجي ۽ وفاقي قانون ساز اسيمبليءَ ۾ مڙني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏني وڃي.
وفاقي حڪومت صرف ٽي کاتا دفاع، پرڏيهي معاملا ۽ ڪرنسي پاڻ وٽ رکي. جنهن جي انتظاميه ۾ چئني قومن جي هڪ جيتري نمائندگي هجي. صوبن جي وچ ۾ سرمائي جي آزادانه منتقليءَ تي بندش وڌي وڃي ۽ وفاقي يونٽن کي پنهنجو الڳ بئنڪ سرمايو محفوظ ڪرڻ جو حق هجي ۽ سندن لاءِ الڳ بئنڪ، بجيٽ ۽ مالياتي نظام هجي.
ٽيڪسن جي نفاذ ۽ وصوليءَ جو اختيار وفاقي يونٽن وٽ هجڻ گهرجي ۽ وفاق کي خرچ پکي لاءِ يونٽ هڪ جيترو ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي طرح وفاق طرفان ملندڙ گرانٽون يا ٻيون امدادون هڪ جيتري تناسب سان يونٽن ۾ ورهايون وڃن.
وفاقي يونٽن کي پنهنجي نيم فوجي تنظيم (مليشيا) رکڻ جو اختيار هجي. جنهن جي انتظامي ڪمن ۾ وفاقي يونٽ آزاد ۽ خودمختيار هجن.
چئني قومن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي ۽ هر ٻوليءَ کي پنهنجي واسطيدار يونٽ اندر سرڪاري توڙي خانگي لکپڙهه جي ڪمن ۾ استعمال ۾ آندو وڃي. اردو کي چئني يونٽن جي وچ ۾ رابطي جي زبان طور رهڻ ڏنو وڃي.
انهن نقطن تي تيستائين ڪاميابي سان عمل ڪرائي نه ٿو سگهجي جيستائين:
فوج ۾ چئني قومن کي هڪ جيتري نمائندگي ڏئي، فوج ۾ هڪ صوبي جي هڪ هٽيءَ کي ختم نه ٿو ڪجي.
صوبن جي وچ ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ بند ڪرائي نه ٿي وڃي ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻين صوبن جي آيل ماڻهن کي واپس نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن جون ملڪيتون واپس ڪري مقامي رهواسين کي نه ٿيون ڏنيون وڃن.
هندستان مان آيل مهاجرن کي هتان جي قومن ۾ ضم ٿي انهن جي ٻولي ۽ تهذيب کي اپنائڻ تي مجبور نه ٿو ڪيو وڃي.
منهنجي نظر ۾ مٿين 6 نقطن جي بنياد تي ئي پاڪستان کي متحد ۽ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن هن وقت به وڏي بالادست قوم طرفان ننڍين قومن جي سماجي ۽ معاشي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ننڍيون قومون مجبور ٿي اهڙا رستا اختيار ڪنديون، جيڪي وري ٻيهر هڪ ٻئي سان ملي نه سگهندا.
اسان هتي پ پ، نواز ليگ، عوامي نيشنل پارٽيءَ، ايم ڪيو ايم، بلوچستان ۾ پ پ قيادت ۽ پنجاب جي عوام دوست ڌرين کي وينتي ڪنداسين ته هو هاڻي ملڪ کي بچائڻ لاءِ زباني ڪلامي دعوائن ڪرڻ ۽ مظلوم قومن جي نالي تي دل پشوري ڪرڻ وارن ترڪتالن کي ڇڏي اهڙا ديرپا قدم کڻن، جن سان ماضي ۾ ٿيل ظلمن ۽ نانصافين جي ڪاري باب جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي وڃي. قدرت هر ڀيري اهڙا موقعا مهيا نه ڪندي آهي، خود پ پ لاءِ به هيءُ حقيقي معنى ۾ امتحان جو موقعو آهي. ڇاڪاڻ ته ننڍن صوبن جي عوام هميشه پ پ کي پنهنجو ڀرجهلو سمجهيو آهي ۽ ان مان ئي پنهنجن دکن ۽ دردن جو درمان ٿيڻ جي آس رکي آهي. جيڪڏهن هن ڀيري به مظلوم قومن جي جذبن کي فقط اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهي استعمال ڪيو ويو ته پوءِ شايد مظلوم ماڻهو ڪي ٻيا دڳ ۽ واٽون وٺڻ تي مجبور ٿي پون.

(ڇپيل روزاني سنڌ، حيدرآباد، 26 مارچ 2009ع)

امن لاءِ دهشتگردن کي انعام ڏيندڙ حڪمران ۽ ماتم ڪندڙ ڪُڙي پنجابڻ

سڄي ملڪ کي دهشتگرد ٽولا مست هاٿيءَ جيان لتاڙي امن جي خواهش رکندڙ معصوم ماڻهن کي چيڀاٽي ۽ چٿي رهيا آهن. پنجاب ۽ سرحد جا شهر ۽ وسنديون تاراج ڪيون پيون وڃن. اڃا لاهور جي لبرٽي مارڪيٽ لڳ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم تي هنيل گهات وارا زخم ئي نه ڇٽا هيا ته ساڳي شهر اندر مناوان ۾ پوليس جي تربيتي مرڪز تي صبح جو سوير دهشتگردن حملو ڪري نوجوانن جي رت سان هولي کيڏي آهي. انهن ڳڀرو نوجوانن جا لاش سندن مائرن، ڀينرن ۽ ونين ڏانهن موڪليا ويا آهن. جن کي اڃا ڪيتريون ئي بهار جون مندون ماڻڻيون هيون. مائرن، ڀينرن ۽ ونين جا سپنا ساڀيان ڪرڻا هئا. شيهي جي گولين ۽ بارود جي ڌماڪن ۾ اهڙا به ڪيترا ڳڀرو ماريا ويا، جن اڃا مٿي تي موڙ به نه ٻڌا هيا. کين ته اها به خبر نه هئي ته کين ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. مٿي ۾ مٽي وجهي پار ڪڍندڙ ان ”ڪُڙي پنجابڻ“ کي ڪير سمجهائي سگهي ٿو، آهي ڪنهن ايئرڪنڊيشن ۾ ويٺل حڪمران کي طاقت، جو هو کيس ٻڌائي سگهي ته تنهنجو ور ان سازشن جو شڪار ٿيو آهي. جيڪا هنن آمريڪا جي چند ڏوڪڙن عيوض جنرل ضياءَ جي دور کان شروع ڪئي هئي. منهن مٿو پٽيندڙ اها نوجوان ناري ته ان وقت اڃا ڄائي به نه هوندي، جڏهن اسان جي حڪمرانن آمريڪا جي آشيرواد سان ”نام نهاد جهاد“ جي نالي 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جنونين جا لشڪر پاليا هئا. ان پنجابڻ جي ور جا ته ان وقت ئي ”موت جا وارنٽ“ جاري ڪيا ويا هئا، جنهن وقت سندس سرير اڃا مٺڙي ماءُ جي ڪک ۾ سرجيو به ڪونه هيو. ان وقت به سنڌ ۽ ان جا مصيبتن ماريل ماڻهو دانهون ڪوڪون ڪري رهيا هئا ته ٻيلي افغان انقلاب جي چيلهه چٻي ڪرڻ جي شوق ۾ پنهنجون سرحدون دنيا جي مڙني غنڊن ۽ لوفرن لاءَ نه کولي ڇڏيو. جنونين کي هٿيار پنهوار ڏئي، کين اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ نه بڻايو. پر اڄ وانگر لطيف جي وارثن جي ڪوبه ٻولي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هيو. اٽلندو کين ملڪ جو دشمن ۽ مذهب تان ٿڙيل قرار ڏئي. مارشلائي عتاب جو شڪار ڪيو ويو. سنڌ جون سرحدون جهادي ٽولن لاءِ بي معنى بڻايون ويون. منهنجا شهر ۽ وسنديون پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر ۽ هينڊ گرنيڊ جهڙن موتمار هٿيارن سان روشناس ٿيون. ان وقت سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو ڪوبه آواز ٻڌڻ لاءِ تيار نه هيو. ڪالهه پنجاب ۾ ماريل سپاهيءَ جو پيءُ به حڪمرانن جي ڪوڙي پرچار جو شڪار بڻجي سنڌ جي وارثن لاءِ پنهنجي من ۾ نفرت ۽ شڪ پالي رهيو هو. اڄ جڏهن افغان ڌرتيءَ کي بڇيل باه جون اماڙيون پنجاب ۽ سرحد کي ساڙڻ لڳيون آهن ته اتان جي حڪمرانن ۽ عوام کي سنڌ جي سٻاجهن ماڻهن جون 30 سال اڳ ڪيل ڳالهيون شرمسار ته ڪري رهيون آهن پر پوءِ به هو منهن جي پڪائي سان سنڌ جي امن عالم ۽ ڀائيچاري واري پيغام کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هو شاهه لطيف جي ”عالم سڀ آباد ڪرين“ واري نظرئي کي دل سان قبولڻ لاءِ تيار نظر نه ٿا اچن. منافقيون ۽ مڪاريون سندن رڳ رڳ ۾ سمايل محسوس ٿين ٿيون.
ڪالهه جڏهن سوات جي خوبصورت واديءَ کي امن جي آسري تي دهشتگردن کي انعام طور ڏنو پئي ويو ته انسانيت جي خيرخواهن جا ڏيل ڏڪي ويا. سندن دل جي ڌڙڪن بند ٿيندي محسوس ٿي. سوات امن معاهدي تي دهل ۽ شرنايون وڄائي سوڀ جا نعرا هڻندڙ اڄ ماتم ۾ مبتلا گهرن ۾ وڃي ڪهڙي طرح انهن سون ورنين ونين سان ڏک ونڊي سگهندا، جن جا ڪونڌر مڙس انهن ئي انسانيت جي ويرين وڃايا آهن. هو انهن جهور پوڙهين مائرن جي مٿي تي ڪيئن هٿ رکي سگهندا، جن جا نوجوان پٽ انهن ئي موت جي سوداگرن رت ۾ وهنجاريا آهن، جن سان حڪمران امن جي خوبصورت نالي تي ٺاهه ڪرڻ بعد هنڀوڇيون ۽ کڳيون هڻي رهيا هئا.
سوات امن معاهدو اصل ۾ حڪمرانن جي ڪا به فتح ناهي، جنهن تي سرحد صوبي ۽ وفاقي گاديءَ ۾ ويٺل شادمانا ڪري رهيا آهن ۽ عوامي نيشل پارٽيءَ کان وٺي ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جون ڳالهيون ڪندڙ پارٽيون ۽ ڌريون پنهنجي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي رهيون آهن. ڪالهه جيڪو ٽولو عوام دشمن قرار ڏنو ويو هو ۽ سندس مٿان پابندي هڻي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن کي سندن نالو کڻڻ کان روڪيو ويو هو، اهو رات وچ ۾ ڪيئن کير جهڙو پوتر ٿي ويو. جو کين سرڪاري پروٽوڪول سان سوات جي واديءَ ۾ داخل ڪري سندن مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ويو. کين رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ملڪ جي آئين ۽ قانون کي پاسيرو رکي، کين متبادل انتظاميه رکڻ جو آشيرواد ڏنو ويو. ملڪ جا ڪروڙين ماڻهو يعني خاموش اڪثريت دٻيل لفظن ۾ ان معاهدي کي فتح بدران شڪست سان ڀيٽڻ لڳي. امن جي نالي ۾ دهشتگردن کي انعام ڏيڻ جي هڪ ڪوشش سمجهڻ لڳي، پر انگريز دور وانگر انعام ۾ جاگيرون ڏيڻ جا جتن ڪرڻ کان پوءِ به حڪمران پنهنجا مقصد حاصل ڪري نه سگهيا. صوفي محمد سوات جي جاگير عطا ٿيڻ بعد راولپنڊي، اسلام آباد ۽ لاهور کي تحفظ مهيا ڪري نه سگهيو.اٽلندو طالبان کي پنهنجي ڪاررواين جو دائرو وڌائڻ جو موقعو ميسر ٿي ويو. دهشتگرديءَ جون وارداتون ماٺيون ٿيڻ بدران سوات جون سرحدون ٽپي لاهور کي ساڙڻ ۽ ٻارڻ لڳيون. ته پوءِ ڇا سڀاڻي پنجاب ۾ حڪومت طرفان امن جي قيام ۾ ناڪاميءَ تي امن لاءِ لاهور به دهشتگردن کي انعام ۾ جاگير طور عطا ڪيو ويندو.
سوات ۾ دهشتگردن سان امن معاهدي تي ملڪ جي سياڻن ماڻهن جي راءِ اها آهي ته ان سان فوجي آپريشن دوران ڇڙوڇڙ ٿيل دهشتگردن کي ٻيهر هڪ محفوظ پناه گاه ملي ويندي. کين منظم ۽ هٿياربند ٿي ٻيهر حملي آور ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو. ان سان حڪومت طرفان ڪيل آپريشن جا نتيجا ضايع ٿي ويندا. سوات امن معاهدي کي ڪافي هفتا گذري چڪا آهن، پر حڪومت عوام کي جيڪي امن جا خواب ڏيکاريا هئا، انهن جي ساڀيان پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. اٽلندو دهشتگردن سوات کي محفوظ مرڪز بڻائي اتان ٻين پرامن علائقن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي. ملڪ جا سياڻا ماڻهو ته اهو به چون ٿا ته حڪومت نه صرف امن جي دشمنن کي منظم طريقي سان بدامني ڦهلائڻ لاءِ سوات تحفي ۾ ڏنو آهي، پر گذريل ٻن ٽن سالن کان هلندڙ آپريشن ۾ جيڪي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا هئا، انهن کي به امن واري لالچ ۾ آزاد ڪيو پيو وڃي. جنهن جا نتيجا اهي ئي نڪرندا ته هو ٻيهر ملڪ کي باه جون اماڙيون بڇائيندا، عوام جو جيئڻ جنجال ڪندا. ملڪ جي ساڃهه وندن کي اها خبر نه ٿي پوي ته حڪومت ملڪي ناڻي جا اربين کربين روپيا خرچ ڪري، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان مارائي جيڪي دهشتگرد پڪڙيا هئا. انهن کي آزاد ڪرڻ سان ڪهڙا مقصد ماڻڻ گهري ٿي. جيڪڏهن ايئن ئي ڪرڻو هو ته شروعات ۾ ئي دهشتگردن آڏو آڻ مڃي کين انعام اڪرام ڏئي، جند آجي ڪرائي ڇڏي ها. هيڏي ڌماچوڪڙي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
اسان جا حڪمران خبر ناهي ته ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن کين امن جو ايترو ئي اونو آهي ته پوءِ هو سرچاءَ جو اهو عمل ٻين علائقن ۽ اتان جي عوام سان شروع ڇو نه ٿا ڪن. هڪ طرف دهشتگردن ڏانهن ته امن لاءِ هٿ وڌايو وڃي ٿو، پر ٻئي طرف پنهنجا حق گهرندڙ معصوم ماڻهو ماريا ٿا وڃن. سندن گهر ۽ وسنديون اجاڙيون ٿيون وڃن. پنهنجا ڦريل حق گهرندڙ ماڻهو شايد ان ڪري اهميت لائق ناهن جو وٽن دهشتگردن وانگر راڪيٽ ۽ بم گولا ناهن. هنن وٽ حق گهرڻ لاءِ فقط زبان ۽ قلم آهي. سوين ماڻهن جي قاتلن کي ته معاف ڪري، کين محبت مان ڀاڪر وجهي تخت تي ويهاريو وڃي ٿو، پر بلوچ عوام کي پنهنجي علائقي جا قانوني، آئيني ۽ فطري حق ڏيڻ، ساڻن ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪرڻ کي ڪبيرو گناه سمجهيو وڃي ٿو. بلوچن جا ايجنسين طرفان گم ڪيل سوين نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون واپس نه ٿا ڪرايا وڃن. بي گناه باندي بڻايل بلوچن لاءِ طالبان وانگر جيلن جي در نه ٿا کلن. ٻيو ته ڇڏيو پر اسان جو صدر صاحب بلوچن کي ان نام نهاد معافي لائق به نه ٿو سمجهي، جيڪا رعايت بلوچ پاڻ لاءِ وٺڻ توهين سمجهن ٿا. ڏوه حڪمران ڪن ٿا، ماڻهو ايجنسيون مارين ۽ گم ڪن ٿيون، پر پوءِ به امن لاءِ بلوچن سان حڪمرانن جو رويو اهڙو آهي، جنهن جو تصور ڪندي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو. بلوچ طالبان وانگر ڪابه رعايت نه ٿا گهرن، کين ڪابه معافي نه گهرجي، پر هو فقط پرامن جدوجهد ذريعي پنهنجا حق گهرن ٿا. شايد هو طالبان وانگر ڪا خاص مخلوق ناهن، جو حڪمران سندن مطالبي کي مان ڏين.
حڪمرانن جنهن خطرناڪ روايت جو بنياد وڌو آهي. اها ڪٿي دنگ ڪندي. خدا خير ڪري، جيڪڏهن سوات واري امن معاهدي کي بنياد بڻائي سڀاڻي سنڌ ۾ تيزيءَ سان داخل ٿيندڙ طالبان جا ٽولا ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد سميت شڪارپور ۾ به دهشتگرديءَ ذريعي حڪومتي رٽ کي مٽيءَ ۾ ملائي سرڪار تي امن ٺاه لاءِ دٻاءُ وجهي ويهي رهن ۽ امن لاءِ سنڌ جا شهر به سوات وانگر جاگير طور گهري ويهن ته پوءِ سنڌ جي ناريءَ کي به لاهور جي ڪڙي پنجابڻ وانگر پنهنجن پيارن تي فقط پار ڪڍي روئڻ جو ئي موقعو ملي سگهندو.

(ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 2 اپريل، 2009ع)

رت ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جو نوحو

بلوچ مزاحمت جي هڪ اڻ موٽ ڪردار جنرل شيروف اڄ کان 23، 24 سال اڳ خيرپور جي سپريئر سائنس ڪاليج ۾ سنڌ دوست انقلابي تنظيم جي شاگرد ونگ ايس ايس او طرفان ڪرايل هڪ سيمينار ۾ جذباتي شاگردن طرفان ڪيل هوائي فائرنگ دوران کين فائرنگ کان منع ڪندي چيو هو ته؛ ”گوليون سنڀالي رکو، سڀاڻي انهن جي گهڻي ضرورت پوندي.“
اڄ جنرل شيروف ته اسان جي وچ ۾ موجود ناهي، پر سندس ڪيل هدايت شايد اڄوڪي وقت لاءِ هئي. اڄ بلوچستان ۽ سنڌ جو عوام هٿياربند دشمنن جي گهيري ۾ آهي. کين ان گهيري مان سندن پرامن جمهوري جدوجهد صحيح سلامت ٻاهر ڪڍڻ ۾ ناڪام رهي آهي. بندوق جي ٻولي ڳالهائيندڙ دليل ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. اڄ بلوچ ۽ سنڌي عوام کي تاريخ جي ان موڙ تي آڻي بيهاريو ويو آهي، جتي گوليءَ جو جواب گوليءَ سان ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهيو آهي.
جنرل شيروف (شير محمد مري) ان وقت سوويت يونين خلاف جهاد ۾ مصروف فوجي حڪمرانن ۽ انهن جي ساٿاري ٽولن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته، پنجاب جي مائرن کي مستقبل اڃان گهڻو ڪجهه رئاريندو. ڇاڪاڻ جو هنن تاريخ جي ٿڦڙ مان سبق نه سکيو آهي. اها ٿڦڙ جيڪا کين بنگلاديش جي صورت ۾ لڳي چڪي آهي. جنرل شيروف جي ياد ڏياريل ٿڦڙ شايد ٻيهر پنجاب جي اصل اقتدار ڌڻين جا ڳل ڳولي رهي آهي.
ڪالهه بلوچستان جي ڌرتيءَ کي ٻيهر پنهنجن ڪونڌرن جا لاش تحفي ۾ ڏنا ويا آهن. تربت مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ڪيل بلوچستان نيشنل موومينٽ جي سربراه غلام محمد بلوچ، بلوچ ريپبليڪين پارٽيءَ جي اڳواڻ شير محمد بلوچ ۽ لالا منير بلوچ جا چچريل لاش هٿ اچڻ بعد بلوچ ڌرتيءَ ٻيهر نفرت جي باهه اوڳاڇڻ شروع ڪئي آهي. اها باهه انهن قوتن خلاف ڀڙڪا ڏئي ڀنڀٽ بڻجڻ طرف وڃي رهي آهي، جيڪي قوتون پاڪستان جي وجود کان وٺي بلوچ وجود جون انڪاري رهيون آهن. رستن تي ٻرندڙ باهه کي شايد حڪمران پنهنجي رياستي طاقت سان ڪجهه ڏينهن اندر وسائڻ ۾ ڪامياب وڃن. پر بلوچ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي دل ۾ جيڪا نفرت جي باهه اوتي وئي آهي، ان کي وسائڻ لاءِ شايد حڪمرانن وٽ اهو پاڻي ئي موجود نه هجي. دلين ۾ محبت ۽ مٺاس پيدا ڪرڻ لاءِ صدين جو سفر طئه ڪرڻو پوندو آهي. جڏهن ته نفرت پکيڙڻ لاءِ فقط هڪ ڄڀي ئي ڪافي هوندي آهي. پر هتي ته پاڪستان جي عمر جي حساب کان به وڌيڪ بلوچ عوام جي من کي جهير ڏنا ويا آهن.
پ پ سان لاڳاپيل حڪمران چون ٿا ته اسان بلوچ عوام سان ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين تي معافي جا طلبگار آهيون، سندن ناراضگي ختم ڪرڻ لاءِ کين محبتن بدران ڏوڪڙن جو پيڪيج ڏينداسين. کين اهي سڀ حق ۽ اختيار ڏنا ويندا، جن جو هتان جي قومن نه پر حڪمرانن موجب صوبن سان 1973ع جي آئين وقت اقرار ڪيو ويو هو. پر شايد حڪمرانن جا اعلان ۽ اقرار حج تي ويندڙ ان وياجي سيٺ وانگر آهن، جنهن موجب هو عمري تي وڃي پنهنجا اڳيان سڀ ڏوهه بخشرائي ايندو. جنهن بعد کيس وري نوان گناه ڪرڻ لاءِ پروانو ملي ويندو. جيڪڏهن حڪمرانن بلوچ عوام کان معافي فقط ان ئي مقصد تحت ورتي هئي ته پوءِ کين ڪا معيار ڏيڻ ٺهي ئي نه ٿي. ٻي صورت ۾ عوام کي اهو ضرور ٻڌائڻو پوندو ته اهي ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي هڪ جيئري جاڳندي قوم جو وجود برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اهي ڪهڙا هٿ آهن، جيڪي بلوچستان جي عوام کي ملڪ کان ڪوهين دور ڌڪڻ جا سانباها ڪري رهيا آهن. اهي ڪهڙيون طاقتون آهن جن کان هن ملڪ جي قومن ۾ پنهنجائپ، پيار، هڪ ٻئي جو احترام ۽ برابري وارا لاڳاپا قائم ٿيڻ جون ڪوششون برداشت نه ٿيون ٿين. بلوچن کان معافي به انهن قوتن نه ورتي آهي، جنهن جا هٿ بلوچ عوام جي خون ۾ رڱيل آهن، پر انهن ورتي آهي، جيڪي اڄ به ان معاملي ۾ بي وس بڻيل آهن.
بلوچ عوام جي ڌرتي تي آپريشن جا پاڇا پوئياڙي جي سج وانگر جيئن پوءِ تيئن ڇو ٿا ڊگها ٿيندا وڃن. اڪبر بگٽيءَ، بالاچ مريءَ ۽ هاڻ 3 بلوچ اڳواڻن جا لاش ڌرتيءَ واسين ڏانهن ڪهڙا نياپا کڻي وڃن ٿا. جنرل مشرف جي آمريتي دور جي خاتمي بعد عوام منجهه اها اميد پيدا ٿي هئي ته مظلوم ماڻهن کي وڌيڪ لاش نه ملندا، سندن حقن ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪيو ويندو. ماضيءَ ۾ ٿيل ناانصافين جا پيرا کڄندا، چور پڪڙي عوامي عدالتن ۾ آندا ويندا. ڦرلٽ جو حساب وياج سميت واپس ڪرڻو پوندو. پر هتي ته قصو ئي الٽو ٿو نظر اچي.
ملڪ جي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ سياسي پارٽين کي اقتدار جي حصي پتيءَ واري ڄنڊا پٽ مان فرصت ئي نه ٿي ملي. ته پوءِ هو هڪ قوم جي ڌرتيءَ تي لڳل باه جو سيڪ ڪيئن محسوس ڪري سگهنديون. رت ۾ ٻڏل ڌرتيءَ جو نوحو ڪير ٻڌي سگهندو. اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ملڪ جي استحڪام ۽ سالميت جو ڏينهن رات راڳ آلاپيندڙن کي سوات ۾ دهشتگردن سان ڪيل امن معاهدي ٽٽڻ جو ته اونو آهي، پر هڪ قوم جي وجود مٿان منڌيئڙو ڦيرائڻ وارن هٿن جي ڪير به نشاندهي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. 1970ع ۾ به اسان جي حڪمرانن جو هڪ قوم ڏانهن اهو ئي رويو هو، جيڪو اڄ بلوچن ڏانهن رکيو پيو وڃي. ان وقت به اهي اعلان ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ سڀ خير آهي، ڀر وارا ملڪ شيطان گيريءَ کان نه ٿا مڙن. اڄ به بلوچ مسئلي پويان بلوچ عوام سان ٿيل ناانصافين جو داستان ڳولڻ يا انهن کي تسليم ڪرڻ بدران مسئلي کي منجهائي، عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. بلوچ عوام جي دلين ۾ موجود درد جا سبب ڳولڻ لاءِ سرحدون اورانگهڻ بدران جبلن ۽ ٽڪرن جي پاڇي ۾ حياتيءَ جا آخري پساه کڻندڙ بلوچياڻيءَ کان معاملي جو نبيرو پڇيو وڃي ته سڀ سٽ سلجهي پوندا. جبلن ۾ جان جي امان ملڻ واسطي ڀٽڪندڙ پيرين اگهاڙن بلوچن کان پڇيو وڃي ته ملڪ ڪيئن سلامت رهي سگهي ٿو. ڇا حڪمرانن ۾ اها جرئت آهي ته هو ڳڀي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ بلوچ ٻارن کي اهو ٻڌائي سگهن ته معدني دولت سان مالامال ڌرتيءَ جا فرزند بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ڇو ٿيا آهن. گئس جي ذخيرن جا مالڪ چلهه گرم ڪرڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ لاءِ ڇو ڪشالا ڪڍڻ تي مجبور آهن.
آئين ۽ قانون جون شقون تبديل ڪرڻ لاءِ پريشان سياستدان آخر بلوچ ماءُ جي ڳلن تي ڳڙندڙ ڳوڙهن تي ڇو نه ٿا سوچڻ لاءِ مجبور ٿين. اعلى عهديدارن جي اختيارن ۾ هيٺ مٿانهين لاءِ سر پڪڙي سوچ ۾ ويٺل اقتداري دانشور هڪ ديس جي سيني مان وهندڙ رت ۽ سندس وجود کي لڳل باه جو سيڪ ڇو نه ٿا محسوس ڪري سگهن. ڇا هو سادي سودي بلوچ کي اهو سمجهائي سگهندا ته 17 ترميم جي خاتمي يا 58 ٽو بي جي تبديليءَ سان سندن سيني ۾ ٻرندڙ باه تي ڇنڊا پئجي سگهندا. آئين ۾ ترميمن سان بلوچن جي سيني ۾ لڳل بڙڇي بعد وهندڙ رت بند ٿي سگهندو. ٻيلي سوڳ ۾ ورتل ڌرتي ڌڻين سان وڌيڪ ڀوڳ نه ڪيو. آئين ۾ ترميمن، صدر ۽ وزيراعظم جي اختيارن کان وڌيڪ مظلوم قومن جو وجود برقرار رکڻ، سندن اندر ۾ اوتيل ٽانڊن تي پاڻي وجهڻ اهم آهي. حڪمران توڙي مخالف ڌر ۾ ويٺل ايندڙ وقت جا اقتدار ڌڻي جيڪڏهن واقعي ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام جا حقيقي خيرخواه آهن ته پوءِ هو ملڪ جي مظلوم قومن جي ڪيس کي اوليت ڏئي، سندن وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار کي هٽائين، ٻي صورت ۾ جنهن ميلي مچائڻ جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ پٽ ئي ميسر نه هوندو ته دوسو ڪٿي دهل وڄائيندو!
اڄ جڏهن آئين ۾ ترميمن تي سڀ ڌريون متفق آهن ته پوءِ بسم الله ئي قومن کي پنهنجا اختيار ۽ حق ڏيڻ ۽ کانئن کسيل وسيلا واپس ڪرڻ کان ڪئي وڃي. ملڪ ۾ موجود قومن وچ ۾ هڪ نئون معاهدو ڪيو وڃي. جنهن ۾ مظلوم قومن کي اها ضمانت ملڻ گهرجي ته مٿن اڪثريت ۽ طاقت جي زور تي قبضي وارو باب هميشه لاءِ بند ٿي ويندو، سندن وطن، سرحدن، ٻولي، ثقافت ۽ الڳ سڃاڻپ جو احترام ڪيو ويندو. اسان جي حڪمرانن کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اڄ پاڪستان جنهن مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ۽ سندس چوطرف جيڪي واڳون وات کوليو بيٺا آهن، انهن جي حملن کان کيس رڳو فوجي قوت نه پر هتان جو عوام ئي بچائي سگهي ٿو. فوجي طاقت ۽ پرڏيهي امداد جي آسري تي پنهنجي ئي عوام کان اڄ تائين ڪابه حڪومت جنگ کٽي نه سگهي آهي. هن وقت ملڪ جي باقي ٽن قومن سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي به بلوچ قوم جي درد کي محسوس ڪندي، سندن ڳوڙها اگهڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌائڻ گهرجي. بلوچ عوام تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۾ ملوث ڌرين کي لغام ڏيڻ لاءِ هڪ ٿي آواز بلند ڪرڻ گهرجي. ته جيئن سڀاڻي اسان سڀ بلوچن آڏو ائين مياري ٿي نه سگهون، جيئن 1971ع وار سانحي کان پوءِ بنگالي ڀائرن سان اک ۾ اک ملائڻ جهڙا نه رهيا هئاسين.

(ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 11 اپريل، 2009ع)

سوات امن معاهدو: مبارڪون ڪنهن کي ڏجن!!!

ملڪ جي ماڻهن کي اها خبر نه ٿي پوي ته هو پياري پاڪستان اندر آيل اچرج جهڙي تبديليءَ تي مبارڪون ڪنهن کي ڏين. مبارڪن جي شروعات پابندي پيل تنظيم تحريڪ نفاذ شريعت محمدي جي اڳواڻ صوفي محمد کان ڪئي وڃي. يا ملڪ جي چونڊيل انهن عوامي نمائندن کان ڪئي وڃي، جن ڪروڙين ماڻهن جي راءِ مٿان هڪ بندوق بردار ٽولي جي مرضي مڙهي ڇڏي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ نظام عدل بل جي منظوري وارو مطالبو ڪنهن ڪيو هو. اهو مطالبو ڪنهن جو هيو. اها ڳالهه ملڪ جي انهن ماڻهن کي ڪانه ٻڌائي وئي. جن جي ووٽ سان هي اسيمبلي ميمبر چونڊجي آيا هئا. ڇا ان ايوان کي اهڙو فيصلو ڪرڻ جو مينڊيٽ به مليل هو يا نه؟ ان جي به پرواهه نه ڪئي وئي. جيڪڏهن ان سڄي معاملي جو ڇيد ڪبو ته صورتحال هيٺين وڃي بيهندي.
نظام عدل جو مطالبو هن ملڪ جي عوام جو بلڪل نه هيو. اها گهر هڪ اهڙي ٽولي يا تنظيم ڪئي هئي، جنهن تي ملڪ جي حڪومت هن کان اڳ پابندي مڙهي چڪي هئي.
ڪنهن پابندي پيل تنظيم جي مطالبي تي هڪ متبادل نظام ملڪ جي ڪنهن به حصي تي مڙهڻ جو ڪهڙو جواز هيو. ان بابت ايوان صدر توڙي پارليامينٽ جا نمائندا خاموش آهن. ڇا هو عوام کي اهو ٻڌائي سگهندا ته جيڪڏهن تحريڪ محمدي جو مطالبو ۽ عمل جائز هيا ته ان مٿان پابندي ڇو مڙهي وئي هئي. حڪومت ان وقت غلط هئي يا هيءُ فيصلو ڪرڻ وقت کيس چريو ڌاتورو کارايو ويو هو. عوام کي ته ان وقت ڏندين آڱريون اچي ويون، جڏهن پارليامينٽ هڪ پابندي پيل تنظيم جو نظام ملڪ جي هڪ حصي تي مڙهڻ کان اڳ شرم پرچائڻ لاءِءَ اهو به نه ڪيو جو ان بل منظور ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ان تنظيم تان پابندي ته هٽائي ڇڏي ها.
ملڪ ۾ هڪ آئين جي موجودگيءَ ۾ هڪ مخصوص علائقي ۾ ان جي متبادل نظام لاڳو ڪرڻ ڇا آئين جي خلاف ورزي نه هئي. عزت وارن پارليامينٽ ميمبرن کي ان وقت ملڪ جو آئين ڇو نه ياد آيو. ان وقت کانئن 1973ع واري آئين کي بحال ڪرڻ وارا قول ۽ اقرار ڇو وسري ويا. ڇا اها ملڪ جي آئين سان غداري نه هئي. ڇا اهو عمل ان معاهدي جي خلاف نه هيو، جيڪو شهيد محترما بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف ڪيو هو، جنهن کي ميثاق جمهوريت جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن تي عمل لاءِ ميان نواز شريف کي رات جو ننڍ به نه ٿي اچي. هڪ ملڪ اندر هڪ ئي وقت ٻه قانون لاڳو ڪرڻ واري عمل کي قانون جي ڪهڙي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
جن مانوارن ميمبرن بنا ڪنهن ڊگهي بحث مباحثي جي هيءُ قانون منظور ڪيو. انهن کان عوام اهو پڇڻ جو حق محفوظ رکي ٿو ته کين اهڙو مينڊيٽ ڪنهن ۽ ڪڏهن ڏنو هو. گذريل چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ ۽ نواز ليگ سميت ملڪ جي اها ڪهڙي پارٽي هئي، جنهن پنهنجي چونڊ منشور ۾ نظام عدل جي ايجنڊا شامل رکي هئي. ملڪ جي عوام کين اهڙو ڪوبه مينڊيٽ نه ڏنو هيو ته هو هڪ مخصوص ٽولي جي راءِ ملڪ جي عوام مٿان مڙهي ڇڏين. ڇا لاڙڪاڻي جي عوام يا جيڪب آباد جي ماڻهن پنهنجن ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ مهل اهو حق ڏنو هيو ته هو اهڙو قانون پارليامينٽ مان وڃي منظور ڪرائين. لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي عوام وانگر لاهور ۽ ملتان جي ماڻهن کي ته اهو خواب خيال ۾ به نه هيو ته سندن ووٽ تي چونڊجي آيل ميمبر سڳورا سندن راءِ کي لتاڙي اهڙو وڃي قانون پاس ڪندا.
نظام عدل بابت ملڪ جي عوام وٽ ڪافي انديشا موجود هيا. ان نظام کي هڪ هٿياربند ٽولي کان سواءِ ڪنهن جي به حمايت حاصل نه هئي، پوءِ اهڙو قانون منظور ڪرڻ کان اڳ خدا جي خلق جي راءِ وٺڻ ڇو ضروري نه سمجهي وئي.
ملڪ جي پارليامينٽ جي ميمبرن بنا ڪنهن عوامي مينڊيٽ جي هڪ تڪراري قانون پاس ڪري، ڪروڙين ماڻهن کي شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. عوام جي اڪثريت جو پنهنجي چونڊيل ميمبرن مٿان اعتبار ۽ اعتماد ختم ٿيڻ لازمي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ جيڪي ماڻهو عوام جي مرضيءَ بنا ههڙو هڪ طرفو فيصلو ڪري سگهن ٿا، سي سڀاڻي خبر ناهي ته ڪنهن ٻئي دٻاءَ هيٺ اچي ڪهڙا ڪهڙا خوفناڪ فيصلا ڪري ويهندا. خدا خير ڪري، جيڪڏهن سڀاڻي ٻيو ڪو بندوق بردار ٽولو اٿي کڙو ٿئي ۽ پنهنجي منشات جي وڪري کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ هٿيارن جي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي ته ڇا پوءِ هيءُ ميمبر امن جي نالي تي سندن آڏو به گوڏا کوڙڻ ۾ دير نه ڪندا.
اسان کان اهو ڇو ٿو وسري وڃي ته ملڪ ۾ موجود مسلمان ڪيترن ئي فرقن ۾ ورهايل آهن. ڪو ديوبندي مسلڪ سان واسطو رکي ٿو ته ڪو سني ۽ وهابي آهي ته وري ڪو بريلوي ۽ اهل تشيع سان واسطو رکندڙ آهي. مسلمان ايترن ته فرقن ۽ مسلڪن ۾ ورهايل آهن، جو خدا جي خلق کي ته انهن فرقن ۽ مسلڪن جا نالا ياد ڪرڻ لاءِ به ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪرڻي پوندي. هر فرقو فقط پاڻ کي ئي مسلمان ۽ ٻئي کي ڪافر قرار ڏيندي ذري برابر دير نه ٿو ڪري، هو ان معاملي تي هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪورڻ لاءِ نه صرف تيار ٿي وڃي ٿو، پر هيل تائين ان معاملي تي خبر ناهي ته ڪيترا هزارين گهر تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. ڪيترن ئي مائرن جون جهوليون خالي ٿي چڪيون آهن. هن ملڪ ۾ شريعت ڪهڙي فرقي يا ٽولي جي لاڳو ڪئي وڃي. اهو خود ڪي ٽو جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جهڙو ڏکيو مسئلو آهي. اڄ جيڪڏهن صوفي محمد جي فرقي جي نام نهاد شريعت لاءِ قانون پاس ڪيو ويو آهي ته سڀاڻي گلگت ۽ بلتستان يا ڪنهن ٻئي علائقي مان اهو آواز اٿي سگهي ٿو ته اسان جي مسلڪ جي شريعت لاڳو ڪئي وڃي. پوءِ خبر ناهي ته اسان جي پارليامينٽ کي ڪيترا بل منظور ڪرڻا پوندا.
ملڪ جي ساڃهه وندن پهريان به وقت جي حڪمرانن کي خبردار ڪيو هو ته ٻيلي بندوق جي زور تي ملڪ ۽ ان جي عوام کي فتح ڪندڙ ٽولن جي اڳيان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪائين. اڄ جڏهن حڪومت اهڙو عمل ڪري چڪي آهي ته ان جا نتيجا به نڪرڻ شروع ٿيا آهن. نام نهاد نظام عدل بل اچڻ بعد طالبان حڪومت کي پهريون تحفو اهو ڏنو آهي جو هنن معاهدي موجب هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. طالبان تحريڪ جي ترجمان ميان مسلم خان وڏي واڪي ميڊيا آڏو اهو اعلان ڪيو آهي ته؛ ”طالبان هٿيار ڦٽا نه ڪندا. هن موجب ته هٿيار مسلمانن جو زيور هوندا آهن، مسلمان (طالبان) هٿيار ڦٽا نه ڪندا آهن، پر هٿيار ڇنندا آهن.) سندس ان بيان بعد وقت جي حڪمرانن جا اهي اعلان ۽ دليل پنهنجي موت مري ويا آهن، ته سوات معاهدو امن لاءِ ڪيو ويو آهي. جڏهن طالبان هٿيار ڦٽا نه ڪندا ته امن ڪيئن قائم ٿيندو. اها ڳالهه ملڪ جو هر ساڃهه وند ماڻهو چڱي طرح سمجهي ٿو.
حڪومت جا عملدار سوات معاهدي بابت عوام کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اها دليل بازي ڪندي نه ٿا ٿڪجن ته سوات معاهدو فقط سوات تائين محدود هوندو. اهڙو عمل باقي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ نه ورجايو ويندو، پر معاهدي جي ٻئي ڏينهن صوفي محمد جو اهو بيان سندن پت وائکي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. جنهن ۾ هن وڏي واقعي اعلان ڪيو آهي ته هاڻي طالبان جي شريعت ملڪ جي باقي حصن ۾ به لاڳو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. ملڪ جا باشعور ماڻهو ته اڳ به اهي انديشا طاهر ڪندا رهيا هئا ته دهشتگرد ٽولا پنهنجو ڪلاشنڪوفي نظام سڄي ملڪ مٿان مڙهڻ گهرن ٿا. جڏهن سوات هٿياربندن کي محفوظ مورچي طور انعام ۾ ملي چڪو آهي ته هاڻي هو ان مورچي مان ويهي باقي ملڪ کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. هاڻي ان عمل جي اڳڀرائي سوات کان ٻاهر باقي سرحد صوبي ۽ خاص ڪري پنجاب طرف ڪئي وئي آهي. سوات معاهدي بعد ملڪ جي عوام کي امن ته نه مليو آهي پر، اٽلندو سوات کان ٻاهر چارسده، چڪوال ۽ ٻين علائقن ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو اچي چڪو آهي. سوات معاهدي کان پوءِ سرحد صوبي ۽ پنجاب ۾ هڪ هفتي اندر خودڪش حملن ۾ جيڪي معصوم ماڻهو ماريا ويا آهن، انهن جي قتل جي ايف آءِ آر انهن ماڻهن تي داخل ٿيڻ گهرجي، جيڪي ان معاهدي جا حامي آهن. بي گناهه ماڻهن جي موت کان انهن ماڻهن کي آجو ڪري نه ٿو سگهجي، جيڪي طالبان جي نام نهاد شريعت جا ڪنهن نه ڪنهن نموني ڀرجهلا رهيا آهن.
سوات ۾ صوفي محمد سان امن معاهدي بعد طالبان اتي جيڪي قانون لاڳو ڪيا آهن، تن ملڪ جي ماڻهن جو ڪنڌ شرم کان نوائي ڇڏيو آهي. اسلام جهڙي آفاقي مذهب جي نالي تي پٿر جي دور جا قانون نافذ ڪيا پيا وڃن. سوات جو معاشرو ترقي ڪرڻ بدران ڪيئي صديون پٺتي هليو ويو آهي. اتان جي خلق اونداهن غارن ۾ غرق ٿيندي نظر پئي اچي. عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک خراب ٿي رهي آهي. تازو هڪ 16 سالن جي نينگريءَ کي جنهن بي رحماڻي طريقي سان سوين مردن جي آڏو پٽ تي اونڌو سمهاري، طالبان طرفان وارن ۽ ٽنگن مان پڪڙي، هٿ پويان ٻڌي 80 ڪوڙا هنيا ويا، ان عمل طالبان جي نام نهاد شريعت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سڄي دنيا اندر پاڪستان کي جيڪا خواري نصيب ٿي آهي، ان جو ادراڪ شايد اهي ماڻهو ڪري نه سگهن، جن جي اکين تي دور جهالت جا کوپا چڙهيل آهن.
طالبان سوات جو قلعو فتح ڪرڻ بعد هاڻي سڄي ملڪ مٿان پنهنجي حڪمراني مڙهڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن. ڪالهه طالبان جي اهم اڳواڻ صوفي محمد اعلان ڪيو آهي ته هو ملڪ جي اعلى عدالتن کي تسليم نه ٿو ڪري. هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ چئني صوبن جي هاءِ ڪورٽن کي غير شرعي قرار ڏنو آهي. هن اهو به اعلان ڪيو آهي ته سوات جي قاضين جي فيصلن کي ملڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج ڪري نه ٿو سگهجي. صوفي محمد ته ملڪ جي قانون ساز اسيمبليءِ کي به غير شرعي قرار ڏيندي چيو آهي ته جمهوريت ڪفر آهي. پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ فيصلا ڪفر جي ذمري ۾ اچن ٿا. انهن اعلانن کان پوءِ هاڻي ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه رهي آهي ته طالبان پنهنجو دقيانوسي نظام سڄي ملڪ تي مڙهڻ گهرن ٿا. هو پنهنجن ڪاررواين جو دائرو آهستي آهستي سڄي ملڪ تائين وڌائي سڀاڻي سڄي ملڪ جو نظام سندن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندا. طالبان ان مطالبي کي مڃائڻ لاءِ پنهنجا بم ۽ بارود لاهور، ملتان، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪندا.
جيڪي به ماڻهو پاڻ کي اسلام جا حقيقي پيروڪار سمجهن ٿا ۽ اسلام جو امن، رواداريءَ ۽ برداشت وارو پيغام سڄي دنيا کي آڇڻ جا خواهشمند آهن، تن کي نام نهاد طالباني شريعت پسندن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ٻي صورت ۾ هيءُ سورما دنيا آڏو اسلام جو جيڪو چهرو ڏيکاري رهيا آهن، ان سان اسلام جي ڪابه خدمت ٿي نه ٿي سگهي. طالبان جنهن نظام جي تصوير دنيا کي ڏيکاري چڪا آهن، ان جو اسلام سان ڪو پري جو به واسطو ناهي. اهي هڪ گروهه جون ذاتي خواهشون ته ٿي سگهن ٿيون، پر انهن کي ڪنهن به طرح اسلام قرار ڏئي نه ٿو سگهجي.
ملڪ جي مڙني سياستدانن ۽ خاص ڪري پارليامينٽ ۾ نمائندگي رکندڙ سياسي پارٽين کي هاڻي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، ملڪ کي دنيا اندر اڪيلو ڪري تباهي ۽ برباديءَ جي رستي تي گهلڻ نه گهرجي. اهڙا فيصلا هڪدم واپس ورتا وڃن، جن سان عالمي سطح تي ملڪ بدناميءَ جي ور چڙهي ويو آهي. ملڪ جا ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن، هنن کي پنهنجو مستقبل اونداهو نظر پيو اچي. مڙني روشن خيال ماڻهن کي قدامت پسندن جي واڌ ويجهه آڏو بند ٻڌي پنهنجو مستقبل محفوظ ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. هن وقت جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڌر يا ٽولي خصيص مفادن تحت ملڪ کي جهالت جي اوڙاهه حوالي ڪندڙ قوتن جو ساٿ ڏنو ته ايندڙ مستقبل کين ڪڏهن به معاف نه ڪندو. هيءَ وقت ڪنهن مصلحت کان ڪم وٺڻ جو نه پر روشن خيال ۽ قدامت پسندن وچ ۾ ليڪو ڪڍي بيهڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جو آهي. هن وقت ملڪ کي جيڪي خطرا وڪوڙي رهيا آهن، جيڪڏهن انهن جو سينا ساهي مقابلو نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان جو ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. جيڪي ماڻهو ارتقا جي اصول کي پٺي ڏيندا، مستقبل انهن کي بندوق هڻي ماري ڇڏيندو.

(ڇپيل، روزاني سنڌ، حيدرآباد، 22 اپريل 2009ع)

پٺاڻستان بڻجندڙ سنڌ ۽ حاتم طائي کان به گوءِ کڻندڙ حڪمران

برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ انسانن جي ٻي وڏي ٻوڏ سنڌ ۾ تيزيءَ سان داخل ٿي رهي آهي، 62 سالن کان پوءِ ٻيهر سنڌ جون سرحدون نه فقط پناهگيرن جي آمد لاءِ دهل ۽ شرنايون وڄائي کوليون پيون وڃن، پر غير سنڌين جي لوڌ کي هتي رهائش سميت کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي خزاني جا در کوليا ويا آهن. سنڌ جو وڏو وزير مانوارو سيد قائم علي شاهه سرحد صوبي جي قبائلي علائقن مان ايندڙن جي مهمان نوازيءَ لاءِ ايڏو ته بيتاب نظر اچي ٿو، جو کيس سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اجلاسن مان واندڪائي نه ٿي ملي. سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل حڪومت سنڌ جي مهمانوازي ۽ سخاوت جو دهل کڻي پڙهو ڏئي رهي آهي. اڄ بلڪل ساڳي صورتحال آهي جيڪا اسان جي وڏڙن 1947ع جي ورهاڱي وقت سنڌ جي ان وقت جي حڪمرانن جي ڏٺي هئي. 1947ع جي ورهاڱي بعد سنڌ م جيڪا انساني ٻوڏ داخل ٿي هئي، ان جو ڪيتو 62 سال گذرڻ باوجود به سنڌ ڀوڳي رهي آهي. سنڌ جا شهر سنڌي ماڻهن لاءِ اوپرا بڻجي ويا آهن، گادي واري شهر جي مالڪي جي دعويداري تي اهي ماڻهو ڄنڊاپٽ ۾ مصروف آهن، جن جي هن ديس سان محبت ۽ پنهنجائپ جو ماپو فقط ئي فقط سندن مفاد آهن. هو نه مورڙي جا وارث آهن ۽ نه وري شاهه لطيف جي ٻولي، سچل ۽ ساميءَ جي ثقافت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پر جڏهن هاڻي لکين ماڻهن جي هڪ ٻي وڏي ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿي رهي آهي ته پوءِ سنڌي ماڻهن جا اهي انديشا پڪ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن ته کين ويجهي مستقبل ۾ پنهنجا اجها اڏڻ لاءِ خيرات طور به ڪو زمين جو ٽڪرو ملي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سرحدن کان پار ڪوبه اهڙو سڄڻ نه ٿو سُجهي جيڪو هن مسڪين ديس جي ماڻهن کي وقتي طور تي پناهه ڏيڻ ته ڇا پر فقط کين سکڻو آٿت ڏيڻ لاءِ به تيار هجي.
سرحد صوبي جي قبائلي علائقن مان ڪٽڪ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌين کي پٺاڻن جي هڪ تنظيم طرفان اهي ڌمڪيون ملنديون رهين آهن ته جيڪڏهن هو ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جي وجود کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته پاڻ ڪراچي مان نڪري وڃن. ڇاڪاڻ ته ان نسل پرست تنظيم جي چئي مطابق ڪراچي کي سنڌين نه پر پشاور، سوات ۽ وزيرستان جي ماڻهن آباد ڪيو آهي. ڪراچيءَ تي سندن اوتروئي حق آهي، جيترو باقي ٻين ماڻهن جو آهي. سرحدي گانڌي جو لقب ماڻيندڙ خان غفار خان جي فڪر جو وارث سڏائيندڙ اسفنديار ولي تازو ئي ڪراچي ۾ اهڙا اعلان ڪري چڪو آهي ته نه فقط سنڌ تي پٺاڻن جو مالڪي وارو حق آهي پر هن ته سرحد صوبي جي ٻين پٺاڻن کي به سنڌ اچي رهڻ ۽ روزگار ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. انهن اعلانن بعد هاڻي سوات، مالاڪنڊ، بونير ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي لوڌ کي ڪو اتفاقي واقعو يا حادثو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، پر هيءَ ڪوشش سنڌ کي مڪمل طور تي پٺاڻستان بڻائڻ جي سازش آهي.
سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مان واري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس پارٽيءَ کان اهو پڇڻ جو حق رکن ٿا ته ڇا هتان جي ماڻهن کين ان لاءِ مينڊيٽ ڏنوهو ته هو سنڌ جا در ڌارين لاءِ کولي ڇڏين. سنڌي ماڻهن جي رت ۽ پگهر مان سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيل پونجي ٻاهران آيلن جي آبادڪاريءَ تي خرچ ڪري ڇڏين. سنڌي ماڻهن کي سخاوت جو جيڪو ڦل مليو آهي، ان جو اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهن، شهر وڃائي ويٺا آهن. سندن وجود خطري هيٺ اچي ويو آهي. تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. سنڌ ۾ اڳ ئي موجود ڌاريا نه فقط سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري چڪا آهن پر هاڻي ته سنڌين جون حياتيون به داءَ تي لڳل آهن. تازو ڪراچيءَ ۾ ٿيل رتوڇاڻ دوران سنڌين تي حملا ڪري کين ڪُٺو ويو، معصوم ٻارڙن کي باهه جي اوڙاهن ۾ اڇلايو ويو. سندن گهرن تي قبضا ڪيا ويا، دڪان ۽ هوٽلون ساڙي رک ڪيون ويون. پر افسوس جو سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي چونڊجي آيل حڪومت جي وڏي وزير سميت ڪنهن وزير کي اها به توفيق نه ٿي جو هو ڪراچي جي بلاول ڪالوني ۾ وڃي ڌرتي ڌڻين کي سکڻو آٿت ڏئي ها، سندن مٿي تي شفقت جو هٿ رکي ها، کين نقصان جي ازالي جي ڪا نويد ٻڌائي ها. ڪراچيءَ ۾ تازو سنڌي ماريا ويا، ڦريا ۽ لٽيا ويا، سندن گهر ۽ ڪاروبار ساڙيا ويا. پر ان وقت سنڌ حڪومت کي فقط ئي فقط انساني ناتي به اهو ڪهڪاءُ نه آيو ته سندن واهر ڪري. پر هاڻي هزارين ميلن کان ڪهي ايندڙن جي درد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ ۽ سندن سهائتا لاءِ خزاني جا در کوليندڙ ڪهڙي طرح سنڌ جي حق حڪمراني جا دعويدار بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ تي ڪيئي ڀيرا قدرتي آفتون آيون، زلزلي سبب هزارين خاندان تباهه ۽ برباد ٿيا، سندن روزي ۽ روٽي جا وسيلا کسجي ويا. سامونڊي طوفان سبب ماضيءَ ۾ سنڌ جا 2 ضلعا سخت متاثر ٿيا. سوين ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو، فصل لڙهي ويا، ڍور، ڍڳا سمنڊ جي پيٽ ۾ هليا ويا. پر پياري پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪيمپون نه لڳيون. ڪنهن صوبي جي وڏي وزير اهو به سکڻو اعلان نه ڪيو ته سنڌ جي مصيبت ماريل ڀائرن لاءِ اسان جي دلين نه پر صوبي جا در کليل آهن. ان وقت نه ڪنهن کي مسلمان ڀائر ياد آيا ۽ نه وري پاڪستاني هئڻ جي ناتي سنڌين کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪيو ويو. پر اسان ته سخي حاتم طائي جا به ڏاڏا آهيون. هتي کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن، جو سخاوت جا هوڪا ڏيندا ٿا وتون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري“! سو سنڌي ماڻهو پنهنجي پيٽ قوت ۾ پريشان آهن، ماڻهو روزگار نه ملڻ سبب خودڪشيون پيا ڪن، بک ۽ بدحالي سبب مائرون بازارن ۾ پڙها ڏئي پنهنجا جگر جا ٽڪرا وڪڻي رهيون آهن. پر سندن دردن جي درمان لاءِ ڪنهن به خزاني جو در نه ٿو کلي، ڪنهن به حڪمران جي دل م ڪهڪاءُ پيدا نٿو ٿئي. ڪنهن جي اک ۾ ڳوڙهو نه ٿو اچي. شايد سنڌ جا ماڻهو هن ملڪ جا باشندا ناهن، هو مسلمان ڀائر نه آهن ۽ پاڪستاني ڀائر به نه آهن.
اڄ سوات مان ايندڙ پناهگيرن جي آمد خلاف سنڌ سراپا احتجاج آهي. اڄوڪي ڏهاڙي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌ جا ماڻهو رستن تي نڪري مظاهرا ڪري پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪري رهيا آهن. سڀاڻي جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ 23 مئي 2009ع تي هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته جسقم آريسر گروپ 25 مئي تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته سنڌ حڪومت جون پاليسيون سنڌي عوام جي مفادن جي ترجماني نه ٿيون ڪن. سنڌ جا ماڻهو پ پ جي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف ڪن ٿا. انهن کي سنڌ جي قومي مفادن خلاف تصور ڪن ٿا. خدا جي خلق ته اهو به چئي ٿي ته سنڌ جي موجوده حڪمرانن جي وڏي اڪثريت سواتي پٺاڻن جي سنڌ آمد خلاف آهي. سنڌ حڪومت جا ڪيترائي وزير پهريان نجين ڪچهرين ۽ هاڻي کلم کلا پريس آڏو اهو چئي رهيا آهن ته سنڌ ڪنهن به ڌارئي جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پ پ جو عام ڪارڪن به پارٽي جي حڪمرانن جي موجوده سوچ سان سهمت نه آهي. جڌهن ته پ پ سنڌ جي اندر به ان راءِ تي اختلاف موجود آهن. ته پوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي عوام سميت پنهنجي دل جي ڳالهه وفاق آڏو پڌري ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ڪنهن به ڌارئي کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن پ پ حڪومت فقط اقتدار خاطر سنڌ جي قومي مفادن کي نقصان رسائڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهي ته سڀاڻي وري به کيس ان ئي عوام طرف اچڻو آهي، جنهن جي سهاري تي هو اڄ اقتدار جي ايوانن ۾ موجود آهن. وڏ وزارتون ۽ اقتدار اچڻو وڃڻو آهي. پر قومي مفاد ان کان مٿانهان هجڻ گهرجن. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي سنڌي ميمبرن بدران سوات ۽ بونير ڄاوا اوپرا ماڻهو ويٺل هجن. ان سڄي صورتحال جي ذميوار به پاڻ پ پ هوندي، جيڪا اڄ سواتين ۽ مالاڪنڊين لا سنڌ جا درکولي رهي آهي. ڇو جو ماضي جي تجربن ثابت ڪيو آهي ته ملڪي محبت ۾ پراون کي پنهنجو ڪرڻ جي شوق ۾ پ پ ڪجهه حاصل ڪرڻ بدران هميشه وڃايو آهي. اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي اوپرا چهرا آهن ۽ خود سنڌ حڪومت کي هر سطح تي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. اهو به پ پ جي ماضيءَ جي غلطين ۽ غلط فيصلن جو نتيجو آهي.
اڄ جڏهن سنڌ جي وجود کي خطرا وڪوڙي چڪا آهن، ان وقت دوست ۽ دشمن جي پرک ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي محبت جون دعوائون ڪندڙ متحده قومي موومينٽ جو موجوده صورتحال تي جيڪو خاموش ڪردار آهي، ان کي به حساب هيٺ آڻڻ گهرجي، جيڪي سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم سان محبت جون دعوائون ڪندي نه ٿڪبا آهن ۽ سندن موقف کي سنڌ دوست ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جي ڌوڙ اڏائيندا آهن. انهن کان سنڌ پڇي ٿي ته اڄ شاهه لطيف جي ڌرتيءَ سان محبت جي دعويٰ ڪندڙ ڪٿي بيٺل آهن؟ جيڪڏهن سنڌ سندن به امڙ آهي ته ان جو کين ڇو ڪهڪاءَ نٿو اچي. سنڌ جا ماڻهو چريا کريا ضرور آهن پر سڄاڻن سڀني کي ٿا. هو پنهنجي جدوجهد رستي پنهنجي ديس کي بڇايل مڙني هچائن جو بندوبست ڪرڻ جو نه صرف اختيار رکن ٿا پر ان لاءِ سندرا ساهي ميدان ۾ به لهڻ لاءِ تيار آهن. هي 1947ع وارو دور ناهي جو اسان ديڳيون پچائي پنهنجا گهر خالي ڪري ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ وڻن تي رهڻ لاءِ وتئون آکيرا جوڙيندا. ٻيلي! هاڻي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ديس سان وڌيڪ ويساهه گهاتيون ڪنهن کي جڳائي نه سگهنديون. سنڌ جا چار ڪروڙ وارث ۽ مالڪ پنهنجي ڌرتيءَ کي بڇايل مڙني هچائن جو حڪمت عملي سان مقابلو ڪري پنهنجو وڃايل وقار حاصل ڪندا. ڇاڪاڻ ته کين به عزت سان جيئڻ جو ڪائناتي حق حاصل آهي.

(ڇپيل، روزاني سنڌ، حيدرآباد، روزاني تعمير سنڌ، ڪراچي، روزاني هلچل حيدرآباد، 20 مئي 2009ع(

سنڌ جي سياست ۾ آيل نئون ڇال ۽ سنڌ دوستن جون ذميواريون

سنڌ جي قومي حقن لاءِ هلندڙ سياسي جدوجهد گذريل ڪجهه مهينن اندر هڪ وڏو ڇال ڏنو آهي. سنڌ جي ڌرتي تي ڌاري والار جي خطري کي محسوس ڪندي سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ تنظيمن سميت وڏي عرصي بعد عام سنڌي خلق به ان احتجاج ۾ پاڻ کي شامل ڪري رهي آهي. گذريل ٻن ٽن مهينن اندر قومي سياست ڪندڙ پارٽين طرفان عوام کي قومي مسئلن تي احتجاج جا جيڪي سڏ ڏنا ويا آهن، انهن جي ديس ڌڻين وڏي پئماني تي موٽ ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو وطن کي آڏو آيل مسئلن کان پوري طرح نه صرف باخبر آهن پر انهن جي نزاڪت کي به محسوس ڪن ٿا. هڙتالن ۽ ڌرڻن سميت احتجاج جي مڙني طريقن ۾ عوام جي اڪثريت شامل رهي آهي. سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن وڏي پئماني تي قربانيون ڏنيون آهن، جن ۾ پنهنجي جان ڏيڻ تائين شامل آهي. ان عوامي احتجاج قومپرست پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، سنڌ يونائٽيڊ فرنٽ، سيو سنڌ موومينٽ سميت ٻيا ننڍا وڏا قومپرست گروپ وڏي عرصي بعد هڪ ٻئي جي ويجهو اچي چڪا آهن. پر هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ وارو سوال عوام ۽ ساڃهه وندن وٽ اڄ به موجود آهي. هڪ ڌر سنڌ جي مڪمل آزادي کان هيٺ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ وقتي طور ڪنهن ٻئي جدوجهد جي واٽ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ٻي ڌر سنڌ جي حقن لاءِ هر قانوني ۽ آئيني دڳ استعمال ڪرڻ جي حق ۾ آهي. پارلياماني سياست جي واٽ وٺندڙ ڌر وٽ به پنهنجا زوردار دليل موجود آهن. سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا اسان وقت بوقت حڪمرانن طرفان پيدا ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين يا جدوجهد لاءِ پنهنجي ايجنڊا ۽ ميدان منتخب ڪري لڳاتار جدوجهد ڪنداسين. سنڌ ۾ رڳو ڌاري آبادڪاري مسئلو نه آهي، جنهن لاءِ جدوجهد ڪري وڃي آرامي ٿجي، پر هتي سنڌ جي حق حاڪميت جو سوال آهي. هڪ طرف سنڌ جي وسيلن: ڪوئلي گئس، تيل ۽ ٻي معدنيات تي سنڌين جي مالڪي وارو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي ته ٻئي طرف سنڌو درياهه جي پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي وارو سوال پنهنجين مڙني خوفناڪين سميت موجود آهي. سنڌ مان اوڳاڙجندڙ ٽيڪس جي مالڪي ڌرتي ڌڻين حوالي ٿيڻ وارو حق وٺڻ وارو معاملو به پنهنجي اهميت سان موجود آهي. سنڌ جي ٻولي کي پنهنجا جائز حق ڏيارڻ وارو مطالبو به اڃا موجود آهي. سنڌ جي شهرن تي ڌارين جو قبضو ڇڏائڻ ۽ انهن جي سنڌي سڃاڻپ ٻيهر برقرار رکڻ لاءِ به وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي ضرورت آهي. سنڌ جي وجود جي حوالي سان هڪ طرف فوري حل طلب مسئلا موجود آهن ته ٻئي طرف سنڌ جي مڪمل آجپي لاءِ ڊگهي جدوجهد لاءِ به حڪمت عملي سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.

پ پ حڪومت جون سنڌ دشمنيون
پ پ حڪومت سنڌ جي مسئلن تي ماضي وانگر نه صرف ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، پر پاڻ کي سنڌ دشمن قوتن وٽ سرخرو ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد جي رستا روڪ لاءِ اڳي کان اڳڀري آهي. پ پ جا سنڌ دشمن حڪمران پير ۽ وڏيرا هر وقت اهو ڍنڍورو پٽي رهيا آهن ته وٽن سنڌ جا مفاد تين وال ڪرڻ لاءِ سنڌين جو مينڊيٽ موجود آهي. سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين کي اهو چئي لويو پيو وڃي ته کين عوام جي ڪا به حمايت مليل نه آهي. هو صرف ننڍڙا ٽولا آهن، انهن جي سنڌ مٿان ڪا به حجت نه ٿي ٺهي. پ پ جي حڪمران ڌر ان ئي بهاني سان سنڌ جي سادن سودن ماڻهن جون وايون بتال ڪري رهي آهي. کين منجهائي ڪري حقن واري جاکوڙ کان پري ڪرڻ جا جتن پئي ڪري. پ پ جي موجوده حڪومت احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ ڪوبه موقعو هٿان نه وڃايو آهي. هي ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي جو پ پ اقتدار خاطر سنڌ جي قومي مفادن خلاف ٿي بيٺي آهي پر ماضيءَ ۾ به پ پ جو اهو ئي رڪارڊ رهيو آهي. شهيد ذوالفقار ڀٽو جي حڪومت هجي يا شهيد بينظير ڀٽو جون حڪومتون رهيون هجن، پ پ هميشه پنجاب جي اقتداري ڌرين وٽ پاڻ کي سرخرو ڪرڻ ۽ پاڻ کي پنجاب جي مفادن جي نگهبان ظاهر ڪرڻ خاطر سنڌ جي جائز مفادن کي به تين وال ڪيو آهي. سنڌ ۾ بهاري گهرائڻ وارو معاملو هجي، يا سنڌو درياهه مٿان ڊيم اڏڻ ۽ پنجاب لاءِ ڪينال ڪڍڻ وارو سنڌ دشمن فيصلو هجي، پ پ هميشه سنڌ جي عوام کي ناقابل تلافي نقصان ڏنا آهن. ماضي جي ڀيٽ ۾ پ پ جو هن ڀيري جيڪو ڀيانڪ سنڌ دشمن چهرو سامهون آيو آهي ان هتان جي عوام کي اهو سوچڻ تي ضرور مجبور ڪيو آهي ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ پ پ مان سنڌ جي ڀلائي جي اميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ مترادف ٿيندو. پ پ حڪومت جي سنڌ واري وڏيرڪي قيادت کي سنڌ ۾ قومي سياست جي وڌندڙ اثر رسوخ خاصو پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هنن کي هاڻي اها پڪ ٿيڻ شروع ٿي آهي ته مستقبل ۾ سنڌ جي سياست جي حوالي سان سندن ڪو ڪردار نه جڙندو. ان ئي بوکلاهٽ جو نتيجو آهي جو پ پ سنڌ جي گهرو وزير سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف احتجاجن کي ڪچلڻ لاءِ سرڪاري فورسز کي نه صرف ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي پر ذوالفقار مرزا ميڊيا جي سامهون اچي اهو اعلان ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي ته احتجاج لاءِ جيڪو گهران نڪتو ان جو لاش سندس گهر واپس ويندو. پوءِ سنڌ ڏٺو ته سرڪاري فورسز پهريان ڄامشورو ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي احتجاج دوران هڪ سنڌي ڪونڌر کي بيدردي سان شهيد ڪيو. بعد ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ٻن ڪارڪنن کي پرامن مارچ دوران گولين جو بک بڻايو ويو. معاملو رڳو اتي نه رڪيو پر حڪمران ڌر ان کان به اڳتي وڌي قومي سياست جي قيادت کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو. جنهن لاءِ تازو ڪراچي ۾ جسقم جي احتجاجي ريلي دوران پارٽي جي سربراهه بشير قريشي کي هميشه لاءِ رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جسقم جي ريلي تي خوفناڪ رٿابندي سان گهات هڻي هڪ وڌيڪ سنڌي نوجوان کي شهيد ڪيو ويو. ڪراچي ۾ جسقم جي چيئرمين تي قاتلاڻي حملي بعد اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته سنڌ دشمن ڌرين هاڻي سنڌ جي قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ باقاعدي منصوبابندي هيٺ ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪئي آهي.

سنڌ جي سياست تان غدار وڏيري جو قبضو ڇڏائڻ وارو سوال
قومي سياست ڪندڙ ڌرين سنڌ سان پنهنجين مڙني سچاين ۽ وفادارين هوندي مادر وطن جو سياسي ميدان غدار وڏيرا شاهي لاءِ خالي رکيو آهيو. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ايوان ته ڇڏيو پر مڪاني حڪومتن واري نظام کي به سندن در جي لونڊي بڻائي ڇڏيو آهي. عوامي فورم وڏيرن جي حوالي رهڻ سان قومي سياست ڪندڙن جو عوام سان سندن فوري حل طلب مسئلن لاءِ رابطو ۽ ڳانڊاپو ڪٽجي ويو آهي. جنهن ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ملڪ جي اعلى ايوانن ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪوبه ساڃهه وند موجود نه رهيو آهي. تنهن ڪري وڏيرا، پير، مير ۽ جاگيردار پاڻ کي سنڌ جو حقيقي نمائندو قرار ڏيندي سڄي دنيا آڏو سنڌ جا هي نام نهاد سورما بڻيا ويٺا آهن. هر موقعي تي سندن لاڦ پئي لڳي ته هو ئي سنڌ جا وارث ۽ ڌڻي آهن، کين هن ديس جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جا پروانا مليل آهن. عوام به ڪا متبادل قيادت موجود نه هجڻ ڪري مجبورن ٻيهر نانگن جي ٻرن ۾ پناهه وٺڻ لاءِ مجبور آهي. ان ڪري ستم ظريفي اها آهي جو هن وقت دنيا آڏو سنڌ جي وارثي ۽ عوام جي نمائندگي اهي وڏيرا ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي عوام جا ازل کان ويري رهيا آهن. جڏهن سنڌ جا حقيقي وارث ۽ ڌڻي هر فورم ۽ ميدان کان ٻاهر هوندا ته هو دنيا آڏو اهو ڪيئن ثابت ڪندا ته هو سنڌ جا حقيق نمائندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سنڌين جون دشمن ڌريون عالمي فورمن تي سنڌ جي نمائندگيءَ جون دعويداري بڻجي ويهي رهيون آهن. هن وقت جڏهن سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي ۽ وسيلا بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آهي ته سنڌ جي قومي سياست ڪندڙ ڌرين کي به سڀني فورمن ۽ ايوانن تان سنڌ جي غدار وڏيراشاهي جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. وڏيرن ۽ ميرن کان سڀ ايوان خالي ڪرائي عوام جي هڏڏوکين جي هٿن ۾ ڏنا وڃن. جنهن بعد ڪنهن به سنڌ دشمن ۽ نسل پرست کي ڪنهن به عالمي فورم تي اها دعوى ڪرڻ جي همت نه ٿيندي ته وٽس سنڌ جي عوام جو مينڊيٽ موجود آهي. ڪنهن غدار وڏيري کي اها جرئت نه ٿيندي ته هو سنڌ جا حق تين وال ڪرڻ وقت اها هام هڻي ته کيس سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ووٽ ذريعي اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ جو پروانو ڏنو آهي. هتي اسان جو اهو قطعي مقصد ڪونهي ته رڳو پارليامينٽ ذريعي ئي سنڌ جي حق حاڪميت حاصل ڪري سگهجي ٿي پر اهو مورچو به ڪنهن سنڌ جي ويري جي هٿن ۾ نه ڇڏڻ گهرجي. ان سان اسان دنيا آڏو اها دعوى ڪري سگهون ٿا ته سنڌ جو مينڊيٽ هتان جي هڏڏوکي هٿن ۾ آهي ۽ هو ئي سنڌ جي قسمت جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار ۽ حق رکن ٿا.


(ڇپيل سنڌ جون مختلف اخبارون 2 آگسٽ 2009ع)

اين ايف سي ايوارڊ ۽ امير سنڌ جا غريب ماڻهو

سنڌ سان ٿيندڙ ارهه زوراين ۽ ناانصافين جو داستان کٽڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. دور بدلجن پيا، حڪمران به مٽجن پيا، پر جيڪڏهن ڪا شيءَ نه ٿي بدلجي ته اها سنڌ جي قسمت آهي. جنهن کي ڄڻ گرهڻ لڳي ويو هجي. پياري پاڪستان کي ٺهندي 62 سال پورا ٿي ويا آهن. چند ڏينهن اڳ جڏهن 14 آگسٽ تي ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو پئي ويو، ٺيڪ ان ڏينهن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن مان مظاهرن دوران ماڻهن پاران پاڻ کي ساڙي مارڻ واريون خبرون اخبارن جي دفترن تائين پهتيون. سنڌ جو ڪو ورلي اهڙو شهر هجي جتي ان ڏينهن ماڻهن مظاهرا نه ڪيا هجن، بک هڙتالن تي نه ويٺا هجن. عوام آزادي جو جشن ملهائڻ بدران پاڻ سان ٿيندڙ ناانصافين طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماتم پئي ڪيو. ان وقت سنڌ جي صورتحال ڏسندي ڀٽائي جو اهو بيت ذهن تي تري آيو:
جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا،
وئي ويچارن وسري خوشي ۽ خريد،
سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا.
آخر سنڌ جي ماڻهن ملڪ جي آزادي واري ڏهاڙي تي جشن ملهائڻ ۽ عيد وانگر خوشيون ڪرڻ بدران ماتم ڇو پئي ڪيو. ان طرف انهن حڪمرانن جو ڌيان وڃڻ مشڪل هوندو، جن جا ڀڀ سدائين ڀريل رهيا آهن. جن کي اها خبر نه هوندي آهي ته گهر ۾ هڪ ويلي جي ماني نه هجڻ تي ٻارڙن جا مرجهايل مک ڪيئن هوندا آهن، بي وس ماءُ جي اداس چهري ۾ پيل گهنج ڪيئن وڌيڪ گهرا ٿي ويندا آهن. بي وس بڻيل بابو ڪيئن پنهنجن ٻچن سان اکين ۾ اکيون ملائڻ جهڙو نه رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن وٽ ته خالي دلاسا به کٽي ويندا آهن. جنهن ديس جا ماڻهو بي گهر هجن، يا ورهيه گذرڻ بعد به پنهنجن ڪکن ڪانن واري جهوپڙي جي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ڏنل پراڻو لوڙهو ڪنهن ڪچي ديوار ۾ بدلائڻ جي سگهه نه رکندڙ هجن، سندن گهر ۾ موجود ڪنواريون ناريون ڪيئي خوبصورت بهارون فقط ان ڪري ماڻي نه سگهنديون هجن جو سندن والد يا ڀاءُ وٽ کين ڏاج ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ نه هجن. ڊگريون کڻي وزيرن ۽ وڏيرن جي در در جا ڌڪا کائيندڙ نوجوان جتان ڪٿان مايوسي پلئه پوڻ بعد پاڻ کي مارڻ يعني خودڪشيءَ کي ئي آخري سهارو سمجهندا هجن. جن وٽن هن ڪرڀ ڀرئي سماج مان ڇوٽڪاري ملڻ جو اڪيلو رستو فقط آپگهات ئي نظر ايندو هجي. اهي آخرڪار ڪيئن ٿا خوشيون ملهائي سگهن.
سنڌ جي ماڻهن کي جهنم جي هن ڪنڌيءَ تي پهچائڻ وارا اڃا ڇو ڪنهن احتساب کان آجا آهن. انهن کان پڇاڻي جي نوبت ڇو نه آئي آهي، جن قوتن پاڪستان جي استحڪام جي نالي تي سنڌ جهڙي سائي ستابي ديس جي ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. انهن کي ڇو ملڪ جي خدمت جي نالي تي آزاديءَ واري ڏهاڙي تي ايوارڊن سان نوازيو پيو وڃي. ڇا اهي ماڻهو ايوارڊن جا حقدار آهن، جن سنڌ جي وسيلن جو پنهنجن ديس واسين بدران پنجاب کي ڌڻي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. قانون جوڙيندڙ ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي ۽ مالڪي ڪرڻ بدران هميشه ملڪي وحدت جي نالي هن ديس جا وسيلا نيلام ڪري آيا آهن. سنڌ جي ماڻهن جون ملازمتون هڪ صوبي جي جهوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيون آهن. 62 سالن کان هر سطح تي ٿيندڙ ارهه زورائي کي مفاهمت جي نانءَ تي ڪشاده دليءَ سان مرڪي قبوليو آهي. اڃا به سنڌ جو رهيل کهيل رت ۽ ست ڌارين جي حوالي ڪرڻ لاءِ مفاهمت جو ناٽڪ بند ٿيڻ جو نالو نه ٿو وٺي. سينيٽ ۾ سنڌ ۾ جون سڀ سيٽون غير سنڌين حوالي ڪرڻ کي ملڪ جو عظيم تر مفاد قرار ڏنو پيو وڃي. ناڻي ايوارڊ لاءِ نمائندگي خاطر به ڪو سنڌي ماڻهو کين هٿ نه ٿو اچي. اها مفاهمت ۽ عظيم تر ملڪي مفاد فقط ئي فقط اقتدار کي چند ڏهاڙا وڌيڪ برقرار رکڻ جون ڪوششون آهن. جيئن اصل اقتدار ڌڻي يعني پنجاب جا واڳ ڌڻي کين ڪجهه عرصو وڌيڪ قبوليت جو شرف بخشن. پر ڇا شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير کي اهي ساڳيون پاليسيون بچائي سگهيون، جو موجوده حڪمران سڄي سنڌ کي هڪ صوبي جي مفادن لاءِ قربان ڪرڻ خاطر سندرو ٻڌيو بيٺا آهن.
پ پ جي موجوده حڪومت صوبن ۽ مرڪز ۾ ناڻي ورڇ لاءِ تازو نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن جو سربراهه خزاني وارو وفاقي وزير جناب شوڪت ترين هوندو. جڏهن ته غير سرڪاري ميمبرن ۾ سنڌ مان قيصر بنگالي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. شوڪت ترين سينيٽ ۾ سنڌ جي سيٽ تي بنا مقابلي چونڊجي ان منصب تائين پهتو آهي يا پهچايو ويو آهي. ان بحث ۾ پوڻ بجاءِ فقط اسان جناب قيصر بنگالي ۽ شوڪت ترين سميت اين ايف سي ايوارڊ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائندي آڏو سنڌ جو ڪيس رکڻ جي هجت ڪنداسين.
اين ايف سي ايوارڊ جي جوڙجڪ جو اعلان ٿيڻ بعد خزاني واري وفاقي وزير شوڪت ترين پاڻ ماضيءَ ۾ سنڌ سان ٿيل ناانصافين جو ذڪر ڪيو آهي. هن موجب گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ کي مالي وسيلن جي ورڇ ۾ پنهنجو حصو پتي نه مليو آهي. يعني سنڌ سان هر دور ۾ ناانصافي ٿي آهي. خزاني واري وفاقي وزير ان ڏس ۾ ڪجهه انگ اکر به ڏنا آهن. جن موجب سنڌ هر سال وفاق کي ٽيڪسن جي مد ۾ 180 ارب روپيا ڏئي ٿي، جڏهن ته کيس موٽ ۾ فقط 23 ارب روپيا ڏنا وڃن ٿا. اهڙي طرح مرڪز سنڌ مان 157 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪري ٿو. سنڌ سان هيءَ ٽريجڊي گذريل 40، 50 ڏهاڪن کان جاري آهي. پر ڪيئي دور بدلجڻ باوجود ان جو تدارڪ نه ٿيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جهڙي سکئي ستابي ديس جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن غريب ۽ مسڪين ٿي رهيا آهن.
اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي ملڪي وفاق ۾ موجود مظلوم قومن جا هميشه مرڪز ۽ خاص طور پنجاب سان اختلاف رهندا آيا آهن. بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کان اڳ ملڪي وفاق کي هلائڻ لاءِ پنجاب جي حڪمران طبقي وٽ پيمانا الڳ هيا. ان وقت بنگالين جي عددي اڪثريت سبب پنجاب ڪا به ورڇ يا فيصلو آباديءَ جي بنياد تي ٿيڻ جو سخت مخالف هيو. بنگال سان برابري ڪرڻ لاءِ ون يونٽ قائم ڪرڻ ۾ به دير نه ڪئي وئي. پر جڏهن اوڀر پاڪستان آزاد ٿي ويو ته ان بعد باقي بچيل پاڪستان ۾ پنجاب پنهنجي آدمشماريءَ جي بنياد تي اڪيلو اڪثريتي صوبو بڻجي ويو. جنهن ڪري هن ملڪ کي هلائڻ ۽ باقي صوبن سان وهنوار ڪرڻ لاءِ آباديءَ کي اڪيلو فيڪٽر قرار ڏئي ڇڏيو. وفاق ۾ ملازمتن ۾ حصو به کيس نه رڳو آباديءُ جي بنياد تي ڏنو ويو پر هن پنهنجي فوجي ۽ سول ڪامورا شاهيءَ جي زور تي باقي صوبن جي ملازمتن تي به زبردستي قبضو ڪري ورتو. مظلوم قومن سان ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڦرلٽ واري عمل کي ملڪي وحدت ۽ استحڪام جو نالو ڏنو ويو. اهو رينگٽ اڃا به بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
ملڪ جي مظلوم قومن سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان جو ڪافي وقت کان اهو مطالبو رهيو آهي ته ناڻي ورڇ لاءِ اڪيلي آباديءَ کي فيڪٽر قرار نه ڏنو وڃي. سنڌ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ان ڳالهه تي زور ڏيندي رهي آهي ته ناڻي جي ورڇ ۾ صوبن مان اوڳاڙي ٿيندڙ ٽيڪسز کي به بنياد بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ مان وفاق باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ 6 ڀيرا وڌيڪ ٽيڪسز اوڳاڙي ڪري ٿو. پر 6 ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪو هن ديس جو سڏ ورنائڻ وارو ناهي. ٻيو ته ڇڏيو پر سنڌ جو مينڊيٽ رکندڙ حڪمرانن به سنڌ جي هن حقي مطالبي يا گهر کي اقتدار کسجڻ يا اصل اقتدار ڌڻين جي ناراضگيءَ جي خوف کان نظرانداز ڪيو آهي.
اچو ته صوبن جي وچ ۾ ناڻي ورڇ واري معاملي جو ڇيد ڪريون: مرڪز صوبن مان مختلف قسمن جو ٽيڪس اوڳاڙي ٿو. جنهن ۾ انڪم ٽيڪس، جنرل سيلز ٽيڪس، ويلٿ ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽيز شامل آهن. صوبن مان اوڳاڙجندڙ ان ٽيڪس مان مرڪز پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ 62.5 سيڪڙو پاڻ وٽ رکي ٿو، جڏهن ته باقي 37.5 سيڪڙو رقم ورڇ جوڳي ناڻي جي پول ۾ وڃي ٿي. جيڪا رقم صوبن ۾ ورهائي وڃي ٿي. صوبن ۾ اها رقم آباديءَ جي بنياد تي ورهائي وڃي ٿي. ان فارمولي هيٺ پنجاب کي 23 سيڪڙو، سنڌ کي 9 سيڪڙو، سرحد کي 6 سيڪڙو ۽ بلوچستان کي 2 سيڪڙو، جڏهن ته وفاق کي 59 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي ٿو. هاڻي اچو ته ڏسون ته ورڇ جوڳي ان ناڻي ۾ صوبا پنهنجو ڪيترو حصو وجهن ٿا يا مرڪز کي صوبن مان ڪيتري اوڳاڙي ٿئي ٿي. سنڌ مان مرڪز 65 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙي ٿو، جڏهن ته پنجاب مان 25 سيڪڙو، سرحد مان 7 سيڪڙو ۽ بلوچستان مان 3 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙيون ٿين ٿيون. اها صورتحال ظاهر ڪري ٿي ته وفاق کي وڌ کان وڌ اوڳاڙيون سنڌ مان ٿين ٿيون. سال 1999-2000ع جي انگن اکرن موجب مرڪز کي سنڌ مان ٽيڪسز جي اوڳاڙي 180 ارب روپيا ٿي، جڏهن ته پنجاب مان 78 ارب، سرحد مان 22 ارب ۽ بلوچستان مان 8 ارب روپيا وفاقي ٽيڪسز جي مد ۾ اوڳاڙيا ويا. انهن اوڳاڙين جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي موٽ ۾ فقط 23 ارب، پنجاب کي 58 ارب، سرحد کي 13 ارب ۽ بلوچستان کي 5 ارب روپيا ورچ جوڳي ناڻي پول مان ڏنا ويا. هيءُ انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ناڻي ورڇ جي اڪيلي آباديءَ جي بنياد تي فارمولي واري ورڇ سان سنڌ پنهنجي جائز حصي کان محروم ٿي وڃي ٿي. وفاق کي 180 ارب ڏيندڙ صوبي کي موٽ ۾ فقط 23 ارب ڏيڻ کان ٻي ڪهڙي وڏي ناانصافي ٿي سگهي ٿي. هنن مڙني انگن اکرن تي نظر وجهڻ بعد اها حقيقت کلي طور سامهون اچي ٿي ته سڄي ملڪ جو ڪاروهنوار سنڌ جي ڏوڪڙن تي هلي ٿو. وفاق جا سڀ خرچ اڪيلو سنڌ برداشت ڪري ٿي. جڏهن ته ٻين صوبن مان وفاق کي جيڪا ڪمائي ٿئي ٿي سا واپس انهن ئي صوبن کي ڏني وڃي ٿي. ان صورت ۾ ملڪ جي مٿان مالڪي واري دعوى پنجاب جي هجڻ گهرجي يا سنڌ جي؟ اهو هڪ وڏو سوال آهي. جنهن جو سنڌ جا ماڻهو حڪمرانن ۽ خاص ڪري پنجاب کان جواب طلب ڪن ٿا. سنڌ مرڪز جو سڄو ڪار وهنوار هلائڻ باوجود ان جي انتطاميه ۾ حصيدار به نه بڻائي وئي آهي. وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ کي پنهنجو حصو نه ٿو ڏنو وڃي. وڏين وڏين ڪارپوريشنز ۽ خاص ڪري مالياتي ادارن، فوج، پي آءِ اي، سفارتي ملازمتن، ريلوي، ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ادارن، بينڪنگ سيڪٽر ۽ ملڪ جي ٻين اهم شعبن تي پنجاب جي بيوروڪريسي جو قبضو آهي. ملڪ ٺهڻ کان اڄ تائين مرڪز جي نالي ۾ به سڀ فائدا پنجاب جي جهوليءَ ۾ وڌا ويا آهن.
اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن مان نڪرندڙ معدني وسيلن تيل ۽ گئس جي مد ۾ مرڪز کي صوبن مان ٿيندڙ آمدنيءَ کي به شامل نه ٿو ڪيو وڃي. خاص ڪري سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آهي. گئس ۽ تيل جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن، انهن جي سڄي آمدني مرڪز کنيو وڃي ٿو. ڇا سنڌ جي مينڊيٽ جي دعوى ڪندڙ اقتدار ڌڻي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي پنهنجي مالڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو آواز بلند ڪندا؟
هن وقت جڏهن اين ايف سي ايوارڊ لاءِ تياريون زورن تي آهن، ان وقت اسان سنڌ جي حڪمرانن ۽ خاص ڪري اقتدار جي اعلى ايوانن اسلام آباد ۾ ويٺل سنڌين کي گذارش ڪنداسين ته ٻيلي هاڻي اقتدار کي سگهه بخشڻ جي ترڪتالن کي ڇڏي حقيقي معنى ۾ سنڌ جي وارثي ڪئي وڃي. نه فقط اين ايف سي ايوارڊ آمدني جي بنياد تي ورتو وڃي پر سنڌ کي پنهنجن مڙني قدرتي وسيلن تي به مالڪي وارو حق واپس ڏياريو وڃي. هن ڏس ۾ سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين، سماجي فورمن ۽ سڄاڻ ڌرين کي به آواز بلند ڪرڻ گهرجي، جيئن ايندڙ پنجن سالن تائين اين ايف سي ايوارڊ جي پراڻي فارمولي تحت سنڌ جي ٻيهر ڦرلٽ ڪرڻ جي جيڪا تياري ڪئي پئي وڃي ان جي آڏو بند ٻڌي سگهجن.
جيڪڏهن حڪمرانن ۽ خاص طور پنجاب جي قيادت مظلوم قومن سان انصاف جو بنياد نه رکيو ۽ پنهنجي پراڻي هوڏ تي قائم رهي، اين ايف سي ايوارڊ جي ڏس ۾ پراڻي فارمولي تي بضد رهي زبردستي ان کي لاڳو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان سان اڳ ئي بحرانن جي ور چڙهيل ملڪ جا بنياد ويتر ڪمزور ٿي ويندا. بلوچستان ۾ دکندڙ باهه جو سنڌ جي سرحدن تي به سيڪ محسوس ٿيڻ لڳندو. ڇاڪاڻ ته پيٽ بکايل ماڻهن جو هاڻي خوبصورت نعرن سان پيٽ ڀري نه ٿو سگهجي. ساوا، نيرا ۽ پيلا جهنڊا انگ اگهاڙن ماڻهن جو اوڇڻ ٿي نه ٿا سگهن. بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جي شهرن ۾ پنهنجي جگر جا ٽڪرا وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏيندڙ مائرن جي اندر مان هن گهر جي سلامتي لاءِ ڪا دعا نڪري نه ٿي سگهي.

(ڇپيل، روزاني سنڌ حيدرآباد، 20 آگسٽ 2009، روزاني هلچل حيدرآباد، 21 آگسٽ 2009ع)

سنڌ کي بڇايل اماڙيون ۽ نئين سال جي ايجنڊا

سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ کي انتهاپسند قوتن نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ 28 ڊسمبر 2009ع تي وڏي رٿابندي سان حملو ڪيو آهي. يوم عاشوري جي موقعي تي عزادارن جي مرڪزي جلوس ۾ ٿيل حملي ۾ هڪ طرف 50 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ سوين ماتمي زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن ته ٻئي طرف ان حملي بعد اڳواٽ طئه ٿيل رٿابندي هيٺ ڪراچي جي اهم واپاري مرڪزن تي حملو ڪري بولٽن مارڪيٽ سميت ڊزن کن ننڍن وڏن مارڪيٽن ۽ عمارتن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار کان وڌيڪ دڪان، آفيسون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز سڙي ڀسم ٿي ويا آهن. جڏهن ته حملي آورن 100 کان وڌيڪ گاڏين کي به ساڙي تباهه ڪيو آهي. ڪراچيءَ کي تباهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري هاڃو رسائڻ جو اهو عمل ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر سرانجام ڏنو ويو. هڪ طرف شهري بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ۽ شهيد ٿيل پنهنجا پيارا ڳولي رهيا هئا ته ٻئي طرف هڪ منظم گروهه شهر جي مک ڪاروباري مرڪز ۾ ساڙ ٻار جو عمل شرو ع ڪري ڏنو.
ڪراچيءَ ۾ يوم عاشوري واري ڏهاڙي ٿيل هيءَ ڪارروائي ڪا اوچتو عمل ۾نه آئي هئي، نه وري ڪو حادثو هيو. پر اهڙي دهشتگرديءَ جا انديشا ان ڏينهن کان موجود هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ جي ڌرتي تي پهريون ڌاريون ماڻهو داخل ٿيو هو. سنڌ واسين جا ڏوهه ته ان ڏينهن کان ڏڪي رهيا هئا، جنهن ڏهاڙي سنڌ حڪومت جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ افغانستان کان آيل افغان پناهگيرن کي ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ آباد ڪرڻ جا سانباها ڪيا هئا، جڏهن اسان جي معيشت جي مرڪزي شهر ۾افغانين جون بستيون آباد ٿيون هيون ته ڌرتي ڌڻين ان سڄي عمل کي سنڌ جي امن کي اماڙيون بڇائڻ جي هيبتناڪ سازش قرار ڏنو هو. افغانين جي سنڌ ۾ آمد بعد هتان جا ماڻهو پهريون ڀيرو ڪلاشنڪوف ڪلچر کان واقف ٿيا هئا. ڪابل ۽ قنڌار ۾ استعمال ٿيل بارود سرحدون ٽپي ڀٽائي جي امن واري ديس کي گهائڻ شروع ڪيو هو، اسان سنڌ جا ماڻهو جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور کان وٺي مسلسل اهي دانهون ڪندا رهياسين ته ٻيلي سنڌ جون سرحدون تاتارين، چنگيز خان ۽ مدد خان جي پوئلڳن لاءِ نه کوليو، درندن ۽ وحشين جا اهي لشڪر ماضيءَ وانگر سنڌ کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا، پر محڪوم بڻايل ماڻهن جي دانهن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. پوءِ دنيا ڏٺو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جا شهر ۽ وسنديون بارود سان واسجي ويون. اسان پنهنجن پيارن جي ڪفن دفن ۾ مصروف ٿي وياسين.
جڏهن سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ مذهبي جنونيت خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته ان وقت به سنڌ جون سرحدون پناهگيرن جي ڪٽڪن لاءِ کولي امن ۽ رواداري واري ماحول کي سوليءَ تي چاڙهڻ جا سنباها ڪيا ويا. سنڌ جي ماڻهن دانهون ڪيون، مظاهرا ڪيا، بک هڙتالون ڪيون پر اسان جا حڪمران مهمان نوازيءَ جي نالي بدامني جا کوليل در بند ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيا. سرحد صوبي جي پهاڙن مان آيل پناهگير نه فقط سنڌ ۾ داخل ٿيا پر هنن پاڻ سان گڏ دهشت ۽ ڏهڪاءَ جا سڀ سامان هڙن ۾ ٻڌي آندا. لکين سواتين ۽ مالاڪنڊين سان گڏ اهي دهشتگرد به منهنجي ڌرتيءَ تي پهچي ويا، جيڪي فوجي آپريشن بعد محفوظ هنڌ جي تلاش ۾ هئا. حڪمرانن سوات ۽ مالاڪنڊ کي ته محفوظ بنائڻ تي شادمانا ملهايا پر انهن ان ڳالهه ڏانهن قطعن ڌيان نه ڏنو ته اهي وحشي ۽ درندا سنڌ ديس ۾ ڪهڙا اچي هاڃا ڪندا. اسان سوات ۽ مالاڪنڊ کي محفوظ بنائڻ تي ارها نه هياسين پر ان امن جي قيمت تي منهنجي ديس کي ساڙڻ جا جيڪي سانباها ڪيا ويا. ان ڏانهن اسان جي حڪمرانن ڪو به ڌيان نه ڏنو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي معصوم ماڻهن کي جيئندان ڏيڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا.
اسان جي شهر ڪراچيءَ ۾ ٻين صوبن کان آيل ماڻهو جنهن نموني طاقتور ٿيڻ لڳا ۽ هتان جي ڌرتيءَ تي والار ڪرڻ لڳا، ان سڄي عمل کان اسان جا حڪمران چٽيءَ طرح واقف هيا، ڪراچيءَ ۾گذريل ٻه سالن دوران سوات، مالاڪنڊ ۽ وزيرستان سميت اترين علائقن سان واسطو رکندڙ ڪيترائي دهشتگرد سوگها ڪيا ويا، جن وٽان ايترو بم ۽ بارود مليو جيڪو حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هو. پر پوءِ به هتان جي عوام جي ان مطالبي کي مان نه ڏنو ويو ته “سنڌ مان ڌارين ماڻهن کي تڙي ڌرتي ڌڻين کي محفوظ بڻايو وڃي”. حڪمران يڪجهتي جي نشي ۾ايڏو ته سرشار هيا جو هنن سنڌ ۾ طالبان جي ڪٽڪن داخل ٿيڻ جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو. اٽلندو سنڌي ماڻهن جي آواز کي چٿرن ۽ ٽوڪن جي ور چاڙهي ڇڏيو.
ڪراچيءَ ۾ 28 ڊسمبر تي جيڪا قيامت برپا ڪئي وئي، ان جي پويان موجود هٿ ڪنهن کان به لڪل نه آهن، جڏهن پابندي پيل تحريڪ طالبان ڪراچي ڌماڪي جي ذميواري قبول ڪئي آهي ته هاڻي ته سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پيا آهن. سنڌ جا ماڻهو ته ڇڏيو پر سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته طالبان ڪٿان جا آهن، ڪٿي ڄاوا نپنا آهن، طالبان دهشتگردن جا مرڪز نه سنڌ ۾ آهن ۽ نه وري بلوچستان جي ڌرتي تي انهن لاءِ ڪا گنجائش موجود آهي. دنيا جا سڀ امن پسند ماڻهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي ۽ بلوچ قومون مذهبي ۽ فرقيوار جنونيت کان آجيون آهن، سنڌي قوم جو ڪوبه فرد ڪڏهن به دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسندي جو حامي نه رهيو آهي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ڌرتيءَ کي پنهنجي مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرازم جي سزا ڏني پئي وڃي. صوفين جي ديس کي ان ڪري ساڙي ڀسم ڪرڻ جا سامان گڏ ڪيا پيا وڃن جو هن ڌرتيءَ وٽ دنيا لاءِ امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام موجود آهي.
اڄ جڏهن سنڌ ۾ سرحد پار کان آيل درندا ۽ وحشي منهنجي شهرن کي ساڙي ٻاري ڀسم ڪرڻ لاءِ ميدان تي آيا آهن ته ان وقت اسان جي حڪمرانن کي اکيون کولڻ گهرجن. سنڌي ماڻهن جي ان پراڻي مسلسل گهر کي مان ڏيڻ گهرجي ته شاهه لطيف جي ديس ۾ آيل مڙني پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي هتان جي معصوم ماڻهن جي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي. ڪراچي سميت سنڌ جي مڙني وسندين مان سواتين، مالاڪنڊين، وزيرستان واسين ۽ افغانين کي ڪڍي پنهنجن وطنن ڏانهن موڪلڻ جا بندوبست ڪيا وڃن.
سنڌ جو هر ٻچو ۽ ٻار، ٻڍو ۽ جوان، ڀيڻ ۽ ماءُ تڏهن محفوظ رهي سگهي ٿي، جڏهن هتان درندن جا ٿاڪ ۽ وٿاڻ مڪمل طور تي ختم ڪيا وڃن. ان لاءِ سنڌ جي هر پارٽي ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهو کي گڏجي حڪومت مٿان اهو زور بار وجهڻ گهرجي ته اسان جي ڌرتي کي ڪابل، قنڌار، سوات ۽ مالاڪنڊ بنائيندڙ ٽولن کي بنا دير جي پنهنجن وسندين ڏانهن موڪليو وڃي. جيڪڏهن اڃا به اسان ملڪي وحدت ۽ يڪجهتيءَ جي نانءَ تي سنڌ جون سرحدون ٻاهرين ماڻهن لاءِ کليل رکيون ته پوءِ خبر ناهي ته اسان جي ڪيترن مائرن ۽ ڀينرن کي پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪرڻا پوندا. اڃا ڪيتريون ونيون پنهنجن ورن جا مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ مرده خانن جا چڪر ڪاٽينديون.
اڄ جڏهن نئين سال 2010ع جي شروعات ٿي رهي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي مڙني ساڃهه وندن کي نئين سال جي ايجنڊا ۾ “سنڌ کي ڌارين کان پاڪ ڪرڻ” وارو نقطو شامل ڪرڻ گهرجي، هن سال ۾ جيڪڏهن اسان سنڌ کي ڌارين جي ڪٽڪن کان بچائڻ ۾ ڪامياب وياسين ته هي سال سنڌ لاءِ سڦلائتو ثابت ٿيندو.

(چپيل: روزاني سنڌ حيدرآباد، پهرين جنوري 2010ع)

محبتن جي ڏهاڙي سنڌ کي مليل بارود جو تحفو

پيار ۽ محبت جي ڏهاڙي ”ويلنٽائين“ تي سنڌ کي گلن، ڀاڪرن ۽ چمين بدران رت جو تحفو ڏنو ويو آهي. سنڌ جي دل دادو کي دهشتگردن نشانو بڻائي هتان جي امن پسندن ۽ مذهبي رواداري جي پوئلڳن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته هو هاڻي سوات ۽ وزيرستان وانگر مذهبي جنونيت جي نيزي تي آهن. هاڻي سنڌ جون مائرون، ڀينرون ۽ کير ورنيون ونيون به پنهنجن پيارن جي مڙهن تي ائين پار ڪڍي روئنديون، جيئن هن کان اڳ لاهور، پنڊي ۽ پشاور جون ڌرتي ڌياڻيون نير وهائي چڪيون آهن.
دادو شهر جو 14 فيبروري 2010ع وارو صبح ته خوشيون کڻي آيو هو. هر روز وانگر شهري ٻهڪندا ۽ چهڪندا پنهنجين روز مرهه وارين سرگرمين ۾ مشغول هئا ته صبح جو پهريون پهر ئي سندن لاءِ موت جو نياپو کڻي آيو. وچ شهر ۾ بم ڌماڪي سبب 3 انساني جانيون ضايع ٿي ويون، جڏهن ته 2 درجن کن شهري زخمي ٿي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن. دادو کي رت ۽ باهه جي اوڙاهه ۾ ڪنهن اڇليو، ان تي يقينن سنڌ جا ماڻهو حيرت زده ناهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ لاءِ دهشتگردي جي خطرن ۽ خوفناڪين ته ان ڏينهن کان جنم ورتو هو، جنهن ڏهاڙي سنڌ ۾ برصغير جي ورهاڱي بعد ڌارين ماڻهن جي پهرين لوڌ داخل ٿي هئي.
ڏکڻ ايشيا ۾ سنڌ ئي اهڙو وطن رهيو آهي، جتي برصغير جي ورهاڱي کان اڳ مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ دهشتگرديءَ جو پري پري تائين ڪوبه نالو نشان موجود نه هو. سنڌ جي ماڻهن پنهنجي صدين جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن پرائي ديس تي قبضو نه ڪيو آهي. زور ۽ زبردستي ڪنهن جو در نه اورانگهيو آهي، ڪنهن ڌارئي ديس جي ڌرتي تي والار نه ڪئي آهي. سنڌ جي پنج هزار سال کان وڌيڪ پراڻي تاريخ ٻڌائي ٿي ته دنيا ۾ سنڌ ئي اهڙي قوم جو وطن رهيو آهي، جنهن قوم پنهنجي يا پرائي کي مذهب جي متڀيد تي خون نه ڪيو آهي. هندو، مسلمان، ٻڌ ۽ جين مت جا پوئلڳ هن ئي ديس ۾ امن، ڀائيپي ۽ رواداري سان رهيا آهن. شيعا، سني، بريلوي يا ديوبندي جي بنياد تي سنڌي ماڻهن ڪڏهن به پنهنجا عبادتگاهه الڳ ڪونه ڪيا آهن. آپگهاتي بم ڌماڪا ڪرڻ، مسجدن ۽ امام بارگاهن، مندرن ۽ ڪليسائن ۾ عبادت دوران جيڪڏهن ڪنهن جنوني پنهنجي مخالف جو ڪنڌ ڪوريو ته اهو سنڌ جي مٽيءَ سان واسطو رکندڙ نه رهيو آهي. سنڌي مسلمان ته هندن سان هولي به گڏ ملهائيندا آهن ته وري هندو ڀٽ ڌڻي جي ميلي، سچل جي درگاهه ۽ شاهه عنايت جي ننگريءَ ۾ پيار ۽ محبت ونڊڻ ۾ مسلمانن کان ڪڏهن به پوئتي نه رهيا آهن. سنڌي ماڻهن لاءِ سڀ عبادت گاهون ۽ آستان، سڀ مذهب ۽ نظريا ڪڏهن به انسانيت کان مٿانهان نه رهيا آهن، جيڪڏهن ائين چئجي ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ جا ماڻهو مسلمان، هندو، ٻڌ، شيعا ۽ سني کان اڳ انسان هجڻ ۾ پختو يقين رکن ٿا ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
پوءِ سيڪيولر سنڌ جي دادو شهر کي هيءَ اماڙيون ڪنهن بڇايون آهن، يا هن کان اڳ هلندڙ سال جنوريءَ جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ امام عه جي چاليهي جي موقعي تي ماتمي جلوس ۽ جناح اسپتال کي رت ۾ ڪنهن وهنجاريو هو. اهو سٽ اهڙو ڪونهي جو سلجهي نه سگهي. اسان سنڌ جا ماڻهو لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا وارث ڪنهن جا مدا نه رهيا آهيون ته پوءِ آخر اسان جي ديس کي بمن سان ڀسم ڪرڻ جا سانباها ڪندڙ ڪير آهن؟ سنڌ جي ماڻهن انهن جنونين جا پيرا کڻي سندن ٿاڪن ۽ وٿاڻن کان اڳ به حڪمرانن کي آگاهه ڪيو هو ۽ هاڻي به چون ٿا ته ٻيلي سنڌ ۾ پهتل ڌارين جون لوڌون ئي سنڌ کي ساڙي ڀسم ڪرڻ گهرن ٿيون. انهن آڏو بند ٻڌو.
هاڻي اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل ڪونهي ته ڪراچي ۽ دادو ۾ ڌماڪا ڪندڙن جي پيرن جا نشان سوات ۽ وزيرستان ۾ وڃي دنگ ڪن ٿا. اسان کي بارود جي باهه ۾ ساڙيندڙ اهي ماڻهو آهن جن کي اسان جي حڪمرانن ملڪي ڀائيچاري جي نانءُ تي اسان مٿان مڙهيو آهي. خود سنڌ حڪومت جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سنڌ مان جيڪي به دهشتگرد بارود سميت سوگها ڪيا آهن، انهن جو تعلق ملڪ جي اترين علائقن ۽ خاص ڪري سوات، وزيرستان ۽ پنجاب سان ٻڌايو ويو آهي ته پوءِ اها عجيب ڳالهه چئبي جو هر ڌماڪي بعد حڪمران وڏي نڪ جي پڪائي سان جاچ جو حڪم ڏيندا آهن. اصل ۾ جاچ ان ڳالهه جي ٿيندي آهي، جيڪا لڪل هجي، جنهن جو ڪو خر ۽ پير نه ملندو هجي. پر هتي ته سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيو آهي ته پوءِ سنڌ کي سلامت رکڻ ۽ هتان جي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءُ ڇو نه ٿا ورتا وڃن. سنڌ جا ماڻهو بم ڌماڪن ۾ ملوث ماڻهن خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ تي ان راءِ جا آهن ته سنڌ کي هٿ وٺي پنهنجي سيڪيولر سوچ جي سزا ڏني پئي وڃي، هن ديس جي ماڻهن کي پنهنجا حق گهرڻ تي مذهبي جنونيت جا ڀوت بڇايا پيا وڃن.
دادو ڌماڪو سنڌ جي ماڻهن لاءِ به سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ جا نوان سامان کڻي آيو آهي. هتان جي ديس ڌڻين کي هاڻي پنهنجي وطن جي سلامتي لاءِ سڀ لاڳاپا لاهي اڳيان اچڻو پوندو. سنڌ ۾ ان معاملي تي ڪي به ٻه موقف ناهن ته سنڌ ۾ بدامني، جنونيت ۽ دهشتگردي ۾ ٻاهران آيل ماڻهو ملوث آهن. اسان هيل تائين ڇڙوڇڙ نموني مختلف پارٽين جي الڳ الڳ پليٽ فارمن تان اها جدوجهد ڪئي آهي ته سنڌ کي ڌارين کان پاڪ ڪيو وڃي. پر هاڻي خطرا اسان جي سر مٿان لامارا ڏئي رهيا آهن. اڄ دادو کي گهايو ويو آهي، سڀاڻي حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سان به ساڳي ويڌن ٿيڻ جو انديشو موجود آهي. پوءِ ڇو نه هاڻي کان ئي اسان کي هڪ ٿي جدوجهد لاءِ سندرا ساهڻ گهرجن. سنڌ جي مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ پٽن جون حياتيون بچائڻ لاءِ هاڻي ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه نه رهي ته سنڌ کي ڌارين کان مڪمل پاڪ ڪيو وڃي، ان لاءِ رڳو حڪومت تي ڀاڙڻ بدران هڪ قوم جي حيثيت ۾ اسان کي به پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. پنهنجن وسندين، واهڻن ۽ شهرن ۾ موجود ڌارين جي نشاندهي ڪري هڪومت مٿان اهو دٻاءُ وڌائڻ گهرجي ته کين سنڌ جي حدن مان نيڪالي ڏئي پنهنجن ڏاڏاڻن ڏيهن موڪليو وڃي. ڌارين کي سنڌ ۾ مليل سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ شهريت جا ٻيا دستاويز رد ڪري کين هتان جي اصل ديس ڌڻين کان الڳ ڪيو وڃي. سندن سنڌ ۾ ڪاروبار ڪرڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ، ملازمت ڪرڻ ۽ ٻين شهري سهوليتن تي پابندي وڌي وڃي. جيئن سنڌ ڏانهن ڌارين جي ايندڙ لوڌ کي روڪي سگهجي. ان سان گڏ اڳ آيل سواتين، بهارين، برمين، افغانين کي به سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ حڪومت مٿان زبردست دٻاءُ وڌو وڃي. جيڪڏهن اسان هڪ قوم جي حيثيت ۾ اکيون نه کوليون ۽ جدوجهد لاءِ سندرا نه ساهيا ته پوءِ خبر ناهي ته دادو وانگر اڃا ٻيا ڪيترا شهر ۽ وسنديون ان باهه جي لپيٽ ۾ اينديون ۽ اڃا ڪيتريون ونيون پنهنجا ور وڃائينديون ۽ مائرون پنهنجن پيارن جا لاش وصول ڪنديون.

(ڇپيل روزاني سنڌ 15 فيبروري 2010ع)

پاڻيءَ تي پساهه ڏيندڙ هيءُ ماڻهو

بدين ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ تلاءُ جو بيٺل پاڻي پيئڻ سبب 34 ماڻهو بيهوش ٿيڻ واري خبر سياسي دنگل جي چٽپٽين خبرن جي ڳولائو اخبارن ۾ ڪا اهم جاءِ والاري نه سگهي آهي. ججن ۽ حڪومت ۾ مٿڀرائپ لاءِ هلندڙ جنگ سبب عام ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏولائن ڏانهن آخر ڪنهن جو ڌيان ويندو. بدين جي ڳوٺن جا ماڻهو زهريلو پاڻي پيئڻ سبب ڪهڙي ويڌن جو شڪار آهن، ان جي نه ته حڪومت ۽ نه وري مخالف ڌر جي قيادت کي پرواهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ ماڻهن جي مسئلن کان وڌيڪ اهميت پاڻ لاءِ وڌيڪ فائدا وٺڻ ۽ هڪ ٻئي کي نيچو نوائڻ وارن معاملن کي آهي. سنڌ جي سامونڊي ضلعن خاص ڪري ٺٽي ۽ بدين ۾ سنڌو درياهه جو پاڻي نه پهچڻ سبب اتي بيٺل پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ کوهه زهريلا بڻجي رهيا آهن. مال متاع ته ڇا پر ماڻهن کي هاڻي ته پيئڻ لاءِ تازو پاڻي به ميسر نه آهي. بيٺل زهريلو پاڻي پيئڻ سبب هزارين ماڻهو پيٽ جي بيمارين ۽ خاص ڪري چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترائي ٻار، عورتون، جوان ۽ ٻڍا گيسٽرو سبب موت جي منهن ۾ هليا ويا آهن. پاڻي لاءِ پساهه ڏيندڙ ماڻهن جي ڪوبه واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، کين ڪير به اهو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ته کين سنڌوءَ جي پاڻيءَ کان ان ڪري محروم ڪيو ويو آهي، جو بدقسمتيءَ سان هو سنڌ جهڙي ننڌڻڪي ديس جا ڄاوا آهن. بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ سمنڊ جي مهڙ ۾ ايندڙ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سوين ڳوٺ ۽ وسنديون سمنڊ جي پيٽ ۾ هليون ويون آهن. هزارين ماڻهو پنهنجا اباڻا پڊ ڇڏي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿيا آهن. پر سندن بحاليءَ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوبه بندوبست نظر نه ٿو اچي. ڇاڪاڻ جو هو ڪو وزيرستان يا سوات جي خاص مخلوق ته نه آهن، جو سندن لاءِ حڪومتي سطح تي خاص فنڊ قائم ڪيا وڃن، يا کين آفت سٽيل قرار ڏئي سندن ڪنهن ٻئي هنڌ تي آبادڪاريءَ جو انتظام ڪيو وڃي. بدين ۽ ٺٽي واسي ته پنهنجي ئي شهر ڪراچيءَ جي بولٽن مارڪيٽ جا به رهواسي نه آهن، جو سندن دانهن ۽ ڪوڪ ايوان صدر جا در کڙڪائي سگهي. سندن لاءِ اسلام آباد جا ايوان پريشان ٿين. هيءُ ڀٽائي ۽ سچل جي ديس جا سادا سودا ماڻهو پاڻ ۾ ئي پٽڪو ۽ ماتم ڪرڻ تي اڪتفا ڪري سگهن ٿا.
بدين ۽ ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪا قدرتي آفت ناهي، جنهن کي رب جي رضا سمجهي صبر ڪجي. پر سنڌ کي سڪائڻ، تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي خوفناڪ منصوبابنديءَ سان ڪم ڪيو پيو وڃي. پنجاب طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم اڏڻ سميت پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي زور زبردستي کڻڻ سبب اڄ سنڌ جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به تڙپي رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جو ڪو انت ايندو نظر نه ٿو اچي. پنجاب طرفان پنهنجا ٽي درياهه ڀارت کي وڪرو ڪرڻ کان پوءِ سنڌوءِ تي قبضي وارو باب بند ٿيندو نظر نه ٿو اچي. سنڌ جا حڪمران پاڻيءَ واري مامري تي پنجاب جي ارهه زورائي آڏو بند ٻڌڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ تي سڀ معاهدا يا ٺاهه پنجاب آڏو ڪا به حيثيت نه ٿا رکڻ. ڇاڪاڻ ته هو هن ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي. هو آقا آهي ۽ ٻيا سندس غلام آهن، ان ڪري غلام ته معاهدن جا پابند هوندا آهن پر ڏاڍي جي اڳيان سڀ معاهدا ۽ قانون ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ڪمزور ثابت ٿيندا آهن.
چشما جهلم لنڪ ڪينال تي پنجاب جي تازي هوڏ اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي آهي، ته هو آقا هجڻ ڪري ڪنهن به قانون جو پابند نه آهي. پاڻي واري 1991ع واري لولي لنگڙي ٺاهه تي به پنجاب عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته ان ٺاهه تي سنڌ جي ماڻهن جا سخت اعتراض آهن، سنڌ جا ماڻهو پنجاب کان پاڻيءَ جي 1945 ع واري ٺاهه تي عمل جا گهرجائو آهن. پر پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي به عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ٺاهه ۾ چشما جهلم لنڪ ڪينال ٺاهڻ جو ڪٿي به ذڪر موجود ناهي، ان باوجود چشما لنڪ ڪينال نه فقط زبردستي جوڙيو ويو پر ان کي ٻوڏ جي مند بدران زبردستي 12 ئي مهينا وهايو پيو وڃي. سنڌ جا حڪمران پنجاب جي پاڻيءَ واري ڌاڙي تي ڪيتري وقت کان ڪک رکندا آيا. پر تازو پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ديناداستي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هو چشما لنڪ ذريعي ٻوڏ واري موسم نه پر ٻارنهن ئي مهينا پاڻي کڻندا آهن. پنجاب جي حڪمران طبقي نه فقط غيرقانوني جڙيل لنڪ کي ٻارنهن ئي مهينا وهائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پر هاڻي پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ ان تي پاور پلانٽ جوڙڻ جي به رٿابندي ڪئي پئي وڃي. جنهن تي سنڌ جي عوام ۽ موجوده پ پ حڪومت سخت اعتراض واريا آهن. پر پاڪستان جي اصل آقائن کي سنڌ جي احتجاج جي ڪابه پرواهه نه آهي.
سنڌ اسيمبلي چشما جهلم لنڪ ۽ ان تي پاور پلانٽ جوڙڻ خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ به منظور ڪري چڪي آهي. پر ان باوجود پنجاب جو لنڪ ڪينال کي 12 مهينا وهائڻ ۽ ان تي پاور پلانٽ اڏڻ وارو ضد اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي ماڻهن ۽ ان جي چونڊيل ايوان جي هن ملڪ ۾ ڪابه اهميت نه آهي. جيڪڏهن سنڌ سان هن ملڪ ۾ برابريءَ وارو سلوڪ ٿيندڙ هجي ها ته سنڌ جي احتجاج باوجود ارسا طرفان پنجاب جي مرضيءَ تي چشما لنڪ ڪينال ۾ پاڻي ڇڏڻ وارو فيصلو آڏو نه اچي ها. آخر پنجاب جا حڪمران سنڌ کي ڪهڙو نياپو ڏيڻ گهرن ٿا.
ڀارت سان پاڻي معاملي تي گڏجاڻيون ڪندڙ حڪمران آخر پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن سان ساڳي معاملي تي ٻٽو معيار ڇو رکيو ويٺا آهن. هڪ طرف ڀارت طرفان سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي ان بنياد تي مخالفت ڪئي پئي وڃي ته ان سان پاڪستان پاڻيءَ کان محروم ٿي ويندو ته ٻئي طرف ساڳيو موقف رکڻ تي سنڌ کي ملڪ دشمنيءَ جا طعنا ۽ مهڻا ڏنا پيا وڃن. مسلم ليگ نواز جو پنجاب ۾ وڏو وزير اسيمبلي ايوان ۾ بيهي سنڌ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مسلم ليگ جا اهم اڳواڻ سنڌ ۾ پاڻيءَ تي ٿيندڙ احتجاج کي رد ڪري هتان جي قومپرستن کي ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جو ذميوار قرار ڏئي رهيا آهن. پنجاب هن کان اڳ به بنگالي عوام کي سندن جائز جدوجهد تي قصوروار قرار ڏنو هو. جنهن جي نتيجي ۾ اڄ بنگال پاڪستان سان گڏ نه رهيو آهي. ڇا پنجاب جا حڪمران پنهنجن مفادن خاطر هن ملڪ جا بنياد به اکوڙڻ چاهين ٿا. آخر هن صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي ڇا ڪرڻ گهرجي. جڏهن کين ڪنهن به ملڪي قانون هيٺ حق ملڻ جو ڪو دڳ نظر نه ٿو اچي. سنڌ حڪومت جي بي وسي به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. وفاقي ادارن هيل تائين پنجاب جي ڪمداريءَ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. ارسا جو هڪ طرفو فيصلو يا سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهرائن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ ان تي وفاقي حڪومت جي خاموشي ثابت ڪري ٿي ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ ملڪي قانون هيٺ يا هتان جي ادارن جي وسيلي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ وارو خواب ساڀيان ٿيڻ جوڳو نه رهيو آهي. سنڌ جي هر گهٽي، شهر ۽ واهڻ ۾ پنجاب خلاف پاڻيءَ تي ٿيندڙ احتجاج ڪو نياپو ڏئي رهيو آهي. جنهن جي ترت ورندي نه ملي ته پوءِ تاريخ جيڪو فيصلو ٻڌائيندي اهو ڏاڍو بي رحم هوندو. ڪڏهن ڪڏهن تاريخ پنهنجو ورجاءُ به ڪندي آهي.

(ڇپيل روزاني سنڌ 18 فيبروري 2010ع)

امان مان آفيس ڪونه وينديس!

(سنڌ جي پڙهيل لکيل عورت جي درد ڪهاڻي)

شاهده اڄ به صبح جو گهر کان ٻه فرلانگ پنڌ ڪري شهر ويندڙ سوزڪيءَ جي اسٽاپ تي پهچي ٿي. اسٽاپ تي بيٺل ماڻهن جون نظرون کيس روز وانگر گهورڻ لڳن ٿيون. اسٽاپ تي بيٺل هر مرد پڪو توڙي پوڙهو، نوجوان توڙي الهڙ ڇورو کيس پيرن کان مٿي تائين ايئن گهوري ٿو، ڄڻ ته هوءَ مال پڙيءَ ۾ وڪري لاءِ آيل ڪو جانور هجي. جنهن کي خريد ڪرڻ کان اڳ واپاري ان جو خر کان سڱن تائين گهرائي سان جائزو وٺندو آهي. شاهده جو بس اسٽاپ تي اچي سوزوڪيءَ جو انتظار ڪرڻ وقت ڪنڌ جهڪائي بيهڻ معمول بنجي ويو آهي. جنهن ڪري کيس جوانيءَ ۾ ئي ڪنڌ ۾ سور جي شڪايت ٿيڻ لڳي آهي. روزانو ڪيترو ئي وقت گاڏين جي اسٽاپن تي مردن جي نظرن کان بچڻ لاءِ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهڻ ۽ زمين کي بي مقصد گهوريندي کيس ته چيلهه جي ڪنڊي ۾ به سور جي شڪايت ٿيڻ لڳي آهي. معاملو فقط اتي ختم ڪونه ٿو ٿئي، پر سوزوڪيءَ ۾ چڙهڻ کان پوءِ کيس ڪڏهن ڊرائيور جي سيٽ ڀرسان ويهڻ جي جاءِ ملي ويندي آهي ته ڪڏهن ڊيوٽيءَ تي پهچڻ لاءِ سوزوڪيءَ جي اندر مردن سان گڏ ويهڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو آهي. اهي لمحا سندس لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندا آهن.
هن خوبصورت ۽ جوان ناريءَ سان اهڙا واقعا ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪا آهن، کيس سوزوڪيءَ جي اڳين حصي ۾ ڊرائيور جي ڀرسان ويهڻ جو موقعو ملندو آهي ته هوءَ مسلسل ڊرائيور جي حريص نظرن جو شڪار رهندي آهي. شاهده پنهنجي ساهيڙين کي اهو قصا ٻڌائيندي شرم ۾ ٻڏي ويندي آهي ته اڪثر ڊرائيور گاڏيءَ جي گيئر بدلائڻ وقت ڪيئن نه سندس جسم کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، يا گاڏيءَ کي سفر دوران آيل ڪنهن لوڏي يا جهاڪي وقت پنهنجو جسم سندس جسم سان ٽڪرائڻ جي شعوري ڪوشش ڪندا آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر گاڏيءَ مان هيٺ لهڻ وقت دروازو کولڻ جي بهاني به سندس هٿن کي ڇهڻ ڄڻ عين عبادت لائق سمجهيو ويندو آهي. هوءَ پاڻ جيڏين کي اهڙا ڪيترائي قصا ٻڌائيندي مردن جي حريص نگاهن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جا ڏس ڏيندي آهي. شاهده ٻڌائي ٿي ته ساڻس سوزڪيءَ جي پوئين سيٽ تي مردن سامهون ويهڻ دوران اهڙا ڪافي واقعا رونما ٿي چڪا آهن، سامهون ويٺل مرد پنهنجا گوڏا سندس سٿرن سان ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. يا ته منجهائنس اوسيتائين نظرون نه ڪڍندا آهن، جيسيتائين هوءَ پنهنجي منزل اچڻ تي لهي نه ٿي وڃي. شاهده اهو ٻڌائيندي به اندر ۾ ڪڙهندي آهي ته بس يا سوزوڪيءَ مان لهڻ وقت به کيس پاڻ کي مردن جي انهن حرڪتن کان بچائڻ لاءِ ڪيئن روز جتن ڪرڻا پوندا آهن. پر هوءَ اهو سڀ ان ڪري سهندي آهي جو کيس ملازمت ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻو هوندو آهي. سندس پگهار ايتري نه آهي جو هوءَ روز ڪنهن رڪشا ۾ اچي وڃي سگهي. هن کي ته بس اسٽاپ کان آفيس تائين پنڌ پهچڻ لاءِ به رستي ۾ بيٺل اوباش نوجوانن جي نظرن ۽ غليظ فقرن جو روز مقابلو ڪرڻو هوندو آهي. جيڪي اسٽاپ کان آفيس جي گيٽ تائين سندس پيڇو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن.
ڪلثوم به ڪيترو ئي وقت ساڳي ڪيفيت مان گذرڻ بعد اڄ ملازمت ڇڏي گهر ويهڻ تي مجبور آهي. ڪلثوم جو ڏوهه فقط ايترو هيو جو هن سان ٿيندڙ اها ويڌن سندن گهر وارن کي معلوم ٿي چڪي هئي. اها ئي همت سندس لاءِ بک ۽ بي روزگاريءَ جو سبب بنجي وئي. جيڪڏهن هوءَ به ٻين نارين وانگر اهو سور دل ۾ ئي پي وڃي ها ته اڄ رپئي پئسي لاءِ ڪنهن جي محتاج نه هجي ها. پر اهو ڏينهن اڄ به کيس ياد آهي ته بس ۾ سفر دوران ڪنهن اوباش کيس تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن تي هن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو هو ۽ هن ان کي ڀري بس ۾ چماٽ وهائي ڪڍي هئي. جيڪڏهن ان بس ۾ سندس ڀاءُ جو هڪ دوست موجود نه هجي ها ته اها ڳالهه سندس گهر تائين نه پهچي سگهي ها. پر جڏهن اهو قصو ڪنهن طرح سندس گهر تائين پهتو ته کيس نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. اڄ هوءَ پنهنجي ان دليريءَ ۽ همت جو اهو صلو ملندي دل جو درد دل اندر لڪائڻ کي ئي حڪمت سمجهڻ لڳي آهي. پر هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي.
هڪ پرائيويٽ اداري جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ان ماسترياڻيءُ جو قصو به ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، جيڪا اهي سڀ ذلتون برداشت ڪري روز آفيس پهچندي آهي. پر شازيه گهر کان آفيس تائين پهچڻ لاءِ ٽن سوارين بدلائڻ سبب وڏي عذاب ۾ مبتلا رهندي آهي. فورسيٽر کان سوزوڪي ۽ وري ٻيو فورسيٽر بدلائڻ ڪري روز سندس 40 کان 50 روپيا ڀاڙي ۾ خرچ ٿي ويندا آهن. جنهن ڪري 4 هزار روپين واري پگهار مان کيس فقط اڍائي هزار روپيا بچندا آهن. هن کي روز ٿيندڙ ان خرچ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. کيس سندس ئي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ اهو نوجوان ڏاڍو خوشنصيب نظر ايندو آهي، جيڪو روز موٽر سائيڪل تي چڙهي آفيس ايندو آهي ۽ کيس ٻڌائيندو آهي ته سندس اچ وڃ تي روز 15 روپيا خرچ ايندو آهي. جڏهن ته ان نوجوان کي شازيه وانگر آفيس پهچڻ لاءِ صبح جو سوير اٿڻو به نه پوندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن شازيه گهر کان آفيس تائين موٽر سائيڪل تي پهچڻ واري نوجوان سان پنهنجي مسئلن جي ڀيٽ ڪندي آهي ته کيس هن سماج ۾ عورت هجڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچڻ لڳندي آهي. هوءَ روز آفيس تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي وقت جي ان نوجوان جي وقت سان ڀيٽ ڪندي آهي ته کيس روز اچ وڃ ۾ ضايع ٿيندڙ ٻه ڪلاڪ پنهنجي بي وس هجڻ جو احساس ڏياريندا آهن. کيس ان وقت به پنهنجي عورت هجڻ ڪري معاشري جي پابندين تي ڏاڍي بڇان لڳندي آهي، جڏهن هو چاهيندي به موٽر سائيڪل نه هلائي سگهندي آهي. جيئن پنهنجو آفيس اچڻ وقت ايندڙ خرچ اڌواڌ گهٽائي سگهي. يا پنهنجا روز جا ٻه ڪلاڪ ٽائيم بچائي سگهي. انهن مڙني مسئلن کي ته هوءَ ڪنهن طرح منهن به ڏئي وڃي پر کيس رستي تي روز جنهن ذلت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان کان بچڻ لاءِ کيس موٽر سائيڪل ئي اهڙو ذريعو نظر ايندو آهي. جنهن سان هوءَ روز بروز گهر کان آفيس تائين اچڻ وقت بسن ۽ سوزڪين ۾ سفر دوران مردن جي بد نظر کان پاڻ کي بچائي سگهي ٿي. پر ڇا هيءُ سماج کيس موٽر سائيڪل هلائڻ برداشت ڪندو.
موٽر سائيڪل هلائڻ جي حسرت ته شازيه سميت ڪلثوم ۽ شاهده کي به آهي. هو پنهنجن آفيسن ڏانهن يا مارڪيٽن توڙي پنهنجن عزيزن ڏانهن ڪارن ۾ چڙهي ايندڙ پنهنجين آفيسرياڻين ۽ ٻين وڏ گهراڻين عورتن کي رشڪ جي نگاهه سان ڏسنديون آهن. هنن کي به ڊرائيونگ ڪرڻ جو شوق ٿيندو آهي، کين ڪار نه هجڻ تي موٽر سائيڪل به وڏي غنيمت نظر ايندي آهي، پر هو اڃا اهي روايتي پابنديون ٽوڙڻ جي همت ساري نه سگهيون آهن. کين حڪومت مان به اهڙي اميد نظر نه ٿي اچي. جيڪا کين موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ آسان شرطن تي قرض يا امداد مهيا ڪري. جيئن هو روز جي تڪليفن کان آجپو ماڻي سگهن.
عورتن کي موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ملڻ بابت سنڌ ۾ پهريون ڀيرو بحث ان وقت شروع ٿيو هو، جڏهن هڪ سماج سڌارڪ اڳواڻ جناب مسعود لوهار ان معاملي تي هڪ اي ميل ذريعي خاموش پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇليو هو. مسعود لوهار جي ڪيب نيٽ گروپ تي آيل اي ميل سنڌ جي ڪيترن ئي سڄاڻ حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻي هئي. پڙهيل لکيل ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو هو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ توڙي پاڪستان جي عورتن کي به موٽر سائيڪل هلائڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. خاص ڪري نوڪري پيشا عورتن جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي کين موٽر سائيڪل خريد ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن. منهنجو هڪ سلجهيل دوست جنهن جي ڀيڻ روز 50 کان 60 روپيا خرچ ڪري اسڪول ۾ ماستريءَ جي نوڪري ڪرڻ ويندي آهي. ان وڏي هچڪچاهٽ کان پوءِ ان ڳالهه کي تسليم ڪيو هو ته سندس ڀيڻ بسن، سوزڪين يا ٻين سوارين جي ڀيٽ ۾ موٽر سائيڪل تي وڌيڪ محفوظ رهندي. هن جي ڀيڻ جو نه صرف اسڪول وڃڻ وقت سوارين جي انتظار ۾ ضايع ٿيندڙ وقت بچي پوندو، پر کيس سواري جي انتظار وقت يا سواري ۾ سفر ڪرڻ وقت جنهن تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان کان نجات ملندي. جڏهن ته هوءَ پنهنجي خرچ جو اڌ کان وڌيڪ حصو بچائي سگهندي.
عورت جي موٽر سائيڪل هلائڻ ۾ آخر ڪهڙي قباحت آهي؟ جيڪي ماڻهو ان عمل جا مخالف آهن، ڇا اهي ان عورت جي انهن تڪليفن جو احساس ڪري سگهندا، جيڪا روز ڊيوٽي تي وڃڻ وقت بس اسٽاپن تي ڳچ وقت بيهڻ دوران اوباش ماڻهن جي نظرن ۽ فقرن جو نشانو بڻجي ٿي، گاڏين ۾ غير مردن جي کيس ڇهڻ وارين شعوري ڪوششن دوران پاڻ بچائڻ جا جتن ڪندي روزانو اذيتناڪ لمحن مان گذري ٿي. ڇا سنڌ ۾ ان بحث کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت نه آهي؟ آخر سنڌ جي عورت جي انهن پراڻين ۽ مدي خارج روايتن مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ڪنهن کي ته اڳتي اچڻو پوندو. جيڪڏهن لطيف جي ڌرتيءَ جا وارث پنهنجن پڙهيل لکيل ۽ ملازمت ڪري گهر جو چرخو هلائيندڙ زالن، ڀينرن ۽ مائرن جا ڀرجهلا نه ٿيا ته سنڌ جهالت جي اونداهن غارن ۾ غرق ٿي ويندي. ڪيتريون ئي شازيائون ۽ شاهدائون گهرن جي ڪوٽن ۾ قيد ٿي ويهڻ تي مجبور ٿي وينديون. سنڌ جي وڏي آبادي عمل جي ميدان مان خارج ٿي ويندي. عورتن جي تعليم حاصل ڪرڻ وارو رجحان گهٽجڻ لڳندو. خوشحاليءَ جا خواب ساڀيان ٿي نه سگهندا. ڇا عورتن جي حقن ۽ نمائندگي جي دعويدار هيءَ حڪومت اهڙو ڪو پيڪيج آڻڻ لاءِ تيار آهي، جنهن سان عورت جي آجپي، عزت ۽ پاڻ ڀرائپ وارو خواب پورو ٿي سگهي!

(ڇپيل روزاني سنڌ حيدرآباد، 20 سيپٽمبر 2009ع)

سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو

سنڌ ۾ غربت ان سطح تي وڃي پهتي آهي، جو هتان جا ماڻهو پنهنجو پيٽ پالڻ کان به لاچار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي شهرن جي بازارن ۽ چوواٽن تي بک ۽ بدحالي سٽيل ماڻهو پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيڻ تي مجبور آهن. اوهان کي روز اهڙيون خبرون ۽ تصويرون اخبارن ۾ شايع ٿيل ملنديون جن ۾ مسڪين ماڻهو پنهنجا معصوم پٽ ۽ ڌيئرون وڪرو ڪرڻ لاءِ نظر ايندا. هيءَ اها ئي سنڌ آهي جنهن جا ماڻهو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ايترا ته خوشحال هوندا هئا جو هو پنهنجي مال متاع جو کير مکڻ به وڪرو ڪرڻ کي عيب سمجهندا هئا. ڳوٺ ۾ ڪو مهمان مڙو ايندو هو ته ان لاءِ هر گهر مان کير مکڻ موڪلڻ جي روايت موجود هوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ مال متاع نه هوندو هو ته ڳوٺ جون عورتون ان گهر کي نه فقط لسي پر لسيءَ واريءَ چونئري ۾ مکڻ جو چاڻون وجهي موڪلي ڏينديون هيون. پر گذريل 63 سالن ۾ سنڌ کي ايترو ته غريب ۽ لاچار ڪيو ويو آهي، جو هتان جا ماڻهو کير مکڻ ته ڇا پر هاڻي پاڻي وڪڻڻ تي مجبور آهن. ان کان وڌيڪ غربت جي ٻي ڪهڙي شڪل هوندي جو هتان جا ماڻهو مجبور ۽ بي وس بڻجي پنهنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن.
سنڌ واسين سان مجبوري ۽ بي وسيءَ جي اها حالت ڪا قدرت طرفان پيدا ڪيل نه آهي، پر اهو سڀ هن ملڪ اندر سنڌ سان ناانصافين جو نتيجو آهي. قدرت ته سنڌ کي مڙني وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. اهو سڀ ڪجهه سنڌ اندر موجود آهي، جنهن سان هڪ ملڪ سکيو ستابو ٿي سگهي ٿو ۽ ان جي ماڻهن کي بهتر زندگي گذارڻ لاءِ مڙئي سهوليتون ۽ آسائشون نصيب ٿي سگهن ٿيون. پر سنڌ سڀ ڪجهه هوندي لاچار ۽ محروم بڻائي وئي آهي.
سنڌ پاڪستان جو اهو اڪيلو صوبو آهي. جنهن وٽ هر قسم جا وسيلا موجود آهن. مٺو پاڻي، زرخيز زمين، ٻيلا، تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاهه ۽ ٻي معدني دولت جنهن نموني سنڌ کي نصيب ٿي آهي، اهڙو نصيب پاڪستان ۾ موجود ڪنهن ٻئي صوبي جي حصي ۾ نه آيو آهي. ان جي باوجود سنڌي ماڻهن کي انهن وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻ کان محروم ڪيو ويو آهي.
سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ تيل جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 56.36 سيڪڙي کان مٿي آهي. اهڙي طرح ملڪي گئس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70.77 آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ ڪوئلي جي ذخيرن مان وڏي ۾ وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. سنڌ ۾ رزرو ڪوئلو 88.7 سيڪڙو، رزرو گئس جو ذخيرو 58 سيڪڙو ۽ رزرو تيل جو ذخيرو 40 سيڪڙو آهي. اهڙي طرح ملڪ جي روينيو پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 70 سيڪڙو آهي. نه فقط معدني وسيلا پر سنڌ پنهنجي بندرگاهن جي اُپت کان محروم ڪئي وئي آهي.
سنڌ سان وک وک تي ناانصافيون ٿيون آهن، ڪهڙو شعبو آهي، جنهن ۾ هتان جي ماڻهن جي نڙيءَ تي نهن نه ڏنو ويو هجي. پر هتي اسان فقط سنڌ جي معدني دولت ۽ وسيلن جي سلسلي ۾ سنڌ سان ٿيل ويڌن جو ذڪر ڪنداسين.

[b]سنڌ ۾ توانائي جو هٿرادو گهوٽالو
[/b]وفاقي حڪومت جي مهيا ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 6 هزار 500 ميگاواٽ بجلي پئدا ٿئي ٿي. جيڪا سنڌ جي ضرورتن کان وڌيڪ آهي. ڇاڪاڻ ته حيسڪو کي پنهنجن مڙني صارفين لاءِ 1300 ميگاواٽ بجلي جي ضرورت آهي. جڏهن ته ڪي اي ايس سي کي ڪراچيءَ جي صارفين کي مهيا ڪرڻ لاءِ 2 هزار ميگاواٽ بجلي جي ضرورت پوي ٿي. سنڌ جي عوام کي توانائي مهيا ڪندڙ ادارن جي مجموعي ضرورت 3300 ميگاواٽ آهي. سنڌ پنهنجي ضرورت پوري ڪرڻ بعد 3200 ميگاواٽ بجلي وڌيڪ پئدا ڪري ٿي. جيڪا ٻين صوبن ۽ خاص ڪري پنجاب کي مهيا ڪئي وڃي ٿي. حڪومت جي مٿي ڏنل انگن اکرن موجب سنڌ بجلي واري شعبي ۾ خودڪفيل آهي پر ان جي باوجود پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي گهٽ بجلي مهيا ڪري سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو پيو وڃي. سنڌ جي شهرن ۾ ڏهاڙي 9 کان 10 ڪلاڪ ۽ ڳوٺن ۾ 15 کان 16 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ کي پنهنجي بجلي واري پيداوار کي پنهنجي عوام لاءِ استعمال ڪرڻ جي به اجازت نه ٿي ڏني وڃي. اهو سڀ ان ڪري پيو ٿئي ڇاڪاڻ ته بجلي وارو شعبو مرڪز جي ڪنٽرول هيٺ آهي. جتي ويٺل پنجابي ڪامورا شاهي سنڌ کي پنهنجي ئي پيداوار کي محروم رکي معاشي طور مفلوج ڪري رهي آهي. پاڪستان اندر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ توانائي جو بحران وڌيڪ آهي. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ جي پيداوار مان پهريان سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ها، ان بعد باقي بچيل بجلي ٻين صوبن کي مهيا ڪري ان جو معاوضو سنڌ کي ادا ڪيو وڃي ها، جيئن سنڌ جا ماڻهو معاشي بدحالي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ها. پر پاڪستان جي موجوده ڍانچي ۾ جڏهن سڀ اختيار مرڪز جي نالي هڪ صوبي پنجاب وٽ آهن، ان صورتحال ۾ انصاف جي اميد نظر نه ٿي اچي. سنڌ ۾ توانائي جو هٿرادو بحران سبب صنعتون بند ٿي ويون آهن. جنهن سبب لکين پورهيت بي روزگار ٿي ويا آهن. بجلي تي هلندڙ ننڍا ننڍا ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن. بجلي جي کوٽ سبب ٽيوب ويل نه هلڻ سبب زرعي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. سنڌ حڪومت جي هن معاملي تي لڳاتار ڪن لاٽار سنڌ جي عوام منجهه ڪاوڙ کي جنم ڏئي رهي آهي. سنڌ جي چونڊيل نمائندن سميت ٻين سنڌ دوست پارٽين کي هن معاملي تي سگهارو آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ واپڊا کي ٽوڙي صوبن حوالي ڪرڻ جي گهر ڪرڻ گهرجي. جيئن سنڌ جي عوام کي هن ناانصافيءَ کان نجات ملي سگهي.

[b]تيل جي پيداوار جي مالڪيءَ کان محرومي
[/b]پاڪستان ۾ تيل جا سڀ کان وڏا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سال 2007ع جي سرڪاري انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ تيل جي مجموعي پيداوار 24.61 ملين بيرل سالياني آهي. سنڌ مان تيل جي پيداوار 13.87 ملين بيرل آهي، جيڪا ملڪ جي مجموعي تيل جي پيداوار جو 56.36 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پنجاب ۾ تيل جي پيداوار 7. 85 ملين بيرل يعني ملڪي پيداوار جو فقط 31.91 سيڪڙو آهي. اهڙي طر خيبر پختون خواه صوبي مان 2.8 ملين بيرل يعني 11.61 سيڪڙو تيل ملي ٿو. جڏهن ته بلوچستان مان 0.02 ملين بيرل تيل يعني فقط 0.1 سيڪڙو ملي ٿو. ٽنهي صوبن جي مجموعي پيداوار کان سنڌ ۾ تيل جي پيداوار 6.36 سيڪڙو وڌيڪ آهي. سنڌ مان نڪرندڙ تيل جي اپت تي سنڌ جي مالڪي تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. جنهن ڪري سنڌ جا ماڻهو وسيلن جي باوجود غربت، بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن. هتان جو عوام سالن کان اها گهر ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي وسيلن تي هتان جي عوام جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي. ان لاءِ اسيمبلين سميت مڙني عوامي فورمن تان آواز بلند ڪيو ويو آهي. پر وفاق ۽ خاص ڪري پنجاب سنڌ جي وسلين کي سنڌي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) تي اصل مالڪي ۽ اختيار ان صوبي جو هجڻ گهرجي جتان وڌيڪ تيل ۽ گئس ملي ٿي، پر هي ڪارپوريشن مرڪز جي ضابطي هيٺ هجڻ ڪري سنڌي ماڻهن لاءِ ممنوع بڻيل آهي. او جي ڊي سي ايل جا دروازا سنڌ جي ماڻهن لاءِ بند ڪيا ويا آهن. ڪارپوريشن ۾ 99 سيڪڙو وڏا ڪامورا پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه سان تعلق رکن ٿا. هيٺين ملازمتن ۾ به سنڌي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ ۾ تيل جي کوهن تي مقرر ٿيندڙ هيٺيون اسٽاف به پنجاب مان گهرائي مقرر ڪيو وڃي ٿو. مقامي ماڻهو پنهنجن گهرن ڀرسان پئدا ٿيندڙ ملازمتن جي موقعن کان محروم ڪيا ويا آهن. ملڪ کي 56.36 سيڪڙو تيل مهيا ڪندڙ صوبي ۾ تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا به نه ٿا لڳايا وڃن، متان ان ذريعي سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وسلين تي انڌي منڊي مالڪي ماڻي سگهن. سنڌ جي جن علائقن ۽ ضلعن مان لکين بيرل تيل حاصل ٿئي ٿو، اتي جو عوام غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي. تيل جي پيداوار ڏيندڙ ضلعن ۾ عوام تعليم، صحت، صاف پاڻيءَ ۽ روزگار جي سهوليتن کان محروم آهي. جڏهن سنڌ جي وسيلن تي ٻين صوبن ۾ ترقي ۽ تعمير جو عمل جاري آهي. ان سلسلي ۾ مڙني بين الاقوامي قانونن ۽ قاعدن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي.

[b]گئس جي پيداوار تي ڌارين جو قبضو
[/b]سنڌ ملڪ جي مجموعي گئس پيداوار جو 70.77 سيڪڙو پئدا ڪري ٿي. سنڌ مان 10 لک ڪيوبڪ فوٽ گئس ملي ٿي. جيڪا ڪل ملڪي پيداوار جو 70.77 سيڪڙو ٿئي ٿي. جڏهن ته پنجاب مان 68 هزار 608 ڪيوبڪ فوٽ (4.58 سيڪڙو)، سرحد مان 26 هزار 370 ڪيوبڪ فوٽ (1.86 سيڪڙو) ۽ بلوچستان مان 3 لک 18 هزار ڪيوبڪ فوٽ (22.50 سيڪڙو) گئس ملي ٿي. سرڪاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ مان ملندڙ گئس ۾ سنڌ جو حصو تقريبن 80 سيڪڙو بيهي ٿو. جڏهن ته سنڌ ۾ رزرو گئس جا ذخيرا باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ 58 سيڪڙو آهن. سنڌ مان 77 سيڪڙو گئس ملي ٿي، سنڌ کي رڳو 33 سيڪڙو گئس فراهم ڪئي وڃي ٿي. باقي سنڌ جي 38 سيڪڙو گئس ٻيا صوبا ۽ خاص ڪري پنجاب استعمال ڪن ٿا.

[b]ڪوئلي جي صورت ۾ ڪاري سون تي مالڪي کان محرومي
[/b]سڄي ملڪ ۾ وڌ کان وڌ ڪوئلي جا ذخيرا سنڌ ۾ موجود آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ استعمال هيٺ ڪوئلي جي ذخيرن جي ڪل ملڪي پيداوار 4.87 ملين ٽن آهي. جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪوئلي جي پيداوار 2.01 ملين ٽن آهي. ڪوئلي جي ملڪي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 41 سيڪڙو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪوئلي جا رزرو ذخيرا سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ 88.7 سيڪڙو آهن. سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ ڪوئلي جا وڏي ۾ وڏا ذخيرا مليا آهن. جنهن مان پيدا ٿيندڙ بجلي ملڪ جون ڪيئي سو سالن تائين ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿي. ڪوئلي جي ذخيرن تي به سنڌ جي مالڪي تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي ڪوئلي جي پيداوار سنڌ تي خرچ ڪئي وڃي ته سنڌ ۾ ايتري خوشهالي اچي سگهي ٿي، جيتري هن وقت عرب ملڪن ۾ تيل جي پيداوار سبب آهي. پر افسوس جو سنڌ کي پنهنجي پيداواري وسيلن کان محروم ڪيو آهي. وفاق جي نالي تي سنڌ جي وسيلا ٻين صوبن ۽ خاص ڪري پنجاب تي خرچ ڪيا پيا وڃن.
مٿي ڏنل انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان جي سموري معيشت جو دارومدار سنڌ جي وسيلن تي آهي. پاڪستان سنڌ کي نه پر سنڌ سموري پاڪستان کي پالي رهي آهي. پنجاب، خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان پاڪستان کي ڪجهه ڏئي نه پر وٺي رهيا آهن. سنڌ ئي اڪيلو صوبو آهي جيڪو پاڪستان کان ڪجهه به نه پيو وٺي پر پنهنجي ٻچن جو پيٽ ڪاٽي ٻين صوبن کي پالي رهيو آهي. سنڌ ڪنهن به صوبي جو ڪوبه پيداواري وسيلو استعمال نه ٿي ڪري پر ٻيا صوبا سنڌ جي وسيلن تي پلجي رهيا آهن. ان هوندي به سنڌ سان روز بروز وڌندڙ ناانصافين ۽ ارهه زوراين سان هتان جي عوام منجهه اهو احساس تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ته هنن کي اڪيلو ۽ ڪنڊائتو ڪري فنا ڪرڻ جون شعوري ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ان صورتحال ۾ هو هاڻ پاڻ کي زنده رکڻ جون تدبيرن اختيار ڪرڻ ۾ رڌل آهن. هو ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا گس ۽ واٽون تلاش ڪري رهيا آهن. هي روز سنڌ جي شهرن جي چوواٽن ۽ رستن روڊن تي مڇريل ماڻهن جا پرامن مظاهرا ڪنهن تبديليءَ جو ڏس ڏئي رهيا آهن، جنهن کي هن ملڪ جا حڪمران ڏسڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر آهن. ڇاڪاڻ ته هنن ڪڏهن به تاريخ جي ٿڦڙ مان سبق نه سکيو آهي. هنن ته بنگلاديش جي قيام وارن سببن کي به وساري ڇڏيو آهي. هو فقط اڄ کي ڏسي رهيا آهن، سڀاڻي جي هنن کي ڪابه پرواهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته هنن دنيا جي انقلابن مان سبق نه سکيو آهي. هو غلطين مان سکڻ واري ڏينهن ڄاوا ئي نه آهن.
سنڌ جي وطني حيثيت کان مڪمل انڪار، ان جي ٻولي ۽ ثقافت کي ملياميٽ ڪرڻ، ان جي ڌرتيءَ تي والار، وسيلن تي قبضو ۽ جيئڻ جا سڀ دڳ پنهنجي قبضي ۾ رکي؛ کين چيو پيو وڃي ته هو ملڪي وحدت ۽ استحڪام جي نالي تي محرومين تي ماتم ڪرڻ بدران جشن ملهائين. پر بکيو پيٽ امن جي ضمانت نه نٿو بڻجي سگهي. سڄي دنيا ان ڳالهه جي شاهد آهي ته بکين پيٽن بغاوتن ۽ انقلابن کي جنم ڏنو آهي.

(لکيل ۽ ڇپيل: جولاءِ 2010ع، سنڌ جون مختلف اخبارون)

سنڌوءَ جي سير مان نئين سنڌ جو جنم

گنجي ٽڪر جي ڪيمپ ۾ ڀاڳڀري ڊاڪٽرياڻيءَ يا ڪنهن دائيءَ جي غير موجودگيءَ ۾ هڪ ننڍڙي جيو کي جنم ڏئي ٿي. پيڙائن ۾ ورتل ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ جو نالو 2 هفتا اڳ کيس پنهنجي گهر مان بي گهر ڪندڙ سنڌونديءَ جي نالي پويان درياهه خاتون رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سندس سوچن جو محور ۽ مرڪز سنڌوندي ئي تي آهي. جنهن کيس غوثپور جي گهر مان ڪڍي حيدرآباد جي گنجي ٽڪر تي اچي رهڻ تي مجبور ڪيو آهي. پوءِ به هن کي پنهنجي درياءَ سان عشق آهي، ان ڪري ئي هوءَ پنهنجي پهريٺي ڌيءُ جو نالو به ساڻس منسوب ڪري ٿي. ڀاڳڀريءَ جو اهو فلسفو اهي نام نهاد ”قومي“ دانشور ۽ مفڪر ڪڏهن به سمجهي نه سگهندا، جن هن ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم نه ورتو آهي يا وري سنڌوءَ جو پاڻي سندن ٿڄ ۾ شامل ناهي. ڀاڳڀريءَ وانگر سنڌو درياهه سان عشق اهي ماڻهو ڪري نه ٿا سگهن، جن جو تن سنڌوءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل ناهي. هو ڌرتيءَ جا پٽ ناهن، ان ڪري ئي سندن وٽ ديس سان محبت جو ماپو مائي ڀاڳڀريءَ وارو موجود ناهي. انهن ئي ماڻهن لاءِ سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز چيو آهي:
جي تو اڃان نه ڄاتو. آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو تنهنجي مٽي اڻاسي!!
نام نهاد قومي دانشور ۽ مفڪر ته سنڌوءَ جي نانءَ ۽ نشان مٽجي وڃڻ جو يقين ڪري ويٺا هئا، هنن کي ته پڪ ٿي وئي هئي ته هاڻي سنڌو وهڻو ناهي. سنڌو جي نالي تي هي ديس سنڌ باقي ڪجهه ڏهاڪن جو مهمان آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ان ديس جو بنياد سنڌو ئي نه رهندو ته پوءِ سنڌ ڪيئن جيئري رهي سگهندي. پر درياهه ۽ انهن جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڌرتيون ڪنهن جي خواهشن جون غلام نه هونديون آهن. درياهه ديسن جي وجود جي ضمانت هوندا آهن. اتان جي ماڻهن جي سڃاڻپ هوندا آهن، سنڌ ديس ته وجود ئي درياهه سنڌ جي پيٽ مان ورتو آهي. سنڌو درياهه هن ڌرتيءَ جو خالق آهي. اهو ڪيئن ٿو پنهنجي تخليق کي ميسارجڻ ڏئي. اسلام آباد ۽ لاهور ۾ ويٺل آقائن ته منهنجي ديس کي سڪائي ساڙي ڀسم ڪرڻ جا سڀ بندوبست مڪمل ڪري ڇڏيا هئا. زبردستي ڪينال، ڊيم ۽ ٻيا پاڻي بند ڪرڻ جا سڀ حربا استعمال ڪيا ويا. سنڌ واسين جي هڪ به نه ٻڌي وئي. سنڌوءَ ۾ پاڻي بند ڪري سمنڊ کي سنڌ جي سرزمين ڳڙڪائڻ جا پروانا عطا ڪيا ويا. پر هو فطرت جي اصولن کان اڻ واقف هيا. هنن درياه جي مستي ۽ موج نه ڏٺي هئي. ان ڪري ئي هنن سنڌو درياهه کي زنجيرن ۾ قيد ڪرڻ جون بيسود ڪوششون ڪيون. سنڌ کي سڪائي برپٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ جو مانڊاڻ مچايو. پر سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن شاعر وانگر اهو يقين هو ته:
ڪيسين سوڪهڙو رهندو، سنڌو نيٺ ته وهڻو آ
جو سور مليو، سو سهڻو آ، سنڌو نيٺ ته وهڻو آ.
سال 2010ع جي آگسٽ مهيني ۾ سنڌو سڀ بند ۽ لوڙها لتاڙيندو پنهنجي تخليق کي بچائڻ لاءِ گڊو بئراج وٽان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو. سنڌوءَ جون لهرون 50 سالن کان سڪي ٺوٺ ٿي ويل ڌرتي کي محبوب جي ڳلن وانگر چمن ٿيون. رڻ گجي ٿو، راڙو ٿئي ٿو. سڀ ڪجهه اٿلي پٿلي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته مهراڻ جون موجون پنهنجو فطري دڳ تلاش ڪن ٿيون، وڏيرڪن مصنوعي بندن کي ملياميٽ ڪري ڇڏين ٿيون. هڪ مهيني جي اندر درياهه لڳ ڀڳ سڄي سنڌ اٿلائي رکي ٿو. اتر کان لاڙ تائين، ڪشمور کان ڪاڇي تائين درياهه سنڌ جي سڪل زمين کي ٻيهر سرسبز ۽ آباد ڪرڻ جو وچن نڀاهي ٿو.
درياهه سنڌ کي تباهه ڪرڻ نه پر سرسبز ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڌوڪي اچي ٿو پر اسان جي حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ تباهي ۽ بربادي اچي وڃي ٿي. هزارين ڳوٺ ۽ شهر صفحه هستيءَ تان مٽجي وڃن ٿا. لکين ديس واسي بي گهر ٿي وڃن ٿا. معصوم ٻار، ٻڍا، عورتون درياهه جي سيرن ۾ لڙهندي نظر اچن ٿيون. انهن ماڻهن کي درياهه نقصان ڏيڻ ته ڪونه آيو هو، پر هو بي گناهه ۽ معصوم ماڻهو حڪمرانن جي ڪوتاهين، ڪرپشن ۽ ڪٺورپڻي سبب هڪ قيامت کي منهن ڏين ٿا. ڀاڳڀري وچ سيرن مان لڙهندي، ڪو ترهو هٿ اچڻ تي ريل گاڏين ۾ ڌڪا ٿاٻا کائي، گنجي ٽڪر جي ڪيمپ تي پهچي ٿي. ڀاڳڀريءَ کي خبر آهي ته کيس سنڌو درياهه نه لوڙهيو آهي، پر انهن وڏيرن، وزيرن ۽ ڪامورن غوطا کارايا آهن، جن گذريل پنجاهه سالن کان سنڌو جا بند مضبوط ڪرڻ لاءِ آيل ڪروڙين رپيا پنهنجن ڀڀن ۾ ڀريا آهن. سنڌ جي عوام جي پگهر جي پئسي کي سندن حفاظت لاءِ خرچ ڪرڻ بدران، مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو آهي. ڀاڳڀريءَ جي ڳوٺ ۾ ٻڏي مري ويل عورتن، معصوم ٻارڙن ۽ جوانن جا ته اڃا لاش به نه مليا آهن. سندس ڀاءُ جي ڪنوار به هن ٻوڏ ۾ لڙهي وئي آهي. جنهن اڃان 5 هفتا پهريان لانئون لڌيون هيون. ان نئين نويلي ڪنوار جو نالو ته هوءَ ڪنهن کي ڪانه ٿي ٻڌائي. پر ڀر ۾ ويٺل سندس ڀاءُ به پنهنجي وني ٻڏي وڃڻ تي درياهه تي ڪاوڙيل ڪونه آهي. جيڪڏهن سندس اکين ۾ موجود ڪاوڙ سنڌوءَ تي هجي ها ته هو ڀٽ ڌڻيءَ وانگر چئي ڏئي ها ته:
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!!
پر هن کي خبر آهي ته سنڌ جي سهڻي، مومل، مارئي، سسئي ۽ بختاور کي سنڌوءَ ڪونه ٻوڙيو آهي. پر سنڌ جي ڌياڻين ۽ پٽن کي حڪمرانن جي نااهلي، لاپرواهي ۽ بدعنوانين ٻوڙيو آهي. سنڌوءَ جي بندن کي پاڻي نه پر انهن وزيرن ۽ ڪامورن جي روين ٽوڙيو آهي، جن گذريل اڌ صديءَ کان بندن جي نالي تي آيل اربين روپيا پنهنجي ڀڀن ۾ وڌا آهن. عورتن، مردن، پوڙهن ۽ معصوم ٻارڙن جي لڙهي وڃڻ جا ذميوار اهي ماڻهو آهن، جيڪي هن وقت واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي عوام کي ٻيهر سندن همدرد ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيڪي اڄ عوام جا هڏڏوکي بڻجي کين ڪوڙيون تسليون ڏئي رهيا آهن، سي ئي اصل ۾ معصوم ماڻهن جا قاتل آهن. بند ڀڄندڙ به اوترائي ڏوهاري آهن جيترا ماضي ۾ انهن جي مرمت نه ڪرائيندڙ مجرم آهن. سندن پيجارن ۽ بنگلن تي معصوم ماڻهن جي رت جون ڦڙنگيون لڳل آهن.
ان ڪري ڀاڳڀريءَ جو ڀاءُ جيڪڏهن شاهه لطيف جي مٿين شعر کي موجوده حالتن ۾ ڪجهه هن طرح ترميم ڪري پڙهي ته مٿس ڪابه ميار نه آهي:
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن
حڪمران توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!
سنڌ جا جيڪي بدخواهه سمجهن ٿا ته هاڻي هيءَ قوم ٻيهر اٿي نه سگهندي. عزت سان جيئي نه سگهندي، حالتن جو مقابلو ڪري نه سگهندي، انهن لاءِ موهن جي دڙي جو مثال موجود آهي ته:
موهن جي دڙي جيان دٻجي اوچا رهنداسين.
ڪيمپن ۾ جنم وٺندڙ ٻالڪ اسان جو ايمان ان ڳالهه ۾ وڌيڪ پختو ڪن ٿا ته سنڌوءَ جي سير مان نئين سنڌ جنم وٺندي. ڏکيون حالتون هن قوم کي نئون حوصلو بخشينديون. جيئڻ جا نوان دڳ ڏسينديون. ڇاڪاڻ ته قومون ههڙن هاڃن ۽ تباهين مان ئي ڪر مروڙي اٿي پونديون آهن ۽ نئين صحتمند زندگيءَ جو آغاز ڪنديون آهن. زلزلا، طوفان، سامونڊي چاڙهه ۽ تباهه ڪن ٻوڏون ستل قومن کي ڇرڪ ڏئي جاڳي پوڻ تي مجبور ڪري وجهنديون آهن. هيءَ وڏي ٻوڏ به اڌ صديءَ کان ننڊ پيل سنڌي سماج کي جنجهوڙي جاڳائيندي. کين نئين ۽ بهتر مستقبل جي اڏاوت جو حوصلو عطا ڪندي.
ڀاڳڀريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ درياهه خاتون نئين سنڌ جي جنم جي اميد کڻي آئي آهي. هن اسان لاءِ نياپو آندو آهي ته اسان ماضيءَ جي ڪمزورين، ڪوتاهين ۽ لاپرواهين کي سنڌوءَ جي ٻوڏ ۾ لوڙهي ڇڏيون. اسان نئين حوصلي ۽ همت سان نئين سنڌ جي اڏاوت لاءِ اٿي کڙا ٿيون، سڀ رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجا شهر پنهنجي وارثيءَ هيٺ آڻيون، پنهنجا واهڻ نئين سر اڏيون. ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو آهي پر حاصل ڪرڻ لاءِ سڄو جڳ جهان موجود آهي. اچو ته سڀ لاڳاپا لاهي، سياسي اختلاف، برادري تڪرار ۽ گروهي مفاد سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلائي متحد ۽ متحرڪ ٿي نئين ۽ بهتر سنڌ جي اڏاوت ڪريون.

(ڇپيل: روزاني عوامي آواز ڪراچي ۽ روزاني سنڌ حيدرآباد، 5 سيپٽمبر 2010ع)

سنڌ ۽ پنجاب ۾ ويساهه جا ٽٽل ڌاڳا

سنڌ سان وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حڪمرانن جو ايذائيندڙ ۽ چڙ ڏياريندڙ سلوڪ جاري آهي. هن وقت جڏهن سنڌ جا ماڻهو تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ٻوڏ سبب موت ۽ حياتيءَ جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، ان ڏکويل گهڙيءَ ۾ به سنڌي ماڻهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ان سنڌ ۾ وفاقي حڪومت ۽ خاص ڪري پنجاب جي حڪمران طبقي لاءِ ڪا بهتر راءِ قائم نه ڪئي آهي. سنڌي ماڻهو هن ڏکويل گهڙيءَ ۾ پاڻ کي هن ملڪ ۾ اڪيلو ۽ بي يارو مددگار سمجهي رهيا آهن. هلندڙ سيپٽمبر 2010ع جي مهيني جي پهرين ڏهاڙن ۾ سنڌ ڪابينا جو خاص اجلاس طلب ڪيو ويو ته جيئن وفاق جي حڪمرانن کي سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهڪارين کان آگاهه ڪري سگهجي، ۽ کين ٻوڏ متاثر سنڌي ماڻهن جي سهائتا لاءِ اڳتي اچڻ جي اپيل ڪري سگهجي. سنڌ ڪابينا جي ان خاص اجلاس ۾ صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خاص طور شريڪ ٿيا. اجلاس بعد ملڪ جي وزيراعظم سنڌ ۾ آيل ٻوڏ تباهڪارين تي هتان جي عوام کي همت ڏيارڻ ۽ کين هن ڏکي گهڙيءَ ۾ مدد جي خاطري ڪرائڻ بدران جيڪو موقف اختيار ڪيو، ان هتان جي عوام منجهه وفاق کان ڪا مدد ملڻ وارو آسرو ۽ اميد نه صرف ختم ڪري ڇڏي پر اٽلندو سنڌي ماڻهو ايندڙ مستقبل ۾ سنڌ سان ناانصافين جي انديشن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
وزيراعظم سنڌ ڪابينا جي خاص اجلاس بعد فرمايو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ نقصان ٿيو آهي. هن صاحب اهو به فرمايو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ضد سبب نقصان رسيو آهي. وزيراعظم جي ان بيان سنڌ جي ماڻهن کي ڏک ۽ ڪاوڙ جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ بعد اهو ڪو پهرين ڀيرو ناهي جو پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪنهن وفاقي حڪمران صدمي ۾ مبتلا سنڌ جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو هجي. پر هن کان اڳ پنجاب سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير مخدوم شهاب الدين به سنڌ جي دوري دوران اهو چوندي ڪا هٻڪ محسوس نه ڪئي ته سنڌ جا ٻوڏ تباهيءَ بابت انگ اکر صحيح ناهن. هن صاحب روزاني ڪيپمن ۾ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب ماڻهن جي موت کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي رليف ڪيمپن ۾ ڪوبه ماڻهو گيسٽرو سبب فوت نه ٿيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ميڊيا جي غلط بياني آهي. وفاقي وزير کي خاص طور تي سنڌ جي ميڊيا تي ڪاوڙ آهي. جنهن جو اظهار هن سنڌ جي دوري دوران به ڪيو ۽ چيو ته گيسٽرو سبب ماڻهن جي موت بابت ميڊيا جون خبرون غلط آهن. اسان جي مانواري وزير کي جيڪڏهن هڪ مهيني اندر سنڌ جي ٽي وي چينلن تي معصوم ٻارن، عورتن، جوانن ۽ پوڙهن جا لاش نظر نه آيا آهن ته ان بي خبري تي فقط ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو. مخدوم شهاب الدين کان اڳ سڌ سماءَ جي مملڪتي وزير صمصام بخاريءَ به سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ بعد اهڙو بيان ڏنو آهي. هن صاحب فرمايو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ ايڏي تباهي نه مچائي آهي، جيترو معاملي کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي.
وزير اعظم گيلاني، مخدوم شهاب الدين ۽ صمصام بخاري اهي لفظ سنڌ جي ڌرتيءَ تي موجودگيءَ دوران چيا آهن. هنن کي پنهنجي دورن دوران ڪيمپن ۽ ان کان ٻاهر لکين بي گهر ماڻهو نظر نه آيا. کين اهي سڏڪندڙ ٻار به نظر نه آيا جيڪي ڪيمپن ۾ يا انهن کان ٻاهر مانيءَ جي هڪ گرهه لاءِ مائرن جي هنجن ۾ ساهه جون آخري هڏڪيون کڻي رهيا آهن. هنن کي انهن ٻارن ۽ ٻڍن جا اهي لاش به نظر نه آيا، جيڪي گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا آهن. هنن کي ته پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه شهيد بينظير ڀٽو جي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اهي لاش به نظر نه آيا، جن جي وارثن وٽ ڪفن دفن لاءِ به پئسا نه هئا ۽ هو لاشن کي کڻي بي رحم حڪمرانن جي آفيسن ۽ بنگلن اڳيان ڪفن جي خيرات پنڻ لاءِ ويا هئا، پر سندن پيارن کي ڪفن به نصيب نه ٿيو.
لاڙڪاڻي جي پائيلٽ اسڪول جي ڪيمپ ۾ ترسيل ڳڙهي خيرو ڀرسان ڳوٺ امام بخش جمالي جو رهواسي ٻوڏ متاثر 75 ساله حاجي فريد بروهي بيماري سبب فوت ٿي وڃي ٿو. هن جا وارث ڪفن دفن جا پئسا نه هجڻ ڪري ضلعي جي عملدار ڊي سي او وٽ وڃن ٿا پر ڊي سي او صاحب کين اهو چئي موٽائي ٿو ته هن وٽ ڪفن دفن لاءِ پئسا ناهن، مجبور ٿي متاثر ڳوٺاڻا لاش ايڌي حوالي ڪري ڇڏين ٿا. جيڪي لاش کي لاورث قرار ڏئي دفن ڪري ڇڏين ٿا. اهو هڪ واقعو ناهي پر قمبر ۾ به هڪ ٻوڏ متاثر 50 ورهين جي عورت عنايت خاتون بيماريءَ وگهي فوت ٿي وڃي ٿي، ان جي لاش کي به حڪمران دفن ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين ۽ سنڌ ڌياڻيءَ جو لاش به لاوارث قرار ڏئي دفنايو وڃي ٿو. اهڙا ڪافي واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته اهڙا ڪيترائي ٻيا واقعا ۽ دردناڪ داستان ڪئميرائن جي اک کان اوجهل رهجي ويا هوندا.
پنجاب سان تعلق رکندڙ حڪمرانن مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ سان پنهنجا پراڻا وير پاڙڻ لاءِ سندرو ساهي ورتو آهي. ٻوڏ سٽيلن لاءِ ايندڙ امداد جو وڏو حصو پنجاب جي حوالي ڪرڻ لاءِ متاثرن جي انگ ۾ هيراڦيري ڪئي پئي وڃي. نيشنل فلڊ ڪميشن پنجاب جي ڌر بڻجي سنڌ جو نقصان گهٽ ۽ پنجاب جو وڌيڪ ڏيکارڻ لاءِ سندرو ساهي بيٺي آهي. هڪ ئي رات ۾ پنجاب جا انگ اکر وڌايا ويا. فلڊ ڪميشن تازو سنڌ جي متاثرن جي انگ ۾ 44 هزار جي گهٽتائي ۽ پنجاب جي متاثرن جي انگ ۾ 62 لک 91 هزار جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي فلڊ ڪميشن 30 آگسٽ تي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ متاثرن جو انگ پنجاب ۾ 19 لک 8 هزار 15، سنڌ ۾ 40 لک 15 هزار 409، خيبر پختون خواهه ۾ 15 لک 15 هزار 849، بلوچستان ۾ 10 لک 15 هزار 262 ڄاڻايو هو. ٽن ڏينهن بعد انهن انگن اکرن ۾ هيراڦيري ڪندي پنجاب جي ٻوڏ متاثرن ۾ اٽڪل 62 لک 91 هزار 985 ماڻهن جي واڌ ڪندي 82 لک ۽ سنڌ جو انگ گهٽائي 39 لک 70 هزار ڄاڻايو. جنهن وقت اهي انگ اکر تبديل ڪيا ويا ان وقت پنجاب ۾ ٻوڏ ختم ٿئي 3 هفتا ٿي چڪا هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون اڃا جاري آهن. فلڊ ڪميشن کي اهو ڪيئن الهام ٿيو ته پنجاب ۾ 62 لک ٻوڏ متاثر اوچتو ٽن ڏينهن اندر وڌي ويا آهن ۽ سنڌ ۾ کين زمين ڳهي وئي آهي. هن قسم جو نسورو ڪوڙو ناٽڪ رچائڻ پنجاب جي حڪمران طبقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
سنڌ حڪومت ٻوڏ بابت جيڪي شروعاتي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن، انهن موجب سنڌ ۾ دادو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل تباهيءَ کان اڳ ئي 70 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صوبائي صلاحڪار قيصر بنگالي 7 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب مجموعي طور سنڌ کي 4 کرب 46 ارب 80 ڪروڙ جو نقصان پهتو آهي. دادو ۽ ٺٽي ضلعي کي ڇڏي ڪري باقي سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ سبب 43 شهر ۽ 7 هزار 274 ڳوٺ تباهه ٿي ويا آهن.
سنڌ جا ٽيڪنوڪريٽ ته قيصر بنگاليءَ جي ڏنل انگن اکرن سان به سهمت ناهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت اڃا صحيح نموني متاثر علائقن ۾ پهچي نه سگهي آهي. هيءُ انگ اکر ته فقط ابتدائي سروي بعد جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٻڏي ويل وسندين تائين ته حڪومت جي اهلڪارن جي اڃا تائين پهچ ممڪن ٿي نه سگهي آهي. هنن جي رسائي ته بندن ۽ ٻين محفوظ هنڌن تي رهندڙ ماڻهن تائين به نه ٿي سگهي آهي. ٻڏي ويل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪميونيڪيشن جا ذريعا مڪمل تباهه ٿيڻ سبب ڪامورا انهن ماڻهن تائين امداد به نه پهچائي سگهيا آهن، جيڪي گهرن جي ڇتين يا ٻين محفوظ جاين تي پناهه وٺي ويٺل آهن. ان ڪري سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل انگ اکر بلڪل اڻ پورا آهن. پر وفاق ۾ ويٺل ڪامورا ته انهن کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي پنهنجي ئي پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت تي اعتبار ناهي ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو به مرڪز جي انگن اکرن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا. ان ڪري سنڌ ۾ آيل تباهيءَ جي عالمي ادارن کان مڪمل ۽ سربستي سروي ڪرائي وڃي ته پوءِ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ سنڌ وچ ۾ هاڻي ويساهه جا ڌاڳا ٽٽي چڪا آهن.
وفاقي حڪمران پنجاب کي فائدو رسائڻ لاءِ سنڌ ۾ مرندڙن جي انگن ۾ به هيراڦيري کان مڙڻ لاءِ تيار ناهن. ٻيلي اوهان سنڌ جي جيئرن جاڳندن ماڻهن سان ته هيل تائين منافقيون ڪندا آيا آهيو پر گهٽ ۾ گهٽ مري ويلن سان ته انگن اکرن جي راند بند ڪئي وڃي. پاڻي ۾ لڙهي ويلن جا لاش، رليف ڪيمپن ۾ سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيندڙ معصوم ٻارن، ٻڍن ۽ عورتن جا ميت اوهان کان ڪجهه به نه ٿا گهرن. نه وري توهان جي اڪابريءَ کي اٿي چئلينج ڪندا، نه وري پنهنجي بي موت مرڻ جو حساب ڪتاب گهرندا. ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ مئلن سان ڀوڳ ۽ مذاق ته بند ڪئي وڃي.
ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ هي پهرين ڀيرو آهي جو ٻوڏ سنڌ کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هڪ وڏي انساني الميئي مان گذري رهي آهي. تڪليف جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ جي ماڻهن جا وهندڙ ڳوڙها ڪوبه اگهڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جون هزارين مائرون، ڀينرون، جوان ۽ ٻڍا کليل آسمان هيٺان تتل ڌرتيءَ تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. سندن ڪوبه ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. اٽلندو اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.
ڌرتي جي ڌڻين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي لاوراث قرار ڏئي دفنايو پيو وڃي. سنڌين جي رت ۽ پگهر مان پگهارون کڻندڙ ڪامورا انهن کي دفنائڻ لاءِ به تيار نه ٿا ٿين. افغانين، سواتين، مالاڪنڊ واسين سميت جڳ جهان جي ڦورن ۽ ڀاڄوڪڙن لاءِ آڌرڀاءُ جون ٻانهون کوليندڙ حڪمران سنڌ جي ماڻهن کي انسان سمجهڻ لاءِ تيار ناهن. کين فقط ئي فقط انسانيت جي ناتي ڪفن ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن. پنهنجن ئي ماڻهن سان هيءَ ويڌن ڪندڙن ۽ سندن عزت نفس کي پائمال ڪندڙن کي آخر ڪيستائين هي ارهه زورايون ۽ منافقيون ڦٻي سگهن ٿيون. انهن جو جواب ايندڙ مستقبل ۾ انهن مائرن جي ڳلن تان وهندڙ لڙڪ ڏئي سگهن ٿا. جن جا ٻڄڙا ڪيمپن ۾ يا ڪيمپن کان ٻاهر 10 روپين جي او آر ايس جو پاڪيٽ نه ملڻ تي تڙپي تڙپي جان ڏئي چڪا آهن.
وفاق جا وزير ۽ ڪامورا هٿ وٺي سنڏ ۾ ٻوڏ تباهي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جيئن حڪومت توڙي پرڏيهه کان ملندڙ امداد کان سنڌ کي محروم ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جا فنڊ ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ امداد فقط پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه ۾ خرچ ڪئي وڃي.
هن وقت تائين آمريڪا، برطانيه، گڏيل قومن، عرب ملڪن مان جيڪا امداد آئي آهي، ان جو هڪ ٿيلهو به سنڌ کي نه ڏنو ويو آهي. ان جو اعتراف سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه پاڻ پريس جي آڏو ڪري چڪو آهي. هن موجب ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي پرگهور پنهنجن فنڊن مان لهي رهي آهي. وفاق کان هڪ روپيو به نه مليو آهي. جڏهن سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو اها ڳالهه ڪري ٿو ته پوءِ ان ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه ٿي رهي ته مرڪز ۾ ويٺل حڪمران هن مصيبت جي گهڙي ۾ به سنڌ سان دشمني ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.
مختلف ملڪن کان امداد جي صورت ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ سڪل خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ دوائن جا ٿيلها ۽ پاڪيٽ موڪليا پيا وڃن. جن ۾ ٻارن لاءِ کير، بسڪيٽ ۽ ٻيو کاڌو شامل آهي، جڏهن ته کليل آسمان هيٺ ويٺل ماڻهن لاءِ خيما به موڪليا ويا آهن. پر سنڌ جا معصوم ٻار ڪيمپن ۾ کير نه ملڻ سبب سڏڪي سڏڪي ساهه ڏئي رهيا آهن. ٻارڙا، عورتون ۽ مرد کليل آسمان هيٺ سج جي تپش سبب بيمارين جي ور چڙهي رهيا آهن. پر ٻاهران آيل راشن ۽ تنبو سنڌ جي متاثرن لاءِ حرام قرار ڏنا ويا آهن.
هن وقت جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، ملڪ جو صدر سنڌي آهي، سنڌ جو وڏو وزير به سنڌي آهي، ان باوجود به سنڌ واسين سان مرڪز طرفان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهو سنڌ جي ماڻهن وٽ وفاق بابت ڪهڙي تاثر کي جنم ڏيندو. شايد حڪمرانن کي ايندڙ مستقبل جي ڪابه پرواهه ناهي. هنن اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان وقت بنگالي ڀائرن کي به ائين موت جي منهن ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو هو، جيئن هاڻي مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ سنڌ کي اڪيلو ڪيو پيو وڃي. جهڙي طرح اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي ماڻهن کي سامونڊي طوفان ۾ اڪيلو سمنڊ حوالي ڪيو ويو، ساڳي طرح اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پنجاب جي حڪمران طبقي ٻڏڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. وفاق ۾ ويٺل ڪامورا ۽ وزير ته سنڌي ماڻهن جي لاشن جي صحيح ڳڻپ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن، متان دنيا ان سانحي کان آگاهه ٿي سنڌ جي مدد لاءِ سڌي طرح اڳيان اچي. ٻيلي مرندڙن سان منافقي ڪن چڱن نتيجن کي جنم ڪونه ڏيندي آهي. ان جو مثال اوهان اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش بنجڻ جي صورت ۾ ڏسي چڪا آهيو.

پنهنجي ئي ديس ۾ ويڳاڻا بڻيل سنڌي ماڻهو

سنڌ ۾ آگسٽ 2010ع کان داخل ٿيندڙ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن. سنڌوءَ جي بندن کي لڳل گهارن جي پاڻيءَ اتر سنڌ جا 6 ضلعا ٻوڙڻ بعد هاڻي دادو ۽ ٺٽي جي ضلعن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. لکين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ سبب لڏپلاڻ جو سلسلو جيڪو هڪ مهينو اڳ شروع ٿيو هو، سو اڄ به جاري آهي. هڪ طرف مسڪين ماڻهو پاڻيءِ ۾ لڙهي موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪيمپن ۽ ٻين کليل هنڌن تي ويٺل ٻار ۽ ٻڍا گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن.
موت جو راڪاس سنڌ ۾ گهر ڪري ويهي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي ههڙو ننڌڻڪو ديس ڪو ورلي ملندو. جتي موت کي روڪڻ لاءِ ڪير به موجود ناهي، بي يارومددگار، نٻل ۽ هيڻا ماڻهو موت جو سولو کاڄ بڻجي رهيا آهن. روز ڪيپمن مان 50 کان 60 جنازا کنيا پيا وڃن، ٻڏندڙ شهرن ۽ ڳوٺن مان لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. پر اسان جا حڪمران وڏي فخر سان اها دعوى ڪري رهيا آهن ته ”خدا جو شڪر آهي، اسان ٻوڏ دوران ماڻهن جون حياتيون بچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.“ سنڌ جي حڪمرانن طرفان ٻوڏ سبب هڪ مهيني اندر ٿيل موتن جو انگ ايترو پيو ٻڌايو وڃي، جيترا ماڻهو روز فقط ڪيمپن ۾ دوائن جي کوٽ سبب پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن.
سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ بدترين تباهي کي منهن ڏئي رهي آهي. برصغير جي ورهاڱي وقت جيڪا ننڍي کنڊ ۾ لڏپلاڻ ٿي هئي، سنڌ ۾ ان کان به وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي. سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب سنڌ ۾ آيل تباهيءَ جا جيڪي ابتدائي انگ اکر جاري ڪيا آهن. سي انتهائي حيرت جوڳا آهن. سنڌ سرڪار موجب فقط 27 آگسٽ تائين آيل تباهي ۾ 70 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، جن مان 13 لک ماڻهو سرڪاري ڪيمپن تائين پهتا آهن، باقي 50 هزار ماڻهو بندن ۽ ٻين محفوظ جاين تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. سنڌ جي ناڻي کاتي واري صلاحڪار قيصر بنگالي موجب ٻوڏ سبب سنڌ کي مجموعي طور تي 4 کرب 46 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان پهتو آهي. دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ آيل تباهيءَ کي ڇڏي، باقي سڄي سنڌ ۾ 70 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 7 هزار 274 ڳوٺ، 43 وڏا شهر ۽ 22 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي تباهه ٿي ويا آهن. ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ پڪو توڙي ڪچو مڪمل طور متاثر ٿيو آهي. ٻوڏ سبب 179 ماڻهو فوت ٿيا آهن ۽ 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻوڏ سبب 300 رائيس ملون ۽ ٻيا ڪارخانا تباهه ٿيا آهن. زراعت کي هڪ کرب، 22 ارب جو نقصان ٿيو آهي. 3 لک ميٽرڪ ٽن جو فصل نقصان هيٺ آيو آهي. لائيو اسٽاڪ جي مد ۾ 11 ارب 40 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو آهي. 2 لک جانور مري ويا آهن. بندن کان سواءِ آبپاشي کاتي کي 52 ارب روپين نقصان ٿيو آهي. 8 هزار ڪلوميٽر روڊ ۽ رستا ختم ٿي ويا آهن. جنهن سبب 37 ارب 50 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. سنڌ حڪومت موجب سنڌ ۾ 10 لک 21 هزار گهر ڊهي پيا آهن. جنهن سبب هڪ کرب 34 ارب 30 ڪروڙ نقصان ٿيو آهي. 100 صحت مرڪز تباهه ٿيا آهن. جن جي ماليت 2 ارب 30 ڪروڙ روپيا آهي. 4 هزار 600 اسڪول تباهه ٿي چڪا آهن. جن جي ماليت 20 ارب 90 ڪروڙ روپيا آهي. جڏهن ته سرڪاري عمارتون ڊهي پوڻ سبب 10 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. زراعت ۽ چانورن جي تباهي سبب 28 ارب 90 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. ڪمند جي ڪري 11 ارب 60 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. ڦٽي جي تباهيءَ سبب 32 ارب 20 ڪروڙ جو نقصان ٿيو آهي. چڻن ۽ ٻين ذخيرن جي تباهيءَ سبب 13 ارب روپين جو نقصان ٿيو آهي. اسٽاڪ کي 10 ارب روپين جو نقصان رسيو آهي. 4 ارب روپيا واٽر ڪورسن جي مد ۾ نقصان رسيو آهي. فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ جي مد ۾ 11 ارب 80 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي. 160 پليون ۽ موريون تباهه ٿيون آهن.
هي انگ اکر ان عرصي جا آهن، جڏهن اڃا دادو ۽ ٺٽو ضلعو متاثر نه ٿيا هئا. انهن انگن اکرن بعد دادو ۽ ٺٽي ضلعن ۾ ٻوڏ جي تباهي جاري آهي. خاص ڪري دادو ۽ ٺٽي ضلعي ۾ سنڌ جي مٿين ضلعن کان ٻيڻ تي وڏي تباهي آئي آهي. ٺٽي ضلعي جا 9 ئي تعلقا ٻوڏ سبب تباهه ٿي چڪا آهن. گڏيل قومن جي اداري موجب شهدادڪوٽ ۽ ٺٽي ضلعي مان هڪ ئي ڏينهن 10 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي آهي. جنهن جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي.
سنڌ ۾ ٻوڏ ڪيتري تباهي ڪئي آهي، ان جا صحيح انگ اکر سرڪار وٽ ناهن. سنڌ حڪومت اڃا سوڌو تباهي جي باضابطا سروي نه ڪرائي آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ ٻوڏ جون تباهيون اڃا جاري آهن. حڪومت جيڪي انگ اکر ڏنا آهن، نقصان ان کان چئوڻو ٻڌايو پيو وڃي. حڪومت فقط مٿاڇري سطح تي انگ اکر ڏئي، پنهنجي جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حڪومت جي مشينري جو ته اهو حال آهي جو هو ڪيمپن ۾ آيل ماڻهن جي به صحيح نموني سروي ڪري نه سگهيا آهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته جنهن ڪيمپ ۾ 5 هزار ماڻهو موجود آهن، اتي رجسٽريشن فقط 2 هزار ماڻهن جي ڏيکاري وئي آهي ۽ 5 هزارن بدران 2 هزار ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته باقي ماڻهو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن. حڪومتي مشينري انهن ماڻهن تائين به پهچي نه سگهي آهي، جيڪي ڪيمپن بدران ٻڏي ويل شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مٿانهن هنڌن يا بندن يا وري گهرن جي ڇتين تي ويٺل آهن. جن کي غير سرڪاري ادارا کاڌو فراهم ڪري رهيا آهن. خاص ڪري سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان جيڪي ڪچي جا ڳوٺ متاثر ٿيا آهن ۽ اتي گهر تباهه ٿيا آهن، انهن جا به سربستا انگ اکر ڪٺي نه ڪيا ويا آهن.
نادرا طرفان رجسٽريشن جو شرط به انتهائي ڏکيو قرار ڏنو ويو آهي. جنهن متاثر وٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه آهي، ان کي رجسٽر نه پيو ڪيو وڃي. آخر نادرا جي ڪامورن کي ڪير سمجهائي ته ٻيلي جيڪي ماڻهو فقط سر بچائي گهرن مان نڪتا آهن، انهن کي موت ۽ حياتي جي جنگ دوران سڃاڻپ ڪارڊ ڳولڻ جو وقت ڪٿان مليو هوندو. جيڪي ماڻهو مصبت ۾ پنهنجي جگر جا ٽڪر به لڙهڻ کان بچائي نه سگهيا، انهن لاءِ رجسٽريشن ڪارڊ سنڀالڻ جي ڪهڙي اهميت هوندي. ڇا سرڪار ٻڌائي سگهي ٿي ته ٻهراڙي جي ڪيترن ماڻهن وٽ رجسٽريشن ڪارڊ آهن. رجسٽريشن جو اهو طريقو اصل ۾ مصيبت ماريل ماڻهن سان هڪ شرمناڪ مذاق آهي. ڀلا ڪوبه ماڻهو بنا ڪنهن مصيبت جي اچي ڪيپمن ۾ يا کليل آسمان هيٺ ويهڻ لاءِ تيار ٿيندو. ڪوبه ماڻهو سرڪار جي سڪل ۽ اڻڀن چانورن کائڻ لاءِ پنهنجا ٻچا هينئن رولڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. پنهنجن ننگن جي بيپردگي برداشت نه ڪندو. ان ڪري رجسٽريشن جو اهو طريقيڪار متاثر ماڻهن سان انتهائي بيهودي مذاق آهي.
سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن جا جيڪي ابتدائي انگ اکر ڏنا ويا آهن، ان کي ڪو به عقلمند ماڻهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن کان چئوڻ تي وڏي تباهي آئي آهي. ٻوڏ بابت سروي ڪنهن غير ملڪي اداري کان ڪرائي وڃي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ماڻهو سرڪاري انگن اکرن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته حڪمران پنهنجي اڪابري ڏيکارڻ لاءِ نقصانن جو ڪاٿو گهٽ لڳائي رهيا آهن، هو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ متاثر ماڻهن جو صحيح انگ ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي ته هڪ مهينو اڳ جنهن ڏينهن غوثپور وٽ ٽوڙي بند ٽٽو هو، ان ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير نقصان بابت جيڪي انگ اکر ڏنا هئا، انهن تي اڌ مهيني تائين ڳت ڏيو بيٺو رهيو. ان جي وچ ۾ اڌ سنڌ ٻڏي وئي پر سيد قائم علي شاهه وڌيڪ ٿيل نقصانن جا انگ اکر اڳين نقصان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. سنڌ حڪومت جو سڄو زور ان تي هو ته هو ٻوڏ سبب تباهي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. پر حقيقتون ان جي بنهه ابتڙ هيون.
گڏيل قومن جو ادارو ۽ ٻيا عالمي ادارا دانهون ڪري رهيا آهن ته ٻيلي سنڌ مڪمل تباهه پئي ٿئي، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو سڌي طرح متاثر ٿيا آهن. دنيا جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ سنڌ ۾ ٿي آهي، پر سنڌ حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ نقصان کي گهٽائي پيش ڪري رهي هئي.
سنڌ حڪومت ٻوڏ تباهڪارين جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ متاثر علائقن جي ماڻهن کي ڪراچي ۾ وڃي آباد ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ ٻين وزيرن ۽ صلاحڪارن اعلان ڪيا هئا ته ڪراچي ۾ متاثرن کي مستقل بنيادن تي آباد ڪيو ويندو. کين اتي گهر ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ڏنا ويندا، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ملازمتون مهيا ڪيون وينديون. پر انهن اعلانن جي اڃا مس ئي نه سڪي ته سنڌ حڪومت پنهنجي اتحادي ڌر جي بليڪ ميلنگ اڳيان گوڏا کوڙي ڇڏيا. سنڌ سرڪار جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم پهرين ڏينهن کان سنڌي ماڻهن جي پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ اچي رهڻ جي سخت خلاف هئي. ايم ڪيو ايم ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ انهن مٿان حملا ڪرايا، سندن لاءِ هر طرح جون مشڪلاتون ۽ مصيبتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻوڏ متاثرن کي ڪراچيءَ آڻڻ واري حڪومتي فيصلي کي روڪڻ لاءِ الطاف حسين طرفان فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. جيئن حڪومت کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ڪنهن به طرح سنڌي ماڻهن جي ڪراچيءَ آمد کي روڪيو وڃي. جنهن ۾ نسل پرست ٽولو وڏي حد تائين ڪامياب ويو آهي. پ پ سرڪار هاڻي ڪراچيءَ ۾ متاثرن کي ڪي به سهوليتون ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي. جيئن هو واپس اندرين علائقن ڏانهن هليا وڃن. ڪراچيءَ ۾ متاثرن کي گهر ۽ روزگار ڏيڻ وارن پراڻن اعلانن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن سان سنڌ جي عوام منجهه حڪومت لاءِ نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.
ڪراچي سنڌ جي گاديءَ وارو شهر آهي. جتي روزگار جا موقعا موجود آهن. هيءُ شهر سڄي پاڪستان سميت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل پناهگيرن کي تاتي ۽ نپائي رهيو آهي. پر هن شهر جا دروازا انهن ماڻهن جي چوڻ تي ڌرتي ڌڻين لاءِ بند ڪيا پيا وڃن، جيڪي ان جا وارث ۽ مالڪ نه آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ آيل غير سنڌين کي پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جا بندوبست ڪري ها، بنگلاديش، بهار، ايران، افغانستان ۽ ٻين ملڪن کان آيل ماڻهن کي ڪراچيءَ مان نيڪالي ڏئي ڌرتي ڌڻين کي آباد ڪرڻ جي رٿا جوڙي ها، پر پ پ سرڪار سنڌي ماڻهن کي گوڏي جو گاهه سمجهي ٿي، جنهن کي لتاڙڻ ۾ کين ڪنهن به تڪليف کي منهن ڏيڻو نه پوندو. سنڌ حڪومت جيڪا مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجن ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، ان هڪ سال اڳ پختون خواهه صوبي مان لکين ماڻهن کي نه فقط ڪراچيءَ ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، پر سندن آمد جي مخالفت ڪندڙ سنڌ واسين جي سينن کي گولين سان پروڻ ڪيو هو. ڇا سنڌ جو وڏو وزير ۽ گهرو وزير اسان کي ٻڌائي سگهندا ته مالاڪنڊ ۽ سوات کان آيل لکين ماڻهن مان ڪيترا هزار ماڻهو واپس موٽي ويا. اڄ به ڪراچي، حيدرآباد، ڪوٽڙي، ڄامشوري ۽ ٻين شهرن جي پسگردائيءَ ۾ هزارين سواتي ۽ مالاڪنڊ واسي آباد آهن. جن جي غير قانوني رهائش تي ڪنهن جو به هڏ نه ٿو ڪرڪي. پر سنڌ جا اصل وارث پنهنجن ئي شهرن مان بيدخل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن.
اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت متاثر ماڻهن کي ڪراچيءَ ۾ مستقل آباد ڪري روزگار فراهم نه ڪيو ته عوام جي نظرن ۾ سندن وقار ۽ عزت هميشه لاءِ تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. پ پ حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته جن اتحادي ڌرين جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي پ پ پنهنجن ئي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪري رهي آهي، سي سندس ڪانڌي به ڪين ٿيندا. ماضيءَ جي تاريخ شاهد آهي ته پ پ کي سدائين انهن ئي اتحادين دوکو ڏنو آهي ۽ سندس پير ڪڍڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيا آهن. ٻيلي پنهنجن ماڻهن سان منافقي ۽ مڪاري گهڻو وقت جٽاءُ ڪري نه ٿي سگهي. سنڌ جا ماڻهو هن وقت جنهن اذيت ۽ تڪليف مان گذري رهيا آهن، ان درد کي گهٽائڻ بدران وڌيڪ وڌايو يا شديد ڪيو ويو ته پوءِ بکيا ماڻهو سرڪاري فرمانن ۽ پروانن جي پرواهه ڪرڻ بدران پنهنجا رستا پاڻ تلاش ڪندا. هو پنهنجن ئي شهرن جي مالڪي ۽ وارثي ڪرڻ لاءِ ڪنهن وزير يا مشير جي منهن ۾ نهارڻ بدران پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي وڌيڪ ڀروسو ڪندا. ٻوڏ متاثر سنڌي ماڻهو ايڏا هيڻا ۽ لاچار نه سمجهيا وڃن. ساڻن ڪنهن به قسم جون ارهه زورايون مستقبل ۾ خوفناڪ نتيجن کي جنم ڏئي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڌرتي ڌڻين کي ڪراچيءَ مان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ان تي غيرقانوني قبضو ڄمائي ويٺل ماڻهو به پنهنجي دعا اگهامڻ لاءِ ٻيا در تلاش ڪن.

(ڇپيل: روزاني سنڌ، 4 آڪٽوبر 2010ع)

ڪيمپ ڪٿا ... ڏاڏا منهنجي لاءِ ماني کڻي اچجان

نفيس نگر جي سيتا ڪالهه رات کان بکايل هئي. سندس امڙ، ڀائرن ۽ ڀينرن به ڪجهه نه کاڌو هو. نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ قائم ٿيل رليف ڪيمپ ۾ سيتا جو خاندان برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ٻين خاندانن وانگر ساڳي درد ۽ پيڙا ۾ مبتلا هو. کيتو ڪولهي سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي شام جو نااميد ٿي ڪيمپ ۾ موٽي آيو. سندس خالي هٿ ڏسي سيتا جي پيٽ ۾ بک جا وڪڙ تيز ٿيڻ لڳا. هو ڏاڏا جي سڪل ڍنڍ جو ڏيک ڏيندڙ اکين ۾ نهاري نه سگهي.
نئين ڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ قائم ٿيل ڪيمپ ۾ متاثرن لاءِ ڪجهه خيما ته لڳل آهن پر انهن ۾ رهندڙ مخلوق لاءِ ماني ۽ پاڻي جو ڪو به انتظام ٿيل ناهي. ٻارڙا بک وگهي روئي روئي پنهنجن مائرن جي هنجن ۾ سمهي پون ٿا. ننڍ دوران سندن سڏڪا بيوس بڻيل مائرن جو هينئانءُ چيري وجهن ٿا. سيتا جي امڙ به ان بيوسي ۾ مبتلا آهي. ڪنهن ڪنهن وقت سندس جيئڻ تان ارواح ئي کڄي وڃي ٿو. پر معصوم ٻارڙن جا مرجهايل چهرا ۽ سڏڪا کيس خودڪشي ڪرڻ کان روڪي وٺن ٿا. ”ڇا منهنجي مري وڃڻ کانپوءِ هنن کي ماني نصيب ٿيندي.“ اهو سوچي هوءَ روئي ويهي ٿي.
جمعي جي شام جو برسات متاثرين جي منهن تي ان وقت سرهائي اچي وڃي ٿي ۽ کين جيئڻ جو اتساهه ملي ٿو، جڏهن ڪجهه ڪامورا ڪيمپ ۾ اچن ٿا. هو ڀڀ ڀريل ٿلهو متارو صاحب مانيءَ جي اوسيڙي ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿيل متاثرن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو ته اڄ رات سڀني کي کاڌو خوراڪ مهيا ڪئي ويندي. هن تقرير ۾ ته گهڻو ڪجهه چيو ۽ ساڻس گڏ آيل ڪاٽن جي اڇن ڪپڙن ۾ صاحب لوڪ تاڙيون به وڄائيندا رهيا پر 2 ڏينهن کان پيٽ بکايل ماڻهو سندس فقط 2 لفظ سمجهي سگهيا ته کين اڄ رات ماني ملندي. معصوم ٻارڙا صاحب لوڪن جي گاڏين جي چوڌاري چڪر لڳائيندا رهيا پر پجارو گاڏي سميت ڪرولا ڪارن جي شيشن مان چنڊ وانگر گول ماني کين نظر نه آئي. گاڏيون دونهون ڇڏيندي غائب ٿي ويون.
کيتو ڪولهي جي ٽنگن ۾ ايترو ست نه رهيو هو جو هو رڙهي پنهنجي خيمي تائين واپس اچي سگهي پر ننڍڙي سيتا سندس ڪمزور ڪلهي تي ڪنڌ رکي چئي ويٺي تي ”ڏاڏا منهنجي لاءِ ماني کڻي اچجان.“ هو پنهنجي جگر جي ٽڪري جي التجا گاڏڙ انگل اڳيان سڀ ٿڪ وساري ويٺو. سندس ڪمزور ٽنگن ۾ ايتري ته اڻ مئي طاقت اچي وئي جو هو 0 7 سالن جي ٻڍڙو هوندي لٺ جي سهاري تي اٿي بيٺو ۽ ڪيمپ جي ان طرف وڌڻ لڳو جتي ڪجهه دير بعد ماني ملڻ جو آسرو هو.
خيمن مان ٻاهر آيل ماڻهو هڪ ٻئي سان سس پس ڪري رهيا هئا ته ”ملڪ جو بادشاهه (وزيراعظم) اچڻ وارو آهي. جيڪو متاثرن ۾ ماني ورهائيندو.“ بادشاهه سلامت جي اوسيئڙي ۾ سڄي رات گذري وڃي ٿي. بک سبب پاهه ٿيل ٻارڙا ان آسري تي سڏڪي سڏڪي سمهي پون ٿا ته سندن وڏا ڪجهه دير بعد ماني آڻيندا.
باک ڦٽي مهل بادشاهه سلامت جي اچڻ وارا افواهه دم ٽوڙڻ لڳا. ڪيمپ جي در تي ويٺل متاثرن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿيندو ڏسي انتظاميا نيٺ امداد کڻي آيل گاڏين جا در کولي ڇڏيا. 2 ڏينهن کان بکايل جلد امداد وٺڻ لاءِ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ انتظامي بد انتظامي جي ورچڙهي ويا. ڪيمپ جي در وٽ ان وقت ”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري!“ وارو منظر هو. پيرسن کيتو ڪولهي ماڻهن جي ڀيڙ ۾ وڃائجي ويو، هو ڌرتي جي دز ۾ ملي ڌوڙ ٿي ويو. پنهنجن جي ئي پيرن کيس لتاڙي چيڀاٽي ڇڏيو. بک سڀني جا هوش خطا ڪري ڇڏيا هئا. سڀني جو درد ساڳيو هو.
سيتا سج جي پهرين ڪني نڪرڻ بعد جڏهن اک کولي ٿي ته سندس ڏاڏا جو چٿيل ۽ چيڀاٽيل لاش ڪيمپ جي در وٽ پيل آهي. سندس ننڍڙو ذهن اهو فيصلو ڪري نه ٿو سگهي ته هن جو ڏاڏو ننڊ ۾ ستل آهي يا کيس ابدي ننڍ ۾ سمهاريو ويو آهي. پر سيتا سندس هٿن ۽ بوڇڻ جي پلوءَ ۾ ماني ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

(ڇپيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 15 آگسٽ 2011ع)

ٻوڏ متاثرن جي سهائتا جا اعلان ۽ دعائن جا در بند ٿيڻ جو امڪان

سنڌ حڪومت تازي برساتي ٻوڏ سبب صوبي جي 0 1 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. جن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، انهن ۾ بدين، ميرپورخاص، بينظير آباد(نوابشاهه)، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، ٿرپارڪر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو ۽ ڄامشورو شامل آهن.
تازي برسات لڳ ڀڳ سڄي سنڌ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. سنڌ جو اهڙو ڪو به ٽڪرو يا حصو نه بچيو آهي، جتي برسات سبب تباهي نه آئي هجي. ڪٿي ڳوٺن جا ڳوٺ لڙهي ويا آهن ته ڪٿي وري شهرن جو هڪ ٻئي سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. روڊ، رستا ۽ پليون پاڻي ۾ لڙهي تباهه ٿي ويون آهن. برسات سان واسطو رکندڙ حادثن ۾ سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن، جڏهن ته برسات بند ٿيڻ بعد بيمارين منهن ڪڍيو آهي، جنهن ڪري روزانو متاثرن جي ڪئمپن، شهرن، وسندين ۽ ٻين مٿانهن هنڌن تي پناهه وٺي ويٺل ماڻهو خاص ڪري ٻارڙا ۽ عورتون مختلف بيمارين سبب موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن. اخباري اطلاعن موجب فقط ڪالهوڪي ڏينهن اندر 5 6 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر بيمارين سبب فوت ٿيا آهن، جڏهن ته کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻي نه ملڻ سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجن پيارن آڏو تڙپي تڙپي دم ڏئي رهيا آهن. حڪومت متاثرن کي بيمارين کان بچائڻ ۽ سندن کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن. متاثر علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون نه پهچڻ ۽ دوائن جي کوٽ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان آهي.
سنڌ حڪومت هڪ ته آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن کي مڪمل طور تي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايل ضلعن کي مڪمل طور بدران مخصوص شهري علائقن، ڳوٺن ۽ وسندين جي ٻوڏ سٽيل طور نشاندهي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري آفت سٽيل قرار ڏنل ضلعن جا ڪيترائي متاثر علائقا نظرانداز ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ اتي رهندڙ مصيبت ماريل ماڻهو حڪومت جي اڀري سڀري امداد ۽ ٻين رعايتن کان محروم رهڻ جو انديشو آهي.
حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب جن 0 1 ضلعن کي اڌورو آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي. ان کانسواءِ به باقي سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ضلعا آهن، جن کي حڪومت مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو آهي. هونئن ته سڄي سنڌ پاڻي هيٺ آهي، پر عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعا ته ايترو ئي متاثر ٿيا آهن جيترو نوابشاهه، گهوٽڪي، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان ٻوڏ جي تباهڪارين جو شڪار ٿيا آهن. آخر حڪومت جو اهو منطق اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ته حقيقي طور متاثر ٿيل سنڌ جي باقي 8 ضلعن کي ڇو نظرانداز ڪيو ويو آهي. ڇا ان پٺيان ڪا سياسي چال ۽ حڪمت عملي لڪل آهي. سنڌ ۾ آيل مصيبت کي منهن ڏيڻ آڏو سياسي چالبازيون ۽ چالاڪيون رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته هي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي حياتي بچائڻ جو سوال آهي.
سرڪاري نوٽيفڪيشن موجب آفت سٽيل ضلعن کي مڪمل طور تي آفت سٽيل قرار نه ڏنو ويو آهي، جنهن سبب هزارين ڳوٺن جا متاثر پيپلز رليف ڪارڊ ۽ ٻي امداد کان رهجي وڃڻ جو انديشو آهي. اسان ڌيان ڇڪائيندي گذارشن ڪنداسين ته ان نوٽيفڪيشن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ سنڌ جي انهن مڙني علائقن کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي برساتي ٻوڏ سبب حقيقي طور تي سخت متاثر ٿيا آهن ۽ اتان جو عوام ملڪي توڙي عالمي امداد جو مستحق آهي. ٻوڏ متاثر علائقن بابت ڪاٿو لڳائڻ وقت سنڌ حڪومت جي ڪامورن کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو يعني وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ڪجهه ئي ڏينهن اندر آيل بيانن جو ته ڀرم رکڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير ۽ ٻيا سرڪاري اهلڪار وقت بوقت ميڊيا آڏو اهو چوندا رهيا آهن ته برساتي ٻوڏ سبب لڳ ڀڳ سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي ۽ ٻوڏ متاثر سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هوندو، ان کي حڪومتي امداد پهچائي ويندي، کين سندن مستقبل جي اڏاوت لاءِ سهائتا فراهم ڪئي ويندي.
حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ان وقت پڌرو ٿيو آهي، جنهن وقت ڪاڇي ۾ نئين گاج وهي اچڻ سبب تاريخ جي وڏي تباهي جاري آهي. نئين گاج جي ٻوڏ سبب ڪيترائي ڳوٺ، شهر ۽ رستا تباهه ٿي ويا آهن. ڪيترائي ماڻهو پاڻي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي فوت ٿي ويا آهن. جن جا هاڻي لاش هٿ اچي رهيا آهن، جڏهن ته سوين ماڻهو پنهنجون حياتيون بچائڻ لاءِ وڻن تي چڙهي ويٺل آهن. جن جي بک وگهي مرڻ جو انديشو آهي.
گذريل سال آيل ٻوڏ دوران ته متاثرين جي واهر واري معاملي ۾ سياسي وابستگيون رنڊڪ بڻيون هيون، جنهن سبب حڪومت سخت تنقيد جو نشانو بڻي هئي. هاڻ به جيڪڏهن حڪمرانن پنهنجي روش تبديل نه ڪئي ۽ متاثرن جي بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي سار نه لڌي ته پوءِ سندن لاءِ دعائن جا در بند ٿي سگهن ٿا. پاڻي ۾ ڦاٿل ۽ ڪئمپن ۾ ماني ڳڀي ۽ دوائن جا منتظر ماڻهو سياستدانن جون هيٺانهيون مٿانهيون، ترجيحون ۽ تڪرار سمجهڻ کان قاصر آهن، بکيا پيٽ حڪومتي دعوائن سان ڍاپجي نه ٿا سگهن، پر ان لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

(ڇپيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 22 آگسٽ 2011ع)

صوفي محمد کان حقانيءَ تائين: ڳالهيون پنهنجن سان

اسان جي سرڪار سڳوري ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت سان م شورن بعد ”پنهنجن سان“ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنه ن جو مقصد اهو بيان ڪيو ويو آهي ته ”پنهنجن سان“ ڳالهين سان ملڪ منجهه انتهاپسندي، بنياد پرستي ۽ دهشتگردي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري سگهجي ٿو. اهي ”پنهنجا“ ڪير آهن، جن سان اسان جي حڪومت ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿي. انهن ”پنهنجن“ جو سڌو سنئون نالو ان ڪري نه ورتو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام آباد ج ـ اسٽيبلشمينٽ ان معاملي تي ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر ٿيندڙ تنقيد کان بچڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرنامي ۾ ”پن ´نجن سان“ بدران سڌو سنئون طالبان سان ڳالهيون جو اعلان ڪيو وڃي ته اها ڳالهه ملڪ جي امن پسند ماڻهن ۽ دنيا کان هضم ڪرائڻ ڏاڍو مشڪل هئي.
قبائلي علائقن ۾ جتي انتهاپسند گروهن ۽ دهشتگرد ٽولن جو اثر رسوخ آهي، اتي اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته دهشت سٽيل علائقن ۾ اتان جو امن پسند شهري پنهنجو اثر رسوخ وڃائي ويٺو آهي. عام ماڻهو دهشتگردن وٽ يرغمال بڻيل آهي. حڪومت جا حامي سوين قبائلي سردار ۽ ملڪ يا ته جنگجوئن هٿان مارجي چڪا آهن يا وري هنن وٽ اها طاقت يا آوا ز نه رهيو آهي، جنهن سان هو پنهنجي رٽ قائم ڪري سگهن. ان ڪري اها ڳالهه واضح آهي ته جنهن جو اتي ڪنٽرول آهي. ڳالهيون انهن سان ئي ڪيون وين ديون.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ئي پيدا ڪيل ويڙهاڪ گروپن سان هن کان اڳ به رابطا ڪيا آهن. جڏهن به عالمي دٻاءُ وڌندو آھي يا پنهنجا ئي ڌاڳي ڦيڻي ۾ نه رهندا آهن ته انهن کي ڪنهن ن ´ ڪنهن طرح ٻيهر پنهنجي اثر رسوخ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويند ي آهي. ملڪ جي اترين قبائلي علائقن ۾ بغاوت جي شروعات 2 0 0 2 ع کان ٿي. ان ئي وقت کان حڪومت ڪيترائي ڀيرا مختلف پاڪستاني طالبان اڳواڻن سان امن معاهدا ڪيا. شروعات ۾ ڏکڻ وزيرستان ۾ نيڪ محمد جي گروپ سان معاهدو ڪيو ويو ۽ بعد ۾ وري 5 0 0 2 ع ۾ ڏکڻ وزيرستان جي محسود علائقي ۾ بيت ا• محسود سان معاهدو ڪيو ويو. جيڪو سرادوغا معاهدي هيٺ مشهور ٿيو. ان کانسواءِ سوات ۾ صوفي محمد سان امن معاهدو ڪري ان جا ڪيترائي ڏکيا شرط مڃيا ويا ۽ سوات جو علائقو عملي طور تي صوفي محمد کي تحفي طور ڏنو ويو. جتي هن پنهنجي ”شريعت“ لاڳو ڪئي.
سوات ۾ صوفي محمد سان معاهدي جي پارليامينٽ مان توثيق به ڪرائي وئي. ملڪ ۾ وڏا شادمانه ڪيا ويا. شريعت جي نفاذ تي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ويون. پر ان معاهدي جو نتيجو جي ئن سوات جي شهرين ڀوڳيو، ان جو اندازو اسلام اباد جي محلن ۾ ويٺل لڳائي نه ٿا سگهن. نام نهاد شريعت جي نانءُ تي سوات ۾ ج ´نگ جو قانون لاڳو ڪيو ويو، عورتن کان سمورا انساني حق ۽ آزاديون کسيون ويون، ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪرايا ويا يا بم ڌماڪن سان اڏايا ويا. معصوم عورتن کي مردن جي ميڙاڪن ۾ اونڌو ليٽائي ٽنگون پڪڙي ڪوڙا هنيا ويا. ميڊيا تي آيل اهڙن منظرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي عزت ۽ ناموس کي داءَ تي لڳائي ڇڏي و. صوفي محمد پارليامينٽ، جمهوري ادارن ۽ اعليٰ عدليه بابت ع قل کان وانجهيل قسم جون فتوائون جاري ڪيون. بنياد پرست ۽ انتهاپسند گروپ سان امن جي نالي تي ٺاهه سڄي ملڪ جي معصوم ما ±هن جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو. جنگجو گروهه طرفان امن معاهدي ک ي بنياد بڻائي سڄي ملڪ کي بندوق جي زور تي ختم ڪرڻ لاءِ لشڪر ڪشي ڪئي وئي.
هاڻي به جڏهن امن جي نالي تي ”پنهنجن سان“ ڳالهيون ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ معصوم ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن کي صوفي محمد سان ٺاهه ۽ ان جي ”نام نهاد شريعت“ جا سور ساريا پيا آهن. حڪومت جڏهن ”پنهنجن سان“ ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه پئي ڪري ته ان جو منطقي نتيجو انهن سان ٺاهه جي صورت ۾ نڪرندو. دهشتگردن ۽ بنياد پرستن کي رعايتون ڏيڻيون پونديون. سندن م طالبا مڃڻا پوندا. ڇاڪاڻ ته ڳالهين لاءِ جنگجو گروپ نه پر حڪو ¯ت اڳڀرائي ڪري رهي آهي. سوات، مالا ڪنڊ، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ويٺل ”پنهنجا“ جيڪڏهن ڪمزور هجن ها ته ڳالهيون ڪرڻ سندن مجبوري هجي ها. ان ڪري اها ڳالهه پڌري پئي آهي ته ڪمزور ڌر ئي قرباني ڏيندي آهي. ملڪ جا ماڻهو پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ته حڪومت هن ڀيري ”پنهنجن“ کي ڪهڙن ڪهڙن علائقن جو مالڪ ۽ مختيار بڻائيندي ۽ کين قرباني جي ايندڙ عيد لاءِ ڪيترا ٻڪرا تحفي طور ڏيندي .

(ڇپيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 27 آڪٽوبر 2011ع)

اسان انسان ڪڏهن ٿينداسين؟

سنڌ جا ماڻهو مهذب آهن، ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ هتان جا ماڻهو رحمدل، انسان دوست ۽ باشعور آهن. اهڙيون دعوائون اڪثر ڪري سنڌ جا مها ڏاها، اديب، دانشور، سماجي اڳواڻ ۽ سياسي ليڊر ڪندا رهندا آهن. انهن دعوائن ۾ ڪيتري سچائي آهي. ان بابت اسان ڪڏهن به ٿڌي دل ۽ دماغ سان نه سوچيو آهي، ته ڇا سنڌي قوم باقي قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهذب، باشعور، رحمدل، انسان دوست ۽ سٻاجهي آهي. جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اسان وڏا وڏا لقب ڏيندا آهيون، ان ئي ديس ۾ روز ڪارو ڪاري جي الزام هيٺ 8 کان 10 عورتن ۽ مردن کي موت جي منهن ۾ ڏنو ويندو آهي. قبائلي ۽ برادري تڪرارن ۾ روزانو درجن ماڻهو ماريا ويندا آهن. هاڻي ته ان مهذب سنڌ جي ماڻهن پنهنجن معصوم ٻچن کي مارڻ ۽ ڳڀا ڳڀا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
جنهن سنڌ جا ماڻهو اڳ ڪنهن جيت جڻئي کي به مارڻ پاپ سمجهندا هئا، سي هاڻي ڪيئن وحشي ٿي ويا آهن، جو معصوم ٻارن کي اغوا ڪري پئسن جي لالچ ۾ مٿن بي رحماڻو تشدد ڪري سندن دانهون، ڪوڪون ۽ آزاريون نيازيون سندن والدين کي موبائيل فونن تي ٻڌرائين ٿا. جيئن لاچار ۽ بيوس والدين پنهنجي دل جي ٽڪرن کي ڇڏائڻ لاءِ وحشين لاءِ ڀنگ جي رقم جو ستت انتظام ڪري وٺن. اها باشعور ماڻهن جي سنڌ آهي، اها موهن جي دڙي جي وارثن جي ڌرتي آهي، جتان جا ماڻهو هاڻي ڏوڪڙن جي لالچ ۾ گلن جهڙن ٻارن کي به قتل ڪرڻ کان نه ٿا مڙن.
گذريل ٻن ڏهاڪن کان سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ جو سلسلو ته هلندڙ هو، پر هاڻي ان ۾ هڪ ٻي وحشت ۽ بربريت جو اضافو ٿيو آهي. ڪجهه مهينن کان معصوم ٻارن کي بيدرديءَ سان مارڻ جون انتهائي خوفناڪ ۽ دل جهوريندڙ وارداتون سامهون آيون آهن. موهن جي دڙي جهڙي سڌريل تهذيب جي مالڪ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻئي پويان 4 معصوم ٻارڙن کي اغوا بعد انتهائي بي رحماڻي طريقي سان ڪٺو ويو آهي، سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇليون ويون آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني مان ٻن معصوم سوئٽن لکمير ۽ مجاهد کي پنهنجي ئي عزيزن اغوا ڪيو، جنهن بعد ٻنهي معصومن کي قتل ڪري سندن سسيون ڌڙ کان ڌار ڪري اڇليون ويون. اهڙيءَ طرح ساڳي ڪالوني ۾ ذاتي دشمني تحت 8 سالن جي ٻالڪ سلمان کوکر کي اغوا ڪري سسي ڌڙ کان ڌار ڪري لاش باچڪي ۾ وجهي گند جي ڍير تي اڇليو ويو. ساڳي ڪالوني ۾ وري پئسن جي لالچ ۾ اچي جوابدارن ڪالهه 4 ورهين جي عمار جتوئي کي زندهه مٽيءَ ۾ دفن ڪري قتل ڪري ڇڏيو. معصوم ٻارن کي جنهن بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. انهن واقعن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. انهن جيءُ جهوريندڙ وارداتن تي موهن جي دڙي جي تهذيب جا خلاق به تڙپي پيا هوندا. ايئن ته جڳ جهان ۾ وحشت ۽ بربريت جي علامت بڻيل طالبان به نه ڪندا آهن، جيئن سنڌ جي مهذب سڏائيندڙ ماڻهن ڪيو آهي. ايئن پيو محسوس ٿئي ته سنڌ جا ماڻهو وري دور جاهليت ڏانهن موٽي رهيا آهن. هو مذھبپڻي جا سڀ معيار مٽي ۾ دفن ڪري، ماڻهپي ۽ مريادا کي ٻه طلاقون ڏئي قبل مسيح واري جهنگلي ۽ وحشي ماڻهن جي صفن ۾ شامل ٿي رهيا آهن.
ڇا سنڌ جا ماڻهو موهن جي دڙي واري تهذيب ۽ ثقافت کي پٺي ڏئي پنهنجي هن سڃاڻپ سان دنيا آڏو اچڻ چاهين ٿا. ڇا سنڌي ماڻهو پنهنجن ٻچن کي ڏوڪڙن خاطر اغوا ڪري، بيدرديءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري سندن رت ۾ لت پت ٿيل لاش کڻي پنهنجي شعور جو هوڪو ڏيندا. ٻيلي هيءَ سنڌ ته ڀٽائي ۽ سچل واري سنڌ ڪانهي، هن سنڌ لاءِ ته شيخ اياز بيت ڪونه سٽيا هيا، هن سنڌ لاءِ هوشو ۽ هيمون ته پنهنجي جان جو نذرانو ڪونه ڏنو هو. هن دردندگيءَ ۽ ڪٺور پڻي ۾ اسان پنهنجا ڪارا ڪيل منهن دنيا کي ڪيئن ڏيکارينداسين. دنيا مهذب پڻي ۽ انسان دوستي طرف سفر ڪري رهي آهي پر اسان سنڌ جا ماڻهو ان کي پٺي ڏئي، ماڻهپي جا سڀ دڳ ۽ واٽون وڃائي ويٺا آهيون. اسان انسان ڪڏهن ٿينداسين، ان تي سڀني کي سوچڻ ۽ لوچڻ جي ضرورت آهي.

(ايڊيٽوريل، ڇپيل روزاني سنڌ، حيدرآباد، 15 مارچ 2012ع)

سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙو

پنجاب طرفان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي وارو سلسلو جاري آهي. سنڌوءَ مان سنڌ جي حصي جو زبردستي پاڻي کنيو پيو وڃي. ڪالهه سنڌ حڪومت پاڻي تي ان ڌاڙي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو اهو ڌاڙو روڪرائڻ ۾ بي وس آهن. آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي چيو آهي ته پنجاب ۽ وفاق آڏو احتجاج ڪيا آهن پر سنڌ حڪومت بيوس آهي ۽ پاڻي جي زبردستي چوري روڪرائي نه ٿي سگهي. هن اهو به چيو آهي ته اسلام آباد کي 85 سيڪڙو پاڻي ارسا جي منظوري سان فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي کي به ٻين صوبن جي حصي مان پاڻي ملڻ گهرجي. هن ڪالهه انڊس رور ڪميشن جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهڙو اعتراف ۽ بيوسي جو اظهار ڪيو آهي.
سنڌ جي آبپاشي وزير جي ان بيوسي مان ظاهر ٿئي پيو ته پنجاب ارسا سان ملي ڪري سنڌ جو پاڻي ڦٻائي رهيو آهي. پنجاب ان سلسلي ۾ ڪنهن به قانون ۽ ضابطن کي خاطر ۾ آڻڻ لاءِ تيار ناهي. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي، پر چشما لنڪ ڪينال، گريٽر ٿل ڪينال ۽ ٻين چينلن ذريعي سنڌ جو پاڻي کنيو پيو وڃي. سنڌ سوڪهڙي جو شڪار آهي. روزانو لکين آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. پاڻي نه ملڻ سبب هتان جا واهه ۽ ڪينال سڪي رهيا آهن. فصلن جي پوکائي نه پئي ٿئي، ايتري قدر جو بدين، ٺٽي ۽ ميرپورخاص ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به نه ٿو ملي، ڍور ڍڳا اڃ مري رهيا آهن، پر پنجاب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان معاملي تي وفاقي حڪومت به خاموش آهي، سنڌ حڪومت به فقط اعتراف ڪرڻ کان اڳتي نه ٿي وڌي. پاڻي سنڌ جي موت ۽ حياتي جو مسئلو آهي، پر ان لاءِ ڪابه اثرائتي ڪوشش ٿيندي نظر نه ٿي اچي. هن وقت جڏهن مرڪز ۽ سنڌ ۾ هڪ ئي پارٽي جي حڪومت آهي ته پوءِ اها ايڏي بيوسي ڇو آهي. ڇا ڪٿي ايئن ته ناهي ته پنجاب کي راضي رکڻ لاءِ سنڌ کي قربان ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي قيمت تي سياسي مفاهمت جي نالي تي اقتدار کي دوام بخشڻ لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. پاڻي سنڌ جي 5 ڪروڙ ماڻهن جي جياپي جو مسئلو آهي، جيڪو ڪنهن به سياسي مفاهمت کان مٿانهون هجڻ گهرجي. پر ان تي به جيڪڏهن سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي انتهائي افسوسناڪ ڪوشش هوندي.
هڪ طرف سنڌ جي آبپاشي وزير سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جو اعتراف ڪيو آهي ته ٻئي طرف اهي به اطلاع مليا آهن ته ارسا ھلندڙ خريف سيزن ۾ پھريون ڀيرو ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ کي بنياد بڻائي اڪثريتي راءِ سان سنڌ جي پاڻي انڊينٽ ۾ 5 ھزار ڪيوسڪ ڪٽوتي ڪرڻ ۽ تڪراري چشما لنڪ ڪئنال ذريعي سنڌوءَ مان 21700 ڪيوسڪ پاڻي چناب زون ۾ منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ارسا جي پاڻي ڊيٽا مطابق سنڌوءَ مان پنجاب جي تڪراري سي جي لنڪ ڪئنال لاءِ پاڻي فراھمي وڌائي 21700 ڪيوسڪ ڪيو ويو آھي، جيڪو پاڻي جهلم ندي کان پنجاب جي چناب زون ۾ منتقل ڪيو ويندو. ان حوالي سان ارسا چناب درياءَ ۾ پاڻي گھٽجي وڃڻ سبب سي جي ۾ پاڻي فراھمي وڌائي وئي آھي ته جيئن چناب زون کي پاڻي فراھم ڪري سگھجي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ شرط پنجاب سي جي لنڪ ڪئنال کي پاڻي فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنھن جي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ارسا چيئرمين مظفر شاھه اھو چئي مخالفت ڪئي ته ڪوٽڙي کان ھيٺ ويندڙ پاڻي اصل ۾ منڇر ڍنڊ ۾ نئين گاج جو آيل پاڻي آھي، اھو درياءَ جو پاڻي ناھي. پر پنجاب جو نمائندو خيبرپختونخوا ميمبر جي مدد سان سي جي ذريعي سنڌوءَ مان چناب زون ۾ پاڻي منتقل ڪرائڻ وارو فيصلو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ان فيصلي سان گڏ ارسا اڪثريتي بنياد تي سنڌ جو انڊينٽ 5 ھزار ڪيوسڪ گھٽائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آھي، جنھن جي ارسا چيئرمين سنڌ جي ميمبر طور توثيق ناھي ڪئي. سنڌ جي انڊينٽ لاسز سان گڏ 2 لک 10 ھزار ڪيوسڪ مان گهٽتائي 2 لک ۽ ڪالهه وڌيڪ 5 ھزار ڪيوسڪ گھٽائي ھڪ لک 95 ھزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف دريائي وھڪرن ۾ ٻيهر گھٽتائي جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جنھن سبب ڏينھن ٻن ۾ تربيلا ڊيم مان پاڻي کڻت شروع ڪرڻ جا امڪان آھن.ڪالهه سنڌوءَ سميت ملڪ جي چئن ئي دريائن جا وھڪرا 3 لک 54 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، جنھن مان 59000 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪري 2 لک 95 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ ڇڏيو ويو آھي. ٻئي طرف تربيلا وٽ سنڌوءَ جو مٿيون وھڪرو ھڪ لک 97 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنھن مان 37 ھزار ڪيوسڪ ذخيرو ڪري باقي ھڪ لک 60 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ جاري ڪيو ويو، هن وقت تربيلا ۾ پاڻي ذخيرو 78 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آھي. هوڏانهن نوشھره وٽ ڪابل درياءَ ۾ مٿين سطح جي ٻوڏ برقرار آھي، جتي پاڻي جا وھڪرا 69900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته منگلا وٽ جھلم درياءَ جي وھڪرن ۾ رڪارڊ لاٿ آئي آھي، جتي مٿيان وھڪرا فقط 36300 ڪيوسڪ رھجي ويا آھن، جنھن مان 21300 ڪيوسڪ ذخيرو ڪري باقي 15000 ڪيوسڪ پاڻي ھيٺ ڇڏيو ويو آھي، جڏھن ته منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو 102 فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ڪالهه چناب درياءَ جا وھڪرا 50886 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا.
ارسا کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو چشما جهلم لنڪ ڪينال سان ڪوبه واسطو ناهي. پاڻي ٺاهه ۾ اهو ڪٿي به لکيل ناهي ته جيڪڏهن سنڌو درياهه جو پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويو ته ان لاءِ ضروري آهي ته پنجاب کي به سي جي ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. هي سڀ سڌي ارهه زورائي آهي. پنجاب پاڻي واري لولي لنگڙي 91ع واري ٺاهه کي به ڪڏهن تسليم نه ڪيو آهي، پنجاب ڪنهن به معاهدي جي پاسداري نه ڪئي آهي. جنهن سبب پاڪستان ٺهڻ کان اڄ تائين پاڻي نه ملڻ سبب سنڌ جي زرعي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. هاڻي وري تڪراري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. جيئن عدالتن جو سهارو وٺي سنڌو درياهه جي نڙي تي ننهن ڏئي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ هن تڪراري رٿا بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي وفاق ۽ پنجاب حڪومت کي نوٽيس جاري ڪيا آهن. جڏهن ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالف ڌرين کي به طلب ڪيو ويو آهي. هي به هڪ پنجاب جي خطرناڪ چال آهي ته هن رٿا تي عدالت ذريعي عمل ڪرايو وڃي. پر ان معاملي ۾ اها ڳالهه وساري وئي آهي ته قومن وچ ۾ تڪراري فيصلا عدالتن ۾ نه ٿيندا آهن، قومون عدالتن جي پنجن ججن جي فيصلن جون محتاج نه هونديون آهن. پر هو پنهنجي بري ڀلي جو فيصلو سياسي فورمن تي پاڻ ڪنديون آهن. ڪروڙين ماڻهن جي قسمت جا فيصلا عدالتي ڪوٺڙين ۾ ويٺل پنج ست ملازم ٽائيپ جج سڳورا ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن. ان ڪري سنڌ حڪومت کي لاهور هاءِ ڪورٽ کي ٻڌائڻ گهرجي ته تڪراري ڪالاباغ ڊيم کي ٽي صوبا رد ڪري چڪا آهن، ان ڪري اهو معاملو عدالتي اختيار کان ٻاهر آهي. ان معاملي کي جيڪڏهن عدالتي فورمن ذريعي حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان کي سنڌ جا 5 ڪروڙ ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندا ۽ نه وري اهڙي فيصلي جا پابند هوندا.

ذوالفقار آباد رٿا ۽ سنڌي ماڻهن تي ڪيل چٿرون

سنڌي ماڻهن جي شديد اعتراضن باوجود سنڌ حڪومت نئين شهر ذوالفقار آباد جوڙڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل آهي. حڪمران چون ٿا ته ذوالفقار آباد جڙڻ سان سنڌ جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا، صوبي ۾ خوشحالي اچي ويندي. نوجوانن لاءِ روزگار جا در کلندا، ٻيو خبر ناهي ته ان رٿا جون ڪهڙيون ڪهڙيون ڪرامتون ٻڌايون پيون وڃن. پ پ جي حڪومت خير سان پنهنجا 4 سال مڪمل ڪرڻ بعد پنجين سال ۾ پير پاتو آهي. ان وچ ۾ سنڌ ڪيتري ترقي ڪئي آهي. ان جي باشندن کي روزگار جا ڪيترا موقعا نصيب ٿيا آهن، جيڪڏهن ان جو ويهي وچور ڪڍجي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. سڀ ماڻهو سمجهن ٿا ته سنڌ کي گذريل 4 سالن ۾ ڪا ترقي ته نه ملي آهي پر مفاهمت جي نالي تي گهر جا ٽپڙ وڪڻي اتحادين کي راضي ڪرڻ واري سرڪار هاڻي سنڌ جي ماڻهن کان پنهنجو سامونڊي ڪنارو به کسڻ چاهي ٿي. ڪالهه پ پ سنڌ جي اڳواڻ تاج حيدر صاحب ذوالفقار آباد رٿا بابت سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي لک ڪوششون ڪرڻ باوجود سنڌ جي ماڻهن جا خدشا دور نه ڪري سگهيو. بعد ۾ چڙ مان سنڌ جي ماڻهن تي چٿر ڪندي چيائين ته سنڌ جا ماڻهو دقيانوسي سوچ رکندڙ آهن. کين موهن جي دڙي جي دور واري سوچ رکڻ جو مهڻو ڏيندي چيو اٿائين ته سنڌي ماڻهو گهڻا ٻار ڄڻيندڙ آهن، ان ڪري هو اقليت ۾ نه ايندا. بدقسمتي سان جناب تاج حيدر ان پارٽي جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهن ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو آهي. جيڪڏهن بقول تاج حيدر صاحب جي سنڌي ماڻهو دقيانوسي سوچ رکندڙ آهن ته پوءِ ڇا هنن جنهن پارٽي کي ووٽ ڏنا آهن، سا به ساڳي سوچ رکندڙ هوندي. اهو سوال پ پ جي سنڌ قيادت کي تاج حيدر صاحب کان پڇڻ گهرجي.
اڳوڻي آمر پرويز مشرف جڏهن پنهنجي آمريت واري دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ مهم هلائي هئي ۽ سنڌي ماڻهن ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ته هن به چڙ ۾ سنڌي ماڻهن کي ساڳيو لقب ڏنو هو ته سنڌي ماڻهو جاهل آهن، هو قابل ناهن، جو کين ملڪ سنڀالڻ جون واڳون ڏئي سگهجن. اڄ جڏهن تاج حيدر صاحب ساڳي آمر مشرف واري ٻولي ڳالهائي آهي ۽ سنڌي ماڻهن کي دقيانوسي سوچ رکندڙ قرار ڏنو آهي ته يقينن اڳوڻي آمر مشرف کي روحاني ۽ دلي سڪون نصيب ٿيو هوندو. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي جي هدايتن تي تاج حيدر طرفان ذوالفقار آباد رٿا تي ڏنل بريفنگ جو جيڪو حشر ٿيو آهي، ان کان به خدا جي خلق واقف آهي. بريفنگ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي پ پ ايم پي ايز ذوالفقار آباد شهر جي رٿا تي شديد تحفظات جو اظهار ڪندي ان کي اڻ سڌي طرح رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پارٽي ڊسپلين سبب هنن وڏي واڪي ته ان رٿا کي رد ڪرڻ جو اعلان نه ڪيو پر بريفنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن جي ايوان مان 20 کان به گهٽ ايم پي ايز ذوالفقار آباد رٿا بابت پ پ جو موقف ٻڌڻ لاءِ آيا. سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيل هن اجلاس ۾ ٺٽي جي شيرازي ڀائرن، ملڪاڻين، سسئي پليجو کان ويندي جن ٻن تعلقن ۾ اهو نئون شهر اڏجي رهيو آهي، انهن جي چونڊيل نمائندن به شرڪت نه ڪئي. فنڪشنل مسلم ليگ جو هڪ به نمائندو ان اجلاس ۾ نه آيو. سنڌ اسيمبلي جي هن بريفنگ اجلاس ۾ مسلم ليگ (ق) جو ڪو به نمائندو شريڪ نه ٿيو پر ارباب گروپ سان تعلق رکندڙ صرف چيتن مل شريڪ ٿيو. متحده قومي موومينٽ مان اڪيلي هير سوهو آئي، جنهن اچڻ سان چيو ته اسان کي هن وقت تائين هن رٿا تي ذري برابر به اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.
سنڌ اسيمبلي جي معزز ميمبرن ۽ وزيرن کي بريفنگ ڏيڻ لاءِ جيڪو اجلاس سڏايو ويو هو، ان ۾ ذوالفقار آباد اٿارٽي جي ڪنهن به عملدار شرڪت نه ڪئي. هڪ اهڙي ماڻهو کان بريفنگ ڏياري وئي، جيڪو پاڻ ماهر نه هيو. هن رٿا جي ٽيڪنيڪل پاسن تي ڪابه روشني نه وڌي. اجلاس ۾ شريڪ ٺٽي ضلعي جي اڪيلي چونڊيل نمائندي صادق ميمڻ سخت اعتراض واريندي چيو ته، هن گڏجاڻيءَ سميت ذوالفقار آباد رٿا جي حوالي سان جيڪي به سرگرميون ٿي رهيون آهن، ان ۾ اسان چونڊيل نمائندن کي ذري برابر به اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي. روز احتجاجي مظاهرا، ريليون نڪري رهيون آهن، سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته ان رٿا سان هو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر منڌري چيو ته، جڏهن بدين مان تيل نڪتو هو ته اسان کي چيو ويو تيل گئس نڪرڻ بعد بدين ضلعي جا ماڻهو مالا مال ٿي ويندا ۽ کير جون نديون وهنديون. پر حالت اها آهي جو بدين جا ماڻهو اڄ به درخواستون هٿن ۾ کڻي نوڪريءَ لاءِ در در ڌڪا کائيندا وتن ٿا. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي ان موقف سان سنڌ جا ماڻهو سئو سيڪڙو متفق آهن ته سنڌ جي ترقي جي نالي تي شروع ڪيل رٿائون سنڌ جي تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن. ڇا سنڌ جا ماڻهو پنهنجي تباهي جي بنياد تي ترقي قبول ڪندا. يقينن ان ڳالهه کان پ پ قيادت به واقف هوندي.
سنڌي اسيمبلي جي ميبرن ذوالفقار آباد رٿا تي تحفظات جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته هي منصوبو سياست جي ور چڙهي چڪي آهي ۽ ماڻهن ۾ تمام گهڻا خدشا آهن، سنڌي ماڻهو سمجهن ٿا ته ان نئين شهر جي اڏاوت سان هو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ اچڻ بابت سوال تي پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جيڪو موقف اختيار ڪيو، اهو انتهائي ٻاراڻو ۽ کل جوڳو هو. هن صاحب فرمايو ته جيڪي ماڻهو ذوالفقار آباد شهر جي اڏاوت خلاف واويلا ڪري رهيا آهن ته هن رٿا سان مقامي ماڻهو اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ته کين هن ڳالهه کان باخبر رهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهو وڏي انگ ۾ ٻار پيدا ڪري رهيا آهن. تاج حيدر جي فارمولي موجب سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ ٻيا ڪم ڪار ڇڏي هاڻي ٻار پيدا ڪرڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. واهه جو موقف آهي، ذوالفقار آباد رٿا کي جسٽيفاءَ ڪرڻ جو. تاج حيدر جي هن عجيب منطق تي سنڌي ماڻهو منهن مٿو پٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته هنن بدقسمتي سان ان پارٽي کي پنهنجو مينڊيٽ ڏنو آهي، جيڪا کين سکڻي عزت ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي.
ذوالفقار آباد رٿا ٺٽي ضلعي جي چئن تعلقن جاتي، کارو ڇاڻ، گهوڙا ٻاري ۽ شاهبندر جي 13 لک ايڪڙن تي جوڙي ويندي. حڪومت جي دعوى آهي ته ان 13 لک ايڪڙ زمين مان 10 لک ايڪڙ زمين هن وقت سمنڊ ۾ آهي ۽ اها زمين سمنڊ ۾ ڪانڪريٽ جي 230 ڪلوميٽر ڊگهي ڀت (Dyke) اڏي ري ڪليم ڪئي ويندي. فوري طور تي هي پراجيڪٽ شاهبندر تعلقي جي 60 هزار ايڪڙ زمين تي شروع ڪيو ويندو، ان 60 هزار ايڪڙ زمين مان صرف 20-22 هزار ايڪڙ زمين خانگي آهي جيڪا خريد ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيٽي بندر تي به شروعاتي طور هڪ ننڍڙو بندرگاهه جوڙيو ويندو جنهن سان ذوالفقار رٿا لاءِ مٽيريل جي پهچ ۾ ڪافي آساني پيدا ٿيندي. سنڌ حڪومت جي هن بريفنگ ۾ انهن ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي چونڊيل نمائندن شرڪت نه ڪئي، جن جي علائقي ۾ هي رٿا جوڙي پئي وڃي. جنهن مان ثابت ٿيو ته بدين ۽ ٺٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ اتان جو عوام هن رٿا خلاف آهي. جڏهن ته ٺٽي مان چونڊيل صوبائي وزير صادق ميمڻ اجلاس ۾ شرڪت ته ڪئي پر بريفنگ مان مطمئن نه ٿيڻ تي واڪ آئوٽ ڪيو. جنهن کي پرچائي ٻيهر اجلاس ۾ آندو ويو. صادق ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان کي ئي خبر ناهي ته ذوالفقارآباد رٿا ڇا آهي؟ هي پهريون ڀيرو آهي ته اسان کي بريفنگ ڏني وئي آهي پر اڃا ڪيتريون اهڙيون شيون آهن جن کي واضح ڪرڻ جي ضرورت آهي. رٿا تي ڳالهائيندي بدين مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ۽ مير بابو ٽالپر به شديد خدشا ظاهر ڪيا ۽ چيو ته جيڪڏهن سمنڊ کي ٺٽي وٽان ڀت ڏني ٿي وڃي ته پوءِ سمنڊ بدين واري پاسي ڏانهن چڙهت ڪندو ان ڪري اُها ڊگهي ڀت علي بندر تائين آندي وڃي. مير بابو ٽالپر چيو ته رٿا شروع ڪرڻ کان اڳ ماحوليات تي پوندڙ اثرن جي حوالي سان رپورٽ ڪرائي وڃي جڏهن ته رٿا وارو هنڌ انڊين بارڊر سان گڏ آهي جنهن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. ٺٽي سان تعلق رکندڙ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي هير اسماعيل سوهو به رٿا تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڪنهن کي به خبر ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، مقامي ماڻهو ته ويچارا سادا آهن انهن کي پنهنجي مستقبل جي خبر ناهي ته انهن سان ڇا ٿيندو، ان ڪري آئون هن بريفنگ مان مطمئن ناهيان.
سنڌ حڪومت جي بريفنگ ڪالهه ثابت ڪري ڇڏيو ته سنڌ جا ماڻهو ۽ انهن جا چونڊيل نمائندا هن رٿا کي سنڌ دشمن سمجهندي رد ڪن ٿا. موجود ايم پي ايز جو چوڻ هو ته ذوالفقار آباد ۾ ڌاري آبادڪاري واري ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ان ڪري اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جيئن دبئي ۾ آهي ته اُتي روزگار لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ووٽ جو حق ۽ ڊوميسائيل نه هجي. ايم پي ايز جي اهڙن خدشن ۽ اعتراضن تي تاج حيدر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. تاج حيدر جي سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري آڏو بند ٻڌڻ واري مطالبي تي ڪاوڙجي پوڻ ٻڌائي ٿو ته هن رٿا ذريعي ٻين صوبن جا ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويندا، جنهن سان سنڌي ماڻهو پنهنجا اختيار وڃائي ويهندا. ان ڪري پ پ جي حڪومت کي ملڪ جي ترقي جي نالي تي سنڌ جي تباهي جا بنياد نه وجهڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته سنڌ پاڪستان جو حصو آهي، جيڪڏهن خدا نه ڪري ان کي ڪو نقصان رسي ٿو ته ان جا اثر سڄي ملڪ تي پوندا.

عدليه جو وقار ۽ پلاٽ اسڪينڊل !!

پيارو پاڪستان سڄي دنيا ۾ نرالو ملڪ تصور ڪيو ويندو آهي، جتي هر ڪنهن کي هر قسم جي آزادي يعني ڇڙواڳي حاصل رهي آهي. اوهان ڪنهن جي به پٽڪي لاهي ڌوڙ ڪري سگهو ٿا، ڪنهن کي به بنا الزام ثابت ٿيڻ جي اڳواٽ ڏوهاري قرار ڏئي جڳ جهان اڳيان سنگسار ڪري سگهو ٿا. اڻ ڪئي جي سزا جا به جيترا مثال هن ملڪ منجهه ملندا، شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ دستياب هجن. پاڪستان جڳ جهان جي مڙني منافقين، چالبازين، فتني گيرين ۽ سازشن جي مرڪز طور سڃاتو ويندو آهي. اهي ئي خاصيتون آهن، جنهن سبب هي ملڪ دنيا اندر پنهنجو خاص سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو. ان سڄي مامري ۾ ويچاري ملڪ جو ته ڪوبه قصور نه هوندو آهي پر سڀ ڪجهه ملڪ جي مفاد جي نالي تي ئي ڪيو ويندو آهي. ڪوڙ ۽ منافقي ۾ هتان جي ماڻهن جيتريون ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن، ان سان دنيا جي ڪابه يونيورسٽي مقابلو ڪري نه ٿي سگهي. پاڪستان جي عدالتن کان وٺي پارليامينٽ تائين، جنرلن کان وٺي جرنلسٽن تائين هر ڪنهن اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هتي هر ماڻهو پاڻ کي ئي ملڪ جو حقيقي خيرخواهه ۽ سڄڻ سمجهندو آهي ۽ ٻين کي واجب القتل قرار ڏيندي دير نه ڪندو آهي. قانون به اهو مڃيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي مفاد منجهه هجي، نه ته آئين کي هڪ ڪاغذ جي ٽڪري کان وڌيڪ حيثيت ڏيڻ به هن ملڪ جي روايت رهي آهي.
تازو پارليامينٽ طرفان جوڙيل پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ککر منجهه کڙو هڻي ڪڍيو آهي. پي اي سي آڏو ملڪ جي مانوارن 15 ججن کي 2-2 پلاٽ الاٽ ٿيڻ جي فهرست پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 حاضر سروس جج جسٽس شاڪر الله جان، جسٽس ناصر الملڪ ۽ جسٽس تصدق حسين شامل آهن.پي اي سي جي آڏو ججن جي پلاٽ وٺڻ وارو معاملو اچڻ بعد عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ نئين ڇڪتاڻ پئدا ٿي وئي آهي. عدليه پلاٽن واري معاملي کي عدالت جي وقار جو مسئلو بڻائيندي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي پي اي سي آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد پارليامينٽ ۽ عدليه وچ ۾ مٿڀرائپ واري نئين جنگ شروع ٿي وئي آهي.
پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ججز ۽ ڪامورن کي پلاٽ ملڻ واري معاملي کي اين آر او قرار ڏنو آهي، هن جو موقف آهي ته ججن کي مليل غيرقانوني پلاٽن واري معاملي جي به ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته قانون ۽ انصاف سڀني لاءِ برابر آهي ۽ هجڻ گهرجي. ججن کي مليل پلاٽن واري لسٽ ۾ 3 حاضر سروس جج آهن، جن کي سرڪاري اسڪيمن مان 2-2 پلاٽ الاٽ ڪيا ويا، جن 2-2 پلاٽ حاصل ڪيا، انهن حاضر سروس ججز ۾ جسٽس شاڪر الله جان، جسٽس ناصر الملڪ ۽ جسٽس تصدق حسين جيلاني شامل آهن، جڏهن ته رٽائرڊ ججز ۾ جسٽس عبدالحميد ڏوگر، جسٽس فقير محمد کوکر، جسٽس محمد جاويد بٽر، جسٽس محمد نواز عباسي، جسٽس منصور احمد، جسٽس جاويد اقبال، جسٽس سعيد اشهد، جسٽس محمد رضا خان، جسٽس خليل الرحمان رمدي، جسٽس فلڪ شير، جسٽس سيد جمشيد علي ۽ جسٽس سيد زاهد حسين شامل آهن، جڏهن ته هڪ پلاٽ حاصل ڪندڙن ۾ جسٽس راجا فياض احمد، جسٽس غلام رباني، جسٽس چوڌري اعجاز احمد، جسٽس محمد ساهر علي، جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جسٽس عارف حسين خلجي شامل آهن، سمورن پلاٽ حاصل ڪندڙن کي اسلام آباد جي سيڪٽرن ڊي 12، جي 13 ۽ جي 14 ۾ پلاٽ مليا، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نديم افضل چن چيو ته ججز غريبن جي ملڪ ۾ 4-4 پلاٽ ورتا آهن. جيڪا ناانصافي آهي. هن چيو آهي ته هاڻي ججز توڙي ڪامورن کي ملندڙ پلاٽن جا تفصيل جيئن جو تيئن ويب سائيٽ تي رکنداسين ته جيئن پوري قوم کي اها خبر پوي ته غريب ملڪ ۾ عوام سان ڇا ٿئي پيو.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پي اي سي ججن جي پلاٽن واري معاملي تي موقف اختيار ڪيو آهي ته پارليامينٽ ۾ ججن بابت بحث جي گنجائش نه آهي، اعليٰ عدليا حڪومت جي آزادي وارن معاملن کان پاڻ کي پري رکيو آهي، آئين موجب سپريم ڪورٽ حڪومتي مداخلت کانسواءِ قانوني ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اها حيثيت نه آهي ته اعليٰ عدليا جا اڪائونٽس آڊٽ ڪري يا رجسٽرار کي طلب ڪري، آئين موجب سپريم ڪورٽ جي ذميواري آهي ته حڪومت جي قانوني حدن ۾ ڪم ڪرڻ تي چيڪ رکي. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران اڳوڻي چيئرمين چوڌري نثار علي جي دور ۾ 14 جون 2011ع تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي سپريم ڪورٽ جي آڊٽ لاءِ پي اي سي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، ان خط جو جواب سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پاران پهرين ڊسمبر 2011ع تي پي اي سي کي موڪليو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين هيٺ ججن جي ڪنڊڪٽ بابت پارليامينٽ ۾ ڪو بحث نه ٿو ڪري سگهجي، عدالت جي دائري ڪار تي صرف صدر مملڪت کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي، سپريم ڪورٽ جي جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 27 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جي گڏجاڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي آزادي ۽ خودمختياري جي سمورن پاسن تي ويچاريو ويو، پي اي سي کي ڪو اختيار نه آهي ته هوءَ اعليٰ عدالت جي رجسٽرار کي طلب ڪري، سپريم ڪورٽ پنهنجي اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ يا ان معاملي تي ڪنهن فيصلي تي شرمندگي محسوس نه ٿي ڪري، سپريم ڪورٽ آڊيٽر جنرل آفيس جي سهڪار سان پنهنجي آڊيٽنگ جو مڪينزم جوڙيو آهي ۽ ان تي ڪم ٿيندو رهندو آهي، آئين جي آرٽيڪل 58 هيٺ ججز جي ڪنڊڪٽ ۾ ڪيترائي عدليا جا انتظامي معاملا اچن ٿا تنهن ڪري ججز جي ڪنڊڪٽ جو اختيار پارليامينٽ کي نه آهي، پنهنجي جواب ۾ سپريم ڪورٽ اهو به چيو آهي ته ڏٺو وڃي ته اعليٰ عدالت حڪومت جي آزادي جي معاملن کان پري آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي ڪنهن کي ڪو مونجهارو آهي ته اهو آئين جو آرٽيڪل 90 ڏسي، جنهن ۾ لکيل آهي ته قانوني فنڪشنز ۾ اهو به شامل آهي ته سپريم ڪورٽ حڪومت تي اهو چيڪ به رکي سگهي ٿي ته ڇا اها قانون پاران ٻڌايل حدن ۾ رهي ڪم ڪري رهي آهي؟ آرٽيڪل 203 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ فيڊرل ڪنسوليڊيٽ فنڊ مان خرچ ڪندي آهي ۽ پي اي سي کي صرف اسيمبلي مان منظور ٿيل گرانٽس جي آڊٽ جو اختيار آهي، تنهن ڪري اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اعليٰ عدالت پنهنجو قانوني ڪردار پارليامينٽ جي مداخلت کانسواءِ ادا ڪري سگهي ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار لاءِ عدالت جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ پي اي سي آڏو پيش ٿيڻ مناسب نه آهي ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي کي ان معاملي ۾ پوڻ نه کپي، آئين جو آرٽيڪل 68 به چوي ٿو ته مجلس شوريٰ ۾ ججن جي احترام ۾ سندس نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ به ڪو بحث نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن سڄي پارليامينٽ بحث نه ٿي ڪري سگهي ته پي اي سي کي به اهو نوٽ ڪرڻ گهرجي ته هوءَ صرف هڪ اسٽينڊنگ ڪاميٽي آهي، هوءَ ان حيثيت ۾ نه آهي ته اهڙو بحث ڪري ڪاميٽي کي باقاعده عدالتي حڪم گهرجن ته اها سڌو سنئون صدر مملڪت سان رابطو ڪري سگهي.
هوڏانهن پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نديم افضل آڊيٽر جنرل کي هدايت ڪئي ته سڀاڻي گڏجاڻي ڪري سپريم ڪورٽ جي جواب جو جائزو ورتو وڃي پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته معاملي کي ڪيئن ڏسجي.
سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ٻي معنى ۾ پارليامينٽ آڏو پاڻ کي جوابده نه ٿي سمجهي. جڏهن ته پارليامينٽ پاڻ کي سڀني ادارن جي ماءُ تصور ڪري ٿي. هن ملڪ ۾ ڪهڙو ادارو مٿڀرو آهي، ڪهڙي اداري کي اعلى قانوني۽ آئيني اختيار حاصل اهن. ان تي ابهام موجود آهي. پارليامينٽ چوي ٿي ته آئين سازي سندس اختيار آهي، جڏهن ته عدالت وٽ ان بابت الڳ تصور موجود آهي. هن سڄي صورتحال ملڪ کي وڏي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. آخر اهو فيصلو ڪير ڪندو ته ڪير ڪنهن ڏانهن جوابده آهي. ڇا آئين ۽ قانون جي خالق اداري کي به آئين سازي کان روڪي سگهجي ٿو. هن سڄي بحران تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر مختلف قسم جا سرٻاٽ ٿي رهيا آهن. ڪڏهن آمريڪا جو چيف جسٽس ته ڪڏهن ڀارت جا منصف راءِ زني ڪري رهيا آهن. عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ حد بنديون ڪڏهن طئه ٿينديون ۽ ڪير ڪنهن جي مٿڀرائپ تسليم ڪندو، ان بحران ملڪ جي سڄي وايومنڊل کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. عدليه ۽ پارليامينٽ ۾ هي نئين ڇڪتاڻ به خود پارليامينٽ کي ئي نئين قانونسازي ذريعي حل ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته اهو طئه آهي ته قانونسازي جو اختيار عدليه کي نه پر ڪروڙين ماڻهن جي چونڊيل پارليامينٽ کي آهي.

تِر جي گٿي سئوُ چوٽون کائي

سنڌي ۾ پهاڪو آهي ته ”تر جي گٿي سئوُ چوٽون کائي“ سو برصغير جي ورهاڱي بعد پنهنجو وطن ڇڏي آيل پناهگير اڄ به ڀٽڪي رهيا آهن، پر کين ڪٿي به امن ۽ سڪون سان رهڻ نه ٿو اچي. جڏهن اهي ڀٽڪيل ماڻهو اڳوڻي اوڀر پاڪستان ويا ته بنگالين جي ديس سونار بنگلاديش کي پنهنجو وطن نه بڻائي سگهيا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي پناهگير دربدر ٿي يا ته موجوده پاڪستان پهتا يا وري اتي پناهگير ڪيپمن ۾ ذلالت جي زندگي گذاري رهيا آهن. موجوده پاڪستان ۾ پهتل پناهگيرن به هن ملڪ جي ڌرتي کي پنهنجو نه ڪيو. سڀ ڪجهه حاصل ٿيڻ باجود هو اڄ به ديس واسي بڻجي نه سگهيا آهن. اڄ به پاڻ کي پناهگير پيا ڪوٺائن. اها ته هن ديس جي ماڻهن جي فراخدلي آهي جو مهاجر ڪوٺائڻ جي باوجود پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ٿيل ماڻهن کي هتان جي اصل ديس ڌڻين وارا حق ڌئي رهيا آهن، ڪٿي ته انهن ڀٽڪيل ماڻهن کي هتان جي اصلوڪن رهواسين کان وڌيڪ رعايتون مليل آهن. پر پوءِ به کين اها عزت راس نه ٿي اچي. هو هن وطن جي مٽيءَ کي مان ڏيڻ بدران ان جي وجود تي وار ڪرڻ جو ڪوبه موقعو هٿان نه پيا وڃائين.
پنهنجي وطن ڀارت مان ڀڄي آيلن کي اڃا سوڌو ڪو آکيرو نصيب نه ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو پنهنجي وطن ڀارت سان وفا ڪري نه سگهيا، سي آخر ٻئي ڪنهن ديس سان ڪيئن ٿا وفادار رهي سگهن. جن جي مٽي اڻاسي هوندي آهي، انهن کي وطن جي مٽي جو سواد نصيب نه ٿيندو آهي، هو ڌرتي ماتا جي مٽيءَ جي خوشبوءَ کان وانجهيل هوندا آهن. چوندا آهن ته جنهن پنهنجي گهر سان وفا نه ڪئي، ان مان ڪنهن ٻئي سان وفا جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. سو ڀارت کان ڀٽڪي آيل ماڻهو پاڪستان ۽ ان ۾ وسندڙ اصلوڪين قومن سان وفا ڪري نه ٿا سگهن. اها علت سندن فطرت ۾ شامل آهي. جنهن کان باز اچڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. ” جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي، تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي.“ سو جنهن جو جنم اجايو هوندو آهي ۽ جنهن جي مٽي اڻاسي هوندي آهي، ان تي ڪابه ميار ٿي نه ٿي سگهي.
وطن سان وفاداري ان ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي، جنهن کي وطنيت جو احساس نه هوندو آهي، ٻي معنى ۾ جيڪو بي وطن ۽ رولاڪ هوندو آهي. ان لاءِ وفاداري بي معنى هوندي آهي. اهڙا ماڻهو ته ان جانور کان به بدتر هوندا آهن، جيڪو جنهن مالڪ جي در جا ٽڪر کائيندو آهي، ان سان به مرڻ گهڙي تائين وفا ڪندو آهي. هڪڙا ماڻهو اهي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي وطن جي حرمت کي جان کان وڌيڪ عزيز سمجهندا آهن ته ٻيا ماڻهو اهي هوندا آهن، جن جي من منجهان خدا تعالى وطن جي محبت، عزت ۽ وقار وارا جذبا ڪوري ڪڍي ڇڏيندو آهي. اهڙا ماڻهو جانور کان به بدتر هوندا آهن.
دنيا منجهه هڪڙا مهاجر اهي آهن، جيڪي ڪن حادثن سبب بي وطني جي زندگي گهاري رهيا آهن، پر سندن دل منجهه وطن ڏانهن واپسي جي اڻ تڻ موجود هوندي آهي. هو پنهنجي دل ۾ ڌرتي سان محبت سانڊي ان اميد سان جيئندا آهن ته ڪڏهن نه ڪڏهن سڻائو واءُ ورندو ۽ هو پنهنجي وطن واپس ٿيندا. پر ٻيا اهڙا به مهاجر موجود آهن، جيڪي پنهنجي وطن کي طلاق ڏئي، پناهه ڏيندڙ ڌرتي کي به پنهنجو ڪري نه سگهندا آهن. پوءِ اهڙا پناهگير در در جون ٺوڪرون کائيندا رهندا آهن، ذلتون سندن پيڇو نه ڇڏينديون آهن، هنن جو وجود هوا ۾ بيٺل هوندو آهي، جنهن کي هوا جو ڪوبه تيز جهوٽو اڏائي ڪک پن ڪري ڇڏيندو آهي. ساڳي طرح پاڪستان ۾ جيڪي ماڻهو هن ڌرتي کي پنهنجي وجود جو حصو بڻائي نه سگهيا آهن. انهن جو لک ڪوششن باوجود ڪوبه مستقبل نه هوندو آهي. هو اول کان اخر تائين ڌرتي تي ڀٽڪيل ماڻهن طور بار سمجهيا ويندا آهن، انهن کي ڪوبه پنهنجو نه ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن جا به وفادار نه هوندا آهن. هو ان وڻ کي وڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جنهن تي سندن آکيرو جڙيل هوندو آهي. پر جنهن وڻ جون پاڙون پنهنجي ڌرتي جي پاتال ۾ پيهيل هونديون آهن، ان وڻ کي ڪو به وڍي نه ٿو سگهي. پر وڻ وڍڻ جي ڪوشش ڪندڙ ان آکيرا کان به محروم ٿي ويندا آهن. سو تاريخ جا فيصلا اٽل حقيقت هوندا آهن، انهن کي ڪير به طاقت جي ٻل تي تبديل ڪري نه ٿو سگهي.

(شايع ٿيل: روزاني سنڌ، حيدرآباد، 10 جنوري 2013ع)

سنڌ جي نامياري اديب ۽ صحافي رڪ سنڌيءَ جو انٽرويو

سوال: پنهنجي ڄمڻ جي هنڌ، تاريخ، تعليم ۽ ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟

جواب: ادا، آئون 5 آگسٽ 1961ع تي ڪنڊيارو ضلعي نوشهروفيروز جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ جنم ورتو. پرائمري تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي. جڏهن ته ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيئيٽ ڪنڊيارو شهر جي اسڪول ۽ ڪاليج مان ڪئي. بعد ۾ آئون گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نواب شاهه ۾ بي ايس سي ۾ داخلا ورتي. پر هڪ سال بعد ڪجهه سياسي سببن ڪري 2 سالن لاءِ ڪاليج مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويس. جنهن کان پوءِ 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. ان کان پوءِ آئون ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهو شايد 1985ع جو سال هيو جو مون ڪراچيءَ ۾ اچي پنهنجي عزيزن سان رهائش اختيار ڪئي ۽ هڪ خانگي اداري ۾ ملازمت حاصل ڪري ورتي. ان دوران ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ اتي موجود ماڻهن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان بعد وري اسان جي خاندان سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. اتي هڪ يونين ڪائونسل ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ورتي. اوهان کي مزي جي ڳالهه ٻڌايان ته مون کي ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت پنهنجي شاديءَ واري ڏهاڙي تي ملي. ٿيو ايئن جو ڪراچيءَ ۾ انسپيڪٽوريٽ آف مائينس ۾ بشير احمد انصاري سنڌ جو چيف انسپيڪٽر هيو. جنهن سان ان ئي کاتي ۾ موجود پنهنجن عزيزن جي معرفت عليڪ سليڪ هئي. شاديءَ واري ڏهاڙي منهنجي هڪ عزيز سڪرنڊ مان بشير انصاريءَ سان فون تي ڳالهائيندي کيس ٻڌايو ته مون اڄ شادي ڪئي آهي. جنهن تي هن (بشير انصاري صاحب) مون سان فون تي ڳالهايو ۽ شاديءَ جي مبارڪ ڏيندي چيو ته اڄ مان اوهان جي نوڪريءَ جو آرڊر ڪڍان ٿو. اوهان اچي ٻن ڏينهن ۾ ڊيوٽي جي رپورٽ ڪيو. اهڙي طرح منهنجي شادي 12 مارچ 1987ع تي ٿي ۽ مون 15 مارچ 1987ع تي وڃي ڪراچيءَ ۾ سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي. جنهن بعد 16 سالن تائين ڪراچيءَ ۾ رهيس. منهنجا ٻه پٽ اتي ئي پئدا ٿيا ۽ پڙهيا. جڏهن تي حيدرآباد ۾ 1999ع جي آخر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي آهي.

سوال: اوهان جنهن شعبي ۾ آهيو، ان ۾ اچڻ جو پنهنجو شوق هيو يا ڪنهن کان متاثر ٿيو. يا ڪنهن جي سڀاءَ ۾ اچي ان شعبي کي اختيار ڪيو؟

جواب: آئون جولاءِ 1990ع ۾ روزاني عوامي آواز جي سب ايڊيٽر طور صحافت جو شعبو اختيار ڪيو. ان کان اڳ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم، مضمون لکندو رهندو هوس. جنهن ڪري صحافت جي شعبي سان واسطو قائم هيو. سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ صحافي جناب فقير محمد لاشاري عوامي آواز جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو. اهو اخبار جو بلڪل شروعاتي دور هيو. منهنجي فقير صاحب سان هلال پاڪستان ۾ لکڻ جي ناتي واسطيداري قائم هئي. هڪ ڏينهن لياريءَ ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته پاڻ عوامي آواز اخبار جي آفيس ۾ وٺي هليا ۽ شام جو واندو هجڻ جو ٻڌي ان ئي ڏينهن عوامي آواز ۾ ملازمت ڏني. اهڙي طرح آئون اديب ۽ ليکڪ بعد صحافي به ٿي ويس. فقير محمد لاشاريءَ جو سڀاءَ ئي منهنجو هن شعبي ۾ اچڻ جو اڪيلو سبب هيو. جنهن بعد آئون روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن وقت به روزاني سنڌ حيدرآباد سان لاڳاپيل آهيان.

سوال: هن وقت اوهان جنهن شعبي ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، ان شعبي ۾ نه هجو ها ته ڪهڙي شعبي ۾ هجو ها؟

جواب: دوست، آئون بنيادي طور تي اديب ۽ ليکڪ آهيان. مان شروعات کان سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. باقي نوڪريون ته پيٽ پالڻ لاءِ ڪرڻيون پون ٿيون. منهنجي هن وقت به ترجيح سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ کي آهي. پر معاشي مجبورين سبب ملازمت ڪرڻي پوي ٿي. آئون صحافت جي شعبي کي به ان ڪري اختيار ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان شعبي جو واسطو به لکڻ پڙهڻ سان آهي. پنهنجي ڌرتيءَ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ هيءُ شعبو به مددگار ٿئي ٿو. جيڪڏهن هن شعبي ۾ نه هجان ها ته ٻيو ڪوبه شعبو منهنجي سنڌ بابت هلندڙ تحقيق ۾ مددگار ثابت نه ٿي سگهي ها.

سوال: توهان اڄ تائين ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، انهن جا نالا ۽ انهن ڪتابن مان توهان جو ڪهڙو ڪتاب گهڻو مشهور ٿيو؟

جواب: منهنجا 6 يا 7 ڪتاب شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. منهنجي لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“، ”ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو“، ”سنڌي قوم جو مقدمو“، ”سنڌ جي سياسي صورتحال“، ”سنڌ آزادي ۽ انقلاب“، ”تاريخ جي لاٽ“، ”قاضي فيض محمد“، ”سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سنڌين جو اتحاد“، ”اڄ جي سنڌ“ ۽ ”سنڌو سڀيتا جي اوسر“ ڪتاب شامل آهن. منهنجو ڪتاب ”قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي“ تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ پڙهيو ويو. هيءُ ڪتاب مختلف سياسي ڌرين طرفان پنهنجي ڪارڪنن جي تربيتي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو. هن ڪتاب جا 2 ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. ۽ گذريل 10 سالن کان مارڪيٽ ته ڇا پر خود مون وٽ به موجود ناهي. مون ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ وڌا آهن. جن ۾ بينظير ڀٽو جو ڪتاب ”پاڪستان طوفان جي گهيري ۾“ به هڪ آهي. جڏهن ته ڪيئي ڪتاب مرتب به ڪيا آهن. جن ۾ ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“، ”سنڌي ٻولي رت رتولي“ ۽ ٻيا شامل آهن.

سوال: پنهنجي لکيل ڪتابن ۾ توهان ڪهڙين شين يا ڳالهين تي گهڻو فوڪس ڪيو آهي؟

جواب: منهنجي لکڻين جو محور پنهنجو وطن ۽ ان جا ماڻهو رهيا آهن. آئون بنياد پرستيءَ ۽ فرقيواريت جي سخت خلاف رهيو آهيان. سوشلسٽ ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ آهيان. جنهن ڪري ان موضوع تي ويجهڙائي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ جاکوڙڻ منهنجي لکڻين جو خاص محور رهيو آهي.

سوال: شعر ۽ شاعري ۾ ڪيترو شوق آهي؟

جواب: شعر ۽ شاعريءَ سان پڙهڻ جي حد تائين لڳاءُ آهي. شروعات ۾ شاعري به ڪئي پر سنڌ جي تاريخ تي ڪم نه هجڻ برابر ڏسندي شاعريءَ کي ڇڏي تحقيق جي ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. خاموشيءَ سان ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏيندو آهيان. هروڀرو جي نماءَ کان پاسو ڪندو آهيان. هروڀرو واهه واهه ڪرڻ يا پنهنجي لاءِ ڪرائڻ پسند ناهي. اصل مسئلو ڪم ڪرڻ آهي. باقي پنهنجي شان ۾ جلسا، تقريبون، شامون وغيره منعقد ڪرائڻ کان بڇان اٿم. اصل اهميت ڪم جي آهي.

سوال: ليکڪن ۽ شاعرن ۾ ڪهڙو شاعر ۽ ليکڪ کان گهڻو متاثر آهيو ۽ ڇو؟

جواب: اوهان پڇيو ته ليکڪن ۽ شاعرن ۾ ڪنهن کان متاثر ٿيو آهيان ته آئون شاهه، سچل ۽ شيخ اياز کي گهڻو پڙهيو آهي. شيخ اياز کي سنڌ جو وڏو شاعر تسليم ڪريان ٿو. ڀٽائي بلاشڪ پنهنجي دور جو وڏو شاعر هيو. پر موجوده دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر شيخ اياز آهي. جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ شيخ اياز جو ڪردار لافاني آهي. اهڙي طرح نثر ۾ سراج الحق ميمڻ ۽ آغا سليم منهنجي لاءِ وڏا نالا آهن.

سوال: جنهن شعبي ۾ توهان آهيو، ان جو مستقبل ڇا ٿا ڏسو؟ ڇا هي شعبو هلندڙ دور ۾ اخلاقيات جي اصولن جي پورائي ڪري ٿو؟

جواب: صحافت جو اصل ڪم آهي ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ، جنهن جي هميشه ضرورت هوندي آهي. جيستائين انسان هن ڌرتيءَ تي وجود قائم رکي ٿو، تيستائين صحافت جو شعبو به ساڻس لاڳاپيل رهندو. ان ۾ وقت ۽ حالتن جي حساب سان ترقي ٿيندي. نواڻ ايندي. باقي صحافتي اخلاقيات ۽ اصول وغيره ان ۾ موجود ماڻهو بڻائيندا آهن. جهڙو معاشرو هوندو. صحافت به ان جي ئي عڪاسي ڪندي. ان ۾ حالتن جي مطابق تبديليون اينديون رهنديون. ڪابه شيءَ خراب نه هوندي آهي. اصل ۾ ان کي استعمال ڪندڙ ماڻهن تي اها ڳالهه منحصر آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿا پنهنجي ڪارج لاءِ استعمال ڪن. جيئن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا آهي. ان جو استعمال اوهان تي آهي. انٽرنيٽ مان اوهان دنيا جهان ۾ ايندڙ تبديلين، نين ايجادن، علم ۽ سائنس بابت معلومات وٺڻ چاهيو ٿا يا ان کي اڪيلائي ۾ ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا. اهو اوهان تي منحصر آهي. اوهان ڪهڙو ٽي وي چينل ڏسڻ پسند ڪريو ٿا. ان جو ريموٽ ڪنٽرول جي صورت ۾ اختيار اوهان وٽ آهي.

سوال: توهان هڪ ليکڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان جو مستقبل ڇا ٿا ڏسو؟ ۽ نوجوانن کي ڪهڙيون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن؟

جواب: پاڪستان اصل ۾ هتي موجود قومن جي وجود جو نالو آهي. ان جي پنهنجي ڪا به علحده حيثيت ناهي. جيڪڏهن هتي موجود قومن جو مستقبل سڻائو ٿيندو ته ان سان پاڪستان جو مستقبل به محفوظ رهندو. ان لاءِ نوجوانن کي علم ۽ هنر سان پاڻ کي هٿياربند ڪرڻو آهي. پنهنجي ذميواريون ايمانداريءَ سان ادا ڪرڻيون آهن. هيءُ چٽاڀيٽيءَ جو دور آهي. هتي رعايتون طلب نه ڪيو پر پنهنجي علم ۽ لياقت سان پنهنجي اهميت مڃرايو. سڄي دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. علم ۽ سائنس جي حساب سان سرحدون بي معنى بڻجي چڪيون آهن. سنڌي نوجوان پنهنجي ٽيلنٽ ذريعي سڄي دنيا ۾ هليا وڃن. سڄي دنيا سندن ديس آهي.

سوال: ملڪ جي تعليمي ادارن لاءِ ڇا چوڻ چاهيندوءِ؟

جواب: سنڌ جي تعليمي ادارن کي حافظ پئدا نه ڪرڻ گهرجن، پر اسان کي ماهر گهرجن. خاص ڪري يونيورسٽين ۾ جديد علم، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي. اسان کي ڊگرين وارا ڪلارڪ ٽائيپ بابو نه گهرجن. پر پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪا نئين تحقيق ڪندڙ سائنسدان گهرجن. هن وقت اسان جون يونيورسٽيون جاهلن جون فوجون تيار ڪري رهيون آهن. يونيورسٽين اندر پروفيسر کي پنهنجي شعبي ۾ ڪا نئين تحقيق ڪرڻ بدران پنهنجي هائوس رينٽ ۽ پگهار وڌائڻ جو وڌيڪ فڪر آهي. اهو رجحان بند ٿيڻ گهرجي.

سوال: توهان جي ڪهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟ زندگيءُ جو ڪو يادگار واقعو؟

جواب: آئون چاهيان ٿو ته معاشي مجبورين مان فارغ ٿيڻ بعد ايترو وقت ملي جو پنهنجي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ واري پروجيڪٽ کي مڪمل ڪري سگهان.

[b]ورتل: 9 آگسٽ 2010ع
[/b](سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي جرنل ۾ شايع ٿيل، شمارو آگسٽ 2010ع)

قاضي فيض محمد هڪ آدرشي انسان

(رڪ سنڌي جي ڪتاب ”قاضي فيض محمد“ تي تبصرو)

واحد پارس هيسباڻي

اياز ڏات کي نه پر سچ کي وڏي شيءِ چيو آهي ۽ اهو سچ جيڪو مچ مچائي، ان مچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. قاضي فيض محمد ڏات ڌڻي به آهي، هن سچ لکيو به، سچ ڳالهايو به ۽ سندس ان سچ مچ به مچايو. هي سنڌ جي انهن تمام ٿورن اديبن، سياستدانن ۽ سماج سيوڪن مان هڪ آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار هڪ آدرشي طور گذاري ڇڏي، جيڪي ’ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان‘ جي اصول تي ڪاربند رهيا. قاضي فيض محمد وٽ پُر آسائش زندگي گذارڻ لاءِ ڇا نه هيو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته آرام سان پنهنجي حياتي گذاري پئي سگهيو، پر هن پنهنجي لاءِ اهو رستو چونڊيو، جنهن کي عام طور تي ڪنڊن وارو رستو چيو ويندو آهي، هن ٿڌي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ ڌر تتيءَ جو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن رستن ۽ جهرجهنگ ۾ هلڻ پسند ڪيو. هو سٺو وڪيل هو، پر هن پنهنجي ساٿي وڪيلن جيان اها وڪالت دولت، مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاءِ نه ڪئي، پر ان کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت جو ذريعو بڻايو. وڪالت مان کيس جيڪي ٻه چار ڏوڪڙ حاصل ٿيندا هئا، اهي گهر جي دال ماني، ڪتابن، پمفليٽ ڇپائڻ، جلسا، جلوس ڪرائڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. سندس زندگي ڪل موڙيءَ جو اندازو آخري وقت ۾ لکيل سندس هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو: ’مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان يعني جيڪي سموري عمر وڪالت جي ڌنڌي مان لکين روپين جي انداز ۾ ڪمايم سي سڀ وطن ۽ ان جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو ٿو پوي. زماني جي حڪومتن گهر زمينون به سياسي عداوت ڪري کسجي وڃن ٿيون. هن وقت مون وٽ 1500 رپيا ۽ ڪپڙا اٿم.‘
قاضي فيض محمد جيڪو به ڪم ڪيو، اُهو خاموشي سان ڪيو ۽ خود ثنائي کان مٿانهون رهيو. سندس چوڻ هو ته: ’ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي، پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو مان سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي‘. ساڳئي نموني سندس اهو به چوڻ هو ته ’مان شخصيت پرستي کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان، عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، عوام کي موتي ۽ هيرو بڻائجي، شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءِ ناهي‘. قاضي فيض محمد پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ گهڻ رخو نظر اچي ٿو. هُن جو جيڪو ڪم آهي، ان تي کيس جيتري به ڀيٽا ڏجي اُها گهٽ آهي.
تازو رڪ سنڌي قاضي فيض محمد جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب سامهون آندو آهي، جيڪو قاضي فيض محمد فائونڊيشن ڇپرايو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي الاٽي تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي ٻن اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي، هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي ڪي ڪتاب ڏيندو‘.
23 نومبر 1908ع تي هالاڻي ۾ جنم وٺندڙ قاضي فيض محمد 13 آڪٽوبر 1982ع تي پنهنجي آخري ساهه تائين سنڌ ۽ سنڌ جي هارين، نارين ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ سوچيندو رهيو. علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان وٺي سنڌ هاري ڪميٽي، مسلم ليگ، آل پاڪستان عوامي اتحاد، سنڌ عوامي محاذ سميت جنهن به تنظيم ۾ رهيو، اُتي سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪندو رهيو. سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ قاضي فيض محمد اُهو ٻيو ماڻهو هو، جنهن سنڌي قوم، هتان جي پورهيت عوام جي خوشحالي لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ ڏنو. هتي جنهن به پورهيتن جي مفادن تي ميري اک رکي، قاضي فيض محمد ان سان ٽڪر کاڌو، هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. کيس خريد ڪرڻ ۽ جهڪائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، پر هي پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پوري قوم سندس نالو عزت ۽ احترام سان وٺي ٿي ۽ سندس ذڪر سنڌ دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.
قاضي فيض محمد جي سياسي زندگي کانپوءِ سندس ادبي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اُها به شاندار قسم جي نظر اچي ٿي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڪيس وڙهيو، سندس ٽئي ناول ’جنسار‘، ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۽ ’اڻ ڄاڻ‘ شاندار ناول آهن. ’جنسار‘ ناول جيڪو هن 1954ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ان ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي. ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۾ هن مستقبل جي دنيا جو نقشو چٽيو آهي ۽ سائنسي ترقي جي فائدن کي بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي شاهڪار ناول آهي، جيڪو وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي. ساڳئي نموني سندس ناول ’اڻ ڄاڻ‘ پڻ پڙهڻ وٽان آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب ’سورن سندي سيج، دردن سندو داستان، علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ‘ به پنهنجي دور جي تاريخ آهن. قاضي فيض محمد جي لکڻ جو انداز سڌو ۽ کرو هيو، هو ڪابه ڳالهه رومال ۾ لکائي پيش ڪرڻ وارن مان نه هو، ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر سچ کي جيئن جو تيئن لکڻ سندس عادتن ۾ شامل هو.
ڪتاب ’قاضي فيض محمد‘ ۾ قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو، سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪن پاسن کان اڻواقف آهن، هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهن اڳيان اُهي سمورا پاسا کُلي سامهون اچن ٿا. رڪ سنڌي ايڏي وڏي شخصيت جي سوانح حيات لکي سچ زبردست ڪم ڪيو آهي. حقيقت اِها آهي ته پاڻ هنن ماڻهن جي محنتن، خدمتن جو قرض ته نٿا لاهي سگهون، پر ههڙي نموني کين خراج ضرور پيش ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون وڏيون شخصيتون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪيا، پر اهي اڪثريت جي اکين اڳيان نمايان ناهن. جيڪڏهن اسان اهڙي نموني پنهنجين انهن شخصيتن جي ذات ۽ ڪردار تي لکون ته اِهو وڏو ڪم هوندو. قاضي فيض محمد تي جيتوڻيڪ هينئر تائين گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي، پر هن جو ڪم ايترو ته وڏو آهي، جو گهڻو لکيو به ٿورو محسوس ٿئي ٿو.
هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي شخصيت، ان جي سياسي جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڌار ڌار نموني بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ نه رڳو قاضي فيض محمد جي ذات ۽ ڪردار جي پروڙ پوي ٿي، پر سچ ته دل ۾ ان لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو اڃا وڌي وڃي ٿو. قاضي صاحب پنهنجي ڪجهه سالن جي ڄمار ۾ صدين جيترو ڪم ڪري ويو آهي. سندس ڪردار کي هي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن پنهنجي ماڻهن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اُها تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکي ويندي. پاڻ پنهنجي دور جي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سياست جو سخت مخالف رهيو. هُن ڪڏهن به وزارتن لاءِ سياست نه ڪئي، پر سندس سياست جو مقصد عوام جي خدمت هو، ان جو اندازو سندس هن جملي مان به ٿئي ٿو: ’سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي، مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن، جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي خاص ڪري مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستي جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي، جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون، پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بڻجي رهيا آهن‘.
ان دور ۾ جڏهن پاڻ وارا سياستدان انگريزن جا پير ڇُهي، تمغا، لقب ۽ مال ملڪيتون وٺندا هئا، تڏهن قاضي فيض محمد ان قطار ۾ بيٺل هوندو هو، جيڪي غلاميءَ کي ذلت سمجهندا هئا ۽ آزاديءَ ۾ ايمان رکندا هئا. مجموعي طور تي قاضي فيض محمد جي زندگي اسان لاءِ هڪ مثال آهي، هو سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو. اهڙا ماڻهو عوام جي دلين ۾ وسندا آهن ۽ انهن کي موت ڪڏهن به ماري ناهي سگهندو.

(ڇپيل روزاني عبرت حيدرآباد، 11 جولاءِ 2010ع)

رڪ سنڌي جو تعارف

رڪ سنڌي 5 آگسٽ 1961ع تي تعلقي ڪنڊياري ضلع نواب شاهه جي ڳوٺ حامد اڄڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس نالو اصلي نالو غلام اصغر منگي آهي. هن سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. پاڻ روزاني سنڌ سجاڳ جي ايڊيٽر ۽ روزاني جاڳو ڪراچي جي ايڊيٽر ۽ پبلشر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن ته روزاني عوامي آواز ڪراچي، روزاني سچ ڪراچي، روزاني سوڀ ڪراچي، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، روزاني سنڌ حيدرآباد ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مختلف صحافتي تنظيمن ۾ شامل رهيو آهي.
رڪ سنڌي سنڌ جي حقن خاطر مختلف قومپرست ۽ ترقي پسند تنظيمن ۾ به سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هو گذريل 20 سالن کان ادب، سياست ۽ صحافت سان لاڳاپيل هجڻ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق رهيو آهي، جن ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇاپيل آهن. جڏهن ته سندس سوين مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.

[b]ڪتابن جي فهرست:
[/b]
1. سنڌو سڀيتا جي اوسر (تحقيق)
2. سنڌو سڀيتا جي محقق (تحقيق)
3. سنڌو سڀيتا، آرين ۽ دراوڙن وارو مفروضو (تحقيق)
4. قومون ۽ قومي تحريڪ آزادي (سياسي صورتحال)
5. ٽوڙهي ڦاٽڪ جو سـانحــو (تاريخ ۽ سياسي صورتحال)
6. سنڌي قوم جو مـقـدمــو (تاريخ، سياسي صورتحال)
7. سنڌ جي سياسي صورتـحــال (سياسي صورتحال)
8. تاريخ جي لاٽ (ادب)
9. قاضي فيض محمد (سوانح)
10. ســنڌ جي قـومـي تـحـريـڪ ۾ سـنڌين جو اتحاد (مقالا ۽ مضمون)
11. اڄ جي سنڌ (مقالا ۽ مضمون)
12. منهنجون يادگيريون (سوانح)
13. ڏتڙيل ديس جي ڪهاڻي (مقالا ۽ مضمون)
14. سُکي ڌرتي، ڏکويل ماڻهو (مقالا ۽ مضمون)
15. پاڪستان طوفان جي گهيري ۾ (بينظير ڀٽو جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو)
16. سنڌي ٻولي رت رتولي (ترتيب)
17. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي (ترتيب)