ڪھاڻيون

ورهه جا روڳ

ذلفي زنئور پنھنجي سمورين ڪھاڻين کي انتھائي سادگيءَ سان پيش ڪيو آهي، فِڪري توڙي جذباتي طور هو بنهه سادو شخص آهي جنھن جو عڪس سندس ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻيون جيئن جو تئين واقعن تان نقش ڪيل آهن جِن ۾ هُن پنھنجي احساسن ۽ محسوسات جا هلڪا رنگ ڀريا آهن.
ذلفيءَ! زندگيءَ جي جِن واقعن کي کڻي پنھنجي ڪھاڻين ۾ چِٽيو آهي، اُهي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان سندس مُشاهدي ۾ آيا هوندا، هُن ڪٿي بہ اُنھن مُشاهدن جي تِکاڻ کي پنھنجي سادہ طبع سان گهٽايو ڪونهي نہ وري ڪٿي ڪنھن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي واقعن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو سندس ڪھاڻيون سندس لاڙ جي سرزمين جيان ٿوريون ڪلراٺيل سھي پر ڳاڙهن چانورن جي خوشبوءِ سان هُٻڪاريل آهن.
  • 4.5/5.0
  • 547
  • 93
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ورهه جا روڳ

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: ورهه جا روڳ
موضوع: ڪھاڻيون
ليکڪ: ذلفي زنئور
پهريون ڇاپو: مئي 2020ع
ڪمپوزنگ: سعيد سومرو
ڇپيندڙ: ڪنول پبليڪيشن، قنبر


قيمت: 250 روپيه


ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com



WARHA JA ROOGH
)Stories(
By: Zulfi zounr
Edition : 1st، May: 2020
Published By: Kanwal Publication, Kambar

ڪـتـاب مـلـڻ جـا هـنـڌ:

ڪنول پبليڪيشن& بڪ شاپ، سيد آرڪيڊ، گاڏي کاتو- حيدرآباد.
ڀٽائي بڪ اسٽور، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد.
ڪويتا ڪتاب گهر، حيدرآباد، ڪاٺيواڙ بڪ شاپ، اردو بزار ڪراچي
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو. المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ
سليمان برادرس، نواب شاهه. مدني بڪ اسٽور، دادو
سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر، سارنگ ڪتاب گهر، سکر
ٿر ڪتاب گهر، مٺي. خالد بجير، عمر ڪوٽ، سراج بڪ اسٽور، قنبر

ارپنا

تمام انھن انسانن جي نانءِ
جيڪي سال صدين کان پوءِ ھن وشال ڌرتي تان
تمام رياستن کي ختم ڪري
انسان کي آزاد فضا ۾ جيئڻ جو حق ڏئي ڇڏيندا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” ورهه جا روڳ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نوجوان ڪھاڻيڪار ذلفي زنئور جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. مھاڳ ۾ ضراب حيدر لکي ٿو:

”ذلفي زنئور پنھنجي سمورين ڪھاڻين کي انتھائي سادگيءَ سان پيش ڪيو آهي، فِڪري توڙي جذباتي طور هو بنهه سادو شخص آهي جنھن جو عڪس سندس ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻيون جيئن جو تئين واقعن تان نقش ڪيل آهن جِن ۾ هُن پنھنجي احساسن ۽ محسوسات جا هلڪا رنگ ڀريا آهن.
ذلفيءَ! زندگيءَ جي جِن واقعن کي کڻي پنھنجي ڪھاڻين ۾ چِٽيو آهي، اُهي ڪنھن نہ ڪنھن حوالي سان سندس مُشاهدي ۾ آيا هوندا، هُن ڪٿي بہ اُنھن مُشاهدن جي تِکاڻ کي پنھنجي سادہ طبع سان گهٽايو ڪونهي نہ وري ڪٿي ڪنھن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي واقعن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو سندس ڪھاڻيون سندس لاڙ جي سرزمين جيان ٿوريون ڪلراٺيل سھي پر ڳاڙهن چانورن جي خوشبوءِ سان هُٻڪاريل آهن.“

هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون ذلفي زنئور جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ……

شروع شروع ۾ ڪھاڻيءَ جي تعريف هڪ آمريڪن ليکڪ ’ايڊيگر ايلن پو‘ ڪئي ۽ هن مختصر ڪھاڻيءَ جا ڪي واضع نشان ٻڌايا. ايلن پو اُهو ليکڪ آهي، جنهن جو نالو سڀني کان اڳ ۾ هڪ ڪھاڻيڪار طور مشهور ٿيو، اڄ به جڏهن مختصر ڪھاڻي جي ادبي اصلاحن جي تشريح جو جڏهن سوال پيدا ٿئي ٿو ته اسان جو ڌيان ايلن پو طرف وڃي ٿو. ايڊيگر ايلن پو کان وٺي جيتوڻيڪ مختصر ڪھاڻيءَ ڪيترائي رنگ بدلايا آهن، تنهن هوندي به پنهنجي عمل ۽ تنقيدي اظهار ذريعي هن ڪھاڻيءَ جي فن ۾ جيڪو بنيادي تصور پيش ڪيو هو، اُن ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. اُن موجب ڪنهن به واحد تاثر کي پڻ مختصر ڪھاڻيءَ جو شان سمجهيو وڃي ٿو. مختصر ڪھاڻي يعني Short story ۾ لفظ مختصر به انهيءَ فن جو هڪ اهم خاصيت جي غمازي ڪري ٿو. شروع ۾ ائين تصور ڪيو ويو هو ته اختصار مان مُراد صرف مواد جو گهٽ هجڻ آهي، ايلن پو اُن جي فني خاصيت کي پوريءَ ريت پروڙي نه سگهيو آهي، هن وصف بيان ڪندي اِهو چيو ته: ”مختصر ڪھاڻي اُها آهي جا اڌ ڪلاڪ کان وٺي هڪ يا ٻن ڪلاڪن ۾ پڙهي سگهجي.“ جنهن جو مقصد اِهو ٿيو ته ڪھاڻي هڪڙي ويھڪ ۾ ئي پڙهي سگهجي. پر ڏٺو وڃي ته ايلن پو جي اُها تعريف به گهڻي قدر نامڪمل آهي، ڇاڪاڻ جو اُن ۾ فني خصوصيتن جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. هن وقت اصلاحي معنيٰ ۾ اختصار جو تعلق مواد جي مختصر هجڻ سان نه رهيو آهي، ڪا مختصر ڪھاڻي ناوليٽ کان ضخامت ۾ وڏي به ٿي سگهي ٿي.
مختصر ڪھاڻي جي فني تعريف يا وصف ٿورن لفظن ۾ اِها ڪڍي سگهجي ٿي ته مختصر ڪھاڻي هڪ اهڙو مختصر فڪري داستان آهي، جنهن ۾ ڪنهن هڪ خاص واقعي يا هڪ ڪردار تي روشني وڌي وڃي. مختصر ڪھاڻي جي پلاٽ ۾ واقعن جا تفصيل ڳنڍيل ۽ ڳتيل هُجن ۽ بيان ايتريقدر منظم هجي، جو اُن مان صرف هڪڙو واحد تاثر جُڙي سگھي. سمورن ڳالهين مان اِها ڳالهه واضع ٿيو وڃي ته ڪھاڻيءَ جون ظاهري ۽ فني خصوصيتون جيتوڻيڪ پلاٽ واقع بيان ۽ ڪردار نگاري وغيره چئي سگهجن ٿيون، پر اُن جي اندروني بناوت ۾ صرف ٻه تخليقي عنصر پوشيده آهن. انهن مان هڪڙو ته فنڪار جي اِها ڪوشش آهي، جنهن مان تخليق ۾ ايجاز جو نشان پيدا ٿئي، ٻيو ته اُن مان لازمي طور ڪونه ڪو تاثر اُڀري بيهي. انسان جي زندگيءَ ۾ بيشمار واقعا پيش اچن ٿا ۽ سندس زندگي ڪيترن ئي تجربن مان گذري ٿي، پر ڪھاڻيڪار انهن مان ڪنهن به هڪ واقعي، حادثي يا ڪنهن ڪردار کي چونڊي پنهنجي ڪھاڻيءَ جو اساس قرار ڏئي ٿو ۽ اُها ڳالهه به ظاهر آهي ته سڀئي ماڻهو هر واقعي جو هڪ جِھڙو ۽ هڪ جيترو اثر قبول نه ٿا ڪن.
هر ماڻهو پنهنجي نفسياتي مزاج ۽ روشن ضمير آهر اُن واقعي جو اثر وٺي ٿو. جڏهن ته فنڪار يا ڪھاڻيڪار هڪ حساس طبع انسان آهي، هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ڪيترائي واقعا گڏ ٿيندا رهن ٿا، جنهن وقت ڪو واقعو سندس ذهن ۾ هڪ اُٿل پُٿل مچائي ٿو، اُن وقت هو پنهنجي ذهني تحرڪ جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پھچائڻ چاهي ٿو. پر هو هوبهو واقعو پيش نه ٿو ڪري ، پر اُن ۾ پنهنجي فڪري رو ۽ جذبو شامل ڪري ٿو.
ڪھاڻي شايد لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان آهي. جنھن لاءِ وليم ورڊس ورٿ، solitary reaper نظم چيو هو، ’جِهرڪيون ماريندڙ‘ سڏجندڙ هِن شاعر کي فطرت سان بي انتها پيار هو. اُنڪري هُن پنهنجي سموري زندگي گهر جي ٻاهران واري هڪ باغ ۾گُذاري ڇڏي. ائين ئي ڪھاڻي جا عاشق ۽ چاهيندڙ به پنھنجون عمرون ڪھاڻي جي بالاخاني تي وڃائي ڇڏيندا آهن يا وري سندس بازارِ ۾ نيلام ٿي ويندا آهن. الائي وليم ورڊس ورٿ کي ڪھاڻي جي ڪا ڄاڻ هئي يا نه، پر سندس نظمن ۾ ڪھاڻيءَ جا گهنگهرو ڇِمڪندي محسوس ٿيندا آهن، جيئن سرڪار لطيف ڀِٽ ڌڻيءَ جي بيتن مان ڪيئي ڪھاڻيون ليئا پائيندي نظر اينديون آهن.
ڪھاڻي لابارو ڪندڙ اُن ڇوڪريءَ جيان آهي جيڪا تنھائي/اڪيلائي لُڻيندڙ آهي. جيڪا پنھنجي رنگ ۾ بنھه سُريلو گيت ڳائيندي رهي ٿي جيڪو پُرجوش هجڻ سان گڏوگڏ درد سان ٽُٻٽار آهي. ڪھاڻي اُن لابارو ڪندڙ ڇوڪريءَ جيان آهي جنهن جو گريبان چاڪ آهي، پوءِ به هوءَ ميڊونا جي ناچ گاني جيان بيباڪ آهي. سندس سُريلو آواز جي ڪوڪ، ڪوئل جي ڪوڪار کان وڌيڪ پُر اثر آهي جيڪا سمونڊن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي رکي ٿي.
ها! اهڙي ئي ڪھاڻي، منھنجي سنڌ جي به آهي جيڪا ڌرتيءَ جي هِن ننڍڙي ذري تي به ڄڻ ڪائنات بڻيل آهي. منھنجي ڪهاڻيءَ جو ڳاٺ فخر سان اوچو آهي. منهنجي سنڌ جي ڪھاڻي، نئين جلوي ۽ ترنگ سان چيلهه تي دِلو رکي ڪنهن ڪامڻيءَ وانگي ٽلِندي اچي. ڪنهن معصوم اُبهم وانگي بانبڙا پائيندي اچي، ڪنهن ڦوهه جوان ڪنيا وانگي ناز نخرا ٿي ڪندي رهي ته وري ڪٿي جُهور ڪُراڙين ڪھاڻين جيان هيڻي ۽ عليل به آهي.
ڪنهن چيو ته ڪھاڻي مري يا رُڪجي وئي آهي؟ جڏهن زندگي رُڪي ۽ سنڌ مُئي ته پوءِ اِهي ڳالهيون ڪبيون. زندگي به چُري پئي ۽ سنڌ به جيئي پئي... سو ڪھاڻي به ڊوڙي نه ته رڙهي ضرور پئي. سنڌ ۾ جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، سا مان مسلسل پڙهان پيو. انيڪ نالا آهن، جيڪي ڪھاڻي سان جُڙيل آهن. سنڌ ۾ هِن وقت جيڪا ڪھاڻي لکجي پئي، اُن مان جهلڪ نظر اچي پئي ته ها ٻيلي، اُها هاڻي جيڪا اڃان ننڍڙي آهي اٻوجهه آهي، ڪمزور آهي، سا ضرور جوان ٿيندي ۽ اسان جي کُٽي ويل جُهڪي ويل ڪُٻين پوڙهين ڪهاڻين کي ڪُلهن تي ضرور کڻندي. مان ڪنهن ٻئي لاءِ نٿو چوان، پنهنجي لاءِ ٿو چوان ته منهنجي ڪهاڻي وقت جي وير ۾ هڪ ڏينهن ضرور لٽجي ويندي، ۽ نئين ڪهاڻي وقت جي اسڪرين تي نئين جلوي ۽ چمڪي سان چمڪندي.
ڪھاڻي جيتوڻيڪ اَڪ جي ماکي ڪونهي ته لاهي وٺجي پر کجيءَ جو تُور به ناهي جو ڇاڻي نه سگهجي، اڻ ڄاڻ ته اک جي ماکي به لاهي نه سگهندو، سو ڳالهه وري به آهي اُن ڏانءُ جي جيڪو کجيءَ جو تور به لاهي سگهي.
ارتقا جيڪا زندگيءَ جو حِصو آهي، سا ئي ارتقا ڪهاڻيءَ جو به حصو آهي، جو ڪھاڻي زندگيءَ کان ڪنهن به ريت ٻاهر ڪونهي، ڪنهن کي به امر يا وڏو ڪوٺڻ يا بس اُتي دنگ ڪري ڇڏڻ کان اڳ اِهو ضرور سوچڻو آهي ته پويان هڪڙو قافلو آهي، جيڪو ڪاهيندو اچي ۽ ضرور اُهو ڪافلو ارتقا جي مرحلي مان گذري تڪميل ڏانهن وڌندو، سو مان ته گهٽ ۾ گهٽ نااُميد ناهيان.
اُميد جي اُن ڪِرڻي ۾ ذُلفي زنئور به شامل آهي جنھن ڪھاڻي جي سفر ۾ وِکون کڻڻ شروع ڪيون آهن. سندس ڪھاڻي ننڍڙي اُبهم، ڪمزور نه سھي، بانبڙن واري صورت مان وکون کڻڻ واري حالت ۾ هلي چُري آهي. مان مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته، هر ماڻهو پنهنجي نفسياتي مزاج ۽ روشن ضمير آهر، هر اُن واقعي جو اثر وٺي ٿو، جيڪو سندس زندگيءَ ۾ رونما ٿئي ٿو. جڏهن ته فنڪار يا ڪھاڻيڪار هڪ حساس طبع انسان آهي، هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ ڪيترائي واقعا گڏ ٿيندا رهن ٿا، جنهن وقت ڪو واقعو سندس ذهن ۾ هڪ اُٿل پُٿل مچائي ٿو، اُن وقت هو پنهنجي ذهني تحرڪ جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهي ٿو. پر هو هوبهو واقعو پيش نه ٿو ڪري ، پر اُن ۾ پنهنجي فڪري رو ۽ جذبو شامل ڪري ٿو، اُن حوالي سان چوڻ چاهيندس ته ذلفي زنئور پنھنجي سمورين ڪھاڻين کي انتھائي سادگيءَ سان پيش ڪيو آهي، فِڪري توڙي جذباتي طور هو بنهه سادو شخص آهي جنھن جو عڪس سندس ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻيون جيئن جو تئين واقعن تان نقش ڪيل آهن جِن ۾ هُن پنھنجي احساسن ۽ محسوسات جا هلڪا رنگ ڀريا آهن.
ذولفيءَ! زندگيءَ جي جِن واقعن کي کڻي پنھنجي ڪھاڻين ۾ چِٽيو آهي، اُهي ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان سندس مُشاهدي ۾ آيا هوندا، هُن ڪٿي به اُنھن مُشاهدن جي تِکاڻ کي پنھنجي ساده طبع سان گهٽايو ڪونهي نه وري ڪٿي ڪنھن چالاڪيءَ جو مظاهرو ڪندي واقعن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي. اِهوئي سبب آهي جو سندس ڪھاڻيون سندس لاڙ جي سرزمين جيان ٿوريون ڪلراٺيل سهي پر ڳاڙهن چانورن جي خوشبوءِ سان هُٻڪاريل آهن. لاڙ جو پَٽَ سان وابسطه دادو جي هٺيلي سرزمين وسائڻ باوجود سندس طبيعت ۾ ساڳيو لاڙ جِھڙو سڀاءُ آهي جيڪو سندس ڪھاڻي عطيت يعني گذريل يا ماضيءَ ۾ نظر اچي ٿو. لاڙ جي پسمنظر ۾ لکيل سندس هيءَ ڪھاڻي هڪ اهڙي ڳوٺ جو ماحول چِٽي ٿي جنھن ۾ محبت ۽ معصوميت جا پنھنجا رنگ آهن. هي جملا پڙهڻ وٽان آهن،
”تصور ئي نه ڪيو ھوم ته ڪو سڄي زندگي ائين گڏ پئي گذرندي، سڄي عمر ٻار ھوندا سين. سڪينا آمنا ڪڏھن وڏيون ٿيون, ان ڳالھه جو احساس ئي نه رھيو ۽ ھڪ ڏينھن ٻئي پرڻجي ويون. ڏاڍو اداس ٿي پيو ھوس ,دل کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو آمنا ۽ سڪينا پرڻجي ويون آھن. ائين به ٿيندو آ ڇا ڀلا !! نه نه ڄڻ زبردستي منھنجون ڪنھن ٻئي ٻانھون ڪٽي ورتيون ھجن, ھڪ دم مونکي اپاھج بڻائي ڇڏيو ھجي. جسماني طور تي ته مان ڪافي قد ڪڍي آيو ھوس, مُڇن جي ساول به نڪري آئي ھئي، پر منھنجي اندر جو ٻار اُداس ٿي پيو ھو, جيڪو اڃان وڏو نه ٿيو ھو.“
”ضمير جو فيصلو“ سادگيءَ ۾ لکيل هڪڙي سُھڻي ڪھاڻي آهي. هِن ڪھاڻي کي پڙهندي محسوس ٿئي ٿو، ته ڊائريڪٽر پنھنجي فلم ”ضمير جو فيصلو“ ۾ جنھن نوجوان اداڪارا ڪومل کي ڪاسٽ ڪري ٿو، اُن جو انجام به عام ڪھاڻين جيان ٿيندو، جنھن ۾ ڊائريڪٽر اڪثر ڇوڪرين سان عشق محبت جو ڊرامو ڪري، کين استعمال ڪري ڇڏي ڏيندا آهن. پر ائين نه ٿو ٿئي ڊائريڪٽر پنھنجي فلم ضمير جو فيصلو جيان، ضمير جو فيصلو ڪري ٿو، ڪومل سان شادي جو فيصلو ڪري ٿو، پر اُن دوران هُو، ڪومل کان پُڇي ٿو ته ڪومل زندگيءَ ۾ ڪنهن کي چاهيو آهي؟ جنهن تي هوءَ کيس ’پنھنجي سوٽ واحد جي چاهت جو ٻُڌائي ٿي. سندس شادي واحد سان اِن ڪري نه ٿي سگهي جو سندس چاچو سندس اداڪاريءَ جي خلاف هو.‘ بھرحال ڊائريڪٽر سان سندس شادي طئه ٿئي ٿي، ڄڃ اچي ٿي، گهوٽ جڏهن موڙ مٿي ڪري ٿو ته اُهو واحد آهي. مطلب ڊائريڪٽر ضمير جو فيصلو ڪندي ڪومل جي شادي واحد سان ڪرائي ٿو.
”سرحدون“ ، ”تنھنجون يادون“ ۽ ”محبت“ هڪ طرفي چاهت ۽ محبت جون ڪھاڻيون آهن جن کي پڻ ڏاڍي سادگيءَ وچان بيان ڪيو ويو آهي.
اسانجي سنڌي ڪھاڻيءَ کي سئو سال کان مٿي جو عرصو ٿي چُڪو آهي، دنيا جَھان ۾ هن وقت ڪھاڻيءَ تي مختلف تجربا ٿي ٿي رهيا آهن، ڪھاڻي هن وقت محبت چاهت جي چڪرن مان نڪري معاشرتي ناسورن جو احاطو ڪندي فن ۽ آرٽ جي نئين سرحدن کي ڇُھڻ لڳي آهي. ڪھاڻي سفر ۾ ڪُلهو ڪُلهي سان مِلائي هلڻ لاءِ ضروري آهي ته ڪھاڻي لِکڻ لاءِ صرف پنھنجي نڪ هيٺان ئي ناهي نِھارڻو پر نگاهه کي هر رُخ ۾ ڦيرائڻو آهي نوَن ۽ اڻ ڇُھيل موضوعن تي به لکڻو آهي اُن لاءِ رياضت سان گڏوگڏ تمام گهڻي مُشاهدي ۽ مطالعي جي به ضرورت آهي.
”بڪواس عشق“ معاشرتي ناسور تي لکيل چڱي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ٻه دوست ’سچي عشق‘ ۽ ’عشق صرف جسم‘ تي شرط رکن ٿا. هڪ دوست اُها شرط اِن طرح کٽي وڃي ٿو جو هو سچو عشق ڪندڙ دوست جي محبوبا جا لَٽا لھرائي کيس ڏيکاري ٿو. ممڪن آهي، اڄوڪي سيٽلائيٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا واري دور ۾ الائي ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، پر ڪھاڻي ۾ جڏهن اهڙي موضوع تي لکجي ته اُن کي پنھنجي آرٽ ۽ فن سان نرالي نموني سان پيش ڪرڻ گهرجي جيئن ڪھاڻيءَ جو تاثر ڀرپور جُڙي سگهي، باوجود هڪ ڇِرڪائيندڙ موضوع جي ڪھاڻي پنھنجو ڪو به تاثر ڇڏي نه سگهي آهي.
”نفرت“ پڻ هڪڙي معاشرتي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هڪ قاتل ۽ عاشق جي ضمير جو فيصلو ڏيکاريو ويو آهي. جيڪو صرف ان ڪري پنھنجي گرفتاري پيش ڪري ٿو ۽ ڏوهه جو اعتراف ڪري ٿو جيئن سندس سئوٽ ۽ محبوبا کيس معاف ڪري، پر هوءَ ساڻس بي حد نفرت ڪندي رهي ٿي.
”سنگسار“ چڱي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ ڪھاڻيڪار، سنگسار ٿيڻ ۽ ڪرڻ واري رسم کي روايتي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏوگڏ اها به ٻڌائڻ چاهيو آهي ته ڪنھن کي محبت يا گناهه جي ڏوهه ۾ ڪيترو به سنگسار ڪجي، اِها بغاوت ٿيندي رهندي.
”خواهشون“ به عام رواجي ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هڪ عام ۽ مزدور ماڻهوءَ جي خواهشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
”وڻجاري“ ضمير متڪلم ۾ ليکيل ڪھاڻي آهي جنھن ۾ هڪ پينو فقيرياڻيءَ جو ذڪر ٿيل آهي. هيءَ ڪھاڻي هڪ احساساتي ڪھاڻي آهي جيڪا ماڻھوءَ جي جذبن ۽ احساسن کي بيان ڪري ٿي ته هڪ عام ماڻهو ڪيئن هڪڙي پينو فقيرياڻيءَ کان متاثر ٿئي ٿو ۽ سموري عمر کيس ياد ڪندو رهي ٿو.
”گناھ“ ڪھاڻي پڻ سماج جو عڪس پيش ڪندي نظر اچي ٿي، هِن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جيتوڻيڪ عورت کي هڪ طرفو گناهگار بنائڻ، الزامن لڳائڻ جو ڪيس پيش ڪرڻ چاهيو آهي پر ڪھاڻيءَ جي اُڻت ۾ عورت کي به جسٽيفائيڊ ڪري نه سگهيو آهي. ماڻھن جي مٿاڇري سوچ جا عڪس ڪھاڻيڪار هن ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪرڻ چاهيا آهن.
”ناچڻي“ هڪ ليکڪ جي ڪامپليڪس ۽ احساس محروميءَ تي لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن جو انت پڻ رويتي ٿئي ٿو.
مجموعي طور ذلفي زنئور جون ڪھاڻيون عام ۽ ساديون ڪھاڻيون آهن، هُن پنھنجي سمجهه ۽ سوچ آهر جيئن سماج کي سمجهيو ۽ محسوس ڪيو آهي تيئن پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آهي. ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ کيس اڃان گھڻي محنت، مُشاهدي ۽ مطالعي جي ضرورت آهي. سندس اندر ۾ جيڪو احساساتي ڪھاڻيڪار لِڪل آهي اُن کي نکارڻ لاءَ وڏي رياضت جي ضرورت آهي. ذولفي جيڪڏهن محنت ۽ لگن سان ڪھاڻيءَ کي جيءَ سان هنڍايو ته ضرو ر هو اڳتي هلي ڪھاڻيءَ کي سُھڻي نموني لکي ۽ پيش ڪري سگهندو. سندس ڪھاڻين جي هن مجموعي ۾ جيتوڻيڪ صور خَطيءَ ۽ پروفن جون ڪجهه ضرورتون آهن جن تي نظرثاني به ضروري آهي. سندس ڪھاڻي ۾ اردو يا وري هندي فلمي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن جن کان گُريز ڪرڻ کپي. مان اميد رکان ٿو ته اڳتي هلي ذولفي ڪھاڻي سنجيدگيءَ سان سمجهڻ ۽ لکڻ جي ڪوشش ڪندو.

ضراب حيدر
28مارچ 2020
حيدرآباد.

تاثر: قصه گوئي جو فن ۽ ذلفي زنئور جون ڪهاڻيون

ننڍڙا هئاسين، ناني روز رات جو هڪ آکاڻي ٻڌائيندي هئي! آکاڻيء ۾ بادشاه هوندو هو۔ ان جون راڻيون هونديون هيون۔ ست ست شھزاديون هونديون هيون۔ جن مان ڪا هڪڙي رحمدل ۽ ساده طبع هوندي هئي ۔ ديوَ هوندا هئا۔ جن جو ساه هڪ طوطي ۾ بند هوندو هو جنهن کي مارڻ لاء نڪتل شھزادن جي رهنمائي مهربان پَريون ڪنديون هيون۔ ڪن شهزادن جو پَرين سان عشق ٿي پوندو هو۔ وزير۔ سوداگر ۔ ڪاٺير۔ ٻڪرار آکاڻين ۾ هوندا هئا۔ ”آدم بُو۔ آدم بُو“ ڪندڙ راڪاس ۽ ڏائڻيون هونديون هيون۔ اسين ٻار نانيءَ جي چوڦير ويهي آکاڻي ٻڌڻ شروع ڪندا هئاسين۔ نانيءَ جي قصه گوئيءَ جو انداز اهڙو ته دلڪش ھوندو هو جو ٻڌندي، اسين ٻارڙا ڄڻ ته انهن آکاڻين ۾ خود هلڻ شروع ڪندا هئاسين۔ پوء جيئن وڏا ٿياسين ته ڪتابن ۾ آکاڻيون پڙھڻ شروع ڪيوسين۔ جيڪي ديو مالائي ڪردارن بدران زندگيءَ جي سچن پچن ڪردارن جون آکاڻيون هيون۔ پاڻ اڄ انهن آکاڻين تي ڳالهائينداسين!
قصه گوئي هڪ اوکو فن آھي۔ هر ڪنهن کي ڪهاڻي چوڻ نه ايندي آھي۔ هتي چوڻ مان منهنجي مراد لکڻ يا ٻڌائڻ به آھي۔ هڪ سٺي ڪهاڻي ڪيئن هجڻ گهرجي، اهو وري جدا بحث آھي۔
ڪي ڪهاڻيون پاڳل جي خودڪلاميءَ وانگر هونديون آھن جن کي نه ڪا ترتيب هوندي آھي، نه تسلسل هوندو آھي، نه ڪو مقصد هوندو اٿس۔ حقي جي اجائي گڙ گڙ جهڙي انهيءَ ڪهاڻي جو حاصل وقت جي ذيان کان سواء ڪجهه نه هوندو آھي۔
”ادب براءِ ادب يا ادب براءِ زندگي“ جي بحث ۾ پاڻ نٿا پئون پر ڪنهن به ڳالهه جو ڪو کر پير ۔۔ ڪا معنيٰ ڪو مفهوم۔۔ ڪو مقصد ته لازمي آھي۔ يعني فڪري اڏام سان گڏ زندگيءَ جي سچاين سان ڪو لاڳاپو ته هجي۔ ان کان پوء اهو ڏسڻو آھي ته اظھار جو ڍنگ ڪهڙو آھي۔ جنهن کي ادبي ٻوليءَ ۾ اسلوب چون۔ اسلوب سان گڏ ٻوليءَ جو به وڏو عمل دخل ٿئي ٿو۔
ڪهاڻيءَ جي ٻوليءَ سادي آھي۔ عوامي آھي يا ادبي چاشنيءَ واري دل لڀائيندڙ لهجو اٿس! منهنجو خيال آھي ته۔۔۔ بلڪه عام خيال آھي ته ڪنهن به ڪهاڻيءَ جي ٻولي ان جي ڪردارن ۽ ماحول سان مطابقت رکندڙ سونهندي آھي۔ خاص طور ناول۔ ڪهاڻي ۽ ڊرامي ۾ ڪردار نگاريءَ تي زور ڏنو ويندو آھي ۔ ٻوليءَ ۽ لهجي کي اهميت ڏبي آھي۔
مثال طور ڪهاڻيءَ جو ماحول ڳوٺاڻو آھي ڪردار ڪو مزدور يا هاري هجي ۽ ليکڪ ان کان ادب ۽ فلسفي جا پاٺ پڙھائي ته ڇا پڙھندڙ ان ڪهاڻيءَ کي رد ڪرڻ جو حق نٿو رکي!؟
اهڙي طرح ڪهاڻي يونيورسٽي جي ماحول يا شھر جي ڪنهن بنگلي جي هجي ۽ ان ۾ ڪردار ٻولي ٿر ۽ ڪاڇي جي ڳالهائن ته پڙھندڙ ڪيئن هضم ڪري سگهندو!
هتي پاڻ نقاد جي ته ڳالهه ئي نٿا ڪريون جيڪو ظالم وار جي کل لاهڻ لاء هر وقت تيار ملندو آھي!
پاڻ وٽ سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيون اهي رهيون آھن، جن جي ٻولي۔ ماحول ۽ ڪردار نج ڳوٺاڻا رهيا آھن۔ شھري ماحول وارا ڊراما ۽ ڪهاڻيون پسند ڪندڙن جو تعداد ٿورو هجڻ جو سبب شايد اسان جي عام پاٺڪ جي گهڻائي ان ماحول سان لاڳاپيل هجڻ آھي۔ سنڌي جون گهڻي ڀاڱي ڪلاسڪ جي حيثيت رکندڙ ڪهاڻيون انهي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿيون۔ پر اڄ جو ليکڪ سنڌي ڪهاڻيءَ کي شهري سماج طرف به وٺي اچڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿيو آھي ۽ پڙھندڙن جو لاڙو شاعري بدران نثر طرف وڌيو آھي۔ اهوئي سبب آھي جو اڄ جو پبلشر شاعري جي ڪتاب بدران ناول ۔ ڪهاڻين۔ آتم ڪهاڻين ۽ تاريخي ڪتابن جي ڇپائي کي اهميت ڏئي ٿو۔ سنڌي ۾ ناول جي کوٽ جا بحث ٿيندا هئا پر اڄ ڌڙا ڌڙ ناول ڇپجي رهيا آھن جن جي ڪوالٽي ضرور بحث طلب هوندي پر اسان جو ليکڪ ان طرف راغب ته ٿيو، اها هڪ سٺي نويد آھي!
سنڌ جي انهن نون اڀرندڙ ليکڪن ۾ ذلفي زنئور به شامل آھي۔ هي ڪتاب ”ورھ جا روڳ“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آھي جنهن ۾ ڪل ارڙھن ڪهاڻيون شامل آھن۔
مون لاء ذلفي زنئور جو ڪهاڻيءَ جي حوالي سان نالو نئون هو۔ جڏهن هن پنهنجو مجموعو لکڻ لاء موڪلي ڏنو۔ مون سڀ کان پهرين سندس ”وڻجاري“ جي عنوان سان ڪهاڻي پڙھي۔ جيڪا لاحاصل محبت جي درد جو بيان آھي ۽ جنهن جي ٻولي سادي سلوڻي ۽ اڻت شاندار آھي! جيئن پاڻ مٿي سٺي ڪهاڻيءَ جي خوبين جو ذڪر ڪري آيا آهيون۔ هيءَ ڪهاڻي پنهنجي ماحول مان ڳالهائي ٿي! ان جي سادگيءَ ۾ حسن آھي۔ ڪردارن جو پنهنجو الڳ لهجو آھي۔ ڏک سک جو الڳ ڏيک آھي!
مجمموعي طور ذلفي زنئور جي ڪهاڻين جو اسلوب ۽ ٻولي سادي آھي جيڪا هر عام ماڻھوء جي روزمره زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندي رهي ٿي ۽ مڙني ڪردارن جون جڙون به پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۾ کُتل ملن ٿيون۔ انهن مان ڪو هڪ به اوپرو يا انوکو ڪونهي!
هن ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”ورھ جا روڳ“ تجريدي قسم جي وارتا آھي ۽ سندس هڪ ٻي ڪهاڻي ”سنگسار“ ۾ پڻ اهوئي تجريديت وارو عنصر ملي ٿو! هي ڪهاڻي عورت جي احساسن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ صدين کان حوا جي ڌيءَ تي لڳندڙ تهمتن جو داستان آھي.
”ناچڻي“ جي عنوان سان ڪهاڻي هڪ رقاصا ۽ ليکڪ جي وچ ۾ مڪالمو آھي. رقاص جو خيال آھي ته ليکڪ اڻپورين حسرتن ۽ نفساني خواهشن مان پنهنجيون ڪهاڻيون چونڊي کڻن ٿا۔ کين حقيقي مسرت جي خبر ڪونهي جيڪا عورت جي جسم سان لاڳاپيل آھي ۔ ايئن هوءَ پنهنجي وجود جي اونهاين مان ليکڪ جي اڃ کي سيراب ڪري ٿي. ”نفرتون“ ڪهاڻي ۾ قاتل کي مقتول جي ڀيڻ سان اوچتي محبت کي پيش ڪيو ويو آھي! هي شديد ڏک ۽ نفرت جي ڪهاڻي آھي.
”ورھ جا روڳ“ نالي هن ڪهاڻين جي مجموعي جي ڪهاڻي ”گناه“ اڻ جهل خواهشن جو تاڃي پيٽو آھي جنهن ۾ هڪ ڪنواري ڇوڪري جسماني ضرورتن کان هارائي ويهي ٿي! جڏهن ته ”نيڪي“ ۽ ”حسرتون“ عام فهم ڪهاڻيون آھن!
”ضمير جو فيصلو“ ڪهاڻي شوبز جي ماحول ۽ هڪ هدايتڪار جي پرسنل ۽ پروفيشنل لائف جو وچور آھي۔ هن مجموعي ۾ شامل ”تنهنجون يادون“ ”محبت“ ”اجنبي ڪير هو“ ”بڪواس عشق“ ڪهاڻيون روايتي ۽ عاميانه آھن پر ”سرحدون“ ۽ ”خودڪشي“ ڳڻپ جوڳيون ڪهاڻيون آھن۔ جن مان ”سرحدون“ فڪري طور وڌيڪ مضبوط چئي سگهجي ٿي!
جيڪا لکڻي جيڪا فڪري حوالي سان سوال اٿاري ۽ ماڻھو کي سوچڻ تي مجبور ڪري، ان کي ئي هڪ مڪمل تخليق جو درجو ڏئي سگهجي ٿو۔ مون کي هنن ڪهاڻين جو مجموعي انداز بيان سادو ۽ عام فهم ته نظر آيو آھي پر صورتخطيءَ جون انيڪ غلطيون شربت جي گلاس ۾ لوڻ جي ڳنڍي وانگر آھن۔
ڇاڪاڻ ته ذلفي زنئور نئون ۽ اڀرندڙ ليکڪ آھي ۽ وٽس ڪهاڻي بيان ڪرڻ جو فن به موجود آھي پر منهنجو خيال آھي ته هن کي مطالعي طرف وڌيڪ توجهه ڏيڻ گهرجي! جنهن سان سندس فڪر ۾ گهرائي ۽ فن ۾ پختگي پيدا ٿيدي۔ دنيا جو سٺو ادب سرجڻ لاءِ سٺي کان سٺو ادب پڙھڻ به لازمي هوندو آھي۔ ڳوٺاڻي زندگيءَ سان ويجهڙائي هجڻ جي ڪري هن وٽ ٻوليءَ حسن ۽ مشاهدي جو خزانو به آھي، جيڪڏهن هن جو مطالعي طرف ايترو ئي ڌيان هجي ته سندس تخليق نوان رستا دريافت ڪري سگهندي!


ايوب گل
ڪراچي

پنهنجي پاران

منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار منھنجي قلم جا محتاج ناھن ھوندا، جئين زندگي تسلسل رکي ٿي، تئين ڪھاڻي به پنھنجو تسلسل رکي ٿي. ڪھاڻي جو انت ڪھاڻي جو موت آھي.
گھڻو گھڻو اڳي شايد! ڪو ديوانو چنڊ جي چانڊوڪي ۾ ويھي ڪئين خواب سرجا ھوندا، چنڊ کي محبوب جي چھري سان ڀيٽا ڏني ھوندي. چمڪندڙ سنھري چانڊوڪي محبوب جا ڀاڪر/ بوسا ڀانيا ھوندس! ڪا مختصر ڪھاڻي لکي ھوندي ....۽ ھڪ ڏينھن فنا ٿي ويو ھوندو. ڪي سال صديون وري ڪنھن ٻي شخص انھي ڪھاڻي جي تسلسل کي کنيو ھوندو، جيڪو ان ديواني جي ڪھاڻي کان بنهه اڻ واقف ھوندو. ائين ڪھاڻي پنھنجو سفر طئي ڪندي موجوده دور ۾ پھتي.
ھر دور جي ڪھاڻيڪار پنھنجي ڌرتي، پنھنجي تھذيب، پنھنجي رھڻي ڪھڻي، رسم رواجن تحت ڪھاڻي ۾ نوان رنگ ڀريا پر اصل ۾ ھر ڪھاڻيڪار جو خيال ان پھرين ديواني ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻي جو تسلسل ئي آھي.

ھن ڪتاب لاءِ جيتري مون جاکوڙ ڪئي، مان ئي ڄاڻان ٿو! پھرين سمجھندو ھيم ته حق سچ وڃي ادبي ادارن وٽ ئي بچيو آھي، باقي سڀ بڪواس آھي ! پر جڏھن ادارن سان ۽ ادارن جي سوٽيڊ بوٽيڊ فردن سان واسطو پيو، خبر پئي ته ادارن ۾ به فردن جي ڊگھي ٿاڦ مڙھيل آھي! خير، پاڻ ان تفصيل ۾ نه ٿا وڃون، ذڪر ٿا ڪيون چند انھن دوستن جو جن منھنجي ھن پهرئين ڪهاڻي ڪتاب ’’ورھ جا روڳ‘‘پبلش ڪرائڻ ۾ منھنجو ڀرپور ساٿ ڏنو.
ماما اظھر گاڏھي جيڪو طبيعتن/ مزاجي ماکي جي لار جھڙو مٺو آھي، ڏينھن رات ھڪ ڪري منھنجي ڪتاب پبلش ڪرائڻ لاءِ جيءَ توڙ ڪوشش ڪئي، جنھن جو مان ٿورائتو ھر گز ناھيان، ڇو جو ٿورا ٿورن سان لھي ويندا آھن محبتون اٽوٽ بڻجي پونديون آھن، هن سان نه رڳو دوستاڻو تعلق آھي ، پر محبت جو به اٽوٽ سلسلو ڳنڍيل آھي، جنھن ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. محترم سائين ضراب حيدر کان نه رڳو منھنجي ڪتاب لاءِ مھاڳ لکرائي ورتو ، پر ڪنول پبليڪيشن جو به وڃي توڙ ڪڍيو، ۽ سعيد سومرو سان منھنجو واسطو ڪرايو ۽ پوء بس! ماما اظھر گاڏھي پنھنجا ٻئي ھٿ مٿي ڪري بيھي رھيو. سعيد سومرو جيڪو ھڪ فرد جي حيثيت نه ٿو رکي پر پنھنجي ڪردار ۾ ھڪ مڪمل ادارو آھي ،جنھن کي مون ڪجهه وقت ۾ ئي پرکي ورتو ته ، ھو پنھنجي ڪم سان ڪيتري قدر مخلص آھي! ھُن نه رڳو منھنجن ڪھاڻين کي ڪمپوز ڪيو پر پروف جون غلطيون، ڪتابي ترتيب، ڪتابي خوبصورتي ، کان ويندي ڪٿي ڪٿي ڪھاڻين جي اصلاح به ڪرائيندو آيو، ته سر! ھتي ھيئن ڪجي يا ھونئن ڪجي ! مسلسل ڏينھن رات موبائل تي ڪال ، ميسينجر ۽ واٽس اپ تي زير زبر کان پيش تائين پروف جي غلطين کي سيٽ ڪرڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو. حالانڪ انھي کان اڳ منھنجو سعيد سومرو سان ڪو به تعلق نه ھو ، ۽ نه ئي ڄاڻ سڃاڻ، پر انھي ٿوڙي عرصي ۾ سعيد سومرو سان سالن جا دوستاڻا تعلق جڙي پيا آھن. آخر ۾ مان ڪنول پليڪيشن اداري جو تهه دل سان شڪر گذار آھيان.
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت.

ذلفي زنئور
ڳوٺ فتح خان زنئور دادو
Feb 4/2/2020
Cell: 0310-8990959

وڻجاري

اڳي اڳي سال اڳئي .......
شايد اھو جنوري جو مھينو ھو ، دخل تان اخبار کڻي ٿڌ کان بدن سيڪڻ لاءِ پرتي پيل بينچ تي وڃي ويٺو ھوس. پارڪ واري ھوٽل تي روز اچي اخبار پڙھندو آھيان ۽ ٿڌ ۾ چانهه جون چسڪيون ڀريندو آھيان. مان مين خبرون پڙھان ڪونه ، اندريون پرچو ڦلورڻ لڳم. ڪجهه ڪالم مضمون ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ آواز آيو.
’’صاحب خير ڏي‘‘
بنا ڏسڻ جي چيم، ’’معاف ڪر‘‘
وري اخبار کي لڳي ويس.
ٻيھر چيائين ’’صاحب خير ڏي‘‘
ڪاوڙ لڳم ’’ھڪ دفعو ڪونه ٻڌئي...چيم نه .....‘‘
نظر کڻي مٿي ڏٺم. اڳتي لفظ چئي نه سگھيس. تجسس مان ھن کي ڏسندو رھيس.
نيڻ نقش گول مٽول ڳٽا ڊگھي ڳچي سنھڙي چيلهه اڀريل ڇاتي سانورڙو رنگ ڄڻ ڪنھن مصور جي شاھڪار تخليق. اھڙي تخليق جنھن ۾ ھن ست ئي رنگ ڀري ڇڏيا ھجن. منھنجون نظرون ھن جي پوري جسم جو طواف ڪرڻ لڳيون، اڃان نظرون ھن تي کتل ئي ھنيون ته ھن وري چيو ’’صاحب خير ڏي نه!‘
مون کيسي مان ڏهه روپيا ڪڍي تري تي رکي ڇڏيا. ڪجهه چوان، ان کان اول ھوءَ ھلي وئي. ڪافي دير تائين ھوٽل تي ويٺو رھيس، پر ھيءَ موٽي ڪانه آئي.
اھو ڏينھن ڪيڏو وڏو ٿي پيو ھو. ڏينھن سال صدين جا سفر باسڻ لڳو ھو. ڪيڏي مھل سج لٿو، ڪيڏي مھل رات ٿي. سال صدين جا ليکا ڪير ڪري! اھا رات مون کي ننڊ نه آئي، سڄي رات ھن جو چھرو، نيڻ نقش قد بت سڀ ڪجهه دل تي ترندا رھيا.
ڪيڏي مھل ننڊ آئي، صبح ٿي ڪا خبر ڪانه پئي. اک کلي ته صبح جا ست پئي ٿيا. تڪڙو تڪڙو تيار ٿي وڃي پارڪ واري ھوٽل تي ويٺس. شدت سان ھن جو انتظار ڪرڻ لڳم. مونکي ڄڻ پڪ ھئي، ھوءَ ضرور ايندي، خبر ناھي گھڻي دير تائين ويٺو ھوس، ڪانئون ڪوپ پي ويٺو ھوس. انتظار جي پلن جو اڳ ڪڏھن احساس ڪونه ٿيو ھو. ڪيڏي مھل پري کان ھن کي ايندو ڏٺم.
گڏ ٻي ڄڻي به ھيس، ڪجهه ساهه سانت ۾ آيو. ڀر ۾ اچي خير گھريائين. منھنجي دل وس ۾ نه ھئي، بي قابو ٿي پيس. زري گھٽ جھڻڪ ڏيندين چيم ’’دير ڇو ڪئي !؟‘‘
مون ڄڻ ھن تي پنھنجو حق جتايو. ٿوڙي حيران ٿي، ٻيھر خير گھريائين. مون پرتي نظر ڪئي، ھن مھل ھوٽل تي ڪافي ماڻهو چانهه پي رھيا ھئا. ٻانھن مان پڪڙي ڀر ۾ ويھاريومانس. ھن ڪو تجسس نه ڏيکاريو.
’’گڏ ڀيڻ اٿئي ؟‘‘
’’نه... سھيلي آ.‘‘
’’پر ٻي ڳوٺ ۾ رھندي آ، ٿوري گھرين مائٽيارين به ٿئي‘‘
’’ڪلهه توسان گڏ ڪانه ھئي ؟‘‘
’’ھا ڪلهه سوير ھلي وئي ھئي نه ته روز مون سان گڏ ھوندي آھي‘‘
’’ويھارينس.‘‘
مان سرڪي ٿورو اڳتي ٿي ويٺس. ڀر ۾ ويھي رھيس
’’نالو ڇا اٿس ؟‘
’’نمارين‘‘
’’نماڻين؟‘‘
’’ھا نمارين!‘‘
’’ڀلا تنھنجو نالو ؟‘‘
’’شالي‘‘
’’شالي! ڀلا تو واري سھيلي گونگي آھي ڇا، ڳالھائي ڪانه ٿي‘‘
مون مذاق ڪئي. ٽھڪ ڏئي کلي پئي، ھن جو ٽھڪ ائين ٻريو ڄڻ ڪائنات جون خوشون ھن جي ٽھڪن ۾ رقص ڪنديون ھجن.
’’نه ھي ٻين سان گھٽ ڳالھائيندي آھي، رڳو مونسان ڳالھائيندي آھي ـ بس‘‘
’’شالي! ڀلا تون رھين ڪٿي ؟‘‘
’’ڇو ٿو پڇين!‘‘
’’بس ائين ئي مان خراب ماڻهو ناھيان تون گھٻراءِ نه !‘‘
’’صاحب اسان به مارھون مارھون کي سڃارون
تون خراب ناھين...‘‘
’’پوءِ ٻڌاءِ نه ڪٿي رھندين آھين ؟‘‘ مون سوال ورجايو
’’صاحب اسان جو ھڪرو ٺڪارون ڪونھي، شھر شھر رليا آھيو
ڪڏھن ڪٿي ڪڏھن ڪٿي‘‘
’’مطلب گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيتو اٿئي؟‘‘
’’صاحب پڇ ڪھري گھاٽ جو پارين ناھي پيتو!‘‘
’’ڀلا شھر سٺو ڪھڙو آ ؟‘‘
’’شھر سڀ سٺا آھن... مارھون سٺا ڪونھن‘‘
’’ٺيڪ آ ٺيڪ آ، پر ٻڌائي ته ڪونه ڪٿي ٿي رھين‘‘
’’پُل جي پريان جھوپريون آھن نه ـ اتي، ھارين اتان به اٿارين ٿا‘‘
’’ڪير ٿو اٿاري؟!‘‘ مون تڪڙو سوال ڪيو!؟
’’آفيسر مارھون آھن چون ٿا پرايو پلاٽ آ ھتي جايون ٺھنديون
جيترو جلدي ٿي سگھيو ھتان لڏو کرون، ڪجهه سرون بجري به لاھي ويا آھن.‘‘
’’پر ھر ڳالهه تون ڇو ٿو پڇين، اڄ تائين اھريون ڳالھيون ڪنھن به ناھن پڇون‘‘
’’ھارين خير ڏي ته اسين وڃون‘‘
چيم ’’ترس ته ڪاڏي ويندين!؟‘‘
’’صاحب شھر رلرون آ تنھنجي خير تي ٻئي ڄريون گھر پادر کائينديون سين‘‘
چيم ’’خير نه گھرندي ڪر، مونکان خرچي گھرندي ڪر‘‘
مرڪي پئي، ’’چڱو صاحب خرچي ڏي...‘‘
مون پنجاھ روپيا ڪڍي تري تي رکي ڇڏيا، اکين ۾ چمڪ اچي ويس
’’صاحب! ھاررن اسان وڃون‘‘
’’ڀلي پر سڀاڻي پڪ ايندين نه !؟‘‘
’’ھا ضرور اينديون سين‘‘
ٻئي ڏينھن جڏھن آئي، الف کان ي تائين پورو قصو ڪري ٻڌايائين
’’صاحب! سال ٿيو آ جو ھتي آيا آھيون. اول سکر رھندا ھا سين، اتان لڏي ڪوٽري آيا سين. وري اتان لڏي حيدرآباد ويا سين، ھاررن ھتي ٿا رھون. اصل اسان بلوچستان جا آھيون، ھارين ھتان به اٿارين ٿا. وڏرا چون ٿا واپس بلوچستان ھلنداسين، ڪجهه ڏينھن ۾ شايد واپس ھليا وڃون‘‘
چيم ’’واپس چري آھين ڇا؟‘‘
’’توسان نه ملندس ته پوءِ ڪئين رھي سگھندس.‘‘
مرڪي پئي، ’’صاحب! ھڪري ڳالهه پڇان‘‘
چيم، ’’پڇ‘‘
’’توکي وران ٿي!؟‘‘
چيم، ’’ڏاڍي‘‘
’’ڪيتري ؟‘‘
چيم، ’’بيان کان مٿي جتي لفظ پورا ٿي وڃن، ان کان اڳتي منھنجي محبت جي شروعات ٿي ٿئي.‘‘ فلسفو سمجھي ڪانه سگھي
’’معنا توکي گھرين ٿي وران‘‘
’’ڪٿي مون سان پيار ته نه ٿو ڪرين !؟‘‘
چيم، ’’دل تي وس ناھي، الاءِ ڪئين اچانڪ محبت ٿي ويندي آ‘‘
’’ھا توسان محبت ٿي وئي آ‘‘
’’صاحب! سڀارين جي توسان نه ملان، اسان اجنبي مارھون .... اچانڪ ھليا ويا سين ته پوءِ .......!؟‘‘
مون جواب ۾ ڪجهه ڪونه چيو.

ڪجهه ڏينھن کان يڪو شالي ڪانه آئي.
ڏاڍو اداس ٿي پيس.
ھڪ ڏينھن پري کان نماڻي کي ايندو ڏٺم. ڇڪي ڀر ۾ ويھاريومانس، پڇيم، ’’نماڻي ! يڪو شالي ڪانه ٿي اچي!‘‘
اداس ٿي پئي، ’’ صاحب! شالي وارا لڏي ويا‘‘
’’لڏي ويا پر ڪاڏي !؟‘‘
’’صاحب! بلوچستان‘‘

کن پل ۾ من ڌرتي تي ڪئين زلزلا آيا ـ گذري ويا
ھُن کي ويندي ڪو عرصو ٿيو ـــ
پر اڄ به مون کان وسري ناھي !

خواھشون

ٻئي ٻانهون ٻڌي صبح سوير سي ۾ ٿڙڪندو ٿي هليو، نه لوئي ويڙهيل نه جرسي پاتل. چيم ’’ڏاڏا ٻانهن جا ڪف ته لاهه هڪ ويڙهيل ڪجهه ڪون اٿئي ٻيو وري ٻانهون به چڙهيل اٿئي!‘‘
ڪف کولي ڏيکاريائين، ڪرائي کان ڪف مٿي بيٺل.
’’خيراتي مليو آ، سيٺ بابو ڏنو آ‘‘
چيائين ’’غريب آهين دعا ڪجان، اهڙي لنڊي وڳي تي به نڀاڳي کي دعا ٿي کپي‘‘
’’اهو سهي آ ٿوڙو هلندو هل دير ٿي ويندي... ٺيڪيدار اڳئي تو مان بيزار آ، روز گهپي مچايو ويٺو آ ته ڪم ڪونه ٿو پڄيس، مفت جي ويٺو تاريخ ڀريان ... ڪو ٻيو مزدور وٺيو اچ، مڙي ٽاريندو ٿو اچانس...‘‘
ڪاوڙ لڳس. ’’استاد مزدوري ۾ ڪهڙو مونکي ايوارڊ کڻڻو آ..اهيو ڏمر ٺيڪيدار پيو دانهون ڪندو... ڊاهي جو ڪم آ، نڀاڳي جي مرضي آهي ته هڪ ڏينهن ۾ سڄي جڳه ڊاهي ڏيونس.. استاد! بم سان ته ڪانهي ڊاهڻي نه ...‘‘
’’بابا ڊاهي هفتي ۾ ڪرڻي آ نه ته پيراگريس نه نڪرندي، ٺيڪيدار نقصان ۾ ويندو، سمجهي ٿو نه!‘‘
’’استاد! مهيني ۾ به ڊاھي ڪونه ٿيندي...‘‘ ھٿ وڌائي تريون ڏيکاريائين. ’’ھي ڏس استاد! هٿوڙا هڻي هڻي هٿن ۾ لڦون پئجي ويون آهن، رڳو ڀيم ڊاهڻا آهن، سولي ڳالهه ڪونهي... ٻين کي ڏئي پنج سئو مزدوري، مونکي ڏئي ٽي سئو پيراگريس به مان پوري ڪري ڏيانس..‘‘
’’تون لهين به ٽي سئو ڏاڏا هاڻ تو ۾ اڳي وارو ڪم ناهي رهيو. جڏهن ٽن مزدورن جو ڪم اڪيلي سر ڪندو هئين، هينئر تو ۾ اها وسيعت ناهي.‘‘
’’ٺيڪيدار ته پهرين ئي چوي پيو ته مزدور ڪي چڱڻا آڻجان! مزدور چڱان ڪٿان آڻيان، هينئر سڀ پوکي ۾ ڪاڀو آهن، جڏهن واندا ٿين، باقي آهن تو جهڙا ڏمر هڪ تون ٻيو شريف جڏو ، ٽيون رمضان، سڀئي معزور ، توهان مزور ناهيو معزور آهيو، پنائڻو هجي ته توهان کي وٺي هلان، باقي ڪم توهان کان پڄي ڪونه رڳو مزدوري توهان کي وڌائي ڏجي مون بخيان ڇنڊي...‘‘
هوا کان رُخ موڙي روڊ جي پاسي تي بيهي سگريٽ دکايائين. سگريٽ جو دونهون ڇڏيندين چيائين، ’’رڳو هي هفتو پورو ڪيان پوءِ جوڳي نه ڪنهن جا مٽ، بس ڪجهه خواهشون آهن.‘‘
’’هفتو ڪم ڪندين، تنهنجون خواهشون پوريون ٿي وينديون!‘‘مون ٽوڪيو
’’ڪونه ٿينديون، خواهشون ڪڏهن پوريون ٿئڻيون ڪونهن، جي خواهشون پوريون ٿين ته پوءِ خواهشون ڪهڙيون !‘‘ اڻڄاڻائي ۾ چيل هن جي فلسفي تي مان سوچيندو رهيس. ڪڏهن ڪڏهن موالين جا گفتا به ڪمال جا هوندا آهن.
هن کان اونت وٺڻ لاءِ چيم ’’چڱو ٻڌا ڪهڙيون ڪهڙيون خواهشون اٿئي؟‘‘
جوتن ڏي اشارو ڪندين چيائين، ’’ٺوڳرا ڏسين ٿو نه هنڌان هنڌان ڇڄي پيا آهن.. هي ڏس کڙيون سڄون سيءَ ۾ ڏري پيون آهن ، مزدوري مان پهرين بوٽ وٺندس ...‘‘
’’پندرنهن سورنهن سئو جو بوٽ آ ...حساب ڪيو اٿئي، ٻيو ڪجهه ڪونه وٺندين، رڳو بوٽ وٺندين!؟‘ هن کي آپي مان ڪڍڻ لاءِ مون تڪڙو جواب ڏنو.
چڙ لڳس ’’استاد! مان ڪو باٽا يا سروس جو بوٽ ڪونه ٿو وٺان پٺاڻ کان سئو ڏيڍ سئو جو پلاسٽڪ جو بوٽ وٺندس... مڙئي ٿڌ کان پير ڍڪڻ لاءِ...‘‘
’’چڱو سگريٽ جو سوٽو هڻانءِ،‘‘ مون اڌ مان هن جي ڳالهه ڪٽي. هن دکيل سگريٽ وڌايو. هڪڙو ڪش هڻندي پڇيم،
’’ڪهڙو سگريٽ آ!؟‘‘
’’ايڪسپريس...‘‘
’’گهڻي ٿو ملي؟‘‘
’’ويهه روپيا‘‘
’’مزو ڏئي ٿو ؟‘‘
’’مزو ته گولڊ ليف ۽ گولڊ فليگ ٿا ڏين، پر سڃائي ۾ جيڪو سستو...‘‘
پيڪيٽ جو ڪيپ کولي ڏيکاريائين، ’’ڏس استاد! لکيل اٿس آپ ڪو پانچ روپيه ڪي بچت مبارڪ هو ...اِهيو پاڪيٽ ماما پانَ واري کي ڏسيندس، ٻيو پاڪيٽ پنج روپيا ريائت ڪري پندرهن روپيا ۾ ڏيندو..‘‘
’’چڱو ٻي ڪهڙي خواهش اٿئي؟‘‘مون ڳالهه کي ڳنڍيو.
ٻي خواهش آ ڪجهه ٽائيم هي موت مار سگريٽ ڇڏي گولڊ ليف يا گولڊ فليگ پيئندس.‘‘
مون ٻه وکون تڪڙيون کنيون. ’’ڏاڏا! تنهنجون خواهشون پوريون ٿينديون ڪونه، تڪڙي وک وڌا... ڪم کان دير ٿي ويندي.‘‘
’’استاد! آخري ڏينهن آ، مزي سان هل، سڀاڻي کان هوئين الوداع آهي.. پوءِ سائين ڄاڻن ڳائين ڄاڻن..‘‘
’’اڃان ھڪڙي ٻي به خواھش آھي!‘‘
’’ٻڌاءِ !؟‘‘
’’هڪ ڏنڊو ڪونڊو وٺندس، ٻه ٽي ڪلو ڀنگ هٿ ڪري پوءِ مهينو کن نڙ لڳو وتندس......‘‘

هفتي کان ٻيو ڏينهن آ ، ڏاڏو ڏمر ڪم تي ناهي آيو. ٽئين ڏينهن شام جو مليو. اوٺائين ڪلر جي پراڻي لوئي ويڙهيو دڪان تي ٿي ويو. احوال وٺندين پڇيم
’’ ڏاڏا خرچ پاڻي آهي يا........!؟‘‘
ٿڌو ساهه ڀريندي چيائين ’’ ڪٿي ؟‘‘
’’ڏٻري کي مڇر گهڻا، ننڍڙو بيمارٿي پيو، ڊاڪٽر ڏي وٺي ويس، هڪ ٻه سئي لڳي، ٿيلهي چڙهيس، باقي دوائون وٺي گهر پهتس....‘‘

سنگسار

اڄ عورتن جي درٻار ۾ ڪنيز مريم کي زنجير ۽ ڏنڊا ٻيڙن ۾ جڪڙي پيش ڪيو ويو آھي. مٿس الزام آھي ته ھن ان قانون/معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي، جيڪو معاهدو مردن ۽ عورتن جي وچ ۾ جداگانا علحدگي پسند جو ڪيو ويو ھو.
معاهدي جو متن اھو ھيو ته عورت مردن جي معاشري کان بغاوت ڪندي علحدگي پسند زندگي گذارڻ ٿي چاھي. عورت جو مرد سان ڪو به / ڪنھن به قسم جو تعلق نه رھندو. پوءِ چاھي اھو غير محرم مرد ھجي، پي ھجي، ڀاءُ ھجي. سئوٽ ماسات مٽ مائٽ يا ڪو به رشتو.
مردن جي اڪثريت ان چيلنج کي قبول ڪيو ۽ فيصلي تي اتفاق ڏيکاريندين معاهدي تي ٻه طرفيون صحيون ڪيون.
ڪنيز مريم کيس ان ٺاھ جي ڀڃڪڻي ڪندي سنگين جرم ڪيو آھي. عورتن جي درٻار ۾ مريم کان جرم جو اعتراف ڪرائڻو آھي ته ’’جنھن ٻار کي ھن جنم ڏنو آھي، اھو ٻار ڪنھن جو آھي؟‘‘
درٻار ۾ ھڪ مشير عورت خار کائيندي، مريم کان سوال ڪيو ته ’’ھي حرامي ٻار ڪنھن جو آھي !؟‘‘
ڪنيز مريم مشير عورت کي حقارت مان نھاريندي، سخت احتجاج ڪيو. ’’ھن ٻار کي حرامي جو لقب نه ڏنو وڃي!‘‘
مشير عورت ڏند ڪرٽڻ لڳي، ’’نه ته تون مريم آھين، نه ئي ھي ٻار عيسا آھي. تو قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. توکي اعتراف ڪرڻو پوندو ته ھي پاپ ڪنھنجو آھي !؟‘‘
ٻيھر مريم جي سڄي وجود ۾ ڪروڌ ۽ زھر ڦھلجي ويو .مريم جو پورو وجود ڪنبڻ لڳو. ان مھل طور سينا جو جبل لرزي ويو.
’’ڀل مونکي موت جي سزا ٻڌائي وڃي پر مان گناھ جو اعتراف نه ڪندس. مون ڪو به گناھ ناھي ڪيو‘‘
عورتن جي سربراھ حسينا جوش منجھان منصب تان اٿي بيٺي.
’’سزا تجويز ڪرڻ تنھنجو ڪم ناھي، سزا تجويز عورتن جي سلطنت ڪري ڇڏي آھي ۽ اھا سزا گڏيل مھادي تحت مقرر ٿي چڪي آھي ۽ اھا سزا آھي سنگسار ... توکي سنگسار ڪيو ويندو.
بس پنھنجي گناھ جو اعتراف ڪري ان گنھگار جو نالو کڻ جيڪو تنھنجي گناھ ۾ برابر جو شريڪ آھي. ھي ٻار ته گواھي ڏيڻ کان رھيو. ڇو ته ھي ٻار نه حضرت عيسا آھي ۽ نه ئي تون بيبي مريم.
تنھنجي سزا مقرر آھي پر قانون مطابق توکي تيسيتائين سنگسار نه ٿو ڪري سگھجي جيسيتائين تون پنھنجي گناھ جو اعتراف نه ٿي ڪرين ۽ پنھنجي گناھ ۾ برابر جي شريڪ کي ظاھر نه ٿي ڪرين ڇو ته قانون مطابق زنا جي ڏوھ ۾ مرد ۽ عورت لازم ملزوم ٻئي برابر جا شريڪ ھوندا آھن. تنھن ڪري ھي سزا ڪنھن به ھڪ فرد تي عورت يا مرد تي لاڳو نه ٿو ڪري سگھجي. توکي گناھ قبول ڪرڻو پوندو ھر صورت ۾ ...‘‘
هوڏانهن مردن جي سربراھ جابر بن سلطان عورتن جي سربراھ کي پنھنجي مشير سان پيغام موڪليو ته ڪنيز عورت کان جلد کان جلد ڏوھ جو اعتراف ڪرائي ان مرد کي پڌرو ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ٽن ڏينھن اندر عورتن جي سلطنت تي فوجي حملو ڪيو ويندو.
عورتن جي سربراھ حسينا کيس مشير کي پيغام ڏنو ته عورتن جي درٻار ۾ ڪنيز مٿان ڪيس ھلي پيو، جلد ڪنيز کان ڏوھ قبول ڪرائي وٺبو پر اڪثر اھو گناھ عورت جي جسم مان ڦٽي پڌرو ٿي پوندو آھي.
مرد ته اھو سڪل ٿڙ آھي، جنھن جي جسم مان ثبوت جا ڪچا گونچ به ڦٽي پڌرا نه ٿا ٿين.بھتر آھي ته توھان ان ڪانئر بزدل مرد کي پڌرو ڪيو جيڪو ڀيڙئي جي روپ ۾ رڍڻ جي ڌڻ ۾ لڪل آھي!
مشير جو اھڙو پيغام ٻڌڻ کان پوءِ جابر بن سلطان تپي باھ ٿي ويو. مردن جي مردانگي تي اھو سوال للڪار ھو، ھن وٽ حسينا جي جواب جو جواب نه ھو. ھن تمام مشيرن وزيرن کي ترت گھرائي ھڪ اجلاس ڪوٺايو.
ھن سخت لفظن ۾ فرمان جاري ڪيو ته ان مرد کي ٽن ڏينھن ۾ پڌرو ڪيو وڃي، مان اعلان ٿو ڪيان، ٺيڪ ٽن ڏينھن کان پوءِ مردن ۽ عورتن جي سربراھي ۾ ٻن جسمن کي سنگسار ڪيو ويندو.
سڄي مشينري ترت حرڪت ۾ اچي وئي. ھڪ سئي کي ڪچري جي ڍير مان ڳولي لڌو. نيٺ ھڪ غلام ھٻڇي کي گرفتار ڪيو ويو.
ٽئين ڏينھن ھڪ کليل ميدان تي مردن عورتن جي ھڪ وڏي ڀيڙ گڏ ٿي. سنگسار جي رسم لاءِ ھڪ فٽ جي وٿي تي ٻه کڏا کوٽيا ويا. ٻن جسمن کي الڳ الڳ کڏي ۾ ڌڙ تائين دفن ڪيو ويو. ڀيڙ مان پٿريون وسڻ شروع ٿيون. تان جو ٻئي جسم ڌڙ کان سر تائين دفن ٿي ويا.
اچانڪ ڀر واري جھوپڙي مان ھڪ معصوم ننڍڙي نئين ڄاول ٻار جي چيخ گونجي، مردن جي افواج جو سپر سالار جھوپڙي طرف وڌيو.
ڪجهه دير کان پوءِ ھڪ ننڍڙو پسون جسم جھوپڙي مان کڻي ٻاھر نڪتو. ھن ننڍڙي پسون ٻار کي ھٿن ۾ جھلي ٻئي ٻانھون مٿي ڪري وڏي واقعي اعلان ڪيو ته ’’وري ھڪ باغي عورت جي ڪک مان ٻيھر ڪنيز مريم جنم ورتو آھي....‘‘
سڄي ڀيڙ جو ڌيان فورن ان معصوم پسون طرف ڇڪجي ويو. ٻي ساھي سڀني جون نظرون ان جھوپڙي طرف کڄي ويون ــــــ

نفــــــــرتــــــــــون ...

سومر ۽ اختيار ڀيڻ کي ڪاري ڪري مارڻ جي الزام ۾ جيل مان 11 سالن جي سزا ڪاٽي موٽيا ھا
.... پر شھمير اڃان به بدلي جي باھ ۾ پڄري رھيو ھو. سندس جسم جان بدلي جي باھ ۾ ائين ٿي ٻريو جئين جبلن تان لائو ٻري ٻري ڪرندو آھي
تڪرار ته گھڻو اڳئي ٻني ٻاري گاھ پٺي پاڻي جي واري تان شروع ٿيو ھو پر ھاڻ الاءِ ڪيترا دفعا شھمير سومر وارن جا گھٽ گھيڙ جھليا آھن پر وجهه نه ٿي مليو. کيس سومر وارن جو اھو حشر ڪرڻو آ جھڙو حشر سومر وارن سندس ڀاءُ غلام جو ڪيو ھو. جيستائين شھمير پلاند نه ٿو ڪري تيستائين سک چين حرام آھي.
تڏھن ماڻھن جي ڀيڙ ۾ وڃي غلام جي لاش مٿان بيٺو ھو، جھٽ ۾ ڪنڌ ڦيري ڇڏيو ھئائين. ھوش خطا ٿي پيا ھس. جسم سڄو لرزي ويو ھو. غلام جو لت پت لاش نور واھ جي ڪڙ تي واري جي ڊسڙ ۾ پيو ھو. سندس ھٿن پيرن جا نهه نڪتل ھا، اکين مٿان تپيل شيخن جا ڪارا ڪارا ڏنڀ ڏنل ھا، ڪپڙن ۾ آر پار پنج ڇهه گولين جا سوراخ ھا،وار منھن مٿو ڌوڙ ۾ ٻڏل ھا، گولين واري جاءِ کان آلي ڊسڙ چھٽي پئي ھئي.
ھاڻ سومر وارن جي گھٽ گھيڙ کان وڄ وارا وراڪا پاتا اٿائين پر اڃان ڪو وجهه وٺي ناھي سگھيو روز بروز ڀاءُ جي پلاند جا اندر ۾ وڍ ٿا پون.
ان ڏينھن پاڻي جي واري تي جڏھن غلام ڪوڏر سان پاڻي جو اوھاندو کوليندي چيو ھو
’’ادا! ڇوري انب آھي، ڏاڍا اشارا ٿي ڪري ...صفا راتين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي اٿس ...ٻُڌي ڇڏ ھڪ ڏينھن ڇوري کي ڀڄائيندس ضرور..‘‘
شھمير ٻٻر جي ٽيڪ کان اٿي پيو ھو. ٻني جي ڪڙ تي رکيل رپيٽر جھٽ ڏئي کڻي ورتو ھئائين رپيٽر غلام جي سيني تي سڌو تاڻي ورتو ھو. ’’دل ٿي چوي سڌو سيني واري گولي ھڻانءِ پر تون مڙندين ڪونه .... ڪيترو جھليو اٿمائين نه ويندو ڪر ھنن جي پاڙي ...ويتر دشمني وڌائيندين ... خبر به اٿئي، رڳو رمو جي خبر پئي ھئي ته ڀيڻس سان عشق ٿو ڪري ته غريب کي جيئرو زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو ھون ... نه ڪا داد ٿيس نه فرياد ....
ڏنگا مڙس آھن .... اھڙن ڦڏن کان بچ ... ڪٿي وجھين نه آزار ۾...‘‘
پر الاءِ ڪئين غلام اٻراھپ ڪري ويٺو ھو.
ان رات شھمير کي شاڪ لڳو جڏھن خبر پئي ته غلامُ ، راڻيءَ کي ڀڄائي نڪتو آھي. ڪھڙو رخ ورتو اٿس؟ اھا ته خبر نه ھئي! پر ايتري ڄاڻ ملي ھئي ته سومر وارا ھٿيارن سان ڪڍ نڪتا آھن.
شھمير جي پيرن ھيٺان ذري گھٽ زمين نڪري وئي ھئي ۽ ٽئين ڏينھن غلام جو لت پت لاش نور واھ جي ڪڙ تي پيل مليو ھو.
تڏھن کان شھمير جون ننڊون حرام آھن. رات به دير تائين ننڊ نه پئي آئي. نيٺ کٽ تان اٿي سيراندي کان رپيٽر کڻي ڪلھي ۾ وڌائين. ٻئي ڪلھي ۾ گولين جو ٿيلھو وجھي گھر جو در بند ڪري گھٽي کان ٻاھر نڪتو. ٻن ڳوٺن جي درميان فاصلو ڇهه ست ڪلوميٽرن جو آھي. ڪنڊي واري اڏ ٻنھي ڳوٺن جو سينٽر / وچ آھي. ھڪ پاسي شھمير وارن جون زمينون ڳوٺ آھي. ٻئي سائيڊ يعني ڪنڊي واري اڏ کان سومر وارن جون زمينون ڳوٺ. ڏينھن ھجي يا رات ٻئي سائيڊ ٻنھين ڌرين کي ڪنھن به کھنس ڪرڻ جي اجازت ناھي.
ھي ٻنين مان ٿيندو وڃي ڪنڊي واري اڏ تي چڙھيو. ھن نظر ڪئي ڏور گھرن ۾ ميرانجھڙي روشني ٿي ٻري. وھندڙ اڏ جي پاڻي ۾ اڌ چنڊ جو عڪس نظر ٿي آيو.
شھمير اڏ ٽپيو.
ھي چيتي جھڙي چال ۽ لومڙي واري سوچ سان اڳتي وڌندو رھيو. ڪجهه ڪنڊين ديوين ٻٻرن ٻيرن جي واڙي مان وڻن جي اڙ ڏيندو اچي ڳوٺ جي ڀر ۾ نڪتو. آھستي آھستي ھڪ ڪچي اوڏڪي ديوار جي اڙ ورتي. ديوار جي اوٽ ويھي ٿيلھي ۾ گوليون چيڪ ڪيون. رپيٽر لوڊ ڪري ورتو. لڪي لڪي سومر وارن جي گھر جي پٺ واري ديوار ٽپيو.
ٽاھ کائي پريان چانڊوڪي ۾ ڪنڊي تان چٻرو اڏري ويو. ھن ھڪ نظر گھر جي کٽن تي وڌي. ڀت جي کاٻي پاسي کان ھڪ کٽ جي ڀر سان عورتاڻي جتي رکيل ھئي. ان جي ڀر ۾ پيل ٻي کٽ جي سيراندي کان پائي سان لڪڻ ٽيڪيل ھئي. پنجن ڇھن قدمن جي فاصلي تي ٻه ٻيون کٽون رکيل ھيون. ھڪ اولھندي پاسي کان ٻي کٽ اتر واري پاسي کان جيڪا الھندين پاسي کٽ ھئي ان جي ھيٺان مرداڻا بوٽ پيل ھا. ۽ اتر واري پاسي جي کٽ وٽ سينڊل.
ھي دٻيل قدمن سان اچي اولھندي پاسي واري کٽ تان بندوق کڻي ورتي. ستل تي نظر وڌي ته سومر ھو. دٻيل دٻيل قدمن سان اتر واري کٽ ڏي وڌيو. ٻئي کٽ تي سومر جو ڀاءُ اختيار ستل ھو. شھمير ان کٽ تان به ھٿيار کڻي ورتو. ٻئي ھٿيار ڀت جي پريان ڦٽا ڪيا.
موٽي اڳتي وڌيو. وڌي اچي سومر جي کٽ مٿان بيٺو. رپيٽر سومر تي تاڻي ورتو. ھڪل ڪئي ’’اٿ ڀڙوا‘‘
شھمير جي ھڪل تي جئين سومر اٿيو ته آواز تي ڇرڪ ڀري ڀر واري کٽ تان اختيار اٿي پيو. کٽ تي ھٿوراڻيون ھڻي ھيڏان ھوڏانھن ھٿيار ڳولڻ لڳو. اختيار جئين ئي کٽ تان اٿڻ جي ڪئي. شھمير پھرين گولي اختيار تي ھلائي. اختيار وڃي زمين تي ڪريو. جئين اختيار زمين تي ڪريو ته سومر کٽ تان اٿڻ جي ڪئي. سومر تي رپيٽر تاڻي ٻي ڳولي سومر کي ھنئي. سومر اتي ئي کٽ تي ڪري پيو. شھمير وڌي وڃي رپيٽر سيني تي رکيس. ڪيڏي مھل مريم دانھون ڪندين ڊوڙندي آئي.
اچي شھمير جي پيرن ۾ چنبڙي پئي.
’’نه مار ادا کي نه مار ... ھي پوتي پيرن تي اٿئي...‘‘
چنڊ جي چانڊوڪي ۾ مريم جا وار چمڪڻ لڳا ھا. چانڊوڪي ۾ چنڊ جھڙو چھرو ويتر ٻرڻ لڳو ھو. مريم جي چھري تي حقارت ھئي. اکين ۾ رت لھي آيس. يڪ ٽڪ حقارت مان شھمير کي ڏسندي رھي.
شھمير دٻيل دٻيل قدمن سان پٺتي ھٽڻ لڳو.
مريم جون نظرون بڙڇي جيئان سيني ۾ ويتر کپنديون ٿي ويون.....

ھي تڪڙو تڪڙو گھر کان ٻاھر نڪتو. ان رات گھر نه ويو. سڌو قبرستان وڃي ڀاءُ غلام جي قبر تي گوڏن ڀر ڪري پيو. ھن ڀاءُ جي زخمن جا سارا حساب وٺي ڇڏيا ھا پر پوءِ به ڪنھن ھارايل سپاھي جيئان ھزارين من اندر ۾ شڪست جا گھاءَ ھئا.

ٻئي صبح جاءِ واردات تي پوليس پڳي. سومر اختيار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ موبائل ۾ وڌو. ھڪ آفيسر تفتيش دوران مريم کان سوال جواب ڪيا. مريم پار پتن ۾ شھمير جي نشاندھي ڪئي.
پوءِ ڪيترا ڏينھن رات پوليس شھمير جي گھر تي چڙھائي ڪئي. ڇاپا ھنيا پر شھمير ھٿ نه ٿي آيو.

ٺيڪ پندهرين يا سورھين رات شھمير، سومر وارن جي وري گھر گھڙيو. سڌو اچي مريم جي کٽ مٿان بيٺو. مريم جي ٻانھن جھلي ورتي.
مريم ڇرڪ ڀري جاڳي پئي، ھيسيل ھرڻي جيئان سٽ ڏئي ٻانھن ڇڏائي پوئتي ھٽي بيٺي.
’’ڇو آيو آھين ؟ اڃان توکي ھن گھر مان ڇا کپي؟ مونکي مارڻ آيو آھين؟ ماري ڇڏ ! يا ھُن پوڙھيءَ کي مارڻ آيو آھين... ماري ڇڏ .... ٻنھين کي ماري ڇڏ ... مار جنھن کي مارڻو اٿئي مار ...
مار ـ مار ـ مار‘‘
شھمير مريم جي چھري تان خوف ۽ حقارت کي پڙھي ورتو.
’’نه ! نه مان ڪنھن کي مارڻ آيو آھيان، نه ڪنھن کي ڌمڪائڻ، نه وري ڪو افسوس ڪرڻ آيو آھيان. مونکي ڪو افسوس ڪونھي ۽ مان اھو به ڄاڻان ٿو پوليس منھنجي ڪڍ آھي ۽ پوليس کي شاھدي به تو ڏني آھي. مونکي انھي ڳالهه تي به افسوس ڪونھي. جيل ريل ڏسيو ويٺو آھيان. مونکي جيل ريل جو به ڀئو ڪونھي. بس منھنجي ھڪڙي ڳالهه ٻڌ !‘‘
مريم منھن پرتي ڦيري ڇڏيو.
’’مان ڪا به تنھنجي ڳالهه ٻڌڻ نه ٿي چاھيان، مونکي نفرت آ توکان، ھليو وڃ ھتان .....‘‘
شھمير سٽ ڏئي مريم جي ٻانھن جھلي ورتي.
’’ڳالهه ٻڌ منھنجي .... مان عشق بشق پيار محبت کي بڪواس سمجھندو آھيان ... نه ڄاڻ ان رات کان پوءِ يڪو مان سمھي ناھيان سگھيو. ننڊ ڏوراھين ھلي وئي آ ... بستر ڪاوا ۽ ڪنڊا بڻجي پيو آھي، اوجاڳن چين سڪون وڃائي ڇڏيو آھي ... بس ھر پل ھر گھڙي نظرن آڏو رڳو تنھنجو چھرو ترندو ٿو رھي ... دل تي ڪو وس نه ٿو ھلي... ڪيان ته ڇا ڪيان ... سچ پڇين ته ڄاڻي واڻي ھلي نه آيو آھيان. قدم آھن جيڪي گھلي اچي تنھنجي اڱڻ تي بيھاريو آھي. سچ پڇين مان ڏاڍو بيوس ٿي پيو آھيان ! مان چاھيان ته توکي کنڀي کڻي وڃي سگھان ٿو، ڪنھن مھل به ! پر نه ! الاءِ ڇو دل بي وس ٿي پئي آ
مان ھر گناھ جي توکان معافي وٺڻ لاءِ تيار آھيان. بس ھڪ دفعو مونکي معاف ڪر....
مون سان شادي ڪر !‘‘
مريم شادي جھڙي لفظ تي وڌيڪ حيران پريشان ٿي وئي.
’’شادي... ھرگز نه ..... مان زھر پي ڇڏيندس پر توسان شادي نه ڪندس. ‘‘
شھمير مريم جي پيرن ۾ گوڏن ڀر ڪري پيو. ٻئي ٻانھون مريم جي ٽنگن ۾ ڀڪوڙي ورتائين. اکين مان ڳوڙها زار قطار لڙي پيس.
’’ڏس مان پيرين ٿو پوانءِ ... مونکي معاف ڪر .... مونکي معاف ڪر....‘‘
مريم سٽ ڏئي شھمير جون ٻانھون ڇڏائي ٻه قدم پوئتي ھٽي بيٺي.
’’مان پنھنجي ڀائرن جي قاتل کي ڪڏھن به معاف نه ٿي ڪري سگھان ... ڪڏھن به نه ! ھليو وڃ ھتان ... مان چوانءِ ٿي ھليو وڃ ھتان ... وري پنھنجو مُنھن نه ڏسجان. جئين مون پنھنجي ڀائرن جا مئا منھن ڏٺا ھا، تئين تنھنجو مئو منھن ڏسڻ ٿي چاھيان. دنيا ۾ مان اگر ڪنھن سان نفرت ٿي ڪيان ته اھو تون آھين....
ھليو وڃ ... ھليو وڃ ... مان چوان ٿي ھليو وڃ ھتان .... ڪَن کولي ٻڌي ڇڏ ..... مان توسان نفرت ڪيان ٿي ٻڌئي، ڇا ٻڌئي مان توسان نفرت ڪيان ٿي ــــ نفرت ــ نفرت ــــ نفرت‘‘
شھمير جي ڪنن ۾ پڙلاءِ گونجڻ لڳو . مان ــ توسان ــــ نفرت ــــ
مان ـــ توسان ــــ نفرت ـــ مان توسان نفرت نفرت نفرت .....
شھمير پٽ تان اٿي کڙو ٿيو. قدم قدم پوئتي ھٽندو رھيو. ڪنن ۾ پڙلاءِ گونجي ٿو
مان ـــ توسان ــــ نفرت ـــ مان توسان نفرت .... مان توسان نفرت نفرت نفرت.....
ٻئي صبح شھمير ٿاڻي تي گرفتاري ڏني ۽ قتل جي ذميواري قبولي ورتي. شھمير کي ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو. وڪيل سومر ۽ اختيار جي قاتل جي شاھدي لاءِ مريم کان سوال ڪيا ؟
مريم ڪٽھڙي ۾ بيٺل شھمير ڏانھن آڱر سڌي ڪئي. جج ڏوھ جي عتراف ۽ مريم جي شاھدي کي مد نظر رکي شھمير کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي. شھمير ڪنھن ھارايل جواري جيئان مريم جي سڌي آڱر کي يڪ ٽڪ تڪيندو رھيو . ڪنن ۾ ساڳيو پڙلاءُ ٿو گونجي.
مان ــ توسان ــــ نفرت
مان توسان نفرت نفرت نفرت .....
ھٿن ۾ ھٿڪڙيون لڳل شھمير چار سپاھين سان گڏ ٿڪل ٿڪل قدمن سان وڃي پوليس موبائل ۾ ويٺو ......

گنـــــــــــاهه

گھر ۾ شرارت تان جئين سدوريءَ ننڍڙي ساجن کي ٿڦڙ وھائي ڪڍي ته ساجن ڪاوڙ ۾ اچي ٿلھي تان ھيڏي ھوڏي ڀتر ٺڪر ڳولڻ لڳو. ھڪ ڪچو ڀتر کڻي اڇلي سدوري کي ھنيو. ڀتر سدوري کي نرڙ تي لڳي ڀري پيو. سدوري ڪاوڙ ۾ ڇڙٻ ڏئي پويان ڊوڙ پاتس
’’بيهه ٿوڪا! توکي ڏسان ٿي...‘‘
ساجن ڊوڙ پاتي ٻاھر گھٽي ڏي. ڪاٺ جو در ٺڙاڪ سان بند ڪري گھٽي ۾ ڀڄي ويو
سدوري ڪاوڙ منجھان پويان در تائين ڊوڙ پاتي. در جي اوٽ بيھي ساجن کي گھروڙي بجو ڏنائين
’’اچ ٿوڪا ... تنھنجون ٽنگون ٿي ڀڃان....‘‘
گھٽي ۾ ٻيا ٻار راند کيڏي رھيا ھئا. ٻهه ڳڀرو جوان گھٽي مان گذريا ٿي. ساجن پري کان سدوريءَ کي گار ڏني....
’’خبر آھي ٿلھي خالد ي … ھ ….ن … د ..و.. اٿئي‘‘
سدوري ڦڪي مٺي ٿي پئي. لڄ کان در جي اوٽ بيهي رھي. نوجوان در جي اوٽ کي گھوريندا، ٽھڪ ڏيندا گھٽي جي موڙ کان لڙي ويا.
سدوري جي چھري تي مصنوعي ڪاوڙ تري آئي.
’’گاريون ٿو ڏئين... اچ امان کي دانھن ٿي ڏيان...‘‘
در جي اوٽ کان منھن ڪڍي گھٽي جا ٻئي رخ جاچيا. ٻارن اڃان راند پئي ڪئي.
در ٻيڪڙي موٽي. ساجن جي گار تي ھن جا سوين ارمان جاڳي پيا. جيڪي ارمان ھر ڪنواري ڇوڪري ڪنوار جي صورت ۾ ساڀيان ٿيندي محسوس ڪندي آھي.
تڪڙي تڪڙي سڌو ڪمري ۾ آئي، صبح جي ٽائيم به گرمي شدت جي ھئي. ھي ڇت جي پکي ھيٺان ليٽي ٿي پوي. ساجن جي معصوميت مان ڏنل گار ڪنن ۾ ٿي گونجي.
’’خبر آ ٿلھي خالد ............ اٿئي‘‘ ھن جا ارمان ويتر اڌما ٿا کائن.
خالد سئوٽ آھي، سندس ڌارين مان شادي ٿيل آھي. ھر ٻئين ٽئين رات خالد زال کي وٺي ڪمري ۾ ويندو آھي. ڪجهه دير کان پوءِ ڪمري جو در بند ٿيندو آھي ۽ جڏھن ڪمري ۾ لائٽ ٻرندي آھي ته ڪاٺوڙي در جي سيرن مان ايندڙ روشني سدوري جي ارمانن کي چڻنگ بڻجي پئي دکائيندي آھي. اھو ھر ٻي ٽئين رات جو معمول آھي ۽ جڏھن ڪافي دير کان پوءِ روشني بند ٿيندي آھي ته خالد ۽ ھن جي زال اچي کٽ تي ليٽي پوندا آھن. سدوري جا ارمان به سھڪي سھڪي نيٺ ساڻا ٿي پوندا آھن.
تڏھن کان سدوري خالد کي اڃان به گھڻو وچڙڻ لڳي آھي، آھاني بھاني مشڪري مذاق جا پئي وجهه ڳوليندي آھي. اڪثر عورت جي اڪسائڻ تي مرد به بي قابو ٿي پوندو آھي ۽ ان ڏينھن جڏھن سڀ گھر جا ڀاتي اسپتال ويل ھئا. گھر خالي خالي ھو. سندس ماڻھس خالد جي گھر واري کي به اسپتال وٺي وئي ھئي، تقريبن اھو ٻن پھرن جو ٽائيم ھو. شدت جي گرمي ۾ خالد ڪمري ۾ گوڏ ٻڌل پٺي اگھاڙو پکي ھيٺان کٽ تي ستل ھو. سدوري جا ارمان جاڳي ٿا پون.
چپ چاپ ھيءَ خالد جي ڪمري ۾ داخل ٿي ٿئي. بي قابو ٿي خالد کي ڀاڪر پائي چمبڙي ٿي وڃي. اول ته خالد ڇرڪي ٿو پوي پر خالد کي به انھي وقت جو گھڻي ٽائيم کان انتظار ھو.
ٻئي وقت جي وھڪري ۾ وھي ٿا وڃن، جيڪو وھڪرو جواني ۾ سيلاب بڻجي ايندو آھي، جتي جواني عظيم گناھ ڪري وجھندي آھي ۽ اھو گناھ جڏھن ھڪ ڪنواري ڇوڪري جي جسم مان نسري پڌرو ٿي پوندو آھي ته معاشري ۾ ھڪ گار بڻجي پوندو آھي.
نيٺ ان ڳالهه جي ڀڻڪ سدوري جي والدين کي پئي
سندس پوڙھي امڙ معاشري جي بدنامي کان بچڻ لاءِ شھر اچي ميڊيڪل اسٽور تان اسٽور واري کان ڳجهه ۾ ٻار ڪيرائڻ جو گوريون ورتيون. اسٽور وارو ڦڪي مرڪ مرڪي گورين جي استعمال جو طريقو سمجھايو. ھيءَ گوريون وٺي اسٽور تان لھي ٿي وڃي. پويان اسٽور وارو پنھنجي همراهه سان ڀڻڪي ٿو.
’’مائي ڌوتي ھوندي، نه ڄاڻ ڪيترن جا گھر برباد ڪيا ھوندس، اھڙين پوڙھين جا وڏا ڪم ھوندا اٿئي...‘‘
سندس ماڻھس گھر پھچي سدوري کي گوريون ڏئي ٿي. ماڻھس جو غمگين چھرو... گھنجل چھري تي ڏک غم ۽ پڇتاءَ جا آثار.
’’ڇوري! ڪجهه ته پيءُ جي اڇي ڏاڙھي جو خيال رکين ھا، اڇي مٿي ۾ مونکي اھڙا ڏينھن ڏسڻا ھا... خبر ھجي ھا ته ڄم مھل گھٽو ڏئي ماري ڇڏيون ئي ھا.‘‘
سدوري ھڪ ساھي ۾ ٻه ٽي گوريون ڦڪي ڇڏيون مٿان پاڻي جو گلاس ڏوگھي پاڻ کي کٽ تي اڇلي ڇڏيو. ڇت ۾ اکيون اٽڪائي ڇڏيون.
سوچي ٿي
’’ ھن گناھ ۾ عورت مرد برابر جا شريڪ آھن ته پوءِ معاشري جي نظر ۾ رڳو عورت گنھگار ڇو ! ڄڻ ھي گناھ صرف عورت ڪيو ھجي. ڀلا ھي معاشرو ائين ڇو نه ٿو سوچي ته انھي گناھ ۾ گنھگار مرد فقط ۽ فقط مرد آھي. اھو گناھ صرف عورت سان منسوب ڇو آھي؟ شايد عورت ڪمزور آھي انھي ڪري ۽ ھو مرد آھي تڏھن ! ھن سمجھي ورتو، ھي معاشرو ۽ ھن معاشري جو قانون صرف مردن جو جڙيل آھي جيڪو صرف ۽ صرف مردن جي حقن جي پاسداري ٿو ڪري !!

ناچڻي

رئيس حاڪم جو پٽ امير مون کي سڏي ڪھاڻيڪار، عادتون رئيساڻيون اٿس پر مون سان ٻٽيهه دليون رکي. اسرار ڪيائين ته رات اوطاق تي راڳ روپ جي محفل آھي، ضرور اچجان.
مان راڳ روپ ۾ دلچسپي صفا ڪونه رکان پر رئيس امير کي جواب به نه ڏئي سگھيس. رات وڃي اوطاق تي نڪتس، پوري ڳوٺ جا مرد ننڍا وڏا اوطاق تي موجود ھا. اوطاق تي لائٽنگ جو پورو بندوبست ھو، سڀني کي راڳين جو انتظار ھو. کٽون ۽ ڪرسيون ڀريون پيون ھيون، سامھون وي آءِ پي ڪجهه ڪرسيون رکيل ھيون. ڪيڏي مھل امير اوطاق ۾ داخل ٿيو. مون تي نظر پيس، اشارو ڪيائين، سامھون ڪرسي تي ھلي ويهه.
ڪمدار ميرل کان پڇيائين ’’سازندا ڪھڙي ٽائيم تي پھچندا؟‘‘
ميرل ترت جواب ڏنو ته، ’’سائين 11 ٿيا آھن، 12 بجي تائين پھچي ويندا...‘‘
ماڻھن ۾ ڪجهه خوشي ڪجهه بي چيني ھئي، ڪيڏي مھل اوطاق جي در وٽ ھڪ ڪار پھتي، ڪمدار ميرل در ڏانھن وڌيو. ڪار مان سازندا لٿا. ڪار جي پوئين در کان ھڪ پدمڙي وارن کي ڇنڊوڪو ڏئي لٿي. کاٻا وار ڪلھن تي ڇوڙي ڇڏيا، ساڄي ھٿ سان چھري جا وار ساڄي ڪلھي تي ورائي ڇڏيا. چھرو چنڊ جيئان ٻريو ٿي، اڳيان سازندا پويان ھيءَ قدم قدم در کان اندر داخل ٿي، تمام دلين جو ڌڙڪنون وڌي ويون.
ڪمدار ميرل سازندن کي اوطاق جي ڪمري ۾ وٺي ويو. سازندا ماني ٽڪي جي وقفي کان پوءِ ٻاھر نڪتا، ناچڻي جي پيرن ۾ اوڏي مھل پازيب پاتل ھئي. سڀني جو ذھن پايل جي ڇم ڇم جي آواز ڏانھن متوجهه ٿيو.
سازندن ساز ڇيڙيا، ۽ ناچڻي پيرن جي پايل کي ڇمڪائڻ لڳي. ھر طرف کان نوٽن جي بارش وسڻ شروع ٿي. نوٽ زخمي ڪبوترن وانگي ڦڙڦڙائيندا ڪلابازيون کائيندا زمين تي ٿي ڪريا، جيڪي سازندن جا ناچو ڇوڪرا ميڙيندا رھيا.
رئيس امير مونکي پاڻ سان گڏ ڀر واري ڪرسي تي ئي ويھاريو ھو، جتي ناچڻيءَ ھر ھر ڦيرو پئي پاتو، ۽ ھر ڦيري تي امير نوٽن جي ائين ورکا ٿي ڪئي، جئين ساوڻي جو مينھن....
رات 3 بجي تائين راڳ روپ ھليو. راڳ ختم ٿيو، سڀني گھرن ڏانھن رخ ڪيو، پر سازندا اتي ئي رات رھي پيا.
جڏھن مون اٿڻ جي ڪئي ته رئيس امير منھنجو ھٿ پڪڙي ورتو.
’’ترس، ناچڻي سان رات روح رھاڻ ڪري پوءِ وڃ..‘‘
مون اسرار ڪيو، ’’نه، مان وڃان ٿو‘‘
’’ائين ڪئين ڪھاڻيڪار...! اڄ اِھا به ڪھاڻي لکج . ترس‘‘
پوئين رات رئيس امير شراب جي نشي ۾ ڌت ھو، ھن ناچڻيءَ کي ڪمري ۾ گھرايو. رئيس امير منھنجو تعارف ڪرايو ناچڻي سان
’’ ھي آھي ڪھاڻيڪار... چيو اٿمانس، ھڪ ڪھاڻي توتي به لکي.‘‘
ناچڻي مرڪي پئي، ڄڻ مون تي ٺٺول ڪئي ھجيس.
’’توھان ڪچھري ڪيو... تيسيتائين مان گھران ٿي موٽي اچان ٿو.‘‘
رئيس امير اِھو چئي گھر ھليو ويو.
ناچڻي مون سان مخاطب ٿي.
’’ڪھاڻيڪار ته احساسِ مرحومي جو شڪار ھوندا آھن..‘‘
مون اعتراض واريو، ’’ائين ناھي! توکي جنھن حسن تي ناز آ، اھو حسن ھڪ ڏينھن وگھري وڃڻو آ... ائين جئين ٻرندڙ شمع جي ميڻ، ۽ شمع اٿپ ۾ ڏاڍي وڻندڙ ۽ روشن ھوندي آ پر جڏھن ميڻ ھوريان ھوريان وگھرڻ لڳندي آ ته ، روشني به جھيڻي ٿيندي ويندي آ ، تا جو ميڻ پوري وگھري ويندي آھي ۽ شمع آخري سسڪي ڀري فنا ٿي ويندي آھي ! ۽ ھي جسم محض خاڪي آھي، ھڪ ڏينھن فنا ٿي ويندو، دفن ٿي ويندو مٽي جي ڍير ۾ ... آخر توکي غرور ڇاتي آھي، جواني تي يا حسن تي ، تون آخرت جو عذاب پئي ميڙين، ٻيو ڪجهه نه !‘‘
وڏو ٽھڪ ڏئي کلي پئي
’’آخرت جو عذاب! ڪڏھن اچ توکي ڏيکاريان.. ڪئين نمازي مسلا ويڙھي مون وٽ ايندا آھن، جنت جو سير ڪرڻ ... ڪڏھن اچ توکي به ان جنت جو سير ڪرايان، پر تون شرمسار آھين ، خود جي مردانگي کان، ڪھاڻيڪار ھوندا ئي احساس مرحومي جو شڪار آھن!
جڏھن انھن کي ڪنھن به خوبصورت عورت جو پيار نصيب ناھي ٿيندو ته ھو پنھنجي احساسِ مرحومي جي پناهه پنھنجن ڪھاڻين ۾ وٺندا آھن ... اچ توکي ڏسيان ته عورت جي جسم جو ڇھاءُ ڇا ٿيندو آ.‘‘
ھن منھنجو ھٿ پڪڙي ورتو ۽ منھنجي ھٿن تي پنھنجا چپ رکي ڇڏيا. ’’محسوس ڪر ... عورت جي چپن جو ڇھاءُ...‘‘
مون ھن جي چپن جي ڇھاءَ جو احساس روح تائين محسوس ڪيو. ھن منھنجو ھٿ نه ڇڏيو، مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو.
ڪمري جو در بند ڪري ڇڏيائين، ھن جسم تان پورا ڪپڙا لاھي ورتا. مونکي پيل بيڊ تي ڌڪو ڏنو، منھنجي مٿان آھلجي پئي. ھن پنھنجي ڇاتي منھنجي ڇاتي مٿان تاڻي ورتي. ذلفن کي چھري مٿان ڦيري ڇڏيو، چپن تي چپ رکي ڇڏيا.
کن پل لاءِ ھن جا ذلف ساوڻي جا بادل ڀايم، ھن جي ڇاتي جو ڇھاءَ ۾ ململي سرور باسيم. ھن جي چپن جو رس کير ماکي جون نديون ڀاسيم. ھن جي جسم جي خوشبو عطر امبر وانگي منھنجي ساھ جي رڳ رڳ ۾ سمائجي وئي. ڪي پل ڀايم ڪنھن جنت ۾ ھجان، پر اصل ۾ ان مھل مان ھڪ ناچڻي جي ڀاڪر ۾ ھيس ......

حسرتون!!......

ـــــ جي ھن کي موبائل فون نه ھجي ھا ته ، ھن جي زندگي جا ڪجهه سال گھٽجي وڃن ھا ، ھن جي ھڪ ئي وندر ھئي بس موبائيل فون !
ڪو به وقت مقرر نه ھو ھن جو ڪال تي ڳالھائڻ جو ، سڀ گھر جا ڀاتي واقف ھا ته ڪنھن سان ٿي ڳالھائي ، پر ڪو به ھن جي مسئلي ۾ دخل نه ڏيندو ھو ، ڇو ته سڀني کي منھنجي تنبيهه ٿيل ھئي ته ، مومل جي ذاتي مسئلي ۾ ڪو به دخل نه ڏئي ، سندس جي مرضي !
مومل مونکي دل کان عزيز ھئي، ھو ڪير آ ڪنھن سان ٿي ڳالھائي ان سان مونکي ڪو مطلب نه ھو ، بس ايترو ته مومل ان سان ڏاڍي خوش رھندي ھئي ، ڪيڏي ڪيڏي مهل ٽھڪ ڏئي کلي پوندي ھئي ته ، ڄڻ منھنجي من جو چمن مھڪي پوندو ھو.
ننڍپڻ کان ئي بيمار رھي، کائڻ پيئڻ گھٽ دوائون گھڻيون استعمال ٿينديون ھيون. شگر ھيپاٽائيٽس جهڙا موذي مرض ھن جي وجود جو حصو بڻيل رھيا. ھر انگل پورو ڪندو آيس ڪڏھن به ھن جي اکين ۾ اکيون ملائي ڏسي نه سگھيس
حيلا بھانا ڪندو رھيس ته من ھن جي منھن تي مرڪ اچي، ڪڏھن ڪڏھن کن پل لاءِ مرڪي پوندي ھئي ، ڄڻ منھن تي موتيا ٽڙي پوندا ھجن ، جلدي ئي منھن جي مکڙي ڪومائجي ويندي ھئي.
ڏاڍو اداس ٿي پوندو ھوس.
پوري ڳوٺ مان ھن لاءِ ڪو به رشتو نه آيو ، سندس چاچا جي پٽ مير به شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھڪ ڏينھن چيائين:
’’بابا منھنجو گھوٽ مونکي وٺي ويندو، پوءِ منھنجي ياد ايندئي !؟
ھن جي اهڙي سوال تي ڄڻ مان پاتال ۾ گوتا کائڻ لڳس!!
چيم تون ته منھنجي وجود جو حصو آھين ، تون منھنجو روح آھين ، ڀلا روح ڪڏھن جسم کان جدا ٿيو آ!!
ماٺيڻي به ھئي ته چيڙاڪ به....
ٿوري ٿوري ڳالهه تان به جلدي ڪاوڙ اچي وڃيس!!
ڪجهه ڏينھن کان ماءُ سان ضد ڪرڻ لڳي ته ، رڳو بھانا ٿا بڻايو ، منھنجي شادي ڪرايو، مون پنھنجو گھوٽ ڳولي ڇڏيو آھي !
مومل جون حسرتون ڏسي مونکي شاھ صاحب جو بيت دل تي تري آيو
الله ڏاھي م ٿيان ، ڏاھيون ڏک ڏسن
ـــــــ اڄ چوٿين رات آ، پيٽ ۾ داڻو به نه کاڌو اٿس، کٽ تي ستي مونکي گھوريندي رھي ـــــ
مون تي الھام ٿي چڪو ته ، اڄ رات مومل جي آخري رات آھي.
الاءِ ڇو اڄ به مان مومل جي اکين ۾ اکيون وجھي ڏسي نه سگھيس
ڌيان مٽائيندي نظرون ديوار تي ٽنگيل گھڙيال تي وڌم رات جا 4 پئي ٿيا. غمن جا گوتا پاتال ۾ پئي پاتم ـــ رات جي گھري خاموشي ــــــ
اڄ جي رات دل ماتم ڪدا ھئي!!
ھڪ نظر مومل تي وڌم. ھن پنھنجون نماڻيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.
دم پرواز ڪري چڪو! ھن پنھنجا سارا خواب ميڙي ورتا ــــ
منھنجي وجود مٿان ساڪتي جي حالت طاري ٿي. اوچتو موبائيل جو رنگ ٽون وڳو ، منھنجو ڌيان ٽٽو. پھريون دفعو مون مومل جي موبائيل کنئي نالو پڙھيم سيوو ٿيل ھو ...
’’منھنجا راڻا‘‘
مون رنگ ڪٽي! منھنجي دل تي شاھ صاحب جو بيت تري آيو
راڻا! تنهنجي راڄَ ۾ مونکي چوڏهين چنڊ ٿيو،
نڪي داڻو پيٽ ۾، نڪي اکين ان ڏٺو،
ھاڻ راڻي کي چئجو ته، مومل رات مري وئي.
ــــ ۽ منھنجي اکين جا بند ٽٽا. ٻه گرم ڳوڙھا ڳلن تان ٿيندا، سندس ڳلن تي وڃي ڪريا...!

نيڪي

ڪرمو! عرف ڪرمي ڳوٺ جي ننڍي مسجد ۾ جلسي جو پروگرام رٿيو. سخت مصروفيات جي باوجود، مرشد محبوب سهڻي سائين ڪرمي تي خاص عنايت ڪري جلسي ۾ آمد جي حامي ڀري.
ڪرمي مٺي محبوب سائين کي نذراني ۾ مال جي واڙي مان ڀوري مينهن ڪاھي پڙ پڄائي ھئي....
مسجد کي سينگاريو ويو. لائوڊ اسپيڪر مسجد جي مينارن سان ٻڌا ويا. ھي سڀ ڪجهه مولوي شير ۽ ڪرمي جي نگراني ۾ ڪم پئي هليو.
اڄ مولوي شير ۽ ڪرمي اڇي پھراڻ جي جبي ۾ ھا، سندن سائي چادر جا جُهنڊ لڳل ھا، جسم مان عطر جي خوشبو پري پري تائين پئي وکري....
سائين مٺي محبوب جو جسلي ۾ آمد جو ٽائيم سومھياڻي نماز کان پوءِ رکيو ويو.
سيٺ محرم کي جلسي ۾ شرڪت جي خاص دعوت ھئي.
سائين مٺي محبوب جي خاص خليفي فون تي ڪرمي کي اطلاع ڏنو ته، مٺو محبوب سائين ھڪ جرنيل جي دعوت لاءِ اوڏانھن وڃي رهياآھن، پھچڻ ۾ ڪجهه دير لگندي. اها ڳالهه ڪرمي مولوي شير سان پئي ڪئي.
خير سان ڊگھي انتظار کان پوءِ، تقريب رات سوا يارنهن بجي، مٺو محبوب سائين خليفن سان گڏ ڪار مان لٿو، ڪرمي مولوي شير اڳيان وڌيا. مٺي محبوب سائين کي گلن جا ھار وڌا. وک پنڌ تي مولوي شير ۽ ڪرمي مٺي محبوب سائين سان گڏ گڏ پئي ھليا.
مسجد ۾ داخل ٿيندي ئي، سيٺ محرم نوڙي مٺي محبوب سائين سان مليو. مٺي محبوب سائين سيٺ محرم جي پٺي ٺپري، اتي ماڻهن جي وچ ۾ مٺي محبوب وڏي آواز سيٺ محرم جي ثنا ڪئي.
’’اھڙن مرد مجاھدن جي ڪری الله جا گھر (مسجدون) آباد آھن... اھڙن کي ئي الله نوازيندو آ ...‘‘
مٺو محبوب سائين اڳتي وڌيو، خليفا پويان ٿيا. ڪرمي ٻه قدم وڌي اڳيان ٿيو، ھٿن جي اشارن سان مٺي محبوب سائين جي قدمن جي آمد کي ڀليڪار ڪندو ھليو....
مولوي شير تڪڙو وڌي مائيڪ کي سيٽ ڪرڻ لڳو.
مسجد ۾ ايراني غاليچو وڇايل ھو. ڪرمي مٺي محبوب سائين ۽ خليفن کي غاليچي تي تشريف رکڻ جو اشارو ڪيو، مٺي محبوب سائين جي ويھڻ شرط طول جو وھاڻو وڌائي، ڪرمي مٺي سائين جي ٽيڪ لاءِ رکيو. مٺي محبوب سائين سيٺ محرم جو ھٿ پڪڙي ڀر ۾ ويھاريو. مولوي شير مائيڪ چيڪ ڪرڻ لڳو. ڦوڪو ڏنائين
’’الله الله
الله الله‘‘
ماڻھن کي ھٿ جو اشارو ڪيائين. ’’ويھي رھو ويھي رھو ....سڀ ڪو پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويھي رھي...‘‘
مٺي محبوب سائين جي خاص خليفي کي اشارو ڪيائين. خليفو اٿي اچي مولوي شير کان مائيڪ ورتي،
’’چپ چاپ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ويھي رھو.‘‘ خليفي مائيڪ تي ڳالهايو.
’’انتظار جون گھڙيون ختم .... ٿوري دير ۾ علامه مولانا قبلا مٺا محبوب سائين جن خطاب ڪرڻ فرمائيندا....‘‘
ھڪ دفعو آڱر سان مائڪ کي ٽڪ ٽڪ ڪري وڄائي ڏٺائين.
’’ڳوٺ وارئو! جئين ته علاما مولانا قبلا مٺا محبوب سائين توھان جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿي چڪا آھن،ڪجهه ئي دير ۾ خطاب ڪرڻ فرمائيندا. ڳوٺ وارن کي عرض ٿو ڪجي جلد کان جلد ۽ گهڻي کان گهڻا شريڪ ٿي، سائين جن جي خطاب مان فيض آب ٿيندا.... شڪريا ...‘‘
ھن ماڻھن کان نعرا ھڻايا.
’’نعري تڪبير ....‘‘
مجموعي مان آواز آيو.
’’الله اڪبر...‘‘
خليفي ٻيو نعرو هنيون.
’’نعري رسالت‘‘
’’يا رسول الله‘‘
’’نعري حيدري‘‘
ننڍن وڏن ھٿ بلند ڪري ورجايو.
’’يا علي‘‘
’’علامه مولانا قبلا مٺي محبوب سائين کي گذارش ڪندس ته اچي خطاب ڪرڻ فرمائيندا.‘‘
مٺو محبوب سائين سيٺ محرم جي ڪلھي تي کاٻو ھٿ رکي، ساڄي تري سان زمين کي ٽيڪ ڏئي اٿيو. ٽھڪڙو سيٺ محرم ۽ مٺي محبوب سائين جو ھوا ۾ پڙاڏو ٿي گم ٿي ويو. مٺا محبوب سائين مائيڪ اڳيان رکيل ڪرسي تي ويٺا. کاٻي ھٿ سان مائيڪ کي منھن طرف موڙيائين.
’’جئين ته آءٌ ٿڪل تمام گھڻو آھيان... ھتان کان پھرين ٽي مجلسون پڙھي آيو آھيان.. پر توھان جي ڳوٺ ۾ ھڪ درويش صفت انسان الله جي نيڪ بندي جي محبت ۽ خلوص اسان کي ڇڪي آيا ...‘‘
ھن جو اشارو ڪرمي ڏانھن ھو. سرٻاٽن ۾ مولوي شير ڪرمي کي مٺي محبوب سائين جي داد جو داد ڏنو. ڪرمي ڏانھن اشارو ڪري چيائين،
’’ڏسو، انھي پوشاڪ ۾ ڪرمي جي چھري ۾ ڪيڏو نور پيو ٻري...!‘‘
سڀني ڪرمي ڏي نھاريو. مجموعي آواز آيو.
’’صبحان الله‘‘
مولي شير ٻيھر سرٻاٽ ڪئي، ’’اڃان مٺي محبوب سائين جو سڄو چھرو نوراني آ...‘‘
ڀر ۾ ويٺل چاچا بلاول چيو
’’بيشڪ ـــ‘‘
’’مان توھان کي خاص ھدايت ٿو ڪيان ته ڪرمي کي ڪير به ڪرمو نه چوي ...ھي مون خاص لقب ڪرمو کي نوازيو آ... لقب سان درجات بلند ٿيندا آھن.. اسان ڪرمو جا درجات بلند ڪري ڇڏيا... لقب ڏنو سون .... ڪرمي!‘‘
مجموعي آواز بلند ٿيو.
’’صبحان الله‘‘
مولي شير چاچا بلاول کي آھستي چيو: ’’مٺي محبوب سائين علم ۽ فڪر جو سمنڊ آ..‘‘
چاچا بلاول ڪنڌ ڌوڻيو
’’بيشڪ .... بيشڪ...‘‘
مٺي محبوب سائين پلٽو کائي ماڻهن تي يلغار ڪئي.
’’ماڻهو خفن ۾ پئجي ويا آھن... حرص ۾ ڪاھجي پيا آھن ...سڄو ڏينھن ڀڄ ڀڄان ۾ آھن ... پو به پُوري ڪانھي.... ڇو.....!؟؟‘‘
وڏي رڙ ڪيائين.
چاچو بلال ڇرڪي پيو. سڀ هيسجي ويا.
’’شڪر ناھي....‘‘
مٺو محبوب سائين جذبات ۾ اچي ويو.
’’ايمان ڇڏائجي ويو آ .... پوري ڪا نه ٿي پوي.... اڃان پوري پوي ! اڃان الله جو عذاب نازل نه ٿئي !.... ماڻهن حرص، لالچ ۾ الله جي گھر اچڻ ڇڏي ڏنو آ پر الله رحمان آ ... ھو رحم ڪرڻ وارو آ ...الله جا اڃان به ڪجهه ٻانھا موجود آھن، جيڪي صالح آھن. دنيا انھن جي ڪري ھلي پئي......‘‘
مٺي محبوب سائين ماڻهن کي خوف کان پئي ڊيڄاريو. جئين تئين ڪري تقرير پوري ڪيائين.
آخر ۾ سيٺ محرم طرف اشارو ڪري ھي لفظ چيائين؛
’’توھان ڳوٺ وارن جو تعاون رھيو ته، جلد توھان جي ڳوٺ ۾ ھڪ شاندار جلسو منعقد ڪبو. ھن ڳوٺ مان جھالت جو مڪمل خاتمو آڻي ساھ پٽينداسين.‘‘
خاص خليفي وڌي اچي مٺي محبوب کان مائيڪ ورتي.
منھن ڏي ڦيري نعرو ھنيو. ’’نعري تڪبير‘‘
آواز آيو ؛ ’’الله اڪبر‘‘
’’نعري رسالت‘‘
’’يا رسول الله‘‘
’’نعري حيدري‘‘
’’يا علي‘‘
تقريب اختتام تي پھتي. مرشد خليفن سان ٻاھر نڪتو. مولوي شير ۽ ڪرمي ٻاھر ڪار تائين گڏ گڏ آيا. ننڍا وڏا گھرن ڏانھن موٽيا.
ھي مجلس ڪرمي پنھنجي جان جي امان جي صدقي ۾ ڪرائي ھئي.
جڏهن ڪرمي بيمار هو. مري بچيو هو
ڳري خرچ تي ڪراچي آغا خان اسپتال مان علاج ڪرائي آيو هو. تڏهن چاچو سومر به ساڳئي مرض ۾ مبتلا هو. ڊاڪٽرن ٻڌايس ته تنهنجو جيئرو ختم ٿي چڪو آهي. ڪراچي يا اسلام آباد مان علاج ڪرائڻو پوندئي.
عيادت لاءِ گهر ويو هوس. پراڻي ڇڄل کٽ تي ستو پيو هو . هٿ جو وڄڻو پئي جهليائين. گهر جي جالين ۾ ڪجهه پراڻا ڀڳل ٽٽل ٿانوَ رکيل ها. سامهون واري دري ۾ هڪ يوناني شربت جو شيشو پيل هو.
پڇيم؛ ’’چاچا! طبيعت ڪئين آ؟‘‘
ٿڌو ساھ ڀريندي وراڻيائين؛ ’’بابا...! فرحت ناهي..... حڪيم شربت ڏنو آ ... پيئان پيو. ڪو خاص فائدو نه ٿو ڏئي.... هانءُ ٻڙڪي ٿو پيو...
دل ٿي ڪري نارنگي يا ڇانهي وٺي ، ٿڌي ڪري کاوان، پر .....‘‘
پر کان پوءِ چاچا سومر جو ڄڻ دم گهٽجي ويو هجي. اڳتي ٻيو لفظ اوري نه سگهيو. ’’پر....‘‘
هن جي ’’پر‘‘ غربت جا هزارين فسانا بيان ڪري وئي. منهنجون اکيون ڀرجي آيون. اکين جا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ لوائڻ لڳس.
چيم؛ ’’چاچا! الله ڀلائي ڪندو ...هاڻ مان هلان ٿو.‘‘
’’بابا! الله آباد ڪندئي....‘‘

مان اٿي نڪتس.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چاچا سومر وفات ڪري ويو
ڪرمي جي علاج کان اول هفتو ٻه هفتا پهرين مولوي شير مٺي محبوب سائين کي ڪرمي جي عيادت لاءِ وٺي آيو هو.
مٺي محبوب سائين جي آمد جو خرچ سڄو ڪرمي جي وڏي ڀاءُ عثمان ڪيو هو. محبوب سائين دعا سان گڏ ڪرمي کي خاص هدايت ڪئي هئي ۽ هڪ واعدو ورتو هو، ته چڱ ڀلائي کان پوءِ ڏوهن جا ڪم ڇڏيندين ۽ اسان جي صحبت ۾ اچي مسجد آباد ڪندين ۽ پنج وقت نماز پابندي سان پڙهندين. انشاالله روزي رزق ۾ برڪت پوندئي.
ان کان پوءِ ڪرمي چورين چڪارين جا ڪم ڇڏيا ۽ واڌي تي ماڻهن کي پيسا ڏيڻ لڳو. سکيو ستائبو اول ئي هو پر هاڻ پنهنجو الڳ سان مانُ مرتبو اٿس.
جلسي کان پوءِ جلدي ڪرمي ۽ مولوي شير سيٺ محرم وٽ منڊي تي نڪتا. مختصر حال احوال کان پوءِ مولوي شير سيٺ محرم کي مٺي محبوب سائين جو نياپو ڏنو.
’’سائين جن جو چوڻ آهي ته توهان کي الله سائين نوازيو آهي ۽ الله اڃان به رزق روزي ۾ برڪت وجهندو ... مسجد شهيد لڳي پئي آهي... مسجد جي نئين سر تعميرات ڪرايو ۽ خيري جاريا ۾ حصو وٺو.‘‘
سيٺ محرم سڄي خرچ جي حامي ڀري.
جلد مٽيريل لهڻ لڳو. پراڻي مسجد جي ڊاهي شروع ٿي وئي. مسجد جي پٺ واري سائيڊ کان ماسي مريم جو گهر آهي. ماسي مريم بيوه عورت آهي. سندس مڙس نشي پتي ۾ چار پنج سالن کان گم آهي. ماسي جو چوڻ آهي ته مون ڏاڍي جاچ ڪرائي آهي. شايد ڪٿي لاوراثي جي موت مري چڪو آهي. کيس ٻه ٻارڙا به آهن، هڪ ننڍڙي ڌي سڪينا ۽ ٻيو ستن اٺن سالن جو پٽ اصغر.
هڪ ڳئون آهيس، گاهه پٺي لاءِ سڄو ڏينهن پراين ٻنين ۾ مزدوري ڪندي گذري. گهر کي پردو ڏيڻ لاءِ مسجد جي چوطرف ڪناتون ڏنيون ويون. ڪم استاد ڏاڏي آدم جي نگراني ۾ پئي هليو. مان استاد آدم سان هيلپري جو ڪم ڪيان.
مسجد جي اڏاوت شروع ٿي وئي. منجهند جي ماني سيٺ محرم جي گهران اچي. هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا گوشت مڇي باقي پٽاٽن تورين يا دال جي ڀاڄي. اڄ منجهند جو گوشت جي ڀاڄي پئي کاڌي سين.
مسجد جي ڀر ۾ ڪو ڇانورو نه هو، انهي ڪري هڪ ٻه ٽولو ڪناتن جي ڀر ۾ ٺاهي ويٺا سين.
ماني کائي دنگ ڪئي سين ته ، سيٺ جو ڇوڪرو پليٽ ۾ بچيل ڀاڄي ڪناتن جي ڀر ۾ پٺين سائيڊ کان صاف ڪري برتن گڏ ڪيا. ٿانوو ويڙهي رمال ۾ کڻي نڪتو.
استاد آدم ماني کائي سگريٽ دکايو. گرمي انتها جي هئي. ٽائيم اڍائي پئي ٿيا. اڌ ڪلاڪ ٻي ساهي کڻي استاد آدم اٿيو. مزدورن ڪوازو پئي ٻڌو. اٿي ڪوازي تي چڙهيا سين. منهنجي ٽيٽ نظر ماسي مريم جي آڳنڌ تي پئي
ٻارڙا بک کان روئي رهيا هئا.
ماسي مريم ڪناتن جي ڀر م رکيل سڪل ڪاٺيون هٿ سان پئي ڀڳيون. مون ڏٺو ماسي جي هٿ ۾ وٽي هئي. وٽي ۾ ڪنات جي ڀر ۾ هاريل ٻوڙ جا ڪجهه ٻٽالا کڻي وٽي ۾ پئي وڌا. مون تي نظر پيس ته نٽائي وري ڪاٺيون ڀڃڻ لڳي. مون اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي. ڄڻ مون ڪجهه ڏٺو ئي نه هو. ماسي وٽي کڻي تڪڙي تڪڙي ڪوٺي ۾ هلي وئي.
ڪجهه دير ۾ اندران سڪينا ڊوڙندي نڪتي. اصغر پويان روئندو دانهون ڪندي نڪتو.
’’امان ميڪون ڏتا هي ... ٻٽالا ميڪون ڏي ...ميڏا هي...‘‘
مان معصومڙن کي ڏسي نه سگهيس. مون ڏاتار ڏي ڪنڌ کڻي ڌٺو؛
’’ واھ مالڪ تنهنجا رنگ ....بيشڪ تون پالڻهار آهين ... تون چاهين ته جبلن جي تهن جو رزق پهچائين ... ۽ کسڻ چاهين ته وات جو گرھ به کسي وٺين ۔۔

مــــــــــحبت

ننڍپڻ ۾ ئي وڙھيا کيڏيا وڏا ٿيا. روز سھڻي سان وڙھڻ کان پوءِ وري گڏ کيڏڻ لاءِ آتو ھوندو ھو. ٻاتيون ٻوليون جڏھن پڪي زبان ٿي پون ٿيون ته وڇوٽيون جاءِ والارينديون آھن. تڏھن عقل، سمجهه نه ھئي ته سھڻي سان راند روند ڪرڻ جو ڪارڻ فقط ٻالڪپڻ ھو يا محبت. بس حس ھئي جيڪا ڇڪيندي ھئي سھڻي طرف.
جڏھن وڏو ٿيو تڏھن محبت جي معنا سمجهه آئي. ساڻس ننڍپڻ کان ئي محبت ھئي. ھاڻ ھڪ ٻئي جي گھر اچڻ وڃڻ تمام گھٽ ٿي ويو ھو پر ڪڏھن ڪڏھن ڪو بھانو ڪري چاچا جي گھر ويندو ھو يا ڪڏھن ڪنھن ڪم سانگي سھڻي گھر ايندي ھئي.
دلين جا پيغام ته اڳيئي پڳل ھا بس ملڻ لاءِ ڪو بھانو پيو ڳولبو ھو.
نيٺ محبوب ماءُ پيءُ کي سھڻي جي سڱ لاءِ مڃائي ورتو. سندس پيءُ چاچا سان رشتو پڪو ڪري آيو. مھيني ڏيڍ ۾ شادي جي رسم پوري ٿي.
ــــ الاءِ ڇا وجهه ھئي شادي جي ڪجهه ھفتن کان وچ ۾ اڻبڻت ـ دوري پيدا ٿيندي پئي وئي. پھرين ته محبوب ڪم کان جلدي گھر موٽي ايندو ھو. ڪجهه ڏينھن کان گھر دير اچڻ لڳو. ڪڏھن ڪڏھن ته رات به گھر نه ايندو ھو.
شادي کي ٽي چار سال گذريا پر اولاد جي نعمت کان الله سائين اڃان نه نوازيو ھو. محبوب الاءِ ڪيترن درگاھن تي باسون پڙ باسيا. دعائون گھريون پر ھڪ به دعا نه اگھاڻي. ھاڻ محبوب قدرت جي قانون کان باغي ٿي پيو ھو. اندر ئي اندر ڀڄندو ڀرندو رھيو ھو. ھاڻ پنھنجو پاڻ سان نفرت ٿي پئي ھئس ۽ ان نفرت جو ڪارڻ به کائنس کان سھڻي جي نفرت ھئي.
سھڻي اندر ئي اندر پڄرڻ لڳي ھئي. بس ٻڙڪ ٻاھر نه ٿي ڪڍي.
سھڻي پڙھائي جو ڪورس پورو ڪري ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ جاب ڪرڻ لڳي. ھاڻ ڪو اتفاق سان سھڻي محبوب جي وچ ۾ ميل ملاقت ٿيندي ھئي. گھڻو تر ٽائيم سھڻي اسڪول کي ڏيڻ لڳي. اڪثر اوور ٽائيم به اسڪول ۾ گذرڻ لڳو.
ڪالهه اسڪول ۾ سندس پروفيسر ساجد فنڪشن رکيو ھو. جنھن جي خاص مھمان سھڻي ھئي. پروفيسر ساجد کي اول ٻه شاديون آھن. ٻي زال حيدرآباد لطيف آباد گلي نمبر 13 ۾ رھندي آھي، جيڪا ڌاري آھي، پھرين زال ذات واري مائٽياڻي آھي، پرفيسر ساجد عمر ۾ لڳ ڀڳ پنجونجاھ سٺ سال جو آھي پر کاڌ خوراڪ سٺي ھجڻ جي ڪري جسم جي فٽنيس سٺي آھي.
اسڪول جي باقي ٽيچرن ۾ پروفيسر ساجد ۽ سھڻي جي باري ۾ ڪافي چوٻول رھي ٿي. چوٻول کي ويتر طول تڏھن ملي جڏھن پروفيسر ساجد سھڻي کي اسڪول جو ھيڊ ڪري رکيو.
ھڪ ڏينھن اسڪول جي ڇٽي کان پوءِ پروفيسر ساجد سھڻي لاءِ اسپيشل دعوت رکي ھئي. تنھن ڏينھن سھڻي رات دير گھر آئي ھئي. انھي چوٻول جا قصا محبوب تائين ڪنو ڪن پڳا ھا.
تنھن رات محبوب ۽ سھڻي جي وچ ۾ لڙي رات تائين تڪرار ٿيو ھو. قصو ايترو ته وڌي ويو ھو جو ٻئي صبح سھڻي وڏي ڀاءُ منظور کي سعودي چٺي لکي ھئي.خط جو جواب مليو ھوس.
’’ڪجهه ھفتن ۾ مان اچان ٿو... تيسيتائين صبر کان ڪم وٺ. ايندي ئي فيصلو ھڪڙي پاسي ڪبو.‘‘
۽ جڏھن منظور پھتو، سھڻي کي گھر گھرائي، سڄو حال احوال ورتو، سھڻي محبوب سان نفرت جو زھر اوڳاڇڻ لڳي،
’’ھڪ عورت مرد مان جيڪو سک چاھي ٿي، تنھن سک ڏيڻ جي محبوب ۾ ڪمي آھي. مان وڌيڪ نه ٿي پڄري سگھان. مونکي محبوب کان طلاق گھرجي.‘‘
طلاق جھڙي لفظ تي منظور ڪي پل سڪتي ۾ رھيو. ڪي پل خاموشي کان پوءِ پڇيائين؛
’’طلاق کان پوءِ به ته زندگي اڪيلي گذارڻي پوندئي...‘‘
’’پوءِ ـــــ ؟‘‘
سھڻي بغير گھٻراھٽ جي چئي ڏنو ته ’’ادا! جي توھان راضي ھجو ته طلاق کان پوءِ پروفيسر سجاد مون سان نڪاح ڪرڻ لاءِ تيار آھي.‘‘
منظور نه رڳو سھڻي جو ڀاءُ آھي پر پيءُ جي شفقت به ڏني آھي. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ ھن فيصلو واري ورتو ته سڀاڻي محبوب کان تنھنجي طلاق ڪرائيندس.
ٻئي ڏينھن ٽن شاھدن سان محبوب جي گھر پھتو.
قصو طلاق تائين پھتو.
طلاق کان سواء محبوب وٽ ڪو آپشن نه ھو.
محبوب سوچن جي پاتال تائين گوتا کائڻ لڳو.
سوچي ٿو؛ ’’جسماني تعلقات ايڏا ضروري ڇو ھوندا آھن؟ محبت ته من سان ڪجي ٿي ....! ڪنھن کي چاھجي ٿو روح جي گھراين تائين... ڪاش ھڪ چڪر سھڻي من ۾ جھاتي پائي ڏسي سگھي ھا ته ڪئين محبت جو سمنڊ ازل کان اٿليو ٿي ... ڪا پل سانت ناھي. دردن جون موجون حالاتن سان پنھنجو سر ٽڪرائي ٽڪرائي ساڻيون ٿي ـ ٿي موٽيون‘‘
۽ جڏھن محبوب شاھدن جي وچ ۾ ٽي دفعا ھڪ لفظ ورجايو
طلاق ـ طلاق ـ طلاق
اٿي تڪڙو تڪڙو ڪمري ۾ آيو، ڪمري ۾ اچي در بند ڪري، سھڻي جي ھنجهه ۾ سر رکي الاءِ ڪيتري دير تائين رئندو رھيو ھو. بس آخر ۾ ايترو چيو ھئائين؛
’’سھڻي! جسم ته محض خاڪي ھوندا آھن، ھڪ ڏينھن خاڪ جي ڍير ۾ دفن ٿي ويندا. محبت ته ٻن آتمائن جي ٿيندي آھي ۽ منھنجي آتما مئي پڄاڻا تو لاءِ ڀٽڪندي رھندي ــــ‘‘
سھڻي ھن جو سر پنھنجي ھنجهه مان کڻي تڪڙي تڪڙي در کان ٻاھر نڪتي.
۽ ھي کٽ جي ٻانھي تي يڪو سر نمايو پيو رھيو

عطيت

ياد ٿو اچيم لاڙ جو ڳوٺ، اھي پنجويهه ٽيهه گھر، جنھن کي چئوطرف ديوين، ڪنڊين، ٻيرين ۽ ٻٻرن جي ڊنگھرين واري لوڙھي جو ڪڙو چڙھيل ھوندو ھو ۽ وچ ۾ سمورا گھر.
ھڪ گھر کان ٻيو گھر، ٻئي گھر کان ٽيون گھر، ٽئين گھر کان چوٿون ـ چوٿين کان پنجون، ڇھون، ستون، اٺون ۽ قطار تي گھرن وچ ۾ ڪا به ديوار نه .... ھر گھر جي آڳنڌ کي ننڍڙا ننڍڙا ڪٽھڙا ڏنل، انھن ڪٽھڙن تان ٽپندا ڪڏندا راند ڪندا ھا سين، ھڪ گھر کان آخري گھر تائين، لڪي ڇپي واري راند.
مرد عورتون وڏا پڪا پوڙھا پنھنجي گھر جي آڳنڌ تي کٽون وڇايو ويٺا ھوندا ھا ته، اول گھر کان آخري گھر تائين ھر گھر جي ڀاتي جي چرپر تي نظر چٽي پئي پوندي ھئي ۽ جڏھن شام جو سج لڙندو ھو، ھلڪڙي ميرانجھڙي شروع ٿيندي ھئي، ٻاھران ڪمند جي فصلن مان ھوا پئي سرڙاٽ ڪندي ھئي، ان ويل گھر گھر ۾ گئس جا گولا ٻرڻ شروع ٿيندا ھا. ڪي چٽا روشن ته ڪي ميرانجھڙي روشني سان پيا ٽمٽمائيندا ھا. رات جو ڪائين پھر تائين پيا راند روند ڪندا ھا سين، خبر ڪانه پوندي ھئي. نئين صبح جو سج ياد ڏياريندو ھو ته رات گذري وئي.
مان اڪثر ادي ڪلثوم سڪينا ۽ آمنا سان گھڻو کيڏندو ھوس ۽ صبح ڪڏھن ماسات صالو سان زمين تي ھليو ويندو ھوس يا وري بگي سان بڙ واري ڇانو ۾ ٻڪريون ويھاري، سڄو ڏينھن ڏڪي ڏڪر لاٽون لاٽون يا بلورين پيا راند ڪندا ھا سين ۽ وري رات ادي ڪلثوم سڪينا آمنا سان ساڳي راند روند جي ڪرت. مان گھڻو ڪري آمنا سان وچڙندو ھوس، يا ته مونکي وڻندي ھئي، يا ھم عمر ھئي انھي ڪري. رسڻ پرچڻ وري ٺاھ، وري رسڻ وري پرچڻ وري وڙھڻ وري ٺھڻ.
ھڪ دفعي راند کيڏندي کيڏندي مون راند ڦٽوڙي ڪئي، آمنا جي گڏڙين جو گهرڙو ڊاھي ڇڏيو ھو. ڪاوڙ ۾ آمنا مون کي ڪلھي ۾ چڪ پاتو ھو. مون به وارن مان پڪڙي دسي ڊنب ڏني ھئي مانس. اوڏي مھل روئندي روئندي ماسي مريم کي وڃي دانھن ڏني ھئائين. ماسي مريم دانھن کڻي گھر پھتي ھئي، امان سان جھيڙو ڪيو ھو، مون کي چيو ھو، ’’ھاڻ جي آمنا سان کيڏڻ لاءِ آيو آھين ته ڊنب ڪڍندي سانءِ، پڪڙي مَنهه جي ٿوڻي سان ٻڌي ڇڏيندي سانءِ ... پوءِ ڀل ماڻھين اچئي ڇڏائڻ....‘‘
۽ امان سان يڪو لڙ پئي ھنيائين. ماسي گھڻو لڙ ھڻي گھر موٽي وئي ھئي. اوڏي مھل ڪجهه دير کان پوءِ آمنا جي گھر وڃي نڪتو ھوس. مَنهه کان ٿونڙي جي اوٽ ڏئي بيٺو ھوس، آمنا چلهه تي لسي سان ماني پئي کاڌي. ماسي مريم دڙڪو ڏيندين چيو ھو،
’’دير ڪيئي ! وري آيو آھين ـ ميسڻا ڏيانءِ ڊنب ... روز وڙھندو آھين، وري روز آمنا ڏي ڀڳو بيٺو آھين ...سرئي به ڪانه ٿي، وڙھڻ کان مڙين به ڪونه ٿو...‘‘
ماسي مريم جي ڪاوڙ ۽ ڇڙٻن ۾ به مصري جھڙي مٺاڻ ھئي.
تصور ئي نه ڪيو ھوم ته ڪو سڄي زندگي ائين گڏ پئي گذرندي ..... سڄي عمر ٻار ھوندا سين.
سڪينا آمنا ڪڏھن وڏيون ٿيون، ان ڳالهه جو احساس ئي نه رھيو ۽ ھڪ ڏينھن ٻئي پرڻجي ويون. ڏاڍو اداس ٿي پيو ھوس ، دل کي يقين نه ٿي آيو ته ڪو آمنا ۽ سڪينا پرڻجي ويون آھن
ائين به ٿيندو آ ڇا ڀلا !!
نه نه ڄڻ زبردستي منھنجون ڪنھن ٻئي ٻانھون ڪٽي ورتيون ھجن، ھڪ دم مونکي اپاھج بڻائي ڇڏيو ھجي. جسماني طور تي ته مان ڪافي قد ڪڍي آيو ھوس، مڇن جي ساول به نڪري آئي ھئي پر منھنجي اندر جو ٻار اداس ٿي پيو ھو، جيڪو اڃان وڏو نه ٿيو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن سڪينا آمنا جي گھر ھليو ويندو ھوس، ڪجهه ڊپ ڊاء به ٿيندو ھو، جڏھن سڪينا آمنا جا مڙس گھر ۾ موجود ھوندا ھا پر جي ڪڏھن آمنا يا سڪينا گھر ۾ اڪيلي ھوندي ھئي ته ، منھنجي اندر جو ٻار ڪڏ پائي ٻاھر نڪري پوندو ھو، ۽ وري پيا راند روند ڪندا ھاسين. مونکي ڪڏھن ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته ڪو مان جسماني طور وڏو ٿي ويو آھيان، ھاڻ مان بالغ ٿي ويو آھيان. ڪجهه اعتراض اٿيا، ڪجهه روڪ ٽوڪ شروع ٿي ، ائين آھستي آھستي پاڻ پلڻ لڳس. وقت ڄڻ جبري منھنجو قد ڇڪي ڊگھو قداور ڪري ڇڏيو ھجي پر منھنجي اندر جو ٻار ته اڃان به ٻار ئي رھيو ، جيڪو اندر ئي اندر پيو روئندو، انگل ڪندو ھو آمنا سڪينا سان راند روند ڪرڻ جو .... ..من جي ٻار جو ڄڻ منھنجي جسم سان ڪو تعلق ئي نه ھو.
نيٺ آھستي آھستي ڪچا گھر پڪا ٿيڻ لڳا، گھرن جون ديوارون اوچون ٿينديون ويون، وڇوٽيون وڌنديون ويون ۽ ھاڻ سچ ۾ مان وڏو ٿي چڪو ھوس.
نيٺ بابا سائين لاڙ مان لڏي اچي دادو ۾ آباد ٿيو، ڪجهه وقت بابا سائين ڇھين ستين مھيني لاڙ وٺي ويندو ھو
جڏھن بس تان شام سج لڙي جو پڪي تي لھندا ھاسين ته ماما ڏاند گاڏي ڪاھيو بيٺو ھوندو ھو. ڏاند گاڏي ۾ ٻيڻيون رليون وڇايل ۽ وھاڻا رکيل ھوندا ھا. سڀئي ڏاند گاڏي تي چڙھي ويھندا ھاسين پوءِ ڪچي جو پنڌ ئي پنڌ .... ڏاند گاڏي ۾ ڏاندن کي سنڀالڻ به جھڙي تھڙي جي وس جي ڳالهه ڪونه ھوندي ھئي، انھي ڪري ماما ڏاندن کي سنڀالڻ ۽ ھڪلڻ لاءِ چاچا پنھون کي ڏاند گاڏي ھلائڻ لاءِ ڏيندو ھو. پوءِ ڪچي رستي جي لوڏن ۾ سڄي واٽ چاچا پنھون پيو ڏاندن سان ڳالھائيندو ھو.
’’ھڪ اٿئي .... ڪاڏي ٿو مرين!؟‘‘
ساڄي ... کاٻي. لٺ جو پيو چونگ ڏيندو ھو، ڪيڏي مھل بگي ڏاند کي ته ڪيڏي مھل ڪٽي ڏاند کي. منزل ئي منزل، ۽ ڍڳو پير پيران....
گوني جي ٻنھي ڪپرن سان جھونن سرھن جي وڻن جي ڊگھي قطار ..... گھرن تائين صفا لڙھي پوندا ھاسين، پر بابا ماما ۽ امان جي ڪچھري پئي ھلندي ھئي ...

بابا جي وفات کان پوءِ اھو سلسلو بند ٿي ويو، وري ڪڏھن لاڙ وڃڻ نه ٿيو.
سالن کان پوءِ ھڪ ڀيرو لاڙ ويو ھوس، ور وڪڙ کائيندڙ ڪچي دڳ تي انھي جھوني بڙ جي ڇانوَ ۾ وڃي بيٺو ھوس. پري کان انھن گھرن کي گھوريو ھوم، جتي پنھنجو عطيت ڇڏي آيو ھوس. کن پل لاءِ منھنجي من جو ٻار مونکي بڙ جي ڇانوَ ۾ ڇڏي، پنھنجي عطيت ۾ ڊوڙ پاتي ھئي .... انھن گھرن انھن آڳنڌن تي جتي ھي پنھنجو بچپن ڇڏي آيو ھو، اھي رشتا جيڪي وقت جي واچوڙي ۾ سڀ ڪک پن ٿي چڪا ھا.
ھڪ ساھي کان پوءِ پنھنجي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙھن کي ھٿ جي تري سان اگھي اتان ئي واپس موٽي پيو ھوس ....

اجنبي ڪير هو ...؟؟؟

پويان سڏ ڪيائين؛
’’ڀائو! ترس...‘
مون پوئتي ڏٺو. عجيب لڳو، ڪارو ڪٺ ، بت جو ٿلهو ايترو به نه پر هٽو ڪٽو ٿي لڳو.
مان بيھي رهيس. تکو تکو اچي ڀر سان پهتو.
’’ماچس اٿئي ...!؟‘‘
’’نه .... مان موالي ناهيان !‘‘ مون بي رخي اختيار ڪئي.
’’شهر ٿو وڃين!؟‘‘
’’ها ...!‘‘
’’مان به شهر ٿو هلان ، گڏيا ٿا هلون‘‘
دل ۾ سوچيم اڙجي ويس. سڄي واٽ بيزار ڪندو هلندو.
’’ڪم ڪهڙو ڪندو آهين !؟‘‘
’’واندو آهيان !‘‘
’’ڪم جي تلاش ۾ آهيان...‘‘
’’ڪم !‘‘ مرڪي پيو
’’کلين ڇو !؟‘‘
’’مڙئي...‘‘
’’ڀلا تون ڪهڙو ڪم ڪندو آهين ؟‘‘ مون اجايو سوال ڪيو
’’ڪو به نه ! پر مون لاءِ ڪم گهڻا آهن .... ڪرڻا ڪونه ٿا پون !‘‘
هن جو جواب عجيب لڳو. سوچيم؛ ’’اهڙو ڪم اسان کي به ملي پوي‘‘
’’ڪونه ڪري سگهندين‘‘
ڄڻ هن منهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي ورتي.
حيران ٿيس.
’’تو ڪئين ڄاتو !؟‘‘
’’تنهنجو مزاج ٿو ٻڌائي .. مون توکي پڙهي ورتو!‘‘
سوچيم؛’’ ڪٿي ولي ته ، ناهي !‘‘
ٻيهر مرڪي پيو.
’’نه ...!‘‘
مان تجسس ۾ پئجي ويس.
’’اهو ڪئين ڀلا !؟‘‘
’’جهڙي نوعت جو تون ڪم ٿو چاهين، اهڙو ڪم توکي ملندو ڪونه ، ۽ جيڪو توکي ڪم ملي ٿو، اهو تنهنجي مرضي جي خلاف هوندو آهي. ڪو به ڪم ڪري سگهين ها ته تون ڪامياب هجين ها...‘‘
’’هووووووون ......‘‘
پڇيم؛ ’’ ڀلا تنهنجي تعريف...!؟‘‘
’’تعريف ان خدا جي... جنهن شيطان کي تڙيو.‘‘
’’شيطان آهي؟!‘‘ مون سوال ڪيو .
’’آهي! ‘‘
’’پوءِ ڪڏهن نظر نه آيو آ!؟‘‘
’’نظر ڪئين ايندو ! ماڻهو پنهنجي من ۾ جهانڪي ته ، نظر اچي..‘‘
’’نه... نه... شيطان ماڻهو جي اندر ۾ ناھي. ھُو ته خود ماڻهو کي گمراھ ڪندو آ...‘‘
’’توکي ڪڏهن گمراھ ڪيو اٿس !؟‘‘ هن عجيب سوال ڪيو.
’’شايد! ‘‘
’’پر ماڻهن کي ته گمراھ ڪري ٿو نه !‘‘
’’پوءِ مالي جاني گمراهي ۾ ماڻهو ڇو نه ٿا اچن‘‘
’’نه... هو آخرت جي گمراهي ڏيندو آ...‘‘
’’آخرت جي گمراهي....؟‘‘
’’جن کي آخرت جو خوف آ .... تمام مسڪين غريب يتيمن جا حق به اهي ڦٻايو ويٺا آهن ۽ آهن به امير ... شيطان انهن کي گمراھ نه ٿو ڪري ... اچي اچي تو جهڙن سڃن اٻوجهن جي پٺيان ٿو پوي ...اهڙن مان حاصل ڇا ٿيندس ....‘‘
هن جي ڳالهه ۾ وزن لڳو.
’’پر .....‘‘
’’پر ... مان ٿو توکي ٻڌايان...ٻُڌ !
’’رڳو الزام شيطان تي آ ... باقي ڪرتوت سڀ پنهنجا اٿوَ. عجيب لڳندو آ، جڏهن ملان چوندو آ، ’شيطاني تڙجي ويو....‘ اهو به الزام شيطان تي ....
’’ڀلا پڇ ملان کان ڪڏهن شيطان توکي لت وهائي ڪڍي آ... تريون ڀر وڃي فرش تي ڪريو هجين ...باقي شيطان جو ملان سان اڳيان نڪاح ٿوڙئي پيل آ...‘‘
هاڻ مون کي هن جون ڳالهيون بڪواس ۽ بور ڪرڻ لڳيون هيون. سوچيم؛ ڪو لنگهه ڪو گٽ گهيڙ اچي ته هن کان جان ڇڏائي ٽٽي وڃان.
چيم؛ ’’تون ته شيطان واريون ڳالهيون ٿو ڪرين ...ڪٿ شيطان ته ناهين!؟‘‘
وڏو ٽهڪ ڏنائين.
’’توکي لڳان ٿو !؟‘‘
’’پر ڳالهيون ته شيطان واريون اٿئي...‘‘
’’توکي لڳيون !؟‘‘
’’ڪجهه ڪجهه‘‘
وري کلي پيو.
’’چڱو ٻُڌ .... دراصل شيطان هڪڙي خطا ڪئي. آدم کي سجدي کان انڪار ڪيائين. عمر ڀر لاءِ تڙجي ويو. انسان ھيتريون ساريون خطائون بخشرائي ويندو... ڀلا پنهنجون خطائون بخشرائي به وڃي... يزيد جي بخشش لاءِ به وس ٿو ڪري ...يزيد جي به بخشش ممڪن آ !؟؟‘‘
چيم؛ ’’ مون کي مذهبي ڄاڻ ڪانهي...!‘‘
’’ چڱو ٻُڌ ؛ مان اجنبي آهيان ،منهنجون ڳالهيون به عجيب لڳندئي
پر آخري ڳالهه ٻُڌ: سڀ عمال انسان جا پنهنجا اٿئي، سڀ ڪرتوت توهان جا پنهنجا آهن. جيڪڏهن توهان جو ايمان پختو آهي ته پوءِ شيطان تي الزام ڇا جو !؟ پر توهان خود گمراهي جي دڳ تي آهيو، چوندا آھن پنڌ پاڻ کان ڪونه پڄي، ٿڪ لعنت گوڏن تي ....!‘‘
هي تڪڙو تڪڙو وکون کڻي اڳتي نڪري ويو.
مان سوچيندو رهيس.
اجنبي ڪير هو.....!؟‘‘

باغــــــــي

مون پڪ سڃاتا پنھنجا ھا،
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ـــــ
ٻه ڏينھن اول ھڪ مخبر ديس جي دلال انتظاميا جي اعليٰ آفيسر کي اطلاع ڏنو ته سرمد بلوچستان جي جابلو پٽي کان سنڌ ۾ داخل ٿو ٿئي، توھان ان جو گھيراءُ تنگ ڪيو.
اعليٰ آفيسر پورو پلان جوڙي ڇڏيو، ان پٽي تي پنھنجو جٿو موڪلي ڇڏيائين. سپاھين کي پوري ڊائريڪشن ڏئي ڇڏي، سرينڊر نه ڪرڻ جي صورت ۾ شوٽ آئوٽ جو آڊر آھي.
سرمد جي کاٻي ڪلھي ۾ گولين جو ٿيلھو لڳل ھو ۽ ساڄي ڪلھي ۾ رائيفل، پيرن ۾ بلوچستاني ڇال پاتل ھئي. ھي جبلن جا لڪ لتاڙيندو ٿي آيو، چيتي جھڙي چال، ڊگھين ڊگھين ٻرانگن سان پٿريلي زمين جي ڇاتي ۾ ڄڻ خنجر کوڙيندو ٿي آيو. گرمي جي شدت ۾ چپ خشڪ ٿي ويس. نراڙ تان پگھر اگھي ھڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ کن پل لاءِ ويھي رھيو.
ياد ٿي اچيس اھا رات، جڏھن سنڌو جي گوڏن تي اکيون ٻوٽيون ڪافي دير ليٽو رھيو ۽ سنڌو آڱرين جي ڦڻي وارن ۾ ٿي ڦيري، خاموشي کي ٽوڙيندين ھن ڳالھايو؛
’’سنڌو ؟‘‘
’’ھون !‘‘ کن پل ۾ سنڌو، ماضي کان مستقبل جي سفر تان موٽي آئي.
’’مون سمجھو ... ننڊ اچي وئي اٿئي..!؟‘‘
’’ڪٿي! سنڌو مان عرصي کان ستو ناھيان، ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين راتين جون راتيون ڀٽڪندو رھيو آھيان ... ڪڏھن ڪڏھن ته رات به پوري ھڪ جاءِ تي ٽڪي ناھيان سگھيو ـــــ پر جڏھن تنھنجي ٻانھن ۾ ھوندو آھيان، مونکي آزاديءَ جو پورو احساس ٿيندو آھي. تنھنجي ڀاڪر ۾ ئي منھنجي پڃري جو پکي پرڙا ساھيندو آھي. جڏھن ته منھنجي سنڌ منھنجو گھر آھي، پوءِ ڀي مان بي گھر آھيان....
سچ پڇين ته مونکي اھڙي گھر جي لوڙ به ڪانھي، جتي غلامي ھجي! بس ھڪڙي حسرت آھي، جڏھن به آزادي جي راھن ۾ ماريو وڃان ته منھنجو لت پت لاش ائين ئي تنھنجي ھنجهه ۾ پيل ھجي. ان کان پوءِ دفن ٿي وڃان، فنا ٿي وڃان مٽي جي وجود ۾ ـــــــ
سنڌو ھٿ وڌائي سرمد جي چپن تي رکي ڇڏيا.
’’نه ڪندو ڪر اھڙيون ڳالھيون، منھنجي ڄمار به توکي لڳي ... مان تنھنجي ئي وجود مان بڻي آھيان ... جئين آدم جي وجود مان حوا...‘‘
سرمد ٿڌو ساھ ڀريو.
’’سنڌو! ھڪڙو مون سان واعدو ڪندينءَ !؟‘‘
’’نڪو !‘‘
بنا سوچي سنڌو ڪنڌ ڌوڻيو.
’’مان توکي ساھ ته ڏئي سگھان ٿي پر توسان ڪو وچن واعدو نه ٿي ڪري سگھان.... توسان وچن واعدن مان مراد اذيتون .... پيڙائون ۽ ڀوڳنائون آھن.... مون گھڻو ئي ڀوڳيو آھي، ھاڻ بس! وڌيڪ آزمائش مان گذرڻ جي مون ۾ سھپ ڪونھي، مونکي ھر پل تنھنجي وڇڙي وڃڻ جو عذاب ماريندو آھي.....
ماڻهو چوندا آھن وصال ۾ لذت آھي، پر مون توسان وصال ۾ به اذيتن کي ڀوڳيو آھي، بس مون تي ھاڻي ٿوڙي دِيا ڪر سرمد !‘‘
سرمد مرڪي پيو. ھلڪڙي مسڪراھٽ چپن جي لڪير بڻجي گم ٿي، ٿي وڃي
’’۽ فراق ؟‘‘ سرمد مذاق جي موڊ ۾ سوال ڪيو .
’’اذيت محسوس ٿيندي آھي جان کي، بي جان بت کي نه ! فراق ۾ خالي ھي بت ھوندو آھي، جان ته تو ۾ اٽڪيل ھوندي آ ... ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي اذيت ٿيندي !؟‘‘
سرمد اٿي ويٺو، ٻنھي ھٿن ۾ سنڌو جا ڳل جھلي ورتا.
’’چري! موت ازل آھي ــ ٽرڻو ناھي، پوءِ بيماري جي بستري تي اچي يا آزادي جي راھن ۾ ، بس ھڪڙو ننڍڙو مون سان واعدو ڪر... توسان وچن ٿو ڪيان، اڳلو جنم تنھنجي حڪمن جي پاسداري ڪبي..‘‘
’’ضد تان ڪونه لھندين، چڱو چئو!‘‘
سرمد ھڪ نظر سنڌو کي غور سان ڏٺو،
’جيڪڏھن منھنجو اولاد پٽ ٿئي ته نالو رکجانس .... مھراڻ....
مان جي آزادي جي دڳن تي ماريو وڃان ته وڏو ٿي منھنجي مقصد کي پورو ڪري، بس ايترو ...!‘‘
سنڌو جي اکين مان لڙڪ زار قطار لڙي پيا، ڄڻ سنڌو دريا جا ٻئي بند ٽٽي پيا ھجن. سرمد سنڌو جي ڳلن تي چپ رکي لڙڪ چمي ورتا.
’’سنڌو! اڄ مان تنھنجي ڳلن تان آب زم زم پي ورتو آھي، منھنجي زندگي سفل ٿي وئي... بس آخري دفعو تنھنجا چپ چمڻ جي حسرت آ..‘‘
سنڌو بي اختيار پنھنجا چپ وڌائي ڇڏيا.ڪي لمحا لفظ گونگا ۽ ٻوڙا رھيا، نيٺ گونگن لفظن کي سرمد جي زبان ملي.
’’سنڌو! سچ پڇين منھنجا چپ تنھنجي چپن کي چمي ناھن سگھيا، تنھنجي چپن جي سرخي جبلن جي تهن جيڏا فاصلا ٿي رکي ...!‘‘
’’......پر... ‘‘ ھڪ ساھي کان پوءِ سنڌو ڳالھايو. ’’آخر ڪيسيتائين ڀڄندو رھندين!؟‘‘
’’جيسين ساھ سرير ۾ آ... سنڌو مان ھنن کان جنم جنم تائين ڊوڙي سگھان ٿو .... تنھنجي خاطر ، سنڌ جي خاطر ... مون کي جيڏي تون پياري آن، اوڏي سنڌ ....! پر منھنجي منزل فراريت ناھي، آزادي آ...
اسر ويل مان ھتان نڪري ويندس، پنھنجو خيال رکجان...‘‘

سياري جي رات ماڪ ٿي وسي، ڀاڪر ۽ بوسن جي بارش ھئي. وصال ۾ رات گذري.

خشڪ نڙي سان ڳيت ٿو ڏئي، اٿي کڙو ٿو ٿئي. دور تائين نظر ڊوڙائي ٿو، پري پري تائين رڃ ئي رڃ....
سنڌو جو الڪو ويتر ٿو ورائيس،
’’ بس ٻه ٽي ڏينھن... اڄ يا سڀاڻي سنڌو ماءُ بڻجڻ واري ھوندي، خبر ناھي ڪھڙي حال ۾ ھجي؟‘‘
آخري دفعو سرمد سنڌو سان تڏھن مليو ھو، جڏھن ٻار جي ڄم ۾ باقي ھفتا بچيا ھا، پاڻ پڪ ڏياريائين سنڌو جتي به ھوندس، ان حال ۾ توسان گڏ ھوندس.
رائيفل ڦرائي کاٻي ڪلھي ۾ وڌائين، تيز تيز جبلن جون لاھيون چاڙھيون لھندو چڙھندو اچي سنڌ جي سرحد کي پھتو. نوڙي ماتر ڀومي جي مٽي کنيائين، مٽي ماٿي تي مليائين.
ٻه قدم اڳتي وڌيو، گھڻو اڳتي اچي وري نظر ڪيائين. چوطرف جبلن جون اوچون اچون ٽڪريون، اڃان اڳتي وڌيو. سامھون نظر پيس، بيھي رھيو. ٻه قدم پوئتي ھٽيو ته ھڪ سپاھي اشاري سان سرمد کي ھٿيار ڦٽو ڪري سرينڊر ٿيڻ جو چيو.
سرمد ڪلھي مان سٽ ڏئي رائيفل لاٿي.
اچانڪ ھڪ گولي پٺ کان سرمد جي ڪلھي ۾ لڳي، ٿيڙ کائي جبل جي پٿر جي اڙ ورتي. ڇڪي رائفل جو گھوڙو چاڙھيو، ھڪ فائر ڪيائين، گولي وڄ جيان واڄٽ ڪـندي نڪتي. ٻي گولي ھن کي پٺ ۾ لڳي. وڄ وانگي ڦيرو پائي پٺ تي فائر ڪيائين.
ٽئين گولي ساڄي گوڏي جي ڍڪڻي ۾ لڳي، ھي گوڏا ڀر ڪريو.
ھڪ گولي سيني کي پروڻ ڪندي وئي، ھي نميو
چئو طرف گولين جي برسات شروع ٿي، ھي نرڙ ڀر زمين تي جھڪي پيو.
ھي سرمد جو ڌرتي کي آخري سجدو ھو
ھوڏانھن نئين ڄاول ٻار جي چيخ گونجي، سنڌو جي ڪک مان مھراڻ جنم ورتو.
ڏور سج جبل جي لڪن کان لِڪو ٿي .....

تنھنجون يادون

اھا تنھنجي چپن تي آخري چمي ھئي.
وسندڙ تيز مينھن ۾ گھر واري گھٽي کان تون ڀت جي اوٽ بيٺي ھئينءَ. توکي ڏسي ڀِڄندو ڀڄِندو اچي ڀر ۾ بيٺو ھوس. ڀت کي ٻنھين ترين جي ٽيڪ ڏئي توکي ٻانھن جي وچ ۾ سوڙھو ڪري ورتو ھو. تو ديوار سان پنھنجي پٺي ٽڪرائي ڇڏي ھئي.
بارش اڃان تيز وسڻ لڳي ھئي. ان مھل تنھنجا احساس اڀامڻ لڳا ھا. مون ھڪ گھري چمي تنھنجي چپن تي ڏني ھئي. تنھنجا گرم ساھ منھنجن ساھن سان ٽڪرائڻ لڳا ھا. ساھن وچ ۾ ڄڻ جنگ ڇڙي پئي ھئي. اھا جنگ جيڪا ڪڏھن به فتح نه ٿي ڪري سگھجي.
ڪڏھن به نه !
جسم محض معرفت ھوندا آھن، محبت ته ٻن آتمائن جي ٿيندي آ.
ان ڏينھن کان پوءِ ھي وجود مسلسل رڻن ۾ رلندو رھيو آھي. زندگي ڄڻ پلصراطي پيچرن تي ھلندي ھجي. نڪي پنڌ کٽڻو آ، نه ڪي منزل ملڻي آھي. سڄو وجود پراڻي ويران ان کنڊر جيئان ٿي پيو آ، جنھن ۾ چٻرا ۽ چمڙا اچي واھيرا ڪندا آھن، ورھ پڄاڻا وجود رڻن ۾ رلندو رھيو آ
کن پل جي ڪا ساھي ڪانھي، چپ سڪي ٺوٺ ٿي پيا آھن.
ڏارون ڏارون ـــــ
جڏھن به ڦڪي مرڪ مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي آ ته خشڪ چپن مان رت سيمون ڪري ٽمي پيو آھي. ھن شعر ۾ شاھ صاحب الاءِ ڪھڙي ماجرا بيان ڪئي آ
گوليان گوليان م لھان ـ شال م ملان ھوت
بس ايترو سمجھي سگھندو آھيان ته دردن جو ڪو انت ڪونھي ! منھنجي بدنصيبي منھنجي غربت ھئي ۽ تنھنجي مائٽن کي تنھنجي لاءِ ڪو سکيو ستائبو گھر کپندو ھو.
ـــ ۽ جڏھن تنھنجو رشتو پڪو ٿيو ھو، تڏھن من ڌرتي تي ڪئين ايٽم بم ڪريا ھا. من سڄو ھيرو شيما ناگا ساڪي بڻجي پيو ھو. من ڌرتي تي اميدن جا سلا اڄ تائين آباد ناھن ٿي سگھيا.
ھڪ ڏينھن ڄڃ تنھنجي در تي آئي ھئي، شرناين جا آواز منھنجي بيوسي تي پار ڪڍي روئڻ لڳا ھا. گھوٽ ڀاڪر ۾ ڀري توکي ڪار ۾ وڃي ويھاريو ھو، تڏھن ڄڃ جي ڀيڙ مان ڪي آلا نيڻ حسرتن سان توکي تڪيندا رھجي ويا ھا
تون ھلي وئين ھُن پار ....
ورھ پڄاڻا من جي مندر ۾ اڄ به تنھنجي يادن جا جھيڻا ڏيئا ٽمٽمائي رھيا آھن ـــــــ

خودڪشي

سائين عالم شاھ شراب جو ڍڪ اوتيندين پڇيو،
’’مٺلا جاچ لڌئي ڇوري ڪير آ !؟‘‘
مٺل بنا ھچڪ جي ڳالھايو،
’’جي وڏا...! پاڻ واري ھاري ڌڻي بخش جي ڌيءُ آ، مومل...‘‘
’’اڇا... جيڪو فارم واري زمين ٿو ڪري...‘‘
’’جي وڏا...‘‘
’’پوءِ ڇا سوچيو اٿئي !؟‘‘
’’جئين چئو وڏا ....
چئو ته ڌڻي بخش کي نياپو موڪليون، ڇوري کي موڪلي حويلي تي ڪم ڪار لاءِ، جواب ڪونه ڏيندو، وڌيڪ پاڻ سنڀالي وٺجو.‘‘
’’نه.... مٺلا نه...‘‘ سائين ڪنڌ ڌوڻيو.
’’حويلي ۾ بابا سائين ۽ ٻارن جي ھوندي، اھو ڪم ڏکيو آ، اھو ڪم مون واري بنگلي تي ٿيندو، ڇا سمجھئي...!؟‘‘
’’سمجھي ويس وڏا....!‘‘
مٺل سائين جو اشارو سمجھي ورتو، مطلب ڇوري کنڀڻي پوندي.
’’ھا پر خيال رھي.... اسان جي پيري مريدي ۾ وڏي ساک آ...‘‘
’’وڏا فڪر نه ڪيو ... جڏھن چئو !‘‘
’’مان ته چوان ٿو اڄ....‘‘ سائين شراب جي حالت ۾ گھڻو اتاولو ٿي پيو هو.
’’ٺيڪ آ وڏا ... ٻي رات ئي تياري ڪريون ٿا....‘‘
’’ته پوءِ دير ڇا جي وڃڻ جي ڪر...‘‘ سائين عالم شاھ مٺل کي وڃڻ لاءِ اشارو ڪيو.
مٺل تکيون تکيون ٻرانگون کڻي اوطاق مان نڪري ويو.
مٺل ڪو سائين عالم شاھ جو ڪمدار ناھي ۽ نه ئي وري منشي، سائين عالم شاھ سان دوستاڻو ماحول آھي. سائين حجت مان سڏيس ’’مٺلا...‘‘ سڀ شوق شڪار سائين سان گڏ ڪيا آھن. يونيورسٽي مان پڙھي اچي سائين جي مريدي ۾ وقت گذاريو، نوڪري جي کيس کي ڪا بک ناھي، سندس به چڱن ڀلن رئيسن ۾ شمار ٿئي ٿو، فقط سائين عالم شاھ جي ڊرائيوري ڪندو آھي ۽ شوق شڪار به، شوق به اُھي جيڪي رئيسن جون عادتون آھن.
سندس ست پيڙھيون سائين جن جون خدمتگذار رھيون آھن، سائين وڏي سائين راشد شاھ محروم بابا سائينداد جي خدمتن جي عيوض جاگيرون دان ۾ ڏنيون ھنيون، کيس مرحوم بابا سائين سڄي عمر سائين وڏي راشد شاھ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي، تمام وفادار شخص ھو، ھر ڳالهه ۾ سائين راشد شاھ جي، جيءَ ۾ جيءُ ملايائين، ڪڏھن به ڪنھن ڳالهه کان انڪار نه ڪيائين. قداور مڙس ھو، سدائين سر تي سورھ سنڌين واري پڳ ٻڌل ھوندي ھئي، لنڊي قميص ۽ گيڙو شلوار، ھٿ ۾ ھميشه نيٽ جو لڪڻ ھوندو ھو. اکيون وڏيون ڳاڙھيون لال، اکين ۾ وڏي ڏِيا رکندو ھو پر سائين راشد شاھ جي سامھون سدائين ڪنڌ جھڪيل ۽ نظرون هيٺ رھنديون ھيون، ڪڏھن به چپن تي مرڪ نه آئي. ماٺيڻي طبيعت ۽ گھٽ ڳالھائو، ڪاوڙ جي حالت ۾ به رڳو اکين جي لالاڻ وڌي ويندي ھئي. تتي اس ھجي يا اڌ رات مڌ رات، ھر گھڙي سائين جو ٻانھن ٻيلي رھيو.
سائين راشد شاھ جو به مٿس ايترو ته ڀروسو ھو، جو اڪثر حويلي جا ڪم ڪار به سائينداد کي چوندو ھو.
....۽ جڏھن سائينداد حويلي ۾ ويندو ھو ته سائين راشد شاھ جون نياڻيون اڳيان ڦري اينديون ھيون، ھزارين کيچلون مشڪري مذاق ڪنديون ھيون، وس ڪنديون ھيون سائينداد کي چيڙائڻ جا پر مجال آ جو سائينداد نظر کڻي سائين راشد شاھ جي نياڻين کي تڪي، جئين ڪنڌ جھڪائي حويلي ۾ داخل ٿيندو ھو، تئين ڪنڌ جھڪائي حويلي مان ٻاھر نڪرندو ھو.
ھڪ دفعي سائين وڏي راشد شاھ جي آڏو عرض رکيائين ته ’’سائين ! حويلي جا ڪم ڪار نه چوندا ڪريو.‘‘
سائين راشد شاھ ذري گھٽ جھڻڪ ڏيندين چيو ھو، ’’ نه .. اوطاقين مان ڪنھن کي موڪليان ٿو...!‘‘
سائينداد ڪڇي ڀت ڪڇي ....
نيٺ حالات مٽيا، رئيسن جا شوق شڪار عادتون مٽيون، چوندا آھن ڪارو ٻڌجي ڪمري سان، رنگ نه مٽائي عادت ضرور مٽائي.
ان ڏينھن جڏھن سائين عالم شاھ مٺل سان گڏ لينڊڪريوزر ۾ فارم واري زمين تي ٿي ويو، رستي جي موڙ کان پاڻي واري بور مشين لڳل آھي، ۽ ان موڙ کان اڳتي سڌو رستي سان سامھون فارم آھي. گاڏي جئين موڙ کان ٽرن ڪيو ته سائين عالم شاھ جي نظر بورنگ واري مشين تي پئي، ھڪ دم مٺل کي بريڪ ھڻڻ جو چيو.
ڪجهه فاصلي تي بلڪل ويجھو، مومل ساھيڙين سان کيچلون ڪندي بورنگ واري پاڻي ۾ وھنتي ٿي. جئين مومل جي نظر سائين عالم شاھ تي پئي ڇرڪي پئي. تڪڙ ۾ ڀڳل چولي کي ٺاھڻ لڳي، پر ڀڳل ڪپڙا ويتر جسم کي ٿي چھٽيا.
مومل ڀڻڪي، ’’ڇوريون! ھلڻ جي ڪيو سائين ننڍو ٿو ڏسي...‘‘
سائين عالم شاھ جي يڪ ٽڪ نظر مومل تي کُپي وئي. ڀڳل چولي پٺيان قيامت جا آثار ھا، سائين عالم شاھ جا ھوش خطا ٿي پيا، سائين عالم شاھ اڳ ڪڏھن حسن جو اھڙو جلوو نه پسيو ھو. سائين جي يڪ ٽڪ نظر اڃان مومل تي کتل ھئي.
مومل ٻيھر ڳالھايو؛ ’’ڇوريون! ھلو ٿيون يا....‘‘ مومل ذري گھٽ ترڪندي بچي ھئي.
مومل ۽ مومل جون ساھيڙيون ھيسيل حالت ۾ تڪڙيون تڪڙيون اڳتي وڌي ويون ........

ٻئي رات مٺل ڪجهه ھٿياربند وٺي ڳوٺ جي ٻاھريان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي، ڪمند جي فصل کان ڪچي دڳ تي جيپ کي بريڪ ڏني. جيپ وٽ ڊرائيور کي روڪي پاڻ ٻن ھٿياربندن سان ڳوٺ طرف وڌيو، ھلڪي چانڊوڪي ۾ ڳوٺ ۾ ڪتا ٿي ڀونڪيا.
ھي ھلندا اچي ڳوٺ کي ويجھو رسيا، منھن مٿان ٻٽون چاڙھي ڇڏيون. گھر کي ويجھو پھچي ھڪ ھٿياربند گھر جي ديوار ٽپيو، اندران دروازي جي ڪنڊي کولي ڇڏي، ھي گھر ۾ داخل ٿيا، مٺل ھڪ نظر گھر ڀاتين تي وڌي، ٽن کٽن جي درميان مومل ستل ھئي.
مٺل مومل طرف وڌيو، مومل جي ٻانھن ۾ ھٿ وڌو، مومل جاڳڻ سان ڇرڪي پئي رڙ ڪري ٻانھن ڇڏائي ڪمري طرف ڊوڙي، مٽن جي گھڙامجي ۾ وڃي ٽڪرائي، پاڻي سان ڀريل مٽ زمين تي ڪريو. مٺل پٺيان ڊوڙ پاتي، شور شرابي تي ڌڻي بخش ڌياڻي جاڳي پيا. ھنن خوف ھراس ۾ دانھون ڪرڻ شروع ڪيون پر ھٿياربندن جي دڙڪن ڌھمانن ۽ تشدد تي ھنن جو احتجاج خاموشي ۾ بدلجي ويو.
مٺل مومل جي ٻانھن پڪڙي زبردستي ٻاھر طرف گھليندو ويو. گڏوگڏ ھٿيار بند دڙڪا ڌھمان ڏيندا مومل کي ٻاھر طرف ڌوڪيندا ويا. ھي گھڻو اڳتي نڪري ويا، پٺيان ڌڻي بخش ڌياڻي جو ڪھرام مچي ويو. ايڏي ھل ھنگامي تي ڪافي ڳوٺاڻا گڏ ٿيا، ڳوٺ کان پري ڪچي دڳ وٽان جيپ اسٽارٽ ٿي ۽ گم ٿي وئي

سائين عالم شاھ جي بنگلي جي ٻاھران مين گيٽ تي جيپ ھيڊ لاٽون ڏنيون، چوڪيدار جوڳي اڳئي الرٽ ھو، ھن مين گيٽ کولي ڇڏيو، جيپ بنگلي ۾ داخل ٿي وئي، ان مھل رات جا تقريبن ٽي پئي ٿيا.
سائين عالم شاھ اڳئي نشي جي حالت ۾ ڌت ھو، ڪجهه گھڙيون مٺل سائين عالم شاھ سان حال احوال اوري، مومل کي کيس حوالي ڪري ساٿين سوڌو جيپ ڪڍي مين گيٽ کان آئوٽ ٿي ويو، چوڪيدار جوڳي مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو.
سائين عالم شاھ مومل کي ٻانھن مان جھلي اندر ڪمري ۾ گھلي ويو، پويون پھر رات جي چانڊوڪي جھيڻي ٿيندي وئي. ٻاھر ڪتا ٿي ڀونڪيا، ان مھل مومل جي حالت ان ھيسيل ھرڻي جھڙي ھئي، جيڪا شڪاري شينھن جي چنبي ۾ ھوندي آھي. ٻاھر ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز وڌندو ٿي ويو.
سائين عالم شاھ مومل جي جسم جا ڪپڙا لاھي ورتا. ٻاھر ڪتا اڃان زور زور سان ڀونڪڻ لڳا. سائين عالم شاھ چوڪيدار کي سڏيو، ’’جوڳي ــــ او جوڳي!‘‘
جوڳي تکو تکو اچي در وٽ بيٺو، ڪمري جو در کليل ھو. اندر سائين عالم شاھ پوري ننگي حالت ۾ ھو، ۽ پريان بيڊ تي مومل بنا ڪپڙن جي منھن گوڏن ۾ ڏيو سڏڪي ٿي.
’’جي سرڪار!‘ جوڳيءَ ادب مان هٿ ٻڌا.
سائين عالم شاھ ڌت نشي جي حالت ۾ ڳالھايو؛ ’’ٻاھر ڏس ڪتا ڇا تي ٿا ڀونڪن....‘‘
’’جي سرڪار!‘‘
جوڳي تڪڙو تڪڙو ٻاھر طرف ويو، ڪجهه دير کان پوءِ موٽي آيو.
سائين عالم شاھ ساڳي حالت ۾ ھو.
’’’ سرڪار ڪتا ڪنھن ساسيءَ جو ٻچڙو کڻي آيا آھن، ان تي ٿا ڀونڪن، شايد ٻڪري جو ٻچڙو آھي....‘‘
’’پوءِ وڃ ڇڏائينس...‘‘
’’سرڪار! ڪتن ٻچڙي کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آھي ...‘‘
’’تو ـ تو ـ تو ـ تو ــ وڃ ـــ وڃ ـــ وڃ ڪتن کي ڀڄاءِ...‘‘
’’جي سرڪار‘‘. جوڳي موٽي ويو.
ڪجهه دير کان پوءِ بندوق جو ٺڪاء ٿيو. مومل ڇرڪي پئي
سائين عالم شاھ مومل مٿان جھپڪي پيو ....

ھفتو پورو مومل سائين عالم شاھ وٽ قيد رھي. جمع واري ڏينھن سائين عالم شاھ منشي ميرل سان گڏ بنگلي ۾ موجود ھو، جوڳي نياپو کڻي اندر داخل ٿيو.
’’جي جوڳي !؟‘‘ سائين عالم شاھ اول ئي جوڳي کان پڇي ورتو
’’سرڪار! ٻاھر توھان جو ھاري توھان سان ملڻ لاءِ آيو آھي، نالو ڌڻي بخش ٿو ٻڌائي، موڪليانس ؟‘‘
’’ڌڻي بخش ! ڪيڏي مھل آيو آ ؟‘‘ سائين عالم شاھ تعجب مان پڇو
’’سرڪار! اڃان سج ئي ڪونه اڀريو ھو ته پھتو ھو، يڪو ويٺو آھي.‘‘
منشي ميرل چمچاگيري ڪندي وچ ۾ ڳالھايو.
’’ بيوقوف تڙي ڇڏينس ھا‘‘
جوڳيءَ منشي کي کيڪاريو ڪونه. وري سائين عالم شاھ سان مخاطب ٿيو،
’’سرڪار! اول ته مون به تڙڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي پر ضد ڪري ويھي رھيو، چيائين پئي جي سائين عالم شاھ سان نه ملڻ ڏنو ويو ته پوءِ ھو حويلي تي ٻار ٻچا وٺي سائين وڏي ڏي ويندو...‘‘
’’پوءِ تو ڇا چيس؟ ‘‘سائين عالم شاھ پريشاني ۾ پڇي ورتو
’’سرڪار! چيومانس سائين آرامي آ، تقريبن ھڪ بجي ننڊ مان اٿندو. انتظار ڪيو ته ڀلي ڪيو، تڏھن به ويو ڪونه ويھي رھيو، ھن مھل ٻھ پيا ٿين پر اڃان به ويٺو آھي، ھاڻ جئين توھان چئو سرڪار!‘‘
’’ٺيڪ آ، پر اول تون ۽ ميرل مومل کي ڪمري مان ڪڍي تهخاني ۾ بند ڪري اچو، وڃو جلدي ــــ‘‘
جوڳي ميرل ڪمري طرف وڌيا. سائين عالم شاھ پريشاني جي حالت ۾ اڳتي پوئتي چھل قدمي ڪرڻ لڳو
ميرل، جوڳي، مومل کي ڪمري مان ڪڍي تهخاني طرف وٺي ويا. ڪجهه دير کان پوءِ ٻئي موٽي آيا،
’’سرڪار! ڪم ٿي ويو...‘‘ جوڳي چيو، ’’ ھاڻ حڪم ڪيو.‘‘
’’ وڃ ڌڻي بخش کي وٺي اچ...‘‘
جوڳي تڪڙو تڪڙو ٻاھر طرف ھليو ويو، ڪجهه دير کان پوءِ ڌڻي بخش سان موٽيو ٿي، ڌڻي بخش لڪڻ جي ٽيڪ سان ٿي ھليو. سائين عالم شاھ بيڊ واري سيٽ سان ٽيڪ ڏيو ويٺو ھو، ۽ سامھون واري بيڊ تي منشي ميرل ويٺل ھو.
ڌڻي بخش جئين اندر داخل ٿيو، سڏڪا ڀري ٿيڙ کائي سائين عالم شاھ جي پيرن ۾ ائين ڪريو جئين ننڍڙو ٻار بانبڙا پائيندو آھي. ھي زار قطار روئڻ لڳو، ڌڻي بخش لاچاري ۽ بيوسي جي حالت ۾ ڳالھائڻ لڳو.
’’سائين بادشاھ! اسان غريب مسڪين ماڻھن جا ولي وارث توھان آھيو، ھر غريب مسڪين والدين خدا کان صرف ايتري دعا گھرندو آھي ته عزت آبرو جي زندگي گذري بس! ھفتي کان منھنجي نياڻي گھران اغوا ڪري گم ڪئي وئي آھي، ھي ڪورٽ ڪچھريون قانون غريب لاءِ آھن ڪونه ! انھي ڪري توھان وٽ فرياد کڻي آيو آھيان، توھان ئي اسان جي سر جا سائين آھيو، سائين بادشاھ توھان جا ھٿ ڊگھا آھن، توھان ئي ڪجهه ڪري سگھو ٿا، توھان منھنجي نياڻي موٽرائي ڏيو...‘‘
ڌڻي بخش اوڇنگارون ڏئي روئي پيو.
’’ خدا شل ظالمن جي پاڙ پٽي....
بس بس... چپ‘‘
سائين عالم شاھ دلداري جي بجاءِ ڪاوڙ جي حالت ۾ گرم ٿي ويو.
’’ مون وٽ آيو آھين نه بس، ھاڻ مان ڄاڻان منھنجو ڪم ڄاڻي، دلجاءِ رک ، مان ويٺو آھيان نه ، ھاڻ ھلڻ جي ڪر.‘‘
ڌڻي بخش سائين جي قدمن تي ھٿ رکي لڪڻ جي ٽيڪ سان اٿي کڙو ٿيو.
’’ سائين باشاھ ! توھان ئي اسان جي آخري اميد آھيو ....‘‘
’’ٺيڪ آ... ٺيڪ آ‘‘ سائين عالم شاھ ھٿ جي اشاري سان ڌڻي بخش کي آٿت ڏني.
’’جوڳي! ڊرائيور کي چئي، ڌڻي بخش کي گھر ڇڏي آ ....‘‘
’’جي سرڪار!‘‘ جوڳي ڌڻي بخش جي ٻانھن جھلي ڪمري کان ٻاھر وٺي ويو.
سائين عالم شاھ ٿڌو شوڪارو ڀريو. ’’جي ميرل! ڇا صلاح آھي؟‘‘
ميرل انتھائي چالاڪي ۽ چاپلوسي واري لھجي ۾ ڳالھايو.
’’ بادشاھ ! ڇوري کي مائٽن جي حوالي ڪريو، ھڪ ته اڳلي ھفتي حويلي ۾ شادي مرادي جي تقريب آھي، انھي ڪري به ھن جھنجھٽ مان جان ڇڏايو ته بھتر آھي ...
۽ ٻيو غريب زندگي جيئندو ئي عزت آبرو جي سھاري آھي، ھڪ ته ڇوري وات ڪانه کوليندي ... جي ڇوري وات کوليو به ته، ڌڻي بخش لڄ خاطر زھر پي ڇڏيندو پر چپ جو روزو ڪونه ٽوڙيندو...‘‘
’’پر جي ڳالهه اڳتي وڌي ته پوءِ اڃان به وڌيڪ مسئلا کڙا ٿيندا، ڪورٽ ڪچھرين جا چڪر، پوليس جو پيٽ ڀرڻ ۽ ان کان وڌ ساري جڳ ۾ بدنامي الڳ ٿيندي ....
پوءِ جيترا وات اوتريون ڳالھيون، توھان جي مريدن ۾ توھان جي ساک به متاثر ٿيندي .... بھتر ٿيندو ته ڇوري مائٽن کي موٽايو، معاملو اتي ئي دٻجي ويندو ....
ڌڻي بخش مسڪين توھان جو ھاري آھي. مجال آ توھان جي باري ۾ خبر پويس ۽ ٻڙڪ ٻاھر ڪڍي، پر جي واويلا ڪيائين به ته توھان کان ڏاڍو ڪونھي... طاقت جي زور تي آواز دٻائي ڇڏجوس، وڌيڪ پاڻ فيصلو ڪري سگھو ٿا.‘‘
سائين عالم شاھ ڳياڙي کنھي...
’’ميرل! ٺيڪ ٿو چوين! ائين ئي ڪرڻو پوندو.‘‘

۽ ٺيڪ يارھين رات مومل گھر موٽي آئي، آسمان تي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانيل ھا، جيڪي اجھو ڄاڻ وسيا ٿي. مومل جي ٿڪل ٿڪل قدمن جي آھٽ پڻھس محسوس ڪري ورتي ھئي. مومل جي ٻانھن پڪڙي اچي ورانڊي ۾ سندلي تي ويھاري ڇڏيو ، ۽ پاڻ اتي ئي پٽ تي تريون کوڙي گڏ ويھي رھيو.
اوڏي مھل ماڻھس به اچي ڀر ۾ ويٺي ھئي، مومل جي چپن تي ڊگھي خاموشي، چپن تي لرزش ھئي، سسڪيون ۽ سڏڪا ھا.
نيٺ ماڻھس پڇيو؛ ’’ڌيءَ ڇا ٿيو ؟‘‘
مومل بک اُڃ جي حالت ۾ ننڍحال ھئي. ماڻھس ٻيھر پڇيو
’’ڌيءَ! ٻڌائين ڇو نه ٿي، آخر ڇا ٿيو !‘‘
مومل جي چپن جي لرزش وڌي وئي، جي چاھيس پئي اوڇنگارون ڏئي روئي پوي پر ھوءَ بي جان بت جيئان چپ چاپ ويٺي رھي.
’’ڌياڻي! وڃ پاڻي جو گلاس ڀري آ... ڌيءَ کي پيئار، پوءِ سوال ڪرينس .... وڃ ـــ‘‘
مومل من ئي من ۾ ڀڻڪي، ڪاش بابا! مونکي پاڻي جي بدلي زھر پياري ڇڏيو، يا گھٽو ڏئي ماري ڇڏيو ...ڪاش ھن مھل جو ھن مھل مونکي موت اچي وڃي ، ڪاش ـ ڪاش ...‘‘
ڌياڻي پاڻي آڻي مومل کي ڏنو. ’’ڌيءَ ٻه ڍڪ ڀر‘‘ ماڻھس چپن ڏي گلاس وڌايو. مومل ھڪ ڍڪ ڀري اوڇنگارون ڏئي زار قطار روئي پئي.
ماڻھس مومل جو سر پنھنجي ھنج ۾ رکي ڇڏيو، پيار منجھان وارن ۾ آڱريون ڦيرڻ لڳي. پڻھس سرڪي سامھون ٿي ويٺو.
ڌيءَ! سچ پڇين ته تنھنجي خاموشي منھنجو اندر ڪپي ڪوري ٿي، ڌيءَ ٻڌاءِ ...‘‘
مومل جي لرزندڙ چپن مان آواز نڪتو
’’ سائين ننڍي .... سائين ننڍي ... سائين ننڍي عالم شاھ مونکي باندي بڻائي رکيو ھو، ۽ ھر رات منھنجي عزت پائمال .....‘‘
باقي لفظ مومل جي نڙي ۾ گھٽجي ويا، اوڇنگارون ڏئي روئي پئي. ھي سڏڪن جي سمنڊ ۾ لڙھي وئي. ڌڻي بخش تريون ڀر پٽ تي پوئتي آھلجي پيو. ان ويل ھڪ ماءُ پيءُ مٿان قيامت برپا ٿي .....
ڌڻي بخش کي لڳو، اجھو ٿو حضرت اسرافيل قيامت جو آخري سور ڦوڪي ڇڏي .......۽ ٻئي رات مومل زھر پي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پوڙھي ماءُ پيءُ مٿان ڄڻ قيامت گذري وئي ....

ڪجهه ڏينھن کان پوءِ حويلي ۾ سائين وڏي جي پوٽن جي سنت طھر جي تقريب شروع ٿي چڪي ھئي. سائين عالم شاھ گھڙي گھڙي حويلي جا چڪر پئي ڪٽيا، منشي ميرل جيڪو حويلي جو خاص ماڻھو آھي، سائين عالم شاھ بار بار ميرل کي تمام احتمام جون ھدايتون پئي ڏنيون، منشي ميرل ’’جي ۾ جيءُ‘‘ پئي ملائي. خوشي جي ماحول ۾ اوڙي پاڙي، مٽ مائٽ، سنگتي ساٿين جون تمام عورتون حويلي ۾ شامل ھيون، ھر ڪا ھار سينگار ۾ ھڪ کان ھڪ ٿي لڳي.
سائين عالم شاھ جون شڪاري نظرون ھڪ ھڪ کي ٿي تڪيو، حويلي جي آڳنڌ ۾ ڊيگ جو ميوزڪ ٿي ھليو، ڪجهه الھڙ سندرين گاني جي ڌن تي ناچ گانو ٿي ڪيو.
اڃان سائين عالم شاھ منشي ميرل سان ڳالھين ۾ جھٽ ھيو ته ، اچانڪ سائين عالم شاھ جي نظر سدوري تي پئي، جيڪا سڀني جي درميان منفرد ڊانس ڪري رھي ھئي. سندس ڪارا ڊگھا وار ھر ھر ڪلھن مٿان واسينگ وانگيان الرون پئي پاتيون ... کيس حسن جمال به ڪمال ھو.
ھڪ ئي نظر ۾ سائين عالم شاھ مٿان فدا ٿي پيو. ٻئي نظر ۾ سدوري جي گھور ويتر گھاءُ وڌو، سدوري گھڙي گھڙي اکڙين جا اشارا ڪرڻ لڳي ۽ پنھنجن ادائن سان سائين عالم شاھ جو من موھي وڌو. ھن جي اکڙين جا اشارا سائين عالم شاھ لاءِ ھڪ چيلنج بڻجي پيا. ھن ميرل کي ڀر ۾ سڏي ورتو.
’’ ميرل! جاچ ته لهه اھا ڇوري ڪير آ .... صفا ناگڻ جيئان ڏنگي ٿي، ناگڻ جو زھر چوسڻو پوندو ...نه ته ناگڻ ڏنڀي ڏنڀي ماري وجھندي... وڃ جاچ لهه، حال احوال ته لھي ڏي...‘‘
سائين عالم شاھ صفا ماندو ٿي پيو ھو.
’’ميرل وڃ ... پر خيال ڪج ڪا به ضرورت ھجيس ته فورن پوري ڪجان، ھاڻ وڃ ...‘‘
ميرل جيئڪار ڪري اڳتي وڌي ويو، اھاني بھاني سان اشارو ڏئي سدوري کي پاسي تي گھرائي ورتو، ڪي گھڙيون ميرل سدوري سان حال احوال اورڻ لڳو. پرتي سائين عالم شاھ بي چيني جي حالت ۾ سڀ ڄاڻندي اڻڄاڻ بڻجي ھن ھن کان حال احوال ٿي ورتو.
ڪجهه دير کان پوءِ ميرل موٽي آيو، سائين عالم شاھ جي ڪنن ۾ ڪجهه سس پس ڪئي. سائين عالم شاھ فڪر ۾ پئجي ويو. ڪجهه دير سوچ ويچار کان پوءِ سائين عالم شاھ ڳالھايو.
’’ ٺيڪ آ ميرل پر ڪم ھوشياري سان ڪرڻو اٿئي، ھڪ توکي ٻيو مونکي خبر بس!‘‘
ميرل سوال اٿاريو ’’پر بادشاھ!؟‘‘
’’مون سوچي ڇڏيو آھي، تون فڪر نه ڪر، بس تون رڳو قصي کي ٿوڙو اڳتي وڌا...‘‘
’’’ٺيڪ آ بادشاھ ....!‘‘ ميرل وڏي اعتماد سان وراڻيو.

تقريبن ٽي ڏينھن حويلي ۾ شادي جي تقريب جاري رھي ۽ ٽئي ڏينھن سائين عالم شاھ بار بار حويلي جا چڪر پئي ڪٽيا. گھر جو سڄو ماحول شادي جي خوشين ۾ رڌل ھو. انھي درميان ميرل ٽپالي وانگي ڏينھن ۾ ٽي چار پنج ڇهه دفعا ٽپال پئي پڄائي، نمبر ڏيڻ وٺڻ ۽ سائين عالم شاھ جي پاران سدوري کي مھنگي موبائل گفٽ ڪئي.
ائين پوءِ موبائل تي مڪمل سائين عالم شاھ ۽ سدوري جو ڪانٽيڪ رابطو رھيو.

....۽ ھڪ ڏينھن پوري ڏيهه ۾ ھل ھلي ويو ته سائين عالم شاھ سدوري کي ڀڄائي ڪورٽ ميريج ڪري ڇڏي آھي
اھا خبر جڏھن مٺل کي پئي ته سندس ڀيڻ ڀڄي، ھڪ اھڙي شخص سان نڪاح وڌو آھي، جيڪو ھڪ نمبر جو عياش شخص آھي، جنھن جي تقريبن ھر عياشين ۾ ھي به ڀاڱي ڀائيوار رھيو آھي، سندس غيرت گار بڻجي پئي، ۽ ضمير للڪار بڻجي پيو. کيس ضمير بار بار ملامت ڪرڻ لڳو، ھن لاءِ جيئڻ جا سارا دڳ بند ٿي ويا. سواء خودڪشي ڪرڻ جي.
ھن جو سڄو جسم پگھر مان شل ٿي ويو ۽ ھٿ ڪمبڻ لڳا، ڪرسي تي ويٺي ڪٻٽ جو خانو ڇڪي ورتو . ريوالور ڪڍي گوليون ڀري ورتيون.
ھڪ ئي لمحي سڀ اھي يادون دل تي تري آيون. سدوري سان پيار محبت، شرارتون کيچلون، رساما پرچاما سڀ سلسلا اک ڇنڀ ۾ گذري ويا.
ٻئي لمحي ئي ريوالور جي نلي لوندڙي تي تاڻي ورتي، ھن ٽگر دٻائي ڇڏيو. لوندڙي مان ميڄالو ٻاھر نڪري آيو، ٻي ساھي رت ۾ لت پت ھن جو لاش وڃي پٽ تي ڪريو ....

بڪواس عشق

هن جو ڇوڪرين تي لڪ هو يا هي حرامپاين جا سڀ گر ڄاڻندو هو! هن جي زندگي ۾ ڪئين ڇوڪريون آيون – ويون. ڪئين اڃان به آهن. سندس چوڻ آهي؛
’’ عشق پيار محبت سڀ بڪواس آهي... عورت کي روز نئين بستر وانگي استعمال ڪجي ، ذهن ۽ جسم ٻئي تندرست رهندا آهن.‘‘
پر سندس دوست محسن وري سچي محبت تي يقين رکندو آهي.
’’محبت صرف هڪ سان ڪجي ٿي، مرڻ گهڙي تائين اها ئي چاھت هجي ٿي. حاصلات محبت جو انت آهي.‘‘
اڄ به صنم سان عشق مجنون وارو ٿو ڪري، هزارين حيلا هلايائين وس ڪيائين پر محبت ۾ ناڪام رهيو. الاءِ ڪئين هيتري عرصي ۾ پهريون دفعو صنم هن وٽ آئي.
گهر بلڪل اڪيلو هو. سڀ گهر جا ڀاتي ڪنهن ويجهي مائٽ جي شادي تي ويل ها. اڄ محبت جو اظهار ڪرڻ ۽ دل جون ڳالهيون اورڻ جو پورو موقعو مليو هو. ڪمري ۾ صنم سامهون کٽ تي ويٺي هئي.
’’ٻڌاءِ ڇا مرضي آ .... ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ يڪو منھنجي ڪڍ پيو آھين ڪو مقصد !؟‘‘
هن من پاتال مان لفظ پئي ڳوليا. سمجهه نه پئي آيس ڇا چوان؟ پنهنجي پيار جو اظهار ڪئين ڪيان؟ شروع ڪٿان ڪجي؟دل دڙڪي رهي هئي. لفظن ۾ گهٻراهٽ ڀرجي آئي.
’’صنم! مون توکي دل سان چاهيو آهي، منهنجي من ۾ ڪائي مير ڪونهي. مون روح تائين توکي چاهيو آهي .... تنهنجي خوبصورتي.... تنهنجي جسم سان مونکي ڪا غرَض ڪانهي. منهنجو توسان تعلق، من سان من جو آهي. جيڪڏهن تون مون سان شادي ڪندين ته ، منهنجي زندگي جو سفر صفل ٿي پوندو. ها مان توکان سوا ڪجهه به ناهيان...سواء هڪ جسم جي ، ۽ هن جسم جو روح تو ۾ آهي..... جي تون ها ڪرين ته مان تنهنجي مائٽن کي به مڃائي وٺندس.‘‘
ھي يڪ ساهي سڀ چئي ويو. صنم ٻانهن مان جهلي ڀر ۾ ويهاريس
’’۽ محبت کان اڳ !؟‘‘
صنم جا جذبات اڀامڻ لڳا. محسن ٿورڙو سرڪي پوئتي ٿي ويٺو.
’’شادي کان اڳ ان نيت ساڻ توکي ڇوهڻ به مون لاءِ گناھ آهي...‘‘
صنم ٻيهر سرڪي ويجهي ٿي.
’’شادي کان اول به ته محبت ۾ ڪجهه ڳالهيون جائز آهن !‘‘
صنم گهڻو وچڙڻ جي ڪئي. هن جي دل جي رفتار وڌي وئي. کٽ تان اٿي بيھي رهيو. صنم کان جذبات قابو نه پئي ٿيا. اٿي ڀاڪر پاتائينس.
’’تڏهن جون ڳالهيون تڏهن ڏسبيون ...هن مهل مونکي پيار ڏي.‘‘
صنم چھٽي پيس.
هن صنم جون ٻانهون ڇڏائي ورتيون.
چيم ’’نه ، نه ! اهو سوچڻ ئي گناھ ٿو سمجهان ... جي مان تنهنجي جسم جو پياسو هجان ها ته ، ايترو وقت تنهنجي پٺيان نه لڳان ها ...تنهنجي رخ نه ڏيڻ تي ڪڏهوڪو توکي ڇڏي ڏيان ها...‘‘
صنم بي رخي اختيار ڪئي.
’’ چڱو ... مان هلان ٿي. دير پئي ٿئي. امان جاچ ڪندي ڪاڏي گم ٿي وئي...‘‘
’’ڀلي ۔۔۔۔ پر مون کي تنهنجي جواب جو انتظار رهندو.‘‘
صنم ڪمري مان ٻاهر نڪتي تڪڙي تڪڙي هلي وئي.
۽ ان کان پوءِ جڏهن محسن صنم کي گهٽي ۾ مليو يا گهر جي دروازي تي ڏٺو ته ، صنم بنا ڪجهه ٻڌڻ ڳالهائڻ جي مسلسل محسن کي نظر انداز ڪندي رهي.هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو ته آخر صنم هن سان ائين ڇو ٿي ڪري. هن جي تڙپ ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وئي. ڪٿي ڪو چين سڪون نه ٿي مليو. بس هر گهڙي اها سوچ ذهن تي حاوي هئي ته ، هڪ دفعو صنم موقعو ڏئي ته پڇي وٺيس ته ، ايڏي بي رخي جي وجهه ڇا آهي.
من کي ريجهائڻ لاءِ وڃي اقبال وٽ نڪتو. ٻنهين جا مزاج الڳ آهن پر دوستي ۾ سواءِ منافقت جي باقي سڀ ڪجهه ڪار آهي. حجت ۾ هڪ ٻئي کي گار به ڏئي وٺن،
’’مجنون تنهنجي حالت سمجهان ٿو...صنم تم نهين تو ڪوئي اور سهي. هي عشق بشق سڀ بڪواس آهي .مون توکي اول به سمجهايو هو...مان توکي هاڻ به چوان ٿو ڪهڙي دور ۾ ٿو رهين...هت ڇوڪريون روز ڇوڪرا مٽائينديون آهن... اڄ هڪڙي سان، سڀاڻي ٻئي سان ...پر ڪو تو وانگي ڪپڙا ڦاڙي مجنون ڪونه ٿو لڳي وتي..‘‘
اقبال جي ڳالهه ناگوارا لڳس.
’’ها مان ڪجهه نه ٿو ڄاڻان...مونکي محبت جي باري ۾ ڪا خبر ڪونهي پر هن وقت مان واقعي پريشان آهيان ته ، آخر صنم مون سان اهڙو رويو ڇو ٿي رکي...؟ڳالهه ڇا آهي !؟‘‘
’’ڳالهه ڪجهه ناهي ... چوندو سانءِ سچ... پوندين چڙي ...هن کي تومان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيو ...تنهنجي پٺيان لڳي ته ڇو لڳي!؟‘‘
اھڙي ڳالهه تي ڪاوڙ لڳس. ’’نه صنم هرگز اهڙي ناهي، هوءَ ٻين ڇوڪرين جهڙي ناهي....‘‘
’’پر جي اهڙي ڇوڪري هجي ته ۔۔۔۔!!‘‘ قبال خار کاڌي.
محسن کي اقبال جون ڳالهيون زهر لڳڻ لڳيون.
’’جي اھڙي آھي ته توکي اجازت آ...‘‘
’’مطلب چلينج آ...‘‘
’’ھا! ڀلي زور لڳائي ڏس...‘‘
’’چڱو چيلينج قبول آ... صرف تنهنجي ڪري صنم کي ڇڏي ڏنو هيم نه ته گھڻا ڏينھن اگھاڻي وڃي ھا...‘‘
توسان وعده آ تنهنجي خاطر صنم کي هٿ به نه لاهيندم ۽ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندو سانءَ جو تعجب لڳندئي ۽ ان وقت زھر جو ڍڪ اوتڻو پوندئي زھر جو ڍڪ!
ياد رکجانءِ .... هي عشق ٻشق وارا چڪر اسان گھڻو اڳئي ڇڏي چڪا آهيون ، تون پهريون مجنون ڪونه آهين او پاڳل !
’’جي واقعي به تو ائين ڪري ڏيکاريو ته منهنجي توتي ڪا ميار نه هوندي... مان سمجھندس ته مان غلط تون سھي....‘‘
’’ٺيڪ آ‘‘
’’ٺيڪ آ....‘‘
وقت گذرندو رهيو.
مهينو يا ڏيڍ مهيني کان پوءِ محسن کي اقبال جي ڪال آئي.
’’ڪٿي آهين...!؟‘‘
’’ڇو؟ پنهنجي دڪان تي ويٺو آهيان...‘‘
’’ٻيو ڪير آ؟‘‘
’’ننڍو ڀاءُ اصغر ....‘‘
’’اصغر کي ويهار دڪان تي ... منهنجي گهر اچ ، پر تڪڙو.‘‘
’’ڪا خاص ڳالهه آ ڇا !؟‘‘
’’خاص ڳالهه آهي ... تون تڪڙو اچ.‘‘
محسن ٽائيم ڏٺو اڍائي پئي ٿيا. دڪان جي ڳلي تي بيھي ٻاهر نظر ڪيائين. گرمي انتها جي هئي ، ڪانوَ جي اک پئي نڪتي. هي تجسس ۾ هو ته هن مهل اقبال جو ڪهڙو ڪم هوندو! گهٽين کان ٿيندو سڌو اقبال جي گهر وٽ پهتو. اقبال در تي بيٺو هو، هٿ جو اشارو ڪيس، جلدي جلدي اچڻ جو.
’’گهر ڪير ناهي... تون اندر هل. مان در بند ڪري اچان ٿو.‘‘
محسن اڳيان ٿيو، هن ٻاهريون در بند ڪيو. محسن کي حيراني ٿي،
’’ ڳالهه ڇا آهي ٻڌاءِ ته ....‘‘
’’تون اندر هل ته سهي سڄي خبر پئجي ويندئي...‘‘
محسن وڌيو ، ڪمري جو اچي در کوليائين، جئين سامهون نظر پيس
هن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي. پاڻ کي ڪنهن گهري کاهي ۾ ڪرندو محسوس ڪيائين. اهڙي گهري کاهي جنهن کاهي جي پاتال قيامت تائين ختم نه ٿيندو هجي.
کٽ تي صنم بنا ڪپڙن جي ستي پئي هئي. محسن تي نظر پيس ڇرڪي پئي.
اقبال، محسن جي ڪلهي تي هٿ رکي مرڪي پيو؛ ’’هن جا ڪپڙا مون صرف چيلنج ڪري لهرايا آهن ...باقي مون تنهنجي صنم کي ڇهيو به نه آهي ... مان چاهيان ها ته ڪجهه به ڪري پئي سگهيس پر منهنجو توسان واعدو ٿيل هو ، هاڻ تون ڄاڻ هيءَ ڄاڻي .... مان ٻاهر انتظار ڪيان ٿو
محسن حقارت مان صنم ڏانھن گھوريو. ٻئي ساھي صنم کان نظرون ڦيرايون. تجسس ۽ معني خيز نظرن سان اقبال ڏي نهاريو
اقبال جي ڪلھن تي ھارايل جواري جيئان ٿڦڪي ڏني .
’’تو کٽيو .... مون هارايو...‘‘
۽ هي ٿڙندڙ ٿاٻڙندڙ قدمن سان گهر جي در کان ٻاهر نڪتو.....

سرحدون

ڀٽائي جو روح من اندر واڪا ٿو ڪري،
ڳوليان ڳوليام لھان ـ شال م ملان ھوت ــــ
جڏھن نه آتما جسم جو بار گھلي گھلي ساڻي ٿي پوندي آھي، ماڻهو لاءِ پنھنجو ئي وجود ڪيڏو ڀاري ٿي پوندو آھي.
ياد ٿو اچيس؛ آڳنڌ تي نم ۾ ٽنگيل اھو پڃرو، جنھن ۾ ٻه ننڍڙا ايراني طوطا ڌاريا ھئائين. ھڪ ڏينھن اچانڪ مادي مري وئي ھئي، ۽ طوطو الاءِ ڪيترا ڏينھن پڃري ۾ چر چر ڪندو رھيو ھو.
خيال آيو ھوس ته آزاد ڪري ڇڏيس، پر ھي ائين ڪري نه سگھيو ھو. ان کان اول ھڪ ٻيو طوطو پڃري مان اڏامي ويو ھو، ڪانوَن اوپرو پکي سمجھي ڊوڙائي ڊوڙائي ماري وڌو ھوس.
پوءِ ڪيترا ڏينھن طوطو پڃري ۾ چر چر ڪندو رھيو ھو، ۽ ھڪ ڏينھن مري ويو ھو.
ڪي پل پاڻ کي ان طوطي وانگيان پڃري ۾ چر چر ڪندي ڀانيو ھئائين، بس رڳو دم نه ٿي نڪتو.
.... جي سچل زور نه ڀري ھا ته ڪڏھن به ھا جي حامي نه ڀري ھا. ٻئي گڏ پڙھيا، سچل سائنس ۾ دلچسپي ورتي، ھن وري تاريخ کي ترجيح ڏني. اڄ سچل ناسا اداري جو ميمبر آھي، ايملي جي تصوير سان گڏ واٽس اپ ڪيو ھئائين ته ، ’’ايملي فرينڊ آھي، مڪلي ۽ موھن جي دڙي تي ٿيسز لکڻ لاءِ سنڌ اچڻ ٿي چاھي.‘‘
جواب ۾ لکيو ھئائين؛ ’’دنيا کٽي آھي، آخر سنڌ ئي ڇو !؟‘‘
ريپلاءِ آيو ھوس؛ ’’چري سمجھي ٿي سنڌ پيار امن جي ڌرتي آھي. تاريخ ۾ جڏھن عورت غلام سمجھي ويندي ھئي، تڏھن موھن جي دڙي کان سنڌ ۾ عورت جو مانُ مرتبو اوچو رھيو آھي...‘‘
اھڙي ڳالهه تي مرڪي پيو ھو. لکيو ھئائين؛ ’’ھتي عورت ڪاري ڪري ماري ويندي آھي، عورت کي آزادي جو ڪو حق ڪونھي!‘‘
ياد ٿو ڏياريس سدوري جو واقعو، سومر کي ’’ادا... ادا‘‘ ڪري چوندي ھئي ۽ ھڪ ڏينھن ڀائرن سومر سان ڪاري ڄاڻائي، ڪھاڙين سان جسم ڳڀا ڳڀا ڪيو ھو.
بحث طويل ٿي ويو ھو.
قصو کٽائڻ ۽ ڳالهه مڃائڻي ھئي. نيٺ سارنگ ھا ڪئي ھئي.
تنھن ڏينھن وڃي ڪراچي جناح ايئر پورٽ نڪتو ھو، ماڻھن جي قطار ۾ وڃي لوھي گرل وٽ بيٺو ھو. ڀر ۾ بيٺل ھڪ سڪلڙي پان چٻاڙيندين پڇيو ھو، جناب آپ سنڌ سے آئے ھو ؟
ھن کي ڪو تعجب ڪونه لڳو ھو، سوچڻ لڳي ٿو يا ته مان سنڌ ۾ نه ٿو رھان ـ يا ھي !
جواب ۾ صرف ايترو چيو ھوس،
مصر کي تاريخ سے بھی موھن کے دڑو کی تارخ پراني ھے، موھن کے دڑو کي مٽي سے ميرے آب و اجدا کا تعلق ھے
اور آپ ؟
جناب کراچي کا ھون، ھن فخر سان چيو ھو
اور آپ ڪے آب و اجداد !؟
ھي ڦڪو مٺو ٿي پيو ھو، سوال جي ڪنڊي ڄڻ نڙي ۾ اٽڪي پئي ھجيس جواب ڏيڻ کان سواء پتلون کي مٿي ڇڪي اڳتي کسڪي ويو ھو.
اوچتو ھوا جو جھونڪو لڳو، دل جي کڙڪي کلي . بند ٿي ھئي. ايملي اچي اکين آڏو بيٺي ھيس.
ڪلھن تي ور وڪڙ کائيندڙ ڊگھا گھنڊڙي وار، ھوا ۾ ائين چر پر ڪرڻ لڳا ھا ڄڻ واسنگ الرون ھڻندا ھجن. اڇي کير مان ڌوتل سنگ مرمر جھڙو بدن، گوريون چٽيون ٻانھون، ٽماٽر جھڙا ڳاڙھا ڳٽول ڳٽا، لڳو ھس ڦنڊڪ ھڻندس ته ڳٽن مان رت ٽمي پوندو، اکيون نيريون گھريون وشال آسمان جھڙيون، بي حجاب ڳراٽڙي پائي ملي ھئي.
ايئر پورٽ تان اچي بس جي دري کان ويٺو ھو، شام جا پاڇا لڙڻ لڳا ھا. بس ڪراچي جي ڪشادن رستن تي ڊوڙڻ لڳي ھئي ، دري مان وشال آسمان کي گھوريو ھئائين، جيڪو ڪجهه دير اول ايملي جي اکين ۾ نظر آيو ھو. خاموشي کي ٽوڙيندين ايملي ڳالھايو ھو
’’سارنگ مان پوري سنڌ گھمڻ ٿي چاھيان، ڪشمور کان ڪارونجھر تائين، مڪلي کان موھن جي دڙو تائين، پوري سنڌ ـــ‘‘
سارنگ ھا ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ھو.
۽ ٻي ڏينھن سنڌ ياترا شروع ٿي ھئي، مڪلي کان موھن جي دڙي تائين، موھن جي دڙي کان سر سبز کيتن تائين.
ھڪ ڏينھن کيتن ۾ ڊوڙي وڃي سرنھن جي پيلن گلن جي ڦولارن ۾ بيٺي ھئي، ٻئي ٻانھون آسمان ڏانھن اڀيون ڪيو ھئائين، ھن جون ٻانھون آسمان کي ڇوھڻ لڳيون ھيون، لڳو ھوس ڄڻ پولارن مان ڪا پري سنڌ ڌرتي تي لٿي ھجي، ٻانھن جا اشارا ڪري سارنگ کي پڪاريو ھئائين، سارنگ اچي ڀر ۾ بيٺو ھوس، ويجھڙو تمام ويجھڙو.
سارنگ جي اکين ۾ اکيون وجھي چيو ھئائين،
’’سارنگ! ڪو ته رشتو آھي منھنجو سنڌ ڌرتي سان، يا ڪو به ناھي ! يا منھنجو وطن ھُن پار آھي؟‘‘
اھڙي سوال تي کن پل ۾ سرحد جي لڪير اڳيان، پاڻ کي سرحد جي ھِن پار ۽ ايملي کي ھُن پار ڀانيو ھئائين۽ پوءِ سارنگ جون ٻانھون جھلي پيلن گلن جي ڦولارن ۾ گھڻو پنڌ ھلي ھئي، ڀانيو ھئائين ڄڻ جنمن کان ھن جو ھٿ جھلي ھلندي ھجي.
الاءِ ڪيترا ٽھڪ ھن جا ھوا ۾ گونجيا ھا، ڪائنات جون سموريون خوشيون جھومڻ نچڻ ڳائڻ لڳيون ھيون.... اڪثر ماڻهو محبت ڪري ويھندو آھي، پر اظھار لاءِ لفظ گونگا ٿي پوندا آھن. ڪڏھن صديون لمحن ۾ گذري وينديون آھن، ته ڪڏھن لمحا صدين ۾ گذرندا آھن. اک ڇنڀ ۾ وقت اچي سرحد جي ان لڪير تي بيھاريو ھوس، جتي پاڻ کي سرحد جي ھِن پار، ۽ ايملي کي ھُن پار ڀانيو ھئائين.
آخري دفعا ايملي کيس ڀاڪر پائي موڪلايو ھو.
’’ سارنگ! توسان گھاريل لمحا ھميشھ ياد رھندا....‘‘
۽ ھن الوداع جا ھٿ لوڏيا ھا، جھاز نيڻ نھار تائين پولارن ۾ گم ٿي ويو ھو ھُن پار ، ۽ ھِن پار رھجي ويو ھو ، ھن جو اڪيلو وجود ....!

ضمير جو فيصلو

بنسبت ٻين ڊائريڪٽرن جي، جيڪي ڊراما سيريل يا فلم ۾ ڪم جي آسري ڇوڪرين جا ’’باقي ڪم‘‘ لاھي ڇڏيندا آھن، ھن شرافت جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آھي. ڊراما رائيٽر سان گڏ مختلف چينلن لاءِ فلمون به ڊائريڪٽ ڪندو آھي. عمر 40'42 سال جي لڳ ڀڳ آھي.
چار نياڻيون، جنھن ۾ ٽي نياڻيون ذري گھٽ شادي جي عمر جون آھن ۽ ھڪ اڃان ننڍڙي آھي. گھر واري ڪنھن ڏائنڻ کان گھٽ نه آھي، بي ڊولي بدصورت ته آھي ئي آھي، ان کان وڌ فشري خور ۽ ڪروڌي. پوري گھر کي جھنم بڻايو ويٺي آھي پر ھر انسان جي اندر منجهه ھزارين خواھشون حسرتون ھونديون آھن. ھن جون ساريون حسرتون اڌ مريون ٿي پيون آھن.
ھن جي تحريرن ۾ ئي ھن جي محبوبا جو عڪس نظر ايندو آھي، جيڪا محض تحريرن ۾ ئي زندھ آھي ـ بس !ھونئن به ڪو اديب ليکڪ پيار محبت جي حاصلات کان محروم رھندو آھي. ڪا سندري ڪنھن اديب ليکڪ سان پيار ڪري ائين ممڪن ناھي!
ڊائريڪٽر صاحب پنھنجي نئين فلم (ضمير جو فيصلو ) لاءِ ڪومل کي سليڪٽ ڪيو آھي. ڪومل پروفيشنل ڇوڪري آھي. سندس گذر سفر اداڪاري تي آھي. ماءُ پيءُ غريب آھن. وڏي ڀيڻ جي به اڃان شادي ناھي ٿي۽ ننڍي ڀيڻ پرائمري ۾ پڙھي ٿي.
سندس جا به خواب آھن ته وڏي ڀيڻ جي به شادي ٿي وڃي ۽ پاڻ ڪو سکيو گھر ڏسي شادي ڪري پنھنجو گھر وڃي آباد ڪري ۽ ھن پروفيشنل ڪم کي سدائين لاءِ الوداع ڪري ڇڏي پر اڄ تائين ڪو به سندس لاءِ رشتو ناھي آيو. ڪارڻ ھن جو ڪم آھي، جيڪو پروفيشنل اداڪاري آھي. سندس پي پنھنجي ڀاءُ وٽ ڪومل جو رشتو کڻي ويو ھو، اھو اسرار خود ڪومل جو ھيو. سندس چاچا به انھي ڳالهه کان انڪار ڪيو ته ڇوڪري اداڪار ِآھي. اھڙي جاءِ تي پٽ جي شادي ڪري پاڻ مٿان ماڻهو ناھن کلائڻا.
جواب جو ڪارڻ ڪومل جي اداڪاري ھو پر اصل سبب ھنن جي غربت ھئي. ڪومل جي محبت ته اصل کان پنھنجي سئوٽ واحد سان ھئي، ڪي قدر واحد به ڪومل کي چاھيندو ھو پر ٻن گھراڻن جي اوچ نيچ جي ڪري ھي رشتو ٿي نه سگھيو.
ان کان پوءِ ڪومل مسلسل پنھنجي پروفيشنل ڪم اداڪاري طرف ھلي وئي. جتي ڊراما سيريل فلمون ڪري پنھنجي گھر جو گذر سفر ڪرڻ لڳي.
جئين عام فلمن ۾ ٿيندو آھي. اچانڪ ويجھڙائي شروع ٿيندي آھي ۽ پيار شـيار ٿيڻ شروع ٿيندو آھي، تئين ڪومل ۽ ڊائريڪٽر صاحب جي وچ ۾ به پيار شيار ۽ ويجھڙائي ٿيڻ شروع ٿي.
ان کان پوءِ ڊائريڪٽر صاحب ھڪ ٻھ دفعا ڪومل کي گھر ۾ دعوت ڏني.ايئرڪنڊيشن روم، طعام شام، مڇي ماني ڏسي ڪومل جي خواھش اڃان به وڌيڪ جاڳي پئي، ھن گھر ۾ مالڪياڻي ٿيڻ جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا.
انھي سان گڏ ڊائريڪٽر صاحب جي گھر جا حالات به چڱي طرح پرکي ورتا ھا،تئين ڊائريڪٽر صاحب جي اندر جو عاشق به جاڳي پيو ۽ ھو من ئي من ۾ انڊين ڌنن تي گيت غزل ڳائڻ لڳو ھو
بھارو ڦول برسائو ميرا محبوب آيا ھي
ڊائريڪٽر صاحب جو من سڄو باغ بھار ٿي پيو ھو، ڇو جو انقريب ھن کي پنھنجي تحريرن جي محبوبا ملڻ واري ھئي. انھي کان پوءِ ڊائريڪٽر صاحب ۽ ڪومل جون ٻه ٽي چڪر ذاتي ملاقاتون ٿيون. تڏھن کان ڊائريڪٽر صاحب جي زال اڃان به تپي بر ٿي پئي ھئي. ھن ڊائريڪٽر صاحب جو جيئڻ اڃان به جنجال ڪري ڇڏيو.گھر ۾ ٻڙڌول ويتر وڌي ويو.ڊائريڪٽر صاحب پريشاني سان گڏو گڏ ڪافي الجھن جو شڪار ٿي پيو ھو.
ھڪ ڏينھن ڪومل کي ڪنھن ريسٽورنٽ ۾ دعوت ڏني. کاڌا ٽيبل تي لڳي چڪا.ڪومل کان پرسنل سوال ڪندي ڊائريڪٽر صاحب پڇيو:
’’ڪومل! تو ڪنھن سان محبت ڪئي آھي !؟‘‘
اھڙي سوال تي ڪومل کي تعجب لڳو ۽ دير تائين خاموش رھي. ڊائريڪٽر صاحب ٻيھر سوال ورجايو. ڪومل لنوائيندي جواب ڏنو؛
’’ڇڏيو... ٻي ڪا ڳالهه ڪريو‘‘
ڊائريڪٽر گنڀيرتا حالت ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
’’نه ... ڪومل نه .... مان گھڻو الجھن ۾ آھيان. گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ به مان ڪنھن به نتيجي تي پھچي ناھيان سگھيو . شايد مون کي توسان محبت آھي الاءِ ھمدردي ! پر تون ٻڌاءِ... تو ڪنھن سان محبت ڪئي آھي !؟
مان تو مٿان شڪ نه بلڪ پاڻ ڪنھن مونجھاري جو شڪار آھيان، انھي ڪري زور ڀريان ٿو. ممڪن آ مونکان ڪٿي غلطي نه ٿيندي ھجي. ٻڌاءِ ؟‘‘
ڪومل ٿڌو ساھ ڀري ڊگھي ساھي کان پوءِ ڳالھايو.
’’ھا پنھنجي سئوٽ واحد سان .... پر چاچا کي منھنجي ڪم سان اعتراض ھو. رشتو نه ٿي سگھيو....ڇڏيو انھن ڳالھين کي... مان توھان سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان. امان بابا ادي وارا به راضي آھن...توھان جي گھر جا حالات ڪھڙا آھن سڀ ڄاڻيان ٿي. مان سڀ ايڊجيسٽ ڪري وٺندس. ته پوءِ توھان کي اعتراض ڇا جو !؟ مونکي توھان جي سھاري جي ضرورت آھي بس !‘‘
سھاري جھڙي لفظ تي ھي گھري سوچ ۾ ٻڏي ٿو وڃي.
ياد ٿو اچيس وريام جيڪو ڪڻڪ جو واپاري ھو ۽ ويجھو دوست. ٻه شاديون اول ئي ڪيل ھوس. جڏھن ھن ڳالهه ڪئي ته يار ھن ٽئين شادي ھڪ اپاھج ڇوڪري سان ڇو ڪئي؟
اھا تڏھن جي ڳالهه آھي. ڇوڪري غريب گھراڻي جي ھئي، اپاھج ته ھئي پر انتھائي خوبصورت. تڏھن ھن کي قدرت جي قدرت تي به تعجب لڳو ھو ۽ ھي ان ڇوڪري جو سھارو بڻجڻ ٿي چاھيو ۽ آخرت جي نيڪي ڪمائڻ ٿي چاھي. اھا بعد ۾ خبر پئي ته نه اھا نيڪي ھئي ۽ نه ئي وري سھارو، اھا فقط ۽ فقط خواھش ۽ مرداني حوس ھئي.
جلد ھن پوءِ ان اپاھج ڇوڪري کي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي ۽ پوءِ پاڻ به دل جي اٽيڪ پوڻ سبب جلد مري ويو ھو.
ھي گھري سوچ مان پاڻ کي ڌنڌوڙي ٻاھر ڪڍي ٿو. نيٺ ھن جي ضمير فيصلو واري ورتو. ھن ڪومل کان سوچڻ لاءِ ٻن ٽن مھينن جي اجازت ورتي.
ٽن چئن مھينن جي اندر ڪومل جي شادي جي تاريخ پڪي ٿي ، دھل شرناين سان ڄڃ ڪومل جي در وٽ پھتي. ڪومل ڪنوار جي روپ ۾ اڄ بي پناهه خوش ھئي. گھوٽ وھانء جي ٽائيم ڪنوار جو جھنڊ کنيو ۽ پنھنجو موڙ مٿي ڪيو. ڪومل ھڪ نظر پيار پاٻوھ مان مٿي کنئي.
گھوٽ جي روپ ۾ ھم عمر شخص سوٽ واحد ھو !

ورهه جا روڳ

ورھ پڄاڻا سنڌو ماٿري تي ملياسين.
اجرڪ ۾ اوڍيل چاندي جي وارن ۾ مينڌي لڳل ھئس، جتان سر جي سينڌ سنڌو جي باريڪ وھڪري جيئان چٽي نظر ٿي آئي ۽ پرتي نيڻ نھار تائين سنڌو جي پيٽ مان واري ٿي اڏاڻي.
ھڪ ٻئي جو ھٿ ھٿن ۾ جھلي گھڻو گھڻو پنڌ ھلندا رھياسين.
ڊگھي ساھي کان پوءِ چيم؛
’’سنڌو! ماڻھو ملڻ لاءِ ڪيڏا نه جتن ٿو ڪري پر تقدير آھي، جيڪا صدين جي فاصلن جون ديوارون کڙيون ڪري ٿي ڇڏي. ائين ٿو ڀايان ڄڻ عمرين جا جوڳ ڪٽي توتائين پھتو ھجان. نه ڄاڻ ماڻهو وصال کان فراق جي لمحن ۾ ڪئين جيئندا مرندا ھوندا. مان ته نه جيئڻ جھڙو رھيو آھيان نه مرڻ جھڙو !
زندگي سڄي سنجوڳ آ، ۽ عمرين تائين رڳو فراق جا پنڌ ئي پنڌ آھن. ڪا ساھي ڪانھي ! ماڻهو ويچارو انھي پنڌ جو مسافر آھي. ڪٿي ڪا پل جي ساھي ھجي ٿي ۽ وري مسلسل برپٽ صحرائن جا پنڌ ئي پنڌ، زندگي سڄي رڃ ئي رڃ.....‘‘
سنڌو منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ ڀڪوڙي ڇڏيو.
’’سارنگ! تنھنجي منھنجي ھٿن جون لڪيرون ڪڏھن به ڪنھن به موڙ تي جڙيون ناھن. تدبيرون تقديرن جون محتاج ھونديون آھن، تقديرن جا ليڪا آسمانن جي بادشاھ اڳئي ئي پائي ڇڏيا آھن، جنھن ۾ صدين جا روڳ ماڻهو کي ڀوڳڻا ٿا پون..‘‘
سنڌو جي چھري تي ڦڪي مرڪ تري آئي.
’’ڏس نه سارنگ! ھاڻ تنھنجي به ڏاڙھي چٽڙي ٿي وئي آھي، ڇو نه ٿو پنھنجي زندگي آباد ڪرين !؟‘‘
’’اھو ماڻهو وري به جِي ويندو آھي، جنھن کي ڪو سھارو ملي پوي... مان ته ٿيس عورت، نيٺ گھر آباد ڪيم پر تون ....
سچ پڇين ته اڄ به تنھنجن اکين ۾ گھوري نه ٿي سگھان. نظرن جي گھور جا پنڌ ساڻا ٿي ٿا پون پر تون اڄ به برباد حال آھين... ايڏي تنھائي ! تنھنجو سڄو من مڪلي موھن جو دڙو ٿي ڀايان، جنھن ۾ حسرتون خواب انھن اڻ چٽيل حرفن جھڙا آھن، جيڪي موھن جي دڙي جي آثارن مان کوٽي ڪڍيا ويا آھن، جن جي معنا کي دنيا جا آرڪيالاجسٽ به اڄ سوڌو سمجھي ناھن سگھيا. آخر تون پنھنجي زندگي آباد ڇو نه ٿو ڪرين !؟‘‘
مون مٿي آسمان ڏي نھاريو. چيم؛
’’سنڌو! توبن منھنجي تقدير سکڻي آھي.‘‘
اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس، اجرڪ جي پلوَ سان اکيون اگھي ورتائين.
’’سارنگ! وچن ٿي ڪيان. ٻيو جنم صرف تنھنجي لاءِ وٺندس.‘‘
’’نه سنڌو نه ! مون ھن جنم ۾ ئي جنم جنم جا عذاب ڀوڳي ورتا آھن، مونکي جنمن جا ويساھ نه ڏي....!ڇا خبر اڳلو جنم تنھنجي ساھن جي سرھاڻ کان به پري پري ڀٽڪندو رھجي وڃي. گھٽ ۾ گھٽ ھن جنم ۾ تنھنجي ساھن جي سرھاڻ ته محسوس ڪيان ٿو!
’’ياد اٿئي! پھريون دفعو ھتي سنڌو جي ماٿري تي، تون پنھنجي قدمن جا نشان ڇڏي وئي ھئين. مان اڄ به تنھنجي قدمن جي نشانن جو پانڌيئڙو آھيان، ۽ باقي زندگي تنھنجي قدمن جي نشانن تي ھلندي گذاري ڇڏيندس...‘‘
سنڌو آخري دفعو منھنجي اکين ۾ گھوريو، لڙڪ زار قطار لڙي پيس
ھن پنھنجو ھٿ منھنجي ھٿ مان ڇڏائي ورتو، چپ چاپ پوئتي موٽي.
ان ويل سنڌو ماٿري تي زيوس جي مجسمي جيئان بي جان بت بڻجي پيس. سنڌو کي ويندو ڏسندو رھيس ۽ سنڌو پنھنجي قدمن جا نشان سنڌو ماٿري تي ڇڏيندي گھڻو گھڻو پرتي وڃي چڪي ھئي ...........


نوٽ؛ زيوس يوناني قوم جو ديوتا آھي، جنھنجو مجسمو يوناني قوم سمنڊ ڪناري ھڪ پھاڙي جي چوٽي تي تراشي ڇڏيو ھو !

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/uIC4irv.jpg[/img]