آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

پردا سڀ پاسي ٿيا

”پردا سڀ پاسي ٿيا“ هڪ محنتي شاگردياڻي، ذمہ دار اُستاد، پرخلوص ۽ محبتي مزاج واري شخصيت جي زندگيءَ جو داستان آهي. مون هن داستان جو فقط مسودو نہ پڙهيو آهي بلڪہ خود ”صبا“ کي بہ پڙهيو آهي. سندس حساس طبيعت، اٽل ارادو، يادگيري ۽ حافظي جي قوت، ماڻھو شناسيءَ جو ذوق اعليٰ درجي جو آهي جو هر هڪ وٽ ڏِسڻ ۾ نہ ايندو، خاص طور سندس ياداشت غضب جي آهي.“
آتم ڪٿا ’پردا سڀ پاسي ٿيا‘ ۾ زندگيءَ جي سڀني پَـھَلوئن ڏُکن، سُکن، خوشين، غمين تي لِکيو ويو آهي. توڻي جو ليکڪا نورالصباح قاضي جي قلم مان سرجِيَل هيءَ پھرين تخليق /پھريون ڪِتاب آهي، پر اوهان جڏهن هِن آتم ڪٿا کي پڙهندا تہ اِهو بِلڪل وِساري ويھندا تہ واقعي ليکڪا جو لکيل هي پھريون ڪِتاب آهي.
  • 4.5/5.0
  • 444
  • 123
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پردا سڀ پاسي ٿيا

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : پردا سڀ پاسي ٿيا
ليکڪه: نورالصباح قاضي
ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2020ع
ٽائٽل ڊزائين: مور ساگر
ڪمپوزنگ: نعمان علي جوڻيجو ۽ ماجد علي جوڻيجو
ڇپائيندڙ : ساحل پبليڪيشن حيدرآباد ظيش
ڇپيندڙ: ساحل پرنـٽرز حيدرآباد. 03332634650
قيمت: -/500 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

پاڻ پردو پاڻ کي، طالب! سڻج تون

پاڻ پردو پاڻ کي، طالب! سڻج تون،
نڪا هان نه هون، پردا سڀ پاسي ٿيا.
(شاهه لطيف - سُر آسا)

Oh Seeker! Know this, `Self is the barrier`
Remove it and you will find way clear.
(Translated by: Amena Khamisanai)

ارپنا

پنهنجي آتم ڪٿا جو هيءُ قلمي پورهيو ارپيان ٿي، پنهنجي مرحوم بابا سائين ۽ امڙ جيجل کي
جن مونکي پيار ڏئي
اُتساهه ڏِنو
اُنهن جي ڏِنل علم جي روشني منهنجي هٿن ۾ لکڻ جي سگهه پيدا ڪئي. شال جنت الفردوس ۾
اعليٰ درجي تي هُجن.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پردا سڀ پاسي ٿيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب پروفيسر نور الصباح قاضي جو لکيل آھي. پروين موسيٰ ميمڻ لکي ٿي:
”پردا سڀ پاسي ٿيا“ هڪ محنتي شاگردياڻي، ذمہ دار اُستاد، پرخلوص ۽ محبتي مزاج واري شخصيت جي زندگيءَ جو داستان آهي. مون هن داستان جو فقط مسودو نہ پڙهيو آهي بلڪہ خود ”صبا“ کي بہ پڙهيو آهي. سندس حساس طبيعت، اٽل ارادو، يادگيري ۽ حافظي جي قوت، ماڻھو شناسيءَ جو ذوق اعليٰ درجي جو آهي جو هر هڪ وٽ ڏِسڻ ۾ نہ ايندو، خاص طور سندس ياداشت غضب جي آهي.“
آتم ڪٿا ’پردا سڀ پاسي ٿيا‘ ۾ زندگيءَ جي سڀني پَـھَلوئن ڏُکن، سُکن، خوشين، غمين تي لِکيو ويو آهي. توڻي جو ليکڪا نورالصباح قاضي جي قلم مان سرجِيَل هيءَ پھرين تخليق /پھريون ڪِتاب آهي، پر اوهان جڏهن هِن آتم ڪٿا کي پڙهندا تہ اِهو بِلڪل وِساري ويھندا تہ واقعي ليکڪا جو لکيل هي پھريون ڪِتاب آهي.
هي ڪتاب ساحل پرنٽرز حيدرآباد پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي، مھربانيون ڀيڻ نور الصباح قاضي صاحبہ جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر پاران

پاڻ پردو پاڻ کي، طالب! سڻج تون،
نڪا هان نه هون، پردا سڀ پاسي ٿيا.
سُھڻي لطيف سرڪاررح جي هِن بيت سان آتم ڪٿا ’پردا سڀ پاسي ٿيا‘ جو آغاز ٿئي ٿو، جنھن ۾ زندگي جي سڀني پَـھَلوئن ڏُکن، سُکن، خوشين، غمين تي لِکيو ويو آهي. توڻي جو ليکڪا نورالصباح قاضي جي قلم مان سرجِيَل هيءَ پھرين تخليق /پھريون ڪِتاب آهي، پر اوهان جڏهن هِن آتم ڪٿا کي پڙهندا ته اِهو بِلڪل وِساري ويھندا ته واقعي ليکڪا جو لکيل هي پھريون ڪِتاب آهي.
هِن آتم ڪٿا ’پردا سڀ پاسي ٿيا‘ ۾ ليکڪا اوهانکي جيڪي يادگيرين جا ڳوٺ گُهمائي ٿي، اُن ۾ نه صرف يادگيرين جا ڳوٺ پر اُنھن يادگيرين جي ڳوٺن کي بيتن/ شعرن جا اڏيل ڪوٽ وڌيڪ سَت رَنگو بڻايو بيٺا آهن. جنھن سان آتم ڪٿا جي سونھن وڌيڪ نِکريل نظر اچي ٿي.
ليکڪا نورالصباح قاضي ننڍپڻ کان ڪاليج، ڪاليجي سرگرمين، نوڪري، شادي، رٽائرمينٽ تائين پنجن بابن ۾ پنھنجي زندگيءَ کي آڻي اوهان آڏو رکي ٿي. مونکي قوي اُميد آهي ته ادبي کيتر ۾ هيءَ آتم ڪٿائي ڪِتاب پنھنجي الڳ حيثيت ٺاهيندو.
ساحل پبليڪيشن جو ڇپيل هي ڪِتاب اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنھنجي راءِ جو اظھار ضرور ڪندا.
اوهانجو پنھنجو

مور ساگر
03332634650
03002634650

مھاڳ: سُٽ تنين جو سڦرو

جا سنھو نه سکي، سا مَر رنڍا ئي روڙي،
سُٽ تنين جو سڦرو، ويا ترازيءَ توري،
ٿلھي ۽ ٿوري، ويچاريءَ سان وڙَ ٿيو.
(1-2 سر ڪاپائـتي)

”پردا سڀ پاسي ٿيا“، جي عنوان سان پروفيسر نورالصباح قاضيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ جو مسودو مھاڳ لِکجڻ لاءِ اڄ منھنجي هٿن ۾ پوسٽ ذريعي پھتو آهي، جنھن جو مونکي شدت سان انتظار پُڻ هو ۽ بنا دير لکڻ شروع ڪيو اٿم. نورالصباح/ صبا جا منھنجي ڪاليج جي ساٿياڻي ۽ ساهيڙي آهي. جنھن سان سالن جو دوستيءَ جو ناتو آهي ۽ مون ئي کيس اصرار ڪري انھيءَ تي آماده ڪيو ته هوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي لکي. (ڇو ته منجهس لِکڻ جو ڏانءُ ڪاليج جي زماني کان ڏِٺو اٿم جنھن جي مونکي ڄاڻ آهي) پر هِن ڪسرنفسيءَ کان ڪم وٺندي چيو ته: ”پروين ! آئون ڪا ايڏي وڏي ليکڪا يا مشھور شخصيت نه آهيان جو آتم ڪھاڻي لِکان ۽ منھنجي آتم ڪھاڻي پڙهڻ لاءِ ڪنھن کي دِلچسپي ڇو ٿيندي؟!“ منھنجو مؤقف اهو هو ته: ”تون آتم ڪھاڻي لک ۽ بھترين لکي ويندين ۽ سڀ پڙهندا ۽ ضرور پڙهندا“ هِن کي مون کان سواءِ ٻين به اهو شوق ڏياريو پر درحقيقت سندس اندر جو اِهو لکڻ جو شوق ۽ جذبو هو جنھن جي ڪري چئن سالن جي محنت کانپوءِ اِهو ڪم پايهء تڪميل تي پُھتوآهي ۽ سڀ پردا پاسي ٿي ڪِتاب اوهان جي هٿن ۾ آيو آهي.
آتم ڪھاڻي تحقيق پنھنجي وقت جو هڪ تاريخي دستاويز آهي. جنھن مان لِکندڙ جي شخصي احوال سان گڏ سندس زماني جي فردن، وقت جي حالتن جي پروڙ پوَي ٿي. جارج برنارڊشا لکيو آهي ته:
The man who writes about himself and his own time is the only man who writes about all people and obout all times.
سو آتم ڪھاڻي نه فقط علم ۽ ادب جو حِصو آهي پر لکندڙ جي بيان ۾، ماڳن، مڪانن (جن سان سندس ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان تعلق رهيو آهي) سان گڏ انھيءَ دؤر جي سياسي، سماجي، قومي، معاشي، ثقافتي ۽ تاريخي حالتن جا عڪس پُڻ پسجن ٿا.
آتم ڪھاڻي لکڻ ۽ سچو پچو احوال لِکڻ هڪ وڏي دِل گُردي جو ڪم آهي. علامه آءِ آءِ قاضي آتم ڪھاڻيءَ کي فقط ”سچ جي اُپٽار“ سڏي ٿو. هڪ رواجي پڙهيل ڳڙهيل ماڻھو به جيڪڏهن سچ جي سُونھن ۽ بي ريائيءَ سان پنھنجي يادگيرين کي قلمبند ڪري ٿو ته وڻندڙ بيان سان اِهو هڪ دلپذير ڪِتاب شمار ٿي سگهي ٿو ۽ اُن جي برعڪس ڪو سائنسدان، سياستدان، سماجي ڪارڪن يا علم ادب ۽ آرٽ جو معروف شخص به جيڪڏهن پاڻ پڏائڻ، وڏائي ۽ هو پنھنجي ڪوڙي واکاڻ واري ڪٿا لِکي عام جي اڳيان آڻيندو ته نه ڪو اُن کي پڙهندڙن وٽ مانَ مِلندو ۽ نه ئي اهڙيءَ تحرير جي ڪا اثر انگيزي پڙهندڙ تي ٿيندي. اهڙي طرح سان ڪتاب جي موضوع کي پُڻ ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو.
آتم ڪھاڻيءَ جي صنف ادب ۾ سُکي هوندي به ڏُکي آهي. اهو ڪو رواجي ڪم نه آهي ۽ نه ئي هر ماڻھو انهيءَ کي لکي سگهي ٿو. امداد حسيني ته ايتريقدر چوَي ٿو ته: ”آتم ڪھاڻي لِکڻ جهڙوڪ پُل صراط ٽِپڻ آهي“ (لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪهاڻي ”وهي کاتي جا پنا“ جي مھورتي تقريب 2006ع ۾ چيائين) آتم ڪھاڻي هڪ شخص جو پنھنجي حياتيءَ ۾ پاڻ بابت لکيل احوال آهي، جنھن ۾ يقيناّ مُڪمل زندگيءَ جو احاطو نٿو ٿيئي. پر انھيءَ جي باوجود به سندس لِکيل انھيءَ احوال مان هِن جي حياتيءَ جي ڪيترن ئي رُخن تي روشني پوَي ٿي، هو پنھنجي ۽ پنھنجي دوستن، مِٽن مائـٽن ۽ گڏ ڪم ڪندڙن بابت جيڪا قلمي طور ونڊ پنھنجي پڙهندڙن سان ڪري ٿو، انھيءَ پڙهڻ سان نه فقط سندس سوچون، خيال، خواهشون، جذبا ۽ عمل سامھون اچن ٿا. پر ٻيا پُڻ انھيءَ مان گهڻو ڪجهه پرائين ٿا.
”پردا سڀ پاسي ٿيا“ هڪ محنتي شاگردياڻي، ذمه دار اُستاد، پرخلوص ۽ محبتي مزاج واري شخصيت جي زندگيءَ جي داستان آهي. مون هن داستان جو فقط مسودو نه پڙهيو آهي بلڪه خود ”صبا“ کي به پڙهيو آهي. سندس حساس طبيعت، اٽل ارادو، يادگيري ۽ حافظي جي قوت، ماڻھو شناسيءَ جو ذوق اعليٰ درجي جو آهي جو هر هڪ وٽ ڏِسڻ ۾ نه ايندو، خاص طور سندس ياداشت غضب جي آهي. سندس ئي ڏِنل شيخ اياز جي شعر موجب ته:
”اهي وِساريل ورق ماضيءَ جا، وري دِل تي تري آيا“
سو هِن بنا ڪنھن نوٽس ٺاهڻ جي ۽ ڪنھن به ڊائريءَ ۾ ڪي يادگيريون نه لکڻ جي باوجود ذهن تي زور ڏيندي پنھنجي چار سالن جي عمر جي ياداشت هڪ تسلسل ۾ آڻي اڄ تائين جا ويچار پنھنجي پڙهندڙن سان شيئر ڪيا آهن.
304 صفحن جي هن آتم ڪھاڻيءَ جا پنج باب آهن جنھن ۾ پھريون خانداني پس منظر، ٻيو جنم ڀومي ضلعي جو سماجي، سياسي ۽ علمي پس منظر باب ٽيون، جنم کان مئٽرڪ تائين جو احوال، باب چوٿون، زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان ۽ پنجون ڪاليجي زندگيءَ کان تاحال جواحوال.
سندس ڏِنل ترتيب وڻندڙ آهي، پر جيڪڏهن انھيءَ ۾ باب چوٿون زندگيءَ جي ڪارهنوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان، آخري باب هجي ها ته مئٽرڪ کان پوءِ ڪاليجي زندگي هڪ ساڳئي تسلسل ۾ اچي ها، پر ممڪن آهي ليکڪا جي يادن ۾ آيل اُهي واقعا وقتاّ فوقتاّ انھيءَ ريت آيا هجن جو هن انھيءَ ترتيب تحت لکڻ بھتر سمجهو.
هيءَ آتم ڪھاڻي ڪردارن ۽ فنون جا اڻ ڳڻت رُخ ڏيکاري ٿي. حياتيءَ ۾ ڪيترائي ڪِردار انسان جي سامھون ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. جن مان ڪي ايترا ته مظبوط ۽ سگهارا هوندا آهن. جن جو ياداشت جي ڦرهئي تان مٽجي وڃڻ ناممڪن هجي ٿو. نورالصباح جي زندگيءَ ۾ پڻ اهڙيون ڪيئن شخصيتون پنھنجو عڪس ڇڏي ويون آهن جي کائنس وِسري نه سگهيون آهن، اُنھن جيئرن جاڳندن، سگهارن ڪِردارن کيس دِلي ۽ دِماغي طور انھيءَ تي آماده ڪيو ته هوءَ سندن بابت قلم کڻي.
سندس هن ڪتاب ۾ محنتي ۽ محبتي استادن جي ڪثرت پسجي پئي، سندس پنھنجا اسڪول ۽ ڪاليج جا اُستاد جيئن دادي اربو، دادي رضيه، دادي افضل، دادي اقبال، دادي ڊيلان، بدر قاضي (ڊاڪٽر قمر واحد جي ڀيڻ) آپا زينب قاضي، زبيده چاند، دادي ليلان هرچنداڻي، مس خالده خانم، آپا زبيده قادري، آپا قدسيه مفتي، آپا نجمه شيخ ۽ ٻيون هن، جيڪي هن کي ڪڏهن به وسري نه سگهيون آهن. سندس ڪاليج جي تعليم دوران جون ساهيڙيون رضيه، پري، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، رخسانه قاضي ۽ ٻيون جن سان نورالصباح جو يادگار وقت گذريو ته اُنھن ڪاليجي ساهيڙين سان گڏجي ابنِ رشد ڪاليج ۾ سنڌي فنڪشن جو بُنياد پُڻ وڌائون. اهو ثقافتي سرگرمين جو قدم ميرپورخاص جھڙي ننڍي شھر ۾ سنڌيت ۽ قوميت جو اهڃاڻ ٿي ويو ۽ پوءِ اڪثر ڪامياب لطيف ڊي هن ڪاليج ۾ ٿيا، جن ۾ نورالصباح جي وڏي ڪنٽريبيوشن آهي، هن سنڌي نياڻين ۾ لڪيل ٽيلينٽ کي ٻاهر آندو. مونکي ياد آهي 1993ع کان 1998ع تائين آئون پڻ ميرپورخاص ۾ انھيءَ ڪاليج ۾ صبا سان گڏجي ڪم ڪندي هيس، تڏهن ڏِسندي هيس ته هوءَ شاهه عبداللطيف ڏهاڙي لاءِ وڏي محنت ڪندي هئي ۽ مون ۽ حميده کي انھيءَ لاءِ زور ڀريندي هئي، ته وڌيڪ ڌيان ڏيون پروگرام اهڙو ٿيئي جو ڪاليج ۾ ملھايل هفتي جو بھترين پروگرام ”لطيف ڊي“ ٿئي.
لغاري ڇوڪرين کان سنڌ جي نقشي واري رِلي اڳواٽ گهرائي رکندي هئي، اسٽيج کي سھڻين رِلين ۽ وڃڻين سان سينگاريندا هئاسين، شروع شروع ۾ ته آئون صبا جي چوَڻ تي هلندي هيس جو هوءَ (HOD) هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هئي (حالانڪه انھي ۾ اها ڳالھه نه هئي) پوءِ مون کيس مشورا به ڏيڻ شروع ڪيا ۽ آخري فنڪشن ۾ ڪي ميمڻ ڏيپلائي ڇوڪريون پُڻ آندم جن وٽ ڪاسمٽيوم به سُٺا هئا ته ايڪٽنگ به سُٺي ڪيائون ۽ صبا منھنجي ۽ حميده جي صلاحن کي مانَ به ڏيندي هئي. HOD تي ياد آيم جڏهن آئون حيدرآباد مان ميرپورخاص بدلي ڪرائي آيس، تڏهن مس ڪاظميءَ وٽ صبا مون کي وٺي هلي بلڪه هُن اسان کي گهرايو هو، مون کي ڏِسي چيائين، ”آپ کونسی کلاس لیں گی“ مون صبا سان ڪو به مشورو ڪرڻ بغير ئي چيو ته ”مس بي اي فائنل“، ڇو جو حيدرآباد ۾ آئون بي اي کي پڙهائيندي هُيس. حلانڪه ڪاليج ۾ جونيئر ٽيچرز فرسٽ ايئر ۽ انٽر ۽ سينئر ٽيچر ڊگري ڪلاسن کي پڙهائندا آهن ۽ ڪلاسز هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ کين ورهائي ڏينديون آهن. پر مون کي اِها خبر نه هئي سو ٺھه پھه خود ئي فيصلو ڪري جواب ڏئي ڇڏيم، مس ڪاظمي صبا ڏي مُشڪي نيھاريو، پر شابس هجي نورالصباح کي هُن منھنجو اهوچوَڻ ذرو به مائنڊ نه ڪيو، پاڻ خوشدليءَ سان چيائين ته ، ”ڀلي توهان بي اي کي پڙهايو، آئون انٽر وٺنديس“. اهو احساس مون کي پوءِ اڳيان هلي ٿيو، انھيءَ وقت ته آئون نئين نئين ليڪچرر لڳي هيس، انھن اصولن جي خبر ڪونه هئم پر جڏهن ڄاڻ پيم تڏهن نورالصباح جي مزاج ۽ سھپ جي قائل ٿيس. منجهس برداشت همت ۽ دوستيءَ جو جذبو اُتم آهي. باقي سو خود طرفان لاپرواهه رهي جو فنڪشنن جو فڪر رکي خود کي بيمار ڪري وجهندي هئي. بلڊپريشر هاءِ ٿي ويندو هئس. نورالصباح منھنجي ابنِ رشد ۾ اچڻ کان اڳ ۽ مون کان پوءِ به (آئون ڇهه سال رهيس) جيڪي لطيف ڊي ڪراياسي انتھائي ڪامياب ٿيا. انھيءَ کان پوءِ ته اهڙا فنڪشن ڏِسڻ ۽ ٻُڌجڻ ۾ ڪونه آيا. انھيءَ جو وڏو سبب سندس محنت، ادب ۽ ثقافت سان پيار ۽ ان جي مظبوط معلومات شاگردياڻين جي پروگرام لاءِ چونڊ ۽ پنھنجي ڊپارٽمينٽ کان ڪم وٺڻ جي صلاحيت هئي.
سندس زندگيءَ ۾ اها ڳالھه اهم آهي ته هوءَ هر هڪ کي اهميت ڏيندڙ رهي آهي. جيڪا ڳالھه هن ڪتاب مان پُڻ بکي پئي. هِن ڪِتاب لکڻ ۾ صبا پنھنجي حياتيءَ ۾ آيل ننڍن وڏن سڀني ڪِردارن کي ياد ڪيو اهي، عارف پٽيوالو، سيٺيو ٽانگي وارو، نشاط اسٽوڊيو جو نذر ڀائي، مائي بادلي، امان جي، ڪستوري حليمه جي ماءُ، پياري چوهاڻ، پوڙهي شڪوري، کنڊٻائي، هري رام، يارو خان، حُرتحريڪ جي بوا ڌاڻو، سينٽ مائيڪل جون راهبائون، لطيفان ڊاڪٽرياڻي، زينت ٽالپر، ڊاڪٽر زبيده يوسف خواجه، بيگم رفيق، زبيده ريشمان، فنڪشن ۾ گهرايل خاص مھمان ۽ پروفيسر، ڊپٽي ڪمشنر منظر اڪبر، رفيعه منظر، ڪمشنر امتياز قاضي، پير مظھرالحق، شھناز مظھرالحق، پروفيسر امينا خميساڻي، پناهه علي شاهه، رضيه شاهه، آپا قمرکوکر، آپا ممتاز مرزا، آپا رشيده حجاب، آپا مريم نوحاڻي، ضلعي ناظمه صغران جوڻيجو، خوش بخت شجاعت ۽ ٻيا فرد جن سان ملاقاتون هيون، هن ياد رکيا آهن ۽ ڪاليج اسٽاف جتي سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو گُذريو، اهي به تقريباّ سڀ دِل سان ياد ڪيا اٿس. پرنسپل مس سعيده ڪاظمي، مس فاطمه بخاري، مس اقبال ڏيٿو، مس سھيله بخاري، شميم زيدي، عابده رحمان، رضيه آرائين، هدايت بلوچ، ڪشمير سومرو، سنڌي ڊپارٽمينٽ جون حميده قاضي ۽ پروين موسيٰ (راقم الحروف) ۽ ٻيون انھيءَ ۾ شامل آهن.
ميرپورخاص جا اسڪول هڊسن، دارالنسوان، سينٽ مائيڪل، پرتاب ڀون گرلز هاءِ اسڪول، ابنِ رشد ڪاليج ۽ ٻيون عمارتون اهڙيءَ ريت بيان ڪيل آهن. ڄڻ اسين اُتي موجود آهيون ۽ تحقيق منھنجو پنھنجو حياتيءَ جو ڳچ حِصو انھن ئي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ ميرپورخاص جي ماڻھن سان گڏ گُذريو آهي، انھيءَ ڪري پڙهڻ ۾ لُطف آيم، ميرپورخاص فقط سنڌڙي انبن کان مشھور ڪونھي پر هتي جي ماحول ۾ ادب ۽ ثقافت جي خوشبو انبن جي خوشبوءَ کان به اثرائتي آهي، جا فقط مھينو/ٻه مھينا نه پر سالن ۽ صدين کان قائم آهي. جِتي ڪيترائي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا ۽ ٿي رهيا آهن. جن مان چند جيڪي نورالصباح سان واسطي ۾ رهيا آهن، اُنھن کي هن بلڪل ڀيٽا ڏِني آهي، جيئن آپا نجمه شيخ، ڊاڪٽر تھمينه مفتي، ڪشمير سومرو، حسينا ساند، امر سنڌو، طاهره لغاري، گُلشن سنڌو سان گڏ مونکي ۽ ٻين کي ياد ڪيو اٿس.
تحقيق هيءَ آتم ڪھاڻي ڪِردارنگاري ۽ فنون جي بيان جي آتم ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ نورالصباح پاڻ سان لاڳاپيل فردن سان گڏ ٻين علم ادب جي شائقين ۽ فن جي شخصيتن کي مڃتا ڏِني آهي. سندس لکڻ جو نوع اثرائتو آهي، ڳالھه مان ڳالھه پيدا ڪيل آهي، جيڪو ڪٿائي روپ هُن ڪتاب معرفت آندو آهي، انھيءَ سان پڙهندڙ خاص طور ميرپورخاص ۽ اُن جي آسپاس جي ماڻھن جي پڙهڻ ۾ دلچسپي قائم رهي ٿي. ڪتاب ۾ انيڪ شعر ۽ پھاڪا ۽ چوڻيون موقعي مطابق ڪتب آندل آهن، جن ٻين عورتن آتم ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ لکيو آهي، جيئن پوپٽي هيراننداڻي، غلام فاطمه شيخياڻي، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر سرلا ديوي، ريٽا شھاڻي، وينا شرنگي، شبنم گل ۽ فاطمة الزهره (ڏيپلائي) جي آتم ڪھاڻين سان گڏ نورالصباح جي هيءَ آتم ڪھاڻي پُڻ اسان جي عورتاڻي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي. جنھن جي لاءِ آخر ۾ اهو چونديس.
ٻاريو اُجهائين، پرين اُجهايو ٻارين،
مون کي ٿا مارين، لُئا لھارين جا.
نورالصباح اڄڪلهه بيمار رهي پئي ۽ ڪجهه نا اُميدي واريون ڳالھيون پُڻ ڪري رهي آهي، ته الله ڪري هيءَ ڪِتاب ڇپيل صورت ۾ ڏِسان، سو منھنجي دِلي دُعا آهي ته رب ڪريم کيس مڪمل صحت مند حياتي عطا ڪري. هوءَ پنھنجي آتم ڪھاڻي بھترين ڇپيل صورت ۾ ڏِسي ۽ پنھنجي ساهيڙين سان شيئر ڪري، سندس اندر جي اُونھن جذبن ۽ وڻندڙ يادگيرين جي ڳانڍاپي هيٺ لِکيل هيءَ آتم ڪھاڻي انشاءَالله سنڌي علم ادب جي ميدان ۾ هڪ مستقل حيثيت ماڻيندي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
2020-8-7

پنهنجي پاران

عمر خيام جي رُباعيءَ جي هِڪ مصرع آهي:
اين قافله عُمر، عجب مي گزرد!
جنهن جو مطلب آهي ته:
“منھنجي زندگيءَ جو هي قافلو عجب نموني هلي ٿو”
زندگيءَ جو هيءُ قافلو جھڙي تيزي سان پنھنجي ابدي زندگيءَ ڏانھن وٺي پيو وڃي، هِڪ گهڙيءَ لاءِ فِڪر ۽ ڳڻتي به پيدا ڪري ٿو. پر پوءِ به خالقِ ڪائنات جي پيدا ڪيل هِن حُسناڪين سان ڀرپور دُنيا ۾ لُطف اندوز ضرور ٿيندا آهيون، رب پاڪ طرفان انسان کي عطا ڪيل جِبِلَتن (Instinects) منجهان ياد رکڻ به هِڪ خداداد صلاحيت آهي، اِها صلاحيت انسان کي نيڪي ۽ بدي جو فرق سمجهائي ٿي ۽ حياتي کي دُرست دڳ تي هلائڻ ۾ مدد ڪري ٿي۽ وري وقت جي غمن گوندرن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي سگهه به پيدا ڪري ٿي، چوندا آهن ته:
”تخليق جي حياتي تخليق ڪار کان وڌيڪ هوندي آهي“
تخليق داخلي فرياد آهي ۽ اندر جي اُساٽ کي ٻاهر ڪڍي ظاهر ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي مونکي ڪِتاب لکڻ جي صلاح ڪافي ساٿياڻين طرفان ورهين کان مِلندي رهي، جيتوڻيڪ مان نوڪريءَ دوران ڪاليج مئگزين ”نواءِ سروش“ جي سنڌي ڀاڱي جي چار ڀيرا ايڊيٽر به رهي چُڪي آهيان، پر پوءِ ريٽائرمينٽ بعد ڪتاب لِکڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچيم ۽ عمل ڪيم چئن سِيارن (سردي) جي راتين ۾ خاموشي ۽ ماٺار ۾ لِکڻ جو اهو عمل آسان محسوس ٿيو. ڇاڪاڻ ته گرمين جي موسم ۾ هوا ڏيندڙ پکَن (پنکن) جي آواز ۽ ڪاغذن جي اُڏامڻ سان ڪم ۾ رُخنو پوندو هو. رب پاڪ جو شڪر آهي ته ڪم اختتام تي پھتو. هاڻي پنھنجي پاران ڪجهه اکر لِکان پئي، پنھنجي حياتي جي حدن مان گذريل وقت جا نشان يادگيرين جي ڦرهي تان پڙهي سگهان ٿي حالانڪه وڌندڙ عمِر ۽ ويسر جو واءُ اُنھن کي ڊاهي به ڇڏيندو آهي. پر رب پاڪ جي مھرباني سان ماضي جا چِٽا نقش منھنجي دِل تي اُڪريل آهن، بقول شيخ اياز:
پُراڻي پيار جا پاڇا اکين آڏو ڦِريا آهن،
قِصا ڪنھن يادگيري جا وري مقدر بڻيا آهن.
اُهي ڳوڙها اُهي مُرڪون، اُهي سپنا،
اُهي وِساريل ورق ماضي جا وري دِل تي تريا آهن.
مون وَٽ پنھنجي حياتيءَ جي ڪا به ڊائري لِکيل نه آهي، مون پنھنجي ياد داشت کي هِڪ تسلسل ۾ آڻي پاڻ کي هڪ هلندڙ گهُمندڙ شِڪلِ ڏِني آهي، دُنيا ۾ اچڻ کان وٺي تاحال جا نفسياتي مونجهارا داخليءَ خارجي ويڙهه، سوچڻ جو انداز محسوس ڪرڻ جو طريقو جذباتي ڪيفيتون سڀ پڙهندڙ آڏو رکيون آهن.
مان ڪا وڏي اديب يا سياسي ليڊر نه آهيان جو پاڻ سان مِلندڙن جا پردا وائکا ڪري سگهان، ها بلڪه مون پنھنجي سادي سودي زندگيءَ جا سڀ پردا هٽائي پنھنجي آتم ڪٿا لکي آهي. هِن ڪِتاب ۾ ڪوشش ڪئي اٿم ته جيڪو به انسان يا عمارت سامھون آئي انھيءَ جي باري ۾ معلومات ضرور ڏِني اٿم.
آئون ٿورائتي آهيان پنھنجي وَرَ سائين ڏِنو نوهڙي جي جنھن ڇپائي جي مرحلي ۾ منھنجي گهڻي مدد ڪئي ۽ پبليشر سان مسلسل رابطي ۾ رهيو. اُميد ته هيءُ ڪِتاب آبرو ماڻيندو، بقول شمشيرالحيدري:

ارادن کي مِلندو عمل جو سھارو،
چڱيون ٿينديون گڏجي گُذارڻ جو ڳالھيون.

پروفيسر نورالصباح قاضي
ميرپورخاص

باب پهريون: خانداني پس منظر

هيءِِِ! جي هت هُئا، مٿن هوند حق ٿيو،
مڻيون مورت، مَتِ، مان وِسريو ڪي لهان.
(رامڪلي)
منهنجا ابا ڏاڏا وچولي سنڌ جي “ساهتي پرڳڻو” جي ڳوٺ خانواهڻ جا رهاڪو هئا. ساهتي پرڳڻو محراب پور، ڪنڊياري نوشهرو فيروز، ڀريا ۽ موري تعلقن تي مشتمل آهي. 1912ع کان مُني صدي 1989ع تائين هي علائقو ضلعي نواب شاهه (شهيد بينظير آباد) ۾، شامل هو. 1989ع ڌاري اڳوڻي نواب شاهه ضلعي مان سڪرنڊ، نواب شاهه، دولت پور ۽ دوڙ تعلقن واري ايراضي کي ڇني باقي علائقن کي انتظامي لحاظ سان “نوشهرو فيروز” ضلعو ٺ اِهو ويو جيڪو اڳوڻي ساهتي پرڳڻي تي مشتمل آهي.
اسان جا وڏا 712ع ۾ محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هتان جي ماڻهن جي عقيدت، محبت ۽ خدمت سبب مختلف شهر ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائون هنن جو حسب نسب حضرت خالد بن وليد سان ملي ٿو. اهڙو شجرو اسان جو عزيز ناميارو ليکڪ ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ڪافي عرصو اڳ ٽماهي مهراڻ ۽ نئين زندگي ۾ ڇپرائي چُڪو آهي انهيءَ ڪري هن خاندان کي خالدي قريشي به چون ٿا هي وڏا عالم، حڪيم، اديب، شاعر ۽ صاحب ڪرامت هُئا جنهن ڪري کين مختلف شهرن ۾ “قاضي جج مقرر ڪيو ويو، پنھنجن اعليٰ فيصلن ۽ فتوائن سبب مشھور ٿيا. انھيءَ سبب سندن اولاد کي اڄ تائين ’قاضي صاحب‘ سڏين ٿا. هن خاندان جا وڏا پنهنجي شهرن جي رهائش جي حيثيت سان سڃاتاوڃن ٿا جيڪي مختلف نُکن ۾، ورهايل آهن جيئن ته منهنجو ڏاڏاڻو خاندان خانواهڻ تعلقي ڪنڊياري ۾ رهائش پذير هُئڻ سبب خانائي، بهيلاڻي تعلقي ڪنڊياري ۾ رهندڙ بهيلاڻي وارا ۽ وري ڏيپار جا شهر جيڪو سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد آهي تن کي ڏيپارجائي سڏيو وڃي ٿو.
منهنجي ڏاڏاڻي خاندان مان گهڻا تڻا علم ادب سان وابسته رهيا هنن جا خانواهڻ ۾، ديني مدرسا هئا ۽ جن ۾ عربي فارسي ۽ سنڌي جي تعليم ڏني ويندي هئي جن ۾ قاضي ميان محمد خانواهڻ وارو جو مدرسو قاضي دوست علي جو مدرسو قاضي امام بخش جو مدرسو هتان جي پهرين سرڪاري هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر پڻ منهنجي والد صاحب جو سئوٽ قاضي ميان اشرف هو منهنجي وڏڙن جو روحاني سلسلو گنبٽ ۽ راڻي پور جي جيلاني ساداتن سان قادري سلسلي ۾ جڙيل هو انهن بزرگن جو سنڌ جي مشهور علمي خاندانن ۽ شخصيتن سان واسطو رهيو. جيئن ڪوٽڙي ڪبير جو روحاني خاندان، موري جو قاضي گهراڻو، راڻي پور گنبٽ جا جيلاني پير، نوشهرو فيروز جا بزرگ ڪنڍا کائي جا اهل علم، ديهات جا اهل علم، ممڙن جا پير (درويش پوٽا) شخصيتن ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سيد زمان شاهه ساقي ٺٽوي، سيد عطا حسين شاهه موسوي ۽ سيد عبدالحسين شاهه موسوي روهڙي وارن جو هن خاندان سان گهڻو رابطو رهيو.

ڊاڪٽر حامد علي خانائي
علمي ادبي لحاظ کان منهنجي وڏن جي ڳوٺ خانواهڻ جو رهاڪو اسان جو عزيز ڊاڪٽر حامد علي خانائي سڀ کان اهم رهيو آهي جنهن 1986ع ۾ علامه محمد قاسمي جي رهبري ۾ “ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز” مقالو لکي سنڌ يونيورسٽي مان پي، ايڇ، ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين سندس تحقيقي مضمونن جو تعداد تمام گهڻو آهي جن ۾ (1) نواب شاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون (2) اَلزُليخا (پير حسام الدين راشدي جو ناولٽ ۽ انهيءَ بابت تحقيق) (3) مقالات خانائي (شختصيتون 2006) سندس هي ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود آهن.
(1) ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز (پي، ايڇ، ڊي ٿيسز)
(2) ظهور نامه موئي مبارڪ
(3) سنڌ جو دارلمصنيفن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
(4) تاريخ نصرپور
(5) سنڌ جا خوشنويس
(6) بکر جا مغل گورنر
(7) تذڪر شعراء روهڙي
(8) مقالات خانائي (9 جلد)
ڊاڪٽر خانائي کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترن ادارن ايوارڊ ڏنا (مهراڻ 2010/3 مضمون ساهتي جو وهائو ستارو ليکڪ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ص 166 کان 168) جن مان ڪجهه هي آهن.
(1) سگا سنڌ طرفان “حسام الدين راشدي ايوارڊ”
(2) علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ
(3) نئين زندگي جي گولڊن جوبلي سيمينار جي موقعي تي مولانا ب عبدالواحد سنڌي يادگار شيلڊ.
حامد علي خانائي 76 سالن جي ڄمار ۾ خانائي هائوس نواب شاهه ۾ وفات ڪئي کيس اباڻي ڳوٺ خانواهڻ جي “پير قرارو قبرستان” ۾ دفن ڪيو ويو. (مهراڻ3/2010 ليکڪ ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ص 170 کان 171)

عبدالحئي جهانگي
ٻئي وڏي علمي شخصيت قاضي عبدالحئي جهانگي ولد نظام الدين آهي تعليم کاتي ۾ ملازم هو نوڪري سانگي ڪوٽ غلام محمد (جيمس آباد) ۾ رهندو هو (تاريخ ٿرپارڪر اولڊ غلام رسول مهر ڪاڇيلوي صفحو 428)
هي صاحب منهنجي ناناڻي خاندان مان هو پاڻ ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر هو سندس ڪتاب “قيمتي آنسو” “ڪنوار جو آئينو” ۽ “افسانه زندگي” آهن سندس هڪ ڪتاب جي ٽائيٽل تي ڏنل هي شعر ياد آهي.

“هُيس مان ناز پرورده، نپايل ناز مان ڪنهن جو،
شڪر الله اڪبر جو، ميڙي مون خاڪ در در جي.”


وقت جي لاهن چاڙهن، اضافي ذميوارين ۽ حقوق العباد جي بجا آوري ڪندي جواني ۾ ئي قلم مان هٿ ڪڍي ويو باقي حياتي خاموش اديب طور گذاريائين.
“اگهيا سُٽَ سندن، پائي تارازي نه توريا”

عبدالله اين قريشي
اسان جي خاندان جي هڪ نُکَ بهيلائي وارن منجهان عبدالله اين قريشي (1924 کان 1987) پنهنجي محنت، شرافت، قابليت ۽ اعليٰ تربيت سبب پوسٽ کاتي ۾ ترقي ڪندي، مختلف عهدن تي رهندي ڊويزنل سپريڊنٽ سکر جي، جي، پي او رهيا آخر ۾ ڊائريڪٽر پوسٽل لائف انشورنس رهيا جنهن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي سبب ۽ پوسٽل لائيف جي شاندار بزنس سبب پاڪستان ۾ پنهنجي فيلڊ کي پهريون انعام ڏيارايائون پاڻ 1987ع ۾ 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون بيهلاڻي لڳ پنهنجي اباڻي قبرستان “قاضين جي مقام” ۾ مدفون آهن.

حاجي محمد ابراهيم قريشي
منهنجي خاندان جي ڏيپارجا واري نُکَ مان حاجي محمد ابراهيم قريشي پڻ هڪ نيڪ، سچو ۽ زماني شناس انسان هو مختلف وڏن عهدن تي رهندي رشوت، ڪوڙ ۽ بي راه روي کان ڪنارا ڪش رهيو مختلف شهرن ۾ سٽي ماجسٽريٽ ۽ مختيارڪار رهيو پر ڪڏهن به ديانت ۽ شرافت جو ساٿ نه ڇڏيائين نه ڪڏهن ڪنهن کي ڏکويائين ۽ نه وري ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪيائين نوڪري جي پَڇاڙ ڪن ڏينهن ۾ ڊائريڪٽر سول ڊفينس ۽ اسٽنٽ ڪمشنر رهيو. 1994ع ڌاري گذاري ويو سندس گهر ڪلهوڙا ڪالوني حيدرآباد ۾ آهي ۽ سندس مدفن پڻ حيدرآباد ۾ آهي.
مون کي مون پرين، ٻڌي وِڌو ٻار ۾،
اُڀا ايئن چون، ته مَڇڻ پاڻ پُسائين.

نيورو سرجن ڊاڪٽر آفتاب قريشي
ڊاڪٽري اُهو مسيحائي پيشو آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو منهنجي خاندان ۾ ڊاڪٽر ته گهڻائي ٺهيا تقريباّ هر گهر ۾ هڪ ٻه ڊاڪٽر ضرور ملندا پر انهن ۾ سگهارو نالو نيورو سرجن مرحوم پروفيسر آفتاب قريشي جو آهي جيڪو اسانجي خانائي نُک مان هو. هي منهنجي والد مرحوم قاضي غلام حسين جي سئوٽ قاضي محمد اڪرم قريشي جو چوٿون نمبر پٽ هو. ننڍپڻ کان محنتي ۽ ذهين هو انٽر سائنس شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص مان ڪيائين وري ڊاڪٽري ۾ اسپيشلائزيشن دماغ جي سرجري ۾ ڪيائين دماغ جيڪو سڄي جسم تي ڪنٽرول ڪندڙ عضوو آهي ۽ وري انهيءَ جو تنتي سرشتو ڏاڍو پيچيده آهي پر هن ذهين، محنتي ۽ جاکوڙي انسان انهي ڏکئي شعبي جي چونڊ ڪري ملڪي سطح تي پاڻ کي مڃارايو مئي 2012ع ڌاري کيس ڪراچي جي تاج ڪمپليڪس وٽان اغوا ڪيو ويو ۽ ڪيترائي ڏينهن تڪليف ده حالتن ۾ رکڻ بعد 30 مئي 2012ع تي کيس ڀٽائي ننگر (مهراڻ ٽائون) قاسم آباد حيدرآباد ۾ فجر جي وقت شهيد ڪيو ويو. اهيا ستم ظريفي ڪنهن ڪئي!؟ ڪهڙي ڏوهه جي پاداش ۾ هن سان اِهو ظلم ڪيو ويو..! ڪنهن ڪيو!؟
۽ ڇو ڪيو ويو ....!؟ ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪيو ويو!؟
اڃان تائين اهيا مام ڪوبه پروڙي نه سگهيو آهي. کيس پنهنجي اباڻي قبرستان خانواهڻ ۾ دفن ڪيو ويو
واڪا ڪندي ووء.... صديون تو لاءِ سنڌڙي.

باب ٻيو: پنھنجي جنم ڀومي (ضلعي جو سماجي سياسي ۽ علمي پس منظر)

ڪاڪ ڇڏيائون ڪنڊ تي، پاڻان ويا پَري،
تن کي ناتر ڪوءِ ڪري.؟ جي لُڊؤڻيان لنگهي ويا.
(مومل راڻو)

1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ميرپورخاص، ٿرپارڪر، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ کي ملائي “ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر” جو نالو ڏنو ويو بعد ۾ 1847ع ۾ اِهو نالو ختم ڪري ٿرپارڪر رکيو ويو جنهن جو پوليٽيڪل سپريڊنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ ۽ پهريون ڪمشنر ڪرنل آر- آءِ ڪارفورڊ مقرر ٿيا.

منھنجي جنم ڀومي ميرپور خاص
ميرپورخاص جو شهر جيڪو اولڊ ٿرپارڪر جو ضلعي هيڊڪوارٽر هو، تنهن کي ماڻڪاڻي ٽالپر مير علي مراد خان ٽالپر 1806ع ڌاري آباد ڪرايو سنڌڙي انبن جي باغن جي سڳنڌ ۾ گهيريل هي هڪ مشهور تاريخي شهر رهيو آهي. جيڪو سنڌ پرڳڻي جو چوٿون ۽ پاڪستان جو ٻاويهون وڏو شهر رهيو آهي رولاڪ هوائن جو هيءُ شهر جنهن جي هوائن ۾ مٽي جي آميزش ڪجهه وڌي وئي آهي، هن منهنجي پياري شهر تي نظر وجهڻ سان دنيا جي نقشي تي 03_52 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 3_69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ جي وچ ۾ سمنڊ جي مٿاڇري کان 6.50 فٽ اوچائي تي ميداني علائقي تي اڏيل نظر اچي ٿو بقول عبدالڪريم گدائي صاحب!
هن شھر جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي،
هي شھر به ڪوئي شھر هيو.
ماضي ۾ هن شهر جي آبهوا معتدل هئي پر پوءِ سڄي دنيا ۾ گلوبل وارِمنگ وڌڻ سبب هتان جي موسم گرمين ۾ سخت گرم رهڻ لڳي آهي ۽ اونهاري جي موسم جي اهيا طوالت اٺ مهينا هلي ٿي، 1991ع دوران هتان جي گرمي پد 52 سينٽي گريڊ تائين وڃي پهتو هو ۽ برسات به سراسري طرح گهٽ وسي رهي آهي شايد گرهوڙي صاحب جي پيشن گوئي سچ ثابت ٿي رهي آهي.
“پنڌ کٽندا، سنگ ٽٽندا، مند نه وسندا مينهن”
انگريزن جي دور ۽ پاڪستان جي ابتدائي دور ۾ شهر جا سڀ روڊ رستا پڪا ۽ صاف سٿرا هُئا ڪيترائي ڦُٽِنِ ٽاڻن جا ڪارخانه ۽ صنعتون هيون
(1 تاريخ ٿرپارڪر اولڊ: ليکڪ غلام رسول مهر ڪاڇيلوي ص 254)
پرنٽنگ پريسون بئنڪون ۽ سينيما گهر موجود هئا اخبارن ۽ رسالن کي شايع ڪرڻ لاءِ اعليٰ دماغ جي ضرورت هوندي آهي هتي اعليٰ پايي جا صحافي پيدا ٿيا جن پنهنجون پريسون قائم ڪري شهري ۽ ملڪي سطح تي عوام جي خدمت ڪئي جن ۾ مسلمانن سان گڏ هندو صحافي به شامل هئا مهاشي گرڏنومل پنهنجي رهائش گاهه نيوٽائون ميرپورخاص ۾ هڪ پرنٽنگ پريس لڳائي جيڪا “ميرپورخاص گزٽ” نالي اخبار ڪڍندي هئي پاڻ هن اخبار جا ايڊيٽر هئا هتان جي صحافت ۾ محمد هاشم مخلص جو ڪردار به اهم آهي پاڻ 1924ع ڌاري هتان هفتيوار اخبار “مسلمان” ڪڍيائون سندن تعلق ميرپورخاص سان نه هو بلڪه ٽکڙ شهر جا رهاڪو هئا پاڻ “مسلمان” اخبار ذريعي پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائون ۽ انهيءَ ڏوهه ۾ اڪثر جيل ياترائون به ڪندا رهيا محمد خان غني مشهور شاعر هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو محمد هاشم مخلص صاحب ‘سنڌي ادب’ جي قلم جا ڌڻي هئا ظرافت ۽ خوش طبعي سندس فطرت ۾ شامل هئي جنهن جو عڪس سندن شعرن ۾ چٽو نظر اچي ٿو.

دل ڪنهن سان رکان هاءِ ڪو دلبر نه ملي ٿو،
ڇا ظلم سهان ڪوئي ستمگر نه ملي ٿو.
جا هجر کان ٿي چاڪ، سا دل منهنجي سبي ڪير،
اهڙو ڪوئي استاد رفوگر نه ملي ٿو.

ميرپورخاص جي صحافت ۾ حاجي محمود هالائي جو وڏو ڪردار رهيو آهي. انهيءَ زماني ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار اخبارون ادا ڪنديون هيون محمود هالائي صاحب “همدرد” اخبار هالا مان کڻي اچي ميرپورخاص مان 1942ع کان ڇپجڻ شروع ڪيائين اڃان تائين سندن خاندان ميرپورخاص ۾ سڪونت پذير آهي ۽ همدرد پريس جاري ساري آهي “سچائي” پريس غلام محمد لغاري قائم ڪئي ۽ “سچائي” نالي اخبار ڪڍيائين. لطف الله دَل ميرپورخاص ۾ “خادم وطن” پريس قائم ڪئي ۽ انهيءَ نالي سان اخبار جاري ڪيائين جيڪا پوءِ حيدرآباد مان نڪرڻ شروع ٿي.
انهيءَ کان علاوه سيد غلام رسول شاهه جيڪو صدر ايوب جي دور ۾ بنيادي جهموريت جو ميمبر رهيو “سرتاج” نالي هڪ سنڌي اخبار ڪڍيائين پاڻ “ٿرپارڪر” نالي هڪ ضخيم ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ لکيائين جنهن ۾ صدر ايوب جي ڏهه سالا دور جو ذڪر ٿيل آهي ۽ انهن ترقياتي رٿائن تي روشني وڌي وئي آهي عورت صحافين ۾ روبينه مهر ڪاڇيلوي سڀ کان اڳ ڀري رهي آهي پاڻ عورت نالي اردو ۾ اخبار به ڪڍيائين جنهن ۾ عورتن جي مسئلن کي فوڪس ڪيو ويندو هو پاڻ ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص جي پهرين عورت صحافڻ آهي پبليڪشن جا ٻيا ادارا به قائم ٿيا آهن پر مهر پبليڪشن ڀانسنگهه آباد ميرپورخاص جو سڀ کان پراڻو پبليڪشن ادارو آهي جيڪو اٽڪل چاليهه ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي غلام رسول مهر ڪاڇيلوي انهيءَ اداري جو سربراهه رهيو آهي.
ريلوي جو نظام مسافرن لاءِ سڀ کان سستو ۽ آرام دهه نظام آهي ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ اِهو نظام انگريز جي دور کان اڳ راجا جي گاڏي جي نالي سان جاري هو پر سابق وزيراعظم پاڪستان مرحوم محمد خان جوڻيجو جڏهن اولهه پاڪستان جو وزير مواصلات ٺهيو ته هن ميرپورخاص کان حيدرآباد وچ ۾ چوڙي ريلوي لائن ڏني هن صاحب پنهنجي وزيراعظم واري ۾ دور ۾ ميرپورخاص جي شهرين جي سوئي گئس وارو مطالبو به پورو ڪيو.
ميرپورخاص ۾ انگريزن جي دؤر ۾ هندوئن جون ٺهيل خوبصورت عمارتون به موجود آهن جن ۾ “پرتاب ڀون” (موجوده شهيد بينظير هاءِ اسڪول)، دارنسوان گرلس پرائمري اسڪول جي سائي رنگ جي خوبصورت عمارت، سردار ڀان سنگهه جو قديم محل، مير امام بخش جو ٺهرايل غريب آباد وارو خوبصورت بنگلو، حيدرآباد روڊ تي موجوده پوسٽل لائف بلڊنگ هنڌ تي ميرن جو ٺهرايل خوبصورت بنگلو، انهيءَ بنگلي لاءِ چون ٿا مير الله داد ٺهرايو، انگريزن جي ٺهرايل ۽ ترميم ڪيل مختيارڪار آفيس جتي اڳ ماڻڪاڻي ٽالپرن جي درٻار لڳندي هئي گلستان بلديه جي عمارت پاڪستان دور جي ٺهيل آهي هن ۾ هڪ آرٽ گيلري به ٺهيل هئي عمارت جي هيٺ واري حصي ۾ هڪ هال لائبريري جي حوالي آهي مٿي واري حصي ۾ ڀٽائي ڪلچرل هال آهي جيڪو اڳ شادي وغيره جي ڪاڄ لاءِ مسواڙ تي ڏنو ويندو هو. هيءَ عمارت چوڌاري گلن ٻوٽن ۽ ٻارن جي جهولن سبب ميرپورخاص ۾ داخل ٿيندڙ کي ڏاڍو سٺو ڏيک ڏئي ٿي اهڙن منظرن لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڇا ته شعر چيو آهي.

مون ته گلاب لڳايا آهن،
پوپٽ ته پاڻ ئي آيا آهن.

قديم دڙن مان هڪ اهم دڙو ڪاهو جو دڙو آهي ڪنهن به سرزمين جي آس پاس قديم نشان اُتي جي شاندار ماضي جا اهڃاڻ هوندا آهن ميرپورخاص تپي جي ديهه 109 ۽ سروي نمبر 7 ۾ ڪاهو جو دڙو اڳ اسان جي ننڍپڻ ۾ ته 35 ايڪڙن ۾ ڦهليل هي دڙو اوچا ڳاٽ کنيو بيٺو هوندو هو ميرپورخاص جي بلڪل ڇيڙي تي اتر طرف کان کاڻ روڊ ڀرسان نواب شاهه ريلوي ڦاٽڪ وٽ آهي هن جو نالو انهيءِ تي حڪومت ڪندڙ راجا ‘ڪاهو’ جي نالي پٺيان رکيو ويو ميرپورخاص ۾ ڪاهو بازار جي نالي سان هڪ سوڙهي گهٽي واري ۽ چڱي ڊگهي بازار جنهن ۾ سونارن جا دُڪان آهن موجود آهي. آرڪالاجي کاتي جي ماهر سرجيمس ڪيمپل جو چوڻ آهي ته هي دڙو 6 صدي عيسوي جي اڌ يعني ٻڌ ڌرم جو دور ۾ آباد ٿيل هو هن مان چٽسالي واريون سرون ۽ ڪجهه مجسمه لڌا هئا جيڪي انهيءَ وقت جيئن ته سنڌ بمبئي صوبي جو حصو هئي تنهن ڪري بمبئي جي عجائب گهر ۾ رکيا ويا هئا منهنجي ننڍپڻ ۾ بزرگ ٻڌائيندا هئا ته هن دڙي جي اترين پاسي اسٽوپا اهو جنهن جي مٿان ڪاشي جي سرن جو ڪم ٿيل هو. هن دڙي جي تباهي ايوب خان جي دور ۾ شروع ٿي جڏهن خرڪارن گڏهن تي هتان مٽي ڍوئڻ شروع ڪئي پوءِ وري ٽرالين ذريعي مٽي ڪڍي عمارت سازي ۾ استعمال ڪئي وئي اُتي غيرقانوني قبضه ڪري گهر ٺهرايا آهن ۽ انهن غير قانوني ڪم کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ کاتا به پنهنجي نالي ڪري ڇڏيا آهن هن ثقافتي ورثي جا ڪجهه کڏن کٻن وارا نشان وڃي بچيا آهن هن تاريخي ماڳ کي ٿورو گهڻو بچائڻ لاءِ اُپاء ورتا ويا ته به ڪجهه نه ڪجهه بچي پوندو ۽ تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ هي دڙو ميرپورخاص واسين لاءِ هن دڙي کي ڪجهه نه ڪجهه آثار طور زندهه رکي سگهجي ٿو.
ماضي ۾ ميرپورخاص ضلعو سياست ۾ به اڳ ڀرو رهيو آهي اولڊ ٿرپارڪر ڪانگريس جو مرڪز رهيو آهي هن ۾ وڏا وڏا زميندار جن جي هٿن ۾ سدائين سياست جون واڳون هونديون هيون سي موجود هئا بلڪه انهن لاءِ اِهو به چيو وڃي ٿو ته “اُهي فطري طور تي سادا ۽ جلدي يقين ڪرڻ وارا هئا” تن هن ضلعي يعني اولڊ ٿرپارڪر جي سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جن ۾ هندو، مسلمان ٻئي شامل هئا.
اولڊ ٿرپارڪر جي سڀ کان قديم سياسي تحريڪ ميرن جي دور ۾ حضرت سيد احمد شهيد بريلوي جي هئي پر انهيءَ کي سرڪار طرفان پذيرائي نه ٿيڻ سبب ڪامياب نه رهي ان کان پوءِ ٻي منظم ۽ طاقت ور تحريڪ حُر تحريڪ هئي حُر تحريڪ جو مقصد انگريزن کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ هو ۽ انهيءَ جو روح روان حضرت شهيد پير سورهيه بادشاهه هو هن حُر تحريڪ سڄي ٿرپارڪر کي لوڏي ڇڏيو هو ۽ آخرڪار انگريزن کي هتي مارشل لا لڳائڻي پئي هئي سانگهڙ وري هن تحريڪ جو مرڪز هو.
ضلعو ميرپورخاص يعني اولڊ ٿرپارڪر ۾ ڪانگريس 1909ع کان ئي متحرڪ ٿي چُڪي هئي ۽ انهيءَ وقت ضلعي جو وڏو زميندار رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي هن ۾ شامل ٿي چڪو هو جنهن سان ڪانگريس کي ڪافي سگهه ملي وئي هئي پر پوءِ 1918ع ڌاري غلام محمد ڀرڳڙي ڪانگريس جا ارادا ڏسي سنڌ مسلم ليگ جو بنياد وڌو ۽ ڪانگريس کي ڇڏي ڏنو. مسلم ليگ جو پهريون ضلعي صدر خانبهادر چوڌري غلام حسين ۽ جنرل سيڪريٽري وڏيرو فقير محمد مڱريو هئا جن بهادري سان ڪانگريس جو مقابلو ڪيو ۽ مسلم ليگ کي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪامياب ڪرايو انهيءَ کان سواءِ اولڊ ٿرپارڪر جي مسلم ليگي رهنمائن ۾ خان بهادر غلام محمد وساڻ، ارباب توڳاچي، مير احمد خان ٽالپر، عبدالطيف گانڌي وڪيل، پير غلام رسول شاهه جيلاني، حاجي غلام محمد پلي، گل محمد شيخ، پير اسماعيل شاهه سرهندي ۽ علي مردان شاهه سان گڏ ڪيترائي ماڻهو مسلم ليگ ۾ متحرڪ رهيا انهي سبب ضلعي ۾ 160 کان وڌيڪ مسلم ليگ جون شاخون کُلي چُڪيون هيون وري آزادي کان پوءِ هندوستان مان لڏي آيل ايڊوڪيٽ محمد اشفاق صديقي، مير الله داد، مير امام بخش، مير محمد بخش، سيد غلام حيدر شاهه، ارباب امير حسن، ابوبڪر جوڻيجو، ارباب الله جڙيو، ارباب فيض محمد، ڊاڪٽر نذير صديقي، مير الله بچايو، شيخ حاجي محمد حيات مسلم ليگ جي آبياري ڪندا رهيا غلام محمد وساڻ آخري وقت تائين مسلم ليگ سان لاڳاپيل رهيو باقي ايوب خان جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ سانگهڙ جيڪو الڳ ضلعو هو تنهن کي ڇڏي سڄي اولڊ ٿرپارڪر ۾ پيپلز پارٽي ڇانئجي وئي هئي.

ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر
مقامي حڪومت جا ادارا اڻويهه صدي جي وچين ڏهاڪي کان پنهنجو ڪم ڪري رهيا هئا پر انهن جي تڪميل بمبئي لوڪل بورڊ تحت 1923ع ڌاري ٿي انهيءَ کان اڳ هر تعلقي جو الڳ لوڪل بورڊ هوندو هو جنهن جو چيئرمين لاڳاپيل مختيار ڪار هوندو هو چونڊيل ميمبر ڪونه هوندا هئا پر پوءِ 1923ع ڌاري لوڪل بورڊ ايڪٽ مطابق هن ۾ چونڊيل ميمبر ۽ صدر مقرر ٿيا ڪتاب “نقوش ٿرپارڪر” جي ليکڪ نياز احمد مطابق ضلعي ڪائونسل ئي اُهو واحد ادارو هو جنهن ۾ مختلف مسئلا ۽ ترقياتي پروگرام بحث هيٺ ايندا هئا ۽ پوءِ انهن جو جوڳو حل ڪڍيو ويندو هو.
پريزيڊنٽ: 1923ع جي ايڪٽ VI کان اڳ ضلعي جو ڪليڪٽر انهيءَ جو صدر هوندو هو ۽ پوءِ ايڪٽ 22 تحت چونڊيل صدر ٿيڻ لڳو 1923ع کان 1953 تائين چار چونڊيل صدر آيا. 1933ع ڌاري بورڊ جون ڪل 32 سيٽون هيون جن مان 24 چونڊيل ۽ 8 نامزد (ٿاڦيل) هونديون هيون، انهن 8 مان چار آفيسر ۽ چار غير آفيسر هئا بعد ۾ 3 آفيسر ۽ 3 غير آفيسر هوندا هئا. 1936ع کان 1945ع تائين 24 ميمبر سڀ چونڊجي اچڻ لڳا هئا.
ٿرپارڪر جي ضلعي لوڪل بورڊ جي انتظام لاءِ هيٺ ڏنل پوسٽون هيون.
(1) پريزيڊنٽ (2) بورڊ (3) چيف آفيسر (4) هيلٿ آفيسر (5) انجنيئر (6) تعلقي سپروائيزر (7) آفيس اڪائونٽنٽ (8) سپريڊنٽ جنرل برانچ پاڪستان دور ۾ (1) جنرل برانچ (2) انجنيئرنگ برانچ (3) اڪائونٽ برانچ (4) ريڪوري برانچ وغيره.
لوڪل بورڊ جو سيڪريٽري چيف آفيسر چورائيندو هو جيڪو اصل مرڪزي ڪردار هو جيڪو پريزيڊنٽ وٽ جوابده هوندو هو.
شروع ۾ لوڪل بورڊ جا صدر: لوڪل بورڊ ٿرپارڪر وٽ 24 سيٽون هيون تن مان 11 هندوئن لاءِ ۽ 13 مسلمانن لاءِ هيون لوڪل بورڊ جو صدر سدائين مسلمان ٿيندو رهيو ۽ وائس پريزيڊنٽ هندو رهندو آيو گهڻو عرصو سيد غلام نبي شاهه (موجوده قربان علي شاهه) جو والد چونڊجي آيو) تمام باتدبير ۽ فهم فراست رکندڙ انسان هو پاڻ سڀ کان گهڻو عرصو لوڪل بورڊ جا صدر رهيو. پاڻ ڳوٺ غلام نبي شاهه ضلع ٿرپارڪر ۾ موج علي شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا پاڻ مسلم ليگ ۾ شامل رهيا ۽ 1924ع ڌاري بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر رهيا ۽ 1936ع تائين ڪامياب رهيا پاڻ پهريون ڀيرو بيئنڪ لاءِ عمارت خريد ڪري انهي ۾ زميندار بيئنڪ قائم ڪيائون، ريلوي اسٽيشن ميرپورخاص جي سامهون واري جامع مسجد به شاهه صاحب پنهنجي نگراني ۾ ٺهرائي ميرپورخاص جو وڏو مسافر خانو جيڪو “ميونسپل مسافر خاني” جي نالي مشهور هو سو شاهه صاحب جو ٺهرايل آهي جنهن تي بعد ۾ ناجائز قبضو ٿي ويو 1923ع ڌاري زميندارن جي مدد سان مسلمان پرنٽنگ پريس قائم ڪيائون جنهن جو ايڊيٽر محمد هاشم مخلص هو.
لوڪل بورڊ جا نائب صدر گهڻو ڪري راڻا چندر سنگهه جو چاچو آسيتدان سنگهه ٺَڪُرُ ٿيندو هو. انهن نائب صدرن ۾ سيٺ راءِ صاحب جهامن داس به سرگرم رهيو.
علم کي جيئن ته انسان جي ٽئين اک چيو وڃي ٿو، انهيءَ لاءِ ڪنهن به علائقي جي تعليمي ترقي اُتان جي سڄي سماج جي ترقي چوارائيندي آهي. اولڊ ٿرپارڪر جيڪو هڪ وڏو ضلعو هو، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص هو، پر هي به ميرن جي دؤر ۽ انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾ تعليم ۾ گهڻو اڳ ڀرو نه رهيو اُهو شايد هتان جي ماڻهن جي انگريزي کان نفرت هئي جيڪا وچولي ۽ غريب طبقي ۾ گهڻي حد تائين ڦهلائي وئي هئي باقي هتان جا زميندار ۽ وڏا ماڻهون ته ٻاهرين ملڪن ۽ هندوستان جي مختلف يونيورسٽين تائين به پهچي ويندا هئا وچولي طبقي ۾ ديني تعليم جو گهڻو رجحان هو هتي ديني تعليم لاءِ ڪافي مدرسه هئا 1923ع تائين ٿرپارڪر ۾ فقط ٻه مڊل اسڪول هئا انهن مدرسن جو ذڪر مان بعد ۾ ڪنديس پهريان ٿرپارڪر جي ڏيپلي تعلقي جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿي جتي علم جي روشني سڀ کان اڳ پهتي ۽ هتان جي وشال دل عوام انهيءَ روشني مان فائدو ورتو ۽ اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ اهي پڙهيل لکيل ماڻهون اوچا ڳاٽ ڪيو علم ادب، صحت انجنيئرنگ ۽ سول سروس ۾ پنهنجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.
(1) شهر ڏيپلو ۾ ڇوڪرن جو پرائمري اسڪول 1886ع ۾ کليو سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ موجوده هنڌ تي 1912ع ۾ ٺهي.
(2) زناني پرائمري تعليم
شهر ڏيپلي ۾ زنانو پرائمري اسڪول 1939ع ڌاري قائم ٿيو ۽ مختلف دورن ۾ اهو خانگي مسواڙي جڳهين ۾ هلي رهيو آهي پر پوءِ ميمڻ گهڻو تڻو هتان لڏي ويا آهن ۽ شهر ۾ ڪالونيون کلي ويون آهن انهيءَ ڪري اوڏانهن داخلائون وڌنديون رهن ٿيون.
(3) مرداني انگريزي تعليم
ڏيپلي شهر ۾ انگلش ڪلاس يعني ٽي درجا انگريزي ۽ سنڌي جي 7،6،5 ڪلاس سان گڏ سال 1930ع ۾ شروع ڪيا ويا جنهن لاءِ ڪوشش جناب سيٺ طاهراڻي ڪئي ساڻن گڏ سائين ابو طالب به هئا پوءِ جناب قاضي احمد جي مدد سان هتي اپريل 1944ع ڌاري هاءِ اسڪول منظور ٿيو اسڪول جي پهرين بينچ ميٽرڪ امتحانن لاءِ (بمبئي يونيورسٽي) 1946ع ڌاري وئي ۽ جنوري 1961 ڌاري ڊپٽي ڪمشنر صاحب ٿرپارڪر جن هن هاءِ اسڪول جو سنگ بنياد رکيو ۽ اسڪول کي جابر هاءِ اسڪول جو نالو ڏنائين جنهن مان فارغ التحميل ٿيل ڪيترائي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا.
(1) (ڏيپلي تعلقي جي تاريخ ليکڪ عثمان اديب ص- 62 کان 67)
(4) زناني انگريزي تعليم.
ڏيپلي شهر ۾ زنانو انگلش اسڪول جناب قاضي حاجي احمد صاحب جي ڪوشش سان سال 1957ع ڌاري منظور ٿيو ۽ پوءِ مڊل اسڪول سال 1969ع ڌاري شروع ٿيو سال 1915ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ماڻيائين اهڙي طرح ٻيا زنانه اسڪول تعلقي ڏيپلي ۾ آهن.
(5) مٺي ۾ مڊل اسڪول 1912ع ڌاري قائم ٿيو. (ڏيپلي تعلقي جي تاريخ عثمان اديب).
انهي دنياوي تعليم کان اڳ مون ذڪر ٿئي ڪيو ديني تعليم جو ته انهيءَ وقت پراڻ درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي غوث بهاءَ الحق ملتاني جي خليفن هر هنڌ مدرسا کولي ۽ تعليمي مرڪز جاري ڪري تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ورتي هئي اڪڙي، کيرل، چوٽاريون، کاروڙو، شيخ ڇٽو، درس جمال ۽ ڪمال درس ڏاتو ڪاڇيلو، مخدوم عبدالرحيم گروهوڙي، درس احمد ڪاڇيلو مخدوم هالو وغيره هنن مدرسن ۾ درس ڏيندا هئا ٽالپرن جي دور ۾ قاضي عبدالله جو مدرسو کنبڙي، برهان فقير جو مدرسو، ڪاڪ ڍنڍي ڳوٺ بچل شاهه جو مدرسو وليهٽ جو مدرسو، نبي سر جو مدرسو، ڊگري جي ٽالپرن جو مدرسو پڻ عروج تي هئا.
پٿورو جو مدرسو سائينداد شوري جي ڪوشش سان 1906ع ۾ قائم ٿيو جنهن جي عمارت تي انهيءَ وقت 31216 روپيا خرچ آيو هو جيڪو گورنمنٽ ۽ زميندارن برداشت ڪيو هو هي مدرسو فقط مسلمان زميندارن جي ٻارن لاءِ کوليو ويو هو جنهن تي سختي سان عمل ٿيندو هو هتي 4 درجا انگريزي ۽ 7 درجا سنڌي پڙهائي ويندي هئي. 1916 ڌاري 48 شاگرد انگريزي برانچ ۾، ۽ 35 شاگرد ورنيڪيولر برانچ ۾ هئا مدرسو ٻه ماڙ هو جنهن مان 81 ڇوڪرا بورڊنگ ۾ رهندا هئا اِهو خيال ته پٿورو جو مدرسو شهري اثرن کان بچيل (آجو) رهندو غلط ثابت ٿيو هتي مدرسي تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ پوءِ هن کي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ڏانهن 1922ع ۾ منتقل ڪيو ويو جيڪو اڄ به “گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول” جي نالي سان شاهه لطيف ڪاليج سان گڏوگڏ قائم ۽ دائم آهي.
(تاريخ ٿر پارڪر اولڊ ليکڪ مهر ڪاڇيلوي ص – 346)
انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ پاڪستان جي شروعاتي دور ۾ هتي اعليٰ تعليم گهڻي اڳ ڀري نه رهي هئي ايتريقدر جو 1958ع کان اڳ سڄي ضلعي ۾ فقط هڪ “شاهه لطيف” ڪاليج هو پوءِ 1960ع ڌاري ابن رشد گرلز ڪاليج (پرائيويٽ) کليو انهيءِ بعد 1962ع ۾ ماڊل آرٽس ڪاليج. 1964ع ۾ ٽنڊو جان محمد ڪاليج (انٽرميڊئٽ) قائم ٿيو 1967ع ۾ ميرپورخاص شهر ۾ ڪمريهنسو هاءِ اسڪول قائم ٿيو پوءِ هنن ادارن جو انگ وڌندو ويو. 1984ع تائين هتي 6 ڪاليج هڪ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ، هڪ پبلڪ اسڪول، سڄي ضلعي ۾ 350 هاءِ اسڪول 650 مڊل اسڪول 1494 پرائمري اسڪول 6 وڪيشنل سينٽر قائم ٿي چڪا آهن هاڻي ته ميرپورخاص شهر ۾ ڪيترائي پرائيويٽ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ٿي چڪا آهن تعليم ڏيڻ وارا گهڻا ادارا موجود آهن پر تعليمي معيار ڪرڻ سبب اڳ جيترا لاڀائتا نه رهيا آهن.
ڪنهن به شهر جي ترقي يافته هُئڻ جو اندازو اُتي جي ماڻهن جي ڪتاب پڙهڻ جي تعداد ۽ ڪتب خانن مان لڳائي سگهجي ٿو، 1951ع ڌاري هتي فقط هڊسن ڪليڪٽر جي نالي سان هڪ لائبريري قائم هئي جتي 700 ڪتاب انگريزي ۽ سنڌي جا هئا، ميونسپل لائبريري ڊسٽرڪٽ ڪلچرل لائبريري اڄ جون سٺيون لائبريريون آهن انهيءَ کان علاوه پراڻي وقت ۾ علمي ۽ ادبي ذوق رکڻ وارن ماڻهن کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هو انهن جا ذاتي ڪتب خانا موجود هئا.
(1) ميرپورخاص شهر ۾ محمد بخش ٽالپر جو ڪتب خانو جنهن ۾ 6 هزار مستند ڪتاب موجود هئا، هي هڪ فري ريڊنگ روم هو.
(2) ميرپورخاص ۾ مرحوم پروفيسر محمد يوسف ميمڻ جو ڪتب خانو جيڪو گهڻو قيمتي آهي هن ۾ اڻ لڀ ڪتاب موجود آهن مرحوم محمد يُوسف عربي جو عالم ۽ پي، ايڇ، ڊي هئا ٻه سال کن اڳ گذاري ويا آهن.
(3) شاهه لطيف ڪاليج جي لائبريري
(4) ابن رشد گرلز ڪاليج جي لائبريري
(5) شهيد بينظير هاءِ اسڪول لائبريري
ميونسپل لائبريري جو انچارج مجنون خاصخيلي رهيو جيڪو ڪجهه عرصو ابن رشد ۾ به لائبريريئرن رهيو ۽ ڏاڍي محنت سان ڪم ڪري لائبريري سنواري ڏنائين.
رب پاڪ کي هن ڌرتي جي ڪنهن به خطي کي مهذب بنائڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ڪجهه نيڪ انسان کپندا آهن جيڪي پنهنجي مدبرانه صلاحيتن سبب مڃتا ماڻيندا آهن. مان هتي انهن ماڻهن جو ذڪر ڪندس جن سياست فنون لطيفه جي مختلف شاخن مثلا سنگيت موسيقي، مصوري، فوٽو گرافي ۾، پاڻ مڃايو يا وري ڪجهه اهڙا شخص ۽ انهن جون ذاتي وندرون ٻين کي خوشي پهچائڻ جو سبب بڻجنديون آهن اُهي شخصيتون هن دنيا ۾ موجود نه آهن.
انهن مڻيادار ماڻهن ۾ ڪجهه ماڻهون پنهنجي سخاوت ۽ خوش طبعي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا اولڊ ٿرپارڪر ۾ اهڙين هستين جي ڪا ڪمي ڪا نه هئي جن ماڻهن سياست ڪئي اُها صاف سٿري سياست هئي تن ۾ غلام محمد وساڻ، غلام نبي شاهه، پير غلا رسول شاهه جيلاني، ارباب نور محمد راهمون، سيد غلام حيدر شاهه، غلام محمد ڀرڳڙي، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، مير آچن، ابوبڪر جوڻيجو، مرحوم غلام رسول جوڻيجو، حسين بخش مري، مير الله بچايو، فقير محمد مڱريو، مير الله داد، مير امام بخش مير علي بخش، راڻا چندر سنگهه، مير خدابخش، محمد خان جوڻيجو، مرحوم ڄام ساقي فلاح ۽ بهبود جي ڪمن ۾ ڪوٽ غلام محمد جو حاجي عبدالله مومن، رئيس جان محمد ڀرڳڙي، جنهن پهريون ڀيرو ٿرپارڪر ۾ موٽر ڪار آڻي ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو غلام محمد لاٽ پنهنجي انسان دوستي ۽ اخلاقي خوبين سبب هميشه مقبول رهيو ڏيپلي جو سيٺ طاهراڻي فلاحي ڪمن ۾ اڳ ڀريو رهيو مسڪين جهان خان کوسو، محمد بخش مجنون پنهنجي قلم سان انسانيت جي خدمت ڪندا رهيا، ٿر جو ارباب توڳاچي، ارباب اميرحسن ۽ ٻيا پنهنجي قبيلي جي سرواڻي ڪندي انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ رهيا انهن سڀني ۾ ارباب الله جڙيو جو ديني لحاظ کان مٿانهون رتبو آهي. پاڻ مولوي احمد ملاح جي لکيل قرآن پاڪ جي منظوم سنڌي ترجمي کي ڇپرائي نه صرف سنڌي ادب ۽ ٻولي تي احسان ڪيائون پر پنهنجي دنيا ۽ آخرت به سنواريائون فلاحي ڪمن ۾ چوڌري غلام حسين مرحوم، چوڌري رفيق، محمد لطيف گانڌي، ڊاڪٽر ڊريگو، ڊاڪٽر نذير صديقي، محمد اشفاق صديقي اهم رهيا.
محمد عثمان ڏيپلائي جنهن سنڌي ادب کي لازوال ڪتاب ڏنا مشهور تاريخي ناول سانگهڙ لکيائون سي پڻ هن خطي جا هئا انهيءَ کان علاوه ٻيا تاريخي ناول مصطفيٰ ڪمال اتا تُرڪ وغيره سندن لکيل آهن پاڻ مئڪسم گورڪي جي ناول جو “امڙ” نالي ترجمو ڪيائون ڏيپلائي صاحب قلم جو ڌڻي هو اسماعيل عرساڻي صاحب هن ضلعي جو نه هو، پر ايجوڪيشن آفيسر رهيو ۽ ٿر متعلق ڪتاب لکيائين “سيرِ ريگستان” انهيءَ کان علاوه ناٽڪ “بدنصيب ٿري” “ڪورٽ” “نجومي” “شاهدي” وغيره سندن قلم جو پورهيو آهن. انهيءَ کان علاوه راءِ چند هريجن “تاريخ ريگستان” ڪتاب لکيو عورتن ۾ ثريا سوز ڏيپلائي ادب ۾ گهڻو ڪم ڪيو.
عثمان اديب ڏيپلي تعلقي جي تاريخ لکي پاڻ ملهايو.
ڦوٽو گرافر مرحوم نذر محمد ايامن تائين مرپورخاص شهر ۾ اسٽيشن روڊ تي قائم ڪيل سندن اسٽوڊيو، نشاط اسٽوڊيو ۾ پنهنجي فن کي عروج تي پهچايو انهيءَ کان علاوه اسٽيشن روڊ تي قائم ننڍڙي فوٽو اسٽوڊيو جو ڪم فوٽو گرافر شاهجهان پوري ڪندو هو، روحاني اسڪالر بابو عبدالله اهم رهيا.
1970ع ڌاري اولڊ ٿرپارڪر جي عمرڪوٽ واري حصي مان سياسي طور اڀري ايندڙ پَلي برادران ادبي طور پاڻ مڃايو هي 1960ع کان 1990 تائين ادب، شاعري، تحقيق ۽ موسيقي جي آسمان جا جرڪندڙ تارا رهيا، عبدالڪريم پلي جا شاعري جا ڪتاب.
“ڪيا سانگ ساوڻ” “چنڊ جهڙا پرين” وفا پلي جا ٻه ڪتاب “لونء لونء منجهه لغار” “درد هزار هڪڙي دل”
راڄ محمد پلي جو تحقيقي ڪتاب “صوفي فقير صديق “صادق” جي زندگي ۽ صوفيانه شاعري “وڙهيا، واڳيا، وچڙيا” ڇپايا ويا. هنن منجهان ولي محمد وفا پلي جو مشهور غزل جيڪو مرحوم سينگار علي سليم ڳايو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدآباد تان اڪثر ٻڌڻ ۾ ايندو هو.

ڪڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي،
ڪڏهن محب ملندين ملاقات ٿيندي.

سندن هڪ مشهور شعر آهي:
وقت وارن جا وار سھبا،
دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.

هڪ مصور جڏهن ڪا تصوير ٺاهيندو آهي ته ڄڻ هن جي برش ۾ ڪائنات جا رنگ اڀري ويندا آهن ميرپورخاص شهر ۾ مرحوم استاد لعل محمد پٺاڻ، ٿر جي گڊڙي علائقي جي مصور ع. ق شيخ مرحوم ۽ مرحومه عائشه آغا اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ فن مصوري کي نئين دڳ تي آڻي بيهاريو.
هندوستان جي مشهور ليکڪا پوپٽي هيرا ننداڻي هڪ هنڌ لکي ٿي “ڪاٺ جي تختي تي ڌڪ هڻبو ته ردعمل ڪجهه به نه ٿيندو پر جي ‘ستار’ جي تار کي ڇُهئبو ته مڌرتا جا سُر ڇِڙي پوندا بس اِهوئي فرق آهي عام ماڻهون ۽ هڪ تخليقار ۾” هتي جي مشهور ميوزڪ ماسٽر مرحوم “استاد آغا گل محمد” هو جيڪو ميرپورخاص جي سنگيت جي پروگرامن جي موسيقي ڏيندو هو مختلف پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ميوزڪ سيکاريندو هو اسان جي ابن رشد ڪاليج ۾ پڻ اردو ۽ سنڌي پروگرامن جي موسيقي ڏيندو هو.
پاڪستان جو مشهور ڳائڻو (پلي بيڪ سنگر) مرحوم مسعود رانا (ٽانگي والا خير منگندا) پڻ هن ڪاڪ (ميرپورخاص) جو رهاڪو هو پراڻ جي ڪميٽي مير محمد جو ‘نڙ ساز’ وڄائيندڙ ۽ انهيءَ مان شهرت ماڻيندڙ مير محمد لنڊ پڻ مشهور هو جنهن لاءِ اسان جي منظر تراش شاعر حسن درس اِهو چيو:
“پراڻي عشق پوڙهي جي وڄت نڙ ڦوڪ مان نڪتي،
ملڻ هن مير محمد جو جوانن کي جڙي ٿو پيو”.

هي عظيم فنڪار فقير، اٺ ساز نڙ، سُرندو، بانسري، مُرلي، پاول بوڙينڊو، ڇير ۽ چنگ وڄائي سگهندو هو.
مشھور ڳائڻي مرحومه مائي ڀاڳي، غلام قادر بلوچ، اولڊ ٿرپارڪر جي سانگهڙ ضلعي جو رهاڪو ڳائڻو استاد منظور علي خان پڻ ٽنڊي آدم جو رهاڪو هو مرحوم حسن درس پڻ مشاخ هوتي ۾ مدفن آهي هي اُهي آدرشي انسان هئا جيڪي پنهنجي آدرشن جا پڪا، ڪم جا سچا، زبان تي قائم رهندڙ هي انسان وقت جي طوفانن سان مقابلو ڪندي پنهنجي حق ۽ سچ جي ڏيئي کي روشن رکندا آيا هئا جن جي سرمستي حافظ جي هن شعر وانگر واضع نظر اچي ٿي.
اي صبح جي شمع!
پنھنجي ۽ منھنجي هن حال تي روء
ڇاڪاڻ ته جيڪا لڪل آڳ منھنجي اندر آهي
سا تو ۾ ڪانھي.

باب ٽيون: دُنيا ۾ اچڻ کان وٺي مئٽرڪ پاس ڪرڻ جو احوال ۽ ڪجهه متفرقات

جيڪي منجهه جهان، سو تاري تڳي تنهنجي؛
لطف جي لطيف چئي، تو وٽ ڪمي ڪانه؛
عدل ڇٽان آئون نه، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو!
(سُريراڳ)

منهنجو جنم گبسن (Gibson) ميٽرنٽي هوم ميرپورخاص ۾ 29 جون 1954ع تي صبح صادق وقت ٿيو. هي ميٽرنٽي هوم ميرپورخاص جو پهريون ميٽرنٽي هوم هو جيڪو لوڪل بورڊ ۽ منسپالٽي جي گڏيل فنڊن سان هلندو هو هن جو نالو 1920ع کان 1921ع تائين ٿرپارڪر ضلعي جي ڊپٽي ڪليڪٽر رهندڙ آر. اي گبسن جي نالي پٺيان رکيو ويو هي علائقو سول اسپتال ميرپورخاص سان بلڪل لڳو لڳ هو ۽ پوءِ لوڪل بورڊ ختم ٿيڻ ٿي هن علائقي کي سول اسپتال حوالي ڪيو ويو جتي پڻ هي ورهين جا ورهه گائني وارڊ، ڊائي ليسز سينٽر ۽ ٻين ڪم ۾ لاڀائتو ثابت ٿيو هن جي پوئين پاسي جتي سامهون اڄ ڪلهه ڊاڪٽرس فليٽ آهن اُتي گبسن صاحب جو نالو ۽ 1921ع جي افتتاح جي تاريخ پڻ درج ٿيل هئي پر پوءِ گذريل 2011ع جي طوفاني برساتن هن جي ڇت ۽ عمارت کي نقصان پهچايو هاڻي هن عمارت کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي پوءِ ڪهڙي تعمير ٿي رهي آهي ۽ انهيءَ جو ڪارج ڇا آهي اهيا خبر رب پاڪ کي!
انهيءَ وقت هي گهاٽن وڻن سان جهنجهيل هو جنهن ۾ هڪ وڏو جنرل وارڊ جنهن جي ڀرسان ڪجهه ننڍڙا ڪمرا انهيءَ کان ٻاهر ميدان تي ٻن ننڍڙن آڱڻن وارا ڪواٽر هڪ ڊاڪٽرياڻي جي بنگلو تي مشتمل گبسن ميٽرنٽي هوم چوارائيندو هو پر گهڻو ڪري عورتون هن کي “لطيف جي اسپتال” چونديون هيون. اهي ٽي ننڍڙا ٻن ڪمرن وارا ۽ ٻن اڱڻن وارا ڪواٽر پرائيوٽ روم جو ڪم ڏيندا هئا جتي پڄندي وارن کان ڪرايو وصول ڪيو ويندو هو ۽ اُهي پنهنجي فيملي سميت عورت جي مڪمل صحت يابي تائين رهي سگهندا هئا ننڍي عملي کان علاوه هڪ ڊاڪٽرياڻي نرس ۽ مڊوائف هتي 24 ڪلاڪ موجود هونديون هيون.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو پنهنجي جنم ڏينهن 29 جون جو ته منهنجو بابا سائين فجر جي نماز پڙهي ميٽرنٽي هوم جي سائي ڇٻر تي دعا گهري ختم ڪئي ته گبسن هوم جي مڊوائف فاطمه اچي بابا کي خوشخبري ڏني ته:
“توهان کي نياڻي ڄائي آهي جيڪا تمام صحتمند ۽ پياري آهي”
اتان وري ڊاڪٽر مسز لطيف پنهنجي بنگلي ڏانهن ويندي بابا کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته ماءُ ۽ ٻارڙي کي ڪواٽر ڏانهن شفٽ ڪيون پيا هيءَ ڊاڪٽرياڻي مسز لطيف گانڌي ميرپورخاص جي مشهور وڪيل محمد لطيف گانڌي جي گهر واري هئي ۽ سنڌ جي مشهور گائنا ڪالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر رضيه علي محمد انصاري جي امڙ هئي.
بابا جيڪو اولاد لاءِ ورهين کان سڪايل هو سو اهيا خوشخبري ٻڌي اکين مان لڙڪ لاري ويٺو پوءِ وڻن تي ويٺل پکين جون لاتيون ٻڌي مٿي نهاريائين ۽ بابا جي اندر مان ڄڻ ڪي هي آواز آيو.
“هي هرکر رين بسيرن جي ٿي ويندي ساک سويرن جي!”
بابا جي زندگي ۾ اميد جي باکَ ڦُٽي نڪتي هئي هُو خوشي وچان ڪواٽر ۾ داخل ٿيو جتي بابا جي ڀيڻ منهنجي پڦي مونکي کنيو ويٺي هئي يڪدم مونکي بابا جي هٿن ۾ ڏنائين ۽ جذباتي ٿي آسمان ڏانهن اشارو ڪيائين. “هي ڇا!”
“بابا ته سجده زمين تي ٿي ڪيا” ۽ “پُڦي آسمان ڏانهن اشارا ڪري رهي هئي ته رب پاڪ مهرباني ڪئي آهي”
پڙهندڙ سوچيندا هوندا ته ايتريون ننڍڙيون ڳالهيون جيڪي هڪ حقيقت هيون، سي مونکي انهيءَ وَهيءَ ۾ ڪيئن سمجهه ۾ آيون ۽ هاڻي ڪيئن ياد بيٺيون آهن. بابا ۽ امان اُهي سڀ ڳالهيون منهنجي شعور ۾ اچڻ وقت ڪندا هئا، جڏهن ماضي جي دري کوليان ٿي ته سڀ ڏيک منهنجي سامهون اچي بيهن ٿا باقي انهيءَ وقت مان پاڻ هڪ معصوم ٻارڙي هُيس.
يا
ہونا بھی بقدریک نفس ہے،
ہماری ابتدا کیا!، انتہا کیا۔
يا وري ڀڳت ڪبير:
کہاں سے آیا ہوں، کہاں جاؤں گا!
مونکي ننڍي هوندي جون 4 سالن کان وٺي ڪجهه ڳالهيون ڀنڀرڪي جي روشني وانگر ياد آهن باقي 5 سالن کان پوءِ جا واقعه چڱي طرح ياد آهن پر هاڻي ڇا ٿيو آهي جو ماضي قريب وسرندو وڃي ۽ ماضي بعيد چٽو ٿيندو پيو وڃي اِهو به رب جو ڪرم آهي جو ماضي قريب جا ڪيترا ماڻهو اڃان حيات آهن باقي ماضي بعيد جا گهڻا تڻا.
“ويڙهيچن وري ڪَر نه لڌي ڪڏهن”
هاڻي مان اچان ٿي پنهنجي پرائيوٽ روم ڏانهن يعني ڪواٽر ڏانهن جتي چهچٽو لڳو پيو هو. دادو مان آيل منهنجي پڦي ۽ انهيءَ جو فيملي خوشي ۾ نه پئي ماپي بابا منهنجي منهن ڏانهن نهاريندي خوشي وچان چيو.
“هي ته منهنجي امان مرحيات جهڙي آهي، هن جون اکيون ته صفا امان جهڙيون آهن”
۽ پوءِ بابا پيار منجهان منهنجي پيشاني تي چمي ڏني هئي.
منهنجي ڏاڏي جيڪا اڌڙوٽ عمر ۾ پنهنجي اکين جي ديد وڃائي چُڪي هئي سان بابا کي انهيءَ وقت ڏاڍي ياد آئي ته:
“منهنجي امان ڪيئن دنيا جي حسناڪين ڏسڻ کان محروم ٿي وئي هئي”
بابا سڀني ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ کان ننڍو هو يعني گهر جو ننڍو فرد هو هتي وري گهر ۾ هڪڙو مونکي کڻي پيو ۽ ٻيو وري پنهنجي واري جو انتظار ڪري پيو امان ڪافي انتظار کان پوءِ پڦي کي چيو ته “منهنجي ڌي ته مونکي ڏيکاريو مون ته ڏٺي به ڪانه آهي!” ۽ پوءِ پڦي مونکي کڻي امان جي بيڊ وٽ آئي امان چيو: “هِيءَ چڱي ڀلي ته آهي روئي ته ڪانه ٿي!
امان مونکان اڳ منهنجي هڪ ڀاءُ کي جنم ڏنو هو، جيڪو مُرده پيدا ٿيو هو ۽ اهو به ورهين جي بي اولادي کانپوءِ!
امان جهڙوڪر صدمي ۾ ورتل هئي، پر بابا مايوس نه هو پُراميد هو، بقول ڀٽائي سائين جي.
جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائج،
آسرو م لاهج سڄڻ، ٻاجهيندڙ گهڻو.

جيئن ته هُو هڪ باشعور ۽ روشن خيال ماڻهو هو، رب پاڪ جو عبادت گذار، توَڪلي ۽ ڪنهن به شڪ ۽ وسوسي ۾ نه اچڻ وارو، سو پُراُميد هو، ۽ پوءِ امان کي وٺي ڪراچي ويو هو، جتي ڊاڪٽر ساران صديقي جيڪا شڪارپور سان واسطو رکندڙ سنڌ جي پهرين مسلمان ڊاڪٽرياڻي هئي. تنهن وٽ امان جو باقاعده علاج ٿيو ۽ بابا امان کي دلاسو ڏنو ته هاڻي جيڪو توهان جو اولاد پيدا ٿيندو، اُهو انشاءالله زندهه سلامت پيدا ٿيندو. ٿيو به ايئن مان جيئري سلامت پيدا ٿيس ۽ الحمدالله زندگي جا سڀ اسٽيج گُهمي ڦِري پيرسني جي آخري اسٽيج تي پڻ رب پاڪ ڪنهن جو محتاج نه ڪري. ڏاڍي چُستي سان هلان ڦِران پئي ۽ دنيا جا سڀ ڪم ڪار ڪيان پئي.
بابا منهنجي جنم ٿيڻ کان پوءِ زندگي جي نئي چائنٺ تي اچي بيٺو هو هاڻي سندس ذاتي دلچسپيون گهمڻ ڦرڻ رولاڪيون ختم ٿئي ويون هيون. ٻچڙيوال ٿيڻ کان پوءِ بابا جي سوچ جو مرڪز مان هُيس، انسان جي زندگي جا اُهي لمحا ڏاڍا ڀرپور هوندا آهن، جڏهن هن کي اولاد جي نعمت حاصل ٿيندي آهي، جڏهن پهريون ٻار ڄمي ٿو ته انهيءَ خوشي جي ڪيفيت ڪجهه عجيب هوندي آهي. بابا ٻڌائيندو هو ته:
”مان ته ڪپڙن ۾ نٿي ماپيس ۽ مون اهيا خوشي اولاد جي وڌندڙ انگ ۾ پڻ ساڳئي ريت محسوس ڪئي هئي، پر پهريون تجربو بهرحال پهرين حيثيت رکي ٿو“
مائٽ ٿيڻ به هڪ سچو ۽ زبردست احساس آهي. هُو پڻ حياتي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيو هو، هاڻي هُن وٽ جيڪي اڳ هو سو پوئتي رهجي ويو هو.
“هر خاتمو هڪ نئين شروعات هوندي آهي!”
بابا نوجواني کان آزاد زندگي گذاري هئي، پر هاڻي هن جهان گرد انسان پنهنجي آزادي قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. بابا جي اِها وندر امان سان شادي بعد گهڻي حد تائين ختم ٿي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته عورت خاص طور زال کي عزت ڏيڻ هن جي منشور ۾ شامل هو. هُو زال کي عزت ڏيڻ، هن جي ضرورتن جو خيال رکڻ بيماريءَ جي حالت ۾ سُٺي پرگهور لهڻ جو قائل هو. هُو مختلف ماڳن مڪانن کي گُهمي ڦِري ڏِسڻ جو شوقين هو، چوندو هو ته سُهڻيون شيون ۽ جايون مونکي ڏاڍيون وڻنديون هيون.

سدا ڳوليو ساهه کي، سچائي ۽ سونهن،
وندر ۽ ورونهن، مون لاءِ پيڇو پرين جو.

بابا سان به ڪا اهيائي ماجرا هئي بابا کي ڀلاري پار وڃڻ جي به ڏاڍي خواهش هئي هُوءَ سول انجنيئر هو ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ 28 سالن جي عمر ۾ سڄي سال جون پگهارون گڏ ڪري پاڻي واري جهاز ۾ حج ڪري آيو هو ڇو جو ٻڌائيندو هو ته ننڍي هوندي کان نوشهري مدرسي ۾ شاگردي دوران اهيا لُنوءَ کيس لڳي چڪي هئي ۽ پاڻ ڀرو ٿيڻ بعد سندن اهيا خواهش رب پاڪ اگهائي بقول شاهه سائين:
اندر جنين اُڃ پاڻي اُڃيو اُن کي!
اڳي اوڙي پاڙي ۾ به افراتفري وارو عالم نه هو محبتون، دوستيون، انسانيت، همدردي، خبرگيري ۽ ڀائپيون، اهي جذبا قائم هئا.
”سڳا سيئي سيڻ، جنين اوڏا پکڙا“
انهيءَ پاڙي ٽئوراآباد مان امان جون ساٿياڻيون، امان کي ڏِسڻ لاءِ اينديون رهنديون هيون. بابا امان جي مدد لاءِ گلاب نالي ڇوڪرو جيڪو مھاجر هو، اڳ ئي گهر ۾ رکيو هو. اها فيملي کوکروپار بارڊر کان ميرپورخاص پهتي هئي ۽ هن جي پيءَ کي ڪجهه سال اڳ بابا جانورن جي اسپتال ۾ نوڪري وٺرائي ڏني هئي. اها ضلعي ٿرپارڪر جي پهرين وٽنري ڊسپينسري هئي، جيڪا 1915ع ڌاري قائم ٿي هئي، جنهن کي لوڪل بورڊ پنهنجي خرچن سان هلائيندو هو. هن جي عمارت موجوده ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ڀرسان نور شاهه ڪالوني جي سامهون ويندڙ روڊ تي جوهر ڪالوني جي ڀر ۾ آهي. سو ذڪر ٿي ڪيم ڇوڪَري “گلاب” جو جيڪو انهيءَ وقت يارنهن ٻارنهن سالن جو هو. غريب هُئڻ باوجود انتهائي ايماندار ۽ وفادار هو. انهيءَ وقت سندس پگهار 10 روپيا ماهانه هئي. هُو منهنجي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو، پر وهمي به تمام گهڻو هو. جيڪي عورتون اسان جي گهر اينديون هيون انهن کي ڏسي چوندو هو.
’’یہ ہماری مُنی کو نظر لگادیں گی‘‘
جڏهن مايون هليون وينديون هيون ته ڊوڙ پائي رڌڻي مان چمٽي ۾ ٽانڊو کڻي اچي انهن جي پيرن جي نشانن تي رکندو هو. بابا ڪاوڙ ڪندو هُيس ته اهيا ڪهڙي توهم پرستي آهي. پر انهيءَ جي باوجود مُڙندو ڪونه هو. ايندڙ ويندڙ کي چوندو هو!
‘‘دیکھو تو صحیح ہمارے مُنی کتنی کمزور ہے۔۔!!’’
آخرڪار ڀرواري گهر جي رُوپ چَند جي ماءُ چئي ڏنس ته “مُئا چئين ڇا ٿو!؟ هي هيڏي ٿلهي متاري ڇوڪري آهي. تون وري ڪمزور ڪمزرو جي رَٽَ لڳايو ويٺو آهين. ڇهين ڏينهن گبسن هوم مان موڪل ٿي امان ۽ بابا مونکي کڻي ٽنئورا آباد چاچا عبدالرسول جي گهر پهتا شام جو ڌام ڌوم سان منهنجي ڇٽي ڪئي وئي پڦي ريشمي ڪپڙا سبي مونکي پارايا بابا هڪڙو ننڍڙو پتين جو سونو هار، ٻه عدد ڪنگڙيون ۽ هڪ منڊي اڳي ئي سوناري کي ٺاهڻ لاءِ چيو هو سو کڻي آيو هو مونکي اِهي سڀ زيور پارايا ويا هئا مِٺي ۽ نمڪين ڀت جون ديڳيون چاڙهيون ويون هيون پڦي وري منهنجي وڏي ٿيڻ تي ٻڌائيندي هئي “تون انهيءَ ڏينهن ڏاڍي سُهڻي ٿي لڳيئن” هوڏانهن گلاب جو چوڻ سچ ثابت ٿيو ٻئي ڏينهن مونکي بخار ۽ الٽيون شروع ٿي ويون مون کير پيئڻ بند ڪري ڇڏيو هو امان ۽ بابا ڏاڍا پريشان ٿيا ڊاڪٽر مسز لطيف سان رابطو ڪيو ويو جنهن پيئڻ جون دوائون لکي ڏنيون انهيءَ وقت ٻارن جي “پيڊياٽرسٽ” جو ڪم پڻ اهيا ڊاڪٽر ڏيندي هئي هن بابا کي دلجاءِ ڏني واقعي مان ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي هُيس گلاب چيو:
‘‘میں نے کہاتھا نہ نظر لگ جائگی سو لگ گئی’’
بابا جڏهن اهي لفظ ٻڌا ته ڪجهه سوچ ۾ پئجي ويو ۽ مونکي هٿن ۾ کڻي ڪجهه قراني آيتون شوڪاريائين مان ته ڪجهه ڏينهن بعد چڱي ڀلي ٿي ويس پر وري ڪڏهن زندگيءَ ۾ ٿلهي متاري ڪانه ٿيس. اِهو هو ڪاري نظر جو ڪمال..!
منهنجي پڦي صاحب خاتون مون لاءِ اڳ ئي بيوٽيفڪيشن پروگرام ٺاهي آئي هئي تنهن تي هاڻي عمل درآمد پڪي طريقي سان شروع ٿي ويو هو. ٿلهي سرمي سرائي سان اکين ۾ سرمو وجهڻ، پيشاني کي هٿن جي ترين سان زور ڏيڻ، جسم تي مالش ڪرڻ ۽ مان انهن ڪمن تي زور زور سان روئڻ شروع ڪندي هُيس خاص طور تي سرمو پارائڻ وقت، بابا چوندو هُيس ته ڇو ٿي پارائينس ڇوڪري روئي ٿي، ته جواب ڏيندي هئي ”اکيون وڏيون ٿيندس“ بابا چوندو هو: ”اکيون اڳئي وڏيون آهن اڃان ڪيتريون وڏيون ڪنديسِ“
پوءِ بابا جي گهر کان ٻاهر وڃڻ جو انتظار ڪندي هئي ۽ امان کان پڇندي هئي ته “ادو ڪڏهن نوڪري تي ويندو ۽ اڃان ڇو ڪونه ٿو نوڪري تي وڃي؟” بابا جي پوسٽنگ انهن ڏينهن ۾ سانگهڙ ۾ هئي جيڪو 1947ع کان پوءِ چار ڀيرا ضلعو ٺهيو ۽ ڊهيو هو اتي بابا پي ڊبليو ڊي کاتي ۾ اورسيئر هو.
بابا جي ابتدائي تعليم ڳوٺ خانواهڻ ضلعو نوشهروفيروز (تڏهوڪو ضلعو نواب شاهه ساهتي) جي هڪ ملان اسڪول جي هئي پوءِ وري اڳتي تعليم لاءِ الله آندي شاهه جي ٺاهرايل نوشهرو جي مدرسه اسڪول آيو هو جتي ميٽرڪ پاس ڪئي هئائين پوءِ ڪراچي جي ڏيارام، ڄيٺمل ڪاليج جنهن ۾، انجنئيرنگ شاخ قائم ٿيل هئي جتي اور سيئر ڪورس ڪيل شاگردن کي پبلڪ ورڪس کاتي ۾، ملازمتون ڏنيون وينديون هيون بابا پڻ انهيءَ ڪاليج مان پڙهي ملازمت حاصل ڪئي هئي جيڪا گهڻي تڻي اڳوڻي ضلع ٿرپارڪر جي مختلف شهرن ڪوٽ غلام محمد (جيمس آباد) سانگهڙ، ڍورو نارو وغيره ۾ هئي امان سان بابا جي شادي ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٿي هئي منهنجي ناني ميان علي نواز قريشي جو تعلق زمينداري ڪرت سان هو خانواهڻ جي ويجهو سيالن جي ڳوٺ مان نانا جي شادي ٿيل اُتي ئي سيالن جي ڳوٺ (راون) جي ڳوٺ ويجهو نانا جي چڱي زرخيز ٻني هئي نانا جي والد عبدالقادر قريشي جي دور ۾ اهي زمينون کوهن جي پاڻي تي آباد ٿينديون هيون پر پوءِ اسانجي امان، نانا جي ساروڻين مان ٻڌائيندي هئي ته
“اُن دور ۾ سکر بئراج نئون جڙي راس ٿيو هو اڳوڻو هڪ فصلي دور پڄاڻي تي پهتو هو. چيٽ ۽ ڪَتيءَ جا سال ۾ ٻه فصل پوکجڻ جي شروعات ٿي هئي سنڌ جي زراعت جي تاريخ ۾ اِهو وڏي ۾ وڏو انقلاب هو جيڪو 1930ع ڌاري آيو هو منهنجي نانا جي ٻنين پڻ گهڻو اناج ڏيڻ شروع ڪيو هو نانا مرحوم خانواهڻ جو چڱو خاصو زميندار ۽ معتبر ماڻهون هو جنهن وٽ ننڍن وڏن فيصلن لاءِ ملاح، ڪونڌر وغيره ايندا هئا امان وارن وٽ گهر ۾ مال، جانور ۽ کاڌي جون جنسون موجود هونديون هيون کير مکڻ جام هو وزن جا پيمانا ٽويو، ماسو، ڪاسو وغيره هوندا هئا ۽ شين جي بدلي ٻئي شي خريد ڪئي ويندي هئي نانا غريب پرور هو خدا جي ڏني مان غريبن جي مدد ڪندو هو ماڻهن جا هشام هن جون عقل ۽ علم جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿي ويندا هئا پوءِ به خانواهڻ جا پراڻا ماڻهون جن ۾ خاص طور ميربحر عورتون ايامن تائين سندس ڪچهري جا حوالا ڏينديون هيون

صحبت سپرين جي جڏهن پوي ٿي ياد،
فريادون فرياد، ناگهه وڃن نڪريو.

هو سچ ڳالهائيندڙ ۽ ڪوڙ ڪپت کان پري رهندڙ هڪ سچ ڳالهائيندڙ انسان هو انهيءَ سچ ڳالهائڻ سبب انهيءَ وقت جا قريشي خاندان جا ماڻهون اڪثر کائنس ناراض رهندا هئا نانا سائين جي شادي به ڌارين راون (سيالن) مان ٿيل هئي جيڪي سرائڪي ٻولي ڳالهائيندا هئا منهنجي امان جي مادري زبان سرائڪي هئي پر امان کي ڳالهائڻ ڪانه ايندي هئي الائي ڇو....!؟
يا وري اِهو سبب ٿي سگهي ٿو ته امان جي ماءُ جيڪا امان جي ننڍپڻ ۾ 7 سالن جي عمر ۾ گذاري وئي هئي تنهن کان نه سکي سگهي هجي يا وري گهر ۽ ماڻهن جي ۽ ماحول ۾ مروج زبان سنڌي هئي تنهنجي ڪري نه سِکي سگهي امان کي هڪ سڳو ڀاء امان الله قريشي هو جيڪو منهنجو سڳو مامو هو ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ عنايت خاتون هئي جيڪا ماء جي وفات وقت ڪجهه مهينن جي هئي امان وارن جي پرورش سيالن جي ڳوٺ مان آيل سندن نانِيءَ ڪئي نانا ٻئي شادي ڪونه ڪئي منهنجو مامو امان الله پڻ نوشهري مدرسي ۾ پڙهيو پوءِ انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري اريگيشن کاتي ۾ نوڪري جي شروعات ڪيائين جيڪا پڻ ڍورو نارو فرش سَب ڊويزن هئي ماما جي خانواهڻ کي ڇڏي ٿرپارڪر اچڻ کان پوءِ نانا به گهڻو عرصو خانواهڻ ۾ نه رهيو ۽ ٿرپارڪر هليو آيو پاڻ سان گڏ ننڍي ڌي کي به وٺي آيو ٿرپارڪر جا وڻ وسائڻ کان پوءِ هُو تاحيات هتي منهنجي مامي ۽ انهيءَ جي اولاد سان گڏ رهيو ۽ ميرپورخاص ۾ 1960ع ڌاري گذاري ويو سندس مدفن تقي شاهه قبرستان ميرپور خاص ۾ آهي.
بابا جي نوڪري تي وڃڻ کانپوءِ پُڦيءَ جا وارا نيارا ٿي ويندا هئا ۽ هُوءَ پنهنجي بيوٽيفڪيشن پروگرام تي سختي سان ڪار بند ٿي ويندي هئي ۽ امان کي ٻڌائيندي هئي ته مون هن اولاد لاءِ هيتريون سُکائون باسيون آهن انهن ۾ سڀ کان اهم سُکا “ڪُهاڙي پير” جي آهي
بابا پڇيس ته
“ادي اُهو ڪهاڙو پير ڪٿي آهي؟”
جواب ڏنائين...
“دادو مان ريل رستي توهان ڏانهن پئي آيس جتي جبلن ۾ سرنگهه منجهان ريل لنگهندي آهي ۽ اُتي اوندهه ڇائنجي ويندي آهي اُن گسَ جي ٿورو اوريان يا پويان ڪهاڙو پير آهي مونکي مسافر عورتون ٻُڌايو سو مون به تنهنجي اولاد ٿيڻ: لاءِ سُکا باسي ڇڏي ته جڏهن اولاد ٿيندو ته پنج عدد ڪهاڙيون ٺهرائي هتي سُکا طور ڏئي وينداسين”
بابا چيو!
“ادي واه جو ڪم ڪيو اٿئي! مان ته سُکائن باسڻ ۽ پيرن جي درگاهن تي وڃي ڪجهه گهرڻ جو قائل ئي نه آهيان منهنجو رب پاڪ تي ڪامل ڀروسو آهي جيڪو گُهرڻو آهي انهيءَ کان گُهرو اُنهيءَ کي ٻاڏايو اگر مقدر ۾ آهي ته ضرور ملندو”
”روئيندي ڏٺيون مون ان در مٿي دادليون“
بابا سائين جيتوڻيڪ انهيءَ وقت شاهه عنايت شهيد جا معتقد هئا پر فنا في لمرشد نه هئا سندن سوچ سدائين منصفانه رهي پاڻ روشن خيال آزاد منش ۽ صوفياڻو خيال رکندڙ هئا اسلامي ارڪانن جي پوري طرح بجا آوري ڪندا هئا سندن مزاج ۾ ڪٿي به ڪٽرپڻو نه هو نه وري پنهنجي سوچ کي ٻين تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا هن جا هندو، پارسي عيسائي مذهب وارن سان سٺا لاڳاپا رهيا پاڻ روشن خيال ۽ ترقي پسند هُئڻ باوجود مذهبي ذهنيت رکندا هئا سندن چوڻ هو حياتي ۾ ٽن ڳالهين جو خاص خيال رکجي.
“اعتبار، واعدو ۽ تعلق اِهي ٽٽڻ مهل ڪو آواز پيدا نه ڪندا آهن پر زندگي کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندا آهن”
بهرحال بابا پڦي کي چيو ته آئون توکي دادو واپسي مهل ڪهاڙين جا پئسا ڏيندس اُهي ٺهرائي ڪنهن ماڻهون هٿان ڪهاڙي پير تي موڪلي ڏجانء ڇو ته تو هڪ انسان جيڪو زندهه به نه آهي ان سان وعدو ڪيو آهي وعدي جي پاسداري ضروري آهي
بهرحال بابا انهيءَ وقت پڦي کي سو روپيا ڪڍي ڏنا ۽ چيائين ته:
“هي اڄ ئي ننڍڙي جي نالي خيرات ڪري ڇڏ!”
پڦي انهيءَ وقت در تي آئي انهيءَ در جي سامهون هاڻي جتي اَٽي پيهڻ جي مشين آهي اتي هڪ پپر جو وڏو گهاٽو وڻ هوندو هو اُتي هڪ مسڪين عورت اڪثر ويٺي هوندي هئي پڦي اُهي پئسا عورت جي حوالي ڪيا انهيءَ دعائون ڏنس ۽ چيائين ته
“مونکي ننڍڙي ڏيکار ته سهي”
پر پڦي کي وري اهوئي عورتن وارو “وهم ۽ توهم پرستي” نظر هڻي ويندي.
هن کي جواب ڏنائين ته :
“اسان جي ننڍڙي سُتي پئي آهي آواز تي جاڳي پوندي!”
اِهو چئي پنهنجي عقل موجب انهيءَ عورت مان جان ڇڏيائين ڪوڙ نه ڳالهائيندي هئي پر هتي ڀاءُ جي اولاد لاءِ پيار ۽ حُب هن کي نظريه ضرورت تحت ڪوڙ ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو هو چوندا آهن ته:
“محبت قدر تي ٿيندي آهي، جڏهن ته نفرت سکڻي پوندي آهي”
هوڏانهن بابا روزانه منهنجا فوٽو ڪڍندو هو فوٽو گرافي ۽ فوٽو ڪڍرائڻ جو شروع کان شوقين هو. جواني ۾ جيڪي ماڳ مقام گهميا هئائين انهن جا فوٽو پنهنجي ڪيمره ۾ محفوظ ڪيا هئائين پر وري نوڪري سانگي مختلف هنڌن تي رهڻ دوران انهن مان ڪجهه وڃائجي ويا هئا پر امان جي اچڻ کان پوءِ جا سڀ فوٽو صحيح سلامت مون وٽ موجود آهن.
تڏهن ته چوندا آهن.
وجود زن سي هي تصوير ڪائنات ۾ رنگ!
اسي ڪي ساز سي هي زندگي جا سوز درُن.

امان جيتوڻيڪ بابا جي استعمال جون سڀ شيون سنڀالي رکندي هئي پر پنهنجو فوٽو ڪڍرائڻ جي خلاف هوندي هئي. چوندي هئي
“اهي ڦوٽو گناهه آهن، بُت آهن..!”
بهرحال پوءِ آهستي آهستي وقت ۽ حالتن کي ڏسندي هُوءَ فوٽو ڪڍرائڻ تي راضي ٿي. بابا روزانه منهنجو هڪ فوٽو ڪڍي پوءِ ڊيوٽي تي ويندو هو جيڪو فوٽو سج جي روشني ۾ نڪرندو هو ڇو ته فليش انهيءَ ۾ ڪونه هوندو هُو امان کي چوندو هو
“ڇوڪري کي فقط جهلي بيهه تي فوٽو ڪڍان پر هو ٺُپُ جواب ڏيندي هئي ته مونکي گناهه ٿيندو. منهنجا بابا سان گڏ ٻاروتڻ ۽ اوائلي پاروتڻ جا تمام گهڻا فوٽو آهن پر امان سان گڏ فقط هڪ فوٽو آهي جنهن ۾ هُوء مونکي ڪِرڻ کان بچائڻ لاءِ پلنگ جي ڪنڊ کان جهليو بيٺي آهي هُن جي فقط ٻانهن نظر اچي پئي باقي منهنجو سڄو فوٽُ آيو آهي. بابا جو فوٽو ڪڍڻ ڪڍرائڻ جو شوق مونکي اٺن مهينن جي عمر ٿيڻ تائين ميرپورخاص جي مختلف فوٽو اسٽوڊيوز تي آڻي پهچايو هاڻي جڏهن مان ڪنڌ جهلي سهاري سان پنهنجن پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿي وئي هُيس ته به اُهي فوٽو ڪڏهن هِڪڙي اسٽوڊيو ڪڏهن ٻئي اسٽوڊيو تان نڪرندا رهندا هئا پوءِ جڏهن منهنجا ٻيا ڀائر ۽ ڀيڻ ڄائي ته انهن جا فوٽو به ڏاڍي شوق سان وٺي وڃي اسٽوڊيو مان ڪڍرائي ايندو هو.
منهنجي عمر جڏهن پوڻا ٻه سال هئي تڏهن مونکي ٽائيفائيڊ ٿي پيو هو بابا جو ڄڻ ته سُک ڦتي ويو هو، وقت تي دوا پيارڻ پرهيزي کاڌو (پيڪ فرينس) وارن جي رَٻَ کارائڻ ۽ هڪ ڪلاڪ اندر ٻه ٽي ڀيرا بخار چيڪ ڪرڻ جهڙوڪر بابا جي ڊيوٽي هئي ميرپورخاص جو پراڻو ۽ مشهور ڊاڪٽر ‘ڊريگو’ روزانه وزٽ تي اسان جي گهر ايندو هو ۽ بابا کي دلجاءِ ڪرائيندو هو هيءُ ڊاڪٽر ڊريگو “گوا” هندوستان کان آيل ماهر فزيشن هو انهيءَ وقت ميرپورخاص ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڊاڪٽر مئا پر هن ڊاڪٽر ڊريگو سڄي حياتي ميرپورخاص جي عوام جي خدمت لاءِ وقف ڪئي “گوا” هندوستان سان تعلق رکندڙ هي ماڻهو رومن ڪيٿولڪ عيسائي هئا انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو ڪيو ته گهڻا ماڻهو گوا جي فوج سان گڏ سنڌ ۾ آيا جڏهن ڪراچي بندرگاهه کي ريل رستي پوري هندوستان سان ڳنڍيو ويو ته هندوستان مان ٻين برادرين سان “گوئن” پڻ روزگار سانگي ڪراچي آيا اتان وري اندروني سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اچڻ شروع ٿيا هي “گوئن” انتهائي محنتي ۽ ايماندار هوندا هئا ڊاڪٽر ڊريگو پڻ اهڙي طريقي سان ميرپور خاص پهتو هو سندس ڪلينڪ کري ڪواٽر ميرپور خاص ۾ هئي هن شهر ۾ پهريون ڀيرو پرچي سسٽم رائج ڪيو جنهن مطابق هر مريض سندس نمبر اچڻ تي ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائي سگهندو هو سندس اسپتال مان هڪ سائي رنگ جو مڪسچر ملندو هو جنهن جو کارو ذائقو اڄ به مونکي ياد آهي انهيءَ کان علاوه ڪجهه گوريون ملنديون هيون انجيڪشن تمام گهٽ هڻندو هو اڄ ڪلهه جا ڊاڪٽر ۽ مريض ٻئي سئي هڻڻ ۽ هڻائڻ ۾ ڏاڍا خوش ٿين ٿا. ڊاڪٽر ڊريگو جهڙا پنهنجي پيشي سان سچار ۽ ساونت ڊاڪٽر هن چرخ گردون ۾ گهٽ ملندا.
سو مون ذڪر پئي ڪيو پنهنجي بيماريءَ جو امان ٻڌائيندي هئي ڏينهن جي وقت تون گهڻو ڪري خاموش رهندي هئين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنجهندي هُئين پر جڏهن رات ٿيندي هئي ته روئڻ شروع ڪندي هئين.
“امان، بابا نات (رات) ٿئي وئي آهي هاڻي نات ٿئي وئي آهي”
پوءِ اِهو الائي ڪهڙو خوف هو جيڪو منهنجي لاشعور ۾ ويٺل هو حالانڪه اتي ٽنئورا آباد ۾ لائٽ هئي بلب سڄي رات روشن رهندا هئا انهيءَ وقت واپڊا جي بجلي نه هئي بلڪه هڪ ننڍي اليڪٽرڪ ڪمپني ميرپورخاص کي لائٽ فراهم ڪندي هئي جلدي اولڊ پاور هائوس ٺهيو اهيا ننڍڙي اليڪٽرڪ ڪمپني ڪجهه خاص پاڙن ۽ آفيسن کي بجلي فراهم ڪندي هئي اُنهن پاڙن ۾ ٽنئورآباد جو پاڙو به شامل هو جيڪو انگريزن جي آخري ڏهاڪي دوران گهڻو تڻو آباد ٿيو هو هن جو انفااسٽيڪچر (تعميراتي ڍانچو) بهترين هو گهٽيون ڪشاديون ۽ گهرن اڳيان فٽ پاٿ گهرن جون ڇتيون يورپ جي ملڪ بيلجيئم مان گهرايل ٽيئر گارڊر سان ٺهيل هيون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هتي هندو آبادي اڪثريت ۾ هئي منهنجي چاچي عبدالرسول هتي ٻه پلاٽ خريد ڪري پاڪستان ٺهڻ کان اڳ گهر ٺهرايو هو جيڪو چئن حصن تي مشتمل هو اسان هيٺ واري اڌ حصي ۾ رهندا هئاسين.
بابا ويچارو سڄي رات پنهنجي ڪنڌ تي منهنجو مٿو رکي گهر ۾ پيو گهمائيندو هو آخر خدا خدا ڪري منهنجي مُدي (ٽائيفائيڊ) جي انهي تپ مان جان آجي ٿي ۽ مان صحت ياب ٿيس امان بابا کي چيو.
“هن جا وار هاڻي بخار ۾ ڪري ڪمزور ٿي ويا آهن هن جو مٿو ڪوڙائي اچو ته سٺا وار نڪرن”
امان جا پنهنجا گهاٽا وڏا وار هئا ۽ چاهيندي هئي ته منهنجا به وڏا وار ٿين. بابا مونکي کڻي حجام وٽ آيو ۽ مونکي ٺوڙهي ڪرائي آيو بابا انهيءَ وقت به منهنجو (مون ٺوڙهي) جو هڪ فوٽو ڪڍيو جيڪو اڄ سوڌو مون وٽ موجود آهي بابا مون سان ڪيڏو نه پيار ڪندو هو انهيءَ جو اندازو مونکي هن ڪٿا لکندي محسوس ٿي رهيو آهي ته: “حياتي جي هن اسٽيج تائين بابا جيترو پيار مون سان ڪيو ڪنهن نه ڪيو آهي ۽ دل منجهان شاهه سائين جو هي بيت نڪري قلم جي زينت بڻيو آهي.
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿيو.

منهنجي ٻاروتن جو ڪجهه حصو سانگهڙ شهر ۾ به گذريو. ڇاڪاڻ ته بابا جي نوڪري اُتي هئي منهنجي امان ۽ بابا مونکي وٺي سانگهڙ آيا مون سان وابسته ڪجهه يادگيريون ۽ ڳالهيون منهنجي وڏي ٿيڻ ٿي ڏاڍي شد ۽ مد سان ڪندا هئا هڪڙو قصو اِهو ته هڪڙو ڀيرو ميرپور خاص کان سانگهڙ ويندي گاڏي (جيپ) خراب ٿئي پئي هلڻ کان صفا جواب ڏيئي ڇڏيائين بابا پريشان ٿي ويو پر ڊرائيور آسرو ڏنو ته:
“ڪوشش ڪيون ٿا اميد ته ٺهي ويندي”
بابا کي صرف اِهو فڪر هو ته منهنجي کير پيئڻ جو ٽائيم ٿي ويندو جيڪو اُنهيءَ وقت به مان فيڊر سان پيئدي هُيس ۽ اُهو ڍَڳيءَ جو کير هوندو هو سو هتي ڪٿان ايندو؟
بهرحال بک لڳڻ تي مون گهڻيون رڙيون ڪونه ڪيون پر ننڊ اچڻ واري وقت مون پينگهي جي اشد ضرورت محسوس ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته مان انهيءَ جي عادي هُيس پر هتي پينگهو ڪٿان اچي بابا.
“ڪپڙي جي لوڏ ٺاهي وڻ ۾ ٻڌي انهيءَ ۾ مونکي سمهاريائين پر مون ڊپ وچان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون اهڙا رانڀاٽ ڪيا جو آس پاس جو جهر جهنگ اچي گڏ ٿيو ته ڇوڪري ايترو ڇو پئي روئي”
امان چيس ته: مونکي ڏيو ته مان پنهنجي هنج ۾ ٿي سمهاريانس متان ننڊ اچي وڃيس..!
پوءِ جيئن امان پٽ تي ويهي پنهنجي گوڏن تي سمهاري پنهنجي مَٿي جي رَئي جو اڌ ڍڪي مونکي لوڏڻ شروع ڪيو ته کَن پَل ۾ مونکي ننڊ اچي وئي. اردو ٻولي جي هڪ شاعر چيو آهي:
ماں کی آنچل کی ٹھنڈک، کب ہے پیڑوں کی چھاؤں میں،
اِک یہ ہی تو فرق ہے، یاروں، پیڑوں اور ماؤں میں۔
ٻيو قصو جيڪو امان ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ ٻڌائيندي هئي ته بابا آفيس مان اچڻ کان پوءِ مونکي کڻي بَس جي اڏي تي ايندو هو ۽ مان آڱرين سان بسن ڏانهن اشارا ڪندي ڏاڍي خوش ٿيندي هُئيس انهيءَ زماني ۾ گهڻو ڪري بَسِ کي لاري چوندا هئا بابا گهر ۾ نه به هوندو هو ته ڪونه ڪو ملازم يا بيلدار گهر تي ايندو هو ته مونکي ڏسي چوندو هو.
“امان لاري ڏسڻ هلندينءَ”
“مان ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪندي هُئس”
پوءِ هُو مونکي ٻانهن تي کڻي لاري ڏيکاريندو هو انهيءَ وقت جي لاريءَ ۾ هارُن اندر ڪونه هوندو هو بلڪه ڊرائيور واري سائيڊ کان دَريءَ جي ٻاهران ‘توتاري‘ نموني جو ٻئي پاسي ربڙ جي بال وانگر ٽنگيل هوندو هو جنهن کي هٿ سان دٻائڻ سان آواز نڪرندو هو جيڪو ڀون ڀون ڀون ڪندي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندو هو.
لاريءَ جي انهيءَ هارُن ڀرسان منهنجو هڪ فوٽو آهي جيڪو بابا ڪڍيو آهي مونکي هڪ ماڻهون ٻانهن ۾ کنيو بيٺو آهي ۽ مان ڏاڍي خوش نظر اچان پئي.
اهيا هڪ سياري جي سخت ٿڌي رات هئي جڏهن مون روئڻ شروع ڪيو:
“بابا لاري هلو!” “مان لاري وڃان!”
هاڻي لاري وڃان! لاري لاري!!!
امان منهنجو اهو بي وقتو انگل ڏسي ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين ته ڇوري آهي! جزا آهي! هر وقت لاري لاري لڳي پئي آهي، اڌ رات جو ڪِٿان آئي لاري؟ ماٺ ڪري سُمهي رهه صبح جو وڃجانءَ!
پر مون ماٺ نه ڪئي بابا جيڪو اِهو سڄو لقاء خاموشي سان ڏسي رهيو هو سو اٿيو پنهنجي جسم تي گرم اورڪوٽ پاتائين مونکي ڪمبل ۾ ويڙهي لاري جي اڏي تي کڻي آيو پر اُتي ڪابه لاري ڪونه هئي شايد رات جي پهر ۾ ڪجهه لاريون ڪنهن ڊپوءَ تي بيهاريندا هئا بابا مونکي چيو
“امان ڏس هتي لاري آهي ئي ڪانه”
مون چيو
“بابا هاڻي امان هلو” بابا مونکي کڻي گهر پهتو
امان اسان کي ڏسي چيو
“ڏسي آئي منهنجي سڪيلڌي لاري!؟”
بابا چيو
“هاڻي ته ڪابه لاري ڪونه هئي صبح جو هن کي ڏيکاري ايندس لاري”
امان چيو “ڇو ٿو کارينس! هاڻي ڪونه ايندي لاري مون پنهنجي ٻاراڻي سمجهه مطابق جواب ڏنو.
“لاري اچي!”
پوءِ سانگهڙ ۾ بابا جي رهائش دوران منهنجي اِها معصومانه وندر جاري رهي. ڪجهه وقت کان پوءِ وري ميرپورخاص آياسين ۽ قدرت الله جي! اسانجي فيملي جنهن ۾ ٽي ڀاتي هياسين جيڪا پوءِ وڌي ڇهه ڀاتي ٿي وئي. وري سانگهڙ ڪونه وياسين پر اِهو عجب اتفاق هو منهنجي ڪاليج جي نوڪري جي شروعات سانگهڙ گرلز ڊگري ڪاليج کان ٿي اُتي اهيا پوسٽنگ ٻه مهينا ڪجهه ڏينهن رهي ۽ مان واپس ميرپورخاص آيس وقت جا ننڍا وڏا واقعه ۽ حادثا پڻ انسان جي شخصيت تي پنهنجا سُروپا ڇڏيندا آهن ۽ اُهي تاحيات انسان جي جسم تي موجد رهندا آهن مون ساڻ پڻ سوا ٻن سالن جي عمر ۾ چانهن جي گرم پاڻي سان سڙڻ جو واقعو پيش آيو.
“ٿيو ايئن جو امان مونکي وٺي پنهنجي ڀاءُ امان الله وٽ ڍورو نارو آئي جتي تمام گهڻي ٿڌ هئي انهيءَ زماني ۾ اتي بجلي وغيره ڪونه هئي اريگيشن وارن جون اهي رهائش گاهون شهر کان ٻاهر کليل ميدانن تي ٺهيل هيون ورانڊن ۾ باهه ٻاري پهريان گرمائش حاصل ڪئي ويندي هئي پوءِ انهيءَ تي چانهن وغيره تيار ڪندا هئا جيئن ئي چانهه چلهه تي رکي وئي مون امان سان ضد ڪيو ته
“مونکي اتي ويهار! جتي ماسي عنايت خاتون ويٺل آهي. هُوءَ باهه جي بلڪل ويجهو ويٺل هئي ماسي اُٿي ٻئي پاسي ويٺي مون سندس جاءِ والاري ۽ اتي جو اُتي ويهندي شرط پنهنجو پير چلهه کي هنيم اُهو سِرُن سان ٺهيل هڪ عارضي چُلُهو هو جنهن تي چانهه جو ديڳڙو چڙهيل هو سو سڄو جو سڄو اچي منهنجي پير ڃنگهه مٿان ڪريو. پوءِ منهنجي حالت تمام خراب تي وئي مون اُڀ ڏاريندڙ رڙيون شروع ڪيون مونکي پيرن ۾ جوراب ۽ بوٽ پاتل هئا انهيءَ جي باوجود کل تمام گهڻي سڙي وئي هئي مهنجي نانا (وڏي بابا) مونکي پيار ڪندي ڌوتاري جوراب لاٿا ته کل پڻ انهيءَ سان گڏ لهڻ شروع ٿي وئي انهن ڏينهن ۾ ڍورو نارو ۾ ڪوبه سٺو ڊاڪٽر موجود ڪونه هو منهنجي ماما “فرش سب ڊويزن” جي آفيس مان فون ڪري بابا کي اطلاع ڏني جيڪو ميرپورخاص ۾ هو بابا اهيا خبر ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿيو تمام جلد ڍورو نارو پهتو مونکي ۽ امان کي وٺي ميرپورخاص پهتو جتي منهنجي سڙيل ڃنگهه جو علاج ڊاڪٽر ڊريگو جي زيرنگراني شروع ٿيو پهريون ڀيرو مونکي اينٽي بايوٽڪ دوائون ۽ سيون لڳيون ۽ روزانه پير جي ڊريسنگ ڊاڪٽر جا ڪمپائونڊر مسٽر جارج، ڪلوپائي ۽ رحمت ڪندا هئا اُهي شخصيتون ايامن تائين ڊاڪٽر سان گڏ رهيون ۽ ميرپورخاص جي پراڻن ماڻهن “جيڪي منجهه جهان” آهن تن کي ياد هونديون پوءِ آهستي آهستي منهنجي پَير ۽ ڃَنگهه جا ڦٽ ڇُٽي ويا باقي وقت سان گڏ نشان به ڊهندا رهيا پر اڃان تائين ڪجهه هلڪا نشان سڄي پير جي مُري جي هَڏِيءَ تي باقي آهن.
امان وٽ جڏهن مان اڪيلي اولاد هُيس ته هُن جي شايد انهيءَ وقت سندس ياد داشت سٺي هئي جو وڏي ٿيڻ تي مونکي ننڍپڻ جون سڀ ڳالهيون ٻڌائيندي هئي چوندي هئي ته
“تو تمام اوائلي پاروتڻ کان پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ رشتن کي سڃاڻڻ شروع ڪيو هو امان جڏهن ننڊ ڪرائڻ لاءِ لولي ڏيندي هئي ته
“منهنجي مٺڙي جو الله! منهنجي پياري جو الله! الله هُو الله هُو”
ته مان چوندي هئي مانس ته امان چئو ته
بابا جو الله، پڦيءَ جو الله، ماما جو الله امان ويچاري چوندي ويندي هئي پوءِ اڳتي وري اوڙي پاڙي جا نالا شروع ٿيندا هئا رُوپي ماءُ جو الله چندرا جو الله ڀنگياڻي جو الله گلاب جو الله امان لاله ڀاءُ (منهنجي مامي جو پٽ جيڪو مون کان ٽي مهينه وڏو هو) تنهنجو الله
اهڙي طرح جيڪي رشتا ناتا ايندا هئيم سي امان کي انهيءَ لولي ۾ وٺڻا پوندا هئا.
مونکي ننڍي هوندي پنهنجن پراونن لاءِ پيار هوندو هو تڪليف ۾ ڏسي روئي پوندي هُئيس اهيا عادت مون ۾ هاڻي به آهي پر انهيءَ مان اڄ جا ماڻهون غلط فائدو وٺندا آهن پر مونکي ڪنهن جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندي بي انتها خوشي ٿيندي آهي هن وقت شاعره سيما عباسي جو هڪ شعر پيو ياد اچي.
ڪنهن جي پيرن مان جڏهن ٻيڙيون ٽُٽندي ڏسان،
مُرڪ مون ۾، درد جي انجام وانگر ٿِئي لهي.

منهنجو بابا روشن خيال هُئڻ سان گڏوگڏ اصول پرست ماڻهون به هو هن جيڪا سرڪاري نوڪري ڪئي سا خودداري ۽ محنت سان ڪئي ۽ اِهو دور گهڻو ڪري پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو هو. ايتريقدر جو جڏهن انگريزن حُر تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مارشل لا لڳائي هئي ته سانگهڙ ضلعي ۾ سائٽ جو وزٽ ڪرڻ وڏو جان کي جوکي ۾ وجهڻ وارو ڪم هو حُر مجاهد سرڪاري آفيسرن کي حڪومت جو تابعدار سمجهي ڳوليندا رهندا هئا هڪڙي پوائنٽ سان اُهي آزادي جا پروانا پنهنجي جاءِ تي درست هُئا پر سرڪاري ڪامورن کي انهيءَ دور ۾ ڏاڍي هوشياري ۽ دانشمندي سان وک کڻڻي پوندي هئي پر اڄ تائين دنيا جي تاريخ ۾ اهيا گوريله جنگ پنهنجو وارو وڄائي وئي پر چوڻي آهي ته.
ظلم ته قائم رهندو آهي، پر ظالم هليو ويندو آهي..!
پوءِ انگريز هليا ويا 1947ع کان پوءِ آهستي آهستي 1950ع کان پوءِ واري ڏهاڪي ۾ هتان جي نوڪر شاهي جي نظام ۾ به تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون وقت جي حاڪمن جي مداخلت، سرڪاري وابستگين ۽ ذاتي پُهچ توڙي ڏي وٺ واري هَٿ کَس شروع ٿي وئي هئي هتي هاڻي ميرٽ جي لتاڙ سينارٽي باءِ پاس جو ٻج پوکجي چُڪو هو تنهن جا سِلا مضبوط وڻ وانگر 1955ع تائين نڪري آيا هئا بابا جيڪو خارجي ضابطن کان آزاد ايماندار آفيسر هو تنهن کي اِهو وايو منڊل بلڪل پسند نه ايندو هو ۽ هُو انهيءَ ماحول ۾ ذهني طور سيٽ ٿي نه سگهيو هو انهن ڏينهن ۾ سندس ٿيل پروموشن کي روڪي کاُئنُ جونيئر کي آندو ويو اِهو سڀ ڏي وٺ جي بنياد تي ٿيو هو. بابا جيڪو برٽش دور کان وٺي ايماندار، محنتي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪمنٽيڊ هو تنهن کي انهيءَ ڳالهه سخت صدمو رسايو ۽ پاڻ نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائون جيتوڻيڪ بابا جو اِهو فيصلو انتهائي جذباتي هو فيملي وارن يارن دوستن کيس سمجهايو پر هو پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو ۽ چوڻ لڳو ته هاڻي محنتي ۽ ايماندار ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. بقول شاعر ته:
ڦلان دا مُلُ گجهه ڪي جاڻي مردي کاوڻ والي،
ڦلان دا مُلُ بُلبلُ جاڻي صاف دماغ والي.
بابا جو نوڪري ڇڏڻ جو اِهو جذباتي فيصلو دانشمندانه هو يا نه اُها ٻي ڳالهه آهي پر:
“مان ساک سان چئي سگهان ٿي ته منهنجي امڙ ۽ اسان چئني ڀائرن ۽ ڀيڻن جي رت ۾ حرام ۽ رشوت جي ڪمائي جو هڪ قطرو به شامل نه آهي. انهيءَ جو الله پاڪ گواهه آهي..!”
مونکي هن وقت موجوده دور جي اهم شاعر ابراهيم منشي جو هڪ شعر لکڻو ٿو پوي:

جهڙو ماڻهون تهڙو ناڻو، هرڪو پنهنجي اَگَهه اگهاڻو،
جيڪو ماڻهو ڪونه وڪاڻو، سوئي ماڻهون موتي داڻو.

هتي بابا پنهنجي اندر جي آواز تي لبيڪ چئي هڪ وڏو اڻ مندائتو فيصلو ڪري ڇڏيو هو پر هِتي ته بابا جي خاندان جو فقط هڪڙو پٿر رکيو ويو هو باقي اولاد ته اڃان اچڻو هو تنهن جي پالنا، تربيت ۽ تعليم جو بندوبست به ته ڪرڻو هو
روزگار جو نه هُئڻ مان سمجهان ٿي انسان لاءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي! پريشاني آهي..! ۽ هڪ وڏي ڳڻتي آهي..! هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور انسان لاءِ ته اِهو هڪ وڏي حادثي مثل آهي..!
پر چوندا آهن “تِر جي گُٿي سو چوٿون کائي” يا وري هڪ ٻئي چوڻي آهي:

پنھنجي وڍي جو نه ڪو ويڄ نه طبيب

اِهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي بابا هڪ توڪلي انسان هو هن جو اِهو پختو ايمان هو ته الله سائين ڪونه ڪو وسيلو پيدا ڪندو ڇو ته رب پاڪ مسب اسباب آهي “هڪ سج ٻه پاڇا” ڏکن کان پوءِ سک به اچڻا آهن انهن ئي ڏينهن رب پاڪ طرفان بابا کي هڪ نعمت پڻ عطا ٿي وئي جيڪا منهنجي ڀاءُ انور جي شڪل ۾ هئي.

“ڏکن کي شاباش سو سو ڀيرا سُکن کان”

اِهوئي ساڳيو گبسن مئٽرنٽي هوم هو جتي 26 نومبر 1956ع جي سخت سياري ۾ پرڀات وقت منهنجي هن ڀاءُ جو جنم ٿيو هو انهيءَ وقت منهنجي عمر اڍائي سال هئي تمام گهڻو سيءُ هو.
سِيءُ چوي اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان
بابا هن ٻئي اولاد جي دنيا ۾ اچڻ وقت به ڏاڍو خوش ٿيو هو مونکي ٻاروتڻ ۾ بلڪل ننڍڙي عمر کان ننڍڙا ٻار ڏاڍا وڻندا هئا جتي به ويندي هُيس ۽ ننڍڙا ٻار ڏسندي هُيس ته چوندي هُيس
“بابا هن کي کڻي هلو! هي ادا آهي (پوءِ اُهو ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري) بابا چوندو هو توکي ٻيو آڻي ڏيندس ڪيترا ڀيرا اِهو ضد مون امان ۽ بابا سان ڪيو هو هڪ ڀيري گهر ۾ ڀنگياڻي صفائي لاءِ آئي انهيءَ جي هَنجَ ۾ هُن جي ڌي هئي مون چيو بابا “هي ادا مونکي کپي!”
پڦي جيڪا ناشتو ڪري رهي هئي تنهن رڙ ڪئي
“اهڙي ڪاري ڇوري توکي وڻي ٿي اسان کي ڪانه ٿي وڻي توکي ادا سٺو آڻي ڏينداسين”
پر مون روئڻ شروع ڪيو امان چيو: “ته ڪهڙي به ڪوجهي آهي پر هن جي ماءُ کان ته پڇيو ته هُوءَ ڏيندي!!!”
ڀنگياڻي جيڪا اردو ڳالهائيندڙ هندو هئي تنهن جواب ڏنو
’’میری بچی تو سہونی ہی ٬ مجھے پیاری ہے میں کیوں دوں آپ کو اپنی بچی‘‘
تڏهن امان پڦيءَ کي چيو ٻُڌوءُ! هوءَ ته اهيا ڪوجهي ڇوڪري ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ٻچو ته انسان ته ڇا؟ جانور کي به مِٺو هوندو آهي”
پوءِ پنهنجي ڳوٺ خانواهڻ جو گذريل وقت هو هڪ واقعو جيڪو امان وڏن کان ٻڌو هو سو پڦيءَ کي ٻڌايائين.
اُتي ڪي مڻهيار جيڪي موتين جي پوج جو ڪم به سٺو ڪندا هئا اُهي ڏاڍا سُٺا هار ٺاهيندا هئا هڪ ڀيرو ڀولڙِيءَ جو تماشو ڏيکاريندڙ اُتان لانگهائو ٿيا انهيءَ ڀولڙِي کي هڪ ننڍو ٻَچو به هو هڪ عورت مذاق ڪندي ڀولڙي کي اشارن ئي اشارن ۾ هڪ هار هٿ ۾ ڏئي چيو ۽ ننڍڙي ٻچڙي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين هار تون رک! ۽ ٻچو مونکي ڏي! ڀولڙيءَ هار کڻي پنهنجي ٻچڙي مٿان گهوريو ۽ اُڇلائي مائي کي ڏنائين”
سو اِهو حال ۽ ثبوت هو ماءُ جو ٻچڙي سان محبت جو
بهرحال مان ڀاءُ ڊاڪٽر انور جي دنيا ۾ اچڻ تي ڏاڍي خوش هُيس بابا مونکي ٻڌايو ته “هيءُ ادا تنهنجي لاءِ الله سائين موڪليو آهي.
مون هُن کي چميون ڏيندي چيو ته بابا
“هي ادا منهنجو آهي ۽ ڏاڍو سُٺو آهي”
اسان جي ٽنئورا آباد جون سڀ پاڙيسرياڻيون آيون هيون روپ چند جي ماءُ (روپي ماءُ) جي پوٽي ‘چندرا‘ جيڪا منهنجي هم عمر هئي تنهن کي ٻانهن کان جهلي اچي ڀاءُ وٽ بيهاريم ۽ چيومانس
“چندرا الله سائين منهنجي لاءِ ادا موڪليو آهي”
‘چندرا’ به هُن کي هٿ لائڻ لڳي هُوءَ ننڊ مان جاڳي پيو هو ۽ وڏيون وڏيون اکيون ڏاڍيون پرڪشش هُيس هن وقت ڪٿا لکندي ان وقت کي تصور ۾ آڻيان ٿي جيڪا منهنجي تخيل جي پرواز آهي ۽ ٻڌل ڳالهه آهي سو منهنجي قلم تي بردو سنڌيءَ جو هڪ شعر اچي بيٺو آهي جيڪو ڪٿي پڙهيو هُئيوم!
ڀلا ڀلا نيڻ تنهنجا مٺي مٺي ديد وار!
هُڄي هُڄي نيٺ پهتا، اِچي تنهنجي در اڃارا!

اسان جي انهيءَ پاڙي مان سڀ پاڙي واريون اينديون رهنديون هيون ۽ امان کي مبارڪ باد ڏيڻ لاءِ ملڻ لاءِ اينديون هُيون اڳ اوڙي پاڙي ۾ افراتفري وارو حال نه هو محبتون، همدرديون، خبرگيري ۽ ڀائپي جهڙا پوتر جذبا قائم هُئا بقول شاهه سائين.
“سَڳا سِيئي سِيڻ، جنين اوڏا پکڙا!”
گبسن مئٽرنٽي هوم جيئن ته انهيءَ زمان ۾ شهر کان ڪي قدم پري هو ته اُتي پرائيويٽ ڪواٽرن جي اڳيان گهاٽا وڻ هئا اُتي نوريئڙا به جام ڦرندا هئا مون انهيءَ کان اڳ نوريئڙا ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا مان اُهي ڏسي گهر جي در تان ڊوڙي اچي بابا کي ٻڌائيندي هُئيس ته
“ٻِلو آيو آهي!!”
امان جڏهن هر هر اهيا ڳالهه ٻڌي ته هُن کي ڪجهه وهم وسوسو پيدا ٿيو عورتون هوئنن به ڪجهه توهم پرست هونديون آهن
بابا کي چيائين ته:
“وڃي ڏسو ته سهي! ڇوڪري الائي ڪهڙي غيبات ٿي ڏسي جيڪا توهان کي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي!!! پر قدرت الله جي انهيءَ وقت هڪ نوريئڙو دروازي منجهان اندر لنگهي آيو مون رڙيون ڪيو
“ٻلو آيو ٻلو آيو”
تڏهن بابا مونکي ٻڌايو ته “امان اِهو ٻلو ڪونهي نوريئڙو آهي چڪ ڪونه پائيندو”
اِهو گبسن هوم شهر کان ٻاهر هو اُتي سِيءُ به گهڻو هو مونکي سوئيٽر ته پاتل هو پر وڌيڪ سِيءَ کان بچڻ لاءِ بابا شهر جي مارڪيٽ شاهي بازار مان هڪ ڳاڙهي رنگ جو ڪوٽ مون لاءِ وٺي آيو ۽ ننڍڙي ڀاءُ لاءِ پڻ ڪجهه وڌيڪ گرم ڪپڙا آندا هئائين مون کي جيئن ئي ڪوٽ پارايائين ته يڪدم مون انهيءَ جي کيسي ۾ هٿ وجهي چيو.
“بابا پئسا ڏي!”
مون پهريون ڀيرو بابا کان پئسا گهريا هئا بابا ڏاڍو خوش ٿيو پوءِ جيڪي پئسا کيسي به هُيس سي ڪڍي کڻي منهنجي ڪوٽ جي کيسي وڌائين ۽ پوءِ سوال ڪيائين
“ڇا ڪندينءَ انهن پئسن کي!؟”
مونکي پئسن جي قدر قيمت جي ڪابه خبر انهيءَ وقت تائين ڪانه هئي مون جواب ڏنو
“هتي کيسي ۾ رکان!”
يعني بابا کي کيسي ۾ پئسا رکندي مون ڏٺو هو سو مان به رکنديس باقي انهيءَ مان شي وٺڻ جي مونکي ڪا خبر نه هئي گهر ۾ هر شي بابا مون لاءِ پاڻ وٺي ايندو هو
امان کي هاسپيٽل مان موڪل ملي ۽ اسان ادا کي کڻي گهر پهتاسين اهي سڀ ڳالهيون امان بابا منهنجي شعور ۾ اچڻ وقت ڪندا هئا منهنجي ته ادا جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ دنيا ئي اور ٿي وئي هئي رڳو انهيءَ کي ڏسي پئي خوش ٿيندي هُيس گهر ۾ ڊوڙندي هُيس ڇاڪاڻ جو ننڍپڻ جهڙي ته ڪا حسين عمر ئي نٿي ٿي سگهي.
”بي فڪري جڏهن انسان جي وجود مان ليئا پائيندي آهي ته ٻاروتڻ رقص ڪندو آهي.“
بابا جي ته فيملي هاڻي ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي هئي پر کيس هاڻي انهن جي پالنا ۽ پرورش لاءِ پنهنجو ڪو موزون روزگار ڳولڻو هو هُو شروع کان وٺي ميانه روي اختيار ڪندڙ هو نه گهڻو خرچائو نه وري ڪنجوس هن وٽ دور انديشي به هئي ۽ نوڪري دوران به هو پنهنجي بچت ڪرڻ جي اصول تي قائم هو ڪنهن ماڻهون کيس مشورو ڏنو ته هاڻي پنهنجو ڪو ڪاروبار شروع ڪيو جو.
“اُتم کيتي، نيچ نوڪري ۽ وڌندڙ واپار آهي”
بابا وٽ ڪجهه بچت جي رقم هئي هن ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن ويجهو جامع مسجد سرڪل ۾ اوقاف کاتي وارن کان مسواڙ تي هڪ دُڪان وٺي ان ۾ جنرل اسٽور دُڪان شروع ڪيائين جنهن ۾ ريڊي ميڊ ڪپڙا پرس ميڪ اپ کان سواءِ انواءِ قسم جون شيون ڪراچي مان گهرائي رکيائين اِهو مشورو ڪنهن ٻئي جو هو بابا واپار جي الف ب کان به واقف نه هو ۽ وري دُڪان کي سينگارڻ ۽ سامان رکڻ لاءِ شيشي جا خوبصورت ڪٻٽ واڍي کان ٺهرايائين هن دُڪان کي کولڻ لاءِ کيس مشورو اِهو ڏنو ويو هو ته اِهو دُڪان گهڻو هلندو ڇو جو ريلوي اسٽيشن هن جي بلڪل ويجهو آهي هن سرڪل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي رستا هئا پر هن سرڪل اندر جامع مسجد جو فقط در هڪ کلندو هو ڪجهه ڪتابن جا دُڪان ۽ وڪيلن جون آفيسون هيون اُهي وڪيل يوسف علي خواجه ۽ انهيءَ کان اڳ سندس ڀاءُ غلام علي خواجه جي هئي ٻئي آفيس جيڪا بابا جي دُڪان سان لڳولڳ هئي سا ڪامريڊ روچي رام جي هئي جنهن تازو هڪ ڪتاب لکيو آهي، ”ڏاهو نه هُئيس ڏيهه ۾”
قصو ڪوتاهه اتي جنرل اسٽور هلڻ جي ڪابه گنجائش ڪانه هئي اهي سڀ شيون شاهي بازار ۽ ميرواهه روڊ جي دُڪانن تي ملنديون هيون هتي صرف ڪتاب خريد ڪرڻ وارا خاص طور تي درسي ڪتاب وٺڻ وارا ۽ وڪيلن جا اصيل شام جي وقت نظر ايندا هئا هي علائقو کري ڪواٽرز چوارائيندو هو جتي ڊاڪٽر ڊريگو جي اسپتال هوندي هئي هاڻي ته اِهو پاڙو ميڊيڪل سينٽرز سان ڀرجي ويو آهي اُتي دارالقاسميه هاءِ اسڪول ۽ برانچ پرائمري اسڪول به هو بابا جي دنيا انهيءَ سرڪل اندر هئي جيڪو گول دائري اندر دُڪانن تي مشتمل هو جو بابا کي واپار جو ڪوبه تجربو نه هو نه ڪو وري کيس گراهڪن سان بارگينگ ڪرڻ ايندي هئي ڪجهه عرصو اِهو دُڪان هلايائين ماڻهون ڪجهه شيون اوڌر تي کڻي ويا وري بابا سڄي ڄمار انهن جي شڪل به ڪانه ڏٺي.
“پوءِ هڪ ڏينهن بابا جو پراڻو دوست ديوان ڌنومل بابا وٽ آيو ديوان صاحب انهيءَ وقت ريونيو کاتي ۾ سب رجسٽرار هو انهيءَ بابا کي مشورو ڏنو ته:
“ اِهو دڪان داري وارو ڪم توکان ڪونه ٿيندو نه وري انهيءَ ۾ ڪامياب ٿيندين تنهن جي ته ابن ڏاڏن ۾ به ڪنهن اِهو ڪم ڪونه ڪيو آهي تون لکڻ ۽ پڙهڻ خاص طور انگريزي ۾ ماهر آهين تون اسٽاپ وينڊري ڪم شروع ڪر الله ڪندو ته ڪامياب ويندين“
”عطر پنهنجي قدر پاڻ ڪرائيندو آهي“
ٿيو به ايئن ڪجهه ڏينهن ۾ بابا ڪٻٽن ۾ هٿن سان سينگاري رکيل سامان ڪڍي دڪان جي پٺين اسٽور ۾ اڇلايو ۽ ڪجهه وري گهر موڪليائين جيڪو پڻ گهر جي هڪ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ امان رکي ڇڏيو هو.
جنهن سامان ۾ بخمل جا پرس ۽ ڪريمون (پونڊز جون ننڍڙيون بوتلون) لپ اسٽڪ کڻي اسين ڀيڻون ننڍي هوندي گلڪاري ڪنديون هيوسين امان سادي هوندي هئي هن کي ميڪ اپ يا گهڻو ٺهڻ جڙڻڻ جو ڪو شوق نه هو هن جي ٻانهن ۾ ٻه عدد سونن چوڙين کان علاوه نٿ ٽڪا ۽ دُهرين پائڻ جو ڪو به شوق نه هو مون کيس ڪڏهن اهي شيون پاتل ڪونه ڏٺيون بابا کي زنانه کڙيل (هِيلَ) وارا سينڊل وڻندا هئا امان لاءِ وٺي به آيو هو پر امان جواب ڏنو ته: “ڪري پونديس ڃنگهه ڀڄي پئي ته ٻارن جو ڪير ڪم ڪار ڪندو!؟”
منهنجو بابا سٺي لباس فل سوٽ ڪوٽ شيروانين جرسين جو نوجواني کان شوقين هو وري الله پاڪ شخصيت به اهڙي ٺاهي هُيس جو هر لباس هن تي ٺهندو هو شلوار قميص سدائين سفيد رنگ جي پائيندو هو پر ڏاڍو ٺهندو هو باقي امان کي هڪڙو ڀيرو جڏهن اسين وڏا هئاسين ته منهنجي مامي جي ڌيئرن نسيم ۽ شميم زوريءَ ميڪ اپ ڪرائي اسان چئني ڀائرن ڀيڻن جو هڪ گروپ فوٽو ملڪ انجم پرويز کان ڪڍرايو هو هيءُ ملڪ انجم پرويز سيالڪوٽ واري پاسي جو هو ۽ ننڍي هوندي کان فوٽو گراف ڪندو هو هاڻي ته ڄڻ اسان جو خانداني فوٽو گرافر ٿي ويو هو.
هاڻي وري اچان ٿي بابا جي روزگار واري ٽاپڪ تي سو بابا سائين جنهن کي الله پاڪ جي ذات تي ڪامل ڀروسو هو سو شروع ۾ ئي اسٽامپ وينڊري جو ڪم به ڪامياب ٿي ويو.
ڏئي توڪل تڪيو، آر لنگهيا آسان. (شاهه)
ڪم جي وڌڻ سبب پاڻ وٽ سيتل نالي هڪ ڇوڪرو هيلپر رکيائين جيڪو انهيءَ وقت ميٽرڪ جو امتحان ڏئي رزلٽ جي انتظار ۾ هو پر پوءِ به امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بابا وٽ هيلپر طور رهيو بعد ۾ پوءِ اهيا فيملي جوڌپور هندوستان شفٽ ٿي وئي اُتان به ايامن تائين خط ڪتابت جو سلسلو جاري رکيائين سيتل جڏهن بابا وٽ آيو ته هن کي ٽائپ رائيٽر هلائڻ ايندي هئي بلڪه پوءِ بابا کي به سيکاري ڇڏيائين بابا جو روزگار ڏيهون ڏينهن وڌڻ لڳو هو بقول شاعر:
جو نصیب میں ہے وہ چل کر آئے گا،
جو نہیں ہے وہ آکر بھی چلا جائے گا۔
(انهيءَ شي جو ڪڏهن به انتظار قطعي نه ڪجي ته حالتون ڪڏهن ٿيون بهتر ٿين شروع ڪندئو ته حالتون بهتر ٿي وينديون)
چوندا آهن ته انسان ڪڏهن ڀري ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾!
هاڻي چاچا عبدالرسول وارن بابا کي گهر ڇڏڻ لاءِ چئي ڇڏيو هو هاڻي وري اسان جي فيملي لاءِ رهائش جو مسئلو پيدا ٿي ويو هو اسين چار ڀاتي هياسين چاچا وارن جو بظاهر عذر اِهو هو ته اسان پنهنجي وڏي پٽ قاضي عبدالشڪور جي شادي ڪرائڻ وارا آهيون انهيءَ ٻئي پوريشن ۾ سندس ڪنوار رهندي حالانڪه اهيا اچڻ واري ڪنوار اهڙي سُٺي هلت چلت ۽ سٺي سڀاءُ واري هئي جو سدائين ساهرُن سان گڏ واري حصي ۾ رهي ڪڏهن به عليحدگيءَ جو سوچيان ئي به ڪونه پر چوندا آهن.
“جڏهن ڀتين ۾ ڏار پوندا آهن ته اُهي ڪري پونديون آهن ۽ جڏهن دِلين ۾ ڏار پوندا آهن ته ڀتيون کڄي وينديون آهن!”
بهرحال اِهو گهر چاچا جو هو ۽ سندس ذاتي ملڪيت هو انهيءَ ۾ بابا جو ڪو حصو پتي نه هئي سو بابا کي اِهو گهر ڇڏڻو هو بابا نئين گهر جي ڳولا ۾ لڳي ويو ۽ جلداز جلد غريب آباد ميرپورخاص ۾ هڪ گهر خريد ڪيائين هڪ شام جو بلڪه سج لٿي جو وقت گذري وڃڻ کان پوءِ گڏهه گاڏين تي اسان جي گهر جو سامان سڙو رکرائي امان، مونکي ۽ انور کي وٺي هن گهر ۾ اچي پهتو منهنجي اُهو ننڊ جو ٽائيم هو.
“ننڊاکڙين اکين سان مون انهيءَ گهر ۾ قدم رکيو هو ننڊاکڙو نظر ايندڙ اِهو گهر مونکي اڄ به چِٽيءَ طرح ياد آهي”
هيءَ گهر سورنهن سو فُٽن تي ٺهيل هو بابا ٻڌائيندو هو ته اِهي ٻه گهر هئا وچ ۾ ڇت تي وڃڻ لاءِ هڪڙي ڏاڪڻ هئي جيڪا بابا ٽوڙائي هڪ گهر ڪيو هو جيڪو چئن ڪمرن، هڪ ورانڊي، وڏي اڱڻ بورچيخاني، غسل خاني ۽ ليٽرين تي مشتمل هو هن جون ڀتيون چوڙيون هيون بابا ٻڌائيندو هو ته اِهو گهر اوائل ۾ هڪ سِک (سردار جي) جو هو هُن جو سِرُن پچائڻ جو بَٺو هو تنهن ڪري اهي ٿلهيون ۽ وڏيون سِرُون استعمال ٿيل هُيس تمام مضبوط بنيادون هُيس مونکي ته هن وقت هي بيت ٿو ياد اچي
“اڏيو جو اوڏن، سو ليپو لائو نه ٿئي”
منهنجو ڀاءُ انور انهن ڏينهن ننڍو هو پيرن ڀر هلي ڪونه سگهندو هو انهيءَ کي امان هلائڻ سيکاريندي هئي انهيءَ وقت ڪاٺ جا واڪر هئا جنهن کي جهلائي بابا هن کي هلڻ سيکاريندو هو. هُو ڪجهه دير سان هلڻ سکيو هو هن پاڙي ۾ انهيءَ وقت سيالڪوٽ پنجاب جا گهڻا ماڻهون آباد هئا انهن منجهان چاچي سلطان وارن جي هڪ سانڍيل (ايڊاپٽيڊ) ڇوڪري سعيده اسان جي گهر گهڻو ايندي هئي انور کي جهلي هلڻ سيکاريندي هئي پر انور هن کي گهر ۾ داخل ٿيندو ڏسي روئڻ شروع ڪندو هو
پاڙيواريون عورتون امان کي دلاسو ڏينديون هيون ته هن جو مٿو وڏو آهي تنهن ڪري دير سان پنڌ ڪندو سعيده به اِهي ڳالهيون ٻڌيون هيون سو چوندي هئي.
”سر بڑا سردار کا، پیر بڑا گنوار کا“
پوءِ هن منهنجي ڀاءُ هلڻ شروع ڪيو ۽ ماشاءالله ڏاڍو ذهين ۽ فهميندو نڪتو ننڍي هوندي به اجايون شرارتون ڪونه ڪندو هو ننڍي هوندي به گهر ۾ ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ سان وڙهندو ڪونه هو باقي ٻاروتڻ ته ٻاروتڻ آهي انهيءَ ۾ هر ٻار جي فطرت پنهنجي هوندي آهي
انگريز شاعر ملٽن لکي ٿو:
”هَرِ ماڻهون جي ٻاروتڻ مان سڀاءُ ايئن ڏيک ڏيندو آهي، جيئن صبح مان ڏينهن جو تاءُ!“
ٻار تي ماحول جو وڏو اثر ٿئي ٿو انهيءَ مان ئي سندس اصل شخصيت جڙي ٿي انهيءَ جي تعمير ۾ گهرو صورتحال ۽ پرائمري تعليم گهڻو اثر ڇڏين ٿا.
اسان جي گهر جي اوڀر واري گهر ۾ خوشي محمد رهندو هو جيڪو ايس، ايل، ڊي فيڪٽري ۾ اسٽنٽ مينيجر هو هن کي اِهو گهر به فيڪٽري جي انتظاميه چوڌري غلام حسين وارن رهڻ لاءِ ڏنو هو انهيءَ وقت اهيا فيڪٽري هڪ انگريز عورت جي ملڪيت هئي خوشي محمد کي ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد هو جيڪو اسان کان عمر ۾ وڏو هو اسان جي گهر جي بلڪل سامهون ماسي پاري رهندي هئي جيڪا هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار وانگر هئي گهر جو هيٺيون حصو گودام هئا مٿي حصي ۾ پاڻ رهندي هئي انهيءَ جي اڱڻ واري حصي ۾ هڪ دروازو هو جيڪو هِن ٻاهر هيٺ ڏسڻ لاءِ لڳرايو هو اُتان مٿان ڀاڄي واري ٽوڪريءَ ۾ رسي ٻڌي هيٺ اڇلائيندي هئي انهيءَ ۾ ڀاڄي وڪڻڻ وارو ڀاڄي وجهندو هو اُها مٿي ڇِڪي ڀاڄي گهر ۾ رکي وري ساڳئي ٽوڪري ۾ پئسا وجهي هيٺ ڀاڄي واري کي موڪليندي هئي ڪاوڙ جي ڏاڍي تکي هئي پر دل جي صاف هوندي هئي اصل ۾ هُوءَ هندو مان مسلمان ٿيل هئي سندس مُڙس بقول سندس ته ڊاڪٽر هو جيڪو جلد گذاري ويو هو کيس پنهنجو ڪو اولاد نه هو پاڻ مسلمان ٿي ٻئي شادي شفيع محمد شاهه نالي مسلمان سان ڪئي هئائين جڏهن اسان هِن گهر ۾ آياسين ته ماسي پاري ۽ سندس گهر وارو انهيءَ بنگلي نما گهر ۾ رهندا هئا جنهن ۾ بهترين ٽائيل لڳل هئا ورانڊي ۽ ڪمرن ۾ ساڳوان جي ڪاٺ جو بهترين ڪم ٿيل هو ڪاٺ جي ڪٻٽن جو ته ڪو انت ئي ڪونه هو ويهڻ لاءِ سنگ مرمر جا صندل ٺهرايا هئائين پاڙي ۾ سندس ڀاءُ چاچو پرتاب پڻ پنهنجي ٻن زالن ۽ چار ڌيئرن سان رهندو هو سندس ڀاڄايون ۽ ڀائيٽيون هن وٽ اينديون وينديون هيون پاڻ انهيءَ وقت ميرپورخاص ۾ هڪ سينيما ”پاشا پڪچر هائوس“ ۽ ٽنڊي جان محمد ۾ ٻن سيئنيمائن جي مالڪ هئي تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ٽنڊو جان محمد ۾ وڃي رهندي هئي انهيءَ وقت گهٽين ۾ ‘پيڃارا’ ‘ٺاٺاڻا’ قلعي ڪرڻ وارا گهمندا ۽ هُوڪا ڏيندا وتندا هئا انهن سان هميشه لهه وچڙ ۾ هوندي هئي گهر ۾ سدائين هڪ نوجوان ڇوڪرو ملازم هوندو هُيس جڏهن ٽامي جا ٿانو قلعي ڪرائيندي هئي اصل قلعي گهر مان کڻي انهن کي ڏيندي هئي پاڻ مٿان در تي بيهي هدايتون ڏيندي هئي پوءِ سڄي پاڙي جا ٻار اسان سميت اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پوءِ زمين ۾ کڏ کوٽي پخال نموني شيءِ سان هوا ڀري باهه ٻاري ويندي ۽ پوءِ ڪجهه دير کان پوءِ وڏا وڏا ديڳڙا تيار ٿي ويندا هئا ۽ چاندي وانگر چمڪندا هئا گهر ۾ ايڏا ڀاتي ڪونه هُيس پر الائي ڇو سامان گهڻو گڏ ڪيو هئائين ۽ هميشه ڪنهن نه ڪنهن مسئلي ۾ رُڌل هوندي هئي پاڻ وٽ پهرين جنگ عظيم ۽ ٻي جنگ عظيم جا ماچس گڏ ڪري رکيا هئائين ٻيا ريشمي ولائتي ڪپڙا هن وٽ تمام گهڻا هئا جيڪي الائي ڇو گڏ ڪيا هُئائين هن جو مڙس شاهه صاحب جيڪو اڳ ئي شادي شدهه هو ۽ ملڪيت جي لالچ ۾ هن سان شادي ڪئي هئائين تنهن جا نوجوان پٽ به نيو ٽائون مان هن سان ملڻ ايندا هئا ته ڏاڍي خوش ٿيندي هئي ۽ کاڌا تيار ڪري انهن کي کارائيندي هئي پر پوءِ هن جي مڙس جو اچڻ وڃڻ گهٽ ٿي ويو هو خبر پئي هن جي مڙس سينيمائون وغيره، ۽ هن جا بينڪن مان پئسا ڪڍرائي کائي کپائي ڇڏيا هئا باقي رهائشي گهر بچيو هو جڏهن به نئين فلم لڳندي هئي ته انهيءَ جا پوسٽر اٺ گاڏين تي رکي لائوڊ اسپيڪر جي آوازن ۽ گانن سان جلوس جي شڪل ۾ گهٽي مان لنگهندا هئا ته واهه جو تماشو ٿيندي هو اُٺ گاڏين تي ويٺل کدڙا فقير تاڙيون وڄائيندا ويندا هئا ڏاڍو شور غُل ٿيندو هو پاڻ انهيءَ وقت در تي ڪونه ايندي هئي سندس ڀائٽيون مختلف اسڪولن ۾ پڙهنديون هيون گهر ۾ مارواڙي ٻولي ڳالهائينديون هيون انهن مان تارا پرتاب (ٽيو نمبر) هاءِ اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس فيلو هئي سڀ ڀينرون سٺو سڀاء رکندڙ شڪل صورت جون موچاريون ۽ سگهڙ هيون پوءِ آهستي آهستي اُهِي پڻ مسلمان ٿي ويون ماسي پاري جنهن جو اسلامي نالو رشيده هو تنهن گهر ۾ وندر رکڻ لاءِ ڪتا پالڻ شروع ڪيا اُهي هن سان گڏ دروازي تي بيٺا هوندا هئا ايندڙ ويندڙ تي ڀوڪندا هئا ٻار وري مختلف آواز ڪڍي هنن کي ڇيڙيندا هئا ته پوءِ ماسي پاري چڙي پوندي هئي انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئي ۽ هن جا واسطه انهيءَ سبب پاڙي وارن سان متنازعه رهيا پر دل جي وري به صاف هئي 1970 جي جنگ دوران اعلان ڪيائين ته پاڙي ۾ ڪنهن کي به ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ۽ بازار ۾ به نه ملي ته مون وٽان کڻي وڃجو هن انهيءَ کي به مهاڀاري جنگ جو دور سمجهيو هو پر هتي ميرپورخاص ۾ صرف بنگال مان پان اچڻ بند ٿيا هئا باقي روز مره استعمال جون سڀ شيون دستياب هيون باقي مونکي جيترو ياد پوي ٿو ته:
“صدر ايوب جي دؤر ۾ هڪ ڀيرو کنڊ ملڻ بند ٿئي وئي هئي، بابا بازار مان مِصري ۽ نِباتون آڻي گهر ۾ رکيون هيون، ته ٻار چانهن ۽ کير ۾ وجهي پيئندا.”
اسان به مِصري پتاشا ۽ نباتون کير ۽ چانهه ۾ ڪو هڪ اڌ ڏينهن وجهي پيتا پوءِ کنڊ راشن ڪارڊ تي وري مِلڻ شروع ٿي، جيڪا حيات شيخ جي کنڊ جي ڊپو تان ملندي هئي، جيڪو لاڙڪاڻي جو شيخ هو. پنهنجي فيملي سميت غريب آباد جي آخري روڊ تي قائداعظم واري گهر جي سامهون واري پاسي رهندو هو. انهي قِلت وارن ڏينهن ۾ به ماسي پاري آفر ڪندي هئي، کنڊ مون وٽ پئي آهي، هِٽلر واري دؤر جي پوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت هئي، اُها خبر الله کي. ماسي پوءِ پنهنجي وندر جو دائرو اڃان وسيع ڪيو ۽ ڍڳيون، مينهون، گابا ۽ پاڏا سڀ اسانجن گهرن جي سامهون پنهنجي گودامن ڀرسان ٻڌي ڇڏيا هئا ۽ پوءِ انهن کي رات جو اندر گودام ۾ بيهاريندي هئي، جيڪي ايامن کان خالي هئا، سندس گهر جي اوڀرندي پاسي وري ڀٽائي ميڊيڪل سينٽر ٺهيو، انهيءَ ڪري سندس گهر جي اُتر پاسي جيڪو روڊ هو انهيءَ جو نالو ’عمرڪوٽ‘ روڊ هو اڪثر وڏيون سياسي شخصيتون ذوالفقار علي ڀٽو، مير علي احمد، مير رسول بخش، اسان ماسي پاريءَ جي خوبصورت بالڪونيءَ ۾ بيهي اُتان ڏِٺا انهيءَ جي اطلاع اسانکي پاڻ ڏيندي هئي ته هاڻ لنگهڻ وارا آهن توهان سڀ ٻار اچي وڃو پاڻ به هٿ لوڏي انهن کي ڀليڪار چوندي هئي هر ڪمال کي زوال آهي پوءِ عمر وڌڻ ڪري پاڻ ۾ اُها طاقت ۽ توانائي نه رهيس ۽ پوءِ هڪ ڏينهن سندس مال (جانور) رات جي وقت ڪي چور ڪاهي ويا ڪتن جي ٽيم به کاڌو خوراڪ ٽائيم تي نه ملڻ ڪري بيمار رهڻ لڳي هئي ڪجهه ڪتا ماڻهن کي ڏنائين صرف ٻه ڪتا گهر ۾ موجود هُيس پاڻ 1988ع ڌاري وفات ڪري وئي سندس ڀاڄائين ۽ ڀائٽين آخري وقت ۾ ساٿ ڏنس ڇو جو اعتبار ۽ اعتماد انهن تي هو منهنجي ڀاءُ مشتاق انهيءَ ڪفن دفن واري آخري رسمن ۾ حصو ورتو ۽ ڪانڌي پڻ ٿيس.
مان وري اچان ٿي پنهنجي گهر جي جاگرافيائي حدن ڏانهن اوڀر پاسي واري خوشي محمد وارا ڪافي سال اتي رهيا پوءِ ايس. ايل. ڊي مان نوڪري ختم ٿيڻ بعد پنجاب لڏي ويا انهيءَ گهر ۾ جنگ اخبار جو ميرپورخاص جو نمائيندو غلام رسول ارشد جالنڌري رهندو هو.
هي ماڻهون جماعتي اسلامي جا پرخلوص ڪارڪن هئا ۽ سڄي حياتي انهيءَ هڪ پارٽي ۾ رهيا هنن ۾ پاڙي اوڙي جي ڏک سُک ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ رواداري واري سوچ موجود هئي ڇاڪاڻ ته هي ماڻهون ارشد جالنڌري جنگ اخبار جو ضلعي نمائندو هو تنهن سبب اسان جي سڄي گهٽي ۾ پهرين ٽيلي فون هنن وٽ هوندو هو ڪنهن اوڙي پاڙيواري کي ڪنهن سخت ضرورت تحت فون استعمال ڪرڻ جي به اجازت هئي انهيءَ کان پوءِ ٻه خالي گودام هئا انهيءَ بعد چوڌري اسماعيل گهمڻ جو بنگلو هو جيڪو انهيءَ وقت خوبصورت گهر سمجهيو ويندو هو طبيعت جو سادو سودو هو شام جو ٻاهر آرام ڪرسي رکي ويهندو هو هر ايندڙ ويندڙ کان حال احوال وٺندو هو اسان ٻارن کان به پڙهائي بابت پڇا ڪندو هو ڏاڍي پيار ڪندڙ شخصيت هو پوءِ اِهو گهر سندس ڌي کي مليو ڇو جو کيس ڪو اولاد نرينه نه هو سندس ڌيءَ ۽ انهيءَ جو گهر وارو چوڌري اسلم گهمڻ جيڪو چوڌري اسماعيل جو ڀائيٽو هو ورهين جا ورهه رهيا هاڻي به سندس ڀاءُ چوڌري اڪبر جا پٽ رهن ٿا.
اسان جي گهٽيءَ جي سامهون واري گهٽي وٽان نواب شاهه ريلوي لائن لنگهندي هئي انگريز جي دور ۾ 1918ع ڌاري جوڌپور جي راجا اميد سنگهه جوڌپور کان ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ريلوي لائن وڇارائي بعد ۾ اهيا ريلوي لائن ميرپورخاص کان کڏڙو ۽ پوءِ نواب شاهه تائين ريلوي کي وڌايو ويو جنهن کي “ميٽر گيج” لائن جي نالي سان سڏجي ٿو انهيءَ وقت راجا واري ريل جي نالي سان سڃاپجندڙ انهيءَ ريلوي لائن ذريعي سنڌ جو وڻج واپار هندوستان سان ٿيندو هو هن تي 13 ريلوي اسٽيشنون هونديون هيون پريتم آباد، ڄام صاحب ۽ نواب شاهه اسٽيشنون هن ريلوي لائن جو حصو هيون هاڻي اِهو سڄو نظام ننڌڻڪو ٿي ويو آهي.
سامهون واري گهٽي ۾ روڊ واري پاسي يعني عمرڪوٽ روڊ تي ڊاڪٽر ڪوئٽه واري جِي اسپتال هئي هيٺ ڪوئٽه ڪلينڪ ۽ مٿي رهائش هُيس انهي جي ڀرسان يوسف علي خواجه جا 2 عدد وڏا گودام هئا جنهن کي خريد ڪري پوءِ ڀٽائي ميڊيڪل سينٽر ٺ اِهو ويو هو ۽ اڄ سوڌو قائم آهي اِهو سينٽر ماسي پاري جي گهر جي بلڪل لڳو لڳ آهي انهيءَ جي ڀرسان سيالڪوٽ جا پنجابي رهندا هئا جيڪي اسان جي پاروتڻ ۾ ئي گهر جو سامان سڙو وڪڻي ڪوئيت ملڪ ڏانهن هليا ويا پوءِ اُنهن گهرن ۾ مختلف ماڻهون مسواڙ تي رهيا جن ۾ ميمڻ، لاڙڪاڻي جو روشن شيخ جي فيملي، قمبر جا لاکا وغيره جن مان غلام سرور لاکو جي فيملي جو گهڻو اچڻ وڃڻ اسان سان رهيو تمام گهڻو تعاون ڪندڙ ماڻهون هئا انهيءَ جي هڪ بيوه ڀيڻ به ساڻن گڏ رهندي هئي انتهائي سادي طبيعت جي هر وقت سڀني کي دعائون ڏيندڙ عورت هئي ڪنن کان ڪجهه قدر ٻوڙي به هئي هن سان رڙيون ڪري ڳالهائڻو پوندو هو منهنجو ڀاءُ مشتاق چوندو هو ته:
“ويچاري درويش آهي جيڪو پُڇي ٿي وڏي واڪي جواب ڏيندا ڪيوسُ”
سندس باري ۾ هڪ واقعو لکندي کِل به اچي پئي ۽ سندس سادگيءَ تي پُڻ حيران آهيان ته جڏهن 1988ع ۾ بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿي هئي، هِن انهيءَ جي حلف کڻڻ جو داستان گهر ۾ ٻُڌو هو ۽ شڪل مان به سڃاڻي هوئيس سو اسان جي گهر اچي چيائين ته:
“اڄ بينظير راڻي ٺهندي فلم ٽي، وي ۾ ڏيکاريندا مان توهان جي گهر رنگن واري ٽي وي ۾ اِهو کيل ڏسنديس! مونکي سڏ ڪجو...!”
جڏهن حلف برداري جو ٽائيم ٿيو ته مون سندس ڀائٽي پَپِيءَ جي هٿان کيس سڏ ڪرايو اهيا ڀائٽي سڄو ڏينهن اسان جي گهر ايندي ويندي هئي ۽ پوءِ جيجي (هن کي اوڙي پاڙي وارا جيجي سڏيندا هئا) سا آئي ۽ اچي بينظير ڀٽو جي حلف کڻڻ جو سڄو ماجرا ڏسڻ لڳي ٻڌڻ ۾ ته ڪونه ٿي آيس پر خاموشي سان ڏسندي رهي آخر ۾ گانو وڳو.

ہم مائیں٬ ہم بھینیں٬ ہم بیٹیاں
قوموں کی عزت ہم سے ہے

اسان سڀ اٿي ڪم ڪار سان لڳي وياسين جيجي ڏانهن ڏِٺوسين ته ايئن لڳو ڄڻ ڪا ڳالهه پڇڻ ٿي چاهي ۽ پوءِ پاڻ ئي ڳالهايائين ته: “بينظير تخت تي ويٺي ڪانه نه وري تاج پاتائين؟”
هن جي ذهن ۾ ڏند ڪٿائي، آکاڻين جو ڪو تصور ويٺل هو، جيڪو کيس حلف برداري ۾ نظر ڪونه آيو. سو ويچاري مُنجِهي پئي هئي مشتاق چيس ته: “نه جيجي بس ڪم ٿي ويو هُوءَ وزيراعظم ٺهي وئي”
چيائين: اهو وري ڪيئن؟
هِن کان ڪِتاب ڇا جو ٿي پڙهايائون
هُوءَ ته اڳ ئي پڙهيل ڳڙهيل آهي
مشتاق چيس!
قسم ٿي کڻايائونس
چيائين ته:
قسم وري ڇاجو؟ پيءُ به بينظير جو ماريائون، وري قسم به ٿا کڻائينس! ڏاڍي زوري آهي هن ملڪ ۾. پوءِ منهن ۾ ڪجهه ڳالهائيندي ناراضگي جو تاثر ڏيندي گهر ڏانهن رواني ٿي!
سو مان سوچيندي آهيان ته اهڙا اٻوجهه ڪِردار به دُنيا ۾ موجود آهن. لاکن جي انهيءَ گهر مان لڏي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ گهر ۾ قاسم ناريجو جي فيملي اچي رهي، هي ماڻهون ڏاڍا روشن خيال، ترقي پسند هئا. قاسم صاحب انهيءَ وقت نيشنل بينڪ ۾ ملازم هو ۽ هاڻي بينڪ مينيجر آهي. سندس ڌيئرون ڏاڍيون فضيلت واريون ۽ سوشل هيون، مون سان گهڻي ذهني هم آهنگي هوندي هُين. سندس گهر واري سمجهدار ۽ رواداري واري عورت آهي، انهيءَ گهر سان اسان جا واسطه اڄ سوڌو قائم آهن.
ڀرسان قاضي هوٽلن واري مامي ماستر مرحوم جي ڀيڻ جو گهر هو. خوشي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ وارا ماڻهون هئا. انهيءَ جي ڀرسان شوڪت ڪائونسلر جو گهر هو، هي بلوچ (مڪراني) هئا، زالين مڙسين مڙس ماڻهون هئا، عورتون به تمام گهڻيون سوشل هيون، بازار جو ڪم پاڻ ڪري اينديون هيون، بلڪهِ اوڙي پاڙي مان به پُڇي وينديون هُيون، ته ڪنهن شيءَ جي ضرورت ته ڪانه اٿو. انهيءَ گهر کان اڳتي مير ڊگُو واري جو بنگلو هو، جنهن جو وڏو گيٽ عمرڪوٽ روڊ تي کُلندو هو، هي فيملي سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا، پوءِ اِهو بنگلو وِڪڻي بنگلاڻي زميندار کي ڏئي ويا هليا.
هاڻي مان اچان ٿي پنهنجي گهر واري لائين ۾ جِتي اولهه پاسي چاچا موسيٰ خان اُنڙ جو گهر هو، جيڪو انهيءَ وقت ڊپٽي انسپيڪٽر آف گرلز اسڪول ٿرپارڪر هو. انهيءَ جي فيملي به ڳوٺ ۾ رهندي هئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن دوا دارون لاءِ شهر ۾ اينديون هيون، پاڙي جي گهرن ۾ اينديون هيون، ڏاڍيون ساديون ۽ سٻاجهڙيون عورتون هيون، هر ڪو سندن عزت ڪندو هو.
انهيءَ کان اڳتي دِلبر خان جو گهر هو، جنهن جي زال منٽگمري (ساهيوال) جي هئي. پاڻ ڏهرڪي جو هو، سندس زال ڏاڍي سُگهڙ هئي، هٿ جو هر ڪو هُنر هِن کي ايندو هو ۽ ڪجهه ٻارن کي قرآن شريف به پڙهائيندي هئي. سندس ٻيو نمبر ڌيءَ جو نالو زاهده هو. اسان کين زاهده جو گهر چوندا هئاسين، سندس مڙس فيڪٽري ۾ سيزنل نوڪري ڪندو هو، جيڪي سياري جا ٽي چار مهينا هوندي هئي، نه ته گهڻو ڪري گهر ۾ سُتو پيو هوندو هو. زال ويچاري صابرين هوندي هُيس ڏُکيو سُکيو وقت پئي ڪاٽيندي هئي. مون زندگي ۾ پهريون پنجابي ڏٺو، جيڪو ايترو سُست ۽ شعور کان وانجهيل هو نه ته: ”پنجابي ماڻهن جو شعور سنڌين کان وڌيڪ هوندو آهي.“ مان چاچي سُلطان جو ذڪر ته ڪرڻ وِسري ويس جيڪو گاڏين جو مِستري هو ۽ سندس زال چاچي عقل جي اڪابر عورت هئي، ۽ هر ڪنهن کي چوندي هئي:
”توا نوں کی پتہ، اے میں نوں پتے ہے۔۔۔!“
چاچي سلطان جي وفات ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به هتان لڏي وئي هي به اصل سيالڪوٽ پنجاب جا هُئا.
سو مون ذڪر ٿئي ڪيو دلبر خان وارن جو سي پڻ معاشي بدحالي سبب پنهنجي گهر کي وڪڻي ڪافي عرصو اڳي ڏهرڪي هليا ويا منهنجي ڀيڻ ممتاز هنن جي گهر گهڻو ايندي ويندي هئي انهيءَ وقت عمر ۾ به ننڍڙي هئي جڏهن هنن جي وڃڻ جو ٽائيم آيو ۽ سامان ٽرڪ ۾ رکجڻ لڳو ته هُو اِهو ڏسي ڏاڍو رُني بابا هن کي ڪڇ ۾ کڻي ماٺ ڪرائيندو رهيو دلبر خان سندس زال ٻار کيس پيار ڪندا رهيا ته اسين هاڻي وڃون ٿا پر پوءِ وري اينداسين پر ايتري چري يا بيوقوف به ڪانه هئي جو هيءَ سڄو ماجرا ڏسي دلاسن ۾ اچي وڃي بهرحال:
جي وڃان وڃان ڪَنِ سي رهي رهندا ڪيترا!؟
پوءِ اِهو گهر ياسين کوکر صاحب خريد ڪيو ۽ انهيءَ کي نئين سئين سان ڪجهه حصو ٺهرايائين هاڻي ته پاڻ گذاري ويو آهي سندس پٽ پڙهي لکي سُٺين نوڪرين ۾ آهن هتان لڏي ويا آهن باقي سندس هڪ پٽ انهيءَ گهر ۾ رهي ٿو ڀرسان گُلو وارن جو گهر هو هنن جو واسطو ٿر جي علائقي سان هو ڪنهن سان هرو ڀرو ڊيگهه نه ڪندا هئا.
“ڪنهن کي ڏيندا نه هئا ته ڏکوئيندڙ به ڪونه هئا” ڀرسان عبدالغفار هاليپوٽي جي اوطاق هئي انهيءَ کان پوءِ عبدالمجيد ڪاسائي (محاجر) رهندا هئا جيڪي ڪجهه عرصي بعد پئسي وارا ٿي ويا ۽ غريب آباد روڊ تي هيٺ وڏا دُڪان ۽ مٿي رهائشي جاءِ ٺهرايائون ڀرسان رخسانه قاضي وارن جو گهر هو جيڪي 1965ع ڌاري هن گهر ۾ اچي رهيون هيون هي پوءِ سڄي پاڙي ۾ اسانکي گهڻيون ويجهو رهيون انهن جو تفصيلي ذڪر مان هن ڪٿا ۾ پنهنجي سيڪنڊري تعليم دوران ڪنديس سندس گهر جي ڀرسان عباس ميمڻ وارن جو گهر هو جيڪي مانجهند ضلعي دادو جا هئا انهن جي ڀر ۾ نَٿُو ٽانگي واري جو گهر هو جنهن جي ٽانگي ۾ چڙهي مان سيڪنڊري تعليم دوران هاءِ اسڪول ويندي هُيس.
هن پاڙي ۾ پوءِ پنجابي گهٽ گهر رهجي ويا پوءِ شڪارپور مان لڏي آيل اُڄڻ ذات جا ماڻهون پوئين گهٽين ۾ اچي آباد ٿيا انهن مان گهڻو ڪري رازن جو ڪم ڪندا هئا ڪجهه ته ابتدا کان هتي آيل هئا ۽ ڪي وري بعد ۾ آيا غلام نبي اڄڻ جي خاندان ايامن کان هتي آباد هو سندس وڏو پٽ غلام مرتضيٰ منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق جو سنگتي هو ۽ ننڍپڻ جي سرگرمين ۾ (گلن جهڙا ٻارڙا) تنظيمون وغيره شامل هيون ٻانهن ٻيلي ۾ ڏاڍو ذهين ۽ “اِڪٽيو” هو مون پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني جو گهڻو عرصو هن پاڙي ۾ گذاريو هن پاڙي ۾ ايندڙ ويندڙ پاڙيسرن جا سڀ واسطه، سروپا، رويه ياد آهن پوءِ گهڻان تڻان ڏهن پندرهن سال رهي هتان هليا ويا وري نوان ماڻهون آيا سڀ ڪنهن جو پنهنجو مزاج ۽ طبيعت هئي هر ڪنهن جي سوچ ڌار هئي پر انهيءَ پاڙي ۾ ماڻهن جي مزاج ۾ رواداري، لحاظ، خوشي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ جو انداز پنهنجي مثال پاڻ هو ٻين پاڙن وارا اڃان تائين مثال ڏيندا آهن ته “غريب آباد” نالو ته غريب آهي پر هُو وشال دل وارا پيار ڪندڙ امير ماڻهون هئا.
آویزاں نہ کر سونہری تختی کو گھر پر اپنے،
یہ تو در ہی بتلائے گا، کہ گھر کیسا تھا۔
اُهي ماڻهون انگن اکرن کان وڌيڪ احساس ۽ محبت ۽ رواداري تي يقين رکندا هُئا. اسٽينڊر قائم ڪرڻ اپر ڪلاس مڊل ڪلاس ۽ لوئر ڪلاس جو تصور ڪو نه هو هاڻي ته شهر ۾ مختلف طبقن جا مختلف پاڙا ٺهي ويا آهن شهر کي گندو بڻائي پئسي وارا ماڻهون شهر کان ٻاهر ننڍا ننڍا ٽائون ٺاهي اتي بنگلا جوڙائي پوش علائقي جو نالو ڏئي اتي رهن پيا.
بابا جي فيملي ۾ ٽئين ٻار جو اضافو منهنجي ڀيڻ ممتاز جي شڪل ۾ ٿيو جيڪا 4 آگسٽ 1959ع ڌاري صبح مردان سان “گبسن مئٽرنٽي” هوم ۾ پيدا ٿي بابا ٻڌائيندو هو “ته گبسن هوم ۾ اسانکي ساڳيو ڪواٽر (پرائيوٽ روم) الاٽ ٿيو هو جيڪو منهنجي ڄم وقت ٿيو هو مونکي انهي صبح جون ڪي يادون چٽيءَ طرح ياد آهن.
“ته سيتل (بابا جو آفيس وارو هيلپر گبسن هوم جي ٻاهرين باغ ۾ لڳل هئينڊ پمپ تان پاڻي جا مٽڪا (مَٽَ) ڀري گهر جي اندر ٿي آيو ٻاهر جا ڪجهه ڪم ڪار ڪري ٿي آيو پڦي دادو مان پنهنجي بيوٽيفڪيشن پلان سميت پهچي چڪي هئي ڏاڍي خوش هئي بابا کي چيائين ته “دادو ٽيلي گرام (تار) ڪري ڇڏ..! ته هتي ننڍڙي ڄائي آهي، اُتي پنهنجي ڌيءَ حيات خاتون کي خبر چار ٿي موڪليائين، هِتي مونکي پُڻ خوشي هئي ته مون کي ڀيڻ ڄائي آهي پر منهنجو ڀاءُ انور اِهو ڏسي وائڙو ٿي ويو هو ته: “اها ڪِٿان آئي آهي؟ ڇو آئي آهي!! ڪِني آهي، امان جي ڀرسان ڇو سُتي آهي!!!؟ هن کي کڻي ٻاهر ڦِٽو ڪيو..!
اِهو هڪ ٻاراڻو حسد هو. جيڪو هُو شدت سان محسوس ڪري رهيو هو ۽ انهيءَ جو اظهار به ڪري رهيو هو. مونکي اِهو لِکندي پروين شاڪر جو هڪ شعر ياد پيو اچي ته:
جو میرا ہے میں کسی اور کو کیوں دوں،
ضدی ہوں میں اپنے پیار میں بچوں کی طرح۔
هتي به ڪجهه اهڙو معاملو هو انور سمجهو پئي ته منهنجي پيار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ واري اچي وئي آهي هُو ته خود ٻار هو! امان هن کي پنهنجي ويجهو سڏيو ٿي ته هُو پري ٿيندو ٿي ويو چيائين ٿي ته هن کي کڻي اڇلايو ته مان امان جي ڀرسان سمهان ٻئي ڏينهن گبسن هوم جي ڪواٽر ٻاهران چوڪيدار جو رکيل ننڍي لٺ کڻي آيو ته هن کي مار ڏيندس بابا ڪڏهن به سندس اڍائي سال زندگي ۾ اهڙي ناراضگي ڪانه ڏٺي هئي بابا پوءِ امان ۽ پڦي کي تاڪيد ڪئي ته هن جو خاص خيال رکجو ڪٿي ننڍڙي جو ڏنڊي سان ڪم نه لاهي ڇڏي پوءِ اهڙي طرح “گبسن” هوم جا ڏينهن پورا ٿيا ۽ اسين ممتاز کي کڻي پنهنجي ذاتي گهر غريب آباد آياسين.
منهنجي خاندان ۾ اڃان ڇوڪرين کي پڙهائڻ جو رواج نه پيو هو اِهي قريشي (قاضي) ڇوڪرين کي پڙهائڻ جي خلاف هئا جيتوڻيڪ منهنجي امان، ماسي ۽ ڪجهه ٻيون وڏڙيون خانواهڻ جي ملان اسڪول مان چار درجا سنڌي ۽ ڪلام پاڪ پڙهيون هيون پوءِ ڳوٺ ڇڏڻ کان پوءِ مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ بعد ۽ ڳوٺ جا ملان اسڪول بند ٿيڻ سبب ۽ وري علم جو شوق نه هُئڻ سبب منهنجي هم عمر يا انهيءَ کان ڪجهه وڏيون علم حاصل ڪري نه سگهيون هيون منهنجو بابا روشن خيال هو تنهنجو خيال هو ته:

تقدير بدلجڻ جو نالو آهي تعليم،
مقدر سنورجڻ جو نالو آهي تعليم.

هُوءَ عورتاڻي تعليم جو پرزور حامي هو ٻين قريشين ۾ اِهو شعور گهڻو پوءِ بيدار ٿيو هاڻي منهنجي زندگي جو به هڪ نئون باب شروع ٿي رهيو هو يعني انسان جي زندگي جو اهم باب۔

“علم حاصل ڪيو پينگهي کان قبر تائين”

يعني پڙهڻ ۽ پوءِ پڙهائڻ وارو وقت هي اسڪول جو دور به هڪ عجيب دور هوندو آهي گهر جي ماحول مان نڪري ٻار اڻ واقف ماڻهن (استادن) ۽ ٻين ننڍڙن ٻارن (هم ڪلاسين) سان منسلڪ ٿي ويندو آهي ڪي ٻار ته انهيءَ نئين ماحول کان ايترو ڊڄندا آهن جو اسڪول وڃڻ کان بلڪل نابري واري ڏيندا آهن يا وري اسڪول وڃڻ مهل روئڻ شروع ڪندا آهن ۽ ڪي اسڪول ۾ اندر داخل ٿي سڄو ڏينهن پيا روئيندا آهن اسان جي ميرپورخاص شهر جي سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول جي هيڊ مسٽريس سسٽر فرانسز انهيءَ داخلا واري سيزن کي، “سيزن آف ڪرائينگ ۽ ويپنگ چوندي هئي”
هتي اسان جي گهر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي منهنجي امان ٻه سال اڳ کان مونکي ذهني طور اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪري رهي هئي مان اسڪول وڃڻ مهل ڪونه رُني هيس وري قدرت الله جي منهنجا ٻيا ٻه ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ ممتاز به اسڪول وڃڻ مهل ڪونه رُني هئي
“انسان جڏهن پنهنجن خوشبختن جو وِچور ٺاهيندو آهي ته ماءُ کي انهيءَ جي پهرين نمبر تي رکندو آهي ماءُ انسان لاءِ دنيا ۾ اچڻ جو ڪارڻ ۽ وري هن جي ماڻهوءَ ۽ ماڻهپي واري حيثيت وٺڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي”
بابا مونکي پهريان مشن اسڪول موڪلڻ جو ارادو ڪيو هو ڇو جو کيس پنهنجي مادري ٻولي کان پوءِ انگريزي زبان وڻندي هئي ۽ ڳالهائي به رواني سان سگهندو هو. “انهيءَ ٻولي ۾ اجائي ڊيگهه ڪانه آهي”
پر پاڙي واري چاچا صاحب جيڪو هڪ تعليمي ماهر پڻ هو تنهن انگريزي ٻولي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ بابا کي مشورو ڏنائين ته:
‘ٻار جي بُنيادي ۽ پرائمري تعليم مادري ٻوليءَ ۾ ٿيڻ گهرجي’
هاڻي جڏهن هي ڪَٿا لکان پئي ته چاچا صاحب جو اِهو مشورو دل وٽان پيو لڳي نه صرف هن ملڪ ۾ بلڪه سڄي دنيا ۾ 21 فيبروري تي مادري ٻولين جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو هاڻي جڏهن سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ پڙهائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي انهيءَ وقت چاچا صاحب جو اِهو مشورو مون لاءِ ڪيترو لاڀائتو فيصلو هو.
منهنجي امان جيڪا صرف چار درجا سنڌي ۽ ڪلام پاڪ خانواهڻ جي ملان اسڪول مان پڙهيل هئي تنهن به چاچا جي فيصلي جي تائيد ڪئي هئي هاڻي ٻه ووٽ جيڪي ويٽو پاور هئا سنڌي جي حق ۾ اچي چڪا هُئا پوءِ بابا به راضي ٿي ويو هو پوءِ مونکي پرائمري اسڪول فار گرلز غريب آباد موڪلڻ جون تياريون شروع ٿي ويون هيءُ اسڪول اسان جي گهر کان پوءِ سامهان ٽي ڪراسنگ روڊ لتاڙي آخري روڊ تي هڪ گهٽيءَ جي مُهڙ تي هو جنهن جي سامهون پراڻي نمائش (لنبري) وارو علائقو هو جتي اقليتي برادري اڃان سوڌو آباد آهي جنهن جي ڀرسان واري گهٽيءَ جي شروع ۾ دل واري ڊاڪٽر اڪرم سلطان ۽ سندس ريٽائرڊ والد سلطان محمود جي ڪلينڪ آهي اولهه طرف برف جو ننڍڙو ڪارخانو اٿس چاچا صاحب مونکي اسڪول وٺي هلي اُتان فارم وٺي اچڻ جي ذميواري پنهنجي سِر کنئي هئي.
هي چاچا صاحب هڪ آدرشي انسان ۽ پنهنجي ڪم سان عشق جي حد تائين چاهه رکندڙ هو مون اهڙا ايماندار ۽ ڪم سان سچا انسان ۽ ايماندار انسان تمام گهٽ ڏٺا آهن سندس گهر اسانجي گهر سان گڏوگڏ هو اسين سڀ ڀائرُ ڀينرون هن وٽ ويندا هُياسين ته سڀ ڪاغذ، رجسٽر سرڪاري فائلون وغيره تي هٿ رکي چوندو هو.
“هُشُ بابا پَري پَري هي سرڪاري آهن هٿ متان لڳايو”
خراب ٿي ويندا پري ٿي ويھو”
مان هاڻي سوچيان ٿي ته اڄ جي ڪاموري ۽ اڳ واري ڪاموري ۾ ڪيڏو نه زمين آسمان جو فرق آهي هُوءَ ڪيڏا نه اورچ ۽ اعليٰ صفتن جا مالڪ هئا جتان روزي اُها به حلال روزي ملندي هُيئَنِ ان مال جي ڪيڏي حفاظت ڪندا هئا اڄ جا ڪامورا ته پاڻ کي بچائڻ لاءِ ريڪارڊ ساڙي رک ڪري ڇڏين ته به ذري برابر پرواهه نه ڪندا آهن. اهي آهن ماضي ۽ حال جا ڪامورا چاچا صاحب پنهنجي ڪم سان عشق جي حد تائين سچو ۽ کرو هو کيس پنهنجي سادي سودي زندگي تي فخر هو مونکي هن چاچا صاحب لاءِ. پرنم الهه آبادي جو هي شعر قلم تي اچي بيٺو آهي.
دونوں عالم سے وہ بیگانہ نظر آتا ہے،
جو تیری عشق میں دیوانا نظر آتا ہے۔
هي خود دار انسان اڪيلو رهندو هو ۽ پنهنجي ماني به هٿن سان پچائيندو هو ڪنهن اوڙي پاڙي کان وٺڻ کي نامناسب سمجهندو هو ڪڏهن ڪڏهن اسحاق نالي هڪ سرڪاري پٽيوالو نظر ايندو هو، پر هي ماني پاڻ ٺاهيندو هو.
چاچا صاحب بنيادي طور زميندار گهراڻي سان واسطو رکندو هو، هِتي ٿرپارڪر شگر مل ٺهڻ وقت جمڙائو ڀرسان سندس ٻنيءَ جو ڪجهه حصو شگر مل ۾ هليو ويو هو جنهن جي ادائگي هن کي سرڪار طرفان ئي هئي چاچا صاحب جو هڪ وڏو ڪارنامو اِهو هو جو پاڻ ڪنهن زماني ۾ اولڊ ٿرپارڪر (ميرپورخاص سميت) جي جاگرافي لکي هئائين جيڪا اسان پرائمري ۾ پڙهي هئي جنهن ۾ ٿرپارڪر جا تعلقه تپه ڍنڍون ڍورا سڀ لکيل هئا جبل ڇاکي چئجي ٿو؟ ٽڪري ڇاکي چئجي؟ واهه ڇاکي چئجي؟ اهي سڀ سوال جواب انهيءَ جاگرافي ۾ داخل هئا ڪچي جلد ۾ ڇپيل انهي ننڍڙي ڪتاب تي سندس نالو وغيره هن طرح لکيل هئا: “موسيٰ خان انڙ ڳوٺ ڪمال خان انڙ”
هاڻي مون ڪِٿي پڙهيو ته محمد اسماعيل عرساڻي صاحب به ٿر جي پهرين جاگرافي لکي هئي، پر پوءِ مون جڏهن انهيءَ مضمون کي پڙهيو ته اُها خبر پئي ته عرساڻي صاحب اِها جاگرافي سن 76_77 دوران لِکي جڏهن ته موسيٰ خان اُنڙ جي جاگرافي اسان اوائلي ننڍپڻ يعني ٻئي يا ٽئين ڪلاس ۾ پڙهي هئي معنيٰ ته چاچا صاحب پهريون جاگرافي دان هو ٿرپارڪر ضلعي جو هتي مونکي ايمرسن جي هڪ چوڻي پئي ياد اچي: ”اوڏانهن نه وڃو جيڏانهن رستو ٿو وڃي اوڏانهن وڃون، جيڏانهن ڪو رستو نه هجي، جيئن اوهان ڪو پيچرو ڇڏي وڃو!“ (رلف والڊو ايمرسن)
جڏهن مان هي يادگيريون سهيڙيان پئي ته الائجي ڇو مونکي اسڪول وڃڻ وارو اُهو پهريون ڏينهن حياتي جو پيارو ڏينهن محسوس ٿئي پيو. صبح ساڻ امان مونکي گذريل عيد تي پهريل گلابي رنگ جو جوڙو جيڪو هُن هڪ ڏينهن اڳ استري ڪري رکيو هو سو پارايو. اُهو گلابي جوڙو بابا مونکي نظر محمد ڪِلاٿ هائوس ميرواهه روڊ تان خريد ڪري ڏنو هو. اُهو ڪپڙي جو دُڪان اڄ به پنهنجي فڪسڊ قيمت جي ڪري مشهور آهي، باقي شهر ۾ شاهي بازار کان سواءِ هاڻي ڪيترائي شاپنگ مالز کُلي ويا آهن. امان منهنجي وارن کي ڦـڻي ڏئي ڇِڪي ٻه چوٽيون ٺاهي اُنهن ۾ گلابي رَبين وڌا ۽ مون وري عيد جي ڏينهن وارو ننڍڙو ٻٽون (پرس) هٿ ۾ لٽڪايو ۽ بابا جو وٺي ڏِنل پلاسٽڪ جو ڪارو چشمو پاتو نئين جُتي پاتي بِلڪل تيار ٿي کٽ تي پير لڙڪائي ويهي رهيس، ته متان ڪپڙن جي استري خراب نه ٿي وڃي. ٿوري دير ۾ چاچا صاحب در کڙڪايو ۽ امان مونکي ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪيو.
“چاچا صاحب سُفيد هرک جا ڪپڙا پهري مٿان ڪارو ڪوٽ پايو بيٺو هو چاچا جڏهن اسڪول جي وِزٽ تي ويندو هو ته ڪوٽ ۽ جناح ڪئپ ضرور پائيندو هو”
مون هُن جو هٿ پڪڙيو اِهو منهنجي چاچا لاءِ پنهنجائپ جو احساس هو اسان اسڪول ڏانهن روانا ٿياسين اهي ٽئي روڊ ۽ گهٽيون ڪراس ڪندي چاچا صاحب سان گڏ مان به تکيون تکيون وکون کڻندي هلي رهي هُيس پر ويجهو ايندي منهنجا احساس ڪجهه تجسس ۽ ڊپ گاڏر ٿي رهيا هئا در کڙڪائڻ تي اڌروٽ عمر جي هڪ عورت پٽيواليءَ اچي دَرَ کوليو سندس مٿي جا وار مينڌيءَ سان ڳاڙها ٿيل هئا، سنهڙي سيپڪڙي رنگ جي اَڇي هئي چاچا صاحب کي اوچتو سامهون ڏسي حيرت ۾ پئجي وئي پوءِ جلدي جلدي سلام ڪيائين ۽ مون ڏانهن ڏسي چاچا کان سوال ڪيائين جيڪو پنجابي ٻولي ۾ هو. “اي تواڊي ڪُڙِي هَي گِي؟”
چاچا اردو ۾ وراڻي ڏنس! “نہیں میری بھتیجی ہے!!!”
پوءِ اندر ڊوڙ ڪري اطلاع ڏنائين ته موسيٰ خان صاحب اچي ويو آهي. ڪلاس رومن ۾ ماسترياڻيون ٿورن ٿورن شاگردياڻين سميت موجود هيون. اسان کي هڪ ورانڊي نِماء ڪمري ڏانهن اشارو ڪيائين جتي هيڊ مسٽريس جي ڪلاس هئي ۽ اُتي ڪابه شاگردياڻي موجود نه هئي اسڪول جي هيڊ مسٽريس دادي ارباب زادي شيخ ڪجهه لکڻ جو ڪم ٿي ڪيائين چاچا کي اُٿي بيهي کيڪاريائين ۽ اسان ٻنهي کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين مان چاچا جي ڀرسان واري ڪرسي تي ويهي رهيس.
چاچا صاحب دادي ارباب زادي کان پهرين ڪلاس جي داخلا بابت تفصيل پُڇيو هن ٻڌايو ته: “اڃان تائين سنڌي ميڊيم جي پهرين درجي ۾ ڪابه داخلا ڪانه ٿي آهي”
هي اسڪول سنڌي اردو گڏيل پرائمري اسڪول هو جتي پنج درجا سنڌي ۽ پنج درجا اردو ميڊم وارن جا هئا دادي ارباب زادي شيخ جنهن جو نالو وري ڦِري مَٽجي “اربو دادي” ٿي ويو تنهن انهيءَ وقت به چاچا کي سنڌي ڇوڪرين ۽ انهيءَ جي مائٽڻ جي علم کان عدم دلچسپي ۽ غير سنجيدگي بابت ٻڌائيندي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته اڌ کان وڌيڪ غريب آباد، ڍولڻ آباد ۽ ٽنئورا آباد ۾ سنڌين جا گهراڻا آباد آهن پر ڇوڪرين کي اسڪول نٿا موڪلين! هاڻي داخلائون ٿيون به ته ويهن کان وڌيڪ عدد ڪونه جڙندو چاچا صاحب کيس دلاسو ڏنو.
“دادي اربو منهنجي حياتي ۾ ايندڙ اسڪولي استادن منجهان پهرين استاد هئي پاڻ سنڌي ادب جي مشهور ليکڪ ۽ مصور (ع - ق) شيخ جي ڀائٽي هئي سندس والد صاحب محمد عثمان شيخ هو جنهن جو بابا جي آفيس ويجهو ڪتابن جو دُڪان هو گهڻو ڪري درسي ڪتاب مختلف ضلعن جا نقشا وغيره به هتي موجود هوندا هئا”
علم ادب جي سُرهاڻ سان واسيل هيءُ گهراڻو ٿرپارڪر جي ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ ‘گڊڙي’ (گڊڙو) مان اچي ميرپورخاص ۾ آباد ٿيو هو ع ق شيخ اوائلي تعليم ٽنڊو سومرو ۽ ٽنڊو الهيار مان حاصل ڪئي ميٽرڪ، بي اي ايم اي، ايل، ايل، بي حيدرآباد ۾ رهڻ دوران ڪيائين هن جي عملي زندگي بابت نصير مرزا جو سهڙيل ڪتاب “ع ق شيخ ڪوهه ڪاف شيخ” سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي هن جي اولاد مان نجمه شيخ ۽ نسيم شيخ ليکڪائون آهن سو مون ذڪر ٿي ڪيو دادي اربُو جو جيڪا اسڪولي زندگي ۾ منهنجي پهرين استاد هئي سا انتهائي درجي جي ذهين، قابل، شفيق ۽ پيار ڪندڙ عورت هئي ٺيٺ سنڌي نيڻ نقش رکندڙ دادي اَربُو جو آواز تمام مِٺڙُو ۽ پيارو هو ۽ انهيءَ وقت تمام گهڻي خوش لباس پڻ هئي کائنس ننڍي ڀيڻ دادي رضيه پڻ هن غريب آباد پرائمري اسڪول ۾ استاد هئي ٿرپارڪر جي ڳوٺ گڊڙو مان لڏي آيل هن خاندان جي عورتن ميرپورخاص شهر ۾ عورتن جي تعليم جي واڌاري لاءِ شانائتو ڪردار ادا ڪيو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪي هندو استاد موجود هيون جيڪي ورهاڱي کان پوءِ هندوستان لڏِي ويون انهن جي وڃڻ کان پوءِ سنڌي ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ ۾ هي گهراڻو اڳ ڀرو رهيو جنهن ۾ دادي ڊيلان (ڊِيلَ) شيخ سڀني کان اڳ ڀري هئي پاڻ عثمان شيخ ۽ ع ق شيخ جي ڀيڻ هئي هيءَ دادي ڊيلان شيخ ايڊشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عبدالستار شيخ جي گهر اوري هئي سندس ٻن ڌيئرن منجهان هڪ ڊاڪٽر ملڪه ڊاڪٽريءَ جا فرائض ميرپورخاص ۾ ادا ڪري رهي آهي انهيءَ کان علاوه هن گهراڻي مان ڊاڪٽر مهرالنساء شيخ سعودي عرب ۾ ڊاڪٽري پيشي سان وابسته آهي سندس ڀيڻ گل پڻ استاد رهي آهي. انھيءَ کانسواءِ ادي عزيز شيخ به اُستاد رهي آهي.
منهنجي داخلا واري ڏينهن دادي اربو هڪ فارم ڪڍي چاچا صاحب جي هٿ ۾ ڏنو جيڪو هن منهنجي حوالي ڪيو دادي اربو مونکي چيو ته: “هاڻي اسڪول جي ڊريس (يونيفارم) ٺهرائي پائي اچجانءَ!”
جنهن ۾ ڊارڪ بِلوُ (نيرو) ڪلر جو ڦراڪ جنهن جا ڪالر ۽ ٻانهن تي سفيد پٽي لڳل هئي انهي سان سفيد شلوار ۽ دوپٽو (رَئو) پائڻو هو ڦراڪ جي سڄي شڪل داديءَ مونکي پني تي لکي ٺاهي ڏني هئي ۽ چيائين ته تنهنجي امان کي، ڏجانءِ!
اُتي چاچا هُن کان موڪلايو مونکي ساڻ ڪري دروازي جو رُخ ڪيائين ته در وٽان ٻه ڇوڪريون اندر داخل ٿيون جن جا والد صاحب پڻ گڏ هئا تن مان هڪ رشيده کوسو بلوچ ٻئي نسيم جان محمد سُرهيو هئي هنن ٻنهي جا گهر غريب آباد ۽ ٽنئورا آباد ۾ هُئا نسيم ته انهن شيخن جي قادري گِهٽيءَ ۾ پڇاڙي واري گهر ۾ سوڙهي گهٽي شروع ٿيڻ کان اڳ هڪ گهر جي مٿين ماڙ تي رهندي هئي جتي رياض شاهه نيشنل بينڪ جو آفيسر ورهين جا ورهيه رهيو پوءِ گلشن ملڪ جو خاندان رهيو رشيده بلوچ مرحومه نياز (تاجو) ٽريزري واري جي ڀيڻ هئي مشهور رائيٽر، مختيارڪار محمد بخش مجنون جي ڀائٽي هئي ٿر جو گانڌي مسڪين جهان کوسو پڻ سندن عزيز هو مسڪين جهان خان کوسو هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار وانگر هو جيڪو مَسُ ۽ ڪُپڙي هَٿَ ۾ روڊن تي هلندي ماڻهن جا مسئلا لکي اڳيان سرڪار کي پهچائندو هو هي ڪردار مون پنهنجي اکين سان اسٽيشن روڊ تي ڏٺو سو اِهي ٻئي ڇوڪريون نسيم سُرهيو ۽ مرحومه رشيده کوسو مون واري ساڳئي ڏينهن اسڪول مان فارم وٺي نڪتيون ۽ وري ڪجهه ڏينهن بعد اسڪول آيون ۽ مون سان گڏ اسڪول ۾ داخل ٿيون.
انهن مان نسيم جان محمد ميٽرڪ تائين پڙهي سگهي اُهو به بار بار تعليم اڌوري ڇڏڻ کان پوءِ رشيده ننڍي هوندي ته چست چالاڪ هئي پر پوءِ دل جي بيماري ۾ وٺجي وئي گهڻو اڳتي ڪونه پڙهي سندس شادي پاٽويون جي مري خاندان ۾ ٿي اولاد به ٿيس پر جواني ۾ گذاري وئي نسيم جان محمد جو هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ گونگا هئا جيڪي پڻ ننڍي هوندي گذاري ويا تنهن کان پوءِ ٻڌو هئم ته گهر ۾ اڪيلي حياتي گذاري رهي هئي باقي هاڻي مونکي انهيءَ جي باري ۾ ڪابه معلومات نه آهي ته ڪٿي آهي هرڪو ٻار دنيا ۾ پنهنجو ڀاڳ کڻي اچي ٿو مان اردو جي هن بيت سان بلڪل متفق نه آهيان.
”وہ میرے نصیب کی بارش تھی، کسی اور چھت پر برس کر چلی گئی“
جيڪو نصيب ۾ آهي اُهو انسان کي اَوَس ته ملڻو آهي ۽ ضرور ملندو هاڻي به جڏهن غريب آباد ۾ رهائش دوران بازار وڃڻ لاءِ انهيءَ سوڙهي گهٽي مان لگهندا هئاسين ته مون کي نسيم سُرهيو ۽ شاهه سائين جو هي بيت ضرور ياد ايندو هو.
سُوڙهي گهٽيءَ سپرين گونگا ٿي گڏيام،
ملاحظي ماڻهن جي ڪُڇي ڪين سگهيام،
نهاريندا ويا نماڻين اکين سان.
اهيا گهٽي ايتري سوڙهي هئي جو ٻه ماڻهون گڏجي هلي ڪونه سگهندا هئا هرڪو ٻئي جي نڪرڻ جو انتظار ڪندو هو هن گهٽيءَ جي خاتمي تي هڪ وڏو ڪاٺ جو در لڳل هو جنهن ۾ اندر ٻيا به گهر هئا جن مان هڪ ۾ حاجي فيروز شيخ رهندو هو جيڪو پيشي جي حساب سان اسٽامپ وينڊر هو ۽ بابا کان سينئر هو سندس واسطو پڻ لاڙڪاڻي سان هو هن ۾ هڪ حصي ۾ استاد اشرفي صاحب جي پهرين گهر واري ڌي شهابه ۽ سندس پٽ رهندا هئا ۽ باقي اڌ گهر ۾ ڪانوينٽ اسڪول ۾ پڙهائيندڙ مسز فرنينڊس وارا رهندا هئا هي عيسائي فيملي هئي جنهن ۾ ماءُ سان گڏوگڏ ٽي ڌيئرون پڻ پرائيويٽ ڪانوينٽ ۾ استاد هيون ڏاڍيون فيشن ايبل مايون هيون اڳ سندس گهر واري کي ايس، ايل، ڊي فيڪٽري ۾ ملازم هُئڻ ڪري فيڪٽري سان گڏوگڏ گهر مليل هو جنهن ۾ انگريز اسٽائيل جي رهائش هين در تي هڪ خوبصورت ڪتو ويٺو هوندو هو اسين رات جو ڪڏهن ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ نڪرندا هئاسين ته اڪثر در کليل هوندو هو ماءُ گهر جي ڪم ڪار ۾ مصروف هوندي هُين ٻار ورانڊي ۾ ڪيرم بورڊ جي ڪنارن تي ويٺل نظر ايندا هئا اِهو ڏسي پوءِ اسان به بابا کي فرمائش ڪئي ته اهڙو ڪيرم بورڊ اسانکي وٺي ڏي جيڪو بابا جلد آڻي گهر ۾ رکيو.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو منهنجي اسڪول جي داخلا کان پوءِ جي صورت حال جو رشيده ۽ نسيم سرهيو کان پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد پاڙي واري سيٺ سليمان ميمڻ جون ٽي ڇوڪريون رضيه بيگم ميمڻ، نسيم پروين (پَري) ۽ ممتاز به اسڪول اچڻ لڳيون ممتاز ننڍي هئي انهيءَ سال وڏين ڀينرن سان گڏ ايندي هئي داخلا ڪانه ٿيل هئس انهيءَ وقت جي رضيه بيگم ميمڻ هاڻي اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد جي چيئرمين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو جي گهر واري آهي هنن جو گهر اسان جي پٺيان واري گهٽيءَ ۾ هو جيڪا پڻ سنڌالاجي ۾ آفيسر رهي چڪي آهي انهيءَ وقت سندن گهر جي هيٺ واري حصي ۾ چاچا سليمان جو سوٽي ڪپڙي ٺاهڻ جو ڪارخانو هو جڏهن به سندن گهر وڃبو هو ته انهيءَ ڪارخاني جو زور شور جاري رهندو هو پوءِ هن ڪجهه عرصي بعد اِهو ڪارخانو بند ڪري ڇڏيو اڄ ڪلهه ايامن کان رضيه پَريءَ جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عزيز ڊينٽل سرجن جي خانگي اسپتال آهي مون ڪلاس جي شاگردياڻين ۽ ساٿياڻين جو ذڪر ٿي ڪيو ته اسڪول جي سامهون پراڻي نمائش (لنبري) جي احاطي ۾ غير مسلم (شيڊول ڪاسٽ) رهندا هئا بلڪه اڃان به رهن پيا انهن منجهان ڪجهه ڇوڪريون اسان جي سنڌي پهرين درجي ۾ داخل ٿيون هيون انهن مان گهڻن جا سَرُوپا مون کان وسري ويا آهن پر هڪ “ميران” نالي ڇوڪري چٽيءَ طرح ياد اٿم ڇو جو اُها سليٽ تي ڊرائينگ ڏاڍي سٺي ٺاهي ڏيکاريندي هئي جن ۾ خوبصورت منظر ڪشيون وغيره هونديون هيون هيءَ ميران عمر ۾ وڏي تيرنهن چوڏهن سالن جي لڳ شادي شدهه هئي چوندي هئي ته دادي اَربُو جي ترغيب ڏيڻ تي مونکي علم پرائڻ جو شوق ٿيو آهي ڏاڍي فضيلت واري ۽ سمجهدار ڇوڪري هئي دادي اربو جي موڪل تي وڃڻ واري ڏينهن ڪلاس سنڀاليندي هئي صورتخطي لکرائي چُڪُون وغيره ڪڍندي هُئي وري انهن جي تصيح وغيره ڪندي هئي بهرحال ٻه سال اهيا ڇوڪري اسان سان گڏ رهي پوءِ نظر ڪانه آئي ڇاڪاڻ جو اسان سنڌي ميڊيم وارن کي هڊسن پرائمري اسڪول منتقل ڪيو ويو هو.
انهيءَ عرصي دوران اسان جي فيملي ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق جو جَنم ٿيو انهيءَ وقت مان ٻُڌل ۽ ٻڌايل ڳالهين کان پري ٿي “جيڪي ڏٺو سو مون” جي بنياد تي لکنديس ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت منهنجي ذهني اوسر ٿي رهي هئي ۽ سڀ ڳالهيون چِٽيءَ طرح ياد آهن.
“اڇي کير جهڙي رنگ، ڪارن وارن ۽ خوبصورت اکين وارو منهنجو هيءُ ڀاءُ اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀاءُ کان سهڻو هو”هن جي پيدائش وقت پڦي ڪجهه مجبورن سبب پهچي ڪانه سگهي هئي ته بابا پنهنجي ڀاڄائي جيڪا سندس وڏي ڀاءُ اسان جي چاچي حاجي عبدالسميع جي گهر واري هئي ۽ سندس سڳي سئوٽ هئي تنهن کي ڳوٺ خانواهڻ مان گهرايو هو سندس نالو جمال خاتون هو. هوءَ اسان جي چاچي هئي پر بابا جي سئوٽ هُئڻ سبب کيس پڦي چوندا هُئاسين کيس نوجواني ۾ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو هو جيڪو ٻاروتڻ ۾ گذاري ويو پوءِ هن کي ڪوبه اولاد نه ٿيو امان ۽ بابا جي شادي به انهيءَ بابا جي سئوٽ پڦيءَ ڪرائي هئي بابا هن جي گهڻي عزت ڪندو هو ۽ هُوءَ پاڻ ننڍي ڏير هُئڻ جي حيثيت سان کيس ۽ سندس اولاد کي گهڻو ڀائيندي هئي باقي وڏي چاچي عبدالسميع دادو جي صديقي قاضين مان ٻئي شادي ڪئي هئي ۽ کيس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد ٿيو هو اِهو گهراڻو اڄ به دادو شهر ۾ “تاج هوٽل وارا قاضي” جي نالي سان مشهور آهن سو مون ذڪر ٿي ڪيو مشتاق جي جنم جو انهن ڏينهن اسان (مان ۽ انور) مُدي جي بخار ۾ ورتل هئاسين اسان جو کاڌو پيتو پرهيزي هو مزاج ۾ هڪ قسم جي چِڙَ ۽ ڪاوڙ سمايل هئي پر هيءُ ڀاءَ پڦيءَ جي هنج ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا هُئاسين مالش ڪرڻ تنجڻ ۾ ٻڌڻ جنهن تي هُو ڏاڍو روئيندو هو ۽ سندس سفيد رنگ گلابي ٿي ويندو هو اسان سندس اِهيا خدمت چاڪري پيا حيرت مان ڏسندا هُئاسين هيءُ ڀاءَ پاروتڻ کان چست ۽ شرارتي هو يعني “ڄمندي ئي ڄام” هو مان هن جي ڪوئنري جسم کي آڱرين سان هٿ هڻي پئي ڏسندي هُئس پڦي ڪاوڙ ڪندي هئي.
“مَنَ پري ٿيو ڇُوڪَرَ سان کيئنسَ نه ڪيو..!”
هُوءَ ڇوڪَريَ ۾ ڇوڪُرِيءَ جي وضاحت لاءِ زير ۽ زبر جو استعمال ڪندي هئي. مٿي کي سڌو ويهارڻ لاءِ مَٿيءَ کان وٺي کڙين جو زور لڳائيندي هئي. “مَٿو سٺو نه ويٺس ته ٽوپي ڪيئن پائيندو پڳ ڪيئن ٻڌندو..!؟ وغيره مون گذريل ڏينهن T.V تي پروگرام “ڪلاس روم” ڏٺو، جنهن ۾ مها ليکڪ امر جليل سنڌين کي اپيل ڪئي ته: ”خدارا ٻارن جي مٿي کي ويهارڻ جي ڪوشش نه ڪيو انهيءَ سان انهن جي ذهانت تي اثر پوي ٿو.“
امر جليل صاحب ته اهيا سائنسي ٿيوري ٻڌائي هُئي پر مٿي ويٺل هي منهنجو ڀاءُ ته سڀني کان ذهين، هوشيار ۽ هر فن مولا نڪتو هو جنهن جو احوال اڳتي ڏيندس پر هن جي طبيعت جسماني حرڪتون ابتدائي ٻاروتڻ کان ئي ٻين ٻارن کان ڪجهه اڳ ڀريون هيون ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ زور سان هٿ پير هڻڻ مَٿي کي حرڪت ڏيڻ اکيون کولڻ ۽ بند ڪرڻ، هر ڪنهن ڏانهن ڳالهائيندڙ اکين سان نهارڻ مونکي هاڻي سچل سائين جو هڪ شعر پيو ياد اچي:
“آهي انهن اکين کي خاصو خمار تنهنجو!”
شام جو سج لٿي مهل گهڻو روئيندو هو پڦي وري انهيءَ جو الزام ڀيڻ ممتاز تي هڻندي هئي ته اُها “چونڊڙيون پائي رُئاڙيس ٿي” ۽ هن کي “نظر به هڻي ٿي..!”
ممتاز وري پُڦيءَ جي ڊپ کان امان جو پاسو اچي جهليندي هئي انور جيڪو انهيءَ عمر ۾ خاموشي سان شرارتون ڪندو هو ٻيو ڪو اعتبار به نه ڪندو هو ته هن سوچي سمجهي اهيا شرارت ڪئي آهي مثلاّ هڪ ڏينهن هن مشتاق جي استعمال ۾ ايندڙ “منهن رکڻي” ڀڃي ڇڏي جيڪا ڪاٺ جي ٺهيل هئي پڦي ويچاري جنهن کي اسان پڦي محمد ماءُ چوندا هئاسين ۽ مرحومه هاڻي به انهيءَ نالي سان سڏجي ڇاڪاڻ ته سندس اڪيلي مرهيات پٽ جو نالو محمد هو تنهن انهي ‘منهن رکڻي’ کي ننڍڙي ٻار جي لازمي گهرج سمجهي. “مٽي ڳوهي انهيءَ ۾ ڏنڊو اٽڪائي ڇت تي سُڪڻ لاءِ وجهي آئي”
انور خاموشي سان مٿي چڙهي ويو ۽ اهيا ڀڃي هيٺ لهي آيو شام جو پُڦي ‘منهن رکڻي’ کڻڻ وئي ته اُها ڀڳل هئي لڳاتار ٽي ڏينهن اِهو سلسلو هليو چوٿين ڏينهن هوءَ ساندهه ڀڃڻ واري جي تاڙ ۾ رهي ۽ انهيءَ ڏينهن انور کي جهلي ورتائين پر هو ڏاڪڻين وٽان ٻاهر نڪري ويو شام جو اِهو ڪيسُ بابا جي عدالت ۾ پيش ٿيو بابا ته انهيءَ ڳالهه جو خاص نوٽيس نه ورتو چيائين ته (ڇٽي ڄاري واري) کڻي مٿان رکينس! ڀاڄائي!
پر هن جواب ڏنو ته ڪڏهن به نه اُها سِڻي جي آهي گناهه ٿيندو ٻيو ته ڇوڪَرَ کي گرمي ٿيندي. اهڙا ننڍا وڏا واقعه زندگي جو حصو ٿيندا آهن جڏهن يادگيريون سهيڙيان ٿي ته واري واري سان اچي سامهون بيٺا آهن مون ذڪر ٿي ڪيو پنهنجي اسڪول جو جنهن مان اسان سنڌي ميڊيم وارن کي هڊسن اسڪول منتقل ڪيو ويو هو انهيءَ جو جواز اِهو ٻڌايو ويو هو ته سنڌي ڇوڪرين جي انرولمينٽ گهٽ آهي ٻيو ته بلڊنگ ننڍي آهي هڊسن اسڪول بلڊنگ جي حساب سان وڏو آهي اوڏانهن موڪليو وڃي ته هنن جي تعليم جو جوڳو بندوبست ٿي سگهي شاگردياڻين سان گڏ سي استاد به بدلي ڪري هڊسن اسڪول ميرواهه روڊ ميرپورخاص موڪليائون.
هي هڊسن اسڪول ٿرپارڪر جو 1911ع کان 1913 تائين ڪمشنر رهندڙ ڊبليو، ايف هڊسن جي نالي پٺيان ٺهيل هو سندس دور ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي جو نالو بدلائي ڪليڪٽر رکيو ويو سندس دور ۾ “کڏڙو ريلوي” لائن تيار ٿي ۽ تعلقي ڊگڙي کي حيدرآباد کان ڇني ٿرپارڪر سان ملايو ويو پاڻ هي هڊسن اسڪول قائم ڪيائين جيڪو اڄ سوڌو گورنمينٽ گرلس هڊسن هاءِ اسڪول جي نالي سان قائم ۽ دائم آهي انهيءَ کان علاوه سندس قائم ڪيل هڊسن لائبريري پڻ اسان جي ننڍپڻ ۾ ميرواهه روڊ تي موجود هئي هاڻي خبر نه آهي ته اُهي ڪتاب ڪنهن ٻئي لائبريري ۾ ضم ڪيا ويا آهن يا نه! مونکي وڌيڪ معلومات نه آهي.
مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته موجوده دور ۾ ذاتي ڪمائي لاءِ پرائيويٽ اسڪول ته گهڻا ٺهيا آهن پر “هڊسن صاحب” جهڙا اورچ ماڻهون تمام گهٽ ملندا جن هن شهر کي سرڪاري اسڪول ڏنا هُجن اهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سرڪار چيو آهي.
سڏڙو ٿيو سرڪار جو ماڙيون محل ڇڏي ويا،
هيءَ نه ويل وڃڻ جي جادو لائي ويا جيءَ ۾.
غريب آباد پرائمري اسڪول گَهرَ جي ويجهو هُئڻ باوجود بابا مونکي اڪيلو اسڪول اچڻ وڃڻ پسند نه ڪندو هو مونکي اسڪول جي پٽيوالي جنهن کي سڀ ‘بُوا’ چوندا هئا سا 10 روپيا ماهوار تي اسڪول وٺي اچڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ رکي ڏني هئي جيڪا گهر اچي امان سان پنجابي ۾ ڳالهائيندي هئي ۽ امان اردو ۾ جواب ڏيندي هُئس آخري ڏينهن مونکي امان جي حوالي ڪري چيائين.
“تُسي هُڻ ڪُڙي دا ڪوئي هور بندوبست ڪرو هُڻ اَي سنڌي ڪُڙيان هڊسن اسڪول جاوَڻ گِيان”
هڊسن اسڪول اسان جي گهر کان پري هو انهيءَ وقت ۾ ٽانگن کان سواءِ ٻي ڪابه پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئي. اُهي به اڪيلي هڪ شاگردياڻي کي کڻڻ لاءِ تيار نه هئا، مون سان گڏ پڙهندڙ گهڻيون تڻيون ڇوڪريون ‘هڊسن’ اسڪول جو ٻُڌي گهر ويهي رهيون. انهن جا نالا ۽ داخلا رجسٽر هڊسن اسڪول موڪليا ويا هئا، پر پوءِ منهنجي ڊوميسائل ٺهرائڻ وقت اسڪول ليونگ جو پهريون سرٽيفڪيٽ هتان مليو هو. هتان جي استادن دادي اَربُو ۽ رضيه جي والد عثمان شيخ بابا کي مشورو ڏنو ته آءٌ پنهنجي ڀيڻ دادي ڊيلان کي چوان ٿو جيڪا ‘هڊسن’ جي هيڊر مسٽريس آهي اُها ڪونه ڪو بندوبست ڪندي دادي ڊيلان مونکي اسڪول جو پٽيوالو عارب خاصخيلي “گهران وٺي اچڻ ۽ وري اسڪول مان موڪل وقت گهر پهچائي وڃڻ” لاءِ مقرر ڪري ڏنو، جنهن جي پگهار 30 روپيا ماهوار مقرر ٿي هئي. هي پٽيوالو عارب فيملي سميت اُتي اسڪول ۾ ٻاهرين بائونڊري وال جي اندرين پاسي رهندو هو. هن جي ڪمري جي ٻاهران ننڍڙو اڱڻ هو جنهن ۾ پپر جو گهاٽو وڻ پوکيل هو، جنهن جي هيٺان واڻ سان واڻيل ڪاٺ جون کٽون هُيون، جتي مان موڪل ٿيڻ شرط اچي ويهي رهندي هُيس ۽ جتي پٽيوالي جون ڌيئرون مُني ۽ زليخا ويهي مون کان اسڪول جا ۽ گهر جا احوال پڇنديون هيون مان جيڪا ننڍي هوندي کان سچ ڳالهائڻ جي عادي هُئس ۽ سادي هيس، سڀ ڳالهيون کليون کلايون ٻڌائي ڇڏيندي هُيسِ”
عارب پٽيوالو ڪلاس رومن جا تالا بند ڪري منهنجو ٿيلهو کڻي پنهنجي ڪنڌ ۾ لٽڪائي اسان جي گهر ڏانهن راهي ٿيندو هو.
“اسڪول وڃڻ ۽ اتان واپس موٽڻ حياتي جي يادگار لمحن ۾ شمار ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي پنڌ وڃجي يا سواري تي، ڪو ڇڏڻ وڃي يا اڪيلو وڃجي وڏي ٿيڻ کان پوءِ اِهي يادون ضرور گڏ هلن ٿيون وڃڻ ۽ اچڻ وارا گس ضرور اکين اڳيان ڦرندي نظر اچن ٿا”
اڄ به پٽيوالي عارب سان اسڪول ويندي ۽ ايندي نيوٽائون جون صاف سٿريون ويڪريون گهٽيون ياد اٿم هي علاقو انگريزن جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آباد ڪيو ويو جيڪو باقاعده منصوبه بندي سان ٺ اِهو ويو هو جتي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهون رهندا هئا جيڪي ڪافي مهذب هئا انهيءَ وقت هتي گر ڏنومل جي پرنٽنگ پرس ۽ فقط هڪڙي ڊاڪٽر خان جي اسپتال هئي باقي ڊاڪٽر احمداڻي جي اسپتال وڏي (مِئنِ) روڊ تي هئي هڪ ڀيرو بابا مونکي ننڍي هوندي بيمار ٿيڻ ٿي هن وٽ وٺي ويو هو هتي ٻليون جيڪي سندس پاليل هيون جام هيون هڪ پراسرار ماحول هو پوءِ هي هتان لڏي ويا سندس پٽ ڊاڪٽر عبدالرب ڪينسر جو مشهور ڊاڪٽر ٺهيو هتان هاڻي گهڻا تڻا ماڻهون لڏي ويا آهن جن مان امان الله سومري وارن جي فيملي، مرزا ممتاز ايس، ڊي، او ٽيليفون جي فيملي سندس گهر واري لاڙڪاڻي جي آهي هاڻي ڪاليجي استاد رهي نوڪري تان ريٽائرڊ ٿي آهي ڊاڪٽر احمداڻي وارن منجهان ڪي اُتي رهن ٿا زينت ۽ جنت اميد علي راڄڙ جا گهر موجود آهن ماڻهون به موجود آهن باقي گهڻو ڪري اسپتالون آهن جن ۾ الشفاءَ، ماريا وغيره مشهور آهن اسان جي هڊسن جي استاد داديءَ مهرو وارن جو گهر به اُتي هو جنهن مان سندن ڀاڻيجي ڊاڪٽر فرزانه شاهه ڪلينڪ هلائي رهي آهي هتي ليباٽريون وڏي تعداد ۾ آهن ۽ امين الٽراء سائونڊ سينٽر گهڻي مشهوري ماڻي آهي ڊاڪٽر منٺار ۽ سندس گهر واري رفعيه منٺار جا الٽراء سائونڊ سينٽر به هتي آهن ڊاڪٽر اشفاق ميمڻ گلي، نڪ ۽ ڪن جو ماهر ڊاڪٽر به هتي هو پر هاڻي ڪينيئڊا لڏي ويا آهن ڊاڪٽر انور اسماعيل جي اسپتال هتي آهي انهيءَ کان علاوه اکين جا ماهر ڊاڪٽر ڊاڪٽر فاروق ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو جون اسپتالون پڻ هتي آهن الشفاء اسپتال ۾ ٻاهران به روزانه ڪيترا ڊاڪٽر اچن ٿا منهنجي هڊسن جي استاد دادي مهرو پنهنجن ٻن ڀينرن دادي اقبال ۽ دادي افضل باجي (دارالنساءَ اسڪول) واريون پڻ هن علائقي ۾ رهنديون هيون مٺائي واري “اشرفي سوئيٽ” جو دُڪان انهيءَ وقت ڪونه هو هاڻي سڄو ڏينهن اتي مريضن جي رَش لڳي پئي هوندي آهي منهنجي ننڍپڻ ۾ اُتي انهن گهٽين ۾ حبيب بينئڪ جي برانچ هوندي هئي جتي منهنجي بابا جو پڻ اڪائوننٽ هوندو هو هي بينڪ هڪ گهر اندر ٺهيل هئي جنهن کي ڪاٺ جو ننڍو در هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان مور ٺهيل هُئا جيڪي اُڪَرَ جي ڪم سان ٺهيل هئا ۽ سڄا رنگين هئا مونکي محسوس ٿئي ٿو اَلشفاءَ اسپتال پڻ انهيءَ هنڌ ٺهيل آهي واپسي مهل اسان هڊسن اسڪول مان نڪري جتي ڀڳڙن ٺاهڻ جو ڀٺو هو جيڪو اسڪول سان گڏوگڏ هو اتان نڪري نيو ٽائون جي گهٽين کي ڪراس ڪندا اسان پوسٽ آفيس چوڪ کي ڪراس ڪندا غريب آباد ڏانهن ويندڙ وڏي ويڪري روڊ تي چڙهندا هئاسين جيڪو اسان جي گهرن کان اڳ اچي عمرڪوٽ روڊ سان ملندو هو. هي روڊ ڪافي ڊگهو هو ۽ پنڌ تمام گهڻو هو. پر هاڻي سوچيان ٿي ته مان ڪيئن روزانه ايترو پنڌ ڪري اسڪول ويندي هُيس پر اِهو شايد
“روشني جو پنڌ هُيو..!”
ساڄي پاسي کان هلندي دُڪانن کان علاوه فردوس سينيما تي وڏا وڏا قد آدم پوسٽر لڳل هوندا هئا سينيما مٿي منزل تي هئي هيٺ ڪجهه پٺاڻن جا دڪان هئا ۽ انهيءَ کان علاوه مريد خان سومرو جو بندوقن جو دُڪان هو جتي بندوقن ۽ ريوالورن جي خريد فروخت ۽ مرمت جو ڪم ٿيندو هو کاٻي پاسي ٽانگا اسٽينڊ ۽ ٽيڪسي اسٽينڊ هئا جتي اڪثر جيپون بيٺل نظر اينديون هيون روڊ تي ٿورو اڳتي وينداسين ته کاٻي پاسي کري ڪواٽر جو علائقو هو ۽ ساڄي پاسي ڪالي خان پيٽرول پمپ سان گڏ اندر گهڙندي ٽنئورا آباد جو علائقو شروع ٿيندو هو جتي اڳي ته صرف رهائشي جايون هيون بلڪه منهنجي چاچي عبدالرسول جي گهٽي کان اڳ روڊ تي هڪ سينيما هئي جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ پرڀات چورائيندي هئي ۽ پوءِ هندوستان کان آيل هڪ محاجر جيڪو دهلوي هو تنهن کي ڪليم ۾ ملي هئي پر مون ڪڏهن هتي ڪا فلم هلندي يا گوڙ شور نه ٻڌو ۽ نه ڏٺو پاڪستان دور ۾ انهيءَ جو نالو ڪيپيٽل سينيما رکيو ويو امان ٻڌائيندي هئي ته انهيءَ دور ۾ ڪجهه فلمون هلنديون بعد ۾ ڪنهن ڪيس ٿيڻ سبب بند ٿي وئي هاڻي اُتي ڪوڪا ڪولا ۽ مشروب جي ايجنسي آهي وري پوءِ گاڏين جي صفائي لاءِ اُتي لفٽون وغيره نظر آيون سينيما جي اهيا ڇت جنهن کي گهرو نيرو رنگ ٿيل هو ۽ ٽڪنڊي لهر واري ٺهيل هئي سا پنهنجي پڪچر هائوس هُئڻ جي شاهدي ڏيندي هئي انهيءَ جي سامهون طفيل بيڪري هئي پٺيان لوڌين جا گهر هئا ميرپورخاص جي مشهور ڊاڪٽر نسرين اشفاق جيڪا سيڪنڊري ۾ منهنجي ڪلاس فيلو به رهي سا پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر اشفاق لوڌي سان گڏ رهندي هئي انهن گهرن وٽان گهٽ چوڙي رستي تان لنگهندي ماڻهون وچ بازار کسڪ پوره پهچي ويندو هو انهيءَ ڪالي خان پيٽرول پمپ پٺيان رضيه آرائين شاهجهان سمون فارما سسٽ جو گهر هو هيٺ مارئي هوميو پيٿڪ جو دُڪان هو وڏي روڊ جي ساڄي پاسي واري کري ڪواٽر جو علائقو گهٽين جي صورت ۾ نظر ايندو هو هڪ گهٽي جامع مسجد سرڪل ڏانهن ويندي هئي جتي بابا جي آفيس هئي وڏي روڊ جي بلڪل سامهون پهرين گهٽي جي مُهڙ تي ڊسٽرڪٽ خطيب حڪيم مولوي محمد صالح سمون جي رهائش گاهه هئي انهيءَ جي سامهون هڪ ڀرڳڙي هائوس شارمين ڀرڳڙي وارن جو گهر هو پيٽرول پمپ کان اڳ شاهه ولي الله پبلڪ اسڪول هو جنهن جي سامهون حڪيم فضل محمد عباسي جو مطب هو جيڪو دادو سان تعلق رکندڙ ديندار گهراڻي مان هو انهيءَ پاڙي ۾ جنهن کي کري ڪواٽرز چيو ويندو هو تنهن ۾ آغا خير محمد وڪيل، ڀرڳڙي هائوس (ٻيو) جيڪو ڊاڪٽر ڊريگو جي ميرپورخاص ڇڏي وڃڻ کان ڀرڳڙين خريد ڪيو هو سو ليکڪه فاطمه ڀرڳڙي جو گهر هو مولوي محمد صالح ميرپورخاص ۾ ورهين جا ورهيه خطيب رهيو جامع مسجد جي اسٽيشن روڊ واري پاسي سندس مطب هو جتي ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي هن علائقي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي معالج نصير شيخ وارن جو گهر هو هن علائقي ۾ نصرپور جي قاضين نورمحمد قاضي، حسين بخش قاضي ۽ عباسي قاضي وارن جا گهر هُئا هاڻي هتي به جهڙوڪ ڊاڪٽرن جا ميڊيڪل سينٽر نور سينٽر، عزيز هڏين جي اسپتال وغيره آهن هتي برانچ اسڪول، مدرسه قاسميه وغيره ٺهيل هُئا جن مان برانچ اسڪول ته آهي يا نه باقي مدرسه اسڪول قاسميه کي هڪ پرائيوٽ اسڪول ٺاهي سندس اولاد هلائي پيو. منور قاضي جيڪا باقر قاضي جي ڌي هئي تنهن جو گهر به اِتي هو سندس هڪ ڀاءَ قربان ڊاڪٽر ٺهيو هي نصرپور وارن قاضين مان هئا.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو وڏي ڊگهي روڊ جو جيڪو غريب آباد تائين ڪيترائي اندروني پاڙڻ جا اُهڃاڻ لتاڙيندو هو ٽنئورآباد ۽ غريب آباد جي وچ واري روڊ تي قائداعظم وارو گهر هو جنهن جي سامهون حڪيم فضل محمد وارن جو گهر هو سامهون وارين گهٽين ۾ شيخ رهندا هئا جيڪي لاڙڪاڻي ۽ گڊڙي جا هُئا قائداعظم واري گهر جي باري ۾ لکندي هلان ته هي اصل ۾ رئيس غلام محمد وساڻ جو ٺهرايل هو جتي پاڪستان تحريڪ دوران قائداعظم اچي رهيو هو تڏهن کان اِهو گهر قائداعظم جي گهر جي نالي سان مشهور ٿيو کري ڪواٽرز علائقي ۾ همدرد پرنٽنگ پريس روڊ تي هڪڙي ڪمري وارو فوٽو اسٽوڊيو هو جنهن جو ڊارڪ روم جتي فوٽن جي ڊولپمينٽ ٿيندي هئي سو ننڍي هوندي بابا مونکي ڏيکاريو هو اسان چئني ڀاءُ ڀينرن جو هڪ فوٽو اُتي نڪتل آهي بعد ۾ اهو اسٽوڊيو بند ٿي ويو ۽ اتي ڪجهه وڪيلن جون آفيسون نظر اينديون هيون پر پوءِ انهيءَ اسٽوڊيو جي جاءِ تي مشهور سرجن عبدالستار لغاري جي پرائيويٽ ڪلينڪ هئي هاڻي اُتي پُراڻا سَروپا ڊهندا ويا آهن ۽ نيون عمارتون ٺهنديون پيون وڃن.
هاڻي عمرڪوٽ روڊ تي اڳتي وڌنداسين ته ساڄي هٿ تي پيرومل فيڪٽري ۽ آدم فيڪٽري هئي جيڪي ڪاٽن جيننگ (ٽاڙڻ) فيڪٽريون هيون جن جي اڳيان تمام چوڙا فٽ پاٿ هئا انهن تي هندوستان کان لڏي آيل محاجر جيڪي کوکرو پار بارڊر کان هتي پهتا هئا تن جا ڪچا گهر هُئا اُهي صرف ڇت وٽ ڍڪيل هئا باقي سڀ کليل هئا هنن وٽ ننڍا ننڍا تيل پيهڻ جا گهاڻا هُئا جن ۾ اکين تي کوپا ٻڌل ڏاند پيا پيڙهجندا هئا مان اتان لنگهندي وات ڦاڙي انهن کي ڏسندي ويندي هُيسُ تڏهن عارب پٽيوالو چوندو هو ته هتي پهچي تون سِلي ڇو ٿي ويندي آهين مان چوندي هُيس ته: ”چاچا مان هي ماڻهون ۽ انهن جا گهر ڏسان ٿي.“
اِهو منهنجي ننڍپڻ جو مشاهدو هو ته هڪ ننڍڙي ٽڪري تي ڍڳا به هلن پيا، ٻار به کيڏن پيا وڏن ڊگهن فراڪن واريون عورتون کاڌو به پچائين پيون پوڙها ڪاٺ جي ننڍڙين کٽن تي سُتا پيا آهن.
”انسان جي زندگي ۾ ايندڙ واقعه ۽ ٻيون شيون تجربو ڪونه هونديون آهن پر ڪجهه پهلو مشاهداتي به هوندا آهن.“
ايامن تائين اهي فيڪٽرين جي آس پاس ٻاهر ويٺل هوندا هُئا پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪي ڪراچي لڏي ويا ڪي نٽ پاڙي آدم فيڪٽري پٺيان نواب شاهه ريلوي لائن واري علائقي ڏانهن شفٽ ٿي ويا پوءِ ڪجهه سالن تائين اُهي فٽ پاٿ خالي رهيا پوءِ پهريان آدم فيڪٽري ڊاهي پلاٽنگ ڪئي وئي ۽ اِهو پاڙو آدم ٽائون سڏرائڻ لڳو بعد ۾ پوءِ ته پيرومل فيڪٽري به ڊاهي پٽ ڪئي وئي هاڻي اُهو علائقو پي، ايم ڪالوني چوارائي ٿو جتي منهنجي ڪاليج جي ساٿياڻي رضيه آرائين جو گهر آهي آدم ٽائون ۾ پڻ منهنجي ڪاليجي ساٿياڻي ارجمند ضياء ۽ افسري بانو جا گهر آهن هاڻي به جڏهن مان هنن جي گهر ويندي آهيان ته مونکي ننڍپڻ ۾ عارب پٽيوالي سان هي روڊ ڪراس ڪرڻ جو سڄو منظر سامهون اچي ويندو آهي انهيءَ جي رستي تي اسلامي بينڪ، علي ميڊيڪل به اوچو ڳاٽ ڪري ماضي جي بي ثباتي ۽ فنائيت جو کليل اعلان ڪندا نظر اچن ٿا.
عمرڪوٽ روڊ جي پهرين گهٽيءَ ۾ اسان جو گهر هو جيڪو هاڻوڪي ڀٽائي ميڊيڪل سينٽر جي پٺيان هو گهٽي جي شروع ۾ نٿو ٽانگي واري جو گهر هو جيڪو ڊاهي حبيب چانهيو ۽ اسماعيل چانيهو جا دُڪان ٺهي ويا ڀرسان چاچا پرتاب جو ڪوئلن جو دُڪان هو جيڪو پيرسني ۾ هن بند ڪري ڇڏيو جتي پوءِ گاڏين جا اسپيئر پارٽس رکيا هوندا هُئا هي غريب آباد ٽن روڊن جي گهٽين تي مشتمل هو جنهن ۾ وچ واري حصي ۾ جتي ليبر آفيس (مير امام بخش وارو بنگلو) هو جيڪو پوءِ وڪڻي ڇڏيو ويو ۽ مختلف ماڻهن مخلتف حصا خريد ڪري گهر ٺهرايا ڪنهن زماني ۾ هڪ شاندار بنگلو هو مون سان گڏ سيڪنڊري ۾ هڪ قائم خاني ڇوڪري شائسته پڙهندي هئي انهيءَ جو پيءُ هتي ليبر آفيسر ٺهي آيو هو ڪجهه حصو آفيس جي استعمال ۾ رکيو هئائين باقي وڏي حصي ۾ جنهن ۾ مرڪزي ڪاٺ جو دروازو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان چوڪيدارن جي ويهڻ لاءِ خاص جاءِ ٺهيل هئي اُهو حصو پنهنجي فيملي جي استعمال لاءِ يعني (گهر) لاءِ رکيو هئائين تڏهن انهيءَ ڪاموري جي ڀيڻ اسان اسڪول جي ساٿياڻين کي پنهنجي پڦيءَ جي شادي ۽ مهندي جي دعوت ڏني هئي هن بنگلي تي جڏهن رات جو لائٽنگ ڪئي وئي ته سنگ مرمر جو ٺهيل هي بنگلو تمام گهڻو خوبصورت نظر ٿي آيو هن جي هر ڪمري ۾ انهيءَ جي ڀتين تي خوبصورت چترڪاري ٿيل هئي هر خيال هر شڪل پنهنجي جاءِ تي لاجواب هُئي مان سوچيندي آهيان جڏهن انهيءَ خوبصورت ننڍڙي محل کي ڊاٺو ٿي ويو ته انهن ڀتين جنهن تي فن مصوري جا شاهڪار ٺهيل هئا تن تي هٿوڙن جا وار ڪهڙن سخت دل انسانن ڪيا هوندا بهر حال وقت چوي آئون بادشاهه سو وقت جي بادشاهي ازل کان آهي ۽ ابد تائين هلندي هن تقريب ۾ مهنديءَ واري رات تمام سهني نموني سان خوبصورت ننڍڙين رڪابين ۾ مهمان عورتن کي پان به کائڻ لاءِ پيش ڪيو ويو هو جيڪو ذائقي ۽ خوشبو ۾ لاجواب هو باقي جيڪڏهن مووي ڪيمره هجي ها ته انهن شاندار منظر کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏي ها پر انهيءَ تقريب ۾ مون کي مووي ته ڇا پر ڪو فوٽو گرافر به نظر ڪونه آيو هو مون کي انهيءَ تصور کي ڏسندي شاهه سائين جو پانَ متعلق مشهور شعر لکڻو ٿو پوي.

هلو هلو ڪاڪ تَڙين، چَرون جِتِ چَڙَهِنِ،
ڪوڙين رنگ رَچَنِ، پانوڙي پِڪَ سِين.

انهيءَ عمارت جي ڊهڻ کان پوءِ اتي ناريجن، شهناز جيڪا منهنجي سيڪنڊري کان ڪاليج تائين ساٿياڻي رهي تن جا گهر ٺهي ويا ۽ ڪجهه ٻيا به جن کي مان نٿي سُڃاڻان انهيءَ عمارت کي ڊاهڻ بجاءِ ڪنهن ادبي ڪم يعني وڏي لائبريري طور استعمال ڪيو وڃي ها ۽ ماڻهون پڻ انهيءَ خوبصورت فن مصوري کي ڏسي ذهني سُڪون حاصل ڪن ها بهرحال جيڪا ڌڻين جي مرضي ۽ رب جي رضا.
سنڌي ادب جو مهان ليکڪ جمال ابڙو صاحب به ڪنهن زماني ۾ (جواني ۾) هن پاڙي خاص طور انهيءَ گهٽي جي ڪنهن گهر ۾ پنهنجي والد ماستر علي خان ابڙي سان گڏ رهي ويو هو انهن گهٽين ۽ شهر جو ذڪر پنهنجي ڪتاب. ڪٿا: ڏسي ڏوهه اکين سين (جلد I) (صفحا 102 کان 103) ۾ ڪيو آهي نه سندن غريب آباد ۾ رهڻ دوران پوئتي واري گهٽيءَ ۾ مسجد هئي جنهن ۾ پاڻ پنهنجي والد صاحب سان گڏ نماز پڙهڻ ويندو هو ۽ انهيءَ مير امام بخش واري بنگلي جو ذڪر پڻ ڪيو اٿس. سو انهيءَ مسجد کي عرف عام ۾ (مڪراني) مسجد چوندا هئا زمين کان مٿڀرو ٺهيل هئي سدائين صاف سٿري نظر ايندي هئي منهنجا ڀائر انور ۽ مشتاق به گهڻو ڪري اتي نماز پڙهڻ ويندا هئا اُتي قاري ڪلام پاڪ جو درس به ڏيندو اسان جي گهر جي پٺين گهٽين ۾ غلام نبي اڄڻ ٺيڪيدار جي گهر جي سامهون هڪ ننڍڙي مسجد پڻ هئي جيڪا بعد ۾ وسيع ڪرائي وئي منهنجو بابا پيرسني جي آخري ڏينهن ۾ اُتي ئي نماز ادا ڪندو هو مڪراني مسجد جي قاري بابت هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته هن تي اِهو الزام لڳو هو ته هُو گهر ۾ جيڪو مسجد جي ڀر ۾ هو تنهن ۾ ٽرانسسٽر ريڊيو ٻڌي ٿو جيڪو سخت گناهه آهي آخر ٻه چار ڏينهن پاڙي جي اڪابرن ۾ لڳاتار ڳالهيون هليون ۽ هن کي قاري جي پوسٽ تان هٽايو ويو منهنجو ڀاءُ مشتاق به انهيءَ جو شاگرد هو سو روئڻهارڪو گهر پهتو ۽ چيائين
“امان اُهو ملان ڏاڍو سُٺو هو اسانکي ڪڏهن به دڙڪا ڪونه ڏيندو ڪپڙا به صاف پائيندو هو مان ٻئي ملان وٽ ڪونه ويندس!!!”
ٿيو به ايئن پوءِ هن گهر ۾ باقي رهيل ڪلام پاڪ پورو ڪيو.
هاڻي مان وري پنهنجي نئين اسڪول ‘هڊسن’ جو ذڪر ڪنديس جنهن جون ڀتيون ڳاڙهيون هيون سو ميرپورخاص شهر ۾ ‘لال اسڪول’ جي نالي سان مشهور هو هن عمارت کي انگريزن باقاعده منصوبه بندي تحت جوڙايو هو جيڪو منهنجي داخلا وقت فقط اردو سنڌي پرائمري اسڪول هو جيڪو پرائمري مان ترقي ڪندي هاءِ اسڪول جو ڪم ڏئي رهيو آهي هتي ڊي او گرلز ۽ تعليم کاتي جون آفيسون پڻ آهن هن کي وڏي پکيڙ ڏنل آهي وڏي داخلا واري گيٽ کان پوءِ ڪافي زمين (انهيءَ وقت) ڪَچي ڇڏيل هئي پوءِ سِرُن جو فرش ڏنل هو انهيءَ بعد ڪلاس رومن جو حصو هو جيڪو زمين کان 4 فوٽ مٿي هو جيڪو هر طرف کان سيڙهين جي ذريعي مٿي ڪلاس رومن رُومن تائين وٺي ويندو هو ڪلاس رومن جون ڇتيون ڪافي اُوچُون هيون جن کي روشن دان لڳل هئا وچ واري ڪمري کي پويان دروازو هو جيڪا دادي ڊيلان جي آفيس هئي انگريزي اکر ‘ڊبليو’ جي شڪل تي ٺهيل اهيا پرائمري هڊسن جي عمارت تمام هوادار ۽ شاندار هئي جنهن ۾ اردو ۽ سنڌي جا ڪلاس هلندا هُئا سنڌي اردو اسڪول جي هيڊ مسٽريس دادي “ڊيلان” هئي دادي اربو شيخ، دادي رضيه، دادي مهرو دادي اقبال سنڌي ڪلاسن جون استاد هيون اردو ڪلاسن ۾ مونکي دولت باجي جي شڪل صورت چِٽيءَ طرح سان ياد آهي رب پاڪ جي مهرباني سان مان جتي به پڙهڻ ويس اُتي جيڪي استاد مليون سي استاد محترم ئي هُيون جن پنهنجي مسيحائي پيشي ۽ پيغبري پيشي سان وفا ڪندي اسان کي علم جي لاٽ سان منور ڪري ڇڏيو. هن اسڪول ۾ صفائي سٿرائي سان گڏ غير نصابي سرگرمين تي پڻ ڪافي زور هوندو هو ننڍا فنگشن اڪثر ٿيندا رهندا هُئا ٻيو ته هِتي هر روز پائوڊر وارو امريڪي کير پياريو ويندو هو جيڪو چون ٿا ته آمريڪا مان ايندو هو ۽ گَتي جي ڪارٽونن ۾ بند هوندو هو پٽيوالي “چُني ٻائي” انهن کي وڏن ڊرمن ۾ گهوٽي ململ جي ڪپڙي ۾ ڇاڻي جڳن ۾ ڪلاس رومن ۾ کڻي ايندي هئي ۽ گلاسن ۾ وجهي پياريندي هئي رضيه دادي شيخ انهيءَ ڪم جي نگران هئي سا پڻ سامهون بيٺل نظر ايندي هئي اسين نه چاهيندي به اِهو کير ڊپ وچان ڳڙڪائي ويندا هُئاسين. ڪهڙي نه ايمانداري هئي شاگردياڻين لاءِ آيل کير انهن تي ئي استعمال ٿيندو هو هيڏانهن هوڏانهن ڪٿي به نه موڪليو ويندو هو استادن کي ڪا اهڙي بدعنواني ڪرڻ جي همٿ ئي ڪانه ٿيندي هئي سالانه امتحان وٺڻ لاءِ ساڳيو چاچا موسيٰ خان انڙ ايندو هو جيڪو کائڻ پيئڻ ته ڇا هڪ گلاس پاڻي به ڪونه پيئندو هو دادي رضيه شيخ هڪ ٻه ڀيرو اسان کي پائوڊر واري آمريڪي کير مان مائو ٺاهي به کارايو هو چوندي هئي ته کير نٿو وڻيوَ ته هي کائو تمام مزيدار هوندو آهي دادي رضيه ڪلاس رومن جي پٺيان هڪ ننڍڙي کليل بورچيخاني نموني جاءِ تي ويهندي هئي پوءِ اسان کي ننڍڙين پيالين ۾ ڏوئي وجهي مائو ڪڍي ڏيندي هئي اهي کاڌي پاتي وارا ڪم امتحانن گذرڻ بعد ٻه ٽي ڀيرا ٿيا هُئا.
جڏهن مان ٽئي درجي ۾ آيس ته منهنجي پنڌ اسڪول اچڻ وڃڻ کان جان آجي ٿي. ٿِيو ائين جو پاڙي واري چاچي سليمان جي ڇوڪرين هڪ ٽانگو هٿ ڪري ورتو هو جنهن ۾ رضيه، پري ۽ سندن کان ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر ممتاز اينديون هيون هنن کي اِهو ٽانگو سيف الرحمان سروري وڪيل هٿ ڪري ڏنو هو جنهن ۾ سندس ڌيءُ ناهيد به ايندي هئي انهيءَ ٽانگي واري جو نالو “سيٺيو” هو جيڪو ذات جو سيٺيو هو، پوءِ مان به هنن سان گڏ ٽانگي ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو جنهن ۾ رضيه، پَرِي ۽ ناهيد پٺيان ويهنديون هيون ۽ باقي ڊاڪٽر ممتاز ۽ مان اڳيان ويهنديون هيون سين گهوڙو ڊوڙندو وڏو روڊ ڪراس ڪري نيو ٽائون جي گهٽين مان لنگهندي هڊسن اسڪول جي در تي آڻي ٽانگي کي بيهاريندو هو ٽانگي وارو سيٺيو خود هڪ ذميدار قسم جو ماڻهون هو موسم چاهي ڪهڙي به هُجي هُو ايندو ضرور هو پوءِ ٻڌم ته منهنجي ٽانگي فيلو ناهيد جي امڙ اوچتو هارٽ اٽيڪ ۾ گذاري وئي آهي، ڪجهه ڏينهن بعد ٻڌم ته ناهيد ميرپورخاص ڇڏي ناناڻن ڏانهن ڪراچي وڃي رهي آهي پوءِ هڪ ڏينهن ڊاڪٽر ممتاز مونکي چيو ته هاڻي تون منهنجن ڀينرن رضيه ۽ پري سان گڏ پٺيان ويهجانءَ آئون اڪيلي اڳيان ويهندس ڇو ته مان توکان ننڍي آهيان اِهو ٻڌائيندي هلان ته انهيءَ وقت ٽانگي ۾ پٺيان ويهڻ معتبر سمهجيو ويندو هو الائي ڇو ٽانگو ته ساڳيو هو وچ ۾ فقط هڪ سنهي ڪاٺ جي پٽي لڳل هوندي هئي.
هن هڊسن اسڪول ۾ پڙهائي ۾ سختي ڪِي قدر دادي مهرو ڪندي هئي جيڪا چوٿين درجي ۾ منهنجي استاد هئي ۽ هر وقت اکر سُٺا ڪرڻ تي زور ڏيندي هئي ۽ اسان کان ‘مشق’ ڪاپيون گهرائي انهن تي مشق ڪرائيندي هئي صورتخطي تي زور ڏيندي هئي چوندي هئي “پنهنجي ٻولي ته صحيح لکو!!! اڳتي ڪم ايندوءَ!!!”
هاڻي هن عمر ۾ مان سوچيندي آهيان ته دادي مهرو اسان تي صحيح سنڌي لکڻ تي ڪيترو زور ڀريو جو اسان پنهنجي مٺڙي مادري ٻولي لکي سگهون ئيون هاڻي ته سنڌي چئنلن تي ٽي وي ۾ خاص طور تي سلائڊ تي غلط سنڌي ڏيکاري پئي وڃي.
هن هڊسن اسڪول جون استاد غير نصابي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺنديون هيون ڇوڪرين کي ننڍن ننڍن پروگرامن ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏينديون هيون تمام زندهه دل عورتون هيون هڪ ڀيرو هن هڊسن اسڪول جي استادِن هڪ وڏي ڊرامي کي اسٽيج تي پرفارم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ڪري ڏيکاريو هي ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو لکيل هو جنهن ۾ دادو اربو ۽ دادي رضيه شيخ ڏاڍي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري هي فنگشن شام جي وقت ڪيو ويو هو ڊرامي جا سين بدلائڻ ۾ وقت وٺڻ لاءِ ننڍڙو اردو خاڪو، غزل ۽ ڊانس به رکيا ويا هُئا تن مان دولت باجي جو ادا ڪيل ننڍڙو اردو ٽيبلو مونکي چِٽيءَ طرح ياد آهي جنهن ۾ هوءَ ڪجهه ڳائيندي ڏک وچان گلدستي کي کڻي زمين تي اڇلائي ٿي جيڪو ذريون ذريون ٿي وکري وڃي ٿو اِهو سِينُ (لقاءُ) ياد ڪندي هاڻي مونکي “آئن اسٽائين” جو هي قول ياد پيو اچي ته:
“جيڪي پيار ۾ ڪرندا آهن انهن لاءِ ڪشش ثقل ذميدار نه هوندي آهي..!”
اهڙا دلچسپ فنگشن هتي ٿيندا رهندا هئا هڪ ڀيرو هتي شاندار مينابازار لڳائي وئي هئي جنهن جو هڪ ڊراما پورشن به هو جنهن ۾ ننڍا ننڍا ٽيبلو خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيا ويندا هئا هتي مينا بازار شروع ٿيڻ کان اڳ ئي انهيءَ وقت شام واري پرائيويٽ ڪاليج جون ٻه شاگردياڻيون (هڪ ڇوڪري ٻيو ڇوڪرو) هَٿُ هَٿَ ۾ ڏئي سڄي هڊسن اسڪول ۾ گهمنديون وتنديون هيون تنهن مان ڇوڪري خوبصورت قدر آور ۽ سُهڻن نيڻن نقشن واري هئي ۽ لباس به تمام سُهڻو پائيندي هئي هن سان گڏ هڪ هينڊسم ڇوڪرو ‘فل سوٽ’ ۾ ملبوس ۽ وارن کي لِڪائڻ لاءِ هئٽ لڳائي ۽ ڳچي ۾ شوخ ڪلر جي ٽاءِ لٽڪائي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ هلندا رهندا هُئا هن خوبصورت جوڙيءَ مان عورت آپاز بيدهه ريشمان هئي جيڪا بعد ۾ ايس، ڊي، او فيمل اسڪول ٺهي باقي ڇوڪري (مرد) جو ڪردار ادا ڪندڙ شميم اعواڻ هئي جيڪا ابن رشد جي پراڻين شاگردياڻين منجهان ذهين ۽ ايڪ ٽِوِ شاگردياڻي هئي هاڻي ته خبر نه آهي ته ڪٿي آهي پر آپاز بيدهه ريشمان هن وقت ماشاالله سدا بهار آهي ۽ سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۾ رهي ٿي آپاز بيدهه جو آواز هن وقت به پيارو ۽ مٺرو آهي سندس خوبصورت سراپا ڏسي دل مان نڪري ٿو:
آواز رنگ لاتو! ورتي خيال صورت..!

هن اسڪول ۾ راندين جا مقابلا بر روز شور سان ٿيندا هئا جن جي انچارج هڪ اردو ڳالهائيندڙ ٽيچر شميم خان هوندي هئي جيڪا دادي رضيه شيخ جي گهاٽي سهيلي هئي هن راندين ۾ ڪيتريون ئي راند جون شوقين ۽ هوشيار شاگردياڻيون حصو وٺنديون هيون اسان جي ڪلاس مان ثريا نالي ڇوڪري جيڪي اصل ۾ دادو جا هُئا مونکي ذات ياد نه آهي سا ڀرپور حصو وٺندي هئي سنهڙي سيپڪڙي ثريا سدائين “چاٽي ريس” ۽ “اسپون ريس” ۾ پهريون نمبر ايندي هئي هي رانديون پڻ جسماني صحت لاءِ ضروري هيون جنهن ۾ سهيلا بخاري جيڪا مون کان هڪ سال سينئر هئي ۽ بعد ۾ ابن رشد جي پرنسپل بڻي سا پڻ حصو وٺندي هئي ۽ ڪاميابيون ماڻيائين اسان جي پاڙي واري سعيده بخاري پڻ راندين ۽ ٻين غير نصابي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندي هئي.
مان جڏهن چوٿين ڪلاس ۾ هُيس ته هتي اسڪول اندر هڊسن مڊل جي عمارت ٺهڻ شروع ٿي وئي هئي جيڪو ڪم تيزي سان جاري هو ۽ جلدي اهيا بلڊنگ به مڪمل ٿي وئي هاڻي پنجون درجو پاس ڪندڙن کي ٻاهر ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ بجاءِ هِتي ئي مڊل اسڪول ۾ تعليم وٺڻي پوندي هئي جنهن جي هيڊ مسٽريس آپا خورشيد خان هئي انهيءَ وقت بلڪل جوان هئي هلڻ ۾ تِکي ۽ مٿي تي وارن جي جوڙي ٺاهيندي هئي آواز ۾ دٻدٻو، اردو تمام فصيح ۽ بليغ ڳالهائيندي هئي هڊسن مڊل جي عمارت پاڪستاني اڏاوت جو هڪ نمونو هئي گذاري لائق هئي هڊسن پرائمري جهڙو تعمراتي ڍانچو نه هُيس اِهو مڊل اسڪول پوءِ ترقي ڪندي هاءِ اسڪول ٿيو ۽ اڄ سوڌو قائم آهي.
مان پنج درجا پاس ڪري هڊسن اسڪول جي مڊل اسڪول پورشن ۾ نه پڙهيس بلڪه سيڪنڊري تعليم لاءِ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول (پرتَاب ڀُونِ) آيس بابا سائين جو چوڻ هو ته مڊل (اٺ درجا) پاس ڪري مونکي وري به هتي اچڻو آهي سو چاچا صاحب (محمد موسيٰ انڙ) جي مهرباني سان مونکي پرائمري تعليم جو اسڪول لِيونگ سرٽيفڪيٽ ملي ويو منهنجون ڪجهه ساٿياڻيون هڊسن مڊل ۾ رهجي ويون جيڪي وري بعد ۾ مڊل پاس ڪري هن هاءِ اسڪول ۾ پهتيون ۽ منهنجون ڪلاس فيلو ٿيون هاڻي به جڏهن مان ماضي ۾ لِيئو پائيندي آهيان ته مونکي هڊسن اسڪول جون ساروڻيون ڏاڍيون وڻنديون آهن هڪ ڇوڪري ڪلان ٻائي جيڪا ڇوڪرين ۾ هڪ ڏند ڪٿائي ڪردار لڳندي هئي ۽ سنڌي هندو هئي سا پيرومل فيڪٽري مان وڏي بگي ۾ چڙهي ايندي هئي ۽ جڏهن هڊسن جي گيٽ وٽ پهچندي هئي ته سندس بگيءَ جي ڇِت ڪلاس رومن مان به نظر ايندي هئي وڏيون وڏيون ٻرانگهون کڻندي ايندي شرط چوندي هئي! ”اي ڀڳوان اڄ وري گهوڙي دير ڪرائي ڇڏي..!“

تهمينه مفتي جيڪا ننڍپڻ کان مذاق ڪندي هئي کيس چيڙائيندي هئي. “ڪلان ٻائي! ڪَن ڪپائي! دير سان آئي! اِجها دادي مهرو ڄاڻ لِٺِ کڻي آئي”
اُتي ڪلان ڪاوڙ ۾ چوندي هُئس! تون ته چپ ڪر گُنڊڙي وارن واري ڇوڪري!
اسين سڀ کِلَ ۾ کِلي کِلي کَيريون ٿي وينديون هيون سين اسان جو پنجين درجي جو امتحان (ساليانو) زباني ڪونه ٿيو هو، چاچا صاحب امتحان وٺڻ ڪونه آيو هو بلڪه زندگي ۾ پهريون ڀيرو پيپر ڏنا هُئاسين جيڪي سائيڪلو اسٽائيل ٿيل پيپر هئا انهن سان گڏ جوابي ڪاپي به ڏني وئي هئي هيءُ پنجين درجي وارو اسڪالرشپ جو امتحان ڪونه هو بلڪه درجو پاس ڪرڻ جو ساليانو امتحان هو اسڪالرشپ جي امتحان لاءِ وري ڪجهه پڙهائي ۾ ڪمزرو شاگردياڻين ڊپ وڌو هو ته: “انهي امتحان ۾ فيل (ناپاس) ٿيون ته وري پنجون ڪلاس ٻيهر پڙهڻو پوندِوءَ”
سو سڀني ساليانو امتحان ڏئي پرائمري مان جان آجي ڪئي هاڻي سوچيان پئي ته اُن وقت مان اِهو امتحان ڏئي وٺان هان ته ضرور ڪامياب ٿيان ها ڇو جو مون اڳتي هلي زندگي جي سڀني تعليمي امتحانن ۾ سُٺي ڪاميابي ماڻي هُئي بهرحال مونکي انهيءَ ابتدائي چٽا ڀيٽي جي مقابلي ۾ ويهڻ جو موقعو نه ملي سگهيو.
هن سالياني امتحان ۾ روايتي طريقي سان ڪلاس رجسٽر مطابق رول نمبر لڳايا ويا هئا ۽ امتحان جي سڄي سينٽر جي انچارج نگران (انٽرل) دادي رضيه شيخ هئي جيڪا محنتي هُئڻ سان گڏوگڏ سختي ڪرڻ واري اصولي عورت هُئي انهيءَ امتحان کي ياد ڪندي منهنجي اکين اڳيان سڄو نظارو ڦري ٿو اچي بلڪه پوءِ مونکي هتي گلزار جو هي شعر ياد پيو اچي.
آنکھوں کو ویزا نہیں لگتا، سپنوں کی سرحد نہیں ہوتی۔
هاڻي مان گرلس هاءِ اسڪول موجوده (ش، ب، هاءِ اسڪول) وڃڻ جا خواب ڏسڻ لڳيس ٻن اسڪولن ۾ پڙهڻ جو تجربو ۽ مشاهدو هاڻي مون وٽ هو ۽ مان ڏاڍي چاهه ۽ امنگ سان سيڪنڊري تعليم حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي رهي هُيس ۽ مان اِهو پڻ محسوس ڪيو هو ته
“هاڻي مون ۾ گهڻي حد تائين خود اعتمادي وڌي رهي هئي استاد ۽ ساٿياڻيون ڪلاس ۾ سٺا نمبر کڻڻ ۽ ٻيون ۽ پهريون نمبر اچڻ سبب مونکي اهميت ڏئي رهيون هيون”
سو ٿيو ائين جو انهن ڏينهن جڏهن بهار جي مند هئي بابا چاڪي پاڙي ۾ هڪ گهر خريد ڪيو ۽ اُتي هلي رهڻ جو ارادو ڏيکاريائين بابا جو چوڻ هو ته اِهو علائقو اسڪولن ۽ ڪاليج کي ويجهو آهي انهيءَ سبب اسان کي اچڻ وڃڻ ۾ سهولت ٿيندي اسان چئني ڀائر ۽ ڀينر مان ٽي ڄڻا تعليم پرائي رهيا هُئاسين مشتاق اڃان ننڍو هو هُو اڃان اسڪول ۾ داخل نه ٿيو هو گهر ۾ ويٺو نيون نيون شرارتون ڪندو هو بابا ويجهڙائپ جو خيال ڪندي اسان کي هتي شفٽ ڪيو هو پر هتي هن پاڙي جو ته وايو منڊل ئي ڦريل هو.
“ماڻهون ڏاڍا ويڙهاڪ ۽ جهيڙا ڪار هُئا سڄو ڏينهن پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا خير اسان جو ته انهن جهيڙن سان ڪو واسطو ئي نه هو پر انهن جا ٻار سڄو ڏينهن در جون ڪال بيل وڄائڻ، پٿر اڇلائڻ، اسان جي ٻاهر نڪرڻ تي موچڙا ڏيڻ انهن جي ڄڻ منشور ۾ داخل هو انهيءَ هڪ گهٽيءَ ۾ الائي ڪيترا ننڍا وڏا ڇوڪرا “يا جوج، ماجوج” وانگر ڏينهن رات پيا ڦرندا هئا ۽ شرارتون ڪندا هئا”
هي علائقو پر اسرار لڳندو هو اسان واري گهٽي چوڙي هئي پر اندر داخل ٿيندڙ روڊ کان ايندڙ گهٽيون سوڙهيون هيون انهيءَ روڊ تي علي اڪبر ميمڻ جيڪو ميرپورخاص جي سنڌي گهراڻن ۾ مشهور ماڻهون هو تنهن جو گهر هو هندوستان جي ورهاڱي کان اڳ جو هو تمام شاندار ٺهيل هو پوءِ اُهي به اِهو گهر ڇڏي اچي سيٽلائٽ ٽائون ۾ بنگلي ۾ رهيا.
سو مون ذڪر ٿئي ڪيو انهن بدمزاج ۽ جهيڙاڪ پاڙيسرن جو ته ٿيو ائين هڪ شام جي وقت اسان بابا سان گڏ شهر گهمڻ لاءِ وياسين پيا در جي ٻاهران انهن ياجوج ماجوج ڇوڪرن جو ٽولو بيٺو هو انهن ڇوڪرن منجهان هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو ‘عطا’ هو تنهن منهنجي ڀاءُ انور کي ڌِڪو ڏئي پٽ تي ڪيرائي وڌو بابا جنهن جي هٿ ۾ ڀاڄي واري ڇَٻي (ٽوڪري) هئي سا عطا کي وهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ انور ۽ مشتاق کي وٺي شهر ڏانهن روانو ٿيو ٿوري دير ۾ انهيءَ پاڙي جون گهڻيون عورتون گڏ ٿي ويون ۽ اسان جي گهر ۾ داخل ٿيون هڪ وڏو هشام عورتن جو هو جن کي ڏسي امان حيران ٿي وئي ۽ هنن پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
تمهاري شوهر ني هماري لڙڪي ڪو مارا هي ديکو ڪتنا زخمي هو گيا هي (ڇورو عطا بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو ڪٿان به زخمي نه هو روئڻ جو آواز ڪڍي رينگٽ شروع ڪيائين وري کلڻ شروع ڪيائين) امان به هنن سان جوش ۾ اچي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“تواهان جا ٻار روزانه اسانجي ٻارنَ کي در تي اچي موچڙا ڏيو وڃن تڏهن تواهان کي ڪاوڙ ۽ جوش نٿو اچي هاڻي سڀ گڏجي آيون آهيو وڙهڻ لاءِ!”
منهنجو مامو امان الله انهن ڏينهن فضل ڀنڀري مان ڪنهن آفيس جي ڪم سان اريگشن آفيس ميرپورخاص آيل هو ۽ اسان جي گهر ترسيل هو تنهن ڪمري مان اِهو سڄو لقاءُ ڏٺو ويٺي، ٻڌو ويٺي سو ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو عورتن کي سمجهايو ۽ واپس روانو ڪيو.
انهن شيطان ڇوڪرن مان ڪجهه جا نالا مونکي اڄ به ياد آهن جيڪي عطا، لطا (لطيف) فدا، پِيري ۽ تاج هئا انهن کان علاوه سامهون وارو گهر عابد، عابده ۽ راني وارن جو هو جيڪي پنجابي هُئا پر ويڙهاڪ نه هئا پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا هئا مون انهن ٻن ڀينرن راني ۽ عابده سان گڏ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو جيڪو ٿوري مفاصلي تي هو اسان ڪاهو بازار مان لنگهي بدر باجي جي گهر وٽان گذرندي حيدرآباد روڊ چڙهندي هاءِ اسڪول پهچي ويندا هُئاسين راني ته ٻڌو هُئم ته پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو باقي عابده پڙهندي رهي انهيءَ وقت اٺين ڪلاس ۾ هئي آخر مختلف اسڪولن ۾ راند جي استاد ڊِي، پِي، اِي (ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن مقرر ٿي) سندس نالو پوءِ عابده رمضان سندس والد جي نالي سان سڏجڻ لڳو ٻڌو اٿم ته 2010ع ڌاري نوڪري تان ريٽائرڊ ٿي آهي منهنجي سيڪنڊري اسڪول جي هيءَ عمارت پرتاب “ڀون” هئي جيڪا منهنجي خوابن کان وڌيڪ حسين هئي هن جو ٻاهريون ڏيک، هڪ وڏي پڪي چوديواري ڏنل هو هيءَ عمارت موجوده پوليس شاپنگ سينٽر ۽ سيشن ڪورٽ جي سامهون اڄ به اوچا ڳاٽ کڻي پنهنجي عظمت جا ڏيک ڏيئي رهي آهي انهيءَ ڀت جي ڪُنڊن تي محافظن جي ويهڻ لاءِ مورچا ٺهيل هئا جن مان بندوق جي نالي ڪڍڻ لاءِ سوراخ به هُئا اندر داخل ٿيڻ شرط سنگ مرمر سان تراشيل هن عمارت کي ڏسي انسان اچرج ۾ پئجي ويندو هو هاڻي جڏهن مون سنڌي ادب پڙهيو آهي ۽ شاهه جي شاعري منجهان مومل جي لاجواب ڪاڪ محل بابت تصوراتي سگهه رکان ٿي ته مونکي اُها عمارت پرتاب ڀون ته ڪاڪ کان به خوبصورت نظر اچي ٿي.
بيڪاريءَ کي بر ۾، ويو ڪيف چڙهي،
ڳالهيون ڪندي ڪاڪ، جون ڳوڙها پيس ڳڙي،
ڪا جا انگ اَڙي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇَڙي پيا.

ٻاهران انهيءَ وقت ٻه وڏا گيٽ لڳل هُئا هڪ ساڄي ڪنڊ تي ٻيو کاٻي ڪنڊ تي اندر داخل ٿيڻ مهل رهائشي عمارت کان اڳ سنگ مرمر جو ڦوارو وهندو هو جنهن جو پاڻي هيٺ تلاءِ ۾ ڪرندو هو جيڪو حوض نموني تي تمام خوبصورت ٺهيل هو آسپاس خوبصورت ڇَٻَر هئي جنهن تي سيٺ پرتاب راءِ هن عمارت جي ٺهڻ کان پوءِ شهر ميرپورخاص جي ڪامورن جي دعوت ڪئي هئي منهنجو بابا انهيءَ وقت لوڪل بورڊ ۾ اور سيئر هو کيس به هن دعوت ۾ وڃڻ جو موقعو مليو هو ٻڌائيندو هو ته اِهيا سائي ڇٻر جيڪا اسپين ملڪ مان گهرائي وئي هئي ۽ اُتي پوکي وئي هئي ڏاڍي خوبصورت نظر آئي ٿي رنگ برنگي بتين ماڻهن کي حيران ڪري وڌو هو هن پرتاب ڀون ۾ بجلي جو پنهنجو عليحده انتظام ڪيل هو.
انهيءَ رهائشي عمارت جنهن ۾ پوءِ ڪلاس روم هلندا هُئا تنهن ۾ انگريزن جي دور جي بهترين ڦٽنگ اسان ڏٺي هي عمارت پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال اڳ سيٺ پرتاب راءِ ڏاڍي چاهه سان هڪ انگريز آرڪيٽڪ جي نگراني ۾ ٺاهرائي هئي رهائشي عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سامهون ۽ سائڊ وارن پاسن کان ٽي رستا هئا ٽنهي رستن جي چوڙين ڏاڪڻين تي سنگ مرمر جا شينهن بيٺل هئا هن جون ڀتيون ۽ ٽائيل انهيءَ وقت جرڪندا نظر ايندا هُئا هڪ وڏو هال جيڪو ڪلاس رومن جي سامهون هو تنهن ۾ خوبصورت فانوس لٽڪيل هُئا پر اسان ڪڏهن ٻرندي ڪونه ڏٺا در دريون ساڳوان جي ڪاٺ جا ٺهيل هُئا هر هنڌ ڪمرن ورانڊن ۽ هال ۾ خوبصورت ڪاٺ جا ڪٻٽ لڳل هئا جن جو ڪو انت ئي ڪونه هو هر ڪمري کي هوادار رکڻ لاءِ هنڌ هنڌ رنگين شيشن جون دريون لڳل هيون جيڪي مختلف رنگين شيشن سان جڙيل هيون.
عمارت جي مٿئين حصي ۾ وڃڻ لاءِ ڪاٺ جون چوڙيون ڏاڪڻيون هيون جيڪي مٿي وڃي ٻن حصن ۾ ورهائجي وينديون هيون هڪ حصو ساڄي پاسي جي ڪمرن لاءِ ۽ ٻيو حصو کاٻي پاسي جي ڪمرن لاءِ مٿي حصي ۾ به اسان جي شاگردي واري دور ۾ ڪلاس روم لڳندا هئا مٿي وارو حصو مختلف فيملي ميمبرن جي پرائيويٽ رهائش طور استعمال ٿيندو هو بورچيخانو نه هو بلڪه غسل خانا وغيره ۽ ننڍا ورانڊا هر ڪمري کي ڏنل هئا ۽ هڪ وڏو اڱڻ به هر حصي لاءِ ڌار هو اهي باٿ روم وغيره اڄ جي دور جي ڀات رومن کان به سهڻا هُئا ۽ سڄا سنگ مرمر جا ٺهيل هُئا هيٺ واري حصي ۾ ڪمرن جي ٻئي پاسي ڊگهي ورانڊي جي سامهون بورچيخانه ٺهيل هُئا جيڪي پڻ ڪشادا هئا جن ۾ ٿانون رکڻ لاءِ راشن رکڻ لاءِ ڪاٺ جا ڪٻٽ ۽ لوهه جا جارا ٺهيل هُئا اهي ڪشادا بورچي خانه اسان جي دور ۾ ڪلاس رومن جو ڪم ڏيندا هئا اسان جي ستين ڪلاس جو اَي سيڪشن پڻ هتي هو سلائي روم جتي اچي هٿ جو ڪم سکندا هياسين سو پڻ انهن ڪمرن ۾ هو هيءَ عمارت جيڪڏهن مغربي ملڪ ۾ هجي ها ته يقيني طور انهيءَ کي تاريخي ورثي طور محفوظ ڪيو وڃي ها هر سال ڪيترائي سياح هن کي ڏسڻ اچن ها پر پوءِ به هن خوبصورت عمارت کي پهريان شاهه لطيف ڪاليج لاءِ چونڊيو ويو ۽ بعد ۾ جڏهن 1960ع ڌاري شاهه لطيف بوائز ڪاليج نئي بلڊنگ ۾، منتقل ٿيو ته هي گرلس هاءِ اسڪول ۾ شام جو ڇوڪرين لاءِ پرائيويٽ ابن رشد گرلز ڪاليج کوليو ويو پر شام واري پرائيويٽ ڪاليج کي هن بلڊنگ جو ڪجهه حصو ڏنو ويو هي ڪاليج ٿرپارڪر جو پهريون گرلس ڪاليج هو هزارن جي تعداد ۾ ڇوڪريون هن سُهڻي عمارت جي هاءِ اسڪول ۽ گرلس ڪاليج مان پڙهي نڪتيون گرلز هاءِ اسڪول اڳ دارلنسوان پرائمري اسڪول واري عمايت ۾ لڳندو هو مطلب ته هن خوبصورت عمارت کي علم جي لاٽ ٻارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو اِهو به گورنمينٽ جو سٺو قدم ۽ لاڀائتو مقصد هو.

ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻون،
راڻو ئي راڻو، راڻي بنا ناهي ڪو ٻيو.

مان پنهنجي چاڪي پاڙيواري گهر جو ذڪر ڪيو هو ته بابا سائين ويجهڙائپ جي خيال کان ته منهنجا ٻار سولائي سان تعليمي ادارن ۾ پهچي سگهندا هي گهر خريد ڪيو هو پر انسان جو لاڳاپو رڳو پنهنجي گهر سان ۽ گهر وارن سان نه هوندو آهي بلڪه انهيءَ ۾ آس پاس جو ماحول ۽ اوڙو پاڙو به شامل هوندو آهي ته اسان جو هيءَ پاڙو ڪنهن شيطاني مخلوق جو هيڊ ڪواٽر لڳندو بابا اسان کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو ۽گهر ۾ مختلف رانديون ڪيرم بورڊ، ليوڊو وغيره وٺي ڏنائين ته جيئن منهنجو ننڍڙو ڀاءُ مشتاق ۽ ممتاز انهي ۾ وندريا پيا رهن ۽ هروڀرو ٻاهر نڪري ڪنهن جهيڙي ۾ جهٽي ۾ نه اچي وڃڻ هڪ ڀيري منهنجي ماساتِ شهلا جيڪا اسان وٽ جيمس آباد مان رهڻ لاءِ آئي هئي تنهن کي اهڙي ته مار ڪڍيائين ته جو ويچاري سڄي هلڪي ڦلڪي زخمي ٿئي پئي جڏهن گهر ۾ آئي ته امان چُيس ڇا ٿيو اٿئي؟
جواب ڏنائين: “ماسي قائم خاني ڇوڪرا مار ڏئي ويا اٿم”
اهي قائم خاني ته نه هئا پر الائي ڪهڙي علائقي جا ۽ ذات جا هُئا پر هِن شهلا پنهنجي شهر جيمس آباد ۾ قائم خاني گهڻا ڏٺا هئا، ته سمجهائين ته اِهي به قائم خاني آهن. بهرحال رات جو جڏهن بابا گهر آيو ته اِهو قصو ٻڌائيندي امان ڏاڍي جذباتي ٿئي وئي ۽ بابا کي ايلٽيميٽم ڏنائين.
”ته اَنُوءَ جا پيءَ هنن پاڙي وارن اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، مان هاڻِي هن گهر ۾ ڪانه رهنديس.“
بابا کيس چيو: ”هاڻي ٿڌي ٿي ٻاراڻي ڳالهين تي گهر ڪونه ڇڏبا آهن.“
امان ويچاري چپ ٿي وئي انهن ڏينهن ۾ منهنجو چاچو عبدالرسول شديد بيمار هو بابا آفيس کان اچي ماني کائي سندس گهر ٽنئورا آباد هليو ويو ويندو هو گهر وڃي سندس دوا دارون جي پڇا ڳڇا ڪندو هو ۽ گهڻو وقت ساڻس گڏ گذاريندو منهنجا اُهي رت جا رشتا جيڪي ننڍپڻ، جواني ۽ پوءِ پيرسني تائين موجود هُئا انهن جي باري ۾ ٿورو گهڻو احوال سندن زندگي جي آخري ڏينهن بعد يعني دنيا مان پردو کڻي وڃڻ کان پوءِ
“هن جيڪي منجهه جهان جي ذيلي عنوان تحت ڏيندس!”

“اڄ نه پسان سي، هيم هينئڙي ٿوڻيون،
هاڻي تني کي ڪنڌيءَ ڪاڪ نهاريان.

وقت انسان جي حياتي ۾ جاين جڳهن ۽ رشتن جي وسري ويل سروپن جو اثر ڇڏي ٿو چاچا عبدالرسول منهنجي ويجهن رشتن ۾ بابا جي ڇهن ڀائرن مان زندهه بچيل هڪ ڀاءُ هو سڀ ڀاءُ منهنجي جنم کان اڳ جواني ۾ ئي گذاري ويا هُئا هي چاچا عبدالرسول منهنجي نظر ۾ هڪ خاموش طبع صوم صلات جو پابند ۽ ذهني طور تي ڪٽر ۽ ڪنهن حد تائين مذهب ۾ شدت پسند هو سندس پهرين گهر واري گذاري وئي هئي هُوءُ جواني کان وٺي اڪثر تبليغي جماعت وارن سان گڏ شهر کان ٻاهر ويندو رهندو انهيءَ وقت گڏيل هندوستان هو هڪ ڀيرو جماعتي ساٿين سان گڏ بمبئي ويجهو ملبار واري علائقي ۾ ويو هو اُتي ملبار جي هڪ مذهبي گهراڻي مان شادي ڪئي هُئائين اُها شادي سندس دوستن ڪرائي هئي چاچي جو نالو رابعه بي بي هو هُن کي وٺي سامونڊي جهاز ذريعي ڪراچي آيو پوءِ ميرپورخاص پهتو پاڻ لوڪل بورڊ ۾ ملازم هو چاچا عبدالرسول کي رابعه چاچي مان ٻن ڌيئرن ۽ چار پٽن جو اولاد ٿيو هو هيءَ چاچي ڏاڍي محنتي سگهڙ“ رڌپچاءِ جي ماهر هئي چاچا ٻارن سان سندن ماءُ سان سنڌي ٻولي ڳالهائيندو هو چاچي پنهنجي مادري زبان اردو گاڏڙ ملباري ٻولي هئي جيڪا پوءِ سنڌي سان ملي هڪ ٽئين زبان ٺهي وئي هئي امان چوندي هُئي.

”ڪاٿي جي جهارِ ڪاٿي جي جهرڪي“

سندس ٻولي جا ڪي لفظ سمجهه ۾ گهٽ ايندا هُئا پر گهڻو تڻو اسان سمجهي ويندا هُئاسين پنهنجي اباڻي علائقي ملبار جون اڪثر ساروڻيون ونڊيندي هئي اُتي کي ياد به ڪندي هئي ۽ واکاڻ به ڪندي هئي ته اُهو هڪ سامونڊي علائقو هو جتي ناريل جا وڻ ۽ سوپاريون جام هونديون هيون پنهنجي مِٽن مائٽن جا فوٽو به ڏکاريندي هئي منهنجي وڏي سئوٽ ادا عبدالشڪور جي ڄم کان پوءِ انهيءَ کي کڻي مائٽن ملبار وئي هئي اُتان اڪثر خط پَٽَ به ايندا هُئس پوءِ مائٽن (ماءُ پيءُ) جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اهو اچ وڃ ۽ خط ڪتاب جو سلسلو بند ٿي ويس.

نَڪو اير نه ڪو ڀير، نڪي اوٺي آيو،
مون وٽ آيو ڪونه ڪو، ڀائران ڀَري پيرُ،
ڪتابتون ڪير، آڻي ڏيندم اُن جون.

سندس وڏي ڌيءُ زيب النساءَ جيڪا سونهن ۽ عقل ۾ سڀني کان سرسُ هئي سا منهنجي مامي امان الله جي گهر واري ۽ منهنجي سڳي سئوٽ ۽ مامي هئي جيڪا وڏي اهل عيال واري سمجهدار عورت هئي 2017ع جي گرمين جي موسم ۾ قاسم آباد حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ۾ گذاري وئي رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون ڏيئي اسان کي مونکي ۽ ممتاز کي ننڍنِ ڀينرن جيان پيار ڪندي هئي.
سو مون ذڪر پئي ڪيو چاچا عبدالرسول جي باري ۾ ته هُو ريڊيو ٻڌڻ گرام فون ٻڌڻ جي سخت خلاف هو پر آخري ڏينهن ۾ بابا کي چيائين ته تو وٽ جيڪو ياسين سورت سڳوري جو ريڪارڊ آهي اُهو فونو کڻي اچ مان ٻڌندس بابا هڪدم ڀاءَ جي حُڪم جي پوئيواري ڪئي کيس گراهم فون گهران کڻي پهچائي آيو چاچا جيڪو ٻين ڪلامن جو شروع کان مخالف هو سو انهيءَ گراما فون تي فقط ياسين سورت سڳوري ٻڌندو رهندو هو ۽ پوءِ جلدي گذاري ويو مون بابا کي زندگيءَ پهريون ڀيرو اکين مان ڳوڙها لاريندي ڏٺو اسان ٽي ڏينهن سندن گهر ۾ رهياسين ۽ پوءِ گهر موٽي آياسين چاچا ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به پاڙي واري مڪراني مسجد ۾ ٻارن کي قراني تعليم ڏيندو هو دنيا جي ٻين مصروفيتن سان ڪو واسطو نه هُيس ماني کائڻ گهر ايندو هو ۽ هن جي ڪل ڪائنات مسجد هُئي ۽ رب سان لَنوءَ لڳائي چُڪو هو مونکي هي بيت ٿو ياد اچي جيڪو پرنم الهه آبادي جو آهي.

دونوں عالم سے وہ بیگانہ نظر آتا ہے
جو تیرے عشق میں دیوانہ نطر آتا ہے

مٿي مون پنهنجي چاڪي پاڙي واري گهر جو ذڪر ڪيو هو انهي علائقي کي انگريزن جي دور کان چاڪي پاڙو سڏبو ويندو هو بلڪه پوءِ جڏهن 1977ع ڌاري ملڪ ۾ اسلام جو دور آيو ته انهيءَ جو نالو ڪجهه ٻيو رکيو ويو هوندو جيئن ٽونئرا باد جو اقبال نگر ۽ جهمنا داس جو شهباز ٽائون پر خلق خدا جي زبان تي اڃان اُهوئي پراڻا نالا آهن هتي چاڪي پاڙي ۾ اسان جهڙن سادن سودن ماڻهن جي رهڻ جي ڪا گنجائش نه هُئي اُهي ماڻهون حد درجي حاسد ۽ تعصب رکڻ وارا هئا.
عادتیں نسلوں کا پتہ دیتی ہیں اظہر
ماتھی پر کسی کی کُچھ لکھا نہیں ہوتا

سو انهي جاهل ماڻهن کان جان ڇڏائڻ لاءِ بابا واپس غريب آباد اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اسان سَرءُ جي مند ۾ ورَي پراڻي پاڙي ۾ ساڳئي گهر ۾ موٽي آيا هُئاسين مان سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيل هُيَس جيڪو منهنجي لاءِ نئون تجربو ۽ موڙ هو گهڻي پنڌ کان بچڻ لاءِ بابا پاڙي مان نٿو ٽانگي واري کي هاءِ اسڪول وٺي اچڻ ۽ ڇڏي اچڻ لاءِ چونڊيو هن جو گهر گهٽي جي مُهڙ تي هو هن پرتاب ڀون هاءِ اسڪول ۾ سنڌي ميڊم جو ڪو تصور نه هو اسان کي پڙهائيندڙ لائق استاد اردو ڳالهائيندڙ هيون جيڪي اردو ۾ پڙهائينديون ۽ اسان سنڌي ۾ لکندا هُئاسين فقط سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ بدر باجي (بدر قاضي) موجود هئي جيڪا يونيورسٽي جي استاد قمر واحد جي سڳي ڀيڻ هئي انهيءَ کان پوءِ آهستي آهستي ڪجهه ٻيون استاد زيب قريشي ۽ زيب قاضي به آيون منهنجي ڇهين درجي جي استاد زبيدهه چاند هئي ڏاڍي محنتي ۽ هوشيار هئي پاڻ پنجابي ڳالهائيندڙ هئي ۽ سندس خاندان ورهين کان سنڌ ۾ آباد هو سندس هڪ ڀاءُ پوءِ واپڊا جو وڏو آفيسر رهيو آپا زبيدهه چاند ڏاڍي ذهين، اورچ ۽ شريف النفس عورت هئي جڏهن ڪلاس روم ۾ داخل ٿيندي هئي ته اسان سڀني شاگردياڻين جي چهري تي مرڪ اچي ويندي هئي انگريزي جي اي، بي، سي آپا زبيدهه چاند سيکاري ۽ گهر ۾ وري شام جو بابا انگريزي پڙهائيندو هو ۽ اکرن (هينڊ رائٽنگ کي) سهڻو بنائڻ لاءِ ’او‘ ۽ ’جي‘ نِبَ آڻي ڏيندو هو ته هن سان لکو بابا جي انهيءَ محنت جو نتيجو اِهو نڪتو ته منهنجي انگريزي جي هيئنڊ رائٽنگ تمام سٺي آهي انهيءَ وقت گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس مس صوفي نالي هڪ عورت هئي اهيا مس صوفي بلڊنگ جي مٿي واري حصي ۾ رهائش پذير هئي عمر جي ڪافي وڏي لڳندي هئي ڀريل جسم چانديءَ جهڙن اڇن وارن واري اهيا مس صوفي پنجابي گاڏڙ اردو ڳالائيندي هئي مٿان ڏاڪڻين تان ڌم ڌم جا آواز ڪڍندي هيٺ پهچندي هئي هلندڙ گهمندڙ ڇوڪرين کي ڦاسائي باغ ڏانهن وٺي ويندي هُئي ۽ انهن کان اوتي پيل پٿر ۽ ڪاغذ چونڊرائيندي هئي چوندي هئي.
”روڙَي چُڪو روڙَي چُڪو“
”پٿر کڻو پٿر، پٿر چونڊيون“
ڪلاس رومن ۾ اچي چوندي هئي.
”ديوارون دَي اُتي چاٽِ چُوٽ لگائو!؟“
”ڀتين تي چارٽ وغيره هڻو!“
هڪ ڀيرو بدر باجي جيڪا اسان کي ورانڊي ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهائي رهي هئي تنهن سان اٽڪي پئي چئي: ”اَي ڪوئي پڙهڻ دي جگهه هَي گي؟“
اتي بدر باجي جيڪا طبيعت جي تيز ۽ ڪجهه قدر قوم پرست هئي انهيءَ ٺهه پهه جواب ڏنس: ”اسان جي سنڌي ميڊيم وارن ڇوڪرين لاءِ ڪو ڪلاس روم ئي نٿي ڏين ته پوءِ ائين ئي ٿيندو!“
اِهو ٻڌي زمين تي پير هڻندي اِهو چوندي وئي ته: ”ڪِي مخول هي، اِتي تو هر بنده اپني سڻادا هِي!!!؟“
”ڇا مسخري آهي هتي ته هر ماڻهون پنهنجي ٻڌائي ٿو.“
ڪجهه به هجي پر دل جي ڏاڍي نرم دل ۽ محبت ڪندڙ هئي هڪ ڏينهن راند ڪندي اسان جي ڪلاس جي هڪ ڇوڪري فرزانه بيهوش ٿي پٽ تي ڪري پئي هن پريان کان ڏٺو ٿي تڪڙيون وکون کڻندي آئي.
”ڪي هُيا؟“
”ڪُڙي نو چُڪُو..!“
”ڇا ٿيو آهي! ڇوڪريءَ کي کڻو..!“
پوءِ انهيءَ ڇوڪري فرزانه کي کڻائي آفيس ۾ پيل صوفي تي سمهاريائين ۽ ڊاڪٽر گهرائي هُن جو چيڪ اپ ڪرائي، جڏهن هُوءَ هوش ۾ آئي ته سندس ڀيڻ جا هن کان عمر ۾ وڏي هئي جنهن جو نالو فوزيه هو تنهن سان گڏ پٽيوالي جي حوالي ڪيائين ته هنن کي سندن گهر پهچائي اچي. هي ڇوڪري جڏهن نائين ڪلاس ۾ آئي تڏهن گهڻي بيمار ٿي پئي ۽ ٽائيفائيڊ (مدي جو تپ) ۾ گذاري وئي سندس ڀيڻ فوزيه جيڪا کائنس عمر وڏي ۽ تعليم ۾ هڪ سال سينئر هئي سا اڳتي پڙهندي رهي منهنجي تعليمي زندگي ۾ فرزانه پهرين ڇوڪري هئي جنهن جو ڦوهه جواني ۾ موت ٿيو هو هن جو گهر ميرپورخاص اسلام آباد واري علائقي ۾ سر سيد روڊ تي جتي هاڻي مسلم ڪمرشل بينڪ آهي انهيءَ جي پٺيان واري گهٽي ۾ هو اِهو علائقو هاڻي اسلام آباد چوارائي ٿو.
”موڪل ڪئي وئي هئي سڄو گرلس هاءِ اسڪول اُتي گڏ ٿي ويو هو گهر ۾ ڪهرام مَچي ويو هو.“
هاڻي به مان پنهنجن ساروڻين ۾ وڃان ٿي ته انهيءَ جو چهرو ۽ اُهو ڏکائيندڙ منظر منهنجي سامهون اچي ٿو ته شِو بٽالوي جو شعر ياد اچيو وڃَيم.
“اسان تي جوڀن رُتِ مرڻا”
بهرحال فرزانه جي حياتي اهيائي هُئي جيڪا هن پوري ڪئي اسان جڏهن اٺين ڪلاس ۾ پهتاسين ته اُن کان اڳ ئي مس صوفي جيڪا هتان جي هيڊ مسٽريس هُئي سا هتان هلي وئي مونکي خبر ناهي ته ريٽائرڊ ٿي هئي يا ٽراسفر ٿئي هئي.
هاڻي اسان کي هڪ نئين هيڊ مسٽريس دادي ليلان هر چنداڻي ملي وئي هئي، ڄڻ ته پرتاب ڀون جي هن خوبصورت ڪاڪ محل کي مومل ملي وئي هئي. ڏاڍي دلڪش شخصيت، ذهين، چُست، خوش لباس دادي ليلان کي ڏسي؛ ”واقعي زندگي خوبصورت آهي جو احساس ٿيندو هو..!“
دادي انهيءَ کان اڳ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪول حيدرآباد رهي چڪي هئي ڏاڍي قابل عورت هئي صبح جو روزانه اسيمبلي ۾ تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ اخلاقي قدرن تي ليڪچر ڏيندي هئي ڊسپلين تي سختي سان ڪاربند هئي اسمبلي مان جڏهن ڇوڪريون ڪلاس رومن ڏانهن وينديون هيون تڏهن اُتي بيهي انهن جي يونيفارم چيڪ ڪندي هئي ڪا خامي هوندي هُئي ته انهن کي سمجهائيندي هئي داديءَ جي شخصيت ئي اهڙي سحر انگيز هئي جو هرڪو هن جي راءِ جو احترام ڪندو هو دادي ليلا راڳ به ڄاڻندي هئي ۽ صبح جو سوير اسمبلي ۾ هارمونيم پٽيوالو کڻي اچي رکندو هو دادي انهيءَ کي هٿن سان حرڪت ڏيندي پاڻ ڳائيندي قومي ترانو سيکاريندي هئي اهيا ريهرسل ٻه ٽي دفعه ٿيندي هئي اِهو وقت اسان شاگردياڻين لاءِ دلچسپي کان خالي ڪونه هوندو هو دادي جو هارمونيم تي قومي ترانو سيکارڻ سبب دير سان ايندڙ شاگردياڻيون به اٺين بجي صبح کان اڳ اچڻ شروع ڪيو هو شاگردياڻين کي پاڻ چوندي هُئي.
”صبح ساڻ هي هشاش بشاش چهرا ڏسي مونکي دلي سڪون ملي ٿو ۽ آئون ڏاڍي خوش ٿيان پئي.“
دادي گهڻو ڪري سفيد شيفون جي ساڙهي ۾ ملبوس هوندي هئي تمام تيزي سان هلندي هُئي ۽ هر ڪلاس کي چيڪ ڪندي هئي وارن ۾ پاسيري سينڌ ۽ هڪ چوٽي واري هيءَ دادي ليلا واقعي سرسوتي ديوي جو روپ لڳندي هئي سندس دور ۾ گرلس هاءِ اسڪول هڪ مثالي اسڪول بڻجي ويو هو.
منهنجي هن ڪٿا لکڻ دوران هيرآباد حيدرآباد ۾ 13 سيپٽمبر، 2017ع ڌاري گذاري وئي هُوءَ سنڌ جي پهرين هندو عورت پارليمينٽرئن هئي آواز ۾ ڏاڍو سوز هُئيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تان سندس ڳايل لوڪ گيت، سَهرا ۽ ڀُڄَنَ نشر ٿيندا هئا سندس ڳايل هڪ لوڪ گيت جيڪو اسان اڪثر ريڊيو تان ٻڌندا هئاسين.
”مکڻ کائي وڃ ماني سان، ڇوري ڇو ٿي رُسين پنهنجي نانيءَ سان“
اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي ڏاڍو وڻندو هو جنهن ۾ مختلف شهرن کان گهرايل شيون ۽ انهن جي قيمت ڏاڍي دلچسپ هوندي هئي.
اِهو ته ذڪر هو منهنجي سيڪنڊري اسڪول جي اوائلي هيڊ مسٽريس جو هاڻي مان پنهنجي محترم ڪلاس ٽيچرز ڏانهن اچان ٿي ستين درجي ۾ منهنجي ڪلاس ٽيچر نسرين باجي هُئي جيڪا پڻ قدآور ۽ پرڪشش شخصيت واري عورت هئي انگريزي ٻولي تي مهارت حاصل هُيس ڏاڍي پياري ۽ مهربان استاد هُئي ‘نِيو ٽائون’ (ڊاڪٽرس لائين) واري علائقي ۾ رهندي هئي جلدي سندس شادي ٿئي وئي ۽ ڪيئنڊا ملڪ ڏانهن وئي هلي هاڻي به جڏهن مان ڪيئنڊا ملڪ جو نالو ٻڌندي آهيان ته نسرين باجي جا سروپا منهنجي ذهن ۾ اڀري ويندا آهن.
رب پاڪ جي مون تي خاص مهرباني هئي ته مونکي سيڪنڊري تعليم دوران جيڪي استاد مليون سي سڀ استاد محترم هيون ۽ بهترين استاد هيون اٺين ڪلاس ۾ منهنجون ڪلاس ٽيچرز باجي عظيم النساء هئي جيڪا منهنجي چاچي عبدالرسول جي نُنهن ۽ وڏي سئوٽ قاضي عبدالشڪور جي گهر واري هئي هوئن ته گهر ۾ اسان کيس “ڀاڀي” چوندا هُئاسين پر مان اسڪول ۾ کيس عظيم باجي چوندي هُئسِ سندس والد پٺاڻ هو ۽ امڙ حيدرآباد دکن جي هُئي سَندن هڪ دين دار گهراڻو هو پاڻ انهيءَ وقت ايم، اي، بي ٽي هُئي آفيس ورڪ ۾ ڏاڍي هوشيار هوندي هُئي ڪلاس به باقاعدگي سان وٺندي هئي سُٺو پڙهائيندي هُئي ۽ وچ ۾ سوال به ڪندي هئي چهري تي هميشه سُڪون ۽ سانت واري ڪيفيت هوندي هُيس طبيعت جي سادي ڪپڙي لٽي ۾ سادي هوندي هُئي پنهنجي ڊيوٽي ۽ ڪم سان حد کان وڌيڪ عشق هوندو هُيس انهيءَ وقت به پرنسپال جي ٻانهن ٻيلي هُئي آفيس ورڪ ۾ ڄُڻ ماهر هُئي سرڪاري نوڪري کي پنهنجي ذاتي زندگي تي ترجيح ڏيندي هئي چوندي هئي ته: ”پگهار اسان کي ڇاجي لاءِ ٿي ملي!؟“
خانداني معاملن ۾ ڪو برداشت ته هن کان سِکي ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو جهٽو هن ڪونه ڪيو سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري هئي ڀاڀي هر ڪنهن جو ڀلو چاهيندي هئي اهڙا ساونت ۽ سُلڇڻا ڪردار مونکي سنسار ۾ گهٽ نظر آيا عمرڪوٽ جي گرلس هاءِ اسڪول مان ريٽائرمينٽ تي پهتي ڏاڍي متحرڪ حياتي گذاريائين پر پوءِ گوڏن ۽ ڃنگهن جي تڪليف سبب گهر تائين محدود ٿي وئي پر پوءِ به صوم صلات جي پابند رهي ۽ روزانه اخبارون پڙهڻ سندس مشعلو هو کيس ٽن پٽن ۽ چار نياڻين جو اولاد آهي سي سڀ پرڻيل ۽ پنهنجي جهان ۾ خوش آهن پاڻ 2016 جي اوائل ۾ هن فاني دنيا مان موڪلائي وئي اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شاهه صاحب فرمايو آهي.

جن جي آتڻ منجهه عنبير،
آئون ڪيئن جيئندي اُن رِيءَ.

هر ڪهن انسان جي پنهنجي ذاتي راءِ هوندي آهي منهنجي ذاتي راءِ اهيا آهي ته خوش نصيب هوندا آهن اُهي ماڻهون جيڪي پڙهڻ پڙهائڻ لکڻ ۽ لکرائڻ جي شعبي سان وابسته هوندا آهن گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ منهنجي نائين ڪلاس جي ڪلاس ٽيچر خالده خانم باجي هُئي جيڪا هڪ مثالي استاد هُئي انگريزي سان گڏ اردو جو سبجيڪٽ ڏاڍي سُٺي طريقي سان پڙهائيندي هئي اردو املا (صورتخطي) جون چڪون ڪڍي اسان کي اردو لکڻ پڙهڻ ۾ ماهر ڪري ڇڏيو هُئائين پاڻ اسان جي غريب آباد واري علائقي ۾ مندر واري گهٽيءَ ۾ رهندي هئي سندس ننڍي ڀيڻ صالحه ناهيد پڻ هتي سائنس جي قابل استاد هئي هنن جو گهراڻو خاڪسار تحريڪ سان سلهاڙيل هو ۽ علامه مشرقي جا پوئلڳ هئا هنن جو رويو سڀني ماڻهن سان سُٺو هو هڪ دين دار گهراڻي ۾ اک کولڻ سبب صوم صلات ۽ پردي جون پابند هيون انهيءَ دوران دادي ليلا کي ريجنل ڊائريڪٽر اسڪول طور ترقي ملي ۽ هُوءَ حيدرآباد هلي وئي اٺين ڪلاس جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اسان کي هڪ نئين هيڊ مسٽريس زبيده قادري ملي جيڪا مذهب سان رغبت رکندڙ ٺاهوڪي شخصيت واري زندهه دل عورت هئي ڀٽ شاهه جو لطيف سرڪار جو روضو اسانکي زبيدهه قادري نائين ڪلاس ۾ پڪنڪ دوران گهمايو اهيا پڪنڪ اسان جي زندگي جي هڪ نه وسرندڙ پڪنڪ هئي انهيءَ کان پوءِ هالا، حيدرآباد، المنظر ۽ راڻي باغ گهمائڻ وٺي وئي هئي تنهن ۾ سڀ استاد ۽ نائين ڪلاس جا ٽئي سيڪشن شامل هئا آپا زبيده قادري جو گهر وارو به اسان سان گڏ هو جنهن ڀٽ شاهه ريسٽ هائوس حاصل ڪري ڏنو هو ۽ هُن هڪ فيملي ميمبر جيان هن پڪنڪ ۾ حصو ورتو هو ۽ بيحد شريف النفس ۽ پيارو انسان هو مونکي هن وقت به اِهي ٻئي شخصيتون پنهنجي تصور ۾ زندهه جاويد آهن باقي انهن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي ته ڪٿي آهن رب پاڪ کين صحت مند رکي ۽ وڏي حياتي ڏئي انهن ڏينهن ميرپورخاص جي مشهور عالم دين ۽ خطيب جامع مسجد مولوي محمد صالح سمون جي وفات ٿي آپا زبيدهه قادري کي جيئن اطلاع ملي اسڪول جي موڪل ڪرائي قران خواني جو اهتمام ڪيائين ۽ انهيءَ ڊسٽرڪٽ خطيب لاءِ ڏاڍي عاجزي ۽ انڪساري سان دُعا به گهريائين.
ميٽرڪ جي ڪلاس ۾ ڪلاس ٽيچر وري خالده خانم باجي هئي اسين ڄڻ هن سان هِري مِري ويا هئاسين پنهنجي هر تڪليف مشڪل هن کي ٻڌائيندا هُئاسين پاڻ وَس آهر انهيءَ جو تدارڪ ڪندي هئي.

جَي هُجي استاد نه ها دنيا جي ميدان ۾،
ڇا رهي امتياز ها، انسان ۽ حيوان ۾.

خالده خانم باجي انگريزي ٻولي تي زور ڀريندي هئي چوندي هئي. انگريزي جو گرامر سٺي نموني سکي وٺو “ٽينس” (زمانه) انهن جو هڪ چارٽ ٺاهي ڏنو هئائين انهيءَ وقت ته مان انهيءَ ٽينسز جي اهميت ڪانه سمجهي سکي هُئس پر جڏهن گهر اچي بابا کي ڏيکاريم ته بابا اُهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي وري گهر ۾ به اُهي سٺي نموني سمجهائيائين مونکي انگريزي ٽينس جي اها گردان اڄ سوڌي ياد آهي پاڻ جيڪي انگريزي ٻولي جي اهميت ۽ افاديت جي باري ٻڌايائين سي اڄ سڀ سچ ثابت ٿيو آهي اسان جي نئين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحاني فارم خالده خانم باجي ڏاڍي توجه ۽ محنت سان سلائي روم ۾ رکيل هڪ صندل تي ويهي ڀريا هُئائين ۽ هر هڪ ڇوڪري کان سوال جواب ڪري مطمئن ٿي بورڊ آفيس حيدرآباد موڪليا هُئائين.
مون زندگيءَ ۾ اڃان تائين ڪا باقاعده ٽيوشن ڪانه ورتي هئي ڇو ته منهنجو بابا سائين اڃان تائين باقاعدگي سان شام جو واندڪائي جي وقت ۾ مونکي پڙهائيندو هو پر جڏهن شام جي وقت ٽائم نه هوندو هُئس ته صبح ساڻ ٿورو گهڻو سمجهائي پوءِ ڪم تي ويندو هو نائين ڪلاس ۾ اچڻ کان پوءِ حسابَ، الجبرا ۽ جاميٽري مونکي ڏکيا محسوس ٿيا ڇو ته مان اڳي رياضي ۾ ڪي قدر ڪمزور هُيس ۽ انهيءَ وقت خاص طور حسابن جو سبجيڪٽ ڏکيو هوندو هو جنهن ۾ ٽي رقمي، وياج ۽ نِرو وياج مونکي ڏاڍا ڀوائتا لڳندا هُئا هاڻي به حساب ڪتاب ۾ ڪمزور آهيان سو انهيءَ نائين ڪلاس ۾ مونکي مئٿ جي سبجيڪٽ ۾ فيل ٿيڻ جو ڊپ ورائي ويو ۽ ٻيو ته بورڊ جو پهريون امتحان هو مون اِهو خدشو بابا سان ظاهر ڪيو تنهن انهيءَ ڏينهن کان ٽيوشن جو انتظام ڪرڻ لاءِ مونکي دلاسو ڏنو انهن ڏينهن ۾ هڪ ڪوچنگ سينٽر ميرپورخاص ۾ هلندڙ هو جنهن جو نالو “اڪبر ڪوچنگ سينٽر” هو پر بابا اُتي مونکي موڪلڻ بجاءِ گهر ۾ شام جو عثمان بيگ نالي استاد مقرر ڪري ڏنو جنهن ٽن مهينن اندر مونکي حسابن ۾ اڪابر بنائڻ جو وعدو ڪيو ۽ ماهانه ٽيوشن في 50 روپيا ٿي ورتائين اهيا انهيءَ زماني ۾ هڪ وڏي رقم هئي. هُو تمام محنتي وقت جو پابند استاد هو صرف هڪ ڪلاڪ لاءِ مونکي پڙهائڻ ايندو هو پر ايڏو هوشيار هو جنهن منهنجي دماغ مان اِهو خوف بلڪل ڪڍي ڇڏيو ته رياضي ڪو ڏکيو سبجيڪٽ آهي هڪ مهيني اندر هن منهنجي لاءِ ان سبجيڪٽ کي آسان بنائي ڇڏيو. ۽ هڪ ڏينهن چيائين ته: ‘‘اب یہ تہمارے لیئے حلوہ ہے اسے کھاتی جاؤ’’
هاڻي مونکي هي سبجيڪٽ آسان دلچسپ لڳو ٿي هن پنهنجو ٽن مهينن وارو وعدو پورو ڪيو امتحان ۾ ڪاميابي جي خوشخبري ڏئي اسان وٽان موڪلائي ويو، اِهي هُئا انهيءَ وقت جا آدرشي استاد جيڪڏهن ڪنهن مالي ضرورت تحت ٽيوشن پڙهائيندا به هُئا ته شاگرد کي علم جي جوت سان منور ڪري ڇڏيندا هُئا اسان جي ڪلاس جا امتحان پڄاڻي تي پهتا. منهنجي اسڪول ليونگ جي سرٽيفڪيٽ تي آپا زبيدهه قادري جي سهي (سگنيچر) ٿيل آهي منهنجي زندگي جو پهريون گروپ فوٽو پڻ ميٽرڪ جي الوداعي پارٽي جو آهي جيڪو نشاط اسٽوڊيو جي مالڪ مرحوم نذر ڀائي جو نڪتل آهي ۽ هر سيڪشن جا ڌار ڌار پنهنجي ڪلاس ٽيچر، سبجيڪٽ ٽيچرز ۽ آپا زبيده بيدهه قادري سان گڏ فوٽو ڪڍيا ويا هُئا.
منهنجي نائين ڪلاس ۾ سيڪنڊ ڪلاس جون مارڪون هيون پر مون دل ۾ اِهو عهد ڪيو هو ته مونکي ڏهين ڪلاس ۾ لازمي طور فرسٽ ڪلاس کڻڻي آهي مون رات ڏينهن محنت ڪئي ۽ فرسٽ ڪلاس حاصل ڪئي وري قدر الله جي انهيءَ محنت مون ۾ اتساهه پيدا ڪيو ته هاڻي اڳتي ايندڙ هر درجي ۾ فرسٽ ڪلاس کڻڻي آهي انهيءَ وقت ڪاپي ڪلچر جو ڪوبه رواج نه هو نه وري شاگرد به 98 سيڪڙو مارڪون کڻندا هُئا سٺ سيڪڙو کان فرسٽ ڪلاس شروع ٿيندي هئي وڌ ۾ وڌ پوزيشن هولڊر به 77 سيڪڙو يا 78 سيڪڙو تي مشڪل سان پهچندا هُئا سو منهنجو عهد ۽ محنت ٻئي ساڀ پيون مون الله پاڪ جي مهرباني ۽ منهنجي ذاتي محنت سان ميٽرڪ کان وٺي ايم، اي تائين فرسٽ ڪلاس ماڻي بلڪه انٽر ۾ منهنجي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ فرسٽ پوزيشن هئي جنهن تي مون کي اڄ به فخر آهي ته مون پنهنجي ذاتي محنت سان اِهو سڀ ڪجهه حاصل ڪيو پر پوءِ اڳتي هلي سرڪاري نوڪرين ۾ جيڪا ميرٽ جي لتاڙ ۾ مونکي چيبڀاٽيو ويو سو وري هڪ الڳ داستان آهي.
هاڻي مان اچان ٿي تعليم کان پَري ٿي باقي زندگي، اوڙي پاڙي زندگي ۾ ايندڙ ٻين انسانن انهن جي جُڙيل تصوير منهنجي ذهن ۾ اڄ به محفوظ آهي. وقت هميشه ساڳيو نه ٿو رهي.
”تبديلي هڪ قدرتي عمل آهي“ زمانو هميشه ساڳيو نٿو رهي معاشرتي طور طريقا، اخلاقي قدرون ۽ زندگي گذارڻ جا طريقا ماڻهن جي اٿڻ ويهڻ جو انداز، کائڻ پيئڻ ۽ ايتريقدر لباس ۽ فيشن ۾ تبديلي به زندگي متحرڪ هوئڻ جو ثبوت آهن.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ
مونکي هي ڪتاب لکڻ جو خيال پنهنجن فيس بڪ ساٿين ۽ ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي گهڻي حوصلا افزائي ڪرڻ تي آيو ڇاڪاڻ ته علم ادب سان سلهاڙيل شخصيتون به انسان جي ذهن تي اثرانداز ٿينديون آهن ثريا سوز ڏيپلائي کان پوءِ ڏيپلي جي وارياسي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ادب ۾ اهم مقام رکي ٿي انگريزي ادب ۽ پوءِ سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيل هن ليکڪا پوءِ ڊاڪٽريٽ پڻ عورتن جي تعليم يافته هجڻ واري نقطي کي سامهون رکندي.
”سنڌي نثر ۾ عورت ليکڪائن جو حصو“ لکي ڪئي جنهن ۾ هن هند ۽ سنڌ جي ليکڪائن جي نثري ڪم کي فوڪس ڪيو آهي هن جو لاڙو پوءِ تحقيق ڏانهن ٿي ويو جنهن ۾ پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جن مان ”سون ورنيون سوڍيون“ ”اُٿي رائو ريل“، ”آديسين ادب آهي اکڙين“ ۾ ۽ سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات مونکي موڪليا هُئائين جيڪي مون وٽ محفوظ آهن سندس ڇپيل ڪِتابن جو موجوده انگ 14 تائين ٿي ويو آهي، خاص طور سي ايس ايس ۽ پي سي ايس لاءِ چار ڪِتاب ”سنڌي جي سبجيڪٽ ۾ لِکيا اٿس جي سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي چُڪا آهن، 5 ڪِتاب اڻڇپيل به اٿس اُن کانسواءِ هن جا سوين مضمون ۽ مقالا اخبارن ۾ شائع ٿيندا رهيا آهن کيس ڪيترائي تعريفي سرٽيفڪيٽ مليا آهن سندس گهراڻو هڪ ادبي ۽ علمي گهراڻو آهي سندن گهراڻي ۾ پهريون ڊي، ايم، جي آفيسر سندس وڏو ڀاءُ آفتاب ميمڻ رهيو سندس گهر جا ٻه فرد ڪموڊر اقبال (مرحوم) ۽ ڀاڻيجو ذوالفقار نظير تمغه امتياز مليٽري جا حامل آهن سندس فرزند ياسر رضا F.C PS ڏندن جو ماهر ڊاڪٽر آهي سندس نياڻي ڊاڪٽر ثمر انور، ابن رشد ۾ منهنجي هڪ ريگولر، ذهين ۽ محنتي شاگردياڻي رهي مونکي هاڻي ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي آتم ڪٿا “مفتي منجهه ويهار” جو شدت سان انتظار آهي.
مان ته اِهو لکنديس ته ادب سان چاهه رکندڙ ۽ ليکڪ جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ عورتون گهٽ آهن جن مصروف گهريلو زندگي ۽ ذميوارين کي نڀائيندي ادب کي ايترو مالا مال ڪيو آهي.

گرهوڙ شريف جا سومرا
غريب آباد واري سنڌي پرائمري بوائز اسڪول جي گهٽي ۾ رهندا هُئا انهن منجهان دين محمد سومري جي بابا سان دوستي هوندي هُئي هي تمام روشن خيال ۽ سٺي طبيعت جو مالڪ هو پنهنجي اولاد کي سٺي تعليم ڏياريائين انهن منجهان سندس هڪ ڌيءُ انهيءَ وقت به ميٽرڪ پاس هئي سندس پٽ ڪرنل بچل جڏهن انگلينڊ مان هڪ جرمن عورت جنهن کي اِنِگي چوندا هُئا شادي ڪري آيو تڏهن مان به بابا سان گڏ انهيءَ کي ملڻ وئي هُيس قدآور، سفيد رنگ جي خوبصورت عورت هُئي اسلامي نالو ته ڪو ٻيو هُيس مونکي معلوم نه آهي پر هن کي جڏهن گهر مان نڪرندي پاڙي جا ٻار ڏسندا هُئا ته پاڙي جا ٻار ٻين ٻارن کي سڏي ڏيکاريندا هُئا هي عورت سومرو خاندان سان تمام وفادار رهي ڪرنل بچل گذاري ويو آهي پاڻ حال حيات آهي پنهنجي ساهُرن ۽ شهر ميرپورخاص ۽ ڳوٺ گرهوڙي شريف کي پسند ڪندي هئي ۽ اڪثر بيشتر هتي ايندي رهندي آهي سندس اولاد منجهان هڪ ڌيءَ شيرين سومرو ڊاڪٽر آهي جيڪا اڄ ڪلهه دُبئي ۾ رهي ٿي دين محمد سومرو صاحب جي هڪ ڌيءَ جيڪا پڙهيل ڳڙهيل هئي سا پنهنجي عيال سان ميرپورخاص ۾ رهي ٿي سندس وڏو پٽ ڊاڪٽر حميد سومرو اکين جو ماهر سرجن آهي.

بندوق ساز سومرا
هي گهراڻو جيڪو ميرپورخاص جي چاڪي پاڙي جي ٻئي حصي ۾ ورهين کان آباد هو تن جو وڏڙو مريد خان سومرو فردوس سينيما جي هيٺان بندوقن جو دُڪان هلائيندو هو جتي انهن جي مرمت ۽ وڪرو پڻ ٿيندو هو جيڪو قانوني طور تي ٿيندو هو سندس هڪ ڀيڻ سا جيمس آباد ۾ بابا جي نوڪري دوران امان جي خاص سهيلي (دوست) هُئي وري ميرپورخاص لڏي آئي پهريان ڀاءُ مريد خان جي گهر ۾ رهي پوءِ جڏهن پٽ سڪندر کي نوڪري مليس ته ڪاهو بازار ۾ هڪ مسواڙي جاءِ ۾ رهڻ لڳي اسانکي ڏاڍو پيار ڪندي هُئي اسان کي سندس گهر وڃڻ ۽ اُتي ڪجهه وقت گذارڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو هُو ڏاڍيون عقل واريون ڳالهيون ڪندي هُئي سندس ننڍي ڌيءَ جو نالو سُهڻي هو سهڻي جي شادي ۾ امان ڌيرن، ڀائيٽن ۽ ڀاڻيجن سميت شرڪت ڪئي هُئي اُتي علي اڪبر ميمڻ (آمنه، مريم) وارو گهراڻو پڻ سڄو جو سَڄو موجود هيو ڇاڪاڻ ته اُهي سندن پاڙيسري هُئا پر سهڻي جي شادي کان پوءِ جلدي ڪجهه عرصي اندر زيب ماءُ گذاري وئي ۽ هن گهراڻي جا تعلقات اسان سان ڇڊا ٿي ويا شايد وڏن وارو وڙ ۽ رشتا نڀائڻ جو گڻ وٽن نه هُيو ۽ وري نئين نسل پنهنجي سوچ ۽ دماغ واري هوندي آهي ۽ پوءِ سهڻي پڻ شوگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي گذاري وئي سندس مڙس جيڪو انهيءَ زماني ۾ مختيار ڪار هو تنهن ٻئي شادي ڪئي، T.V وسيلي خبر پئي ته سڄو خاندان هڪ رات ننڊ ۾ سمهڻ کان پوءِ صبح جو مُئل لڌو ويو پر سهڻي جي هڪ پيٽ ڄائي ڌي نَيرا نور هن وقت ميرپورخاص ۾ وڪيل آهي. وڌيڪ معلومات مونکي ناهي ته هاڻي ڪير ڪير ”جيڪي منجهه جهان آهن“.

باب چوٿون: زندگيءَ جي ڪارونھوار ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان

اڄ نه پسان سي هيئيم هينئڙي ٿوڻيون،
هاڻي تنين کي ڪن ڌيءَ ڪاڪ نهاريان.
هر انسان پنهنجي انفراديت سبب ٻين کان الڳ حيثيت رکي ٿو انهيءَ جي شخصيت جا ڪي مثبت پهلو ڪي منفي پهلو ٻين اڳيان اچي هڪ معيار قائم ڪن ٿا ته انهن منجهان ڪهڙا پهلو عمل ڪرڻ جهڙا آهن ۽ مثالي آهن اسان جي گهر ۾ امان جي مدد لاءِ مختلف عورتون اينديون رهيون انهن جي ڀيٽ اڄ جي نوڪرياڻين سان ڪيان ٿي ته مونکي اُهي سڀ اورچ نظر اچن ٿيون ۽ پنهنجي ڪمن ڪارين سان ڪميٽيڊ بيٺل آهن يا وري اِهو به ٿي سگهي ٿو ته، ”ماضي سدائين پيارو لڳندو آهي.“

مائي ڌاڻو نظاماڻي
انهن عورتن ۾ مونکي مائي ڌاڻو نظاماڻي جو ڪردار وڌيڪ ارڏو ۽ شانائتو لڳي ٿو هيءَ عورت منهنجي پيدائش کان گهڻو وقت اڳ حُرُ تحريڪ دوران سانگهڙ ۾ بابا سان واقف ٿئي هئي سنڌ ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي گوريلا جنگ سورهيه بادشاهه جي متوالن وڙهي هُئي مردن سان گڏ حُرُ عورتن به آزادي جي هن جنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو انهيءَ زماني ۾ جنگ عظيم ٻئي عروج تي هئي هٽلر انگريزن کي شڪست ڏيندو مصر ۽ ايران تائين اچي پهتو هو ٻئي طرف اتحادي جاپان ۽ برما جي محاذ تي جنگ ڪري رهيا هئا. اهڙين حالتن انگريزن کي گهڻي غصي ۾ آڻي ڇڏيو هو سنڌ جا ڳوٺن جا ڳوٺ باهه لڳائي ساڙيا ويا هُئا عورتن، مردن ۽ ٻارن کي مختلف ڪيپمن (لوڙهن) ۾ بند ڪيو ويو هو جتي هي آزاد قوم جا متوالا غلام ٺاهيا ويا هُئا پير صاحب سورهيه بادشاهه جي شهادت کان پوءِ اهيا جنگ جاي رهي اهيا آخري جنگ هئي جيڪا انگريزن خلاف هندوستان ۾ لڙي وئي هُئي پيٽ گذر لاءِ روزگار ڪرڻ جي اجازت هئي شام جو جلد واپس پهچي حاضري لڳرائي وري قيد ڪيا ويندا هُئا مائي ڌاڻو هڪڙي لوڙهي ۾ سندس مڙس ڏاڙهون ٻئي لوڙهي ۽ پٽ ڦاروو وري ٽئين لوڙهي ۾ قيد ٿيل هُئا بابا هن کي صبح ۽ ڏينهن جي وقت امان سان گڏ رهڻ ۽ ڪم ڪار ۾ مدد لاءِ چيو هو سو سڄو ڏينهن امان سان گڏ رهي شام جو جلدي ڪيمپ پهچڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. امان کي ڀاڄائي چوندي هئي دل جي صاف ۽ بهادر عورت هئي مون جڏهن امان کان سندن نالا ٻڌا ته مونکي سنڌي نماڻن جي نالن تي حيرت ٿئي ٿي ته، اُهي “فروٽن جا نالا به کين ايترو پسند هئا يا رب پاڪ جا شڪر گذار هئا”
“توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندئو..!؟”
هنن اُهي نالا کڻي انسانن تي رکيا هُئا پوءِ اهيا ڪاري رات هنن مٿان ختم ٿي هنن آزادي ماڻي لوڙها ختم ٿيا بابا به پوءِ ميرپورخاص اچي ويو پر هتي به اسانجي گهر سال ۾ هڪ دفعو يا ٻه ڀيرا ضرور ايندي هئي هڪ ٻه ڏينهن ٽِڪي رهي هلي ويندي هئي ۽ چوندي هئي ته: “ادا هي اولاد اُتي هجي ها ته مان هنن کي راند ڪرايان هان۔۔!”
رات جو جلد ماني کائي ذڪر ڪرڻ ويهندي هئي بلڪل خاموش ٿي ويندي هئي ۽ پوري عاجزي انڪساري سان ذڪر ڪندي هئي.
اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ هن کي پنهنجي گهر ۾ ايندي گهڻو ڏٺو. آخري ڀيرو صدر ايوب جي خلاف هلندڙ تحريڪ دوران آئي هئي، شهر ۾ هڙتال هئي ۽ ڪافي رُڪاوٽن بعد پهتي هئي. انهيءَ کان پوءِ اسان بوا ڌاڻو ڪونه ڏٺي، بابا جڏهن هِن جي خبرگيري ڪئي ته پتو پيو ته گذاري وئي آهي. امان ٻُڌائيندي هئي ته 1955ع دوران جڏهن پير صاحب جي گادي بحال ٿي ۽ سندس تاج پوشي جي ڊاڪومينٽري ٺاهي وئي، اِها فلم سينيما گهر ۾ ٻين فلمن کان اڳ ڏيکاري ويندي هئي، سو بوا ڌاڻو به اِها خبر ٻُڌي ميرپورخاص پهتي هئي ۽ هُن ۽ اَمان فردوس سينيما ۾ اِها ڊاڪو مينٽري ڏٺي هئي، ۽ بوا ڌاڻو اِهو منظر ڏِسي ڏاڍي جذباتي ٿي وئي هئي، گڏ آندل سِڪا اُڇلائڻ شروع ڪيا هُئائين، امان هِن کي خاموش ٿي ويهڻ جو چيو ۽ چيائينس ته خاموش ٿي ڏِسُ پر پوءِ سمورا سِڪا اُڇلائي خاموش ٿي ويهي رهي، گهر اچي بابا کي ٻڌايائين ته: ادا “ڀاڄائي مونکي سِڪن اُڇلائڻ کان منع ڪيو، پر مان به سڀ اُڇلائي پوءِ ماٺ ڪري ويهي رهيس. ماڻهون مونکي ڇا ڪندا، اسين ڪي ڊڄڻ وارا ٿورئي آهيون، اسان انگريزن کي رُڪَ جا چڻا چٻارائي ڇڏيا. هي ميرپورخاص جا ماڻهون وري ڪهڙي باغ جي موري آهن!!!؟”
بابا کيس چيو: “شاباش ادي تون وڏي مجاهد عورت آهين”
پوءِ بوا ڌاڻو ڏاڍي خوش ٿي هئي. گهر ۾ منهنجي پيدائش وقت گلاب نالي ڇوڪرو هيو جنهن جو ذڪر مان پنهنجي جنم ڏينهن واري احوال ۾ ڪري آئي آهيان.

مائي بادلي
ٽيون ڪِردار جيڪو منهنجي ننڍپڻ ۾ ٿورو ياد اٿم سان مائي بادلي آهي جنهن جا ڪچهه سروپا مونکي ياد آهن. قدآور رنگ سانورو ۽ وچولي عمر جي هِيءَ عورت جيڪا مونکي ۽ بابا کي مامون جي هوٽل وٽ ملي هئي جيڪا ڀائي فرقي وارن جي هوٽل هُئي ۽ اسٽيشن روڊ تي هئي هيءَ پنهنجي وڃايل مڙس بادل جي ڳولا ۾ هئي جيڪو ورهاڱي وقت مارجي ويو هو يا ڪٿي گم ٿي ويو پر مائي بادلي کي اِهو آسرو هو ته بادل جيئرو آهي ۽ هڪ ڏينهن اچي کيس ملندو انهيءَ وڇوڙي جي صدمي ۾ ورتل هئي پوءِ بابا وٽ آفيس ۾ به ايندي هئي بابا هن جي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مدد ڪندو هو بابا وري هن کي هڪ ڏينهن گهر موڪلي ڏنو ته اسان جي گهر ويهي رهه توکي کاڌو ڪپڙو ملندو رهندو پر هن مفت ۾ ويهي کائڻ کان گهر ۾ ڪجهه ڪم ڪري ڏيڻ کي ترجيح ڏني ۽ پوءِ ڪجهه ڪلاڪ ڪم ڪار ڪري هلي ويندي هئي پر پوءِ اسان جي سڄي خاندان ۾ اچڻ وڃڻ لڳي هئي هرڪو هن کي سڃاڻندو هو.
“هُوءَ اڪثر سياري جي مند ۾ بادل کي گهڻو ياد ڪندي هئي ۽ چوندي هئي ته اهي سياري جون ڀاڄيون بادل دل سان کائيندو هو.”
منهنجو نانو علي نواز کيس دلاسا ڏيندو هو ته بادل توکي ضرور ملندو هن جي دل مان وري ڪجهه ٻيون دعائون نڪرنديون هونديون اِهو منهنجي ذاتي خيال آهي.
سر نِسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين!
مون ته ڪارڻ ڪانڌ، سئو سئو سُکائون ڪيون.

شاهه جو اِهو بيت مونکي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ سياري جي اِها مُند وڇڙي ويلن جي ميلاپ جي مند آهي ۽ بادلي به انهيءَ ورتا ۾ ورتل هئي. هن جي دل جيون ساٿي جي وڇوڙي ۾ چُور چُور هئي، امر جليل ڪٿي لکيو آهي ته:
“دل پٿر جو تاج محل ته نه آهي جو جٽاءُ ڪري، دل ديوانن جي وستي آهي، بيگانن جي بستي آهي، آباد آهي ته سرَءُ جي سانت ۾ به بهار ڀائنجي، پر جي هڪ وار اُجڙي ته تصور جا شهر ويران ڪريو ڇڏي”
بادلي لاءِ مان اِهو چونديس ته اِهو هڪ مُتلاشي ڪِردار آهي جنهن جي تلاش جو ڪو انت ڪونهي، پوءِ خبر نه آهي ته کيس بادل مِليو يا نه مِليو، الائي پاڻ به گُذاري وئي يا ڪيڏانهن هلي وئي، مون پنهنجي وڏپڻ ۾ هُن کي ڪونه ڏٺو.

امان جي
منهنجي ڀيڻ ممتاز جي ننڍپڻ ۾ انهيءَ کي کيڏائڻ ۽ گهر جي ٿانوَن وغيره ڌوئڻ لاءِ ‘امان جي’ عورت رکيل هئي جيڪا هن کي کڻي ٻاهران گُهمائي ڦرائي ايندي هئي. ممتاز به هن جي اچڻ شرط روئڻ شروع ڪندي هئي ته: “مونکي کڻ ۽ ٻاهران گُهمائي اچ!”
ورهاڱي کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن تائين کوکرو پار جي سرحد کان ميرپورخاص لڏي ايندڙ اهڙا ڪِردار گهڻا نظر ايندا هُئا، جن کي هن ورهاڱي ڏک ڏنا هُئا ۽ ڏتڙجي مسڪين ٿي محنت مزدوري ڪرڻ لڳا هُئا، پوءِ آهستي آهستي محنت ڪندي معاشي طور مضبوط ٿي ويا. هاڻي ته هنن منجهان ڪو آسرو ڪونهي هن عورت ”امان جي“ جو موت حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي ريلوي ڪراسنگ دوران ٿيو هو. سندس نونهن ڪافي عرصي کان پوءِ اچي ٻڌايو هُوءَ انڊيا جو پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ وئي هئي ۽ حادثي جو شڪار ٿي وئي.
اڄڪلهه ته اهڙن ماڻهن کي گهر ۾ رکڻ وڏو ڏچو آهي، پر انهيءَ وقت اُنهن مان ڪو خطرو نه هو. اسان هنن کي ڇانوَرو ڏنو ته هنن به اسان جو مانَ رکيو ڇو جو اڄ ڪلهه وارو نفسا نفسي جو دؤر نه هو.
ڪستوري
هي عورت به اسان وٽ گهڻو عرصو رَهي ورهاڱي وقت سرحدي ضلعي ٿرپارڪر پهتي هئي ۽ اسان جي گهر سيالڪوٽ جي پنجابين معرفت پهتي هئي، هُوءَ موڊي قسم جي عورت هئي ڪڏهن ڪڏهن ته حد درجي چريائپ واريون حرڪتون ڪندي هئي بابا کيس خستوري چوندو هو هُن جو چوڻ هو ته: ”خستوري خوشبو جو نالو آهي.“
پر جڏهن ڪجهه عرصو اڳ مون هندوستان جي مهان ليڊر موهن داس گانڌي جي آتم ڪٿا گانڌي مالها پڙهي ته هن جڳ مشهور ليڊر جي زال جو نالو ‘ڪستور ٻائي’ هو.
پوءِ الائجي هن جو اصل نالو ڪستوري هو يا خستوري اُها خبر الله پاڪ کي هئي ڪستوري اسان جي گهر کان علاوه گهٽيءَ جي گهرن ۾ گهمندي وتندي هئي هر ڪنهن جي گهر وڃي پنهنجون هٿ ٺوڪيون بيماريون ٻڌائيندي هئي ۽ ذهن ۾ جيڪي خيال ۽ وسوسا پيدا ٿيندا هُئس تن کي حقيقت جو روپ ڏيندي ڳالهيون ڪندي هئي.
”ڪو چوندو هو ته چري آهي ڪو وري چوندو هو ته نشو ٿي ڪري چري ته ٿي سگهي ٿي باقي نشو واپرائيندي اسان هن کي ڪونه ڏٺو خيالي محل ٺاهڻ ۽ پهه پڄائڻ واري کي چريو سمجهيو ويندو آهي پر منهنجي خيال ۾ خيالي محل اڏڻ وارا سڀ ماڻهون چريا ڪونه هوندا آهن پر انهن مان پڙهيل ڳڙهيل تخليق ڪار به ٿي ويندا آهن انگريز شاعر ڪالرج پنهنجي تصوراتي سگهه وسيلي ‘زناڊو’ جو خيالي شهر ٺاهيو ۽ اهو نظم “قبلائي خان” دنيا جي ادب ۾ شاهڪار سمجهيو وڃي ٿو.“
هي ڪستوري ويچاري ته اڻ پڙهيل هئي اهڙا اوچا خيال ته نه ٺاهي سگهي ها باقي منهنجي ڀيڻ ممتاز کي ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ کيس ممتاز راڻي! ممتاز راڻي!
چئي سڏ ڪندي هئي معنيٰ ته ممتاز نالي واري راڻي جنهن جي مٿان ’تاج محل‘ ٺهيو سا هن کي ڄاڻ هئي ميرپورخاص ۾ گرمين جي مند ۾ مٽي گهڻي اڏامندي ته چوندي هئي مٽي ڪڍي ڪڍي.
”میرے پگ میں درد ہوا ہے“
پنهنجي ذاتي زندگي بابت ٻڌائيندي هئي ته منهنجي مڙس مونکي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ٻئي زال ڪئي اٿس مون کي ٻن ڌيرن جو اولاد آهي جيڪي شادي شدهه آهن ۽ ملتان جي ڀرسان شُجاع آباد ۾ رهن ٿيون ڇهه ڇهه مهينا ڪم ڇڏي هلي ويندي هئي وري اچي منٿون ڪري گهرن ۾ ڪم ڪار وٺندي هئي بابا جي حاجي سڳوري هُوئڻ جو فائدو اسان جي گهر کي اِهو پهتو ته امان کي ”حاجڻ مائي“ انور کي ”بڙا حاجي صاحب“ ۽ مشتاق کي ”ڇوٽا حاجي صاحب“ چوندي هئي باقي اسان ٻنهي ڀينرن کي بابا جي انهيءَ حج مان ڪوبه ڪريڊٽ نه ڏنائين.
اهڙا سادا ڪردار خاص طور تي ڪستوري جو نالو ٻڌندي يا ياد ڪندي سندس ڪيل حرڪتون ياد ڪندي کل نڪرندي ويندي آهي.

حليمه جي ماءُ
حليمه جي ماءُ به اسان وٽ 1960 کان وٺي 1980 تائين پورهيت رهي ڪڏهن ڪم ڪندي هئي، ڪڏهن ڪم ڇڏي ويندي هئي. پوءِ وري ميرپورخاص جي سنڌي گهراڻن مثلاّ يعقوب عاربي وارا، دادو جا ميمڻ جيڪي گهڻو ڪري موجوده نور شاهه ڪالوني ۽ کار پاڙو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بلڊنگ وارو علائقو اُتي آباد هُئا، تن جي گهرن ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي. ڪو پَلي ذات جو زميندار هو جنهن جو نالو ذهن تان ميسارجي ويو آهي، جنهن جي زال کي پلياڻي چوندي هئي. هڪ پروفيسر هاليپوٽو جنهن جي زال کي هالي پوٽياڻي چوندي هئي جنهن جو پٽ اکين جو ماهر ڊاڪٽر هو تن جي گهرن ۾ ويندي هئي غلام محمد ميمڻ دادو وارو قدسيه ميمڻ جو والد تن وٽ ڪم ڪندي هئي اردو گهراڻن مان اسماء باطن وارن وٽ ڪم ڪندي هئي باطن صاحب انهيءَ وقت شاهه لطيف ڪاليج ۾ پروفيسر هو هيءَ اصل راجستان هندوستان جي هئي ۽ ٻڌائيندي هئي ته ذات جي هندو اوڏ هُيس ۽ پوءِ مسلمان ٿي ويس هن جو اوڏ ذات سان واسطو لکندي مونکي شاهه لطيف جو هي بيت ياد پيو اچي.
اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
ته لهي تو مٿان مٽيءَ سندو مامرو.

شروع ۾ ته سندس ڌيءَ حليمه ساڻس گڏ هوندي هُئي، پوءِ انهي جي شادي ٿيڻ بعد ڏوهٽي ’منوڙي‘ پاڻ سان گڏ وٺي ايندي هئي. ايئن ويچاري پئي ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا“ جي مصداق حياتي گذاريندي هئي.
الائي ڇو اسان کيس حليمه جي ماءُ چوندا هُئاسين، شايد انهيءَ ڪري ته هن پنهنجو اصل نالو ڪڏهن ڪونه ٻڌايو هو. هڪ عدد ڪتو پاليل هُئس جيڪو سندس پويان پويان گڏ هلندو ايندو هُئس ۽ اچي در جي ٻاهران ويهي رهندو هو.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ديواني هئي، اسان جي گهر پهچي سڀ کان پهرين ڏوهٽي منوڙي کي چوندي هئي ته ڇوڪري اخبار کڻ ۽ مونکي پڙهي ٻڌاءِ.! انهيءَ زماني ۾ اسان جي گهر ۾ ’روزنامه هلال پاڪستان‘ ۽ اردو اخبار ’مساوات‘ اينديون هيون ڇوڪري مَنوڙي منٽن ۾ اخبار پڙهي چَٽِ ڪري ويندي هئي، پاڻ وري هر خبر تي چوندي هئي: ”ها بَرو بَر اينج (ايئن) ته ٿيندو.“
پوءِ سستايون ٿينديون، انب، پَلا چانور وٺنداسين ۽ کائينداسين پر افسوس هن پوڙهي ويچاري جو اِهو خواب ڪڏهن ساڀيان نه ٿي سگهيو ۽ اهڙيون ڪيئين خواهشون رکندي هُوءَ قبر ڀيڙي ٿي وئي.

پياري چوهاڻ
هن عورت جو تصور ڪندي هڪ مسڪرائيندڙ چهرو هشاش بشاش شخصيت سامهون اچي ٿي مٿو ڳاڙهو مينديءَ سان رڱيل هي عورت گربي جي سُٽڻ ۽ ڀرت واري گَجَ جو چولو پائيندي هئي سندس مادري ٻولي سرائڪي هُئي هتي پنهنجي مائٽن وٽ اچي ٽڪندي هئي ٻه ٽي مهينا گهرن ۾ ڪم ڪري پوءِ ڳوٺ وڃڻ لاءِ موڪل وٺڻ جو انداز هي هُيس: ”سڀاڻي جوڳي مِٽَ نه ڪنهن جا!“
وري جڏهن ڳوٺان اچي حاصر ٿيندي هئي ۽ پيشاني تي سلوٽ وارو نمونو ٺاهي چوندي هئي. ”حاضر جناب“
ڪم ڪار ڏاڍو سُٺو ڪندي هئي، ايماندار ۽ محنتي هئي ۽ ڪثرتي بدن هجڻ سبب توانائي رکندي هئي ۽ گهر جا سمورا ڪم ڪار ۽ ڪپڙا وغيره ڌوئي ڏئي ويندي هئي.

پوڙهي شڪوري
هي غريب آباد جي علائقي ۾ رهندڙ هڪ وڏي عمر جي عورت هئي. انڊيا مان لڏي آيل مهاجر هئي هيءَ، اڳ منهنجي مامي جي گهر ڪم ڪندي هئي، اُنهن جي معرفت پهتي هئي، ڏاڍي ايماندار ۽ احساس رکندڙ عورت هئي. ممتاز جي شادي دوران گهر مان هڪ عدد ديڳڙي گم ٿي وئي هئي ورهين جا ورهه پئي انهيءَ ديڳڙي جو ذڪر ڪندي هئي.
“وہ بھگونا کیوں گُم ہو گیا ”
وري چوندي هئي ته: ”بھگونا کالی عورتیں (شيدياڻيون) چوری کر کہ گئی ہیں“ امان چوندي هئي..! ”ڇڏ کڻي ديڳڙيون ٻيون گهڻيون پيون آهن.“
مون کي ته هن کي انهيءَ ايڏي عمر ۾ ڪم ڪندي قياس ايندو، هو پر چوندي هئي ته: ”چارپائی پر بیٹھنا مجھے نہیں آتا، میں نہیں بیٹھوں کام ضرور کروں“
مطلب ته شاهه جي هن بيت تي پوري لهندي هئي.

ڏکي تو ڏڪار، توڙي وسَن مينهڙا،
صاحب هٿ سُڪار، تو وٽ آهن هٿڙا.

کنڊٻائي
هي ڪردار هنن نوڪرياڻين واري فلم جو منفي ڪردار هئي پهرين نمبر جي ڪوڙي، ڪم چور ۽ گلاخور عورت هئي انهيءَ کان علاوه بليڪ ميلر پڻ هئي پر اهيا گهڻو وقت پوءِ جي سرونٽ هئي جڏهن اهي رجحان معاشري ۾ رائج ٿي ويا هُئا ۽ هن به انهن عادتن تي سختي سان عمل ڪيو.
نیچاں دی آشناسی کولوں فیض کسی نہ پایا،
کیکر تے انگور چڑھایا ہر گُچا زخمایا.

مون انهن عورتن جو ذڪر انهي سبب ڪيو آهي ته انهن سڀني جي فطرت پنهنجي هئي ڪنهن ۾ ڪا ڪوتاهي هئي ته انهيءَ ڪمي کي وري سندس ڪا ٻئي خوبي پوري ڪندي هئي اهيائي فطرت اسان سڀني جي آهي انهن کان به اسان گهڻو ڪجهه سکيو.

يار محمد عرف يارو خان
يارو خان اصل ۾ ٻروچ هو ۽ بابا کيس بيلداري ۾ ڪنهن شخص جي موڪل تي وڃڻ کان پوءِ ڪچي نوڪري ۾ رکايو هو. بنهه سادو سودو ۽ اٻوجهه انسان هو، شادي ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هُيس ۽ هن جي ڳوٺ وارا هن جي سادگي مان فائدو وٺي کيس ڦُريندا رهندا هُئا، ڳوٺ ۾ جيڪا ڇوڪري گذاري ويندي هئي کيس چوندا هُئا ته: “اهيا تنهنجي مَڱِ هُئي هاڻي هن لاءِ خيرات جي ماني ڪَرِ!!!”
ويچارو هِتان هُتان ڪري جان ڇڏائيندو هو ۽ اهڙيون ڳالهيون اچي بابا سان ڪندو هو، بابا کيس چوندو هو ته: ”اڙي! چريا اِهي تنهنجا عزيز ۽ ڳوٺ وارا توکي ڦُرين کائين پيا ۽ ڇوڪري جيڪا گذاري وئي سان تنهنجي مَڱ ڪانه هئي.“
پر سادو انسان يارو اِها ڳالهه نه سمجهندو هو، ٻڌل فراقي قافين جون سِٽون پيو ورجائيندو هو ۽ جهونگاريندو هو.
”عشق سارا اتفاقي هوندا ڪم نهين اختياري دا!“
آخرڪار هن مسڪين کي ڦُري کائي پيرسني ۾ زال ڏنائونس جنهن منجهان هن کي اولاد به ٿيو پوءِ به بابا وٽ بابا جي حياتي ۾ ايندو رهندو هو. هن کي بابا جي وفات جي خبر مهيني کن کان پوءِ پئي، هن کي ڏاڍو ڪو ڏک رسيو هو، سو بس جي اڏي کان وٺي اسان جي گهر جي پوئين در تائين روئيندو ۽ پار ڪندو پهتو. پاڙي وارن ڏٺو ته گهٽيءَ جي مُهڙ تي پهچي هن جتي به پيرن مان لاهي هٿن ۾ جهلي اچي دڙ کڙڪايائين اندر ويهي زور زور سان پارَ ڪڍي روئڻ شروع ڪيائين.
امان چيو!
هن کي روڪيو اهڙا پار ڪڍي نه روئي گناهه آهي، پوءِ پاڻي وغيره پياري هن کي ماٺ ڪرايوسين. چيائين پارَ ڪڍي روئڻ ته اسان جي رِيت آهي، مونکي قاضي صاحب جي وفات جو ٻُڌي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، مونکي ڏاڍو ڀائيندو هو، الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي.
مونکي ته اهڙن سادن ۽ اٻوجهه ماڻهن جو سوچي انهن لاءِ قدر قيمت وڌيو وڃي، جيڪي ورهين اڳ جي ڏِنل عزت ۽ پيار ڪڏهن وِساري نه سگهيا ۽ اُنهن عزت ڏيندڙن لاءِ پيار ۽ عقيدت جو جذبو رکندا هئا، جيڪو اڄ جي ماڻهن ۾ اڻ لڀ آهي.
اسان درويش ديوانه، اسان وٽ مڌ مئخانه،
اسان جو عشق صوفي آ، اسان وٽ نياز نوڙت آ.

خدام الدين رسالي وارو
منهنجي ننڍپڻ ۾ مونکي عربي چوغو پاتل، پير ۾ چَپَلَ، سائيڪل تي ويٺل، سانوري رنگ جو هلڪو ڦُلڪو مرد نظر ٿو اچي، جيڪو اڪثر جمع جي ڏينهن شام جو چار پنج وڳي دروازي تي اچي ڪال بيل وڄائيندو هو ۽ هڪ عدد رسالو جيڪو سنهو ۽ ڊگهائي ۾ هوندو هو، سو گهران در تي آيل فرد جي حوالي ڪري هليو ويندو هو، ڪنهن سان اکر به نه ڳالهائيندو هو، هيءَ هڪ ديني رسالو هو، تن ڏينهن ۾ لاهور مان نِڪرندو هو، ڇاڪاڻ ته ون يونٽ هُئڻ سبب لاهور اولهه پاڪستان جي گادي جو هنڌ هو. مونکي ياد نٿو پوي ته هي رسالو هفتيوار هو يا ماهوار، هن رسالي ۾ ديني مسئلن جي ڇنڊ ڇاڻ انهن جي حل بابت معلومات سان گڏو گڏ انهيءَ جو فرسٽ پيج ايڊيٽوريل ڏاڍو دلچسپ هوندو هو، جيڪو سياست ۽ خاص طور پنجاب جي سماجي ماحول تي هڪ ڀرپور تنقيد هوندي هئي. رسالي آڻيندڙ شخص جو نالو ته الائجي ڇا هو؟ پر اسين کيس ڊگهي چوغي وارو چوندا هُئاسين. منهنجو بابا جيڪو اڪثر هن ماڻهون لاءِ اِهي لفظ ٻڌندو هو تنهن هڪ ڏينهن چيو ته: ”هاڻي مان به ڊگهو چوغو ٺهريان ٿو ۽ جمعي نماز تي پائي ويندس.“
شوق جو ڪو مُلهه ناهي اِهو عربي لباس بابا ٺهرايو ۽ اڪثر جمع نماز تي پائي ويندو هو. منهنجو بابا جيڪو اڳ ئي خوش لباس هو، تنهن کي هي ڏاڍو ٺهندو هو، پر منهنجي ڀاءُ مشتاق کي اِها ڳالهه نه وڻندي هئي، ۽ بابا کي چوندو هو ته: ”ڇوڪرا! چون ٿا!“ تمہارا با لمبی قمیص کیوں پھینتا ہے۔۔؟
شايد ڪي ٻار انهيءَ تي کِلندا به هُجن، بابا ڪافي عرصي تائين جمعي نماز تي اِهو چوغو پائيندو رهيو، پر پوءِ اِهو شوق ڇڏائي ويسُ. هِن کي انگريزي لباس به ڌاڍو ٺهندو هو ۽ خاص طور ‘نِيڪ ٽاءِ’ گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هُيس انهن مان ڪجهه اڄ به مون وٽ محفوظ آهن.

هِري رام واري
هي ڪِردار منهنجي اوائلي ٻاروتڻ کان وٺي ميرپورخاص جي گهٽين ۾ گُهمندو ڦِرندو نظر آيو. ڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي اصليت ۽ بُڻ بڻياد ڪونه ٻُڌايائين. هي هڪ عجيب حُليو رکندڙ عورت هئي، هٿ ۾ چوئنري نما هڪ وڏي لوٽي هوندي هُئس، جنهن ۾ پاڻي پيل هوندو هو، اُها چوئنري سندس چيلهه تي رکيل هوندي هُئي، ڪنهن جي ذاتي نوڪرياڻي ڪانه هئي، گهٽين ۾ رُلندي ڦِرندي نظر ايندي هئي، هڪ عادت جيڪا هن ۾ تمام خراب هئي سا ته: ”جيڪو به ڌاڳو يا ڪپڙو نظر ايندو هُئس، سو جسم جي ڪنهن نه ڪنهن حصي تي ٻڌي ڇڏيندي هئي، سندس پير، هٿ ڄنگهون سڀ ڌاڳن ۽ ڪپڙن جي ليڙن سان سَٿيل هوندا هئا.“
مُنهن مان هر وقت هِري رام چوندي هئي، نالو ته الائجي ڇا هُئس سڀ ماڻهون کيس ”هِري رام واري“ چوندا هُئا. گهڻو ڪري ريلوي اسٽيشن تي ريل جي دٻن ۽ انجڻ کي پاڻي جا ڇنڊا هڻندي هئي، جيتري قدر منهنجي ذاتي راءِ ۽ سوچ آهي ته:
هي ڪِردار به ورهاڱي جو ستايل ڪردار هو جيڪو ايئن بتال ٿي هٿن ۽ پيرن تي مَڻ ڪپڙن ۽ ڌاڳن جا ٻڌي پئي ٿاٻا کائيندي هئي. ”حويلي“ جيڪا لال پاڙي ۾ هئي تنهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي هوندي هئي انهن ڌاڳن ٻڌڻ ۽ جسم تي هوا نه لڳڻ سبب جسم تي زخم ٿي پوندا هُئس. ڪيئن ڀيرا سيٺ موهن داس وارن کيس اسپتال ڀيڙو ڪيو علاج ڪرايو چڱي ڀلي ٿي وري ساڳي ڪار شروع ڪندي هئي پوءِ الائي انهيءَ ۾ ڪهڙي منطق هُئس 1965ع جي جنگ دوران ۽ خاتمي کان پوءِ مشڪوڪ ماڻهن خلاف وٺ پَڪَڙ شروع ٿي هن کي به جاسوس سمجهي جيل ڀيڙو ڪيو ويو پر هن جي جاسوس هجڻ جو ڪو ثبوت نه مليو آزاد ماڻي وري ”ساڳيا ڏينهن ساڳيون راتيون!!!“
پوءِ به ڪافي عرصو گهٽين ۾ رُلندي رهندي هئي. هن کي ماضي جي ڪنهن ڏکائيندڙ واقعي يا حادثي جنهن مان بچي نڪتي هئي، تنهن بتال ڪيو هو، يا وري اڃان ڪا ٻي ماجرا هئا.
هندوستان جي مشهور ليکڪا ”ساز اگر وال“ پنهنجي ماءُ سنڌڄائي تي جيڪو ڪتاب لکيو هو. ”سنڌ: گُم ٿي ويل ڌرتي جون ڪهاڻيون“
تنهن ۾ ’ساز اگر وال‘ پنهنجي ماءُ واتان بيان ڪيل هجرت جي دربدري ۽ درد ڀري لڏپلاڻ ۽ هن ورهاڱي جي اثرات کي انساني نفسيات تي لازمي رد عمل ٻڌايو آهي.
تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي:
انسان کے کسی روپ کے تحقیر نہ کرنا،
پھر تا ہے زمانے میں خدا کئی روپ بدل کے۔

ننڍپڻ جون ساروڻيون ۽ زندگي جي هن آخري اسٽيج تي ماضي بعيد جون ڳالهيون، وري وري سڏ ڪري مونکي هِن ڪٿا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريجهائي رهيون آهن. ننڍي هوندي سياري جي مهينن ۾ ايس، ايل، ڊي S L D فيڪٽري ڏانهن ڪپهه ٽاڻڻ لاءِ ويندڙ اُٺن تي پيل ڦُٽين جا ٻوڙا ۽ اُٺن جي ڳچين ۾ پيل چَڙن جا آواز، سياري جي چانڊوڪين راتين ۽ ماٺار ۾ هڪ عجيب قسم جي جلترنگ پيدا ڪندا هُئا. انهيءَ ماحول ۾ مان پنهنجي امان ۽ بابا ۽ ننڍن ڀائرن، ڀيڻ جي ڀرسان سُتل هوندي هُيس، اُها سِڪَ ۽ سنڀارون ياد ڪندي نيڻ آلا ٿي وڃن ٿا. سوچيندي آهيان ته ٻاروتڻ ۾ شايد مونکي ايترو گهڻو پيار مِليو هو ۽ منهنجي مائٽن وٽ منهنجي هر فرمائش کي، هر خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ هاڪار ئي هاڪار هئي، انڪار نه هو، پيار هو يا پاٻوهَه هئي. منهنجي ابتدائي رشتن ۾ پُڦي صاحب خاتون جو رشتو به اهم رهيو، جيڪا اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻ سان بي انتها پيار ڪندي هئي، هن جي شادي دادو جي صديقي قاضين ۾ ٿيل هئي، کيس هڪ ڌيءَ ۽ پُٽ جو اولاد هو، جيڪو بابا جي صاحب اولاد ٿيڻ وقت صاحب اولاد هو. هر سال هِتي جڏهن گرمين جون موڪلون ٿينديون ته گهمڻ ايندي هئي، هُوءَ اِها موسم پاڻ پسند ڪندي هئي دادو جي لڱ ساڙيندڙ گرمين کان بچڻ لاءِ هتي ايندي هئي.
”ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون“
تمام گهڻي سُگهڙ ۽ ملوڪ مهانڊي واري هئي، هيءَ پُڦي هر وقت مُسڪرائيندي رهندي هئي. جڏهن به ميرپورخاص ايندي هئي ته اسين ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسون، هُوءَ ڪپڙي جون گُڏيون ڏاڍيون خوبصورت ٺاهيندي هئي، ۽ اسانکي ڏيندي هُئي، انهن گُڏين جا هٿ ۽ پير ڳاڙهي ڪپڙي سان جوڙيندي هئي. مان چوندي هئي مانس ته: ”مونکي زيورن واري گُڏي ٺاهي ڏي“ هُو ويچاري موتي ۽ سونهري ستارا هٿ ڪري انهيءَ مان نٿ، ٽڪا، هار ٺاهي گُڏي کي پارائي ڏيندي هئي. پاڻ گهڻو ڪونه ڳالهائيندي هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجي ٻاروتڻ واري دور کان هن جا ڪن ٻوڙا ٿيڻ شروع ٿيا هُئا، انهيءَ سبب اسان ٻارن جي گوڙ ۽ گفتگو کي ڪونه ٻڌي سگهندي هئي، پاڻ کي هر وقت صاف سٿرو رکندي هئي، صوم صلات جي پابند هئي، ڏندن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ انهن تي مساڳ لڳائيندي هئي، اُهو به هن تي ڏاڍو ٺهندو هو، مُساڳ ياد آيو اٿم ته محسن ڪڪڙائي جو هي شعر به لکنديس.
جيڪو اڄ هن هنيو مُساڳ هُيو،
منهنجي غزل جو ڄڻ مُهاڳ هُيو.
پُڦيءَ سان گڏ سندس ڌيءُ ادي حيات خاتون به ايندي هئي، سُهڻي نڪ نقشي واري هيءَ ادي حيات خاتون اسان کي ڏاڍي وڻندي هئي، هِڪ ته پيار ڪرڻ ۽ سُٺي سڀاءُ واري هئي، هُر وقت منهن تي مُرڪ هوندي هُئسِ ۽ وري ٻارن سان گڏ ٻار ٿي ويندي هئي، جيتوڻيڪ پاڻ هڪ پُٽ عبدالجبار (خليل) جي ماءُ هئي، کيس ٻاراڻيون آکاڻيون وڏي تعداد ۾ ياد هيون، جن ۾ بادشاهن شهزادن، جنن، پرين ۽ ديوَن جون ڪهاڻيون ڏاڍي سُٺي انداز ۾ ٻُڌائيندي هئي. اسان کي رات ٿيڻ جو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو هو، هن جي آکاڻين جنهن کي اسين غيرادبي ٻولي ۾ ‘ڳالهه’ چوندا هئاسين، تن ۾ منظرنگاري هوندي هئي، سسپينس ۽ ڊائلاگ به هوندا هئا، ته وري صوتي اثرات به ڏيندي هئي. اسان کي اُهي ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، پوءِ ته اهڙا انهن آکاڻين ٻُڌڻ جا عادي ٿي وياسين جو ڏينهن ڏِٺي به هن کان آکاڻي ٻُڌڻ جي فرمائش ڪرڻ لڳاسين پاڻ چوندي هئي ته:
“پٽ ڏينهن جي وقت آکاڻي کڻنديس ته توهانجو مامون واٽ ڀلجي پوندو”
اهيا ڳالهه شايد مائٽن يا وڏڙن کان ٻڌي هُئائين پر پوءِ امان جي چوڻ تي ڏينهن جي وقت به ڪهاڻيون ٻُڌائيندي هئي. پوءِ پاڙي جا ٻار به اچي ڪٺا ٿيندا هُئا، جن ۾ ريحانه قاضي ۽ فرزانه کيس چونديون ئي “آکاڻي واري ادي!” هيون.
هن سٻاجهڙي عورت کي اڌڙوٽ عمر ۾ پنهنجي اڪيلي پُٽ خليل جي موت جو صدمو برداشت ڪرڻو پيو، جيڪو انڊس هاءِ وي تي سندس موٽر سائيڪل جو ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٿيو هو، جنهن حادثي ۾ خليل گذاري ويو هو، انهيءَ دائمي صدمي اديءَ کي بلڪل جهوري وڌو، پر پوءِ گهڻو عرصو جيءَ نه سگهي.
”مٽي ان خمير، اصل هئي ايتري“!
ننڍپڻ ۾ مون ۾ تجسس ۽ هر ڳالهه جي باري ۾ کوٽ کوٽان گهڻي هوندي هئي، ڪا به نئين شيءِ ڏِسي امان کان انهيءَ بابت سوالن مٿان سوال ڪندي هُيس، جڏهن مشتاق ننڍڙو هو ۽ هن لاءِ گرائپ واٽر جيڪو وڊورس ڪمپني جو هوندو هو، سو هر وقت گهر ۾ موجود هوندو هو، انهيءَ جي بوتل مٿان هڪ صحت مند ٻار ٻنهي هٿن سان ٻه نانگ جهليو ويٺو هوندو هو، شايد اڄ ڪلهه به انهي شڪلين وارو گِرائپ واٽر آهي، منهنجي نظر انهيءَ وقت به باريڪ بين هئي ۽ مان امان کان پُڇيو ته امان هي ٻار نانگ کي ڇو جهلي ويٺو آهي؟
امان جواب ڏنو ته: “انهيءَ دوا پيئڻ سان ٻار ايترو طاقتور ٿيندو جو هڪ ئي وقت ٻه ٻه نانگ جهلي ويندو”
امان مونکي اِهو جواب پنهنجي سمجهه مطابق ڏنو هو، پر مان ته انهيءَ تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ سوچي رهي هُئس، سو قدرت الله جي. هفتي کن کان پوءِ هڪ نانگ ڏيکارڻ وارو جوڳي فقير مُرلي وڄائي سين هڻي رهيو هو، ڪجهه پاڙي جا ٻار به نانگ ڏيکارڻ جي فرمائش ڪري رهيا هُئا، سو جڏهن جوڳي فقير پنڊاري مان نانگ ڪڍيو ته مان ڊوڙ پائي گهر ۾ اچي مشتاق کي ڪڇ ۾ کنيو ته هن جي هٿ سان نانگ ٿي پڪڙ ڪرايان، اتفاق سان امان مونکي چولَي جي پويان ڇڪي اندر ڪيو ۽ چيو ته ڇوڪري ڇو کنيو اٿئي ڀاءُ کي؟ مون کيس سڄي ماجرا ٻُڌائي ۽ چيو ته امان هاڻي مشتاق گرائپ واٽر پئي طاقت وارو ٿي ويو آهي، نانگ کي سسي وٽان جهلي وٺندو.
امان اِهو ٻُڌي ڪاوَڙ ۾ ڳاڙهي ٿئي وئي، ٻه زوردار چماٽون وهائي ڪڍيائين ۽ چيائين ته:
“صفا ڪا چري آهين ڇوڪري! ڀاءُ کي نانگ ڏنگي وجهي ها ته پوءِ ڪٿان آڻي ڏيون ها توکي اهڙو ڀاءُ جنهن کي سڄو ڏينهن منهنجو مٺڙو، منهنجو ڀورل منهنجو شهزادو چوندي وتين”
امان جا اهي لفظ ٻُڌي مون جنهن ڪجهه وقت اڳ موچڙا کاڌا هئا، سا پڻ موچڙن جي ڏک ۾ سڏڪي روئي پيئي هُيس، اُن کان پوءِ به جڏهن اهو تصور ڪندي آهيان ته لڱ ڪانڊارجي ويندا اٿم ته شال رب پاڪ منهنجي ڀورل کي سدائين حفظ و امان ۾ رکي.
بابا پوءِ مشتاق جي ٿوري وڏي ٿيڻ تي آمريڪا مان پاڪستان ايندڙ ريسلر زيبسڪو جنهن جو مقابلو لوڪل پهلوانن جيڪي ريسلنگ کان بلڪل ناواقف هئا ڪرايو هو، ۽ هن کي هارايو ويو، پر هي ريسلر پنهنجي ملڪ ۽ نالي سبب هتي ڏاڍو مشهور ٿيو. تنهن کان متاثر ٿي اِهو نالو کڻي مشتاق مٿان رکيائين انهيءَ جا اخبارن ۾ آيل فوٽو ڏيکاريائينس سو منهنجو سنهڙو سيپڪڙو پر چُست چالاڪ هي ڀاءُ، سڄو ڏينهن پيو مُڪا ۽ ٺونشا ڏيکاريندو هو، اسين کيس اهي حرڪتون ڪندي ڏاڍا خوش ٿيندا هُئاسين ته ڏسو ڏسو زيبسڪو ڇا ٿيو پيو ڪري...!؟
اسان جي ننڍپڻ ۾ موڪلن ۾ مٽن مائٽڻ وٽ اچڻ وڃڻ رهندو هو منهنجي مامي مرحوم امان الله قريشي جي نوڪري جڏهن جهڏي ۾ هئي ته اُتي به اسين گهڻا ويندا هُئاسين، ريل جڏهن شهر ۾ داخل ٿيندي هئي ته کاٻي هٿ وارو پاسو جهڏو گودام چوارائيندو هو، جتي ڪڻڪ جا گودام، ايريگيشن ڪالوني ۽ انهيءَ ۾ ايريگيشن ملازمن جا بنگلا ۽ گهر هئا. منهنجي مامي جو گهر به انگريزن جي دؤر جو ٺهرايل هڪ، سٺو بنگلو هو جيڪو چئني پاسي گهاٽن وڻن سان گهيريل هو. ورانڊو وڏو ۽ جافري نما هو چئني پاسي ساوَڪ هئي ريلوي لائين جو پريون پاسو جهڏو شهر چوارائيندو هو. هن ايريگيشن بنگلن جي ڀرسان گدامڙي جا وڻ ڏاڍا سُٺا تراش خراش وارا هئا. هڪ انسپيڪشن بنگلو پڻ هتي هو، جِتي هڪ ملازم جنهن کي ٿلهو شيخ چوندا هئا، سو هر وقت ڇنڊ فوڪ ۽ صفائي ڪندو نظر ايندو هو. اسين وري جيڪي اُتي ورانڊي ۾ رکيل هڪ عدد ڪاري رنگ جي ٽيليفون استعمال ڪرڻ مطلب ڪنهن نه ڪنهن ماڻهون سان ‘هيلو’ ڪري ڳالهائڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا هُئاسين. انهيءَ وقت ٽيلي فون ايترو عام جام نه هو اها به اسان جهڙن لاءِ تفريح جو سامان لڳندو هو ۽ اِهو “هيلو هيلو” چوَڻ ڏاڍو سٺو لڳندو هو ۽ سمجهندا هُئاسين ته هيلو هيلو ڪو ماڻهون اندر موجود آهي ۽ هاڻي جڏهن وڏا ٿياسين ته خبر پئي ته ٽيلي فون جي ايجاد ڪندڙ گراهم بيل پهريون اکر ‘هيلو’ چيو هو، سو سندس محبوبه مارگريٽ هيلو جو نالو هو، تڏهن ته اڄ ڪلهه جا نيڪ ۽ سدورا مسلمان فون کڻڻ تي هيلو بجاءِ “اسلام عليڪم” چوندا آهن. ها بلڪل سُٺي سوچ آهي سلامتي موڪلڻ سُٺي ڳالهه آهي، هروڀرو پرائي مائي جو نالو يا ذات جو ڪهڙو ڪم!
جهڏي ۾ تن ڏينهن بجلي ڪانه هئي گهرن ۾ لالٽين ٻاري ويندي هئي ۽ وري سرڪاري گهرن ۾ گئس جا گولا (پيٽرو ميڪس) ٻاريا ويندا هئا انهن جي روشني گهرن کي روشن ڪري ڇڏيندي هُئي ماما جو پٽ عبدالغني انهن ڏينهن ننڍو هو سو ڇا ڪندو هو جو گهر جي استعمال جون ننڍيون شيون وارن جي ڦڻي، ڪريم ۽ پائوڊر جون دٻيون، هوا ڪرڻ جون وڃڻيون وغيره کڻي وڃي ٻاهر وهندڙ واٽر ڪورس ۾ اڇلائي ايندو هو کائنس کان ننڍو ڀاءُ نعيم الله (پپو) وري سند باد سيلاني جي ڪردار “شيخ البصر” وانگر جنهن جي ڪَڇَ ۾ چڙهندو هو وري لهڻ جو نالو نه وٺندو هو جهڏي کان علاوه مامي جي نوڪرين وارن شهر ۾ ‘فضل ڀنڀرو’، کپرو، کڏڙو اسان گهمڻ ويندا هُئاسين ۽ اتي وڏن ڪشادن اڱڻڻن ۾ سمهڻ جو ته مزو ئي الڳ هو هي اڄ ڪلهه وانگر دروازا دريون گِرلون وغيره بند ڪري سُمهڻ وارو گُهٽَ ٻوسٽ“ وارو ماحول نه هو هاڻي ته عدم تحفظ جي احساس ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن اسين پنهنجي ماسيءَ جي گهر جيمس آباد پڻ گهمڻ ويندا هئاسين هتي به ميرپورخاص مان ٽرين وسيلي ويندا هُئاسين انهيءَ وقت ميرپورخاص کان جيمس آباد ويندي فقط ٻه اسٽيشنون جمڙائو ۽ جهلوري (چوراسي) ايندي هئي هن روٽ تي انهيءَ وقت ٽي اَپِ ۽ ٽي ڊائون ريل گاڏيون هلنديون هيون جيڪي پسينجر ٽرينون هونديون هيون هي هڪ وڏي آمدني واري اسٽيشن هوندي هئي هن علائقي ۾ واحد ڦٽي جو ڪارخانو هو تنهن ڪري ڪپهه ۽ ٻيون جنسون مال گاڏين ذريعي موڪليون وينديون هيون هڪ ريلوي لائين حُڪم الدين ڪاٽن فيڪٽري اندر به ويندي هئي ماسيءَ جو گهر ريلوي اسٽيشن جي سامهون واري روڊ تي هو هتي جي ٽائون ڪميٽي ڏاڍي سرگرم هوندي هُئي شهر صفائي سٿرائي، پاڻي جي فراهمي ۾ خود ڪفيل هو ۽ ماڻهون به پاڻ ۾ ميٺ محبت وارا هئا هن شهر کي 1981ع ۾ ڪوٽ غلام محمد نالو ڏنو ويو. انهيءَ کان علاوه ننڍي هوندي بابا جي سئوٽ قاضي نظر محمد وٽ کوکروپار ويندا هُئاسين جيڪو سفر پڻ ريل رستي ٿيندو هو ريل صبح جو سوير ميرپورخاص مان روانه ٿيندي هئي ڪيترن جاين تي اسٽاپ ڪندي هڪ ڏيڍ بجي کوکرو پار پهچندي هئي لهڻ شرط اسان لاءِ هلڻ ڏکيو ٿيندو هو انهيءَ ڪري ته اسان کي وارِيءَ تي هلڻ مشڪل لڳندو هو ۽ بوٽ هيٺ زمين ۾ هلي ويندا هُئا مائٽ ريڙهي ريڙهي گهر تائين پهچائيندا هُئا يا وري چاچا نظر محمد جنهن جو اُتي ڪاروبار هو (دڪان هُئا) سي نوڪر جهلي اچي گهر تائين پهچائيندا هُئا چاچا جي ننڍي ڌي جي شادي ۾ به هڪ ڀيرو ويا هئاسين پر انهيءَ ڀيري ڪستوري جيڪا گهرو ملازم هئي ۽ ماما جي فيملي ۾ سجاول نالي نوڪر گڏ هو تڏهن مان ڪجهه سمجهه ڀري هُيس ۽ چاچا جي ننڍي پٽ اختر مونکي پاڪستان ۽ هندوستان جو بارڊر به پري کان ڏيکاريو هو جتي ٻنهي پاسي فوجي بيٺل هئا ۽ خاردار تارون لڳل هيون جيڪو منهنجي ذهن ۾ بارڊر لاءِ تصور هو سو اُتي نه هو بهرحال اسان انهيءَ شادي ۾ ڏاڍو لطف اندور ٿيا هُئاسين ۽ سڄي رات گئس گولن جي روشني ۾ مقامي فنڪارن راڳ ٿي ڳايو تان جو صبح ٿي ويو.
“ڪستوري پڻ هن ريگستان ۾ اهڙو ڪاڄ ڏسي پهريان ته حيران ٿي وئي هئي پر پوءِ تاڙيون وڄائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي خوشي جو اظهار ڪيو هُئائين”
ننڍي هوندي بابا اسانکي شام جي وقت اڪثر گهمائڻ ڦرائڻ لاءِ ميرپورخاص شهر ۾ وٺي ويندو هو اسان جي فرمائش ريلوي اسٽيشن گهمڻ جي هوندي هئي اُتي هڪ ڪيفي (هوٽل) به هوندي هئي جتي ‘پٽاٽي چاپ’ ڊش اسان کي وڻندي هئي ڪجهه گول ٽيبلون ڪرسين سميت رکيل هونديون هيون باقي گهڻي رش ڪانه هوندي هئي ڪي ٿورا ماڻهون هن سانت ڀريل ماحول ۾ موجود هوندا هُئا ميرپورخاص جا ريلوي پليٽ فارم تمام ڪشادا ۽ وڏا هوندا هُئا برانچ لائين جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ وڏي لائين جي لحاظ کان ساهيوال کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو پليٽ فارم هو.
(30 فوٽ ڪشادو ۽ 2275 فوٽ ڊگهو) هي پليٽ فارم ۽ ريلوي اسٽيشن سنڌ جي واپار توڙي ريلوي نظام جي مُکُ جنگشن هئي جيڪا هاڻي خاص نه رهي آهي هاڻي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪاريل جي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ ايندي آهي هفتي ۾ هڪ ڀيرو ٿر ايڪسپريس ڪراچي کان رش جي ٻڪر ٻوساٽ ۾ جمع ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات جو هندوستان وچڻ لاءِ ڪُوڪُون ڪندي لنگهندي پنهنجي وجود جو احساس ڏياريندي آهي.
مونکي بابا ننڍي هوندي اسٽيشن روڊ تي موجود “مامون جي” هوٽل جنهن کي ڀائي فرقي وارن کوليو هو اُتي وٺي ويندو هو جنهن ۾ ننڍيون گول ٽيبلون ۽ انهن جي چوڌاري ڪرسيون رکيل هونديون هيون صفائي سڙائي بهترين هوندي هئي اُتي شاهه ايران ۽ سندس اڳوڻي راڻي ثريا اسفند ياري جو هڪ وڏو فوٽو لڳل هوندو هو مان بابا کي چوندي هيس ته بابا انهن فوٽو جي ڀر واري ٽيبل تي ويهنداسين انهيءَ وقت ننڍڙو تاج پاتل اهيا راڻي مونکي ڏاڍي وڻندي هئي اِهو فوٽو اڄ ڪلهه به نيٽ تي ايندڙ سندس تصويرن ۾ موجود آهي هن راڻي کي پوءِ شاهه ايران تخت جو وارث پيدا نه ڪرڻ جي پاداش ۾ طلاق ڏئي ڇڏي هئي چون ٿا ته کيس هن عورت سان سچي محبت هئي.
”جيڪڏهن محبت سچي هئي ته پاڻ به ايڊورڊ اٺون ٿي ڏيکاري ها ۽ تخت تاج ڇڏي وڃي ها“ سندس انهي فوٽو کي پنهنجي تصور ۾ آڻي راڻي ثريا لاءِ اردو جو هي شعر لکڻو ٿو پوي:
راج سنگھاسن ہے میرا، یا سولی پر چڑھی ہوئی ہوں،
آدھی ریت سے باہر ھوں٬ آدھی ریت میں گڑی ہوئی ہوں.

ڪراچي ۾ اوسيئر جي ڪورس دوران اُتي پڻ بابا پنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي وندر جاري رکي هئي اُهي قصه هو رات جو سمهڻ مهل ٻڌائيندو هو اسان جيڪي سمجهندار هُئاسين سي بابا جون ڳالهيون غور سان ٻڌندا هُئاسين بابا ڪنهن زماني فلمون ڏسڻ جو به شوقين هو هن ته گونگيون فلمون به ڏٺيون هيون پر جڏهن ننڍي کنڊ جي پهرين ٽاڪي فلم “عالم آرا” ڪراچي جي سينيمائن ۾ رليز ٿي ته پاڻ ڪيترا ڀيرا اُها آخري شو ۾ ڏٺائين جيڪو شو سومهڻي جي نماز کان پوءِ ٿيندو هو هُو ان فلم جي هيروئين جو نالو زبيده ٻڌائيندو يعني بابا پنهنجون ساروڻيون اسان سان شيئر ڪندو هو.
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو اگهايو.
مان ۽ انور ته ڪجهه سمجهدار هُئاسين ممتاز جنهن جي خارجه پاليسي سٺي هئي سا نه سمجهڻ باوجود به خاموش رهندي هئي يعني “چئيوان” هئي باقي مشتاق جيڪو گهڻي حد تائين شرارتي هو ۽ ذهين پڻ هو سو چوندو هو: “بابا اڄ آکاڻي سُٺي ٻُڌائي آهي”
اتي ويٺل ممتاز کي چونڊڻيون پائڻ، هٿن پيرن جي مدد سان پاڻ ڏانهن متوجه ڪرڻ اِهي سندس مشعلا هُئا امان چوندي هُيس اچي منهنجي ڀر ۾ سمهي رهه! پر جواب ڏيندو هو.
“بابا کي پيرن ۾ سور آهي انهيءَ کي زورَ ٿو ڏيان ته ٿَڪُ لهي وڃينس”
بابا جي ڪراچي جي دوستن ۾ ڪيترائي هندو، پارسي ۽ عيسائي هُئا بابا ٻين مذهبن جي ڌرمي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هو ڪراچي جي رهائش جو هڪ قصو اڪثر ٻڌائيندو هو ته کيس عيسائين جي عبادت گاهن ڏسڻ جو شوق هوندو هو هُوُ آچر ڏينهن موڪل هُئڻ سبب پنهنجي رهائش گاهه ويجهو گِرجا ۾ “سنڊي سروسز” ڏسڻ ويندو هو اُتي هڪ عيسائي عورت مِسِ ‘ڪَجَنِ’ به پابندي سان ايندي هئي تنهن هڪ ڏينهن واپسي تي بابا کان نالو وغيره پڇيو هو، ڪراچي ۾ رهڻ جو مقصد پڇيو هو سڀ معلومات وٺي هڪ ڏينهن بابا کي چيائين.
“مان تنهنجي شخصيت، روشن خيالي ۽ اسانجي مذهب سان محبت رکڻ ڪري گهڻو متاثر ٿي آهيان. ڇا تون اسلام ڇڏي عيسائي ٺهي مون سان شادي ڪندين!!!؟”
بابا اِهو ٻُڌي حيرت ۾ پئجي ويو ته: “هن عورت مِسِ ڪَجَنِ ڪجهه ملاقاتن ۾ ايترا پروگرام ٺاهي ورتا آهن”
سو هڪ آچر تي مِسِ ڪَجَنِ جڏهن هن کي چرچ ۾ ملي ته بابا کيس جواب ڏنو:
“اَلَحَمدُالله مان مسلمان آهيان ۽ هڪ ديندار گهراڻي ۾ پيدا ٿيو آهيان مان ڪيئن عيسائي ٿيندس، اُهو به توسان شادي ڪرڻ لاءِ، مان پنهنجي خاندان مان ڳوٺ مان شادي ڪندسُ اڃان ته وقت پيو آهي”
بابا ٻڌايو ته پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ملندي هئي پر اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڪيائين بابا پوءِ واپس ٿرپارڪر آيو ۽ اچي نوڪري جوائن ڪيائين.
بابا ڪراچي جي ساهتي ڪلب جو به اڪثر ذڪر ڪندو هو بابا جو اباڻو ضلعو نواب شاهه انهيءَ وقت ساهتي پرڳڻو چوارائيندو هو انهيءَ وقت ڪراچي ۾ ڪجهه ننڍا ڪلب هئا جتي رهائش ۽ کاڌي جو انتظام هوندو هو ساهتي ڪلب ۾ ساهتي (نواب شاهه) ضلعي جا ڪامورا رهندا هئا ڪجهه بابا جهڙا ڪراچي ۾ رهندڙ شاگرد ڪڏهن ڏينهن جو ۽ ڪڏهن رات جو ماني کائيندا هُئا وري ٻڌائيندو هو ته ٻي جنگ عظيم لڳڻ وقت هتي کاڌو ٽيڻ قيمت تي ملڻ لڳو هو چانهن جو هڪ ڪوپ ٽِڪي مان وڌي ٽي پئسا ٿي ويو هو بابا سهڻين جاين ڏسڻ جو به شوقين هو اڪثر موهو ٽا پيلس جو ذڪر ڪندو هو ته مارواڙ هندوستان جي مشهور صغت ڪار شِو رتن چند رتن اِهو موهو ٽا پيلس مشهور ڪاريگر آغا مير حسين کان جوڌپور جي گلابي پٿر ۽ ڪراچي جي گِذري واري علائقي جي گهري ڦڪي رنگ جي پٿر مان اِهو جڳ مشهور موهٽا محل ٺهرايو هو جيڪو هاڻي سرڪاري ملڪيت ۾ آهي جنهن ۾ سماجي ثقافتي ۽ لوڪ موسيقي جا پروگرام ٿيندا آهن.
سنڌ جي شهرن کان علاوه بابا هندوستان جي ڏورانهن علائقن ڏانهن به گهمڻ ويو هو جتي دهلي آگرو، جمنا ندي، فتح پور سيڪري جو ذڪر اڪثر ڪندو هو پاڻ ٻڌائيندو هو ته انهيءَ گڏيل هندوستان مان ڪجهه ماڻهون اڳي ڪراچي آيا هُئا انهن سان منهنجي دوستي ٿئي وئي هئي انهن جي هندوستاني مائٽن وٽ وڃي ٽڪيو هُئس انهن مونکي ڏاڍي عزت ڏني انهن مان ڪنهن هڪ اڌ جو نالو مونکي ياد آهي جنهن جو ذڪر بابا گهڻو ڪندو فتح پور سيڪري ۾ دائود مرزا، دهلي ۾ بختيار شاهه جو گهراڻو ۽ وري آگري ۾ ثقلين جعفري وارا هُن سان گهڻا گهرا هُئا شروع جواني ۾ بابا ڏانهن خط وعيره موڪليندا هُئا پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد اِهو سلسلو آهستي آهستي گهٽ ٿي آخرڪار بند ٿي ويو.
اجمير شريف جي ديگ جو ذڪر اڪثر ڪندو هو ته حليم جي اهيا ديگ تمام وڏي هوندي هئي جنهن ۾ ڏاڪڻين وسلي هيٺ لهندا هُئا ۽ وڏين بالٽين ۽ ڏولن ۾ کاڌو کڻي ٻاهر نڪندا هُئا سڀ زائرين جيڪو اناج کين پسند هو سو انهي ديگ ۾ وجهرائيندا هُئا ثقافتي ۽ تاريخي ورثا ڀلي کڻي ڪهڙي به قوم جا هجن ڪهڙي ملڪ جا هجن سڄي دنيا جا گڏيل اثاثه سمجها ويندا آهن تاج محل جيڪو بادشاهه شاهجهان جو ٺهرايل آهي تنهن کي پڻ دنيا انهيءَ نظر سان ڏسي ٿي.
فرانزڪافڪا جو قول آهي:
هر اُهو ماڻهون جيڪو سونهن کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو سو ڪڏهن پوڙهو نٿو ٿئي.
تڏهن ته انگريز شاعر چيو آهي: ”سونهن سچ آهي، سچ سونهن آهي“.
هڪ سونهن واري شي دائمي خوشي جو باعث آهي سو بابا کي به تاج محل ڏاڍو وڻيو هو آگري جي بازار مان سنگ مرمر جي هڪ ننڍي دٻلي نما پيتي جنهن کي اڄ ڪلهه جي زبان ۾ جيولري باڪس چئي سگهجي ٿو وٺي آيو هو جنهن جي مٿان پڻ تاج محل جو فوٽو اُڪريل هو.
اسان جي گهر ۾ انهيءَ وقت انهيءَ زماني مطابق وندر جو سامان موجود هو ريڊيو جيڪو بيٽري تي هلندو هو پوءِ لائٽ تي ٿي ويو لوهه جي لَمبُوتِري پيتيءَ ۾ ڪمپني طرفان مليل هو جيڪو بابا پيتي مان ڪڍرائي ڪاٺ جي اسٽينڊ تي رکايو هو اِهو به بابا جي جواني جو هو ۽ اسان انهيءَ کي هلائي هلائي خراب ڪري ڇڏيو هو هلندي هلندي بيهي رهندو هو بلڪل ‘ميوٽ’ ٿي ويندو هو انهيءَ کي هٿن سان ٺونگا هڻي اسٽارٽ ڪندا هُئاسين وري خاموش ٿي ويندو هو ڪا ‘اينڊريا’ ڪمپني هئي تنهن جو “ميڊ اِن انگلينڊ” هو امان جي، گهر ۾ ڪپڙا سبڻ واري مشين به جيڪا “سنگر” ڪمپني جي هئي سا به انگلينڊ جي آهي ۽ اڃان تائين منهنجي گهر ۾ محفوظ آهي جنهن جو مٿيون ڍَڪُ ڪاٺ جو هو بعد ۾ اڏوهي کائي وئي هئي پوءِ مون اڄ ڪلهه جي دور وارو لوهه جي چادر وارو ڍَڪُ لڳايو ٿي مانس ريڊيو شڪل شبيهه جو سُهڻو هو بعد ۾ ٽرانسسٽر ريڊيو آيا هڪ گراما فون (فونو) بابا جي ڦوهه جواني جو موجود هو جيڪو چاٻيءَ سان اسٽارٽ ٿيندو هو مٿيون حصو کولبو هو ته اندر هڪ ڳاڙهي رنگ جي ٽڪري تي فونِي جي اصل شڪل ڀرسان هڪ ڪتو ويٺل نظر ايندو هو مٿان وري “هز ماسِٽرَسِ وائيس” لکيل نظر ايندو هو چون ٿا ته اهيا هڪ ريڪارڊنگ ڪمپني هئي جنهن اوائلي دور جا ريڪارڊ ڀريا هُئا اسان وٽ “سورت ياسين” سڳوري ۽ سُورت رحمان” جا ريڪارڊ موجود هُئا انهيءَ کان علاوه ٻيا ريڪارڊ “جيوڻي ٻائي”، سونا خان بلوچ ڀڳت ڪنور رام ماسٽر چندر جا موجود هُئا” جيڪي سنڌي ۾ هُئا هي ريڪارڊ پٿر جا هُئا ڪي گسي ويا هُئا هلندي هلندي چيچاٽ ڪري بيهي رهندا هُئا يا وري وڄڻ شروع ٿيندا هُئا ميران ٻائي جو هڪ ڀَڄن
‘‘میں تو پریم دیوانی میرا درد نا جانے کوئی’’

به موجود هو آواز ته الائي ڪهڙي ڳائڻي جو هو پر پوءِ اِهو لتا پڻ ڳايو هو هڪ پراڻي سنڌي ريڪارڊ ۾ گانو هو.
“مشتاق کي مارڻ ويٺين”
منهنو ڀاءُ انور ننڍي مشتاق کي چيڙائڻ لاءِ اِهو ريڪارڊ وڄائيندو هو جيڪو چيچاٽ ڪري بند ٿي ويندو هو مشتاق انهيءَ وقت ننڍو هو مطلب ڪونه سمجهي سگهندو هو چوندو هو ته.
“بابا الائي ڇو منهنجو نالو ريڪارڊ ۾ وجهرايو آهي!!!؟”
باقي ڪي ريڪارڊ جيڪي تمام پراڻا هُئا پر بلڪل صحيح سلامت هُئا مير علي نواز ناز جي شاعري جا ريڪارڊ پڻ هُئا.
“تنهنجي رمز سُهڻا مان ڇا سمجهان آسان به آ دشوار به آ!!!”
امان جيڪا ورهين کان اِهو فونو ڏسندي ۽ ٻڌندي آئي هئي سا چوندي هئي: “انهيءَ جي سوئي بدلايو ته سٺو آواز ڏيندو!!!”
اسان سوئي بدلائي انهيءَ کي توانائي ڏيندا هُئاسِين بابا وٽ ڪنهن زماني ۾ گراما فون ڪمپني طرفان ريڪارڊ ڪيل سڀ کان پهرين گائڻي گوهر جان جو ريڪارڊ موجود هو جيڪو گوهر جان بادشاهه جارج (پنجون) جي اڳيان سندس تاج پوشي جي موقعي تي هڪ ٻئي ڳائڻي جانڪي ٻائي سان دوگانو ڳايو هو جنهن جا ٻول هُئا.
‘‘یہ جلسہ تاج پوشی مبارک ہو٬ مبارک ہو’’
جنهن کي ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ هن کي سو گنيو انعام ۾ ڏنيون هُئائين هي ريڪارڊ پٿر جو ٺهيل هو انهيءَ ڪري ٻن حصن ۾ ٽٽل هو بابا ٻڌائيندو هو ته جيمس آباد ۾ نوڪري دوران جهلوري (چوراسي) جا ڪي زميندار وٽائنس کڻي ويا هُئا ۽ ٽٽل شڪل ۾ واپس آيو هو اسان جڏهن ٿورا وڏا ٿياسين ته پلاسٽڪ جا ننڍڙا ريڪارڊ آيا ۽ اسان وٽ “شهرو فيروز” فلم جا سڀ ريڪارڊ موجود هُئا جلدي ٽي وي اچي وئي ته ريڊيو ۽ فوني جو شوق گهٽجي ويو پر مونکي هاڻي افسوس ٿو ٿئي ته بابا جي جواني جا اِهي شوق جيڪي ريڊيو، فونو گرامان فون رڪارڊ جي شڪل ۾ ۾ هُئا اسان انهن کي حفاظت ۾ رکي نه سگهياسين ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو پاڙي وارن وٽ پهتو ڪو گهر ۾ اجايو اضافي گند ڪچرو سمجهي اڇلايو ويو هاءِ افسوس انهن مان ڪابه شيءِ موجود نه آهي.
ماڻهن جي گهرن ۾ تفريح جو سبب پوءِ ٽيلي ويزن ٿي آئي جنهن ۾ اردو سان گڏ سنڌي ڊراما به اعليٰ درجي جا پيش ڪيا ويندا هُئا مون سڀ کان پهرين بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي تي 1970 ڌاري پنهنجي مامي جي گهر ۾ مرزا قليچ بيگ جي ناول “زينت” کي ڊرامي جي شڪل ۾ ڏٺو هو جنهن کي شمشير الحيدري ڊرامي جو روپ ڏنو پوءِ ته ڪيترائي ڊراما اچڻ شروع ٿيا تڏهن پي ٽي وي تي سنڌي ڊرامي جو وقت فقط پندرهن منٽ شام جي ڇهين بجي هو پوءِ اُهو 25 منٽ کان وڌي 50 منٽ تي پهتو پي ٽي وي تان ناٽڪ رنگ ڊرامي جو سڄو هفتو انتظار ڪندا هُئاسين پوءِ آچر جي شام جو گهر وارن سان گڏ ويهي ناٽڪ رنگ جون سِڪُون لاهيندا هُئاسين وقت جا سٺا ليکڪ ۽ افسانه نگار اُهي ڊراما لکندا هُئا عبدالقادر جوڻيجو جو سنڌي ڊرامو “راڻي جي ڪهاڻي” اردو ۾ “ديوارين” جي نالي سان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو هو پي ٽي وي تان علي بابا جو لکيل سولو پلي “دنگي منجهه درياهه” ڏاڍو شوق سان ڏسندا هُئاسين جنهن ۾ زرينه بلوچ ۽ نورمحمد لاشاري جي ٻولي ۽ گفتگو ڏاڍي وڻندي هئي انهيءَ وقت غزاله رفيق هڪ سٺي ۽ من موهڻي فن ڪاره هئي سندس هڪ اردو ڊرامو “پَتِ جَهڙِ ڪي بعد” اڃان تائين ياد اٿم هيءَ فن ڪار شروع ۾ بِي اَي غزالا جي نالي سان گلوڪاره هئي جيڪا بعد ۾ غزالا رفيق ٿي ڊرامن ۾ آئي شايد 1976ع جي هڪ شام هئي جڏهن جيئن شام جو سنڌي ڊرامي ۽ پروگرام لاءِ ٽي وي اسٽارٽ ڪئي وئي ته يڪدم اسڪرين تي شاهه جو هي بيت ڪلام جي صورت ۾ الاپجي پيو.
“اچي لالڻ لَٽِ مِيان مُئي جو لُوڙهه لَڪُنِ ۾”
پوءِ پٺيان خبر آئي ته غزاله رفيق گذاري وئي آهي ڏاڍو افسوس ٿيو ڪجهه دير تائين سندس ڪم ڪيل ڊرامن جون جهلڪيون آيون ۽ پوءِ سنڌي پروگرام ختم ٿي ويو ۽ اسين هڪ تشنگي واري ڪيفيت ۾ رهجي وياسين انهيءَ کان علاوه اردو ناول شمع تي ٺهيل ڊرامو اردو ۾ ايندو هو سو به ڏاڍي شوق سان ڏسندا هُئاسين جنهن جا ڪجهه ڪردار “حليمه بيگم” ۽ “نانا ڪي جان قمرو” اڃان به اکين اڳيان ڦرن پيا انهيءَ کان سواءِ ڊرامو “انڪل عرفي” جنهن جو آخري سين اسانکي ورهين تائين ياد رهيو ڇا ته اداڪاري هئي؟ ڇا ته ڊائلاگ هُئا؟ ڪجهه به وسرڻ جوڳو نه آهي لاهور ٽي وي سينٽر جو ڊرامو وارث پڻ هڪ شاهڪار ڊرامو هو جنهن ۾ سرمائيداري ۽ زمينداري نظام جي ڀرپور عڪاسي ٿيل هئي اطهر شاهه خان جو ڪردار مسٽر جيدي پڻ هڪ بهترين مزاحيه پروگرام هو جمشيد انصاري جو تڪيه ڪلام “چقو هي ميري پاس” ڏاڍو وڻندو هو نيلام گهر جيڪو طارق عزيز پيش ڪندو ۽ وڏا وڏا انعام ڏيندو سو دنيا جهان جي معلومات سان ڀريل هوندو هو ڪمپئر ۽ براڊ ڪاسٽر عبيدالله بيگ جو معلوماتي پروگرام “ڪسوٽي” به هڪ معلوماتي پروگرام هوندو هو پڙهيل طبقو انهيءَ کي گهڻو پسند ڪندو هو مان پاڻ انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ شد مد سان انتظار ڪندي هُيس ٽيلي ٿيٽر ۾ هڪ ڊرامو “انار ڪلي” نشر ٿيو هو جنهن ۾ زيبا بختيار شروعاتي ڪم ڪيو هو هن جي من موهڻي شڪل ماڻهن تي سڪوت طاري ڪري ڇڏيو ۽ هُو پنڊ پهڻ ٿي ڊرامو ڏسي رهيا هُئا صبح جو آفيسن، اسڪولن ۽ ڪاليج جي اسٽاف رومن ۾ انهيءَ ڊرامي جي واکاڻ هئي اِهي ڊراما دِل تي اٿر ڪندڙ هُئا هاڻي ويجهي ماضي ۾ هڪ ڊرامو “تماشه” جيڪو ثانيه سعيد ۽ خيام سرحدي جو هو تنهن ته مونکي روئاڙي ڇڏيو هو سڄي ڪهاڻي هڪ ڀولڙي جو تماشو ڏيکاريندڙ فقير، سندس زال ۽ پٽ جي چوڌاري ڦري گهمي اهڙو جذباتي ماحول پيدا ڪيو هو اِهو ڊرامو ڏسڻ کان پوءِ مان ڪافي دير تائين روئيندي رهي هُئيس منهنجي گهر واري سائين ڏنو صاحب چيو هو ته: “اهڙا ڊراما ڇو ڏسندين آهين؟ جو پوءِ رُوئي پنهنجي طبيعت خراب ڪندين آهين”
اشفاق احمد صاحب جو “ايڪ محبت سو افساني” ۾ ڏنل ڊرامو “قرت العين” به لاجواب ڊرامو هو جنهن جي آخري سِين ۾ نوين تاجڪ نالي واري ۽ خوبصورت اکين واري هِن ڇوڪري جي سُهڻين اکين مان نِڪرندڙ ڳوڙهن ڏسندڙن تي وجد طاري ڪري ڇڏيو هو.
تنهنجي اکڙين ۾ مون ڏٺي آهي
شاهه جي بيتن جهڙي گهرائي.
(پروفيسر محمد علي پٺاڻ)
منهنجي امان سچ ڳالهائڻ وري منهن تي سچ چوڻ واري عورت هئي ٻين وانگر چالاڪيون ۽ حرفتون ڪونه ڄاڻندي هئي امان منهنجي جي انهين خوبين مان ڪي قدر مون ۾ وراثت ۾ آيون آهن تنهنڪري اڪثر ماڻهون جيڪي زبان جي چاپلوسي ۽ چاشني تي هريل هوندا آهن سي مونکي ذرو برابر به سُٺو نه سمجهندا آهن مان ته هاڻي به مهر خادم جو هيءُ شعر چوندس.
سچ چئون ٿا، ڪوٽ اندر به،
بند نه ٿي آ، بات اسان جي،
سور به سهبا، سچ به چئبو،
تن ۾ اهيائي تات اسانجي.

سو مون ذڪر ٿي ڪيو امان جو، جيڪا اباڻي ڳوٺ خانواهڻ جي ملان اسڪول مان چار درجا سنڌي پڙهيل هئي ۽ اتان ئي قران پاڪ جي ديني تعليم ورتي هُئائين بابا جي روشن خيالي هُن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ڇڏي هئي هن کي ڪٿي اچڻ وڃڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ جي ڪابه پابندي ڪانه هئي کاڌو رڌڻ پچائڻ جي ماهر هئي ٻيو ته رب پاڪ هن جي هٿ ۾ شيريني گهڻي رکي هئي جيمس آباد ۾ رهائش دوران هندوستان مان لڏي آيل عورتن کي ڏسي پاڻ پنهنجي انداز جا ڪوفته ڪباب تيار ڪري وٺندي هئي سنڌي کاڌن ۾ سِيئل پَلو ۽ پلي جو پلاءُ وغيره مذيدار ٺاهيندي هئي منهنجون ماساتيون اڃان تائين امان جي کاڌي جي واکاڻ ڪنديون آهن امان پنهنجي مدرسي ۾ ذهين ۽ محنتي شاگردياڻي هئي امان ڪجهه وڌيڪ ڪتاب ۽ انگريزي ايلفا بيٽ بابا کان سِکي، اخبار پابندي سان پڙهندي هئي اردو اخبار ۾ به دلچسپي وٺندي هئي اخبار ۾ ايندڙ اهم واقعن جا فوٽو ڪٽنگ ڪري رکندي هئي 1962ع دوران آمريڪا ۾ صدر ڪينڊي جي قتل کان پوءِ سندس خاندان سان گڏ فوٽو آخري رسمن جا فوٽو جيڪولين ڪيئنڊي جو ٻارن سان گڏ وائٽ هائوس ڇڏڻ جو منظر هن وٽ فوٽن ۾ محفوظ هُئا انهيءَ کان علاوه اردن جي شهزادي، شهزادي حسن جنهن جي شادي پاڪستاني ڇوڪري ثروت سان ٿئي هُئي سڄي جنگ اخبارن فوٽن سان ڀرجي آئي هُئي امان به سڄي جا سڄي اخبار سنڀالي رکي ڇڏي هوئي انهيءَ کان علاوه رئيس امروهي جا ڪالم ابن انشا جا ڪالم اگر جنگ اخبار ملي ويندي هُيس ته ضرور پڙهندي هئي سنڌي ۾ “اديون” رسالو جيڪو انهي وقت خديجه دائود پوٽو ڪڍندي هئي سو پڻ دلچسپي سان پڙهندي هئي پوءِ جي دور ۾ صبح جو ناشتو تيار ڪري بابا ۽ اسانکي کارائي روانو ڪري “هلال پاڪستان” ۽ اردو اخبار “مساوات” سموري پڙهي پوءِ منجهند جي ماني تيار ڪندي هئي تنهن ڪري ڪڏهن انهيءَ ۾ دير به ٿي ويندي هُئس
1970ع ڌاري ذوالفقار علي ڀٽو کي ووٽ ڏيڻ لاءِ آتي هئي ۽ پوءِ پاڙي مان چاچي سليمان جي گهر واري ۽ حاجي بلاوَل جي گهر واري سان گڏ وڃي صبح ساڻ ووٽ ڏئي آئي هُئي ۽ “ڏاڍي فاتحانه انداز ۾ گهر ۾ داخل ٿي هئي.”
ميرپورخاص ۾ انهن ڏينهن ۾ سينيما جا مالڪ اڱاري ۽ اربع جي ڏينهن زنانه ميٽني شو هلائيندا هُئا، جنهن جي سِيٽنگ ”پھلے آؤ پھلے پائو“ جي بُنياد تي ٿيندي هئي. جڏهن پڪچر هائوس جا هيٺ مٿي جا پورشن ڀرجي ويندا هُئا ته پوءِ فلم اسٽارٽ ڪري ڇڏيندا هُئا. اهو به عورتن جو پاڻ ۾ رابطو رکڻ جو ذريعو هو، هِتان جو ماحول تمام صاف سُٿرو ۽ فضيلت وارو هو، هن سانت ڀرئي ماحول ۾ ڪنهن کي به پنهنجي نياڻين کي گڏ وٺي اچڻ ۾ عار محسوس ڪونه ٿيندو هو، بلڪهِ هي عورتون ڏينهن ڏِٺي جو تفريح پوري ڪري اچي گهر ڀيڙيون ٿينديون هيون. اهڙا شو عورتن جي فلاحي ادارن اپوا ۽ خواتين ليگ طرفان به ڪرايا ويندا هُئا ۽ انهيءَ جي آمدني عورتن جي فلاح تي استعمال ٿيندي هُئي. عورتن لاءِ هڪ پارڪ سينٽ ٽريضا اسپتال ويجهو ٺهيل هو، جنهن ۾ پڻ ٻارن جي لاءِ جُهولا ۽ چوڏيل جڙيل هئا، جيڪو پڻ جمع جي شام جو عورتن لاءِ 3 کان 5 وڳي تائين کوليو ويندو هو. امان سان گڏ اسين پڻ هتي ايندا هُئاسين، اسان جي ته ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي. اُتي ساوَڪ، گُل، ٻوٽا ۽ پينگها ڏسي ۽ تِرڪيڻيون ڏِسي ۽ استعمال ڪري ڏاڍا خوش ٿيندا هُئاسين.
هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ اُتان لنگهڻ ٿيو ته ڏٺم “باغ اڃان به خوبصورت لڳو پيو هو، مختلف جانوَرن ۽ ڊائنوسار جا رنگين اسڪلپچر (مجسمه) ٺاهرائي هنڌ هنڌ فِٽ ڪيا ويا آهن، باقي باغ ڪڏهن کُلي ٿو ڪابه خبر نه آهي، ٻاهران اسٽيٽ لائيف جي بلڊنگ وٽان ڏِسجي ته صاف نظر اچي ٿو.
منهنجي امان لامحدود واسطه ۽ دوستين جو وڏو حلقو رکندڙ نه هئي، پُراڻي وقت کان جيڪي سندس ساٿياڻيون هيون انهن سان نڀائيندي ايندي هئي، باقي گهڻي ڊيگهه ڪنهن سان ڪونه ڪندي هئي، منهنجو ذاتي خيال به اهو آهي ته: “انسان کي سج وانگر شفيق، درياهه وانگر سخي ۽ زمين وانگر نرم ٿيڻ گهرجي، پر ماڻهن سان گهڻو ڪلوز ٿيڻ جو نقصان اِهو آهي ته اسين پاڻ يا اڳلو ماڻهو توَقعات گهڻي رکندا آهيون ۽ اُهي آسرا ۽ اُميدون پوريون نه ٿيڻ ٿي دوستيون اوچتو ٽُـٽي پوَنديون آهن” پوءِ انسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي فيض صاحب جو هي شعر به ٻُڌي سگهندو آهي.
آئی تو یوں کے جیسے ہمیشہ سے تھے مہربان،
بھولے تو یوں کے گویا کبھی آشنا نہ تھے.

اڳئين زماني ۾ ريلوي اسٽيشنون پُڻ انساني آمدرفت کان علاوه اُنهن جي جذبات، احساسات ۽ مائٽن وَٽ جلد پهچڻ جو جذبو رکنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن اُنهن جا ويٽنگ روم ورهين کان وڇڙيلن جي مُلاقات جو سبب بڻجندا هُئا، جهڙي طرح آرٽ مووي ”اجازت“ سڄي جا سڄي هڪ ويٽنگ روم ۾ ويٺل ماضي ۾ پيار ڪندڙ هڪ جوڙي جي گُفتگو ۽ اندروني جذبات وري لاحاصل جي لوچ تي فلمائي وئي هئي، بنا ناچ ۽ گانن واري اِها فلم سنجيده طبقي ۾ گهڻي پَسند ڪئي وئي هئي، مون کي پڻ اِها فِلم ڏاڍي وڻي هئي.
13 اپريل 1993ع ۾ ڊويزنل هيڊ ڪواٽر جو درجو ماڻيندڙ ميرپورخاص ويجهي ماضي جي هڪ اهم جنگشن رهي. هتي 8 آگسٽ 1892ع ۾ حيدرآباد کان جوڌپور وايا ميرپورخاص ريل هلائي وئي، ڪڏهن سوڙهي پٽڙي ڪڏهن چوڙي پٽڙي، اِهو چڪر هلندو رهيو پر 1967ع ۾ ميرپورخاص حيدرآباد پٽڙي کي براڊ گيج ۾ تبديل ڪيو ويو. جيڪو احسان اسان ميرپورخاص وارن تي ريلوي جي وفاقي وزير محمد خان جوڻيجو جو آهي، اسان ميرپورخاص وارن کي سوئي گئس جي فراهمي به جوڻيجو صاحب جي وزارت عظمه جي دؤر ۾ ٿي. هيءُ صاحب مرحوم اگر وزيراعظم نه ٺهي ها ته ميرپورخاص واسي اڃان تائين سوئي گئس کان محروم هجن ها، جڏهن ڪا نئين شئي ايجاد ٿيندي آهي يا وري ڪا نئين ريل هلندي آهي ته انهيءَ کي ڏِسڻ جو تجسس وڌي ويندو آهي. اسان به بابا کي فرمائش ڪئي ته اسانکي انهيءَ ريل ۾ حيدرآباد گُهمائي اَچو ۽ پوءِ اسين هڪ آچر تي حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين، اُتي ننڍين ننڍين اسٽيشن تي گاڏي بيهندي ٿي وئي، جڏهن نصرپور اسٽيشن آئي ته بابا چيو هي ڏسو.
“توهانجي رخسانه قاضي وارن جو ڏاڏاڻو ڳوٺ اٿو...!”
پوءِ جڏهن ڦُليلي وٽان ريل لنگهي ۽ حيدرآباد جا منگهه، جيڪي اُوچا ڳاٽ ڪيو پنهنجي حيدرآباد هُجڻ جو اعلان ڪري رهيا هُئا، سي تصوَر ۾ پسي اڄ به “هڪ پر مُسرت حُسناڪي ۽ ڦُليلي جي ڇولين جي معنيٰ خير آواز ۾ گُم ٿي وڃان ٿي ته ڇا ته هئي حيدرآباد ۽ هاڻي هتي ڇا آهي گندگي جا ڍير، ٽُٽل روڊ چوريون ۽ بدمعاشيون ٻئي ڪابه سچائي نه رهي آهي، الائي زمانو خراب ٿي ويو آهي يا ماڻهو!؟”
ڪراچي ۾ ننڍي هوندي جو سير اڃان ياد اٿم جيڪو پُڻ امن ۽ سلامتي وارو هو، هاڻي ته اهڙو ماحول ٿيو آهي جو دِل چوندي آهي ته هِتان جلدي جلدي نِڪري وڃجي ۽ پنهنجي شهر ۽ گهر جو رُخ ڪجي.
1968ع جو زمانو هو جڏهن اسين پنهنجي عزيز سيف الدين قريشي کي جيڪو پنهنجي فيملي سميت حج تي وڃي رهيو هو، تنهن کي الوداع چوڻ لاءِ ڪراچي ويا هُئاسين، انهيءَ وقت اسان جي وڏي چاچي به انهيءَ گروپ ۾ شامل هئي، سفينه حجاج کي بلڪل ويجهو کان ڏِٺوسين انهيءَ زماني ۾ وڏا وڏا ماڻهون به بحري جهازن ۾ سعودي عرب حج ڪرڻ لاءِ ويندا هُئا، هشام ماڻهن جا بندرگاهه تي گڏ ٿيل هُئا، هنن حاجي سڳورن کي ٽن ڏينهن لاءِ حاجي ڪيمپ ۾ ترسايو ويندو هو، اسان به هنن حاجي سڳورن کي روانو ڪري امان ۽ بابا سان گڏ ڪياماڙي، بندر روڊ، گانڌي گارڊن سڀ ڏِٺا هُئاسين، پر اِهو سئر ڪراچي جي مرحوم ٽرام ذريعي ڪيو هيوسين، انهيءَ زماني ۾ ڪراچي جي ٽراموي جي نظام جو مرڪز صدر جي ايڊولجي ڊنشا ڊسپينسري هئي، اُتان ٽرامن لاءِ مختلف رستا نِڪرندا هُئا، جيڪي پٽڙين جي شڪل ۾ هوندا هُئا، جيڪي گانڌي گارڊن، بولٽن مارڪيٽ، ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تائين ويندا هُئا، هن ٽرام ۾ ڊرائيور لاءِ الڳ سيٽ ڪانه هوندي هئي بلڪه هُو انهيءَ جي اڳين حصي ۾ بيهي هڪ هٿ سان گهنٽي وڄائيندو هو ۽ ٻئي هٿ سان پٽڙي تي ايندڙ کي هٽائڻ لاءِ هٿ سان اشارا ڪندو هو هن ٽرام کي ڪوبه دروازو ڪونه هوندو هو، ٻاهران ماڻهون اندر ويٺلن کي ڏِسي سگهندا هُئا، بابا ٻُڌائيندو هو ته سندس شاگردي واري دؤر ۾ شاگردن لاءِ گُلابي رنگ جو پاس ڪارڊ جاري ٿيندو هو، جيڪو ”شاگرد رعايتي ڪارڊ“ سڏبو هو، انگريزن طرفان سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي کي ڏنل اِها سُٺي سواري به 1975ع ۾ بند ڪئي وئي. هاڻي اُهي ماڻهون ”جيڪي منجهه جهان“ آهن، تِن جي ذهن ۾ اِها آرام ده ۽ سستي سواري اڄ به موجود آهي، باقي ته هاڻي ڪراچي ۾ جنهن رستي تي ڪار ۾ چڙهي گُهمو ڦِرو اُتي روڊ جام لڳا پيا آهن ۽ هشام گاڏين جا گڏ ٿيا پيا آهن.
سڄي حياتي اسان اهڙين شين جي تمنا ڪندا آهيون جيڪي مهانگيون هونديون آهن، پر سچائي اِها آهي ته محبت، خوشي کِل ۽ سُٺا تعلقات اسانکي خوش ۽ مطمئن ڪندا آهن، اُهي سڀ مُفت ۾ مِلندا آهن. اسان جڏهن چاڪي پاڙي مان واپس غريب آباد پُهتاسين ۽ مان ڇهين ڪلاس جو امتحان ڏيڻ واري هُيس ته انهن ڏينهن اسان جي گهٽي ۾ هڪ نئين فيملي جو اضافو ٿيو اهيا فيملي رخسانه قاضي وارن جي هئي اڳ هنن جو گهر کري ڪواٽرز ۾ هو پوءِ هي اسان جي پاڙي ۾ اچي رهيون چار ڀينرن ۽ هڪ ماءُ تي مشتمل هي خاندان پوءِ اسان سان ويجهو ٿي ويو سندن والد ڪجهه سال اڳ گذاري ويو هو وڏن ڀيڻ آپا زينب انهيءَ سال ميٽرڪ پاس ڪئي هئي ۽ رخسانه هاءِ اسڪول ۾ منهنجي ڪلاس فيلو هئي ريحانه (مرحومه) پرائمري ۾ پڙهندي هئي ۽ ننڍي فرزانه کي ٿورو عرصو پوءِ اپوا اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو هو اپوا اسڪول انهيءَ وقت هڪ سٺو پرائيوٽ اسڪول هو جنهن جي هيڊ مسٽريس مسز غني نالي ڪرسچن عورت هئي جيڪا مسٽر غني کي جيڪو اڳ مسلمان هو تنهن کي عيسائي بڻائي ساڻس شادي ڪئي هُئائين هن جوڙي وٽ ٻه عدد سانڍيل ٻار ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هوندا هُئا جن مان روٿ غني (ڇوڪري) پوءِ مختلف اسڪولن ۾ ٽيچر ٿي رهي ۽ پوءِ مڙس سميت ڪيئنڊا ملڪ شفٽ ٿي وئي هي عورت مسز غني هڪ بهترين انتظامي صلاحيتون رکندڙ عورت هئي ۽ هن ‘اپوا’ اسڪول کي سٺي ترقي ڏياري سينٽ مائيڪل اسڪول جي برابر آڻي بيهاريائين.
ماسي رخسانه جي ماءُ جنهن جو اصل نالو عائشه هو تنهن جو تعلق لاڙ سان هو سندس ٻولي سادي ۽ مٺڙي هئي ڪٿي پراڻي سنڌي رسالي ۾ مون پڙهيو هو سٽ ياد اٿم.
“امڙ جي لولي هنبوشي، لاڙ جي ٻولي هنبوشي!”
هيءَ ماسيءَ رخسانه جي ماءُ منهنجي نظر ۾ هڪ مضبوط ڪِردار هئي، هِن کي ڏِسي مان چوندي هُيس ته واقعي عورت کي الله پاڪ ڪيڏو نه مضبوط اعصابن وارو تخليق ڪيو آهي. هُوءَ مرد جي سهاري کان سواءِ به ڪڏهن هيڻي نٿي ٿئي، گهر جون ذميواريون اولاد جي تعليم تربيت پنهنجي محدود وسيلن بلڪه نه هُئڻ جهڙن وسيلن سان به ڪيو وڃي. هن پنهنجي چئني ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏياري، هُوءَ مونکي ڪيترن موقعن تي هڪ برجستي مرد کان به وڌيڪ طاقتور محسوس ٿي. هن ڪڏهن هڪ ناتوان مظلوم ۽ مايوس عورت وارو روپ ڪنهن جي اڳيان ظاهر نه ڪيو، آپا زينب کي جلدي “اپوا” پرائيويٽ ۾ نوڪري ملي وئي ۽ ايئن هنن لاءِ زندگي جو ڪارو ونهوار هلائڻ ڪجهه سولو ٿي ويو. رُخسانه مون سان گڏ گرلس هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي هُئي، نڪا ٽيوشن نڪا وري ڪا ٻي مدد، هميشه پنهنجي مدد پاڻ سان سُٺن مارڪُن سان پاس ٿيندي آئي، ۽ پوءِ هن به گهر جون معاشي ذميواريون سنڀاليون، هيءَ خوش لِباس ۽ نفاست پسند هُئي، صفائي سُٿرائي سندس شخصيت جو حصو هيون چوندا آهن.
“نفاست ۽ سمارٽ نيس اڳي ئي روح ۾ رچيل هُجي ته پوءِ شخصيت مان به انهيءَ جا رنگ پيا جهلڪندا آهن”
آپا زينب پرائيوٽ ابن رشد (شام جي شفٽ) واري ۾ پڙهندي هئي ڪاليج جي هڪ ايڪ ٽو شاگردياڻي به هُئي فنگشن ۽ ڊرامن ۾ حصا وٺندي هُئي، قدآور، خوبصورت نقشن واري هي آپا، ابن رشد جي لوڪل بورڊ هال ۾ ٿيندڙ ڊرامن ۾ به ڪيترا ڪردار ڪيا، سڀني کان ننڍي ڀيڻ فرزانه قاضي نيرن اکين واري هئي ۽ تمام ايڪٽوَ هوندي هئي، هر ڪنهن سان همدردي جو جذبو موجود هوندو هُئس، تِکو تِکو ڳالهائيندي هئي، هن نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي، راندين جي مقابلي ۾ ننڍي هوندي کان حِصو وٺندي هئي ۽ مقابلا کٽي ايندي هئي، هاڻي ماشاالله ماهر ڊاڪٽر آهي شادي شده، اولاد واري خوش خرم زندگي گذاري رهي آهي. ماسي رخسانه جي ماءُ جيڪا عورتن لاءِ هڪ رول ماڊل هُئي سا ڪجهه عرصو اڳ گذاري وئي آهي، سندس لاءِ اياز جو هي بيت مناسب رهندو.
“طوفانن ۾ ڪڏندي ڪشتي ساحل کي حيران ڪري وئي”
ريحانه قاضي جواني ۾ ئي گذاري وئي کيس هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي، هي پُڻ تمام محنتي سڄو ڏينهن گهر جا ڪم ڪار ڪرڻ، پڙهائي ۾ يونيورسٽي جي سٺي شاگردياڻي پڻ هئي. اسان ٻنهي گهراڻن جو هِڪٻئي وَٽ گهڻو اچڻ وڃڻ هو ۽ هِڪٻئي سان گهڻا مانوس ٿي ويا هُئاسين، پر ڪڏهن ڪڏهن تلخي به ٿي پوندي هُئي پر پوءِ:
“تو سان جهيڙا تو سان ميڙا”
واري مثال سڀ ڪجهه وساري کير کنڊ ٿي ويندا هُئاسين. مون محسوس ڪيو آهي ته اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ انسانن ۾ ايتريون نفرتون، ويساهه گهاتيون نه هُيون ۽ نه وري دلين ۾ ساڙ ۽ حسد جا خزانه گڏ ڪري رکندا هُئاسين، هر ڳالهه “آئي وئي” ٿي ويندي هئي، هاڻي ته نفرتون ۽ رقابتون سانڍي ماڻهون ٻين کي نقصان ڏيڻ لاءِ آتا هوندا آهن. منهنجي امان هڪ چوڻي اڪثر ورجائيندي هُئي.
“شيخي کان شو ڀلي، جو ترت ڏيئي جواب”
پر اڄ ڪلهه ته “منهن تي هڪڙي، اندر ۾ ٻي” هيپو ڪريسي ۽ ڊپلوميسي جو راڄ آهي ۽ ڪامياب به اُهو آهي جيڪو انهن ٻن غليظ اصولن تي عمل پيرا آهي.
اسان جي گهر سان لڳو لڳ چاچا صاحب (موسيٰ خان انڙ) جو گهر هو سو هُن وڪڻڻ جو ارادو ڪيو، ريٽائرمينٽ کان پوءِ ڳوٺ وڃڻ جو ارادو هُيس، اڳ جي ماڻهن جي رواداري ته ڏِسو وڪڻڻ کان اڳ بابا کي چيائين ته:
“اگر توهان اِهو خريد ڪرڻ جي توفيق رکو ٿا ته پوءِ اِهو پهريون حق توهانجو آهي نه ته مان ٻيا ماڻهو ڏِسان ٿو”
اِهو اٺ سئو فوٽن جو ننڍو ٻن ڪمرن وارو گهر هو، جيڪو ڪجهه سوچ ويچار کان پوءِ بابا خريد ڪيو چاچا صاحب جي وڃڻ کان پوءِ بابا انهيءَ جي نئين سِرِ مرمت ڪرائي ۽ پوءِ ته اِهو ننڍڙو خوبصورت گهر ٿي پيو. مان سوچيان ٿي ته اُهي اڳئين وقت جا پاڙيسري ڪيترا نه اورچ هُئا. پر هاڻي ته:
“پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري”

اِهو 1970ع وارو زمانو هو بابا انهيءَ گهر مٿان وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر انور جي نالي جي پٿر جي تختي لڳرائي، انور انهيءَ وقت شايد نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. جلدي پوءِ انهيءَ زماني ۾ اوڀر پاڪستان ڌار ڪرائڻ لاءِ جنگ لڳي، سڄو ٿرپارڪر ضلعو ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان متاثر ٿيا ۽ سرحدي علاقي ۾ رهندڙ ڏتڙجي ويا ۽ هندوستاني فوج اُهي علائقا قبضي هيٺ ڪيا. اُنهن ڏينهن ۾ عمرڪوٽ کان آيل هڪ هندو فيملي رهڻ لاءِ بابا کان اِها جاءِ گُهري جيڪا امان جي سفارش سان روپ چند جي سيڻن کي مسواڙ تي مِلي، هُو ٻه سال کن رهيا سندن هڪ پُٽ راجا جنهن جو نالو هو سو گاڏين جو مڪينڪ هو، سو پوءِ اتي رهندو هو پر پوءِ بعد ۾ دبئي هليو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهيءَ گهر ۾ ڏيپلي سان تعلق رکندڙ هيڊ منشي حبيب الله ميمڻ اچي رهيو، ڪجهه عرصو رهڻ بعد اُهي به هليا ويا ۽ پوءِ امان اِهو گهر منهنجي ماسي عنايت خاتون جيڪا ڇوڪِرَن جي تعليم لاءِ هتي آئي هئي، تنهن کي ڏِنائين، منهنجي ماسي عنايت خاتون منهنجي امان جي ننڍي ڀيڻ هئي ۽ امان، ماسي عنايت جون ننڍپڻ جون ٻاراڻيون ڳالهيون دلچسپ انداز ۾ ٻُڌائيندي هئي. ماسي جي شادي جيمس آباد ۾ محمد فاضل ولد نظام الدين سان ٿيل هئي، هن مرحوم محمد فاضل جو لوهه جو چڱو خاصو ڪاروبار هو پر ويچارو جواني ۾ ئي گذاري ويو، ماسي کي محمد فاضل مان ٽن ٻارن جو اولاد هو، هن ماسيءَ ويچاري ستن مهينن جي عمر ۾ ماءُ وڃائي پوءِ شادي جي ڇهين سال پنهنجو وَرُ وڃايو هو. پوءِ جيمس آباد ۾ پنهنجي ڏير عبدالحئي قريشي سان گڏ رهي هئي، پر هاڻي ڇوڪرن جي تعليم لاءِ هِتي ميرپورخاص لڏي آئي هُئي ۽ وري هِتي ئي رهي ۽ سن 2012ع ڌاري گذاري وئي منهنجي ماسي عقل ۾ اڪابر، سمجهدار، صابرين ۽ توڪل واري عورت هئي ماسيءَ کي مون وڏن وڏن صدمن کي صبر سان سهندي ڏٺو هو.
“جنهن ۾ سندس وڏي پٽ محمد منور جو اوچتو ڦوهه جواني ۾ هارٽ اٽيڪ ۾ موت، تڏهن به ماسي برداشت جو دامن هٿان نه ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ پاڻ سڄي اندران ڀَڄي ڀُري پئي هئي. مون کيس پارَ ڪڍندي روئيندي ڪڏهن ڪونه ڏِٺو مشهور مفڪر ‘ڪوپر’ جو قول آهي:
“ننڍا سور واويلا ڪندا آهن وڏا سور ۽ صدما خاموش رهندا آهن”
سندس لاءِ شاهه جو هي شعر لکنديس:

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.

ماسي ميرپورخاص اچڻ کان پوءِ واپس جيمس آباد ڪونه وئي، کيس زماني جي لاهن چاڙهن ۽ نوجوان پُٽ جنهن جي شادي کي فقط ٽي مهينا ٿيا هُئا، تنهن جو اوچتو موت ۽ ڪجهه غير مُتَوقَعَ مالي پريشانين، هن کي جهوري وِڌو هو، پر پوءِ به هِيءَ صابر عورت انهن حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي آئي، پاڻ توَڪل جي اعليٰ مثال هئي.

نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ،
اهڙا جن اُهڃاڻ، آئون نه جيئندي اُن ريءَ.

پاڙي جي ذڪر ۾ مون پنهنجي سڳي ماسي جو ذڪر ڏنو ننڍپڻ کان يعني پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين منهنجون اُهي ساٿياڻيون ۽ انهن جا پاڙي ۾ گهر به پيارا لڳندا هُئا انهن منجهان هڪ رضيه، پري يعني چاچا سليمان ميمڻ جو هو هُو اسان وٽ اينديون وينديون هُيون اسين هنن جي گهر ويندا هُئاسين انهيءَ وقت به سندن گهر هِن پاڙي جو سڀ کان سُٺو گهر هو سندن ماءُ مَلوڪ مهانڊي واري ڌيمي لهجي ۽ پياري انداز ۾ ڳالهائيندڙ عورت هُئي مون هن کي سدائين صاف سٿرو ۽ سٺي لباس ۾ ڏٺو منهنجي پرائمري تعليم دوران سندن ڏاڏي به حيات هئي انهيءَ جا سروپا به ڪي قدر ياد اٿم سندس والد چاچا سليمان جو تعلق انهيءَ وقت جي ضلعي دادو جي ڳوٺ مانجهند سان هو هيءَ ماسي ڇَتُلُ (سبحان خاتون) مون سدائين پرسڪون ۽ هشاش بشاش ڏٺي ڪڏهن به ڪنهن سان جهيڙو ڪندي يا اٽڪندي مون کيس ڪونه ڏٺو ڏاڍو پيار ڪندڙ، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ عورت هُئي رب پاڪ دنيا ۾ ڪيترا نه سٻاجهڙا ماڻهون خلقيا آهن جيڪي دنيا مان ته پنهنجو وارو وڄائي ويا پر منهنجي لبن تي هي لفظ اچي بيٺا آهن جيڪي شاهه سائين جا آهن.
“هُن تاري هُن هنڌ، هُتِ منهنجا سپرين،
سڄن ماکيءَ مُڌُ، ڪَئوڙا ٿين نه ڪڏهن.
هاڻي ته مونکي هن علائقي ۾ اهڙا گهر نظر اچن ٿا جن جون وڏڙيون سڀ گذاري ويون آهن جهڙو ڪر:
“ڏونگر سُڃو ڏوٿين رِيءُ“
ٿي پيو آهي.
پاڙي ۾ هڪ گهر فاطمه بخاري وارن جو به هو، جن جو والد مرحوم پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ هو، سندس نالو عبدالحئي شاهه هو، جيڪو اڌڙوٽ عمر ۾ گذاري ويو هو سندس گهر واري سادي سودي عورت الله جي رضا ۽ وري مڙس جي رضا تي راضي رهڻ واري عورت هُئي. هيءَ انتهائي رواداري واري پٺاڻ عورت هُئي، پاڙي ۾ ڏک سُک ۾ شريڪ ٿيڻ واري هئي، پيءُ جي وفات بعد هن گهر جي سڄي ذميواري سندس ڌيءَ پروفيسر فاطمه بخاري تي هئي، هي پاڻ ۾ پنج ڀينرون ۽ هڪ ڀاءُ ناصر هُئا، هڪ سندن ماسات زيب باجي به هنن سان گڏ رهندي هئي، فاطمه بخاري جيڪا ڪيميسٽري جي استاد هئي، تنهن جهونجهار جوان وانگر گهر جي ذميداري کنئين ۽ هڪ ڀاءُ ۽ ٻه ڀينرون ڊاڪٽر ڪيائين انهن جي تعليمي خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽيوشن ڪلاس هلائيندي هئي، نوجوان ڪردارن ۾ مونکي مس فاطمه بخاري محنت، عظمت ۽ قرباني جو هڪ جيئرو جاڳندو ڪِردار نظر اچي ٿي. سندس ماءُ گذاري وئي آهي، پاڻ حيات آهي رب پاڪ کيس وڏي حياتي ڏي. اهڙا اڏول ڪِردار مونکي ميرپورخاص ۾ گهٽ نظر آيا جيڪي پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي سان به ڪميٽڊ هجن ۽ انساني نفسيات کي سمجهڻ وارا به هُجن.
همت ۽ محنت جو اهڃاڻ توکي چوان،
داد فاطمه تنهنجي همت کي ڏيان.
اسان جي هن پاڙي ۾ جڏهن ليبر آفيس (مير الله داد) وارو بنگلو ڊاٺو ويو ته اُتي پهريون گهر منهنجي ڪلاس فيلو شهناز جو ٺهيو، هي شهناز تعليمي زندگي ۾ ابن رشد ۾ اچي منهنجي ڪلاس فيلو ٿي هئي، سندس هڪ ڀاءُ بابر ڊاڪٽر هو، سندس ماءُ ڏاڍي قربائتي، سمجهدار ۽ دُعائون ڏيندڙ عورت هئي، ڇوڪرين سان گڏ ڇوڪري ٿي اُنهن جي نفسيات سمجهي انهيءَ مطابق رهاڻ ڪندي هئي، مونکي اولاد ٿيڻ لاءِ ڏاڍيون دعائون ڪندي هُئي، سندس ڌيءَ شهناز بعد ۾ هن ابن رشد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهي. شهناز جي ماءُ لاءِ هي شعر دِل تي تري آيو آهي.
“رَتيءَ جي رهاڻ جِيءُ اڙيم جتن سين.”

هڪ ٻيو اردو ڳالهائيندڙ گهراڻو پاڙي ۾ آباد هو، جن ۾ سهيلا بخاري، شهلا بخاري فرحت بخاري وغيره شامل هيون، جا پاڙي جي ماڻهن ۾ سٺا راهه رسم هُئا. مان جڏهن ابن رشد ۾ آيس ته سهيلا مون سان گهڻي ويجهي ٿي، هي سُٺا خانداني ماڻهون هئا، سندس اصل ڳوٺ سامارو هو جتي ٻُڌو اٿم ته سندن زمين به هئي پر پوءِ ماضي بعيد جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هن خاندان آمريڪا لڏپلاڻ شروع ڪئي جن مان گهڻا تڻا اوڏانهن شفٽ ٿي ويا. ميڊم سهيلا به ريٽائرمينٽ کان پوءِ اوڏانهن وئي پر سندس گهر اڃان ميرپورخاص ۾ موجود آهي، سندس گهر وارو نديم شاهه هتي رهي ٿو، پاڻ به پنهنجي وطن ۽ سنڌ سان ناتو نڀائيندي اچي اڪثر پاڪستان ايندي آهي ۽ ميرپورخاص جي ماڻهن سان ميل ملاقات ڪندي رهندي آهي، چوندي آهي ته:
“اُتي آمريڪا ۾ ڀاڄيون صاف سُٿريون شوڪيسن ۾ سجايل هونديون آهن، پر مونکي سواد پنهنجي ميرپورخاص جي ڀاڄين مان وڌيڪ ايندو آهي”

“ڪاڪاڻا ڪونڍيرَ، ماکيان مٺا ڀائيان!”

اسان جي پٺين گهٽين ۾ نصرپور جي دائودپوٽن جا گهر هُئا، جن ۾ محمد علي دائودپوٽو، غلام محمد دائودپوٽو، شوڪت دائودپوٽو، غلام محمد دائودپوٽو جي گهر جون عورتون اينديون وينديون هيون جن ۾ بدرالدين دائودپوٽو ڪيمسٽري جو مشهور استاد هو، شوڪت دائودپوٽو جي گهر واري ۽ سندن ڌيئرون خورشيد، حميده ۽ مرحومه نورجهان ڏاڍيون ملنسار ۽ ٿورين نعمتن تي به رب جون شڪرگذار رهڻ واريون عورتون هيون. ننڍن وڏن موقعن تي پاڙي جي ڪاڄ ۾ ضرور شرڪت ڪنديون هيون، خورشيد ۽ حميده هن وقت گورنمينٽ جاب ۾ آهن پر سندن والد ۽ والده گذاري ويا آهن.
پروين موسيٰ وارن جو گهراڻو 70 واري ڏهاڪي ۾ اسان جي پاڙي ۾ اُڄڻن جي گهٽين ۾ اچي آباد ٿيو هو، انهن جي گهر مان رخسانه قاضي وارن سان گڏ وئي هُيسِ انهن ڏينهن سندن وڏي ڀيڻ نسرين بخار ۾ مبتلا هئي، گهر ۾ ٻيا ڪيترائي ننڍڙا ڀائر ۽ ڀينرون موجود هُئا پوءِ ڪجهه عرصي بعد سندن شادي دوران هنن وڏو بنگلو سيٽلائٽ ٽائون ۾ ورتو، اُتي شادي جو پروگرام رٿيل هو، جنهن ۾ اسان سڀني پاڙيوارن کي شرڪت جي دعوت هُئي، پر قدرت الله جي انهن شديد گرمين ۾ باران رحمت اچي وئي انهيءَ ڏينهن اهڙي شديد بارش پئي جو ميرپورخاص جا سڀ روڊ رستا پاڻي سان ٽمٽار ٿي ويا، اسان غريب آباد وارن مان گهڻا تڻا شريڪ ٿي نه سگهيا هُئاسين، ڇا ته وقت هو اوڙي پاڙي ۾ ميٺ محبت هئي، هڪ پنهنجائپ جو احساس هو، اُهي ماڻهون اڄ به مِلن ٿا ته منجهائن مُشڪ جي خوشبو اچي ٿي ۽ دِل تي فهميده شرف بلوچ جو هي شعر تريو اچي:
ڪا ياد ايئن دِل کي هر روز ٿي پئي گهائي،
ٽانڊن تي رکيون ڄَڻ ڪنهن چمپا جون ڪَليون آهن.

هرشهر جو ۽ هر پاڙي جي ماڻهن جو پنهنجو مزاج هوندو آهي مان اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال پوئتي جهاتي پايان ٿي ته مونکي ميرپورخاص جون عورتون، مردن کان وڌيڪ سوشل نظر اچن ٿيون، انهيءَ جو سبب هتي “اپوا” ۽ خواتين ليگ جو فعال هُئڻ سان گڏوگڏ ڪجهه گهٽ پڙهيل يا صرف ديني تعليم حاصل ڪيل عورتون به سوشل ڪمن ۾ اڳ ڀريون نظر اچن ٿيون. انهن ۾ ڪلام پاڪ جو درس ڏيندڙ عورتن ۾ “ناني ڪَئُوڙِي” جو به پنهنجو هڪ رُوپ هو. هُوءَ شڪارپور سان تعلق رکندڙ اُڄڻِ خاندان مان هُئي، ميرپورخاص جي سڀني سنڌي گهراڻن ۾ سندس اچڻ وڃڻ هو، هر ڪنهن کي دوا سُتي بابت مفت مشورا ڏيندي هئي، جتي نماز جو ٽائيم ٿيو اُتي انهيءَ گهر ۾ نماز پڙهي پوءِ اڳتي پنڌ ڇڪڻ سندس روز جو معمول هو. تهمينه مفتي وارا ڇاڪاڻ ته شڪارپور جا هُئا تن جي گهر گهڻو ايندي ويندي هئي، ٻئي اهم فعال شخصيت آپا ممتاز سومرو جي آهي جيڪا بقول سندس ته:
“مان اصل غريب آباد ميرپورخاص جي پيدائش آهيان”
مون ڪافي عرصو پوءِ 1977ع ڌاري ڏٺي جڏهن هن جي وڏي ڌيءُ ساجده مون وٽ شاگردياڻي ٿي آئي، انهيءَ جي معرفت اسان جو آپا ممتاز سان واسطو ٿيو. هي آپا ممتاز انهيءَ وقت آپا ممتاز بلوچ چوَرائيندي هُئي. آپا ممتاز انهيءَ وقت گَهٽِ پڙهيل هُئي، پر علم سان چاهه سبب اڳتي پڙهندي رهي ۽ ايم، اي ڪيائين پوءِ مليريا ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائين. هر گهر ۾ اچڻ وڃڻ هن کي سوشل بنائي ڇڏيو، هو شهر جي اسڪولي ۽ ڪاليجي فنگشن ۾ ضرور شرڪت ڪندي هُئي، عورتن جي فلاحي تنظيمن جي پڻ ميمبر هُئي، جتي پڄندو هُئس اُتي ماڻهن جي اخلاقي مدد ڪري وٺندي هُئي ڪنهن جي گلا غيبت ۾ ڪانه ايندي هئي تنهن ڪري هر گهر ۾ اچڻ جي جهڙوڪر هن کي ويزا مليل هُئي آپا حال حيات آهي ۽ ڪجهه بيمارين ۾ وڪوڙجڻ سبب اڳي جهڙي ايڪٽو نه رهي آهي ۽ گهر جي چوديواري اندر محدود ٿي وئي آهي.
سيٺ موهن داس جي فيملي ميرپورخاص جي شاهوڪار سيٺين منجهان هئي هي خاندان صوفياڻو مزاج رکندڙ تعصب کان بالاتر خاندان هو جيڪي جهوڪ شريف جي گادي جا پڪا مريد هُئا جن ۾ سيٺ موهن داس جي پٽ ڪرمچند جي ڌي هرديوي (نما) منهنجي ڪلاس فيلو رهي ۽ گڏو گڏ سندس وڏوي ڀاءُ ايشور داس جي ڌي تارا ٻائي به منهنجي ڪلاس فيلو هُئي هي گهراڻو ورهاڱي کان اڳ جو لال پاڙو گرلز هاءِ اسڪول جي ڀرسان آباد هو سندن رهائش گاهه واري حويلي محلو چوارائيندي هُئي اسان جي سيڪنڊري تعليم دوران هي گهراڻو اهيا حويلي ڇڏي سيٽلائيٽ ٽائون واري پوش علائقي ۾ هڪ بنگلي ۾ شفٽ ٿي ويا هُئا منهنجون ڪلاس فيلوز! هي ٻئي ڇوڪريون سڀاءُ جون ڏاڍيون سٺيون ۽ هر ڪنهن سان مُرڪي ملندڙ هيون هڪ ڀيرو ڏياري جي موقعي تي اسان ڪلاس فيلوز جي دعوت ڪئي هُئائون گهر ۾ ڏاڍو فضيلت وارو شانائتو ماحول هو گهر جي هرڪا وڏڙي اسان جي مٿي تي هٿ رکي کيڪاري پئي ۽ پيار ڪري پئي سڄو گهر ڏياٽين سان جهرمر ڪري پيو ۽ ڏاڍو سهڻو دلفريب لڳي پيو سيٺ موهن داس بابا جو. به سنگتي هو ٻيو درگاهه جهوڪ تي بابا پڻ ويندو هو انهيءَ ڪري اهيا قربت ۽ سنگت وڌيڪ مضبوط ٿي وئي هُئي سندن ٻنِين ۽ ملڪيت جا سمورا اسٽامپ بابا تيار ڪندو هو جهڙو ڪر هنن جو بابا تي ڪامل ڀروسو هو هرديوي ۽ تارا جي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ جلد شادي ٿي وئي ٻڌو اٿم ته هر ديوي ڪراچي ۾ رهي ٿي ۽ تارا ٻائي باقي حياتي منيلا ۾ گذاري رخسانه قاضي جي شادي ۾ هرديوي سان ملاقات ٿي پوءِ مون ڪونه ڏٺي آهي.
ڪجهه يادگيريون جيڪي ڪٿا لکڻ وقت ذهن تان هَٽي ويون تن کي عنوان: ”اڄ نه پسان سي“ جي هن ذيلي عنوان ۾ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿي.
منهنجو بابا سائين پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ “پيرو نوئيا” نالي هڪ نفسياتي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويو هو جنهن ۾ ڪيترائي وهم وسوسا ۽ شڪ ظاهر ڪندو هو ٻيو اِهو به لکڻ وسري ويو اٿم کيس جواني کان وٺي مذهبي ڪتابن پڙهڻ جو گهڻو شوق هو مون کيس علي هجويري داتا گنج بخش جو ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ پڙهندي گهڻو ڏٺو پاڻ ٻڌائيندو هو ته اصل ۾ اِهو ڪتاب قديم شڪل ۾ فارسي ۾ هو پر بابا وٽ اردو ترجمي سان هو صوفي ازم ۽ تصوف تي ٻڌل هڪ ڪتاب “تذڪرت الاولياء” عطار آف نيشاپور ۽ انهيءَ کان علاوه عين الفقر حضرت سلطان باهو جو ڪتاب اردو ۾ اڪثر پڙهندو هو.

باب پنجون: جيڪي منجهه جهان (ڀاڱو ٻيو)

ڪاليجي زندگيءَ کان تا حال جو احوال

مون کي پنهنجي والدين طرفان اڳتي پڙهڻ لاءِ ڀرپور موٽ ملي ۽ آئون ابن رشد گرلز ڪاليج وڃڻ جا خواب ڏسڻ لڳس ڪاليج جي زندگي اسڪولي زندگي کان گهڻو مخلتف هوندي آهي انسان جو عقل، طبيعت، سوچ ۽ فڪر هڪ نئين چواٽي تي آڻي بيهاريندو آهي جنهن ۾ انسان پاڻ کي عقل ڪُل سمجهندو آهي پر مون ايئن نه سمجهيو هو ڇو ته مان فطري طور ئي دلير نه هُيس ڊڄڻي طبيعت هئي منهنجي پر جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ عملي زندگي ۾ آيس ته مون وڏن وڏن مرحلن ۽ مشڪلن کي اڪيلي سِر منهن ڏنو اهيا شايد تعليم جي شڪتي هُئي جنهن مون کي همٿ ۽ حوصلو ڏنو بحر حال اهي سڀ ڳالهيون پوءِ جي پيداوار آهن مان هتي پنهنجي ابن رشد ڪاليج جو ذڪر ڪنديس جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ جا چار سال ۽ علم ورهائڻ جا 23 سال گذاريا.
مشهور مفڪر سر جيمس جينز لکيو آهي ”انساني ذهن به ڇٽيءَ جيان آهي اِهو صرف تڏهن ڪم ڪندو آهي جڏهن کيس کوليو وڃي.“ هن ڪاليج جي پهرين پرنسپال مس ڪلثوم شفيع (ايم، اي اردو - ايم اَي انگلش مقرر ٿي. هڪ سال هتي رهڻ کان پوءِ پاڻ ڪراچي هلي وئي، سندس وڃڻ کان پوءِ 1961ع ڌاري پروفيسر مس سيده ڪاظمي (ايم اَي فلاسافي، ايم، اي انگلش ۽ بي ايڊ) مقرر ٿي. جنهن هن ڪاليج جي ڇٽيهه سال خدمت ڪندي ٿرپارڪر جهڙي وسيع عريض ضلعي جي شاگردياڻين جي واحد درسگاهه گرلس ڪاليج جي سر پرست اعليٰ جي حيثيت سان نياڻين جي تعليمي نظام کي اُجاگر ڪيو، سندس نظم و ضبط اڄ به استادن ۽ شاگردن لاءِ مشعل راه ۽ اُتساهه پيدا ڪندڙ آهي. ڪاليج جي پهرين سال پڙهائڻ واري عملي ۾ هڪ عورت ليڪچرار (فل ٽائيم) ۽ چار مرد ليڪچرار شاهه لطيف ڪاليج مان ورڪنگ لاءِ مقرر ڪيا ويا هُئا، پهرين سال ۾ فرسٽ ايئر آرٽس ۾ 7 شاگردياڻيون ۽ انٽر آرٽس ۾ 3 شاگردياڻيون داخل ٿيون، پوءِ اهو تعداد وڌندو ويو، (63_1962) ۾ فرسٽ ائير ۾ 36 ۽ انٽر ۾ 16 ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ ڪاليج جا سڀ فنگشن ۽ پروگرام ضلع ڪائونسل هال ۾ ٿيندا هُئا ڇو جو ڪاليج کي پنهنجي ڪابه بلڊنگ ڪانه هئي.
جنوري 1968ع ۾ هن ڪاليج هڪ ٻيو مرحلو طئه ڪيو، اِهو هو ابن رشد گرلس ڪاليج جي نئين بلڊنگ جو سنگ بنياد خان محمد علي خان منسٽر آف ايجوڪيشن رکيو جيڪا تاريخ جنوري 1968ع هئي 11 مهينن جي تيزي سان ڪم جي نتيجي ۾ ڪاليج جا ڏهه ڪمرا مڪمل ٿيا جنهن جو افتتاح نومبر 1968ع ۾ ميان محمد ياسين خان وٽو منسٽر فار بيسڪ ڊيموڪريسي گورنمينٽ آف ويسٽ پاڪستان ڪيو هن بلڊنگ جي تعميرات ۾ ضلعي جي سرندي وارن سنڌي زميندارن ڀرپور حصو ورتو ۽ انهن عليحده ڪمرا (ڪلاس روم) ٺهرائي ڏنا جن ۾ رئيس غلام محمد وساڻ، مير امام بخش ٽالپر، هندو پئچائت، شگر مل ٿرپارڪر (اولڊ) جا نالا شامل هُئا انهن نالن جون پٿر جون ٺهيل تختيون ڪلاس رومن جي داخلي دروازن مٿان لڳل هيون مون پاڻ ڏٺيون انهن ۾ فرسٽ ايئر آرٽس کان وٺي بي اي فائنل جا ڪلاس ٿيندا هُئا انهيءَ وقت سائنس بلاڪ جو ڪوبه وجود نه هو هڪ لائبريري، ننڍڙو اسٽاف روم، ڪامن روم، ڪلارڪ آفيس ۽ پرنسپال آفيس به هئي انهن مٿان ڪابه تختي نالي واري لڳل نه هئي خبر ناهي ڪنهن ٺهرايا هُئا منهنجي ڪاليج جي سروس جي ابتدائي دور تائين اُهي نالا موجود هُئا پوءِ الائي ڪهڙي مصلحت تحت يا غلطي سبب انهن تي وائٽ واش ڪري ڊاٺو ويو بحرحال بقول علامه آءِ آءِ قاضي.
“تاريخ جا نشان الله جا نشان آهن ۽ انهن سان هٿ چراند ڪفر آهي”
1973ع ۾ ڪاليج کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو ۽ هن ڪاليج جي تعمير جي ذميواري حڪومت جي حوالي ٿي ان کان پوءِ سائنس بلاڪ جي ضرورت پئي ڇاڪاڻ جو هاڻي هتي فرسٽ ايئر سائنس جا ڪلاس شروع ٿيا هُئا ڪجهه سالن بعد هي ڪاليج آرٽس ۽ سائنس ڊگري ڪاليج ٿي ويو ۽ بعد ۾ منهنجي نوڪري دوران ۾ هتي ڪامرس ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آئي، ٽي) ڊپارٽمينٽ به ٺهي ويا مون جڏهن هن ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته اِهو هن بلڊنگ ۾ آرٽس ڪاليج جو ٻيو بيچ هو باقي هن ڪاليج جي ساک پرتاب ڀون واري دور کان ئي مون تي ويٺل هئي هن جا شاندار پروگرام مون گهڻو اڳ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ڏٺا هُئا ميڊم سعيده ڪاظمي جي سچائي ۽ ڪاوشن سبب هتي 1978 ڌاري گرلس هاسٽل به ٺهي وئي جتي هن وڏي ضلعي جي مختلف شهرن جيمس آباد، ڪنري، ميرواهه وغيره جون ڇوڪريون رهائش پذير هونديون هيون استادن ۾ هن هاسٽل ۾ شروع شروع ۾ شاهده مشتاق، پروفيسر ڪوثر لغاري ۽ پوءِ زبيده ميتلو رهيون.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ابن رشد جي طرفان ٿيل ڊرامن ۽ پروگرامن جو جيڪي مون ڏٺا هُئا جن ۾ امتياز علي تاج جو مشهور ڊرامو انارڪلي ڏسي ته منهنجي حيرت جي حد نه رهي هئي ۽ اکيون ئي ڦاٽي ويون هيون ڇا ته سيٽ خوبصورت هُئا!؟ ڇا ته لباس هُئا ۽ وري ڇا ته وري شاگردياڻين جي حقيقي اداڪاري هئي جنهن ۾ آپا زبيده ريشمان ۽ آپا رضيه دراني دل آرام ۽ انارڪلي جا ڪردار ادا ڪيا هُئا آپا رضيه دراني بعد ۾ ڪمپريهنسِوِ هاءِ اسڪول جي پرنسپل ٺهي ريٽائرڊ ڪيو هي واحد عورت پرنسپل رهي آهي هن بوائز هاءِ اسڪول ۾ ڏاڍي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريائين. هن هال ۾ اردو سان گڏوگڏ انگريزي تاريخي ڊرامو به پيش ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڪلوپٽراست جي ڪردار کي فوڪس ڪيو ويو جنهن ۾ مصر جي نوجوان راڻي “ڪلوپيٽرا” روم جي شاهي دٻدٻي روڪڻ جو ڪردار ادا ڪري رهي هُئي جنهن جو ذڪر ميڊم ڪاظمي اڪثر ڪندي هئي مون پاڻ اِهو ڊرامو ڏٺو هو انهيءَ جا بادشاهي سيٽ ۽ لباس اڄ به ياد آهن جنهن ۾ ڪلوپٽرا جو مرڪزي ڪردار هڪ خوبصورت هندو ڇوڪري ڪيو هو جنهن جو نالو ياد نه اٿم هڪ سِينَ ۾ هُوءَ نانگ سان مشابهت رکندڙ ڪاري بروڪيڊ جو لباس پهري تخت تي ويٺل هُئي ۽ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي انهي سِينَ (لقاءُ) جو فوٽو اَيامن تائين نئين بلڊنگ جي فوٽو بورڊ تي لَڳلُ رهندو هو نيون ايندڙ شاگردياڻيون اِهو فوٽو حيرت وچان ڏسنديون هيون جيڪو بليڪ اينڊ وائٽ هُيو هن جي ڪهاڻي ’فرازيرو‘ جي ڪتاب “دِي لائف اينڊ ٽائمز آف ڪلوپيٽره” تان ورتي وئي هُئي ڇا ته لائق فائز انگريزي جي استاد هئي جنهن انهيءَ کي ڊرامائي تشڪيل ڏني هئي انهيءَ کان علاوه اردو جي مشهور ناول نگارن مثلا رضيه بٽ بشرا رحمان ۽ اي آر خاتون جي ناولن کي ڊرامائي شڪل ڏئي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو هو جن مان هڪ ناول تي پيش ڪيل ڊرامي جي سورمي زينتِ ٽالپر (انهي وقت زينت سيال) هئي انهن منجهان هڪ ڊرامي ۾ منهنجي پاڙي واري آپا زينب قاضي پڦيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو پر جڏهن هُوءَ گهر پهتي ته وڏي (پڦي) نه بلڪه نوجوان ڇوڪري لڳي رهي هئي آپا زينب عمر جي ته ننڍي هئي پر کيس صحت مند قد ڪاٺ جي سبب وڏي عمر وارو ڪردار ڏنو ويو هو هي سڀ سنڌي ڇوڪريون اردو ڊرامن ۾ حصو وٺي پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪنديون هُيون ۽ اڃان تائين ڪوبه سنڌي پروگرام هتي ڪونه ٿيو هو ڇاڪاڻ ته تعداد ۾ تمام گهٽ هيون.
منهنجي ميٽرڪ جي رزلٽ کانپوءِ ترت ئي اڃان مون ڪاليج ۾ داخلا ڪانه ورتي هئي دنيا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تمام گهڻو عروج تي وڃي پهتي هُئي اپالو يارنهن جو چنڊ تي سفر ۽ روانگي وارو مرحلو سڄي دنيا جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڇانيل هو سڄي دنيا انهي ۾ دلچسپي وٺي رهي هئي “نيل آرم اسٽرانگ” چنڊ تي پهريون قدم رکي آمريڪي قوم جو ڳاٽ بلند ڪيو ۽ دنيا جي سربراهن جي نالن واريون تختيون اُتي ڇڏي آيا هُئا ۽ وري ٽئي ڄڻا هيٺ زمين تي پهتا ته اسين اهڙا خوش هُياسين جهڙا اسان جا چاچا ماما چنڊ تي جهنڊو لڳائي آيا آهن ماحول ۽ اردگرد جي ماحول کان واقف ۽ عڪاس شاعر شمشير الحيدري وري انهي واقعي کي انساني محنت ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ قوت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح بيان ڪري ڇڏيو.
لٿا عرش تي زندگي جا سفينا،
بدلجي ويا زندگي جا قرينا،
نه ڇيڙيو اسان عاشقن کي نه ڇيڙيو،
لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سينا.
غريب ملڪن کي ته انهي اشرف المخلوقات جي چنڊ تي پهچڻ واري ترقي مان ڪو به فائدو نه پهتو ۽ انهن کي پڻ وڌيڪ پستي ڏانهن ڌڪيو ويو ادل سومري واري ڳالهه:
چنڊ تي آهي انهن قبضو ڪيو،
پاڻ کي ڪوئي ٽٽل تارو مليو،
يا ته ڪو رهزن مليو هو راهه ۾،
يا ته ڪو پٿر وري ڪارو مليو.
ڪاليج جي زندگي حياتي جي حَسين بابن مان هڪ هوندي آهي عمر ڪچڙي هوندي آهي تجربو ڪو گهڻو نه اسڪولي دنيا مان نڪري احساس ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنهن وڏي دائري ۾ انسان داخل ٿيو آهي ڪاليجي حياتي جو هر ڏينهن اتساهه ڀريو هوندو آهي هر تجربو حياتي ۾ هڪ نئين رُخ اختيار ڪرڻ جو اشارو ڪندو آحي هاڻي ته هن ڪاليج جي داخلا واري وڏي هال جي ٻاهران لکيو اٿن.
سِکڻ لاءِ اچو! خدمت لاءِ وڃون!
ميٽرڪ ۾ منهنجي فرسٽ ڪلاس اچڻ تي امان بابا ڏاڍا خوش ٿيا هُئا بابا ته فخر سان ٻڌائيندو هو ته تمام ٿورين ڇوڪرين فرسٽ ڪلاس ماڻي آئي انهيءَ ۾ منهنجي ڌي جو نمبر مٿانهون آهي منهنجي ميٽرڪ سرٽيفڪيٽ ۾ ڊسٽنگشن هُئي بابا مونکي ڪاليج ۾ داخلا جي خوشي سان اجازت ڏني هُئي هي لالچند گارڊن ۾ ٺهيل ابن رشد گرلس ڪاليج شهر جي وچ ۾ هو گهر کان ٻه گهٽيون ڪراس ڪري ٽنئورا آباد مان رحمت الله خواجه جي گهران سندس ڌي نصرت کي سڏي اسلام آباد پاڙي جي گهٽي مان لنگهي مان رضيه ۽ پَريءَ سان گڏ ڪاليج پهچي ويندي هُئس هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو ته ڪاليج جي فرسٽ ايئر داخلا وٺڻ وارين ڇوڪرين ۾ سنڌي ڇوڪريون ڪافي تعداد ۾ هيون ۽ سڀ فري ٽائيم يا رسيس ۾ گڏوگڏ هڪ وَلر جي شڪل ۾ هلنديون هيون انهن کي هڪ ڏينهن گهمندي ڏسي مرحومه مئڊم ڪاظمي چيو.
”ان سندھی لڑکیوں کا ریوڑ ساتھ ساتھ کیون چلتا ہے۔“
وري هدايت ڪيائين،
‘‘آپ لوگ شرارتیں مت کی جیگا پڑھائی میں دلچسپی لینے کی کوشش کریں۔’’
اسان سڀني
“باادب ٿي ڪنڌ کي هيٺ لوڏو ڏنو”
۽ چيو:
“يس ميڊم”
بحرحال اسان چار ئي سال محنتي ۽ باادب شاگردياڻيون ٿي رهيون سين باقي سنڌي فنگشن ڪرائڻ جو مطالبو اسان جو پنهنجو هو ۽ هن ڪاليج ۾ پهريون ڀيرو ڪيو ويو هو تنهن جو ذڪر بعد ۾ ايندو پهريان مان پنهنجي ڪاليجي استادن جو ذڪر ڪنديس ته ڪيتريون نه محنتي ۽ ايماندار استاد هيون، استاد جيڪي مليون سڀ استاد محترم ئي مليون هيون هنن پنهنجي پيغمبري پيشي سان وفا ڪندي اسانجي ذهن ۾ ۽ دل ۾ سکيا جي هڪ ڪائنات ارپي ڇڏي ڪوبه استاد اگر سٺو ليڪچر ڏئي ٿو ته علم سان چاهه رکندڙ شاگرد لاءِ هڪ اڻ کُٽ موڙي هوندو آهي ۽ وري انهن جا پڇيل سوال ۽ شاگردن طرفان صحيح جواب ڏيڻ سان استاد جي واکاڻ ٻڌڻ سان شاگرد جي ته ڪائنات ئي اور ٿي ويندي آهي فرسٽ ايئر ۾ اچڻ شرط مون جيڪو پهريون فنگشن اٽينڊ ڪيو سو هڪ موسيقي جو پروگرام هو جنهن ۾ اردو غزلن جو مقابلو ڪرايو ويو هو پهريون انعام هڪ شاگردياڻي جنهن جو نالو شاهين (ڪوئِل) هو تنهن کنيو هو ٻيو انعام اسانجي تهمينه مفتي فيض احمد فيض جي غزل: ” گلوں میں رنگ بھرے، بادلوں بہار چلے“ ڳائي کٽيو هو. تهمينه مفتي فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي هُئڻ باوجود ڏاڍي پراعتماد نموني ڳايو، آواز ته سندس اڳ ئي پيارو هو ڪوئل جي، بي اي پاس ڪري وڃڻ کان پوءِ تهمينه مفتي ڳائڻ واري پروگرام تي ڇائنجي وئي، منجهس اِها خوبي موجود هئي ته هُوءَ سنڌي سان گڏوگڏ اردو ۽ پنجابي ۾ به ڳائي ويندي هُئي ياد اٿم ته ڪاليج جو جڏهن ٻيو فنگشن ٿيو ته اسان فرسٽ ائير جي سنڌي ڇوڪرين پرنسپال سيده ڪاظمي اڳيان مطالبو رکيو ته اسان هڪ سنڌي ٽيبلو ضرور رکنداسين اسين ڪافي ڇوڪريون ميڙ ڪري هن وٽ وياسين پرنسپل آفيس ۾ انهيءَ وقت ساڻس گڏ انگلش جي استاد رضيه سيد موجود هئي هن اسانجي چهرن ڏانهن نهاريو ۽ ميڊم ڪاظمي کي چيو ته:
‘‘کافی تعداد ہے ان لوگوں کی۔’’
هڪ عدد آئٽم ڏاڍين مشڪلن سان مليو يعني پرفارم ڪرڻ جي اجازت ملي جيڪو رونا ليليٰ جو ڳايل هو.
“اُڏر وڃ تون جهرڪي سڄڻ ايندو مرڪي،
رلهي ويٺي ٺاهيان سڄڻ کي سرچايان”
اِهو منهنجو ڪردار هو، جنهن جو فوٽو مون وٽ موجود آهي، هن گروپ ۾ مانڌاڻي واري، پَلي وري، چَڪي واري به مون سان گڏ موجود آهن، ڊانس جو مرڪزي ڪِردار رخسانه قاضي ڀرپور انداز سان ڪيو. هن گاني هلڻ شرط سنڌي بهترين ڪاسيومز ۾ ملبوس ويٺلن اسان شاگردياڻين بهترين سنڌي ثقافت جي نمائندگي ڪئي تاڙين جا وسڪارا شروع ٿي ويا هيءَ آئٽم اسان جي فنڪارانه صلاحيتن جو هڪ سنگ ميل ثابت ٿيو، اسان پاڻ اِهو آئٽم تيار ڪيو هو، اسان ۾ جوش جذبو هو ڪم جو شوق هو جيتوڻيڪ انهيءَ وقت ڪابه سنڌيءَ جي استاد يعني سنڌي ادب پڙهائڻ واري ته ڇا پر سنڌي ڳالهائڻ واري استاد به ڪانه هُئي پر ڪنهن ڏاهي چيو آهي.
“قوت يا سگهه ڪوشش جي پيداوار آهن”
سو اسانجي ڪوشش رنگ ڏيکاريو ڪاليج جي هِن گروپ جون ڇوڪريون ڪاليج ته ڇا پر پنهنجن صلاحيتن سبب سڄي ميرپورخاص ۾ مشهور ٿي ويون هُيون انهيءَ وقت ميوزڪ ماسٽر هڪ نابين شخص ايندو هو جنهن سان گڏ 12 سالن کن جو ڇوڪرو هارمونيم کڻي ايندو هو رب پاڪ کيس اهڙي ڪا حَسَ ڏني هئي جو هُو اکر ۽ لفظ ٻڌي هارمونيم مان جتي ضرورت پوندي هئي صوتي اثرات ڏئي ويندو هو هن فقط اسان وارو آئٽم ٻڌو هو ڏٺو نه پر هُن به انهيءَ جا واکاڻ ڪئي هئي انهيءَ وقت ڪاليج جا اِهي فنگشن ڏسڻ جي عام عورتن نوڪري پيشه عورتن ۽ گهرداري وارن عورتن کي اجازت هوندي هُئي شام جي واندڪائي وقت هُو اِهي فنگشن ڏسڻ لاءِ اچي وينديون هيون انهيءَ وقت ريڊيو ٻڌڻ ۽ (ڪنهن ڪنهن گهر ۾) ٽي وي ڏسڻ جي سهولت هئي پر ٻي ڪا عام جام وندر نه هُئي پر اسان جو ميرپورخاص انهي معاملي ۾ خوش قسمت هو ته هتي عورتن جي ڀلائي واريون تنظيمون باقاعده ڪم ڪنديون هيون جنهن ۾ خواتين ليگ، ‘اپوا’ ۽ ٿنڪرس فورم باقاعده ڪم ڪنديون هيون جن جون لڳايل مينا بازارون، اسٽيج ڊرامن ۽ ڪاليج جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ڪرايل ڊرامن جي آمدني باقاعده غريبن جي مدد جي ڪم ايندي هئي اپوا جي صدر وقت جي ڊپٽي ڪمشنر جي بيگم هوندي هئي باقي جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين پوسٽن لاءِ مقابلا ٿيندا هُئا جنهن ۾ اپوا جي ميمبر عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق حاصل هُيو.
هڪ مقابلو جيڪو اپوا جي جنرل سيڪريٽري لاءِ ڊاڪٽر زبيدهه يوسف علي خواجه ۽ بيگم رفيق چوڌري وچ ۾ ٿيو هو سو مونکي اڄ سوڌو ياد آهي ائين ٿي محسوس ٿيو جهڙوڪر قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ مقابلو هُجي بهرحال ان ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو نه ٿيو عورتون پڙهيل ڳڙهيل شانتي واريون هيون هنن منجهه صبر برداشت گهڻي هُئي هاڻي ڏسان پئي ته اهي اپوا خواتين ليگ ۽ ليڊيز ڪلب جون سرگرميون بلڪل ٺپ آهن انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو ته اڄ کان پنجٽيهه ۽ چاليهه سالن اڳ وارو ميرپورخاص وڌيڪ روشن خيال، تعليم يافته ۽ قابل عورتن سان ڀرپور هو يا وري انهن جي صلاحيتن کي مڃتا مليل هئي جو هُو وڏي اعتماد سان هر فيلڊ ۾ پنهنجو ڪم جاري رکنديون ٿي آيون يا وري اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا وڌيڪ وسيع ٿي ويو آهي.
“نيٽ جي اچڻ کان پوءِ ته هنن عورتن جي پنهنجي آس پاس ۽ شهر جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي نه صرف پڙهيل ڇوڪريون پر الف اک ۽ ب بدڪ کان ناواقف ڇوڪريون به نيٽ جو استعمال ڄاڻن ٿيون ۽ ٻين پڙهيل ڳڙهيل پوڙهين عورتن جا مٿا ڦيرايو وجهن الائي ڪهڙيون خفيه صلاحيتون عطا ٿيل اٿن”
هرڪو پنهنجي گهر ۾ ۽ دنيا ۾ مست لڳو پيو آهي پر ڪٿي ڪٿي ته هڪ گهر ۾ موجود ماڻهون به پاڻ ۾ نيٽ وسيلي ڳالهائن ٿا هڪ ٻئي جي شڪل نٿي وڻين.
گهر گهر ۾ هاڻي پاڙا آهن،
ڄڻ ڪو درد ڪهاڙا آهن.
غير نصابي سرگرمين سان گڏ اسين ڪلاسن ۾ پڙهائي ۾ به دلچسپي وٺنديون هُيون سين اهيا منهنجي خوش قسمتي چوندس ته جنهن به اداري ۾ مون تعليم حاصل ڪئي استاد بهترين مليا هن ڪاليج ۾ اسانجي انگريزي جي استاد رضيه سيد هُئي ڏاڍي سُٺي استاد هئي هن جو خاص انداز هوندو هو ڪلاس ۾ اچي ڳالهائڻ جو.
“هِلو گرلس هائو آر يو؟ ايوري وَنِ از فائن”
هُوءَ جنهن مسڪرائيندڙ انداز ۾ ڳالهائيندي هُئي سو مونکي ڏاڍو وڻندو هو هن کان اڪثر ڇوڪريون چڙنديون به هيون انهيءَ جو سبب اِهو هو ته هُوءَ ڏنل ليڪچر مان سوال ڪندي هُئي جنهن لاءِ دماغ کي حاضر رکڻو پوندو هو “ورڊس ورٿ” کي فطرت جو شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڳوڙهي اڀياس مان ڪيترائي دليل ڏيندي هُئي مثلا
“جڏهن انسان فطرت جي حُسن کي ڏسي ٿو ته هن جو سڌو رابطو الله پاڪ سان ٿئي ٿو”
”ٽو ون ايڪٽ پلي“ ۾ هن ڪتاب ۾ ڏنل ٻنهي ڊرامن ”ڪائونسٽ روينج“ ۽ ٻيو ”سائنس“ ڏاڍي سٺي انداز ۾ سمجهايو جنهن ۾ پهرين ۾ پهريون ڊرامو جيڪو “ڪائونسٽ روينج” هو سو پيار ڪندڙ عورت مرسڊيز ۽ انهيءَ سان دوکو ڪندڙ شيطان صفت ماڻهون جي ماضي جي غلط ڪارين تي مبني هئي هن جو ليکڪ ”جي، ايڇ والش هو“ ٻئي ڊرامي سائنس جو ليکڪ سينٽ جان اِرِوائن هو جنهن جو مرڪزي خيال حساس دل رکندڙ ڀيڻ ۽ سخت خيال رکندڙ ڀاءُ پروفيسر ڪوري هُئا ڪائونٽس روينج ڊرامو پروفيسر رضيه سيد ڏاڍي سهڻي نموني سمجهايو هو تنهن ۾ مرسڊيز جيڪا هن ڊرامي جي سورمي هئي مونکي ڏاڍي وڻندي هئي جيڪا انهيءَ اسٽيج تي اچي ڪائونٽيسٽ آف مارسف ٿي وئي هئي اِهو ڊرامو اسٽيج تي ميڊم ڪاظمي ڪرايو هو جنهن ۾ نازلي عارف نالي شاگردياڻي جيڪا سينٽ مائيڪل جي پڙهيل هئي تنهن مرسڊيز جو ڪردار ادا ڪيو هو ڏاڍا ڀلا سيٽ لڳايا ويا هئا پٺيان لٽڪيل مائيڪ هر ڪردار گهمي ڦري پنهنجي ڏنل مائيڪ تي وڃي بيهي ڊائلاگ ڳالهائيندو هو اسٽيج کي ٽن پردن سان سينگاريو ويندو هو ضرورت مطابق پردي کي ڇڪيو ويندو هو ته اُتي جو اُتي ٻيو لقاءُ (سِينِ) ٺهي ويندو هو.
ڪاليج ۾ فقط ڊراما نه ٿيندا هُئا بلڪه تقريرون، بحث مباحثه ڊريس شو وغيره به ٿيندا هُئا فرسٽ ايئر ۾ اسان سنڌي انٽر ڪاليجيٽ مباحثو رکايو هو جنهن جو عنوان هو.
“اسانجي موجوده مسئلن جو حل معاشي انقلاب ۾ آهي”
هيءَ تقرير جيڪا مون موضوع جي موافقت ۾ ڪئي هئي سان منهنجي سئوٽ مرحوم خالد الائجي ڪهڙي پروفيسر کان لکرائي ڏني هئي بيگم ڊپٽي ڪمشنر رفعيه منظر اڪبر صاحبه مهمان خصوصي هئي مون هن سنڌي مباحثي ۾ فرسٽ پرائز کنيو هو ٻيو انعام آمنه ميمڻ ۽ ٽيون انعام شهناز علي محمد کٽيو هو هي ٻئي شاهه لطيف ڪاليج جون شاگردياڻيون هيون آمنه پوءِ آمنه فاروق انصاري ٺهي انهيءَ وقت بي، ايس سي ۾ پڙهندي هُئي شهناز وري پوءِ شهناز پير مظهر ٺهي جيڪو سنڌ جو وزير تعليم ٺهيو مهمان خصوصي بيگم رفعيه منظر اڪبر تمام خوبصورت، پروقار ۽ الله سائين جي واندڪائي ۾ ٺاهيل مورت هئي هن جوڙي يعني منظر اڪبر ۽ سندس گهر واري رفعيه ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرايا جن ۾ فلم اسٽار محمد علي ۽ زيبا کي هتي گهرائڻ عورتن جي عالمي سال جي موقعي ته عورتن جا پروگرام وغيره شامل هُئا انهن محمد علي ۽ زيبا کي ڏسي ماڻهن جون وايون بتال ٿيڻ وارا منظر به هتي ٿيا بهرحال هي جوڙو ميرپورخاص جي سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم رهيو هن دور ۾ ميرپورخاص جي اهم شخصيت پير آفتاب شاهه جيلاني جي شادي به ٿي جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو نصرت ڀٽو ۽ بينظير کي ڏسڻ لاءِ به ماڻهون روڊن تي گڏ ٿي ويا هُئا انهيءَ دور ۾ سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم هتي آئي هئي. جنهن هِتان جي ٽيم کي هارايو هو پر اُهو وقت به ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبي کي ڏسڻ جهڙو هو اسانجي فرسٽ ايئر جي ڪلاسن ۾ هڪ استاد جيڪا تمام محنتي ۽ هوشيار هئي سا گوجرانوالا پنجاب جي هئي جيڪا هن ڪاليج ۾ افروز گانڌي جي شادي ٿيڻ کان پوءِ نوڪري ڇڏڻ ڪري هتي اپاٽمنٽ وٺي پهتي اردو پنجابي گاڏڙ ڳالهائيندي هئي ايم اي پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ڪيل هُئس ليڪچر جو ٽاپڪ بورڊ تي لکي پوءِ انگريزي ۾ ليڪچر ڏيندي هئي اسائنمنٽ چوندي هئي ته ڀلي اردو يا سنڌي ۾ لکي اچجو.
سنڌي اسائنمينٽ چيڪ ڪرڻ وقت اسانکي گهرائي ٽيبل جي ڀرسان بيهاريندي هئي ۽ چوندي هئي ته پڙهي ٻڌايو؟ مطلب ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي هُيس ٽيسٽ به هفتي ۾ ضرور وٺندي هئي ۽ ساڳئي نموني چيڪ ڪَنڊِي هُئي تمام گهڻي حساس عورت هئي هڪ ڀيرو اسان ٽيسٽ جي تياري ڪانه ڪئي هئي ڇاڪاڻ جو گذريل ڏينهن اسان فنگشن ۾ مصرورف هُياسين مس سليم اختر کي جڏهن اسان ٽيسٽ نه ڏيڻ جو ٻڌايو ته هو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي وئي؟ پوءِ اکيون ٿوريون آليون ٿيس ۽ پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي ڪلاس روم کان ٻاهر هلي وئي.
“اهي هُئا اسانجا محترم استاد جيڪي پنهنجي محنت جو لاڀ به بروقت ڏسڻ چاهيندا هُئا”
اسانجي مسلم هسٽري جي استاد ثريا قريشي هُئي جيڪا پڻ اردو ڳالهائيندڙ هئي وچولي قد جي، ڊگهي چوٽي ٺهيل، ساڙهي پائي ڏاڍي ‘ايڪٽو’ نظر ايندي هئي جڏهن ليڪچر ڏيندي هُئي ته اسان هن کي ڏسندا ۽ ٻڌندا رهندا هُئاسين ڪلاس ۾ تمام گهڻي خاموشي هوندي هُئي تمام گهڻي نالج هُيس ۽ اسانکي اسلامي تاريخ جي فاتحن جا نالا ۽ ڪارنامه فاتحانه انداز ۾ ٻڌائيندي هُئي ڪتابن جا حوالا ڏيندي ٻڌائيندي هئي ته فلاڻي شخص لاءِ فلاڻي ڪتاب ۾ هي لکيل آهي پر انٽر ۾ جڏهن مان پهتس هيءَ ابن رشد ڇڏي گورنمنٽ ڪاليج لاڙڪاڻو هلي وئي وري منهنجي ڪاليجي نوڪري دوران سنڌ جي ٻين ڪاليجن ۾ ڪم ڪري واپس ميرپورخاص پهتي ۽ 1993ع کان 1998ع تائين هتي ڪاليج ۾ ڪم ڪيائين ۽ ريٽائرڊ ٿي منهنجي ڪاليجي استادن ۾ آپا زينت ميمڻ پڻ گهڻي اهميت رکي ٿي ته پاڻ سنڌي ادب جي استاد ٺهي آئي هئي هن ڪاليج ۾ انهيءَ کان اڳ سنڌي ادب پڙهائڻ لاءِ ڪابه استاد ڪانه هئي بلڪه بوائز ڪاليج مان علي ڏنو مري صاحب سنڌي پڙهائڻ لاءِ ايندو هو تمام قابل ۽ سنڌي زبان جو ڄاڻو استاد هو.
‘جهان آرا’ ناول جيڪو هڪ دقيانوسي قصو آهي تنهن کي پڻ علي ڏنو مري صاحب ڏاڍي دلچسپ انداز ۾ پڙهائي عابد، زاهد، جهان خان ۽ لطيف مالهي جا ڪردار جيئرا جاڳندا بنائي ڇڏيا انهن جي خوبين خامين ۽ اسلوب نگاري منظر نگاري وري جمالياتي ذوق کي نمايان طور لکرايو هو آپا زينت اسانکي فائنل جي سنڌي جا ڪجهه حصه پڙهايا پر پوءِ هُو بدلي ڪرائي ٻئي ڪاليج هلي وئي پوءِ وري علي ڏنو مري صاحب اسانکي فائينل ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهايو ۽ ‘غريبن جو ورثو’ ناول تي تفصيلي نوٽ لکرايا جيڪي منهنجي اباڻي علائقي ساهِتي جي شهرن ٺارو شاهه، خان واهڻ، هالاڻي بهيلاڻي جي علائقن سان وابسته هُئا وري ناول جي ڪهاڻي جي ابتدا منهنجي جنم ڀومي ميرپورخاص جي ضلعي اولڊ ٿرپارڪر سان ٿيل هُئي ائين علي ڏنو صاحب هن ناول کي سمجهائڻ ۾ تمام ڪامياب ويو مضمونن جو ڪتاب جيڪو پرمانند ميوا رام جو لکيل هو “گل ڦل” تنهن کي به سهڻي نموني سمجهايائين انهيءَ کان علاوه ميڊم تنوير اختر صديقي اسانجي اڪنامڪس جي استاد هئي ۽ منهنجي بي اي ڪلاسن دوران تازي ايم اي ڪري پهتي هئي تمام سادي طبيعت جي مالڪ هئي پر الائي ڇو انهيءَ وقت جا استاد تمام گهڻي قابِليتِ رکندا هُئا هنن ۾ ڄاڻ موجود هوندي هئي هن جي به ياد داشت ڏاڍي سٺي هوندي هُئي هن منهنجي هن اداري ۾ نوڪري دوران 2008ع ۾ ريٽائرڊ ڪيو ثريا قريشي جي لاڙڪاني ٽرانسفر بعد سڪندر عسڪري اسانکي مسلم هسٽري پڙهائي ۽ پنهنجو وقت سٺو نڀائي وئي انهيءَ کان پوءِ جي دور ۾ هن ڪاليج ۾ لوڪل استاد مقرر ٿيڻ شروع ٿيون ۽ هي نيشنل لائزڊ ٿي ويو ۽ هِي بعد ۾ اچڻ واريون گورنمنٽ ڪيڊر جون چوارائينديون هيون جڏهن اسانجا ڪاليج ۾ پڇاڙڪا ڏينهن هُئا تن ڏينهن سعيده صديقي هڪ سٺي استاد به اچي وئي جيڪا پوليٽيڪل سائنس پڙهائيندي هئي هي مسلم ليگ سان لاڳاپيل گهراڻو هو سندس والد نذير صديقي فوج جو ڊاڪٽر هو سندس هڪ ڀاءُ پروفيسر خورشيد صديقي شاهه لطيف ڪاليج جو مشهور استاد رهيو آهي ٻيا ڀائر به علم دوست هُئا جن ۾ هڪ غيور احمد صديقي سٽيزن جيمخانه جو انچارج هو ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر نجمه نگار سيڪنڊري ۾ منهنجي ڪلاس فيلو هُئي. سو مونکان اِهو لِکڻ وِسري ويو ته:
“اسان جن ۾ ڪوالٽي ۽ ڪوانٽٽي ٻئي شيون موجود هيون”
تن انٽر ڪلاس ۾ “ليلا چنيسر“ ڊرامو جيڪو 17 پارٽز تي مشتمل هو سو ڪري ڏيکاريو خبر پئي ته ڪاليج ۾ عمر مارئي ڊرامو ٿي رهيو آهي پر اردو ۾ ٿيندو جنهن جي انچارج ميڊم رخسانه اصغر (مرحومه) هئي ڊرامائي تشڪيل به ميڊم ريحانه جي هُئي اسانجي هن تجويز جي ميڊم ڪاظمي سخت مخالفت ڪئي ته اسان وٽ سنڌيءَ جي ڪا استاد نه آهي ليلا چنيسر جي ڪهاڻي کي ڊرامي جي شڪل ڪير ڏيندو؟ تواهان هرو ڀرو ضد ڪري هر هنڌ سنڌي سنڌي پروگرام جو مطالبو کڻي رکيو آهي ڪابه غلطي يا بدناموسي ٿي ته انهيءَ جو ذميدار ڪير ٿيندو؟ بهرحال ٻه ٽي ڏينهن اسان ماٺ اختيار ڪئي “پر اسانجي اهيا ماٺ اجائي نه هئي بلڪه هڪ طوفان جو پيش خيمو هئي”
انهن ڏينهن ۾ اسان فرسٽ ايئر ۾ آيل نئين سنڌي ڇوڪرين ۽ ٿرڊ ۽ فورٿ ايئر جي سنڌي ڇوڪرين کي سنڌي ڊرامي ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو هنن کي سمجهايو ته: “جڏهن عمر ماروي اردو ۾ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ليلا چنيسر سنڌي ۾ ڇو نٿو ٿي سگهي؟”
هاڻي مرحلو هِنَ ڊرامي کي لِکڻ ۽ سِين “(لقاءُ)” ٺاهڻ جو ته اِهو ڪير ٺاهيندو تهمينه مفتي ۽ رضيه ميمڻ (ٻگهيو) مونکي چيو ته:
“نورالصباح مهرباني ڪَرِ اِهو ته لِکي ڏي!”
مون چيو ته ڪي غلطيون ٿيون ته مئڊم ڪاظمي ڪاوڙ ڪندي ڇو ته هُوءَ راضي اڃان به نه آهي...!”
بهرحال مون گهر وڃي ليلا چنيسر جي ڪهاڻي امان کان ٻڌي امان ڪتاب ۽ رسالا پڙهندي هئي هن کي ڪي قدر ڄاڻ هئي هن مونکي ليلا چنيسر جي ڪهاڻي سرسري طور ٻڌائي مون قلم ۽ ڪاپي کڻي ناٽڪ ليلا چنيسر جو پهريون سِين لکڻ شروع ڪيو جيڪو ليلا چنيسر جي گهريلو رومانٽڪ مڪالمن تي مشتمل هو جنهن ۾ مون پنهنجو تخيل ۽ تصوراتي سوچ استعمال ڪئي هئي.
شام جو بابا گهر آيو مونکي مصروف ڏسي پڇيائين.
“امان ڇا پئي لکين اڄ ڏاڍي مصروف آهين لکڻ پڙهڻ ۾..!”
“مان ليلا چنيسر جو ڊرامو ٺاهيان پئي
بابا جي وات مان اوچتو انهيءَ وقت شاهه سائين جي سٽ نڪتي
“روئيندي ڏٺيون مون انهيءَ در مٿي دادليون”
بابا مونکي چيو ته
“امان شاهه جو رسالو کڻي وٺ انهيءَ ۾ سُر ليلا چنيسر ڳولي وٺ انهي داستانن کان اڳ ۾ ڪهاڻي ۽ روحاني راز ڏنل آهي”
مون اِهو کوليو ته ڪهاڻي تفصيل سان ڏنل هُئي جيڪا امان واري ڪهاڻي سان ملندڙ جلندڙ هُئي پوءِ مون لکڻ شروع ڪيو الائي ڪهڙي غيبي طاقت هئي جيڪا منهنجي قلم کي سگهه ڏيندي پئي وئي. نوان لفظ، خيال ڪهاڻي جون بنيادي ضرورتون پلاٽ، اسلوب نگاري حمالياتي ذوق سڀ منهنجي قلم کي ڌڪيندا پنن کي ڪارو ڪندا ٿي ويا مون چئن پنجن ڏينهن ۾ ناٽڪ جا ڏهه سِينَ (لقاءَ) لکي ڇڏيا پر مونکي ناٽڪ اڃان به وڌائڻو هو ته “مون ٻاِنهنِ جي پاڻ گفتگو”، ”عورتن جي ليلا تي ٺٺوليون“ ”چنيسر جي ليلا کان جدائي کان پوءِ جي ڪيفيت“ سڀ هنن حصن ۾ ڀري ڇڏيا اصل ڪهاڻي ته ليلا جي لالچ ۽ حرص واري بيوقوفي تي مبني هئي پر ڊرامي کي اثرائتو بنائڻ لاءِ وزيراعظم ۽ سپهه سالار جا ڪردار وڌايم جنهن ۾ وزيراعظم چنيسر جو وفادار ته ٻيو سپهه سالار چنيسر جي مخالف هو هفتي کن اندر اِهو ڊرامو لکجي ويو مون ڪلاس فيلوز کي ڏيکاريو هُو ته پڙهي ڏاڍيون خوش ٿيون پوءِ چيائون ته ميڊم ڪاظمه کي ٿا ڏيکاريون جڏهن ميڊم ڪاظمي وٽ کڻي ويون ته هن چيو.
‘‘میں سندھی نہیں پڑھ سکتی اور نا مجھے سمجھ میں آتی ہے! میرے پاس رکھو کَل پروفسیسر علی ڈنو صاحب آئیں گے اُن کو آپ کی نورصباح کالکھا ہوا اسکرپٹ دکھائوں گی۔
ٻئي ڏينهن سَرِ علي ڏنو مري صاحب آيو انهيءَ جي هَٿ ۾ اسڪرپٽ واري ڪاپي ڏئي چيائين ته ڇا ڪيان.
علي ڏنو صاحب اُها ڪاپي هٿ ۾ جهلي هُوءُ اسان جي انٽر سنڌي جي ڪلاس وٺڻ آيو ۽ پوءِ سربستي ڳالهه ڪيائين ۽ چيائين ته هاڻي ته مونکي بوائز ڪاليج وڃڻو آهي سڀاڻي پڙهي کڻي ايندس ٻئي ڏينهن ميڊم ڪاظمي جي آفيس ۾ اچي ڪاپي کيس ڏنائين مونکي سڏ ڪرايو ويو خير مان به پٽيوالي عائشه بوا جي مدد سان پرنسپل آفيس پهچي ويس.
ڏٺم ته ميڊم ڪاظمي جيڪا ڪجهه ڏينهن کان ناراض ناراض هئي اُها مشڪي رهي هئي پوءِ چيائين:
”سنیں علی ڈنو صاحب کیا بول رہے ہیں۔“
مون چيو: سَرِ ڊرامو وڻيو!؟
“چيائين بابا توهان ڏاڍو بهترين لکيو آهي، هاڻي مون انهيءَ ۾ شاهه لطيف جا ڪجهه بيت وڌا آهن، اُهي پرفارم ٿيا ته پوءِ واهه واهه ٿي ويندي”
پوءِ ميڊم ڪاظمي چيو:
”ہوم اکنامکس کی استاد مس عشرت آپ کی ڈراما انچارج ہوگی“
مان ڊراما اسڪرپٽ کڻي ٻاهر آيس ۽ مِس عشرت جي انچارج ٿيڻ جي ڳالهه ڪيم، “سڀ کلي کلي کِيرون ٿي پيون مِسِ عشرت ڪراچي جي، سنڌي جو ته اکر به نٿو اچيس اسانجي ڊائريڪٽر ڪيئن ٿيندي..؟”
“بهرحال هاڻي اُکِرِن ۾ مَٿا وڌا هُئاسين ته مُهرين جو ڪهڙو ڊپ” جي مصداق اِهو طئه ٿيو موڪل واري ڏينهن صبح جو باقي پڙهائي وارن ڏينهن تي موڪل ٿيڻ کان پوءِ گهر وڃبو منجهند جي ماني کائي وَري شام جو ساڍي چار وڳي ڪاليج اچبو ۽ مِس عشرت جي نگراني ۾ ريهرسل ٿيندي.
اسان باقاعدگي سان محنت سان ڪم ڪيو ۽ سِکيو وري هڪ ٻئي کي سمجهايو ۽ وري جڏهن مِسِ عشرت کي ڪهاڻي ٻڌائِيسين ته جَهڙوڪَر ڳالهه سمجهي وئي هئي، اسان جڏهن ڳالهائيندا (ڊائِلاگ) ڪندا هئاسين ته چهري جا تاثرات ٻڌائيندي هُئي.
“اسان جهڙا اڻ گهَڙِيا ڪاٺ هُئاسين جيڪي هِنَ کي گَهڙِڻا هُئا”
ڊرامي جي ڪِردارن ۾ ليلا جو ڪردار فوزيه قاضي، جيڪا سيشن جج ميرپورخاص مشتاق قاضي جي ڌيءُ هئي انهي کي ڏنو ويو، رنگ جي اَڇي ۽ بُت جي ڀريل هئي، بهرحال سُهڻي هئي ۽ ميڊم ڪاظمي جي انهيءَ ڪِردار لاءِ چونڊ هُئي، چنيسر جو ڪِردار نسيم پروين ميمڻ (ڊاڪٽر عزيز ڊينٽل سرجن جي ڀيڻ) کي ڏِنو ويو، جيڪا اسانجي چونڊ هئي ڊگهو قد ۽ شانائتو انداز ۽ وري هڪ بادشاهه جي ڪِردار لاءِ فِٽِ هُئي ‘ڪوئنرو جو’ ڪِردار منهنجو هو، جيڪو مون پاڻ پسند ڪيو هو، مون لاءِ پڻ هڪ ايڊونچر هو، پر ميڊم ڪاظمي انهيءَ تي اعتراض واريو ۽ هيءَ فقط “کِلڻي شڪل کنيون پئي هلي ۽ سنهڙي آهي سا مَڪارِ عورت جو ڪردار ڪيئن ڪندي”
پوءِ مون تي مس عشرت کي ڪافي محنت ڪرڻي پئي، وزيراعظم جي ڪردار لاءِ رضيه ميمڻ (ٻگهيو) بهترين هُئي سنجيده ۽ وفاداري وارو ڪِردار هو، هن جا ڪاسيومز (لباس) به بادشاهه سان مِلندڙ جُلندڙ هُئا ڇو ته چنيسر ۽ وزيراعظم سڳيون ڀينرون هيون ۽ انهن جون شڪليون به پاڻ ۾ مِلن پيون، جڏهن فائنل ريهرسل ٿي ۽ ميڊم ڪاظمي انهيءَ کي ڏسڻ آئي ته وزيراعظم (رضيه ميمڻ) کي ڏسي چيائين
“اس چنیسر کو ڈ بل پارٹ کیوں دیا گیا ہے کبھی وزیر اعظم بن کی آجاتا ہے کبھی بادشاہ بن کے آجا تا ہے...!”
اسين سڀ ٽهڪ ڏئي کِلياسين ۽ مس عشرت هن کي سمجهايو ته پوءِ پاڻ به وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کِلي پئي تهمينه مفتي سپهه سالار جي ڪردار کي ڀرپور نموني نڀايو ڇا ته دٻدٻو هو، هن جي شخصيت ۾ اسٽيج تي هلڻ وقت مردانه بوٽن جو آواز مائيڪ ڪِيچ ڪري رهيا هُئا
“نواب آف ڪالا باغ امير محمد خان جهڙو پٽڪو ڪارو ڪوٽ واهه ته شاندار شخصيت ٺهي پئي هئي”
ٻانهين جا ڪِردار ظهور بيگم سومرو ۽ پروين ميمڻ (دادو واري) ادا ڪيا، پر ڏاڍا جاندار ڪِردار هُئا هٿن ۾ مور جي پَرن جا پکا خوبصورت لباس واهه جا بادشاهي محل جا لقاءَ هُئا، پروين دادو واري ته سُچُ پُچُ به ليلا جي سنگتاڻي هئي پوءِ ليلا کي متيون ڏيندي هن جي پلنگ جي ڀر ۾ ويهي ٿي رهي ۽ هِڪ حقيقي زندگي جو ڏيک ٿي ڏِنائين بهترين قسم جو فرنيچر، ننڍڙيون گول ٽپايون جن تي (صراحيون) گُهگُهيون رکيل هيون چنيسر جي ليلا کان جُدائي کان پوءِ جي ڪيفيت، انهن گلاسن وڌيڪ گهنڀير ڪري ڇڏي هئي، اِهو ڊرامو ٻن ڏينهن تائين اسٽيج تي ڏيکارڻو هو هڪ ڏينهن عام پبلڪ کي بنا ٽڪيٽ جي ٻئي ڏينهن ٽڪيٽ سان جنهن جي مهمان خصوصي سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي استاد امينه خمسياڻي صاحبه (مرحومه) هئي، ميڊم ڪاظمي جيڪا ٻئي ايم اي انگريزي مضمون ۾ ڪئي هئي، سا سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي هُيائين اُتي کان خميساڻي صاحبه سا واقفيت هئي ميڊم خميساڻي پروگرام جي مهمان خصوصي ٿي شام جو ڇهين بجي ڪاليج پهتي ۽ ساڍي ڇهين بجي ڊرامو پيش ڪيوسين هُوءَ ڊرامو ڏِسي ڏاڍو خوش ٿي، هَرِ سِينَ (لقاءُ) تي تاڙيون وڄائيندي رهي مون کان هتي زينت ٽالپر (سيال) جو ذڪر وِسري ويو جيڪا پڻ ماضي ۾ بهترين ڊراما رول ڪندڙ شاگردياڻي رهي هئي، هِيءَ انهيءَ وقت اپوا اسڪول ۾ استاد هُئي تنهن کي اسانجي رهنمائي ڪرڻ ميڊم پرنسپال گهرايو هو اڪثر بيشتر هُوءَ به هدايتون ڏيڻ لاءِ ايندي هئي بهرحال ٻئي ڏينهن به ڊرامو ڏسڻ لاءِ عورتن جو انگ تمام گهڻو هو انهيءَ ڏينهن انعام به ڏنا ويا هُئا مونکي ٽيون انعام ڏنو ويو اهيا خبر نه آهي ته ججمينٽ ڪنهن ڪئي هُئي، ميڊم خميساڻي هر ڪردار کي انعام ڏيندي ڏاڍو واکاڻيون ۽ چيو ته ميرپورخاص جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ايڏو ٽيلينٽ موجود آهي، ٻئي ڏينهن ميڊم ڪاظمي مون کي چيو.
”مجھے یقین نھیں آرہا تھا کہ آپ مکاری اتنی اچھی ایکٹنگ کرلیں گی۔۔!!!“ ..! ”مونکي فخر آهي ڪئنبرڊ ڪاليج لاهور کان بي، اي انگريزي ۽ فرينچ کان وٺي آڪسفورڊ اسڪالرشپ تائين شاندار علمي ريڪارڊ رکندڙ هِيءَ استاد امينه خميساڻي جنهن کي انگريزي رومانوي شاعري تي عروج حاصل هو تنهن منهنجي هن تشڪيل ڏِنل ڊرامي ”ليلا چنيسر“ جي هَرِ سِينَ (لقاءُ) تي خوش ٿي تاڙيون وڄايون هُيون”، سندس آخري ادبي ڪارنامو “رسالو آف شاهه لطيف” شاهه جي ڪلام جو بهترين انگريزي ترجمو آهي پهريون ترجمو 1994ع ۾ ۽ ٻيو ايڊيش 2002ع ۾ شايع ٿيو.”
اِها پوءِ خبر پئي ته ميڊم ڪاظمي هِڪ ڏينهن علي ڏِنو مري صاحب کي ويهاري ليلا چنيسر جي ڪِردارن بابت حال احوال ڪيو هو. انهن ڪِردارن جو شجرو نسب پڇيو هو، جنهن مطابق ڪوئنرو جيڪا هِڪ ويمپ ڪِردار هئي، سو ڪڇ جي تخت ڌڻي ‘راڻا کنگهار’ جي ڌيءُ هُئي انهيءَ مطابقت سان منهنجن لباسن جي چونڊ ڪرائي وئي هئي.
ائين اسانجي محنت ڪم ڏيکاريو هڪ هفتو موڪل ڏني وئي پوءِ پنهنجن نصابي سا گرمين ۾ مصروف ٿي وياسين انٽر جو امتحان به اچڻ وارو هو انٽر جا پيپر منهنجي ذاتي محنت گڏوگڏ قابل استادن جي ڏنل تعليم سبب بهترين ٿيا منهنجي انٽر ۾ ‘فرسٽ ڪلاس’ آئي بلڪه ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ فرسٽ پوزيشن هئي پوءِ بي اي پارٽ وَنِ ۾ داخلا ورتم ۽ ڪجهه ڏينهن بعد هڪ ڀيرو لائبريري ۾ ويٺي هُئس ته ڏٺم ڪاليج جي آنر بورڊ تي منهنجو نالو بابا جي نالي سميت لکيل هو مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجي محنت کي واکاڻيو ويو آهي هاڻي ياد ٿو اچيم ته انهيءَ بورڊ تي ٻه نالا مونکا اڳ موجود هُئا جنهن ۾ خديجا سومرو (امان الله سومري جي ڀيڻ) جيڪا بعد ۾ مورو ايليمنٽري ڪاليج جي پرنسپال ٺهي تنهن جو هو باقي ٻئي نمبر تي ڪنهن ٻئي ڇوڪري جو هو جيڪو مون کان وسري ويو آهي ته ڇا نالو هو انهيءَ جو...!؟
مان جڏهن نوڪري واري دور ۾ ابن رشد آيس ته اُتي اُهو پراڻو آنر بورڊ غائب هو هڪ ٻيو نئون بورڊ رکيل هو جنهن ۾ فقط ڪاليج جي نيشنالائز ٿيڻ کان پوءِ جي دور جي شادگرديانين جا نالا لکيل هُئا مونکي پوءِ هڪ انعام جنهن جي رقم 100 روپيا هئي ۽ خوبصورت لفافي ۾ بند هئي سان انهيءَ وقت جي ڊائريڪٽر ڪالجز حيدرآباد ريجن جي هٿان هڪ فنگشن ۾ ڏياري وئي هئي ڊائريڪٽر هڪ انصاري صاحب هو.
“اِهي سو روپيا ڏسي مان ڏاڍي خوش ٿي هئيس الائي ڇو...!؟ يا وري پنهنجي ڪيل محنت جو ڦل، واکاڻ ۽ حوصلا افزائي جي سبب مان ڏاڍي نهال ٿي هُيس انهي رزلٽ سبب مونکي ٿرڊ ائير ۽ فائنل ۾ اسڪالرشِپ به مِلي جيڪا پُڻ چڱي خاصي رقم هُئي.
امان چوندي هئي!
”توکي اِهي پئسا ڏِسي ايتري خوشي ڇو ٿي ٿئي، حالانڪه تنهنجو پيءَ تنهنجي هر ضرورت ۽ خواهش وات مان نِڪرڻ شرط پوري ٿو ڪري!“
واقعي ڳالهه امان جي دُرست هئي پر “اِهو منهنجي محنت جو ڦل هو، پنهنجو پئسو هو پنهنجي پاڻ کي خود ڪفيل سمجهڻ جو احساس هو...!
انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ بابا منهنجو ۽ امان جي شناختي ڪارڊ گڏ ٺاهرايا جن تي انهيءَ وقت عورتن جو فوٽو ڪونه لڳندو آڱوٺو يا سهي ٿيندي هئي ڊوميسائل وري ڪانوينٽ اسڪول ۾ نوڪري دوران سرڪار جي گُهرج تي ٺهرائي ڏنائين جنهن ۾ اهيا شرط لڳائي وئي ته نوڪري ڪندڙ سرڪاري ملازمن لاءِ شناختي ڪارڊ ڊوميسائل ۽ پي، آر، سي لازمي آهن اِهو ڊوميسائِل ۽ پي آر سي تمام جلد ٺهي ملندو هو انهي وقت ضلعي جو ڪمشنر يعني ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد هاشم ميمڻ صاحب هو جيڪو هڪ با اصول ۽ ايماندار ماڻهون هو.
انٽر پاس ڪري ٿرڊ ايئر ۾ آيس ته مان بيمار ٿي پئي هُيس پهريان ته ٽائيفائيڊ (مدي جو بخار) ٿيو اهو لهي ويو ته الائي ڪهڙو بخار هو جيڪو چوٿين پنجين ڏينهن اچي حاضر ٿيندو هو ۽ مونکي بلڪل نپوڙي ويندو هو امان ۽ بابا مونکي اسان جي فيملي ڊاڪٽر ڊريگو وٽ وٺي ويا انهي ڪجهه دوائون ڏنيون پر انهيءَ مان به ڪو فائدو نه ٿيو انهيءَ کان پوءِ ٻين ڊاڪٽرن وٽ بابا وٺي ويو جن ايڪسري وغيره ڪيا رت چڪاسي دوائون وغيره ڏِنيون پر فائدو ”نه دارد“ هِتي ته جڏهن الله پاڪ جو حُڪم ٿيڻو تڏهن ئي مونکي صحت ياب ٿيڻو هو.
”تڏهن ڦڪيون فرق ڪن جڏهن امر ڪيو ان کي“
پاڙي ۾ انهيءَ وقت هڪ ڊاڪٽر هوندو هو “احمد الدين ڪوئـٽه والا” اسان ڪڏهن انهيءَ وٽ علاج لاءِ ڪونه ويا هُئاسين ماڻهن ۾ هُن جي هاڪَ هئي پر اسان لاءِ ”گهر جو پير چلهه جو مارنگ” مثل هو.
پوءِ پاڙي واري چوڌري ‘اسلم گهمڻ’ جي گهر واري نصرت جي صلاح تي امان مونکي ڊاڪٽر ڪوئٽه واري وٽ وٺي وئي هن هڪ هفتو منهنجو علاج ڪيو ۽ منهنجو بخار لهي ويو وري ڪڏهن زندگي ۾ اهڙو بخار ڪونه آيو بخار ته لهي ويو پر انهيءَ جو ذهني ۽ نفسياتي طور مون گهڻو اثر ورتو ۽ منهنجو سفيد رنگ ڪاراٽجي ويو هو اِهو سوچيندي هُيس ته اڳتي پڙهي به سگهنديس يا وري بيمار ٿي ويندس اِهي ڳالهيون ڪندي هُيس ته بابا مونکي دلجاءِ ڏيندو هو ته
“امان توکي هاڻي ڪڏهن بخار ڪونه ٿيندو”
پوءِ مون ڪاليج باقاعدگي سان وڃڻ شروع ڪيو نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون ۾ جنبي ويس غير نصابي سرگرمين ۾ مون فقط فائنل ۾ ”جشن آئين“ جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٽيبلو.
”سنڌڙيءَ تي سِر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار“ ۾ حصو ورتو هن جو مرڪزي ڪردار تهمينه مفتي هئي جنهن کي وچ ۾ بيهاريو ويو ۽ آواز به تهمينه جو هو مهمان خصوصي ڪو سياسي ماڻهون هو شايد ڪو صوبائي يا قومي اسمبلي ميمبر هو نالو شايد خادم حسين شاهه وغيره هُئس هن کي اسان جو ٺاهيل اِهو ٽيبلو ڏاڍو وڻيو هو ۽ هن ٽيبلو جي گروپ کي 200 روپيا في شاگردياني انعام جو اعلان ڪري ويو جيڪو بعد ۾ پناهه علي شاهه سيڪريٽري ايجوڪيشن هٿان ڏياريو ويو ٿرڊ ايئر ۾ فقط ٽي اختياري مضمون امتحان ۾ ڏنا ويندا هُئا جن جون مارڪون ٽوٽل ڪري فائنل جي 5 مضمونن سان ملائي ڊويزن ٺهندي هئي فائنل دوران هڪ انٽر ڪاليج مباحثو به ٿيو هو جنهن جو عنوان هو.
”شخصيتون نه بلڪه نظريا تاريخ ٺاهن ٿا“
مون موضوع جي موافقت ۾ ڳالهائي ٻيو انعام حاصل ڪيو هو ٿرڊ ايئر ۾ مون سڀني مضمونن ۾ فرسٽ ڪلاس جون مارڪون کڻي ورتيون هيون.
آپا زينت وري سنڌي جي استاد ٿي اسان وٽ پهتي هئي ٻين ڪاليجن ۾ ڪم ٿي ڪيائين هن جي اچڻ سان اسانکي وري حوصلو مليو هُوءَ رلڻي ملڻي ۽ شاگردياڻين سان دوستانه رويو رکندڙ استاد هئي اسانکي گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي به وٺي وئي هئي اسين هر معاملي ۾ هن کي وڏي ڀيڻ سمجهي هن سان مشورو ڪندا هُئاسين.
ميڊم ڪاظمي اسانکي فائنل ۾ انگريزي پڙهائي جنهن ۾ شاعري اهڙي رڌم سان آهستي آهستي پڙهي سمجهائيندي هُئي جهڙوڪ ماءُ جي لولي هجي کيس انگريزي زبان تي عبور حاصل هو شاعر ڪيٽس جي نظم ”نائيٽ اينگل“ پڙهائيندي هئي ته ڄڻ ڪنن ۾ جلترنگ وڄي ويندا هُئا
ناوَل ”پريزنر آف زينڊا“ جي حوالي سان عام معلومات ڏني هُئائين ته انهيءَ وقت هلندڙ مشهور پاڪستاني فلم ‘محل’ جنهن ۾ محمد علي جو ڊَبل رُول هو تنهن فلم جو مرڪزي خيال انهيءَ ناول تان ورتو ويو آهي انهيءَ کان سواءِ ڪتاب “ڊيموڪريسي ۽ اٽس رائيولز” ڏاڍي سٺي نموني پڙهايائين.
خير سان فائنل جا ڪلاس پڄاڻي تي پهتا اسانکي ٿرڊ ايئر وارن ڏاڍي سُٺي الوداعي پارٽي ڏني جنهن ۾ ننڍڙا سٺا آئٽم به رکيائون اهڙي طرح منهنجي ابن رشد جي تعليمي دور جي پڄاڻي ٿي ۽ اسين انهيءَ وقت بي، اي جا امتحان ڏيڻ شاهه لطيف ڪاليج ويا هُئاسين ڇاڪاڻ ته ڊگري ڪاليج جا امتحان اُتي ٿيندا هُئا اسانجي گروپ مان رضيه ميمڻ (ٻگهيو) پڻ مون وانگر فرسٽ ڪلاس ماڻي پوءِ سنڌ يونيورسٽي پڙهڻ لاءِ وئي جتي ايم اي سنڌي ڪيائين ۽ سنڌالاجي ۾ پبليڪشن آفيسر مقرر ٿئي هن گهراڻي سان اسان جا واسطه پوءِ به گهڻو عرصو قائم رهيا ڇاڪاڻ ته هُو غريب آباد ۾ اسان جا پاڙيسري هُئا پوءِ منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر انور جڏهن جهامن داس ڪالوني ۾ پنهنجو گهر ٺهرايو ته انهي ڏينهن سندن ليبيا مان آيل ڀاءُ ڊاڪٽر مجيد جو پڻ هڪ منزل بنگلو اُتي موجود هو اُتي به هي سڀ ڀينرون اينديون رهنديون هيون جڏهن ته انهيءَ وقت اِهي ٻئي ڀيڻون رضيه ۽ پري شادي شدهه هيون حيدرآباد ۾ بي، ايڊ جي ٽريننگ دوران مان ۽ پَري يونيورسٽي جي بَسِ ذريعي ماروي هاسٽل مان اولڊ ڪيمپس اينديون هيون سين شام جو وري هاسٽل ۾ اگر واندڪائي هوندي هئي ته رضيه جي گهر جيڪا قاسم ٻگهيو جي گهرواري هئي تنهن وٽ گهمڻ ڦرڻ ويندا هُئاسين سندس ننڍڙي ايمن جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو مزو ايندو هو.
بهرحال ابن رشد ۾ پڙهڻ وارو دور تمام خوبصورت رهيو زندگي ۾ محنت جو بدلو ڪاميابي ۾ ملڻ جو سبق مون هتان سکيو مونکي ڦوهه جواني جو اِهو دور ڏاڍو ياد ايندو آهي هن وقت به مان ماضي ۾ هلي وئي آهيان ۽ آغا سليم جو هڪ شعر ياد پيو اچي.

دل جي سراءِ ۾ اڄ، ڪو قافلو لٿو آ،
ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي نه آ سهائي.

منهنجي دل جي سراءِ ۾ انهن قابل استادن ۽ پيارن ساٿياڻين جا چهرا ٻرندا ۽ ٻهڪندا نظر اچن ٿا جن سان گڏ ويهي پڙهيوسين پرايوسين نه ڪو غم هو نه وري ڪو ڏک خوشيون هيون رب پاڪ جي ذات ۾ اڳتي وڏا آسرا هُئا.
هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟ امان مونکي يونيورسٽي ۾ وڃي پڙهڻ کان صفا جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ اجازت ڪانه ڏنائين چيائين ته.
“بس ڪري هاڻي گهر ويهه تون گهڻي اڪابر ٿي وئي آهين”
بابا کي چيم ته هن پڻ نيم رضامندي ڏيکاري انهيءَ جو سبب اِهو هو ته بابا کي نوڪري ڇڏي اٽڪل 20 سال ٿي چُڪا هُئا بابا اسٽامپ وينڊري جي حق حلال جي ڪمائي مان ايترو ڪمايو هُئائين جو اسين مڇي ماني وارا هُئاسين پر اڃان ته بابا جي هڪ ڌي ممتاز، وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر انور ۽ ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر مشتاق جي گريجويشن لاءِ پئسو ۽ وقت گهربل هو جڏهن هُو پاڻ اڳي کان ڪمزور ۽ هيڻو ٿي ويو هو انهيءَ سال وڏي ڀاءُ جي لاڙڪاڻي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ٿي هئي، اهي سبب هُئا هن جي نيم رضامندي جا، امان جي سوچ زميندار گهراڻي سان واسطو هجڻ ڪري ڪجهه ٻئي هُئي هُن ۾ بابا واري روشن خيالي نه هُئي سو اِهو خيال ڏسي مان خاموش ٿي ويس پر مون ۾ اڳتي وڌڻ ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق اڃان به حد درجي جو موجود هو مون گهر ۾ ويٺي پاڻ کي بي ڪار ۽ اجائي سستي ۾ مبتلا ٿي ڀانئيو سو مون ايم اي پوليٽيڪل سائنس ڪرڻ جو ارادو ڪيو پوليٽيڪل سائنس جو سليبس گهرائي پڙهائي شروع ڪيم انهيءَ وقت ڏيهه پر ڏيهه ۾ سياست جو زور هو ۽ مونکي سياسي ڳالهيون ڏاڍيون وڻنديون هيون پر هاڻي انهن کان خار کاوان ٿي ۽ وري اجايا سياسي بحث مونکي پسند نٿا اچن جن جو ڪو لاڀ نه آهي.
امتحاني فارم ڀرائڻ ۽ وٺڻ لاءِ ڪاليج ويس ته پرنسپال آفيس وٽان لنگهندي ميڊم ڪاظمي جي نظر مون تي پئي مونکي سڏ ڪيائين مون کي ته ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجي آئيڊل استاد مونکي سڏي پئي اندر داخل ٿيس ته سامهون پيل ڪرسي تي ويهڻ جو چيائين ۽ مون کان پڇيائين.
آج کل کیا کر رہی ہیں۔۔؟
مون جواب ڏنو:
“گھر پر ہوں ”
هُن چيو:
کیوں تمہاری شادی ہوگئی ہے ۔۔!؟
مون چيو نه ميڊم
“هن کي ڪهڙي خبر ته اِها دِلي اڃان دور است”
مون کيس ٻُڌايو ته مان ايم اي جو پرائيويٽ فارم ڀرائڻ آئي آهيان، هُن ڪجهه تجسس سان مونکي ڏِٺو ۽ چيو.
“يونيورسٽي پڙهني ڪيون نهين گئي!؟
مون چيو:
‘‘امی نے اجازت نہیں دی’’
هُن پڇيو ته ڪونسي سبجيڪٽ ۾ ايم اي ڪر رهي هو؟
مون چيو:
“پوليٽيڪل سائنس” اِهو ٻُڌي تپي باهه ٿي وئي
“۽ پوءِ مونکي پوليٽيڪل سائنس خلاف اڌ ڪلاڪ ليڪچر ڏنائين ته هتان جيتريون به پرائيوٽ ڇوڪريون امتحان ۾ ويٺيون سي سڀ انهي پوليٽڪل سائنس ۾ ايم اي پاس ڪري ويٺيون آهن انهن لاءِ ڪا جاب نه آهي ڪي وري وڪيل ٺهڻ جا سانڀا پيون ڪن ڪي وري سياست دان ٺهڻ لاءِ تيار آهن.
مون وٽ سنڌي پڙهائڻ لاءِ اڃان ڪا استاد وري نه آئي آهي مون انهيءَ کان اڳ زينت سيال کي به سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ لاءِ چيو پر هن به انهيءَ ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو توکي سنڌي ۾ ايم اي ڪرڻ گهرجي.
مون کيس ٻڌايو ته تهمينه مفتي ۽ رضيه ميمن ريگولر ايم، اي ڪرڻ يونيورسٽي ويل آهن واپس هتي اچي وينديون ۽ توهان کي وري هتي سنڌي ۾ استاد ملي وينديون”
منهنجي انهيءَ جواب تي کيس وڌيڪ مٺيان لڳي“چيائين ته جيڪي يونيورسٽي وينديون آهن سي گهڻو ڪري اُتي ئي جاب ڪرڻ پسند ڪنديون آهن واقعي کين اُتي جاب ملي وئي ۽ مس ڪاظمي جي چواڻي صحيح ثابت ٿي کين يونيورسٽي ۽ سنڌ الاجي ۾ نوڪري ملي وئي”
مان پنهنجو فارم ۽ امتحاني في وغيره جمع ڪرائي گهري اچي ويس
“شام جو پوليٽڪل سائنس جا ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺس ته ميڊم ڪاظمي جو ليڪچر سروٽن وانگر منهنجي مٿي تي وسڻ لڳو ٻه ٽي ڏينهن ساندهه انهي ٻُڏِ تِرِ ۾ رهيس ۽ پوءِ مون پوليٽيڪل سائنس ۾ امتحان نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ استاد بخاري مِثَل ته:
”رَسِ وَلِ رکي چڱي آهي، ماکي چکي چڱي آهي“
تي عمل ڪندي آئينده سال سنڌي ادب ۾ ايم، اي ڪرڻ جو فيصلو ڪيمُ”
۽ واقعي پوءِ جڏهن سنڌي ادب پڙهيم ته محسوس ڪيم ته
“هي منهنجو پيارو سنڌي ادب ڪيڏين حُسناڪين، لفظن جي ڀنڊارن ۽ تصوف جي خوبصورت رمزن سان ڀريل آهي جڏهن هن ۾ ماسٽرس ڪيم ته خبر پئي ته هي قديم ٻولي پنهنجي اندر ۾ جبل جهڙي مضبوطي ۽ دريائن واري رواني رکي ٿي انهيءَ کي پڙهڻ سان انسان مدهوشي واريءَ ڪيفيت ۾ اچيو وڃي ٿو” بقول شاهه
“مَڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو”
“هاڻي ته اسانجي سنڌي ٻولي جي پهرين سنڌي ڪلاسيڪل نِرتڪي سهائي ابڙو به انهيءَ کي پنهنجي فن جي بلندين تائين کڻي آئي آهي”
بهرطور هاڻي مون ايم اي سنڌي لاءِ تياريون شروع ڪيون ڪنهن چيو ته
“ادب ۾ ايم اي ڏکي آهي چاهي اُهي سنڌي ادب هجي، انگريزي هجي يا وري اردو ادب هجي”
پر مون لاءِ هاڻي “گهڙيا سي چڙهيا” واري مثال سامهون هئي مون الله پاڪ جو نالو وٺي پڙهائي شروع ڪئي ۽ خبر پيم ته هتي ته ريفرنس بوڪ جو انت ئي ڪونه هو اِهو سليبس مون کي پرائمري ۽ سيڪنڊري جي شاگردياڻي دوست جنت راڄڙ ڏنو هو جيڪا پارٽ وَنِ جو امتحان ڏئي چڪي هئي انسان جي ڪوشش ۽ محنت اڳيان سڀ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون پاڻ ئي آسان ٿي وينديون آهن.
“نيت صاف مراد حاصل”
ايم اي سنڌي ڪرڻ لاءِ مونکي هڪ گائيڊ آپا نجمه شيخ جي صورت ۾ ملي وئي هُوءَ به مختلف هنڌن تي سنڌي جي پروفيسر ٿي ڪم ڪرڻ بعد ابن رشد ۾ استاد ٿي آئي هئي آپا نجمه مشهور رائٽر ۽ مصور ع ق شيخ جي نياڻي آهي هن گهراڻي جو ذڪر مان پنهنجي پرائمري تعليم دوران ڪري آئي آهيان انهيءَ وقت هُوءَ ابن رشد ۾ سنڌي پڙهائيندي هئي انهيءَ سان گڏوگڏ لائبريري انچارج به هئي انهيءَ وقت ابن رشد ۾ لائبريري سائنس ۾ ايم اي سي ڪيل ڪابه استاد موجود نه هئي مختلف ليڪچرارن کان اِهو ڪم ورتو ويندو هو مون هڪ ڏينهن وڃي آپا نجمه شيخ کي پنهنجو حال اوريو هن ڏاڍي پيار سان دلاسو ڏنو سنڌي ۾ ايم اي جو ٻڌي آپا باغ بهار ٿي وئي آپا ۾ قوم پرستي حد درجي جي موجود هئي.
“هن مونکي شام جو پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو ته اُتان اچي ڪجهه نوٽيس کڻي وڃجانءِ باقي ڪتاب لائبريري مان هڪ هفتي کان پوءِ اچي کڻي وڃجانءَ جيڪي مان توکي پنهنجي نالي سان اِشو ڪري ڏيندس”
آپا نجمه منهنجي زندگي جي پهرين اسڪول استاد دادي اَربُو جي ڀاڄائي ۽ آفتاب شيخ جي گهر واري هئي جيڪو پوءِ ترت سعودي عرب ۾ حج دوران هڪ حادثي ۾ گذاري ويو ڪاليج ۾ آپا نجمه منهنجي ڀيڻ ممتاز جي استاد ٿي رهي مان شام جو امان سان گڏ سندس گهر ويس ته آپا اڳ ۾ ئي سنڀالي رکيل فائيل جن ۾ ايم سنڌي جا بهترين نوٽس (مواد) موجود هُئا منهنجي حوالي ڪيائين ۽ چيائين ته
“امتحان کان پوءِ اُهي نوٽِس واپس ڪري وڃجانءِ ته جيئن اڳتي ٻين ڇوڪرين کي ڪم اچن”
هفتي کان پوءِ ڪاليج لائبريري ويس ته اُتي آپا نجمه ڀَرِي ڪتابن جي ميز مٿان رکيو ويٺي هُئي جيڪي هن پٽيوالي جي مدد سان گيٽ تائين پهچايا ۽ ٽانگي ۾ رکائي مون کي گهر روانو ڪيو مان سوچيندي آهيان ته:
“ڇا ته وشال دل ۽ وسيع دماغ رکندڙ اِهي استاد هُئا” آپا ڏاڍي چست ۽ چوبند زندگي گذاري ڪيترن سماجي ۽ لساني تنظيمن جو ميمبر رهي حيدرآباد ۾ رهندي هئي هاڻي جڏهن مون پنهنجي “آتم ڪٿا” جو ڪم فيئر ۽ فائنل ٿي ڪيو ته 9 جنوري 2019ع جي ڪاوش اخبار تي نظر پيم ته اهيا خبر جيڪا واقعي افسوس ناڪ هئي ته.
“سنڌ جي نامياري تعليم دان ۽ اديب نجمه شيخ حيدرآباد ۾ پنهنجي بابن شاهه واري گهر ۾ وفات ڪري وئي”
آپا جو تازو فوٽو به ڏنل هو جنهن ۾ هُوءَ بيمار ۽ ڪمزور نظر اچي رهي هُئي آپا جو لکيل ڪتاب “نجمه منهنجي نانءُ” جو به احوال ڏنل هو پر اهو نالو ڪجهه هيڙي طرح ڏنل هو “آئون نجمه آهيان” شايد اخبار وارن کي ڪتاب جي صحيح نالي جي ڄاڻ نه هئي آپا اِهو ڪتاب مون ڏانهن به عائشه خاصخيلي هٿان گرلز ڪاليج ميرپورخاص اچي، مون ڏانهن موڪليو هو جنهن ۾ تمام سٺو لکيو اٿس ۽ سندس خاندان جا رنگين ۽ بليڪ فوٽو ڏنل آهن.
دنيا فاني آهي هرڪو اچڻو وڃڻو آهي پر ڪجهه ماڻهن لاءِ چوڻو ٿو پوي.

”ڪوڪو ماڻهو موتي داڻو،
ڪاڪا دل هيرن جي کاڻ،
ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ“

هن نجمه شيخ مونکي سنڌي ادب جو اُهو زرخيز خزانو ڏنو جنهن کي صرف پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي دير هئي مان ايم اي پِرِي وِيِس جي پڙهائي ۾ جنبي ويس
منهنجي زندگي جا انهيءَ وقت تائين گذريل سال ۽ صبح جو وقت اٺين کان ٻين بجي تائين پرائمري، سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ گذاريا هُئا الائي ڇو مان هاڻي به انهيءَ وقت اڪيلائي، خاموشي ۾ به ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي موڊ ۾ رهندي هُيس لکڻ پڙهڻ جو سلسلو شام کان رات جو 12 بجي تائين هوندو هو چوندا آهن.
”ماضي مختصر لڳندو آهي ۽ ماضي پيارو لڳندو آهي”
سو مونکي به ماضي جا اسڪول ۽ ڪاليج ڏاڍو صبح ساڻ ياد ايندا هئا ۽ گهر م اهيا سانت بلڪل نه وڻندي هئي امان گهر جي ڪم ڪارين کاڌو پچائڻ، مائي ڪَمَ واري صفائي سٿرائي ۾ مصروف هوندي هئي، ممتاز گرلس هاءِ اسڪول ۾ مشتاق شاهه ولي الله پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويندو هو انور ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ويل هو جتي هُو لاڙڪاڻي جي هن ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهندو هو. ڪٿي پڙهيو هُئم
“انسان ٻن پيرن وارو جانور آهي هن جو هڪڙو پير قسمت کڻائي ٿي پيو هُو پاڻ کڻي ٿو”
مونکي صبح جي وقت جي اهيائي اڪيلائپ کائڻ ايندي هئي انهي جو اظهار مون بابا سان ڪيو.
“ڪنهن سچي احساس جو اظهار دنيا جي ڏکين ڪمن مان هڪ آهي”
بابا مونکي چيو ته ڇا وري پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿي ڇا؟
مون چيو: “نه بابا مان اسڪول ۾ جاب ڪرڻ چاهيان ٿي”
بابا چيو! ڇو مان حيات آهيان ڪمايان پيو توکي انهيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي!؟
مون چيو ”بابا گهر ۾ منهنجي دل نٿي لڳي ماڻهن ۾ رهڻ چاهيان ٿي“
بابا مونکي مذاق ۾ چيو ته پوءِ هلي وڃي تنهنجي ماسيءَ وٽ رهُه جيمس آباد اُتي گهر ۾ گهڻا ماڻهون آهن (ماسيءَ جي گهر ۾ ٽي چار فيمليون گڏجي رهنديون هيون)
پر بابا ذهني طور هوشيار، سجاڳ ۽ زماني جي اُٿ ويهه کان واقف هو ۽ وڏي ڳالهه ته انساني نفسيات کي سمجهندڙ ماڻهون هو تنهن مونکي دلاسو ڏنو چيو ته: ”ڏسان ٿو تنهنجو اِهو مسئلو حل ٿا ڪيون“
زندگي ۾ اتساهه جو پنهنجو مقام آهي بابا جو وجود مون لاءِ لاءِ جياپي جو ڪارڻ بڻجي ويو ائين به ٿيندو آهي اهڙن پيارن طرفان ڪو نئون اظهار، نڪور حجت يا هلڪي حوصلا افزائي انسان لاءِ اڳتي وڌڻ جو در کولي ڇڏيندي آهي.
هي اُهي دور هو جڏهن پاڪستان ٽٽي چيو هو مليٽري بيورو ڪريسي ڪمزور ٿي چڪي هُئي انهن سويلين بيورو ڪرسي جو سهارو ورتو هو پهريان هڪ لولي لنگڙي جهموريت ڀٽي صاحب جي حوالي ڪئي وئي هئي جنهن جي ڪمزور معيشت، 90 هزار جنگي قيدي پاڪستان جو ڪريل وقار انهن سڀني مسئلن کي ڀٽي صاحب کي حل ڪرڻو هو هو انهيءَ لنگڙي جهموريت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو هن ملڪ جي عوام کي روزگار ڏيڻ لاءِ نوان کاتا کوليا هُئا جن جي ذريعي عوام کي روزگار مليو تعليم کاتي ۾ پڻ نوڪرين جا نوان در کليا هُئا جولائي 1972 ڌاري سنڌي ٻولي ايڪٽ جو بل سنڌ اسمبلي اتفاق راءِ سان پاس ڪيو هو زبان جي ترويج لاءِ سڀني اسڪولن ۾ لينگويج ٽيچر مقرر ڪيا ويا هُئا جيڪي پرائمري کان سيڪنڊري تائين غير مادري (اردو ٻارن) کي سنڌي پڙهائيندا هُئا هي هڪ سبجيڪٽ هو جيڪو انهن جي نصاب ۾ شامل هو اهڙي طرح سنڌ جي زناني اسڪولي تعليم ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عورت استادن جو اضافو ٿيو هو ڇاڪاڻ جو اردو ميڊم اسڪولن ۾ به سنڌي لينگويج ٽيچر ضرور اپائنٽ ئي هئي.
ڀٽي صاحب جي هن حڪمت عملي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ ۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد ڪرايا ويا هُئا جيڪا هڪ من گهڙت ڳالهه هُئي هي جو اسڪولن ۾ لينگويج ٽيچر اپائنٽ ٿيا هُئا ڪهڙي قابليت جي بنياد تي ٿيا هُئا درخواستون سڌيون سنئيون ڊي، او ايجوڪيشن فار گرلس ٿرپارڪر ۽ اينڊ سانگهڙ ڊسٽرڪٽ ايٽ ميرپورخاص وٽ جمع ٿينديون هيون اُها ڊي اي او عورت پنهنجي مرضي سان ميٽرڪ انٽر ڪٿي ايم اي پاس لينگويج ٽيچر مقرر ڪندي هُئي. هن جاءِ تي انهيءَ وقت حميده حيدر نالي هڪ عورت ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ضلعن جي گڏيل ڊي، اي او هُئي. رشوت وغيره جو نالو نشان ڪونه هو باقي وڏيرن ايم پي ايز ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙن کان ڏاڍو ڊڄندي هئي هن ۾ تعصب به ڪجهه حد تائين موجود هو انهيءَ جو اندازو انهي ڪارڪردگي مان لڳائي سگهجي ٿو ته :
“نااهل سنڌي ڇوڪرين ۽ گهٽ پڙهيل ميٽرڪ پاس ڇوڪرين کي اهل ڇوڪرين تي ترجيح ڏئي انهن کي پاڻ ۾ ويڙاهي ڇڏيندي هئي سندس سوچ ننڍي هئي.
“ننڍي سوچ پير ۾ موچ” اسان جهڙين سادين ۽ محنتي ڇوڪرين جو ٻيڙو ٻوڙيو هو هن جي اڳيان ميٽرڪ ٿرڊ ڪلاس ۽ انٽر ڪلاس ٿرڊ ۽ سيڪنڊ، بي اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪوبه فرق نه هو”
هاڻي تائين چيو وڃي ٿو ته حميده حيدر وڏي تعليمي ماهر هئي اِهو شايد سندس ظاهري ڏيک هو، ڳالهائڻ ۾ شائسته زبان مهذب ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن پيار ۾ بيٽا بيٽا چوڻ هن جو مشغلو هو هن سان گڏ ٻه ڊپٽي ڊي اوز هونديون هيون آپا زرينه اشرفي مرحومه ۽ مسز خان زرينه اشرفي دادو سان واسطو رکندڙ پنجابي هئي ۽ سنڌي صاف ڳالهائيندي هئي ۽ سنڌي ماڻهن سان واسطه گهڻا هُيس مسز خان جلدي سانگهڙ جي ڊي او ٺهي هتان بدلي ٿي وئي زرينه اشرفي پرائمري اسڪولن جا معاملا نبريندي هُئي هيءَ اشرفي صاحب جيڪو پراڻو استاد هو ۽ هندوستان کان لڏي آيل محاجر هو تنهنجي گهر واري هئي. حيدرآباد روڊ تي سيشن ڪورٽ سامهون هن جو گهر هو جتي اسماءُ باطن جو گهر پڻ هو هاڻي اُتي اسٽائلو جو دڪان ٺهيل آهن.
خير اِهو ته هو زناني تعليم کاتي ميرپورخاص جو احوال هتي ته ڪي وڏيون مشڪلاتون هيون ماسترياڻي ٺهڻ لاءِ وڏا ڪي
‘پاپڙ ويلڻا هُئا جنهن جو اندازو مونکي ۽ بابا کي ڪونه هو’
مون ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ شغل ئي ڳوليو ڇاڪاڻ ته خالي دماغ شيطان جو ورڪ شاپ هوندو آهي.
پر هتي معاملو او رهو مونکي ته حافظ نظاماڻي جو هي شعر ياد پيو اچي.

زندگيءَ جي ڏس وڏي طوفان ۾ ڦاٿل آهيان،
شيطان کان آجو ٿيس، انسان ۾ ڦاٿل آهيان.

انهيءَ سڄي ماجرا کي منهن ڏيڻ لاءِ بابا منهنجي نوڪري واري درخواست جيڪا سڄي فرسٽ ڪلاس سان ڀريل هئي، آفيس ۾ جمع ڪرائي آيو هو. پر جواب نه دارد!
آخر هڪ ڏينهن حميده حيدر سان دوبدو ملاقات ڪيائين، جيڪا انهيءَ وقت هتي ٿرپارڪر جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر فار گرلس هئي.
جواب اِهو ڏنائين ته اسان وٽ سڀ پوسٽون ڀرجي ويون آهن في الحال ڪابه جاءِ خالي نه آهي. پوءِ بابا به هِن جي ذهنيت سمجهي ويو ۽ هاڻي هن سان اهڙي نموني ڪم ڪڍڻو آهي جهڙي ذهنيت جي هُوءَ مالڪ هئي.
”اسانجي ننڍي گهر ۾ ڏيپلائي ميمڻ ڪرائيدار رهندا هُئا، حبيب الله نالو هُئس، هيڊ منشي روينيو کاتي ۾ هو. تنهن پنهنجي ڪنهن رشتيدار کان جيڪو انهيءَ وقت حيدرآباد ۾ رهندو هو، ليٽر گهرائي بابا کي ڏِنو ته هي سفارشي ليٽر آهي وڃي مائي حميده حيدر کي ڏيو“
حميده حيدر ليٽر ڏِسي يڪدم ڪلارڪ کي گهرائي چيو: جہاں پر بھی خالی پوسٹیں ہیں، اُن میں پرائمری اسکول میں نورالصباح کو ابھی دے دو پوسٹنگ آرڈر۔
بابا چيس ته پرائمري ۾ ڇو؟ هِيءَ ته سُٺي ڪلاس ۾ گريجويٽ آهي، مونکي خبر آهي ته سيڪنڊري اسڪولن ۾ به جايون آهن، اُتي ڇو نه ٿا اپائنٽ ڪيو. حميده حيدر چيو ته: ‘‘اب تو کوئی نہیں بعد میں دیکھیں گے’’
اُتي سيڪنڊري اسڪولن ۾ پوسٽون هيون، جيڪي اڃان به هن ڪنهن منسٽر يا وڏيري يا وري ڪنهن ايم پي جي لاءِ بچائي رکيون هيون، ۽ ٿيو به ايئن منهنجي نوڪري شروع ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٻه ٽي مهينا پوءِ سينٽ مائيڪل جي هِڪ پوسٽ جيڪا لينگيئيج ٽيچر لاءِ هئي، سا ڀري هئائين ۽ اُها ٽيچر ته ميٽرڪ ۾ به سپليمٽري هولڊر هئي. اُهو هو محترمه حميده حيدر جو معيار ۽ سوچ.
اسانجي پاڙي واري ريحانه قاضي جيڪا واقعي اهل ۽ ضرورتمند هئي، جنهن تي ڪجهه اضافي ذميداريون هيون، تنهن جي سڄي ڪلاس جي سنڌي ڇوڪرين کي نوڪري ڏئي.
”هُن کي اِهو جواز ڏئي جواب ڏنو ويو ته اُها عمر ۾ ننڍي آهي، هروڀرو ڪنهن شريف انسان کي تنگ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد ڪونه هو. جڏهن ته هن جي سڀني ڪلاس فيلوز جا اپائٽمنٽ مختلف هنڌن تي ڪري هنن کي پاڻ ڀرو ڪري ڇڏيو هُئائون، جن ۾ شاهوڪار ماڻهن جون ڌيئرون به شامل هيون. وڌيڪ تفصيل ۾ هاڻي وڃڻ جي منهنجي عمر نه آهي جيڪو الله جي طرفان مِلڻو هو سو اسانکي انهن آفيسرن جي طرفان مليو، الله ڪري اگر حيات آهن ته خوش هجن ۽ اگر الله وٽ آهن ته پوءِ رب سندن مغفرت ڪري“
مونکي ليٽر ملڻ جي ڏاڍي خوشي ٿي پر اِهو مرزا غالب پرائمري اسڪول هو جيڪو پاڪ ڪالوني ۾ هو ۽ شام جي شفٽ هئي صبح جي وقت ڇوڪرا پڙهندا هُئا مونکي شام جي شفٽ جو ٻڌي ٿوري پريشاني ٿئي ڇاڪاڻ ته مون ته صبح جي اڪيلائي کي مصروفيت ۾ بدلائڻ ٿي چاهيو بهرحال ليٽر مليو جوائن ڪيم هڪ نصرت نالي خفتي هيڊ مسٽريس هئي ٻيو شيرين صديق ميمڻ پاڙي واري صديق وڪيل جي ڌي انهيءَ کان علاوه ٻه ٽي ٻيون اردو اسپيڪنگ ماسترياڻيون هيون ٻن پهرن جو منهنجو ننڊ جو ٽائيم هتي وري نوڪري لاءِ وڃڻ مونکي ڳالهه نه وڻي هئي اَمان چوندي هئي.
”نوڪري ڪيان نوڪري ڪيان ڏاڍو شوق هُيئي! هاڻي ڏي مُنهن..!“
نوڪري جي بالا عملدارن لاءِ لِکندِيس ته: ”هڪ ڏاهو ڊيل ڪارنگي لکي ٿو ته: ٽيهه سال اڳ مون تي هڪ راز ظاهر ٿيو، جنهن منهنجي زندگي کي بدلائي ڇڏيو اُهو راز ڪجهه لفظن تي ٻڌل آهي.
“توهان جون حدون مصنوعي آهن”
ڪاش اِهي لفظ انهيءَ وقت سرڪاري آفيسن ۾ لکيل هُجن ها.
هيڏانهن جيڪا مان شام واري نوڪري کان بيزار ويٺي هُئس، اُها اڪيلائي جيڪا منهنجي ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻ کان سواءِ محسوس ٿيندي هئي پر الله جو هر ڪم مصلحت سان ڀرپور هوندو آهي هاڻي قدرت طرفان آساني فراهم ٿيڻ واري هئي جو هڪ ڏينهن زرينه اشرفي مرحومه اسڪول وزٽ تي آئي چيائين ته هِت شاگردن جون داخلائون ته گهٽ آهن پوءِ ٻه لينگويج ٽيچر ڇو آهن شيرين ميمڻ اڳي ئي اتي موجود هئي ۽ مونکي لينگويج ٽيچر لاءِ ٻيو آرڊر ڏنو هُئائين منهنجا هن ڪتاب جا پڙهندڙ سوچيندا هوندا ته انهيءَ وقت تعليم کاتي ۽ آفيسرن جو اِهو حال هو ته:
“هاڻي وري ڇا..! جو افسوس ۽ ملال..!
ٽي ڏينهن خير جا گذريا پوءِ اسين اسڪول ۾ ويٺا هُئاسين ته ڊي، او، آفيس جو پٽيوالو منهنجو ٽرانسفر آرڊر کڻي آيو مونکي دارالنسوان پرائمري اسڪول ۾ بدلي ڪيو ويو هو جتي ٻه ڏينهن اڳ هڪ ترهت آفتاب نالي ٽيچر گذاري وئي هئي انهيءَ جي پوسٽ خالي ٿي هئي.
امان منهنجي مونکي چيو:
”نه وڃ انهيءَ اسڪول ۾ نڀاڳو آهي، جوان جماڻ نزهت مري وئي آهي توکي ڪو نقصان نه پهچي“
اِهي سڀ هڪ قسم جا وهم ۽ انومان هُئا، جيڪي هڪ ماءُ جي دِل ۾ اُڀري آيا هُئا. مون ٻئي ڏينهن شام جو پاڪ ڪالوني اسڪول مان رِليوِ ٿي اڳلي صبح دارلنسواءَ پرائمري اسڪول ۾ جوائن ڪيو، جيڪو منهنجي گهر کان گهڻو پري هو، گرلس هاءِ اسڪول (پرتاب ڀون) جي بِلڪل پويان ڪاهو بازار ۽ سونارڪي گهٽيءَ جي بِلڪل مُنهن تي هو، انهيءَ جي پويان هڪ ٽي بي هاسپيٽل هئي ۽ سٽي ٿاڻو هُيس. هي اسڪول منهنجي خيال ۾ هندن جي دؤر جو هڪ ڌرم شالا هو، جيڪو ڪجهه عرصو اڳ گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول ٺهيو، جيڪو بعد ۾ پرتاب ڀون ۾ شفٽ ٿيو ۽ اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي، ۽ هاڻي شهيد بينظير گرلس هاءِ اسڪول چوارائي ٿو. مونکي هتي دادي افضل جيڪا هڊسن واري دادي مهرو جي ننڍي ڀيڻ هئي، سا هيڊ مسٽريس ٿي مِلي، ڏاڍي خوش اخلاق کِلڻي مِلڻي ۽ باذوق عورت هئي ماڻهن کان ٻُڌو اٿم اصل ۾ سيوهڻ جي رهندڙ هئي، ۽ مغل فيملي مان هئي، سندس شادي ساهتي نواب شاهه واري قومي اسيمبلي جي ميمبر ظفر شاهه جي ڀاءُ سان ٿيل هئي، کيس ٽِن ڌيئرن جو اولاد هو. دادي افضل جو پنهنجو گهر نيو ٽائون ميرپورخاص ۾ هو، جتي هُوءَ ٻن وڏين ڀينرن مهرو، اقبال ۽ ٽِن ڌيئرن، هڪ عدد پوڙهي پڦي ۽ هڪ مامي سان گڏ رهندي هئي، ڏاڍي سُٺي اخلاق واري عورت هئي، هاڻي گذاري وئي آهي، رب پاڪ شال مٿس رحمت نازل ڪري.
هتي مونکي اسانجي غريب آباد جي پاڙيسرن پروين موسيٰ به ملي جيڪا انهيءَ وقت بلڪل نوجوان هُئي ۽ انٽر پاس هئي، سندس والد انهيءَ وقت مختيار ڪار هو ڏاڍي خوش اخلاق ۽ کلڻي ملڻي هئي وري گهڻو عرصو شادي کان پوءِ پنجاب لاهور هلي وئي وري اچي ابن رشد ۾ ليڪچرار ٿي به رهي انهيءَ کان علاوه مرحومه شميم زيدي جيڪا هن درالنسوان کان وٺي ڪاليج جي نوڪري تائين منهنجي دوست رهي سا به ملي پوءِ وري ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن جي ٽرينگ لاءِ ڪراچي هلي وئي ۽ وري اچي ا بن رشد جوائن ڪيائين.
استاد بهرحال استاد آهي اُهو ايتروئي قابل احترام آهي ڇاهي اُهو پرائمري استاد هجي سيڪنڊري هجي يا وري ڪاليج جو پروفيسر هجي مونکي پنهنجي انهن ڪيڊرن تي استاد رهندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي اُتان جون يادگيريون سنڀالي رکيون اٿم منهنجي نوڪري وارو اِهو چَڪَرُ اڃان وڏو آهي. جيڪو هِتان کان هُتان ٿيندو آيو آهي.
ہر ذہن میں اور دل میں آباد رہیں گے۔
استاد تھے٬ استاد ہیں، اور استاد رہیں گے۔

مان اسڪول جي ماحول ۾ ڏاڍي هِري مِري وئي هُيسِ ته گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول موجود (ش ب هاءِ اسڪول) پرتاب ڀون ۾ انگريزي پڙهائڻ لاءِ استاد جي ضرورت هئي اُتي به اسانجي ڪامورياڻين جي نظر مون تي پئي انهن ۾ هڪ ڊپٽي ڊي او هئي مسز خان تنهن جي صلاح تي حميده حيدر صاحبه مونکي هاءِ اسڪول (ش ب) ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو
”هاڻي انهيءَ نتيجي تي اچي بيٺي آهيان ته مطلب ته اندر ۾ قابليت جو اعتراف هُوين پر سيڪنڊري جي پوسٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه هيون“
مونکي سِکڻ جا موقعا قدرت فراهم ڪري رهي هئي هڪ شعر جيڪو ڪنهن سُگهڙ جو آهي ته:
“پڙهلين ڪتاب کولي ڏنا ٿي جواب ۽ اڻ پڙهيلن،
انبڙو چوي! ٿي ڪيون پاڻي تي سهيون.
هن حسين ڪشادي بلڊنگ ۾ ٻئي ڏينھن داخل ٿيس ته مونکي مومل راڻو سُر وري ياد اچڻ لڳو.
“ڪنواريون ۽ ڪوئنر ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا”
مون هيڊ مسٽريس آپا قمر کوکر وٽ پهچي جوائنگ لکي ڏني جيڪا هُن ڪلارڪ مدن موهن جي حوالي ڪئي ۽ مونکي وقت جي پابندي ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جي تاڪيد ڪيائين آپا قمر مزاج جي تيز هئي پر محنتي استادن جي قدر دان هئي ٻه سال مان هتي رهيس هتي تمام گهڻو اسٽاف هوجن مان گهڻيون تڻيون منهنجون استاد به رهي چڪيون هو ۽ ذاتي طور سڃاڻنديون به هيون رخسانه قاضي منهنجي پاڙيسرن به هتي موجود هئي جنهن هن نئين ماحول ۾ سيٽ ٿيڻ ۾ منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ هتان جي عورتن جي مزاج ۽ ماحول جي باري ۾ آگاهي ڏنائين.
مون ڏٺو ته هتي هاڻي سنڌي ڇوڪرين لاءِ هر درجي ۾ هڪ سيڪشن جيڪو اَي سيڪشن چوارائيندو هو سو کلي ويو آهي سو موجود هيو هتي سنڌي ڳالهائيندڙ استاد به موجود هيون سنڌي ٻولي سمجهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ استادن ۾ هڪ سينئر استاد رڪمڻي هئي جيڪا انهيءَ وقت جي مشهور وڪيل لڌارام شرما جي گهر واري هئي هي اصل مٺي ٿرپارڪر جا هُئا
“هي جوڙو انهيءَ وقت ميرپورخاص جو خوبصورت ۽ آئيڊيل جوڙو چوارائيندو هو هنن جا ٻه ٻار پشپا ۽ رميش هنن سان گڏ جڏهن گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهي ايندا هُئا ته اکين کي ڏاڍا وڻندا هُئا”
رڪمڻي رياضي جي ماهر استاد هُئي، سڀني سنڌي ڪلاسن کي حساب سيکاريندي هئي، سندس گهڻو تڻو لباس ساڙهي هوندو هو، جيڪو ڏاڍو ٺهندو هُئس اسانجي پاڙي واري رخسانه قاضي پڻ ساڙهيون شاندار پائيندي هئي، بهرحال رُڪمڻي جو احترام پنهنجي جاءِ تي پر هن عورت سان پيار گهڻو ڪندا هُئاسين هُوءَ ڏاڍيون عقل ۽ سمجهه واريون ڳالهيون ڪندي هُئي اُتي نجمه ميمڻ (دادو) پارپتي ديوي، منور قاضي ۽ نسرين موسيٰ جيڪا رائٽر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي وڏي ڀيڻ آهي انهيءَ وقت ڪلاسن ۾ عربي جو سبجيڪٽ پڙهائيندي هُئي هڪ روشن خيال سنڌياڻين جو چڱو خاصو گروپ هو جيڪي ذهانت ۽ قابليت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون هيڊ مسٽريس آپا قمر کوکر جيڪا مزاج جي تيز آفيسر هُئي سا پڻ اسانکي ڏسي چوندي هُئي
“رڪمڻي ڪهڙا لطيفه ٿي ٻُڌاءِ جو توهان ڇوريون سڀ کل ۾ اونڌيون لڳيون پيون آهيو...!؟”
هُوءَ ته دُنيا جي تجربن ۽ ايندڙ زندگي جي باري ۾ سمجهه ڀريون ڳالهيون ڪندي هئي، اسان وٽ بي فڪري خوشي ۽ آئينده لاءِ سُهڻا خواب هُئا جن جي ساڀيان ڪنهن کي مِلي ڪنهن نه مِلي، پر ٽهڪ ضرور ڏيندا هُئاسين ڪنهن شاعر موجب:
ڪنهن ڳالهه تي، تو جي ٽهڪ ڏنا،
سوين گل ٽارين تي ٽڙيا هوندا.
هتي مونکي ڪجهه منهنجي دؤر جون استاد محترم به مِليون جن ۾ خالده باجي، زبيدهه چاند، عظيم باجي پڻ اسان جي رهنمائي لاءِ موجود هيون هن اسڪول ۾ پڙهائڻ منهنجي لاءِ هڪ سٺو تجربو هو جتي نه صرف مون سنڌي ۽ انگريزي پڙهائي بلڪه سماجي اڀياس دينيات ۽ هوم اڪنامڪس به پڙهائي هن اسڪول ۾ هوم اڪنامڪس جو سلائي ۽ هٿ جي هنرن جو ڪم پڻ گهڻو ٿيندو هو. جنهن ۾ ڇوڪرين کي هٿ ها هنر ڪپڙا سبڻ، ڪپڙا ڪٽنگ ۽ سوئٽر وغيره ٺاهڻ جو ڪم هڪ استاد زبيده انصار سيکاريندي هئي مون به فري ٽائيم ۾ زبيده انصار کان پشم جو سوئٽر ٺاهڻ سِکيو هو، هُوءَ ڪم گهٽ سيکاريندي هُئي دڙڪا گهڻا ڏيندي هئي، ڇو ته هُوءَ شاگردي واري دور ۾ اسان جي استاد رهي هُئي آخرڪار هن مونکي سوئٽر ٺاهڻ سيکاري ڇڏيو انهيءَ زماني ۾ هٿ جي اُڻيل سوئٽر جو گهڻو فيشن هو هاڻي ياد ٿو اچيم ته هن اسڪول ۾ مون اٽڪل 3 سال نوڪري ڪئي ۽ مون ايم سنڌي پارٽ وَنِ ۽ ٽو جو امتحان به هن نوڪري دوران ڏنو ايم اي فائنل ۾ منهنجو رزلٽ پڻ فرسٽ ڪلاس آيو اِهو امتحان پڻ مون ابن رشد گرلس ڪاليج سينٽر ۾ ڏنو هو هاڻي ڊگري ڪلاسن ۽ ماسٽرس جا ڇوڪرين جا امتحان هتي ٿيندا هُئا اُها سخت سياري واري صُبح ياد اٿم جڏهن مون ايم اي فائنل جو سڪينڊ پيپر ٿي ڏنو مون سان گڏ پروين (عاربي) زينت ٽالپر (سيال) به ايم فائنل جا پيپر ٿي ڏنا بلاڪ ۾ فقط اسين ٽي هُئاسين نه بلڪه سڄي سينٽر ۾ ئي ٽي ڄڻا هُئاسين اسان جا هَٿ سخت سيءَ سبب ٺري برف ٿي ويا هُئا ۽ قلمُ هٿ جي گرفت ۾ نه ٿي آيو سو لکي نٿي سگهيوسين اسان جي مٿان انويجليٽر پروفيسر شاهانه برڪت هئي جيڪا انهيءَ وقت غير شادي شدهه هئي ۽ حيدرآباد مان ايندي هُئي تنهن جڏهن اسانکي سيءَ ۾ ڏڪندي ڏٺو ته چيائين. ”لکھنا نہیں جا رہا ہے؟“
اسان جواب ڏنو: ”ہمارے تو ہاتھ ہے کام نہیں کر رہے“
هن ويچاري کي اسانکي هِن حال ۾ ڏِسي رحم اچي ويو ۽ چيائين ته: ”میں آپ کو کینٹین سے چائے منگوا کر پلاتی ہوں“
هن چانهه گُهرائي اسانکي پياري ته پوءِ اسان ڪجهه گرم ٿياسين ۽ ڪاپين ۾ لکڻ شروع ڪيوسين.
”اِهي هُئا انهي وقت جا مهربان استاد انهن کي شاگردن جو ايترو احساس ٿيندو هو.“
هاڻي ته ويجهڙائي ۾ مون اهڙا سيءَ ڪونه محسوس ڪيا شايد انهيءَ وقت سيءَ گهڻا پوندا هُئا جيڪي انسان جا انگ سُڪائي ڇڏيندا هُئا بهرطور وقت هو گذري ويو مون به پوسٽ گريجويشن مڪمل ڪئي ۽ ايم سنڌي ٿي ويس ”منهنجي ترقي جي رفتار ڪَڇونءَ واري هئي.“
هڪ ڏينهن اسڪول ۾ رُڪُمَڻي مونکي مشورو ڏيندي سوال ڪيو ته:
“ڇا تون سڄي عمر هن پرائمري جي پوسٽ تي رهندينءَ ۽ هيترو ڪم ڊيپوٽيشن تي ڪندي رهندينءَ ڇا؟
مونکي سندس اِها ڳالهه دِل سان لڳي ته ”جڏهن گيهه سِڌين آڱرين سان نه نِڪري ته پوءِ آڱريون ٽيڏيون ڪرڻيون پونديون آهن“ مونکي پڪ هئي ته هيءَ ڪم بالا آفيسرياڻين معرفت نه ٿيندو هُوءَ ڄڻ مون سان چَپ پئجي ويون هيون انهن ڏينهن هر مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ اسان وَٽ هاءِ اسڪول جو ڪلارڪ ايندو هو امان الله ميمڻ، جڏهن هُوءَ شخص ڪلارڪ آفيس ۾ آيو ته رڪمڻي مون کي وٺي اُتي پهتي ۽ کيس چائين.
”هن سان ڪهڙو وَير ۽ دشمني اٿوَ! جو هن کي جي ايس ٽي پوسٽ نٿا ڏيو هاڻي ڪابه پوسٽ سيڪنڊري جي خالي ٿِئي ته هن کي اُتي پوسٽنگ آرڊر ڏيڻ تنهن جو ڪم آهي هُن شخص چيو ته:
”مونکي انهي ڪيس جي خبر ئي ڪانه آهي، پر جيئن ئي ڪا پوسٽ خالي ٿئي ٿي ته هِن اديءَ کي ڏيارڻ منهنجو ڪم آهي.“
۽ واقعي هُو پنهنجي زبان تي سچو رهيو ۽ هڪ مهيني اندر مونکي سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول ۾ لينگويج ٽيچر جي خالي ٿيل پوسٽ تي اپائنمنٽ ليٽر حميده حيدر جي صحيح سان موڪليائين هِنَ مائي کي ته خبر به هُئي يا نه پر منهنجو ڪم ٿي ويو هو.
مان هِن گرلس هاءِ اسڪول ۾ ڪافي ايڊجسٽ ٿي وئي هُيس، مونکي شاگردياڻين طرفان ڀرپور موٽ ملندي هُئي، هُوءَ مونکي پسند ڪرڻ لڳيون هيون، پر هِتي منهنجي ترقي جو سوال هو.
منهنجي اندر مان ”وڃان نه وڃان“ جا سوال اُٿي رهيا هُئا پوءِ مون سوچيو ته مونکي هروڀرو سيٽ ٿيل ماحول مان نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ۽ اڃان ميرپورخاص جا ڪيترا اسڪول گهمنديس
“اندر ۾ ته اسان سڀ پنهنجو پاڻ تي تنقيد ڪندا آهيون حد ته اِها آهي ته جيڪي ماڻهون حد کان وڌيڪ بااعتماد لڳندا آهن، انهن جي اندر به هڪ وڏو نقاد ويٺل هوندو آهي اُهو انسان جي اندر جو هڪ حصو هوندو آهي”
بابا سان صلاح ڪيم جنهن ڪڏهن منهنجي پگهار ۽ پئسن بابت ڪو سوال ته ڪيو هو بلڪه پهرين پگهار ملڻ وقت مان پڻ ڏاڍي خوش ٿي هُيس بابا کي آڻي ڏني هُيم پر هن منهنجي مٿي تي هٿ رکي مُشڪندي جواب ڏنو هو. ”ته اِها پگهار تنهنجي آهي تون پنهنجي ضرورت تي خرچ ڪندي ڪر ۽ جيڪي بچت ۾ پئسا هُجن سي پنهنجي اڪائونٽ ۾ گڏ ڪندي ڪر.“
اهو اڪائونٽ بينڪ ۾ مونکي بابا کولرائي ڏنو هو انهيءَ جو بينڪ اڪائونٽ اڃان تائين مون وٽ موجود آهي اهو اڪائونٽ مونکي ڏاڍو وڻندو آهي ڇو ته ”انهيءَ ۾ مونکي قاضي غلام حسين جي ڌيءُ ڏيکاريو ويو آهي“
قصو ڪوتاهه بابا مونکي انهي مشن اسڪول جيڪو انهيءَ وقت “گورنمنٽ سينٽ مائيڪل هاءِ اسڪول” هو تنهن کي جوائن ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته اُهو وري ڪهڙو پري آهي، هاءِ اسڪول جي ويجهو ساڳئي حيدرآباد روڊ تي ڪجهه وِکُن تي آهي ۽ ٻيو چيائين ته اُتي توکي وڌيڪ سِکڻ جو موقعو مِلندو مون بابا جي ڳالهه تي عمل ڪندي سينٽ مائيڪل وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو انهيءَ عرصي دوران اسانجي گرلس هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس آپا قمر کوکر بدلي ٿي وئي هُوءَ ڪجهه مهينا اڳ ايران ملڪُ ڪنهن ٽرينگ تي وئي هُئي اُتان موٽي ته حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽريٽ ۾ پوسٽنگ ٿي ويس پوءِ اسان وٽ جِوير خواجه نئين هيڊ مسٽريس اچي وئي ڏاڍي ملنسار ۽ خوش گفتار هئي نون پراڻن کي هڪ جيترو مان ڏيندي هُئي تنهن پڻ مونکي سينٽ مائيڪل اسڪول جوائن ڪرڻ جي صلاح ڏني هُئي ۽ جلداز جلد مون لاءِ فيئروَيل الوداعي پارٽي جو انتظام ڪيائين مونکي هڪ بهترين پارٽي ملي ۽ تحفن ۾ ريشمي ڊريس ۽ هڪ سُهڻو گهڙيال جنهن جو اَلارم طوطي جي آواز ۾ هو سو مليو آپا جويز خواجه تحفي ڏيندي مونکي چيو: ”ٻڌو اٿئون ته انگريز وقت جا پابند هوندا آهن هي گهڙيال وارو طوطو صبح جو توکي سوير اُٿاريندو ۽ تون ٽائيم تي اسڪول پهچي ويندينءَ.“
هاڻي سوچيان پئي ته آپا جوير ڪيتري نه باذوق ۽ ذهين خاتون هُئي جو تحفي ڏيڻ ۾ به وقت جي اهميت کي مدنظر رکندي چونڊ ڪئي هُئائين. مان ٻئي ڏينهن هِتان رِليوُ ٿي سينٽ مائيڪل پهتس جيڪو انهيءَ وقت نيشنل لائزڊ ٿيل هو پر پرنسپل ۽ انهيءَ سان گڏ ڪجهه راهبائون ڪم ڪنديون باقي اسٽاف مسلمان ۽ لوڪل هو هي راهبائون سفيد لباس ۾ ملبوس هيون هنن جو تعلق مالٽا ملڪ سان هو رنگ جون اڇون ۽ سفيد لباس ۾ وڌيڪ ٺاهو ڪيون لڳنديون هيون رومن ڪيٿوليڪ فرقي جون هيون هن اسڪول سان لڳو لڳ هڪ چرچ (ديول) به هُئي جنهن جا ننڍا ٻه در اسڪول اندر کلندا هُئا هنن راهبائن کي عرف عام ۾ سسٽر (ڀيڻ) سڏيندا هُئاسين هنن جي پنهنجي رهائش اسڪول جي اڌ مٿين حصي ۾ هئي باقي اڌ مٿي سيڪنڊري جا ڪلاس ٺهيل هُئا هنن جي رهائش گاهه واري مٿئين حصي کي پرائيوٽ ڪانوينٽ ان دؤر ۾ سڏيو ويندو هو جنهن جي داخلا واري در تي حضرت عيسيٰ جو هڪ مجسمو لڳل هوندو هو منهنجي هن اسڪول ۾ جوائنگ وقت سسٽر فرانسس هيڊ مسٽريس هئي باقي هنن جي پرائيويٽ ڪانوينٽ ۾ هڪ وڏي عمر جي مدر (ماءُ) به رهندي هئي جيڪا هنن جي مذهبي ۽ روحاني ماءُ هئي انهيءَ جو نالو مون کان وسري ويو آهي ته ڇا هُئس اهيا عورت اسڪول ۾ گهٽ نظر ايندي هئي باقي مذهبي پرچار لاءِ هنن سان گڏ ويندي هُئي هنن جا پنهنجا فلاحي ادارا پڻ هُئا اسڪول ۾ اندر هڪ هاسٽل پڻ هُئي جتي ڪراچي حيدرآباد ڪنري جهڏو ۽ سانگهڙ جي عيسائي خاندانن جون ڇوڪريون رهنديون هيون، جڏهن انهيءَ وقت پنجين ڪلاس تائين مخلوط تعليم هئي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪلاسن ۾ اڌ حصي ۾ ويهندا هُئا پر ڇوڪرن کي بورڊنگ ۾ رهندي مون ڪونه ڏٺو، اُهي “ڊي اسڪالر” چوارائيندا هُئا حاصل مطلب ته هن اسڪول جو نظام تمام بهترين هو صبح جي ابتدا اسمبلي سان ٿيندي هُئي جنهن ۾ سسٽر فرانسس هڪ ننڍڙي ڊائري جهلي بيهندي هئي جنهن ۾ لکيل نوٽ پڙهندي هئي ۽ شاگرد کيس فالو ڪندا هُئا ۽ هن جي پويان هر سِٽ ورجائيندا هُئا اِهو نوٽ الله تي ايمان، اخلاق قدرن ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ جو هڪ وَچَنَ هوندو هو انهيءَ کان پوءِ قومي ترانو ٿيندو هو پوءِ شاگردياڻيون ۽ شاگرد پنهنجن قطارن ۾ هلندا هيڊ مسٽريس کي ”گڊ مارننگ“ چوندا ڪلاس رومن ڏانهن ويندا هُئا موڪل مهل وري ڪلاسن مان قطار ٺهي باهر نڪرندا هُئا ‘ڪاريڊور’وٽ سسٽر فرانسس بيٺل هوندي هئي انهيءَ کي”گُڊ آفٽر نون سسٽر“ چئي ٻاهر نڪرندا هُئا ۽ پوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيندا هُئا هي اسڪول نرسري کان وٺي ميٽرڪ تائين هو اسٽاف تمام گهٽ هو ۽ استادن کي فقط هڪ پيرڊ فري ملندو هو شايد اهيائي انهن جي پاليسي هئي ته هتان جي ديسي اسٽاف کان ڇڪي ڪم ورتو وڃي انهيءَ جو منهنجي ذات تي ڪو اثر نه پيو مان محنت ڪرڻ عادي هُئيسِ مونکي غير مادري زبان وارن کي سنڌي پڙهائڻو هو پرائمري ۾ وري هڪ پنجابي ٽيچر شهناز سنڌي پڙهائيندي هُئي اِهو سبجيڪٽ لازمي هو جيڪو ميٽرڪ تائين هلندو هو پر هن ۾ مادري زبان واريون سنڌي ڇوڪريون به شامل هيون جن کي آسان سنڌي پڙهڻو پوندو هو ڇو ته هي اسڪول انگريزي ميڊيم جو هو هي راهبائون پاڻ ۾ مالٽي ٻولي ڳالهائينديون هيون جيڪا اسانکي سمجهه ۾ ڪانه ايندي هُئي منهنجي پاڙي واري زليخا زرين جيڪا پڻ هن اسڪول ۾ استاد هئي سا چوندي هُئي. ”اَڙي هي ڪهڙا آواز ڪڍي اسانکي ڊوڄارين ٿيون يا ڪو ٻيو مقصد اٿن“
انگريزي به عربن جهڙي ڳالهائينديون هيون هنن وٽ ‘ٽ’ جو آواز نه هو بلڪه انهيءَ کي ‘ت’ اُچارينديون هيون. جڏهن پنهنجي هاسٽل وارين ڇوڪرين کي دڙڪا ڏينديون هيون ته اِهو منظر ڏِسڻ وٽان هوندو هو، ٻاهر گُهمائڻ ڦِيرائڻ جون به شوقين هيون، شاگردياڻين سان گڏ ٽيچنگ اسٽاف کي به وٺي وينديون هيون ۽ پنهنجي پرائيوٽ ڪانوينٽ ۾ سندن هٿن جا ٺهيل بسڪوٽ، ڪيڪ ۽ چاڪليٽ ساڻن گڏ هوندا هُئا. جيڪي اُتي پڪنڪ اسپاٽ تي ورهائينديون هيون شهر جي سڀني امير ترين ماڻهن جا ٻار هتي پڙهندا هُئا تن جا مائٽ پڻ انهن پڪنڪ جي حمايت ڪندا هُئا ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت پرائيويٽ اسڪولن جو وڏو ڄارُ اڃان ڪونه وڇايل هو.
مون جيترو هن ڪانوينٽ اسڪول جي نوڪري دوران گهميو ايترو ڪڏهن به نه گهمي سگهيس هڪ يادگار پڪنڪ مونکي ياد پئي اچي جيڪا روٽري ڪلب طرفان شاگردياڻين ۽ اسٽاف کي ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ بَسِ جي روانگي جو ٽائيم صبح پنجين بجي هو جنهن جو انچارج ايس، اي خان مشهور سماجي ڪارڪن ۽ روٽرين هو جنهن ٽائيم ۽ شيڊول جو پيپر اوڏي مهل سڀني کي هٿن ۾ ڏنو ۽ ٽائيم جي ايتري پابندي ڪئي وئي جو هڪ منٽ به اڳيان پٺيان نه ٿيو ۽ هڪ ڏينهن ۾ ڪراچي، عزيز ڀٽي پارڪ، ڪلفٽن ڀنڀور ٺٽو ۽ ڪينجهر ڍنڍ گهمائي آيا ۽ رات جو 9 بجي سڀني استادن کي گهر جي ويجهو وڏن روڊن تي پهچايائون.
انهن ڏينهن اسان جي گهر ۾ منهنجي امڙ بيمار ٿي پئي امان جي انهيءَ بيماري گهر ۾ هڪ نئين ماجرا کي جنم ڏنو منهنجي امان جيڪا هاءِ بلڊ پريشر جي مريض هئي ۽ اڪثر هن جو علاج ٿيندو رهندو هو سا ڊسمبر جي هڪ صبح جي وقت اڌ رنگ جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي ٿيو ائين جو هُوءَ صبح جي وقت چانهن پي رهي هئي ته هن کي کاٻي پاسي جي اک وارو پاسو ۽ چپ ڪجهه ساڻا محسوس ٿيا هن اهيا شڪايت اسان جي سامهون ڪئي اسان پاڻ ڏٺو ته چانهن سندس وات مان پاسيري ڪري رهي هئي اسان اهيا صورت حال ڏسي پريشان ٿي وياسين ۽ کيس يڪدم پاڙي واري ڊاڪٽر احمد الدين ڪوئٽه واري جي اسپتال ۾ وٺي وياسين جتي ڊاڪٽر اڃان هيٺ اسپتال ۾ ڪونه پهتو هو مٿي حصي ۾ پنهنجي گهر ۾ هو سندس عملي کيس هيٺ گهرايو جنهن امان کي تپاس ڪري، اِهو ٻڌايو ته کيس لقوه (چهري جي حصي جو فالج) ٿيل آهي پر اهو هلڪو اٽيڪ آهي علاج سان ٺيڪ ٿي ويندي ۽ ٿيو به ائين امان جو باقاعدگي سان علاج ٿيو ته هُوءَ مهيني کن ۾ بلڪل ٺيڪ ٿي وئي پر پوءِ هن کي ٻن سالن کان پوءِ اهڙا اٽيڪ ٿيندا رهندا هُئا جن هن جي باقي عضون تي به اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو بهرحال پهرين بيماري کان پوءِ ٻن سالن تائين امان بلڪل ٺيڪ ٺاڪ رهي ۽ گهر جا ڪم ڪار ڪندي رهندي هُئي.
منهنجي ڪانوينٽ ۾ نوڪري جاري هُئي تنهن ۾ هڪ وزٽ المنظر حيدرآباد جو ۽ سنڌالاجي گهمڻ جو هو جڏهن سنڌالاجي جي ٻاهران بس هلي بيٺي ته هنن راهبائن هيٺ لهڻ کان کُتو جواب ڏنو ته: ”اسين هتي ڪونه لهنديون سين الائي ڪهڙي خطرناڪ جاءِ تي اچي پهتا آهيون.“
اسان جي ٽيچر نسيم پروين ميمڻ جيڪا تازي سنڌ يونيورسٽي مان انٽرنيشنل رليشن ۾ ايم اي ڪري آئي هُئي انهيءَ گهڻو ئي سمجهايو پر هي بِلڪل جواب ڏيئي بيٺيون ته هتي اسان جي عزت ۽ جان کي خطرو آهي، اسان واپس ميرپورخاص ٿا هلون، پوءِ مالٽي ٻولي ۾ پاڻ ۾ الائي ڪهڙي گفتگو ٿي ڪيائون، ۽ ڇا ڇا ٿي چيائون، اسان هنن جا صوتي اثرات ڏسي انجواءِ ٿي ڪيو، نيٺ نسيم پروين (پَري) هيٺ لٿي ۽ سنڌالاجي جي انهيءَ وقت جي ڊائريڪٽر غلام علي الانا صاحب کي هيءُ سڄو داستان ٻڌائي پاڻ سان گڏ وٺي آئي جنهن اچي کين سمجهايو ۽ هتي ڪوبه ڊينجر ڪونهي ۽ وري پنهنجي عيسائي ڇوڪرين کي گڏ رکيائون ۽ پوءِ هيٺ مٿي سنڌالاجي جا سڀ حصه گهمي ڏنائون مجسمن وارين عورتن کي ته وري وري شيشي مان ليئا پائي ڏٺائون سنڌالاجي جي آڊيٽوريم کي الانا صاحب کولايو اُتي علڻ فقير صاحب تنبوري سميت حاضر هو هنن راهبائن کي شاهه ۽ اياز جي شاعري ته سمجهه ۾ آئي يا ڪونه آئي پر تاڙيون ڏاڍيون ٿي وڄايائون ريڪارڊن واري سيڪشن ۾ پٿر جا گراما فون ڏسي اُهي ڳڻڻ شروع ڪيائون پوءِ وري ڪجهه دير ۾ خاموش ٿي ويون اُتي پَريءَ هنن جي ملاقات پنهنجي ڀيڻ رضيه ميمڻ (ٻگهيو) سان ڪرائي جيڪا اُتي پبليڪشن آفيسر هئي انهيءَ کي ڏسي هنن عورتن جو ڊپ ۽ خوف صفا لهي ويو پوءِ ڇوڪرين (هاسٽل) وارين کي ڍڳي گاڏي تي ويهاري فوٽو به ڪڍيائون واپسي تي الانا صاحب جا ٿورا پڻ مڃيائون ۽ واکاڻ ڪيائون ڇو ته ڊپلوميسي ۾ ته اڳ ئي ماهر هيون.
”ڊپلو ميسي جو رمزون ڏاڍيون عجيب هونديون آهن محبت ۾ مٺڙا ٻول ٻه ٽي دڙڪا ۽ هلڪو سلڪو ناز نخرو هلي ويندو اهي پر ڊپلوميسي جي ميدان ۾ هر عمل ۽ لفظ توڙي تڪي هلائڻو پوندو آهي.“

مونکي هن وقت شاهه جو هڪ بيت ياد پيو اچي ته:

مَ ڪي ويهه ڀنڀور ۾، مَ ڪي هاڙي هَلُ،
ڪوڙ ڳالهائج ڪي م ڪي، سچي ساک ۾ سَلِ.

انهيءَ کان سواءِ هڪ دفعو وري اسان ڪينجهر مڪلي ۽ ڀنڀور گهمڻ وياسين اهيا پڪنڪ ڪهڙي سماجي اداري ڪرائي هئي سو مونکي ياد نٿو اچي پر جيڪي ماڻهون گڏ هُئا تن ۾ اسحاق مهر، غيور احمد صديقي ۽ هڪ ٽيون ماڻهون شامل هو شايد اخلاق نالو هُئيس هتي به ڀنڀور جا ڦٽل آثار ڏسي هر ڪا شاگردياڻي ۽ استاد حيران پئي ٿي ته:
”سسئي پنهون جي محبت جي يادگار اڄ خاموش، ويران ڦٽل، اجاڙ ڀنڀور جي شڪل ۾ موجود هئي. هن ڀنڀور جي مٽيءَ ۾ پيار محبت جي ڪا اهڙي پيڙا موجود هُئي جو ايتريون صديون گذرڻ باوجود هن ۾ سرمستي جي خوشبو ائين واسيل هئي جيئن پرهه ڦُٽڻ مهل ماڪ ۾ ڀنل رابيل جي سُرهاڻ“
شاهه سائين جو هيءُ شعر انهيءَ تاريخي اهڃاڻ جي پوري عڪاسي ڪري ٿو:
ڪيچان آيو قافلو، عطر آندائون،
کٿوريءَ خوشبو ساڻ، وڻ ٽڻ واسيائين.
واڳون واريائون، وريو بخت ڀنڀور جو.

انهيءَ وقت ڀنڀور جو عجائب گهر قيمتي ٺڪر جي ٿانون، پٿر جي ڪجهه زيورن ۽ وري ڪلام پاڪ جي مختلف نسخن جيڪي قلمي هُئا سان سينگاريل هو تنهن ۾ مونکي ڪوفي رسم الخط اڃان سوڌو ياد آهي جو مون اُن ۾ سورت فلق کي شيشي مان اندر ڏسندي پڙهيو هو.
پوءِ مڪلي ٽڪري گهمڻ ويا هُئاسين مڪلي تي ڪجهه وقت ترسياسين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ دفن ٿيل پنهنجي وقت جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين گهراڻن جي بادشاهن کي فنائيت جي عظيم قبرستان ۾ سُتل ڏٺوسين جن پنهنجون بادشاهيون قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا کيل کيڏيا هُئا.
پوءِ وري ڪينجهر گهمڻ وياسين الائي ڊرائيور ٿي چيو ته: ”هي چڪر الٽو ٿي ويو آهي هاڻي وڌيڪ وقت ضايع ٿيندو“
ڪينجهر وارو اڳيون آب تاب نه هو شايد گرمي سبب ٻاهران ماڻهون به گهٽ آيل هُئا ڪجهه اُداسي جو موسم هو اُتي وري ڇوڪرين به ٻيڙين ۾ چڙهڻ کان جواب ڏنو چون پيون ته اسانکي سج جي گرمي لڳي ويندي الائي ڇو منهن ڀيلا ڪيو ڀيٺيون هيون تڏهن ته اياز چيو آهي

آسارا آسارا ڪينجهر ڪا ڪِنارا،
نه تڙ تي تماچي، نه گندري گذارا.

سو اهو ته هُو داستان منهنجي ڪانوينٽ جي نوڪري دوران گهمڻ ڦرڻ جو هن اسڪول ۾ ڊسپلين جو خاص خيال رکيو ويندو هو ۽ هر ڪلاس جي چيڪنگ مختلف طريقن سان ڪرائي ويندي هُئي انهيءَ وقت انهن راهبائن ۾ سڀني کان گهٽ عمر واري آنجهاني سسٽر مرچلينا هئي جيڪا پوءِ اُتي جي هيڊ مسٽريس به ٺهي جڏهن ڪانوينٽ وري ڊي نيشنلائز ٿيو ته مرچلنا انهيءَ وقت هيڊ مسٽريس ٺهي مان ته اُتي نه هُيس مان ڪاليج سائيڊ تي هُيس.
”پر اِها سنسني خيز خبر پئي ته هن کي ڪنهن قتل ڪري ڇڏيو“ سا منهنجي نوڪري دوران هيڊ مسٽريس جي ٻانهن ٻيلي استاد هئي سڀني ڪلاسن جي پڙهائي بابت رپورٽ هيڊ مسٽريس کي ڏيندي هُئي.
هن اسڪول جي جيڪا ڳالهه مونکي گهڻي پسند هئي سا اهيا هئي ته شاگردن جي حاضري رجسٽر کي مين ٽين رکڻ جنهن ۾ سڄي ڪلاس جي سراسري حاضري ۽ وري هر شاگرد جي انفرادي سراسري حاضري کي ڪلاس ٽيچر مهيني جي آخري تاريخ تي رجسٽر ۾ لکي پنهنجي سنگنيچر ڪري رکندي هئي ۽ وري پهرين تاريخ تي هيڊ مسٽريس اُهو رجسٽر گهرائي ڪلاس ٽيچر جي سگنيچر هيٺان پنهنجي سَهي ڪندي هُئي ۽ تاريخ وجهندي هُئي.
اهو هڪ سٺو طريقو هو جيڪو اداري جي سربراهه جي نظرداري هيٺ ٿيندو هو هن اسڪول ۾ ٽي راهبائون خالص انگريز هيون جن ۾ سسٽر فرانسس، سسٽر لارينس ۽ سسٽر اينٿوني مرچلينا جيڪي مالٽا ملڪ جون هيون هڪ مدر ٻه هوندي هُئي جيڪا قدآور وچولي عمر جي رنگ جي سانوري هُئي چشمو نظر جو پائيندي هُئي وري هڪ سسٽر جيڪا صاف اردو ڳالهائيندي هُئي سا هئي سسٽر ‘پولي يَن’ جيڪا سانوري رنگ جي ٿلهڙي ٿلهڙي هُئي پر ڏاڍي قربائتي هُئي هن جو تعلق چون ٿا ‘گوا’ هندوستان سان هو پوءِ سندس خاندان ورهين کان رهندڙ هو هيءَ به راهبا ٿيڻ بعد پرائيويٽ ڪانوينٽ ۾ رهندي هُئي پوءِ ٻارنهن تيرنهن سال اڳ خبر پئي ته هوءُ ڪنهن بيماري سبب گذاري وئي سعيده فاضلاڻي جيڪا بعد ۾ سعيده عباسي ٺهي سا پڻ هتي ئي پڙهي ۽ سڄي عمر هتي نوڪري ڪيائين سندس تعلق شڪارپور سان هو ڏاڍي خوش مزاج کل ڀوڳ ڪندڙ احساس رکندڙ استاد هُئي هاڻي ريٽائرڊ آهي رب شال وڏي ڄمار ڏئيس.
هي راهبائون پنهنجي عيسائي مذهب وارن غريب ماڻهن جون همدرد هيون اسڪول جي ڀرسان واري چرچ (ڪليسا) جنهن جو هڪ دروازو بلڪل اندر اسڪول ۾ ورانڊي واري پاسي ۾ کلندو هو تنهن ۾ سنڊي پريئر لاءِ چونديون هيون ته اچي ڏسجو.
“هنن جا نغمه اُتي اردو ۾ ڳاتا ويندا هُئا”
جيڪي حضرت عيسيٰ ۽ بي بي مريم جي شان وٽان هوندا هُئا اسان جي اسڪول جي غريب مالهي ‘جان’ جي جڏهن شادي ٿي ته هيڊ مسٽريس سسٽر فرانسس خاص طور تي دعوت ڏني ته چرچ ۾ هلجو ۽ شادي ڏسجو منهنجي زندگي جو اِهو دلچسپ مشاهدو هو پر هڪ ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي سا هُئي چرچ جو ڊسپلين ۽ روشني خيالي وارو ماحول، خوشي به ملهائي پئي وئي اُها به سانت ۽ سمجهه سان مونکي ته انهي غريب مالهي جي شادي اڄ سوڌو ياد آهي جتي اجائي ڪابه بي حيائي نه هُئي ٽرڙائپ يا تنگ نظري ڪٿي به نظر نه آئي هي واقعو گورنمينٽ سينٽ مائيڪل جو آهي پوءِ ڪاليج سائڊ اچڻ کان پوءِ ٻڌم ته اسڪول وري پرائيويٽ ٿي ويو آهي پر جڏهن ان کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ويو هو ته ان کان پوءِ سسٽر فرانسس هيڊ مسٽريس رهي کين هن شهر جا ماڻهون عزت ڏيندا هُئا شاگرد سندن ادب ڪندا هُئا ۽ اسٽاف سندس حڪم مڃڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو هو انهن ڏينهن ميرپورخاص جي ڊي، اي، او فييل رضيه شاهه ٺهي آئي جيڪا پناهه علي شاهه جي گهر واري هئي تمام روشن خيال، ڪنهن سفارش کي نه مڃڻ ۽ سڌي صاف ڳالهه ڪرڻ سندس طبيعت جا اهم جُزا هُئا سسٽر چاهيندي هُئي ته هاڻي هتي جيڪي به اپائنمينٽ ٿين سي سندس مرضي سان ٿين جنهن ۾ هنن جي مذهب وارن کي وڌيڪ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي پر رضيه شاهه اجايون سفارشون مڃڻ واري نه هُئي ضرورت تحت پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر ڪندي هئي جيڪا ڳالهه هيڊ مسٽريس کي ڪانه وڻي هنن وچ ۾ اهيا سرد جنگ ڪجهه وقت جاري رهي ۽ سسٽر فرانسس موڪل وٺي ٻاهر هلي وئي ڪي چون ٿا ته مالٽا وئي آهي بعد ۾ خبر پئي ته لنڊن جي ڪنهن اسڪول کي پئي هلائي پوءِ هتي ٽنڊي الله يار جي زرينه رياض نالي عورت هيڊ مسٽريس ٺاهي موڪليائون جيڪا ڪجهه عرصو رهي پر هن ۾ انتظامي صلاحيت نالي ڪابه شي موجود ڪانه هئي ٿي سگهي ٿو ته پڙهائڻ ۾ سٺي استاد هجي پر مون کي خبر ناهي هتي ڪڏهن هِن ڪو ڪلاس علامتي به ورتو هجي انهيءَ کان پوءِ غوث علي شاهه جي وزير تعليم سنڌ ٿيڻ دوران آپا قدسيه مفتي جيڪا منهنجي ڪلاس فيلو تهمينه مفتي جي وڏي ڀيڻ هئي سا هيڊ مسٽريس ٿي آئي هي گهراڻو شڪارپور سان تعلق رکندڙ هو ۽ سندس والد صاحب مفتي نور نبي ايڪسائيز انسپيڪٽر ٿي رهيو آپا قدسيه جو دور انهيءَ حساب سان بهترين رهيو جو هتي سنڌي ميڊيم جا ڪلاس شروع ڪيا ويا ۽ پهرين کان پنجين درجي تائين عارضي طور تي ٻن ڪمرن ۾ اِهو ڪم شروع ڪيائين.
اڙي هي ڇا مان ته هي فقط ڪانوينٽ اسڪول جي معاملن ۾ ايترو ويٺي لکان منهنجي ذاتي زندگي ۽ ٻيون دلچسپيون به هيون جن ۾ ٽي وي جا سنڌي اردو ڊراما ڏسڻ ۽ انهن جي ڪهاڻي ۽ سلسلي کي آئينده قسط لاءِ ياد رکڻ جهڙوڪر منهنجي خاص ذميداري هئي ريڊيو جيڪو ٽرانسِسِٽَرِ جي ننڍي روپ ۾ گهر ۾ موجود هو سو رات جو سمهڻ کان اڳ بستري جي وهاڻي تي رکيو هوندو ۽ انهي ۾ ريڊيو ايران زاهدان جي اردو پروگرام لاءِ ڏاڍو اوسيئڙو هوندو هو جنهن ۾ اردو خبرون جيڪي گهڻو ڪري شاهي خاندان جي مصروفيتن جي باري ۾ هونديون هيون ڏاڍي لقبن ۽ القابن سان پڙهيون وينديون هيون پر پوءِ انهن سان به وقت اهڙيون برباديون ڪيون جو ڌرتي انهن لاءِ تنگ ٿي وئي.
“حڪمراني جي پاڇي ۾ ٿيون سازشيون پروان چڙهن،
ڦرن ٿا چرخ جا ڦيرا ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.”
انهيءَ کان پوءِ اردو فرمائشي پروگرام شروع ٿيندو هو جنهن ۾ اردو گانن جي پسند لاءِ موڪليل خط پڙهي فرمائش پوري ڪئي ويندي هئي جنهن ۾ ڪجهه نالا باقاعده روزانه ورجايا ويندا هُئا جيڪي هُئا.
ڪُنُ ڪُنُ نوشاد، ترنم نوشاد، وفا نوبهار، ڪهڪشان ۽ انارڪلي هي مايون به ڪي صفا وانديون هيون جو سڄو ڏينهن گانن لاءِ ويٺيو خط اماڻينديون هيون پر پوءِ به منهنجا ڪَن جڏهن اِهي نالا ٻڌندا هُئا دل ۾ وري هڪ اڻ ڄاتل خوشي پيدا ڪندا هُئا پوءِ جي دور ۾ وري جڏهن.
”پاڪستان ۾ ڪا غير معمولي ڳالهه ٿيندي هئي ته بي بي سي تان وري مارڪ ٽيلي ويڙهاڪ رَنُنُ وارو ڪردار ادا ڪندو هو ۽ ڳالهه کي وڌائي تيل تي ماچيس جو ڪم ڏيکاريندو هو“
منهنجي امان ۽ ماسي رخسانه قاضي جي ماءُ وري صبح جو ملاقات ڪري انهيءَ تي تبصرو ڪنديون هيون جيڪي پاڪستان جون خبرون به ٻڌنديون هيون سي چونديون هيون. ”انهي مُئي مارڪ ٽيل توبهه ٿي ڪجي ڪوڙ ته ڪهڙا ٿي ڳالهايا!“
پوءِ رب ڄاڻي ڪير ڪوڙو هو يا سچو پر هي ٻئي مرهياتون پنهنجي ملڪ کي گهٽ (ڪَسو) ڪرڻ نه ڏينديون هيون.
دنيا جا سڀ رشتا ناپائيدار آهن انسان دنيا ۾ اڪيلو اچي ٿو ۽ کيس اڪيلو ئي وڃڻو آهي اهو قدرت جو قانون آهي
منهنجي زندگي جي اُها نڀاڳي رات جنهن جي صبح وري عيدالضيٰ جي ڀلاري ڏينهن سان ٿيڻي هُئي سن 1982ع جو سيپٽمبر مهينو هو اسين گهر ڀاتي گهر جي ڪشادي اڱڻ ۾ سُتل هُياسين ته اوچتو بابا سائين سيني جي کاٻي پاسي سور جي شڪايت ڪئي پاڻ سُمهڻي جي نماز کان پوءِ کٽ تي سمهڻ کان اڳ هڪ آرام ڪرسي تي ويهي صلات سڳوري پڙهندو هو انهي وقت به تسبيح سندس هٿ ۾ هُئي ۽ بابا جو ساهه جو کڙڪو ۽ آواز بدليل هو منهنجو ڀاءُ انور اهيا سڄي ماجرا سمجهي ويو هو جنهن تازو ڊاڪٽري پاس ڪري ميرواهه شهر ۾ پنهنجي ڪلينڪ کولي هئي تنهن جلد از جلد بابا کي سول اسپتال ميرپورخاص پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ڇو ته دل جو شعبو انهيءَ وقت صرف هن اسپتال ۾ هو جلد از جلد منهنجي مامي جي پٽ عبدالقادر (لاله) کي گهرائي بابا کي گاڏي ۾ ويهاري اسپتال وٺي ويا، اُتي ڪوبه ڊاڪٽر ايمرجنسي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ موجود ڪونه هو منهنجي ڀائرن خود همٿ ڪري اسٽور مان آڪسيجن سلينڊر ڪڍي کيس آڪسيجن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر بابا انهيءَ وقت زندگي جي جنگ هارائي چُڪو هو جيڪو پنهنجي پيرن سان هلي اسپتال پهتو هو سو ٻين جي سهاري سان هڪ لاش جي صورت ۾ پهتو ۽ جڏهن بابا جو بي جان جسم اسانجي اڱڻ ۾ رکيائون ته انهيءَ وقت اسان چئني ڀائرن ڀينرن کي حياتي هڪ ڀوائتو سپنو ٿي لڳي منهنجو ڀاءُ انور ته زار قطار روئيدي اچي کٽ تي ڪريو هو مشتاق جيڪو ميڊيڪل جي ٻئي سال ۾ هو تنهن ڪجهه همٿ ڪري هن اوچتي صورتحال کي جوان مڙسي سان منهن ٿي ڏنو منهنجي ماسي، مامي وارا پاڙي مان ياسين کوکر وارا اوڏي مهل پهچي ويا هُئا منهنجي لاءِ ته اُها هستي وڇڙي وئي هئي جنهن مونکي زندگي ۾ سڀ کان گهڻو پيار ڏنو ۽ ويساهه ڏنو اُهو ڇانورو هاڻي ڊهي پٽ پئجي ويو هو موت برحق آهي ۽ بابا کي پڻ اُن مهل اُتي دم ڏيڻو هو سو ته ٿيڻو آهي.
هو وڃڻا هُئا وڃڻا هُئا،
سي مور هتي ڪين رهڻا هئا،
هُو جهل پل ساڻ نه جهلڻا هئا،
ڀلي هيلا لک هلايان ها.

فجر جي ٻانگ تائين گهر ماڻهن سان ڀرجي ويو هو منهنجي مامي امان الله اِها صلاح ڏني ته صبح جو عيد نماز کان پوءِ بابا جي جنازي نماز پڙهائي وڃي ته بهتر ٿيندو پوءِ کيس غسل ڏياري، جڏهن سندس پنجاهه سال اڳ حج جي موقعي تان سعودي عرب مان آندل ڪفن جو ڪپڙو، ڪپڙي جي ٿيلهي مان ڪڍيو ويو ته اُهو بلڪل نئون نڪورو نڪتو جهڙوڪر انهيءَ وقت بازار مان آندو ويو هجي ۽ کن پل ۾ ڪيترائي اسان جا مائٽ گهر ۾ داخل ٿيا ۽ بابا جي ڏولي کڻي تقي شاهه عيدگاهه ميدان ۾ پهتا ۽ ماڻهن جي وڏي انگ سندن جنازي نماز پڙهي ۽ بابا جي وفات جي خبر سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي پوءِ بابا جو جنازو ‘اميدن ڀرئي’ قبرستان ڏانهن کڻي ويا جتي منهنجو چاچو عبدالرسول دفن ٿيل آهي.

وري اچڻي ناهه سا، جيڪا وئي وَير،
ڏِس هو واري ڍير، پنڌ پري آ پانڌيا.

بابا جي وفات اسان لاءِ وڏو سانحو هُئي، جيڪو اولاد سان حد درجي پيار ڪندڙ، خيال رکندڙ وري بيماري سيماري ۾ اوجاڳا ڪندڙ پيءُ هو پوءِ به مان بابا لاءِ لکندس ته:
”پَلَ جو پانڌيئڙو هو، وڃڻو هن کي دور هُيو“
منهنجي اسٽاف کي جڏهن انهن ڏک ڏيندڙ واقعي جي خبر پئي ته انهن کي به ڏاڍو ڏک پهتو سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ته اِهي عيسائي راهبائون پڻ اسان جي تڏي تي آيون جيڪي گهڻو ڪري پنهنجي ڪميونٽي کان علاوه ڪٿي ڪونه وينديون هيون تن ۾ سسٽر لارينس، سسٽر مرچلينا ۽ سسٽر پولي يَن شامل هيون جيڪي اچي ڪجهه دير لاءِ خاموش ويهي رهيون ۽ پوءِ بابا جي فوت ٿيڻ جو سبب وغيره پڇي دم دلاسا ڏيئي هليون ويون ڪجهه ڏينهن ماڻهن جو اچ وڃڻ رهيو ۽ پوءِ بابا جي چاليهي کان پوءِ گهر ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.
وقت وڏو مرهم آهي آهستي آهستي وري پراڻين مصروفيتن تي موٽي آياسين انهيءَ عرصي دوران سال کن کان پوءِ مون هن اسڪول مان موڪل وٺي بي ايڊ جي ٽرينگ ڪئي جڏهن مون انهيءَ ٽرينگ جو خيال ظاهر ڪيو ته اسڪول جو ٻيون ٽيچرس به مون ساڻ راضپو ڏيکاريو ٻين اسڪولن ۾ به اُهي استاد جن جا هر سال “سي ايڊ” ۽ “پي ٽي سي” جا آرڊر نڪرندا هُئا تن به پنهنجي خرچ تي بي، ايڊ ڪرڻ جو ارادو ڪيو انهيءَ کان ٽي چار سال اڳ مورو ٽرينگ ڪاليج قائم ٿيو هو جتي ڪيترن ئي پرائمري ماسترياڻين کي موڪلي دربدر ڪيو ويو هو اِهو هڪ ڏورانهون مفاصلو هو اُتي هاسٽل ته موجود هئي پر استاد اوڏانهن وڃڻ کان ڪيٻائنديون هيون تنهن سبب هنن سڀني حيدرآباد جي بي ايڊ کي ترجيح ڏني پر ڪجهه ڏينهن ۾ مورو ايليمنٽري ڪاليج کي صرف اتر سنڌ جي ماسترياڻين لاءِ منظور ڪيو ويو اتي اسان جي ٿرپارڪر ضلعي جون پرائمري ماسترياڻين کي حيدرآباد جي ٽرينگ ڪاليج ۾ سرڪاري خرچ تي اماڻيو ويو باقي مان جيڪا ليگوينج ٽيچر هُئس اهيا پوسٽ “جي ايس ٽي” برابر هئي تنهن کي گاڏي کاتي اولڊ ڪيپمس ۾ پنهنجي خرچ تي ٽرينگ ڪرڻ پئي.
بي ايڊ به زندگي جو هڪ يادگار سبق هو جيڪو جڏهن پويان ورائي ڏسان ٿي ته مونکي پنهنجي پاڻ لاءِ اڻ لاڀائتي ٿي لڳي هيءَ ٽرينگ نون ڏهن مهينن جي مختصر عرصي ۾ ڪرڻي هئي جنهن ۾ حيدرآباد کان ٻاهر وارين استادن کي ماروي هاسٽل ۾ رهائشي ڪمرا ڏنا ويا هُئا جيڪي هاسٽل جي بي بلاڪ ۾ هوندا هُئا هي هڪ ٿورو عرصو هو جنهن ۾ اُتي رهڻ ڪو مسئلو نه هيو يعني سيپٽمبر کان مئي تائين ماروي هاسٽل مان صبح جو يونيورسٽي جي بس اسانکي کڻي شهر اولڊ ڪئمپس پهچائيندي هئي وري ڏيڊ بجي واپس هاسٽل ڇڏيندي هُئي هن ۾ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس) جا اُهي استاد به سوار ٿيندا هُئا جيڪي يونيورسٽي ڪالوني ۾ رهائش پذير هئا جن مان ڪجهه جا نالا ياد اٿم عبدالرحمان مغل صاحب نثار احمد نوراني ٻيو هڪ سيال صاحب نالو نٿو ياد اچيم ڳائڻي شازيه خشڪ جو والد ماجد به ڪڏهن ڪڏهن واپسي تي يا وري صبح پهر ۾ نظر ايندو هو ڪجهه استاد وري اولڊ ڪيمپس جي بلڊنگ ۾ پڻ رهندا هُئا ڊاڪٽر قمر واحد جيڪا اسان وٽ استاد نه هُئي پر اولڊ ڪيمپس جي بلڊنگ ۾ رهندي هئي هاسٽل ۾ بي بلاڪ ۾ روم نمبر 75 منهنجو ۽ نسيم پروين (پَريءَ) جو هو انهن ڏينهن ۾ مئڊم تنوير جوڻيجو هاسٽل وارڊن هئي هاسٽل جي وڏي گيٽ جي سامهون اندر سندس ننڍڙو بنگلو هو جنهن وٽ ڪڏهن ڪڏهن گڏجاڻي ٿيندي هُئي مئڊم رفعيه شيخ به اتي ايندي هئي ۽ هاسٽل جي مسئلن بابت پڇندي هئي بهرحال انهيءَ وقت هاسٽل جو ماحول سٺو ۽ شانتي وارو هو هرڪو پنهنجو ڪمري ۾ لکڻ پڙهڻ ۾ مصروف هوندو هو ورانڊن ۾ خاموشي هوندي هُئي ڪنهن به مرد کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانه هوندي هئي ڇوڪرين جا وارث گيٽ جي اندر رکيل بينچن تي اچي ويهندا هُئا ۽ ملاقات ڪري هليا ويندا هُئا اندر صرف هڪ چوڪيدار قادر بابا کي اچڻ جي اجازت هُئي سو به سج لٿي جو اندر اچي بتيون ٻاريندو هو ۽ صبح جو فجر نماز کان پوءِ وري اچي بتيون وسائي هليو ويندو هو.
هتي مون اِهو پرکيو ته ٽرينگ ڪا ايتري ڏکي ڪانه هئي بلڪه اجائي ڊيگهه ٿيل هئي يعني
”وقت ڪم مقابلا سخت“ واري ڳالهه هئي استادن جا ليڪچر اسائنمنٽ، مڊٽرم ٽيسٽ ليسن پلان ڪرڻ، ليسن ڊيڻ، ڊماسٽريشن ليسن ڏيڻ وغيره هن بي ايڊ جا حصه هُئا استاد سٺا هُئا انهن مان ڪي ته بلڪل غير جانبدار هُئا جن جو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڪو تعلق نه هو، هُو سٺو پڙهائيندا هُئا صحيح ڪم تي سٺيون مارڪون پڻ ڏيندا هُئا تن ۾ هڪ مثالي استاد نثار احمد نوراني هو سندس سبجيڪٽ هو.
“هُيومن ڊولپمنٽ اينڊ لرنِگ”
جنهن سبجيڪٽ کي مختصر طور ايڇ ڊي، ايل چوندا هُئاسين ڏاڍو سُٺو پڙهائيندو هو حاضري جلدي وٺندو هو گذريل ڏينهن جي غير حاضري تي چوندو هو.
“لاسٽ ٽائيم يو وَر ايب سينٽ؟”
يعنيٰ رومال ۾ ويڙهي چماٽ به هڻي ڪڍندو هو بهرطور استاد سٺو هو امتحاني پيپر گهڻو ڪري آبجيڪٽ ٽائيپ ٺاهيندو هو جنهن ۾ صحيح آپشن اڳيان گول دائرو ڪڍڻو پوندو هو ٻه سبجيڪٽ لازمي هوندا هُئا جن کي اسان پاڻ چوائس ڪندا هُئاسين مثلاّ سنڌي سان گڏ اسلاميات جي جوڙي هئي تاريخ ۽ جاگرافي جي جوڙي وغيره انهن جي ليسن پلاننگ ٿيندي هُئي ۽ استاد پاڻ به هڪ ليسن پريٽيڪلي ڪري ڏيکاريندو هو اسان جي سنڌيءَ جي استاد جمن ٽالپر به اسانکي بهترين نموني پريڪٽيڪلي ڪري ڏيکاريو هو ۽ بهترين نموني ماڊل ليسن ڏنو هو جنهن ۾ هڪ نظم هُئي.
”ڇڏي ويا مونکي، غربت ۾ زمين وارا زمان وارا“
هي ليسن ڪيمپس هال ۾ ڪيو ويو هو ۽ استاد صاحب باقاعده اسان کان موٽي ويشن ڪرائي پاڻ ٽاپڪ تي آندو هو ۽ پوءِ بلڪل سُٺي انداز ۾ اهيا نظم ڳائي، هڪ ڪمزور ۽ لٺ تي هلندڙ انسان جي حيثيت ۾ پرفارم ڪيو هاڻي مان سوچيان ٿي ته اگر استاد واقعي انهن ماڊل ليسن کي فالو ڪري پڙهائن ته ڇا شاگرد دلچسپي نه وٺندا! بلڪل وٺندا ۽ ”ڪلاس روم ۽ پڙهائي (تعليم) هنن ۾ اتساهه پيدا ڪندڙ شيون هونديون“
ٽرينگ جي پڇاڙي وارن ٻن مهينن ۾ اسان جا ليسن ميران هاءِ اسڪول ۾ رکيا ويا جتي روشن شيخ نالي استاد اسانجي سپروائيز هُئي جيڪا ڪڏهن ته ليسن اچي ڏسندي هُئي ڪڏهن وري چوندي هُئي ته پاڻ وڃي ڏيو آءُ ڇوڪرين وٽان معلوم ڪنديس مون اهيا ڳالهه نوٽ ڪئي ته اِهي شاگردياڻيون ايترا ليسن اٽينڊ ڪري چڪيون آهن جو سپروائيزر کي بلڪل صحيح رپورٽ ڏينديون هيون.
هڪ استاد جيڪو منهنجي خيال ۾ استاد محترم هو سو هو تاج محمد هاليپوٽو حالانڪه هو پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ ۾ بلڪل ٻُڙي هو پر هڪ انسان دوست ۽ همدرد شخص هو هيءَ استاد اسان کي ٻئي سيمسٽر ۾ ايس، او، ايم پڙهائيندو هو جنهن جو مطلب آهي “اسڪول آرگنائزيشن ۽ مينجمنٽ” هڪ استاد لاءِ اِهي ڳالهيون ضروري آهن ته هُو ليسن يا ليڪچر پڙهي پوري تياري ڪري اچي پرتاج محمد صاحب ٻاهران يورپ مان پڙهي آيو هو ۽ ڪراچي ۾ ڪنهن اداري ۾ انتظامي عهدي تي فائز هو هن کي پڙهائڻ جو ڪو تجربو نه هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ وڏو ضخيم ڪتاب کڻي ايندو هو ۽ اُهو ريسٽورم تي رکي انگريزي ۾ پڙهندو هو ۽ تيزي سان پڙهندو ويندو هو چوندو هو.
”بابا ڳالهه سمجهندا وڃو!“
هيئين سان هنڊايو مان ڪنهن کي به فيل نه ڪندو آهيان پر پوءِ به محنت ضروري آهي گهڻو ڪري سڀني کي اي گريڊ ڏيندس شخصيت سُٺي هيس لباس سٺو معنيٰ (ويل ڊريس) هو گلاب جو گُل هٿ ۾ هوندو هُئس اُهو وري ڪلاس روم ۾ اچي ڪوٽ جي کيسي تي لڳائيندو هو ڪڏهن ڪڏهن وري هفتي جا ٻه ڏينهن حاضري رجسٽر کولي چوندو هو.
”اڄ بابا تفصيلي حاضري وٺندس!“
پوءِ رول نمبر نالو پيءُ جو نالو ذات وغيره پڙهندو هو ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن ڪو نالو وڻي ويندو هُئس يا مطلب نه سمجهندو هو ته انهيءَ نالي واري شاگرد يا شاگردياڻي کان نالي جو مطلب پڇندو هو ته ڇا مطلب آهي هڪ ڀيري مونکي چيائين ته تنهنجي نالي جو مطلب ڇا آهي؟ نورالصباح ڇاکي ٿا چئو!؟
مون وراڻي ڏني: “صبح جي روشني”
چيائين ڪهڙو نه ڀلو نالو آهي، انهيءَ صبح جي روشني مان ئي سڄي ڏينهن کي توانائي ملي ٿي.
ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري ليليٰ خواجه هئي، جنهن کي چيائين ته بابا اِهو نالو تبديل ڪريو. “لَيلِ معنيٰ رات ۽ رات ۾ اونڌهه (انڌيرو) ٿئي ٿو، ڪاري هوندي آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي برايون مرئي ۽ غير مرئي طاقتون حاوي هونديون آهن.
بھرطور اِها استاد تاج محمد هاليپوٽو صاحب جي ذاتي راءِ هُئي هن صاحب به رزلٽ ۾ گهڻو ڪري اي گريڊ ڏنو ۽ وري فيل ڪنهن کي ڪونه ڪيائين. اسان جهڙن جن پنا ڪارا ڪيا هُئا تن کي اَي ون گريڊ به ڏنائين.
انهيءَ ٽرينگ جو آخري مرحلو ٻه فائنل ليسن هئا جيڪي لازمي سبجيڪٽ جي استادن کي ڏيڻا هُئا يعني اسان کي لازمي سبجيڪٽ سنڌي ۽ اسلاميات مان هڪ هڪ ليسن ڏيڻو هو سنڌي ۾ استاد جمن ٽالپر مونکي ٽاپڪ ڏنو هو ‘اجرڪ’ اسلاميات ۾ لغاري صاحب ٽاپڪ ڏنو هو “حج جا فرائض” اهي ٻئي ليسن مونکي هڪ ٻئي اسڪول جنهن جو نالو “مدرست البنات” هو تنهن ۾ ڏيڻا هُئا هي گرلس هاءِ اسڪول جيڪو مارڪيٽ ٽاور ويجهو هو اسڪول جي عمارت رنگ روپ ٿيل صاف سٿري هئي ۽ اُتي جي هيڊ مسٽريس سٺي شخصيت رکندڙ، باوقار عورت هُئي جنهن جو اخلاق تمام سٺو هو ۽ نرم لهجو رکندڙ هُئي تنهن ڏاڍي سٺي نموني اسان جي مرحبا ڪئي ۽ حوصله افزائي ڪيائين پوءِ اسانکي ڪيمپس طرفان هنن ليسن کي سپروائيز ڪرڻ لاءِ استاد ڏنائون ٽڪماڻي صاحب اسان جي هن سان پهرين ملاقات هُئي مون هن کي ڪيپمس ۾ ڏٺو هو پر هن سان ڪڏهن ڪونه ڳالهايو هئوسين ڪلاس ۾ ايندي ويندي نظر ايندو هو اسانجي ڪابه ڪلاس ڪانه ورتي هُئائين اسانکي ڏسي چيائين ته:
“ڪهڙي شهر جون آهيو!؟”
اسان جواب ڏنو: “ميرپورخاص جون آهيون”
پوءِ چوَڻ لڳو ته ميرپورخاص جون نه ٿيون لڳو، مونکي سکر يا ڪراچي جون لڳو ٿيون.
حالانڪه اسان ڪراچي رينج ۾ اچي ڪونه ٿي سگهياسين، اِهو ڪراچي ۽ انهيءَ جا مختلف ضلعه هن ڪيمپس سان سلهاڙيل ڪونه هُئا
بهرطور ليسن ورتائين ۽ ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سُٺا ريمارڪس لکيائين مثلاّ
“ٽيچر صاف سٿري سمارٽ ۽ ويل ڊريس هئي، آواز اوچو هو، ڪلاس ڪنٽرول ۾ هو، شاگردياڻين ۾ مڪمل خاموشي هُئي هُو دلچسپي وٺي رهيون هيون وغيره وغيره”
ٽن مهينن کان پوءِ يا الائي ڇهن مهينن بعد رزلٽ آيو مون جو اي ون گريٽ آيو ۽ ساٿياڻي رخسانه قاضي هتي فرسٽ پوزيشن ماڻي هُئي اسان جڏهن بي ايڊ جي ٽرينگ تي وياسين تڏهن ٿرپارڪر جي ڊي، او فيميل مئڊم ممتاز مرزا هُئي جڏهن واپس آياسين ته ساڳي حميده حيدر موجود هُئي انهيءَ ڪرسي تي، اسان ٽرينگ تي ويلن جا ساڳين اسڪولن ۽ پوسٽن تي آرڊر ڪڍيا هُئائين.
انهيءَ دوران جڏهن مان بي ايڊ جي ٽرينگ تي هُيس ته انهيءَ جي آخري ڏهاڙن دوران منهنجي ننڍي ڀيڻ ممتاز جي شادي پڻ ٿئي وئي هُئي جيڪا اسانجي ڏيپارجائي مائٽ محمد اظهر قريشي سان ٿئي هُئي جيڪو اليڪٽانڪ انجنيئر هو انهيءَ وقت مديني منوره ۾ مدينه اليڪٽرڪ ڪمپني جو ملازم هو منهنجي انهيءَ ٽرينگ دوران پڻ امان کي اڌ رنگ جو هڪ ٻيو حملو ٿيو هو جنهن هن کي ڪافي ڪمزور ۽ ناتوان بڻائي ڇڏيو هو ۽ هُوءَ ڪم ڪار ڪرڻ جهڙي ڪانه رهي هُئي ممتاز جي سعودي عرب وڃڻ کان پوءِ ۽ شادي کان پوءِ حيدرآباد ۾ ساهرن ۾ رهڻ دوران امان جي نظرداري ڪرڻ ۽ گهر جي ڪم ۾ نوڪرياڻين جي نظرداري ڪرڻ لاءِ منهنجي ماسات حسينه آپا جي ڌيءَ رفيعه ٻه مهينا کن اسان جي گهر ۾ رهي پوءِ مان ٽرينگ ختم ڪري گهر اچي ويس ۽ اچي گهر جون ذميواريون سنڀاليم هن ننڍڙي عمر واري رفعيه جيڪا شايد انهيءَ وقت ستين ڪلاس ۾ جيمس آباد ۾ پڙهندي هئي تنهن اسان جي هن گهر کي ڏاڍي سُٺي انداز ۾ هلايو ۽ اسان جو دِلَيون کٽي ورتيون هيون مان جڏهن ميرپورخاص خميس جي شام تي ايندي هُئس (انهن ڏينهن جمعو موڪل هوندي هئي) ته هُو ڪونه نه ڪو رات جو ڏٺل خواب ٻڌائيندي هُئي وري چوندي هُئي پوءِ اک کلي پيم باقي اڳلي رات خواب ڏسنديس يعني هن جي خيال ۾ خواب به ”هڪ قسط وار ڊرامي وانگر هُئا“ جنهن ۾ هو پنهنجي خواهشن ۽ تمنائن کي پورو ٿيندو ڏسندي هُئي يا وري ٻاراڻي طبيعت موافق وڌاءُ ڪندي هُئي

ڳاڙها گل گلاب، تنهنجا منهنجا خواب،
سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب.

هر وقت مسڪرائيندڙ چهري واري هيءُ رفعيه ڏاڍي تعاون ڪندڙ پيار ڪندڙ ۽ احساس رکندڙ ڇوڪري هئي ۽ اڃان به آهي هاڻي شادي شدهه ۽ ٽن پٽن ۽ ٻن ڌيرن جي ماءُ آهي سندس گهر وارو ميرپورخاص جو اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي رب پاڪ کيس خوش ۽ آباد رکي.
بي ايڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ منهنجي حياتي وري پراڻي دڳ تي هلڻ شروع ٿي هُئي آپا قدسيه قوم پرست هُئي سنڌي ميڊيم شروع ٿيڻ سان آپا جي ڊيمانڊ تي اسٽاف به گهڻو اچي ويو هو اسان جيڪي سينئر هُئاسين تن جو ورڪ لوڊ به ڪجهه گهٽ ٿيو هو.
انهيءَ وقت ڪجهه ٻيا پرائيويٽ اسڪول به کلي ويا هُئا جن جو نامچار ٿيڻ شروع ٿيو هو سيٽلائٽ ٽائون جا ڪيترائي ٻارڙا ويجهڙائپ هُئڻ سبب ۽ انگريزي ميڊيم هُئڻ ڪري اُتي داخل ٿيڻ شروع ٿيا هُئا پوءِ به سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول جيڪو حيدرآباد روڊ تي وڏين ڀتين ۽ اندر ڳاڙهين سِرِن سان ٺهيل آهي سو اوچا ڳاٽ ڪري پنهنجي ماضي جي عظمت جي ياد اڃان به ڏياري پيو.
مون جيئن اڳ ذڪر ڪيو ته هن اسڪول جي ٻارن جا مائٽ ٻارن کي گهمائڻ ڦرائڻ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺندا هُئا ۽ اهڙا موقع ڏيندا هئا ته ٻار استادن سان گڏ گهمڻ ڦرڻ وڃن اهڙوئي هڪ وزٽ ڪامارو شريف جي ڊاڪٽر پير جليل ڪرايو هو سندس ڇوڪرا ۽ ٻه ڇوڪريون سيما بي بي ۽ مصباح بي بي اسان وٽ شاگردياڻيون هيون تن هڪ ڏينهن سندن ڳوٺ گهمائيڻ جي دعوت ڏني اسان سندن ڏنل سوارين ۾ سوار ٿي سندن ماءُ سان گڏ ڳوٺ پهتاسين گهرن جي اڳيان خلاصي جاءِ تي شاميانه لڳائي ڪرسيون رکي ۽ کٽن تي رلهيون وڇائي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هي منظر جهڙوڪر ڪنهن شادي جو هجي اِهي راهبائون ته اِهو منظر ڏسي وائڙيون ٿي ويون هيون ۽ پوءِ ان ڳالهه تي متفق ٿيون ته سنڌي مهمان نواز ۽ وشال دل وارا ٿيندا آهن اسان سندن گهر ۾ به وياسين جتي صفائي سٿرائي لاجواب هُئي اُتي ڇوڪرين سيما بي بي جون مائيٽياڻيون قربائتيون هيون شام جو وري ڇهين ستين بجي سڀني کي ذاتي گاڏين ۾ گهر ڀيڙو ڪيائون هتي سڪيورٽي لاءِ ٻاهر انهن ذاتي گارڊ به وهاريا هُئا مطلب ته هڪ وي آءِ پي پڪنڪ هُئي جيڪا وسرڻ جوڳي نه آهي ڪافي سال هتي رهڻ کان پوءِ مان هتي جي ماحول ۾ بلڪل ايڊجسٽ ٿي وئي هُيس اتي مونکي ايڇ ايس ٽي پوسٽ ملي وئي هُئي رب پاڪ کي مونکي اڃان ترقيءَ تي رسائڻو هو مان هن ڪٿا ۾ اڳ به لکي چڪي آهيان ته منهنجي ترقي جي رفتار ڪَڇُون واري هُئي سو آهستي آهستي وکون کڻندي اڳتي وڌان پئي ۽ قدرت منهنجي رهنمائي ڪري رهي هُئي هڪ ڏينهن ڪانوينٽ اسڪول ۾ ڪلارڪ آفيس وٽان لنگها پئي ته آفيس ڪلارڪ حيات نهوڙي مونکي سڏ ڪري ٻڌايو ته
“ادي! اڄ جي اخبار ۾ سنڌ پبلڪ ڪميشن طرفان ليڪچرارن جون پوسٽون آيون آهن انهيءَ ۾ سنڌي ليڪچرار جون پوسٽون آهن پر تمام ٿوريون آهن منهنجي خيال ۾ توهان کي خبر هوندي هاڻي اپلاءِ ته ڪيو”
مان جيڪا هن نوڪري ۾ مست هُيس ۽ اهڙي ڪا معلومات ڪانه رکندي هُيس ته مونکي ڪهڙي خبر ته هاڻي به مونکي سترهون گريڊ ملي سگهي ٿو.
”سُتين ڪهڙي سار، وِڄُ کنوندي ويسرا“
يعني مان هاڻي ليڪچرار شپ مان آسرو لاهي ويٺي هُيس ۽ منهنجي اندر جي نقاد وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ”هيترا سال ته ليڪچرار شپ ملي ڪانه هاڻي ڇا پروفيسر ٺهندس! سياڻن سچ چيو آهي. اُميد سُٺي رکڻ گهرجي جيڪڏهن يقين ڊانواڊول ٿئي ته هٿ ۾ آيل ڪاميابي به ناڪامي ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.“
نقاد ۽ منهنجي اندر جي ويڙهه ساندهه ٻه ٽي ڏينهن جاري رهي مان ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهي هُيس ٽن ڏينهن کان پوءِ حيات مون کان وري پڇيو ته مون کيس ساڳيو جواب ڏِنو، هِن مونکي چيو ته ايترو به مايوس نه ٿيو سڀاڻي مونکي سعيده اسرار جي ڪنهن ڪم سان ڪميشن آفيس وڃڻو آهي چئو ته فارم وٺي اچان مون حامي ڀري ادا حيات جنهن ڪجهه سال اڳ مونکي پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪرڻ جو چيو هو جيڪا پڻ سترهين گريڊ جي هُئي مون انهيءَ ۾ اپلاءِ به ڪيو هو منهنجي انٽرويو به سُٺو ٿيو هو ۽ مان ڪنهن حد تائين ڪواليفاءِ ڪري وئي هُيس هن جي سليڪشن ڪاميٽي ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ پرنسپال ڊاڪٽر شريف ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهون به شامل هُئا. مون تائين اهيا اطلاع پهتي ته مان سليڪٽ ٿي وئي آهيان پر پوءِ سليڪشن کي انهيءَ بنياد تي رَدِ ڪيو ويو هو جو مان انهيءَ وقت بي، ايڊ ڪيل ڪانه هُئس بهرطور قصو ڪوتاهه پوءِ ڪجهه بي ايڊ ڪيل ڪجهه غير بي ايڊ مرد ۽ عورتون اُتي رکيون ويون هي ميرپورخاص جو هڪ سٺو رهائشي اسڪول هُيو جنهن جي ڪافي عرصي تائين هاڪ رهي ميڊم زينت ٽالپر جنهن مون سان ايم اي جو امتحان (سنڌي) سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو هو پر بي ايڊ ڪيل هُيس اپوا اسڪول ۾ سينئر ٽيچر هُئي سا پڻ پبلڪ اسڪول ۾ اچي وئي هُئي جيڪا شهر جي سنڌي عورتن ۾ ڪافي ايڪٽو، ذهين ۽ زماني شناس عورت هئي.
بهرطور منهنجو نوڪري لاءِ اِهو پهريون انٽرويو هو انهيءَ مان مايوس ٿي وئي هُيس ۽ ڪميشن لاءِ فارم ڀرڻ نٿي چاهيم پر پوءِ مان ڪميشن جو فارم گهرايو پنهنجي هٿن اکرن سان ڀريم ۽ جمع ڪرڻ جو ڪم منهنجو ننڍو ڀاءُ مشتاق چالان في ڀري ڪميشن آفيس ٺنڊي سڙڪ حيدرآباد ۾ ڪرائي آيو جيڪو انهيءَ وقت لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هو اِهو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جو دور هو هر طرف نوڪرين لاءِ نوان گس کوليا ٿي ويا ڪميشن جا امتحان ڪرايا ئي ويا استادن کي برسر روزگار ڪرڻ لاءِ “نئين روشني” تعليم کاتي ۾ ۽ ”اسڪول هيلٿ سرورس“ جهڙا منصوبا صحت کاتي ۾ شروع ڪيا ويا هُئا اهڙي طرح ورهين کان روزگار کان نااميد نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون پئي ويون بقول اياز:
ڏس باک ڀليري آئي آ.
ڏس سنڌ مٿان سرهائي آ.
مون اُهائي ڪُمي جهڙي سست رفتاري سان اڳتي وڌڻ جا خواب ڏسندي هن ڪميشن جي امتحان ۾ تياري جا سانڀاها شروع ڪيا هُئا ڪافي انتظار کان پوءِ گهر جي ايڊريس تي انٽريو ليٽر پهتو هو جنهن ۾ پڻ منهنجا اڳواٽ جمع ڪيل ڪجهه ڊاڪومينٽس مثلا رهائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيريڪٽر سرٽيفڪيٽ ٻيهر گهرايا ويا هُئا منهنجي پنهنجن هٿن سان لکيل ايڊريس جيڪا چئن جاين تي لکڻي پوندي هُئي تنهن مان به ٽي غائب هيون يعني مطلب اِهو ته هڪ تي مونکي ڪال ڪيو ويو هو ۽ ٻيون ڪٿي غير ذميداري جو ثبوت ڏيندي اُڇلائي ڇڏيون هُئائون اِهو سوچي ته هاڻي هنن جو ڪهڙو ڪم!
پاڻ انهيءَ جي ڊيمانڊ ڪئي هُئائون معنيٰ عقل جا انڌا هُئا اهڙن ماڻهن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي فرمايو آهي ته: “جنهن سماج ۾ عقل، دليل ۽ علم سمهي پوندا آهن، اُتي رات جو چمڙا ۽ ڀوت وغيره حقيقت ٿي جاڳي پوندا آهن.”
بهرطور مون گهرايل ڊاڪومينٽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائي آپا قدسيه مفتي کان (جيڪا انهيءَ وقت اسانجي هيڊ مسٽريس هُئي) اُهي پاڻ وٽ محفوظ رکي انٽرويو جي تياري ۾ جُنبي ويس ڪافي عرصي کان سنڌي ادب جي عورت استادن لاءِ ڪميشن نه ٿيو هو سو گهڻي رش ۽ پِيهَه هُئي اُتي پهچڻ وقت اهيا خبر به پئي “جيترا وات اوتريون ڳالهيون” ته اِهي چند سيٽون اڳ ۾ ئي ڀرجي ويون آهن ۽ هِيءَ رڳو فارملٽي آهي مون تي ان جو ڪو اثر نه پيو ڪافي نوجوان عورتون ۾ ڇوڪريون آيل هيون ۽ پر اميد هيون مونکي منهنجو ڀاءُ مشتاق وٺي هليو هو مرحوم سرور شاهه گاڏي ڊرائيو ڪئي هئي مون ساڻ فرزانه قاضي جنهن کي حيدرآباد پهچڻو هو سا به هُئي سندس وڏي ڀيڻ رخسانه قاضي جي تازو شادي ٿئي هُئي هُوءَ اُتان حيدرآباد مان انٽرويو ڏيڻ آئي هُئي تنهن مونکي چيو ته: “ادي نورالصباح ڪتاب اٿئي ته انهيءَ مان ڪجهه پڙهندي هَلُ!!!”
اسان ڪميشن آفيس ۾ ويهي پنهنجا گُهربَلَ ڊاڪومينٽ جمع ڪرائي ڪال جي انتظار ۾ ويهي رهياسين ڪالِ ٿي اندر ويس هڪ وڏو وسيع ڪمرو هو جنهن ۾ ٻه ماڻهون موجود هُئا ٽيبل جي وچ واري ريوال ونگ چيئر تي ڪميشن جو چيئرمين ويٺل هو رُعُب دار شخصيت سوٽيڊ بوٽيڊ گهڻو ڪونه ڳالهايائين جيڪو ڳالهايائين سو انگريزي ۾ نالو وغيره پڇيائين هڪ ٻيو شخص جنهن لاءِ بعد ۾ پتو پيو ته سبجيڪٽ اسپيشلٽ تنهن جي منظر نگاري ڪندي کل ٿي اچي چيئرمين کان ڪافي اورتي واري ڪُرسيءَ تي ويٺل هو.
”هڪ گوڏو ڪرسي تي ٻئي ڄنگهه زمين تي رکيل اُها به بوٽ مٿان يعني پير جو سڄو زور انهيءَ بوٽ جي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ کي ڊانوا ڊول ڪرڻ تي لڳل هو”
هُن صاحب صرف ٻه سوال ڪيا اسم ڇاکي چئجي ٿو؟ ۽ ٻيو ته صفت مبالغو ڇا آهي؟
حاصل مطلب ته هن صاحب کي يا هنن کي ڏکيا سوال مقابلي وارا پُڇڻا ئي ڪونه هُئا ڇو جو چونڊ اڳ ۾ ئي ٿيل هُئي جو ٻاهر اچڻ تي ٻين اميدوار عورتن ٻڌايو ته اسان کان به ساڳيا سوال ڪيا اٿن”
بهرحال رب پاڪ انهي استاد تي رحم ڪري اگر جي گذاري ويو آهي ته رب پاڪ مغفرت ڪريس:
تہذیب سکھاتی ہے جینے کا سلیقہ
تعلیم سے جاہل کی جہالت نہیں جاتی

هي انٽرويو ڏيئي گهمندا ڦرندا حيدرآباد مان مائٽ شاهنواز قريشي جيڪو انهيءَ وقت انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر هو ۽ وحدت ڪالوني ۾ رهندو هو ۽ منهنجي بابا جي سئوٽ قاضي نظر محمد جو وڏو پٽ هو تنهن جي گهران گهمي ماني کائي، ڏينهن ٺاري شام جو گهر ميرپورخاص پهتاسين هتي اِها ڳالهه ٽهڪي ٿي اچي:
”استاد سبق ڏيئي امتحان وٺندو آهي،
۽ زندگي امتحان وٺي، سبق ڏيندي آهي.“
بهرحال مونکي مايوسي ته ڪجهه حد تائين ٿي پر هاڻي مان عقل ۽ شعور جي دڳ کي ڪجهه سمجهڻ لڳي هُيس بقول راشد مورائي:
راشد! چمڙا نه آهيون جو انڌيرن سان ٺهون،
پنهنجو ايمان پختو آ سويرن ۾.
سو مون به مورائي صاحب جو پختو ايمان ظاهر ڪري دل کي آٿت ڏنو هي ڪتاب پڙهندڙ سوچيندا هوندا ته ليکڪ فقط ناڪامين جا داستان ٿي ٻُڌائي ڪا خوشخبري نٿي ڏيئي ته مان هِتي هندوستان جي صدر عبدالڪلام جي هِيءَ چوڻي لکنديس.
”ڪاميابين جون ڪهاڻيون نه پڙهو انهيءَ مان توهان فقط نياپو حاصل ڪندا، ناڪامي جا داستان پڙهو توهان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سُٺا خيال ملندا!“
هن ڪانوينٽ جي نوڪري دوران مان سنڌ گريجويٽ ايسوسيئشن ۾ فعال ميمبر طور ڪم ڪيو جنرل ضياءَ جي دور ۾ جڏهن سگا ٻيهر بحال ٿي ته ميرپورخاص جي سنڌي اپر ۽ مڊل ڪلاس انهيءَ کي گهڻو همٿايو ڪافي تعداد ۾ استاد، ڊاڪٽر، وڪيل شاگرد مرد ۽ عورتون هن جا ميمبر ٿيا باقاعده، گهرن ۾ موجود اُهي عورتون جيڪي گريجويٽ هيون تن کي ميمبر ٺاهيو ويو هن تنظيم جو سڀ کان وڏو ڪارنامو هِتي ‘روشن تارا’ اسڪول قائم ڪرڻ هو جنهن ۾ سنڌي گهراڻن جا ٻار گُهرائي داخل ڪيا ويا هُئا ميرپورخاص ۾ پڙهيل لکيل سنڌي طبقو پنهنجا ٻار هن اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو منهنجي ڀيڻ ممتاز به هن اسڪول جي پهرين هيڊ مسٽريس هُئي پوءِ شادي ٿيڻ بعد سعودي عرب مدينه منوره هلي وئي، مان پاڻ نسيم پروين ميمڻ ۽ رخسانه قاضي پڻ هن سگا جي مينجمنٽ ڪميٽي ۾ شامل هيوسين مشهور فلاحي جوڙو، وڪيل يوسف علي خواجه ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر زبيده پڻ هن تنظيم جا ايڪ ٽِوُ ميمبر هُئا ۽ وڏي دلچسپي وٺندا هُئا ڊاڪٽر زبيده ته هن تنظيم طرفان شهر کان ٻاهر ميڊيڪل ڪيمپ به لڳائي هُئي ۽ اسان کي گڏ وٺي هُئي انهيءَ وقت ڪيپٽن غلام حسين سچاروي جهڙو باشعور ماڻهون سگا ميرپورخاص جو صدر هو ۽ روشن تارا اسڪول ڪميٽي جي انتظامي ڪميٽي ۾ پير آفتاب شاهه پنهنجي ٻارن حسن شاهه ۽ بيبي عارفه کي هتي داخل ڪرايو هو ۽ ميرپورخاص جي ٻئي اهم سياسي ۽ سماجي شخصيت حسين بخش مري جنهن جي نالي سان اڄ ڪلهه ميرپورخاص ضلعي جو هڪ تعلقو آهي تنهن صاحب جو پٽ ممتاز مري به هتي پڙهندو هو.
”ڪنهن سُٺي مقصد کي سامهون رکي انهيءَ جي ابتدا پنهنجي گهر سان ڪئي وڃي ته اُهو مقصد وڌيڪ اثرائتو ۽ لاڀائيتو ٿئي ٿو.“
مان ڪانوينٽ اسڪول ۾ ڪم ڪري رهي هُئسِ اِهي ڳالهيون منهنجي ياداشت جو انهيءَ وقت به حصو هيون ۽ هاڻي به آهن هاڻي اچان ٿي ڪانوينٽ اسڪول جي پڪنڪ تي ته انهيءَ ۾ هڪ يادگار پڪنڪ وساڻ فارم ڪنڊياريءَ واري به هُئي هي فارم “وساڻ فارم” سنڌڙي ميرپورخاص روڊ تي هو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي اهم سياسي شخصيت جيڪو هڪ سماجي شخصيت پڻ هو تنهن جي وارث نياز محمد وساڻ ٺهرايو هو هيءُ هڪ خوبصورت فارم هو ايڪڙن ۾ ڦهليل هيءَ فارم گهمڻ لاءِ پرڏيهي ۽ ڏيهي ماڻهون ايندا هُئا ۽ لطف اندوز ٿيندا هُئا فارم ۾ سائي خوبصورت ڇَٻر (لان) وڻ هڪ هٿرادو ڍنڍ ۽ رهڻ لاءِ هڪ خوبصورت بنگلو به شامل هو جنهن ۾ سنڌي ثقافت جون شيون جنڊي جا هندورا انهن مٿان پٿر سنگ مرمر جا ٿالهه جن تان پکي داڻو پاڻي حاصل ڪري رهيا هُئا سي رکيل هُئا خوبصورت گهريلو سامان رکيل هو هر شيءَ نفاست سان سينگاريل هُئي سنڌ جي ٽُڪ واري رلهي هڪ شيشي جي ڪوَرُ ۾ بند ڪيل ڊيڪوريشن پِيسِ طور تنگيل هئي.
هتي اسان کي صبح جو پهچڻ شرط ناشتو ڪرايو ويو جتي بنگلي ۽ فارم جا نوڪر ميزباني لاءِ بيٺل هُئا جيڪي بعد ۾ نظر ڪونه آيا باقي هڪ ڳالهه متاثر ڪندڙ هُئي ته بنگلي جي اندر هڪ ئي ملازم هو جيڪو اسانکي هر شيءَ جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو اهڙو ذميوار ۽ فرض شناس ملازم مون زندگي ۾ ڪونه ڏٺو جيڪو تمام گهڻي حاضر دماغي سان هلي رهيو هو ۽ اسٽاف ۽ شاگردياڻين تي گهري نظر رکيائين ٿي متان ڪنهن شيءَ جو نقصان نه ٿي پئي هن فارم ۾ جيڪا هٿرادو پاڻي جي ڍنڍ هُئي تنهن ۾ هڪ سهڻي ٻيڙي به بيٺل هُئي جنهن ۾ ڇوڪرين چڙهي سير ڪيو هو پر جڏهن جو يريه ميمڻ ۽ نسرين هادي بخش لغاري ٻيڙي جي سير تي نڪتيون ته اُها ٻيڙي ٿوري لُڏي ٻنهي پاسن کان ويهي انهيءَ جو توازن برابر ڪيو ۽ وڏي خود اعتمادي سان گهمي ٻاهر آيون هي پڪنڪ اسانکي انهيءَ وقت جي ميرپورخاص جي سولِ اسپتال جي سِولِ سرجن ڪرائي جنهن جو نالو هادي بخش لغاري هو جنهن جي نياڻي نسرين لغاري سينٽ مائيڪل جي شاگردياڻي هُئي
هتي جي باغ ۾ ويهي ڇوڪرين مخلتف گانا ۽ لاڏا ڳايا ايتري خوشي ۽ وڏي آواز کي ٻڌي ڳوٺ جون عورتون ڏسڻ آيون هُيون ته ڇا هي ڪي ڳائڻيون آهن يا وري ڪنهن ڊرامي يا فلم جي شوٽنگ آهي ٿي سگهي ٿو ته هتي ماضي ۾ ڪا اهڙي ماجرا ٿي هُئي ڇو ته اسپاٽ ڏاڍو پيارو هو جنهن جو اثر به دائمي رهجي آيو هو. بقول اياز:
هو جو شاهي باغ ۾ ڪِرڻي جو ڦهلاءُ،
واسي آيو واءُ، جنهن کي ڪنهن جي واس ۾.

مون کي سينٽ مائيڪل ۾ جتي ڪم ڪندي ورهيه ٿيا هُئا هتي جو ماحول تمام سٺو هو هتي مقامي سنڌي اردو استاد ڏاڍي رواداري سان پيش اينديون هيون هتي اچڻ وقت ٿوريون استاد هيون جن ۾ اردو پڙهائڻ لاءِ مرحومه رشيده غفور ۽ اسلاميات پڙهائڻ لاءِ رفيقه رانا موجود هئي تمام سينئر ۽ قابل استاد هيون انهيءَ کان علاوه مرحومه نشاط افزا پڻ سٺي استاد هئي پر پوءِ بدلي ڪرائي ٻين اسڪولن ڏانهن هلي وئي هتي سعيده عباسي انگريزي جي استاد هُئي جيڪا پهريان سعيده فاضلاڻي هئي سنددس شادي انعام عباسي بينڪ آفسر سان ٿي ته وري سعيده عباسي سڏجڻ لڳي هئي ڏاڍي قربائتي هُئي.
هن اسڪول ۾ فنگشن نالي ماتر ٿيندا هُئا هڪ دفعي جي يادگيري اٿم ته ڊي، اي، او جي آرڊر تي محفل ميلاد شارٽ نوٽيس تي ڪرائڻو هو جنهن ۾ هڪ ڏينهن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اهڙي بهترين طريقي سان تياري ڪري اچي حاضر ٿيا جو اعتبار ئي نه پي آيو ته هي ٻار نعت ۽ حمد ۾ ايتري ڄاڻ رکن ٿا هنن جا آواز به سُريلا هُئا جنهن ۾ ڊاڪٽر عائشه صفدر به ميلاد شريف ڏسڻ ۽ ٻڌڻ آئي هُئي جنهن جون ٻه ڇوڪريون صبا صفدر ۽ حنا صفدر هتي پڙهنديون هيون.
شايد اُهي جوڻيجو دؤر هو جنهن ۾ ڪوڙل شاهه نالي صوبائي وزير هتي آيو هو جنهن جي مان ۾ هڪ رنگين پروگرام ترتيب ڏياريو ويو هو. اردو ٻولي ۾ علامه اقبال جي شاعري تي هڪ ٽيبلو ۽ سنڌي ۾ سُر سسئي ڪوهياري مان هڪ ٽيبلو تيار ڪري ڏيکاريو هئوسين. پروگرام ۾ اجائي ڊيگهه ڪانه هُئي تنهن ڪري جلد اختتام تي پهتو هو مهمان خصوصي کي پروگرام ڏاڍو وڻيو هو.
باقي نائين ڪلاس طرفان ڏهين ڪلاس کي پارٽي جيڪا الودائي پارٽي چوارائيندي هئي سا هَرِ سال باقاعدگي سان ٿيندي هُئي جنهن ۾ مٿي منزل ۾ ٽن ڪلاسن جي وچ وارا پارٽيشن هٽائي هڪ هال جي شڪل ڏني ويندي هُئي ۽ اتي بلڪل ابتدا ۾ ڀت سان گڏ هڪ پينٽنگ ٿيل پردو ٽنگيل هوندو هو جهڙوڪر اسڪرين جو ڪم ڏيندو هو ٻڌائينديون هيون ته اِهو پردو ايامن کان ٽنگيل آهي ۽ استعمال ٿيندو پيو اچي هن اسڪول جون شاگردياڻيون گهڻو ڪري ذهين ۽ هوشيار هيون ٻيو ته صحت مند ۽ ذهني دٻاءُ کان آجيون هجڻ ڪري ۽ شايد خوشحال گهرن جون هُئڻ سبب ٿلهيون متاريون لڳنديون هيون جن مان ڪجهه شاگردياڻين جا نالا اڃان ياد اٿم سندن شڪل شبيهه به چِٽيءَ طرح ياد اٿم جن ۾ عاليه مختيار، سيما بي بي مصباح بيبي، سمن مير فوزيه، صبا صفدر، حِنا صفدر، نرگس پير علي نجمه آرائين، شبنم ٽالپر، شيرين مڱريو، غلام رسول جوڻيجو جي نياڻي غزاله جوڻيجو پرائمري ڪلاس ۾ وليد نالي شاگرد ۽ سندس ڀيڻ توحيد چٽيءَ طرح ياد اٿم جيڪي گلاب خان تاج جا ٻار هُئا وليد هن وقت انڪم ٽيڪس جو وڪيل آهي ۽ توحيد ڊاڪٽرياڻي آهي منهنجي سنڌي ڊپارٽمنٽ جي پروفيسر حميده ناز جون ڀينرون ناهيد ۽ فرزانه مشهور سماجي شخصيت ايس اي خان جي ڌيئرون پَر نالا وسري ويا اٿم شڪل ياد آهي جنهن مان هڪ پوءِ وڪالت ڪري پئي شايد جج وغيره ٺهي آهي نالو وسري ويو اٿم مون سان گڏ هتي بي ايڊ ڪندڙ مسرت افزا (رانا) به هئي جيڪا شادي کان پوءِ ڊگري شهر هلي وئي هن ڪانوينٽ ۾ مونکي زيب باجي مرحومه ملي جيڪا فاطمه بخاري جي ڀيڻ هئي انهيءَ کان پوءِ جي دور ۾ حليمه کوسو منهنجي هاڻوڪي پاڙيسڙڻ نورجهان خاصخيلي جيڪا پنهنجي والد پروفيسر اڪبر خاصخيلي جي شاهه لطيف ڪاليج ۾ پوسٽنگ سبب اُتي رهندي هئي ۽ بعد ۾ مير ڪالوني ۾ شفٽ ٿي ويا پوءِ سنڌي ميڊم جا ڪلاس شروع ٿيڻ بعد ڪافي نئون سنڌي ڳالهائيندڙ اسٽاف پهتو هن ۾ ريحانه قاضي قدسيه ميمڻ ادي پَرِي (دادو واري) شاهينه ميمڻ (شاهينه شاهه) وغيره شامل هيون جنهن ۾ منهنجي پاڙي واري نسيم پروين جنهن مون سان گڏ بي ايڊ ڪيو هو ۽ هتي ڪانوينٽ ۾ جاب ڪندي هئي سا به شادي کان پوءِ نوڪري ڇڏي وئي هُئي هن وقت خوش خرم حياتي گذاري پئي شايد ڪراچي ۾ آهي شهناز دانشور پڻ شادي کان پوءِ هتان هلي وئي.

هن جيون جي چو واٽي تي،
ڪي دوست مليا هُئا قرب منجهان،
وقت جو اهڙو واءُ لڳو،
ڪو ڪاڏي ويو، ڪو ڪاڏي ويو.

هتي جڏهن ڪانوينٽ جي ڀائيچاري واري ماحول جو ذڪر نڪتو آهي ته مان هتي جي مڪمل تعاون ڪندڙ عملي ڪلاريڪل اسٽاف جو به ذڪر ڪندسُ جنهن ۾ محمد يوسف، عبدلرحمان ڪنڀار حيات نهوڙي ۽ عابد بلوچ شامل آهن.
انهن ۾ محمد يوسف ته تمام ٿورو عرصو رهيو انهيءَ جي جاءِ تي عبدالرحمان ڪنڀار آيو سو پڻ بينڪ جي نوڪري ملڻ تي هتان هليو ويو ڏاڍو ذهين ۽ قابل انسان آهي پوءِ سنڌ گريجويٽ ايسوسيئشن ۾ فعال ميمبر طور ڪم ڪيائين انهيءَ کان اڳ به هڪڙي سگا جيڪا ديدار بلوچ وڪيل وارن تي مشتمل هئي انهيءَ جي ورڪ لاءِ ۽ ديدار جي حمايت جو ووٽ وٺڻ لاءِ آيو هو پر پوءِ شايد اُهي چونڊون ملتوي ٿي ويون هيون مرحوم (هاڻي) ديدار وڪيل به ساڻس گڏ هو جنهن سامراجي نظام خلاف ڳالهايو پئي اسين سچاردي واري سگا ۾ اليڪشن وڙهي پهتيون هيوسين اڳ واريءَ جي خبر نه آهي بهرحال مون ذڪر ڪيو انهيءَ اسٽاف جو جيڪو انتهائي ايمان دار، شريف النفس ۽ تعاون ڪندڙ هو
انهن ڏينهن آگسٽ 88 دوران ملڪ جي فوجي صدر ضياءَ الحق جو جهاز بهاولپور ڀرسان حادثي جو شڪار ٿيو هو ۽ پاڻ پنهنجي ساٿين سميت مارجي ويو هو انهيءَ حادثي جو ٻڌي ميرپورخاص ۾ اِهو رد عمل ٿيو ته:
“ڪي رُنا ۽ گهرن ۾ تڏا وڇايائون، ڪن وري مٺايون ورهايون هيون”
اِها انهن جي انفرادي سوچ هئي مان ڪا سياست دان ته آهيان ڪانه جو انهيءَ معاملي تي وڌيڪ تبصرو ڪريان، مونکي ڪانوينٽ اسڪول جي اسٽاف ۾ به اهڙو ئي مِليل جُليل ردِ عمل ڏِسڻ ۾ آيو هو. هن ڪانوينٽ اسڪول ۾ مونکي وري ڪجهه ترقي جا موقعا مِلندي نظر اچي رهيا هئا، مون جنهن هڪ ڪميشن ۾ ناڪامي کان پوءِ اڳتي ڪميشن ۾ نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، اِهو منهنجو پاڻ مُرادو فيصلو هو پر اتفاق اِهو ته انهيءَ ڪميشن ۾ ناڪامي کان پوءِ ڇهن مهينن اندر هڪ ٻئي ڪميشن پاران ايڊورٽائيز ڏني وئي هئي يعني سنڌي لاءِ ڪجهه نيون سيٽون ڏنيون ويون هيون مون نه چاهيندي به ڪانوينٽ اسڪول جي ساٿياڻي پنجابي اسپيڪنگ “مسرت رانا، جيڪا پوءِ ڊگهڙي شهر جي ڪنهن واپاريءَ سان شادي ٿيڻ بعد ڪانوينٽ مان بدلي ڪرائي ڊگهڙي شهر هلي وئي” چوڻ ۽ زور ڀرڻ تي اِهو فارم ڀريو هو“ ۽ بينظير جي پهرين حڪومت اچڻ شرط ڪميشن جي انهن سيٽن لاءِ انٽرويو ليٽر اِشُو ڪيا ويا هُئا مون تڏهن به گذريل تلخ تجربي کي سامهون رکندي نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو پر منهنجي هڪ ساٿياڻي نورجهان خاصخيلي جيڪا انهيءَ وقت جي سنڌي جي پروفيسر اڪبر خاصخيلي جي نياڻي هئي ۽ منهنجي سُٺي دوست هُئي اسان جي پاڻ ۾ ڪافي انڊر اسٽينڊگ به هُئي تنهن چيو ته: “بابا چيو آهي ته انٽرويو ۾ ضرور شامل ٿجو اڳتي الله پاڪ مالڪ آهي ايئن اڳواٽ ئي دل لاهي اڳڪٿيون نه ڪرڻ گهرجن”
نورجهان خود به انهيءَ خيال جي هُئي مون سان مخلص هئي تنهن مون تي زور ڀريو ۽ آخر دليل ڏئي منهنجي انڪار کي هاڪار ۾ تبديل ڪيائين مونکي ذهن ۾ ‘حمل فقير’ جو هڪ شعر اُڀري آيو آهي.

دِل لڳي دوستي جو ڇا مُلهه آهي مقدار،
لڳي ته لک هزار، ٽُـٽي ته ٽَڪو ئي نه آهي.

انٽرويو واري ڏينهن نورجهان مون سان گڏ هلي پر اُتي ڪميشن آفيس ۾ پهچڻ شرط پهريون مسئلو اِهو پيدا ٿيو ته ڊاڪومينٽ چيڪ ڪندڙ ڪلارڪ چيو ته:
”توهان جي ايم اي فائنل واري سرٽيفڪيٽ تي ايم اي ته لکيل آهي پر ”سبجيڪٽ سنڌي“ ٻئي رنگ جي مَسُ سان لکيل آهي تنهن ڪري اِهو سرٽيفڪيٽ قابل قبول نه آهي توهان انٽرويو ۾ نٿا ويهي سگهو.“
مونکي ۽ نورجهان کي ڏاڍي ڪاوَڙ آئي، اسين مٿين پورشن کان هيٺين پورشن ۾ جِتي آفيسون هيون اُتي پهچي وياسين ۽ آفيس سپريڊنٽ سان ڳالهايوسين تنهن انٽر، بي اي وغيره جا اوريجنل سرٽيفڪيٽ ورتا ۽ غور سان ڏٺا پوءِ وري ڏاڍي فضيلت ڀري انداز ۾ چيائين.
”بابا توهان مٿي وڃي ويهو! آئون هي ڊاڪومينٽ مٿي موڪليان ٿو“
”پوءِ ڀرسان ويٺل ماڻهن کي ڏيکارڻ شروع ڪيائين اسان ته اُتان نِڪري آيوسين، هُن اِهي سرٽيفڪيٽ ڏيکاري ڪا راءِ ٿي ورتي، هنن ڇا چيو اِها خبر نه آهي.“
ٿوري دير پوءِ پاڻ مٿي منزل تي آيو ۽ ڊاڪومينٽ انهيءَ ڪلارڪ کي ڏنائين چيائين ته:
”ڇوڪرين کي تنگ ڇو ٿو ڪرين، هنن کي انٽرويو ۾ شامل ڪرڻو اٿئي!“
”ڪلارڪ صاحب جو مُنهن ڀِيلوُ ٿي ويو، مونکي چيائين ته اڄ جي هن انٽرويو ۾ پهريون نمبر توهان جو آهي، توهان اندر وڃو ۽ انٽرويو ۾ شامل ٿيو..!”
اندر داخل ٿيندي ئي مون محسوس ڪيو ته اندر جو ماحول پهرين انٽرويو کان بلڪل مختلف هو، ڪميشن جو چيئرمين ڪاري سونهاري سان سفيد لباس ۾ ملبوس هو، جيڪو اردو اسپيڪنگ اڌڙوٽ عمر جو هو، هن کي شايد سنڌي ڳالهائڻ ڪانه ٿي آئي، انهيءَ سان گڏ ٻه سنڌي ڳالهائيندڙ ڦُل سوٽ (گِرَي ڪلر) ۾ ويٺل هُئا، سخت سردي هُئي سال 1989ع هو، اردو اسپيڪنگ چيئرمين ڪجهه ڪاغذ جيڪي ٽائيپ ٿيل ٿي لڳا سي ڏِسي خوشي وچان چيائين.
‘‘یہاں تو فرسٹ کلاس کی لائین لگی ہوئی ہی’’
پوءِ چيائين ته ”اسلامیات اور پاکستان اسٹڈی کے سوالات آپ سے پوچھوں گا، باقی آپ کے سندھی اسپیشلسٹ پوچھیں گے” ڪافي سوال اسلاميات جا جنهن کي مان ته اسلامي تاريخ چوندس پڇيائين مون سڀ صحيح جواب ڏنا هُئا پوءِ پاڪستان اسٽڊي ۾ سوال ڪيائين جيڪي گهڻا تڻا پاڪستان تحريڪ ۾ حصو وٺندڙ عورتن جي باري ۾ هُئا.“
”پوءِ منهنجي سنڌي جي ماهرن سوال ڪرڻ شروع ڪيا تمام گهڻي دير تائين سوال پڇيائون ۽ جواب منجهان سوال ٺاهيندا ٿي ويا آخري سوال اِهو ڪيائون ته “ماهتاب محبوب جو جيڪو هندوستان جو پهريون سفرنامو آهي تنهن جو نالو ڇا آهي مون ٺهه پهه جواب ڏنو هو“
”اندر جنين اُڃَ“
هنن ٻنهي شخصن هڪ ٻئي ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان نهاريو ۽ پوءِ مونکي چيائون ”بابا توهان وڃي سگهو ٿا.“
دِل چيو ته حيدرآباد مان پنهنجي ڀيڻ جي گهران (ساهُرن جي گهران) گهمندي وڃان سو ”اُتي ڪلهوڙا ڪالوني پهتاسين اتي ڏيڊ ڪلاڪ کن ويهي ميرپورخاص ڏانهن روانا ٿياسين اهي سڀ ساراڻيون لکندي مونکي ائين لڳي ته ڄَڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي.“
پنهنجي گهر ميرپورخاص پهچي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي ويس ڇو جو ٻئي ڏينهن ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو صبح جو جڏهن سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول پهتيس ته اُتي منهنجي ساٿياڻي نورجهان ڪالهه واري ماجرا سڀني استادن کي شَد مَد سان ٻُڌائي ۽ چيائين: “مُئي ڪلارڪ جي مرضي هُئي ته هِيءَ صبا انٽرويو ۾ نه ويهي، الائي هن منجهان ڪهڙو ڊپ تي ٿِيسُ، اسان وري ڪهڙيون گهٽ هيوسين وِڙهي جِهڙي انٽرويو ڏيئي آياسين، ڪجهه اميدوارن اِهي انٽرويو ڪراچي ۾ پڻ اسان کان به ڏينهن اڳ ڏنا هُئا تن سڀني جو رزلٽ هفتي اندر اچڻو هو مونکي، جنهن هي انٽرويو تمام گهڻي توانائي ۽ محنت ڪندي ڏنو هو پوءِ به ڪا اميد ڪانه هئي ته مان ڪا سليڪٽ ٿي ويندس مون انٽرويو تمام سٺو ڏنو هو اِهو سڀ سابقه تجربي جي بُنياد تي ڪري رهي هُيس هاڻي ڪٿي روز ويلٽ جي چواڻي پڙهي هيم ته:
”ماڻهون قسمت جا نه پر رڳو پنهنجي خيالن جا قيدي ٿيندا آهن“
هڪ هفتي بعد مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق کي چيو اڄ رزلٽ لڳائي ويندي ته تون حيدرآباد مان اُها ڏسي اچجانءَ هُن صبح ساڻ وڃي ڪميشن جي آفيس مان پُڇا ڪئي خبر پئي ته رزلٽ تيار آهي پر اڃان لڳائي ڪانه اٿن، ٿوري دير ۾ لڳندي مشتاق چين ته مونکي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۽ هاسپيٽل وڃڻو آهي، اگر ممڪن هجي ته زباني سنڌي سبجيڪٽ وارن جا نالا ٻڌايو؟ اندر ويٺل شخص ٽي نالا ٻڌايا:
”نورالصباح، عذرا ڪيريو ۽ رخسانه جوڻيجو“
پنهنجي هڪ فائيل جيڪا هٿ ۾ هيس تنهنجي هڪ ڪُنڊ تي لکي ڪمن ڪارين مان واندو ٿي گهر پهتو، انهيءَ وقت شام ٿي چُڪي هئي جڏهن هُو گهر پهتو مون کائنس رزلٽ لاءِ پهريون سوال ڪيو، هن جواب ڏنو.
”آپا تنهنجو سليڪشن ڪونه ٿيو آهي“
هو چرچائي ته اڳي هو سو مون يقين سان چيو: ”مونکي ته اڳئي پڪ هئي اُتي وري بي ايماني ٿيندي“
منهنجو اِهو جواب ٻُڌندي کِلندي فائل جو مٿيون حِصو ڏيکاريندي چيائين هي ڏِس!
مون انهيءَ ۾ پنهنجو نالو ٽاپ لسٽ ۾ ڏِسي ورتو پر مونکي يقين نه ٿي آيو، مون ڀاءُ کان وري پڇيو ته هن چيو ته: ”بلڪل سچ ۽ پڪ سان تو ڪميشن پاس ڪئي آهي نه ته مونکي ڪهڙي خبر ته اِهي عذرا ۽ رخسانه ڪير آهن؟ ٻيو ته رزلٽ ٻڌائيندڙ شخص مونکي مبارڪ باد ڏني جڏهن مون هن کي ٻڌايو ته نورالصباح منهنجي ڀيڻ آهي.“
منهنجي اسڪول جي ساٿياڻين کي اِهو ٻُڌي ڏاڍي خوشي ٿي، اسان جي سينئر اسٽاف ميمبر سعيده اسرار ته بنهه گهڻو خوش ٿي جنهن مونکي پهريون ڀيرو به اپلاءِ ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو، تنهن انهيءَ وقت موجود ٽيچنگ اسٽاف کي مِٺائي کارائي، هن اسڪول جو ماحول ڏاڍو صاف سٿرو هو، ماڻهون احساس رکندڙ هُئا اسين سڀ هڪ فيملي وانگر رهندا هُئاسين، سسٽرس (راهبائن) کي جڏهن خبر پئي ته ڏاڍيون خوش ٿيون ۽ مبارڪ باد ڏنائون. ٻئي ڏينهن سسٽر مرچلنا هٿ جي شال جيڪا آر سان ٺهيل هُئي گفٽ ۾ ڏني، جيڪا سفيد رنگ جي پشم جيڪا چمڪدار هئي، انهيءَ مان ٺهيل هُئي هي، راهبائون هٿ جي هُنر جون به ماهر هيون، هر هڪ هُنر ڀرت وغيره ڏاڍو سٺو ڄاڻينديون. سو مون کي اِها ٽڪنڊي شال ڏاڍي وڻندي هئي هڪ ٻه ڀيرو مون فنگشن ۾ به پاتي هُئي ۽ وري مون وٽ سنڀالي رکيل هئي جيڪا وري ڪجهه سال اڳ آسٽريليا کان آيل ڀاڻيجي سارا کي ڏاڍي وڻي مونکي چيائين ته:
“ماسي هي شالَ ڏاڍي بيوٽي فل آهي، مونکي ڪڏهن مِلندي؟ هن ويچاري کي سنڌي مِڙئي اَڌي گابري ايندي آهي، سو مون کيس چيو ته نم نم (مون سندس پيار جو نالو رکيو آهي) تون ڀلي کڻي وڃ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڪنڌ تي رکي پاڻ کي مخلتف زاوين سان ڏِسڻ لڳي.
مون ذڪر ٿي ڪيو ڪميشن پاس ڪرڻ جو سو ته ٿي ويو هاڻي ڳڻتي اِها شروع ٿي ته پوسٽنگ ڪٿي ٿي مِلي سو انهيءَ جو انتظار هو، ڇو ته ارشاد باري تعاليٰ آهي:
”هَر ڪم پنهنجي مقرر وقت تي ٿيندو آهي“
سو مون آفر ليٽر جو انتظار ڏاڍو شدمد سان ٿي ڪيو ته اٺن مهينن جي انتظار کان پوءِ مونکي سانگهڙ گرلس ڪاليج جوائن ڪرڻ جو آفر ليٽر پهتو، ٻيون ڪجهه قانوني گُهرجون پوريون ڪرڻ مثلاّ طبي چڪاس پوليس جو ڏوهاري نه هئڻ جو سرٽيفڪيٽ، رهائش جو سرٽيفڪيٽ، نوڪري جوائن ڪرڻ جو راضي نامو اڳواٽ جمع ڪرائڻا هُئا، اِهي ڪاغذي ڪاروايون پاڪستان ۾ مڙئي گهڻيون ٿينديون آهن.
“وٺ رنگٽ کي”
مونکي آگسٽ جي آخري ڏينهن ۾ ليٽر ملي ويو ۽ انهن ڏينهن ميڊيڪل فٽنيس ڪرائڻي هُئي جيڪا سروسز هاسپيٽل حيدرآباد ۾ ٿيڻي هُئي منهنجي پاڙي واري فرزانه قاضي انهن ڏينهن لياقت ميڊيڪل اسپتال ۾ هئي تنهن مون سان حيدرآباد هلڻ جو ارادو ڪيو ٻئي ڏينهن اسان حيدرآباد روانا ٿياسين، سروسز هاسپيٽل پهتيون سين جتي سندن عزيز ڊاڪٽر قربان قاضي جيڪو منهنجي بابا جي دوست قاضي باقر جو پُٽ هو ۽ مونکي پڻ سڃاڻندو هو، تنهن ڏاڍي سُٺي نموني آڌر ڀاءُ ڪيو، پنهنجي آفيس ۾ به ويهاريو ۽ وري ميڊيڪل بورڊ جي پهچڻ تائين ڪيترائي ڀيرا چانهه ۽ ريفريش مينٽ ڏنائين، جيستائين ميڊيڪل بورڊ اچي تيستائين ٻيا ڪيترائي نوان مرد ۽ عورتون ليڪچرار گڏي ٿي ويا هر واري ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت ليڪچرار اندر ٿي موڪليائون ٻيا ميمبر جن ۾ ڊاڪٽر اسماعيل سومرو شامل هو ڪرسين تي ويٺل هُئا، هڪ ڊاڪٽر صاحب ٺيٺ سنڌي انداز ۾ جيڪو وچ ۾ ويٺل هو تنهن اسٽيڪو اسڪوپ سان پُٺيءَ واري پاسي کان چيڪ ٿي ڪيائين ۽ پڇيائين ٿي: ”سگريٽ پيئندا آهيو؟ ٻيڙي ڇڪيندا آهيو؟ يا وري ڪو ٻيو نشو وغيره.“
وري بلڊ پريشر چيڪ ٿي ڪيائين مون سان گڏ اتفاق سان انهيءَ وقت ميرپورخاص جو مرحوم ابوالحسن گڏ هو، جيڪو بعد ۾ 19 گريڊ ملڻ تي ماڊل ڪاليج جو پرنسپال به ٺهيو ۽ جلدي گذاري ويو، انهيءَ جو مون جيان بلڊ پريشر وڌيل هو ته انهيءَ ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته: “هي آهي ڇا ميرپورخاص ۾ صرف هاءِ بلڊ پريشر جا مريض رهن ٿا ڇا؟
اِهو ٻُڌي سڀ کِلڻ لڳا ۽ انهيءَ ڪاميٽي جو هڪ ميمبر ڊاڪٽر اسماعيل سومرو جيڪو گهڻو عرصو ميرپورخاص ۾ رهيو هو، تنهن چيو ۽ مذاق ڪندي چيائين
“هاءِ بلڊ پريشر اٿن ته ڪونه، هنن ويچارن جو توهان کي ايڪ ٽِوِ ڏسي ٿي ويو هوندو”
انهيءَ مرحوم ڊاڪٽر اسماعيل سومرو مون کان ميرپورخاص ۾ رهائش جو هنڌ پڇيو ته يڪدم چيائين:
”قاضي عبدالشڪور تنهن جو ڇا ٿئي؟“
مون چيو ته:
”منهنجو وڏو سؤٽ آهي“
مون پڇيو ته توهان ڪيئن سمجهو
هن جواب ڏنو
”تنهنجي شڪل انهيءَ سان ملي ٿي“
مون اتان فٽ نيس ليٽر وٺي ورتو ۽ سانگهڙ ڪاليج جوائن ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳس هاڻي مونکي سينٽ مائيڪل مان رِلِيوِ ٿيڻو هو، ڇو جو ‘ٿِرو پراپر’ چيئنل اپلاءِ ڪيو هو، تنهن سبب سيپٽمبر جي شروعات ۾ مون ڪانوينٽ مان ليٽر وٺي حيدرآباد ڊائريڪٽيريٽ اسڪول جي آفيس وڃڻ جي تياري ڪئي ٻن ڏينهن جي جاکوڙ کان پوءِ مونکي اِهو آرڊر مليو. هن موقعي تي مون سان گڏ ‘سيما ٽالپر’ (نسيم ٽالپر) هئي، جيڪا پڻ انهيءَ وقت ڪنهن اسڪول ۾ استاد هئي، اسان جا پاڻ ۾ سُٺا گهريلو لاڳاپا هُئا تنهن جو تعلق حيدرآباد جي يوسف ٽالپر ۽ زبير ٽالپر جي گهراڻي سان آهي، هي ٽالپر برادران سياست ۽ آبادگار بورڊ ۾ اڃان سوڌو شامل آهن. سندن هڪ ڀاءُ محمد حسين “مولانا هِپي” ڪنهن زماني ۾ هڪ فلم به ٺاهي هُئي سنڌي ٻولي ۾ گهڻي خرچ سان ٺهيل هي فلم گهڻي ڪاميابي نه ماڻي سگهي فلم جو نالو هو.”تنهنجون ڳالهيون سَڄڻ“
بهرطور هِيءَ سيما ٽالپر منهنجي ساٿياڻي ٿي حيدرآباد ڊائريڪٽريٽ آف اسڪولز ۾ هلي هن کي اهيا آفيس ڏٺل وائيٺل هئي جيڪا مون اڳ ۾ ڪونه ڏٺي هُئي هن آفيس جو آفيس سپريڊنٽ ته بنهه تمام گهڻو تنگ ڪرڻ وارو ماڻهو هو.
”سڌا سنوان پئسا ڪونه پيو گُهري بلڪه ڪم ۾ اجايون رُڪاوٽون ٿي وڌائين ۽ وڏي بحث مباحثي کان پوءِ سابقه نوڪري جي تجربي جو ريڪارڊ آڻڻ لاءِ حڪم فرمايائين ۽ ٻئي ڏينهن اچڻ لاءِ چيائين“
هاڻي اِها داستان لِکندي مونکي هي شعر لِکڻو پوندو.

“فائيلن مان مُنهن ڪڍي مونکي چنبڙي پيا،
کيسا کائي ويا، ڪُتا هِن آفيس جا.

پوءِ انهيءَ صاحب فرمايو ته سڀاڻي اچي ليٽر کڻي وڃجو ٻئي ڏينهن پُهتاسين ته ليٽر تيار مِليو.
”مِڙئي هرو ڀرو جو رينگٽ ڪيو هُئائين ليٽر ته اسان کي انهيءَ ڏينهن به ڏئي سگهيو ٿي.“
ليٽر کڻي ميرپورخاص پهتيس ۽ ايئن محسوس ڪيم ته ڄڻ ماضي جو هڪ بار لاهي آئي هُيس، هاڻي مونکي سانگهڙ ڊگري ڪاليج جوائن ڪرڻو هو سو مون جو ائن ڪرڻ لاءِ 5 سيپٽمبر جو ڏينهن چونڊيو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وقت 1989ع ڌاري 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي موڪل ٿيندي هُئي. مون سان پهرين ڏينهن آمنت ناريجو گڏ هلي هئي ۽ هن خود اِهو راضپو ڏيکاريو هو، هيءَ آمنت ناريجو اسان جي پاڙيواري قاسم ناريجو جي وڏي نياڻي آهي ۽ انهيءَ سانگهڙ روڊ کان ڪي قدر واقف هئي ڇاڪاڻ ته هنن جو پنهنجو ڳوٺ به انهيءَ رستي کان لنڪ روڊ تي هو.
صبح جو اٺين وڳي واري بس ايس، آر، ٽي، سي جي بس ۾ سوار ٿي اسان روانيون ٿيوسين، اُنهيءَ وقت اِهي بسون وڏي تعداد ۾ ميرپورخاص کان سانگهڙ اُتان وري نواب شاهه پهچنديون هيون واپسي تي وري ٻارهين وڳي سانگهڙ پهچي اُتان مسافر کڻي ميرپورخاص اينديون هيون. صبح جو ميرپورخاص مان اٺين وڳي واري بس ۾ گهڻو ڪري ملازم پيشا عورتون مرد آفيسر هوندا هُئا، ٽائيم جي تمام گهڻي پابندي ڪئي ويندي هُئي اِهيا بس، ڊائريڪٽ سانگهڙ هلندي هُئي باقي ايس، آر، ٽي جون ٻيون بسون جيڪي لوڪل هونديون هيون سي ننڍن وڏن اسٽاپن تي بيهنديون هلنديون رهنديون هيون، انهيءَ وقت ياد پويم ٿو ته سانگهڙ جو مختيارڪار جيڪو ميرپورخاص جو هو سو پڻ ۽ آپا سعيده اسرار جيڪا ڊبل سيڪشن گرلز هاءِ اسڪول سانگهڙ جي هيڊ مسٽريس هُئي ۽ منهنجي ڪانوينٽ جي ساٿياڻي رهي چُڪي هُئي، سا به هن بس ذريعي سانگهڙ هلندي هُئي منهنجي اباڻي گهر غريب آباد کي هيءُ بس جو اسٽاپ بلڪل ويجهو هو گهران نڪري نواب شاهه ريلوي لائين ڪراس ڪري پاڪ ڪالوني جون ٻه گهٽيون لتاڙي کپرو بس اسٽينڊ تي پهچي ويندي هُيس پهرين ڏينهن جڏهن مان آمنت ناريجو سان گڏ هُئيس ۽ بس مان لِهي هيٺ ٿيوسين ۽ ٻه وکون کنيم ته مونکي هڪ زناني آواز سڏ ڪيو.
صبا تم یہاں پر کیئسے نظر آ رہی ہو۔۔؟
جڏهن ڪنڌ ورائي ڏٺم ته ڪاري برقعي ۾ ملبوس هڪ عورت جنهن جو اکين کان سواءِ سڄو چهرو نقاب ۾ ويڙهيل هو، سا بيٺي هُئي مون هن کي ڪونه سڃاتو، ”مون پڇيو آپ کون ہیں“
”هن منهن تان نقاب هٽائي ڇڏيو ۽ چيو ته: میں قمر ہوں کیوں پہچانتی ہو نہ۔۔۔؟!!
انهيءَ وقت مونکي ياد آيو ته هيءَ اُهائي قمر النساء آهي جيڪا گورنمنٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ مون سان گڏ استاد هُئي، پنجابي اسپيڪنگ هئي، طبيعت جي سادي ۽ کِل مُک هئي، جنهن جو مُڙس پوليس ۾ ڪٿي صوبيدار هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻه ننڍڙيون ڌيئرون به گڏ آڻيندي هُئي اسان نوجوان ماسترياڻين سندس نالو ‘صوبيدارني’ رکيو هو جيڪو ٻُڌي پئي کِلندي هُئي.
سو ذڪر ڪيم ٿي انهيءَ صوبيدارني قمر جو تنهن مونکي ٻڌايو ته: ”مان پاڻ ساڳي بس ۾ ميرپورخاص مان آئي آهيان منهنجي هتي ايس، ڊي، او گرلس آفيس ۾ پوسٽنگ ٿيل آهي مان توکي ڪاليج ڇڏي ٿي اچان هتان تمام ويجهو آهي.“
هن مونکي ۽ آمنت کي جيپ ۾ ويهاريو ۽ اسانکي ڪاليج جي گيٽ وٽ لاٿائين ۽ پاڻ پنهنجي آفيس ڏانهن راهي ٿي ڪاليج جو پهريون ڏيک مونکي ابن رشد ڪاليج جي آرٽس بلاڪ جهڙو لڳو پر پوءِ اندر گهمڻ کان پوءِ خبر پئي ته هي ڪاليج ڪي قدر مختلف ۽ وڏو هو پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته پرنسپال آپا زينت ميمڻ هُئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ ابن رشد ۾ منهنجي استاد رهي چُڪي هُئي پر انهيءَ ڏينهن موڪل ٿي هُئي ڪلارڪ ٻڌايو ته:
“اسان توهانکي جوائن ڪرايون ٿا فار نون ۾ هاڻي هن وقت آپا زينت گهر ويٺي آهي روزانه توهانجي اچڻ يا نه اچڻ جو پڇندي هُئي ڇاڪاڻ ته توهان جو ليٽر هِتي گهڻي عرصي کان پهتل آهي“ آپا زينت هاسٽل اندر هڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رهندي هُئي، پر اُها هاسٽل انهيءَ وقت ڪاليج اندر نه هُئي بلڪه سامهون ايندڙ روڊ جي مُهڙ تي هُئي، مون جو ائننگ لکي ڏني ۽ پوءِ وڃي آپا سان مليس ڏاڍي پيار سان ملي ۽ خوشي جو اظهار ڪيائين پاڻ انهيءَ وقت يونيورسٽي يا بورڊ مان آيل سنڌي سبجيڪٽ جون ڪاپيون چيڪ ڪري رهي هُئي، ڏاڍي عزت ڏنائين هڪ ڪلاڪ وٽس ويهي اسان ميرپورخاص اچڻ لاءِ واپسي واري، ساڳي بس جيڪا نواب شاهه مان ٿي آئي هُئي، تنهن ۾ سوار ٿي ميرپورخاص پهتاسين. هاڻي منهنجو اهو معمول ٿي ويو هو ته صبح جو سوير اُٿي گهر جو ڪم ڪار ڪري، ناشتو وغيره تيار ڪري خود کائي، امان ۽ انور کي کارائي اٺين وڳي واري بس ۾ سانگهڙ روانگي ۽ پوءِ ٻارهين وڳي واپسي ٿيندي هُئي. اُتي اسٽاف تمام ٿورو هو ۽ شاگردياڻين جي داخلا به ميرپورخاص ڪاليج کان گهٽ هُئي، سائنس وارو بلاڪ ڌار هو ۽ ڪافي وسيع ايراضي تي ٺهيل هو اُستادن جا ڪجهه نالا مون کان وسري ويا آهن ڇاڪاڻ ته:
”هن وقت ماضي قريب جون گهڻيون ڳالهيون وِسرنديون ٿيون وڃن باقي ماضي بعيد جون گهڻيون ڳالهيون ياد آهن“
ڪلثوم قاضي، ڪوثر لغاري، سلميٰ، حضور بانو بروهي ۽ ٻئي بروهي انگريزي جي استاد جنهن پڻ تازو مون سان گڏ جوائن ڪيو هو، تنهن جو نالو شايد صابره بروهي هو انهيءَ کان علاوه هڪ استاد ثروت جيڪا اردو ادب جي هُئي سا مون محسوس ڪيو هو ته اڪثر سڀني کان رُٺل رُٺل رهندي هئي، ڪلثوم قاضي (صديقي) حيدرآباد وڃڻ لاءِ اڪثر آپا کان موڪل جي گُهرَ ڪندي هئي باقي عادت اخلاق جي بهترين هُئي ڪوثر لغاري جيڪا هن وقت ٽنڊي آدم جي گرلز ڪاليج جي پرنسپال آهي تنهن سان منهنجي ڪافي انڊر اسٽينگ ٿي وئي هُئي سا پڻ هِتان جي هاسٽِل ۾ رهندي هُئي مونکي ٻڌايائين ته مان ميرپورخاص ڪاليج ۾ رهي آئي آهيان سندس اباڻو گهر شهدادپور ۾ هو مونکي چوندي هُئي ته ميرپورخاص مان روز اچڻ وڃڻ ڇڏ هِتي هاسٽل ۾ رهي ڇو ڪونه ٿي پوين! مون کيس ٻڌايو ته منهنجي امان جيڪا گهڻي عرصي کان اڌ رنگ جهڙي موضي مرض ۾ ورتل آهي سا هاڻي گهڻي ڪمزور ٿي وئي آهي گهر ۾ هڪ نوڪرياڻي کان علاوه سندس سار سنڀال لهڻ وارو ڪير به نه آهي ۽ جڏهن مان گهر ۾ داخل ٿيندي آهيان ته در ڏانهن اکيون وجهي واجهائيندي نظر ايندي آهي.
”منهنجي امان! جيڪا پنهنجي جواني ۾ هڪ سمجهدار زال پيار ڪندڙ ماءُ ۽ دنيا جي حالتن کان باخبر عورت هُئي تنهن کي هن بيماري بلڪل نپوڙي وڌو هو اِهي بيمارين جا ڏُک به ماڻهون هوندا آهن، اچي کلندڙ خوش باش انسانن ۾ ويهي رهندا آهن گهرن ۾ رهڻ لڳندا آهن، دلين ۾ آباد ٿي ويندا آهن ۽ رنگ ۾ ڀنگ وجهي ڇڏيندا آهن، اکين ۾ آباد ٿي زندگي مان سڪون ڪڍي ڇڏيندا آهن. امان لاءِ وري نئون بنون ٿيڻ گهمڻ ڦرڻ اِهو وقت تمام پٺتي رهجي ويو هو. هُوءَ هاڻي حياتي جي اُن حِصي ۾ هئي جتي سهارا مجبور ٿي اڳيان ريڙهيون پائيندي نظر ايندا آهن.“
۽ هوڏانهن جڏهن مون ڪوثر لغاري کي هاسٽل ۾ رهڻ کان مجبوري ڏيکاري ته پوءِ مشورو ڏنائين ته ميرپورخاص ۾ سنڌي جي پوسٽ تي ڪم ڪندڙ ليڪچرار مسز لال خاتون هتي اچڻ چاهي ٿي ڇو ته سندس گهر ميرپورخاص سانگهڙ روڊ تي ڳوٺ ڪنڊِياريءَ ۾ آهي ميرپورخاص مان روز آئوٽ بيڪ ڪري ٿي ميرپورخاص هاسٽل ۾ به نه ٿي رهي سگهي ڇاڪاڻ ته سندس ٻه ننڍا ٻار آهن سندس گهر وارو ڪنڊياري ۾، ملازم آهي ٻيو ته اهيا فيملي مستقل طور سانگهڙ اچي رهڻ چاهي ٿي ۽ پنهنجو نئون ذاتي گهر به اُتي ٺهرائڻ چاهي ٿي تون انهيءَ سان رابطو ڪر ۽ ٻئي پاڻ ۾ ميچوئل ٽرانسفر ڪرائي وٺو ٻن ڏينهن بعد آپا زينت به ساڳي صلاح ڏني مونکي هتي آئي ڪو خاص گهڻو وقت ڪونه ٿيو هو پر روزانه اچڻ وڃڻ جيڪو پڻ وقت جي پابندي چاهيندو هو ۽ وري پٺيان گهر جو اونو اِهي سڀ ڳالهيون ڪڏهن ڪڏهن مونکي پريشان ڪنديون هُيون باقي ڪاليج ۾ مون کي هر سهولت مليل هُئي آپا زينت مونکي، سموري ٽائيم ٽيبل کي تبديل ڪرڻ کان پوءِ ٻيو ۽ ٽيو پيريڊ انٽر سائنس جي سنڌي انٽر آرٽس سنڌي ۽ وري ٽيون پيريڊ بي اي فائنل جي سنڌي ادب پڙهائڻ لاءِ ڏنو هو انهيءَ کان پوءِ مونکي اجازت هُئي ته جيڪا به سواري ملي تنهن ۾ ميرپورخاص اچي سگهيس ٿي ڪڏهن ڪڏهن اگر بس جي اچڻ ۾ اڃان ڪجهه وقت باقي هوندو هو ته سعيده اسرار سان جيڪا ڊبل سيڪشن هاءِ اسڪول جي هيڊ مسٽريس هئي تنهن سان ملڻ لاءِ هلي ويندي هُيس جيڪو گڙنگ بنگلي جي ويجهو هوندو هو سعيده اسرار شام جو واپس ايندي هُئي ڇاڪاڻ ته پاڻ هن اسڪول جي انتظامي سربراهه هُئي هيءُ اسڪول به ڪافي وڏو هو جتي سائنس ۽ ٻين سبجيڪٽ جون استاد موجود هيون جيڪي گهڻو ڪري پنجابي عورتون هيون ۽ سانگهڙ کان ٻاهران ننڍن ڳوٺن (چَڪَ) مان اينديون هيون هتي پڻ هوم اڪنامڪس ۽ هائوس هولڊ جا سبجيڪٽ محنت سان پڙهايا ويندا هُئا سعيده اسرار تمام نفيس طبيعت رکندڙ ۽ وري سٺي انتظامي صلاحيتون رکندڙ عورت هُئي هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته جڏهن ”مان سندس آفيس ۾ ويٺي هوندي هُيس ته ڏاڍي خوش طبعي ۽ مُسڪرائيندڙ انداز ۾ ڳالهائيندي هُئي پر اسٽاف مان ڪابه استاد يا ڪو ڪلارڪ ۽ پٽيوالو اندر ايندو هو ته يڪدم چهري جا تاثرات بدلجي ويندا هُئيس ۽ شڪل ڪجهه ٻئي ٿي ويندي هُئيس وڙهندي ڪانه هئي تمام ڌيمي لهجي ۾ ڳالهائيندي هُئي پر سخت آفيسر لڳندي هُئي مون کائنس انهيءَ چهري جي جاگرافي ڦرڻ جو سبب اڪيلائي ۾ پڇيو ته جواب ڏنائين.

’’صبا کیا کروں۔۔؟ یہ پوسٹ ئی ایسی ہے اگر چھرے کا جغرافیہ چینج نہ کروں گی تو پھر یہ لوگ اپنا کام صحیح طور پر نہیں کریں گے۔‘‘
تڏهن مون سمجهو هو ته اِها پڻ بيورو ڪريسي جي هڪ رمز آهي جيڪا:
“ڪئور پروڙين ڪين ڪي!”
منهنجي هن ڪتاب کي پڙهندڙ شايد سوچين ته مونکي ايتريون سنهيون سنهيون ڳالهيون ڪيئن ياد آهن ته انهيءَ لاءِ اردو جو هڪ شعر ياد اچي ويو آهي.
پھر یوں ہوا کہ یاد کی اُنگلی پکڑ کر،
ہم اِتنے چلے کے راستے حیراں ہو گئے۔
سانگهڙ ڪاليج ۾ تن ڏينهن ۾ اين، سي، سي ٽريننگ جو ڪورس شروع ٿي رهيو هو ۽ دستور هو ته هر سال نئين ايندڙ ليڪچرار کي انهيءَ جو انچارج بڻايو ويندو هو. مونکي پُڻ اِها ڊيوٽي ڪرڻي هئي، پهرين ڏينهن ڇوڪرين جي فوجي ڊريس لاءِ درزي گهرايو ويو هو ۽ مونکي شاگردياڻين جي نگراني لاءِ اُتي ويهڻو هو، سو مونکي ڪافي دير ٿي وئي شام جو سج لهندي وقت گهر پهتس ٻئي ڏينهن پرنسپال آپا زينت کي خبر پئي ته ڏاڍو افسوس ٿيس ۽ منهنجي اهيا ڊيوٽي ختم ڪيائين ۽ چيائين:
”بابا توهان جا ڪجهه مسئلا آهن مونکي خبر آهي ۽ ٻيو ته تون منهنجي هڪ سُٺي شاگردياڻي رهي آهين توکي هن ۾ پريشان ڪونه ڪبو مونکي خبر آهي ته تون ذميداري سان اِهو ڪم ڪري سگهين ٿي“
ڏسو ته ڪهڙا نه شريف النفس، اورچ ۽ مان شان وارا ۽ احساسن جي پوتر جذبن سان ڀرپور اِهي آفيسر ۽ اُستاد هُئا. مونکي نٿو لڳي ته هاڻي ڪي اهڙا اُستاد هوندا، هاڻي مون گرلز ڪاليج ميرپورخاص ۾ بدلي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون درخواست لکي آپا زينت کان فارورڊ ڪرايم جنهن آخر ۾ نوٽ هنيون ته ٽرانسفر ضرور ڪيو وڃي پر هن جو نعم البدل به ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته سانگهڙ ڪاليج ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ ڪا ٻي استاد موجود ڪانه هُئي، آپا زينت پرنسپال ٺهڻ کان اڳ سنڌي جو سبجيڪٽ پڙهائيندي هُئي، ڇاڪاڻ ته پاڻ ته هُئي سنڌي ادب جي استاد مان پوءِ پنهنجي پاڙي واريءَ قاسم ناريجو جي گهر واري عالم خاتون سان گڏ هڪ ڏينهن شام جو سانگهڙ واري لوڪل بس ۾ چڙهي لال خاتون جوڻيجو جي گهر ويس جيڪو ڪنڊياري اسڪول جي ڀر ۾ هو پاڻ ڏاڍي قربائتي انداز ۾ ملي ۽ پنهنجي ابن رشد جي پرنسپال، اسٽاف ۽ وري ماحول جي ڏاڍي واکاڻ ڪيائين ۽ چيائين:
”ته اِهو ڪاليج ڇڏڻ تي دل ڪانه ٿي چوي بهرطور اسانکي هاڻي نه ته پوءِ سانگهڙ شفٽ ٿيڻون آهي.“
درخواست ڏيکار ته سهي سگنيچر ڪري ڏيان هن جي گهران ”دودهه پتي“ چانهه پي اسان واپس گهر ڏانهن راهي ٿيوسين. هڪ بس روڊ تي ئي مِلي وئي هاڻي به ڪم ۾ ڪجهه رڪاوٽون هيون پر منهنجي حياتي جي روڊ تان ڪجهه ڪجهه روڪاوٽون ختم ٿينديون نظر اچن پيون. بقول شاهه سائين.
”تيسين ڀڳوئي ڀيل، جيسين رَتو راس ٿئي“

انهيءَ وقت اسان جي حيدرآباد ريجن جو ڊائريڪٽر ڪاليج مشهور ادبي شخصيت محترم حميد ميمڻ صاحب هو، جنهن کي عرف عام ۾ حميد سنڌي سڏيو ويندو هو، ميچوئل ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ آمنت ناريجو کي ساڻ ڪري ڊائريڪٽر آفيس حيدرآباد ويس اُتي الائي ڇو انهن ڏينهن سخت چيڪنگ ڪئي ٿي وئي وڏي مئن گيٽ کان لنگهي اندر وڃجي پيو ته ميدان ۾ ٽِن چئن ماڻهن جون چوڪڙيون ٺهيل هيون، هڪ چوڪڙي (گروپ) وارا نالو وغيره پُڇن پيا، ٻيا وري ڊائريڪٽر صاحب سان مِلڻ جو سبب پُڇن پيا، آخري گروپ وري اوڪي ڪري ڏنو ته سامهون ورانڊو آهي اُتي وڃون ۽ انتظار ڪيو صاحب توهانکي گهرائيندو اندر ورانڊي ۾ پهتاسين ته اُتي حميد سنڌي صاحب جو هڪ پي اي مليو اچڻ جو سبب پُڇي درخواست ڏٺي ۽ سمجهي ويو ته ڪيس باهمي رضامندي وارو آهي ۽ ڏُکيو نه آهي پر رُکي لهجي ۾ چيائين.
”صاحب تو اِس وقت میٹنگ میں ہیں، شام تک فارغ ہونگے آپ کل آئے گا!“
اُهو ٻُڌي مونکي ڏاڍي مِٺيان لڳي چيومانس ته اسين ميرپورخاص مان آيا آهيون اسانکي اڄ ملايو وڃي، چيائين
ته ”پھر کبھی آ جاناں“
مون هن جي لب لهجي مان سمجهو ته هي ڪجهه رشوت جو طلبگار آهي، پر اُها ڪانه ڏيڻي آهي.
”ڪم جو غير قانوني يا ناجائز نه هو وري ٻنهي ڌرين جي باهمي رضامندي سان ٿي رهيو هو ۽ وري حميد سنڌي صاحب جهڙو شريف نفس انسان انهيءَ ٽرانسفر تي فوري حامي ڀري ها، پر اِهو شيطان صفت انسان جيڪو اندر ٻاهر اچي پيو تنهن پنهنجي طرفان ڪوڙ ٿي گهڙيا سو مون کان بي دلي سان درخواست ورتائين ۽ چيائين ته: ”یہ ہم جمع کر لیتے ہیں دو چار دنوں میں پتہ کر لینا“
مون ڪاوڙ منجهان درخواست سندس هٿ ۾ ڏني ۽ واپس ورياسين هن شخص وَر وَر ڪري ٿي چيو: ”ہم پی ای ہیں صاحب کے“ يعني وڏو ماڻهون ظاهر ٿي ڪيائين ته هو ڏانهن وري قليچ بيگ صاحب هڪ هنڌ لکيو آهي.
”وڏو ماڻهون اُهو آهي جنهن ۾ ماڻهپو هجي ۽ وري جنهن ۾ ماڻهپو نه هُجي انهيءَ کي ماڻهون سڏڻ به غلط آهي.“
هاڻي مونکي پَڪ ٿي وئي هُئي ته اِهو ڪم سڌي طريقي سان ڪونه ٿيندو، هاڻي انهيءَ لنگور کي باءِ پاس ڪري حميد صاحب وٽ سڌو وڃبو يا وري ڪنهن کي موڪليو ويندو انهن ڏينهن منهنجي ڀيڻ ممتاز مديني منوره سعودي مان هتي آيل هُئي اسانجي گهر ۽ امان جي ڪمزور صحت جا مسئلا ڏسي، هڪ تجويز ڏنائين ته:
”سندس هڪ نـڻان جنهن جو نالو شمع آهي، سا ميمڻن جي در ٻيلي واري فيملي ۾ پرڻيل آهي ٿي، سگهي ٿو ته انهيءَ جو ڪو رابطو بڻجي سگهي، پوءِ شمع جيڪا احساس رکندڙ عورت آهي تنهن چيو منهنجو هڪ ڏير پروفيسر آهي تنهن جا گهرا واسطا حميد صاحب سان آهن ۽ انهيءَ جي هن سان دوستي پڻ آهي، تون اديءَ جي درخواست آڻي ڏي ته آئون اُها موڪليان ٿي ادي شمع جي مدد سان هي جائز ڪم انهيءَ ڏينهن ٿي ويو.“
منهنجو هڪ وڏو مسئلو حل ٿي ويو منهنجي ٽرانسفر جي ڪاپي مونکي ٽن ڏينهن اندر ملي وئي رب پاڪ شمع کي خوش رکي پاڻ تمام بهترين اخلاق رکندڙ، قربائتي ۽ احساس رکندڙ عورت آهي اڃان تائين اِيڪ ٽِوِ زندگي گذاري رهي آهي پنهنجي گهر واري ۽ اولاد سان فراز ولاز حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي آخر ٻن ڏينهن بعد مونکي هٿو هٿ سانگهڙ مان ميرپورخاص ابن رشد ڪاليج ٽرانسفر ٿيڻ جو ليٽر ملي ويو باقي سانگهڙ ڪاليج اڃان اِهو ليٽر نه پهتو هو مون ڪجهه ڏينهن خاموشي اختيار ڪئي ته هڪ ڏينهن آپا زينت اسٽاف جي ميٽنگ دوران مون کان پڇيو:
”توهانجي ٽرانسفر واري ڪم جو ڇا ٿيو؟“
مون جواب ڏنو ته:
”آپا ٽرانسفر ٿي ويو آهي آپا کان مون ميچوئل ٽرانسفر جي درخواست فارورڊ ڪرائي هُئي، هِن کي منهنجن سمورن مسئلن جي ڄاڻ هُئي، ڏاڍي خوش ٿي ٻن ڏينهن کان پُوءِ ڳالهه ڪيائين ته هتي ليٽر پهچي ويو آهي لعل خاتون جو نالو پهريان آهي جڏهن هُو رِليو ٿي هتي پهچندي انهيءَ کي جوائن ڪرائي توکي رليو ڪنديس“
بهرطور هاڻي سانگهڙ ڪاليج ۾ منهنجا ڪجهه ڏينهن باقي هُئا هڪ عجب اتفاق آهي هاڻي به جڏهن ماضي ۾ ويندي آهيان ته اهيا رب پاڪ جي هڪ مصلحت سمجهندي آهيان ته:
”مون پنهنجي ابتدائي ٻاروتڻ جا ٻه سال بابا جي نوڪري سبب سانگهڙ ۾ گذاريا هُئا وري جواني ۾ ليڪچرار ٿيڻ سبب اٽڪل 3 مهينا سانگهڙ ڪاليج ۾ روزانه اچ وڃ ڪري گذاريا انهن بسن (لارين) ۾ سفر ڪندي مونکي پنهنجو مرحوم بابا سائين ڏاڍو ياد ايندو هو، جيڪو مون سان حد کان وڌيڪ پيار ڪندو هو ۽ ”سخت سياري جي هڪ رات مون کي لاري ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي هَنجَ ۾ کڻي بسن جي اڏي تي آيو ۽ اُتي ڪابه لاري ڪونه هُئي.“
هاڻي اِهو لکڻو پوَيِمِ ٿو ته:
ڪاٿي سي تنبير، جن ريجهايا راڄيا،
وئـڙا وڏي وير، ڪُلهي رکي ڪيئنرا.

مان 3 ڊسمبر 1989ع تي صبح جي وقت گهران تيار ٿي سانگهڙ واري بس ۾ سوار ٿيس اڳتي ڪنڊياري واري اسٽاپ تي لعل خاتون به سوار ٿي ۽ چيائين ته:
”اڄ مان هتي سانگهڙ ڪاليج ۾ جوائن ڪنديس ۽ تون هتان رِليو ٿجانءَ! کل پن ۾ سانگهڙ پهتاسين لعل خاتون ابن رشد ۾ چار سال گذاري آئي هُئي اُتي جون سٺيون يادگيريون پڻ هن ۾ سمايل هيون مون سانگهڙ ۾ فقط ٽي مهينا گذاريا هئا اڄ وري واپس ميرپورخاص اچڻي هُيس جيڪا منهنجي جنم ڀومي آهي ۽ ابن رشد جهڙي مادر علمي جنهن ۾ مون گريجويشن وارا چار سال گذاريا تنهن ۾ واپس اچي استاد ٿي رهڻ جو اعزاز ملي رهيو هو“
بهرطور سانگهڙ ۾ منهنجي نوڪري وارو ٿورو عرصو به تجربن ۽ مشاهدن سان ڀرپور هو ۽ جيڪڏهن انسان غير جانبدار ٿي ننڍين ننڍين ڳالهين تي غور ڪري ته هر ڪنهن شهر جو ماحول، آب هوا، تعليمي ادارا پنهنجي پنهنجي ساک ۽ مزاج رکن ٿا هتي جو ماحول ميرپورخاص جهڙو نه هو، ايترا ترقي يافته ذهن ۽ روشن خيال ماڻهون وڏي پيماني تي موجود نه هُئا جي هوندا به ته مون ڪونه ڏٺا ڇاڪاڻ ته مان گهڻو عرصو هتي ڪانه رهيس ميرپورخاص مان سانگهڙ ويندڙ ور وڪڙ ڏيندڙ لهر ۽ لوڏا کائيندڙ رستو، ڀٽي صاحب جي مهرباني سان عطا ٿيل ايس، آر، ٽي سي جون بسون ۽ وقت جي پابندي ۽ وري سانگهڙ ۾ داخل ٿيڻ شرط حضرت سورهيه بادشاهه جو گِڻگ بنگلو پنهنجي عظمت جي شاندار علامت نظر ايندو هو شهر ۾ عورتن جي پردي جي سخت پابندي هوندي هُئي سڀ استاد ۽ شاگردياڻيون برقعو پائينديون هيون مان اڪيلي بي پرده يعني بنا برقعي جي هوندي هُيس پهريان ته ڪجهه عجيب محسوس ڪيم پوءِ عادي ٿي ويس آزادي جي متوالن جو هي شهر پوءِ به نياڻين جي تعليم ۾ ڪنهن کان گهٽ نه هو باقي ماڻهن ۾ ذاتي شرافت، اخلاق جو مظاهرو مونکي ڏاڍو وڻيو. هڪ ڀيري جلدي واندي ٿيڻ کان پوءِ مان لوڪل بس ۾ چڙهي پيس انهيءَ ۾ اڳ ئي ڪي ڪولهي عورتون ويٺل هيون ۽ بس جي اندر وڏي آواز ۾ جلال چانڊيو جي آواز ۾ گانو:
”سنگ مر مر جو بدن، سنهڙي ڳچي هٿڙا نرم،
وڇايان سيج اکين جي ۽ ٻانهون هار ڪريان ...“
وڏي شد مد سان وڄي رهيو هو ڪنڊيڪٽر جيڪو دروازي تي مسافرن کي سڏڻ لاءِ رڙيون ڪري رهيو هو، تنهن مون ڏانهن معنيٰ خيز نظرن سان نِهاريو ۽ ڊرائيور کي چيائين:
”اڙي ڀُوڪ هاڻي اِها ڪيسٽ بند ڪر نه ته کائين نه پادر او ڇورا!“
ڊرائيور اوڏي مهل ئي ڪيسٽ بند ڪري ڇڏي پوءِ سمورو سفر آهستي آهستي مختلف هنڌن تي بيهندي ميرپورخاص اچي ختم ٿيو.
هر انسان پنهنجي سنگت، گهر جي ماحول ۽ پيشي جي حساب سان پنهنجو اخلاق ۽ ورتاءُ ٺاهيندو آهي. پادرن کائڻ وارو اهڙو واقعو ميرپورخاص کان نواب شاهه ميڊيڪل ڪاليج ويندڙ هڪ اردو ڳالهائيندڙ شاگردياڻي هٿان اڳ ئي انجام ڏئجي چُڪو هو. تنهن کي صبح وقت بس ۾ سوار ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ڄٽ مسافر چيو:
”ڊاڪٽر به هِتي ته مريض به هتي (مريض) مان هن جو مطلب ڪو ٻيو هو.“
ڇوڪري ڳالهه سمجهي وئي هئي، پيرَ مان سينڊل لاهي ٺڪاءُ ڪرايائينس پوءِ وچ ۾ ڪجهه ماڻهن پئي جهيڙي کي ٺاريو.“
”ننڍڙو ذهن اُهو آهي جيڪو ٿورو وڌيڪ سوچڻ جي قابل ٿيندي ئي ٻين کي ننڍڙو سمجهندو آهي ۽ وري ڪٿي سماجي حالتن کي ڏسي پنهنجي شخصيت کي ٺاهيندو آهي ته پوءِ ڪڏهن اُها مثبت هوندي آهي ۽ ڪڏهن منفي هوندي آهي ڪنهن کي انهيءَ مان اُتساهه ملندو آهي ۽ ڪنهن کي وري انهيءَ مان نراسائي ۽ پريشاني“
قصو ڪوتاهه مان صبح جو ”فار نون“ ۾ رِليو ٿي منجهند جو ڏيڍ بجي آفٽرنون ۾ ابن رشد ۾ جوائن ڪيو ميڊم ڪاظمي پنهنجي بنگلي ۾ وڃي چڪي هُئي جيڪو پراڻو (اسان جي دور وارو هوم اڪنامڪس بلاڪ) هو اڳيان سيمنٽيڊ اسٽيج هو جتي منهنجي شاگردي دور ۾ فنگشن ٿيندا هُئا ڪلارڪ شفيق احمد صديقي کيس منهنجي اچڻ جي اطلاع فون ڪري ڏني تڏهن ميڊم ڪاظمي کيس چيو ته:
“نورالصباح کو ابھی آفٹرنون میں جوائن کراؤ“
مون جوائننگ لِکي ڏِني ۽ ليٽر وغيره ڏئي ٽانگي ۾ ويهي گهر پهچي ويس امان ڪجهه پريشان لڳي ۽ چيائين ته:
”تون سانگهڙ مان جلدي پهچي ويندي آهين اڄ ميرپورخاص مان دير سان آئي آهين“
مون چيو ته: ”امان سانگهڙ مان ميرپورخاص پهتس ۽ پوءِ ڏيڊ وڳي ڪاليج پهچي اُتي جي لِکَ پڙهه کان پوءِ هاڻي هتي پهتي آهيان“
منهنجي امان طبيعت جي ڏاڍي سادي هُئي پنهنجي زماني جي حِساب سان پرائمري چار درجا پڙهيل هُئي، پر حرفتون، چالاڪيون ۽ سازشون ڪڏهن به کيس ڪرڻ نه آيون هاڻي ته بيماري سبب کٽ تي پئي کيس ورهيه ٿي ويا هُئا ۽ نوڪرين جا قائدا قانون ضابطه کيس وِسري ويا هُئا، ٻيو ماءُ جو پيار کيس اسان لاءِ ماندو ڪري ڇڏيندو. هو ور ور ڪري پڇندي هُئي ته تو ماني کاڌي آهي يا نه!؟ انور لاءِ ماني ٺاهي اٿو يا نه مشتاق ڪيڏي مهل ايندو ممتاز جيتوڻيڪ پرڏيهه ۾ هُئي پر انهيءَ جو هر ويل اونو ڪونه ڪندي هُئي شايد ”پَڪَ هُيس ته مضبوط سهاري ۾ آهي.“
پر ڪڏهن ڪڏهن اوڇنگارون ڏيئي انهيءَ کي به ياد ڪندي هُئي ۽ چوندي هئي. ”ڏسُ ته صحيح مون پنهنجي ٻچڙي ڪيترو پري پرڻائي ڇڏي آهي الله خوش رکندسُ آهي ته ڀلاري پار ۾“
اِها ته ماءُ جي ممتا هئي جيڪا سڀني مائرن ۾ هوندي آهي، هاڻي ابن رشد جي نوڪري ڏانهن اچان پئي ته مان پهرين ڏينهن ساڍي اٺين وڳي ڪاليج پهچي ويس ٻُڌو هُئم ته ڪاليج جو ٽائيم فڪس نائين وڳي جو آهي، سو مون پهرين ڏينهن ڏٺو ته ميڊم اقبال ڏيٿو جيڪا باٽني جي استاد ۽ مسٽر رول انچارج هُئي سا آفيس ۾ داخل ٿيندي رجسٽر هٿ ۾ کڻي جيڪي استاد اڃان ڪونه آيون هيون تن جي سگنيچر واري جاءِ تي ڳاڙهي پوائنٽر سان ليڪ ڪڍيائين ۽ پوءِ دير سان اچڻ وارن انهن لڪيرن مٿان سگنيچر ڪيا ٻڌايو اِهو ٿي ويو ته جڏهن اهي ٽي ڳاڙهيون لڪيرون ٿي وينديون ته پوءِ هڪ موڪل (ڪي يوئل لِيوِ) ڪائونٽ ٿيندي، پر مون هِتي جي 23 سالن جي سروس ۾ انهيءَ تي عمل ٿيندي ڪونه ڏٺو، ميڊم ڪاظمي سُٺي نموني سان آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ محنت سان ڪم ڪرڻ ۽ وقت جي پابندي جي تاڪيد ڪيائين مون ڏِٺو ته پرائيوٽ دؤر جون گهڻيون تـڻيون استاد هتان وڃي چُڪيون هيون پر هوم اڪنامڪس جي استاد مسز شاهانه برڪت، تنوير اختر اڪنامڪس واري موجود هيون، ميڊم ڪاظمي جيڪا هِن ڪاليج کي جاري ساري رکڻ ۾ اهم ڪردار هئي سا پڻ چاڪ چوبند هئي ۽ ڏاڍي توانائي سان ڪاليج ٿي هلايائين اِهو به ڪنهن تعليمي اداري جو ڀاڳ هوندو هو جنهن ۾ سٺا استاد هجن 90 جي ڏهاڪي ۾ ابن رشد جون نانءُ عروج تي هو، هڪ کان هڪ سٺي استاد موجود هُئي ائين کڻي چئجي ته هڪ ڪهڪشان هئي جنهن جي روشني آب تاب سان پوندي هئي ميڊم ڪاظمي انتهائي باخبر منتظم اعليٰ هئي هن کي هر وقت ۽ هر لمحي جي اهيا پڻ خبر هئي ته ڪهڙي استاد ڪٿي ۽ ڪنهن سان گڏ ويٺي آهي ليڪچر دوران خاموشي سان اچي پويان سيٽ تي ويهي رهندي هئي ۽ ليڪچرار کي ڏسندي ۽ ٻڌندي هُئي جڏهن مان هن ڪاليج ۾ نئين نئين َآئي هُيس ته اڪثر آخري پيريڊ جيڪو انٽر سائنس جو هوندو هو تنهن ۾ اچي پويان ويهي رهندي هُئي پر پوءِ ٿوري عرصي بعد اِهو سلسلو بند ڪري ڇڏيائين مون اِهو هِتي نوٽ ڪيو هو ته هر انهيءَ عورت جي مخالفت ڪندي هُئي جيڪا حد کان وڌيڪ ذهين، هن کان وڌيڪ نوجوان ۽ وري سٺي شخصيت رکندڙ هجي ۽ وري هن جي ڪجهه قانونن کي به نه مڃيندي هجي شاگردي واري مئڊم ڪاظمي ۽ هڪ دبنگ آفيسر مئڊم ڪاظمي ۾ مونکي هتي واضح فرق نظر آيو مون هتي فقط فاطمه بخاري کي هن جو احترام ڪندي گڏوگڏ منفي روين تي اعتراض به ڪندي روبرو سچ چوڻ جي همٿ ڪندي ڏٺو ٻيو ڪير به اهيا همٿ ساري نه سگهيو مس فاطمه ڪيمسٽري جي سينئر استاد هئي صرف سينئر نه بلڪه بهترين استاد هُئي بهرطور مئڊم ڪاظمي هن اداري سان مخلص هئي ۽ انهيءَ جي باني ميمبرن منجهان هُئي جنهن اداري جون سوين شاگردياڻيون نه صرف سنڌ، پاڪستان بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به خدمتون انجام ڏئي رهيو آهن مئڊم ڪاظمي گذريل سال ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي جتي هُوءَ 1997ع کان ريٽائرمينٽ کان پوءِ رهندي هُئي نه ته ابن رشد جي پرنسپال هُئڻ سبب پرائيوٽ دور ۾ پرتاب ڀون جي مٿي واري حصي جي هڪ پورشن ۾ رهندي هُئي ۽ پوءِ لالچند گارڊن واري نئين بلڊنگ ۾ ڪاليج جي پٺيان چراغ بلڊنگ جي هڪ پورشن ۾ رهندي هُئي جيڪي انهيءَ زماني ۾ فليٽ چوارائيندا هُئا عائشه ‘بوا’ هن سان گڏ رهندي هئي پوءِ نئين بلڊنگ جي هوم اڪنامڪس بلاڪ کي پنهنجو رهائشي بنگلو ٺاهيائين
هن ڪاليج ۾ نصابي سرگرمين کان علاوه غير نصابي سرگرميون وڏي عروج تي هيون سال ۾ ڪيترائي فنگشن ٿيندا هُئا جنهن ۾ ”ڪاليج وِيڪِ“ سڄو هفتو هلندو هو جنهن جي ابتدا محفل ميلاد سان ٿيندي هُئي بلڪه منهنجي شاگردي واري دور ۾ هتي ”يوم حسين“ وارو فنگشن ڏاڍي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو هو، جنهن ۾ شاگردياڻيون مرثيه ۽ نوحه پڙهنديون هيون ۽ تقريرون ڪنديون هيون منهنجي هِن ڪاليج ۾ جوائن ڪرڻ کان هڪ مهينو بعد ۾ منهنجي امان گُذاري وئي بابا کي جهان ڇڏي اَٺ سال ٿي چُڪا هُئا. ”مان هاڻي ماءُ پيءُ ٻنهي جي پيار ۽ شفقت کان محروم ٿي چُڪي هُيس.“
امان جيڪا فالج جي حملي کان پوءِ بلڪل معذور ٿي چُڪي هئي ۽ محتاج ٿي کٽ تي ويٺي هوندي هُئي، سا پُڻ اسان ڀينرن ۽ ڀائرن لاءِ وڏو ڏڍ ۽ آسرو هُئي، گهر جي رونق هُئي، سا رونق به ختم ٿي چُڪي هئي ۽ گهر ۾ اسان جو انتظار ڪرڻ واٽون نهارڻ وارو ڪونه بچيو هو ۽ ”دُعا جا دروازا بند ٿي ويا هُئا.“
هيءَ ته منهنجي گهرو زندگي هُئي جنهن ۾ مان بلڪل اڪيلي رهجي وئي هُيس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر مشتاق هائوس جاب ختم ڪري چڪو هو ۽ انهن ڏينهن کيس پٿوري ۾ ”اسڪول هيلٿ سروس“ ۾ ڊاڪٽر جي نوڪري مِلي هُئي، هُو صبح جو سوير ناشتو ڪري اوڏانهن روانو ٿي ويندو هو ۽ شام ڌاري گهر واپس ايندو هو. وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر انور صبح جو پنهنجي ڪلينڪ ميرواهه گورچاڻي هليو ويندو هو، اِهو شهر ميرپورخاص کان ويهن پنجويهن منٽن جي فاصلي تي آهي.
منهنجي ذاتي زندگي ۾ روٽين ساڳي هُئي فقط امان ڪانه هُئي ۽ امان واري کٽ خالي هُئي..!!
بهرطور مون پنهنجي مصروفيت ساڳي رکي صبح جو ابن رشد وڃڻ، اُتان اچي گهر ۾ کاڌو تيار ڪرڻ، ٻيا ننڍا ننڍا ڪم ڪرڻ، باقي ٻين ڪمن لاءِ هڪ ماسي کنڊٻائي جيڪا ذات جي چانگ هُئي سا صبح کان شام تائين موجود هوندي هُئي، مون هاڻي محسوس ڪيو ته هن ڪاليج ۾ مان ڪافي سيٽ ٿي وئي هُيس، حالانڪه مان هِتي نئين نئين هُيس پر ”امان جي وفات تي سڄو ڪاليج جو اسٽاف عذر خواهي لاءِ پهتو هو انهيءَ وقت جون اسٽاف سيڪريٽري رضيه آرائين ۽ شميم زيدي ٽي ڏينهن لاڳيتو اينديون رهيون هيون.“
پر ڊيوٽي جي لحاظ کان ابن رشد واري ڊيوٽي سانگهڙ ڪاليج واري ڊيوٽي کان وڌيڪ محنت طلب ۽ جوابداري وئي هُئي ڇو ته هتي پڙهائڻ (ليڪچر ڏيڻ) کانسواءِ ٻيون ڊيوٽيون به ڪرڻيون پونديون هيون جن کي اسين اي، سي، آر فارم ۾ اسپيشل ڊيوٽي ڪري لکندا هُئاسون جن ۾ ڪاليج ڪينٽين جي صفائي چيڪ ڪرڻ، مسٽرول کي اپ ٽو ڊيٽ رکڻ، غريب ڇوڪرين جي فيس معافي واري ڪميٽي ۾ ميمبر رهڻ انهيءَ کان علاوه ٻيون ڪيتريون ڊيوٽيون هونديون هيون جيڪي مختلف ليڪچرارن ۾ ورهايل هونديون هيون.
”هڪ دلچسپ ڊيوٽي وري گوسڙو شاگردياڻين کي جيڪي گهران جان ڇڏائي هتي اچي باغ ۽ ڪينٽين ۾ ويهنديون هيون تن کي ڪلاسن ۾ اماڻڻ جي هوندي هُئي اهيا ڊيوٽي ڪنهن هڪ استاد نه بلڪل گروپ جي شڪل ۾ هوندي هئي هڪ پيريڊ ۾ هڪڙيون استاد گروپ ۾ ٻئي پيريڊ ۾ ٻئي گروپ جي ڊيوٽي هوندي هُئي اهيا ڊيوٽي چار پنج استادن کي گڏجي ڪرڻي پوندي هُئي ڪڏهن ڪڏهن ته جيڪڏهن گهڻيون استاد موڪل تي هونديون هيون ته اِهي ڪلاسن کان گوسڙو شاگردياڻيون ولرن جي شڪل ۾ گهمندي نظر اينديون هيون ۽ ڏاڍو گوڙ هوندو هو.“
اسان کان ڪلاسن انگيج ڪرايا ويندا هئا. پر اهڙو نظارو گهٽ ڏسبو هو. ڇاڪاڻ ته مئڊم ڪاظمي جو مڪمل ڪنٽرول هوندو هو. مان پنهنجي ڊپارٽمنٽ ۾ اڪيلي سنڌي جي استاد هيس. ۽ هن ڪاليج ۾ منهنجي شاگردي واري دؤر کان سنڌي جي هڪ ليڪچرار جو نمونو هلندو ٿي آيو جيئن آپا زينت ميمڻ، نجمه شيخ مرحومه، لعل خاتون، وغيره.
هن آتم ڪٿا کي فيئر ڪرڻ ۾ مون ايتري دير ڪري ڇڏي جو آپا نجمه شيخ به مرحومه ٿي وئي، منهنجي هتي اچڻ کان پوءِ سنڌي جي ٻئي استاد مسز ڪشمير سومرو به اچي وئي. جيڪا انهيءَ وقت ٽنڊو جان محمد ڪاليج جي (ڪيمسٽري) جي استاد جي گهر واري آهي. سندس نالو ساگر سميجو آهي. هاڻي اڄڪلهه اسلام آباد شفٽ ٿي وئي آهي، هي سنڌي جي استاد ٺهي ايڊ هاڪ تي آئي هئي. قوم پرست، بولڊ ۽ پراعتماد هئي،کيس انهي وقت ٻه پُٽ هئا جن جو نالو امر ۽ ساحر، هئا جن کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان گڏ وٺي ايندي هئي. مون محسوس ڪيو ته اسٽاف سميت پرنسپال به هن جي اچڻ تي خوش نه آهن. هڪ ڏينهن مئڊم ڪاظمي مون کان پڇيو ته؛ (سندهی کی دوسری پوسٹ نہیں ہے ہمارے پاس، یہ کشمیر کیسے آئی ہیں۔)
مون جواب ڏنو: ”مجھے نہیں معلوم کہ پوسٹ ہے یا نہیں، آپ اُن کو بلا کر معلوم کرلیں۔“
الائي ڇو ڪهڙو خيال پيدا ٿيو هئس يا وري مريم مجيدي واري ڳالهه ته:
”لاکيڻي تون پاڻ وهيڻي مُور نه آهين هيڻي جهيڻي“
نظر اچي رهي هيس اهيا مئڊم جي پنهنجي سوچ هئي ڪجهه وقت بعد ڪشمير سومرو ڪميشن پاس ڪري پوليٽيڪل سائنس جي ليڪچرار ٺهي. اچي وئي مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته هي ڪاليج فنگشن ڪرائڻ ۾ سڀ کان اڳ ڀرو هو.هن ڪاليج ۾ هڪ استاد حيثيت سان جيڪو پهريون فنگشن ڪرايو سو هڪ لطيف ڊي هو جيڪو 1991ع جي اپريل ڌاري ٿيو هو. هن پروگرام جي خاص ڳالهه اِها هئي ته هن جو مهمان خصوصي سنڌي ادب جي اهم شخصيت حميد سنڌي صاحب هو. جيڪو تن ڏينهن خيرپور يونيورسٽي ۾ هو.۽ هتان حيدرآباد جي ڊاريڪٽر ڪاليج تان بدلي ٿيل هو هڪ بلند پايه جي اديب ۽ علمي شخصيت اڳيان پروگرام پيش ڪرڻ لاءِ حوصلو گهربو هو. هن پروگرام ۾ مون سان گڏ مئڊم اقبال ڏيٿو ۽ ڪشمير سومرو کي به انچارج طور گڏ رکيو ويو هو اهيا به بيورو ڪريسي جي هڪ رمز هئي. جيڪا اڄ تائين مون کي سمجهه ۾ نه آئي آهي.
پر پوءِ اسان ٽنهين گڏجي ڪم ڪيو ۽ هڪ بهترين پروگرام ترتيب ڏيئي حميد سنڌي صاحب کي ڏيکاريو سين اُهو صاحب پروگرام ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته مونکي خبر هجي ها ته شاهه لطيف جي ڪلام ڳائڻ ۽سورمين کي لاجواب بنائي اهڙي نموني پيش ڪيو ويندو ته آئون فيملي کي به گڏ وٺي اچان ها.
هن پروگرام ۾ سورٺ راڻي لغاري ۽ رّخسانه بلوچ (ڪامريڊ)کان انائوسمينٽ ڪرائي هئي سين جن بهتر انداز ۾ ڪارڪردگي ڏيکاري بلڪه سورٺ راڻي ته شاهه جون وايون ڳائي داد حاصل ڪيوهو. امر سنڌو ۽طاهره لغاري انهي وقت گريجوشن ڪري چڪيون هيون. پر پروگرام ۾ ڀرپور حصو ورتائون ۽ ڪامياب بڻايائون خيرالنساءَ مغل جيڪا ڪجهه وقت اڳ عورتن جي مخصوص سيٽ تان نامزد ٿي سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي نمائندگي ڪري رهي آهي سا پڻ انهي وقت هتان گريجوشن ڪري رهي هئي. تنهن پڻ شاهه صاحب جو ڪلام ڳائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو نسرين لغاري جيڪا سسئي جي ڪردار لاءِ مئڊم اقبال جي چونڊ هئي تنهن جي بيڪ گرائونڊ ۾ ڪلام ؟
”رويو ويٺي روءُ پنهل کان پو ءِ ڏيندس باهه ڀنڀور کي“

خيرالنساءَ مغل بهترين انداز ۾ ڳايو هو پر انهي تي نسرين لغاري اهڙي سٺي پرفارمنس نه ڪري سگهي هئي. حالانڪه تمام خوبصورت لڳي رهي هئي جيڪا ڳالهه حميد سنڌي صاحب به محسوس ڪئي هئي ۽اسان کي حميد سنڌي صاحب لنچ دوران ٻڌايو ته سسئي تمام خوبصورت ۽سٺن ڪاسيومز سان هئي. پر ايڪٽنگ ۾ چاڙهو نه هيس پر پوءِ به آئٽم ڪافي جي سٺي هئڻ ڪري چڱو رهيو. ٻاراڻي وهي ۾ اهڙيون ڪوتاهيون ٿي وينديون آهن. خيرالنسا ءَ۾ اهيا خوبي هئي ته هو پاڻ ڳائيندي هئي گڏوگڏ ايڪٽ به ڪندي هئي.
پروگرام تمام وڏو هو جنهن کي حميد صاحب دلچسپي سان ڏٺو ۽آخرڪار ڪاليج جي لائبريري لاءِ پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب” ويرون “ ڊونيٽ ڪري ويو. پر افسوس جو اهي ڪتاب وري ڪڏهن ڪاليج نه پهتا. يا واٽ تي گم ٿي ويا اهيا خبر الله کي!
شاگردياڻين ۾ ڏاڍو جوش ۽ ولولو هو هر ڪا پنهنجي پرفارمنس ڏيکارڻ لاءِ آتي هئي، منهنجو پروگرام انچارج ٺهڻ جو هي پهريون تجربو هو. جنهن ۾ مون کي اڳتي جي لائحه عمل کي سمجهڻ لاءِ ڪجهه چاپلوسي منافقت جهڙن روين جي دڳ کي سمجهڻ جو موقعو ملي ويو ۽ اسان اڳتي انهن غلطين کي ڪونه ورجايو. ٻڌو هيم ته مون واري لطيف ڊي کان هڪ سال اڳ هڪ لطيف ڊي ڇوڪرين پنهنجي زبردست خواهش تي ڪرايو هو. ۽انتظاميه انهي لاءِ مجبور ٿي اجازت ڏني هئي.
ٿيو ايئن هو جو ضياالحق واري دؤر ۾ ڪاليج ۽ ٻين ادارن ۾ اهڙن پروگرامن تي پابندي لڳل هئي. هن ضياءَ جي دؤر پڄاڻي کان پوءِ ادارن ۾ نئين سنئين اهڙا ڏيهاڙا ملهائڻ شروع ڪيا ويا هئا.
پر هتي هن ڪاليج ۾ اهڙو پروگرام نه ٿيو هو ڇوڪرين جي بي انتها ڀرپور مطالبي تي اِهو لطيف ڊي ملهائڻ جي اجازت ڏني ويئي.
هن پروگرام جي انچارج مئڊم اقبال ڏيٿو هئي ٻڌو اٿم ته ڪاليج جي ڊيوٽي ڪرڻ کان پو ءِ شام جو ڇوڪرين کي ريهرسل ڪرائيندي هئي.
شاهه جي ڪلام کي موسيقي سان نوازڻ لاءِ مرحوم استاد گل محمد (گلو مامون) موجود هوندو هو. مون هن پروگرام جي مووي ڪيسٽ سال کان پوءِ ڏٺي هئي. پروگرام واقعي سٺو هوپر انهي ۾ پڻ ڇوڪرين منجهان اشتعال ۽ ڪاوڙ گهڻي ٿي نظرآئي انهي جو سبب ڇا هو مان سمجهي ڪانه سگهي هيس هڪ ڏينهن شاگردياڻي رخسانه ڪامريڊ مونکي ٻڌايو ته ”مِس! اسانجي پروگرام ۾ دخل اندازي ٿي ڪيائون. ۽ وري هڪ اُردو غزل“
’’دیواروں سے باتیں کرنا اچھا لگتا ہے‘‘
سو انهيءَ ۾ ٿي وڌائون اسان انھيءَ جي اجازت ڪانه ڏني اِهو سٺو غزل هو غزل جي محفل ۾ هلي سگهيو ٿي.
پوءِ اسان مشتعل ٿي ويون سين اِها ته هئي هڪ شاگردياڻي جي راءِ انهيءَ تي مان ڪوبه تبصرو ڪانه ڪنديس.
انهن ڏينهن هتان جون قوم پرست ڇوڪريون امر سنڌو (سلميٰ لغاري)، طاهره لغاري، حسينه ساند وغيره گريجوئشن ڪري يونيورسٽي پُهچي چُڪيون هيون. پر پروگرام ڏِسڻ لاءِ آيون هيون. فقط سندن مائيٽياڻي رخسانه ڪامريڊ ۽ ڪجهه جونيئر ڇوڪرين پارس راڻي، سورٺ راڻي، زهره لغاري، حميره لغاري موجود هيون. جن مونکي حميد سنڌي واري پروگرام ۾ ڏاڍو ساٿ ڏنو، هن پروگرام ۾ عمر ماروي ٽيبلو کي گهڻو واکاڻيو ويو هو. جنهن ۾ ماروي جو ڪردار مومل دائود پوٽو ۽ عمر جو ڪردار هڪ سومرو ڇوڪري جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي، تنهن ڀرپور انداز ۾ ادا ڪيو جهڙا ڪي شاهه جي سُر مارئي جا جيئرا جاڳندا ڪردار هئا. هڪ شاندار کوهه عمر بادشاهه انهيءَ جا ساٿي وري پياري پياري مارئي جنهن ڪلام خود ڳايو ۽ ايڪٽ ڪيو.
هاڻي مان ڪاليج ۾ سيٽ ٿي رهي هيس، ڪاليج جو اسٽاف سٺو هو (منهنجي لاءِ) باقي پاڻ ۾ پراڻين ڳالهين تان تلخ ٿي وينديون هيون. انهن ڏينهن اسان غريب آباد وارو گهر ۽ پاڙو ڇڏي جهامن داس ڪالوني (شهباز ٽائون) ۾ نئين گهر ۾ اچي رهيا هئاسين جيڪو منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر انور ٺهرايو هو گهر تمام سٺي نقشي سان ”ويسٽ اوپن“ ٺهيل هو. اوڙي پاڙي ۾ ٻيا ته پوءِ واقف ٿيا پر غريب آباد مان چاچي سليمان جو پُٽ ڊاڪٽر مجيد ميمڻ (علي ميڊيڪل وارو) فيملي سميت هتي شفٽ ٿيل هو. باقي ڀرڳڙي فيملي (سب رجسٽار) هڪ اردو فيملي سهراب آپريٽر واري پٺيان لقمان ارباب جي فيملي ۽ خاص طور سندن ڌيءَ سڪينه مون وٽ ايندي ويندي هئي.
مون محسوس پئي ڪيو ته ڪاليج جي نوڪري ڀاءُ جي نئين گهر ۾ منتقلي آس پاس جي نون ماڻهن سان واسطا مون کي هڪ نئين ۽مثبت دگ تي آڻڻ جي تياري ڪري رهيا هئا. ڪا اهم تبديلي اَوَسَ ته اچڻي هئي انهن ڏينهن جولاءِ 1991ع ڌاري منهنجي ڀيڻ ممتاز مديني پاڪ سعودي عرب کان پنهنجي وَرَ اظهر قريشي اڍائي سالن جي پٽ سونو عمر ۽ اَٺن مهينن جي ڌيءَ سارا سان گڏ پاڪستان آيا عمر سونو ته انهيءَ کان اڳ ۾ امان جي حياتي ۾ ٻه ڀيرا هتي اچي چُڪو هو تمام ننڍو هو سندس پهرين سالگره به ملهائي هئي سين. سندس پيءُ اظهر هڪ مهينو رهي ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ مديني پاڪ هليو ويو هو. باقي ممتاز ۽ سونو کي ميرپورخاص ۾ ڇڏي ويو هو. اظهر قريشي جا والد ۽ والده ۽ ڀاءُ ڀيڻ ڪلهوڙا ڪالوني ۾ رهنداهئا.پاڻ پاڪستان اچڻ وقت گهڻو وقت اُتي پنهنجي والدين وٽ گذاريندو هو. سو مون ذڪر ئي ڪيو ممتاز جي هَيلِ هتي اسانجي گهر ۾ اچڻ جو سارا مون پهريون ڀيرو ڏِٺي هئي. ماشاالله صحت مند گول مٽول پياري هئي. منهنجي اڃان شادي ٿيل ڪانه هئي، ممتاز هر سال ايندي هئي. ۽ شادي لاءِ زور ڀريندي هئي گهر جون حالتون ته مان اڳي ئي ٻُڌائي چُڪي آهيان.
”گهر جي اهم شخصيت ماءُ اگر اپاهج ٿي پئي هُجي انهي کي ڇڏي پنهنجو گهر وسائڻ ۽ نئين دنيا آباد ڪرڻ جو مان سوچي به ڪانه ٿي سگهيس هر دفعي انڪار کي منهن ڏيندي ممتاز خاموش ٿي ويندي هئي، پر هاڻي ته امان موڪلائي وئي هئي ممتاز اچڻ شرط شادي واري ڳالهه تي ضد ڪري بيهي رهي هئي.“
سندس ۽ منهنجي پُراڻي سهيلي سيما ٽالپر جي معرفت سُٺي رشتي هٿ ڪرڻ جو بار سندس نازڪ ڪنڌن تي رکيائين جنهن کي انهيءَ ڪم جو تجربو هو.
”هوءَ مختلف هنڌن تان آيل ڇوڪرن (مردن ) جي لِسٽ مان گهڻن جي ته شادي ڪرائي چُڪي هئي پوءِ به چيائين ته ڏِسان ٿي ڪوشش ڪيان ٿي هڪ ڏينهن سائين ڏنو نهوڙي جو رشتو کڻي آئي، جيڪو اُنهن ڏينهن سول اسپتال ميرپور خاص ۾ گريڊ سترهين ۾ فرماسسٽ هو. منهنجن ڀائرن کي سڃاڻندو هو.“
منهنجو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر مشتاق جيڪو اُنهن ڏينهن ۾ نواب شاهه ميديڪل ڪاليج ۾ آئي ڊپارٽمنٽ ۾ ڊاڪٽر هو. تنهن ڪجهه قدر مخالفت ڪئي، هن جيڪي جواز پيش ڪيا سي سؤ سيڪڙو صحيح هئا، پر وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر انور رد ڪيا ته ”اِهو ماڻهو سيلف مئڊ آهي، هڪ پوئتي پيل علائقي مان نِڪري يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري اڄ جي سول اسپتال جي سينيئر ڊاڪٽر سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي پيو. ترقي ڪرڻ جا گُڻ اٿس وڌيڪ توهان جي مرضي. منهنجو ڀاءُ انور هرو ڀرو پنهنجي مرضي ٻين تي مڙهڻ جو عادي آهي نه هو، نه وري هاڻي آهي. منهنجي ڀيڻ ممتاز انهي رشتي تي راضي هئي ۽ ڀيڻويو اظهر به راضي ڪري ڇڏيو هئائين.
هوڏانهن ”مان پنهنجي ذهن ۾ هر ڇوڪري وانگر هڪ خوبصورت گهر گاڏي جو مالڪ زبردست شخصيت رکندڙ شخص جو آئيڊيل ٺاهي ويٺي هئس، جيڪي ڳالهيون هن شخص ۾ نه هيون مون صاف جواب ڏيئي ڇڏيو.“
منهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق فرمايو بلڪه درست فرمايو، اهڙا ته هن ڪيترائي رجيڪٽ ڪري ڇڏيا آهن، انهن تي اظهر کي ڪجهه کارَ لڳي هئي. پوءِ منهنجي ڀيڻ ممتاز جيڪا قائل ڪرڻ جا گُر ڄاڻندي هئي. تنهن چيو ته:
”هن ساڻ تون خوش حياتي گذاريندين ٻئي نوڪري ۾ آهيو، پنهنجي لاءِ سڀ آسائشون پاڻ ٺاهجو.“
هن منهنجي ڀيڻ کي اِها خبر ڪانه هئي ته ماءُ ته اولاد جي ذميداري آهي پر هن شخص جي گهر ۾ انهيءَ وقت شادي شده ڀيڻ انهي جو مڙس ٻن ڀائرن جن مان هڪ پيدائشي دل جو مريض هو ٻيو جيڪو نوڪري به ڪندو هو پر هر ڪنهن ذميداري کان آجو هو ۽ ٻيا رشتيدار چاچا، پوڙهي ناني بيواهه پُڦي سڀ هن جي ذميداري آهن. اِها سنڌ جي ڳوٺاڻن جي نفسيات آهي ته هڪ ڄڻو جيڪو ڪمائيندو آهي ۽ ذميداري کڻندو آهي، تنهن مٿان سڀ بار هوندا آهن ۽ هتي هن ساڻ به انهن ذميدارين ۾ ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار ڪونه هو. بهرحال اسان جي مڱڻي ٿي وئي، هن مڱڻي ۾ پنهنجن عزيزياڻين مان هڪ ماءُ ۽ ڀيڻ آنديون هيون، سندس هڪ رشتي جي مامي عمر جو هڪ پُٽ، ٻيو هڪ غير عورت جيڪا سول اسپتال جي ڪلارڪ صديق ميمڻ جي گهر واري هئي سا آئي هئي. اسان پاڻ ۾ ڀاءُ ۽ ڀينرون وڏو سئوٽ مرحوم ادا شڪور ۽ سندس گهر واري مرحومه ڀاڀي عظيم النساءَ موجود هئاسين. مشتاق فوٽو گرافي ڪندي به ڏکايل هو ۽ اوڏي مهل نواب شاهه مان گهر پهتو هو. مڱڻي جي شاپنگ سائين ڏنو جي دوست ڊاڪٽر عبدالوسيع کتري ڪري ڏني هئائين. سائين ڏنو صاحب جي ماءُ سادي سودي ڳوٺاڻي هئي، سندس ڀيڻ لال خاتون کي سائين ڏنو صاحب نئون ڪارو برقعو پارائي آيو هو. هن جو خيال هو ته:
”هتي ڪا پردي جي پابندي هوندي قريشي (قاضي) ماڻهن ۾ پردي جو رواج هوندو ۽ منهنجي ڀيڻ بي پرده ڏسي ناراض ٿيندا.پر هتي ته اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي، بلڪه سندس ڀيڻ ڪو پهريون ڀيرو برقعو پاتو هو، سو ويچاري گيٽ اورانگهيندي ٿاٻڙجي پئي هئي، منهنجي ڀاءُ انور وري چيو ته ”هن ويچاري کي ڇو برقعو پارايو اٿن؟ جو ڪِري پئي آهي؟“ مون واري سس گهر گهمي ڏٺو ۽ چيائين ”جايون (ڪمرا) سُٺا آهن پر مال ڍور ڍڳا ڪٿي آهن؟“
منهنجي ڀيڻ ممتاز وراڻي ڏني ته:
”امان هتي مال گهرن ۾ ڪونه رکندا آهن اسان وٽ ته اِهي جانور مال آهي ئي ڪونه جن وٽ آهي اهي به وٿاڻن ۾ ٻڌندا آهن.“
هن خاندان جو تعلق ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ سان آهي سندن لهجو ۽ اُچار پُڻ ڏيپلي وارن وارا ساڳيا آهن. بهرطور هي مڱڻي جو ڪاڄ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ دير سان اختـتام تي پهتو ۽ سائين ڏنو صاحب پنهنجي مائٽن سميت سول اسپتال واري گهر ڏانهن روانو ٿيو. اسان جي مڱڻي جي خبر ٻئي ڏينهن جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي هئي. مون کي خبر نه هئي ته مان ۽ سائين ڏنو صاحب ميرپور خاص ۾ ايترا مقبول آهيون. سائين ڏنو صاحب جو ننڍو ڀاءُ ڪمال الدين جيڪو سيلاني آهي ۽ ڪڏهن هڪڙي شهر ۽ ڪڏهن ٻئي شهر گُهمندو ڦِرندو وتندو آهي. تنهن کي هن مڱڻي جي ڪابه خبر چار نه هئي.
تنهن کي چار پنج ڏينهن کان پوءِ پروفيسر ساگر سميجو شايد مٺي شهر ۾ مِليو کيس مبارڪ ڏيندي چيائين ته: ”مبارڪ هُجئي سائين ڏنو جي لاٽري ۾ ڇوڪري نِڪتي آهي.“
هو ڳالهه کي ڪجهه سمجهي نه سگهيو گهر وڃي ماءُ سان اِها ڳالهه ڪيائين، تنهن وري کولي سربرستو احوال ڪيس. انهن ڏينهن منهنجو وڏو سئوٽ اداعبدالشڪور ڪجهه ڏينهن بيمار رهي گذاري ويو. جيڪو اسان کي گهڻو ڀائيندو هو، ۽ هڪ بهترين انسان هو چوندا آهن ته:
”سٺا انسان ئي الله پاڪ کي پسند هوندا آهن ۽ انهن کي جلد پاڻ وٽ گهرائيندو آهي “
هاڻي منهنجي شادي جي تاريخ 20 سيٽمبر 1991ع جمعي جي ڏينهن مقرر ڪئي وئي هئي. جيڪا گلستان بلديه جي هال ڀٽائي ڪلچر هال عورتن لاءِ ۽ هيٺ ٻاهر لان جي ڇٻر تي شاميانه لڳائي مردن لاءِ انتظام ڪيل هو. اِهو لنچ سائين ڏنو صاحب طرفان هو، ڪافي تعداد ۾ مهمانن شرڪت ڪئي هئي، عورتن ۾ اسان جي نئين ۽ پُراڻي پاڙي وارن منهنجي سينٽ مائيڪل جي سڄي اسٽاف ۽ ڪاليج جي اٽڪل سموري اسٽاف مئڊم ڪاظمي سميت موجود هيون. مان رخصت ٿي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ نبيلا منزل نالي هڪ مسواڙي گهر ۾ آيس اَٺن ڏينهن جي موڪل ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ڪاليج وڃڻ شروع ڪيو اِهو گهر ”نبيلا منزل“ اسان جي ابن رشد ڪاليج کان گهڻو پري هو انهيءَ وقت رڪشا به عام جام ڪانه هئي. ڪاليج کي هڪ بس مليل هئي جيڪا ڪجهه مخصوص روٽن تي هلندي هئي. ۽ خاص طور سيٽ لائيٽ ٽائون جي شاگردياڻين لاءِ مخصوص ڪيل هئي. پر انهي جي ٽائمنگ صبح جو تمام سوير ۽ واپسي تي دير ڪرڻ واري هئي. سو مون ٽانگي ۾ وڃڻ کي ترجيح ڏني هڪ ڏينهن شام جو سائين ڏنو صاحب چيوته:
”مون هڪ پوڙهي ٽانگي واري سان ڳالهايو آهي.
اِهو توکي صبح جو گهران وٺي ويندو “
مون حيرت مان پڇيو ”پوڙهو ڇو“؟
هن ته ڪو جواب نه ڏنو پهريون ڀيرو محسوس ڪيم ته هي روشن خيال نه آهي بلڪه تنگ نظر آهي، منهنجي بابا ۽ ڀائرن جيان وسيع دماغ رکندڙ نه آهي. مان جيڪا اهڙين ڳالهين ٻُڌڻ جي عادي نه هيس ۽ مون ۾ برداشت ۽ سهپ به رب پاڪ وٽان گهٽ فراهم ٿيل هئي.

سُکيا سڀ نه سُکَ ۾ ڏکيا سڀ نه ڏيل،
ڪنهن ڪنهن منجهه قليل آهي سانڃهه سهپ جي.

مون پهريون ڀيرو ناراضگي جو اظهار ڪيو ته هن پنهنجي مردانه ذهن کي استعمال ڪيو.
”پوڙها ڊرائيور هميشه محتاط طريقي سان گاڏيون هلائيندا آهن“
مون کي اِهو چوڻ گهربو هو ته”هتي گاڏي ته آهي ئي ڪانه هي ته ٽانگو آهي پر منهنجي سادگي جو اِهو انداز هو ته مان اِهو ٻُڌي نهال ٿي ويس ته ”منهنجو ڌڻي (ٿري سوچ) ڪيڏو نه احساس ڪند ڙ آهي.“
پوءِ اڳتي هلي مون پاڻ کي گهڻو بدلايو ۽ هن سائين ڏنو صاحب مونکي گهڻو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ۽ پوءِ اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ لڳاسين پر هاڻي ڪٿي آسڪر وائلڊ جو هڪ قول پڙهيو هيم:
”عورتون محبت ڪرڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن سمجهڻ لاءِ نه“
هِتي مونکي اِهو لِکندي فخر ٿئي ٿو ته اسان ٻنهي جي سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق هُجڻ باوجود هڪ ٻئي جي ڳالهه کي مڃيندا هئاسين.
مون کي محسوس ٿيو منهنجو ته وَرُ صفا وکريل ۽ ذاتي زندگي ۾ بي ترتيب ماڻهو آهي، هو پنهنجي بي ترتيب زندگي کي اڄ ڏينهن تائين ترتيب ڏيئي نه سگهيوآهي. مون هن کي پنهنجي نفاست پسندي واري لائين تي آڻڻ جي گهڻي ڪوشش يا ته مون ۾ هن کي ترتيب ۾ رکڻ جو ڏانءٌ ڪونه هو يا وري هن اِهو چاهيو نه ٿي. اڄ به هن کي پنهنجي آس پاس وکريل ڪتاب ڪٻٽن جا کليل تاڪ ۽انهي مان ٻاهر لٽڪيل ڪپڙا بيڊ تي گهنجيل چادرون ۽وٽيل سٽيل وهاڻا ڏاڍا وڻندا آهن. انهن بي ترتيبن کي ته سڌاري ڪونه سگهيس پر پوءِ به اسان ٻيون ڳالهيون مڃيندا آهيون مونکي مير عبدالرسول مير جون هي سِٽون لکڻيون ٿيون پون.
”هن مون کي مڃيو مون هن کي مڃيو “
اڄ پيار پڄائڻ جي ڪئيسون هن مونکي مڃيو مو هن کي مڃيو
پردن کي هٽائڻ جي ڪئيسون هن مونکي مڃيو مون هن کي مڃيو

هُو هُو نه رهيو مان مان نه رهيس هو مون سان مليو مان هن سان مليس
کنڊ کير ملائڻ جي ڪئيسون هن مونکي مڃيو مون هن کي مڃيو

جڏهن مير پرين سان پيچ پيو ٿي تن من سارو اجرو ويو
نئين جوت جاڳائڻ جي ڪئيسون هن مونکي مڃيو مون هن کي مڃيو

شادي کان هڪ مهينو پوءِ مان پنهنجي ساهراڻي ڳوٺ ويس جتي ڳوٺ ڇڇي مورا ۾ سائين ڏنو صاحب جو ناناڻو خاندان رهندو هو. جتي ماءُ جا مائٽ مرد گهڻو ڪري ماما چورائيندا هئا اسان کي مامن جي ڳوٺ وارن دعوت ڏيئي گهرايو هو. ٿرپرڪر ضلعو جنم ڀومي هئڻ باوجود مون ٿر ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو اسين ٽيڪسي ۾ سوار ٿي نئون ڪوٽ پهتاسين جتي ماما يارو (استاد يارمحمد) ۽ ماما هاشم صاحب جيڪو انهي وقت سوئي گئس ۾ انجنيئر هو . تنهن جو ڀاءُ حسين فور ويل جيپ سميت انتظار ڪري رهيا هئا. اسان انهي ۾ سوار ٿي جلدي ڳوٺ ڇڇي مورا پهچي وياسين. جتي ماما هاشم صاحب جي گهر واري گهرن کان اورتي بيهي منهنجو استعمال ڪيو ۽ڏاڍي قربائتي انداز ۾ ملي ۽گهر ڏانهن وٺي آئي. مامو هاشم پاڻ ڊيوٽي سانگي ڪٿي ٻاهر ويل هو جيپ جو آواز ٻڌي سڄي ڳوٺ جا ٻارڙا گڏ ٿي ويا هئا. منهنجي اڳيان پويان هلي رهيا هئا. مان جلوس جي شڪل ۾ جاين (ڪمرن) تائين پهتس. ٿوري دير ۾ ڳوٺ جون وڏي عمر جن عورتون جيڪي اصلي ٿري لباس ۾ هيون اچي مون سان مليون. ۽هٿ ملائڻ شروع ڪيائون. مون اهو مشاهدو ڪيو ته انهي ڳوٺ ۾ پوڙها ۽پوڙهيون يعني وڏي ڄمار وارا ماڻهو گهڻا هئا. هتي ميرپور خاص ۾ ڪڏهن به ايتري عمر وارا مرد ۽ عورتون ڪونه ڏٺيون هيون. شايد اهيا سندن سادي خوراڪ ماحول ۽هوا جي گدلاڻ کان پاڪ هئڻ يا وري ٽينشن فري (توڪل الله) جي ڪرامت هئي هتي مردن به ٻنهي هٿن سان کيڪاريو پئي هتي من پنهنجو پاڻ کي آمريڪي خاتون اول محسوس ٿي ڪيو “
کاڌو سياڻا مرد ٺاهي رهيا هئا انهي مان سمجهيم ته عورتون ساديون سوديون آهن يا وري انهن کي گهٽ عقل وارو سمجهن ٿا اتي اچي رات ٿي هئي چانڊوڪي رات ڏاڍي سهڻي ٿي لڳي.
ٿر تي ٿڌو چنڊ، ڀني رات ملير جي،
ڄڻ هي سارو منڊ، مهڪيو توسان مارئي.

ڳوٺ بهترين هو، جنهن ۾ بجلي ۽ هينڊ پمپ وغيره وڏي تعداد ۾ موجود هئا. جايون سڀ پڪيون هيون، پهچڻ شرط منهنجي سڳي نـڻان (سائين ڏنو صاحب ) جي ڀيڻ سندن ڳوٺان وڃي وٺي آيا. جيڪا جيپ ۾ سوار ٿي کن پل ۾ مون سان ملڻ لاءِ اچي وئي ٻي گهر مان ڪابه عورت ڪانه آئي هئي.
”اُتي مون سمجهيو ته سڀني کان ڏاهي عورت جيڪا فيملي جي راج سنگهاسن آهي. سا مون سان ملڻ لاءِ موڪلي اٿن. هن اچڻ شرط چوڻ شروع ڪيو، ”ڀاڀي هَلو هَلو پنهنجي ڳوٺ هلون،“ تڏهن سندس ڀاءُ چيس ته ”سڀاڻي هلنداسين “
صبح جو وقت ڏاڍو سهانو هو آڪٽوبر مهيني جي هلڪي ٿڌ هوا صبح جو سويل اٿندڙ ٻارن کان وٺي وڏڙن جي آوازن قدرت جي هن کُليل عجائب گهر ۾ سوين رنگ وکيري ڇڏيا هئا.
ٻئي ڏينهن شام جو جيپ ۾ سوار ٿي سائين ڏنو صاحب جي جنم ڀومي ڪلڻهار کارو پهتاسين، جتي سندس ڀاءُ سڪندر مرحوم ڪاوڙيو ويٺو هو. ته پهريان هِتي ڇو ڪونه آيا. تنهن کي سمجهائي ٿڌو ڪيوسين ۽ ٻئي ڏينهن واپس ورياسين اُتي به ڪجهه عورتون ۽ ٻار گڏ ٿيا هئا. مون واري سَسُ وري خوف کائي رهي هئي.
”اي ڪڄاڙي لاءِ آيون آهن منهنجي نونهن کي نظر هڻي وينديون“
هي سادي سودي پيار ڪندڙ صوم صلاة جي پابند عورت هئي، ڪلام پاڪ جي تلاوت روزانه ڪندي هئي، ڀرت ٽوپي ۾ ڪاريگر هئي، اڄ جي ٻوليءَ ۾ سليقه مند خاتون هئي. باقي ٻئي پاسي ته سُڃ لڳي پئي هئي. ناني وري چالاڪ ۽ هوشيار هئي، مونکي چوڻ لڳي ته: ”هي لوهه جاٽيئر گارڊر تنهنجو مڙس وٺي هتي ڇڏي ويو آهي، هاڻي ٻُڌائي ته نيون جايون (ڪمره) ڪٿي ٺاهيون؟
مونکي ته اتي نه اولهه جي خبر هئي نه اوڀر جي مان ڇا ٻُڌايانس مون جواب ڏنو ته: ”مون کي ناهي خبر هتي گهر وارن کان پڇي ٺاهجو.“
منهنجي ميرپور واپسي کان پوءِ هتي ساڳين روزمره جي لائف شروع ٿي وئي مونکي اِهو نبيله منزل وارو گهر به نٿي وڻيو. هڪڙو ڀرسان ڪو اوڙو پاڙو نه هو، ٻيو اسان ٻنهي زال مڙس جي نوڪرين وارن ادارن کان گهڻو پري هو. مون اِها ڳالهه پنهنجي ننڍي ڀاءُ مشتاق سان ڪئي، تنهن چيو ته بابا وارو غريب آباد وارو گهر خالي پيو آهي، اُتي وڃي رهو. توهان کي مسواڙ جي به بچت ٿيندي ۽ ٻيو ته توهان جو وڏي جدوجهد کان پوءِ ئي نئون گهر ٺهي سگهندو.“
سو مان اُتان نومبر مهيني جي پڇاڙڪي ڏينهن ۾ غريب آباد ساڳئي پراڻي گهر ۽ پاڙي ۾ موٽي آيس جتي مونکي پراڻو پاڙو اوڙو ۽ ڄاتل سڃاتل ماڻهو ملي ويا. حياتي وري سولي ٿي ويئي. هاڻي يادگيرن جا در کوليندي هي شعر ذهن تي تري آيو آهي .

هي گهر شال رهي گلابن جي نظر ۾،
هن گهر تي وسي شال ماڪ مهر وفا جي،
هن گهر تي امن آتشي رابيل سجائي.

پُراڻي اسٽائيل جو اهو گهر ڏاڍي مضبوط مٽي ۽ سرن سان ٺهيل هو.
”اڏيو جو اوڏن سو ليپو لائو نه ٿئي“
منهنجي نوڪري واري زندگي حسب دستور جاري هئي هتي ڪو وڏو فنگش في الحال ڪونه ٿيو هو. پر 1992ع ۾ پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آيا مريم نوحاڻي جيڪا ڊاريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن هئي. تنهن کان ميلاد شريف پڙهايو ويو ۽ ديني ۽ اسلامي ٽاپڪ تي ڪي مقالا پڙهيا ويا هئا اِهو فنگش صبح جو ساڍي نائين کان ڏيڍ بجي منجهند تائين هليو پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد مئڊم ڪاظمي سنڌي ۽ اردو ڊپارٽمنٽ کي لطيف ڊي ۽ اقبال ڊي ڪرائڻ جو حڪم نامو صادر ڪيو. انهي عرصي کان ڪجهه وقت اڳ سن 1991ع جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ حميده ناز منهنجي ڊپارٽمنٽ ۾ اچي چڪي هئي. جيڪا مون ساڻ ڪانوپنٽ اسڪول ۾ رهي چڪي هئي. ٿڌي دماغ واري ۽سمجهدار هئي ڪم آهستي آهستي سوچي سمجهي ذميواري سان ڪرڻ واري هئي.
”۽ ڪجهه وقت اڳ منهنجي شادي ۾ منهنجي رخصتي کان پوءِ پهتي هئي شايد اِهو سمجهيو هئائين ته پاڪستاني ٽائيم وانگر سڄو فنگش چار پنج ڪلاڪ دير سان شروع ٿيندو پر هتي ته هر ڪم شارپ هو“
اهڙو هڪ ٻيو مثال به سامهون هو جنهن ۾ اسان جي ڪاليج جي اردو جي استاد زليخه زرين ته شام جو گهر آئي ته مونکي ڏسي سگهي ته اُتي منهنجي ڀيڻ ممتاز ٻارن سميت موجود هئي. زليخا ڪٿي ٻاهر ويل هئي پر سندس لک ٿورا جو شام جو به منهنجي مائٽن وٽ آئي هئي.
حميده ناز جي ڪاليج ۾ اچڻ کان پوءِ پروين موسيٰ ميمڻ پُڻ حيدرآباد مان بدلي ڪرائي هتي پُهتي هئي.
سندس پوسٽنگ حيدرآباد جي محمد بخش غلام فاطمه (ايم بي جي ايف ) ڪاليج ۾ ٿيل هئي انهي ڪاليج ۾ مان به ڇوڪريون وٺي هڪ ڀيرو مباحثي ۾ شرڪت لاءِ تيار ڪري وٺي وئي هيس انهي پروگرام ۾ ڪمپيرنگ جا فرائض مشهور رائيٽر شبنم گل ، انجام ، ڏنا هئا.۽ ڇوڪرين کي اسٽيج تي گهرائڻ وقت ميرپور خاص جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي هُئائين هتي جي پرنسپال جو نالو دل افروز هو. ڏاڍي رِلڻي مِلِڻي ۽ چست عورت هئي. ڊاريڪٽر اسڪولز نظاماڻي صاحب جي گهر واري هئي فنگش کانپوءِ ريفريشن مينٽ ۾ به هر ڪنهن استاد ۽ شاگردياڻي جو خيال ٿي رکيائين. باقي وڌيڪ خبر سندس زيردستن کي هوندي اِهو ڪاليج هاڻي عرف عام ۾ سردار بهادر گرلز ڪاليج چورائي ٿو.
”هن جو اسٽيج هندو فن تعمير جو بهتري نمونو هو “
شايد پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ناٽڪ منڊليون استعمال ڪنديون هجن. پروين موسيٰ جو گهر وارو واپڊا ۾ آفيسر هو جنهن جي بدلي سانگي هو هتي آئي هئي. ذهين هوشيار ۽پوزيشن هولڊر هئي کيس انهي وقت ٻه ٻار ڇوڪري ثمر انور ۽ ياسر هئا بهرحال هاڻي منهنجو ڊپارٽمنٽ خود ڪفيل ٿي ويو هو. جنهن ۾ اسانکي سنڌي کان سواءِ سليس اردو پڙهائڻ جي ذميداري به ڏني ويئي هئي.
سو مون ذڪر ٿي ڪيو هاڻوڪي لطيف ڊي جو ته مئڊم ڪاظمي مون کي هن پروگرام جي فل انچارج ٺاهيو هو ۽پروين موسيٰ ۽ حميده ناز منهنجيون سهڪاري هيون ڇوڪرين جون تيارريون شروع ٿي ويون هيون ٿيندو ائين هو جو جيڪي شاگردياڻيون اڳ نه اينديون هيون سي هنن فنگش ۾ اچي حاضر ٿينديون هيو ن۽ هن ڀيري به اسان هنن کي تيار ڪيو مئڊم ڪاظمي جو ارادو هو ته ايم ، اين ، اي پير آفتاب شاهه جيلاني کي مهمان خصوصي ٺاهيو وڃي . پر هو انهن ڏينهن مصروف هو بار بار چوڻ جي باوجود هو ٽائيم ڏئي نه سگهيو ۽ ڪافي ڏينهن گذري ويا، هوڏانهن وري اسان جي ڊاريڪٽر آپا مريم نوحاڻي ريٽائرڊ ٿي وئي ۽ انهي جاءِ تي رشيده راڄپر (رشيده حجاب) ڊاريڪٽر ٺهي وئي. انهي کي مئڊم ڪاظمي لطيف ڊي جي مهمان خصوصي ٺهڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. حالانڪه انهن ڏينهن تازو سندس ايڪسيڊنٽ ٿيل هو. کيس ٻانهن تي پٽيون ٻڌل هيون شايد ٻانهن جو فريڪلچر وغيره ٿيو هو. رشيده حجاب جي زندگي تي نظر وجهڻ سان خبر پئي ٿي. هن جو تعلق شڪارپور جي مغل گهراڻي سان هو ادبي ذوق رکندڙ هن عورت سائنس باٽني سبجيڪٽ ۾ پي، ايڇ، ڊي، جي ڊگري ورتي هئي. 1956ع کان لکڻ شروع ڪيو ڊاڪٽر رشيده انور راڄپر سنڌي ادب کي سٺ کان وڌيڪ افسانا ڏنا. سندس پهريون افسانو ”بدصورت“ هو پاڻ مارچ 2019ع ڌاري گذاري وئي. ڊاڪٽر صاحبه سنڌ جي واحد آفيسر هئي (مرد ۽ عورتن ۾ ) جنهن 23 گريڊ ۾ ريٽائر ڪيو.
رشيده راڄپر ڌاڍو باريڪ بيني سان پروگرام ڏٺو پروگرام جي پڇاڙي ۾ غلطين کان آگاهي ڏني. جيڪا بلڪل درست هئي مثلا ليلا چنيسر ۾ ليلا جو ماڊرن شراري ۾ اچڻ نوريءِ جي مڇي واري ٽوڪري ۾ اندر خبارن جا پنا نظر اچڻ وغيره البت ڪلامن کي پسند ڪيائين . هن پروگرام ۾ هڪ نئون آئٽم پيش ڪيو سين جيڪو حسين شاهه نماڻي جي ڪلام .

گهوم چرخڙا سائيندا تيڏي ڪتڻ والي جيوي.
ڪتڻ والي جيوي، لڙيان وٽڻ والي جيوي.

جنهن ۾ چرخي تي ويٺل ڇوڪري هڪ ڏوهيڙي سان پر اثر انداز ۾ شروع ڪيو. ۽وري ارم بلوچ جيڪا آپا زبيده ريشمان جي ڌيءِ هئي.تنهن ڏاڍي سهڻي انداز ۾ چپڙين سان ڌمال وجهي پرفارم ڪيو هو جنهن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو هو.
انهي سال رمضان مهيني ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ عبدالڪريم شيخ جي بيگم ٿرپارڪر جي دوري تي آئي. جيڪا ڪنهن زماني ميرپور خاص ۾ بيگم ،ڊي سي، جي حيثت سان رهي چُڪي هئي. سندس نالو شمع ڪريم هو. تنهن کي وندرائڻ لاءِ به مئڊم ڪاظمي کي بالا آفيسرن وٽان آرڊر مليو ته هڪ فنگش ترتيب ڏنو وڃي. ۽هٿ جي هنران جي نمائش به لڳائي وڃي. ۽ اِهو ڪم شارٽ نوٽيس تي سنڌي ڊپارٽمنٽ حوالي ڪيوويو. اسٽيج پروگرام ته فقط ٻه سنڌي ۽ ٻه اردو آئٽم تي مشمتل هو.
اسان ساڳيو چرخي وارو آئٽم ۽ گڏوگڏ هڪ نئون ٽيبلو جيڪو ننڍن ننڍن سِهرن ۽لوڪ گيت تي مشتمل هو. سو رکيوسين جنهن کي مهمان خصوصي صاحبه ڏاڍو پسند ڪيو. هن ٽيبلو ۾ زينت ساند، سنڌو ساند، سٺي اداڪاري ڪئي هئي. باقي هٿ جي هنرن جي نمائش ۾ هنر جا ڪيترائي نمونا هڪ ڪمري نما هال ۾ صبح جو سوير اچي سيٽ ڪرڻ شروع ڪياسين. هي اهي نمونا يا لباس هئا جيڪي اسان گهران آندا هئا. ۽ ڪجهه وري ڪشمير سومرو ”ووڪيشنل سينٽر “مان وڪري لاءِ گلشن سيال کان آندا هئا. سي رکياسين بهرحال تڙ تڪڙ ۾ ترتيب ڌنل هي نمائش به وارو وڄائي وئي ۽ اِهو مرحلو به خير خيريت سان گذري ويو.
سال 1994ع جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مئڊم سيده ڪاظمي کي وري ڪاليج وِيڪ ملهائڻ جو خيال پيدا ٿيو. هن جي دور ۾ ڪاليج ۾ اهڙا پروگرام گهڻا ٿيندا هئا. ۽ڪاليج جي شروعاتي دور کان مير پورخاص جا قدامت پسند حلقه ۽ ڪجهه مذهبي جماعتون به هرو ڀرو انهي جي مخالفت ڪنديون هيون. اخبارن ۾ ليک شايع ٿيندا هئا پر هي مضبوط عورت ڪڏهن به انهن ڳالهين کان نه ڊني ۽ پنهنجي علم، موسيقي ۽ آرٽ سان ساٿ نڀائيندي آئي. ڪٿي پڙهيو هئم ته: ”جي تبديلي ۾ آرٽ جو حصو نه هجي ها ته بنگال جو ٽئگور ۽ نذرالاسلام اڄ بنگالي تاريخ جو حصو نه هجن ها. جي شاعري ۽ گائيڪي ماڻهن جا روح گرمائي، انهن کي ڪنهن وڏي سياسي سماجي تبديلي لاءِ اتساهه فراهم نه ڪري ها ته پوءِ
”بول کے یہ لب آزاد ہیں تیرے، زباں اب تک آزاد ہیں تیری “
يا
”هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪو آيو آپيارا“
جهڙا ڪلام نه سرجن ها ۽ نه وري ڳائجن ها آرٽ جو سماجي اوسر سان ايترو ئي اهم لاڳاپو آهي. جيترو دنيا جي ارتقائي تاريخ جو ”سو مون ذڪر ٿي ڪيو 1994ع جي پڇاڙڪن مهينن جو ته جڏهن مونکي گهرائي چيو هو ته:
’’پروگرام زیادہ بڑا نہ ہوا! اور ناہیں مختصر‘‘
پوءِ هن منهنجي منهن ڏانهن نهاري چيو ته:
’’آپ کچھ کمزور لگ رہی ہیں طبیعت تو صحیح ہے آپ کی؟
’’ مون کيس جواب ڏنو ته:
”مئڈم میں اُمید سے ہوں اور پندرھں دن کے بعد میں میٹرنٹی لِیو پر جانے والی ہوں۔“
اِهو ٻُڌي ڪجهه حيراني ۽ ڪجهه خوشي جي مليل تاثرات سان مونکي چيائين:
”آپ فنگشن کو چھوڑیں ہماری پاس دوسرے لوگ بھی ہیں فنگشن کروالینگے‘‘ آپ آرام کریں۔۔۔!
مان انهي وقت دِل ۾ ڏاڍي خوشي ٿي هُيس، مان ته اڳ ئي انهن ڏينهن هوائن ۾ ٿي اڏاميس.
”ماءُ بنجڻ جو احساس به ڪيترو حسين هوندو آهي. عورت جو سمورو وجود ۽ پيار هڪ ننڍڙي ايندڙ روح ۾ سمائجي ويندو آهي، هوءَ پاڻ کي خوشبخت فرد پنهنجي پاڻ مائٽن ۽ ساهرن ۽ خاص طرح مڙس جي نظرن ۾ معتبر سمجهڻ لڳندي آهي“
پوءِ مئڊم ڪاظمي اِهو فنگشن پروين ۽ حميده حوالي ڪيو. پر پوءِ جڏهن هن پروين موسيٰ کي سنڌي ۽ سليس اردو سان گڏ فرسٽ ايئر جي انگريزي جو پيرڊ وٺڻ لاءِ چيو ته هن نابري واري ته مئڊم پروين کي پروگرام مان ڪڍي ڪشمير سومرو کي انچارج بڻائي حميده کي سندس هيلپر طور منظوري ڏنائين.
انهن ڏينهن ۾ منهنجي زندگي جو المناڪ ڏينهن به اچي ويو ۽ مان چوندس ڪارو ڏينهن ... اذيت ناڪ ڏينهن جيڪو اڄ به مونکي هرپل هر لمحي جهوريندو رهي ٿو. ۽ مونکي هڪ نامڪمل عورت جو احساس ڏياري ٿو. سو هو منهنجي مُرده پُٽ جوجنم اها نڀاڳي تاريخ 24 نومبر 1994ع جي هلڪڙي ٿڌ واري شام کان پوءِ سج لٿي جو وقت هو. جڏهن منهنجو بلڊ پريشر اوچتو وڌي وڃڻ ڪري منهنجي گهر جي سامهون ٺاهيل ڀٽائي ميڊيڪل سينٽر ۾ آندو ويو. جتي ڊاڪٽر ڊاڪٽرياڻيون سرجن ۽ انيسٿيسسٽ (بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر) سڀ موجود هئا. ڊاڪٽر ناهيد خان منهنجو ڪيس ڊيل ڪيو ۽ ايترو هاءِ بلڊپريشر ڏِسي حيران ۽ پريشان ٿي وئي. سائين ڏنو صاحب جي دوست ڊاڪٽر عبدالواسع کتري جيڪو جهڙو ڪر اسان جي گهر جو فرد هو. تنهن ٻاهران ڊاڪٽر کان پُڇيو ته:
”ڈاکٹر ناہید بچے کے واسطے کون سی دواؤں کی ضرورت پڑے گی۔؟
ته هن ڊاڪٽر ناهيد وراڻيو:
” ڈاکٹر بچہ تو ایکسپائر ہو چکا ہے۔
اِهو ٻُڌي مون روئڻ شروع ڪيو ۽ ور ور ڏئي ڊاڪٽر ناهيد کان پڇيم ٿي ته:
”میرا بچہ مرگیا ہے، وہ مرگیا ہے، وہ مرگیا ہے“
اتي ڊاڪٽر ناهيد نرس کي چيو ته:
”اب تو یہ شاک میں چلی جائے گی۔ الائي ڪهڙي انجيڪشن آڻڻ لاءِ چيائين جيڪا ڊاڪٽر مون کي لڳل ڊرپ ۾ داخل ڪئي. ۽کن پل ۾ مان بيهوش ٿي ويس“
مون سان گهران گڏ آيل منور سلطانه (مني آپا مرحومه) به اِهو لقاءُ ڏِسي پريشان ٿي ويئي. جيڪا سليم شيخ جي گهر واري هئي. پاڻ منهنجي رشتي جي مامي عبدالحئي جيمس آباد واري جي نياڻي هئي. ۽ اُتان پرڻجي هتي پهتي هئي. ڏاڍي همدرد ۽ وقت تي ڪم اچڻ واري هئي. هي شيخ گهراڻو ساڳيو ع ق شيخ وارن جو هو. ۽ هي سليم شيخ ع ق شيخ جو سڳو ڀائيٽو ۽ عثمان شيخ جو ننڍو پٽ ۽آپا نجمه شيخ جو ڏير هو.
منهنجو مڙس سائين ڏنو نوهڙي صاحب به اهڙي ماجرا ڏِسي حد کان وڌيڪ ڏکارو ۽ روئـڻهارڪو ٿي ويو. انهيءَ وقت سوَل اسپتال جا گهڻا تڻا ڊاڪٽر شام جو هن سينٽر ۾ مريض ڏِسندا هئا. جيڪو ٿي آيو تنهن سندس دلداري ٿي ڪئي. پوءِ جلد ٻارَ جي تدفين ٿي وئي. ڇو ته رات جا اٽڪل ساڍا 9 ٿيڻ وارا هئا.
”اسان جي پاڙي واري قاسم ناريجو، ڊاڪٽر واسيع کتري سائين ڏنو کي زوري راضي ڪري پاڻ سان وٺي ويا هئا.
هو چئي پيو
”پنهنجي هٿن سان پنهنجو ٻچڙو دفن ڪيئن ڪندسُ؟
مون به پنهنجو ٻار ڪونه ڏٺو هو. جو مان نيم بيهوشي جي حالت ۾ هيس. باقي جن ڏٺو هو تن ٻڌايو ته:
”تمام خوبصورت ٻار هو مڪمل بُت باقي ساهه نه هيس“
پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر وسيع ٻڌائيندو هو ته شڪل شَبيهه ناناڻي خاندان سان ملندڙ هُيس.
رات جو دير سان جڏهن مون کي هوش آيو ته مون پنهنجي مڙس کي پنهنجي سيراندي کان ويٺل ۽ روئيندي ڏٺو. ۽ مون پڻ پوءِ روئڻ شروع ڪيو. ته هِن چيو هاڻي روءِ نه طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويندي، ۽ الله پاڪ جلد ٻيو اولاد ڏيندو.
هي ڪٿا لکندي مون ڪٿي به رنو ناهي هن واقعي اسان جي زندگي ۾ واچوڙو برپا ڪري ڇڏيو هو. شايد اولاد اهڙو مٺو رشتو آهي، جيڪو حيوانن کي به پيارو هوندو آهي.

ياد اٿئي جو سور سڻائي، مون به رُنو هو تو به رُنو هو،
ڳوڙهن جي برسات وسائي، مون به رُنو هو تو به رُنو هو.

منهنجي ابن رشد جي اسٽاف کي ٻئي ڏينهن اهيا خبر پهتي سڀني کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. ٻئي ڏينهن سائين ڏنو صاحب جي والده (امان) به ڳوٺان پهچي وئي. جنهن کي اڳواٽ ڪا اطلاع ڪانه ڏني وئي هئي. هو منهنجي سار سنڀال ۽ ٻار جي بيوٽي فڪيشن پلان لاءِ آئي هئي. هتي هي ماجرا ڏسي اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيائين . ۽هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسي روئيندي رهي.
منهنجي ميٽرنٽي لِيو “جيڪا اڳ 90 ڏينهن قانوني طور تي منظور ڪئي وئي هئي. سا ختم ڪري مئڊم ڪاظمي 50 ڏينهن کان پوءِ ڪاليج گهرائي ورتو هو.
”اولاد به مون وڃايو ۽ موڪل به منهنجي ختم ڪئي وئي هئي. 8 جنوري يا 7 جنوري 1995ع تي مون ٻيهر ڪاليج جوائن ڪيو. انهي ڏينهن صبح ساڻ خبر پئي ته منهنجو وڏو ماسات منور دِل جي دوري ۾ گذاري ويو آهي. مان ڪاليج جوائن ڪري ماسي جي گهر ڏانهن هلي ويس ۽ روزانه ڪاليج ايندي هئس. ته هڪ ڏينهن مئڊم ڪاظمي چيو ته:
” مين ني آپ ڪي ڇٽي قانوني طور پر ختم ڪي هي اگر آپ آرام ڪرنا چاهين تو اپنا پيريڊ ليڪر دس بجي گهر چلي جايا ڪرين “
مون انهي سهولت مان ڪجهه ڏينهن فائدو ورتو پر پوءِ مان صبح کان ڏيڍ وڳي تائين ويهڻ لڳيس. ڇو جو مون کي گهر ۾ ڪو خاص ڪم نه هو نه وري ڪو ٻار پالڻو هو. انساني فطرت آهي ته جڏهن قدرت هن کان ڪا پياري شئي ڦُري وٺندي آهي ته انهيءَ کي حاصل ڪرڻ وري حاصل ڪرڻ جي تمنا وڌي ويندي آهي.
مونکي به رب پاڪ ۾ آسرو هو ته مونکي ٻيو اولاد رب پاڪ ضرور ڏيندو. پر هن جي لوح محفوط ۾ ته ڪجهه ٻيو لکيل هو. ۽ مونکي تاحيات بي اولاد ئي رهڻو هو.
مون پنهنجي ٻچڙي لاءِ دنيا جهان جون شيون خريد ڪري رکيون هيون. مونکي ڪپڙن سُبڻ سان ڪا دلچسپي ڪانه هئي، پر انهيءَ وقت اِها دِلچسپي ازخود پيدا ٿي ويئي هئي ۽ مون ڪيترا ننڍڙا ننڍڙا ڪپڙاسُبي ورتا هئا.
ننڍڙا ننڍڙا سوئٽر بازارن مان خريد ڪيا هئا. مطلب ته ٻار جي استعمال جون سڀ شيون اسان کي گهر ۾ موجود هيون. منهنجو مڙس سائين ڏنو نهڙي صاحب جنهن کي اهڙين شين سان اڳ ڪابه دلچسپي نه هئي.
نه وري هاڻي آهي سو پڻ ٻار جي استعمال جون ڪجهه شيون مساج لاءِ آئل پيئر سوپ، ننڍڙا ڪمبل، بخمل جون ننڍڙيون رضايون (سوَڙيون)الائي ڪيئن هن جي دماغ ۾ آيون هيون. سي بازار مان آڻي کڻي گڏ ڪيون هئائين. هِن جي دِل ۾ به الائي ڪيترا ارمان هئا. پنهنجي اولاد کي آسائش ڏيڻ جا پر هتي ته هي لکندس.
مِلي ڪونه ساڀيان خوابن کي ڪڏهن،
سڙي خاڪ ٿي ويا هِي جي سارا سکي.
اِهو ٻيهر اولاد نه ٿيڻ جو ڏک ته منهنجي اندر ۾ هو پر پوءِ ماڻهن جي طعنن ۽ ڳالهين ٻُڌڻ سان مان اندر ۾ سڄي ڀڄي ڀري پوندي هيس، الائي ڪهڙي خدا ڪارڻ جي ذميواري عائد ٿي ويئي هُينِ. مونکي ستائڻ جي جتي وڃان اُتي اِهو ئي جملو وري اولاد ڪونه ٿيو؟ ڇو ڪونه ٿيو؟ ڇو توکي ٻار نٿا کپن؟ وغيره وغيره.
الائي ڇو مان خاموش ٿي ويندي هيس. مان جيڪا هر غلط ڳالهه جو ترت جواب ڏيندڙ شخيصت هيس، اُتي اچي پاڻ کي ڏوهاري سمجهندي هُيس، اهڙي سانت واقعي منهنجي اندر ۾ موجود هئي.
يا منهنجي من تي ڪنهن راڪاس جو پاڇو پيو هو. ايتري زندگي گذارڻ بعد مون محسوس ڪيو هو ته اڪيلائي جي سَپ َ ڪڏهن به مونکي ناهي ڏنگيو جيئن عورتن جي هنن ڳالهين ڏنگيو هو.

جن کي ٻُڌي دل رَقِصُ ڪري،
اهڙا ڪي سنديسا ڪونهن،
ڪانڊيرن سان دل ٿي کيڏي،
گُلڙن جا رانديڪا ڪونهن.


هڪ ڀيرو منهنجي ننڍي ڏير ڪمال الدين جي شادي ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيو اُتي منهن جي مڙس سائين ڏنو صاحب جي هڪ مائيٽياڻي لاڏوڙي بيگم به موجود هئي. جيڪا مونسان اڪيلائي ۾ گُفتگو ڪرڻ ۽ مونکي اذيت ڏيڻ جي ڀرپور تياري ۾ هئي. تنهن وجهه وٺي اچي مونکي چيو.
”اڙي ڀاڀي تنهنجي ماسات شهلا جيڪا ميرپور خاص مان پرڻجي پاڙي واري ڳوٺ ۾ آئي آهي، تنهنجا چار ٻار ٿيا آهن. تو ته هڪڙو به اڃان ڪونه ڄڻيو آهي.“ انهي وقت منهنجي اندر مان هڪ سَٽَ نِڪتي ۽ دِل اندر مان آواز آيو:
”سارے کھلونوں کو چھوڑ کر، جذبات سے کھیلتے ہیں لوگ“
منهنجي اندر مان هِن لاءِ هڪ بد دعا نِڪتي ته ”الله پاڪ ڪندو ته تنهنجي ڌيءَ بي اولاد رهندي.“ مون کي چوڻ نه گهربو هو، اها الله پاڪ جي درٻار ۾ ڪا قبوليت جي گهڙي هئي. سو سندس ڌيءَ شادي کان پوءِ اڄ تائين بي اولاد آهي. مون کي هِن جي گُفتگو شديد تڪليف پُهچائي هئي. سو لامحالا اِهي اکر منهنجي وات مان نِڪري ويا. مان اڄ تائين پنهنجي بي صبري واري ردِعمل تي شرمسار آهيان. اهڙا طعنه ۽ ٽوڪون ته هاڻي منهنجي زندگي جو حِصو بڻجي ويا هئا. ڪڏهن ڪڏهن جواب ڏيندي هُيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن بلڪل خاموشي اختيار ڪندي هئس.
”ماٺ جڏهن ڳالهائي ٿي اکر اکر ڄڻ سمجهائي ٿي“
ارم محبوب جو اِهو شعر ٻُڌي انهي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. پر پوءِ به انهي تي ثابت قدم نه رهي سگهي آهيان.
ٻيو هڪ واقعو جيڪو منهنجي پاڙي ۾ پيش آيو ته اسان جي پاڙي ۾ ساجن مِهر صاحب رهندو هو، تنهن جي ڌيءَ غزل جي پهرين سالگرهه هئي. اُتي پاڙي جي هڪ عورت جيڪا اردو اسپيڪنگ هئي ۽ هاڻي اِها فيملي ڪراچي شفٽ ٿي وئي آهي. تنهن مونکي چيو ۽ اذيت پهچائڻ لاءِ چيو.
”اگر آپ کی بھی بچے ہوتے تو پھر آپ بھی اُن کی سالگرہ کرتی اور ہم کو دعوت پر بُلاتی۔..!“
سو مون انهي طنز ۽ طعني کي سخت تڪليف پهچائيندڙ محسوس ڪيو. ۽ خاموش ٿي ويس دل چيو: ”الله پاڪ تنهنجي ڌيءَ کي بي اولاد رکندو“ منهنجي اندر مان اِها پِٽَ (بد دعا) نِڪتي جيڪا مونکي نه ڏيڻ کپي ها. پر ڇا ڪيان ها..!؟
نا روک قلم مجھے رونے دے
آج تو درد روئے گا یا درد دینے والا

واقعي سندس ڌيءَ شادي کانپوءِ اڄ تائين بي اولاد آهي. منهنجي هن ڪتاب جا پڙهندڙ ڪٿي اِهو نه سوچين ته مان پاڻ ڪا ڪرامت جي صاحبه آهيان، مان ته خود انهي تي شرمسار آهيان، رب پاڪ کان انهيءَ غلطي تي ٻاڏائيندي رهان ٿي.
”ڪاش ڌڻي پاڪ مونکي برداشت ۽ حوصلو ڏئي ها. ته اندر ۾ ڪا اهڙي ڳالهه نه سوچيان ها. بهرحال رب پاڪ غفور رحيم آهي، مونکي يقين آهي ته رب پاڪ مونکي معاف ڪندو.“
حقوق العباد جي تقاضا ته اِها آهي ته انهن وٽ وڃي معافي جي طلبگار ٿيان، پر انهن مان هِڪ ڪراچي ۾ گذاري وئي آهي، ٻئي دنيا جهان کان بي گاني آهي. جنهن کان وڃي معافي وٺان ته ”ته ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ برابر آهي“
سو رب پاڪ رحمان رحيم آهي، مان پنهنجي ان خطا لاءِ اڄ به ٻاڏايان پئي. شال مونکي معافي ملي ۽ سرخرو ٿيان.
”آفرين !آهي منهنجي گهر واري سائين ڏنو صاحب کي جنهن ڪڏهن به مونکي انهيءَ بي اولادي تي طعنو يا مهڻو نه ڏِنو اچ تائين اهو چوندو اچي ته انهي ۾ رب پاڪ جون پنهنجون مصلحتون هونديون پاڻ ڪمزور ناتوان بندا آهيون. انهي جي بدران ڪا ٻي آسائش سان نوازيو هوندائين.
جنهن جي توکي خبر ئي نه هجي شايد اسانجو اِهو ٻار جنهن کي تو جنم ڏِنو هو آخرت ۾ اسان ماءُ پيءُ جي بخشش جو ڪارڻ بڻجي.
اِهي مٿيون ڳالهيون سندس وات مان ٻُڌي مون کي پڻ هڪ ابدي مُسرت ۽ خوشي جي نويد مِلندي رهندي آهي. باقي رب جا ڳجهه اِهوئي ڄاڻي اسان ته هڪ ڪمزور مخلوق هوندي به اشرف المخلوقات مان آهيون.
زندگي روان دوان آهي اِها انهن ڏکن ۽ المين سان ڀرپور هجڻ باوجود اسانکي ڪم جاري رکڻ جو درس ڏيندي اڳتي ڌڪيندي رهي ٿي. رب پاڪ هر صبح هڪ نئون نياپو پيغام يا وري ذميواري (ڊيوٽي) اسانجي حوالي ڪندوآهي.
سو منهنجي ڪاليج واريون ذميواريون جاري ساري هيون. اسان جي ڪاليج جي هڪ لطيف ڊي اهڙو به گذريو جنهن ۾ ڪو مهمان خصوصي ئي نه مِلي سگهيو. ڇو ته ”يوم لطيف“ آخري پروگرام هو انهيءَ کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر صاحب اڳواٽ ئي انگريزي پروگرام ”ماحول جي آلودگي“ جي مباحثي واري پروگرام جو مهمان خصوصي ٿي اچي چُڪو هو. هِن پروگرام جي انچارج نگهت رضا هئي. تنهن کان علاوه انهيءَ وقت جو ڊائريڪٽر ڪالجز پڻ نعت ۽ حمد جي مقابلي ۾ خاص مهمان ٿي چُڪو هو. سڄو پنڊال لطيف ڊي جهڙي رنگين پرگرام ڏِسڻ لاءِ آتو هو. وڏي کوجنا ۽ جُستجو کان پوءِ هڪ ايس ،ڊي ، ايم ، نظير احمد جمالي جنهن صاحب جو نالو هو.سو مئڊم ڪاظمي کي مِلي ويو. جنهن انهيءَ شرط تي خاص مهمان ٿيڻ قبول ڪيو ته: ”کيس تقرير ڪرڻ لاءِ ڪونه چيو ويندو.“
مئڊم ڪاظمي اِها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پوءِ هِن هڪ بهترين پروگرام ڏٺو. ۽ پوءِ بهرطور اسان هِن کي ڇڏيو ڪونه آخر ۾ اسٽيج تي اچڻ جي ۽ تقرير (ڪجهه لفظ ڳالهائڻ ) جي درخواست ڪئي سين، هو ويچارو مجبور ٿي مائيڪ جي سامهون بيٺو ۽ چيائين ته (اسان ڏانهن اشارو ڪندي) هنن ماسترياڻين ڏاڍي محنت سان پرگرام ترتيب ڏنو هو. مونکي ڏاڍو وڻيو آخر ۾ لائبريري ۾ سنڌي ڪتاب رکڻ لاءِ انعام طور پئسن جو اعلان ڪري هيٺ لهي آيو. ۽ ڪجهه ڏينهن بعد اُهي پندرنهن هزار روپيا ڪاليج جي اڪائونٽ ۾ پهچي به ويا، اُنهن سڀني پروگرامن ۾ مهمان خصوصي کي اجرڪ پارائڻ منهنجي ذميواري هئي. جنهن ۾ حميد سنڌي، رشيده راڄپر، نظير احمد جمالي، امتياز قاضي، صادق ڀٽي، سنڌ جو وزير تعليم پير مظهرالحق، ميرپور خاص جو ڊويزنل ڪمشنر غلام حسين ميمڻ شامل آهن.
مان سمجهان ٿي ته هاڻي ميرپور خاص ۾ اپوا، خواتين ليگ ۽ ٻين عورتن جي ترقي لاءِ ٺهيل تنظيمون پنهنجو ڪم اڳي جهڙو نه ڪري رهيون هيون ۽ اُهي غير فعال ٿي ويون هيون. مئڊم ڪاظمي پُڻ هڪ تنظيم جي اڳواڻ هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاليج جي ڪجهه استادن جنهن ۾ رضيه آرائين ۽ شميم زيدي، شامل هيون. ۽ شهر جون ڪجهه ٻيون عورتون گهرائي ڪاليج آفيس ۾ شام جو گڏجاڻي ڪندي هئي. شايد انٽر ايڪٽ ڪلب هو. انهيءَ جي نالي جي مونکي پڪ نه آهي، جنهن ۾ زرينه ابراهيم، بيگم نذر ڀائي (نشاط اسٽوڊيو وارا) ۽ ڪجهه ٻيون عورتون شامل هيون. ڊپٽي ڪمشنر الله رکا آسي جي بيگم کان پوءِ ڪنهن به ڊپٽي ڪمشنر جي بيگم کي اپوا جي صَدَر جي حيثيت سان فعال ڪونه ڏِٺم. باقي ضلع سطح تي ڪوبه پروگرام ٿيڻو هوندو هو ته ڪامورن جي پهرين نظر ابن رشد ڪاليج تي پوندي هئي. هن سال شايد سن 1995ع هو. يا 96 جي ابتدائي گرمي جا ڏينهن هئا جو ”ستون سنڌ گيمز“ جا مقابلا به ميرپور خاص ۾ ٿيڻا هئا. سڄي سنڌ مان رانديگر ٽيمون هِتي اچڻيون هيون.
۽ اُنهن جا باهمي مقابلا به هتي ٿيڻا هئا. آخري ڏينهن تي هنن مهمان ٽيمن جي شاگردياڻين ۽ استادن (عورتن) کي ثقافتي شو ڏيکارڻ جو پروگرام انهيءَ وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالجبار عباسي صاحب سوچيو هو ۽ هن مرحوم عباسي صاحب هاڻي انهيءَ کي مرحوم ئي لکندس جو ڪجهه وقت خبر پڙهي هيم ته پاڻ لنڊن کان دِل جو علاج ڪرائي واپس اچي رهيو هو ته اوچتو سندس طبيعت بگڙي وئي جهاز کي تهران ايئرپورٽ تي لاٿو ويو پر پاڻ حياتي جي جنگ هارائي ويو. سو هن مئڊم ڪاظمي کي فون ڪيو ۽ پنهنجي راءِ به پيش ڪيائين.
”ته ابن رشد جون ڇوڪريون پروگرام لاءِ تيار ڪيو! اهي گاما اسٽيڊيم (بينظير اسپورٽس ڪامپليڪس) ۾ اچي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن. هڪڙو ته مونکي انهي لفظ فن جو مظاهرو تي ڏاڍي بُڇان لڳي هي ته شاگردياڻيون هيون. ۽ غير نصابي سرگرميون هنن جي تعليم جو حصو هيون. باقي انهن ۾ پيدائشي فنڪار جي ڪابه خوبي موجود ڪانه هئي. مئڊم ڪاظمي مونکي ۽ا اردو ڊپارٽمنٽ جي هيڊ شاهده سراج کي گهرائي اِهو حڪم ٻڌايو.
”مونکي ته اڳ ئي خبر هئي ته مون وٽ سنڌي گهراڻن جون شاگردياڻيون هيون انهن جو ڪاليج تائين پهچڻ ۽ وري تعليم پرائڻ جي اجازت ئي ڏکي ملندي هئي. سو هنن جا مائٽ هنن کي ڪاليج عمارت کان ٻاهر پرفارم ڪرڻ جي اجازت هرگز ڪونه ڏين ها“
سو مون مئڊم ڪاظمي جي سامهون انهيءَ تجويز جي ڀرپور مخالفت ڪئي. هو منهنجي مخالفت ٻُڌي سخت ڪاوڙجي پئي ۽ چوڻ لڳي ته:
”آپ کو ہماری بیورکریسی کا پتہ نہیں! آپ مخالفت یوں ہی کر رہی ہیں۔“
سندس عادت هوندي هئي ته ڪاوڙ ۾ جيڪو ڳالهائيندي هئي سو گهر وڃي سوچيندي هئي. ٻئي ڏينهن اچي چيائين ته اڄ مان ،ڊي، سي، صاحب سان ڳالهايان ٿي. پوءِ هن ، ڊي، سي ، صاحب کي کٿو جواب ڏنو. ڊي سي صاحب مئڊم ڪاظمي کي ريجهائي انهي ڳالهه تي راضي ڪيو. پروگرام رات جو اٺين وڳي ڪاليج عمارت جي اندر ڪيو. وڃي ۽ سندس طرفان ڊنر سڀني ٻاهران آيل ٽيمن جي شاگردياڻين ڪاليج پروگرام ۾ حصو وٺندڙ شاگردياڻين ڪاليج اسٽاف ۽ بيورو ڪريسي جي سڄي ٽيم کي سندس طرفان ڏنو ويو ويندو جنهن ۾ مهمان خصوصي منور سهروردي مشير رانديون هوندو.
ميڊم ڪاظمي اسان ٻنهيءَ سنڌي ۽ اردو جي انچارج کي گهرائي آگاهي ڏنائين ته ٻنھِي ٻولين ۾ گڏيل پروگرام هلايو ويندو. مون ٻاهر اچي پنهنجي ڊپارٽمنٽ وارن سان ڳالهايو جيڪي پڻ مون وانگر روز روز جا پروگرام ڪرائي ٿڪجي پيون هيون پروين موسيٰ چيو: ”هي سمجهي ٿي ته آهيون مُفت جون ڊڊيون ڀلي پيون پيڙهجن.“
حميده چيو: ”ها پاڻ به صبح کان شام تائين ويهي هن کي پروگرام تيار ڪري ٿيون ڏيون سو هاڻي سڀ هتي ٿيندا“
مون چيو: ”ها جيڪڏهن ثقافتي شو ڏيکارڻ جو شوق هُين ته پوءِ ڪنهن ملڪ مان ثقافتي ظائقو گُهرائي وٺن ها، اسين ته اچي ڦاٿا آهيون.
شاهده سراج چيو:
”اب تو بیزار ہو گئے ہیں، لیکن اب پروگرام زیادہ طویل نہیں ہوگا، چار آئٹم آپ کریں چار ہمارے اردو کے ہونگے۔“
پوءِ اسين سڀ پروگرام جي تياري ڇوڪرين جي سليڪشن، ڪاسيومز (لباس ۽ زيور) ٽيبلو جي ڊائلاگن جي ريهرسل ۾ جنبي وياسين ميوزڪ لاءِ ماسٽر آغا گل محمد مرحوم کي گهرايو ويو. هن ڀيري شام جي بجاءِ هن ٽي ڏينهن صبح جي وقت اچڻ ،۽ ميوزڪ سيکارڻ جي ذميواري قبول ڪئي. ڇو ته پروگرام ٽوٽل اٺن آئٽمن تي مشتمل هو. مون وٽ هن ڀيري اتفاق سان ڏيپلائي ميمڻ ۽ ڀرڳڙي شاگردياڻيون وڌيڪ هيون. جن جي دلچسپي سبب هي پروگرام ڪامياب ٿيو جن ۾ عنبرين حفطه ڀرڳڙي، روميسا ڀرڳڙي، شهزين ڀرڳڙي، شارمين ڀرڳڙي، آسيه، فرح، ۽ اسماءَ ميمڻ ڀرپور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. هڪ مارواڙي آئٽم
”ڪانهورا ڪنڪري نه مار ...“
ڏاڍي محنت سان تيار ڪيائون انهيءَ آئٽم، کي ڏسندڙن ڏاڍو پسند ڪيو انهي جو پس منظر ڪجهه هن طرح آهي ته:
”ڪرشن جي جنم ڏينهن تي (جنم اشٽي) ڏڻ تي سندس پوئلڳن پاران لوڪ ناچ راسوڙو ڳايو ويندو آهي. ڪرشن جي جنم ڏينهن تي ڪرشن جي مورتي ٺاهي (جنهن کي ڪانهوڙو چوندا آهن) انهي جي چوڌاري دهل جي لئه ۽ تال تي مرد ۽ عورتون نچندا آهن. تنهن کي راسوڙا چوندا آهن. سانوڻي تهوارن جو اِهو لوڪ رنگ ڏِسڻ وٽان هوندو آهي.
مئڊم ڪاظمي جي فرمائش تي اردو پروگرام واري حصي ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جو ڳايل ڪلام.

’’قمیص تیری کالی٬ نیلے پھلاں والی‘‘

رکايو ويو هو جيڪو سُريلي آواز واري سلميٰ فيض جي حصي ۾ آيو هو. جيڪا ريهرسل دوران چئي پئي ته مون کان نٿو ڳائجي لڄ ٿي ٿيم! پر پو ءِ اسٽيج تي سٺو پرفارم ڪري وئي کاڌي پيتي جو انتظار روينيو کاتي جي مختيارڪار هيڊ منشي ۽تپيدارن سنڀاليو هو. ڊپٽي ڪمشنر صاحب ۽ خاص مهمان منور سهروردي ته هوش حواس ۾ پروگرام ڏسندا رهيا. پر انهن منجهان به ٽي ماڻهو ٿاٻا کائيندا پروگرام ۾ پهتا. ۽ڪرسين تي اچڻ شرط ڪريا ۽گهور ننڊ ۾ پئجي ويا. الائجي ڪير هئا.؟
بهر طور مئڊم ڪاظمي کي اِهو ڏسي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽سندس چهري جا تاثرات رنگ بدليندا رهيا. پروگرام جي آخر ۾ ڪجهه منٽن لاءِ اسٽيج تي آئي ۽ ڳالهايائين.
‘‘آپ لوگوں کا پروگرام پسند کرنے کا شکریہ ہماری بچیاں پروفیشنل نہیں انہوں نے پھر بھی اچھا کام کیا ہے۔’’
لڳو ايئن ٿي ته هنن کي ننڍي پروگرام سبب ڪا ڪمي ۽ تشنگي محسوس ٿي رهي هئي. اسان وٽ تيار ٿيل اهي آئٽم هئا جيڪي پيش ڪري ڇڏياسين. مهمان خصوصي منور سهروردي طرفان شاگردياڻين لاءِ پنجاهه هزار روپين جو اعلان ڪيو ويو، جيڪا رقم بعد ۾ ڊي سي صاحب معرفت پهتي.
اهو انعام چيڪن ذريعي ٻه هزار روپيه في ڇوڪري جي حساب سان ورهايو ويو ۽ ڪلارڪ پياري خان اهو چيڪ لکيو ۽ هر ڇوڪري کي گهرائي مون کان تصديق ڪرائي انهيءَ شاگردياڻي حوالي ڪيو ويو.
مٿين ماجرا مون بلڪل سچ تي عمل جو درس ڏيندڙ هڪ مقولي تي عمل ڪندي لکي آهي.
” سچ لکو ۽ اوچي ڳاٽ جيو“
بهرحال اِهي سڀ ڳالهيون زندگي جو حصو آهن شاگردياڻين لاءِ نصابي سرگرمين سان گڏ هي غير نصابي سرگرمي پيش ڪرڻ ۽ همٿائڻ به سٺي منتظم اعلي ٰلاءِ ضروري آهي.
هاڻي مان اچان ٿي پنهنجي ذاتي زندگي ڏانهن 1996ع ڌاري منهنجو ذاتي گهر جيڪو ”سهيل ٽائون“ (مير الله بچايو ڪالوني) ۾ ٺهي راس ٿيو هو. اُتي لڏي آيس هي پلاٽ 1994ع ڌاري مون خريد ڪيو هو. جنهن جي اڏاوت پُڻ سُست رفتاري سان هلندي رهي ۽ مونکي خبر پئجي ويئي ته: ”حق حلال جي ڪمائي مان هڪ سادو سودو پندرهن سؤ فٽن جو گهر اڏائڻ ڪيترو ڏکيو آهي.“ پر پوءِ پنهنجي ذاتي گهر ۾ اچي مونکي ڏاڍي خوش ٿي رهي هئي.
سڀڪا مومل سڀڪو راڻو،
سڀ ڪنهن کي آهي ڪاڪ.
هي غريب آباد کان تمام ڏورانهين علائقي ۾ هو تمام ٿورا گهر ٺهيل هئا. ڪجهه زير ِتعمير هئا. گهڻا تڻا پلاٽ ماڻهن خريد ڪري وڪڻڻ لاءِ زخيرو ڪيا هئا. باقي ڪجهه گهر جيڪي ٺهيل هئا سي ”ننڍين نوڪرين وارن جا عاليشان گهر هئا.“
منهنجي گهرجي پٺيان، اولهه ۽ اوڀر ڪوبه گهر ڪونه هو بلڪه ميدان خالي پيا هئا. گهر جي اتر پاسي چاچي گل محمد آفريدي جو گهر هو جيڪو پڻ اڏاوت هيٺ هو. ۽ اڃان اڌورو ٺهيل هو.
مون هن ڪٿا ۾ جتي به ڪنهن ماڻهو ۽ مقام جو ذڪر ڪيو آهي اتي انهيءَ جي باري ۾ معلومات به ڏني آهي. سو هي پنڊ پهڻ سڀ رب پاڪ جا ٺهيل آهن. پر اُنهن جي دنياوي مالڪن جي اهميت کي وساري نٿو سگهجي.
سو مير الله بچايو ڪالوني جي مالڪ مير الله بچايو لاءِ لکندس ته جڏهن خيرپور رياست ۾ ميرن جي حڪومت جو زوال ٿيو ته هي مير مختلف علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، مير الله بچايو جو تـڙ ڏاڏو مير محمد خان خيرپور رياست ڇڏي جهڏي ڀرسان پُراڻ نديءَ جي ڪِناري تي گهاٽا ٻيلا، جهڏي جي شاندار مارڪيٽ ۽ مڇي جو ڪاروبار ڏِسي هتي رهڻ جو فيصلو ڪيو. مير الھبچايو جي والد جو نالو مير فتح محمد ٽالپر هو. جڏهن ته مير الھبچايو جو جنم 1913ع ڌاري ٿيو.
ابتدائي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪيائين پوءِ ديرادون جي ڪاليج مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري لنڊن مان زراعت ۾ گريجوشن ڪيائين. ۽ پوءِ آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽي مان ايگريڪلچر ۾ ايم ايس سي ڪيائين. پاڻ سنڌ مان انهي زماني ۾ پهريون شاگرد هو. جنهن زراعت ۾ ماسٽرس پرڏيهه ۾ ڪئي هئي. سندس واسطو خاڪسار تحريڪ سان رهيو، جنهن جو هو مرڪزي نائب صدر رهيو آبپاشي ۽ زراعت جا ماهر هجڻ سان گڏوگڏ مير صاحب سنڌ ۾ پهريون پوليٽري فارم ميرپور خاص شهر ۾ قائم ڪيو. پاڻ ضياءُالحق جي دؤر ۾ مجلس شورا جو ميمبر رهيو.
سندس نونهن زينت ٽالپر مير الله بچايو ڪالوني ۾ ٻارن لاءِ هڪ اسڪول ”چڪِسِ“ اسڪول قائم ڪيو. جيڪو اڄ سوڌو قائم آهي. بعد ۾ ميرپور خاص جي پسگِردائي ۾ سندس زمين جي پلاٽننگ ڪري مير ڪالوني ۽ سهيل ٽائون وغيره رهائشي منصوبا جوڙيا ويا.
منهنجي گهر جي سامهون وارو گهر جيڪو گل خان آفريدي جو هو، سو تُرت سيٽمبر 1996ع ڌاري جُڙي راس ٿيو. ۽ گهر واسي جيڪي زال مڙس ٻِن پُٽن ۽ ٻن ڌيئرن تي مشتمل هئا. سي اچي رهيا يعني هاڻي مونکي به اوڙو پاڙو ملي ويو.
هي سال مان سمجهان ٿي ته منهنجي زندگي ۽ مون سان لاڳاپيل خوني رشتن جي زندگين ۾ تبديلي جو سال هو. منهنجي رت جي رشتن مان منهنجي ڀيڻ ممتاز ڪافي عرصي کان پوءِ سونو ۽سارا کي وٺي پنهجي وَرَ اظهر قريشي سميت پاڪستان آئي. ۽ منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر انور کي راضي ڪري ڇڏيائين جيڪو ڪافي عرصي کان شادي لاءِ هاڪاري نه هو. تنهن به هاڻي سمجهو هو ته زندگي ۾ جيون ساٿي جو هجڻ ضروري آهي.
”هي ته حقيقي زندگي آهي پر شطرنج جي راند ۾ به راڻي بادشاهه کي بچائيندي آهي“
هن جي رضامندي کان پوءِ منهنجي ڀيڻويي جي ڀاءُ ڊاڪٽر اعظم کي اِها ذميداري سونپيائون جنهن پنهنجي وڏي ڀيڻ جيڪا شهدادپور ۾ رهندي هئي، تنهن جي ڌيءَ سلميٰ جو سڱ گهريو جيڪو قبول پيو. هي گهراڻو قريشن جي ڏيپارجائي ”نُک“ مان هو. اهڙي طرح 1997ع جي پهرين تاريخن ۾ منهنجي ڀاءُ جو نڪاح ٿيو ۽ رُخصتي وري مارچ اپريل ڌاري رکي وئي. اهڙي طرح منهنجي ڀاءُ جو گهر آباد ٿيو، ۽ سال کان پوءِ مارچ 1998ع ڌاري منهنجي ڀا ءُکي رب پاڪ جي مهرباني سان دانيال ۽ دُعا نالي جاڙا ٻار پيدا ٿيا. پوءِ ته گهر جو رنگ ئي بدلجي ويو ڏاڍو چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. منهنجي ڀاڀي سلميٰ ماسٽرس ڪيل هڪ سُلجهيل ۽ عقل مند عورت آهي. گهرو ڪم ڪار ۾ ماهر ۽ سگهڙائپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، مذهبي رجحان رکندڙ پر موجوده زماني ۽ وقت جي حساب سان جديد خيالن ۽ فيشن جي پڻ حامي آهي. پر اجايو فيشن ۽ٽرڙائپ منجهس ڪانه آهي.
منهنجي قلم جي ڇِڪ يعني ڪشش وري پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ڏانهن وٺي پئي وڃي ته هتي وري هڪ لطيف ڊي ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو ويو هو. جنهن ۾ ميرپورخاص جيڪا هاڻي ڊويزن ٺهي چڪي هئي، تنهن جي سرواڻ ڊويزنل ڪمشنر امتياز قاضي کي گهرايو ويو هو. مهمان خاص جي حيثت ۾ انتهائي فضيلت وارو مهربان ۽ علم ادب جو شوق رکندڙ باذوق ماڻهو هو. هن کي اسان جي ستن سورمين وارو آئٽم ”سورٺ چنگ کي چوريندي ٻيجل جو سِرُ ڪوريندي.“ ڏاڍو وڻيو پروگرام هلندي ساڳي آئٽم کي وري ڏيکارڻ جي فرمائش ڪيائين، مون ڇوڪرين کي وري تيار ڪري ساڳيو ٽيبلو پيش ڪيو، جيڪو ڪنهن ڀارتي ڳائيڻي جو ڳايل هو. مهمان خصوصي پروين موسيٰ جي ڪيل تقرير جنهن جو عنوان هو. ”شاهه جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ لطافت“ تنهن جو ذرو ذرو هر سِٽ غور سان ٻُڌائين حميده ناز کيس جڏهن گُلن جا هار پارايا ته هن خود پائڻ جي بجاءِ حميده کي هيءُ چئي پارائي ڇڏيا ته:”توهان پروگرام کي ترتيب ڏيڻ لاءِ گهڻي محنت ڪئي آهي اصل حقدار توهان آهيو هنن گُلن جا.“
پروگرام جي پڄاڻي تي ڏاڍي سٺي تقريرڪندي چيائين ته مون اهڙو بهترين پروگرام اڳ ڪٿي نه ڏٺو آهي. هر ٽيبلو ۽ تقرير جون باريڪ ۽ سنهيون ڳالهيون اُجاگَر ڪيائين. آخر ۾ ڇوڪرين ۽ استادن کي گهڻا سارا انعام ۽ شيلڊون ڏئي 22 هزار روپيا شاگردياڻين ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيائين ۽ اُهي پئسا مون مس ڪاظمي کان چيڪ وسيلي وصول ڪري 22 ڇوڪرين ۾ ورهايا.
مئڊم ڪاظمي جيڪا هڪ مضبوط انتظامي سربراهه هئي هاڻي 1997ع ڌاري ريٽائرڊ ٿيڻ واري هئي، تنهن چئي ڇڏيو هو ته هاڻي مان توهان کي وڌيڪ فنگش ڪرائڻ جي تڪليف ڪانه ڏينديس. پر پوءِ به دِل ۾ هڪ ننڍو فنگش ڪرڻ جو خيال آيس. ۽ وري هن تائين اهي رپوٽون پهچنديون هيون. ته هي سنڌي اردو ڊپارٽمنٽ واريون خاص طور تي ۽ ٻين ڊپارٽمنٽ واريون عام طور تي چونديون وتن ٿيون اسان هيڏو ڪم ڪيون ٿيون، پر ڪڏهن به حوصله افزائي ڪانه ٿي ٿئي. مئڊم ڪاظمي انهيءَ وقت جي ڊاريڪٽر ڪاليجز کي هڪڙي ننڍڙي فنگش ڏيکارڻ جي دعوت ڏنائين. انهيءَ جو نالو مونکان وِسري ويو آهي. باقي ذات رضوي هيس. جيڪو پنهنجي فيملي سميت آيو ڪلاسيڪل آئٽم ڏِسي ڏاڍو خوش ٿيو. انهيءَ جي هٿان اسان کي شيلڊز به ڏياريون ويون جيڪي مون وٽ ڪيمرا جي اک سان محفوظ ٿيل آهن.
انهيءَ پروگرام لاءِ هڪ ڏينهن مونکي اڪيلائي ۾ سڏائي چيائين ته ڪو اردو گانو مونکي ڏس شاهه لطيف جي ڪنهن سُر (راڳڻي) مان ڳايل هجي.” مون سوچي سوچي”اگ ڪا درياءَ“ فلم جيڪا قرة العين حيدر جي ناول آگ ڪا دريا تي ٺهيل هئي. ۽ انهيءَ جو هي مشهور گانو جوش مليح آبادي جو لِکيل هو.
من جا من جا بالم من جا“
۽ اهو سر ڪوهياري ۾ ڳايو ويو هو. تنهن جي باري ۾ ٻُڌايو پر پوءِ الائي ڇو ارادو ۽ خيال تبديل ڪري ڇڏيائين، شايد کيس اِهو ڪلام اسٽيج جي تقاضائن ۽ ضرورتن سان ٺهڪندڙ نه لڳو.“
ڊسمبر ڌاري مئڊم ڪاظمي جو سونهري دور ختم ٿيوجنهن بلڪل نوجواني ۾ ميرپورخاص اچي هن اداري جو بنياد رکيو هو ٿرپارڪر کي نياڻين جي تعليم ۾ اڳ ڀرو ڪيائين هن جي الودائي پارٽي جيڪو هڪ لنچ هو. شايان شان نموني سان ڪئي وئي هئي؟ پاڻ الودائي تقرير ۾ ڳوڙها ڳاڙي ويٺي ۽ چيائين.
”مون پنهنجي ڪابه فيملي نه ٺاهي (ڇاڪاڻ ته پاڻ سڄي حياتي غير شادي شده رهي) پنهنجي رت جا رشتا ماءُ ، ڀائر ، ڀيڻ ، ڪراچي ۾ ڇڏي ٿرپارڪر جا وڻ وسايا هئائين. ۽ميرپور خاص ۾ نياڻين جي لاءِ اعلى پايي جو ادارو قائم ڪيو هئائين.“
اسانکي به سندس وڃڻ جو افسوس ٿيو پر ڪري به ڇا ٿي سگهياسين اهيا رٽائيمنٽ به نوڪري ۽ زندگي جو حصو آهي. اوس ته ٿيڻي آهي پاڻ عارضي طور يعني نئين پرنسپال اچڻ تائين مئڊم اقبال ڏيٿو کي چارج ڏنائين. جيڪا هن ڪاليج ۾ باٽني جي پروفيسر هئي ۽ گهڻو عرصو ئڊم ڪاظمي سان گڏ رهي هئي.
۽ ڪافي سکيا به ورتي هئائين باقي نوڪري جي حساب سان ثريا خليل قريشي ۽ مئڊم تنوير صديقي سينيئر هيون، انتظامي صلاحيتون پهرين نمبر تي مئڊم اقبال ڏيٿو ۾ موجود هيون. هي دور 1998ع وارو هو مئڊم اقبال پنهنجي طرفان اسٽاف کي نئون ٽائيم ٺاهي ان تي عمل ڪرڻ جو پابند ڪيو هو. ۽ڪجهه نيون اصلاحات به ڪيون هئائين شايد فيبروري 1998ع جي وچ ڌاري نرتڪي ببلي کي ڊي سي شاذر شمون طرفان زخمي ڪرڻ وارو واقعو پيش آيو. جنهن ۾ هو پاڻ ۽ ٻيا عملدار معطل ٿيا هئا. جيتوڻيڪ اِهو واقعو ميرپور خاص ۾ پيش نه آيو هو پر انهي جي پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ايتري ته تيزي سان تشهير ڪري پنهنجي فرض ادائگي جو ثبوت ڏنو جو سنڌ حڪومت حَرڪت ۾ اچي وئي انهن ماڻهن کي نوڪرين تان هٽائي گل محمد عمراڻي صاحب کي جيڪو ڪمشنر هو. تنهن کي تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو منهنجي طرفان اِهو لکڻ جو مقصد فقط اِهو آهي ته هڪ ناپسنديده واقعي ميرپور خاص جي تعليمي ادارن ۽ خاص طور تي نياڻين جي تعليم ادارن ۾ هڪ خوف ۽بي يقيني واري ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي هئي. شاگردياڻين جي حاضري ڪجهه وقت لاءِ تمام گهٽ ٿي وئي هئي.
”اِها انساني فطرت آهي ته هو ماحول ۾ ڪا منفي سوچ يا قدم ڏسي يڪدم خوف ۾ وٺجي ويندوآهي. هتي به ڪجهه ائين ٿيو هو ۽ ٿيڻ به گهرجي ها. ضلعي جو وڏو آفيسر جيڪو ضلعي جو رکپال هجي اهڙن معاملن ۾ ملوث ٿي وڃي ته پوءِ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڇا چئجي!؟ هتي عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جي هڪ پيش گوئي سچائي جي گواهي ڏئي ٿي ته:
”راجا راڪاس ٿيندا، گولا پيئندا گيهه“
ڪجهه وقت کان پوءِ وري حالتون نارمل ٿي ويون ۽ مونکي خبر ناهي ته انڪواري جو ڪهڙو نتيجو نڪتو بهرحال اسانجي ابن رشد گرلس ڪاليج ۾ انهي عرصي دوران ڪوبه پروگرام (فنگش) ڪونه ٿيو.“
مئڊم ثريا قريشي جيڪا انهي وقت ڪاليج ۾ سڀني کان سينئر استاد هئي. سا پرنسپال جي چارج نه ملڻ سبب ڪافي ناراض هئي.
ماسٽر رول ۾ سهي (سگنيچر) ڪرڻ بجاءِ ننڍي اسٽاف روم جي اولهه پاسي واري ڀت تي سهي ڪندي هئي ۽ جڏهن موڪل تي هوندي هئي ته پاڻ ئي پنهنجي موڪل (سي ايل) لڳائيندي هئي.
پنهنجي اصولن ۽ غير لچڪدار سوچ سبب هر ڪنهن سان اٽڪي پئي هوندي هئي. ٻڌائيندي هئي ته لاڙڪاڻي گرلس ڪاليج ۾ نوڪري دوران ڪوبه نئون ديرو پولنگ اسٽيشن تي وڃي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو پر مون اُتي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڊيوٽي ڪئي ۽ ڏاڍي دٻدٻي سان ڪئي.
بالا آخرمئڊم ڪاظمي جي ريٽائرمنٽ کان ڇهه مهينا پوءِ ريٽائرمينٽ تي پهتي، انهيءَ ڪاوَڙ سبب هن اسٽاف کان الودائي پارٽي قبول نه ڪئي.
مُلڪي سياست ۾ ته ڪرسي ليڊر کي ڪيتري پياري آهي اِهو ته مان صدر ايوب جي دؤر کان ڏِسندي پئي اچان پر ڪاليج ۾ ڪرسي لاءِ اِها جنگ مون پنهنجن اکين سان ڏِٺي.
مئڊم اقبال اڃان پير مس ڄمايا هئا ۽ سُٺي انتظامي صلاحيتون ڏيکاري رهي هئي، ته مئڊم تنوير صديقي پنهنجي همٿ سان پرنسپال جو آرڊر وٺي آئي ۽ مئڊم اقبال وري پنهنجي ڊپارٽمنٽ ۾ باٽني وارو سبجيڪٽ پڙهائڻ ۾ مصروف ٿي وئي. ۽ اِهو عرصو خاموش خاموش ۽ پريشان رهي سادي طبيعت رکندڙ مئڊم تنوير صديقي ماضي ۾ منهنجي اڪنامڪس جي استاد رهي چڪي هئي. يادگيري ڏاڍي پڪي هيس ياداشت محفوظ هيس هر ڪنهن کي وڏي فخر سان ٻڌائيندي هئي ته مان به سندس سٺين شاگردياڻين مان هيس.
هڪ ڀيرو سندس دور ۾ تعليم کاتي ۾ ڪاليجي استادن جي ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي انهيءَ ۾ ڪاليجي استادن کي سيڪينڊري اسڪولن ۾ وڃي اُتان جي استادن جي ڪارڪردگي جانچڻ ۽ اسڪول جي ٻين معاملن جي جانچ وغيره ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو هو.
مان انهن ڏينهن بيمار ٿي پئي هيس اِها ڊيوٽي ڪانه ڪري سگهي هيس، انهيءَ دوران ڊاريڪٽر ڪاليجز رضوي صاحب هڪ ميٽنگ دوران کيس چيو ته تون هن (نورالصباح) لاءِ شوڪاز ڪڍ ته آئون اُنهيءَ تي ڪارروائي ڪيان. پر مئڊم تنوير کيس کُـٿو جواب ڏيندي چيو: ”میں اپنی اچھی شاگرد اور ڈیوٹی فل پروفیسر کے لیئے ایسا کوئی شوکاز نہیں نکالونگی ، ہم ایسے کام نہیں کرتے۔“
پنهنجي آفيسر طرفان اهڙا ريمارڪس جيڪي اُتي ويٺلن سڀني ڊي، اوز، ۽ ايس، ڊي، اوز ٻُڌا حيران ٿي هن کي ڏِسڻ لڳا. مونکي ٻئي ڏينهن اِها ڳالهه آپا زبيده ريشمان جيڪا مونکي ڏِسڻ لاءِ اسان جي گهر آئي، تنهن ٻُڌائي پاڻ انهيءَ وقت ايس ڊي او اسڪولز هئي، تڏهن مان سوچڻ لڳي هيس ته: ”ڪي استاد به ڪيترا نه همدرد ۽ انسان شناس هوندا آهن.“ مان انهيءَ سبب سندس واکاڻ نٿي ڪريان ته هِن مونکي هڪ مشڪل گهڙي ۾ ساٿ ڏئي بچايو هو.
پر هو پيارو دل رکندڙ هڏ ڏوکي آفيسر هئي.

چڱا ڪن چڱايون، مدايون مٺن،
جو وڙ جُڙي جنسين، سو وڙ سي ئي ڪن،

ڪجهه عرصي بعد مئڊم تنوير بدلي ٿي سانگهڙ گرلز ڪاليج هلي وئي، مئڊم اقبال ڏيٿو وري پرنسپال ٺهي وئي. اِهو مارچ 1999ع جو واقعو هو. مئڊم اقبال ۾ معاملا فهمي دور انديشي ۽ پر اعتمادي گهڻي حد تائين موجود هئي ۽ سمورو اسٽاف هن منجهان ڏاڍو مطمئن ۽ خوش هو وقت جي پابندي جي قائل هئي.
”هڪ ڀيرو يونيورسٽي جا امتحان هلي رهيا هئا ته ڪجهه پروفيسرن امتحاني بلاڪن ۾ انويجيليٽر جي ڊيوٽي ٿي ڪئي تن جا سگنيچر مسٽر رول ۾ موجود هئا، باقي عملي کي منجهند جو ٻارهين وڳي کان پوءِ سگنيچر ڪرڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. تِن جا سگنيچر موجود ڪونه هئا، ته هنن فوجين ڳالهائڻ شروع ڪيو.
’’اتنے لوگ غیر حاضر ہیں وغیرہ وغیرہ‘‘
مئڊم اقبال ڪاوڙجي پئي ۽ چيائين ته هتي قلم 144لڳل آهي، توهان هِتي ڇو آيا آهيو هِتان هليا وڃون، اسان وٽ تعليم کاتي جون ٽيمون اچي پاڻ چيڪنگ ڪنديون ۽ هو ماٺ ڪري اُتان هليا ويا.
مئڊم اقبال 2002ع ڌاري نوڪري تان ريٽائرمنٽ تي پهتي پر اِها ڳالهه اڳواٽ گهڻو آئوٽ ڪانه ڪيائين هڪ ڏينهن شام جي وقت فزڪس ڊپارٽمنٽ جي هيڊ سهيلا بخاري کي گهرائي چارج ڏيئي پاڻ گهر رواني ٿي. ڪجهه وقت سهيلا بخاري عارضي طور ڪم هلايو ايتري ۾ وري تنوير صديقي فيبروري 2002ع ۾ ٻيهر بدلي ڪرائي هتي جي پرنسپال ٿي آئي جيڪا اپريل 2008ع تائين پرنسپال رهي. سندس ٻيو دؤر به حسبِ معمول رهيو. سندس دؤر ۾ هڪڙو لطيف ڊي ٿيو، جنهن جو مهمان خصوصي صادق حسين ڀٽي ڊي او ڪاليجز هو. مئڊم تنوير کي ريٽائرمنٽ تي هڪ بهترين الودائي پارٽي (لنچ ) ڏنوسين، جنهن ۾ ڊاريڪٽر آفيس جا سڀ عملدار ۽ ٻين ڪاليجن جا پرنسپال جن جو تعلق ميرپور خاص ڊويزن جي مختلف ڪاليجن سان هو. اهي شريڪ ٿيا، پاڻ پنهنجي آخري تقرير ۾ تمام سادگي سان چيائين ته:
”مون کي خبر ڪانه هئي ته منهنجو اسٽاف مون سان ايترو پيار ڪندڙ آهي ۽ منهنجي لاءِ ايترو اهتمام ڪيو ويندو.“
خير اِها سندس ذاتي راءِ ۽ اندازو هو، پر هن ڪاليج ۾ اسان وٽ ايڪي ۽ ٻڌي جو ماحول هو. ڪڏهن ڪنهن جي ڪنهن سان تلخي ٿي ويندي هئي ته اها وساري ڪجهه عرصي بعد کير کنڊ ٿي وينديون هيون.
انسان جي پنهنجي خالق ۽ مالڪ حقيقي سان محبت ۽ انهيءَ جي در تائين رسائي هڪ پوتر جذبو آهي ۽ ”وقت ڪنهن به شئي لاءِ ايستائين مرهم ثابت نٿو ٿئي جيستائين توهان انهيءَ سان گڏ نٿا هلو.“
سو رب پاڪ طرفان منهنجي اندر ۾ به 2004ع کان وٺي 2005ع دوران ڀلاري پار وڃڻ ۽ حج ادا ڪرڻ جي خواهش پيدا ٿي ۽ ڪيترا ڏينهن ساندهه انهي تي سوچيندي رهيس جيترو سوچيندي هئس اها خواهش اڃان وڌندي ٿي وئي اندر مان آواز ٿي آيو ته:
” هَلُ هينئن سين هوت ڏي !“
چوندا آهن ته وڌيڪ سوچڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ وڌيڪ سوچڻ سان فيصلا ڪمزور ٿيندا آهن منهنجي اندر ۾ جيڪا آنڌ مانڌ ٿي رهي هئي انهي تي عملي جامو پهرائڻ لاءِ جستجو ڪرڻ لڳس.
سڪين ڪُھُ سلام کي، ڪرين ڪُھُ نه سلام!
ٻيا دَر تِن حرام، اِي دَر جنين ديکيو،
سو مون به هڪ ڏينهن دِل ٻڌي پنهنجي گهر واري سائين ڏنو نهڙي صاحب سان انهيءَ خواهش جو اظهار ڪيو تنهن پهريان ته منهنجي انهي خواهش کي ڪا خاص اهميت ڪانه ڏني چيائين ته ”پوءِ سوچينداسين“
منهنجي بار بار چوڻ تي نيم رضامندي ڏيکاريندي چيائين: ”اگر پئسا هجنئي ته کڻي پاڻ به حج ادا ڪرڻ هلون ٿا.“
مون جڏهن پنهنجي پگهار مان بچايل رقم جو ڪاٿو لڳايو ته اِها ٻن ماڻهن جي حج لاءِ نا ڪافي محسوس ٿي، سو اِهو پروگرام مون ٻن سالن لاءِ نه چاهيندي به ملتوي ڪري ڇڏيو ته آئنده سال اگر پئسا جمع ٿيا ته پوءِ وينداسين ڇو ته ٻه سال اڳ هڪ گاڏي خريد ڪئي هئي ۽ سموري جمع پونجي انهيءَ تي خرچ ٿي وئي هئي.
سو مون پنهنجي دِل کي آتٿ ڏيندي اِها خواهش ڪجهه عرصي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي ۽ سن 2006ع ۾ حج جو ارادو ڪيم ”رب پاڪ وٽ فيصلا به نيتن تي ٿيند آهن“
منهنجي نيت صاف هئي سرڪاري اسڪيم ۾ کڻي فارم ڀرايم مونکي يقين ڇا بلڪه پڪ هئي ته قرعه اندازي ۾ منهنجو نالو ضرور ايندو. ٿيو به ايئن ۽ مون ڀلاري پار وڃڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون. انهيءَ وقت مان ابن رشد گرلز ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هيس، پاڪستاني دستور مطابق مونکي به 45 ڏينهن جي موڪل منظور ڪرائڻ ۾ ڪاغذي ڪارروائي جي هڪ ڊگهي طريقيڪار مان گذرڻو پيو، انهيءَ وقت ميرپورخاص ڊويزن جي ڪاليجن جو ريجنل مينئجرحاجي خان راهو صاحب هو، تنهن ته هڪ ڏينهن ۾ درخواست فارورڊ ڪري ڏني، هاڻي ڪراچي جي سنڌ سيڪٽريٽ وارو مرحلو ڊيگهه ڪيو بيٺو هو. اوچتو سيڪريٽري تعليم سڀاڳو خان جتوئي، ڪڏهن موڪل تي ڪڏهن آفيس ۾ هڪ اڌ ڏينهن آفيس ۾ موجود وري غير موجود. الله پاڪ کان دعائون گهري نيٺ حج جي روانگي جي تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ موڪل منظور ٿي. هوڏانهن منهنجي ڪاليج جون ساٿياڻيون اِها خبر ٻُڌي خوشي ۾ نه پئي ماپيون، انهن وري فري پيرڊ ۾ ويهي نعتون جيڪي ڀلاري پار وڃڻ جي خوش خبري ڏئي رهيون هيون سي ڳائڻ شروع ڪيون.
”پیغام صبا لائی ہے دربار نبی سے، آیا ہے بلاوا مجھے دربار نبی سے“
”درلا مکان سے طلب ہوئی!“
”شاہی مدینہ، یثرب کے والی، تیری در کے سوالی“
سي ڳائڻ شروع ڪيا جن جا آواز سٺا هئا مثلا مرحومه عابده رحمان سعيده بخاري ۽نسرين صوفي وغيره تن جا آواز پرنسپال آفيس تائين پهتا (انهي وقت مئڊم تنوير جو ٻيو دور هو )پاڻ اچي چيائين ته نعتون ڀلي ڳايو پر اسٽاف روم جو دروازو بند رکو. آواز ٻاهر ٿو اچي ڪلاس ڊسٽرب ٿيندا سو اِهو سلسلو ٻه ٽي ڏينهن جاري رهيو. ۽ مان هتان رليو ٿي شام جو ڪراچي ڏانهن رواني ٿيس منهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر انور۽ ڀاڀي سلمى ٻارن سميت وڏي گاڏي کڻي مون وٽ پهتا هئا. ۽ حيدرآباد ۾ دعا ۽ دانيال کي سندس ماسي جي گهر ڇڏي شاهه ويز جيڪو انهي وقت ننڍو هو تنهن کي ساڻ ڪري ڪراچي روانا ٿياسين ۽ ايئرپورٽ جي ڀرسان هڪ هوٽل ۾ ترسي پياسين ڇاڪاڻ ته اسانکي سعودي ايئرلائنز ذريعي صبح جو 8 بجي روانو ٿيڻو هو. ۽ ايئرپورٽ ٻه ڪلاڪ اڳ پهچڻو هو. بهرحال سفر جي دعا سان هوائي جهاز جي هي سفر شروع ٿيو ”سُبْحٰنَ الَّذِيْ سَخَّرَ لَنَا هٰذَا وَ مَا كُنَّا“
سوا ٻه ڪلاڪن بعد اسان حاجين لاءِ ٺهيل جده ايئرپورٽ تي موجود هئاسين اتي ڪافي دير ويهڻ کانپوءِ بسن جي واري اچڻ تي اتي ويهاريو ويو. هر ڪنهن کي سندس نالي سان پڪاري بس ۾ ويهاريو ويو. ۽ مڪي شريف پهچايو ويو. اسانجي رهائش واري علائقي جونالو ”شعيب عامر “ هو.
هي علائقو مروه پهاڙ جي ويجهو هو ۽ مڪي جي پُراڻن پاڙن مان هڪ هو پر هتي زندگي جي سڀڪا ضرورت ۽ سهولت موجود هئي. هي بلڊنگ ڇهه ماڙ هئي ۽ جبل مٿان ٺهيل هئي، بلڪه گرائونڊ فلور جبل ڪاٽي ٺاهيو ويو هو، اُتي سامان ڪمري ۾ ڇڏي ڪعبة الله ۾ پهريون عمرو ڪرڻ لاءِ روانو ٿياسين. ڪعبي کي ڏِسندي ۽ پهرين نظر پوندي ”مان ته ڪنهن ٻي ڪيفيت ۾ اچي وئي هيس، سمجهه ۾ نٿي آيو ته خوشي آهي، ڊپ آهي ، يا ٻيو ڪجهه جهڙوڪر لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويو هو.“
خير سان ڪعبة الله کي ست چڪر ڏئي صفا ۽ مروه کي سعي ڪري، سائين ڏنو صاحب وارَ ڪوڙائي گنجو ٿي ويو. مون پنهنجي چوٽي مان ڪجهه وار پنهنجي ميرپور خاص کان رفيق سفر اسمائيل ڀائي جي زال صغرا بي بي کان ڪٽايا هئا عمري جي ادائگي کانپوءِ هڪ هوٽل مان ماني کائي ڪمري ۾ اچي آرامي ٿياسين. مڪي ۾ اسان وڌيڪ ٽائيم رهياسين مديني پاڪ جو عرصو 8 ڏينهن هو. اسان سان گڏ ڪراچي مان حسن شاهه راشدي پير علي محمد راشدي جو پُٽ، سندس ٻه گهرواريون، ڀيڻ شمع راشدي ۽ هڪ ننهن گڏ هئي، ۽ ڪراچي جي هڪ اردو ڳالهائيندڙ فيملي ساجد وارن جي به هئي جيڪو اٽامڪ انرجي ڪراچي ۾ انجنيئر هو. جنهن جو ننڍڙو پٽ به گڏ هو.قصو مختصر مديني رهڻ ۾ به هڪ سٺو مشاهدو هو ۽ نبي پاڪ جي رحمت العالمين هئڻ جي گواهي ۽ساک اسانکي خوشي ۾ نهال ڪري ڇڏيو هو هتي صبح سوير پهچڻ شرط ٿڌ جو احساس ٿيو جيڪو مڪي ۾ ڪو نه هو مون محسوس ڪيو ته هتي ماڻهن خريداري به گهڻي ڪئي هئي.
چون پيا ته هتي جا دڪانن وارا ٿڌي دماغ جا آهن، اسان پاڻ کجور پڻ هتان جي رهائشي سنڌي دڪاندار جيڪو ذات جو شر هو، تنهن کان ورتي هئي.
رياض الجنة، جنة البقيع، مديني ۾ احد جي پهاڙن تي حضرت حمزه جو مزار، مسجد قبا مسجد ذوالحليفه مسجد قِبِلَتين تاريخي جايون هيون. مديني مان موٽي مڪي آياسين جتي 8 ذوالحج جي شام اسانکي منيٰ جي ميدان ۾ ٺهيل خيمن ۾ پهچايو ويو، ۽ 9 ذوالحج جي صبح جو سوير ميدان عرفات ۾ پهچايو ويو.
جتي جبل رحمت سامهون هو جنهن تي بيهي رسول پاڪ خطبة االوداع جو خطبو فرمايو هو. اِهو ڏينهن جمع جو هو يعني هن سال جو حج اڪبر اسانکي نصيب ٿيو هو، عرفات جي ميدان مان ٽپهري جي نماز پڙهي مغرب کان اڳ مذدلفه ڏانهن روانگي هئي ڇاڪاڻ ته اتي مغرب ۽ عشاءَ جي نماز گڏ ادا ڪرڻي هوندي آهي.هتي بسون ڏاڍيون آهستي آهستي هلي رهيون هيون. پوءِاسان انهي مان لهي پنڌ ئي پنڌ مذدلفه پهچي وياسين. ۽ نمازن جي ادائگي ڪئي سين ۽ پوءِ وري فجر جي نماز جي ادائگي ڪري منيٰ واري تنبو ۾ واپس آياسين ٽئين ڏينهن يعني ڏهين ذوالحج تي وڏي شيطان يعني جمرءَ عقبه کي پٿريون هنيوسين هي اها جاءِ آهي جتي حضرت ابراهيم کي
شيطان انسان جي شڪل ۾ نظر آيو هو. ۽ کيس برغلائڻ جي ڪوشش ڪيائين پاڻ کيس ست پٿريون هڻي ڀڄايو هئائين. انهي کان پوءِ قرباني جيڪو حج جو اهم فرض آهي سو ادا ڪيوسين. پوءِ طواف زيارت جيڪو به حج جي فرض مان هڪ آهي تنهنجي ادائگي ڪرڻ لاءِ مڪي شريف روانا ٿياسين اتي بي انتها رش هئي. رات جو اڍائي بجي ڌاري طواف زيارت ادا ڪيوسين. ۽ وري صبح جو منيٰ موٽي آياسين. ۽ اچي ٽنهي شيطانن جي رَمي ڪئي سين اِهو 11 ذواالحج جو ڏينهن هو وري 12 ذوالحج تي ٽنهي شيطانن جي رَمي ڪري مڪي شريف پنهنجي رهائشگاهه تي موٽي آياسين ۽ باقاعده روزانه مسجدالحرام ۾ نماز جي ادائگي ڪرڻ ويندا هئاسين آخر واپسي جو ڏينهن به اچي ويو ۽ طواف وداع لاءِ خانه ڪعبه واياسين قدرت رب پاڪ جي رات جو رحمت باران شروع ٿي وئي ۽ ڪعبة الله جي ڇت جو نيسارو اسان وهندي ڏٺو ۽ ڪيترائي ڪلاڪ هتي ويٺا رهياسين ڪم ڪرڻ وارو عملو موجود هو جيڪو ننڍڙين گاڏين وسيلي فرش کي پوچو هڻي سڪائي رهيو هو. انهن ڏينهن مونکي گَلي جي انفيڪشن سبب تيز بخارهو. ڏينهن جي وقت پاڪستان هائوس مان چيڪ اپ ڪرائي آئي هيس وڏي پروسيجن مان گذارڻ کانپوءِ چيائون ساڳيون دوائون کائو جيڪي توهان پاڪستان مان آنديون آهن“
رب پاڪ مونکي ايتري طاقت ڏني جو مان طواف وداع پنهنجي پيرن سان ڪري سگهيس ٻئي ڏينهن صبح جو مڪي کان جده ايئرپورٽ پهچي هوائي جهاز وسيلي ڪراچي پهتاسين.جتي ننڍڙو شاهه ويز پنهنجي ابي امان سان گڏ هار کنيو استقبال لاءِ موجود هو.اسان پاڪستان پهتاسين ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ محرالحرام جو مهينو شروع ٿي ويو هن سال يعني 2007۾ سانوڻي جون برساتون چڱيون ٿيون ۽لاڀائيتيو ٿيون. جنهن ٿر جي ريگستان کي گلزار بڻائي ڇڏيو هو منهنجي ڀاءُ جي ٻارن يعني فيملي سان گڏ ٿر گهمڻ وياسين جتي پهرين منزل مٺي جو شهر هومنهنجي گهر واري جي نوڪري تن ڏينهن مٺي ۾ هئي. اسان سندس دوست جي گهر ٿوري دير ترسي چانهن وغيره پي ننگرپارڪر ڏانهن روانا ٿياسين جتي جين مذهب وارن جا مندر ڏٺاسين اتي هر هنڌ مقامي ڳائڻا راڳ جو سامان رکي ڳائڻ ۾ مصروف هئا. اتي هڪ مندر ٻاهران هڪ کڏ هئي جيڪا بند هئي. تنهن بابت اتان جي مقامي ماڻهن ٻڌايو ته: ”هيءِ سرنگ هئي جيڪا جيسلمير تائين ويندي هئي“
پوءِ ننگرپارڪر جي سرڪاري اسپتال گهمڻ وياسين جيڪا هڪ صاف سٿري ۽ بهترين اسپتال هئي. پر منجهس وڇايل صاف سٿرن بسترن تي ڪوبه مريض ستل نه هوبلڪه ٻاهر هڪ مريض ستل هو جيڪو کٽ تي پيل هو ۽هن کي ٻانهن ۾ ڊرپ لڳل هئي. جيڪا وڻ جي ٽاري ۾ ٽنگيل هئي. تنهن کان پوءِ ڪاسبي جي ڳوٺ ۾ آياسين جيڪو هڪ بهترين ڳوٺ هو. جنهن ۾ جديد دور جون سهولتون موجود هيون. ٽيوب ويل هلي رهيا هئا چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ هئي.چوپايو مال چرندي نظر آيو ٿي بقول اياز ته:
وري آوڻ فوٽ، مهڪايو ملير کي،
تنهنجي من ۾ کوٽ تنهنجي اک ۾ ڪوئلو.

يعني قدرت جي هن کليل عجائب گهر پنهنجا نظارا ٿي ڏيکاريا، ٿر جي هن سير ۾ اسان ڀوڏيسر جي مسجد به ڏسڻ وياسين، جتي اسان ڪيترائي فوٽو ڪڍي هن تاريخ جاءِ کي ڪيمئرا جي اک سان محفوظ ڪيو هو. هن مسجد جي ڀرسان سانگاهه جو پڪو تلاءَ به هو. اسان کي گاڏي جو لوڪل ڊرائيور ڪارونجهر جبل ڏيکارڻ ويو. هي عاليشان جبل اوچا ڳاٽ ڪيو پنهنجي عظمت جي ساک ڏئي رهيو هو.
”انگريزن کي سڄي هندستان ۾ اهڙي بغاوت ۽ ڪارونجهر جبل جهڙي ڏکي جنگ ڪٿي به وڙهڻي ڪانه پئي. هِتان جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ڪيپٽن تروٽ کي جڏهن چارلس نيپئر جو دٻنامو آيو ته جواب ۾ صرف ايترو لِکي موڪليائين ته مونکي افسوس آهي. اسين هتي ماڻهن سان نه پر ٻرندڙ آتش فشان سان وڙهي رهيا آهيون. ڪيپٽن تروٽ کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته راڻن ڪولهين کي ڪهڙي طرح قابو ڪجي.“
(علي بابا ڪارونجهر جو قيدي)
انگريزن سان وڙهندڙ ڪولهي وسندڙ برسات ۾ گوليون وسائيندا هئا. ۽ وري ڪارونجهر جي اونڌائن پورن ۾ گم ٿي ويندا هئا، رات هجي يا ڏينهن ڪارونجهر اندر ڪير گهڙي!؟
شام جو وري مٺي شهر موٽي آياسين، جتي گِڊي ڀِٽَ جو نظارو پسيوسين ۽ پوءِ ميرپور خاص ڏانهن واپس ورياسين.سن 2007 ڌاري منهنجا ڀاءُ ۽ ڀاڀي حج تي روانا ٿيا سندن ٻارمون وٽ هئا. بلڪ مان سندن گهر ۾ رهيل هيس هتي وري پاڪستان ۾ اليڪشن جي گهماگهمي هئي. 27 ڊسمبر تي بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. پوءِچوندون جن جي تاريخ 8 جنوري 2008 هئي سا وڌائي 18 فيبروري مقرر ڪئي وئي.
منهنجي نوڪري جي دور جون به ساٿياڻيون جن مان هڪ جو نالوعابده رحمان هو سا فيبروري دوران گذاري وئي بلڊ ڪينسر جي مرض ۾ ورتل هي هردلعزيز استاد 3 فيبروري تي آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي جي جنگ هارائي وئي. هو هڪ سٺو سڀا رکندڙ سڀني جي جيڏل هئي. هر وقت ٽهڪ ڀوڳ چرچا کل خوشيون سندس شخصيت جو حصو هيون. 4 فيبر وري 2008 تي سندس تدفين ٿي پاڻ نه وسرندڙ شخصيت هئي.
سدا ياد هوندا، سي ڪيئن وسري سگهندا
ڳالهيون ڳڻي تن جون، ڳوڙها اکين تري ايندا

هن ڀيري مان اليڪشن جي ڊيوٽي کان آجي ٿي وئي هيس اِهو به هڪ عجيب اتفاق هو نه ته هر اليڪشن چاهي اهو سالانه هجي، غير جانبدارنه هجي، يا منصفانه منهنجي ڊيوٽي ضرور لڳندي هئي. بلڪه منهنجي ريٽائرمنٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ 2013ع ۾ جيڪا الڪشن ٿي انهي ۾ به مون گورنمنٽ رابعه بصري هاءِ اسڪول ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جي ڊيوٽي ڏني اهڙي طرح ميرپورخاص شهر جي ڪابه پولنگ اسٽيشن اهڙي نه هئي جتي مون ڊيوٽي نه ڪئي هجي.
هاڻي مان وري ڪاليج جي نوڪري اتان جي حالتن بابت احوال اوريندس ته مئڊم تنوير جي ريٽائرمنٽ کان پوءِ مئڊم سهيله بخاري پرنسپال ٺهي آئي هئي. هي هڪ روشن خيال محنتي ۽اسٽاف کان سٺي نموني ڪم وٺڻ ۾ قابل هئي سندس واسطو ساماري جي زميندار سيد گهراڻي سان هو.
پاڻ نوڪري سانگي دادو ۽ لاڙڪاڻي ڪاليج ۾ رهي آئي هئي، ڀٽي واري دؤر جون لاڙڪاڻي جون ساروڻيون تمام سُٺيون هيس ۽ اڪثر ٻڌائيندي هئي. پاڻ وري هڪ نئين طريقي سان ڪاليج جو انتظام هلايائين.
جنهن جي اسانکي توقع ڪانه هئي گهٽ ڳالهائيندڙ ۽ نرمي سان ڳالهائيندڙ مئڊم سهيله ايڏي بربادي سان ۽ همت سان هي ڪاليج هلائي ويندي. مئڊم سهيله انهن ڏينهن سيٽلائيٽ ٽائون ميرپور خاص جي علائقن ۾ رهندي هئي.ڪنهن ڳالهه تي هرو ڀرو گهڻو پريشان ڪونه ٿيندي هئي.

”ڏئي توڪل تڪيو ، آر لنگهيا اسان“

مئڊم سهيله جو دور فنگش ۽ غير نصابي سرگرمين سان ڀرپور رهيو. جنهن ۾ سائنسي ميلا ،بحث مباحثا، ٽيبلوز راڳ رنگ جا پروگرام ثقافتي ڏهاڙي کي شاندار نموني ملهائڻ سندس مزاج ۽ طبيعت مطابق هئا. پاڻ هڪ صوفياڻو مزاج رکندڙ عورت هئي هر فنگش ۾ سنڌ جي صوفين جي اهيا ڳالهه ضرورت ڪندي هئي ته ”سنڌ جو صوفي تعصب سان هر هنڌ مهاڏو اٽڪائي پوءِ سرخرو ٿيوآهي.“
يعني انهي ڳالهه جو اظهار ته:
” صوفي ڌوئي صاف ڪيو ، ورق وجود جو“

مئڊم سهيله جي دور ۾ منهنجو پهريون فنگش جيڪو هو سو ضلعي ناظمه صغران جوڻيجو کي هڪ عيد ملن پارٽي هو. جنهن ۾ ٿورو حصو رنگين ٽيبلوز تي مشتمل اردو سنڌي پروگرام هو جيڪو مون سنڌي حصي کي صرف ۽صرف ٻن ڪلاڪن جي نوٽيس تي تيار ڪري پرفارم ڪرايو هو. جنهن ۾ هڪ ماروي سمون جو آئٽم:
” کڙي نيم، ڪي نيچي هو“
۽ ٻيو آئٽم سنڌ بابت
جيئي منهنجي سنڌ، مان ته گهوريان پنهنجي جند،
پنھنجي اباڻي وطن تان، اباڻي وطن تان سنڌ جي چمن تان.
جيڪو هڪ هندو ڇوڪري سنيه راٺوڙ پيش ڪيو هو تنهن کي مان گهران وڃي وٺي آئي هيس. انهي پرگرام شروع ٿيڻ کان ڪلاڪ اڳ ستاري ڪاٽن فيڪٽري وٽ هڪ پاڙو هو جتي مينگهواڙ ڪميونٽي آباد هئي سندس ماءُ مونکي چيو ته وٺي ته وڃينس ٿي پر پروگرام کان پوءِ پاڻ هن کي گهر ڇڏي وڃجان؟
سندن پيش ڪيل سنڌي آئٽم کي مهمان خصوصي صغران جوڻيجو جيڪا سابقِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي نياڻي آهي. تنهن گهڻو پسند ڪيو انهي وقت غلام رسول مهر صاحب اسان جو انچارج ريجنل ڊاريڪٽر هو. تنهن به هن ننڍڙي پروگرام کي پسند ڪيو هو.تن ڏينهن هڪ سائنسي ميلو زبيده ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيو. تنهن ۾ فزڪس ڊپارٽمنٽ جو تيار ڪيل ماڊل فرسٽ پرائز کڻي آيو ته مئڊم سهيله ڏاڍي خوش ٿي هئي.انهي کان پوءِ ٻيو وڏو پروگرام لطيف ڊي ۽ اقبال ڊي هئا پهرين ڏينهن اقبال ڊي جنهن جي انچارج ارجمند بانو هئي. هن ۾ هڪ ننڍڙو ٽيبلو ” انارڪلي “ کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو هو.سو پڻ پيش ڪيوويو هو. جنهن ۾ اڪبر بادشاهه کي هوا جهلڻ وارو پکو جيڪو خوبصورت مور جي پرن سان ٺهيل هو. سو مان کڻي وئي هيس هن پروگرام جو خاص مهمان عبدالعزيز پنهور صاحب ريجنل ڊاريڪٽر ڪاليجز ميرپور خاص هو ٻئي ڏينهن اسان جو سنڌي پروگرام لطيف ڊي هو جنهن جو مهمان خصوصي انهي وقت جو صوبائي وزير تعليم پير مظهرالحق صاحب هو هن پروگرام کي ميڊيا گهڻي ڪوريج ڏني پاڪستان جي گهڻن ئي ٽي وي ، چئنلن جا مائيڪ ريسٽورم تي لڳل هئا. هن پروگرام جي ابتدا ۾ شهيد محترم بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي ۽ ثواب خاطر دعا بخشي وئي ۽ هڪ ڪلام پارس مر ي ڳائي محفل تي وجد طاري ڪري ڇڏيو ” سنڌ جي نياڻي سنڌ کي رئائڙي وئي. موصوف کي اِهو ڪلام ڏاڍو وڻيو کيس انهي وقت 5000 (پنج هزار) روپين جو انعام ڏنائين پروگرام ۾ ڏاڍو رش هو.
کيس مون روايت موجب اجرڪ پارايو ۽ مئڊم سهيله کيس شيلڊ ڏني بلڪه هن پرگرام ۾ وزير موصوف سان گڏ آيل سڀني آفيسرن ٿر مان آيل ميمبر کي به شيلڊ ڏني وئي راڳ رنگ جو پراگرام مون هلايو هو. اسان جي هن پروگرام ۾ شاهه جون ستَ ئي سورميون وڏي جوش ۽جذبي سان موجود هيون. جنهن ۾ سورٺ جي ڪردار م سورٺ ڀرڳڙي تمام گهڻي اعتماد سان پرفارم ڪيو.
”سورٺ چنگ کي چوريندي ، ۽ ٻيجل جو سِر ڪوريندي “
يعني اڄ جي دؤر جي سجاڳ عورت تي جيڪڏهن سورٺ وارو وقت آيو ته هوءَ پنهنجي محبوب لاءِ پنهنجيون سڀ توانايون استعمال ڪندي انهي جي دشمن (ٻيجل) جو سِر ڪوري وجهندي.پوءِ وزيرِتعليم موصوف کي ڪراچي مان ڪنهن ميٽنگ جي اوچتو ڪال آئي ته هو صاحب ضلعي ميرپورخاص جي تعليم کاتي جي سمورن آفيسرن کي سڄو پروگرام ڏسڻ ۽ پورو وقت ويهڻ جي هدايت ڪندي روانو ٿيو ۽حصو وٺندڙ شاگردياڻين لاءِ پنجويهه هزار 25000 روپيا انعام جو اعلان ڪيائين اِهو اِنعام ڪجهه وقت کان پوءِ مئڊم سهيله جي ڪوشش سان ڪاليج اڪائونٽ ۾ پهتو ۽ اها رقم ايڊيشنل ڊائريڪٽر انسپيڪشن نورالحق جتوئي هٿان شاگردياڻين ۾ ورهائي وئي.
ڊائريڪٽر اسڪولز عبدالمجيد حُر اسانجي آئٽم ”عمر مارئي“ کي گهڻو پسند ڪندي ذاتي طور تي 5000 هزار روپيا انعام ڏنو جيڪي ٻن ڇوڪرين زرينه لاشاري ۽ماروي سمون ۾ ورهايا ويا. هن پروگرام جي باقي حصي جي صدارت رفيق احمد صديقي صاحب فرام شڪارپور ڪئي جيڪو ڪراچي ۾ سموري سنڌ جي ڪاليجن جو سربراهه هو. هن پنهنجي ڪارنامن تي وڌيڪ روشني وڌي ۽ پروگرام جي باري ۾ گهٽ ڳالهايائين. سال 2010ع ۾ ابن رشد ڪاليج پنهنجي وجود ۽ علمي جدوجهد جا پنجاهه (50) سال پورا ڪري رهيو هو تنهن جي گولڊن جو بلي فنگش ترتيب ڏنو ويو. جنهن جي ترتيب ڪجهه هن ريت هئي. جيڪو چار ڏينهن شام جو جاري رهيو.
• حمد ۽ نعت جو مقابلو
• گولڊن جوبلي ميگزين جي مهورت
• رنگ ثقافت،ثقافتي ٽيبلوز
• مشاعرو
جنهن ۾ پهرين ڏينهن حمد ۽ نعت جي چٽاڀيٽي جو خاص مهمان ميمبر صوبائي اسيمبلي يا قومي اسيمبلي عابد علي ايم ڪيو ايم ڪراچي هو. هن پروگرام جو پهريون انعام سائرهه لاشاري فرام ڪاٺـڙي کنيو هو.
گولڊن جوبلي ميگزين جي مهورت شميم آرا پنهور ڪئي جيڪا انهي وقت ميرپورخاص مان عورتن جي سيٽ تي نامزد ٿيل هئي.
هن ميگزين جي سنڌي حصي جي ايڊيٽر پڻ مان هيس، انهيءَ کان اڳ مئڊم ڪاظمي جي دؤر ۾ ڇپيل ٻن مئگزين جي سنڌي حصي جي ايڊيٽر پڻ مان هيس، ڪاليج جي مئگزين جو مقرر ٿيل نالو.”نواءَ سرورش“ هو، جيڪو هر مئگزين انهيءَ نالي سان ڇپندو هو. هِن پروگرام ۾ پُراڻين شاگردياڻين، ۽ اڳوڻن استادن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. هن پروگرام جي خاص ڳالهه اِها هئي ته هن ڪاليج جي باني رُڪن مئڊم ڪاظمي صاحبه پڻ ڪراچي مان آئي هئي. جيڪا پنهنجي ريٽائرمنٽ کان پوءِ تيرنهن سالن بعد هِتي پُهتي هئي. کيس سندن، مان ۽ مرتبي مطابق عزت ڏني وئي، پاڻ اڳي کان ڪجهه ڪمزور ٿي وئي هئي. پر جڏهن اسٽيج تي آئي ته سندس آواز ۾ ساڳيو رعب ۽ دٻدٻو هو.
ماضي جون ڪافي ساروڻيون ونڊيائين پنهنجي دور جي ساٿين ۽هم ڪارن جا نالا ورتائين جن مان گهڻا تڻا ته گذاري ويا هئا.
باقي ايس اي خان ميرپورخاص جو اهم سماجي ڪارڪن موجود هو، جيڪو روٽري ڪلب جي پراڻن ميمبرن مان هو، مئڊم ڪاظمي جي تقرير ۽ شخصيت ۾ ”جوش ۽ هوش ساڳيو ماضي وارو هو. هڪ ڏاهي ايمرسن جو قول آهي جوش ۽ هوش تمام گهٽ گڏ هوندا آهن، پر جنهن ۾ ٻئي شيون موجود آهن انهيِءَ ۾ ڪڏهن لرزش نٿي اچي.“هن ڪاليج جي پراڻين شاگردياڻين مان شاهده سراج به هڪ ٽيبلو ”کڙي نيم ڪي نيچي“ ڳائي پرفارم ڪيو. انهيءَ کان علاوه پروين ملڪ اداڪار ملڪ انوکي جي ڀيڻ هڪ قوالي”درالامڪان سي طلب هوئي.“
شاهده سراج سان گڏ ڳائي داد حاصل ڪيو. انهيءَ کان علاوه ماضي جي ليڊر شاگردياڻي فوزيه خان گهڙولي ڳائي داد حاصل ڪيو.
پياري آواز واري بينظير مغل ڪافي جيڪا شاهه لطيف جي آهي، پر هن ڏاڍي خوبصورت ۽فن ڪارانه انداز ۾ ڳائي.
”منهنجي راڻل کي ٻاجهه پوي ڏور وڃي ڏينهن لائي“
ڳائي محفل کي گرمائي ڇڏيو هن پروگرام جي خاصيت اهيا ئي هئي ته هن پروگرام ۾ سڀني پرفارم ڪندڙ شاگردياڻين پروگرام آرگنائيز ڪندڙ استادن کي شيلڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا اِهي ميڊل شميم آرا پنهور سان گڏوگڏ مئڊم ڪاظمي هٿان پڻ ڏيارياويا.مونکي پڻ هڪ شيلڊ سٺي ڪارڪردگي تي مئڊم ڪاظمي هٿان ڏياري وئي.
ٻئي ڏينهن يعني هن گولڊن جوبلي سلسلي جي ٽئين ڏينهن رنگ ثقافت پرگرام ۾ خاص مهمان خوش بخت شجاعت هئي جنهن کي اسان انهي وقت تائين فقط ٽي وي پروگرامن خاص طور ” فروزان “ ۾ ڏٺو هو. سو هن کي روبرو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي هن کي پڻ اسان جا سنڌي آئٽم گهڻاز وڻيا جنهن ۾ ”جوڳي ٿي مان مرلي وڄايان، ڳوليان پنهنجي پنهل کي.“ کيس ڏاڍو پسند آيو. ۽ جوڳي جي ڪرادار ادا ڪندڙ ڇوڪري کي مئڊل پارائيندي واکاڻيون هئائين.
چوٿين ڏينهن رات جو مشاعرو هو، جيڪو مون ٿوري دير لاءِ ڏِٺو، ڇاڪاڻ ته اسين پروگرام انچارج ٽِن ڏينهن کان لاڳيتو ڪم ڪري تمام گهڻيون ٿڪجي پيون هنيوسين.
هِن مشاعري ۾ ماهر حميري، پروفيسر دُرمحمد پٺاڻ، پروفيسر رضيه حڪمت، پروفيسر نويد سروش داد حاصل ڪئي. هي اردو سنڌي مشاعرو هو. ٻئي ڏينهن شهر ۾ انهيءَ مشاعري جي هاڪ هئي.
ڊسمبر 2010ع ڌاري وارو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ٿيو. اِهو ثقافت ڏهاڙو مئڊم سهيله جي دؤر ۾ باقاعدگي سان ملهايو ويندو هو. هن ثقافتي ڏهاڙي جو مهمان خصوصي ڊويزنل ڪمشنر غلام حسين ميمڻ صاحب هو. هي تمام بهترين پروگرام ٿيو، جنهن کي ميڊيا به تمام گهڻي تشهير ڏني هئي. ميمڻ صاحب طرفان 25 هزار روپين جي رقم ڪاليج جي ڇوڪرين کي انعام طور ڏني وئي.
سن 2011ع دوارن ڪاليجن ۾ 20 ويهين گريڊ جي پرنسپال رکڻ جو رواج پيو. ان تحت ڪراچي مان هڪ پروفيسر فيروزه بانو، هتي پرنسپال مقرر ڪئي وئي، جيڪا پُڻ ڪجهه عرصو رهي. پوءِ هن جو ٽرانسفر ٿي ويو. هُوءَ واپس ڪراچي هلي وئي ۽ ٻيهر مئڊم سهيلا پرنسپال ٿي وئي.
سن 2011ع جي شروع ۾ ڪاليج جي ڊي، پي، اي، شميم زيدي گذاري وئي. کيس گهر ۾ دِل جو دورو پيو، جيڪو هن کي هميشه لاءِ اسان کان ڌار ڪري ويو. مسز شميم زيدي مونسان سينٽ مائيڪل کان وٺي ساٿياڻي ۽ دوست رهي هئي، ۽ هڪ صبح جو اوچتو سندس وفات جي خبر سڀني کي رنجيده ڪري وڌو. پنهنجي ڪنهن پياري انسان کان جُدائي جو احساس ئي روئاريندڙ هوندو آهي. ۽ هن جي غير موجودگي جا احساس ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪرائيندا آهن ته ڄڻ سڄي ڪائنات اسانکان رُسي وئي آهي. پنهنجي وفات کان هڪ ڏينهن اڳ 11, 12, 2010تي اسپورٽ ڊي جو پروگرام ڪرايو انهيءَ ڏينهن ميرپور خاص جي چونڊيل M, N, A, پير آفتاب جي ڪوشش سان ٺهرايل باسڪٽ بال ڪورٽ جو افتتاح به سندس ئي هٿن سان ٿيو. انهيءَ ڏينهن هو ڏاڍي ايڪٽِو ۽ چُست نظر اچي رهي هئي. ڪهڙي خبر ته اِها رات سندس زندگي جي آخري رات آهي، شميم زيدي جيڪا هن ڪاليج ۾ ورهين کانD, P, E, ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن رهي سا پنهنجي ڪم سان بِلڪل سچي ۽ وفادار هئي. شاگردياڻين کي راندين جي مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٻين صوبن ۾ به وٺي ويندي هئي. اتان آندل انعام ۽ ٽرافيون اڄ به ابن رشد ڪاليج آفيس ۾ رکيل آهن، ۽ اُتان جي زينت بڻيل آهن، کيس دُنيا ڇڏي ورهه ٿي ويا آهن. پوءِ به سندس مخاطب ڪرڻ جو انداز ”میری گڑیا، چندا شہزادی“ مون کان وِسرن نٿا بقول شائسته سحر:

ہر گہڑی آنکھ دھرتی ہے میرے چوکٹ پر،
جیسے آئے گی گلے٬ مجھسے ملے گی،
کبھی چندا٬ کبھی بنو٬ کبھی گڑیا کھ کر.

بهرحال دنيا فنا آهي ڪو اڄ ويو ڪو سڀاڻي ويندو هر انسان کي دارلبقا ڏانهن وڃڻو آهي. پر اهڙو نالو ڇڏي وڃي جو کيس ياد ته ڪندا رهن.

’’چٹھی نا کوئی سندیس جانے وہ کونسا دیس جہاں تم چلےَ گئے‘‘

هتي هڪ ڳالهه لکندي هلان ته 2008 ڌاري منهنجي 19 گريڊ ۾ يعني ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ ترقي ٿيڻي هئي. ڪاليج انتظاميه A,C,R, يعني سالانه ڪارڪردگي رپوٽون جيڪي مختلف سالن جون گهربل هيون، سي جلد از ڊائريڪٽر آفيس موڪليون، پر اُهي رپوٽون انهيءَ وقت جي انچارج ڊائريڪٽر صاحب وقت تي نه پهچايون ۽ اسين ٽئي ڄڻيون ترقي کان محروم رهجي ويونسين ۽ اِها ترقي وري اسانکي 2011ع ۾ مِلي ابن رشد ڪاليج ۾ پوسٽ نه هئڻ سبب مونکي شاهه لطيف بوائز ڪاليج ۾ ايسوسِيئٽ پروفيسر طور مقرري مِلي ۽ مون هتي 26 اپريل 2011ع تي جوائننگ ڏني ۽ پوءِ ريجنل ڊائريڪٽر عبدالعزيز پنهور صاحب جي مهرباني سان وري ابن رشد ۾ ڊٽيلمينٽ تي رکيو ويو .
انهيءَ سال مان گُڙدي ۾ پٿري هئڻ سبب بيمار ٿي پئي هيس. جون 2011ع ڌاري جڏهن گرمي جون موڪلون هيون تڏهن مونکي ڪڊني سينٽر ڪراچي (پرائيويٽ) جناح اسپتال جي سامهون واري ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي منهنجو مڙس سائين ڏنو صاحب ۽ منهنجو ڀاءُ ڊاڪٽر انور مون سان گڏ چار ڏينهن اسپتال ۾ رهيا پنجين ڏينهن موڪل ڏني وئي. ڊاڪٽر سلمان خالق جي نگراني ۾ منهنجو بهترين علاج ٿيو. ۽هڪ ڊاڪٽر نظام شيخ جيڪو تمام گهڻو ڳالهائي پيو تنهن جي نگراني ۾ ليٿو ٽريسي ذريعي پٿريون نڪري ويون. ۽ مان چڱي ڀلي ٿي ويس انهي دوران ڪاليج ۾ آيل نئين پرنسپال جيڪا 20گريڊ جي هئي جنهن جو نالو فيروزه بانو هو. ۽ اصل ڪراچي جي هئي، سا پڻ مونکي اسپتال ۾ پڇڻ آئي منهنجي لاءِ ڪيترائي فروٽ ۽ جوس کڻي آئي هئي. ڪافي دير ڪچهري ڪئي هئائين. 2011ع جو سال ميرپورخاص ڊويزن لاءِ تباهه ڪارين جو سال هو.
10آگسٽ 2011 کان ”موسم“ جون برساتون شروع ٿيون ۽ اهو سلسلو 12سيٽمبر تائين جاري رهيو. ۽ لڳاتار جاري رهيو انهيءَ طوفاني برسات جي نتيجي ۾ اٽڪل 2 هزار مِلي ميٽر برسات ريڪارڊ ڪئي وئي. هن ڊويزن جي مختلف شهرن جا رهائشي علاقا چار ۽ پنج فوٽ تائين پاڻي ۾ ٻڏل هئا. انهي علائقن جا شهري اتان نڪري روڊن تي خيما کوڙي اچي رهيا هئا.انتظاميه طرفان نڪاسي جو ڪوبه خاطر خواهه انتظاميه نه هو. مشهور مصنف ناصر علي پنهور جيڪو ماحول دوست انسان پڻ آهي تنهن جڏهن سنڌ جي ماڻهن جي نيڻن ۾ اهيا تڪليف ڏٺي ته هن پنهنجي ڪتاب ۾ اهي درد ڪٺا ڪيا. ۽ اهي درد پنهنجي ڪتاب لکي ڇڏيا. Sindh at the eross road of Disasters ميرپورخاص انهي لڳاتار برسات سبب مهاساگر جو ڏيک ڏئي رهيو هو هلڻ گهمڻ کان مجبور ٿي سڄو عوام گهرن تائين محدود ٿي ويو هو. اسان جي گهر وارو علائقو مير الله بچايو ڪالوني سڀ کان گهڻي متاثر ٿي هئي. ماضي ۾ پوش علائقو سڏرائيندڙن هن علائقي جا رهواسي اسان 23 ڏينهن ته بلڪل ٻاهر نڪري نه سگهيا هئاسين. گهٽيون ۽ روڊ رستا پاڻي سان ڀريل هئا ڪابه ننڍي گاڏي سواري لاءِ استعمال نه ٿَي ٿِي سگهي. سواءِ ٽريڪٽر ٽرالي جي جيڪا هڪ ٻه ڀيرا مون اتان لنگهندي ڏٺي جيڪا ڪجهه ماڻهن ۽سامان سميت گهر اڳ يان لنگهندي هئي. الائي ڪير هئا ۽ ڪيڏانهن ٿي ويا خبر الله کي انهي دوران اسانجي محترم ريجنل ڊائريڪٽر عبدالعزيز پنهور صاحب اِهو حڪم نامو جاري ڪيو ته ابن رشد ڪاليج جيڪو 4 چار فٽ پاڻي ۾ ٻڏل هو اتي سڀ استاد عورتون صبح جو 9 بجي کان ڏينهن جو ڏيڍ بجي تائين ضرور ويهن. ۽ اِها چيڪنگ ڪرڻ لاءِ پاڻ هروقت موجود رهندو هو. پاڻ جذباتي طبيعت رکندڙ انسان آهي، پر ايترو اجايو سخت مزاج به نه هو. پوءِ الائي ڪنهن جي چُرچ تي اِهو ڪم ڪيو هئائين، مونکي اڄ ڏينهن تائين ڳالھه سمجهه ۾ نه آئي آهي، هن برسات جنهن ۾ ميرپورخاص جا ماڻهو شديد نفسياتي پيڙا مان گذريا هئا. لڳي ٿو ته اِهيا رخسانه پريت چنڙ جي عنوان شاعري:
”پياسي ساڀيان جل ٿل خواب“
وانگر هئي جنهن ۾ برسات ته نقصان ئي نقصان ڏنو هو. ۽ انهيءَ مان لاڀ ڪجهه حاصل نه ٿيو. هر طرف نقصان بيماري ۽ برسات کان خوف جو دور دور هو. مان ته رب پاڪ کان دُعا گهرندي آهيان ته شال هُو اهڙي برسات ڪڏهن نه ڏيکاري اسانجي ڪاليج واري اِها ڊيوٽي جيڪا اسان هڪ وڏي گاڏي ذريعي ڪندا هئاسين. اڃان جاري رهي ها پر خدا جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو ڊاڪٽر سعيد اسانجو نئون ڊائريڪٽر ٿي آيو. جنهن اسانکي انهن نامساعده حالتن ۾ ڊيوٽي کان ڪجهه ڏينهن لاءِ آجو ڪري ڇڏيو.
2011ع جو ثقافت ڏهاڙو به راندين جي ميدان ۾ ملهايوسين.ڇاڪاڻ ته اسٽيج وارو حصو گهڻو متاثر ٿيو هو. اسٽيج هر هنڌان برساتن ۾ ڀڄي ڀُري پيو هو. هن ڀيري پروگرام جو خاص مهمان ريجنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيده صاحب هو جنهن هَنَ پروگرام کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي تقرير ۾ اهڙن ڏيهاڙن ملهائڻ جي واکاڻ ڪيائين.
سن 2012ڌاري وري ”نواءِ سرورش“ مئگزين جو پرچو ڇپيو جيڪو تمام ٿوري عرصي ۾ ڇپيو، هن جي مهورت ڊويزنل ڪمشنر غلام حسين ميمڻ ڪئي. هاڻي ست سال گذري وڃڻ بعد ڪو نئون پرچو نه آيو آهي، مان هتي ابن رشد ڪاليج ۾ ڊٽيلمنٽ تي مقرر ٿيل هئس ۽ مون وٽ 19گريڊ جي پوسٽ شاهه لطيف ڪاليج جي هئي. پر 2012ع ڌاري اِها ڊيپوٽيشن ختم ڪري سڀني استادن کي سندن مقرري وارن ڪاليجن ڏانهن موڪليو ويو .
اهڙي ريت مونکي پڻ ابن رشد ڪاليج ڇڏي شاهه لطيف ڪاليج اچڻو پيوانهي وقت هن شاهه لطيف ڪاليج جو پرنسپال پروفيسر اڪبر خاصخيلي صاحب هو. جيڪو نرم لهجي سان ڳالهائيندڙ فضيلت وارو انسان هو. هن ڪاليج ۾ انهي وقت ٻي ڪابه عورت پرفيسر ڪم ڪانه ڪندي هئي. مان اڪيلي عورت هتي مقرر ٿيل هئس مون هتي ايسوسيئٽ پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ٿي ڪيو انهي اڪيلي هجڻ سبب مون ابن رشد ۾ ڊٽيلمنٽ ورتي هئي. جيڪا انهي وقت جي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز عزيز پنهور صاحب ٽنڊو آدم سانگهڙ وغيره اُماڻيل ايسوسئيٽ پروفيسر کي ڏني هئي. جيڪا سندن پاران عورتن تي خاص مهرباني هئي. ته جيئن اهي عورتون هن عمر ۾ روزانه اچ وڃ کان بچي سگهن. ۽ اهڙي طرح مون هن اداري شاهه لطيف ڪاليج ۾ باقاعده وڃڻ شروع ڪيو.
هن ڪاليج ۾ اچي مون اهو ڏِسي ۽ ٻُڌي ڏاڍو فخر محسوس ڪيو، ته هن ڪاليج ۾ ملڪ جي وڏن اڪابرن ۽ مشهور قابل استادن پڙهايو آهي ۽ نالو ڪمايو آهي. هي شاهه لطيف ڪاليج جيڪو ميرپورخاص (اولڊ ٿرپارڪر) جو پهريون ڪاليج هو تنهن جون پاڙون 1950-51ع ڌاري پئجي چُڪيون هيون. هي هڪ آرٽس ڪاليج هو ميرپورخاص جي عوام جي ذهني تربيت سياسي، سماجي، شعور ۽ علم جي اوسر ۾ هن مادر علمي وڏو ڪردار اداڪيو. هن جا پڙهيل شاگرد پاڪستان، سنڌ، يورپ، ۽ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ پنهنجي علم جو وکر وهائي رهيا آهن. هڪ ڀيرو هڪ اردو ادبي محفل ۾ شريڪ ٿي هيس جنهن ۾ هتان جو هڪ پراڻو شاگرد ڊاڪٽر فيروز عالم جيڪو ڪيلي فورنيا ۾ رهي ٿو . تنهن پڻ ڏاڍيون دلچسپ ساروڻيون هن ڪاليج بابت ونڊيون هي محفل ”سٽي هوٽل “ميرپورخاص ۾ ٿي هئي جيڪا بلديه جو هڪ حصو آهي هن صاحب وٽان اهيا معلومات ملي ته هي ڪاليج شروع ۾ آرٽس ڪاليج جي حيثيت سان تمام ٿورن شاگردن جي شموليت سان شروع ٿيو. هن جو پهريون پرنسپال ياسين طاهر علي هو. جيڪو هڪ سٺي شخصيت جو مالڪ ۽ بمبئي جي بوهري جماعت سان واسطو رکندو هو. گهڻو ڪري انگريزي ڳالهائيندو هو .هي ڪاليج تنهن وقت پرتاب ڀون بلڊنگ ۾ لڳندو هو. هن ڪاليج جي ڊراماٽڪ سوسائٽي طرفان 1957ع ڌاري هڪ شاندار ڊرامو اسٽيج ٿيو هو. جنهن جو مرڪزي ڪردار هتان جي شاگرد فياض ڪاوش ادا ڪيو هو.جنهن جي ڪهاڻي جو مرڪزي خيال ضياءَ سرحدي جي ڪامياب فلم هم لوگ تان ورتو ويو هو. پوءِ ڪجهه عرصو گذرڻ بعد هن ڪاليج کي گورنمنٽ پنهنجي انتظام (تحويل) ۾ ورتو ۽ هتي سائنس جا ڪلاس به شروع ٿيا هتان جا شاگرد سڄي دنيا ۾ موجود آهن.
هتي نالن وارن استادن علم جي ورکا ڪئي، انهن ۾ خاص طور تي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسعود احمد، پروفيسر ڪرام حسين، پروفيسر فيروز يوسف خان، پروفيسر سراج الدين اشرفي، پروفيسر نواب عالم فاروقي، پروفيسر اين، ايم،هاليپوٽو ، پروفيسر عبدالباطن خان، پروفيسر محمد رحيم کوسو، پروفيسر سلطان عباس، پروفيسر مسيع الدين غوري، پروفيسر رفيع الله صديقي، پروفيسر بدرالدين داوئود پوٽو، پروفيسر فقير محمد چوهاڻ، پروفيسر نورخان، پروفيسر عَلي ڏنو مري، پروفيسر نثارجان سرهندي، (حيات) پروفيسر امير خان حڪمت، خدمتون انجام ڏيندا رهياآهن. پروفيسر مدد علي لغاري، پروفيسر اڪبر خاصخيلي، (سنڌي ادب) وارو رب پاڪ وڏي حياتي ڏيئس. هتي علم حاصل ڪندڙن جي اُڃ وسائيندا رهيا آهن. هنن منجهان گهڻا تڻا گذاري ويا آهن، جيڪي حيات آهن سي ريٽائرڊ آهن.
”رهجي ڳُڻ ويا مارن جا ملير ۾“
هن ڪاليج ۾ منهنجي پاڙي وارو پروفيسر محمد رحيم کوسو انگريزي جو بهترين استاد رهيومان جڏهن هن ڪاليج ۾ آيس ته هتي ٻه ليڪچرار سنڌي پڙهائڻ لاءِ موجود هئا. جن مان هڪ جو نالو درمحمد پٺاڻ هو جيڪو سنڌي جو بهترين استاد ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوقين هو مون هن کي سدائين لائبريري ۾ ڏٺو ٻيو محترم استاد جنهن جو نالو وسري ويو آهي. سو به هڪ ڀيري ڪلاس روم وٽان لنگهندي ڏٺم ته وڏي آواز ۾ بهترين ليڪچر ٿي ڏنائين. ۽ شاگرد دلچسپي سان ٻڌي رهيا هئا.
هنن ٻنهي مان ڪنهن به مونسان ڪڏهن ڪونه ڳالهايو باقي اردو ڊپارٽمنٽ جا نوان استاد جن جون گهرواريون ابن رشد ۾ استاد هيون سي ملڻ تي سلام دعا ڪنداهئا. خيرعافيت پڇندا هئا جن جا نالا ماجد علي، قاسم، ساجد ،نويد سرورش هئا نويد سرورش ته هوئن به هر ادبي پروگرام جي ۽ ٻين پروگرامن جي ميزباني ڪندورهندو آهي. سو اسان وٽ ابن رشد ۾ به ايندو رهندو هو. انهي کان علاوه ٻيا به ڪيترا استاد جن جا نالا مونکي هاڻي ياد نه آهن تمام گهڻي عزت ڪنداهئا.
”ماضي قريب جون گهڻيون ڳالهيون دِل جي دفتر تان ميسارجي ويون آهن تمام ٿوريون ساروڻيون وڃي بچيون آهن.“
هن ڪاليج ۾ ڊگري ڪاليج هئڻ باوجود صرف انٽر سائنس ۾ سنڌي پڙهائي ويندي هئي آرٽس جي B,A ڪانه هوندي هئي صرف BSC هوندي هئي. جنهن ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ ڪونه هوندو هو، تنهن ڪري ٻه استاد اڳ ئي انٽر سائنس کي سنڌي پڙهائيندا هئا، تنهن ڪري اُتي مون تي ڪابه پڙهائڻ جي ذميواري ڪانه هئي، صرف پرنسپال آفيس جي هڪ پاسي رکيل ڪرسين ۽ ٽيبل تي ويهي اخبار پڙهي وقت پاس ڪندي هيس، پر اِهو وقت ڏاڍو بَور ڪندڙ، ڪاهلي پيدا ڪندڙ هو ۽ پاڻ کي بيڪار محسوس ڪندي هيس. مون جنهن ذميوارين ۽ ڪم ڪندي ڀرپور وقت گذاريو هو. سو هاڻي مونکي ابن رشد ڏاڍو ياد ايندو هو. ڏاهن سچ چيو آهي ته
”بيڪار ويهي زنگجڻ کان ڪم ڪري گَسجڻ چڱو آهي“
مونکي پنهنجي پرنسپال طرفان اهيا اجازت هئي ته ڀلي حاضري لڳائي گهر هليا وڃون پر مونکي اهيا ڳالهه به ڪانه وڻي مون سڄي حياتي ۾ ڪنهن به اداري ۾ اهڙو ڪم ڪونه ڪيو هو منهنجي هن ڪاليج ۾ڪجهه مهينا رهڻ دوران ٽي پرنسپال مقرر ٿيل هئا. پروفيسر اڪبر خاصخيلي،پروفيسر مهيش، پروفيسر نورالحق جتوئي، بهرحال مون وري مِنٿ ميڙ ڪري بنا ليٽر صرف زباني چوڻ تي وري وڃي ابن رشد جا وڻ وسايا ڇو ته هاڻي اِهو ڊٽيلمنٽ وارو قانون ڪجهه لچڪدار ٿي رهيو هو. جنهن سبب ڪجهه ڪاليجن ۾ مختلف سبجيڪٽ جي استادن جي کوٽ پڻ هئي. هاڻي منهنجي ريٽائرمنٽ جا ڏينهن ويجها ٿي رهيا هئا. سو مون وڃي ابن رشد ۾ ڪم شروع ڪيو. ۽ مصروف ڏينهن گذارڻ شروع ڪيم هتي انهن ڏينهن ۾ پرنسپال شاهده مشتاق هئي جيڪا هن ڪاليج جي ويهين گريڊ جي پرنسپال هئي. هتي ابن رشد ۾ ڪجهه استاد اهڙيون به هيون جيڪي هاءِ اسڪول ۾ منهنجو شاگردياڻيون رهي چڪيون هيون. جن ۾ عائشه خاصخيلي ۽ شيرين خاصخيلي، به شامل هيون. جيڪي فزڪس ۽ ڪيميسٽري جون استاد رهيون آهن ۽ پوءِ مير ڪالوني ۾ منهنجون پاڙيسري ٿي رهيون آهن ۽ هر موقعي تي ڊيوٽي تي پهچڻ جڏهن مون وٽ سواري نه هوندي ڪافي مدد ڪنديون هيون.
هن ڪاليج جي استاد فوزيه بخاري پڻ هاءِ اسڪول ۾ منهنجي شاگردياڻي رهي آهي. ابن رشد جي پُراڻن استادن مان رضيه آرائين، فوزيه بٽ، حميده ناز، افسري بانو، گل رضوي، تمڪين فاطمه، سعيده بخاري، عقيلا روشن، چاند سلطانه، فهميده ڪي ڪي، فهميده (باٽني)، نسرين صوفي، ياسمين فضل، فرزانه لطيف، رضوانه، هما خالد، پروين افغان سُٺو ساٿ ڏيندڙ رهيون.
انهيءَ کان علاه جهان آرا ڪاظم، امبر، شارمين ڪوثر ڀرڳڙي، نورين صبا، شگفته اظهر، غلام فاطمه سحر افشان نورين ڏاڍيون تعاون ڪندڙ رهيون مون سان گڏ ريٽائر ٿيڻ وارن مان شهناز، ارجمند بانو منور جهان رخسانا صديقي تمام ويجهو رهيون جهان آرا منهنجي ڀيڻ ممتاز جي ڪلاس فيلو رهي آهي پر ڪاليج ۾ ڀرپور تعاون ڪندڙ ۽ عزت ڏيندڙ رهي ڪجهه نئون اسٽاف جيڪوپڻ هڪ بهترين اسٽاف هو. تن ۾ روبيشه بيگ، ثوبيه شازيه، مهتاب شامل آهن، نجمه ضياءَ ۽ حميده مهر پنهنجي اخلاق سبب هتي جلدي سان مقبول ٿي رهيون هيون. چاند سلطانه اردو اسپيڪنگ هئڻ باوجود سنڌي سٺي ڳالهائيندي هئي. منور جهان اردو اسپيڪنگ هئڻ باوجود لاڙڪاڻي سان تعلق هئڻ ڪري ڏاڍي سٺي اترادي لهجي ۾ سنڌي ڳالهائيندي هئي. ۽اڃان به ٽيليفون تي گفتگو ڏاڍي پياري انداز سان سنڌي ۾ ڪندي آهي. باقي هتان جي پراڻي اسٽاف مان گهڻيون عورتون بدلي ڪرائي حيدرآباد ڪراچي هليون ويون تن ۾ نگهت رضا، دلنواز تبسم، ڪشمير سومرو، شاهده سراج، پروين موسيٰ، هدايت بلوچ، فهميده خانم، شامل آهن پراڻن استادن مان مسز شڪيلا، ۽ رضيه حڪمت ، به ٽرانسفر ڪرائي ڪراچي شفٽ ٿي ويون. پر اڄ به منهنجي ساروڻين ۾ موجود آهن رضيه حڪمت اڄ تائين حال احوال ضرور وٺندي آهي. انهن مان ڪجهه سان رابطو اڄ به قائم دائم آهي. باقي گهڻيون تڻيون وري نه ڏٺيونسين، نه ٻُڌيونسين حيدرآباد مان ڊٽيلمنٽ تي آيل شمس النساءَ شيخ پڻ جنهن جو گهر وارو غلام مصطفيٰ ڏاهري اريگيشن ڊپارٽمنٽ ۾ آفيسر هو. هيءِ عورت پڻ تمام سٺو سڀاءَ رکندڙ عورت هئي، هر ڪنهن سان ڏاڍي سُٺي نموني پيش ايندي هئي. تنهن جي خاص سهيلي شميم اختر هئي. جيڪا پڻ بدلي ڪرائي ڪراچي هلي وئي. شمس النساءَ هن ئي ڪاليج مان ريٽائر ڪيو. شايد 2008ع يا 2009ع سن هو. اسان وٽ ڪجهه مرد پروفيسر پُڻ مقرر ٿيا هئا، جيڪي سڀ ذميوار خوش اخلاق ۽ سنجيده طبيعت جا مالڪ هئا. جن ۾ پروفيسر عبدالرحمٰن، پروفيسر مير علي احمد ٽالپر، پروفيسر منور منگي شامل آهن. ڪجهه وقت اڳ ذوالفقار آخوند به هتي رهيو پوءِ بدلي ڪرائي حيدرآباد هليو ويو. انهيءَ کان علاوه هڪ سينئر پروفيسر افضل ڀٽي هو. جيڪو 2010ع دوران ريٽائر ٿيو. ۽ پوءِ خبر پئي ته جلد گذاري ويو. اسانجي پُراڻي اسٽاف مان رُخسانه سليم پُڻ هڪ خوش مزاج ۽ دلچسپ شخصيت هئي. ويهين گريڊ ۾ شام واري ماڊل بوائز ڪاليج مان ريٽائرمنٽ کي پهتي. مون ڇوڪرين جي تعليمي ادارن اسڪولن ڪاليجن ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، زنانن ڪاليجن جي پرنسپال، ڪابينا ۽ جونيئر اسٽاف ۽ مردانه ادارن جي اسٽاف جي باهمي معاملن ۾ واضع فرق نظر آيو ته مرد گهڻو مالي معاملن تي پاڻ ۾ بحث ڪندا آهن. ۽وري عورتون آفيسر رڳو هڪ ٻئي کي پاڻ کان گهٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ هونديون آهن. اُهو سماجي رتبو هجي يا وري ماضي ۾ ٿيل زيادتن جو وچور هجي. ماضي واري واردات موجوده جونيئر تي ضرور اپلاءِ ڪنديون آهن.باقي مردن وٽ پئسو سڀ ڪجهه آهي اهو حصو پتي مليو (ناني ڪُنڙو) ٿي ويو. الله الله خير مولا سڀني جو خير ڪري ڪنهن جو نالو به وٺندا آهن. اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ٻين کي اختلاف به ٿي سگهي ٿو.
پنهنجي نوڪري دوران به سماجي مصروفيتن ۾ حصو وٺندي رهي آهيان. آرٽس ڪائونسل ميرپورخاص جي ميمبر هئڻ جي حيثيت ۾ هڪ اليڪشن جو احوال ڏيندس. محسوس ايئن ٿي ٿيو جهڙوڪ قومي اسيمبلي جو اليڪشن هجي ميمبر ته هزار کان مٿي ڪونه هئا. پر اميدوار ڏاڍا ايڪٽو هئا ۽ ڏاڍي دلچسپي وٺي رهيا هئا. ٻه پينل بيهاريل هئا صبح جو 9 بجي کان شامجي 6 وڳي تائين اليڪشن جاري رهي. باقاعده قطارون ٺاهي ميمبرن کي بيهاريو ويو هو، ۽ واري واري اچڻ تي اندر داخلا شروع ٿي ڪئي وئي. مونکي هن آرٽس ڪائونسل جو ميمبر شاهه لطيف ڪاليج پروفيسر نويد سرورش جيڪو اردو ادب جو هڪ سٺو ۽ ادبي ذوق رکندڙ استاد پُڻ آهي. ميرپورخاص جي اڪثر ادبي پروگرامن جي انائوسمينٽ پڻ هِن کان ڪرائي ويندي آهي. تنهن ٺاهيو هو ۽ سندس چوڻ تي مون ابن رشد جي عورت پروفيسر کي ميمبر ٺهرايو هو. سي سڀ ووٽ ڏيڻ لاءِ آيون هيون. اِهو مقابلو به ڏاڍو دلچسپ هو ۽ اڃان تائين يادگيرن ۾ شامل آهي، پر هاڻي يادگيريون ڪمزور ٿيڻ سبب گهڻن جا نالا وسري ويا آهن، فقط نويد سرورش ۽ گوهرام بلوچ جا نالا ياد اٿم جيڪي ڪامياب ٿيڻ وارن جي لسٽ ۾ هئا. وري انهيءَ کان پوءِ ڪابه اليڪشن ڪانه ٿي نه وري ڪو فنگشن ٿيو يا ٿيو به هجي مونکي انهيءَ جي باري ۾ معلومات نه آهي.
هاڻي 20 مئي 2013 تي مونکي پنهنجي مئٽرڪ جي سرٽيفڪيٽ مطابق ريٽائر ٿيڻو هو. حالانڪه منهنجي حقيقي ڄم جي تاريخ 29جون 1954ع آهي بهرحال نوڪري کان ريٽائر ٿيڻ به زندگي جو حصو آهي.منهنجي ابن رشد جي ساٿياڻين مونکي 31مئي 2013 تي الودائي مانجهندو ڏنو
بهترين کاڌي ۽ تحفن جو اهتمام ڪيو ويو هو.سڄي اسٽاف شرڪت ڪئي هوئن به 31 مئي کان پوءِ اونهاري جون موڪلون شروع ٿي رهيون هيون ۽ آخري ورڪنگ ڏينهن هجڻ سبب سڀ موجود هيون. اسٽاف منجهان پروفيسر عبدالرحمان ڪمپيئرنگ ڪئي ٻئي اسٽاف مان پروفيسر جهان آرا ڪاظم ،عائشه خاصخيلي ۽ رخسانه صديقي مونکي ڀيٽا ڏيندي منهنجي ڪم کي ساراهيو. پرنسپال شاهده مشتاق جي تقرير مان محسوس ڪيم ته ايترو قرب ۽ پيار هن جي دل ۾ مون لاءِ آهي هاڻي محسوس ڪري رهي هئيس ته مان ته ڪا تمام گهڻي مقبول هيس اهڙي طرح نوڪري جي دور جو اِهو آخري آئٽم به خيريت سان انجام تي پهتو مونکي پاڻ هن موقعي تي ڳالهائيندي پنهنجن احساسن ۽ جذبن کي ڪنٽرول ڪرڻ مشڪل ٿي پيو منهنجي اکين مان ڳوڙها تري آيا اِهو جملو چئي مون پنهنجي جاءِ والاري ته هن اداري کي ڪهڙن ڪهڙن لفظن ۾ واکاڻيان جتي مون ”پنهنجي خوبصورت زندگي (جواني ) جا چار سال ۽ اڌ روٽ عمر جا باقي 23سال گذاريا“
گرمين گذري وڃن کان پوءِ ريٽائرمنٽ کان پوءِ هڪ فنگشن اجرڪ ڪلب جو اٽينڊ ڪيم. هن ڪلب جو افتتاح ٿيڻو هو، جيڪو انهيءَ وقت جي ثقافت جي صوبائي وزير شرميلا فاروقي کي ڪرڻو هو. اجرڪ ڪلب جي نئين بلڊنگ ابن رشد گرلز ڪاليج جي ويجهو ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ هڪ لائبريري موجود آهي اُتي موجود وڏو هال ماڻهن سان ڀريل هو شرميلا فاروقي جو ٻُڌي مردن جي تمام وڏي تعداد موجود هئي. عورتون فقط ابن رشد جي اسٽاف مان ڪجهه موجود هيون، جيڪي پڻ نويد سرورش جي دعوت تي آيون هيون. پر اتفاق سان شرميلا فاروقي نه پهچي سگهي. ۽ ثقافت جي سيڪريٽري اِهو افتتاح ڪيو ۽ جلدازجلد مختصر تقرير ڪري اسٽيج تان لهي ويو پوءِ ماجهندي جو انتظام رکيل هو. سڀني مهمانن کي ماني کارائي وئي هئي. جنهن ۾ ليکڪ مرحوم اميربخش شر به موجود هو.
هن پروگرام ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ گلوڪاره خوشبو لغاري به موجود هئي. پرفارم ڪانه ڪري سگهي جو پروگرام تمام مختصر ڪيو ويو هو. جيڪڏهن موسيقي جو پروگرام ٿئي ها ته لازمي طور اِهو ڪاڄ اجرڪ ڪلب جو افتتاح وڌيڪ خوبصورت ٿئي وڃي ها اهڙي طرح هڪ وڏي انتظار کان پوءِ مان اِهو پروگرام ڏسي گهر ڏانهن راهي ٿيس. ڇو جو مان انهي وقت نوڪري ۾ ڪانه هيس. انهي کان ڪجهه عرصو پوءِ اردو ادبي تنظيم دستڪ طرفان سٽي هوٽل ۾ ٽنڊي آدم جي هڪ شاعره جي شاعري جي مجموئي جي مهورت جي دعوت ملي مان به عائشه خاصخيلي سان گڏ اِهو پروگرام ڏٺو ڏاڍو سٺو پروگرام هو. شاعره جو نالو وسري ويو اٿم باقي سندس گهر وارو زال جي شاعري جي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي رهيوهو. هن پروگرام ۾ شاعرن سان گڏ ميجر مسرور بيگ به ويٺل ڏٺم. هڪ فوجي ماڻهو جو ادب ۽ شاعري سان ايترو پيار ڏسي ڪجهه عجب محسوس ٿيندو آهي پاڻ پنهنجي گهر ۾ پڻ مشاعره ڪرائيندو آهي. مونکي پڻ دعوت ملندي رهندي آهي. پاڻ اسانجي ڪاليجي پروگرامن کان وٺي سڃاڻي سندس ڀينرون منهنجون شاگردياڻيون آهن. ۽ ڪي ڪوليگ آهن پر مان ڪڏهن مشاعري ۾ وڃي نه سگهي آهيان.
حياتي جي هن طويل ۽ ٿڪائيندڙ سفر ۾ ڪيترين ئي ناڪامين کي منهن ڏيڻو پيو وري ڪڏهن ڪڏهن خوشي سان ڀرپور لمحا به آيا جيڪي اڄ وسارڻ جوڳا نه آهن. پر انسان الائي ڇو انهن لمحن کي وساري فقط غمن ۽ ڏکن سانحن کي ياد ڪندو آهي.
‘‘کل رات کھو ل کر جو دیکھی یادوں کی کتاب
رو پڑے کہ کیا کھویا کیا پایا’’
اسان وٽ خوش رهڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته اسان پنهنجي ڌيان جو مرڪز پنهنجن خواهشن بدران پاڻ وٽ موجود نعمتن کي بڻايون مون ڪيترا ڀيرا دل ۽ دماغ ۾ اهيا ڳالهه محسوس ڪئي ته زندگي تمام خوبصورت آهي هن حياتي جا ڪيترائي روپ آهن. جيڪي وقت سان گڏ بدلجندا رهندا آهن. مان ايتري قناعت پسند آهيان جو سمجهان ٿي ته زندگي جي هيترن سالن ۾ ڪجهه ن سکيو آهي. هرهنڌ هارايو آهي پنهنجي اندر مان اِهو پڙلاءُ اچي ٿو ته مون پنهنجن پراون سان سڀني سان پيار ڪيو پر انهن مان امان ، بابا، سڳن ڀائرن ۽ڀيڻ کان سواءِ ڪوبه سچو ڪونه ٿيو سواءِ ماءُ پيءُ جي جنهن ۾ بابا مرحوم سڀني کان گوءِ کڻي ويو پر هڪ ڳالهه ذهن ۾ اچي ٿي ته جاڳڻ لاءِ سمهڻو پوندو آهي ۽ اٿڻ لاءِ وري ڪرڻو پوندو آهي. زندگي ڪنهن جي آسان ڪانه هوندي آهي انهي کي صبر ۽ برداشت سان آسان بڻايو ويندو آهي ،مون پنهنجي حياتي جا سڀ پردا پاسي ڪيا آهن سمجهان ٿي هڪ سچي آتم ڪٿا لکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿم پر ڪٿي پڙهيو هئيم ته
” فرانس جي مشهور اديب ۽ ناول نگار ”سارتر“ پنهنجي آتم ڪٿا اڌ ۾ ڇڏيندي لکيو هوته “
”ايمانداراڻي آتم ڪٿا لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي“
پر منهنجي خيال ۾ ضروري نه آهي هرڪو ”سارتر“ جي انهي راءِ سان متفق هجي پاڻ لاءِ اِهو لکنديس صبر جنهن جي شاهه لطيف ته تلقين ڪندو رهيو آهي ۽ سورة والعصر جي آخر ڏسيندو آهي.

پَر ۾ پڇيائون عشق جي اسباب کي،
دارون هن درد جو، ڏکيو ڏسيائون،
آخر والعصر جو آهي،اتائون
تهان پوءِ آئون، سڪان ٿي سلام کي،

(شاهه)
انهي صبر جي مڙئي مون ۾ ڪمي رهي َآهي ۽ منهنجي خامين مان مڙئي وڏي خامي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته صبر سان برداشت ڪرڻ زندگي جو اصل مقصد آهي وري به مان چوندس ته:
”اي زندگي تنهنجي مهرباني اي رب پاڪ تنهنجي مهرباني، جنهن مونکي بابا، امان، جهڙن پيار ڪندڙ انسانن جي گهر ۾ پيدا ڪيو، جن جي پيار ۽ پاٻوهه کي ياد ڪندي سڀ ڏک، ناڪاميون وساريو ڇڏيان“
دنيا هلندي رهندي ڪائنات جو نظام پنهنجي اصولن تي هلندو رهندو، باقي هي جهان دارُالفَنا آهي. بقا ته رب پاڪ جي ذات کي آهي، جيڪو قائم ۽ دائم رهندو.
جهوني ٿئي نه زمين، پوڙهو ٿئي نه سج،
هن مٽيءَ مٿان ٻج، هاريندڙ ڪيئي هليا ويا.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/Kt4lZ3f.jpg[/img]