سفرناما

مور ان ملائيشيا

”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو بہ هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو نہ رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل بہ نظر اچي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 381
  • 83
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مور ان ملائيشيا

حق ۽ واسطا

سچائي اشاعت گهر جو ڪتاب نمبر 133 هون

ڪتاب جو نالو : مور In ملائيشيا
موضوع : سفرنامو
ليکڪ : مور ساگر
ڇاپو پهريون : ڊسمبر - 2018ع
ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
ڪمپوزنگ /لي آئوٽ : جهانزيب علي جوڻيجو
ڇپائيندڙ : سچائي اشاعت گهر دڙو- حيدرآباد
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز اينڊ پبلشرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650


MORE IN MALAYSIA (Travlog) By: More Sagar
Published by: Sachai Ishait Ghar, DARRO, Sindh
Edition First, December 2018. Cell: 0301-3640468, 0331-2997336
Email: myusifmemon@gmail.com

اسٽاڪسٽ
 ڀٽائي بڪ هائوس گاڏي کاتو حيدرآباد
Cell# 0322-3011506
 ڪويتا ڪتاب گهر، ربي سينٽر گاڏي کاتو حيدرآباد
 ڪنگ پن ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد
 سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال حيدرآباد
 قليچ ڪتاب گهر لئنگئeج اٿارٽي حيدرآباد
 ڪلچر ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل ڪراچي
 فڪشن هائوس رابعه اسڪوائر حيدرآباد
 شاهه لطيف ڪتاب گهر گاڏي کاتو حيدرآباد
 عزيز ڪتاب گهر- سکر
 سچ ڪتاب گهر - ڍورو نارو
 غلام محمد جوهر ڪتاب گهر - ميرپور بٺورو

ارپنا

پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي
۽
پروفيسر ڊاڪٽر انعام ڀٽي
جي نالي
جن جي ساٿ ۽ سھڪار کانسواءِ
مور جو ملائيشيا اِن ٿيڻ ممڪن نه هو.

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مور ان ملائيشيا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پبلشر مور ساگر جو ملائيشيا بابت لکيل سفرنامو آھي. يوسف سنڌي لکي ٿو:
”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو بہ هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي. مور ساگر جو هي سفرنامو نہ رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل بہ نظر اچي ٿو.“
هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران 2018ع ۾ ساحل پرنٽرز، حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون مور ساگر جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

پبلشر نوٽ

ڪو وقت هو، جڏهن سنڌيءَ ۾ سفرنامي لکڻ ۾ الطاف شيخ جو ڪو مٽ ئي ڪونه هو. الطاف شيخ نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ اڻ ڳڻيا سفرناما لکي، سنڌي ٻوليءَ کي سفرنامي جي صنف سان مالا مال ڪيو. پر ڪيترن ئي سنڌي ليکڪن، الطاف شيخ جي سفرنامن مان اُتساھ وٺي سفرناما لکڻ شروع ڪيا، ايئن هاڻي سنڌي ٻولي ۾ هر سال ڪيترن ئي ليکڪن جا سفر ناما ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچن ٿا. هاڻ مور ساگر به ان قطار ۾ شامل ٿي ويو آهي، جنھن جو هي ٻيو سفرنامو ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پھتو آهي. هن کان اڳ سندس سفرنامو ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ ڇپجي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي، جيڪو پاڪستان جي اُترين علائقن جي سفر تي مشتمل آهي.
”سچائي اشاعت گهر“ پاران مور ساگر جو هي پھريون ڪتاب ڇپجي رهيو آهي، ڳاڻيٽي جي حِساب سان مور ساگر جو هي ٽيون ڪتاب آهي. مور ساگر جو ايندڙ ڪتاب به انشاءَ الله سفرنامو ئي هوندو، جيڪو سنڌ جي مختلف خطن/علائقن جي سفر تي مشتمل آهي، جيڪي سفر مورساگر مختلف وقتن تي، دوستن سان گڏجي ڪيا آهن.
هن کان اڳ اسين موتي پرڪاش، آغا ثناء الله خان، حاجي عبدالڪريم سنگهار، آفتاب سومري ۽ يوسف سنڌي جا سفرناما ڇپائي پڙهندڙن جي هٿن تائين پُھچائي چُڪا آهيون ۽ هاڻ مور ساگر جو هي سفرنامو ”مور اِن ملائيشيا“ پيش ڪندي خوشي پيا محسوس ڪريون.

[b]ڊاڪٽر وشال ميمڻ
[/b]ڊائريڪٽر
سچائي اشاعت گهر

مھاڳ: ٽو خان، اِن ملائيشيا

مور ساگر جڏهن ملائيشيا ويو پي ته ڏاڍو ايڪسائيٽيڊ هو ۽ ساڻس گڏ آءٌ به ايڪسائيٽيڊ هئس، مور ساگر جو ايڪسائيٽيڊ هئڻ ته سڀاويڪ هو ۽ اوهين سمجهندا به هوندا ته هو ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيو هو. هڪ نئون جھان ڏِسڻ، پر منھنجي ايڪسائيٽيڊ هئڻ تي اوهانجي ذهن ۾ ضرور سوال پيدا ٿيندو هوندو... ۽ اوهين شايد اِهو سمجهندا هوندا ته همراهه سان به دوسوءَ وارو ڪم آهي، جيڪو پرائي دهل تي نچڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. برابر اِها سوچ به ٿي سگهي ٿي، پر ڳالھه هيءَ آهي ته مور ساگر منھنجو دوست آهي ۽ هو پرڏيھه جي سفر تي وڃي رهيو هو. هڪ دوست هئڻ جي ناتي سندس خوشي منھنجي خوشي هئي، وري اِهو ته مور هڪ ليکڪ به آهي، سو روپئي جا سورنھن آنا پڪ هيم ته مور ساگر ملائيشيا مان موٽڻ کانپوءِ سفرنامو ضرور لکندو، ايئن اسين به سندس اک سان ملائيشيا گهمنداسين ۽ سندس ماڻيل مشاهدي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿينداسين.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مور اِن ملائيشيا“ ان سفر جي ڪٿا آهي.
سورهين صدي جي آخر ۽ سترهين صديءَ جي شروعات ۾ برطانيا ۾ فرانسس بيڪن نالي هڪ مُفڪر ٿي گُذريو آهي، جنھن ڪيترن ئي موضوعن جھڙوڪ: مطالعي، دوستي ۽ ڪتابن وغيرهه تي بھترين لکڻيون لکيون آهن. اُنھن ۾ سفرنامو به شامل آهي. پنھنجي هڪ مضمون ۾ سفرنامي بابت خيالن جو اظھار ڪندي هو لکي ٿو، ”سفر ۾ جن شين جو مشاهدو ڪرڻ ضروري هوندو آهي، انھن ۾ شھر جون ڀتيون، ڪوٽ قلعا، ساحل، پُراڻا آثار، کنڊر، ڪتب خانا، درسگاهون، گهر باغ، بارود خانه وغيرهه“ اڳتي هلي هو پنھنجي ان نظريي جي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”باقي رهيون دعوتون، شادي، مُراديءَ جون ريتون رسمون، ڪفن دفن جا طور طريقا، ۽ ان قسم جا ٻيا تماشا.... ته سياحن کي ان پاسي ڌيان نه ڏيڻ گهرجي.“ سفرنامي لکڻ جو هڪ اهو ڍنگ / اسلوب آهي، جنھن ۾ هو تجويز ڪري ٿو ته جڏهن ڪو مسافر ڪنھن اجنبي ملڪ ۾ گهڙي ٿو ته ان جي مشاهدي جا موضوع اُن ملڪ جون عمارتون، وڻ، کنڊر ۽ بارود خانا قرار ڏجن ٿا. البت انھن ڀتين ۽ ڇتين جي اندر انسانيت، انھن جون خوشيون ۽ غميون، اهي سڀ ان موضوع کان ٻاهر رکيا ويا آهن. خدا ٿو ڄاڻي ته ان ۾ بيڪن جي راءِ جو ڪيترو اثر هو، جو ان کانپوءِ ڊگهي عرصي تائين لڳ ڀڳ اڍائي سئو سالن تائين اولھه ۾ جيڪو به سفرنامو لکيو ويو، اُن ئي انداز ۾ لکيو ويو. البت اڻويھين صدي جي آخر ۾ وڃي سفرنامن جي هڪ نئين اسلوب جي شروعات ٿئي ٿي. جنھن ۾ اسين بيڪني فلسفي ۽ حڪمت جي ابتڙ ڏِسون ٿا ته هڪ سيلانيءَ جي مشاهدي جو مرڪز انسان قرار پائي ٿو، ۽ اجنبي ملڪ جا قلعا، ڀتيون، کنڊر ۽ بارود خانا ان انسان جي مرڪزي ڪھاڻيءَ جي پسمنظر ۽ ماحول جو ڪم ڏين ٿا.
وقت گذرڻ سان گڏ سفرنامو ادب جي هڪ اهڙي موضوعي ۽ داخلي صنف بنجي چُڪو آهي، جنھن ۾ هڪ فنڪار کي پنھنجي ذات جي اظھار جو سڀ کان وڌيڪ اثرائتو، سِڌو سنئون ۽ سولو رستو ميسر اچي ٿو.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مور اِن ملائيشيا“ نه رڳو تاريخي جڳھين جو پس منظر رکي ٿو، پر انساني روين جي ڇنڊ ڇاڻ سان گڏ مور ساگر جي داخلي ۽ خارجي احساسن جي اظھار جو ذريعو بنيل به نظر اچي ٿو، مور ساگر ڇاڪاڻ ته هڪ شاعر به آهي، تنھن ڪري سونھن کان متاثر ٿيڻ فطري عمل آهي ۽ مور ساگر کي ملائيشيا ۾ جتي به ڪا سھڻي من مھڻي صورت نظر آئي آهي ته مور ساگر جي شاعراڻي حِس ڦڙڪي پئي ٿي، جيئن ”ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾“ عنوان سان سرجيل شاعري - يا جڏهن سنھڙي ۽ سھڻي سنھالڻ ايئرهوسٽس اچي ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ لاءِ پُڇي ٿي ته شاعر مور ساگر ان جي مُرڪ تي موهت ٿي، ”تو جي مُرڪون سجايون منھن تي“ نظم سرجي وٺي ٿو. ايئن ڪيترن ئي هنڌن تي پنھنجي شاعراڻي طبيعت سبب موقعي جي مناسبت سان مختلف شاعرن جا شعر ڏيڻ سان گڏ پنھنجا شعر به ڏِنا آهن، جيئن هڪ هنڌ ويٺي جڏهن سندن اڳيان هڪ سُھڻي صورت لنگهي ته مور ساگر سان همسفر محترم انعام ڀٽي جي وات مان بي اختيار نڪتل ملئي لفظ ’بگوس لا‘ (جنھن جي معنيٰ آهي سھڻي شئي) تي ان سهڻي صورت پويان مُڙي ڏِٺو ته مور ساگر جي شاعراڻي رڳ ڦڙڪي پئي، ۽ شعر سرجي ويس.
جي ڪيان تعريف تنھنجي، ڪيئن ڪيان ڪھڙي طرح،
سونھن تنھنجي تي لکان، پر ڪيئن لکان ڪھڙي طرح.
مور ساگر جو هي سفرنامو ”مزاح جي حِس“ سان به ڀرپور نظر اچي ٿو. ٻن خانن يعني محمد خان جوڻيجي ۽ محمد خان سمي جي هن سفر ۾ اسانجي ٻي خان کي پان جي تلاش جيڪو پريشان ڪيو، اُن کي پھرينءَ خان خوب اينجواءِ ڪيو. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو، ”اسان ته ٻئي خان صوفي، شراب، سگريٽ، سوپاريون سڀ کان پري... بس طلب هئي يار خان کي پان جي. پان جي سِڪ همراهه کي سوڙهو ڪري وِڌو هو. وَس ۾ هُجيس ها ته سانوري سنھڙي سنھالڻ جي ساڙيءَ جو پلاند پَڪڙي ۽ عاجزاڻي انداز ۾ چوَي ها ته ”ڪِٿي ڪو پان مِلندو.؟“ وري ٻي هنڌ لکي ٿو، ”گاڏي محمد خان ڊرائيو ڪندو هليو ۽ گڏوگڏ ڪچھري به ڪندا هلياسين پر محمد خان کي هڪڙي عادت آهي ’پان کائڻ‘ جي، جنھن ڪري اڪثر ’هون هون‘ جواب ڏيندو هليو. ۽ محمد خان سمي جي اِها ’هون هون‘ پان کايارن جي هڪ اهڙي گونگي زبان آهي، جيڪا فقط پان کايار ئي سمجهي سگهن ٿا.“ ساڳئي نموني ان مزاح جي حس ۾ چيل جملا، ”واهه چانڊيه تنھنجي لئه“ يا ”اِهي اَٿئي ايڪاسي هزارن جا مَزا“، پڻ سفرنامي کي دلچسپ بنائين ٿا.
مور ساگر هي سفرنامو لکندي، ان کي ننڍن ننڍن عنوانن تحت ورهايو آهي، جهڙوڪ: ’ڀلاڙي خان تنھنجا ڀاڳ‘، ’ 2 خان اِن ڪئالالمپور‘، ’جيئن ماتلي منجھان ڦليلي‘، ’چاڪليٽ ۽ چاهه‘ وغيرهه. انھن ننڍن ننڍن عنوانن تحت مور ساگر ڏاڍيون دلچسپ ڳالھيون ۽ تجربا لکيا آهن. جيئن هڪ هنڌ گهمندي شھر وچان گذرندي نھر کي ڏِسي مور لکي ٿو، ”شھر وچان هڪ نھر پئي گذري جيئن ماتليءَ وچان ڦليلي يا بدين جي وچان قاضيه واهه،“ پوءِ وري ان جي ڀيٽ ڪندي مور لکي ٿو، ”پر هِتي ته مزو ئي ٻيو هو، ڪِنارن تي به تفريح ۽ ننڍا ننڍا پارڪ ۽ پاڻ وَٽ وري نھرن جي ڪنارن تي قبضا ۽ گند جا ڍڳ، ڪاش ڪو اهڙو انسان، ايم. پي. اي، وزير يا آفيسر پيدا ٿي پوي، جيڪو ماتلي شھر منجهان لنگهندڙ ڦُليلي جي ٻنھي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائي، ڦُليلي ۾ ڇوڙ ڪندڙ گٽر بند ڪرائي، ٻنھي ڪپرن کي پَڪو ڪري، گرين بيلٽ ٻنھين ڪپرن کان هجن، ته آئون پوري يقين سان چوان ٿو ته هن کان به وڌيڪ خوبصورت نظارا اکين کي ڏِسڻ جي لاءِ ملندا“.
مور ساگر اهو ته فقط ڦُليلي جي ڪپرن جي حوالي سان لکيو آهي، پر هِتي ته کوڙيءَ کي گهمرو آهي، ندين ۽ نھرن جا ڪپر ته پنھنجي جاءِ تي، پر هِتي ته شھرن جي حالت به ڏاڍي خراب آهي. سنڌ جي ڪِن شھرن جي حوالي سان مونکي ڪنھن دوست جو چيل اهو جملو ياد پيو اچي ته، ”ڪڏهن ڪڏهن ڪِن شھرن مان لنگهبو آهي ته اُنھن جي تباهه ٿيل حالت ڏِسي، ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هن شھر ۾ ڄڻ اڌ ڪلاڪ اڳ جنگ بند ٿي آهي“.
ملائيشيا گهمڻ مور لاءِ هن نئون تجربو هو ۽ ان سان گڏ سندس مشاهدي جي اک به تيز رهي. هو ملائيشيا جي هر ترقيءَ کي پنھنجي ملڪ جي ترقيءَ سان ڀيٽيندو ٿو وڃي، جيڪو سندس پنھنجي وطن سان محبت جو ثبوت آهي ۽ پنھنجي ملڪ جي خراب حالت تي اندر ۾ ڪڙهندو ٿو رهي.
ملائيشيا جي هن سفر ۾ ٻنھي محمد خانن جي گڏ هئڻ جي ڪري ڏاڍا مزيدار لطيفا ٿيا. جڏهن هڪ هنڌ قطار ۾ ٽڪيٽ وٺڻ مھل ٻنھي محمد خانن جي ٽڪيٽ وٺڻ جو وارو آيو ته ٽڪيٽ ڏيندڙ ڇوڪري منجهي پئي ته مور ساگر Same Name, Same Name چئي ٽڪيٽ ته ڪٽرائي پر ساڳئي وقت شاعر مور ساگر جي شاعراڻي حِس به ڦڙڪي پئي ۽ سندس ذهن ۾ هڪ نظم سرجي آيو.
”مور اِن ملائيشيا“ ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ، وندرائيندڙ ۽ بامقصد ڳالھيون موجود آهن، جن جي دلچسپيءَ ۾ پڙهندڙ گُم ٿي وڃي ٿو. مور جو سادو سودو ۽ شاعراڻو اسلوب ڪِٿي به بور يا بيزار نٿو ڪري. ان سان گڏ مور ملائيشيا جي نظارن ۽ اُتان جي سياست جي باري ۾ به هلڪي ڦُلڪي انداز ۾ تبصرو ڪندو ٿو وڃي. هو جڏهن ڪئالالمپور شھر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم مھاتير محمد جي آفيس اڳيان لنگهيا ته مور ساگر لکي ٿو، ”مھاتير محمد جي آفيس جي ويجهو گذرياسين ته سائين انعام ڀٽي آفيس ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته مون جڏهن به سياست شروع ڪئي ته رول ماڊل مھاتير محمد کي بنائي ۽ آفيس جو نظام به سڄو هيئن هلائبو، پوري پلازه ۾ آفيس آهي، جنھن ۾ هر ڊپارٽمينٽ آهي ۽ سڀئي پارٽي عھديدار ۽ ورڪر هلائين ٿا. ڪنھن جي به جاگير يا ورهاست تسليم نٿي ڪئي وڃي، جيئن اسانجي ملڪ ۾ آهي نسل درنسل سلسلو هلندو اچي، هِتي ايئن ناهي“.
مھاتير محمد ملائيشيا کي جيڪا ترقي ڏياري، ان جي نتيجي ۾ هو اسان جھڙن مُلڪن جي ماڻھن لاءِ مثالي ڪردار بنجي وڃي ٿو. هونئن به جڏهن نظرين جو دور ختم ٿئي يا نظرياتي سياست نه هجي ته اُتي شخصيتون ئي رول ماڊل هجن ٿيون ۽ مھاتير محمد به هڪ رول ماڊل ڪردار آهي، جنھن نه رڳو ملائيشيا جي سياست ۾ حِصو ورتو، پر ملائيشيا کي ترقي ڏيارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ کانپوٰءِ ملڪي ۽ پارٽي قيادت تان رٽائر ٿي ويو. اهو به جمھوريت جو حُسن آهي. انھن ملڪن ۾ جمھوريت نه رڳو وڌيڪ سگهاري آهي، جتي سياست يا پارٽي قيادت ڪنھن جاگير طور نسل در نسل منتقل نٿي ٿئي. پوءِ جڏهن مهاتير محمد محسوس ڪيو ته ملڪ کي سندس ٻيهر ضرورت آهي ته هن سياست تان رٽائرڊ مينٽ ختم ڪري 2018 جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ هينئر 92 سالن جي عمر ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي.
مور ساگر کي ڪئالالمپور گهمندي، هٿ جي مليل اشارن تي ٽين جنس وارا همراهه ڏِسي، حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ ياد اچي وڃي ٿي. جيئن لکي ٿو، ”هتي به شايد ايئن ئي بيھندا آهن، جيئن حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ، گدو چوڪ ۽ آسپاس لاءِ ٻڌو اٿم ته بيھندا آهن، هيءَ شايد ڪئالالمپور جي ٿڌي سڙڪ آهي.“
هڪ پڙهندڙ لاءِ ”مور اِن ملائيشيا“ ۾ نه رڳو ڪيتري ئي معلومات ميسر آهي، پر ڪافي دلچسپ ۽ نيون ڳالھيون به پڙهڻ لاءِ مِلن ٿيون. جيئن چاڪليٽ فئڪٽري جي ......... جتي چاڪليٽن جي مختلف قسمن جي ٺھڻ بابت رسيپشن جي سھڻي ڇوڪري جڏهن کين چاڪليٽن جي مختلف قسمن جي ٺھڻ بابت ٻُڌائيندي هڪ خاص چاڪليٽ جي به ڳالھه ڪئي. جنھن جو ذڪر ڪندي مور ساگر لکي ٿو، ”چاڪليٽن جا مختلف ۽ کوڙ قسم هئا، جن ۾ هڪڙو اهڙو به چاڪليٽ هو، جنھن جي باري ۾ ٻُڌايائين ته هي چاڪليٽ خاص جنسي قوت لاءِ ٺاهيو ويندو آهي. ۽ هي صرف مردن جي کائڻ لاءِ آهي، هاڻي ته نظرن چؤطرف گهمي ڏِٺو ته سڀني مردن جي چھرن تي حياءَ جي لالائي جون ريکائون اُڀرندي نظر آيون، ڇوڪري ايتري ته خود اعتماديءَ مان چئي رهي هئي، جو ڇا چئجي، وري وري دهرائي رهي هئي.“
”مور اِن ملائيشيا“ ڏاڍو دلچسپ سفرنامو آهي ۽ اِهو هڪ شاعر جي اک جي ماڻيل مشاهدن جي نتيجي ۾ لکيو ويو آهي ۽ شاعر جي اک عام اک کان ڌار هُجي ٿي، ان ڪري سفرنامو به هڪ منفرد ۽ دلچسپ سفرنامون آهي.

[b]يوسف سنڌ ي
[/b]7 مئي 2018،
ذيل پاڪ، حيدرآباد.

پنھنجي پاران

’حيدرآباد کان هنزه تائين‘ منھنجو پھريون سفرنامو هو، جنھن ۾ پنھنجي پاران ۾ لکيو اٿم ته: ”منھنجي ننڍي هوندي کان خواهش رهي آهي ته پوري سنڌ جو سير ڪجي، پوءِ مُلڪ جو ۽ پوءِ قسمت ساٿ ڏِنو ته ٻاهريان مُلڪ، ٻاهر جي دُنيا به ڏِسبي“ ۽ گڏوگڏ اِهو به لکيو اٿم ته: ” پنھنجي جوڙيل ترتيب تي زندگي يا قسمت هلڻ لاءِ پابند ناهي هوندي“.
مختصرً اِهو ته سنڌ کان پھرين مُلڪ جو سفر ڪرڻ جو موقعو مِليو ۽ پوءِ سنڌ گهمڻ شروع ڪيم سنڌ جو سفر ته اڃا هلندڙ آهي ۽ هڪڙو ڪتاب پُڻ سھيڙي رهيو آهيان، ”زندگي جا پَل: جي مون گهاريا پنڌ ۾“ جلد اُن جو به پھريون ڀاڱو اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
فيبروري جي شروع وارين تاريخن ۾ مون ’ورلڊ اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ پبليڪيشن‘ (وارپ) جو ڪم پي ڪيو، جيڪي هر ڇھين مھيني ملائيشيا (ڪئالالمپور) ۾ ڪانفرنس ڪندا آهن. 2010ع کان وٺي هي ڪم آئون ڪندو پيو اچان، سو منھنجو دوست محمد خان به مون سان گڏ ويٺو هو، چيائين ته تون وارپ وارن کي چئو توکي ملائيشيا گهمائڻ وٺي وڃن، مون مُسڪرائي چيو يار هر سال آفر ڪندا آهن، پر مونکي مُناسب نه ٿو لڳي، ڇو ته آئون صرف گهمڻ لاءِ ويندس، جڏهن ته هنن جو هي وڏو ڪم آهي، هي پنھنجي ڪم ۾ هوندا ۽ آئون اڪيلو ڪِٿي ٿو گهمي سگهان، هي پنھنجو ڪم ڇڏي مونکي گهمائن، اِهو مونکي مناسب نٿو لڳي. محمد خان هڪ منٽ جي خاموشي کان پوءِ مُسڪرائي چوڻ لڳو اِهو ڪھڙو مسئلو آهي تون ڳالھائين منھنجي نالي اگر ڪانفرنس ۾ اِنوائٽ ڪري سگهن ٿا ته اِهو ڪو مسئلو ناهي، پاڻ ٻه هونداسين گهمي اينداسين، مونکي به ڄڻ آٿت مِلي، مون شام جو ئي مئڊم خديجه قريشيءَ کي فون ڪئي ته مئڊم اوهان مونکي هر بار آفر ڪندا آهيو گهمڻ جي، پر اڪيلو هئڻ ڪري نه پي هليس هن ڀيري منھنجو هڪڙو دوست آهي اِهو مونسان گڏ هلڻ ٿو چاهي، اگر اوهان اُن کي ڪانفرنس ۾ انوائٽ ڪريو ته منھنجي به خواهش پوري ٿي ويندي. ميڊم محمد خان جي باري ۾ ٿوري معلومات ورتي، چيومانس هي پاڻ هڪ اين جي اوز هلائي ٿو، ۽ انوائرمينٽ تي گهڻو ڪم ڪيو اٿس. هڪ ٻه مُلڪن ۾ اڳ ۾ به ڪانفرنسون اٽينڊ ڪري آيو آهي. مئڊم خديجه قريشي چيو ته پوءِ ٺيڪ آهي ڀلي هلي اوهان مونکي پنھنجا پاسپورٽ، فوٽو ۽ سي. وي موڪليو ته جيئن اوهانکي ڪانفرنس ۾ شامل ڪري سگهان ۽ ليٽر به جاري ڪريان. اسانجا پاسپورٽ تيار پيا هُئا، فوٽو ڪڍرائي گڏ سي. وي به ميل ڪئيسين. ايئن هفتي جي اندر ئي سڄو پراسسز مڪمل ڪيوسين ۽ 13 فيبروي 2014ع تي روانا ٿياسين، ان کان اڳتي لمحي لمحي جو احوال اوهانکي هن سفرنامي ’مور In ملائيشيا‘ ۾ مِلندو.
ٿورائتو آهيان پروفيسر ڊاڪٽر انعام الله ڀٽي صاحب ۽ پروفيسر ڊاڪٽر خديجه قريشي صاحبه جو جن جي ساٿ ۽ سھڪار کانسواءِ مور ملائيشيا ۾ اِن ٿي نه سگهي ها. ۽ ٿورائتو آهيان منھنجي هم نام محمد خان سمون جو جنھن ساٿ ڏِنو ۽ محترم يوسف سنڌي جو جنھن نه صرف هن سفرنامي جو مھاڳ لکيو پر مونکي چيائين ته هي تنھنجو سفرنامو آئون ڇپرائيندس، سندس خلوص ۽ محبتن جو ٿورائتو آهيان، جنھن هي سفرنامو ’مور In ملائيشيا‘ پنھنجي اداري ’سچائي اشاعت گهر‘ جي پليٽ فارم تان شايع ڪيو. پنھنجي پيارن پڙهندڙن کي عرض ته هن سفرنامي ۾ خوبيون توڙي خاميون مونسان منھنجي ڏنل نمبرن تي شيئر ڪَن، جيئن آئنده پاڻ ۾ اصلاح آڻي سگهان. وڏا وڙ سڀني سڄڻن، ساٿين جا.

[b]مور ساگر
[/b]03332634650
03002634650

روانگي

---

...ايڏي سفر سپرين!

سج اڃان پريان ڪارونجهر آڏو ڪر موڙي اُڀرڻ جو سوچي رهيو هوندو، تنھن کان پھرين ئي آئون تيار ٿي چُڪو هُيس. هينڊڪيري ۽ هڪ شولڊر بيگ ٻنھي ۾ ترتيب سان سامان سيٽ ڪيم. پرين، جيڪا ڪيترو پيار ڪري ٿي، بدين وڃان تڏهن به ناشتي کان سوا نه ڇڏي، سو هيڏي سفر تي ٿو وڃان، مونکان پھرين اُٿي ناشتو تيار ڪري ورتائين. وس پُھچي ها ته منجھند ۽ رات جي ماني به بيگ جي ڪُنڊ پاسي کان رکي ڇڏي ها.
جي سِجهائِي سِڪَ، ته پُڻ سِڪي سَسُئي،
پيتائِين پُنھُونءَ سين، هَڏ نهَ ڀَڳِيَس هِڪَ،
اِنَ تَــڙَ مَنجهان تِڪَ، ڏِني پاڻ َ اُڃَ ٿِيي.
(شاهه)
سِڪ مان ساهه ٿڌڙا ڀربا آهن، تڏهن خوشبوءِ هڳاءُ ٿي هوائن ۾ ڦلھجي ويندي آهي، چاهت مان چَپَ چُرندا آهن ته گلاب جون پَتيون بڻجي وکرندا آهن، ۽ جڏهن سِڪ ۽ چاهت اُڪير بڻجي اکين ۾ آگم آڻيندي آهي ته ڄڻ سِپ ۾ موتي چمڪندا آهن. اِهي سڀئي سھڻا شفق جھڙا رنگ زندگيءَ ۾ قدرت ڀريندي آهي، ته سِڪ مٿان ساهه گهورڻ گُهرندو آهي ماڻُھوءَ جو مَن.
ڇا ٿيندو آ چاهه، گهڻو آئون ڄاڻان ٿو،
ڏِبو آهي ساهه، مُحبتن جي موٽ ۾.
ٻاهر گاڏيءَ جو هارُن وڳو، سمجهي ويس ته عمران آيو هوندو مونکي وٺڻ لاءِ. پرينءَ جي نصيب تي چَپَ رکي کائنس موڪلايم. هن به ٻئي ٻانھون منھنجي ڳچي ۾ هار ڪيون، سندس اکين ۾ ڏِٺم ته آگم نظر آيم ۽ سندس چپن مان دُعا سان گڏ لطيفرح جا هي لفظ ڇڻي رهيا هئا. ”وڃ مَ ڦوڙائي ايڏي سفر سُپرين“. اِن کان اڳ جو آئون به اکيـين آگم آڻيان، تڪڙو تڪڙو هيندڪيري کي ڦيٿن تي هلائي ۽ ٿيلھو ڪُلھي ۾ پائي اچي ڪار ۾ ويٺس، 15 منٽن ۾ BDRO جي آفيس پُھچي وياسين.
محمد خان، منھنجو هم نانءُ ۽ سفر ۾ همسفر تياري ڪري رهيو هو. تيستائين مون ڏي چانھه موڪليائين. محمد خان هڪ هينڊڪيري کنئي سامان ڊِگيءَ ۾ رکي ڪار ۾ ويٺاسين، گاڏي محمد خان ڊرائيو ڪندو هليو ۽ گڏوگڏ ڪچھري به ڪندا هلياسين، پر محمد خان کي هِڪڙي عادت آهي ’پان‘ کانئڻ جي، جنھن ڪري اڪثر ’هون هون‘ جواب ڏيندو هلندو.
جيڪو سفر ۾ همسفر آهي اُن جو توهان سان ٿورو تعارف به ڪرائيندو هلان. هِن همراهه سان جيڪو منھنجو هم نام به آهي، مشڪل سان سَتَ يا اَٺ سال پھريان واسطو ٿيو هيو. پوءِ سندس سڀاءُ سبب اِهو واسطو جلد ئي دوستيءَ ۾ بدلجي ويو. محمد خان پنھنجي هڪ BDRO نالي NGOs به هلائيندو آهي. دوستي نڀائڻ جو مڙس ماڻھو آهي، سدائين ڏسندو آهيانس ته ڪنھن نه ڪنھن يار جي ڪا نه ڪا ڦـٽنگ هوندي اَٿس، پر ڪنھن کان ڪنڌ ڪڍائيندي مون نه ڏِٺو. مون هِن شخص جي دِل ۾ ڪنھن لاءِ ڪا سوڙهه محسوس ڪڏهن نه ڪئي، هي 24 ڪلاڪ سماجي ڪارڪن ٿي گهمندو آهي، اهڙا ماڻھو تمام گهٽ هوندا آهن جيڪي پنھنجن ڪمن کان وڌيڪ ٻين جي ڪمن کي اهميت ڏين. دِل ٿي چئي اياز جا هي لفظ کيس ڀيٽا ڪريان:
ڪڏهن تون لُڙڪ ۾ ڪنھن جي، ڪڏهن تون ماڪ آن گُل تي،
هزارين پوش پھرين ٿو، هزارين ويس ڌارين ٿو.
ڪڏهن آهوءَ جيان آهين، رميده تون بيابن ۾،
ڪڏهن خوشبوءِ جيئان ڦھلي، پيو دِل کي ڌُتارين ٿو.
منھنجو هم نام محمد خان سُٺو شاعر پُڻ آهي، ۽ اخبارن ۾ سُٺا مضمون پُڻ تحرير ڪندو آهي، گهڻو ڪري شخصيتن تي ئي لکندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن دل جي ڪنھن گوشي مان ڪا ياد اُڀرندي اٿس ته شاعري ٻُڌائڻ شروع ٿي ويندو آهي:
واءُ اُتر جو، پٿر ٺاري،
پارو ڄڻ ٿو، رَت سُڪائي،
ڪَنَ جون واليون ڪيئن ڍڪيان مان،
تنھنجي هٿ ڪِتايون اُن ۾،
پُور پوَن جي جوڀن جَلندي،
رات پڇاڙي ڪيئن ٿي ڪٽجي،
مان جي چاهيان ڏور گگن تي،
تارن ڀر ۾ گهرڙو ٺاهيان،
ڪوبه نه گهرجي تو بِن ڍوليا،
لوڪ سمورو ذرڙو ڀانيان،
سي سيارو آڌي چيري،
ماس هڏين چوڙين ڇڻڪو،
پوپٽ جيان تون واس وٺين جي،
لڱ سرايون، ڪَنَ ۾ ڀُڻ ڀُڻ،
اک اندر آ ڳوڙهو تولئه،
نادَ ٿڌي ۾ پاڻي ٺريل،
مون کان منھنجو مَن پُڇين جي،
آس اندر جي آه نه پَلجي،
پوئين رات جو پھر پَڇاڙي،
بُت جي ڏڪڻي خالي کٽ تي،
ها جا مونکي اک لڳي جا،
شھر سڄي جا ماڻھو جاڳيا،
تولئه مايا وِچ ندي جو،
مان ٿي ڪِناري اُڃ اُجهايان،
ها، پر هِڪڙي ڳالھه ٻُڌائي،
سار جي سردي ڪيئن ڍڪيان مان،
تو وَٽَ هيل به مان جي ناهيان،
منھنجي خيال ۾ تون هُجين شل،
تنھنجي خيال ۾ ڇا آئون به آهيان؟
تاراڪوٺي آيس تو وَٽَ،
تِن کي تو سِج ڏيکاريو،
اڳڙيون منھنجي آرس تو بِن،
جوڀن منھنجي مَتَ وِڃائي،
واه اُتر جو پٿر ٺاري،
پارو ڄڻ ٿو، رَت سُڪائي.
پر هِن جي سُڃاڻپ شاعر طور ناهي، هي هڪ صحافي دوست سان ڪيتريون اسٽوريون به ڪري چُڪو آهي، پر هِن جي سُڃاڻپ صحافي واري به ناهي، هي گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي، تنھن ڪري هِن کي سماجي ڪارڪُن طور ئي سُڃاتو وڃي ٿو.
آئون سندس تعريف هيءَ اِن ڪري پيو ڪريان جو چوندا آهن ته دوست سُڃاڻڻ چاهيو ته ساڻس گڏ سفر ڪيو. سو حيدرآباد کان بدين تائين هميشه گڏ ايندا آهيون. اُهو اِيئن ته جڏهن به سندس حيدرآباد ڪم ٿيندو آهي ۽ واپسيءَ شام جو ٿيندي اَٿس ته مونکي فون ڪري چوندو آهي، ’هلين گهر ته کنيو هلان‘، اِها ڪوالٽي تمام گهٽ ماڻھن ۾ آهي، پئسي ۽ ملڪيت ۾ ته هر ٽيون ماڻھو امير آهي، پر دل جو امير سوَن ۾ هڪڙو هوندو آهي. هي همراه منھنجو نالي ڀائي دل جو امير آهي. ڀلي کيس آزمائي ڏسجو.
ماڻھو سڀ نه سھڻا، پکي سڀ نه هَنج،
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهه، اچي بوءِ بھار جي.
(شاهه لطيف)
ٻُڌايم ته حيدرآباد مان انيڪ ڀيرا گڏ ايندا رهندا آهيون. سدائين ڪنھن نه ڪنھن دوست جي فون ايندي اٿس ’يار خان حيدرآباد مان اچين پيو، ڪيڪ وٺيو اچ، هيءَ شئي وٺيو اچ، هوءَ شئي وٺيو اچ،‘ ۽ هي بنا ڪنھن به گهٻراهٽ يا مُنھن تي ڪو خراب تاثر آڻڻ جي، گاڏيءَ کي اڌ مان پوئتي ورائيندي چوندو، ’يار ٻه ٽي منٽ لڳندا همراه فون ڪئي آهي ڪم ڪريو هلونس‘.
منھنجي وضاحت ڪرڻ جو مطلب ته مونسان گڏ جيڪو همسفر هيو، سو بِلڪل ذهني هم آهنگي رکندڙ هو. تنھن ڪري سفر ڪيئن رهيو، اِهو ته اوهين اڳتي پڙهندا، باقي همراهه ڇا آهي اِهو مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو.
اِهو گُڻ سٺو آهي، سڀ ڪنھن ماڻھوءَ ۾ ناهي هوندو، پر مون ڪنھن ڏاهي ماڻھو واتان ٻُڌو ته ’اوهان زندگي ۾ انڪار ڪرڻ سِکو نه ته پنھنجا سڀ ڪم اَڌورا رهجي ويندا ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار رهندا، ماڻھو اوهان کي اهڙا ڪم به چوندا جيڪي هو خود آسانيءَ سان ڪري سگهن ٿا، پر توهان هر وقت اهڙن ماڻھن لاءِ حاضر هوندا ته هنن جي اِها عادت ٿي ويندي آهي، ته اسان جو هي معمولي ڪم به ڪو ٻيو ڪري، سو هر ننڍي وڏي ڪم تي ها نه ڪيو، جيڪو اوهان کي پسند به نه هجي ۽ انڪار به نه ڪري سگهو ته اِهو ڪم اوهان کي تمام گهڻو ذهني دٻاءُ جو شڪار ڪري سگهي ٿو. تنھن ڪري زندگيءَ ۾ انڪار ڪرڻ سِکو.‘

ويزا، موضوع بنجي ويو

اسان جي ٻين موضوعن سان گڏ اِن ڳالھه تي به گهڻي گفتگو ٿيندي رهي ته جيڪڏهن منھنجي ويزا نه لڳي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ هر ڪلاڪ اڌ کانپوءِ اسان رضوان ’شيرازي ٽريولر‘ جو نمبر ڊائيل پيا ڪريون، جيڪو ڪالھه مئڊم ڏنو هو. چيو هئائين ته رابطي ۾ رهجوس ۽ زور ڀرجو ته ٻئي گڏ ٿا وڃون، تنھن ڪري ٻنھي جو ويزا ٿيڻ کپي، نه ته ٻئي نه وينداسين. ايئن چوڻ سان هنن کي ٿورو همت ڪرڻي پوندي. پر اڃان ته آسرا ئي هئا. تيستائين اسين به اچي مھراڻ هوٽل تي پُھتاسين، گيٽ تي گارڊ بيٺو ھو، جنھن کان ’شيرازي ٽريولر‘ جي پُڇا ڪئيسين، ھٿ جي اشاري سان ٻُڌايائين اُڀرندي پاسي کان آھي.
ايجنٽ سان مِلياسين، ٻُڌايائين تھ اڃا ڪو آسرو ناھي، اسان به کيس چيو ته پوءِ ٻئي نه وينداسين. چيائين ٻين وڳي تائين فائنل ٿي ويندو. ”جيستائين ويزا جي ورندي مِلي، تيسيتائين هلي اقبال جوڻيجو (سنڌ سيڪريٽريٽ) کان ٿي اچون،“ محمد خان چيو. سنڌ سيڪريٽريٽ آياسين. اقبال جي آفيس مٿي سيڪنڊ فلور تي سيڪريٽري آف لٽريسي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ آهي ۽ محمد خان کي موڪل جي درخواست / اجازت ليٽر کڻڻو هو. مٿي سيڪنڊ فلور تي چڙهياسين. وڪيل منڱريو سان ملاقات ٿي، چيائين: ’مور ساگر هِتي پيا ڏِسجو‘. چيم ’ها يار ڪم آهي ڪنھن دوست سان.‘ مون اڃا تائين ڪنھن به دوست کي ملائيشيا وڃڻ جو نه ٻُڌايو آهي. ڇو ته اڃا ته منھنجي ويزا اٽڪيل هئي ٽِن ڏينھن کان ۽ اڄ آخري ڏينھن آهي ها يا نه. تنھن ڪري اڳواٽ دوستن کي ٻُڌائڻ مُناسب ناهي.
هڪ مزيدار واقعو ٻُڌايان ته ’ريڊيو FM-92 تي هڪ پروگرام ۾ هڪ شاعر هڪ ڪھاڻيڪار جو انٽرويو رکيل هو، شاعر آئون هئس ۽ ڪھاڻيڪار صديق منڱيو هو. انٽرويو ڪندڙ رشيد آزاد ۽ مرحيات شھناز راڄپر هئا. انٽرويو ڏئي آيس صديق منڱيي ته الائي ڪنھن ڪنھن کي ٻُڌايو هوندو، پر مون پنھنجن ويجھن دوستن ۽ مائٽن کي ٻُڌايو ته منھنجو انٽرويو ايندو، ريڊيو FM-92 تي ۽ اُنھيءَ ٽائيم تي ريڊيو کي ويجھا ٿي ويٺاسين، پر انٽرويو نه آيو، آر. جي کان پُڇا ڪئي چيائين يار افسوس جو ڪمپيوٽر آپريٽر کان اوهان ٻنھيءَ جا انٽرويو ڊليٽ ٿي ويا، جي مناسب سمجهو ته وري انٽرويو رڪارڊ ڪرائي وڃو، چيم ’هاڻي وري ڪِٿي ٿو انٽرويو ڏجي.‘ سو اُن ڏينھن کان وٺي وري ڪيڏي به وڏي ڳالھه هُجي اڳواٽ ڪنھن سان به ناهيان ڪندو.
اقبال مِليو، آفيس ۾ ويٺاسين، بس صرف ايترو جو اسان کي ليٽر ڏِنائين، چانھه به ڪانه پيتيسين گهڻو ئي اسرار ڪيائين. اسان تي ته ويزا جي تلوار لٽڪي رهي هئي، تنھن ڪري جلد ئي اقبال کان موڪلائي نِڪتاسين. رستي ۾ ڪنھن دوست جو ميسيج آيو، ’ڪيئن آهين؟ ڪِٿي آهين؟.‘ ’چيم في الحال ته ٺيڪ آهيان، ٽين وڳي کانپوءِ ڪيئن هوندس، ڪِٿي هوندس پتو ئي ناهي.‘ منھنجو اِيئن لکڻ ۽ هُن جو شروع ٿي وڃڻ، ڇا ٿيو؟ ڇا ٿيڻون آهي؟ مهرباني ڪري ٻُڌايو، مون سندس بي چيني ۽ بيقراري ميسيجن مان ئي محسوس پئي ڪئي. چيم بس اڌ ڪلاڪ باقي آهي ٽين وڳي ٻُڌائيندس.
’شيرازي ٽريولر‘ آفيس ۾ ويٺا آهيون ايجنٽ کان ٻيون ڪي صلاحون وٺون، يا پُڇون ها، پر اسان جون ته سڀئي ڳالهيون هاڻي اِن ڳالھه تي اچي دنگ پيون ڪَن ته، ويزا نه ملي ته ڇا ٿيندو؟! مئڊم به رابطي ۾ هئي مسلسل، مون سان به ته ايجنٽ سان به. جڏهن ويزا لڳڻ جو وقت 2 وڳي فائنل هوندو آهي هن وڌائي 3 وڳي فائنل ڪري ڇڏيو آهي، جنھن مان محسوس ٿيو ته همراهن کي هاڻي ذاتي دلچسپي آهي، منھنجي ويزا لڳرائڻ سان. ڇو ته پوءِ هنن کان ٻه به ويون ته هڪ به ويندي. محمد خان ڪنھن وقت چوي ته آئون اڪيلو ڪيئن ويندس، ۽ مون به چيو اگر سڀاڻي ٿو ٿئي ته اڪيلو آئون به ڪونه ويندس.
موبائيل اسڪرين تي ميسيج آيو، گهڙيال ڏي ڏِٺم پورا ٽي ٿيا هئا. حيران رهجي ويس، ميسيج اُن ئي محبوب دوست جو هو جنھن کي چيم ته ٽين وڳي ٻُڌائيندس.
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏه تَڏه پرين کي،
ڏوريندِيُون ڏِسَنِ، اَڱڻَ عَجِيبَنِ جا.
دل ۾ خيال آيم ته کيس چوان .............. پر پاڻ تي ضبط رکيم. هاڻي ته اسان جي دل جي ڌڙڪن به گهڙيال جي سيڪنڊ ڪانٽي جيئن گهمي رهي آهي. بس ٻه ٽي منٽ گُذريا، تيستائين رضوان چيو ”مبارک ہو ویزا لگ گئی“ اسان جي پيٽ ۾ ساهه پيو ۽ بس چيوسين جلد ٽڪيٽ ڪَٽ.
مون پرينءَ کي فون ڪري ورتي ۽ هڪ ٻن ٻين دوستن کي ميسيج ڪري ٻُڌايم، جيڪي مون جيان ئي بي چين هئا، منھنجي ويزا لڳڻ جي انتظار ۾.
هاڻي وري ايجنٽ رضوان هڪ ٻيو نخرو ڪيو ته اڪانامي سيٽ ڪا به نه بچي آهي، بزنس ڪلاس ۾ اٿوَ ڏهه ڏهه هزار مٿي ٿيندا، 71 هزار بجاءِ 81 هزار. سوچيوسين پئسا کپائڻ لاءِ ئي ته گهران نِڪتا آهيون، پوءِ وري سوچڻ ڇا جو، Ok ڪيوسين. پر ٻنھي جا 22 هزار مٿي پيا ٿين، کيس چيوسين ڪجهه پئسا واپسيءَ ۾ ڏينداسين، چيائين ٺيڪ آهي. ٽڪيٽ ملي ڏِٺم 4L-Srilankan Air Lines-Flight No-184 ۾ ڪلاس `A` آهي.
ادا منظور کي چيم ڪُجهه پئسا جلدي آن لائين ڪر. اُن 15 هزار اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا، مون اُهي اُتي ئي مھراڻ هوٽل ۾ بينڪ جي ATM مان ڪڍي ورتا.
گاڏيءَ ۾ ويٺاسين 3:20 منٽَ هِتي ئي ٿي ويا، اڃا ايئرپورٽ الائي ڪيترو پري آهي، پُھچي به سگهنداسين الائي نه! رِسڪ ته کنيو اٿئون...الله مالڪ آهي. رستي ۾ ڪا به رنڊڪ نه هوندي ته ضرور پُھچي وينداسين.
جيڪڏهن صبح وارو چڪر ٿو ٿئي. رزاق آباد پُھتاسين ته روڊ بلاڪ، گاڏين کي ٻي روٽ تان پئي روانو ڪيائون، پڇا ڪئيسين ٻُڌايائون ته پوليس ٽريننگ سينٽر تي بم ڦاٽو آهي ست کان وڌيڪ اهلڪار شھيد ٿي ويا آهن.
ڪراچي جون حالتون هاڻي ايئن ٿي ويون آهن. خبر ناهي ڪڏهن امن ٿيندو، ڪڏهن دهشتگردن مان جان ڇُٽندي، پر في الحال امڪان ته نظر نٿا اچن، ڇو ته جيڪا ڌُر سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد رهي آهي اُن کي هر حڪومت ۾ حِصو ڏِنو ٿو وڃي، ته پوءِ دهشتگرديءَ تي قابو ڪيئن پائيندا. اسان جي حڪمرانن لاءِ آئون ته ساحر لڌيانويءَ جا هي لفظ ئي چئي سگهان ٿو.
تم ہی تجویز صلح لاتے ہو،
تم ہی سامان جنگ بانٹتے ہو،
تم ہی کرتے ہو، قتل کا ماتم،
تم ہی تیر و تفنگ بانٹتے ہو۔
هو ته معاهدا ڪري پنھنجا هٿ مضبوط ڪري ويهندا آهن، پوءِ هي دهشتگرد اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويٺا رهندا آهن. خدا ڄاڻي ته ڪڏهن ڪو اهڙو مڙس ماڻھو پيدا ٿيندو، جيڪو هن دهشتگرديءَ جي باهه کي وسائي، وطن واسين کي سُک جي ساهه کڻڻ ۾ مدد ڪندو ۽ اسين کيس اياز جو هي شعر آڇينداسين:
ڌرتي ڌوئو، اُڀُ به ڌوئو، هر شيءِ جنھن تي رَت سا ڌوئو،
اَمن چڱي شيءِ آهي يارو، ديس سڄو لَت پَت آ ڌوئو.
الله جي مھرباني سان رستي ۾ ڪا به رُڪاوٽ نه هُئي، تنھن ڪري وقت تي پُھچي وياسين.

ايئرپورٽ تي پئسا ڪڏهن به چيئنج نه ڪرايو

ايئرپورٽ تي پهچي تڪڙو مٿي چڙهياسين، چيوسين ڪُجهه پئسا 20، 20 هزار کن چيئنج ڪرائي رنگيٽ وٺيو هلون. 33 روپئي ۾ هڪ رنگيٽ مليو. واهه سائين اسان جي ڪرنسي جو مُلھه: 20 هزار جا رنگيٽ ورتاسين. اندر هڪڙي گيٽ کان پوليس واري چيڪ ڪيو. جيئن ئي تڪڙا اندر داخل ٿياسين، سائيڊ تي هڪڙي ڪئبن مان همراهه نڪتو، اسان ڏي تڪڙو وڌي آيو، چيائين: ’هيڏانهن اچو پاڪستاني روپيا کڻي وڃڻ منع آهي،‘ اهڙي نموني سان چيائين اسان چيو واقع، اسان هڪ ته پھريون ڀيرو پئي وياسين ملڪ کان ٻاهر، ٻيو ته جھاز تي پھچڻ جي تڪڙ هئي، ڪجهه منٽ ئي وڃي بچيا هئا. جيڪي پئسا هئا ڪڍي سندس اڳيان رکياسين موٽ ۾ جيڪي پئسا ڏنائين، کڻي پرس ۾ وِڌاسين. اسان وٽ ايترو وقت ئي نه هو جو حِساب ڪجي. جڏهن حساب ڪيوسين ته اسان کي 33 روپيي وارو رنگيٽ 35.5 ۾ ڏئي 12 هزار روپيا اسان کي هڻي ويو. اوهان سان ڪڏهن ايئن ايمرجنسيءَ ۾ ڪو اهڙو واقعو پيش اچي ته اهڙن ٺڳن کان هوشيار رهجو.

هليو آ هليو آ ملائيشيا

اڳيان خان کي ڪيم جو کيس انگلش ايندي هئي، اسان جي ته انگلش به پوري ساري هئي، خان جي چيڪنگ چڱي نموني ڪئي ويئي، منھنجي هٿ ۾ ڪتاب هئا ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“ (الطاف شيخ)، ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ (مور ساگر)، ٻئي ڪتاب هٿ ۾ کنيا هنيم، اُنھن ۾ هڪڙو اهلڪار نوجوان، پر هيو به سنڌي، تنھن خان جي چيڪنگ دوران ئي منھنجي هٿ ۾ کنيل ڪتاب جو نالو پڙهي ورتو، هٿ جو اشارو ڪندي، چيائين: هليو آ هليو آ ملائيشيا، مون مُسڪرائي Thanks چيومانس ۽ بِنا چيڪنگ جي هليو ويس اندر، اندر اسڪينگ ڪري پوءِ اهلڪار سامھون ويٺل ڪائونٽر تي هڪڙي سنھڙي ڇوڪري ڏي اشارو ڪندي طنزيه انداز ۾ چيائين: ”ابھی آئے ہیں“ اسان جي سامان جي چيڪنگ ٿي ۽ انھيءَ تي سري لنڪن ايئرلائين جا ٽيگ/اسٽيڪر لڳايا ويا. ڇوڪري اِن ڳالھه تي ضد ڪرڻ لڳي ته توهان هئنڊڪيري هٿ ۾ ئي کڻو وزن گهٽ آهي تنھن ڪري. اسان چيو ايئن نه ٿيندو هٿ ۾ نه کڻنداسين...
جڏهن پاسپورٽ ٻئي ڏِٺائين ته خان محمد، خان محمد پاسي ۾ ويٺل ٻي ڪائونٽر واري ڇوڪري کي چيائين ته: دونو بندے ایک ہی نام کے، ایک ہی ساتھ جا رہیں ہیں، ایک کو تم ڈیل کرو۔ جواب ۾ چيائين: پھر کیا ہوا، تم نام کو چھوڑو پاسپورٹ نمبر پر بورڈنگ کارڈ جاری کرو۔ خير اِن ڳالھه جو ته اسان کي اڳ ۾ ئي اندازو هيو ته هي اتفاق اسان سان گهڻن هنڌن تي ٿيندو. ساڳئي نالي سان، ساڳئي شھر مان ۽ ٻئي گڏ سفر ۾، اِهو هڪڙو اتفاق ئي آهي، پر اڳيان ويٺل 2 منٽ اِن ڳالھه تي سوچيندا ضرور. اسان کي بورڊنگ پاس ملي UL-184 سيٽ نمبر 4-A بزنس ڪلاس. خان ڇا ياد ڪندين پھريون ڀيرو سو به بزنس ڪلاس ۾، بورڊنگ ڪارڊ کي ڏسي خوشيءَ جو اظھار ڪيوسين.
هئنڊڪيري جمع ڪرائي ٿياسين آجا، مونکي بس شولڊر بيگ ڪُلھي ۾ پاتل هئي ۽ ٻه ڪتاب هٿ ۾، اڳيان به شايد هاڻي چيڪنگ جا هي آخري ڪائونٽر آهن. پھرين خان ويو چاچو پوڙهو آفيسر هو، تنھن يڪو پي سوال جواب ڪيس، دل ۾ سوچيم ’هاڻي لڳي وئين ميان مور ساگر!‘ وارو آيو منھنجو، ٻئي ڪتاب سندس سامھون ڪائونٽر تي رکي پاسپورٽ بيگ جي کيسي مان ڪڍيم. تيستائين پاڻ ئي سنڌي ۾ ڳالھايائين: ’جھاز ۾ ڪتاب پڙهندين ڇا؟‘ ’ها سر 6 ڪلاڪ جو سفر آهي، واندڪائي هوندي، بھتر آهي ڪتاب پڙهجي. ’ڪنھن جا ڪتاب آهن؟‘ ’هڪڙو الطاف شيخ جو سفرنامو، ٻيو مور ساگر جو سفرنامو‘. ’مور ساگر کي ته مون ناهي پڙهيو‘، ’سر هاڻي پڙهي ڏِسجو.‘ خيال آيم ته ڪاپي کيس گفٽ ڪيان، وري سوچيم ملائيشيا ۾ متان ضرورت پئجي وڃي، جي هڪ ڪتاب بچي پيو ته واپسيءَ ۾ کيس ڏيو ويندس. بس ايترو ئي پُڇيائين، چيائين ٺيڪ آهي. Ok.
اڳتي وڌياسين، جوڙو اڳيان به بيٺو هو، ليڊي اهلڪار ۽ جينٽس جن بورڊنگ ڪارڊ تي ٺپو هڻي اڳيان روانو ڪيائون. بورڊنگ ڪارڊ هٿ ۾ ئي هئا ته اسانجي اڳيان نازڪ، نفيس هٿ وڌيا، بورڊنگ ڪارڊ وٺي چيڪ ڪري، اڌ ڦاڙي اسانکي ڏنو، اڌ پاڻ رکيائون.
هاڻي اسانجا قدم سِڌو جھاز طرف ئي هئا. هي منھنجي زندگيءَ جو خوبصورت موڙ هيو. پھريون ڀيرو، حالانڪِ جڏهن پاسپورٽ ٺھرايم پي سڀني سان اظھار ته اِهو ئي ڪيو هيم ته. جڏهن جھاز جو سفر ڪيم ته اهو پھريون سفر مديني طرف هوندو. پر زندگي اسانجي ٺھيل ترتيب تي ناهي هلندي، ۽ وقت جون واڳون به اسانجي هٿ وَس ناهن هونديون. لطيف چواڻي: ’واڳ ڌڻيءَ مون ون وَس، آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي‘، سو مديني بدران پھريون سفر ملائيشيا طرف ئي ٿيو.

سنھڙيون، سانوريون، سايون مَٿِن ساڙهيون

جھاز جي دروازي وٽ پُھتاسين، سنھڙيون سانوريون ساين ساڙهين ۾ سواگت لاءِ نمسڪار ڪري ٻئي هٿ جوڙي مُسڪرائي رهيون هُنيون. جن لاءِ پنھنجي ڪنھن ڪھاڻي ۾ لکيو هيم ته: ايئرهوسٽس جي به عجيب ڊيوٽي آهي، من ۾ ڀلي ماتم برپا هجيس، پر چَپن تي کيس مُسڪراهٽ ئي سَجائي رکڻي آهي، ۽ ٻيو نرس پُڻ، ٻنھي جي ساڳئي ئي قسم جي ڊيوٽي آهي، نرس لاءِ به مريض ڪھڙو به ناپسنديده هجي، پوءِ به هن کي سندس خدمت ڪرڻي آهي، سو به مُسڪراهٽ سان گڏ ۽ ساڳيو ئي ڪم ايئرهوسٽس جو به، مسافر ڪھڙو به افعالن کان وانجهيل هُجي، پر هِنن کي مُسڪرائي سندس خدمت ڪرڻي آهي.
ڪا ٺيس نه ڏي تون ماڻھوءَ کي، آسيس چڱي آ هر ڪنھن جي،
ڪيئن چئجي ڪو پَل ڪيئن هجي، پر مورک ڪونه لَکائن ٿا.
ڇو سُک جو ساٿي آنھن رڳو، اچ مون مان ڏُک جي ڏاهپ سِک،
مون لاءِ امر اِنسان اُهي، جي پنھنجو پاڻ ڀُلائن ٿا.
(شيخ اياز)
سيٽ نمبر 4-A ڳولي اُن تي ويٺس ۽ خان 3 تي ويٺو. بزنس ڪلاس هو، تنھن ڪري سيٽون وڏيون ويڪريون ۽ ٻه گڏ هيون، سڀني سيٽن ۾ وڊيو اسڪرين لڳل هئي، جنھن ۾ توهان جيڪو چاهيو ڏسي/ٻُڌي سگهو پيا، مونکي جا دل ۾ خواهش هئي ته شل منھنجي سيٽ دري واري پاسي کان هجي، سو ايئن ئي ٿيو. سيٽ دري واري سائيڊ کان ملي، تنھن ڪري آئون ته جانچڻ لڳس ٻاهر جا نظارا، وڏي پکيڙ تي پکڙيل هوائي اڏو، جنھن تي مختلف ملڪن جا ۽ مختلف ڪمپنين جا جھاز ڪي ننڍا ڪي وڏا نظر اچي رهيا آهن. اسان کي ڪجهه دوستن P.I.A ۾ وڃڻ کان جهليو هو، خبر ناهي ته ايئن ڇو هو، شايد اسان جو معيار اڃا ٻين ملڪن جي جھازن جهڙو يا سفر ۾ سھولتن جهڙو ناهي.
سائي ساڙهيءَ ۾ سنھڙي سانوري مُسڪرائيندي ظاهر ٿي ۽ پُڇيائين جوس ڪھڙو پيئندا، ’اورينج‘. اسان ٻنھي ساڳيو ئي چيو، جوس مِليو، پيتوسين، هاڻي اسڪرين کي آن ڪيو، ان جي مينيو ۾ وڃي پھرين ته ڏسندو رهيس ته آهي ڇا ڇا؟ اِهو فيصلو پوءِ ڪبو ته ڇا ڏِسجي، وڊيو ۾ ميوزڪ، گانا، انڊين، سريلنڪا جا ۽ انگلش پُڻ، گيم، فلمون ۽ هڪڙو اهڙو مينيو هو، جيڪو جھاز بابت ئي معلومات فراهم ڪري ٿو. جھاز ڪيتري بُلنديءَ تي آهي، روٽ ڪھڙو آهي، ڪيڏانھن وڃي رهيو آهي، هن وقت ڪِٿي پھتو آهي، هاڻي اسان ڪھڙي سمنڊ مٿان، ڪھڙي ملڪ مٿان لنگهي رهيا آهيون. سڄي معلومات هلندي رهي، خان اسڪرين تي ڏسندو رهيو. مون وري فلم لڳائي ”ڀاڳ ملڪه ڀاڳ“ جيڪي ٻه ٽي موجود هيون، اُنھن ۾ منھنجي اڻ ڏٺل فلم اِها ئي هئي، تنھن ڪري لڳايم، ٿوري دير کان پوءِ مائيڪ تي Welcom ڪرڻ کان پوءِ هدايتون شروع ٿيون ته هاڻي اسان جو جھاز اُڏام ڪري رهيو آهي، تنھن ڪري توهان کي هنن هدايتن تي غور ڪرڻون آهي. آواز سان گڏ هڪ ٻي هوسٽ ظاهر ٿي، جنھن آواز سان گڏ اداڪاريءَ ذريعي مسافرن کي سمجهايو پي ته: بيلٽ ڪيئن ٻَڌو ۽ ڪو مسئلو ٿئي ته ايمرجنسيءَ ۾ توهان کي ڇا ڪرڻ گُهرجي، آڪسيجن پائيپ نڪ تي ڪيئن چاڙهجي، ساهه ڪيئن کڻجي، سڀ ڪجهه سمجهايائين ۽ آهستي آهستي جھاز ڊوڙڻ شروع ڪيو، ڪجهه فاصلي کان پوءِ مٿي ٿيڻ لڳو، آئون ته دري کولي ويٺو هُيس، تنھن ڪري سڀئي نظارا ڪري رهيو هُيس. آهستي آهستي ڪراچي جي شھر مٿان گذري بلنديءَ طرف وڃي رهيا آهيون. هاڻي هيٺ شھر ايئن نظر پيو اچي، جيئن بلڊرن جي بروشرن ۾ جڳھين، بنگلن جا نقشا نظر ايندا آهن، ۽ وڻندڙ منظر وڻ روڊن جي پاسن ۽ جڳھين جي وچ ۾ خوبصورت منظر پَسائي رهيا هئا. وڻن جي جيڪا گرينري آهي. اِها اکين لاءِ فرحت پُڻ هوندي آهي ۽ روزانو صبح اُٿڻ سان ساون وڻن ڏي ڪجهه دير تائين اکيون رکجن ته اکين لاءِ وڏو سڪون جو سبب هجي ٿو. ٻاهران گرينريءَ تان نظرون هٽائي جڏهن واپس جھاز ۾ نظرون کڄن ته، سامھون اُهي سايون ساڙهيون، مورڻيون ڄڻ، پُٺا ۽ پيٽ کُليل، سندن ڊريس تي مور جي کنڀ نما ڊزائن پرنٽ ٿيل آهي.
جَھڙا پانَنِ پَنَ، تَھڙيون سالوُن مَٿِنِ سائِيون،
عَطرَ ۽ عَبيِر سين، تازا ڪَيائوُن تَنَ،
مَڙهيا گهڻو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَنَدنَ،
سُنھنِ رپي سونَ سين، سَندا ڪامَڻ ڪَنَ،
ڪَيائين، لال لَطِيفُ چئي، وَڏا ويس وَرَنَ،
مُنجهه مُرڪَيسِ مَنَ، سوڍي سان سڱ ٿيو.
(شاهه لطيف)
مور هِن ’ايئر ڪمپني‘ جي سمبل طور آهي شايد. جھاز جي سيٽ جي کيسي ۾ مينيو پيل هئا ۽ ميگزين به، اُنھن تي به مور وڌيڪ ڇانيل رهيو، پر هر شئي تي هنن جا جيڪي ٽيگ لڳل هئا، اُنھن تي به ۽ جڏهن به اسان وڊيو آن ڪيون. ڪھڙي به فلم يا گانو، پر پھريان مور جو ديدار ٿئي، پوءِ گانو يا فلم هلي. سو ڳالھه پئي ڪيم سانوري مورڻيءَ جي، جنھن خوب خدمت پي ڪئي. هنن جي ته ڊيوٽي ئي اِها آهي، پر اسان کي سُجهيو مذاق.

اِهي اٿئي ايڪاسي هزارن جا مزا

ڪا شئي کائي پي وري خان ۽ آئون هڪٻئي کي هر هر چئون ”واهه چانڊيا واهه، اِهي اٿئي 81 هزارن جا مزا.“ اصل ۾ اسان کي بزنس ڪلاس ۾ سيٽ جا 71 هزارن جي بدران 81 هزار ڀرڻا پيا هئا. تنھن ڪري ٿا چئون ته ايتريون خدمتون 81 هزارن جو ڪمال آهي، يعني بزنس ڪلاس. ڇا کائڻو آهي، ڇا پيئڻو آهي، خان اِهو کاتو تون سنڀال، آئون ته دريءَ مان ديدار ٿو ڪيان سو به آسمان جو، آسمان تي ڇانيل ڪڪرن جو. هاڻي جڏهن جھاز جُهڙ کان مٿي ٿي اُڏرڻ لڳو، تڏهن ڪڪر اسان کي ايئن ڏسڻ ۾ آيا ڄڻ ڪپھه جا ڍير هجن. يا برف جا جبل هُجن، پر منظر ڏاڍو وڻندڙ هيا. ڪِٿي ڪِٿي ڪڪرن جو سلسلو ٽُٽي ته هيٺ تمام هيٺ مشڪل سان جبل، زمين، سمنڊ نظر اچن، وري جڏهن جھاز جُهڙ جو سينو چيري نڪري ته ڄڻ گاڏي کڏن کوٻن واري روڊ تان گذري ڌِڏڪا اچن، ايئن پيو محسوس ٿئي.
الائي ڪيئن مونکي پياري دوست ساحر راهو جو هي شعر پيو ياد اچي:
نيڻ ۾ آڪاس ۽ ڌرتي، دل ۾ ڪُل جھان رهي ٿو.
بادل ۾ وسڪار رهي ۽ بندي ۾ ڀڳوان رهي ٿو.
هر ڪا شيءِ تخليق ڪيائين، سڀ ۾ سُندر رنگ ڀريائين،
هر هنڌ آ موجود اڪيلو، جنھن ۾ شڪ نه گمان رهي ٿو.
چھرا، گل، پھاڙ ۽ نديون، توت صنوبر، ريشم ’ساحر‘
لھرون، چشما، سِپون، جهرجهنگ هر شيءِ ۾ رحمان رهي ٿو.

پورونا اسان کي خوب کارايو

هاڻي سج به آسمان تي لالاڻ لڳائي لھي وڃڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي ۽ هيڏانھن ساين ساڙهين وارين سانورين ماني کارائڻ جي تياري ڪئي. جھاز جي سيٽ اندر سائيڊ کان ٽري نما سيٽنگ ٿيل آهي، اها فولڊنگ کولبي ته ڄڻ اڳيان ننڍڙي ٽيبل رکجي وئي. جنھن تي سڀ ڪجهه لڳائڻو هو، اُن کان پھرين هڪڙي سانوري هڪ ٽري ۾ وائيٽ ڪلر جا اُٻاريل ٽوال (تُوليا) کڻي آئي، جيڪي سڀني کي ڏيندي وئي، هٿ مُنھن صاف ڪرڻ لاءِ. ڏاڍو نرم ۽ خوبصورت احساس هيو، اُن اُٻاريل ٽوال (تولئي) سان مُنھن هٿ صاف ڪرڻ جو. پنجن منٽن کانپوءِ واپس اُها سنھڙي سانوري ٽوال (توليا) واپس کڻي وئي. ڪجهه منٽن کان پوءِ ڊنر جي تياري ٿي وئي. ڊنر ۾ گهڻو ڪجهه هيو. خان کي چيم ڏِس’81 هزارن جو مزو‘ اسان کي جنھن سانوري سنھڙيءَ ماني پي کارائي تنھن جي ڇاتي مٿان لڳل بڪل تي سندس نالو Porona پورونا پڙهيو، پوءِ به خان کي چيم نالو ته پُڇينس، خان نالو پُڇيو مُسڪرائي بڪل ڏي اشارو ڪري چيائين ’پورونا‘ وري خان ٻيو سوال ڪيس، مذهب؟ ڪِرسچن، مُسڪرائي چيائين.
پورونا اسان کي خوب کارايو، چِڪن بِرياني، روٽي، رائتو، ڪيپچر، مکڻ، ڪسٽرڊ. فروٽ ۾ پپيتو، ڇاهين، زردو، انگور، جوس امريج ۽ سپرائيٽ جو ٽِن ڏنائين، سڀ ڪُجهه کائي پي ڏٽ ٿياسين ته وري ٻي هوسٽس به خدمت لاءِ حاضر ٿي، هيءَ هوسٽس رنگ ۾ ڳوري، بدن ۾ ٿوري ڀريل، لڳي ٿو شادي شده آهي، خان کي لڳي ٿو جھاز وارو ڊپ هاڻي لَھي ويو آهي، همراه سمجهي پيو سيراڻي واري گاڏي ۾ ويٺو آهيان. هِن کان به پُڇيائين ڪھڙي مذهب جي آهين؟ ’ٻُڌ‘، ’ٻُڌسٽ‘ چَپَن تي مُسڪراهٽ آڻيندي جواب ڏنائين.
پرفيومڊ ٽشو مليا، اُنھن سان هٿ مُنھن صاف ڪري ويٺاسين، ٿوري دير اسڪرين تي وڊيو ڏِٺيسين، پوءِ خان چيو هاڻي چانھه پيئڻ جو موڊ آهي. سانوري ڪرسچن هوسٽس کي پاڻ ڏي اچڻ جو اشارو ڪيوسين. آئي،
چيوسين: چانھه ته ڪا چاهه ڀري پيار.
’what‘
، Tea Plz،
ok،
مُسڪرائي هَلي وئي، چانھه کڻي آئي پيتيسين، خان کي چيم اسڪرين تي ڏِس ڪِٿي پھتا آهيون. ڪولمبو جي ويجهو پھتا آهيون، خان اسڪرين ۾ ڏسندي چيو. پر هن وقت به اسان جو جھاز يارهن هزار ميٽر بُلندي تي اُڏامي رهيو آهي. مون مٿان بيگ لاٿي هيٺ، ڪيمره ۽ ڊائري ڪڍيم پريان دروازي طرف بيٺل ملازم آڏي اک ڪندو هليو آيو، پوئين سيٽ تي ويٺو. آئون ته سمجهي ويس همراه غلط فھمي ۾ آهي. آئون ته ڊائري کولي لکڻ لڳي ويس، خان اُٿي وڃي پويان ويٺل ملازم سان ڪمپني ڪئي. ڇو ته بزنس ڪلاس ۾ ڪجهه سيٽون خالي پيون هيون. اسين چند مسافر هئاسين. خان هن همراه کي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪلچر بابت اهڙو ته ليڪچر ڏنو جو همراه ٻائو ٿي ويو، ۽ خان کي پنھنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيندي اِها آفر پُڻ ڪيائين ته ملائيشيا مان واپس اچو ته ٻه ڏينھن سريلنڪا ۾ Stay ڪجو ۽ مونسان رابطو ڪجو، اوهانکي ڪمپني ڏيندس، ۽ گائيڊ پُڻ ڪندس.
هُنَ ڀَرِ سُيِمَ هاڪَ، سُتي سَنڀارَنِ جِي،
مَحَبّتِيَ مِھارَ جي، چَڙنِ چورِئا چاڪَ،
اُنِين جِيَ اوطاقَ، وَڃڻُ واجِبُ مون پِئو.
(شاهه)
هاڻي اعلان ٿيو ته مسافر پنھنجي پنھنجي سيٽن تي سِڌا ٿي ويھن ۽ چيلھه سان بيلٽ ٻَڌن، چند منٽن ۾ اسان ڪولمبو هوائي اڏي تي لھڻ وارا آهيون.

ڪولمبو – سريلنڪا

---

ڪولمبو – سريلنڪا

هاڻي اسان جي جھاز جا ٽائر سريلنڪا جي سرزمين تي ڊوڙي رهيا آهن، ۽ آئون دري کولي ڏِسان ٿو، رات آهي، پر ايئرپورٽ تي لائٽنگ سِسَٽم جي ڪري سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آهي. بيٺل جھاز ۽ اُڏامندڙ جھاز. اسان پنھنجوا پنھنجو سامان سنڀالي کنيو، هن جھاز ۽ جھاز سان گڏ ساين ساڙهين وارين سانورين کي به گيٽ تي الوداعي هٿ لوڏي، ايئرپورٽ اندر روانا ٿياسين.
*
هِتي اسان جو ٽِن ڪلاڪ جو اِسٽي آهي، پر ايئرپورٽ جي اندر ئي گُهمي ڦِري سگهون ٿا. ٿورو اڳيان هلياسين ته واهه شاندار ايئرپورٽ پيو نظر اچي، سائيڊن کان ٿوري فاصلي تي ڪمپيوٽر LCD اسڪرين رکيا آهن. اسان ته ٻئي ڊوڙي اچي ڪمپيوٽر تي بيٺاسين، هِتي ته ظاهر آهي اسان صرف فيس بوڪ ئي استعمال ڪري پيا سگهون. پر ڪوشش جي باوجود به ’@‘ واري ڪي ڪم ئي نه پئي ڪري، پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪيز چيڪ ڪيونسين پر نه. پوءِ سوچيوسين ممڪن آهي ڪائي ٽِرڪ رکيل هُجي جيڪا اسان کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، خير ڪمپيوٽر مان ڪڍياسين هٿ. وڌياسين اڳيان، پھرين پھرين مُنھن ۾ ٻُڌ جو وڏو ۽ خوبصورت مجسمو نصب ٿيل آهي. اسان موقعي جو فائدو وٺندي فوٽو گرافي ڪري ورتي، بعد ۾ هيٺ لڳل تختِي پڙهيسين ته لکيل هو ’فوٽو گرافي ڪرڻ منع آهي.‘ انگريزي ۽ سريلنڪن زبان ۾ لکيل هئي.
ٿورو اڳيان هڪڙو ڪائونٽر هيو. جنھن تي خان سِم ورتي ۽ انٽرنيٽ پيڪيج، 1200 روپين جي سِم پئي، صرف ٽِن ڪلاڪن لاءِ، ڇو ته اڳيان ملائيشيا ۾ هيءَ سِم ڪم نه ڏيندي، اُتي وري ڌار سِم وٺڻي پوندي. ٻه سانوريون ڇوڪريون ويٺيون هيون. هِڪڙي سنھڙي، ڏند وڏا ۽ ٻي موٽي ۽ ڇوٽي، خان ٿو چوي: ’هي ته سيراڻي روڊ جون سانوريون ڇوڪريون آهن‘ چيم ’ها اَبا پاڙو ته سڀني کي پيارو آهي.‘ تڏهن ته ڊوڙي اچي هِنن کان سِم ورتي اٿئي ۽ فون الڳ پيو ڪري انگريزي ۾ ساڻن ڪچھري ڪري پيو. آئون ته هونئن ئي انگريزي کان پري، سو هيڏانھن هوڏانھن نظرون ڊوڙائي پيو اکيون ٿڌيون ڪريان، جو هر طرف کان خوبصورت مايون بي حجابي طبيعت ۽ اڌ ڍڪيل جسمن سان گُهمي ڦِري رهيون هيون. هِتي جو اِهو ڪلچر آهي، تنھن ڪري ڪنھن کي به ڪُجهه محسوس نٿو ٿئي، بلڪِ اسان جھڙن پھريون ڀيرو ٻاهر جي دنيا ڏسندڙن پُڻ انھن کي ڪنھن به لحاظ کان اهميت ڏيڻ يا گھرائي سان ٽِڪ ٻَڌي ڏِسڻ نه پي گهريو. ڄڻ اسان به اِن ڪلچر جو حصو هئاسين. اِن ڳالھه کي اهميت نه ڏيندي ڏسندا، گُهمندا، ڦِرندا رهياسين.

پاڪستاني نه باقي هر ملڪ جي ڪرنسي هلندي

ايئرپورٽ وڏو ۽ خوبصورت آهي، ڪُجهه اڳيان وڌياسين، مٿي چڙهياسين، اڳيان هڪڙي بُڪ شاپ تي وياسين، جنھن تي ڪتاب ڏِٺاسين ڪتاب ته ڪو به نه ورتوسين نه ئي ڪو اسانجي ڪم جو هو. باقي فوٽوگرافي ڪئيسين ۽ وڊيو ڪِلپ رڪارڊ ڪياسين.
هن ايئرپورٽ کي ”بندرا نائيڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ“ چيو وڃي ٿو. جيڪو سريلنڪا جو پھريون وزيراعظم هو. سندس قتل کانپوءِ سندس زال ”سري ماؤبندراهه نائيڪي“ سريلنڪا جي وزيراعظم ٿي، جيڪا نه رڳو سريلنڪا، پر دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم هئي. هي ايئرپورٽ ڪولمبو ۾ آهي، پر ڪولمبو شھر ۽ ايئرپورٽ جي وچ ۾ تقريبن ٽيھن ڪلوميٽرن جو فاصلو ٻُڌايو ٿو وڃي ۽ ڪولمبو، سريلنڪا جي گادي جو شھر آهي. ڪولمبو جي آبادي لڳ ڀڳ نوَ 9 لک آهي.
سريلنڪا جي رهندڙن ۾ سنھالين جي اڪثريت آهي، هِتان جو مذهب ٻُڌمت آهي. جيئن ايئرپورٽ ۾ اندر اچبو ته گوتم ٻُڌ جي وڏي تصوير سامھون نظر ايندي. جتي اسان تصويرون پُڻ ڪڍيون.
هِتي آبادي جي لحاظ کان ٻُڌمت مذهب 69 سيڪڙو، هندو 15 ۽ مسلمان فقط 9 سيڪڙو آهن. عيسائي به آهن، جيڪي مسلمانن کان به گهٽ آهن، جن جي آبادي 8 سيڪڙو ٻُڌائي وڃي ٿي. هي مُلڪ سُکين ستابن ملڪن ۾ شماريو وڃي ٿو، زراعت توڙي معدنيات ۾ پُڻ پاڻ ڀرو آهي. گرم مصاله، چانھه، چانور، رٻڙ ۽ ناريل گهڻي تعداد ۾ ٿيندا آهن ۽ ٻين مُلڪن ڏانھن پُڻ ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا. هتي جي معدنيات قيمتي پٿر ڪيٽس آئي، ٽوپاز، مون اسٽون، سفائر، ذرقان ۽ ريڊ روبي دنيا ۾ مشھور چيا وڃن ٿا. هِتي جي ڪرنسي روپيو آهي روپئي ۾ 100 سينٽ ٿين.
هڪڙي عجيب ڳالھه ٻُڌايان ته اسان جڏهن اُنھن سانورين سنھالين ڇوڪرين کان پُڇيو ته پاڪستاني ڪرنسي ڏيون ته فوراَ َ چيائون ’No پاڪستاني ڪرنسيءَ نه باقي ڪنھن به مُلڪ جي ڪرنسي هلي ويندي‘. پوءِ اسان رنگيٽ ڏِنا، جيڪي اسان وٽ هئا. پر اسانکي اسان جي پياري ملڪ جي ڪرنسي سان اهڙو سلوڪ ڏِسي ڏُک ضرور ٿيو. سريلنڪا جھڙو مُلڪ جنھن جي ويزا فِري هوندي هُئي، اُتي ايئرپورٽ تي ئي ويزا وٺي سگهبي هُئي، ماڻھن کي وڏيون سھولتون ۽ سستايو فراهم ڪندا هُئا جيئن ٽوئريسٽ اسانجي مُلڪ کي اهميت ڏين، اسان جي مُلڪ ۾ تفريح حاصل ڪن، گُهمڻ ڦِرڻ لڳن. اڄ اُهو مُلڪ به چوَي ٿو ته پاڪستان ڪرنسي نه باقي ڪنھن به مُلڪ جي ڪرنسي هلي سگهي ٿي. ڇو؟ آخر ڇو؟ !!!
ٻُڌو اٿم ته سعودي عرب ۽ ڪُجهه ٻين مُلڪن ۾ پُڻ پاڪستانين سان ڏاڍو خراب سُلوڪ ڪيو وڃي ٿو. اِن صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ هٿ عام ماڻھوءَ جو هُجي يا حڪمرانن جو، پر ڀوڳي وري به عام ماڻھو ئي ٿو.

مھاتما گوتم ٻُڌ

مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته جيئن ئي ايئرپورٽ ۾ اندر گِهڙبو ته سامھون ئي مھاتما ٻُڌ جو وڏو ۽ خوبصورت مُجسمو نظر ايندو، مُجسمي ڀرسان فوٽو ڪڍڻ منع هئڻ باوجود دل چوندي آهي ته فوٽو ڪڍجن، جيئن اسان به ڪيو.
مھاتما گوتم ٻُڌ جو اصل نالو سڌارٿ هو، جيڪا رياست نيپال جي ڀرسان آهي، ۽ راجا سڌوڌن جي اڱڻ تي اک کولي هئائين.
”دُنیا میں کتنا غم ہے میرا غم کتنا کم ہے، اوروں کا غم دیکھا تو میں اپنا غم بھول گیاٍ“ هو هميشه ايئن ئي سوچيندو هو. سندس شادي به سورنھن سالن جي ننڍي عمر ۾ ڪرائي وئي، پر سندس طبيعت ٻين جا غم ڏِسي پنھنجا ڏک وساري ڇڏڻ جي ڪري، هو بادشاهي زندگيءَ مان مطمئن نه رهندو هو. هو جڏهن به ڪنھن کي تڪليف ۾ ڏسندو هو ته خود کي پريشان محسوس ڪندو هو. ايئن هي گهڻو وقت شاهاڻي زندگي جي قيد ۾ گهاري نه سگهيو ۽ پوءِ هڪ ڏينھن رکيئين رُخ رڻ ڏي، ورتئين جوڳ، ڪٽڻ لڳو تڪليفون، ڪشالا.
ڪنڊا مون پيرن ۾، توڻين لک لڳن،
آڱر اڱوٺي نه مُڙي، ڇپون پير ڇنن،
ويندي ڏانھن پرييَن، جُتي جات نه پائيان.
نيٺ ”نرواڻ“ حاصل ڪيائين، ٻُڌمت مذهب ۾ سخت ڪشالن، تڪليفن، ڪرب ڪَٽڻ کان پوءِ جيڪا منزل حاصل ٿيندي آهي تنھن کي ”نرواڻ“ چوندا آهن.
سڌارٿ کي سمجهڻ سولو ناهي، جيڪو ٻين جا ڏُک پنھنجا سمجهي، سُکن کي ڇڏي ڏُکن واري زندگي قبول ڪري ٿو، سو ئي سمجهي سگهي ٿو سڌارٿ مھاتما گوتم ٻُڌ.’سروم دُکم دُکم‘ يعني سڄي دُنيا ۾ دُک ئي دُک آهي، سندس حوالي سان مشھور آهي.
گوتم ٻُڌ، ذات پات، اونچ نيچ واري نظريي کي مڪمل طور رد ڪندڙ هو ۽ اهڙو ئي انسان دوست رويو اُن وقت ۾ هڪڙو انقلابي قدم چئي سگهجي ٿو. اِهو ئي سبب آهي جو ٻُڌ ڌرم هن وقت دُنيا جي وڏن مذهبن مان هڪ آهي. ٻُڌ ڌرم جيڪو برهمڻ جي ’ويدڪ ڌرم‘ جي رد ۾ اُڀريو، پر اهڙو اُڀريو جو هڪ الڳ تھذيب جو روپ ڌاري ورتو. ٻوڌي اخلاقيات ۽ فلسفي جو زور، رسم پوڄا پاٺ بدران معقول ويچار هيٺ نفسياتي خواهشن کي تياڳڻ تي آهي. ڏُک کان ڇوٽڪارو پائڻ ۽ سچي خوشي حاصل ڪرڻ جو دڳ آهي. گوتم ٻُڌ جو فلسفو اٺن بُنيادي اصولن تي ٻڌل آهي ۽ هو ڪيترن سالن تائين جهرجهنگ جاڳي ان جو پرچار ڪندو رهيو. شھرت سندس پير چُميا، ماڻهن عقيدت ۾ ڪنڌ جُهڪايا. جيتوڻيڪ گوتم سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ۽ ڪاميابي سان همڪنار ٿي نه سگهيو. پر هن سچائيءَ جو جيڪو ٻج پوکيو، اهو گهڻو سگهارو هو. سندس پيغام ان وقت جي سڀ کان وڏي حقيقت هو. بظاهر گوتم جا لفظ ڪجهه اخلاقي قدر بيان ڪن ٿا، پر انھن ۾ هڪ نئين سماج جي اڏاوت جو درس ڏنل هو، اهوئي سبب هو ته ’هندو ازم‘ ۽ برهمڻ جي مخالفت جي باوجود گوتم جي وفات کان ٻه سئو سالن جي اندر ئي ننڍي کنڊ کي سندس تعليم هڪ مھربان ڇانوري جيان پنھنجي آغوش ۾ وٺي لاٿو.

خان کي پان جي تلاش

ايئرپورٽ کي هيٺ مٿي، ساڄي کاٻي، پر چڱي طرح ڏِٺوسين، جو اسان وٽ ٽِن ڪلاڪن جو وقت هو ۽ ايئرپورٽ اندر ئي رهڻو هو. هاڻي خان کي اچي پان جي ٻاڙ لڳي، چوي آئون پان تلاش ڪندس. چيومانس، خان هي سريلنڪا جو ايئرپورٽ آهي، سيراڻي بس اسٽاپ ناهي جو پان ملي وڃي. همراهه چوي پان مونکي وٺڻو آهي، اسين به هئاسين واندا، وقت هو، سو ڪئيسين پان جي تلاش، پر پان نه مِليو. چيومانس شُڪر ٿيو پان نه مِليو ۽ يقينن اڳيان به ڪِٿي نه مِلندو، اِهو مرض رڳو پاڻ وٽ پاڪستان ۽ ڀارت ۾ آهي. ٻين مُلڪن ۾ شايد گهٽ يا ته ناهي. مونکي تاريخ جي ڪا وڏي ڄاڻ ته ناهي، پر سمجهان ٿو پاڪستان ۾ به پان جو رواج ڀارت کان آيلن وِڌو، جيڪو هاڻي سنڌ ۾ ته سڀ کان وڌ ۽ وري سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ تمام گهڻو واپرايو وڃي ٿو. جيئن ٺٽو اڳي صرف تاريخي حوالي سان مشھور هو، پر هاڻي ٺٽي جي نئين سڃاڻپ پان جي حوالي سان پُڻ ٿئي ٿي. ٻُڌو اٿم ته عورتون به پان ٿيون کائين، ۽ ٻيو ته حد اِها آهي جو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن ۽ ليڪچرارن کي ليڪچر ڏيڻ وقت به وات ۾ پان هوندو آهي. پوءِ ڪنھن وقت اشارن سان پيا پڙهائيندا ته ڪنھن وقت اڌورا الفاظ پيا ڪڍندا.
ڪنھن وقت ۾ ڪينجهر ويجهو هِڪڙي وين ڪلٽي ٿي پئي، ماڻھو سڀ زخمي ۽ بي هوش هئا. پوليس ۽ ميڊيا به پھچي وئي، هڪڙو همراهه ڪجهه هوش ۾ هو، تنھن کان بيان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته همراھ پھريان پان جي ڊمانڊ ڪئي ته ’پان ڏيو کان ته ڪجهه هوش ۾ اچان...‘ افسوس.!!! ڳالھه پان ۽ ڪينجهر جي نِڪتي ته يقينن آڪاش جو هي شعر به زبان تي اچي ئي وڃي ٿو.
جنھن ڪينجهر ڪپ تي،
تماچي تڙڳي ڏِنيون ٿي تِڪون،
اُتي اڄ پانن پِڪون ئي پِڪون،
اڙي وقت مُنھن ۾ ٿُڪون ٿئي ٿُڪون.
منھنجي يار خان کي پان نه مِليو، سو نه مِليو. پوءِ هڪڙي ڪافي شاپ تي آياسين، ڪافي جا ننڍڙا ڪَپ سي به مُنا ڪاري چانھه، 3 رنگيٽ يعني اسانجا ٿيا 99 روپيا في ڪَوپ. چيوسين واهه سائين واهه. پئسا ته وڌيڪ ٿا وٺو شئي به اهڙي ئي ڏيو. اسان پنھنجي شھرن ۾ هھڙي چانھه 5 روپيا ڪَوپ به نه پيون، پر پرديس آهي.’بابا مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ‘ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي.

سريلنڪا ۾ عيسيٰ سمون

وري به اسان کي فيس بوڪ جي ٻاڙ لڳي، اُن طرف رُخ رکيوسين، ٿورو اڳيان آياسين ته ٻھراڙي جا همراهه ٽولي جي صورت ۾ سامھون ايندي ڏِٺاسين، اسان کي ته پَڪ ٿي هي همراهه اسان جا ئي آهن. هڪ همراهه اردو ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو ٽولي جي اڳيان اڳيان پي آيو. پر اسان کيس سنڌي ۾ ورندي ڏِني، همراهه خوش ٿيو، اِهو تاثر اسان سندس چھري ۽ چَپَن تي آيل هلڪي مُرڪ مان لڳايو. پوءِ ته همراه شڪايت ڪرڻ شروع ٿي ويو. اسانکي عمري تي وڃڻو هو، ڪراچي کان سِڌو پر ايجنٽ اسان کي هيڏانھن روانو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اسانکي ته خبر ئي نٿي پوَي ڪيڏانھن وَڃون، هِتي ڪِٿي رهائش جو بندوبست آهي، يڪساهي ڳالھائي ويو. چيوسين، چاچا اسان پاڻ پھريون ڀيرو آيا آهيون ۽ اسين وينداسين ملائيشيا، توهان کي ايجنٽ هِن رستي تان ڇو موڪليو آهي، اِهو سمجهه ۾ اسانکي نٿو اچي. (منھنجي ذهن ۾ هِڪڙي نفرت ۽ ڪاوَڙ جي لھر ڊوڙي وئي اُنھن ايجنٽن لاءِ، جيڪي ڀلي پار تان به نٿا مُڙن، هونئن ته هر هنڌ، هر جڳھه تي سندن ڪرتوت عالمِ آشڪار آهن، پر ماڻھن کي مديني ڏانھن موڪلڻ ۾ به ملاوَٽون، دوکا، دغائون، ڪوڙ، قلابازيون، هاڻي گهڻا سمجهو ماڻھو اهڙن ٽريول ايجنسين جي اينجنٽن کان قسماقسمي، لِکت ۾ يا ضمانت تحت پيڪيج وٺندا آهن، ادا منظور، ڀاڀي ۽ امان هاڻي تازو ٿي آيا هئا اُنھن به اهڙيون ئي شڪايتون ڪيون ته هِتان سڀ ڪُجهه سھولتون پيڪيج ۾ ڳالھائي ويا هئاسين، پر جيئن ئي اُتي پھتاسين ته اهڙا چالباز سُڃاڻين ئي نٿا، ٻيو ته ٺهيو پر هوٽل تائين به نه پھُچايائون ٻه ڏينھن تائين پنھنجي خرچ تي ٻي هوٽل ۾ رهيا، ٽي ڏينھن کان پوءِ ايجنٽن جو ايجنٽ ظاهر ٿيو، جنھن وٺي وڃي پري هوٽل ۾ ڇڏيو، ۽ هڪڙي هال ۾ جڏهن ته پيڪيج ۾ واضع ٽڪ ڪيو هو ته هوٽل تمام ويجھي هوندي ۽ سيپريٽ روم هوندو، پر نتيجو اُن جي اُبتڙ هيو، ٻيو ته وري جھاز جي ٽڪيٽ مان به اڌ بچائيندا آهن، هِتان ٽِڪ ڪرائندا ڊائريڪٽ واري جھاز ۾ جڏهن ٽڪيٽ ايندي ته اُها ڪنيڪٽ فلائيٽ جي هوندي جيڪا هڪ جڳھه کان ٻي جڳھه تائين پھچندو، اُتان کان وري ٻيو جھاز. ماڻھو سامان ۽ ضعيفن سان گڏ ڪيتري تڪليف مان گُذرندا اُنھي سان اُنھن حرامخورن جو ڪُجهه نه وڃي هِنن کي پئسا بچندا) توبھه، سو هِنن غريبن سان به ساڳي جُٺ ٿي آهي.
چيائين ابا اوهان ڪِٿي جا آهيو؟
چاچا اسان بدين جا.
ڪير آهيو؟
خان چيو ، هي جوڻيجو آئون سمون آهيان.
بدين جو عيسيٰ سمون سڃاڻو؟
کِلي چيوسين: مشھور ماڻھوءَ کي ڪير نه سُڃاڻي، پر هو ٽنڊي باگي جو آهي.
توهان ڪِٿان جا آهيو چاچا؟ ۽ عيسيٰ سمون کي ڪيئن سُڃاڻو؟
ابا اسان ته سکر جا آهيون، پر عيسيٰ جا سمجهه ته مُريد آهيون، کيس پسند ڪندا آهيون.
اسان هڪٻئي ڏي ڏِسي مُسڪرايو.
هاڻي وقت به ويڙهبو وڃي، اسان به گيٽ تلاش ڪري وڃي ويجها ٿياسين. چيڪنگ ٿي گيٽ مان اندر داخل ٿي ڪُرسين تي ويٺاسين ويٽنگ ۾. سوچيوسين موبائيل چارج ڪري وٺون، ڇو ته سامھون موبائيل چارج ڪرڻ لاءِ سھولت هئي ۽ چارجر پُڻ موجود هئا، پر اسان وارا چارجر اُنھن پوائنٽن ۾ لڳن ئي نه پيا، گهڻو ئي ڪوشش ڪئيسين. هِتي جي هاف پوائنٽن ۾ فرق آهي اسپيس جو. چارجر ويڙهي ٿيلھي ۾ وجهي ماٺڙي ڪري ويھي، آسپاس جو ماحول ڏسندا رهياسين.
آئون ٻين لکندڙن لاءِ چوندو آهيان ته: ڪنھن به مُلڪ ۾ مخصوص شھرن يا تفريحي ماڳن تان ٿي ٿا اچن، ظاهر آهي ته اُهي ته هر لحاظ کان مڪمل ئي هوندا، پر اُن ماڳ، اُن شھر ۾ ڪُجهه عرصو رهڻ ۽ آسپاس جو ماحول ۽ حالتون ڏِسڻ کانپوءِ پاڪستان سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته وڌيڪ بھتر رهندو، نه ته اسان جو مُلڪ به گهٽ ناهي. واقعي ئي اُتريان علائقا، جن بابت منھنجو سفرنامو ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ لکيل آهي. شايد سفرنامي ۾ به ايترو ڪجهه ناهيان لکي سگهيو، جيتريون اُهي واديون خوبصورت آهن. پر اسان وٽ ظلم اِهو آهي ته قانون ته ٺھيل آهي پر ڪتابن ۾ بند آهي. ۽ اُن جو جي استعمال ٿئي به ٿو ته ايئن جو جيڪي قانون تي عمل ڪرائيندڙ آهن اُهي ئي قانون ٽوڙڻ جو مظاهرو ڪندا آهن. اُن تي ڪو به عمل ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪورٽن جا ڏِنل فيصلا به کِل جوڳا هوندا آهن، جڏهن جج جيڪي مُنصف آهن، انصاف ڪندڙ آهن، اُهي به رشوَت وٺي يا دٻاءُ ۾ اچي فيصلا ٻُڌائن ته پوءِ باقي بچي به ڇا ٿو؟!!!
جڏهن اسانجي مُلڪ ۾ انصاف جي حُڪمراني جُڙي ته پوءِ هِن مُلڪ جا رنگ به واهه جي نِکري پوندا، ٻي ڪنھن مُلڪ وڏا خرچ ڪري گهمڻ لاءِ گهٽ وڃبو.

هَر هِڪ حِساب اُبتو

اسان جا سڀئي جا سڀئي ادارا رڳو ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، هر آفيس ۾ وڃو، پٽيوالي کان وٺي صاحب تائين سڀ جا سڀ عوام جا خادم هئڻ جو تاثر ڏيڻ بجاءِ واپاري لڳندا. سڀني جا ريٽ مقرر آهن، پٽيوالو چوندو 50 روپيا ڏيو ته ڪوشش ڪيان، نه ته صاحب مصروف آهي، صاحب وٽ وڃبو ته ايئن چوندو يار ڪم ڏاڍو مشڪل آهي. پر جي خرچ ڪندا ته ٿي سگهي ٿو مسئلو حل ٿي وڃي. ڦاٿل ماڻھو ته هر ڳالھه ته ’ها‘ ئي ڪندو جو هو مجبور آهي، هِتي جيڪو به مجبور آهي. وڏو ذليل ٿئي ٿو، ٻيو ته ٺھيو پر اسان جا صحت گهر به وڏي ڪرپشن ۾ وڪوڙيل آهن، غريب کي سور جي سُئي، يا زخم جو مرهم نٿو ملي، ۽ ڪروڙين روپيا بجيٽون جاري ٿين ٿيون. ڪوئي دانھن ڏي ته ڪنھن در! هيٺ کان مٿي تائين سڀ جا سڀ ڪرپٽ، سڄي مُلڪ جو نظام ئي اُبتو ٿو هلي، سڀئي حڪمران ڪرپٽ، پيٽ ڀرڻ ۾ پورا. جيڪڏهن اسان جا حڪمران پنھنجي مُلڪ سان سَچا هُجن ته دعويٰ سان چوان ٿو. ماڻھو ٻي ڪنھن مُلڪ گُهمڻ لاءِ هيڏا وڏا خرچ ڪري نه وڃن، پر ڇا ڪجي:
هِن مُلڪ جو هَلي پيو، هر هڪ حساب اُبتو.
سوڌي سوال جو ڀي، جُڙندئي جواب اُبتو.

انصاف جي جڳھه تي، آهي انڌيرنگري،
رشوَت وٺڻ کانپوءِ، جج جو جواب اُبتو.

قاتل ۽ چور ٺڳ سڀ، ميئر، وزير ٿي ويا،
چَرخو سڄو چَلي پيو، عالي جناب اُبتو.
(سرويچ سجاولي)

ڀلا ڙي خان تـنھنجا ڀاڳ

جھاز جي اُڏام جو وقت ويجهو آيو ته اسان به سِري وڃي ويجها ٿياسين، بس رات جا ئي ڪجهه ڪلاڪ سريلنڪا جي سرزمين تي رهياسين ۽ وري هوائن ۾ هٿ لُڏيا ۽ روانا ٿياسين جھاز اندر. هِتان کان ملائيشيا تائين به اسان کي بزنس ڪلاس ۾ وڃڻو هو، ٻه اسان خان ۽ ٻه ٻيون جوانڙيون جپاني يا چانيز پيون لڳن. اسان هڪٻئي کي چيو: ’واهه چانڊيا تنھنجي لئه‘ بزنس ڪلاس ۾ هيتريون سيٽون ۽ اسين صرف چار ڄڻا. پر اِها اسان جي خوشي ٿوري ئي دير ۾ ڊهي پئي. ڏِسندي ئي ڏِسندي سڀئي سيٽون ڀرجي ٿي ويون. اسان جي پويان واري سيٽ تي هِڪڙي جوان ڇوڪري، ڏِسڻ ۾ ته جپانڻ پئي لڳي، ويٺي هئي. پاسي ۾ هڪڙي پوڙهي ٻُڌ جي سيٽ هئي، هاٿيءَ جھڙو همراه ۽ پُٺا ۽ پير اُگهاڙا، ٻُڌ ڊريس ۾ اچي ويٺو. ’ڀلا ڙي خان تنھنجا ڀاڳ‘ خان کي چيم، هاٿيءَ جي ڀر ۾ هرڻي! ۽ اسين اڪيلا اڪيلا، بس ٿوري ئي دير ۾ ڄڻ ڇوڪري اسان جي ڳالھه سمجهي ويئي، تنھن سامھون واري سيٽ تي ويٺل همراهه کي عرض ڪيو ته توهان هن سيٽ تي اچو آئون ٿي ايڏانھن ويھان ۽ پوءِ اُهو همراهه هاٿي ٻُڌ سان گڏ ويٺو ۽ هرڻي وڃي ٻي هرڻيءَ سان ويٺي.
هاڻي سائي ويس ۾ مورکنڀ ڊزائن وارا ڪپڙا پھريل مورڻي ظاهر ٿي، جنھن مسافرن کي سفري احڪام سمجهايا ۽ ڪا ايمرجنسي ٿئي ته ڇا ڪرڻ گهرجي. هاڻي اسان پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٻَڌا ۽ جھاز نمبر 319 سريلنڪن، ڌرتي کان ۽ هوائن کان مٿي بُلندي طرف اُڏڻ لڳو. آئون اياز کي ٿو دُهرايان:
تون آءُ ته اُڏامون ڌرتيءَ تان،
ماڻھو ڄڻ موراکيون آهنِ،
جي هِت ويٺيون ڄار اُڻن ٿيون،
پنھنجي ئي ڦاسائڻ لاءِ!
ڪوريئڙي کي ڪئن سمجهايان،
موت اڳيان هو مَکيون آهن،
جي ڪنھن ميڙي رکيون آهن،
ڄڻ هُن جي ڳڙڪائڻ لاءِ،
هيءَ دُنيا جا دوکو آهي.
ڇا ڇا ٿي سا تومان چاهي،
تنھنجي عمر کسي ٿي توکان،
رانديڪن جي پائڻ لاءِ،
اَچ ته اُڏامون سامھون لامون،
ناهن دور ڪَتين جون ڪامون،
پيون لُڏن جي هندورن جان،
توکي ئي لوڏائڻ لاءِ،
تون آءُ ته اُڏامون ڌرتيءَ تان...!
ڪُجهه دير کان پوءِ اُها ئي خدمت ٿيڻ لڳي جيڪا اسان لاءِ ته نئين ڳالھه هئي پر هِنن مورکنڀ سنھالين سنھڙين سانورين لاءِ روز جو معمول آهي. پھريان مُنھن صاف ڪرڻ لاءِ جيڪي ٽوال (توليا) اُٻاري ڏنائون، تِن سان مُنھن صاف ڪرڻ وقت هڪڙي راحت پئي محسوس ٿئي. اُن کان پوءِ جوس، ڪولڊ ڊرنڪ، جنھن جنھن جيڪا فرمائش ٿي ڪئي، ۽ هن ڀيري هڪڙي تبديلي اِها هئي ته شراب جا سڀئي برانڊ موجود هئا. جيڪڏهن ڪنھن کي پيئڻو آهي ته ٻُڌائي، سائي ساڙهي واري ساقي آفر ڪئي ۽ مسڪرائي هلي ويئي. اسان ته ٻئي خان صوفي شراب، سگريٽ، سوپاريون سڀ کان پري، بس طلب هئي ته يار خان کي پان جي، پان جي سِڪ همراه کي اصل سوڙهو ڪري وِڌو هو. وس ۾ هجيس ها ته سانوري سنھڙي سنھالي جي ساڙهي جو پلاند پَڪڙي ۽ عاجزانه انداز ۾ چوي ها ته ’ڪِٿي ڪو پان مِلندو‘ پر سندس لاءِ اِهو به ممڪن نه هو.

ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾

آئون دريءَ جي ڀرسان ويٺل هيس تنھن ڪري چنڊ جو ديدار ٿيڻ به لازمي هو، سو اِها خبر نه پئي پوَي ته هي چنڊ ڪھڙي ملڪ جي آڪاس تي اُڀريو آهي. پر جيڪو چنڊ منھنجي دل جي اُڀ تي اُڀريو هو، اهو کن پَل لاءِ مونکي موٽائي آيو پنھنجي ملڪ، ۽ آئون اڃا سوچ جي صحرا ۾ ئي هُيس ته خان منھنجي ڪُلھي تي هٿ هڻي چيو. ’آئي اٿئي پُڇڻ ته ڇا کائيندين!‘ چيم Same، جيڪو تون چوَين ٿو اِهو ئي مون لاءِ به چئي ڇڏ، ڪا خاص فرمائش ناهي. ”اسين جيئڻ لاءِ کائيندا آهيون، کانئڻ لاءِ ناهيون جيئندا جاني“. هُن کي ته سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو، بس چَپَن تي مُسڪراهٽ پکيڙي هلي وئي.
تو جي مُرڪون مُنھن سجايون
ڪير ٿو اُن جي پويان جھانڪي
خالي تنھنجون ٻانھن ڪرايون
ڪير ڀلا سوچيندو اُن تي
سڀني جي پاسي کان بيھي
سڀني سان تون نيڻ مِلائي
دِل پنھنجي کي دريا ٺاهي
دردن جون ڪي نَديون جنھن ۾
روز اچي ڇوڙ ڪَن ٿيون
هينئون ٻوڙان ٻوڙ ڪَن ٿيون
پنھنجي سنھڙي سھڻي بُت کي
آڙنگ منجهه اُلا بڻائي
هر ڪنھن جي ڀر کان بيھي
پوءِ به پُڇين ٿي ڇا ڪجهه گُهرجي؟
ڳاڙها، ڪارا، کارا، مِٺا
تيرن ۽ تلوارن جھڙا
هر ڪنھن واتان لفظ ٻُڌي
پوءِ به مِلائي پنھنجون نظرون
پوءِ به چَپَن تي مُرڪ سجائي
تون جو پُڇين ٿي ڇا ڪُجهه گُهرجي؟
سونھن خُدا جو سو پَل هڪڙو
پُل صراط جھڙو پائي
پير ۾ پير ڏيئي هلين ٿي
ڇير به ناهي پير تنھنجي ۾
ڪنھن جو ڌيان ڇِڪائي جيڪا
ڪنھن کي ڇِرڪ ڀرائي جيڪا
ڪنھن کي چيري چاڪ ڪري جا
ڪير ڀلا ڪو ٿيندو اهڙو
سناٽي کي سڏ سمجهي
ڪير نيھاري هيٺ مٽيءَ ڏي
تنھنجي پيرن ۾ ويڙهيل
درد، دُک ۽ سور صدين جا
ڪير ڀلا آ واندو اهڙو
توکي ڳولي، توتي سوچي
تون گهڙي لئه گل جي خوشبو
ڪنھن سان جو هلڻِي ناهين
سونھن خُدا جو سچ چوان ٿو
تون ته صفا ڪا هرڻي آهين
پر هرڻي وانگي ٽھڻي ناهين
ڇو ته ڪنھن سان گڏ هلڻِي ناهين
تون ته، کن پَل کِلڻي آهين
ٻيھر نه ڪنھن سان مِلڻي آهين.
دِل اندران واهڙ جيئان وهندڙ احساس کيس ارپي، آئون وري به آيس موٽي چنڊ ڏي.
دل تي تنھنجي ياد سندو، اُڀري آيو چَنڊ،
صنم تنھنجي سونھن جيَ، من کي موهيو مَنڊ،
هينئڙي منجهه اُڪنڊ، ملين ته ماٺي ٿيئي.
جيئن ئي چنڊ تان اکيون هَٽيون، سامھون ساوَن پنن جھڙو لِباس پاتل سنھاليون سانوَريون اسان لاءِ ڪُجهه کڻي آيون. سيٽ ۾ فولڊ ٿيل ٽِري کوليوسين، اُن تي رکيائون، چڪن برياني، رائتو، فروٽ جو هر قسم، ساڻ گڏ مکڻ، مطلب ته هر شئي جي ٽيسٽ ضرور هئي. ايئن اسان بسم الله ڪري کانئڻ به شروع ڪيو ۽ هڪٻئي کي ايئن به پيا چئون، ’واهه سائين واهه ايڪاسي هزار جا مزا‘. پريان اڪانامي ڪلاس ۾ ڇا هو خدا ٿو ڄاڻي. اسان ته جيڪي ڏهه هزار واڌو ڀريا هئا، هي خدمتون اُنھن جي عيوض آهن.
کائي پي ورتوسين، ٿوري دير بعد ٿانوَ کڻي ويون. ڪُجهه دير کان پوءِ ظاهر ٿيون، سڀني کي ٿيلھي ڏينديون ويون، ٿيلھي کوليسين ته اندران چادر نِڪتي، سمجهي وياسين اشارو، ’هاڻي خدمتون ٿيون، سُمھي رهو‘ منھنجي اکين کان ننڊ ته ڪوهين ڏور هئي، پر ڪوشش ضرور ڪيم صرف سڀاڻي جو سوچي، جيڪڏهن هينئر ڪُجهه گهڙيون اکين کي ننڊ جي آغوش حوالي نه ڪيم ته پوءِ سڀاڻي جو ڏينھن ننڊ حوالي ٿي ويندو ۽ اِهو اسان کي گهمڻ جي حوالي سان وڏو لاس آهي. خبر ناهي ته ڪنھن گهڙي ننڊ اچي پنھنجي ٻانھن ۾:
ڌرتي کان دُور
ڏور آڪاس تي
هوائن جي هنج ۾
وجود گهيري
شفيق ماءُ جيئن
اکين مٿان هو
ٿڌا هٿ ڦِيري
سُمھاري ويئي
ڪوهين ڏور
پري پرين کان
ڄڻ ماري ويئي
سُمھاري ويئي
صبح جو اک اُن وقت کُلي جڏهن ملائيشيا جي زمين ۽ اُڀ جي درميان هئاسين، جھاز ۾ چيو ويو ته ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پُھچي چُڪا آهيون. پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٽائيٽ ڪيو ۽ سيٽن تي سِڌا ٿي ويھو. بيلٽ لاءِ هٿ وڌايم ته جهولي ۾ هڪڙو بليڪ ڪلر جو پرس پيو هو، ٿيليِ ۾ پيڪ ٿيو. مون سمجهو ته متان ڪنھن جو مٿان بيگ وغيرهه مان ڪريو هجي. پوءِ خان جي هٿ ۾ به ساڳيون پرس ڏِٺم سمجهي ويس ته هي جھاز وارن طرفان اسان لاءِ گفٽ آهي. کوليوسين ته اندر پرفيوم، شيمپو، ٽوٿ برش، ٽوٿ پيسٽ، چِپ اسٽڪ، پرفيومڊ ٽشو سڀ شيون ڏاڍي خوبصورت سيٽنگ سان پيون هيون. هڪ ٻئي ڏي ڏسي وري به مسڪراهٽ سان گڏ ساڳيون ئي جملو ’واهه سائين بزنس ڪلاس جو مزو‘.
هاڻي اسان جي فلائيٽ 319 سريلنڪن، ملائيشيا جي ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪري چُڪي هئي. سڀني پنھنجو پنھنجو سامان سنڀاليو ۽ آهستي آهستي جھاز مان نِڪرڻ لڳاسين، دروازي تي بيٺل سائي ويس ۾ ويڙهيل مورڻين کان موڪلايوسين.
سائي ساڙهي ۾ وجود ويڙهيل
وجود ۾ ڪيئي راز سھيڙيل
ڪيتريون اکيون اُن ۾ اٽڪيل
گهاٽ گهاٽ جا ساٺ سوَين
دَر دَر جا هن درد الڳ
ڪيئي ڪھاڻيون سانڍي سيني
ڪيئي وَڍ ويڙهي اندر ۾
ٻاهر هو جو دَر تي آئي
صفا مورڻي جھڙي سائي
ڳاڙها پيلا، ناسي نيرا
رنگن تجلا ساڙهي هُن جي
هُن جو هوا ۾ لوڏيو هٿ کي
پوءِ به هٿ ڪرائي خالي.

ڪئالالمپور

---

14 فيبروري – ويلنٽائن ڊي

جڏهن کان سنڌ ۾ 14 فيبروري کي ’محبت جو ڏينھن‘ ڪري ملھايو ويو آهي، تڏهن کان وٺي هن ڏينھن تي پنھنجي محبوبه جو ديدار ڪرڻ ڄڻ ته منھنجي مٿان فرض بنجي ويو آهي ۽ انھيءَ فرض کي اڄ پھريون ڀيرو قضا ڪيو اٿم، جو اڄ 14 فيبروري جي سج جا پھريان ڪرڻا ملائيشيا جي سرزمين تي محبوبه کان هزارين ميل پري منھنجي اکين پَسيا. 6:30 تي ڪئالالمپور ايئرپورٽ تي پُھتاسين، جھاز مان جيئن ئي لٿاسين ته گاڏيون آيون، جن اسان کي کڻي اچي اندر ڇڏيو. هاڻي اندر ته اسان ڏسندي ئي حيران ٿي وياسين ته ڪٿي پُھچي ويا آهيون، ٻاهر ڪيئن ۽ ڪِٿان نڪربو اِهو مسئلو هو. اسان بورڊ ۽ ڏنل اشارا پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ نيٺ اُتي موجود ماڻھن کان خان انگلش ۾ پُڇا ڪئي. جن اشاري سان ٻُڌايو ته اڳيان ٽرين وڃي پئي اُن ۾ چڙهو، اُها اوهانکي وڃي ٻاهر لاهيندي. ٽرين آئي، چڙهياسين، جنھن اسان کي گُهمائي ڦيرائي اچي ٻاهر ڇڏيو، جِتَي چيڪنگ ٿيڻي هئي. سامان وغيره چيڪ ڪرايوسين ۽ پاڻ کي به. هاڻي سامان هينڊڪيري، بيگس جيڪي ڪراچي مان ئي جھاز ۾ روانا ڪيا هئاسين، ڦِرندڙ چين تان پاڻ کي ئي ڳولي کڻڻا هئا، ڳولي کنياسين ۽ پوءِ اُتي موجود سڪيورٽي وارن چيڪ ڪيا. هاڻي اسانکي سامھون ڪائونٽر ڏي موڪليو ويو. جيڪا آخري چيڪنگ هئي. لائين ۾ بيٺاسين، ڀر واري ڪائونٽر تي هڪڙي ٻي لائين اسڪول يا ڪاليج جي ڇوڪرن جي لڳل هئي، اُهي سريلنڪا مان سوار ٿيا هئا، پر اُنھن ڇوڪرن مان هڪڙو ڇوڪرو جنھن اُتي چيڪنگ دوران فوٽو ڪڍيو، جنھن تان انتظاميه وارا سخت ناراض ٿي پيا ۽ ڇوڪري کي سڏي لائين مان ٻاهر بيھاريائون، پوءِ کيس چڱي خاصي تنبيھه ڪيائون ۽ سندن اڳواڻ کي به معافي وٺڻي پئي، تڏهن معاملو ختم ٿيو.
چيڪنگ دوران بلڪل مختصر سوال پُڇي ڇڏيندا ويا، ٻُڌو هوم ته ملائيشيا ۾ ايئرپورٽ تي ڏاڍي سختي ٿا ڪن، تنھن ڪري مونکي پھريائين سائين انعام ٻُڌائي ڇڏيو هو ته صرف توهان کان جيڪو سوال ڪن اُن جو مختصر جواب ڏِجو، پنھنجي طرفان وڌيڪ ڪجهه نه ڳالھائجو نه ته توهانکي وڌيڪ سوالن جي ڄار ۾ ڦاسائي سوڙهو ڪندا. اسان کان مختصر پُڇيو ويو سو به صرف خان کان ته ڪيڏانھن ٿا وڃون ۽ ڇا جي لاءِ؟ ٻُڌايائين ته ڪئالالمپور ۾ ”ورلڊ ريسرچ ايڪيڊمي“ طرفان ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ ٿا وڃون. مونسان ته هِتي به رعايت ڪئي وئي. بغير ڪجهه پُڇڻ جي چيائون هلو هلو.
پاسپورٽ وغيره ٿيلھي ۾ وجهي سُڪون جو ساهه کڻي اڳتي وڌياسين، ته ٽيڪسين وارا اشارا ڪرڻ لڳا، هڪڙي ٽيڪسي واري کي خان ايڊريس ڏيکاريندي چيو ته هن ايڊريس تي هلڻو آهي، همراه ڪرايو ايترو ٻُڌايو جو حيران ٿي وياسين. خان کي چيم سِم وٺون ۽ سائين سان رابطو ڪيون. وڌيڪ آساني ٿي پوندي. ريڊ ۽ يئلو ڪلر جون شرٽون پاتل چائنيز هئا يا ملئي، اُنھن کان پُڇا ڪئي. سِم جي D.G. ڪمپني جو نالو هو. خان ڪجهه وڌيڪ سوال جواب ڪيا نيٽ هلندو، گهڻا M.B ملندا، سِم ڪيتري ۾ پوندي؟ سڀ ڪجهه طئه ٿي ويو. همراه چيو پاسپورٽ جي ڪاپي ڏيو. خان چيو ڪاپي ته نه ڏينداسين توهان مس يوز ڪريو ته پوءِ؟ خان جو ايئن چوڻ ۽ همراه کي ڄڻ ٽانڊو لڳي ويو، ڦوڪجي شوڪجي صفا ڍڪڻ ٿي ويو، هٿن جي اشاري سان چينيءَ زبان ۾ الائي ته ڇا بَڪ بَڪ ڪندو رهو، اسان ته اِهيو مطلب ورتو ته وڃو وڃو ناهي مون وٽ سِم. اڳيان ٿورو وڌياسين جِتي فضيلت واري ڇوڪري ڊيل ڪيو. هي CalComنالي سان ڪمپني بلوڪلر ۾، هن ته شريف ڇوڪريءَ ته اسان کان پاسپورٽ جي ڦوٽو ڪاپي به نه ورتي ۽ گهڻن سوالن تي چِڙي به ڪانه ۽ مٿان وري خان جي موبائيل ۾ نيٽ ايڪٽوَ نه پيو ٿئي اِهو به ڪري ڏِنائين، 19 رنگيٽ ۾ سِم ورتيسين جيڪي پاڪستاني 627 روپيا ٿيا، 10 منٽ فِري مليا سِم سان گڏ.
سائين انعام سان فون تي رابطو ڪيم، جنھن ٻُڌايو ته ايئرپورٽ تان بَس اَڏي جي پُڇا ڪريو، اُن بس ۾ چڙهي سينٽرل اسٽيشن تي لھو، اُتان کان وري ٽيڪسيءَ جي ٽڪيٽ وٺو، جيڪا توهانکي ڏِنل ايڊريس تي آسانيءَ سان پُھچائيندي.
بس اَڏي تي آياسين، ٽڪيٽ ورتيسين سينٽرل اسٽيشن جي. اچي ويٺاسين Airport Coach ۾. سينٽرل اسٽيشن جا R.M-10 جيڪي پاڪستاني 310 روپيا ٿيا. پاڻي جي ننڍي بوتل ورتي R.M-2 يعني جيڪا پاڪستان ۾ 20 روپين ۾ وٺون اُها هِتي 66 روپيا ملي. ٿوري دير ۾ ڪوچ ڀَرجي وئي ۽ هلڻ لڳي، روڊ جي ٻنھي طرفن وڻ ۽ ڪجهه گرمي محسوس ٿي، خان کي چيم يار هتي ته اسلام آباد جھڙو ماحول لڳو پيو آهي. اُهي نظارا اُها گهم ۽ گرمي.
سينٽرل اسٽيشن پھتاسين، ڇا ته اسٽيشن آهي، ڇا ته سِسٽم آهي ۽ ڪيئن ماڻھو ترتيب ۽ صبر سان هلن ٿا. نه ڀڄ ڀڄان نه ڌِڪ ڌِڪان آهي. جيڪا اڪثر اسانجي پياري پاڪستان جي سڀني بس اَڏن تي نظر ايندي آهي. هِتي لوڪل ٽيڪسي واري سان ڳالھايوسين، جنھن تقريبن 75 رنگيٽ ٻُڌايو، خان چيو 50 تي هلو ته ٺيڪ آهي خان کي چيم يار سائين انعام ته ٻُڌايو پي ٽڪيٽ وٺجو وڌ ۾ وڌ 13 R.M ٿيندا. هڪ ڀيرو وري سائين انعام جو نمبر ڊائل ڪيم، جنھن ٻُڌايو ته سيڙهين تي چڙهي مٿي وڃو اُتي ٽڪيٽ وٺو ۽ ٽيڪسي واري کي ايڊريس ڏيو.
سيڙهين تي مٿي چڙهياسين اسان جي هٿن ۾ وزن تمام گهڻو هو، تنھن ڪري ڪتاب هڪ همراه کي لڳا ۽ ڪِري پيا. اُن همراه وري اسانکي Sory چئي پاڻ نِوڙي کڻي ڏِنا. خان کي چيم فرق محسوس ڪر! اسان وٽ ڇا چوندا ”انڌو آهين ڇا، ڏسين ڪونه ٿو؟“ خير اسان وَٽ به هر هنڌ ايئن ناهي، بس ڪجهه علائقا اهڙا آهن.

ٿڪاوٽ ڄڻ جسم تي ڪپڙن جيئن پاتل هئي

ٽڪيٽ گهر مان خان ٽڪيٽ وٺي آيو، ٻاهر ٿي بيٺاسين ته ٽيڪسي اچي اسانجي پاسي ۾ بيٺي، ڊرائيور اسان کان سامان وٺي ڊگي ۾ رکيو ۽ ايڊريس ڏِسي هلڻ لڳو. تقريبن اڌ ڪلاڪ اندر اچي “107-17-01, Bistari Comdomininum, Jalan 1/6D, off Jalan putra K.L” اپارٽمينٽ اڳيان بريڪ ڪيائين، جيڪا چوڪي قائم هئي ۽ سيڪيورٽي وارا ويٺا هئا. جن تعارف پُڇيو، سائين انعام جو نمبر ملائي ڏنومانس، سائينءَ ڪجهه ڳالھايو. چاٻي ڪڍي ڏنائين، منھنجو پاسپورٽ نمبر لکي رکيائين، چاٻي کڻي جنھن تي 1/17 لکيل هو، جنھن جو مطلب 17 نمبر فلور تي فليٽ نمبر1، لفٽ ۾ بيٺاسين 17 نمبر دٻايو ڪجهه ئي پَلن ۾ فلور 17 تي پُھتاسين، بس پھريون ئي فليٽ هيو، جنھن جو اندازي موجب تالو کولي اندر وياسين، اندر ڏاڍو سھڻو سيٽ اَپ ۽ وڏو فليٽ ڏِسي حيران ٿي وياسين، وري سائين کان پُڇي پَڪ ڪيم، سائين کي پار ڏِنم، سائين کِلندي چيو، ’جيڪڏهن اِهو نه هُجي ها ته تالو ڪيئن کُلي ها، اندر آيا آهيو ته اِهو ئي سمجهو.‘
سامان کي هڪ پاسي رکي، مُنھن کي ڇنڊا هڻي روم کولي AC آن ڪري سُمھين پياسين، ٿڪاوٽ ڄڻ جسم تي ڪپڙن جيئن پاتل هئي. ننڊ اوهيرا ڪري آئي اکين ۾. سُجاڳ تڏهن ٿياسين جڏهن سائين انعام اچي دروازي تي دستڪ ڏِني، ملياسين، حال احوال ڪياسين، پوءِ فريش ٿياسين ۽ ٽيئي 17 فلور تان هيٺ لٿاسين ۽ روانه ٿياسين ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ.
سائين چيو ٽيڪسي ۾ هوٽل تائين هلي پيا سگهون، پر اوهانکي کي ريل ۾ ٿو وٺي هلان، جيئن نظارا ڪندا هلو، روڊ جي ڀر ڏيئي فوٽ پاٿ تان هلي رهيا هئاسين، گرمي پئي محسوس ٿي، روڊ رستا وڏا ويڪرا ۽ صاف سُٿرا هئا، جڏهن روڊ پار ٿي ڪيوسين ته روڊ جي پاسي ۾ هڪڙو ٿنڀو لڳل هو جنھن ۾ هڪ بٽڻ کي سائين دٻايو ته جيڪي گاڏيون روڊ تان اچي رهيون هيون سي بيھي رهيون، مون ۽ خان هڪٻئي ڏانھن حيرت سان ڏِٺو ۽ هڪڙي خوشي به محسوس ٿي ته ڪھڙو سِسٽم آهي ته روڊ پار ڪرڻ لاءِ ماڻھو بَٽڻ ٿو دٻائي ۽ گاڏيون سڀ بيھي ٿيون رهن، ماڻھو آرام سان روڊ پار ڪري هليو ٿو وڃي. هاڻي اچي اسٽيشن تي پُھتاسين. واهه ڪھڙي خوبصورت اسٽيشن ٺھيل آهي ۽ اُن جو نظام، پھرين مشين ۾ نقشو کُلي اچي ٿو، پوءِ جِتي لھڻو آهي اُن اسٽيشن جي نالي کي دٻائي ۽ ڪيترا ماڻھو آهن، اُهو بٽڻ به دٻايو، پئسا لکجي ايندا، هيٺان نوٽ رک ته ATM ڪارڊ وانگر اندر مشين ۾ ويندو، جيترا پئسا ڪرايو هوندو اِهو ڪَٽي ٻيا پئسا مشين واپس ڪندي، ۽ گڏ ٻن قسمن جا ٽوڪن به ڏيندي، هڪڙو ٽوڪن جيڪو اسٽيشن اندر اِن ٿيڻ لاءِ مشين ۾ وجهبو ته هٿن وانگر رُڪاوَٽ ٺھيل پوئتي هَٽي ويندي ۽ اندر داخل ٿي وڃبو، ٻيو ٽوڪن وري جِتي لھبو ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ ساڳين طرح لڳل مشين ۾ ٽوڪن وجهبو ته دروازو کُلي ويندو ۽ ماڻھو ٻاهر نڪري ويندو، سائين انعام سڀ اِهو عمل ڪندو ۽ اسانکي سمجهائيندو به هليو، مشين ٽچ اسڪرين هُئي، بس هڪ ڀيرو سمجهڻ جي ضرورت آهي. تيستائين ريل اچي وئي جيئن بريڪ لڳو ته دروازا آٽوميٽڪ کُلي ويا، اسين اندر داخل ٿياسين ۽ ٻيا جيڪي لٿا پي اُهي لٿا بعد ۾ دروازو پاڻئي بند ٿي ويو ۽ ريل هلڻ شروع ٿي وئي، هاڻي شھر مان گذري رهي آهي. اسان درين مان شھر جو ديدار ڪندا ٿا هلون. واهه ڏاڍو خوبصورت شھر جو منظر سامھون آهي، وڏا وڏا اپارٽمينٽ ٺھيل ۽ وچ وچ ۾ وڏا وڏا وڻ، گرينري به هر طرف نظر آئي، ۽ ٻيو اِها نواڻ نظر آئي ته اپارٽمينٽ/ فليٽن جي 2 يا 3 منزلن تي ننڍا ننڍا پارڪ نظر آيا. ڪُجهه گهڙين کان پوءِ اسٽيشن جو نالو انائونس ٿيو ۽ دروازي مٿان هڪڙي اسڪرين به هلي رهي هئي، جنھن ۾ ايندڙ اسٽيشن جو نالو هلي رهيو هو. آءٌ ۽ خان ته صرف مُسڪرائي ۽ حيرت جو اظھار ڪري رهيا هئاسين، اسٽيشن تي لٿاسين، ساڳيو عمل جيڪو چڙهڻ وقت. مشين مان ٽوڪن مليا هئا هاڻي هِتي وري مشين ۾ ٽوڪن وِڌاسين ته ٻاهر نِڪتاسين، اگر ٽوڪن ڪِٿي هٿ مان ڪِري وڃائجي وڃي ته همراه اندر لوهه، پوءِ مقرر ٿيل ڏنڊ ڀري ئي ٻاهر نڪري سگهي ٿو.

ڪانفرنس ۾ شرڪت:

چند قدمن جي فاصلي تي ئي هوٽل Hotal Royal هئي جنھن ۾ ڪانفرنس: 4th, Intermational Chemical and Enviroment Engnering Conference (ICEE)2013-14 هلي رهي هئي.
ڪانفرنس هال ۾ پهتاسين، جتي شعيب احمد شيخ سان ملاقات ٿي، شعيب شيخ سان پھرين ملاقات 2006ع ۾ ٿي هئي، جڏهن مھراڻ يونيورسٽيءَ طرفان ”آل پاڪستان ٽوئر“ تي پي وياسين، تڏهن شعيب شاگرد هو، جيڪو هاڻي ليڪچرر آهي ۽ ملائيشيا ۾ پنھنجي سبجيڪٽ ۾ Ph.D پيو ڪري. ٻي دوست امتياز چانڊيو سان ملاقات ٿي، جيڪو پُڻ هِتي يونيورسٽيءَ طرفان Ph.D پيو ڪري، وري اندر وڃي ويٺاسين، ڪانفرنس به هلي رهي هئي ۽ ٻاهر به آياسين پي. سائيڊ کان ٽيسٽيون، سونپ، ٽافيون وغيره سڀ موجود هيون ۽ چانھه، سليماني، کير واري ۽ ڪافي، جنھن کي جيڪو وڻي کائي ۽ چانھه ٺاهي پيئي، هيءَ هوٽل رائل جي نالي سان آهي، هِن هال جي پَر ڊي چارجز سائين انعام ٻُڌائي. جيڪا پاڪستاني 6000 روپيا ٿئي ٿي. هِتي گهٽ ۾ گهٽ واري هوٽل به پاڪستاني 3000 روپيا ۾ روزانو جي حِساب سان ڪمرو ملي ٿو.
اسان حال احوال به ڪندا رهياسين، محمد خان جو تعارف BDRO جو صدر طور ڪرايم ته پوءِ امتياز چانڊيو کائنس NGOs. جي باري ۾ معلومات ڪري رهيو هو ته اڄ ڪلھه NGOs. ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪم ڪري رهيون آهن. محمد خان ته ظاهر آهي NGO هلائي پيو، تنھن پنھنجي بچاءُ ۾ ئي ڳالھايو هوندائين. پر جي مون کان پُڇي ها ته آئون ته اِيئن ئي چوندس ته جن ماڻھن جي نالن تي فنڊ اچن ٿا اُنھن جا حال ته ناهن بدليا، پر جيڪي NGO هلائين ٿا، انهن جا ضرور بدليا آهن، پر ڪي ته تمام گهڻو بدليا آهن. منھنجو هڪڙو دوست آهي، جيڪو پُڻ گهڻي ڪوششن جي باوجود به اين جي اوز هلائي ناهي سگهيو، پر ٻين اين جي اوز ۾ ڪم ڪندو آهي. ۽ ٻيا به گهڻا ئي ڪم ڪندو آهي، جنھن جو چوڻ آهي ته ’پھرين پاڻ کي سُڌاربو تڏهن ته ٻين کي سُڌاربو‘، پھرين پاڻ مضبوط ٿيو، پوءِ ٻين کي مضبوط ڪيو. سندس اِهو خيال ڪھڙي ڪانسيپٽ ۾ آهي، سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو. پر مونکي سندس اِها ڳالھه سچ لڳي ٿي ته اڃا تائين ته اين جي اوز وارا صرف پاڻ کي سُڌاري رهيا آهن. منھنجي دُعا آهي ته اين جي اوز وارا جلد پاڻ کي مضبوط ڪن، جلد پاڻ کي سُڌارين، جيئن اُنهن جو به وارو اچي جن جي نالي تي اُهي فنڊز حاصل ڪندا آهن.
آئون ۽ شعيب ته پنھنجي سفر جون يادون تازيون ڪري رهيا هئاسين، ٻيو پُڇيائين ته شاعري هلي پئي؟ چيومانس ته پنھنجي پياري وطن جي تعليمي ادارن جيان هلي پئي، وڏيون وڏيون عمارتون ماستر غير موجود، جيڪي موجود ته ڪچھرين ۾ پورا، پڙهائڻ لاءِ وقت ناهي، سو مون به کوڙ ڪتاب گڏ ڪري ڇڏيا آهن، پر پڙهڻ لاءِ وقت ناهي، جي ڪڏهن ڪجهه پڙهان به ته لکڻ لاءِ وقت ناهي، بس ايئن پيو قصو هلي، ڪو وقت ته اهڙو هو جو آئون ڪتاب خريد ڪري نه سگهندو هُيس، مشڪل سان خرچي بچائي ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪتاب وٺندو هيس ته پوءِ اُنهي کي ٻه ٻه يا ٽيَ ٽيَ ڀيرا پڙهي وٺندو هُيس، پر هاڻي جڏهن ڪتاب آسانيءَ سان وٺي پيو سگهان ته وري پڙهڻ لاءِ وقت ناهي، چاهيندي به وقت نٿو ملي، ڪتاب پڙهان، پر پوءِ به ڪنھن شاعر جي بقول ته:
ڪتابن سان آ دل منھنجي، ڪُتب خانو وطن منھنجو،
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا ڪفن منھنجو.
شام جو 5 وڳي تائين ڪانفرنس ختم ٿي، هتي پاڪستان ۾ منجهند جا 2 ٿيا آهن. پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وقت ۾ 3 ڪلاڪ جو فرق آهي ، هِتي ملائيشيا ۾ وقت پورا 3 ڪلاڪ اڳيان آهي.
هاڻي اسان پنج ئي، آئون، محمد خان، سائين انعام ڀٽي، امتياز چانڊيو ۽ شعيب شيخ گڏجي ٻاهر نڪتاسين، اچي ٽرين ۾ ۽ پنھنجي فليٽ تي پُھتاسين، سڀئي اهڙا ته ٿڪجي پياسين جو سائين انعام ۽ محمد خان ته بس بيڊن تي وڃي ڪِري پيا. باقي آئون، امتياز چانڊيو ۽ شعيب شيخ فريش ٿي هيٺ سيڪنڊ فلور تي هليا آياسين، سيڪنڊ فلور تي هڪڙو ننڍڙو پارڪ ٺھيل آهي، پر ڏاڍو خوبصورت، مٿان سھڻي نموني ڇپرا ٺھيل، هيٺ ٽيبل ڪرسيون رکيل ۽ آرٽي فيشل جبل ۽ ڍنڍون ٺھيل، وڻ ٻوٽا ۽ ڇٻر پوکيل، سيڪنڊ فلور تي يعني ڇت تي حيراني جھڙي ڳالھه آهي ۽ هِتان کان خوبصورت نظارا به ڪري پيا سگهجن شھر جا ۽ ٽرينون گذري رهيون آهن. اُهي به ڏِسي رهيا آهيون.
هِتي ڪيئي جوڙا پر اڪثر ليڊيز اُنھن ۾ به اڪثريت چائنيز جي جيڪي اَڌ اُگهاڙيون ٿي هلن ٿيون، باقي ملئي ته پيرن کان چوٽي تائين ڍڪيل نظر اچن ٿيون، سڀ ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو ڪلچر آهي. اسان هِتي ۽ پنھنجي ملڪ ۾ موجود نظام ۽ حڪمرانن جي ڀيٽ ڪري رهيا هئاسين، جيڪو موضوع ته ڪئالالمپور ۾ لھڻ کان پوءِ ئي شروع ٿي ويو هو ته اسانجي حڪمرانن کي هِتي آڻجي ۽ هي نظام، هي سسٽم، هي ادارا، هي حڪمراني ڏيکارجي ته ڪيئن ٿو ملڪ ۽ اُن جو نظام هلي.

تن مھاتير محمد ۽ ملائيشيا

چون ٿا ته هي ملڪ هاڻي ئي 1980ع کانپوءِ ڊولپ ٿيو آهي. مھاتير محمد جي ئي محنتن ۽ ڪوششن سان، ملائيشيا ايئن مُنفرد ۽ ترقي يافته مُلڪ ٿي اُڀريو. تن مھاتير محمد ملائيشيا جو ڇوٿون وزيراعظم بڻيو، ۽ تن مھاتير محمد پنھنجي قابليت ۽ ذهانت جي ڪري پوري ايشيائي مُلڪن لاءِ هڪ مثالي حُڪمران ٿي سامھون آيو ۽ ملائيشيا لاءِ ڀاڳوند جنھن ملائيشيا کي بدلائي ھڪ تمام بھترين ۽ ترقي يافته مُلڪ طور سامھون آندو.
مھاتير محمد 1925ع ۾ محمد بن اسڪندر جي اڱڻ تي پيدا ٿيو، سندس امڙ جو نالو تايمپاوان هو. مھاتير جو والد پينانگ سان تعلق رکندڙ هو ۽ سندس والده ڪيداح رياست جي رهندڙ هئي، محمد بِن اسڪندر اصل ۾ هندستان جي رياست ڪيرالاجي پيدائش آهي، جنھن پوءِ ملايا جا وڃي وڻ وسايا ۽ ملئي عورت تايمپاوان سان شادي ڪيائين.
مھاتير محمد ڪو خانداني طور امير شخص نه هو، پر هڪ مڊل ڪلاس جو فرد هو، سندس والد اسڪول ٽيچر هو. مھاتير محمد سيڪينڊري تعليم سُلطان عبدالحامد ڪاليج مان حاصل ڪئي، جيڪو پُڻ سندس والد محمد بن اسڪندر جي ڪوششن سان قائم ٿيو هو. ظاهر آهي ته هڪ اُستاد جو پُٽ هئڻ ڪري مھاتير شاگردي واري دؤر ۾ پُڻ بااخلاق، باڪردار ۽ هوشيار شاگرد هوندو هو. انگريزي زبان جي سُٺي ڄاڻ رکندڙ ۽ سُٺو انگريزي ڳالھائيندڙ شاگرد هو.
مھاتير محمد جي زندگي اُن وقت هڪ ڏکُئي موڙ طرف مُڙي جڏهن ٻي جنگِ عظيم ۾ جاپانين ملايا تي قبضو ڪيو ۽ انگلش ميڊيم اسڪول بند ڪرائي ڇڏيا، تڏهن هن کي پنھنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻي پئي، ۽ پنھنجي گهر جي معاشي حالات ۾ مدد لاءِ هن ڪافي ۽ ڪيلي جو جوس وڪڻڻ شروع ڪيو، اُن وقت هن جي عمر مشڪل سان 16 سال ٻُڌائي وڃي ٿي.
مھاتير محمد هميشه پنھنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ فڪرمند رهندو هو، جڏهن ملايا ۾ برطانيا جي فوج کي جاپانين هٿان بُڇڙي شڪست ملي، ته مھاتير جو اِن ڳالھه ۾ ويساهه وڌيڪ پُختو ٿيو ته جيڪڏهن جاپانين وانگر ملئي قوم کي به منظم ڪيو وڃي ته اسان به جاپانين جي قبضي مان نڪري آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهون ٿا. اِها سوچ من ۾ رکي مھاتير محمد رات ڏينھن ڪوشان رهيو. هن پھريان پاڻ کي اعليٰ تعليم يافته فرد بنائڻ لاءِ ’ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج آف ميڊيسن‘ ۾ داخلا ورتي، جتي هن رات ڏينھن ڌيان پنھنجي پڙهائي تي ڏِنو هن ڪاليج ۾ سندس تربيت ايئن ٿي رهي هئي ته مرض کي ڪيئن سُڃاڻجي ۽ دوا کان پھرين مرض بابت مڪمل ڄاڻ هُجي، پوءِ ئي اُن مرض جي دوا ڪجي ته مرض ختم ٿي ويندو. مھاتير کي اڳيان هلي ملئي قوم جو مسيحا ٿيڻون هو. تنھن ڪري هن سڄو ڌيان پنھنجي پڙهائيءَ تي ڏِنو. 1947ع کان 1953ع تائين ڇھن سالن جي عرصي ۾ هن پڙهائي مڪمل ڪئي ۽ انهن ڇھن سالن دوران باقي سڀئي سرگرميون هڪ پاسي رکي صرف ۽ صرف پڙهائي ۽ سِکڻ طرف ڌيان ڏنو. هنن اِن عرصي ۾ صحافت جو ڪورس پُڻ مڪمل ڪري ورتو، سندس خيال هو ته هُو پنھنجي صحافتي صلاحيتن سان ملئه قوم کي سُجاڳ ڪري سگهي ٿو. ڪُجهه عرصي کان پوءِ هن هڪ مقامي رسالي ’سنڊي ٽائيمز‘ ۾ پنھنجا مضمون لکڻ شروع ڪيا، جنھن ۾ هن ملئي قوم جي طرزِ رهائش، ثقافت کان وٺي سندن سياسي، سماجي زندگي تي چڱا خاصا مضمون لکيا. سندس مضمونن جو موضوع ملئه قوم خاص طور تي ملئي عورت تي گهڻو لکيو. مھاتير محمد کي سندس مضمون لکڻ جو معاوضو به ملندو هو، جنھن مان هن پنھنجي تعليم به اڳتي وڌائي ۽ ايتري بچت به ڪري ويو، جو هڪ موٽر سائيڪل وٺڻ ۾ ڪامياب ويو.
مھاتير محمد دورانِ تعليم پنھنجي ساٿي شاگردن کي منظم به ڪيو ۽ کين اِهو شعور ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو ته پاڻ منظم ۽ متحد ٿي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهون ٿا.

مھاتير محمد ۽ هاشمه محمد علي

ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران سڄو زور پڙهائي تي هئڻ باوجود دل جي ڪنھن گوشي مان ڪو پَل ڪا گهڙي خوشبو بڻجي هوائن ۾ هُلي هاشمه جي هُڳاءُ (واس) وٺي ٿي وئي. بقول ڀٽائي:
رَڳُون ٿيون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪَنھيِن،
لُڇَڻُ، ڪُڇَڻُ نه ٿِيو، جانبُ رِيَ جَبابُ،
سوئي سنَڌيِندُم سُپريِن، ڪيَس جنھن ڪَبابُ،
سوئي عين عَذابُ، سوئي راحَتَ روُحَ جي.
هاشمه محمد علي اُن دؤر ۾ ٻِي مسلمان (عورت) شاگردياڻي هئي جنھن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، تمام مشڪل هوندو هو مسلمان عورت جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ. مھاتير محمد جي محبت هاشمه به هينئن سان هنڊائي، هنن جي مڱڻي ٿيل نه هئي، پر هنن پاڻ ۾ ڄڻ ته مڱڻي ڪري ڇڏي هئي، ۽ هڪٻئي سان پڪا وچن ڪيائون ته تعليم پوري ٿيڻ کانپوءِ اسان پاڻ ۾ شادي ڪنداسين.
اپنی کیفیت ظاہر نہیں کرتی ہوں۔
اپنے احساس میں چھپا کر رکھتی ہوں۔
میں نہیں چلتی دنیا کے کہے پر فرح،
میں صرف اپنے دل کی سُنتی ہوں۔ (فرح بھٹو)
هاشمه محمد علي سنگاپور ۾ ميڊيسن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ حاصل ڪري ورتي. ۽ پوءِ ٻنھي تعليم پوري ڪئي، بعد ۾ شادي ڪيائون. جنھن مان هنن کي چار ٻار پيدا ٿيا ۽ ٽي ٻار هنن گود ورتا هئا، ٽوٽل 9 فردن تي مشتمل مھاتير جي فيملي هئي، جنھن جو خيال سڀ کان وڌيڪ رکندو هو. سرڪاري نوڪري جي وقت ۾ نوڪري تان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هن جي خيال ۾ هر ڪم کان اهم ۽ پھرين ترجيح پنھنجي فيملي کي ڏجي.
اس چار دیواری میں میرے لئے امان ہے،
دیکھنے میں یہ مکان یوں تو خستہ ہے۔
امید کی ڈالیاں جس پر لہراتی ہیں ٍفرح،
میرے دل میں ایسا ایک شجر پیوستہ ہے۔ (فرح بھٹو)

جڏهن ملائيشيا آزاد ٿيو

جڏهن 31 آگسٽ 1957ع تي ملائيشيا آزاد ٿيو، تڏهن مھاتير محمد جي عمر 32 سال هئي. ۽ هڪ سرڪاري ملازم هو، ملائيشيا جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ هر طرف کان تجويزون پي آيون ته ملڪ کي ڪيئن هلائجي، ڪيئن ترقي وٺرائجي، تڏهن مھاتير محمد پاڻ کي سرڪاري نوڪري ۾ ملائيشيا جي قانون مطابق قيد سمجهيو، تنھن ڪري استعيفيٰ ڏئي آزاد ٿي ويو.
پاڻ پوءِ سندس ڳوٺ (علائقي) ايلورسيتار Alor Setar ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ MAHA نالي کولي. هن جو خيال هو ته سرڪاري نوڪريءَ ۾ ماڻھو پابند آهي، ۽ آئون سياست ڪري ملڪ جي تقدير بدلائڻ ٿو چاهيان. ڊاڪٽريءَ ۾ پنھنجي سڀاءُ ۽ سچائي جي ڪري ايترو ته مشھور ٿيو جو ڪنھن وقت به واندو نه هوندو هو. رات ڏينھن هن وٽ مريض پيا ايندا ويندا هئا. ڪُجهه عرصي کان پوءِ پاڻ ننڍا ننڍا آپريشن ڪرڻ شروع ڪري ڏِنائين، جنھن سان هن جي تجرباتي زندگي ۾ هڪ بي پناهه اضافو ٿي رهيو هو، ۽ پوءِ اهڙو به وقت آيو جو مريض کي پاڻ ڏانھن ايندو ڏِسي اُن جو مرض سُڃاڻي وٺندو هو.
مھاتير محمد هڪ ڀيري هڪ رسالي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: ”هڪ بھترين ڊاڪٽر بھترين سياستدان بنجي سگهي ٿو. ڊاڪٽري ۾ ماڻھن (مريضن) سان ڳالھائڻ دوران سندن مرض جو پتو لڳائي سگهجي ٿو، ايئن ئي سياست ۾ به ماڻھن سان گڏ هلڻ، ملڻ جي ڪري اُنھن جي مسئلن جي ڄاڻ آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهي ٿي ۽ اُنھن جو سبب ۽ حل به آساني سان ڳولي سگهجي ٿو.“
مھاتير محمد پنھنجي مضمونن لکڻ ۾ به تيزي آڻي رهيو هو، مضمونن ۾ مقامي ملئين جي حقن جي ڳالھه ڪندو هو، ۽ ٻين ملڪن جو ڌياڻ ڇڪائڻ ۽ ملايا تي جاپانين جي قبضي خلاف احساس پيدا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو رهيو. ايلورسيتار ۾ پرائيويٽ ڪلينڪ هلائڻ دوران ’اُمنو‘ جو به ميمبر ٿيو، جنھن ۾ ٿوري ئي عرصي دوران هڪ محنتي ۽ فعال ڪارڪن جي حيثيت سان سڃاتو وڃڻ لڳو.
مھاتير محمد جڏهن 39 سالن جي عمر کي پُھتو ته پھريون ڀيرو 1964ع جي اليڪشن ۾ ”اُمنو“ جي پليٽ فارم تان اليڪشن لڙيو ۽ وڏي ڪاميابي سان ’ديوان رڪايت‘ جو ميمبر چونڊجي آيو. پوءِ به هن ميڊيڪل پريڪٽس نه ڇڏي، پر آهستي آهستي هن کي وڌيڪ وقت سياست کي ڏيڻون پيو. هاڻي هي هڪ متحرڪ ۽ فعال ڪارڪن ٿي اُڀريو. هو ملايا جي آزاديءَ کان بعد به ملايا تي جپانين جي قبضي خلاف لکندو ۽ ڳالھائيندو رهيو. مظاهرن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو.
13 مئي 1969ع وارن نسلي فسادن کانپوءِ مھاتير محمد اُن وقت جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان جي حڪومتي پاليسين جي شديد مذمت ڪئي ۽ اُن خلاف هڪ تحريڪ شروع ڪئي، وڏا وڏا احتجاج رڪارڊ ڪرايا، جنھن جي نتيجي ۾ مھاتير محمد کي اُمنو جي ميمبرشپ تان پُڻ هٿ ڌوئڻا پيا. جون 1969ع ۾ جڏهن فساد ختم ٿيا، تڏهن تنڪو عبدالرحمان، تن عبدالرزاق ۽ اسماعيل عبدالرحمان سان مشوري کان پوءِ مھاتير محمد کي نظم و ضبط جي خلاف ورزي جو الزام لڳائي اُمنو کان الڳ ڪيو ويو. ٻيھر جڏهن تن عبدالرزاق وزيراعظم بڻيو ته پوءِ اُن جي اسرار تي مھاتير محمد کي واپس سياست ۾ آندو ويو، تن عبدالرزاق مھاتير جي صلاحيتن کان گهڻو متاثر هو، تنھن ڪري هِن کي سينيٽر پُڻ چونڊرايائين.
مھاتير محمد ٻيھر هڪ ڀيرو پنھنجي قابليت جي ڪري تمام گهڻو اُڀري آيو. 1973ع ۾ هن جي اُمنو جي سپريم ڪائونسل جي ميمبر شپ پُڻ بحال ڪئي وئي. 1974ع ۾ هن کي ڪابينا ۾ شامل ڪري وزيرتعليم جي ذميواري ڏني وئي. هن تعليم جي وزارت دوران تعليم کي عام ڪرڻ ۽ نيون پاليسيون جوڙڻ جي ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سياست کي محدود ڪري صرف تعليم کي زور وٺرايو ويو. 1978ع کان 1981ع تائين مھاتير محمد وزير صنعت و تجارت جي عھدي تي پُڻ رهيو.
ايندڙ وقت جي وزيراعظم لاءِ اُمنو وٽ ٽي اميدوار اهم هئا، جن مان هڪ محمد مھاتير محمد جيڪو 1975ع کان اُمنو جو نائب صدر مقرر هو. ٻيو ملاڪا جو سابق وزيراعليٰ غفار بابا ۽ ٽيون تنڪو رضاليغ حمزه هو، جيڪو ڪيلنستان جي هڪ بااثر خاندان سان واسطو رکندڙ ۽ تمام وڏو بزنس مين هو. بھرحال نيٺ اُهو ڏينھن آيو جڏهن 16 جولاءِ 1981ع ۾ مھاتير محمد ملائيشيا جي چوٿين وزيراعظم جي حيثيت سان پنھنجي عھدي جو قسم کنيو. مھاتير محمد وزيراعظم مقرر ٿيڻ کان پوءِ پھريون قدم اِهو کنيو جو ملائيشيا ۾ گذريل دؤرِ حڪومت ۾ قيد 21 قيدين جي آزادي جو حڪم ڏنو، جن ۾ اُن وقت جو مشھور صحافي ۽ اديب صمد اسماعيل به شامل هو.
مھاتير محمد جا پھريان ٻه سال ته اُمنو جي اليڪشن ۽ سياسي هلچل جي ور چڙهي ويا، باقي پوئين ٽن سالن ۾ هن پوري پوري ڌيان ۽ ايمانداريءَ سان ملائيشيا کي خوب ترقي وٺرائي. کوڙ سارين پاليسين ۽ منصوبن جا وقت گذرڻ سان گڏ سُٺا نتيجا اچڻ لڳا، هن کي هڪ هي به خيال آيو ته ڇو نه اهڙو منصوبو جوڙيو وڃي جنھن ۾ ملائيشيا جون پنھنجو ڪارون هجن ۽ پوءِ اُهي ماڻهن کي گهٽ قيمت تي ڏِنيون وڃن ۽ پوءِ اُنھن کي وڌائي ٻين ملڪن ڏانھن به ايڪسپورٽ ڪيون وڃن. ۽ پوءِ 7 مئي 1983ع ۾ پروٽان (Proton) نالي ادارو وجو د ۾ آيو. جنھن جي تيار ڪيل پھرين ڪار پروٽان ساگا (Proton Saga) هئي. جنھن جو افتتاح وزيراعظم ملائيشيا مھاتير محمد 9 جولاءِ 1985ع ۾ ڪيو.
هن وقت تائين ’پروٽان‘ اداري تحت جديد کان جديد ڪارون تيار ڪيون وڃن ٿيون ۽ 50 کان وڌيڪ ملڪن کي ايڪسپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. جن ۾ ڪيترائي ترقي يافته ملڪ به شامل آهن.
اسين هن وقت جيڪو جديد ۽ ترقي يافته ملايشيا ۾ گهمي رهيا آهيون، اُهي سڀ صلاحيتون ۽ محنتون مھاتير محمد جي کاتي ۾ وڃن ٿيون.

مون جڏهن به سياست شروع ڪئي

اسان سندس آفيس ويجهو ئي رهيا پيا هياسين، جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي جو ڊفينس وارو علائقو آهي، ايئن ئي هتي ڪئلالمپور ۾ وري هي علائقو ڄڻ هِتان جو ڊفينس آهي.
ماني کائڻ لاءِ شھر ڏانھن وڃي رهيا هئاسين جو سائين انعام چيو ته پھرين هلي سوگو سينٽر گهمي اچون جو فڪس 10 وڳي بند ٿي ويندو، اِهو هتي جو قانون آهي صبح 8 وڳي پورو شھر کُلي وڃي ۽ رات 10 وڳي هڪ ئي وقت پورو شھر بند ٿي وڃي، سواءِ چند هوٽلن جي، يا ڪو ميڊيڪل اسٽور، بيڪري وغيرهه، پر اسان کي ته نظر نه ٿي آيا.
مھاتير محمد جي آفيس ويجهو گُذرياسين سائين انعام ڀٽيءَ آفيس ڏي اشارو ڪندي چيائين ته مون جڏهن به سياست شروع ڪئي ته رول ماڊل مھاتير محمد کي بنائيندس ۽ آفيس جو نظام به سڄو هيئن هلائبو، پوري پلازه ۾ آفيس آهي، جنھن ۾ هر ڊپارٽمينٽ آهي ۽ سڀئي پارٽي عھديدار ۽ ورڪر هلائين ٿا، ڪنھن جي به جاگير يا ورهاست تسليم نٿي ڪئي وڃي. جيئن اسان جي ملڪ ۾ آهي، نسل در نسل سلسلو هلندو اچي، هِتي ايئن ناهي.
اسٽيشن تي پُھتاسين ريل ۾ چڙهياسين، سوگو سينٽر وَٽ لٿاسين سائين انعام ڀٽي، پروفيسر شعيب شيخ، پروفيسر امتياز چانڊيو، محمد خان ۽ آئون. سوگو سينٽر ڏاڍي سھڻي نموني ٺھيل آهي، تقريبن ست ماڙ سينٽر آهي، سينٽرل ايئرڪنڊيشن. هتي هر شئي ملي ٿي وڃي، پر اسان خريداري گهٽ پيا ڪيون، هڪ ته مهنگائي آهي، ٻيو ته چيوسين خريداري آخر ۾ ڪنداسين. سوگو سينٽر هيٺ کان مٿي تائين گهميوسين، ڪجهه دوستن شرٽون، پينٽون ورتيون ۽ پوءِ گهمي ڦري ٻاهر نڪتاسين ته روڊ سڄو پاڻي سان وهنتل هيو، چيم شايد برسات وٺي آهي. سائين وارن ٻُڌايو ته هِتي برسات 12 ئي مھينا وسندي آهي ۽ ايئن ئي خبر نه پوندي آهي اوچتو برسات اچي ٿي وڃي.
اسان ڪچھري ڪندا حال احوال ڏيندا وٺندا اچي، انڊين گلي پھتاسين، جتي تقريبن پٺاڻ نظر آيا، هتي سڀ ڀاڄيون ملي ٿيون وڃن، پاڪستاني کاڌو، ملئي لوڪل کاڌو، انڊين کاڌو ملن ٿا. اسان هڪ سادي هوٽل ٻاهران ڪُرسيون لڳرايون. هن هوٽل جا مالڪ ۽ ڪم ڪندڙ سڀ پاڪستاني آهن، ماني اسانکي سُٺي ملي وئي. بعد ۾ واڪ ڪندا هڪ گلي مان گُذرياسين، جنھن جي ٻنھي پاسن کان جهوپڙن نما دُڪان هئا، شعيب وارن ٻُڌايو ته هِتي چائـنه جون سڀئي شيون موجود آهن ۽ تقريبن سڀ پٺاڻن جا دڪان آهن، هِتي ڪنھن شئي جي قيمت پُڇئي ته ڄڻ ڦاسي وئين، پوءِ نه ڇڏيندئي، هر حال ۾ اُها شئي توکي کڻائيندا، انڪار ڪيئي ته جھيڙي تي لھي ايندا، ايڏا حرامي آهن، اهڙي ساڳئي ڳالھه مون گهڻو وقت پھرين ڪوئٽا جي باري ۾ ٻُڌي، منھنجي نالي ڀائي محمد خان جوڻيجو صحافي (مرحوم) صحافتي دوري تي ويو هو، اُنھيءَ ڳالھه ڪئي ته اسان ڪوئٽا جي بازار ۾ وياسين، جنھن شئي جي قيمت پُڇون ۽ پوئي اِها شئي اسانکي وٺرائين نه ته جھيڙو ڪن. هاڻي ته خبر ناهي اڃا تائين ڪوئٽا ۾ ايئن آهي يا نه. مون به پاڪستان جا ٽي صوبا گهميا آهن، بلوچستان اڃا رهيل آهي.
ڪچھري ڪندا اچي اسٽيشن تي پُـھتاسين ۽ ٽرين ۾ چڙهي اچي پنھنجي پلازه جي ويجھي اسٽيشن تي لٿاسين، سائين انعام ٻُڌايو ته رات 12 وڳي کان پوءِ سڀئي سروسون بند ٿي وڃن ٿيون. پوءِ توهان ڪيڏانھن وڃڻ چاهيندو ته ٽيڪسي ئي ڪرڻي پوندي.
فليٽ تي آياسين، هاڻي سڀني چيو ته هاڻي چانھه ڪير ٺاهيندو، چانھه جي ٻاڙ لڳي آهي، شعيب چيو آئون ٿو ٺاهي اچان، ڪافي پيئندو يا چانھه؟ مون ته چيو چانھه پيئنداسين، ڪافي مزو نه ڏيندي. محمد خان چيو اوهان ويھو آئون ٿو چانهه ٺاهيان، پوءِ محمد خان چانھه ٺاھي، چانھه سُٺي ٺھي وئي، پيتيسين ۽ ڪچھري به ڪندا رھياسين، اسان کان پُڇيائون ته سُڀاڻي اوھان ڪيڏانھن ويندا، ڪِٿي گھمڻ چاھيندا؟ چيوسين سائين اسانکي توھان ئي گائيڊ ڪندا. اسانکي ڪھڙي خبر ڪھڙي پاسي گھمڻ وڌيڪ بھتر آھي. شعيب چيو ’جوھر بارو‘ وڃو. سائين انعام چيو ملاڪا وڃو، جوھر بارو بندر گاھه آھي، ٻيو ته اُتان وري واپسي موٽي نه سگھندا، پورو ڏينھن ته سفر ۾ لڳي ويندو.
جوھر بارو ھتان KL کان ٽرينون بھ وڃن ٿيون، بَسون به وڃن ٿيون، جھاز به وڃن ٿا، جھاز ته چون ٿا ڪلاڪ اڌ ۾ پُھچائي ٿو، باقي ٽرين يا ڪوچ ۾ 7 کان 8 ڪلاڪ لڳن ٿا، معنيٰ ته پورو ڏينھن سفر ۾ پوءِ اسان به چيو، بھتر آھي ملاڪا ٿا وڃون، ملاڪا ٻُڌايائون ته KL کان ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي آھي لڳ ڀڳ اسي ڪلوميٽر.
پوءِ ھڪڙي پَني تي سائين انعام نقشو ٺاھي ڏِنو، ھتان KL کان وٺي ملاڪا تائين پھچڻ ۽ اُتي ڪھڙيون جايون گھمڻ تائين. ھتان کان PWTC اسٽيشن تي وڃڻو پوندو، سري پتالين ٽرين ۾ چڙھي بندر سلاطان اسٽيشن تي لھي، اُتان کان وري پنڌ ھلي TBS بس ٽرمينل تي اچڻو پوندو، اُتي ڪائونٽر تان ملاڪا ويندڙ بس جي ٽڪيٽ وٺبي، ملاڪا شھر ۾ بس ٽرمينل تي لھڻو پوندو، اُتان کان ٽيڪسيءَ سان ڳالھائجو، پوري ڏينھن جو ڳالھائيندا ته مھانگي پوندي، بھتر آھي ته ٽيڪسي واري کي چئو ميدان پھلوان يا سٽي سينٽر ڇڏي، پوءِ اُتان کان پنڌ ئي گھمي وٺجو، سڀ شيون ھڪٻئي جي ويجھو آھن.

ملاڪا ڏي مُنهن

---

ملاڪا ڏي مُنهن

صبح ساجهر اُٿياسين، تڙ پاڻي ڪري، ڪپڙا بدلائي هَلڪوڦُلڪو ناشتو ڪيوسين. خان به پنھنجي هينڊي ڪيم ڪيمره کنئي ۽ مون به هينڊي ڪيم ڪيمره ڪڍي، آياسين. PWTC اسٽيشن تي، هِتان کان هِڪڙي امپانگ ٽرين وڃي ٿي. ٻي سري پلالين، اسان کي سري پلالين ٽرين ۾ وڃڻو هو. ڪجهه گهڙين ۾ ئي ٽرين اَچي وئي، چڙهياسين، بندر تاسق سلاطان تي لٿاسين، جتان کان TBS بس اَڏي جي پُڇا ڪئي.

مُسڪرائي چيومانس: Same Name,

مون جِتي ڪِٿي پاڻ ۾ هڪڙي وڏي ڪَمي محسوس ڪئي انگريزي نه اچڻ جي، ۽ خان کي گذاري جيتري اچي ٿي بلڪِ ڪافي حد تائين، تنھن ڪري ڪم آسان ٿي ٿي ويو، نه ته اشارن جي عجيب جھان ۾ نه هِيڏانھن ٿو ٿِجي نه هوڏانھن. TBS بس ٽرمينل تي آياسين وڏي رَش هئي ۽ چيڪنگ به ايئن پي ڪئي وئي ڄڻ ايئرپورٽ تي پُھتا هُجون ۽ بس اَڏو به ڪنھن ايئرپورٽ کان گهٽ نه پي لڳو. سوچيون ٿا هي هِتان جا ماڻھو اسانجي پياري پاڪستان اچن ۽ ايئن بس اَڏي تان گذرڻ تي ٻيھر راڄن کي ڏَس ڏين ته هِن پاسي مَتان وڃو.
قطار ۾ بيٺاسين، خان چيو تون بيھي ٻنھي جون ٽڪيٽون وٺجان، قطار ۾ بيٺس انڌي منڊي انگريزي ۾ ڳالھايم ملاڪا جي ٽڪيٽ گُهرجي، گاڏي ۾ ڪيتري دير آهي. پُڇيم:
One Person?
Two Person
Name Plz.?
Khan Muhammad, Khan Muhammad
One Person Name Plz. ?
Khan Muhammad
Two Person Name?
Khan Muhammad.
ڇوڪري پين کي چَپن تي آڻي مون ڏي ڏِٺو، مُسڪرايو،
ايئن چَپَن تي پين آڻي،
۽ چَپَن مان مُرڪ ڇاڻي
ڇا تون سوچين پئي آخر
رُخسار تي پيا رقص ڪَن
ٻَڌ ڇَتَن کي ڇوڙ نه ڇوري
دِل ڪنھنجي ڪر نه چوري
ڪر نه ايئن تون سينا زوري
ڪورو مَٽ آ تنھنجو بُت
مون پارو ڪو مُسافر
پي ويندئي ٻُٽئون ٻُٽ
سُونھَن جو ٿئي سنھَن سُھڻي
سرنھن جو ڄَڻ پيلو گُل تون
پوپٽن جا پَر کُليل ٿئي
رنگ تنھنجا سڀ چُمي
روپ تنھنجا سڀ کڻي
پَل ۾ ويندا اُڏامي
آڀونءَ ڄڻ تنھنجي جواني
پاڻ تي ڪر مھرباني
ايئن چَپَن تي پين آڻي
۽ چَپَن مان مُرڪ ڇاڻي
ڇا تون سوچين پئي آخر!!!؟
ڄڻ ساڻس مذاق ڪري رهيو هُجان، (مٿيون نظم به ذهن تي ڪنھن دُنڌلي عڪس جيئان اُڀري آيو) مونکي به ڄڻ مزو پي آيو، پر سوچيم معاملو نه بگڙي، سو مُسڪرائي چيومانس: Same Name, Same Name، هُن به مُسڪرائيندي ٽڪيٽ ڪَٽي ڏني. ٽڪيٽ تي گيٽ نمبر8 لکيل هو، ڳوليوسين گيٽ نمبر8، پريان اسڪرين تي نمبر هَلي رهيا هئا، هِتي جا بَس اڏا به ڄَڻ ايئرپورٽ هُجن ۽ پنھنجا بَس اڏا، بس ٻُڌائڻ جي ضرورت ناهي، سڀني کي خبر آهي. گيٽ نمبر8 جي سامھون اچي ويٺاسين، فوٽوگرافي ڪئيسين، مووي ڪِلپ رڪارڊ ڪيا، اسٽيشن انتھائي وڻندڙ هئي، هڪڙيون مايون صفا چڍيون پايو هَلن، ڪي نيڪر ته ڪي وري پوريون پوريون ويڙهيو وَتن پيرن کان مٿي تائين ڍڪيل، سڀ رنگ ۽ نسل هئا هِتي. پر ڪير ڪنھن کي چِتائي نٿو ڏِسي، سڀڪو پنھنجي ڪم ۾، بس آئي ۽ اسڪرين تي نالو هليو، سڀئي قطار ۾ ٿي بيٺا هڪ قطار ليڊيز جي ٻي قطار جينٽس جي، چيڪنگ ٿي اسڪيننگ گيٽ مان گُذرياسين. پوري 12 وڳي گاڏي لڳي بيٺي. جيڪو ٽائيم ٽڪيٽ ۾ لکيل هو. چڙهياسين سيٽ نمبر 21 ۽ 22 تلاش ڪئيسين. منھنجي سيٽ نمبر 22 ۽ خان جي 21 هئي، سيٽ نمبر تلاش ڪري سيٽن تي ويٺاسين ۽ وري به اِها ئي حيرانگي هِتان جي سِسٽم، هِتان جي نظام جي خوبصورتيءَ تي پيا سوچيون ۽ پنھنجي مُلڪ جي ٻيڙي ٻُڏل سِسٽم تي رڳو پار ڪڍي روئي ئي سگهجي ٿو. خبر ناهي ته ڪڏهن اسان جا سياستدان انسان ٿيندا، ۽ اسان جو مُلڪ به ترقي يافته مُلڪن ۾ شمار ٿيندو.
رستي ۾ خوبصورت منظر ڏِسندي اکيون ٿڌيون ڪندا هلياسين، تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ ملاڪا پُھتاسين، هِتي جو به بس اَڏو اهڙو ئي شاندار ۽ هر شئي مِلي پئي. موبائلن جون کوڙ ڪمپنيون، جيئن ايئرپورٽ تي هر شئي ملي ٿي، ايئن هِتي به، اسٽيشن مان ٻاهر نڪري ٽيڪسي پوائنٽ تي آياسين. ٽِيڪسي واري سان پوري ٽوئر جو ڳالھايوسين، وڌيڪ پيو ٻُڌائي، پوءِ چيوسين اسانکي صرف سٽي سينٽر ڇڏي اَچ. ٽيڪسي ۾ ويٺاسين، هِتي جون ٽيڪسيون به اسان وٽ هلندڙ ڪرولا جھڙيون آهن، ۽ ڪراچي ۾ هلندڙ ٽيڪسيون اوڻيھه سئو ٻُڙي دؤر واريون پيون هلن، اڇا ڪپڙا پائي ويھه ته سڄي رستي ۾ چوڌاري ڪپڙا بچائڻ جي چڪر ۾ ماڻھو پريشان ڪِٿان ڪو ڪپڙن کي ٽِڪو نه لڳي.

جيئن ماتلي جي وِچان ڦُليلي

ٽئڪسي ٿوري ئي دير ۾ سِٽي سينٽر اچي لاٿو ۽ هِن سينٽر، هِن چوڪ تي لھڻ سان ئي، ڪئيسين واهه واهه، سبحان الله، چارئي طرف ايترا ته خوبصورت نظارا، جڳھيون، توڙي ننڍا ننڍا پارڪ جو دل پئي چوي ته بس هن ئي چوڪ تي بيٺا رهون ۽ تصويرون ته انيڪ ڪڍيوسين، مووي رڪارڊنگ ڪئيسين، سامھون عيسائين جو چرچ ۽ ڳاڙهي ڪلر جون بلڊنگون ۽ گُلڪاري، ڏاڍو خوبصورت منظر پيو پَسجي، ڪُجهه گهڙيون هِن چوڪ جو لُطف وٺي اڳتي روانا ٿياسين. شھر جي وِچان هِڪڙي نھر پئي گُذري، جيئن ماتلي جي وِچان ڦُليلي يا بدين جي وچان قاضيه واهه. ايئن، پر هِتي ته مزو ئي ٻيو، ڪنارن تي به تفريح ۽ ننڍڙا ننڍڙا پارڪ ۽ پاڻ وٽ وري نھرن جي ڪنارن تي قبضا ۽ گند جا ڍڳ، ڪاش ڪو اهڙو انسان ايم پي اي، وزير يا آفيسر پيدا ٿي پوي جيڪو ماتلي شھر مان لنگهندڙ ڦُليلي جي ٻنھي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائي ڦُليلي ۾ ڇوڙ ڪندڙ گٽر بند ڪرائي، ٻنھي ڪپرن کي پڪو ڪري، گرين بيلٽ ٻنھي ڪپرن کان هُجن ته آئون پوري يقين سان چوان ٿو ته هِن کان به وڌيڪ خوبصورت نظارا اکين کي ڏِسڻ لاءِ ملندا. نھر جي وچ ۾ هڪڙي بس نما ٻيڙي هلي رهي آهي، جنھن ۾ سياح ويھي، شھر جو نظارو ڪري رهيا هئا. ٿورو ئي اڳتي وڃون ٿا ته هِتي هڪڙو چوڪ ٺھيل آهي، سيڙهين تي مَٿي نظارو آهي، ٻيڙي بيٺل آهي، پاسي ۾ پاڻي ٺھيل آهي ۽ پاڻيءَ جا اُن مان ڦوهارا به نِڪري رهيا آهن. سيڙهين تي به مختلف قسم جون شيون رکيل آهي، جنھن ۾ گل، ٻوٽا، فروٽ ۽ ٻيون به ڪي شيون آرٽيفيشل رکيل آهن. هن منظر وٽ به ترسي پئون ٿا. ۽ فوٽوگرافي ڪيون ٿا، سياحن جي هڪڙي وڏي ڀـيڙ آهي، جا پُڻ اسان سان گڏ گڏ آهي، اڪثريت چيني ۽ انگريزن جي هئي.

ملاڪا جو نالو وڻ جي پُٺيان

ملاڪا شروع شروع ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هوندو هو، اُهو به ملاحن جو جيڪي مڇي ماريندا هئا، جئين پاڻ وارو ڪراچي. هي ڳوٺ سمنڊ جي ڪپ تي هو، اُن ڳوٺ ۾ هندو راجا جو اچڻ ٿيو، اُتي هڪڙو وڻ بيٺل هو، جنھن کي ملئي زبان ۾ ’ميلاڪا‘ سڏيندا هئا، جيڪي وڻ هِتي عام جام ٿيندا هئا. اُن راجا اُن وڻ پٺيان هن شھر جو نالو ’ميلاڪا‘ رکيو، جيڪو اڳتي هلي ’ملاڪا‘ نالي مشھور ٿيو.
ملاڪا شھر پوءِ ملائيشيا جي گادي جو هنڌ پُڻ بڻيو، ۽ ملائيشيا جو هي پھرين وجود ۾ آيل شھر آهي. ملاڪا بابت الطاف شيخ لکي ٿو ته:
هي شھر ايترو پُراڻو ناهي هن کان وڌيڪ اسان جا شھر ٺٽو، سکر ۽ روهڙي آهن. 1402ع ۾ سنگاپور پاسي جي سري وجايا خاندان سان تعلق رکندڙ چڱو مڙس پرميشور اُتي جي جهيڙن جهٽن مان جان بچائي اچي ملاڪا ۾ رهيو ته اُن وقت ملاڪا ۽ سڄي ملايا هڪ گهاٽو جهنگل. سمجهو ته سنڌ جي ڪچي وارو علائقو هو سو به اڄ کان 50 سال اڳ وارو، جڏهن گهاٽا ٻيلا ۽ گاهه هو، جنھن مان هلڻ به مشڪل هو. آمدرفت فقط ندين مان ٻيڙين رستي ٿي سگهي ٿي. ان وقت نه هو اڄ وارو پينانگ، نه شاهه عالم نه جوهربارو نه اپوح شھر، ويندي ڪوالالپمور به 400 سالن بعد جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺھڻ لڳو. جڏهن ته اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊوجھانيان جھڙا شھر به دُنيا ۾ مشھور هئا، تڏهن ته ابن بطوطا دنيا جي سير تي اُنھن شھرن کان اچي نِڪتو، قلندر شھباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف، نه شعر و شاعري، هوڏانھن اسان وٽ اُن کان به 80 سال کن اڳ 1320هه ۾ امير خسرءَ (علاوالدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جي شاعر) تغلق نامو لکيو.
بحرهال هن ملاڪا ۾ آيل ملئي هندو راجا پرميشور پنھنجي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ اتر کان سياسي راجائن جي کونئس کان بچڻ لاءِ چين جي مِنگ حاڪم کي پنھنجو ابو امان بنايو ۽ ٻي طرف پورن ستن سالن بعد 1409ع ۾ پاسائي حاڪمن جي ڌيءَ سان شادي ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ پنھنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو جو اُنھن ڏينھن ۾ پرشن (ايراني) حاڪمن کان هر هڪ Impress هو، جن پاڻ کي فارسي جي لفظ ’شاهه‘ سان سڏرايو ٿي. هن جي مسلمان ٿيڻ تي سندس رعيت جا ماڻھو به مسلمان ٿيڻ لڳا، جيڪي شروع ۾ سڀئي هندو ڌرم جا هئا.
اڳيان هلندا هلون ٿا، ۽ هيءَ بازار تمام پُراڻي لڳي رهي آهي، پُراڻين عمارتن سان ٺھيل/ اَڏيل خوبصورت سجايل دُڪانن جي اڏيل هي بازار، جنھن ۾ هر شئي ٻارڙن جي رانديڪن کان وٺي جوتا ڪپڙا، ٿانوَ وغيرهه ۽ وچ وچ ۾ کائڻ، پيئڻ لاءِ هوٽلون ۽ جوس جا ننڍا ننڍا دُڪان پڻ ساڳين بازار ۾ موجود آهن.

اسان ناريل يعني ڪوڪونيٽ ورتو گلاسن ۾ پيتو، جيڪو هن بازار جو مشھور جوس يا شربت سمجهو، ڪجهه ٻارڙن لاءِ ننڍا ننڍا رانديڪا ورتاسين، پائڻ لاءِ ٽوپيون به ورتيوسين، جيڪي چارئي پاسن کان ڇٽيءَ وانگر ٺھيل آهن، جيڪي مون نصيرالدين شاهه کي ڪافي فلمن ۾ پائيندي ڏِٺيون آهن، بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ پُراڻو ۽ مشھور اداڪار راجڪمار پائيندو هئو. يا کلنائيڪ ۾ سنجي دت کي جيڪا ڪاري ٽوپي پيل آهي، اُهي ٽوپيون 20 رنگيٽ ۾ يعني (660)، هِتي اسين هر شئي کي مَلٽي پلاءِ ڪيون ته پوءِ هٿ ڪڍيو ڇڏيون، باقي جنھن به شئي کي ملٽي پلاءِ پاڪستاني رپين ۾ نٿا ڪيون ته اُهي وٺي پيا وڃون.
جيئن ڪجهه چَپَل پُڇياسين جن کي ملٽي پلاءِ ڪيوسين ته 2 اڍائي کان 5 يا 7 هزارن تائين پيا ٿين ۽ اسين هڪدم هٿ ڪڍيو وڃون، ڇا ڪجي اسانجي رپئي جي ته ڄَڻ ڪا اهميت ئي نه رهي آهي. ڪنھن هنڌ پڙهيم ته پاڪستان کان ٻاهر ويندڙ سياح جيڪڏهن هر شئي کي پاڪستاني روپئي سان ملٽي پلاءِ ڪندو ته نه ڪجهه وٺي سگهندو، نه گهمي سگهندو، نه کائي پي سگهندو، ويتر بُک مري موٽندو. ڪجهه ئي قدم اڳيان وڌون ٿا ته هڪ پاسي گيٽ ٺھيل آهي جنھن تي ڪارن اکرن ۾ ليکل آهي. Taman Warisan Punia Joker Walk اُن جي هيٺان چيني زبان ۾ لکيل آهي. اندر ننڍڙو پارڪ ۽ اُن ۾ ڪُجهه جانورن جا بُت بنيل، سڀ کان وڌيڪ دلچسپي جو باعث مٿي ويٺل باڊي بلڊر آهي جنھن جي هيٺان بورڊ تي: Datuk Wira Dr. Gam Boon Leong ۽ ٻه ٽي ٻيا نالا لکيل آهن. The Father of Bodyabuilders in Malayasla اُتي فوٽوگرافي ڪيون ٿا، خان جا فوٽو ڪڍيم ۽ جنھن وقت منھنجي واري آئي اُن ئي وقت، هڪ پاسي آئون باڊي بلڊر جو نقل ڪري بيٺس ته ٻي پاسي، جپاني ڇوڪري جنھن کي پُڻ پيلي ڪلر جي شرٽ پاتل هئي باڊي بلڊر جو نقل ٿي ڪري، اسان ٻئي ميچ هئاسين ۽ خان ڪيمرا جي اک ۾ اِهو منظر محفوظ ڪري ورتو.

ساڳي ئي رستي تان اڳتي وڌون ٿا، ٻنھي پاسي اَڇيون اُجريون مايون، بدن ته چانڊوڪي جھڙو پر سُونھن بلڪل به نه. ممڪن آهي ممڪن ڇا بلڪِ يقينن هِتي وارن لاءِ ته اُنھن مان ئي ڪيتريون خوبصورت حسينائون هونديون، اسان کين ڪجهه نٿا سمجهون ته ڇا ٿيو. پر هڪڙي حقيقت آهي سڀني مُلڪن جا ماڻھو مون ناهن ڏِٺا باقي جن به ملڪن جا ماڻھو ڏِٺا آهن سڀني مان سرس سونھن پاڪستان، سنڌ ۾ ۽ ڀارت ۾ بس دنگ ٿيو. بدن جي رنگت ڀلي کڻي سڀني کان وڌيڪ انگريزن جي هجي، پر سُونھن جنھن کي چئجي اُن جو ته هِتان گُذر ئي نٿو ٿئي.
اڳيان هڪڙو چوڪ ٿو اچي جنھن جي چوڌاري وڻندڙ بلڊنگس اڏيل آهن ۽ هن وقت آسمان تي موسم جُهڙالي آهي، ويڪرا ۽ صاف رستا، اسان ته وڌ ۾ وڌ فوٽوگرافي ڪئي پئي. سامھون هڪڙي جهوپڙي نما بلڊنگ جنھن تي صليب جو نشان لڳل هو، هيٺان ڪارن اکرن ۾ لکيل آهي. Tamil MeThooist Church هيءَ بلڊنگ 1908ع جي ٺھيل آهي، يعني هڪ صدي کان به وڏي عمر آهي هن بلڊنگ جي ۽ خوبصورت ڏسڻ ۾ ايئن ٿي اچي ڄڻ ويجهڙ ۾ ئي ٺھيل آهي. ٻي سائيڊ کان روڊ تي دروازو ٺھيل آهي. جنھن تي لکيل آهي. Tonken Walk ۽ هيٺان چيني ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هِتي مون هڪ ڳالھه نوٽ ڪئي ته هر لکيل بورڊ تي انگريزيءَ سان گڏ چيني زبان به ضرور لکيل آهي. اسان وٽ ايئن ڇو ناهي ته سنڌ صوبي جي ٻولي صرف سنڌي آهي نه اردو ۽ نه انگريزي، هُئڻ ته ايئن گهرجي ته هر بورڊ، هر ڏس پتي تي انگريزيءَ سان گڏ سنڌي هُجڻ ضرور سمجهيو وڃي. پر اِهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان جي سنڌ گورنمينٽ اِهو چاهي ۽ سنڌ گورنمينٽ کي پنھنجا مفاد پنھنجي زبان، پنھنجي ٻولي کان وڌيڪ عزيز آهن. اِهو ئي سبب آهي جو جنھن کي جيڪو وڻي ٿو چوندو وتي، خير اجايو جذباتي ڪيفيت ٿي پئي وڃي، هِتي ان ڳالھه جو ڪو سروڪار ڪونھي، صرف ٻولي جي ڳالھه ڪرڻي هُئي جيڪا ڪري چُڪس.

ملاڪا سڄو ميوزيمن جو شھر ٿو لڳي

هاڻي وري ٻي طرف کان ٿا نِڪرون، جِتي پُڻ تمام قديم زماني جون بلڊنگون اَڏيل آهن، پر صفائي اُنھن جي اهڙي جو اُتان کان گذرندي ماڻھو بور نه پر خوش ٿو ٿئي. هڪڙي بلڊنگ ڳاڙهي رنگ جي جنھن تي ميوزيم لکيل آهي، هونئن ته ملاڪا سڄو ميوزيمن جو شھر ٿو لڳي، ڪافي جڳھين تي لکيل آهي ميوزيم، پر هن بلڊنگ ۾ اندر داخل ٿيون ٿا، گيٽ تي بيٺل همراه کان خان انگريزي ۾ ڪجهه پُڇي ٿو ۽ پوءِ واپس ٿئي ٿو، پڇومانس ڇا ٿيو، چيائين مزو ناهي ايترو ڪُجهه خاص ناهي، بس ايئن ئي هاڻي ويجهڙائي جون ڪجهه شيون رکيل آهن ۽ ٽڪيٽ تمام گهڻي پيو ٻُڌائي پاڻ کي ڏِسڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو، بس هنن جو هڪڙو ڪمائي جو ڍنگ آهي، اُن کي ڇڏي اڳتي وڌون ٿا، هڪڙو خوبصورت شاپ ٺھيل آهي، جنھن تي هر شئي موجود آهي، يعني هڪڙو وڏو جنرل اسٽور آهي، اُن تي هڪڙي معصوم ۽ نھايت خوبصورت ڇوڪري اسانکي مُسڪرائي ويلڪم ڪري ٿي ۽ خان لڳي ٿو وڃي اُن سان انگريزي ڳالھائڻ ۾، ۽ پوءِ هُو پنھنجي موجوده شين متعلق واکاڻ ڪري ٻُڌائي ٿي. پر اسان شين بجاءِ کيس ئي ڏِسي رهيا آهيون، خان کي اشارو ٿو ڪيان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ پر ڇوڪري مُسڪرائي چوي ٿي Sory، اسان به مُسڪرائي چئون ٿا Ok، ۽ پوءِ دُڪان ۾ موجود شين تي نَظرون ڦِيرائي نِڪري ٿا اچون ٻاهر. اڳيان هلندي، انھيءَ نھر جي ڪناري پُھچون ٿا، جنھن وٽان پھريان اندر داخل ٿيا هئاسين، پُل ذريعي. ڪناري تي اچون ٿا ۽ ڪجهه منظر ڪيمره جي اک ۾ محفوظ ڪيون ٿا. ڪجهه پنھنجون تصويرون ڪڍون ٿا، نھر جي ٻي طرف ميوزيڪل شو هلي رهيو آهي. ڪا تقريب ٿي محسوس ٿي، وڏا وڏا اسپيڪر وڏي آواز ۾ وڄي رهيا آهن. اسين گهمندا گهمندا اچي ساڳين پُل تي پُھچون ٿا، اُتان کان پوءِ وري انھيءَ ساڳي خوبصورت چوڪ تي اچون ٿا، جِتان کان انٽر ٿيا هئاسين، هاڻي وري شھر جي ٻي طرف گُهمڻ چاهيوسين، هِتي اسانکي سائيڪلن وارا خوبصورت سينگاريل رڪشا نظر آيا، هِتي ته هنن جو نالو ڪُجهه ٻيو ئي هوندو. پر اسين اُن کي ’سائيڪل ٽانگو‘ چئي سگهون ٿا، ان سان ڳالھايوسين، اڳيان لڳل فريم ۾ ڇھه کَن جڳھين ڏي اشارو ڪندي چوي ٿو، هي سڀ گهمائيندس. سائيڪل ٽانگي وارو چوي ٿو 30 رنگيٽ وٺندس ۽ هي ماڳ توهان کي گُهمائيندس، اسين به راضي ٿي وياسين، پر خبر تڏهن پئي جڏهن ڪُجهه ئي پنڌ تي هلي هڪڙي ميدان تي اچي ٿو، هي اُهوئي ميدان آهي، جنھن لاءِ سائين انعام چيو هو ٽيڪسي واري کي چئجو پھلوان جي ميدان تي ڇڏي، سڀ شيون اُتي ئي آهن. سائيڪل ٽانگي وارو چارئي طرف اشارو ڪري ۽ وري پنھنجي فريم ۾ لڳل تصويرن ڏي اشارو ڪري چوي پيو. مون توهان سان جيڪي شيون ڏيکارڻ جو واعدو ڪيو هو. اُهي اِهي اٿوَ. اسان سوچيو ڇورو ويو ته اسانکي ڦُري، پر ٺيڪ آهي پرديس آهي، ۽ اسان اڻڄاڻ، بحث ڪرڻ اجايو آهي. اسان اڃا ٻه ٽي فوٽوگرافس ورتا ته سائيڪل ٽانگي وارو ڇوڪرو تڪڙ پيو ڪري. اسانکي به لڳي ڪاوڙ کيس 30 جي بجاءِ 20 رنگيٽ ڏئي فارغ ڪيوسين، چيوسين اسان پاڻ ئي واپس پُھچي وينداسين، تنھنجي ضرورت ناهي. جيتوڻيڪ پنڌ ٻه کان ٽي رنگيٽ جو هو، پوءِ به 20 رنگيٽ ڏئي جان ڇڏائي.

پھلوان جو ميدان ۽ ڊانس

سامھون ميوزيم هو، اسان اُن طرف وڌياسين خبر پئي ته ميوزيم بند آهي، ميوزيم جي سامھون وڏو ميدان هو، جنھن کي ’پھلوان جو ميدان‘ چون ٿا، جنھن ۾ ڊانس هلي رهي هئي، ويجها وياسين ته ملئي لباس ۾ ڇوڪرا ۽ اُنھن سان گڏ ڪمپني ڪندڙ انگريزياڻيون ڊانس ڪري رهيون هيون. ماڻھو لطف اندوز ٿي رهيا هئا. اسان به ڪِلپ رڪارڊ ڪيا، فوٽوگرافي ڪئي، ڪجهه دير کان پوءِ سنھڙيون جوانڙيون انگريزياڻيون، جن جي سفيد چھرن جو رنگ ڳاڙهو گلاب ٿي ويو آهي، سي ساڻيون ٿي پيون ۽ ڊانس بند ٿي. اصل ۾ سامھون وڏي هوٽل هئي جنھن ۾ وڏي آواز تي ميوزڪ هلي رهيو هو، ڊانس اُن تي هئي ۽ اُن ميوزڪ تي وري رنگين پاڻي جا ڦوهارا هئا، جيڪي پُڻ ڊانس ڪري رهيا هئا. منھنجي مَن ۾ ٽئگور جون هي سِٽون رقص ڪرڻ لڳن ٿيون.
شل خوشيءَ جا سمورا سُر
منھنجي آخري راڳ ۾ سمائجي وڃن
اها خوشي جيڪا ڌرتيءَ کي ساوَڪ جو سمنڊ بڻائي
اُٿل آڻي وجهندي آهي،
اُها خوشي جيڪا زندگي ۽ موت، ٻن جاڙن ڀائرن کي
هن وِشال ڪائنات ۾
گڏ گڏ رقص ڪرائي ٿي،
اُها خوشي جيڪا طوفان سان گڏ اچي نڪري ٿي
۽ ساري جيوت کي ٽھڪن سان ٻُرائي ۽ جاڳائي ٿي
اُها خوشي جيڪا پيڙا جي ٽڙيل سُرخ ڪنول تي
ڳوڙها وهائيندي پنڊ پاهڻ ٿي وئي آهي،
۽
اُها خوشي جيڪا پنھنجو سڀ ڪجهه
مٽي ۾ اُڇلائي ڇڏي ۽
ٻي ڪا ٻولي ڄاڻي ئي نٿي.

شام جو پھر هو ۽ ماحول ايڏو ته خوبصورت لڳي رهيو هو، جيڪو اسان رڪارڊ ئي ڪري ورتو، هاڻ جڏهن ڏسون ٿا ته ڄڻ اُتي موجود آهيون. اُن جي ئي سامھون، مٿي سيڙهين تي پُراڻي دور جو قلعو هو جنھن جي بلڊنگ صفا ڀوت بنگلو لڳي رهي هئي، پر اُتي به ماڻھن جا ميڙ هئا، گهڻائي عيسائين جي لڳي رهي هئي، اسان به مٿي چڙهي وياسين. بلڊنگ کي هر طرف کان گُهمي ڦِري فوٽوگرافي ڪري. اندر داخل ٿياسين، اندر هڪڙو لوڪل فنڪار بانسري وڄائي رهيو هو. ڌُن ته خبر ناهي ڪھڙي هئي، پر بانسري جو آلاپ موهي رهيو هو. کن پَل لاءِ آئون اڪيلو اُن وٽ بيھي رهيس، سندس بانسري مان نڪرندڙ سُر روح جي رستي دل ۾ ڪائي هلچل مچائي ويا، ڪيئي جذبا جاڳائي ويا. محمد خان گهمي ڦري وري آيو، واپس مونکي سڏ ڪيائين، ڪِٿي گم آهين، هليا اڃا اڳتي هلون، پوءِ قلعي مان ٻاهر نڪتاسين، هڪ سائيڊ کان فوٽوگرافي ته ايترو خوبصورت ٿي رهي هئي جو سڄو شھر پيرن هيٺان هو، اُتان کان هيٺ لٿاسين ته هڪڙو دروازي نما اُن کي قلعي جو حصو اڏيل هو جنھن جي ڀر ۾ توبون پيون هيون، بلڪل اهڙيون جھڙيون عمرڪوٽ جي قلعي ۾ ڏِٺيون هيم، ۽ ٻيو لال قلعي لاهور ۾ پُڻ، اهڙيون ئي توبون پيل هيون. دروازي جي ٻنھي سائيڊن کان، اُتي به فوٽوگرافي ڪئي. سائين انعام جو فون آيو، ٻُڌايائين ته اُن کان ٿورو اڳتي وڃون پُڇا ڪيو. ٽاور آهي جنھن جي ٽڪيٽ وٺي مٿي چڙهو ۽ سڄي ملاڪا شھر جو سير ڪري اچو. اسين هاڻي پُڇا ڪري وچان ئي پنڌ نِڪري پياسين، پھلوان جي ميدان کي ويجهو ئي آهي، گهڻو پري ناهي، جو سواري وغيره ڪجي. رستي هلندي هڪ ملئي جوڙو جيڪو شايد نئون شادي شده هُيو، جنھن مان ڇوڪري هيلو هاءِ ڪئي، مُسڪرايو اسان به موٽ ۾ ساڳئي کي هيلو هاءِ ڪري مُسڪرايو، خان کي چيم، موقعو اٿئي ۽ هن به ڳالھايو گڏ فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڇوڪري راضي هئي، گڏجي فوٽو ڪڍياسين.

پاڻ ته آهيون رمتا جوڳي

آياسين اُن ٽاور وٽ، پُڇا ڪئسين ٽڪيٽ جي، ٻُڌايو ويو ته سامھون ٽڪيٽ ملندي، ٽڪيٽ ورتيسين 20 رنگيٽ ۾ ملي 2 ورتم. ٽڪيٽ تي لکيل هو: Menara Tamingsari Melaka, First Revolving ‘GyroTower’ Malayasia. آياسين ٽاور وَٽ گول گول ڪُرسيون هيون، ٽاور ئي گول هو، سامھون شيشو لڳل هو آئون ۽ محمد خان ويٺاسين پاسي کان هڪڙو جوڙو ويٺو هو يا ته سنڌ پاڪستان جو هو يا وري انڊيا جو هو، بحرحال ٻئي نوجوان هئا، اسان جو پاسي کان ويٺاسين ته همراه ڇوڪري کي اشاري ۾ چيو اُٿي اڳيان هلي ٿا ويھون، تيسيتائين ٻه انگريزياڻيون اچي اسان سان گڏ ويٺيون، سندن رنگ اهڙو ته اڇو هو جو ايئن لڳو ته هٿ لڳائڻ سان ميريون ٿي وينديون. اسان ڪيڏي مھل نظارن ۾ کوئجي ٿي وياسين ته ڪيڏي مھل هنن ۾. هنن به نظارا ڏِٺا، فوٽوگرافي ڪئي. جڏهن وري وري به هڪٻئي ڏي لاشعوري طور اکيون کڄن ته منھنجي پاڳل منڙي جي موج ۾ حليم باغي جا هي ٻول ٻيڙيءَ جيان ترندا رهيا.

پاڻ ته آهيون رمتا جوڳي،
ڪنھن سان پيار ڪرين ٿي ڇوري!
پاڻ پٿر جي پنڌ جا راهي،
تِن جي ڀونءَ نه ڀُلجان ڀوري.
پنھنجي نيڻين رُڃ وسي ٿي،
پنھنجي پيرين ٻرندڙ بنڙو،
هاءِ اسانجو پاڳل منڙو،
هاءِ اسان جو روڳي منڙو.
۽ اُن جي پاسي کان ويٺل سندس سھيليءَ کي ڄڻ ته ٽانڊو پيو لڳي، هڪ اڳي انگريزياڻي اڇي، ويتر جو ڪاوڙ ڪري ته ڄڻ سندس ڳلن مان رت ٿي ٽميو. اسان ته خوب فوٽوگرافي ڪئي. ٽاور گولائي ۾ مٿي ڦرندو ويو اندازي موجب 50، 60 ميٽر جي بُلندي تي هوندو. جڏهن آخري دنگ تي مٿي پُھتو ته هيٺ سڄو شھر ڄڻ ننڍڙو پيو محسوس ٿئي، شھر جي ٻاهران سمنڊ به نظر پيو اچي، ايڏو ته وڻندڙ منظر هو جو ڇا ڳالھه ڪجي، پر اسان گهڻو زور رکيو فوٽو ڪڍڻ تي، چارئي طرفن کان فوٽو ڪڍياسين، خوب انجواءِ ڪيوسين. هيٺ لھي ٻاهر آياسين. ٿورو فروٽ ورتوسين، ٺھيل ٿيلهين ۾ جوس ورتوسين، رستي ۾ کائيندا اڳيان آياسين، گُلن سان دل ٺھي پئي هئي، پيلا ۽ ناسي ڪلر جا گُل، دِل جي نقشي ۾ گل پوکيل هئا، جيڪو گُل سمجهي تنھن لاءِ گُل آهن، جيڪو دِل سمجهي تنھن لاءِ دِل آهي.
گُل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لُڏن، ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري.
ڳالھيون ته الائي ڪھڙيون اٿن، ڪو ها پيو ڪري ڪو نه پيو ڪري.
(اسحاق راهي)

ٿورڙي ٽائيم اندر سُٺي نموني گُهمي آياسين

ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيا هئا، اُتي به فوٽوگرافي ڪئي. ٿورو اڳيان آياسين هڪڙو ننڍو پارڪ هو، جنھن ۾ جھاز ۽ پُراڻي دور جي ريل جي انجڻ بوگيِءَ سميت بيٺل هئي، اُنھن جي وچ تي بيھي فوٽو ڪڍياسين، هي نظارو وڻندڙ هو.
روڊ ڪھڙا هئا ڪھڙن نالن سان اِها ته خبر نه هئي، پر وڏا ۽ ويڪرا چوڪ ته شايد يادگار طور هو. هِتي پُڻ فوٽو ڪڍياسين، صرف اسين ئي نه هئاسين، پر ٻيا به سياح هئا. سو اسان بنا گائيڊ گڏ کڻڻ ۽ ٿورڙي ٽائيم اندر سُٺي نموني گُهمي آياسين. هاڻي ٽيڪسي جي تلاش ڪئيسين ته جيئن بس ٽرمينل تي پُھچون، جيڪو شھر کان چڱي پنڌ تي ٻاهر ٺاهيو ويو آهي. شھر منجهان ماڻھو پيدل بس ٽرمينل تائين پھچڻ چاهي ته نه پُھچي سگهندو، کيس ٽيڪسيءَ جو ئي سھارو وٺڻو پوندو. پوءِ يا ته ڄاڻي واڻي ايئن بس اڏو ايترو پري ٺاهيو ويو آهي، جيئن ٽيڪسي وارن جو به روزگار ٿي سگهي يا ته اتفاق آهي. ٽيڪسي واري سان خان انگريزي ۾ ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ٽيڪسي ڊرائيور کي مون وانگر انگريزي پوري ساري ٿي آئي، پوءِ خان کڻي چپ ڪئي. اسان وري هڪٻئي سان ڪچھري ۾ لڳي وياسين. ٽيڪسي واري اچي بس اڏي تي پُھچايو. پُڇا ڪئسين، KL جي بس جو ڪائونٽر ٻُڌايو ويو، اُتان ٽڪيٽ وٺي اچي ويٽنگ روم ۾ انتظار ڪرڻ لڳاسين جيڪو کُليل هوندي به سينٽرل ايئرڪنڊيشنڊ هو. بس اڏو ملائيشيا جو هو ڪو پاڪستان جو ٿورئي هو، جِتي رڳو ڌوڙ پئي اُڏامندي آهي.
ڪُجهه چاٽ وغيره وٺي، ويھي کاڌاسين. بس اچي نمبر تي لڳي پنھنجون سيٽون تلاش ڪري چڙهي ويٺاسين.
هن ڀيري مونسان گڏ چنڊ به سفر ڪري رهيو هو. ڪئالالمپور تائين آئون ۽ چنڊ گڏ گڏ هلي رهيا هئاسين، چنڊ کي سلام چئي رهيو هيس. پنھنجي پرين لاءِ:
اي چنڊ! پرين کان آءُ پُڇي، ڇا توکي ننڊ به ايندي آ.
۽ مونکي پنھنجو نظم ’ڪِرڻا سج جا ياد آيو‘
ڇا چنڊ جي چانڊاڻ آ
هير ڏکڻ پئي گُهليَ
وار کوليَ تو ڇڏيا
ويٺيئن اچي گوڏو گڏي
هي نيڻ ٻئي ساغر ڀريل
مَڌ تِن مان پئي ڳڙي
ڄڻ برف ۾ باهه لڳل
او پَدمڻي تنھنجو بدن
تنھنجو ڏِسڻ، تنھنجو کِلڻ
مُرڪون ڪري گُلڙا ڇَٽڻ
بادل جيان گرجي وَسڻ
هي رات ڀي ڇا رات آ...
.............
ہم تو ہیں پردیس میں، دیس میں نکلا ہوگا چاند،
اپنی یاد کی چھت پر کتنا تنہا ہوگا چاند۔
جهونگاري رهيو هُئس، اُن ڪري به جو بس ۾ سواءِ اسان جي باقي ڪو به سمجهڻ وارو نه هو، پوءِ ڪجهه به جهونگاريون، ڪنھن تي ڪھڙو اثر پوڻون آهي. ايئن سفر ويو پي ويڙهبو ۽ اسين به اَچي پُھتاسين KL ۾. رات جا 10 ٿي چُڪا هئا، تنھن ڪري هاڻي شھر بلڪل بند ٿي چُڪو آهي. اِهو ڏاڍو سُٺو اصول آهي ته وقت تي شھر کُلي ۽ وقت تي بند ٿئي، ۽ ٻيو ته اسان سڄو ڏينھن ملاڪا جو شھر گهميو هو، ڪجهه ٿڪل به هئاسين، سوچيوسين سِڌا فليٽ تي ٿا هلون، آياسون فليٽ تي.
سائين انعام، امتياز چانڊيو ۽ شعيب شيخ به ويٺا هئا، ڪچھري ڪري حال احوال ڪيوسين. پُڇائون ڪِٿي ڪِٿي گُهميا، گُهمڻ جو مزو آيو نه وغيره وغيره. ٻيو سائين انعام ٻُڌايو ته ڊاڪٽر گُل بُليدي ۽ سندس گهر واري صفيه گل آيا هئا هِتي فليٽ تي، ڪتاب جي مھورت لاءِ، سائين کين فون ڪئي هئي، پر اسان اڄ هليا وياسين گُهمڻ، سائين ٻُڌايس ته اڄ ته مور ساگر وارا ويا آهن ملاڪا گُهمڻ، پوءِ ڪو ڏينھن رکنداسين توهان کي اطلاع ضرور ڪنداسين.
هِتي ته ظاهر آهي، هي ڪمائڻ جي لحاظ کان ويٺا آهن، تنھن ڪري هِتي تفريح ۽ گُهمڻ ڦِرڻ گهٽ ٿيندو هوندو. پوءِ ايئن ئي ڪو دل گُهريو دوست سڏ ڪندو آهي، همراه ڳولي اچي لھندا آهن، اِهو تمام سُٺو عمل آهي. بھرحال ڪتاب جي مھورت سائين انعام جي مٿان آهي. ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪِٿي ٿو ڪرائي، اُن ڪري مونکي ڪو به فڪر نه هو. هونئن به مھورت جو مونکي ڪڏهن به شوق ناهي رهيو، منھنجو پھريون ڪِتاب جيڪو شاعري جو هو ”پيار جي پنڌ ۾“، اُن لاءِ دوستن چيو هو ته مھورت ڪرائجي، پر مون انڪار ڪيو، مھورت ڇا جي لاءِ ڪرائجي، ڪتاب ۾ دم هوندو ته پاڻھي اگهامندو، شاعري ته هوندي دِل جي ڳالھه آهي، سو پنھنجي دِل جي ڳالھه لاءِ ڪھڙا ٻين کان ليڪچر ڪرائجن، سرٽيفڪيٽ وٺجن ۽ لوڪ ڪٺو ڪري کين ٻُڌائجي ته منھنجي ڪتاب جي حق ۾ ڳالھايو، ظاهر آهي، جيڪو مھورت ۾ مھمان ٿي ايندو، سو ڪتاب تي تنقيد ته نه ڪندو، تعريف ئي ڪندو، اِهو عمل به عجيب لڳندو آهي، ڪتاب ڪھڙو به لکيل هُجي، اُن مان ڪو فيض مِلي نه مِلي، پر جي اُن جو مھاڳ لکڻو آهي تڏهن به تعريف ڪرڻي آهي، ۽ جي اُن تي ڳالھائڻو آهي، تڏهن به تعريف ڪرڻي آهي، اهڙا تمام گهٽ ماڻھو هوندا، جيڪي حقيقي تنقيدنگار هوندا يا اهڙن موقعن تي جائز تنقيد ڪري سگهندا هوندا. اڪثر ته ’تون مونکي غازي چيو آئون توکي قاضي چوان‘ واري ڪار هوندي آهي.
ايئن هِتان هُتان جا احوال ڪري سُمھي پياسين، سر انعام ٻُڌايو ته صبح 8 وڳي مھراڻ تائين پھچڻو آهي ۽ گُهمڻو به آهي. الله کي ياد ڪري سُمهي پياسين.

2 خان اِن ڪئالالمپور

---

2 خان اِن ڪئالالمپور

صبح جو ڇھين وڳي ڌاري مونکي جاڳ ٿي، آئون تياري ڪرڻ لڳس، پر سڀني کان آخر ۾ نِڪتس ۽ تڪڙ ۾ هينڊي ڪيم به وِساري ويس، اڄ ئي ته سِٽي ٽوئر هو، رڪارڊ ڪرڻ جھڙو، پر ڇا ڪَجي.
رائل هوٽل پُھتاسين، واقعي ئي صرف اسانجو انتظار هو، باقي سڄي ٽيم تيار بيٺي هئي. ڪجهه دير هوٽل ٻاهران ترسياسين، ڪُجهه هِدايتون هيون سائين انعام پاران گائيڊ کي ۽ پوءِ گائيڊ پاران اسانکي، ايئن پوءِ سڀئي گاڏي His ۾ ويٺاسين، گائيڊ V.G هئي، ڊرائيور جي ڀرسان اڳيان سيٽ تي ويٺي، اسانجي ٽيم ۾ ڪل ٻارنھن، تيرنھن ماڻھو شامل هئا.

جينٽنگ هِل- Genting Hil

اسانجو پھريون پنڌ جينٽنگ ڏي هو. تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ جو فاصلو آهي KL کان جينٽنگ تائين. رستو وَر وڪڙ وارو ۽ جبلن جي وچان، وڏا پھاڙ، پھاڙن تي گرينري اهڙي ڄڻ سوات جي پھاڙن مان گُذري رهيا هجون، مونکي پاڪستان ۾ سوات ماٿري راحت بخش ۽ فطرت جو ڀرپور حُسن لڳندي آهي، پر وحشي انسانن پنھنجي مفادن جي حاصلات لاءِ نه رڳو اهڙي واديءَ کي به تفريح لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي، پر مذهب جي نالي ۾ انسانيت جا ئي ليڪا لتاڙي ويا آهن. آخر انسان اهڙو وحشي ڇو ٿو بڻجي وڃي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي قدرت واري جي مُسلسل خاموشيءَ تي عجب لڳندو آهي، ته سندس جوڙيل سڀ کان وڌ اُتم مخلوق انسان جن کي سندن ڏوهه جي به خبر ناهي، سزا کائي زندگيءَ کان الڳ ٿي ٿا وڃن، ۽ ٻيو سندس اهڙيون اهڙيون خوبصورت تخليق ڪيل واديون جن ۾ انسانن جي ساهن جي خوشبوءِ ڦھلجڻ گُهرجي، اُتي انسانن جو رت ٿو وهي، پوءِ به خاموشي. ڪڏهن ڪڏهن مونکي عجب لڳندو آهي. هڪ اهلِ دِل هن کي نه صرف ظلم سمجهي ٿو پر اُن تي قلم کڻي لکي به ٿو.
تون جو روز هي بم پيو ڦاڙين
سايَن وادين کي پيو ساڙين
تون ڏَس ڪنھن کي ٿو هِت مارين
پنھنجي پَر ۾ پاڻ کي ٿو مجاهد سمجهين
او ڪَل ڦِريل او مَت کُٿل
تون بس هڪ رهزن آهين، ڀاڙيو آهين،
ٻارن، مائرن، پيئرن کي تون
بم سان ماري ٽھڪ ڏينءَ ٿو
ڏند ڪڍين ٿو سوئر لڳين ٿو
سايَن چھچ وڻن تي ويھي
روز ٿي ٻولي ڪوئل ڪوڪو
تنھن کي ماري سگهندين ڇا تون؟
تو ۾ ايترو دَم ئي ناهي
تو وَٽ بس هڪ بم ئي آهي
جيڪو هٿين خالي ماڻھن تي
ڪڏهن ڪڏهن اُڇلائين ٿو
ڄڻ ڌوڙ مُنھن ۾ پائين ٿو
او ڪَل ڦِريل او مَت کُٿل
تون بس هڪ رهزن آهين، ڀاڙيو آهين
پنھنجي پَر ۾ پاڻ کي ٿو مجاهد سمجهين.
اسان لڳ ڀڳ ڪلاڪ ڏيڍ جي مسافريءَ کانپوءِ اُتي پُھچي وياسين، هِل اسٽيشن جي ويجهو، هاڻي گاڏي اُتي ئي پارڪ ڪئي ۽ ڪيبل ڪار جون ٽڪيٽون ورتيوسين، جيتوڻيڪ گاڏي گُهمائي ڦيرائي پُھچڻ جو رستو به آهي، پر ڪيبل ڪار واهه جي خوبصورت هئي، ڄڻ ته ڇھن ماڻھن جي ويھڻ وارو بنا پائليٽ جي ننڍڙو جھاز ئي هو. اهڙي ته مزيدار هئي ڪيبل ڪار، سڄي شيشي سان بند هئي، مٿان ڇت وٽان ننڍڙيون دريون هيون، جن کي هٽائي قدرتي هوا جو لطف وٺي پيو سگهجي. اسان جي ڪيبل ڪار ۾ اِهو عجيب اتفاق ئي هيو، ڇھه ئي نوجوان، 3 ڇوڪريون، 3 ڇوڪرا، محمد خان، شعيب شيخ ۽ آئون، هو به لُطف اندوز ٿي وڏا وڏا ٽھڪ هوائن حوالي ڪري رهيون هيون ته اسان به قدرت جي حسين فطرت، حسين وادي ڏِسندي سُبحان الله چوندا ۽ فوٽوگرافي ڪندا. کِلندا رهياسين، ڪيبل ڪار ۾ به وقت ته نه ڏٺو، پر اندازي موجب اڌ ڪلاڪ ته لڳي ٿي ويو. مٿي اچي لٿاسين ته رنگ ئي عجب لڳا پيا آهن.
ڪُجهه گُهمڻ ۽ ڏِسڻ کان پھرين اسانجي گائيڊ V.G سڀني کي پاڻ وٽ سڏي هڪڙو بروشر ڏنو، جيڪو گينٽنگ متعلق هو ۽ هِن ۾ هڪڙو پورو نقشو ڏِنل هو، ۽ نمبروار شيون گُهمي ڦِري ڏِسو ۽ وري ساڳين جڳھه تي واپس اچي گڏ ٿيو، بروشر اسان کنيو، پر بروشر کي فالو نه ڪيو، اسان پنھنجي حساب سان، هر طرف هڪ خوبصورت منظر پي ڏِٺا، سلام آهي وري به هن ملڪ جي سياستدانن کي ۽ سلام اُن کي به آهي جنھن شخص جنھن دماغ سان هي هڪڙي گهمڻ لاءِ اسٽيشن ٺاهي.

اي ڪاش تون ماڻھن منجهه رهين

اسان وٽ به هڪڙو اهڙو ماڳ آهي ”گورک هِل“ جي نالي سان، جيڪڏهن سوَن بلڪِ هزارين سياستدانن مان هڪ به مڙس ماڻھو ٿئي، ڪنھن هڪ جي ئي ضمير ۾ چھنڊڙي پوي ته بِلڪُل هھڙا منظر اسان پنھنجي ئي ڌرتي تي پَسي سگهون پيا. پر خبر ناهي ته هِن ڌرتيءَ تي ڪو اهڙو الله جو بندو پيدا ٿيندو به يا نه، سڀ پيٽو سياستدان ئي هوندا، پنھنجا پيٽ ڀريندا. وڏو ظلم آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ وري سنڌ قدرتي وسيلن سان ايتري ته مالا مال آهي، پر اُهي وسيلا جي صحيح خرچ ٿين ته يقين سان چئي سگهان ٿو ته هيترا سارا پئسا ماڻھو خرچ ڪري هي ايترو پري سفر ڪري گُهمڻ نه اچن ۽ هنن کان به وڌيڪ خوبصورت خطو بڻجي سگهي ٿو، پر سوال وري به اِهو ته ڪو اهڙو مڙس پيدا ٿئي، باقي موجوده سياستدان ته سڀ پوتيون پارائڻ جي لائق آهن.
اي ڪاش تون ماڻھن منجهه رهين
اي ڪاش تون اِها ڄاڻ ڄاڻين
مُحبت ڇا هي، عزت ڇا هي
توکي پَتو پئي هي پيار ڇا هي
چمچا توکي چورين جيئن
ڪُٽڻ تنھنجا ڪَن ڀرين
ماڻھن کي ٿو سمجھين ايئن
تنھنجي وڏي ڀُل اِها آ
تون ئي وڏو ماڻھو آهين
تون گنجو، منڊو، ڪاڻو هوندين
راڄ نه ڪنھن جو راڻو هوندين
اي ڪاش تون اِها ڄاڻ ڄاڻين
اي ڪاش تون ماڻھن منجهه رهين.
اي ڪاش تون اِها ڄاڻ ڄاڻين
سونھن ڇا هي، فطرت ڇاهي
جوڙيل قادر جي قُدرت ڇاهي
تارا، ڪَتيون، ٽيڙو ڇا هِن
جوڌا، جنگي، ويڙهُو ڇا هن
چوڙين هاڻيون تنھنجون ڪرايون
پوتي پاتل گردن تنھنجي
تنھنجي وڏي ڀُل اِها آ
تون ئي ديس جو دودو آهين
نائومل هوندين، چنيسر هوندين
ننگ بِنا تون نانگو هوندين
اي ڪاش تون اِها ڄاڻ ڄاڻين
اي ڪاش تون ماڻھن منجهه رهين.
هِتي سڀ پنھنجي پنھنجي گروپ سان گڏ گُهمي رهيا هئا. اسان ٽيئي به الڳ گُهمي رهيا هئاسين، شعيب کي هن هِل متعلق معلومات هئي، تنھن ڪري اسانکي گُهمڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو، شعيب چيو اچو هِن پاسي اوهان کي هِڪڙي نئين دُنيا ڏِيکاريان! اندر وياسين ته هر طرف ٽيبلن تي ماڻھو مختلف راندين ۾ مشغول، جن مان گهڻائي وڏي عمر وارن ماڻھن جي لڳي رهي هئي. شعيب ٻُڌايو ته پوري دُنيا ۾ هي ئي وڏي ۾ وڏو جُوا جو اڏو آهي، ۽ پوري دُنيا جا ڪروڙ ۽ ارب پتي ماڻھو هِتي اچي جُوا کيڏندا آهن، اسان چئني طرفن نھاريو ته واقعي ئي هر رنگ جا ماڻھو نظر پي آيا، ڳورا ڪارا، ڊگها، بِندرا، هڙئي نسل هئا هِتي. پر هڪڙي مزي جي ڳالھه ته چون ٿا هِتي هن مُلڪ جي مسلمان ملئين کي هِن حد ۾ اچڻ جي اجازت ئي ناهي، سڀئي ٻاهرين ملڪن جا جواري ايندا آهن ۽ کٽائيندا کپائيندا هِت ئي آهن. سلام آهي هِتي جي سياستدانن کي، جن دماغ استعمال ڪيو آهي ته ڪيئن ملڪ ۾ وسيلا پيدا ڪجن، جيئن مُلڪ ڏينھون ڏينھن ترقيءَ جي طرف روان دوان رهي. پر اسانجا سياستدان جن کي ته سدائين اِهائي سوچ ته اسان وٽ اڃا ڪھڙي شئي جي کوٽ آھي، پھرين اُن کي پورو ڪريون، پوءِ جي ڪجهه بچيو ته ملڪ بابت سوچبو، واهه سلام اوهانکي هُجي اي اسانجي ملڪ جا ليڊرو!، سياستدانو! اکيون پَٽيو دُنيا گهمون ۽ ڏِسو، انتظام ۽ سِسٽم ڪاپي ڪيو، ٻيون ناڪاري شيون نقل ڪرڻ جا ته ماهر آهيو، سُٺيون شيون ڇو نٿا پنھنجي مُلڪ ۾ ڪاپي ڪري آڻيو؟
اي مُلڪ منھنجي جي سياستدان
اونڌو وٽو آ پيٽ تنھنجو
ڪيئي کوهه خزاني جا
پيٽ تنھنجي تي هاريا ويا
سارو ڪارو ناڻو به تون
پيٽرول وانگي پي وڃين ٿو
باهه لڳي اِن بڀ تنھنجي کي
چيٽ، ڪڻڪون، ڄانڀا سارا
ساريون، ڪيلا، ڪمند وارا
تيار ٿين ٿا اگهه ڪِرن ٿا
هاري قرضن ۾ ڪارا ڪارا
تنھنجا ته هر سو وارا نيارا
پر ياد رک تون مُلڪ لُٽيرا
پيٽ تنھنجو هي اونڌو وٽو
ڀربو ڪڏهن نه پَر ڦاٽندو
ڪيئي ڊونڍ ڪِرندا تنھن مان
ماڻھو پنھنجي نڪ تي هٿ ڏئي
تنھنجي ڀر مان گُذري توتي
پنھنجي هٿ جون پنجئي پکيڙي
کانگهارو کيڪار ڪري، هو ويندا اڳتي.
گُهمي ڦِري ٻاهر نِڪتاسين، هاڻِي وري هوٽل طرف آياسين، دُنيا جي هيءَ پھرين هوٽل آهي ۽ پارڪ به دُنيا جو پھريون پارڪ آهي، جيڪو هِن نموني ۽ هِن جڳھه تي موجود آهي.
هِتي هڪڙي اهڙِي به سائيڊ آهي جيڪا کُليل آهي، جتي آياسين ته جُهڙ ئي جُهڙ نظر آيو، ڪڪر اسانکي ڇُھي رهيا هئا، بلڪل ايئن جيئن 2006ع ۾ ايوبيه گليِِءَ ۾ اسانکي ڪڪرن ڇُھيو هو. اسان هِتي دل کولي فوٽوگرافي ڪئي آهي، پر هڪڙو افسوس مونکي رهيو ته پنھنجي هينڊي ڪيم وِساري اچڻ جو، خان وٽ آهي، اُن جون ٻه بيٽريون آهن پر خدا ڪري شام تائين ساٿ ڏيئي سگهن، اڄ سڄو KL گهمڻو آهي، ۽ فوٽوگرافي ڪرڻي آهي، جتي ضرورت محسوس ڪيون ٿا اُتي مووي به رڪارڊ ڪري پيا وٺون، شعيب ڪجهه کائڻ لاءِ چَھر ورتي، اسان ٽنھي کاڌي، باقي ٻيا ڪِٿي ڪِٿي هئا خبر ناهي، پر وقت پورو ٿيو. سڀئي اچي گڏيا، هتي آخر ۾ گروپ ڦوٽو به ڪڍياسين، پوءِ محمد خان کي چيم ته VG کي چئو ته آئون سفرنامو لکندس تنھن ڪري توهان (گائيڊ) سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ ٿو چاهيان VG مُسڪرائيندي چيو OK ڪو مسئلو ناهي، بس 2 فوٽو ڪڍي، اجازت ڏنيسين ۽ ڪجهه دير ۾ ماڻھو سڀئي سنڀاري پوءِ وري واپس ورڻ جو چيائين.
هاڻِ اسانجي واپسي ساڳئي ڪيبل ڪار ۾ ٿي، هِن ڀيري اسان ته محمد خان، شعيب شيخ ۽ آئون گڏ هياسين، پر اسان سان گڏ ٽي ٻيا مسافر سوار هئا، ڪُل ڇھه ماڻهو ويھي سگهن ٿا، روانا ٿياسين، ساڳئين ئي رستي سان، ساڳئي ئي ساوَڪ مٿان ساڳيان ئي منظر هئا، اسان جون ڪيمرائون هيون ۽ اسان جا تبصرا ۽ ويچار هئا.
تنھنجي قادر قدرت واه واه
رحمت واه واه، نعمت واه واه
ڪيڏا وڏا پھاڙ ٺاهي
تِن کي سائي چادر پائي
قسمين قسمين وڻ بنائي
نڀ ندي مان بوند برسائي
اڃا به اُن ۾ رنگ ڀرين ٿو
اي مالڪ! مونکي ڪيڏو وڻين ٿو
اي رازق رب ستار واه واه.
اچي پنھنجي منزل تي پُھتاسين، هاڻي وري ساڳئي هاءِ ايس ۾ ويٺاسين.

گائيڊ سڀني کان پُڇيو ته اوهانجو ڇا خيال آهي، ڪنھن نئين پوائنٽ تي هلجي يا پھريائين ڪنھن ريسٽورينٽ هلجي، ڪجهه کائجي پيجي، سڀني آواز ڏِنو، پھرين ريسٽورينٽ هلو. هاءِ اياز به ڇا چئي ويو،
’ِ.ڍئو بنا ڍوليا، ناهي ساڃاهه سونھن جي‘
گائيڊ ڊرائيور کي چيو پھريان هلو ڪنھن ريسٽوريٽ تي، گاڏي مختلف روڊن تان ڊوڙندي اچي هڪڙي هوٽل سامھون رُڪي، The Olive Tree Hotle بورڊ تي پھريان نالو پڙهيم، اندر وياسين، هوٽل ڏاڍي شاندار لڳي رهي هئي. جهيڻي روشني ۽ ديوارن جا ڪلر،آرٽيفيشل وڻ ٻوٽا به هوٽل اندر رکيل هئا، ۽ سڀ کان جيڪا ڳالھه مختلف ۽ نئين مونکي نظر آئي اُها اِها هئي ته هوٽل جي وچ تي هڪڙو وڏو وڻ جيئن ڪو جهونو بڙ يا ڪو نِم جو وڻ هُجي. هن آرٽيفيشل وڻ جي چوڌاري گولائي ۾ قسمين قسمين طعام ٺھيا سجيا رکيا هئا، وڻ جي هيٺان، هاڻي جنھن کي جيڪا شئي گهرجي، وڻي، سا پنھنجي هٿ سان اُتان کڻي اچي ٽيبل تي کائي، هتي عام هوٽلن وارن مينيو نه ڏنو ويو هو، نه ئي چوائس پُڇي وئِي هئي ته ڇا کائيندا. پر هِتي طعام ئي ڪجهه ايترا ٺھيل هئا، جو ڪنھن کي ڪنھن به شئي جي ضرورت ئي نه محسوس ٿي.
هِتي مونسان هڪڙو ٻيو مزو ٿيو، هر ٽيبل تي چار چار ڪُرسيون رکيل هنيون، تنھن ڪري سڀئي چار چار جي گروپ ۾ ويھي رهيا، ۽ منھنجي ٽيبل تي هڪ آئون ۽ ٽي اُهي ملئي ڇوڪريون جيڪي ڪيبل ڪار ۾ به گڏ هيون، هاڻي يقينن حجاب ٿيڻ فطري هو، صرف حجاب مون نه پي ڪيو، پر اُنھن ڇوڪرين پُڻ، کائڻ ۾ تمام حجاب کان پي ڪم ورتن، آهستي آهستي ۽ احتياط سان، ساڳئي صورتحال مونسان به هئي، آس پاس نظرون گُهمائم ته باقي ماڻھو ڏاڍي مزي سان، اسپيڊ سان ۽ گهڻو کائي رهيا آهن. خير هڪڙي ڳالھه آهي ته آئون جتي به ڪنھن دوست جي دعوت يا شادي جي دعوت تي ويندو آهيان اُتي طعام ائٽم وڌيڪ هوندا آهن ته پوءِ ته ڪجهه به ناهي وڻندو، کائڻ لاءِ ٻه يا ٽي ائٽم کوڙ آهن، خبر ناهي ڇو ماڻھو ايترا طعام سجائيندا آهن، پر يقينن ايترا طعام سڀ جا سڀ کاڄندا ناهن، کوڙ اُنھن مان بچي پوندا آهن، ۽ يقينن پوءِ اُهي ذيان ئي ڪيا ويندا.
گائيڊ VG هوٽل وارن کي بِل ادا ڪيو، ٻاهر نڪتاسين، هوٽل جي ٻاهران گروپ فوٽو ورتاسين ۽ سڀني پنھنجي پنھنجي ڪيمرائن ۾ محفوظ ڪرايا گروپ فوٽو وارا منظر، مونکي ته صبح ڪيمرا ئي وِسري وئي هئي، تنھن ڪري اِن خفي کان آجو هُيس، پر دل ۾ ارمان به هو.

باتو ڪيوَ ’غـار‘

گائيڊ پنھنجي اڄ جي ڊيوٽي موجب وري به پوئتي مُنھن ڪري سڀني سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي، پنھنجو هاڻي پنڌ ’باتو ڪيوَ‘ يعني غار ڏي آهي، ڪجهه گهڙيون KL جي روڊن تي گاڏيءَ پنھنجا ٽائر گُهمايا ۽ اچي پُھتاسين ’باتو ڪيوَ‘، پھرين ئي نظر پئي مورتي تي ۽ الطاف شيخ جو اُهو ڪتاب ”هليو آ هليو آ ملائيشا“ ياد آيو، جنھن ۾ انھي مورتيءَ جي تصوير ڇپيل آهن، جنھن جي ڪيپـشن ۾ لکيل آهي، ’دُنيا جي وڏي ۾ وڏي مورتي‘ گولڊن ڪلر ۾ ٺھيل هئي، ڪھڙي ڌاتو مان ٺھيل هئي، خبر ناهي پر ڪمال جي ڪاريگري آهي.
اسان به فوٽو گرافي شروع ڪري ڏِني، هيٺ فرش تي ڪبوتر چُڳي رهيا هئا. هن وقت گرمي به واهه جي هئي، سج به بنا ڪڪرن جي اڪيلو اڪيلو آسمان ۾ چمڪي رهيو هو. اِن مان ئي گرميءَ جو اندازو لڳائي وٺو! مورتيءَ جي ڀرسان مٿي غار ڏي وڃڻ لاءِ سيڙهيون ٺھيل آهن جيڪي شعيب شيخ موجب ته ٻه سئو کان مٿي آهن، ۽ وقت پنجويھه منٽ لڳي ٿو جنھن جي بُلندي جو به اندازو ڪري وٺو، ته هھڙي گرمي ۽ 2 سئو کان مٿي سيڙهيون چڙهڻ اسان جا ڪيترا ئي ميمبر ته هيٺ ئي بيھي اُتي موجود شين مان ئي لُطف اندوز ٿي رهيا هئا، پر اسانکي ته سَت نه هُئڻ باوجود به چڙهڻ جو شوق هو. ڇو ته هاڻي گذريل سال آگسٽ ۾ ئي ته ڪارونجهر جبل جي چوٽي سَر ڪري آيو هيس، جتي نه ڪو گسَ نه ڪي چاڙهيون، وڏا وڏا پٿر چڙهڻا هئا، هي ته اُن جي اڳيان ڪجهه به نه هو، بلڪل ڪجهه به نه....
خان ۽ آئون چڙهياسين، شعيب اڌ مان واپس وريو چيائين منھنجي اڳ ڏِٺل آهي، گرمي گهڻي آهي تنھن ڪري آئون نٿو هلان اوهان وڃي ٿي اچو، اسين ته وياسين، اُن ٽِن حسينائن مان به هِڪڙي هلي ڇتري جي ڇانوَ جي سھاري.
ويڙهيو هلين وَرن ۾
ڇانوَ ڪري ڇٽيءَ جي
هي سُنھن آهي سُھڻي
ڪي چِٽ ڀِت تي ناهن
سج ڇڏيندو ميٽي
يا رات ڇڏيندي ريٽي
سُھڻي سڄي هيءَ ڌرتي
ڌرتي ڌڻي به سهُڻو
هَرڻي اکي او ڇوري!
ڇالئه ٿي هانوَ هارين
خوشبو وجود تنھنجو
بُرقن ۾ ڇو ڍڪين ٿي
فطرت کان ڇو ٿي ڇِرڪين
وارن وڏن کي پنھنجي
سڳين ۾ ڪري سوگهو
ڪڪرن کي نه ڪر لَڄِي تون
بارش بڻائي خود کي
سُڪلن کي ڪر تون سائو
اکڙيون پوَن ٺري هي
هرڻي اکي او ڇوري!
مٿي پُھتاسين حيران ٿي وياسين ته ايتري وڏي بُلندي تي غار اندر هڪڙي بازار ٺھي پئي آهي هڪڙي ڳالھه ذهن ۾ رکو ته هنن چاڙهين تي چڙهڻ وارو پاڻي جي بوتل پاڻ سان گڏ ضرور کڻي هلي، هِتي ڪا به انٽري في، ٽڪيٽ وغيرهه ناهي هي بلڪُل فِري ۾ آهي. هي غار ملائيشيا جي سلانگور صوبي ۾ ۽ هندو مذهب وارن لاءِ دُنيا جي وڏي ۾ وڏي سائيٽ آهي. هندو مذهب سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻھو ته پنھنجن ٻارن ٻچن سان گڏ رهيا پيا آهن. اندر به قسمين قسمين جون مورتيون سجايل هنيون ۽ ڀولڙن جا به ولر هئا. ڪجهه ماڻھو ڀولڙن سان کوئنس مذاق ڪري رهيا هئا، هڪڙي حسين ڇوڪري ڀولڙي کي ڊانس ڪرائي رهي هئي ۽ ٻيا سڀئي اُن جا فوٽو ڪڍي ۽ مووي ڀري رهيا هئا. اسان به اُهو ئي ڪيو ’جيڪا ججهن جي صلاح‘، ڪجهه وقت ئي ترسياسين، گرمي جي ڪري ساهه ۾ سوڙهه محسوس ٿي رهي هئي. ٻه ٿڌيون بوتلون ورتيوسين، پيئندا آياسين، خان ته اڃا ٻه ٽي ڍُڪ ڀريا ته ڀولڙو ڦِري آيس بوتل ڦُرڻ لاءِ بُل ڏئي رهيو هو. خان کي اچي ڊپ ٿيو، تنھن بوتل مان رڳو هٿ ڪڍيو، فرش تي وڃي ڪِري اَڌ هارجي وئي جيڪا ڀولڙي پيتي ، اڌ بچي جنھن کي سِڌي ڪري بلڪل ماڻھو وانگر پيئڻ لڳو، اِهو لقاءَ سڀني ماڻھن ڏِٺو پي ۽ هيڏانھن خان جي به ڏسڻ جھڙي حالت هئي، ڇو ته سڀئي ماڻھو خان ڏي ڏسي کِلڻ لڳا، خان به معاملي کي سنڀاليندي ڀولڙي جي مووي ڀرڻ شروع ٿي ويو.
هاڻي اسين واپس ڏاڪڻين تان هيٺ لھڻ لڳاسين ۽ کوڙ ماڻھو ٽولن جي صورت ۾ مٿي چڙهي رهيا هئا، اڪثريت هندو مذهب سان لاڳاپيل ماڻھن جي نظر پي آئي.
ٻاهر روڊ تي نڪتاسين، پر گرميءَ پوءِ به پيڇو نه پي ڇڏيو، اڳتي وڌياسين ناريل واري ڏانھن ته گرميءَ تي ڪو ڇنڊو وِجهون، شعيب اڳ ۾ ئي ناريل پي رهيو هو، تنھن اسان کي به وٺي ڏِنو، پاڻي پيتوسين، ڳر به کانئڻ جھڙي هئي، پر وقت نه هو، ٻيو ته حضورشرمي به شامل هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ضروري به آهي، ماڻھن هر وقت ۽ هر جڳھه تي هڪجھڙو رهندو ته نه ٺھندو. اِن جو ننڍڙو مثال ايئن آهي ته اگر آئون ڳوٺ ۾ هجان ها ته هي پينٽ شرٽ هرگز نه پائي وڃان ها، پر هِتي سڀئي وڳا پينٽ شرٽ جي صورت ۾ آندا آهن، ’جھڙو ديس تھڙو ويس‘ پُڻ اِن کي ئي چيو ويندو آهي، يا ماڻھو ڪن هڪ جيڏن دوستن سان اوطاق ته ڪچھري ۾ مست هوندو ته وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندو پيو ٺھندو، پر وري ڪنھن دوست جي تڏي تي تعزيت لاءِ وڃي اُتي به جي وڃي ٽھڪ ڏيندو ته ڪنھن کي به نه وڻندو. بلڪِ سڀني ماڻھن کي عجب لڳندو ته هي ڪھڙو عجيب ماڻھو آهي.
سو ڳالھه هئي ’حُضورشرميءَ‘ جي ۽ مثالن ۾ وڃي پياسين، شعيب سڀني دوستن کي گاڏي ڏي اچڻ جو چيو، اسان ته ساڻس گڏ هئاسين اسانجي گائيڊ مسز VG پُڻ ڊرائيور سان گڏ اڳ ۾ ئي گاڏي ۾ موجود هئي، سڀني جي انتظار ۾، جيئن سڀئي ميمبر گاڏي ۾ ويٺا ته گاڏي هلڻ شروع ڪيو.

ڪِنگ پئلس

گائيڊ وري به سڀني سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته ’هاڻي اسان هلون ٿا ڪِنگ پئلس‘، گائيڊ جي اِها سموري ڳالھه ٻولھه انگريزيءَ ۾ هئي، تنھن ڪري مونکي گهڻو غور ڪرڻ جي ضرورت نه هئي، البت خاص خاص ڳالھه يا پوائنٽ هوندي هئي ته، خان کي چوندو هئس ته ’مسٽر خان ڇا پئي چوي ڪاڪي‘ خان وري سوَلي سنڌيءَ ۾ مونکي ٻُڌائيندو هو، ايئن ڪجهه دير گاڏي روڊ رستا بدلائيندي اچي ڪنگ پئلس پُھتي.
واهه ڏاڍو خوبصورت منظر، چؤڌاري چھچ ساوا جبل ۽ وچ ۾ ڪنگ پئلس، دروازي واري طرف کان اڳيان پارڪ ۾ کُليل ميدان. دروازي جي ويجهو وڃي فوٽوگرافي ڪئي، پر هڪڙي ڳالھه اسانکي سمجهه ۾ نه آئي ته اسان ڪو به اهڙو گارڊ يا ڪمانڊو نه ڏِٺو، جيڪو اشارو ڪري اسانکي پري روڪي، جيئن اسان جي پياري پاڪستان جي ڪنگن جا محل، جن جي ٻاهران گارڊ ته هوندا ئي آهن، پر اُن محل ڏي ايندڙ ويندڙ رستا ڄڻ نوگوايريا بڻائي ڇڏين ٿا. هِتي ته اهڙو ڪجهه به نظر نٿو اچي. اسان جي اڃا به همت وڌي ويجها ٿياسين، ديوار تي هڪڙو مونوگرام لڳل آهي، جنھن ۾ ٻاهران ڪڻڪ جا سنگ وچ ۾ هڪڙو ٽڪنڊو جنھن تي پاسن کان ٻه شينھن آمھون سامھون بيٺل، انھن جي وچ ۾ چنڊ ۽ چنڊ اندر انيڪ ڪنڊن وارو تارو. مونوگرام جي هيٺان وڏن گولڊن اکرن ۾ ’استان نڪارا‘ ان جي هيٺان انگريزي ۾ ’ISTANA NEGARA ‘، دروازي کي ويجهو وڃون ٿا، جتي اندر چبوتري ۾ گارڊ بيٺل ِآهي وائيٽ ڊريس ۾، ۽ اُن جي اڳيان وري ٻه ٻيا گارڊ بيٺل آهن، جن ۾ هڪڙو وائيٽ ڊريس ۾ ۽ ٻيو بليڪ ڊريس ۾. ڊريس اهڙي جھڙي ڪسٽم ايڪسائز وارا پائن ٿا. جنھن جي کيسن مٿان لڳل بڪل تي لکيل آهي، POLIS ۽ ٻي جي بڪل تي HILMI، هي شايد سندس نالو ئي آهي، ٻنھي سان هٿ ملايم ۽ گڏ گروپ فوٽو به ڪڍرايو .
دروازي اندران نظر ايندڙ گولڊن ڪلر جي اکرن سان لکيل هو ’استان نڪارا‘ ڏٺو. ڪُجهه ٻاهران فوٽوگرافي ڪئي، سامھون ڳاڙهين شرٽن سان هڪ وڏي قطار کي ايندو ڏٺوسين، ڪنھن ڪاليج يا يونيورسٽي جا شاگرد، شاگردياڻيون پي لڳا، هڪ ئي ڊريس ۾ ڏاڍا سُٺا لڳي رهيا هئا. سندن فوٽو پُڻ ڪيمرا ۾ محفوظ ڪيم.
هاڻي اسانکي سنھڙي سانوري V.G وري به اشارو ڪيو گاڏي طرف اچڻ جو، آياسين، ويٺاسين سندس ڊيوٽي موجب وري به سڀني کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته ”هاڻي اسانجي منزل National Plonument يعني ’شھيدن جو يادگار‘.“ وري به گاڏي مختلف روڊن تان گهمي اچي اسان کي هڪ وڏي مينار سامھون لاهي ٿي.

شھيدن جو يادگار National Plonument

هِتي ڏاڍو خوبصورت منظر آهي، هڪ وڏو مينار ٺھيل آهي، جنھن تي مٿي ’A‘ جو نشان ۽ اُن جي هيٺان ’UNTOK Menoat‘ وغيره لکيل آهي، گائيڊ V.G هِن يادگار متعلق ٻُڌائي ٿي:
’هي اُنھن وطن سان محبت ڪندڙ فوجين کي ڀيٽا طور ٺاهي وئي آهي جِن قابض دشمن فوجين سان وڙهندي شھادت ماڻي، پر پنھنجي وطن جي پرچم کي هيٺ پٽ تي ڪرڻ نه ڏِنو.‘ دِل ۾ چيم پنھنجو وطن پنھنجي مٽي ۽ مٽيءَ سان محبت جي ڳالھه ئي الڳ آهي.
اڳيان وڌون ٿا، ته اڃا به وڌيڪ خوبصورت منظرن کي اکيون ڏِسن ٿيون، آرٽيفيشل تلاءُ جنھن ۾ بِلوڪر جو پاڻي ۽ وچ تي ٺھيل ڦوهارا جنھن جي چؤڌاري هيٺ ٺھيل ڪنول نما گل ٻاهر ڪپ تي ديس جا سپاهي فوجي دشمن سان وڙهندي، ڪِرندي جهيڙيندي آخر ۾ پنھنجي ملڪ جو جهنڊو بُلند ڪندي ڏيکاريل آهن. هي يادگار به ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. هن يادگار وٽ به گروپ تصويرون ڪڍي پوءِ اڳتي وڌياسين، اڳيان هڪڙو منظر آهي، جنھن ۾ بلو ڪر جو پاڻي وچ ۾ ڦوهارو ۽ پاسن کان چنبيلي جا گل آرٽيفيشل لڳل آهن ، هي منظر به ڏاڍو وڻندڙ آهي، ڪجهه دير گهمي ڦِري منظرن مان لُطف اندوز ٿي جڏهن ٻاهر نِڪري رهيا هئاسين ته اسان مان ڪنھن آواز ڪڍيو هن مينار ڀر ۾ هڪڙو گروپ فوٽو ٿي وڃي، هن ڀيري فوٽو گرافر اسان جي گائيڊ مس V.G هئي، تنھن ڪري سڀني موقعي مان فائدو وٺندي پنھنجون پنھنجون ڪيمرائون سندس حوالي ڪيون، هن به مُسڪرائي سندس هٿ ۾ کنيل ڇٽي هيٺ رکي سڀئي ڪيمرائون اُن ۾ رکيون پوءِ واري واري سان سڀني جي ڪيمرائن ۾ فوٽو ڪڍندي وئي، آخر ۾ سڀني کيس مُسڪرائي Thanks چيو. سڀئي هاءِ ايس ۾ ويٺاسين ۽ روانا ٿياسين ڪو ٻيو منظر پسڻ لاءِ.

نيشل مسجد

نيشل مسجد جي ڀر ۾ آياسين، سواءِ اسان ٽِن شعيب، محمد خان ۽ منھنجي ٻيو ڪو به مسجد اندر نه هليو، سڀئي نان مُسلم هيا يا دلچسپي نه هُين، اسان موقعي مان فائدو وٺندي عصر جي نماز ادا ڪئي، وضو ڪري نماز پڙهي مسجد گهميسين. ٻاهر جيڪي همراه بنا گهمڻ جي گيٽ تي بيٺا هئا اُنھن کي انتظار ڏُکيو لڳو، شعيب کي پيا چون يار اوهان جا همراه ڪيڏانھن غائب ٿي ويا، دير پئي ٿئي وغيره وغيره. هِتي به مونکي احساس ٿيو ته ڪاش مونکي انگريزي ڳالھائڻ اچي ها ته سڀني کي ٺيڪ ٺاڪ جواب ڏيان ها. پر پوءِ سنڌيءَ ۾ پنھنجي مُنھن ڀُڻڪيس ته، ’باتو ڪيوَ گار‘ ۾ سخت گرمي هوندي به سڀني ڪيتري دير لڳائي اسان ته ڪو به اعتراض نه ڪيو ته پوءِ هنن سڀني کي مسجد گهمڻ تي ڪھڙو اعتراض آهي، پاڻ نٿا گهمن تڏهن. اسان ته گهمڻ کي ڇڏي بس نماز ادا ڪئي، هنن کي ايترو برداشت ڪرڻ گهرجي. منھنجي اِها ڀُڻ ڀُڻ شعيب ۽ خان کانسواءِ سڀني لاءِ ڏٻي ۾ ٺِڪريون هئي.
گاڏيءَ ۾ ويٺاسين، گاڏي شھر جي مختلف روڊن تان گذرندي شھر جو ديدار ڪرائيندي اچي، ’انڊپينڊنٽ اسڪوائر‘ اڳيان رُڪي.

انڊپينڊنٽ اسڪوائر

وڏو کُلو ميدان، سامھون تمام پُراڻي دور جي بلڊنگ نظر اچي پئي جنھن کي انڊپينڊينٽ اسڪوائر سڏيو وڃي ٿو. هِتي به سياحن جي رَش لڳي پئي آهي، وڏو سڪون وارو ماحول لڳو پيو آهي. منھنجي ڪڍيل تصوير ته تمام پريان نظر ايندڙ وڏين بلڊنگن کي به محفوظ ڪري ورتو، جنھن ۾ هڪڙي بلڊنگ تي ته، CIMB BANK لکيل آهي، ۽ هن جي هڪ پاسي وڏو ٽاور آهي گهڙيال لڳل، جيئن حيدرآباد ۾ اولڊ ڪئمپس جو پري کان نظر ايندڙ گهڙيال. بِلڪل اهڙو ئي گهڙيال نظر اچي پيو.
هي جيڪي وڏا گهڙيال چوڪن تي هڻن ٿا يا خاص بلڊنگس تي جيڪي پري پري کان نظر اچن يا ايندڙ ويندڙ مسافر توڙي اُتي جا رهاڪو وقت کي ڏِسندا رهن وقت جو قدر ڪَن ۽ گهڙيال کين ڪلاڪ ڪلاڪ تي گهنٽي وڄائي وقت وڃڻ جو احساس ڏياريندو رهي.گهڙيال هڻڻ وارن جو مقصد ايئن سمجهه ۾ اچي ٿو. شايد سنڌ سھڻي جو ڪو شاعر به اِن ئي پسمنظر ۾ چئي ويٺو هو ته:
گهڙي لڳي گهڙيال تي، گهڙيال ڪئي گهوڙا،
ٻُڌئي ڪونه ٻوڙا، اِها به گهڙي گهٽ ٿي.
ٻي پاسي کان، OCBC BANK جي بلڊنگ نظر اچي پئي. وري اُن بلڊنگ جي سامھون ٻي پاسي ويجهو ٿا اچون ته هڪڙو گيٽ سينگاريل آهي، تمام خوبصورت نموني سينگاريل آهي جنھن جي سامھون سياح فوٽوگرافي ڪري رهيا آهن. گيٽ مٿان انگريزي وڏن اکرن ۾ لکيل آهي: KL Chinese New Year, CULTURAL FESTIVAL ’
شعيب ٻُڌايو ته: هِتي جنھن جو به مذهبي ڏينھن (عيد) هوندي آهي ته انھيءَ مذهب جي حوالي سان هي گيٽ ۽ هي سڀ سينگار ڪيا ويندا آهن هِن وقت ته چينين جو ڪو مذهبي ڏِڻ اچڻو هو يا ٿي گذريو هو بھرحال هِتي نشان اڃا موجود هئا اُهي سڀئي سينگار ۽ سينگاريل گيٽ جيئن جو تيئن شايد تيستائين رهن جيستائين وري ڪنھن ٻي قوم جو مذهبي ڏڻ اچي.

ٽو اِن ٽاور Tow in Towar

هاڻي اسان کي جنھن خاص جڳھه گهمڻ جو انتظار هو، ۽ شديد انتظار هو جنھن کي ملائيشيا ۽ KL جي دِل چيو وڃي ٿو.
پھريان گاڏي کي کڻي هلي ’ٽو اِن ٽاور‘ جي بيڪ سائيڊ وٽان پري کان نظر اچن پيا ۽ هِتان کان بيھي ماڻھو فوٽو ڪڍي ٿو ته فوٽو ۾ بِلڪل سڄا ٽاور نظر اچي رهيا آهن. پر هِتي اسان سان مزو ٿيو. آئون ته هونئن ئي صبح نڪرڻ وقت هينڊي ڪيم فليٽ تي وِساري آيو هيس، باقي خان وٽ هئي، ٻنھي جو اُن تي گُذارو هو، اُها به موڪلائي وئي، ٻئي بيٽريون ختم ٿي ويون ۽ موبائيل جو اَڀروسڀرو سھارو هو، اُهو به بند ٿي ويو، پوءِ شعيب کي ئي چيوسين ته شعيب يار هاڻي تون ئي قرب ڪر هي آهي ته اهم هنڌ ۽ KL جي دل ۽ ملائيشيا جي سُڃاڻپ، سو هِتي اسان جا فوٽو نه نِڪتا ته مزو ئي نه ايندو گهمڻ ۾. شعيب سندس موبائيل ۾ فوٽو ڪڍيا، جيڪي بعد ۾ کائنس بلو ٽُٿ ڪري وٺنداسين.
هِتي ئي مون اجرڪ ڪُلھن ۾ پاتي جيڪا گڏ بيگ ۾ کڻي آيو هئس ۽ ڪتاب به ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ جيڪو هڪڙو شعيب کي گفٽ ڪيم، هڪڙو خان کي فوٽو سيشن پورو ٿيو. VG سڀني کي اشارو ڪندي چيو هاڻي گاڏيءَ ۾ ويھو ته سامھون فرنٽ سائيڊ کان هلون. پوءِ گاڏي مختلف رستن تان گهمي اچي، ٽو اِن ٽاور جي اڳيان بيٺي. واهه ڇا ته دُنيا آهي، ڇا ته رنگ آهن، پر افسوس ته اسان وٽ هاڻي وقت تمام مختصر بچيو آهي، تنھن ڪري اسان کي چيو ويو ته مختصر نموني گهمي وٺو، اسان کي ڏاڍو افسوس پي ٿيو، پر شعيب دلداري ڏيندي چيو ته: پاڻ ته هِتي رات جو ئي گهمڻ اينداسين، رات جا رنگ ئي پنھنجا هوندا آهن. مزي سان گهمي ڏسنداسين.
شاهه عبدالصمد جي نالي سان منسوب ٽو اِن ٽاوَر کي ايڇ ٽاوَر، پيٽروناس ٽاوَر جي نالن سان پُڻ سڏيو وڃي ٿو. ٽو اِن ٽاوَر کي 1998ع ۾ مڪمل ڪيو ويو، اُن وقت پوري دُنيا جي بُلند ترين عمارت جو اعزاز رکندڙ هي 452 ميٽر ڊِگهو هي ٽاوَر هو، پر پوءِ 2004ع کان پوءِ تائيوان جي عمارت (تائي پي 101) هِن ٽاوَر جو رڪارڊ ٽوڙيو، ۽ 2010 ۾ وري دُبئي واري بُرج خليفه اِهو اعزاز ماڻي ورتو جيڪو اعزاز اڄ تائين دُبئي جي ’بُرج خليفه‘ وٽ محفوظ آهي.
هِن سينٽر جي هنج ۾ هڪ ٻيو به وڏو شاپنگ مال آهي KLCC SURIA (ڪئالالمپور سِٽي سينٽر) جنھن ۾ اندر ته هر رنگ موجود هو، خوبصورت انسان کان وٺي خوبصورت شين تائين سڀ رنگ موجود هُئا.
هن وقت ٽو اِن ٽاور کي سرسري نظر سان ڏسي ٻاهر نڪتاسين، ٽاور جي هيٺان هڪڙو پاڻيءَ جو تلاءُ ٺھيل آهي، جنھن ۾ پاڻيءَ جا ڦوهارا لڳل آهن، جيڪي ميوزڪ تي ڄڻ ڊانس ڪري رهيا آهن، پر هي چون ٿا رات جي وقت رنگين هوندا آهن. خير هاڻي ته رات جو اچڻو ئي پيو.
جيئن جيئن شام جا پاڇا لڙندا ويا، تيئن تيئن VG تڪڙ ڪري رهي هئي، اُن ڪري جو هِن شام 6 وڳي تائين جو ٺيڪو کنيو هو. سڀئي گاڏي ۾ ويٺاسين. سج ته الائي ڪِٿان پيو لھي، پر شام جا پاڇا ڏِسي رهيا آهيون. ڪئالالمپور جا روڊ ۽ ٻِيا اسين.

چاڪليٽ ۽ چاهه

چاڪليٽ ڪنگڊم (چاڪليٽ جي فيڪٽري)
شام جو دلڪش نظارو ۽ ٻي تون،
ياد پيا جي ته هر ويل هينئين ۾ هُرندي رهندي آهي، جيئن رت هلي رُڳن ۾. هاڻي VG اسان کي جِتي وٺي آئي، اُتي ته بس مِٺو ئي مِٺو آهي، ڪڙاڻ واري ڪائي شئي ناهي هِتي. ها چاڪليٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ٻاهران جيئن انٽر ٿياسين ته گيٽ تي هڪ سائيڊ کان ڇوڪرو ۽ هڪ سائيڊ کان ڇوڪري بيٺي هئي، هنن جي هٿن ۾ اسٽيڪر هئا ڪمپني جي نالي ۽ مونوگرام وارا. ڇوڪرو مردن کي ڇاتيءَ تي بيج وانگر هڻندو آيو ۽ ڇوڪري عورتن کي، جيئن اندر وڃڻ سان سڃاڻپ ٿئي ته هي ماڻھو چيڪ ٿيل آهن. خطري جي ڪا به ڳالھه ناهي.
اندر جيئن ئي انٽر ٿياسين ته رسيپشن تي هِڪڙي سھڻي ڇوڪري ويٺي هئي جنھن اُٿي بيھي مُسڪرائي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو، ۽ پوءِ سڀني کي چيائين ته گول دائري ۾ ٿي ويجها ٿيو. سڀئي کيس ويجها ٿي بيٺاسين، هاڻي هِن ننڍيون ننڍيون پلاسٽڪ جو برڻيون (ڏٻيون) کوليون جن ۾ مختلف شيون پيل هيون، انگريزي ۾ ٻُڌائيندي هلي ته هي هي شيون پاڻ ۾ ملائي مِڪس ڪري پوءِ چاڪليٽ ٺھندو آهي. چاڪليٽن جا مختلف ۽ کوڙ قسم هئا. جن ۾ هڪڙو اهڙو به چاڪليٽ هو جنھن جي باري ۾ ٻُڌايائين ته هي چاڪليٽ جنسي قوت لاءِ خاص ٺاهيو ويندو آهي. ۽ هي صرف مردن جي کائڻ لاءِ آهي. هاڻي ته نظر چؤطرف گهمي ڏٺو ته سڀني مردن جي چھرن تي مُسڪراهٽ هئي، ۽ اسان سان گڏ جيڪي ليڊيز هنيون اُنھن جي چھرن تي حياءُ جي لالائي جون ريکائون اُڀرندي نظر آيون. ڇوڪري ايترو خوداعتمادي سان سان چئي رهي هئي جو ڇا چئجي وري وري دُهرائي رهي هئي، اُن چاڪليٽ جو نالو.
پوءِ پاسي ۾ هڪڙي ٻي سُندري بيٺي هئي جنھن چمچي سان سڀني جي هٿ تري تي ٽيسٽ خاطر ڪَٽيل چاڪليٽ رکندي وئي، اُهي ٽيسٽ ڪري اندر وڌياسين، اندر وڏي ايريا ۾ شيلف ٺھيل آهن، جن ۾ مختلف ورائٽين ۽ ڊزائنن جا چاڪليٽ رکيل آهن ۽ بازار کان رعايتي اگهه تي مِلن ٿا، هِڪڙي مزي واري ڳالھه هئي ته جنھن به پورشن ۾ وڃون (مختلف قسمن، ڪوالٽين جا الڳ الڳ پورشن آهن) هر پورشن تي هڪڙي خوبصورت ڇوڪري بيٺل آهي، جنھن جي هٿ ۾ ڪٽيل چاڪليٽ ۽ چمچو آهي جيڪو ماڻھو انٽر ٿئي پيو اُن جي تري تي رکندي وڃي. اِهو تعارف هو ته هاڻي توهان جيڪو چاڪليٽ ڏسڻ يا وٺڻ ٿا چاهيو، انھيءَ جي ٽيسٽ هيءَ آهي. ڏاڍو مزو پيو اچي. خان کي چيم خان ڏي خبر چاڪليٽ ته پاڻ سڀ ٽيسٽ ڪري ورتا، هاڻي وٺون نه وٺون مرضي آهي. پر هِتي جيڪڏهن اسان سڀني گڏجي پيڪيٽ ورتا ته انھي تي اسانکي اڃا به وڌيڪ ڊسڪائونٽ ملندي. اسان سڀني هڪٻئي کان پُڇيو پر ٻيا ڪي به راضي نه ٿيا، باقي محمد خان، شعيب ۽ مون ٽِن ٽِن قسمن جا چاڪليٽ ورتا وڌيڪ تعداد ۾، ڊسڪائونٽ به مليو. اسانکي ته هونئن به ڪا شئي ڳوٺ ته وٺي وڃڻي آهي، ملائيشيا جا چون ٿا ته چاڪليٽ سڀ کان مشھور آهن. بھتر آهي ته چاڪليٽ ئي وٺي وڃون. اِن خيال کان اسان ته ڪافي ورتا باقي سڄي سنگت مفت ۾ ٽيسٽ ڪيا.
گهمي ڦري ٻاهر نڪتاسين هاڻي وري گاڏي اُتي ئي کڻي آئي جتان چڙهيا هئاسين هوٽل رائل جي سامھون، سڀني هڪٻئي کان ڀاڪر پائي موڪلايو ۽ هٿ هوا ۾ لوڏياسين. سڀئي پنھنجي پنھنجي منزل طرف روانا ٿيا. آئون، شعيب ۽ محمد خان جنھن طرف وڃڻا آهيون، اسان جي گائيڊ VG جي گذرڻ جو رستو به اِهو ئي آهي، تنھن ڪري اسان کي آڇ ڪيائين ته منھنجي گاڏي ۾ ويھو اوهان کي اوهانجي منزل وٽ لاهي ڇڏينديس، واهه واهه اهڙي آڇ جو ڪير انڪار ڪري، VG جي ڪار ۾ ويٺاسين، ڪار ڪا خاص نه هئي، مڊل ڪلاس جي ماڻھوءَ وٽ جھڙي هجڻ گهرجي اهڙي ئي هئي. شعيب کي اڳيان سيٽ تي ويھاريو، اسان ٻئي پوئين سيٽ تي ويٺاسين، ڪچھري به ڪندا هلون، بلڪ هو ٽيئي ۽ آئون صرف ٻُڌڻ وارو هُيس.
اسانجي منزل به اچي وئي، لٿاسين پنھنجا بيگ سنڀالي کنيا ۽ VG کان هٿ لوڏي موڪلايوسين. VG پنھنجي گهر ۽ اسان پنھنجي عارضي آشياني طرف.
فليٽ تي پُھتاسين سائين انعام ڀٽي ۽ سر امتياز چانڊيو صاحب ٻئي ويٺا هئا، اسان کان حال احوال ورتائون ته ڪيئن رهيو ٽوئر؟ مزو آيو گهمڻ ڦِرڻ ۾ نه؟ گهمڻ ڦِرڻ ۾ ڪنھن کي مزو نه ايندو. سائين ڏاڍو مزو آيو، ملائيشيا ۾ وري به ساڳيون ئي ڳالھيون ته ملڪ ته آهي هي، پاڻ ته ڌوڙ ۾ رهيا پيا آهيون، ايئن ماڻھو چئي ته وڃي ٿو جذبات ۾ پر حقيقت اِها آهي آهي ته اسانجو مُلڪ جنھن ۾ الله پاڪ طرفان پيدا ڪيل سڀئي نعمتون آهن پر اسانجا حڪمران وڏا ............. آهن، جيڪي ترقي ته چاهين ئي نٿا هنن جي نيت آهي ته، اسان هميشه ترقي پذير رهون جيئن ٻين ملڪن کان خيرات پِندَا رهون ۽ ڪرپشن ڪري پنھنجا اڪائونٽ ڀريندا رهون.
هاڻِ شعيب ۽ امتياز پنھنجا بيگ کنيا ۽ موڪلائين پيا، شعيب ٻُڌايو ته مونکي به 21 تاريخ تي ڳوٺ لاڙڪاڻي وڃڻو آهي، تياري ڪرڻي آهي نه ته پاڻ وٽ اوهانکي رهايان ها ۽ گاڏي به هئي وڌيڪ گهمي ڦِري ڏسون ها ملائيشيا کي، پر خير زندگي رهي ته وري ڪڏهن. کانئن ڀاڪر پائي موڪلايوسين.
پوءِ خان ۽ آئون ٿوري ئي دير لاءِ ويٺاسين آرام ته ڪيئن ڪجي، آيا ئي گُهمڻ ڦِرڻ لاءِ آهيون، سائين انعام چيو اوهان فريش ٿي وٺو ته هلون ٽو اِن ٽاور تي. خوش ٿياسين ها سائين اسان اڄ صحيح نموني نه گهميو هو، وقت ٿورو هئڻ ڪري. سائين ٻُڌايو هونئن به ڏينھن کان وڌيڪ رات جو مزو هوندو آهي، هلي ڏِسو ته سھي رات جا رنگ.
اسان فريش ٿي ڊريس چئنج ڪئي، هينڊي ڪيم کي چيلھه سان ٻڌم ۽ پوءِ ٽيئي نڪري پياسين، سائين هِن ڀيري اسانکي زمين اندر هلندڙ ٽرين ۾ وٺي ويو. واهه زمين اندر به ڄڻ دنيا لڳي پئي آهي، اسٽيشنون جھڙيون ٻاهر خوبصورت آهن، اهڙيون ئي اندر به آهن، جيستائين ٽرين اچي ماڻھو هيڏانھن هوڏانھن گهُمي ڦِري يا ڪا شئي وغيره وٺي، سڀ ڪجهه زير زمين موجود آهي. هاءِ ڇا ته هن مُلڪ کي هِتي جي حڪمرانن ٺاهيو آهي، رشڪ ٿو ٿئي اسانکي، ۽ اسانجي ملڪ جا حال ڏِسي روئڻ ٿو اچي.
ٽرين آئي چڙهي ويٺاسين، اچي ٽو اِن ٽاور وٽ لٿاسين، ڇا ته منظر آهن ۽ ماڻھو. آئون سمجهان ٿو ٽوئرسٽ کانسواءِ به هِتي جا لوڪل ماڻھو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ لاهڻ جي لاءِ يا پيار جا پل گهارڻ لاءِ به اچن ٿا، هھڙو رنگ، ماحول، رنگين روشنيون، رنگين پاڻي، رنگين ماڻھو، هر سو رنگ ئي رنگ، ڀلا بوريت يا ٿڪاوٽ جو احساس ڪيئن ٿو ٿي سگهي اهڙي جڳھه تي. محمد خان ۽ آئون ته هنن رنگين منظرن کي ڪئميرائن ۾ بند ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون.
ٽو اِن ٽاور جي هڪ پاسي جتي سڀ کان وڌيڪ رش آهي، اُتي ميوزڪ وڏي آواز ۾ هلي ٿو ۽ رنگين ڦوهارا ميوزڪ تي ڊانس ڪن ٿا. ڪمال آهي، سائين انعام ٻُڌايو ته هاڻي دبئي ۾ به اهڙا ڦوهارا آهن. جيڪي ميوزڪ تي ايئن ڊانس ڪندا آهن. يار ڪمال جو لطف ۽ سُڪون آهي. ٿڌيون هوائون، جهيڻي روشني، هڪ طرف ته صفا روشني گهٽ هئي ۽ اُتي به اسان جوڙا ويٺل ڏِٺا، جن کي اسان دنيا جي هُل هنگامن کان بي پرواهه پنھنجي دُنيا ۾ مَگن ڏِٺو، هِتي سڀ ڪو آزاد آهي، بشرطيه سندن عمل سان ڪنھن ٻي کي ڪا تڪليف يا نقصان نه ٿئي، باقي هرڪو مرضيءَ جو مالڪ آهي. هِتي ملئي ڇوڪريون، عورتون فُل لباس ۾ ويڙهيل ڏِٺيوسين ته ٻي طرف چيني ڇوڪريون، مايون ايئن صفا مختصر ڪپڙن ۾ ۽ ماحول کان بي پرواهه پنھنجي بواءِ فرينڊن جي ٻانھن ۾ ٻانھون وجهي هلندي گُهمندي ۽ جُهومندي ڏِٺوسين. هر ڪنھن کي پنھنجو پنھنجو ڪلچر، پنھنجي پنھنجي ثقافت آهي، ڀلي ته هرڪو پنھنجي رنگ ۾ رنڱيل رهي. بس ايترو ضرور ته پنھنجا رنگ، پنھنجو ڪلچر ۽ پنھنجي ثقافت سڀڪو پاڻ تائين رکي ٻي تي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري ته پوءِ ڪو مسئلو ئي پيدا نه ٿيندو ۽ سڀڪو سڪون ۾ رهندو.
هَلو هَلو ڪاڪ تـڙين، جِتي نيھن اُڇل،
نه ڪا جھل نه پَل، سڀ ڪو پَسي پرين کي.
(شاهه)

یہ تو گھر ہے پریم کا، خالہ کا گھر نانھ،
سیس اُتارے بھوئیں دھرے، تب بیٹھے گھر مانھ
(کبیر)
(هي پريم جو گهر آهي، ماسيءَ جو گهر ناهي، جِتي تون راند ڪندو وتين، جيڪو هن گهر اچڻ گهري ٿو. سو سر وڍي زمين تي ڌري).
سائين انعام اسانکي هر طرف کان منظر ڏيکاريا، باقي ٽو اِن ٽاور تي مٿي چڙهڻ رهجي ويو. جنھن لاءِ چون ٿا ته صبح 6 وڳي اُٿي اچڻو پوندو ٽڪيٽ جي لاءِ. ٽڪيٽ لاءِ وڏي لائن لڳندي آهي. روزانو جيترا ٽڪيٽ ڏيڻا هوندا آهن، اُهي ڏئي پوءِ بند ڪري ڇڏيندا، باقي جيڪي رهيا اُهي وري ٻي ڏينھن ڪوشش ڪن. پوءِ اسان وقت وڃائڻ لاءِ رِسڪ نه پي کڻڻ چاهيو. ڇو ته وقت ئي ته اسان وٽ نه بچيو هو ۽ جيڪو بچيو هو اُن مختصر وقت ۾ گهڻو ڪُجهه ڏسڻ ٿا چاهيون. ڪُجهه دير لاءِ مختلف جڳھين تي ويٺاسين ۽ ماحول مان لُطف اندوز ٿياسين پوءِ نِڪتاسين ٻاهر، هاڻي مختلف روڊن تان واڪ ڪرڻ کي پسند ڪيون ٿا، هڪ ته رات ٺري آهي، ٻي ته ملائشيا جي مُند چري آهي. تنھن ڪري اسان کي ڪجهه دير ۽ ڪجهه پنڌ تائين واڪ ڪرڻ گهرجي. هڪڙي رستي تي وڏا وڏا گيٽ ٺھيل ۽ سينگاريل نظر آيا، سائين انعام کان پُڇا ڪئي، چيائين ته جنھن به قوم جو ڏيھاڙو هوندو آهي اُها ائين سيليبريٽ ڪندي آهي. چينائي آهن، عيسائي آهن، ملئي آهي، پوءِ جيستائين ڪنھن ٻي جو ڏيھاڙو اچي تيستائين هي اُن جاءِ تي رهندا. ڏاڍو سھڻي نموني سينگار ڪيو ويو هو. عيسائين جو ڏِڻ هو شايد جو وڻن تي به جهرمر جهرمر بلب نظر آيا.
روڊ ڪراس ڪري اڳتي اچون ٿا، ڪجهه ماڻھو گڏ بيٺا آهن، هڪ موٽر سائيڪل روڊ تي ڪِري پئي آهي، هڪ بيٺي آهي، ۽ هڪڙي بائيڪ تي پويان ويٺل ڇوڪري هئي. هئي ته سنھڙي پر آواز وڏو ساٿ ڏئي رهيو هئس، سامهون جنھن موٽر سائيڪل ٽڪرائي هئي، اُن کي داٻو ڏئي رهي هئي. محمد خان ۽ آئون وڃي ويجها ٿياسين. سائين انعام مُسڪرائي اسان کان پُڇيو هي ڇوڪري زور زور سان جيڪو ڪُجهه چئي رهي آهي اِهو اوهين سمجهو پيا؟ اسان به مُسڪرائيندي چيو سائين!............ بلڪل به نه.ٽھڪ ڏئي چيائين جيڪڏهن ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته بيھڻ مان فائدو ڪھڙو؟ اسان به گڏجي کِلي چئون ٿا واهه سائين واهه ڌڪ زورائتو آهي مڃڻ مُراد آهي. ٽيئي ٽھڪ ڏيون ٿا.
اڳيان هڪ روڊ تان گذرون ٿا جنھن تي ڪجهه هوٽلون يا ڪلب چئجن، قطار ۾ هئا، اُتي مختلف ميوزڪ ۽ ميوزڪ تي ڇوڪريون ڊانس ڪري رهيون هيون. جهيڻي روشني ۽ ماڻھو سڀ مست مگن پي رهيا هئا ۽ جوان خوبصورت رقاصائون سندن لطف کي اڃا به وڌيڪ وڌائي رهيون هيون. هِتي سرعام بار کُليل ڏِٺاسين اسان ڪنھن ۾ به اندر نه وياسين، بس رستي تي بيھندا، ڏسندا وياسين پي.
ٿورو اڳيان وڌون ٿا ته هڪڙي چوڪ تي ٻه کدڙا بيٺا هئا، ۽ اتفاق سان اسانکي به اُن چوڪ تي بيھي فيصلو ڪرڻو هو ته اڃا اڳيان پنڌ هلجي يا هتان کان ٽرين ۾ چڙهجي، ڪجهه دير بيٺاسين ته هنن کي به شڪ پيو اسان کي ڏسي بيٺا آهن. اُهي پنھنجي اسٽائيل ۾ اکين سان ۽ هٿن سان پوز هڻڻ لڳا، اسان به مُسڪرائي هڪٻئي کي چئي رهيا هئاسين ابا همراهه غلط فھميءَ جو شڪار پيا ٿين بھتر آهي ته هِتان کِسڪي هَلون، اسان جي مسڪرائڻ ۽ صلاح ڪرڻ تي همراه وڌيڪ غلط فھمي جو شڪار ٿي ويا ٻنھي مان جيڪو وڌيڪ خوبصورت هو، ٿورو اڳيان وڌڻ لڳو، انھيءَ کي وڌندو ڏِسي اسان رڳو ٽَن ڪيو، مُڙي ٻي روڊ تي هليا وياسين.
هِتي به شايد ايئن بيھندا آهن جيئن حيدرآباد جي ٿڌي سڙڪ جي گدو چوڪ ۽ آسپاس تي ٻُڌو اٿم ته بيھندا آهن، شايد هيءَ ڪئالالمپور جي ٿڌي سڙڪ آهي.
اسٽيشن کي ويجهو ٿياسين، ٽرين آئي، چڙهي ويٺاسين، پنھنجي عارضي آشياني جي ڀر واري اسٽيشن تي لٿاسين. Bistari Condominium Jalan جي فليٽ نمبر 17 تي پُھتاسين ۽ ڪجهه دير ساهي کنئي، ٿڪاوٽ لٿي، هاڻي سڀاڻي جو سوچيوسين، سڀاڻي 17 تاريخ آهي ۽ اسانجو KL ۾ آخري ڏينھن آهي، انھيءَ ڏينھن تي گهمڻون به آهي ۽ شاپنگ به ڪرڻي آهي.
سائين انعام کان صلاح ورتيسين ته سڀاڻي ڪھڙي طرف وڃون، چيائين هڪ ڏينھن ۾ توهان ڪنھن بيچ تي به نٿا وڃي سگهو ۽ نه ئي جوهر بارو. ها باقي ”پُترا جايا“ وڃي سگهو ٿا. جيڪو هينئر ويجهڙائي ۾ نئون شھر تعمير ٿيو آهي. سڀئي آفيسون اُن طرف آهن، نيون بلڊنگون، آرٽيفيشل ڍنڍ به آهي، پر اُن جي سڃاڻپ هڪڙي خوبصورت مسجد آهي، جِتي سياح گهمڻ ويندا آهن. رستي بابت پُڇيو ته سائين پني تي نقشو ٺاهي ڏِنو.
سري پتالنگ ٽرين ۾ چڙهي، بندر تاسيس تي لھندؤ اُتان KLi ايڪسپريس ۾ ويھندا. وڃي پُترا جايا تي لھندا. اُتان کان لوڪل بس ۾ سوار ٿي. ماسڪ (مسجد) وٽ لھندا. آخري اسٽاپ اُهو ئي آهي. ڪجهه دير ڪچھري ڪئي ۽ پوءِ خان چيو ته هلون ڪيفي تي هلي فوٽو اپ لوڊ ڪيون، چيم نه يار اُتي هلي ڪنداسين اپ لوڊ، هاڻ ڪجهه آرام ڪيون ۽ صبح جو سويري اُٿـڻون به آهي.
مون سُمھڻ کان پھرين پرين جو آواز ٿي ٻُڌڻ چاهيو، فون نمبر ملايم پر نمبر نه پيو لڳي، پوءِ ساڻس هينئن مخاطب ٿيس:
نيڻ ننڊ کي سڏي رهيا هِن،
چنڊ تِن کي تَڪي رهيو آ،
عجيب اُڻ تُڻ مَتي آ مَن ۾،
قرار ڪِٿي لِڪي ويو آ،
ٻانھن ڪائي نه آ ڪنڌ هيٺِان،
نه سرگوشي ڪا ٻُري آ ڪَن ۾،
وار ڀي هِن رهيا هي وِکريل،
آڱرين ڪئي ڪنگي نه تِن کي،
گهڙيال ڪانٽن جا آ ٽَڪ ٽَڪ،
سمورو گهر آ نِنڊ ورتل،
سمورو تَـر آ نِنڊ ورتل،
اڪيلي جاڳان چئه مان ڪيسين،
ڏيئي وانگي ياد ۾ تنھنجي،
ٻَران اڪيلي چئه مان ڪيسين،
جيئان اڪيلي چئه مان ڪيسين.
ايئن پاسا ورائيندي نيٺ نِنڊ نيڻن کي پنھنجي آغوش ۾ آڻي سُمھاري ڇڏيو، ۽ اسين نِنڊ ديوي جي ٻانھن ۾ نه چاهيندي به سُمھين پياسين.

حيدرآباد کان هنزه تائين، مھورت

اڄ ڪاٽن جو وائيٽ وڳو پھري ۽ ڪُلھن ۾ ڦُلڙي واري اجرڪ اوڍي پنھنجي شولڊر بيگ ۾ ڪتاب ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ جون ڪُجهه ڪاپيون وجهي سيٽ ڪري رکيم، اُن ڪري جو اڄ سائين انعام ٻُڌايو ته مون ڊاڪٽر گُل بُليدي ۽ ڊاڪٽر صفيه گُل کي دعوت ڏِني آهي ته ڪتاب جي مھورت ڪرڻي آهي ٽو اِن ٽاوَر اڳيان، اُنھن سان گڏ پاڪستان جي بلوچستان صوبي جي شھر خضدار مان آيل محمد خان جتڪ ۽ سندس فرزند ۽ اُن جو فرزند پُڻ شامل هئا.
آئون پاڻ کي خوشنصيب سمجھان ٿو جو ٽو اِن ٽاور ڪئالالمپور ملائيشيا ۾ مور ساگر جي ڪتاب ’حيدرآباد کان هنزه تائين‘ جي مھورت ٿي. هي مھورت ’ورلڊ اڪيڊمي آف ريسرچ اينڊ پبليڪيشن‘ (وارپ) وارن طرفان هُئي.
چاهيان ٿو ته هِن ڪتاب جو لِکيل مھاڳ ۽ ٻه اکر به هِتي شيئر ڪريان جيئن پڙهندڙ هن سفرنامي پڙهڻ سان گڏ هُن سفرنامي ’حيدرآباد کان هنزه تائين‘ جو لُطف به ماڻين.

الـطاف شيخ (مھاڳ)

پوسٽ ذريعي هي ڪتاب ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ مونکي مليو آهي، جنھن جو مھاڳ لکڻ لاءِ مونکي چيو ويو آهي. پاڻھي ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ ۽ مھاڳ لکڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ئي پروف ريڊنگ وارو فرق آهي. هونءَ تعريف ٻڌي يا وقت گذارڻ لاءِ ڪو ڪتاب پڙهڻ ۾ اهو ٿئي ٿو ته جيڪو جيڪو چئپٽر دلچسپ نٿو لڳي ان کي ماڻھو ڇڏي اڳتي وڌي وڃي ٿو. ڪڏهن ته ايئن به ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ ڪو مزو نه ڏسي، ان جو چوٿون يا اڌ پڙهي ڇڏي ڏجي ٿو. پر مھاڳ لکڻ لاءِ اهو سڄو پڙهڻو پوي ٿو چاهي دلچسپ هجي يا سخت بور! پروف ريڊنگ ۾ به اهو ئي مسئلو آهي، ان ۾ ته هڪ هڪ سِٽ جي ڪاما ۽ فل اسٽاپ تي به ڌيان ڌرڻو پوي ٿو.
بھرحال مور ساگر جو هي سفرنامو ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ پڙهڻ شروع ڪيم ته بس ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو. مطلب ته دلچسپ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڏينھن ۾ ئي ختم ڪري ورتم. مون ڪڏهن هنزه، گلگت ۽ پاڪستان جا ٻيا اتراهان علائقا نه ڏِٺا آهن ۽ نه ڪڏهن انھن کي ڏِسڻ جو ارادو هو، پر مور ساگر جو هي حيدرآباد کان هنزه تائين سفرنامو پڙهي، مونکي به شوق جاڳيو آهي ته جن جن ماڳن تي مور ساگر ويو آهي انھن کي آئون به ڏِسان. پر حقيقت اها آهي ته دوستن جي ٽولي سان گڏ گهمڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، جيئن هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر پنھنجي دوست ۽ ٽيچر انعام ڀٽي ۽ مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ نڪتو. گروپ ۾ گهمڻ ۽ دوستن جي مختلف شھرن، ماڻھن ۽ واقعن بابت ٽيڪا ٽپڻي به سفرنامي کي دلچسپ ٿي بنائي، ڇو جو پڙهندڙ سفرنامي ۾ مختلف شھرن يا جاين جي فقط تاريخ جاگرافي معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن، پر هو اِهو به معلوم ڪرڻ چاهين ٿا ته انھن هنڌن تي پھچڻ ۽ رهڻ ڪھڻ ۾ مسافر ڪھڙا طريقا اختيار ڪيا، هن کي ڪھڙيون دشواريون پيش آيون، ڪھڙين غلطين، ڪوتاهين ۽ اڻڄاڻاين ڪري هڪ مسافر کي جُٺين پُٺين کي مُنھن ڏيڻو پيو. جن کي اڳلو ڌيان ۾ رکي پنھنجي سفر کي بھتر بڻائي سگهي.
”حيدرآباد کان هنزه تائين“ سفر ۾ جتي لاهور ۽ اُتي جي مشھور تاريخي جاين (مينار پاڪستان، شاهي قلعو، بادشاهي مسجد، واگها بارڊر) کان وٺي وادي ناران، جهيل سيف الملوڪ، گلگت، وادي هنزه، سوات ۽ پشاور بابت معلومات ڏنل آهي، اُتي انھن هنڌن تائين پھچڻ ۽ ماڻيل مشاهدن، تجربن ۽ نظارن جو پُڻ احوال ڏِنو ويو آهي، ۽ هي سفرنامو انھن هنڌن تي وڃڻ لاءِ سٺي گائيڊ آهي ۽ گهر ويٺي پڙهڻ وارن لاءِ سٺو تفريحي ڪتاب آهي. ايتريقدر جو مور ساگر جو هي ڪتاب ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ عائشه زرداري جو ”ڪراچي کان هنزه تائين“ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ هاڻ منھنجي به دل چوي ٿي ته هنزه جو چَڪر هڻي هڪ عدد سفرنامو ”هالا کان هنزه تائين“ آئون به لکان.
هڪ همراه مليو چوڻ لڳو: ”مونکي به سفرنامي لکڻ جو شوق آهي پر ولايت وڃڻ لاءِ وسيلا نه اٿم“ عجيب درويش آهين، مون چيومانس، سٺي سفر نامي لکڻ لاءِ ڇا انگلينڊ، فرانس يا جپان آمريڪا جو چڪر ضروري آهي ڇا؟
مون کيس ٻُڌايو ته منھنجو سڀ کان گهڻو پسند آيل ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو ”حيدرآباد کان هالا“ بس ذريعي سفر آهي. جنھن ۾ مون رڳو بس ۾ سوار ماڻھن، ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر کان مختلف مسافرن جي حرڪتن ۽ ڳالھين جو احوال لکيو آهي، جيڪو مون ڪلاڪ کن جي سفر ۾ ڏٺو... ته ڪيئن ڊرائيور پنھنجي لئه ٿو رکي، ڪيئن ڪنڊيڪٽر رستي تي ڳوٺن مان چڙهندڙ غريب ڳوٺاڻن تي رعب ٿو رکي، ڪيئن بس ۾ چڙهندڙ هڪ مرد سامان جي هڙ زال کان کڻائي پاڻ وڏيرو ٿي هٿين خالي چڙهي ٿو. بس ۾ سوار ٻه پوليس وارا ٽڪيٽ وٺڻ کان لنوائين ٿا، ڀٽ شاهه مان ٻه ناچڻيون، ڪاري ديسي ڪڪڙ جيڏن پرسن سان بس ۾ چڙهن ٿيون. ڪنڊيڪٽر جي ڀرپور ڪوشش جي باوجود اهي به ٽڪيٽ نٿيون وٺن، پر اهو آهي ته ان جي بدلي ۾ ڪنڊيڪٽر جي دلپشوري تي هو اعتراض نٿيون ڪن. معاملو ايئن هلندو ڏِسي پوليس وارا به هنن سان فري ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر اهي ٻئي ڄڻيون پوليس وارن کي اهڙا ته کُتا جواب ڏين ٿيون جو پوليس وارا چُپڙي ڪري پنھنجين سيٽن تي شريف ٿي وهڻ جي اداڪاري ڪن ٿا... وغيره وغيره.
بھرحال مون سفرنامو لکڻ واري کي اهائي صلاح ڏني ته هو وسيلن مطابق پنھنجي ملڪ جو، يا پنھنجي صوبي جي ڪنھن شھر جو ئي سير ڪري ان بابت احوال لکي سگهي ٿو. پنھنجي ملڪ جي هر شھر حيدرآباد، ڪراچي کان لاهور پشاور تائين جو سفرنامو ڪيترن ئي لکي ڇڏيو آهي، آئون هاڻ ڇا لکان؟ هن وراڻيو.
دراصل اها به هڪ غلط فھمي آهي. مختلف شھرن يا هنڌن جو ”سفرنامو“ لکڻ ڪا انھن شھرن جي سِٽي سروي ڪرڻ ناهي جو جيڪا هر هڪ ساڳئي ڪري ايندو ته ڪراچي کان حيدرآباد هيترو مفاصلو ٿيو، حيدرآباد کان نواب شاهه هيترو ۽ سکر کان خيرپور هيترو سفرنامو کڻي ساڳئي ملڪ، ساڳئي شھر يا شھر جي ڪنھن ساڳئي ماڳ جو هجي، پر هر هڪ جو احوال، هر هڪ جي ڏِسڻ جي اندرين اک، هر هڪ جي سوچ، معلومات ۽ Observation مختلف ٿئي ٿي. هنزه بابت ماڻھن ڪيترائي سفرناما لکيا هوندا، پر هر هڪ پنھنجي نوعيت جو هوندو. مور ساگر جي هن سفرنامي مان لڳي ٿو ته هن جو مطالعو تمام گهڻو آهي ۽ هن کي شاعري سان به دلچسپي آهي ۽ پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي ۽ سندس شاعري جو مجموعو ”پيار جي پنڌ ۾“ پريت پبليڪيشن حيدرآباد طرفان سال 2005ع ۾ ڇپجي چُڪو آهي. هو سفر ۾ نظر ايندڙ ڪيترين شين تي پنھنجي ۽ ٻين جي شاعري ياد ڪري خوبصورت شعر پڙهندڙن سان به Share ڪري ٿو.
جڏهن به چنڊ ٿا ڏسون، پرينءَ توکي ٿا ساريون،
کڻي اُڪنڊ ٿا جيئون، پرينءَ توکي ٿا ساريون.
مور ساگر اسلام آباد ۾ هڪ حسينا لاءِ لکي ٿو ته: توڙي جو کڻي هن جا پُسيل وار نه هئا ۽ خماريل اکيون به نه هيون، پوءِ به سڀني ڇوڪرن جي دلين تان ڇُري ڦيريندي وئي. اهڙي موقعي تي هي شعر هوائن ۽ هُڳائن کي ڇُھندو اچي دل تائين پھتو:
ھوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي،
پرينءَ وار پنھنجا نه کولي گهمو،
ڪيڏي سونھن تنھنجي آ نِکري وئي،
هوائن ۾ خوشبوءِ آ پکڙي وئي.
وادي ڪاغان جي پھاڙين تي پيلي رنگ جا گل ڏِسي هن کي سنڌ جو باغي شاعر ابراهيم منشي ياد ٿو اچي جنھن لاءِ مور ساگر لکي ٿو “سرنھن جي اهڙن پيلن گلن کان متاثر ٿي شايد ابراهيم منشي گهڙي پَل لاءِ قيد جي پيڙا وساري دل جي ڪنھن گوشي ۾ اميد کي ساري چئي ويٺو هو ته:
سرنھن پيلا جهليندي گل، انھن کيتن ۾ ملنداسين،
ڪَتيون ڪيئي قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسين.
وادي ناران ۾ اُتي جي هڪ قومپرست سان ملي مور ساگر کي پنھنجي وطن جي قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ياد اچن ٿا. جن لاءِ هو لکي ٿو ته: اسانجي قومپرست اڳواڻن جا ٻه روپ آهن، هڪڙو ظاهري ٻيو لڪل، جيڪو لڪل روپ آهي، اهو ظاهري روپ تي وڌيڪ حاوي هوندو آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ ڀوڳيندي ئي رهي آهي. شاعر غلام رسول ٽالپر پڻ سچ چيو آهي ته:
ڪو نه سڄڻ ڪو سنَڌَ ڏِسان ٿو،
ويڪو رهبر رَند ڏِسان ٿو،
دڳ تي دوکان، ڌنڌ ڏسان ٿو
لِڪ ۾ ٿو حق وڪامي!
هر ڪو پر هت پَڪ وڪامي!
جيئن ته شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هن سفرنامي جو ليکڪ مور ساگر بنيادي طرح شاعر آهي ۽ هن جو مطالعو به سٺو لڳي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي جتي ڪٿي پنھنجا شاعر ۽ اديب ياد اچن ٿا. ساهيوال ۾ پھچڻ سان هن جي دل تي شيخ اياز ۽ ان جي لکيل ”ساهيوال جي جيل ڊائري“ تري اچي ٿي. لاهور گهمڻ دوران، هڪڙي بورڊ تي ”ڪوٽ لکپت“ ڏسي هن کي رسول بخش پليجو ۽ هن جو لکيل ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ ياد اچيو وڃي.
بھرحال سفرنامو اهڙي شئي آهي جيڪو ڀلي کڻي ساڳئي ماڳ جو هجي. پر ان ۾ مواد هر لکندڙ جي طبيعت مطابق رهي ٿو. مور ساگر کي شاعر جي ناتي جتي هر هنڌ ۽ هر شئي ۾ سُونھن ۽ حُسن ياد آيو آهي، پنھنجي وطن جا شاعر ۽ اديب ياد آيا آهن، اتي مون جھڙي کي ٿي سگهي ٿو سمنڊ ۽ سنڌو درياهه ياد اچي ها، سکر ۽ ڄامشوري جا بتيلا ۽ هوڙها، مھاساگر جا آفت جيڏا جھاز ۽ فيريون (Ferries) ياد اچن ٿا. ان ڪري سفرنامن لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته ان جو مدار ماڳن، شھرن ۽ ملڪن تي ناهي پر لکڻ واري جي اندر جي اک ۽ جذبن تي Depend ڪري ٿو. ان جي بھتر سمجهاڻي هن لطيفي مان به حاصل ٿي سگهي ٿي.
هڪ نئين شادي ٿيل ڪنوار پنھنجي گهوٽ سان شڪايت ڪندي چيو ته ”آخر اهو ڇو آهي جو منھنجي ساهيڙيءَ جو مڙس هن کي هر وقت منھنجي نيراني هير، ماهتاب، منھنجي ڪَتي ۽ ٽيڙو، ماڪ ۾ ڀنل رابيل، منھنجي شفق... وغيره وغيره، جھڙين پيارين شين سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ هڪڙو تون آهين جو هر وقت مونکي جانور جي نالن سان سڏين ٿو... منھنجي ٿلھي گابي، منھنجي ڪاري مينھن، منھنجي موڳي رڍ، منھنجي ٻ ٻڪري...!“ مڙس چيس ”اها ته ڪا اهڙي ڳالھه ناهي. جھڙي هوءَ پنھنجي مڙس کي پياري آهي اهڙي تون مونکي آهين. پر هن جو مڙس ته ٿيو موسميات کاتي جو آفيسر ۽ ماهر فلڪيات سو ظاهر آهي هو سج، چنڊ ۽ تارن جي ڳالھه ڪندو ۽ جاني! توکي ته خبر آهي ته تنھنجو مڙس ڊاڪٽر ڍور (جانورن جو ڊاڪٽر) آهي سو ظاهر آهي هن جي وات تي هر وقت رڍ، گابي، ڏاچي ۽ مينھن رهي ٿو...“ سو سفرنامن جي معاملي ۾ به اهي ڀلي کڻي ساڳئي هنڌ جا هجن پر سفرنامو لکڻ واري جي طبيعت تي آهي. جيئن چوندا آهن ته ”سرمون هرڪا پائي پر اک اک جو ڦير“. بھرحال مور ساگر جي هن صنف ۾ پھرين ڪوشش آهي ۽ هن ڪافي محنت سان هي سفرنامو لکيو آهي، جنھن لاءِ مونکي پَڪ آهي ته هن کي سٺي موٽ ملندي.
مور ساگر پھرين جنوري 1979ع تي بدين ضلعي جي ڳوٺ ميون ملوڪ ۾ محمد رمضان جوڻيجو جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم پنھنجي ڳوٺ ويجهو رپ جي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي. انٽر ۽ B.A بدين شھر جي اسلاميه ڪاليج مان ڪئي. 1996ع ۾. هي سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جو ميمبر ٿيو جتي هن کي نقاش علواڻي، عطا دل، نور محمد سومرو، نواز کٽي، امر سومرو، ذوالفقار خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، رفيق آس لغاري، محرم راز، امر انصاري جھڙا سٺا دوست مليا. جنھن کان پوءِ هو اڄ تائين شاعري جي سلسلي کي قائم رکندو اچي. گذريل ڪافي سالن کان هو حيدرآباد ۾ ڇپائي جي بزنيس ۾ مشغول آهي ۽ رابعه اسڪوائر، گاڏي کاتي ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليڪيشن تي ڪم ڪري رهيو آهي.

الطاف شيخ
ڪراچي

انعام ڀٽي (ٻه اکر )

جو ڪجهه اوهان پڙهڻ وارا آهيو، جي اهو ٻن اکرن جي سري هيٺ هن ڪتاب ۾ ڇاپيو ويو آهي ته پوءِ پڪ سان اهو ڪوڙ آهي هي ٻه اکر ڪونھن. جي مھاورتن به ٻه ته ٻارنھن سمجهو ٿا، تڏهن به اهي ٻارنھن ناهن.ٻه سٽون به ڪونھن، پر ممڪن آهي ته ٻه صفحا هجن. مور ساگر جي ايتري ساري محنت تي جي ٻه اکر لکان ها ته پوءِ ”بھترين سفرنامو“ جا ٻه اکر لکڻ سان ڳالھه ختم ڪرڻي پوي ها. ڪنھن به سٺي سفرنامي لکڻ لاءِ شاعر جي اک، مطالعاتي مشاهدو ۽ سٺي همسفر جو هجڻ لازمي آهي. ”حيدرآباد کان هنزه تائين“ جو ليکڪ مور ساگر پاڻ شاعر آهي، ڪتاب پڙهندڙ اندازو ڪري سگهي ٿو ته ليکڪ جو مطالعو ڪيترو آهي. باقي ساڻس گڏ سنگت ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي ڪيميڪل شعبي جا شاگرد هن سموري سفرنامي جي سونھن جو حصو هجڻ جي شاهدي آهن. آءٌ پنھنجو ذڪر هنن صفحن ۾ بلڪل ئي ڪرڻ ڪونه چاهيندس جو پھرين صفحي کان وٺي ڪتاب جي آخر تائين ڪيترائي ڀيرا منھنجو ذڪر ڪيل آهي. پڙهندڙن لاءِ اهو واضع ڪرڻ لازم آهي ته هي ”تون مونکي حاجي چئو ته مان توکي غازي چوان“ وارو معاملو ڪونھي. مور سموري سفر جي ڪٿا ۾ ڪٿي به منھنجي ڪا اوڻائي ڪونه ظاهر ڪئي آهي. ممڪن آهي رک رکاءُ ڪيو هجيس، پر آءٌ سمجهان ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا گهٽ وڌائي ٿي هوندم، جنھن جو هڪ ثبوت پشاور کان واپسي وقت سفر جي دورانيئي جو صحيح اندازو نه ڪري سگهڻ ڪري لاهور کان حيدرآباد جي ٽڪيٽن جو زيان ٿيڻ آهي.
مور سان تعلق هڪ گراهڪ ۽ دڪاندار جي حيثيت ۾ شروع ٿيو، پر اڳتي هلي طبيعتن ۽ مزاج جي هڪجھڙائي ڪري دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن به گهمڻ جي سلسلي ۾ ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر جا قصا مور سان بيان ڪندو هيس ته سندس دل ۾ هڪ خواهش پئي ٿيندي هئي ته ”سائين اسان کي به گهمايو“. هن ڀيري جڏهن شاگردن کي مطالعاتي دوري تي پنجاب، پختونخواه ۽ اُترين علائقن ڏانھن وٺي وڃڻ جي ذميواري ملي ته مورساگر کي دل سان صلاح ڪيم ته ”ميان جي هلڻ چاهين ته جي بسم الله“. مون کي اندازو هيو ته مور مسافري بعد سفرنامو ضرور لکندو، پر ايترو اندازو ڪونه هئم ته ڪو اهڙو ڀرپور سفرنامو لکندو. هڪ ئي ويھڪ ۾ سموري سفر جي ڪٿا پڙهي اندازو ٿيم ته مور جي اندر هڪ سُٺي انسان جون انيڪ خوبيون سمايل آهن. سندس سوچ جا مثبت پاسا تمام سگهارا آهن. سفر جي ڪيترين ئي اوڻاين ۽ ڏکائين کي دل جي وڏائيءَ سان ڳڻي سفر جو حصو سمجهي لطف اندوز ٿيندو رهيو آهي.
سموري سفر ۾ واحد مور اهڙو ساٿي هئو جنھن جي سواءِ منھنجي باقي سٿ جي ڪنھن به فرد سان پهرين ڪا ملاقات ڪونه هئي. سفر جي ساٿ ۾ نوجوانن سان مور ساگر جو رلي ملي وڃڻ سندس شخصيت ۽ سڀاءَ جي پختگيءَ جي نشاندهي ڪري ٿو. سندس پرين جي پچار پوري سفر جي ساٿي رهي ٿي ۽ واٽ ويندي سونھن جي جهٽڪي ۾ به کيس پنھنجي محبوب کي پَسڻ جي پچار رهي ٿي. ڌڻي شال سندس محبت تا قيامت برقرار رکي ۽ اها اندر جي اُڃ ڪڏهن نه اُجهائي.
کامان پچان پڄران، لُڇيان ۽ لوچيان،
تن ۾ توئنس پرين جي پيان نه ڍاپان،
جي سمونڊ منھن ڪريان، ته سُرڪيائي نه ٿئي.
(شاھ)
سنڌ جي قومي مسئلن جي ساڃاھ ڪنھن به سنڌي ۾ هجڻ ان جي قومي غيرت ۽ شناس جو اُهڃاڻ آهي. مور جي سفر ڪٿا ۾ سنڌ جي پاڻي کان وٺي معاشي حالتن جو تجزياتي حال احوال انھيءَ جي نشاندهي ٿو ڪري ته هڪ حساس دل ۽ حسين اک رکندڙ شاعر نه رڳو سنڌ جي درد ڪھاڻي کان مڪمل واقف آهي، پر ان درد جي دارون لاءِ پريشان به!
جن ماڳن شھرن ۽ رستن تان منھنجو ڪيترائي ڀيرا گذر ٿيو، انھن جي تاريخي پسمنظر، ڪٿائن ۽ لوڪ ورثن بابت ڄاڻ مور جي هن ڪتاب پڙهڻ مان ملي. مور جو تاريخي توڙي لوڪ ڪٿائي مطالعو پڻ ڪافي آهي، جنھن ڪري پڙهندڙن کي سفر جي لطف سان گڏوگڏ تاريخي ڄاڻ پڻ ملندي. ڪنھن به منظر جي مڪالماتي عڪاسي ڪرڻ لاءِ خوبصورت ۽ معقول تشبيھن جو هجڻ لازم آهي. مور جي شاعراڻي سگهه سفرنامي جي انھيءَ گهرج کي ڀرپور نموني سان ادا ڪيو آهي، ”جُهڙالي موسم ۾ اسلام آباد اُڪري اڳتي ٿياسين ته هڪڙو سِلسلو شروع ٿئي ٿو، جنھن کي ڏِسي اکيون ٿڌيون، چھرا مھڪندڙ ۽ زبان تي سُبحان الله جا لفظ اچن ٿا“. هي هڪ نمونو آهي، پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا ته ڪتاب جي اندر کين پڙهڻ لاءِ هڪ دل تي اثر ڪندڙ مواد ملندو. آءٌ يقين سان چوان ٿو ته ڪوبه اهلِ ذوق هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندو ته هڪ ئي ويھڪ ۾ پورو ڪَري اٿندو.اميد آهي ته ڪنھن به لٻاڙ، وڌاءُ ۽ ڪوڙ کان پاڪ هن سفرنامي جي مڃتا وقت ضرور ڪندو.

انعام ڀٽي
3 ،جالان پلائي پردانا 2/6،
تمان سري پلائي پردانا 81110،
جوهر، ملائيشيا.

پُـــتــرا جايا ڏي پَــنـڌ

---

پُـــتــرا جايا ڏي پَــنـڌ

ملائيشيا ۾ رهندي، سج کي اُڀرندي نه ڏِسي سگهياسين، پر وقت جي حساب سان صبح ٿيو، اُٿي تيار ٿي، خان، سائين انعام ۽ مون ناشتو گڏجي ڪيو.
بيگ ڪُلھي ۾ وجهي، ڪئميرا کڻي روانا ٿياسين، خان کي چيم ادا اِهو نقشو هٿ ۾ رکجان، متان پُترا جايا جي بجاءِ ڪنھن ٻي پٽَ هلي پئون، پوءِ ورڻ جون واٽون وِساري ويھون،
سري پتالنگ اسٽيشن تي آياسين، ٽرين آئي چڙهي ويٺاسين، بندر تاسيس تي لٿاسين، ٿورو اڳيان پنڌ هلياسين، رستي ۾ هڪڙو فنڪار بيٺو هو طفيل سنجراڻي ٽائپ، باجو ۽ ڪپڙا رنگ رنگيلا، وات ۾ واڄو ۽ هڪ هٿ ۾ گٽار، رستي جي هڪ پاسي بيھي پنھنجي ڌُن ۾ لڳو رَهيو، اسان به ساڻس گڏ فوٽو ڪڍرايو ۽ سندس ٻانھن ۾ ٽنگيل ٿانوَ ۾ ڪجهه رنگيٽ وڌاسين، پوءِ اڳتي وڌياسين.
KLi ايڪسپريس آئي، اُن ۾ چڙهي اچي پُتراجايا لوڪل بس اڏي تي لٿاسين، هِتان کان وري لوڪل بسون شھر ۾ کڻي ٿيون وڃن. نالو لوڪل آهي، پر سيراڻي، ڊگهڙي يا ڀڳڙا ميمڻ ويندڙ بسون بلڪل ناهن، هي ڪراچي ويندڙ اي.سي ڪوچن جھڙيون آهن.

اشارن جي ٻُولي

ڪجهه پريشانيءَ جي عالم ۾ هِيڏانھن هوڏانھن ڊوڙياسين صرف اِن ڪري جو هِتي انگريزي ڪير سمجهي ئي نه پيو، ڄڻ ٻھراڙيءَ ۾ اچي لٿا هُجون. هاڻي پُتراجايا ويندڙ بس جو ڪنھن کان ۽ ڪيئن پُڇون، اندر جيڪو ٽڪيٽون پيو ڪٽي اُهو به انگريزي ٺُپ نه پيو سمجهي، اشارن ۾ پيو ٻُڌائي، اشارا اسين نه پيا سمجهون، بس مزو لڳو پيو هو، وقت به پي برباد ٿيو، پوءِ سڀني بسن جي اڳيان گهمياسين ته نالو لکيل هوندا، پُترا جايا پوءِ اُن بس ۾ وينداسين. نيٺ وري به هڪڙي مسافر ئي ٻُڌايو ته فلاڻي بس ۾ وڃي ويھو، اِها ويندي پُترا جايا، اڏي تي بسون ايتريون هيون جيتريون حيدرآباد ۾ بدين ۽ ميرپورخاص بس اڏي تي جتان کان الائي ڪيتريون سروسون ڪيترن ڪيترن شھرن ڏانھن وڃن ٿيون. هاڻي ڀلا اهڙي اڏي تي ڪو انگريز اچي لھي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيڏانھن وڃڻ جو پُڇي ته ڀلا کيس ڪير صحي ٻُڌائي سگهندو. اسان سان به اِهو ئي ڪم ٿيو.
بس ۾ ويٺاسين ڪرايو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊرائيور اشارو ڪيو بانٽ تي لڳل ننڍڙي مشين ڏي، اُن ۾ رنگيٽ وڌاسين جيترو ڪرايو هو ڪَٽيو ٻيا پئسا ۽ ٽڪيٽ اسان کي مشين واپس ڏنا. هڪٻئي ڏي ڏسي چيوسين يار بس ڇا چئون سڄو هفتو ته پنھنجي حُڪمرانن ۽ انتظاميه جي تعريف ڪئي اٿئون، هاڻي کڻي هِن ڀيري بخش ٿا ڪيونَ. ڇا ياد ڪندا اسانجي پياري مُلڪ پاڪستان جا انتظام هلائيندڙ.
بس جو سفر اڌ ڪلاڪ کن جو هُيو، بس شھر مان گُهمي اچي هڪڙي وڏي ميدان تي بيٺي لٿاسين، چئني طرفن نظرون ويون ته حيران ٿي موٽيون، ۽ خوشي ۾ ڄڻ بھار بھار پيا ٿيون، هڪ پاسي ڍنڍ ۽ ڍنڍ ۾ جھازن جھڙا هلندڙ ٻيڙا، ٻي پاسي خوبصورت مسجد، جيڪا هتي پُترا جايا جي سڀ کان خوبصورت جڳھه چئي وڃي ٿي، ٽي پاسي سائي رنگ جا اڏيل گُنبذ، جيڪو ڪنھن بادشاهه، وزير يا امير جو محل هيو، اُن جي اڳيان ٺھيل پارڪ، وڻ، ڇٻر، وڻن جي ڪٽنگ، بس اِن زمين جي ٽُڪري تي ماڻھو ڪيئي ڏينھن گذاري ڇڏي، خبر ئي نه پوي، ايترو سڪون ۽ مزو ڏيندڙ ماحول پيو لڳي.

پُترا جايا مسجد

ڪڍيوسين ڪئميرائون ۽ شروع ٿياسين فوٽوگرافيءَ تي. پھرين رُخ رکيوسين مسجد ڏي، ٻاهرين گيٽ تي جوتا لاهي ٽوڪن ورتاسين. هِتي هڪڙي مونکي نواڻ نظر آئي، هڪ طرف ڳاڙهي رنگ جا پھراڻ جُبا ٺھيل ٽنگيل نظر آيا، جيڪي به انگريز ۽ چيني جيڪي اڌ اُگهاڙا چڍيون پايو ٿا اچن اُنھن لاءِ آهن، پھريان وڃي اُهي ڳاڙهي رنگ جا پھراڻ پھرين، پوءِ مسجد اندر داخل ٿين، اِها مونکي هِتي بِلڪُل نواڻ نظر آئي، انگريزياڻيون پايو وريو کِلن شرمائن، سڄيون اُن پھراڻ ۾ ڍڪجو وڃن، مسجد جي ادب ۽ احترام لاءِ اِهو سسٽم ٺھيل آهي، ۽ اِن تي ڪنھن کي به ڪو به اعتراض ناهي، ڳاڙهو جُبو پايو مسجد اندر گُهمي ڦِري فوٽوگرافي ڪيو، پوءِ ٻاهر نڪرن. هِتي جيڪي به قانون ٺھيل آهن سڀ ماڻھو انھيءَ تي عمل ڪندڙ آهن، پر اسانجي مُلڪ جي قانون ۽ قانون مڃرائيندڙ جي ڇا ڳالھه ڪجي. اسان وٽ جيڪو به قانون جو رکوالو هوندو، اُهو پاڻ ئي قانون ٽوڙيندو، جيڪو جنھن اداري جو چوڪيدار هوندو، چوري به اُهو ئي ڪندو، اسان جي مُلڪ جو قانون ابوالڪلام آزاد جي لفظن ۾: ”اسانجو قانون اهڙو ڄار آهي جنھن مان ڍڳو آساني سان گذري وڃي ٿو ۽ مک ڦاسي پوي ٿي“ اِها هڪ حقيقت آهي پنھنجي طرفان آئون ڪو به وڌاءُ نه ڪري رهيو آهيان. اسان کي جنھن شئي جي منع هوندي اُها ئي ڪنداسين ۽ نتيجي ۾ رڳو وسي پئي ڌوڙ جيڪا پاڻ کي لڳندي رهي ٿي.
مسجد اندر داخل ٿيون ٿا، واهه جو اڏاوت جو نمونو آهي. داد اُنھن پورهيت ڪاريگر هٿن کي جِن هِن مسجد کي ٺاهيو، سينگاريو ۽ سنواريو آهي. اندر گيٽ وٽ اڇي ڏاڙهيءَ سان چاچو، جنھن کي اسانجي نيوي فوج جھڙي وردي پاتل هئي. چيائين آئون هِتي والنٽيئرلي گارڊ طور ڪم ڪندو آهيان. اِها وڏي ڳالھه آهي. اسان ساڻس گڏ فوٽوڪڍرايا. ڏاڍو خوش ٿيو.
مسجد اندر تمام وڏي آهي، هزارين ماڻھو نماز پڙهي سگهن ٿا، اندر ڳاڙهاڻ گهڻي نظر پئي آئي، يعني انگريز ۽ چينائي جن کي ڳاڙها پھراڻ پھريل هئا، اُنھن جا ٽولا نظر آيا.
گهمي ڦِري ٻاهر نڪتاسين، ڪالھوڪا همراه ايران وارا گڏيا، خان ته پوءِ يڪو ئي ڊاڪٽرسيد عباس احمدي جيڪو تھران يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي، سان ڪچھري ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڪجهه دير صبر ڪيم، نيٺ اشارو ڪيومانس ته ڇو پيو هنن جو ۽ پنھنجو وقت وڃائين، ڊاڪٽر سان گڏ مايون به هيون، جنھن ۾ هڪ سندس زال ٻي پوڙهي ماءُ يا سس ٿي پئي سگهي، هن جي انتظار ۾ بيٺيون آهن، آئون خان جي انتظار ۾، ۽ هي يڪو انگريزي ۾ ڪچھري ۾ مگن ٿي ويا.
هاڻي هل ته ڪِٿي ڪجهه کائون پيئون، خان چيو هاڻي صفا BP لو پئي ٿئي، ڍنڍ طرف رُخ ڪيوسين، هيٺ سيڙهيون وڃي رهيون هيون، هيٺ جو لٿاسين ته شھر ۽ رنگ ته سڀ هيٺ لڳا پيا آهن. ڍنڍ جي ڪناري اُن شھر جي ڇت مٿان هلياسين پي پارڪ سمجهي، هيٺ کانئڻ پيئڻ جي هر شئي موجود آهي، تريل شيون ته الائي ڪيترن قسمن جون، کاڌا به پاڪستاني، انڊين، ملئي، چيني وغيره وغيره، جنھن جي جيڪا پسند سو آرڊر ڪري کائي، هڪڙي ريسٽورينٽ تي ويٺاسين، رش ڏاڍي هئي ڪائونٽر تي سڀ ڪو پنھنجي پسند جون شيون وٺندو کڻندو اچي ٽيبل تي تي ٿي ويٺو، ايئن نه هو ته بيئرو اچي ۽ آرڊر وٺي، هتي حلال حرام سڀ شيون ٺھيون سجيون پيون هيون. جنھن کي جيڪو وڻي سو وٺي، تڪا، پراٺا، هانڊي گوشت، برياني، مڇي، سڀ شيون گهرايوسين ۽ ٽيسٽ ڪيوسين، ڏاڍي سھڻي نموني سان تيار ڪيل ۽ سجايل سامھون پيون آهن. ماني کائي مٿان ڪول ڊرنڪ پي، تازا توانا ٿي وياسين گهمڻ. گفٽ سينٽر ۽ ڪپڙن جا دُڪان، هر قسم جون شيون موجود آهن.
هڪڙي دُڪان تي آياسين جتي، انڊيا جا همراهه رنگ به رنگي پکي رکيو ويٺا هئا، اُنھن پکين سان گڏ فوٽو ڪڍرائي ۽ انھيءَ وقت ڏِنا پي ويا. چڱا خاصا مھنگا هئا، اسان چيو اسان وٽ پنھنجون ڪيمرائون آهن پاڻ ٿا ڪڍون، ايئن نه پيا ڪرڻ ڏين، هتي به اڪثريت ڇوڪرين جي هئي، جن اِهو ڪم پي ڪيو. اسان چيو ٺيڪ آهي.

گهمي ڦِري فوٽوگرافي ڪري، سوچيوسين ڍنڍ اندر جيڪي ٻيڙا پيا هلن اُنھن ۾ چڙهي گهمي ٿا اچون، پھريان ته ٽڪيٽ گهر نه پيو ملي، پوءِ مُشڪل سان ٽڪيٽ گهر هٿ ڪيوسين ته پئسا ته گهڻا ٻُڌائي ئي پيو پر وقت جيڪو ٻُڌائي پيو ايترو اسان وٽ وقت بلڪل به نه هو، پوءِ اِن سَڌ مان به ڪڍياسين هٿ. واپس آياسين هاڻي اسان ڪنھن هڪ جاءِ تي ٻه ٽي ڪلاڪ سيڙايون ايترو وقت اسان وٽ آهي ئي ڪو نه، سائين انعام انتظار پيو ڪري، هِتان گهمي وينداسين KL پوءِ شاپنگ ڪنداسين ۽ اڄوڪو ڏينھن ئي آخري آهي، ڏينھن ڇا بس هاڻي شام وڃي رهي آهي.
ٻه طرف گهمي ٻاهر نڪتاسين هاڻي اُن طرف ڏانھن پيا وڃون جنھن پاسي محل پيو نظر اچي. ڪو به نئون ماڻھو جيئن اسين هئاسين سمجهيوسين ڪا وڏي مسجد ٺھيل آهي ڇو ته ٻه کان وڌيڪ گنبذ ٺھيل هئا اُهي به گرين ڪلر جا، پري کان ته هرڪو سمجهندو مسجد آهي. پر هي وزير اعظم جو دفتر آهي، هن محل جون سيڙهيون ۽ سيڙهين جي ٻنھي طرفن کان گُلزاري ۽ ڪٽيل وڻن جا نظارا ڇٻر وغيره گرينري اهڙي ته هئي جو دل پئي چوي بس پوئتي جا سڀ اُلڪا اُڇلي ذهن تان ۽ هِن ڇٻر تي ويھي ڪو وقت گذارجي. ها ڪي اهڙا جوڙا به ڏِٺاسين پي جن کي پوئتي جلدي ورڻ جو ڪو به اُلڪو نه هو ۽ خوب انجواءِ ڪري رهيا هئا، اکين ۾ اکيون وجهيو ويٺا هئا، ڪي وچن واعدا پاڙي رهيا هئا، يا ته ڪي پل سڪون سان گذاري رهيا هئا.
دِل چوي ٿي او صنم!
دِل چوي ٿي او صنم! توکي نيڻن ۾ رکي
دِل دريا ۾ خوب وهنجاريان سکي
دِل چوي ٿي توکي ٻانھُن جا هار ٺاهي
ڪونج ڳچي تنھنجي ۾ پائي ڇڏيان
۽ پنھنجي آڱرين کي موتيءَ جا گُل بنائي
تنھنجي وارن ۾ سجائي مان رکان.
دِل چوي ٿي او صنم!
دِل چوي ٿي او صنم! هي سُونھن تنھنجي
آبِ زم زم وانگر پي وڃان
پي وڃان پوءِ جي وڃان ها، جي وڃان
۽ پنھنجي وجود ۾ رڳ رڳ اندر
رت پنھنجي سان رلائي ٿو رکان
ساهه پنھنجي ۾ سمائي تو ڇڏيان
دِل چوي ٿي او صنم!
دِل چوي ٿي او صنم!

۽ اسين صرف پنھنجي ڪئميرائن ۾ اُهي پل محفوظ ڪري رهيا هئاسين. دِل کي صفا پُٺيرا ٿي، ڇو ته دِل ته دِل آهي.
دل تو ہے دل، دل اعتبار کیا کیجئے
آ گیا جو کسی پے پیار، کیا کیجئے۔

وفاقي انتظامي مرڪز

ملائيشيا جو هي نئون قائم ڪيل شھر آهي، جيڪو هاڻي ويجهڙي وقت ۾ ٺاهيو ويو آهي، جنھن جو بنياد 19 آڪٽوبر 1995ع ۾ وڌو ويو ۽ پوءِ 1 فيبروري 2001ع کان هِن شھر کي وفاقي علائقو سڏيو ويو. هن علائقي جو انتظام پُتراجايا ڪارپوريشن جي زيرنگراني هيٺ هلي ٿو.
هن علائقي جي پکيڙ 49 ڪلوميٽر ٻُڌائي وڃي ٿي ۽ هِن جي آبادي 2010ع تائين 67964 ٻُڌائي وڃي ٿي. هي شھر ڪوالالمپور جي ڏکڻ ۾ 25 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هي علائقو ملائيشيا جو وفاقي انتظام هيٺ آهي.
باقي رهيو چوٿون طرف، اوڏانھن جو نظرون ويون ته رڳو گاڏيون ئي گاڏيون ڏٺيوسين، جن واپسيءَ جو رستو ٿي ڏيکاريو، اسان به اچي گاڏين جي ڀرَ ورتي ۽ واپسيءَ جي گاڏيءَ جي ڳولا ڪئيسين، گاڏي ۾ ويٺاسين، سائين انعام جو به فون آيو، چيوسين سائين هاڻي نِڪرون پيا گاڏي ۾ ويٺا آهيون.
هِتان واپسيءَ وقت ڪرايو هڪ هڪ رنگيٽ وڌيڪ ورتائون، چيوسين ته اسان هُتان کان گهٽ ڪرائي ۾ آيا آهيون، هاڻي وڌيڪ ڇو؟ پر ڪھڙو بحث ڪجي پرديس ۾ ٻيو ته اسان کي صحي طرح ڀاڙي جي خبر به ناهي، حالانڪ اسانجي سڪي مطابق هڪ رنگيٽ 33 روپين جو هو اسان وٽ 10 روپيا به وڌيڪ وٺن ٿا ته بحث ڪيون ٿا، پر هتي 33 روپيا وڌيڪ ڏئي به خاموش ويٺا آهيون. بس ڪِن جو ايمان صحي هوندو آهي ڪي ته سوچيندا آهن هي الائي ڪھڙي مُلڪ جا مسافر، هنن کي ڪھڙي خبر ته ڀاڙو ڪيترو آهي، هڻين ڪينچي.
آياسين ساڳي اسٽاف تي، جتان کان چڙهيا هئاسين لوڪل بس اسٽاف ’پُترا جايا سينٽرل‘.

ٿڌو ساهه ڀريوسين مُفت ۾ جان ڇُٽي

وڌياسين اسٽيشن ڏانهن جتي اسانکي ٽرين ۾ چڙهي سينٽرل اسٽيشن تي لھڻو هو، سائين انعام به اُتي اچڻو هو، ۽ پوءِ اُتان کان شاپنگ ڪرڻي هئي، اسان جو پروگرام ايئن هو. ٽرين آئي، چڙهياسين، هاڻي جڏهن لٿاسين ۽ لڳل مشينن ۾ ٽوڪن وِڌاسين ته مشين ٽوڪن ئي نه پئي وٺي هڪ ۾ ٻي ۾ ٽي ۾، هاڻي پريشان ٿي وياسين مسئلو ڇا آهي، اسانکي پريشان ڏسي پريان شيشي جي ڪئبن ۾ ويٺل ڇوڪري گارڊ کي اشارو ڪيو اسانکي پاڻ ڏانھن وٺي اچڻ جو. گارڊ اسانکي اشارو ڪيو پريان ڇوڪري کان معلومات ڪيو. اُن کي ٽوڪن ڏناسين ۽ هُن پُڇيو ڪِٿي توهان کي لھڻو هو ٻُڌايوسين ته هتي ئي، چيائين پر اوهان ٽوڪن تي پوئين اسٽيشن جيڪا ڇڏي آيا آهيو اُنھي جو ورتو هو، خير اسان جي چھري مان ئي سمجهي وئي ته هنن ڄاڻي ٻُجهي ايئن ناهي ڪيو نه ته وڏو ڏنڊ لڳي ها. پوءِ اسان کان ڪجهه ٻيا پئسا وٺي ٻيا ٽوڪن ڏنائين، جيڪي مشين ۾ وڌاسين ته مشين ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏِني، پوئتي مُڙي هٿ لوڏي سندس شڪريو ادا ڪيوسين، ۽ اسان به ٿڌو ساهه ڀريو جو مفت ۾ جان ڇُٽي، ڏنڊ هڻن ها ته پوءِ هتي ڪير اسانجي جان ڇڏائي ها. خان کي چيم يار هي واقعو به واهه جو ٿيو، ڄڻ منھنجي سفر نامي ۾ هڪ صفحي جو اضافو ٿي ويو . اسان کي ڪنھن به تڪليف جي بجاءِ خوشي ٿي ته سسٽم ڪيڏو صاف سٿرو ۽ ٽرانسپيرنٽ آهي. اسانجي ملڪ ۾ اهڙو مسئلو هجي ها ته شايد بغير ڪنھن کان پُڇڻ جي مشين جي مٿان ٽپي هُن پاسي هليا وڃون ها. جتي قانون آهي ته اُن تي عوام عمل ڪري ٿو، اسان وٽ قانون آهي ڪونه، جي آهي ته قانون جا پاسدار ئي اُن کي تار تار ڪريو ٿا ڇڏين.
اِن وچ ۾ سائين انعام جي فون اچي وئي ٻُڌايوسين ته جتي اوهان چيو هو اُتي ئي بيٺا آهيون، چيائين آئون به پُھچان پيو. ڪجهه گهڙيون انتظار ڪرڻ کان پوءِ سائين انعام به اچي پھتو، هاڻي هلون ٿا شاپنگ ڪرڻ چيائين. اسان ته هِتان کان ئي شاپنگ شروع ڪري ڇڏي اسٽيشن تان ئي ڪجهه پيڪيٽ چاڪليٽن جا ورتاسين، لوهه جي بڪسن ۾ خوبصورت پيڪنگ هئي. جيئن مڪي مان کجور آڻيندا آهن، ملتان مان حلوو آڻيندا آهين، ميھڙ کان مائو ايندو آهي، جنگشاهي کان بالوشاهي ۽ شڪارپور کان جيڪو موٽندو آهي سو آچار (سانڌاڻو) وٺيو ايندو آهي، ايئن ئي ملائيشيا جي هڪ سوغات آهي چاڪليٽ، تنھن ڪري اسان چاڪليٽ وڌيڪ تعداد ۾ ورتا. سڀني ۾ ورهائڻ جي لاءِ.
شاپنگ سينٽر پھتاسين، سائين پھريان ڪو ڪيفي ڳوليو ٻه ٽي منٽ ويھون پاڻي پيئون، چانھه ملي ته چُڪو پيئون، پوءِ ئي هلڻ جھڙا ٿينداسين. سائين پُڇيو ماني کاڌي آهي چيوسين ماني ته ايتري کاڌي آهي جو رات وارو ويلو نه کاڌوسين ته به ڪم هلي ويندو. پر چانھه ڪِٿي نه ملي آهي، اڄ چانھه پيار، پر پاڻ واري سنڌ جي ’دود پتي‘. هاڻي اڳيان سائين پُٺيان اسين شاپنگ جي بجاءِ ڳوليون پيا چانھه جو هَٽ، هيٺ لھون وري مٿي چڙهون، سڄو سينٽر ڳوليوسين نيٺ وڃي هڻي هنڌ ڪيوسين، هڪ هنڌ ڪيفي نظر آئي. ڏسندي ڄڻ ٿڪ ئي لھي ويا، ڪيفي به زبردست هيو ۽ چانھه به دود پتي جي فرمائش ڪئيسين، ملي به اهڙي وئي، جھڙي هِتي لالا ٺاهي ڏيندا آهن. بس ڄڻ اسانکي آڪسيجن ملي وئي.

هاڻي آس پاس جي منظرن ڏانھن نظرون ويون، ڪي اڪيلڙيون جوانيون، ڪِن سان ساڻ ساٿي، سڀئي پنھنجي پنھنجي مستيءَ ۾ مگن، اسان پويان ويٺل هڪ جوڙو ڏِٺو، جنھن ۾ ڇوڪري ته ڏاڍو خوبصورت هئي، جيڪا مٿي پٿر جي ٺھيل ڪُرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ ڇوڪرو سندس سامھون پيرن وٽ ويٺو هو، هاڻي اسان ٽنھي جون نظرون اوڏانھن ئي ويون، ڇوڪرو ڪنھن به لحاظ کان سندس جوڙ جو نه هو، پوءِ به سندن گفتگو ڪرڻ جي انداز ۾ اِهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته يا ته نوڪر آهي يا وري ڪرائي تي کنيل آهي. ۽ ڇوڪري برگر ڪنھن امير خاندان جي پئي لڳي. اسانجي ٻُڌل ڳالھه آهي ته اهڙن آزاد خيال مُلڪن ۾ ايئن آهي ته امير ڇوڪرا گهمڻ لاءِ گائيڊ طور خوبصورت ڇوڪري کڻندا آهن ۽ کيس هوٽل تي به رهائيندا آهن. ساڳين ئي نموني امير ڇوڪريون جيڪي اڪيليون گهمڻ اينديون آهن، اُهي گائيڊ لاءِ ڪنھن ڇوڪريءَ کي کڻنديون آهن. هي معاملو به ڪجهه ايئن پيو لڳي.
اسان به سڄي ماحول تان نظرون گهمائيندي چانھه جا ڪوپ به خالي ڪري ورتا، پئسا ڏئي اُٿياسين. هاڻي ڄڻ توانا ٿي هيٺ لٿاسين. خان چيو سائين پھريان واش روم ڏانھن ٿا هلون، پوءِ يڪو ٿا شاپنگ ڪيون. وري ڳوليوسين واش روم، واش روم سولو ملي ويو. حقيقت ۾ واش روم ڳولڻ هت کان پنھنجي ملڪ ۾ آسان آهي، ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ 40 فوٽن جي فاصلي تان ڌپ ٻُڌائيندي ته واش روم هِن پاسي آهي، پر هتي اهڙي ڪا به ڳالھه ناهي، واش روم ۾ ويندا، ڪِٿي به توهان کي ڪو داغ ڌٻو، يا ڪا پان جي پچڪاري يا ڪي مکين جا ميڙ بنھه نظر نه ايندا. ڏاڍن صاف سُٿرن ۽ واش رومن ٻاهران ويٺل ليڊيز به ڄڻ ڪنھن آفيس ۾ ڊيوٽين تي آيل هجن، صاف سُٿرا ڪپڙا ۽ ميڪ اَپ ٿيل چھرا.

بگوس لا

ٻاهر ٺھيل پٿر جي بئنچ تي خان جي اچڻ جو انتظار پي ڪيوسين ته اسان جي اڳيان هڪ اهڙي صورت گذري، پاڻ ته خوبصورت هئي پر سندس لباس به منفرد هو. ڇوڪري پاڻ به پنھنجي لباس ۾ پئي ڏِسندي وڃي، اهڙي انداز سائين انعام کان به ملئي زبان جو هي جملو چورايو ’بگوس لا‘ ڇوڪري ٿورو اڳتي وڃي ڪنڌ ڦيري پوئتي مڙي ڏٺو ۽ مُسڪرائيندي هلي وئي.
سائين اِن سھڻي کي ڇا چيئي جو مُڙي ڏِسي، مُسڪرائي هَلي وئي. چيومانس بگوس لا (سائين چيو، خوبصورت شئي کي ملئه زبان ۾ ’بگوس لا‘ چئبو آهي). هاڻي مون به مُسڪرايو واهه سائين! آئون به چوان ڇوڪري پوئتي لوڻو ڦيري مُسڪرايو ڇو، کيس کي تعريف وڻي وئي.
جي ڪيان تعريف تنھنجي، ڪيئن ڪيان ڪھڙي طرح،
سونھن تنھنجي تي لِکان پر، ڪيئن لِکان ڪھڙي طرح.
لوڪ ساري جي نگاهُن کان بچايان يار توکي،
ها رکان اَک ۾ يا دِل ۾، ڪيئن رکان ڪھڙي طرح.
هو جي تنھنجي جان جو ڏيئي قسم پوءِ ٿا پُڇن،
ڳالھه تِن کان پو لِڪائي، ڪيئن سگهان ڪھڙي طرح.
مونکي وري منھنجو غزل ياد آيو، هاڻي رُخ رکيوسين پھريان ڪپڙن واري پاسي، هِتي جا ڪپڙا ته اسانجي سمجهه کان مٿي آهن، خان کي چيم يار هھڙا ڪپڙا پاڻ جي پنج هزار وارو سوٽ به وٺي هلنداسين ته پاڻ واريون مايون چونديون هي ته ڪھڙي قسم جو بيڪار سوٽ آهي، سو ٻيلي پاڻ کان ڳالھه زور آهي، آئون ننڍڙن ٻارڙن جا ٿو ڏِسان ڪي ملي وڃن ته. وڏي ايراضي ۾ پکڙيل ڪپڙن جا اسٽال آهن، پر سچ ته اسانجي سمجهه ۾ ايندڙ ڪجهه به نه هو. پر هِتي جي ڪلچر ۽ رواج مطابق هِتي جي ماڻھن لاءِ خوبصورت هوندا. بس ٻه ٽي ٻارڙن جا سوٽ ورتاسين. نه وڻڻ جي باوجود به چيوسين ڪجهه نه ڪجهه ته وٺون. اسان ته واندا ٿي وياسين، پر سائين انعام کي ڪا به شئي سمجهه ۾ نه پئي اچي، اهو ته اسانکان گهڻو گهميو ڦِريو، پر ڪا به شئي وٺي نه سگهيو، اسان سندس انتظار ڪيو، پر ٿڪاوٽ وري اچي ورايو ۽ آس پاس ڏٺوسين، ڪا ويھڻ لاءِ جاءِ ملي وڃي. سامھون هڪڙي حجام جي دُڪان تي نظر پئي، جتي بئنچ خالي پئي هئي، دُڪان ۾ اندر آياسين ڇا ڏِسون ته مائي پئي مرد جا وار ٺاهي، خان کي چيم خان يار پاڻ الائي ڪِٿي هئاسين، اجايو روز پنھنجي هٿن سان شيوَ ڪندا هئاسين هِتي ته رنگ ئي ٻيا لڳا پيا آهن. خان چوي آئون ٺھرايان ٿو چيم يار سائين انعام جي خبر اٿئي ايندو ته تڪڙ ڪندو، واندا ٿي وٺون پوءِ ٿا وار ٺھرايون. حجام جيڪا مائي هئي جنهن هر هر پويان پي ڏِٺو ته الائي گراهڪ آهن يا تفريح پيا ڪن، اسان به محسوس پي ڪيو، پر مجبوري هئي، صبح 8 وڳي کان مسلسل پيرن پنڌ هليا آهيون، سو هاڻي پيرن تي بيھڻ جو دم ئي نه هو.

اوهان وٽ وقت ڪِٿي آهي

خان ٿو چوي يار سائين کان پُڇ ته ڪِٿي مساج سينٽر آهي ته مساج ڪرايون، ٿڪ لھي، سائين آيو پُڇا ڪئيسن ته سائين ٻُڌايو کوڙ آهن مساج سينٽر، پر اوهان وٽ وقت ڪِٿي آهي. ڪُجهه خريد ڪري وٺون ۽ وري به اُٿياسين، ڪجهه نه ڪجهه وٺڻ لاءِ پرفيوم جي دُڪانن تي وياسين، گهڙين جي دُڪانن تي، بس رُڳو گهمي ڦِري وقت وڃايوسين، ورتوسين ته ڪجهه به نه، ڪجهه سمجهه ۾ آيو ئي نه ٿي، ها باقي ٻه جملا جن جو شروع کان ئي استعمال ٿيندو رهيو، پر هر هر لکان نه پيو، هِتي تقريبن اسان جو واسطو مرد دُڪاندارن سان گهٽ ليڊيز سان وڌيڪ ٿي پيو، هتي آهن ئي ليڊيز 80% ليڊيز آهن هر ڌنڌي ۾، سو هڪ ته ڪنھن کي نخرا ڪندي ڏِسون ته خان چوي ’واهه چانڊيا تنهنجي لئه‘، ٻيو ته هو اسانکي نه سمجهن اسان هُنن کي نه سمجهون ته پوءِ خان چوي ’ظفر خاصخيلي کي سُڃاڻو‘ اُنھيءَ سلام ٿي ڏِنا اِهي ٻئي جملا سڄي سفر ۾ اسان استعمال ڪيا.
سائين انعام آيو پڇيومانس سائين ڏيو خبر ڪجهه سمجهه ۾ آيو يا اسان وانگر خالي گهمي ڦِري آيا، بس ڪجهه ورتو آهي. چيوسين سائين هاڻي اسين ته صفا ٿڪجي چُور ٿي پيا آهيون. ٽوڪ ڪندي چيائين جوان لڳا پيا آهيو آئون به ته اوهان سان گڏ پيو هلان، چيم سائين برابر پر تنھنجي پيرن کي هي پنڌ ساريل آهن، اسان لاءِ سڀ راهون، رستا نوان آهن، فرق ته پوي ٿو. اڃا ڪُجهه گُهمي ڦِري وٺو، پوءِ وڃجو، خان چيو يار لڳي ٿو پاڻ اهڙي ئي ٿڪاوٽ کڻي هلي فليٽ تي سُمھنداسين.
سائين هاڻي هلو فليٽ تي فريش ٿي ڪجهه گهڙيون آرام ڪري پوءِ ٿا رهيل شاپنگ ڪريون، آياسين ڪجهه گهڙيون آرام ڪيوسين، وقت به گهڻو گذري چُڪو هو، خان چوي هاڻي هل ته هلون، چيم خان هاڻي اِها حسرت دل ۾ ئي دٻائي رک جو وقت پاڻ وٽ بلڪل به ناهي بچيو اڃا ته ڪُجهه ورتو به ناهي ۽ 10 وڳي شھر بند ٿي ويندو، صبح 8 وڳي کان پھرين پاڻ کي ملائيشيا ڇڏڻو پوندو.
خان چانھه ٺاهي جيڪا پي نڪتاسين شھر ڏي، پر ڪنھن شاپنگ سينٽر نه وڃي سگهياسين بس ٿورو گهڻو هيڏانھن هوڏانھن گهمي ڦِري هڪ هوٽل تي وڃي ويٺاسين، ماني کاڌيسين، تيستائين وقت به ٿي ويو شھر بند ٿيڻ جو، پوءِ وري به واپس آياسين فليٽ تي ۽ چيوسين هاڻي هلي ڪولمبو مان ڪجهه وٺنداسين.

ملڪ جي تقدير بدلائڻ کان ته رهياسين

ڪُجهه دير پير پَسارياسين جو اڄ گهڻو پنڌ ڪيو هو، اصل پيرن ۾ ڄڻ ٽانڊا هُجن. ڪجهه دير کانپوءِ خان چانھه تيار ڪئي، چانھه به پيتي ۽ گڏوگڏ پيڪنگ به ڪندو رهيس، سائين انعام به سندس بيگ جي سيٽنگ ڪئي. خان وري سندس بيگ ۾ رکيل سامان ڪڍي وکيري ڇڏيو، پُڇيومانس ته چيائين اِهو منھنجو مسئلو آهي، يار انسان آهيون اک لڳي وڃي صبح دير سان سُجاڳي ٿئي، پوءِ ڪيئن تڪڙ ۾ سامان سميٽي سگهندين، پر همراه ڪو مُڙي صفا ٻروچڪي ڪري بيھي رهيو، مون به کڻي بس ڪئي.
مون پنھنجي بيگن جي سيٽنگ ڪري اُنھن کي هڪ سائيڊ ڪري رکيو پوءِ ڪجهه دير خان ۽ مون ڪچھري ڪئي. چيومانس يار خان پاڻ واپسيءَ ۾ ٻه ٽي ڏينھن سريلنڪا ۾ اسٽي ڪيون ته سفر ڏاڍو سُٺو ٿي پوندو. سُڀاڻي ڪولمبو پُھچي ڳالھائينداسين، جيڪڏهن اِيئن ٿي ٿو وڃي ته پوءِ ٻه ڏينھن سريلنڪا ۾ رهي پونداسين.
ڪُجهه ملائيشيا بابت هڪٻئي جا تاثرات ٻُڌاسين ته ملائيشيا ڪيئن آهي، جيئن ٻُڌوسين، تيئن ڏٺوسين يا نه؟ وغيره وغيره ۽ پنھنجي ملڪ جي به ڀيٽ ڪندا رهياسين، تعريف کانسواءِ ٻيو ڀلا ڇاٿا ڪري سگهون، پنھنجي ملڪ جي تقدير بدلائڻ کان ته رهياسين، پوءِ کيس لفظن ۾ ئي بدلائي ٿا ڇڏيو. ٻيو ڇا ڪيون.

واپسي

واپسي

صبح جو پھرين مونکي سُجاڳي ٿي. آئون وهنجي سھنجي تيار ٿيس ته خان کي اُٿاريم، خان به تياري ڪري ورتي، سائين انعام کي به اُٿاريوسين، اُهو به تيار ٿي ويو. هاڻي مون پنھنجا موبائيل کيسي ۾ ٿي کڻڻ چاهيا، هڪڙو ته گڏ هوندو هو، هڪڙو موبائل نوڪيا وارو اچڻ سان ئي بند ڪري رکي ڇڏيو هُيم، اُهو موبائيل نه پيو ملي، موبائل موبائل ڪندي ٻئي بيگون واپس کوليم هڪ هڪ شئي کي اُٿلائي ڏِٺم ۽ گڏوگڏ ڄڻ ته بدن مان سَت به پيو وڃي، ڄڻ ته BP لو ٿيندي وڃي. هاڻي مونکي پَڪ ٿي وئي ته ڪالھه فليٽ جي صفائي لاءِ جنھن ڇوڪري کي گهرايو هوسين، جنھن سڄو فليٽ صاف ڪري هنڌ بسترا ڇنڊي صاف ڪيا هئا، اُهو ئي کڻي ويو، ڇو ته موبائل مون ٽيبل جي خاني ۾ رکيو هو. ذهن ۾ الائي ڇا ڇا سوچي رهيو آهيان ته واپس نٿو وڃان موبائل ڳولي پوءِ ويندس.
منھنجي اهڙي حالت ِڏِسي نيٺ سائين انعام ۽ محمد خان کي اِهو چوڻون پيو ته هاڻي پريشان ٿي ڇا ڪندين، وڃڻي شئي وئي. ڄڻ اڌ اُجهاميل جسم سان اُٿيس هينڊ ڪيري جو هينڊل ڇڪي ٻاهر ڪڍيم ۽ مٿين خاني ۾ ڪجهه رکڻ چاهيم ته اندر هٿ کي ڪا شئي لڳي، ڏِسان ته موبائل. ’ٻار ڪِٿي ٻار ڪڇ تي‘. بس ٿڌو شوڪارو ڀري رب جو شڪر ادا ڪيم. ڄڻ ته توانائي بحال ٿي وئي پوءِ خوشي خوشي مان فليٽ تي آخري نظرون وجهي ٻاهر نڪتاسين. ٽيڪسيءَ کي اشارو ڪيوسين، اچي ڀر ۾ بيٺي، ويٺاسين KL کان ايئرپورٽ تائين اسانکي ڪلاڪ ڏيڍ لڳي ويو.
ڪئالالمپور ايئرپورٽ پھچي بورڊنگ ڪارڊ ورتاسين، ۽ پاسپورٽ تي KELUAR جا اسٽيم لڳرائي سامان چيڪ ڪرائي سندن حوالي ڪيو، هاڻي مزي سان ايئرپورٽ تي هيڏانھن هوڏانھن پي گهمياسين، ڪجهه شيون هِتان به ورتيوسين ۽ انھن ۾ هڪ هڪ پيڪيٽ چاڪليٽن جو به هو، ورتوسين. ڦِرندا ڦِرندا اچي لائونج ۾ ويٺاسين.
هڪ پاسي نظر ڪئيسين ته خضدار وارو سائين محمد خان جتڪ به پنھنجي فيملي سان گڏ ويٺو هو، سندس فيملي جي ڪري اسين ساڻس هٿ ملائڻ نه وياسين ته هُن اُٿي اچي اسان سان هٿ مِلايو، مون مذاق ڪندي چيو سائين اڳ ۾ ٻه خان محمد ئي ايئرپورٽ وارن لاءِ مسئلو هئاسين هاڻي ته وري ٽي خان محمد ٿي وياسين، سڀئي اچي کِلياسين.
ٿوري دير کانپوءِ ڪنن تي آواز پيو ته سريلنڪا ايئرلائين 319 جا مسافر اچن. لائين ۾ هلڻ لڳاسين، جھاز ۾ اندر داخل ٿياسين ته خان کي چيم خان هاڻي بابا پاڻ به عوامي آهيون اُن ڪري، هنن سيٽن تان نظرون گهمائي پوئتي هليو هَل.
پنھنجا پنھنجا سيٽ نمبر ڳولي ويٺاسين، ٽي سيٽون گڏ هُيون، سائين انعام جو سيٽ نمبر 11، منھنجو 12 ۽ 13 نمبر ڪاري وڳي واري ڪونج جو هو، جيڪا دروازي مان نِڪتي ته کُليل وارن ۾ آڱريون ڦِيريندي سِيٽ نمبر پڙهندي آئي، دِل ۾ ڌڪ ڌڪ ٿي ته ڪاش انھيءَ جو 13 نمبر هُجي، بس دِل ۾ اڃا خيال ئي آيو ته اسانجي سيٽ مٿان اچي بيٺي، اردو ڳالهائيندڙ هئي چيائين پليز مونکي گُذرڻ ڏيو، آئون پنھنجي سيٽ تي سوڙهو ٿي ويٺس، هيءَ گذري وڃي 13 نمبر سيٽ تي ويٺي. آئون ته بس دِل ئي دِل ۾ خوش پيو ٿيان ته واپسي ۾ مسافر ڪو چڱو مليو آهي. مونکي خوش ٿيندي ڏِسي سائين انعام چيو ڇوڪري شايد پاڻ کي ايزي محسوس نه پئي ڪري اِن کي ڪنھن ٻي سيٽ تي شفٽ ڪيون. چيم سائين ڇوڪري خوش آهي بس توهان ويھو، ڇوڪري جو فِڪر نه ڪيو.
بس اڃا اِها ئي گُفتگو جاري هئي ته نالي ڀائي محمد خان اچي مٿان بيٺو، سائين اوهان کي تڪليف نه ٿئي ته عرض ٿو ڪيان اِهي ٻئي سِيٽون مونکي ڏيو ته منھنجا ٻارڙا گڏجي ويھن، سائينءَ سان گڏ ٻه مايون هيون، جن مان هِڪڙي اسانجي اڳيان واري سيٽ تي هئي، هڪڙي جي صفا پويان سيٽ هئي، اسان چيو ها سائين ڇو نه اچو توهان اچو، اسان اُٿي وڃي پوئتي ويٺاسين ۽ سائين محمد خان جتڪ جي فيملي گڏجي ويٺي، سائين انعام جو به مسئلو حل ٿي ويو ۽ مونکي ته تمام سُٺو محسوس ٿيو، جو سائين کي سيٽ ڏِني، سامان مٿان سائين نه کڻڻ ڏِنو، چيائين اِهو ڀلي پيو هُجي اسان سنڀاليون ٿا.
اسان پويان وڃي ويٺاسين هاڻي ته الائي پويان ٿي وياسين، منھنجي پاسي ۾ هڪڙو پنجابي هو شايد، پر مون ساڻس ڳالھائڻ ئي نه پي چاهيو، اکيون ٻوٽيم ننڊ لاءِ نه، پر ايئن ئي آس پاس کان بي خبر رهڻ لاءِ.
ٻيھر جو اکيون کُليون ته سائي ويس ۾ سانوريون کُليل پيٽ ۽ پُٺن سان سامھون هُيون. سلام کان پوءِ ڪجهه هدايتون پريڪٽيڪلي سمجهايائون، جھاز هلڻ شروع ٿيو، بس منٽن ۾ مٿي هوا ۾ بلڪل هوا کان مٿان کڻي هليو.
هن ڀيري سائين انعام گڏ هو، بس جھاز مٿي هوا ۾ هليو سائين به ڄڻ ننڊ جي وادي جو سير ڪرڻ لڳو. مون اسڪرين آن ڪئي، هيڊفون ڪنن ۾ لڳايو، فلم عاشقي لڳائي ڏسندو رهيس، عاشقي اڳ به ٻه ٽي ڀيرا ڏِٺي هئي، لوَ اسٽوري آهي، ۽ گانا به وڻندڙ اٿس، اڪيلائيءَ ۾ ڏسجي ٿي ته اکيون ڀرجيو اچن ٿيون.
فلم ختم ٿي ته خبر پئي ڪولمبو پُھچي ويا آهيون، اڳيان پائليٽ روم مان آواز ڪنن تي پيو، سيٽن تي پنھنجا پنھنجا بيلٽ ٻَڌي ويھو اسان ’بندرا نائيڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ ڪولمبو تي لينڊ ڪري رهيا آهيون. بس ڪجهه گهڙين ۾ جھاز کان ٻاهر آياسين ۽ سريلنڪا جي سرزمين تي هڪ ڀيرو ٻيھر پنھنجا پير رکياسين.
پھريان اسان رُخ رکيو اُن ڪائونٽر جو جتان ويزا ملندي آهي، اسان چيو اسان ٻه ڏينھن لاِءِ سريلنڪا ۾ رهڻ ٿا چاهيون، پر جواب مليو ته اڳي ته ايئن هوندو هو ته اُتي ئي ۽ اُنھيءَ وقت ويزا ملي ويندي هئي. هاڻي اسانجو پيارو پاڪستان دُنيا ۾ ڪجهه وڌيڪ ئي مشھور ٿي ويو آهي، تنھن ڪري هھڙن مُلڪن به پنھنجون پاليسيون بدلائي ڇڏيون آهن. ڪو وقت هو سريلنڪا جي ويزا ئي فِري هوندي هئي، بس چوندا هئا رڳو اچو، رهائشون، سھولتون ايڪسٽرا هونديون هيون.
اڳي اِيئن هُياس، جو پنھون ڌوتم ڪپڙا،
هاڻِي اِيئن ٿياس، جو جت نه نيم پاڻي سين.
اِهو ڪم لڳو پيو آهي، هاڻي چون ٿا پنھنجي ملڪ مان ئي ويزا لڳرائي پوءِ اچو سرينڪا، اِهو به آسرو لٿو، هاڻي مون ۽ خان رُخ رکيو ايئرپورٽ تي لڳل ڪمپيوٽرن جو. کولڻ لڳاسين فيس بُڪ. هن ڀيري فيس بُڪ آساني سان کُلي ويا. ڪجهه دوستن سان هيلو هاءِ ٿي ته اسان ڪولمبو ۾ پُھتا آهيون، شمس ۽ زيب سان هيلو هاءِ ٿي، شمس چيو چاچا منھنجي لاءِ واچ ورتي اٿئي؟ چيم ها ورتي اٿم. هن پھريان ئي چيو هو ته منھنجي لاءِ هڪ واچ ضرور وٺيو اچجان.
منھنجي سامھون لڳل ڪمپيوٽر تي هڪڙي خوبصورت ڇوڪري اچي بيٺي. تيستائين خان به رڙهي اچي پاسي ۾ بيٺو، يار هاڻي ته مونکي ڏي، ٿوري دير آئون ميل چيڪ ڪري وٺان، سندس مُنھن ۾ ڏِسي چيم ها ادا توکي ميل ياد اچي وئي ميل ٿو ڏِسي يا في..........
ٺيڪ آهي پر فيس بڪ منھنجو بند نه ڪجان. ميل چيڪ ڪري وَٺ خان ڏِٺو هي موٽي بيھڻ نه ڏيندو ميل جو خان به ڪيو هو بھانو، بس هن کي به سامھون بيھڻو هو. سو ميل کولي ۽ يڪدم بند ڪري چيائين ’بس ڇڏينس کڻِي ڳوٺ هلي ڏسنداسين. هلو جھاز تي سڏ نه ٿئي‘ چيم حاضر سائين هلون ٿا. تون هلي ويھه سڏ ٿئي ته مونکي اشارو ڪجائين سامھون پاسي ۾ ته بيٺو آهيان. خير مون به فيس بڪ بند ڪيو، اچي خان جي پاسي ۾ ويٺس ته مونکي ويجهو ٿي چيائين اِها ڇوڪري خبر ٿئي ڪير آهي. نه مونکي ڪھڙي خبر. صنم شيخ آهي، هڻ لٺ اِتي وڃي پُھتين چيائين بھاني سان پاسي مان گذري آڏي اک سان ڏِسي ورتم. مڃيم بابا مڃيم. تون ئي اُستاد آهين، اسين شاگرد.
ڪجهه دير کان پوءِ سڏ ٿيو. سريلنڪا ايئرلائين، ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار آهي. اسين به اچي ويجها ٿياسين. جھاز ۾ پير پاتوسين ته ساين ساڙهين وارين مُسڪرائي آجيان ڪئي. اسان به موٽ ۾ مُسڪرائي ڪنڌ ڌوڻيو. وڃي پنھنجي پنھنجي سيٽن تي ويٺاسين. ڪجهه دير بعد ساڳيون هدايتون، ساڳيون سنھڙيون سانوريون ڇوڪريون. هن ڀيري هدايتن تي ڌيان ئي نه ڏِنو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ننڊ لاءِ نه بس ائين ئي ننڊ ۽ سفر ۾ ڪجي پوءِ بيڪار آهي. سفر جو مزو ئي حرام، آئون سفر ۾ ننڊ ڪرڻ جو عادي ناهيان، نه ئي ننڊ ڪرڻ پسند ڪيان ٿو. سفر ۾ اکيون کُليون رکڻ گهرجن جيئن آس پاس ۽ قدرتي نظارن کي ڏسبو رهجي نه ته سفر جو مزو ئي ڪھڙو. سانوري سائي ساڙهي ۾ آئي ۽ اورينج جوس پياري وئي.
شام جا پاڇا پوري طرح لڙي آيا ۽ اسين ڪراچي جي ’جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ‘ تي سنڌ ڌرتي جي خوشبوءِ هاڻين هوائن ۾ پُھچي وياسين. سائين انعام به روانو ٿي ويو. اسين پنھنجي پنھنجي ماڳ ڏي موٽياسين.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/hOtgXJy.jpg[/img]