تعليم

آسان سنڌي صرف نامہ

غلام اصغر ونڊير صاحب جو لکيل ھڪ ڪتاب، ”سنڌي کٽمٺڙا يا اصطلاحات اصغر“ جي نالي سان آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سنه 1956ع ۾ ڇپايو هن ۾ اصطلاحات معنيٰ ۽ مثالن سان سمجهايل آهن.ونڊير صاحب جو ھي ڪتاب ”آسان سنڌي صرف نامہ“ سنڌي گرامر سکندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. ھن ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ منجهان، فقط ”صَرف“ کي، عربيءَ جي صَرف پٽاندر، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ”نَحو“ جو ڀاڱو ڇڏيل آھي.
Title Cover of book آسان سنڌي صرف نامہ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر سنڌي گرامر جو 1963ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”آسان سنڌي صرف نامہ“اوھان اڳيان حاضر آھي. ھن ڪتاب جو ليکڪ ناميارو عالم ۽ اديب غلام اصغر ونڊير آھي.
غلام اصغر ونڊير صاحب جو لکيل ھڪ ڪتاب، ”سنڌي کٽمٺڙا يا اصطلاحات اصغر“ جي نالي سان آر- ايڇ احمد اينڊ برادرس وارن حيدرآباد مان سنه 1956ع ۾ ڇپايو هن ۾ اصطلاحات معنيٰ ۽ مثالن سان سمجهايل آهن.ونڊير صاحب جو ھي ڪتاب ”آسان سنڌي صرف نامہ“ سنڌي گرامر سکندڙن لاءِ ڪارائتو آھي. ھن ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ منجهان، فقط ”صَرف“ کي، عربيءَ جي صَرف پٽاندر، سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي، جڏھن ته ”نَحو“ جو ڀاڱو ڇڏيل آھي.
پھرين ۽ ٻئي ڇاپي جي ڇپجڻ جو پتو ناھي پئجي سگهيو پر ھن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1963ع ۾ مستقيم بوڪ ڊيپو گمبٽ، ضلع خيرپور پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون رياضت ٻرڙي جا جنھن ھن ناياب ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]