ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”راج رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ اوھان اڳيان پيش آھي. ڪتاب جو مصنف پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي آهي.
هي ڪتاب ديوان ڏيارام گدومل جي سوانح حيات تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن کي نمايان انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جو اتهاس، ڪجهه ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن جو احوال يادگار تصويرن سان گڏ پڻ ڏنو ويو آهي.
ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1938ع ۾ دي پيپل اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان راءِ بهادر ديوان تاراچند شوقيرام ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ٻيو ڇاپو 2000ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (مرڪز) پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ