سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري عالم، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”سنڌي صورتخطي“ اوھان اڳيان حاضر آھي.
سنڌي صورتخطي جي حوالي سان ھي ڪتاب دستاويزي حيثيت رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ انھن سوالن جا جواب پڻ ڏنل آھن تہ موجودہ سنڌي صورتخطي يعني عربي – سنڌي صورتخطيءَ جي شروعات ڪڏھن ٿي، ڪنھن ڪئي، ۽ ڪھڙي دور ۾ ڪئي؟ ھي ڪتاب سنڌي صورتخطي جي سلسلي ۾ ھڪ قسم جو ٽيڪنيڪل ڪتاب بڻجي ويو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران 1964ع ۾ ڇپايو ويو. 1993ع ۾ ڇپايل چوٿين ڇاپي جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي