ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ مدد عليءَ سنڌيءَ جو لکيل ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي نہ وسرندڙ شخصيت“ اوھان اڳيان پيش آھي. جويو صاحب مھاڳ ۾ لکي ٿو:
"حشو سنڌ جي تاريخ جو اُھو باب آھي جيڪو ڪڏھن بہ وسرڻ جھڙو ناھي. ھي گمنام بابُ رهجي وڃي ها، جيڪڏهن انھيء کي مدد علي سنڌي ايڏي چاھہ ڀرئي پورهئي ۽ محنت سان عوام جي اڳيان نہ آڻي ها. مدد عليءَ جي حشوءَ سان اُنسيت ۽ سندس باري ۾ تحقيق ڪري حشوءَ جي زندگيءَ جي مختلف پاسن کي اُجاگر ڪرڻ تحسين لائق آهي. آءُ ساٿي مدد علي کي جس ڏيان ٿو، جنهن سنڌ جي ھڪ انقلابي پُٽ جي ڪهاڻي اسان کي تفصيل سان ٻڌائي آهي"
ھي ڪتاب 2017ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي.
اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ