آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سائو پن يا ڪارو پنو (منھنجي سوانح عمري)

ھي ڪتاب مرزا صاحب ستر ورھين جي ڄمار ۾ لکيو ھو. مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندس اهڙي ئي تصنيف آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اُها اُن وقت جي سنڌ جي مڪمل ۽ ڀرپور عڪاسي آهي، جنهن ۾ هن نه صرف پنهنجي ڪٽنب ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي. ليڪن هن سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي سماجي زندگيءَ، توڙي پنهنجي دور جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن سان پنهنجي ذاتي حوالن ۽ واسطن جو ذڪر بلڪل بي ريا انداز ۾ ڪيو اٿس.
  • 4.5/5.0
  • 411
  • 187
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book سائو پن يا ڪارو پنو (منھنجي سوانح عمري)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جيڪو جديد سنڌي ادب جي باني شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي خودنوشته سوانح حيات آهي. هيءُ ڪتاب مرزا صاحب 1923ع ۾ لکي پورو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهريون دفعو 1964ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.
ھي ڪتاب مرزا صاحب ستر ورھين جي ڄمار ۾ لکيو ھو. ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو تہ ”مرزا صاحب جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سندس اهڙي ئي تصنيف آهي، جنهن لاءِ مختصر لفظن ۾ ائين چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اُها اُن وقت جي سنڌ جي مڪمل ۽ ڀرپور عڪاسي آهي، جنهن ۾ هن نه صرف پنهنجي ڪٽنب ۽ ذاتي زندگيءَ جو احوال ڏنو آهي. ليڪن هن سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي سماجي زندگيءَ، توڙي پنهنجي دور جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن سان پنهنجي ذاتي حوالن ۽ واسطن جو ذڪر بلڪل بي ريا انداز ۾ ڪيو اٿس“.
ھن ڪتاب جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

تمهيد

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اٽڪل چار سال پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ جو پايو، سنڌ سرڪار، سنڌي زبان ۽ ادب جي نشر و اشاعت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، سن 1951ع ۾ وڌو. ٻارهن- تيرهن سالن جي انهيءَ قليل عرصي اندر، سنڌي ادبي بورڊ، هن ميدان ۾، تن تنها، اُها حيرت انگيز ترقي ڪري ڏيکاري آهي، جا گذشته سئو سالن اندر پڻ، سنڌ جي مختلف ادبي ادارن ۽ جماعتن کان، مجموعي طور، ممڪن ٿي نه سگهي. سنڌي زبان جي پاڪستاني توڙي هندستاني اديبن، شاعرن ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي سنڌي ادبي بورڊ جي انهيءَ ڪارنامي کي وقت بوقت پئي واکاڻيو آهي.
ٻارهن- تيرهن سالن جي قليل عرصي اندر، سنڌي ادبي بورڊ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ چونڊ ۽ معياري ڪتاب، جن جو تعلق سنڌ جي ادب، تاريخ، ثقافت وغيره سان آهي، مختلف زبانن جهڙوڪ سنڌي، عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ نهايت اعليٰ پيماني ۽ صحيح طريقي تي ڇپائي پڌرا ڪيا آهن- مطلب ته ’جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.‘
سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪرايل ڪتابن مان ڪي ڪتاب ته هن کان اڳ ڪڏهن ڇاپايل ئي نه هئا ۽ سنڌ جي ڪن قديم ڪتبخانن ۾، صرف قلمي نسخن جي صورت ۽ خسته حالت ۾ موجود هئا؛ جن کي پهريون ڀيرو، نهايت صحت ۽ صفائيءَ سان شايع ڪرائي، عوام جي هٿن تائين پهچائڻ جو فخر ۽ شرف صرف بورڊ کي ئي حاصل ٿي سگهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪرايل ڪتابن جو ٻيو قسم اُهي قيمتي ڪتاب آهن، جن جي گهڻا ورهيهه اڳ، ليٿو يا لوهي ٽائيپ ۾ ڇپجي چُڪا هئا، ليڪن انهن جو سرِ دست دستياب ٿيڻ هڪ امر محال هو. جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ، وقت سر، اک نه پٽي ها، ته ممڪن آهي ته ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، سنڌ جو ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي خزانو، جو ويچارن وڏڙن وڏين ڪوشسن ۽ ڪاوشن سان ڪَٺو ڪيو هو، سو تلف تراج ٿي وڃي ها.
هونءَ به اسان سنڌي ڪڙم جا ويري ثابت ٿيا آهيون: ڪنهن به ڌِڪاڻل قوم کان محسن ڪشيءَ ۾ پوئتي پيل نه آهيون. دنيا جون بيدار ۽ سرفراز قومون پنهنجي اسلاف صالحين جي ڪارنامن تي فخر ۽ ناز ڪنديون آهن: اُنهن جي نيڪ نالن ۽ ڪارنامن کي ڪڏهن به ضايع ٿيڻ نه ڏينديون آهن، ايتريقدر جو انهن جي ڄمڻ توڙي مرڻ جا ڏينهن وار وڏيءَ ڌوم ڌام ۽ ادب و احترام سان ملهائينديون آهن. انهيءَ مان سندن ٻه وڏا مطلب سِڌِ ٿيندا آهن. هڪڙو، پنهنجن وڏن يا بزرگن جي ڪارنامن کي پنهنجيءَ قوم توڙي ٻيءَ دنيا جي آڏو دهرائي، اُنهن جو نيڪ نالو قائم رکڻ ۽ سندن شايان شان طريقي سان قدر داني ڪرڻ ۽ شڪر گذاري بجا آڻن، ۽ ٻيو، پنهنجي قوم جي هر فرد کي، غيرت ڏياري، بيدار ڪرڻ ۽ منجهن نئون روح ۽ نئون جوش ڦوڪڻ ته جيئن اُن جو هر فرد، پنهنجي اسلاف صالحين جي نقش قدم تي هلي، پنهنجو ۽ پنهنجيءَ قوم جو نام ۽ ناموس دنيا ۾ وڌائي. انگريزي زبان جي مشهور شاعرلانگ، فيلو، ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:


ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو،
ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو.
وٺون موٽي جڏهن رستو رباني،
ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني.
ته من! ڪو رهگذر اُن ڏي نهاري،
لنگهي هن رڃ منجهان پهچي ڪناري!

فارسيءَ واري به ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

نامِ نيکِ رفتگان ضايع مکن،
تابماند نامِ نيکت يادگار.

دنيا جون بيدار ۽ ممتاز قومون نه فقط پنهنجن وڏن يا بزرگن جي احسانن جا بدلا ممڪن طريقن جي وسيل چڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، بلڪه منجهن جيڪي مهتمم بالشان هستيون يا قوم جا محسن موجود هوندا آهن؛ اُنهيءَ مان پڻ سندن اُهي ئي ٻه وڏا مقصد سڌِ ٿيندا آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
بيدار ۽ ممتاز قومن واري مذڪوره ڪسوٽيءَ تي جيڪڏهن اسين پنهنجي پاڻ کي پرکينداسين ته اُهي ٻيئي صفتون سنڌي قوم ۾ مفقود نظر اينديون، جنهن جو مکيه سبب آهي اسان جي بيپرواهي ۽ بي علمي، غفلت ۽ جهالت.
سرزمين سنڌ تي وڏا وڏا عارف، عالم، فاضل، اديب، شاعر، مفڪر، مورخ، مصنف وغيره ٿي گذريا آهن؛ پر افسوس جو اُنهن سربر آورده هَستين جو نالو ۽ نشان فقط اسان جي قديم تاريخي ڪتابن جو زيب ۽ زينت بڻيل آهي. اُنهن بزرگن ۽ قوم جي محترم ۽ محسن شخصيتن کي اسان ائين وساري ويٺا آهيون، گويا اُهي هن دنيا جي تختي تي ڪڏهن ڄاوا ئي نه هئا! انهيءَ غفلت ۽ بيپرواهيءَ سبب، اسان پنهنجي ۽ پنهنجيءَ قوم جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل تي سراسر پاڻي ڦيري رهيا آهيون.
سنڌي ادبي برڊ، جو برپا ٿيو، سو به محض انهيءَ انديشي ۽ خدشي تحت- ته ڪٿي اسان جن اڳوڻن توڙي هاڻوڪن عالمن ۽ فاضلن، اديبن ۽ شاعرن، مورخن ۽ مصنفن جون ڪمايون ڪُٽ ٿي نه وڃن! سنڌي ادبي بورڊ جو ارادو نهايت ئي نيڪ ۽ ابتدا نهايت ئي مبارڪ آهي، جنهن پير کوڙيندي شرط ٿوري ئي عرصي اندر، سنڌ جي ادبي خزاني کي سميٽڻ ۽ سوڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ کي اُنهيءَ ئي جذبي ۽ جوش، انهيءَ خطب ۽ خلوص، انهيءَ اطمينان ۽ خاطر جمعيءَ سان اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ويو، ته يقيناً سنڌ جي قديم توڙي جديد ادب، تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو ممڪن طريقي سان بچاءُ ٿي سگهندو.
معلوم رهي ته جهڙِءَ ريت ريل جي متعدد گاڏن کي اڳتي ڌِڪڻ لاءِ، سنئين سڌي لوهي پَٽي ۽ طاقتور انجڻ جي اَشد ضرورت آهي، تهڙيءَ ريت ڪنهن به اِداري کي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ پڻ مالي ۽ نفري نظام سان گڏ هڪ اهڙي زبردست خادم جي ضرورت آهي، جو هڪ ڪامياب منتظم هئڻ سان گڏ پنهنجي ڪم جو پوريءَ طرح ڄاڻو، محنتي ۽ مخلص (ايماندار) هجي. جيڪڏهن ڪنهن به منتظم ۾ اِنهن ٽن خاص خوبين مان ڪا به هڪ خوبي مفقود آهي، ته يقيناً اُهو منتظم پنهنجي اداري لاءِ وِڻاهه آهي.
بيجا ۽ بي محل نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ هن موقعي تي پنهنجو دلي خيال ظاهر ڪريان ته الحمدالله، اِهي ٽيئي خاص خوبيون سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي صاحب ۾، الله پاڪ جلشانہ جمع ڪيون آهن، جنهن لاءِ نه فقط منهنجيءَ دل جي گهراين ۾ عزت ۽ احترام، محبت ۽ پيار آهي، ليڪن هر اُهو سنڌي، جو صحيح ۽ سالم دل ۽ دماغ رکندڙ آهي، جنهن جي دل حسد ۽ بغض، ڪيني ۽ ڪدورت کان پاڪ آهي، جو پنهنجي پياري زبان ۽ اُن جي ادب جو بهي خواه ۽ خيرانديش آهي، جو قدردان ۽ قدر شناس آهي، جو پنهنجن محسنن کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسندڙ آهي، جو ڪنهن چڱي کي چڱي چوڻ جي همت ۽ منصف مزاجي رکي ٿو، سو پڻ سندس ممنون ۽ مدح خوان آهي.
محترم جويي صاحب کي جن به ڏٺو هوندو، تن هُن کي، ماکيءَ جي مک وانگي، هر وقت، انهيءَ قومي ڪم منجهه رنڀيل ۽ رُڌل ئي ڏٺو هوندو. پنهنجي نيڪيءَ يا ستائش جي خيال کان سواءِ، ڏينهن توڙي رات، دنيا توڙي مافيها کان بي خبر، پنهنجي ئي ڌُن ۾ مَحو ۽ پنهنجي ئي ڪم ۾ منهمڪ ۽ مشغول رهڻ، محترم جويي صاحب جو ئي خاصو آهي. جيڪي هُن سان لهه وچڙه ۾ آيا هوندا، تن هُن کي هڪ دردمند ۽ پُرخلوص دل رکندڙ، نهايت سادو ۽ نهٺو، ٽنڊ ٽيلي کان پري، منڪسر المزاج ۽ محجوب الطبع، صاف دل ۽ صاف گو، ڪم گو ۽ ڪم سخن، مَنجهيل سُلجهيل خيالات رکندڙ، قدامت ۽ جدت جي امتزاج ۽ اعتدال جو هڪ مجسمو ۽ مرقعو محسوس ڪيو هوندو. کيس سنڌي علم و ادب سان ازلي اُنس ۽ محبت آهي، محترم جويي صاحب، جنهن م جو ٻيڙو پاڻ تي هموار ڪيو آهي، تنهن لاءِ هن جو هميشہ اهو ئي چوڻ آهي ته ’اسان کي، پنهنجي ڪيل ڪم لاءِ، ڪنهن خوش فهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. اسان ڄڻ هن بي انت ۽ بي ڪنار سمنڊ جي سير ۾، رڳو پنهنجو مٿو، پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو جهليو، پاڻ کي لڙهڻ يا ٻڏڻ کان بچائيندا ٿا اچون ۽ بس!‘
محترم جويي صاحب جي دل ۾، سنڌ جي اڳوڻن توڙي هاڻوڪن اديبن توڙي شاعرن، مصنفن توڙي مؤلفن، مترجمن توڙي مورخن لاءِ بيحد عزت ۽ احترام آهي. هن جو هميشه اهو ئي چوڻ اهي ته ’جنهن به شخص سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي بي لوث ۽ پنهنجي علم، ڄاڻ ۽ حال آهر خدمت ڪئي آهي يا ڪري رهيو آهي، سو تحقيق هر طرح عزت ۽ احترام جو لائق آهي. علم ادب جيميدان ۾ خصوصاً، اديبن ۽ شاعرن جو هڪٻئي کي پنهنجو حريف سمجهي، نفرت ۽ تعصب، ڌڪار ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ يا هڪ ٻئي تي ذاتي تنقيدون ۽ حملا ڪرڻ يا هڪٻئي ۾ دست بگريبان ٿيڻ هڪ نهايت نامناسب، نازيبا ۽ قبيح فعل آهي، جنهن منجهان پس و پيش، ادب جهڙي پاڪ ۽ لطيف فن کي وڏو نقصان رسي سگهي ٿو.‘
سنڌي لٽريچر جي نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ محترم جويي صاحب جي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪوششن، قابل قدر ڪارنامن ۽ خدمتن، جيڪي هُن سنڌي ادبي بورڊ ۾ خصوصاً ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ عموماً سرانجام ڏنيون آهن، تن هُن کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بلند مقام بخشي، زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي.


[b]شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم جي تصنيفات جي اشاعت متعلق ٻه اکر:
[/b]
معلوم رهي ته سنڌي ادبي بورڊ، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم مغفور جي تصنيف و تاليف ڪيل ساڍن ٽن سوَن * ڪتابن مان هيستائين ڪُل ٻٽيهه ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي، جن مان گهڻا تڻا ڪتاب، ننڍن ٻارن جي لاءِ لکيل ۽ اٽڪل ٽيهن چاليهن صفحن تي مشتمل ٿيندا. ٻئي طرف، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي اُنهن مصنفن جا سؤ في صد ڪتاب شايع ڪرايا آهن، جن جا تصنيف ڪل ٻه يا چار ڪتاب مَسَ آهن. انهيءَ حقيقت جي باوجود، وڏي افسوس ۽ ارمان جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڪن تنگدل ۽ ڪوتہ بين صاحبن، پنهنجيءَ پَر ۾، سنڌي ادبي بورڊ کي محض مرزا صاحب مرحوم جي ڪتابن ڇاپائڻ جو ڏوراو ڏيئي، ناانصافيءَ، بيقدريءَ ۽ احسان فراموشيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي!

واضح رهي ته سنه 1947ع کان اڳ،مرزا صاحب مرحوم جي تصنيف و تاليف جي نشر و اشاعت جو ڪم جنهن تيز رفتار ۽ عمده اطوار سان هندو ناشر صاحبن سرانجام ڏنو، اُن جو عشر عشير به، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اڄ ڏينهن سوڌو، سنڌي مسلمان ناشر صاحبن کي حاصل ٿي نه سگهيو آهي. اُنهيءَ زماني ۾ هڪ ئي هندو بزرگ، آنجهاني راءِ بهادر ديوان ڌيارام گدومل، هڪ لک رپئي کان وڌيڪ رقم جي صرفي سان مرحوم مرزا صاحب جن جا سؤ کان وڌيڪ ڪتاب بهترين نموني ۾ شايع ڪرايا هئا. ازان سوا3، ميشرس پوڪرداس ائنڊ سنز شڪارپور وارن، ميشرس هريسنگ ائنڊ سنز سکر وارن، ميشرس ويڙهومل کٽڻمل ائنڊ سنز سکر وارن ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن هندو ناشر صاحبن، ڌڙا ڌڙ، مرزا صاحب مرحوم جن جا ڪتاب شايع ڪرائي، پنهنجي علم دوستيءَ، قدردانيءَ، بي تعصبيءَ ۽ همت افزائيءَ جو ثبوت ڏنو. جيڪڏهن اُهي هندو ناشر صاحبان پڻ تعصب ۽ بيقدريءَ کان ڪم وٺن ها، ته هوند مسلمان مصنفن جون تصنيفون ۽ تاليفون، طاق نسيان تي رهجي، زبون ٿي وڃن ها. افسوس آهي ته جيڪو فعل هندو صاحبن، پنهنجي بيٺلائيءَ جي وقت ۾ به روا نه رکيو، سو فعل اسان جا ڪي ڪوتہ بين ۽ ڪوتہ نظر سنڌي مسلمان، پنهنجي اسلامي دور حڪومت ۾ روا رکي رهيا آهن.

مرزا صاحب مرحوم، پنهنجي بيقدريءَ جي شڪايت ڪندي، صحيح فرمايو هو ته:

ٿيس آءٌ حيدرآباد سنڌ هندستان ۾ پيدا،
چڱو ٿئي ها، ٿيان ها روم يا ايران ۾ پيدا.
وطن آهي برابر هيءُ، لڳي پيارو مون کي بيشڪ،
ٿئي البت، سدا حُب الوطن ايمان ۾ پيدا.
آهيان لعل بَدخشان، قَدر منهنجو ٿئي وطن ۾ ڪين،
نبِي بي قدر هو خود، ٿيو جو عربستان ۾ پيدا.
هتي جا ماڻهو اڪثر خادم، منهنجو قدر ڇا ڄاڻن؟
ڄمان ها اڳ، ٿيان ها روم يا يونان ۾ پيدا.
نه ڄاڻن فارسي، عربي، سنڌي پڻ پُوري سمجهن ڪين،
رڍن آڏو رَباب اِيءُ، نُور ٿيو ڪُفران ۾ پيدا.
چون ڪي شعر پڻ ٿا، پر نه ڄاڻن قاعدا قانُون،
ٿين گُلشن جا گُل هرگز، نه خارستان ۾ پيدا.
هجان ها رومي يا يُوناني، منهنجي شعر لئه منهنجو،
ٿئي ها مَر مَري بُت، شهر جي ميدان ۾ پيدا.
نه ڄاتو قدر فردوسيءَ جو جيئن محمود، جي اُنَ جان،
ڪربان آءٌ هَجوَ، جاڳي فتنو پڻ زندان ۾ پيدا.
شڪايت ڪيسين بيقدريءَ جي ڪندين پيو ”قليچ“ آخر؟
ڇُٽين ها، ٿين ها پيءُ وانگي جي گُرجستان ۾ پيدا.

وري ٻئي هنڌ، پنهنجي بيقدريءَ جي شڪات ۽ اُن جو سبب به پيش ڪري ٿو:

ٿيم سڀ شعر موتي ۽ جواهر،
خُداوندا، خريدارن کي ڇا ٿيو؟
قلم منهنجي مان نِڪري ٿو سخن سچ،
نه دنيا ۾ وَڻان سَڀ کي تڏهن ٿو.

مرزا صاحب مرحوم مَهد کان لحد تائين، پنهنجو نُور نچوئي، اهلِ سنڌ لاءِ علمي ۽ ادبي خزانو جمع ڪيو. سندس اها علمي ۽ ادبي خدمت پنهنجي ذاتي مالي منافعي يا ڪنهن طمع يا لالچ جي پُٺيان نه هئي. پنهنجيءَ ڄمار ۾، ڪڏهن به هُن مرحوم پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمت جو صلو ڪنهن سنڌيءَ کان طلب نه ڪيو. انهيءَ باري ۾، مرحوم مرزا صاحب جن جو اِهو ئي چوڻ هوندو هو ته ’ماڻهو پنهنجي پئسي پنجڙ، مال دولت، زر زيور وغيره تي زڪوات ڪڍندا هن. اسان کي الله پاڪ جلشانہ علم عطا ڪيو آهي، جنهن جي زڪوات ٿا ڪڍون.‘
افسوس آهي، جو اهل سنڌ مرحوم مرزا صاحب جي اِنهيءَ علمي زڪوات قبول ڪرڻ ۾ به تامل ۽ پَس و پيش کان ڪم وٺي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو حاجتمند يا گهُرجائو ڪنهن سخيءَ جي زڪوات قبول نه ڪري، ته اها سنديس فاقہ مستي ئي چئبي!
مرزا صاحب مرحوم هر اُنهيءَ علم ۽ فن تي قلم فرسائي ڪئي ۽ جامع ڪتاب لکيا، جن تي اڳي توڙي اڄ ڏينهن سوڌو، ڪنهن به سنڌي اهل قلم هڪ اکر به نه لکيو آهي. اُنهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب سندن زندگي ۾ شايع ٿيا ۽ مقبول عالم جي سَنَد حاصل ڪري چُڪا، ۽ گهڻا اڃا تائين قلمي حالت ۾ سندن اولاد سنڀاليندو ۽ سانڍيندو اچي.
مرحوم مرزا صاحب جا قلمي توڙي آڳاٽو شايع ٿيل ڪتاب، جي اڄڪلهه بنهه اڻلڀ ۽ ناياب ٿي چُڪا آهن، جيڪڏهن ملڪي آزاديءَ جي هن دور ۾ به شايع ٿي نه سگهيا، ته اهو هڪ وڏو قومي سانحو سمجهيو ويندو. اُميد قوي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي علم و ادب جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ مرحوم مرزا صاحب جي آڳاٽو ڇپيل توڙي اَڻ ڇپيل ڪتابن جي نشر و اشاعت جي ڪم جي رفتار کي تيز تر ڪندو، جيئن هڪ طرف، انهيءَ قومي اَمانت جي بار کان مرحوم مرزا صاحب جن جا وارث به آجا ۽ آاد ٿي سگهن، ۽ ٻئي طرف، اها امانت قوم جي افراد جي هٿن ۾ صحيح سلامت پهچي سگهي، جنهن مان پس و پيش سنڌي قوم، سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌي تاريخ ۽ سنڌي ثقافت کي ئي فائدو پهچڻو آهي.

[b]ڪتاب ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ بابت ٻه اکر:
[/b]
معلوم رهي ته مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ ۾ ئي ڪيترا دوست مٿس اُهو زور ڀريندا ٿي رهيا ته هُو پنهنجي حياتيءَ جو احوال پاڻ لکي. سندس دوستن مان هڪ ، ديوان ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب، سنڌي زبان ۾ سندس سوانحعمري لکي، کانئس اُن جي ڇپائڻ جي اجازت چاهي؛ پر مرزا صاحب مرحوم کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ صلاح ڏنائينس ته في الحال اهو ڪتاب رکي ڇڏي ۽ جيڪڏهن بهتر سمجهي ته هن جي وفات کان پوءِ اهو ڇپائي پڌرو ڪري.
سندس هڪ ٻئي گهري دوست، آنجهاني ديوان ڏيارام گدومل پڻ، سنديس حياتيءَ جو احوال انگريزي زبان ۾ لکيو، جو سندن وارثن وٽ اڃا موجود آهي. انهيءَ متعلق ديوان ڏيارام گدومل، جيڪو انگريزيءَ ۾ خط مرزا صاحب مرحوم ڏانهن، سورت (بمبئيءَ) مان لکيو، هو، اُن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

10- ڊسمبر، سنه 1906ع

منهنجا پيارا دوست مرزا صاحب

توکي ڪا خدائي ڏات آهي! جيڪو ڪم تو شروع ڪيو آهي، سو مون کي شرمندو ٿو ڪري. آءٌ پنهنجيءَ فرصت جو وقت سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ پر ايتريقدر نه، جيتريقدر تون ٿو ڪرين، انهيءَ ڳالهه ۾ تون سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهين. شل تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين! پر جيڪڏهن تون مون کان اڳي وئين، ته آءٌ تنهنجيءَ محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکندس.

صحيح: ڏيارام گدومل

جيتوڻيڪ ديوان ڏيارام گدومل مرزا صاحب مرحوم کان اڳ وفات ڪري ويو، پر تنهن هوندي به، جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، آنجهاني ديوان ڏيارام گدومل، پنهنجي جيئري ئي مرزا صاحب مرحوم جي ڪتابن جي نشر و اشاعت لاءِ ڏيڍ لک روپين کان وڌيڪ رقم صرف ڪري، مرزا صاحب جي محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکي، پنهنجو وعدو وفا ڪيو.
مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي مرحوم پڻ،وقتاً فوقتاً، مرزا صاحب کان سنديس حياتيءَ جي احوال لکڻ جي اجازت طلب ڪندو آيو؛ ليڪن کيس به منع ڪيائين.
معلوم رهي ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي ننڍپڻ واري زماني کان پنهنجي وفات جي آخري تاريخن تائين، پنهنجو روزنامچو ي روزاني ڊائري پڻ باقاعدي رکندو آيو، جنهن مان پڻ سنديس حياتيءَ جي حال احوال جي گهڻي قدر پروڙ پئجي سگهي ٿي. اهڙي قسم جو هڪ ٻيو ڪتاب، انگريزي زبان ۾ پڻ ترتيب ڏنو هئائين، جنهن جو نالو ”فئملي رجسٽر“ رکيو هئائين، جنهن ۾ پنهنجي خاندان جي رسمن، رواجن، پرڻي، مرڻي، شادي مُراديءَ جا دستور وغيره مرتب ڪيا هئائين، جن تي اڄ ڏينهن سوڌو سندس خاندان عمل پيرا رهندو اچي.
ازان سواءِ، مرزا صاحب مرحوم هّڪ ٻيو ڪتاب ”يادگيريون“ نالي پڻ لکيو، جنهن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو مختصر احوال ڏنو اٿس. اهو ڪتاب، ڪجهه سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ پنهنجي خرچ سان ڇاپائي پڌرو ڪيو هو.
آخر، گهڻن دوستن جي اصرار تي، مرحوم مرزا صاحب، پنهنجي وفات کان ڇهه سال کن اڳ (يعني سن 1923ع ۾) ، پنهنجي حياتيءَ جو سربستو احوال لکيو، جنهن جونالو رکيائين، ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو،، جو ڪتاب پڻ محض پنهنجي اولاد ۽ عزيز و اقارب جي هدايت ۽ معلومات جي خيال کان ئي قلمبند ڪيو هئائين.
هونءَ ته مرزا صاحب مرحوم جي حياتيءَ ۾ يا سندس وفات کان پوءِ گهڻن علم دوست اصحابن، مصنفن، مضمون نگارن، تذڪره نويسن، مختلف زبانن ۽ مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره ۾ وقت، بوقت مرزا صاحب جي حياتيءَ تي تبصرو يا ڪتابچا شايع پئي ڪرايا آهن: ليڪن مرزا صاحب مرحوم جي مفصل سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب، جو پهريون ڀيرو سن 1936ع ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي (حيدرآباد) ڇپائي پڌرو ڪيو هو، سو هو ”قربِ قليچ“ ، جو ماستر محمد صديق ”مسافر“ صاحب مرحوم جو تاليف ڪيل هو.
اُنهيءَ کان پوءِ ٻيو ڪتاب، جو مرزا صاحب مرحوم جي سوانح حيات تي مشتمل سن 1937ع ۾ شايع ٿ،سو هو ”حيات قليچ“، جو سندس ٽئين نمبر فرزند، مرزا همايون بيگ ”فائق“ صاحب مرحوم جو تاليف ڪيل ۽ ڇاپايل هو.
گهڻن دوستن، وقت بوقت، اها صلاح پئي ڏني، بلڪه زور پئي ڀريو ته مرزا صاحب مرحوم جي خود نوشته سوانح حيات، ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ ، ڪنهن به خانگي يا ذاتي احوال جي ڪاٽ ڪوٽ کان سواءِ، لفظ به لفظ، شايع ڪرايو وڃي. آخر سنڌي ادبي بورڊ کي اهو ڪتاب پيش ڪيو ويو، جنهن پنهنجي اصلوڪي روايت قائم رکندي. ڪتاب کي نهايت عمدي نموني ۽ وڏي اهتمام ۽ ڪوشش سان ڇاپائي پڌرو ڪيو آهي.
ڪتاب جي ظاهري نالي ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ جي معنيٰ ۽ مفهوم مان ئي اِها حقيقت واضح آهي ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي حياتيءَ جي ٻنهي مختلف پهلوئن، ظاهري توڙي باطني، سفيد توڙي سياهه تي قلم فرسائي ڪري، هڪ مخلص ۽ جراتمند نقاد يا سوانح نگار جو پارٽ اددا ڪيو آهي. پنهنجي خود نوشته سوانح حيات جي وجہ تسميہ بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

(قطعہ)

هرچہ دارد قليچ آرد پيش،
برگِ سبز است تحفہء درويش.
سيهش گشت دفترِ اعمال،
زان سيه روي، با سفيديء ريش.
عجب احمق، بدستِ خود بنوشت،
مدح و ذم، نيک و بد سوانح خويش.
خواهشِ دوستان شده عذرش،
خلق خوشدل ازان، خودش دلريش.

(مطلب- جو حال حبيبان، سو پيش پريان! درويش جو تحفو آهي سائو پَنُ، قليچ جي اعمال جو دفتر ڪارو ٿي چڪو: جنهن ڪري سندس منهن سياهه ۽ ڏاڙهي سفيد آهي. هو هڪ عجيب احمق ٿو ڏسجي، جنهن پنهنجيءَ سوانح ۾، پنهنجي تعريف ۽ گلا، نيڪي ۽ بدي، پنهنجي هٿ سان ويهي لکي آهي! هن، پنهنجي خود وشته سوانح حيات پنهنجي دوستن جي خواهش موجب لکي آهي، جنهن کي پڙهي، خلق جي دل ته خوش ٿيندي، پر سندس دل ڦٽيل آهي.)
جيئن ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي هيءَ خود نوشته سوانح حيات سن 1923ع ۾ تصنيف ڪئي هئي ۽ پاڻ 3- جولاءِ سن 1929ع ۾ وفت ڪئي. هئائين، تنهن ڪري ظاهر آهي ته سنديس زندگيءَ جا اُهي واقعات، جي انهن ستن سالن واري عرصي جي وچ ۾ رونما ٿيا هوندا، سي هن ڪتاب ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا. انهيءَ خال جي پورائيءَ لاءِ، محترم محمد ابراهيم جويي صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي صلاح مطابق، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ، ضميمي طور، مرزا صاحب مرحوم جي پوين سالن ۾ لکيل ”روزنامچي“ جا چند ورق، اختصار سان، پيش ڪيا وڃن ٿا.
ڪنهن ملڪ يا قوم جي وڏن ماڻهن يا سربر آورده هستين جي سوانح حيات لکڻ، ڇاپائڻ ۽ پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو حاصل ٿو ٿئي يا دراصل، وڏو ماڻهو ڪنهن کي ٿو چئجي، تنهن متعلق خود مرزا صاحب مرحوم پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ جيڪو اظهار خيال ڪيو آهي، سو هيٺ، سندس ئي لفظن ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض رکجي ٿو.
”ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ اُن جي بادشاهن ۽ مهندارن جي سوانح عمرينجو مجموعو آهي. اُنهيءَ جي پڙهڻ مان اُنهن ماڻهن جي گذريل وقت جي واقفيت ۽ ايندڙ وقت جي هدايت ملي سگهي ٿي؛ مگر ڪيترائي ماڻهو آهن، جي پاڻ ڪن سببن ڪري گمناميءَ ۽ گوشه نشينيءَ، يا مسڪينيءَ ۽ غريبيءَ جي حالت ۾ رهيا آهن پر گهڻن ئي رستن سان خلق کي فيض پهچايو اٿن ۽ ملڪ ۾ سڌارو ڪيو اٿن. انهن مان ڪي پنهنجي حياتيءَ ۾ مشهور ٿيا آهن، ڪي مرڻ کان گهڻو پوءِ، ۽ ڪن جو ته وري ڪنهن نالو ئي نه ٻڌو هوندو. اهڙن ماڻهن، جيڪي ديني ۽ دنيائي وڏا ڪم ڪيا آهن، تن ۾ گهڻا خاص گُڻ موجود هئا، جن مان ڪي منجهن ذاتي يا طبيعي هئا، ۽ ڪي هنن همت ۽ محنت سان پاڻ ۾ پيدا ڪيا. اهڙن ماڻهن جي حياتيءَ جو احوال عام خلق جي لاءِ نهايت مفيد آهي، جو هو اُنهن جي لاءِ عمدا مثال بڻجي ٿا سگهن؛ تنهنڪري اُنهن جي يادگيري قائم رکڻ ڄڻ ته حياتيءَ جي سڙڪ تي ميلن جا پهڻ يا نشان قائم رکڻا آهن.

نام نيک رفتگان ضايع مکن،
تابماند نام نيکت يادگار.

”انهيءَ طرح، سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي ٿو ته جي هو پاڻ به، اُنهن خدا جينيڪ بندن وانگي، محنت ۽ جانفشاني ۽ خود قرباني ڪري، خلق جو خير گهرندو، ۽ اُنهن کي فيض پهچائيندو، ته اهڙو ئي درجو ۽ مرتبو حاصل ڪري سگهندو، ۽ اُنهن جي احوال، ڄاڻڻ ڪري، هن کي به همت ۽ ترغيب ايندي. هڪ انگريزي عالم ٿو چوي ته وڏن ۽ چڱن ماڻهن جو تاريخي احوال نهايت مفيد ۽ ڪمائتو آهي؛ بلڪه پاڪ ڪتابن جي مٽ آهي، ڇا لاءِ جو اُنهن مان، شريفن وانگي حياتي گذارڻ، اعليٰ درجي جي خيالن ڪرڻ، پنهنجي توڙِ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي چڱائيءَ لاءِ دل ۽ جان سان ڪوشش ڪرڻ، ۽ پاڻ ۾ پڪي ارادي، اورچائي، خودياوريءَ، خود عزتيءَ ۽ خود اعتباريءَ جي گڻن پيدا ڪرڻ جي تعليم حاصل ٿئي ٿي. اهڙا وڏا ماڻهو گهڻو ڪري اصل مفلس، غريب، ڪاسبي ۽ رواجي ماڻهو هئا، جي پنهنجي محنت ۽ ذاتي جوهر سان چڙهيا ۽ ٻين جي لاءِ ناليرا مثال ٿيا. اُهي هر وقت، شرم کان سواءِ، پنهنجي گهٽ اصل نسل ۽ پنهنجي مفلسيءَ ۾ تڪليفن جا اشارا ڏيندا رهيا، بلڪه انهيءَ تي فخر ڪندا رهيا. اهڙن مثالن جو، ۽ ٻين اهڙين هزارن ڳالهين جو نازڪ ۽ مخفي ۽ زور ڀريو اثر پڙهندڙن جي اخلاقي طبيعت تي ٿو ٿئي. انهيءَ هوندي به، اها ڳالهه بلڪل صاف ۽ قبول ڪيل آهي ته ماڻهو پنهنجي بهبوديءَ ۽ نيڪ ڪرداريءَ جا پاڻ ئي جوابدار ۽ واسطيدار آهن؛ ۽ اها عام چوڻي پوريءَ طرح سچي ۽ ثابت آهي ته ’جيسين ڪو ماڻهو، پهرين پاڻ کي مدد نٿو ڪري، تيسين خدا به اُنهيءَ کي مدد نٿو ڪري.‘
”سڀ ڪنهن ملڪ ۾، اهڙن وڏن ماڻهن جون سونحعمريون لکيل آهن، سنڌ ملڪ ۾ به اهڙا ڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن مان قديم وقت وارن جو ڪجهه احوال لکيو ويو آهي، پر هاڻوڪي زماني وارن بابت گهڻو لکيل نظر نه آيو. . . . . اميد ٿو رکان ته ٻيا ڪي ڀائر به اهڙن احوالن لکڻ جي ڪوشش ڪندا، متان هاڻي يا هن ان پوءِ، ائين سمجهڻ ۾ اچي ته سنڌ جي هاڻوڪن رهواسين ۾ ڪو اهڙو لائق، ڪمائتو ۽ مشهور ماڻهو ڪو نه ٿيو.“
وڏو ماڻهو ڪنهن کي چئجي؟ وڏو ماڻهو اُهو آهي، جنهن ۾ گهڻو ماڻهپو هجي. جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ڪونهي، تنهن کي فقط ماڻهو سڏڻ به غلط آهي- وڏ ماڻهپائي ته پري ٿي.انساناُهو آهي، جنهن ۾ انسانيت هجي؛ نه ته اُهو فقط عام م ساهه وارو، يا ٻه – پيرو جانور ٿيو! اُهو ماڻهپو، اُها انسانيت ڇا آهي؟ اُها فضيلت ۽ لياقت آهي، جا انسان جي ذاتي خاصيت آهي. ڪهڙي به وڏي اصل نسل جو ماڻهو هجي، ته به جي اُنهيءَ ۾ انساني فضيلت ۽ لياقت نه هوندي، ته اُنهيءَ کي وڏو ماڻهو نه چئبو، شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:

پسرِ نُوحَ، بابَدان بنشست،

خاندانِ نبوتش گُم شُد،
سگِ، اَصحاب کهف روزي چند،
پئي نيکان گرفت و مردم شُد

تنهن ڪري، انسان کي نه حسب نسب تي فخر ڪرڻ لازم آهي، نه ٻيءَ ڪنهن دنيائي نعمت يا دولت تي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڱي حال تي، يا مال تي، يا جمال تي فخر ڪرڻ بيسود آهي؛ ڇا لاءِ جو اُنهن شين کي جلد زوال آهي. هڪڙو فارسي بيت آهي ته:

برمال و جمالِ خويش مغرور مشو،
کانرا به شبي بُرند، واين را به تَبي.

يعني، مال ۽ جمال تي مغرور نه ٿيءُ، ڇا لاءِ جو مال هڪڙيءَ رات جي اندر گُم ٿئي ٿو (جيئن ته چور اُن کي نَين يا باهه ساڙي). ۽ جمال (يعني سونهن يا تندرستي وغيره) هڪڙي تپ (يا بيماريءَ) سان گُم ٿي سگهي ٿو. نڪي وري حسب نسب تي ماڻهوءَ جو شرف منحصر آهي، جو اُها ڌارين شيءِ آهي - - يعني ٻين جي، نه پنهنجيءَ جند جي. عربي قول آهي ته ”شرف الانسان بالعلم و الادب، لابالمال والنسب“ - يعني، انسان جو شرف، علم ۽ ادب جي ڪري آهي، نه مال ۽ حسب نسب ڪري. حضرت محمد ﷺ جن جي هڪڙي حديث آهي ته ”لاتاتوني بانسا بکم وائتوني باعمالکم“- يعني، مون وٽ پنهنجن نسبن سان نه اچو، پر پنهنجن افعالن ۽ اعمالن سان اچو. پاڻ پنهنجيءَ نياڻيءَ کي تاڪيد سان چيائون ته ’پنهنجي حسب نسب تي تعلق نه رکجئين، متان ڄاڻين ته آءٌ نبيءَ جي ڌيءَ آهيان، تنهنڪري ڇُٽي ويندينءَ، پر پنهنجيءَ ذاتي فضيلت ۽ ڪمائيءَ تي خيال رکجئين،‘
حافظ شيرازيءَ به ائين چيو اهي ته:

تاج شاهي طلبي، گوهر ذاتي بنما،
ور خود از گوهر جمشيد و فريدون باشي.

يعني، جيڪڏهن بادشاهي ڇَٽ گهر جيئي، ته پنهنجو ذات جوهر ڏيکار،

پوءِ ڀلي ته جمشيد ۽ فريدون جي نسل مان هجين! جڏهن پيغمبر ﷺ جي پياري اولاد کي حسب نسب تي فخر ڪرڻ لاءِ سبب ڪونهي، تڏهن ٻين رواجي ماڻهن جي لاءِ اُها ڪهڙي حجت ٿي سگهي ٿي! جناب مولا عليءَ جن جو هڪڙو سهڻو شعر آهي ته:

پُٽ آءٌ پنهنجي جند جو آهيان، ۽ نسب منهنجو ادب،
پوءِ عجم مان مَر هجان آءٌ، يا هجان آءٌ خود عرب،
مرد سو آهي، چوي جو ههڙو ههڙو آهيان آءٌ،
مرد سو ناهي، چوي جو ههڙو ههڙو منهنجو اَب.

حسب نسب تي، يعني پيءُ ڏاڏي تي فخر ڪرڻ، ڄڻ ته مئلن جي هڏن تي يا مٽيءَ جي ڍير تي فخر ڪرڻو آهي. دنيا ۾ حسب نسب گهڻي ڪم جو ڪو به ٿو ٿئي. انهيءَ تي زور ۽ زور به غالب ٿو ٿئي، علميت ۽ فضيلت ته پري رهي! جڏهن نادر شاهه دهلي فتح ڪئي، ۽ پوءِ سندس پُٽ رضا قلي مرزا جي شادي محمد شاهه مغل بادشاهه جي ڌيءَ سان ٿئي ٿي، تڏهن اُتي جي ماڻهن کي خبر هئي ته نادر شاهه ڪو وڏو بُڻائتو ماڻهو نه آهي، پر هڪڙي عام پوستين دوز جو پٽ آهي، جو همت ۽ بهادريءَ جي ڪري مشهور ۽ فتحمند ٿيو آهي؛ تنهن ڪري رضا قليءَ کي شرمندي ڪرڻ لاءِ چيائون ته ’شاهي رواج موجب، گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي پنهنجون پنهنجون ست پيڙهيون ٻڌائڻ ضروري آهن.‘ ڪنوار جي طرفان ته دهليءَ جي بادشاهن جا پُشت بپشت نالا وٺي ويا، پر گهوٽ جي طرفان رضاقلي مرزا، بنا هٻڪ حجاب، پنهنجي پيءُ جي فهمائش موجب چيو ته ”رضاقلي بن نادر، بن شمشير، بن شمشير، بن شمشير. . . .“ انهيءَ طرح سَت ئي پيڙهيون پاڻ کي ”تلوار“ جي نسل مان چئي ويو.“
تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته عام رواجي ۽ غريب ماڻهو، پنهنجيءَ ذاتي ليقت ۽ فضيلت جي ڪري، ملڪن ۾ مشهور ٿي ويا آهن. اصل نسل جي ڪنهن به پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪئي آهي، ۽ نه اهو ڪنهن کي ياد ئي آهي. ڪيترا نبي، اولياء، عالم، فاضل ۽ شاعر، غريب ڪاسبي ماڻهو ٿي گذريا آهن- ڪوري، موچي، رازا، واڌا، وغيره- جي دنيا ۾ لاثاني ٿي گذريا آهن- اُنهن جا مثال ڏيڻ ضرور ناهي، جو اُهي بيشمار آهن. اهو حال نه فقط مشرقي يا ايشيائي ملڪن ۽ قومن جو قديم وقت کان رهيو آهي، پر مغربي يا يورپي ملڪن ۽ قومن ۾ به- بلڪه اُنهن ۾ ته پاڻ هيٺئين درجي کان ٿي مٿي چڙهڻ ۽ پنهنجي محنت ۽ ڪشالي جي وسيلي نالي ڪڍڻ تي زياده فخر ڪندا آهن. اهڙا بيشمار مثال اُنهن ۾ لڀي سگهندا. هڪڙو چڱو مثال مشهور وڏي مشنري پادريءَ، ’وليم ڪيريءَ‘ ، جو بس آهي، جو اصل موچيءَ جو پٽ هو- ’وارڊ‘ نالي هڪڙو واڍي جو پٽ، ۽ ’مارشام‘ نالي هڪڙو ڪوريءَ جو پٽ، سندس مددگار هوندا هئا. اُنهن، هندستان جي ’سيرامپور‘ شهر ۾ اچي هڪڙو وڏو ڪاليج کوليو؛ ٻين سورهن هنڌن تي به تعليم جو عمدو بندوبست رکيائون، ۽ سورهن ديسي ٻولين ۾ بائيبل يا انجيل جو ترجمو ڪيائون. مطلب ته هندستان ۾ هُو نهايت مشهور شخص ٿي ويو. هو سڀ ڪنهن هنڌ پنهنجي موچيءَ جي پٽ هئڻ تي فخر ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، گورنر جنرل سان گڏ ماني ويٺي کاڌائين، ۽ گهڻا ٻيا وڏا ماڻهو به مانيءَ ۾ شامل هئا، ته هڪڙي صاحب، سندس آمهون سامهون ويٺل، پاسي واري صاحب کان آهستي پڇيو ته ’ڪيري، جو اڳي موچي هوندو هو، سو اهو آهي ڪيئن؟!‘ ٻئي جي جواب ڏيڻ کان اڳ، ڪيريءَ پاڻ هن جو سوال ٻڌي ورتو، ۽ وڏي سڏ جواب ڏيئي چوڻ لڳس ته .نه سئين! آءٌ فقط ڳلي دوز هوس؛ اڃا، پورو موچي نه ٿيو هوس.‘
بڪر واشنگٽن، آمريڪا جو غلام به، تعليم جي ڪم ۾ مشهور ٿيو. هڪڙو ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ ڏيکاريو اٿس ته هُو، غلام ڇوڪر ٿي ڪيئن وڏي فضيلت واري درجي کي پهتو!
سنڌ ۾، جو قديم مسلمان خاندان اڪثر زبونيءَ جي حالت کي اچي رسيا آهن، تن جو به هڪڙو وڏو سبب هيءُ آهي ته محنت، ڪشالي، پورهئي، ڌنڌي، ڪسب ۽ هنر کان هنن کي عار ٿو اچي، ۽ علميت، فضيلت ۽ لياقت حاصل ڪرڻ جي بدران رڳو پنهنجيءَ وڏ ماڻهپ ۽ پيءُ ڏاڏي جي فضيلت ۽ ليقت تي فخر ڪري، خراب حالت کي اچي رسيا آهن. هنن کي ايتري سمجهه نٿي اچي ته وڏا ماڻهو اُهي آهن، جن پاڻ کي وڏو ۽ مشهور ڪيو آهي، ۽ جن جي پٺيان سندن پويان، عزت ۽ آبرو حاصل ڪن ٿا؛ نه اُهي جي پاڻ ته ڪي ڪين ڄاڻن، پر رڳو پنهنجن وڏن جي فضيلت تي تعلق رکي، ٻٽاڪون هڻندا وتن. اهڙن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ته قران ۽ حديث موجب، ذاتي فضيلت تي فخر ڪرڻ گهرجي، نه اصل نسل يا حسب نسب تي. يعني، جيئن مٿي چيو ويو آهي تيئن، ’پنهنجو پُٽ ٿيڻ گهرجي ۽ نه پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو.‘ سچو پچو وڏو ماڻهو اُهو ئي آهي. اُنهيءَ بابت هيٺيون سنڌي شعر ٻڌائي بس ڪندس، جنهن مان پڙهندڙن کي چڱي نصيحت حاصل ٿي سگهندي:

پنهنجو پُٽ ٿيءُ، پيءُ جو پُٽ نه ٿِي،
پيءُ ۽ ڏاڏو ڇڏ، تون پنهنجو پاڻ جِي.
اصل توڙي نسل تي تون ڪر نه فخر،
ڪم ته اصل ۽ نسل ايندئي ڪينڪي.
ڳورپٽ ناهين، ڪُتو يا تون چراغ،
۽ نه ڳِجهه، تڏهن ڪر نه مُردن تي خوشي.
ڇو پَڏائين مُٺ هڏن جيءَ تي تون پاڻ؟
ڪي ڳَري ويا، ۽ ڪي پڻ ويندا ڳَري.
اصل کان شاهين آهين شاهباز،
تون اُڏُر اُڀ ڏي، نه پَٽَ تي پؤ ڪِري.
پيءُ ۽ ڏاڏو پنهنجو ڪر ’پنهنجا عمل‘
ڄڻِ عمل پڻ، تنهنجو سي اولاد ڀي.
هلندا پڻ تو سان اُهي ڏَنهن هُن جهان،
ٻيا ڇڏي هلندين هتي مائٽ مِڙئي.
نفسي نفسي سڀ قيمت ۾ ڪندا،
وسري اُت ويندي سڀئي مائٽي مٽي.
’اَب‘ ۽ ’جَد‘، ڪر پنهنجو ’اَبجد‘ اَي اَدا!
وَٺ نه ڪا علم ۽ عمل ري ڪا ڳُري.
جيئن رکيو نادر ٿئي پيءُ ڏاڏو ترار،
تيئن تون ڪر همت، ته هٿ شاهي ملئي.
پنهنجو شجرو ڇو ڪرين ٺاهي ڊگهو؟

ڪاغذي وڻ، ڦَرُ نه ڏيندو يا ڦري.
پيءُ فريدون، ڏاڏو خسرو ٿيو ته ڇا؟
ڪر پَڌر پنهنجو گهُرَ ذاتي ڪڍي.
پُڻ نه پيغمبر جو پڻ ٿو ڪم اچي،
نُوح جو پُٽ ڏس! ته آخر ويو هَڄي.
۽ ڪُتو جو ڪهف جي اصحاب جو،
ويو شرف ۾ پڻ مٿي اُن کان لنگهي.
ري عمل، حاصل نسب مان ڪين ٿئي،
آل پنهنجي کي چيو اِيئن ٿي نَبِي.
تڏهن اُمت اُن جي کي ڇا آهي حق،
جو پڏائي پنهنجو پيءُ- ڏاڏ وري؟
فخر نسبي ڇَڏ، ۽ ڪر ڪَسبي ”قليچ!“
آدميت ۽ شرافت ڪر صَحي.

- - والسلام.


[b] - اجمل بيگ ق. مرزا
[/b]حيدرآباد
12- جنوري سن 1965ع

____________
شمس العلماء جي پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ طرفان بعد ۾ ڳڻپ موجب: 457 ڪتاب. *

ديباچو

ڪيترن دوستن گهڻن ڏينھن کان مونکي پي چيو آھي تہ پنھنجي حياتي جو احوال پاڻ لک. انھن کي آءُ چوندو پي آيو آھيان تہ جيئري ماڻھوءَ جو احوال لکڻ اجايو آھي ٻيو خبر ناھي تہ ھنجي پڇاڙي ڪيئن ٿئي ۽ ھنجا خيال ۽ قول ۽ فعل ساڳيا رھن يا نہ. انھيءَ صورت ۾ سوانح عمري اڻ پوري چئبي. انھيءَ ھوندي بہ منھنجي دوست مسٽر ڀيرومل مھرچند مھرباني ڪري منھنجي حياتيءَ جو احوال لکيو ۽ انھيءَ جي ڇاپائڻ جو بندوبست بہ ڪيائين. پر وري بہ مون منع ڪي ۽ صلاح ڏنيس تہ اھو رکي ڇڏي ۽ منھنجي مرڻ کان پوءِ جي مناسب سمجهي تہ ڇاپائي پڌرو ڪري، پر انھي کان پوءِ وري منھنجي جهوني ۽ معزز دوست ديوان ڏيارام گدومل مونکي لکيو تہ ٻين گهڻن ڪتابن لکڻ کان پوءِ پنھنجي حياتيءَ جو احوال پنھنجي ھٿن سان ضرور لک. انھي جا سبب ھي معلوم ٿيا تہ گهڻن نامور ماڻھن ايئن ڪيو آھي انھي ۾ ڪو عيب ڪونھي، بلڪہ انھي مان ڪي فائدا آھن. ھڪڙو تہ پنھنجو لکيل احوال سچو ۽ صحيح شمار ۾ ايندو، ٻيو تہ انھيءَ ۾ جدا جدا ڳالھين تي ماڻھوءَ کي پنھنجن خيالن ۽ راين ظاھر ڪرڻ جو وجهہ ملندو. ٽيون تہ اھڙي لکيل احوال جي سندس اولاد ۽ اولاد جي اولاد کي پوري خبر پوندي ۽ ھو سندس مثال تي ھلندا ۽ سندس اصولن تي تعميل ڪري سگهندا. انھي ڪري مون انھي جي لکڻ ۾ ھٿ وڌو. حقيقت ڪري آءُ ننڍي ھوندي کان ھڪڙي ڊائري يا روزنامو رکندو اچان جنهن ۾ مکيه مکيه ڳالهيون داخل ڪندو اچان. پر اها ڊائري خانگي سمجهڻ گهرجي ۽ گهر جي ڀاتين يا اولاد جي لاءِ آهي، نه ٻاهرين لاءِ. انهيءَ ساڳئي مطلب لاءِ هڪڙو ٻيو ڪتاب به لکيو اٿم، جنهن جو نالو ”يادگيريون“ آهي، ۽ جنهن ۾ اڳوڻيون ياد ڪيل ڳالهيون لکيون ويون آهن، جي هاڻي بدلجي ويون آهن ۽ ننڍن جوانن کي معلوم نه هونديون؛ پر هاڻي جڏهن آءٌ پنهنجو احوال پاڻ لکان ٿو، تڏهن لاچار مون کي انهيءَ پنهنجي ڊائريءَ مان احوال ڪڍڻو پيو آهي، ۽ نه فقط پنهنجي جند جو پر پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ڀيڻن ۽ ٻئي ڪٽنب جو به احوال ڏيڻو پيو. اگرچ انهيءَ ۾ ڪي اهڙيون به ڳالهيون هيون جن جي لکڻ کان جيڪر گهڻين کي عار يا اعتراض اچي، پر تڏهن به سچي احوال لکڻ لاءِ ۽ پنهنجن سچن خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري آهي، پوءِ ڀلي ته انهيءَ جي نسبت ۾ ٻين جي راءِ مخالف هجي يا اُهي کلن. ساڳئي وقت ۾ ڪي هڙيون به ڳالهيون لکڻيون پيون آهن، جي پنهنجي تعريف ۾ داخل آهن ۽ اها ٻٽاڪ شمار ۾ ايندي؛ پر ائين ڪرڻ لاءچار ٿيو آهي ۽ ساڳئي مطلب لاءِ هيٺ پنهنجي نسبت ۾ ٻين جي چڱي راءِ به ڏني ويئي آهي، سا به انهيءَ ۾ داخل آهي.

ڪوڙي کي ٿي نِت گهر جي سفارش جي چٺي،
پنهنجي سدا تعريف مٺُءَ کي مون ڏٺي:
موتي ٿو سڃاپي پنهنجي تجلي منجهان پاڻ-
شَڪر به ڪڏهن چئي ٿي ته آءٌ آهيان مِٺي!

ماڻهو هميشہ خدا کان پڇاڙيءَ جو خير گهرندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”الاهي عاقبت محمود گردان!“ انسان ساري عمر ڪهڙو به خوش ۽ آسودو گذاري، ته به جيسين سندس حياتيءَ جي پڇاڙي موچاري نه هوندي، تيسين اِنهيءَ کي خوش نصيب چئي نه سگهبو. ڪهڙي خبر ته مرڻ کان اڳي هن جي حالت ڦري ٻي ٿي پوي؟ ديندار ڦري بي دين ٿي سگهي ٿو، دانا ڦري نادان ٿي سگهي ٿو، مظلوم ڦري ظالم ٿي سگهي ٿو، ۽ نيڪ بخت ڦري بدبخت ٿي سگهي ٿو. يوناني حڪيم سولن ۽ ڪريسيس بادشاهه جو قديم مشهور قصو انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتي آهي؛ تنهن ڪري جيئري ماڻهوءَ جو احوال سندس مرڻ کان اڳي لکيل اڻپورو سمجهڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ته اهو پير فرتوت هجي ۽ باقي حياتي ٿوري هجيس. اهڙو لکيل احوال ماڻهوءَ جي ماضيءَ ۽ حال جو سمجهڻ گهرجي؛ سندس مستقبل جو حال ٻين لاءِ ڇڏيل آهي.

انهيءَ طرح مون هي پنهنجي سوانح عمري لکي آهي ۽ اميد آهي ته جنهن مطلب لاءِ لکي ويئي آهي سو پورو ٿيندو. منهنجي عمر، هينئر ستر ورهيه آهي. باقي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ جو احوال ڪو گهڻو نه هوندو ۽ اهو آسانيءَ سان پنهنجي اولاد مان ڪو يا دوستن مان ڪو لکي سگهندو. هن احوال لکندي ضروري هنڌن تي پنهنجا ڪي شعر به ڏنا ويا آهن ته نثر جي ڦڪاڻ يا اَلوڻائيءَ سان گڏ نظم جي هراڻ ۽ شعر جي چاشني چکڻ ۾ اچي ۽ خلاصي باب ۾ پنهنجي شعر جا ڪي انتخاب به ڏيندس. جن بابت منهنجي احوال ۾ اشارا ڏنل آهن. انهن مان پڙهندڙن کي منهنجن عادتن ۽ راين ۽ خيالن جي ثابتي ۽ شاهدي به ملي سگهندي ۽ منهنجي شعر جي نموني جي به خبر پوندي ۽ هڪڙِ ئي باب ۾ شاعراني مضمون پڙهڻ ۽ انهيءَ مان لذت وٺڻ جو چڱو وجهه ملندو، جو منهنجا شعر جا ڪتاب گهڻا آهن.

جيڪا آءٌ لکان، ڪريان ڪا گفتار،
مَثَل آڻيان آءٌ شعر پنهنجي مان ٿو لاچار،
تا خلق نمونو شعر منهنجي جو ڏسي؛
چيو ٿن آهي ”يَڪ مُشت، نمونه خروار.“

انهيءَ کان پوءِ ٻئي باب ۾ وري منهنجيءَ نسبت ۾ يا منهنجن ڪمن ۽ تصنيفن جي نسبت ۾ ۽ منهنجيءَ نوڪريءَ جي نسبت ۾ يا خلق جي خدمت چاڪريءَ جي نسبت ۾ جيڪي سرڪاري عهديدارن ۽ ٻين صاحبن چيو آهي تنهن جا ڪي خط ۽ انتخاب ڏيندي، جن مان گهڻا انگريزي آهن، جن جا جنسي نقل *به ڏيندس ۽ انهن جي پٺيان مختصر سنڌي مطلب به ڏيندس. اهي ڄڻ ته مليل سرٽيفڪيٽ آهن، جي هينئر مون کي گهڻي ڪم جا ناهن پر شايد منهنجي نسبت ۾ سنڌ جا شاعرن، جدا جدا هنڌن تان جيڪي عربي، فارسي ۽ اردو سنڌيءَ ۾ شعر، وقت بوقت پئي چيا آهن، سي جدا هڪڙي فائيل ۾ گڏ رکيا ويا آهن، جي ٻين خطن ۽ انتخابن وانگي هتي ڏيئي نٿا سگهجن، اگرچه انهن جي شعر جي نزاڪت پڙهڻ جي لائق آهي. ضميمي ۾ پنهنجو شجرو ۽ پنهنجن ڪتابن جا نالا ڏيندس. اگرچ انهن جو ضرور ڪونهي.

هوئي جوهر ذاتيءَ جو جنهين کي بهرو-
ڏيکاري نشان اهڙو اُن جو چهرو.
ڇو شجرو ڊگهو بنائي پنهنجو ماڻهو!-
ڇو پنهنجي وڏن جي ڏئي هڏن تي پهرو؟

[b]- قليچ بيگ
[/b]


حيدرآباد، سنڌ
آگسٽ 1923ع
____________
* ڏسو باب ٻارهين جي مُهڙ ۾ نوٽ (ناشر).

باب پهريون: منهنجو اصل نسل ۽ وڏن جو احوال

وڏا مائٽ ٻه ٿيندا آهن- هڪڙو ڏاڏو ۽ ٻيو نانو، يعني ڪهڙو پيءُ جو پيءُ ۽ ٻيو ماءُ جو پيءُ، منهنجي پيءُ جو نالو ميرزا ”فريدون بيگ“ هو، مگر منهنجي ڏاڏي جي مون کي خبر ڪانهي ۽ نه منهنجي پيءُ کي انهيءَ جي نالي جي خبر هئي، منهنجي ناني جو نالو مير ” خسرو بيگ، هو منهنجي والد جو احوال سندس زباني مون فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ منهنجي ناني جو احوال به فارسي ۾ ليکل هو، جو مون انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي، اهو احوال مختصر طرح منهنجي سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ۾ ڏنل آهي ۽ سرڪاري سنڌ گزينيئر ۾ به آهي (ڏسو باب 12، انتخاب نمبر 1) ۽ سنڌ بابت انگريزن جي لکيل ڪتاب ۾ به آهي، هنن مان معلوم ٿيندو ته منهنجو نانو ۽ منهنجي پيءُ ٻئي اصل جارجيا يا گرجستان جي گاديجي هنڌ، ٽفلس، شهر جا ويٺل هئا ۽ اتي ڄاوا هئا، تنهن ڪري ”گرجي“ يا ”جارجين“ سڏبا هئا۽ اسين سندن اولاد، اڃا تائين ”گرمي مرزا“ سڏبا آهيون، ٻيا سنڌ يا هند جا مرزا، اڪثر مغل يا ٻي ذات جا آهن، تن ڏينهن گرجستان، روس يا رشيا جي بادشاهه جي هٿ ۾ هو ۽ ايران جي بادشاهه جي اڪثر هن سان جنگ رهندي هئي ۽ گرجستان تي ڪاهون ٿينديون هيون، اهڙي هڪڙيءَ جنگ ۾ سن 1797ع ڌاري، منهنجي ناني ۽ بابي جا والد مارجي ويا ۽ هو پاڻ ٻين ڪيترن وڏن ننڍن گرجين، مڙسن ۽ زالن وانگي قيد ٿي ويا ۽ ايرانين پنهنجي ملڪ ايران ۾ آڻي پهچايا، جتي ڳچ مدت، هنن پرورش ۽ تعليم پاتي، هوستن اٺن ورهين جي عمر ۾ گرفتار ٿيا،نانو طهران ۾ رهيو ۽ بابو پهرين تبريز ۾ هو ۽ پوءِ اصفهان ۾ آيو، جن ڏينهين سنڌ جي گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ٽالپر هو، تن ڏينهين هو ٻئي سنڌ ۾ آيا، پهرين نانو آيو، جو مير صاحب جي وڪيل هٿان ايران جي شاهه ۽ وزير جي معرفت تحفو ٿي مير صاحب وٽ آيو، جنهن هن کي پنهنجو پٽيلو يا گو جو پٽ ڪيو، جو کيس ٻيو اولاد ڪو نه هو، نانو سن 1805ع ۾ حيدرآباد ۾ آيو، تڏهن سندس عمر 15 ورهيه هئي ۽ بابو انهي کان پوءِ ڀرو ٻئي وڪيل سان آيو، جڏهن سندس عمر ڏهه ورهيه مس هئي، مير صاحب هنن کي پالي وڏو ڪيو، ۽ گهڻو مان ڏيندو هون، ناني وڏو درجو پاتو ۽ سندس مفصل احوال ”سنڌ جي تاريخ“ ۽ سندس سوانحعمري مان معلوم ٿيندو، آخر ناني انگريزن جي صاحبيءَ ۾ سن 1860ع ۾ 70 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ بابي سن 1871ع ۾ 57 ورهين جي عمر ۾ ناني جي وفات مهل آئون اٽڪل نون ورهين جو هوس ۽ سندس مون کي چٽي يادگيري آهي.
انهيءَ وقت ڌاري سنڌ ۾ ٻه ٽي ٻيا به گرجي آيا، جي مير صاحبن وٽ رهيا، جيئن ته مرزا محمد باقر بيگ، جو پوءِ مانجهو اچي رهيو ۽ مرزا قربان علي بيگ جو پوءِ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ اچي رهيو ۽ مرزا يوسف، جو حيدرآباد ۾ مير صاحبنجي قبن وٽ اچي رهيا.
نانو سنڌ ۾ اڳي آيو هو۽ بابو پوءِ آيو ۽ کانئسن ننڍو هو، پر رهندو وٽس هو، يعني ٻئي گڏ رهندا هئا، ۽ هڪڙي ڌڻي وٽ وري به اچي گڌ ٿيا، تنهن ڪري سندس هڪ ٻئي سان گهڻي محبت هوندي هئي، پڇاڙي تائين پاڻ ۾ گڌ رهندا آيا، ۽ هڪ ٻئي جي صحبت ۾ رهيا ۽ پڙهڻ لکڻ جو ڪم ڪندا رهيا، ناني پنهنجي نياڻي بابي کي پرڻائي، جنهن مان اسين پيدا ٿياسين، ميرن جي صاحبيءَ ۾ هو ٻئي حيدرآباد جي ڪوٽ جي اندر رهندا هئا، جتي مير صاحب ۽ سندس ديرا هئا، صاحبي ڦٽڻ وقت يعني 1843ع ۾ اسان جن مائٽن کي وري شروع ٿي، ميرن سان گڏ پهرين ناني مرحوم کي به قيد ڪري ڪلڪتي ٿي نيائون، پر پوءِ ميرن جي ديرن جي سنڀال هن کي هتي ڇڏي ڏيڻ ضروري ٿين، جڏهن حيدرآباد جو ڪوٽ انگريز سرڪار هٿ ڪيو، تڏهن اسان جا مائٽ يعني بابو، نانو ۽ سندس ڪٽنب، سائنيداد جي ٽنڊي ۾ وڃي ويٺا، انهي ڀاجھ ۾ اسن جي توڙي ٻين ڪوٽ ۾ رهڻ وارن جي گهڻي دولت زيان ٿي، ڪجهه سامان اندران ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ ۾ ڪجهه ٻين وٽ امانت رکڻ ۾ ۽ ڪجهه زمين اندر پورڻ ۾.
سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڪچن گهرن ۾ وڃي رهيا، جن کي هڪڙي ڏينهن اوچتو اچي باهه لڳي، جا ٽي ڏينهن برابر پئي ٻري، ڏاڍي مشڪلات سان ماڻهن جان بچائي، ڪيترو قيمتي مال، ڪپڙا، جواهر ۽ موتي سڙي چٽ ٿي ويا، سڙيل موتي ڇڄن جا ڇڄ نڪتا، جن سان پوءِ اسين ٻار نراد پيا ڪندا هئاسين، باهه کانپوءِ مير ڪرم علي خان جا ديرا ۽ ساڻن گڏ بابو ۽ نانو به لڏي اچي مير محمود جي ٽنڊي ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي يعني آغا جي ٽندي ۽ يوسف جي ٽنڊي جي وچ تي اچي ويٺا، پوءِ اتان ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ نواب محمد خان ٽوڙهي جي جاگير ۾ اچي ويٺا، جتي اڃا تائين اسين رهندا اچون، اتي اڃا تائين هڪڙي ڦٽل ڪوٽ آهي، جنهن ۾ مير ڪرم علي خان جا ٽي ديرا رهندا هئا، نانو، بابو ۽ ٻيا سندن ماڻهو ڪوٽ جي اولهه طرف انهيءَ ساڳي زمين تي رهندا هئا، جتي اڃا تائين رهندا اچن، منهنجو وڏو ڀاءُ مرزا غلام رضا بيگ حيدرآباد جي ڪوٽ ۾ ميرن جي صاحبيءَ ۾ سن 1842ع ۾ ڄائو ۽ انهي کين ننڍي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ سن 1845ع ۾ سائينداد جي ٽنڊي ۾ ڄائو هو ۽ اسين ٻيا سڀ ڀائر ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پيدا ٿياسين.
جيسين نانو مرحوم حيات هو، تيسين بابو مرحوم گهڻو وقت سندس صحبت ۾ رهندو هو، مون کي ياد آهي ته نانو ورهين جي ورهيه بستر نشين هو ۽ بيمار پيو هوندو هو، ناني جي وفات کانپوءِ بابو اٻاڻڪو گذاريندو هو، پر ٻيا سندس واقف ۽ دوست جيئن آغا زين العابدين شاهه ۽ ٻيا حيا هئا ۽ ٻار ٻچا به هئس، تن سان وندر رهندي هيس، باغ رکڻ جو شوق گهڻو هوندو هوس، لکڻ پڙِهڻ جو ڪم گهڻو ڪندو هو، ٻين به گهڻن هنرن جي مشغولي هوندي هيس، سندس اخلاق ۽ اوصاف جي خبر ٿوري گهڻي منهنجي تاريخي قصيدي مان پوندي، جو سندس وفات مهل لکيو هوم ۽ جو منهنجي ڪتاب ”سوادي خام“ ۾ ڏنل آهي، جيتوڻيڪ ڪا نوڪري ڪا نه هيس ۽ نه وري ٻي ڪا گهني پيدائش هيس، ته به اهڙي تجويز سان گهر جو ڪار خانو هلندو هو، جو آبروسان پيو وقت گذرندو هو، انهن سڪار هو ۽ سڀ شئي سهانگي هئي،اڳوڻا رهيل زيور ۽ جواهر به نيڪال پيا ڪندا هئا، پر قرض کڻڻ کان بابو گوشو ڪندو هو، جيڪڏهن انگريز سرڪار جي نوڪري ڪرڻ گهري ها ته بلڪل آبرو جهڙي جاءِ مليس هائ جو سرڪار کيس منٿون ڪندي هئي، پر ناني ۽ بابي نوڪري ڪرڻ جو ارادو اصل ڇڏي ڏنو هو، اسان جي والده سن 1872ع ۾ وفات ڪئي، انهي وقت اسين پاڻ ۾ست ڀائر ۽ ٻه ڀيڻو هئاسين ۽ سڀ پاڻ ۾ گڏ رهندا هئاسون، ادي مرزا غلام رضا بيگ جي شادي، بابي پنهنجي حياتي ۾ پنهنجي پاڙيسري مين ابرهيم جي گهران ڪرائي هئي، انهيءُ مائي جي مرڻ کانپوءِ سندس ٻي شادي مرحوم مرزا قربان علي بيگ جي گهران امان جي ڏينهن ۾ ٿي، امان جي حياتيءَ ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ جي شادي مرزا رستم، قبي واري جي گهران ٿي، اسان ٻين سڀني جون شاديون پوءِ ٿيون پهرين منهنجا ٻئي وڏا باءُ ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ آيا، آخوند محمد شفيع وٽ پڙهندا هئا ۽ آءُ به اتي پڙهندو هوس، پوءِ صاحبلوڪن جي صلاح سان ناني جي حياتيءَ ۾منهنجا ٻئي وڏا ڀائر انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريا ويا، مسٽر وشنو گهنشام مرهٽو، تڏهن هيڊ ماستر هو، ڪن ورهين کان پوءِ هو مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪري بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهڻ ويا، ۽ اسين ننڍا وري پهرين حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳاسين ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وياسين، انهي مان معلوم ٿيندو ته بابي کي اسان جي تعليم جي ڪيتري ڳڻتي ۽ ڪوشش هوندي هئي؟ هو ڪم وسعتيءَ ڪري به اهو سڀ بندوبست پورو رکندو آيو، انهي وقت مسلماني خاندان اڪٽر نه فقط انگريزي تعليم کان پر سنڌي تعليم کان به عار ڪندا هئا، ماڻهن کي حيراني هوندي ته گهڻي پيدائش کان سواءِ اهو سڀ بندوبست اسين ڪئين ڪري ٿي سگهياسين؟ انهي وقت جا اشارا منهنجي ليکل ناول ”زينت“ مان به معلوم ٿي سگهندا.
بابي جي وفات کان ٿورو اڳ ۽ سندس بيماريءَ جي وقت ۾ ادو مرزا غلام رِا بيگ ڪاليج ڇڏي آيو ۽ فقط ادو مرزا صادق علي بيگ ڪاليج ۾ پرشن فيلو هو، امان جي وفات مهل وري منهنجا ٻئي وڏا ڀائر گهرن هئا ۽ آءُ بمبئي جي ڪاليج ۾ هوس، امان جي وفات کان ٽئي ڏينهن اڳ اچي پهتس ۽ اچي پٿر ۾ ٽيجهي جي مانيءُ ۾ شامل ٿيس، امان پهرين فقط قرآن پڙهي ڄاڻندي هئي پر پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ فارسي ۽ سنڌي پڙهڻ جو شوق ٿيس ۽ لکڻ به سکي، شاهه جو رسالو گهڻو پڙهندي هئي ۽ اسان ڏي خط پٽ به چڱا لکندي هئي، امان ڏاڍي زبردست دهشت واري، آزمود گار ۽ سمجهه واري زال هئي، منجهس جرئت ۽ همت ناني مرحوم واري هوندي هئي، خانگي ڪمن توڙي رسمن راهن جي بجاءِ آوري لاءِ عزيز خويش ۽ ٻيا اوڙي پاڙي وارا هميشه سندس صلاح مصلحت پڇندا هئا ۽ ساڻس مشورا ڪندا هئا، جيتري محبت هن کي پنهنجي اولاد سان هئي اوتري ڪنهن ٻي ماءُ جي ٿوري هوندي، بابي جو به ساڳيو اهڙو حال هو، هنن کي شادي کانپوءِ اولاد ڪو نه ٿي بچيو، جڏهن ادو غلام رضا بيگ ڄائو تڏهن انهي جي لاءِ ڏاڍا سهج ۽ سڳڻ ساٺ ڪيائون، بلڪه سنڌ جي ماڻهن جي چوڻ تي ننڍي هوندي هن کي نڪ ۾ نٿ به وڌائون، ته من ڌيءَ شمار ۾ اچي ۽ نظر نه لڳيس ۽ بچي پوي، تنهن ڪري گهڻ ورهين تائين ننڍي هوندي هن کي نٿو سڏيندا هئا، يعني نٿ وارو جڏهن گهڻا ٻار ٿين تڏهن سڀني سان هڪ جهڙي محبت هيس، ستن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن هوندي به پوءِ جڏهن هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ستت ئي مري ويو، تڏهن هنن کي ڏاڍو ارمان ۽ ڏک ٿيو ۽ چيائون پئي ته هاو به جيئرو رهي ها ته چڱو هو! امان جي محبت جو هڪڙو مثال مون کي ياد آهي، اسين اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئاسي ته پهرين جمعي نالي ۽ پوءِ خميسي نالي ٻه ٻڍا نوڪر اسان سان گڏجي هلندا هئا، هو سارو ڏينهن اتي اسڪول ۾ ويٺا هوندا هئا ۽ شام جو موٽي اسان سان گڏجي ايندا هئا، هڪڙي ڏينهن ڪنهن سبب ڪري شام جو دير ٿي ويئي ۽ اسين وقت تي گهر نه آياسين ۽ سج به لهي ويو، رستي ۾ بازيگرن جي بازي ڏسندي ڪنهن ڳنڍي ڇوڙ منهنجي کيسي مان چار ٽڪا ڪڍي ورتا، اوڏيءَ مهل ڪنهن پوليس واري انهي کي ڏسي ورتو ۽ وڃي پڪڙيائينس ۽ اسان کي چاوڙيءَ تي وڃڻو پيو، انهي تپاس ڪري دير ٿي ويئي هئي، اها خبر شايد اڳواٽ پڇا ڪندي گهر پئجي وئي، امان ويچاري دير جي ڪري پوليس جو ٻڌي اهڙي بي آزام ٿي جو جڏهن منهنجي اچڻ جو ٻڌائين تڏهن پاڻ گهر کان ٻاهر بيهوشن وانگي، ٻاهرئين در وٽ اچي مون کي گڏي ۽ چميون ڏيئي ڀاڪر وجهي اندر وٺي ويئي، ان وقت نوڪرن جو سماءَ به ڪو نه رهيس، اهڙا گهڻا مثال پنهنجي ماءُ ۽ پيٽ جي محبت جا جيڪر ڏيئي سگهان.
امان جي وفات مهل فقط منهنجو وڏو ڀاءُ نوڪريءَ ۾ هو ءٌ حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر هو ۽ اسي رپيا پگهار ٿي مليس، تنهن ڪري اسان سڀني جو گذر انهيءَ تي هو ۽ انهي وقت جي نظر تي، اسان سکيو پئي گذاريو، امان کي اسان جن ٻن ڀيڻن جي شادي جي گهڻي ڳڻتي هوندي هئي، سندس گهڻي خواهش هئي ته جيئن پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجن ٻن پٽن جي شادي ڪئي هئائين، تيئن ٻنهي ڌين جي به ڪري پر قسمت ۾ ائين لکيل نه هو، اهي ٻئي شاديون کانئسن پوءِ ٿيون، ٻي ڪا به ڳڻتي ڪا نه هيس، هر طرح خدا ۾ اميد هيس ته سندس پٽن ما ڪي ساماڻا آهن، جي پاڻهي پوين جي سنڀال ڪندا، ساڳي طرح بابو مرحوم به وفات مهل بلڪل خوش هو ۽ خدا ۾ اميد هيس ته وڏا پٽ صالح ۽ قابل ٿيا آهن، پاڻهي ننڍن جي گهر جي سنڀال ڪندا، بابي جي وفات مهل آءُ حاضر هوس ۽ منهنجا وڏا ڀائر بمبئي ۾ هئا، مون کي يا آهي ته امان سندس مرڻ کان لحظو اڳ گهني ڏک مان پڇيس ته ”اوهين پاڻ ته وڃو ٿا مون کي ۽ ٻارن کي ڪنهن جي حوالي ڪري ٿا وڃو؟ پاڙي اوڙي ۽ عزيزن خويشن جو حال ته سجھو سجهيو ٿو! تنهن تي چيائين ته ”اوهين سڀني کي خدا جي حوالي ٿو ڪريان،، انهي جي مون کي وڏي خاطري ۽ تلسي آهي، پڇاڙيءَ تائين هوش ۾ هو، دم نڪرڻ وقت منهنجن ڀائرن کي ڏاڍو ياد ڪيائين ۽ اشاري سان سندس تصوير جا سامهونڀت تي ٽنگيل هئي، سا گهريائين تصوير هٿ ۾ جلهي کلي هڪدم ليٽي پيو ۽ دم ڏنائين، ۽ اها کل به سندسچپن تائين رهجي ويئي، جا غسل ڏيڻ مهل به پئي ڏٺي! بابي جي محبت پنهنجي اولاد سان انهي حد تي هئي جو جڏهن منهنجا ٻه ڀائر بمبئي ايندا ويندا هئا تڏهن پاڻ اڪٽر هنن سان گڏ ويندو هو، ڪوٽڙي ۾ ڪراچي واري ريل گاڏي تڏهن تازي جاري ٿي هئي، پاڻ ڪڏهن ڪوٽڙيءَ تائين ۽ ڪڏهن ڪراچيءَ تائين ويندو هو ۽ هنن جي اچڻ مهل به سندن وٺڻ لاءِ اتي ويندو هو ۽ هميشه هنن جي خطن جو انتظار ڪڍندو هو ۽ خوشيءَ سان هنن ڏي فارسيءَ ۾ خط لکندو هو، مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري ادي مرزا صادق علي بيگ جو خط، عربي ٻولي ۾ لکيل وٽس آيو، جو منهنجي ڀائرن ڪاليج ۾ عربي ٻولي ٿي پڙهي، آرڙهه جي ٻنپهرن جو وقت هو، اهو خط پڙهي اهڙو خوش ٿيو جو اکين مان پاڻي اچي ويس، هڪدم سنڀري آخوند محمد شفيع وٽ ويو، جو ڳوٺ ۾ اسان جو مڪتب پڙهائيندو هو، آءُ به ساڻس هوس، آخوند عربي ڄاڻيندڙ هو، تنهن کي خط ڏيکاريائين، جنهن پڙهي گهڻي تعريب ڪئي، پوءِ ٿوري وقت کانپوءِ موٽي گهر آيو ۽ عربيءَ ۾ انهي خط جو جواب لکي موڪليائين.
ادي مرزا غلام رضا بيگ جي پهرين شادي کان ٿورو اڳ بابو بمبئي ويو هو تڏهن آگبوٽ ڪين هئا، جهاز ۾ ويو هو، نانو مرحوم تڏهن حيات هو، انهي به بمبئي مان گهڻو سامان، ڪپڙو وغيره گهرايو هو، جو سندس پٽ مرزا غلام مرتضيٰ جي شادي ٿيڻي هئي، هڪڙو نوڪر ساڻ هو،س ڻه چار مهينا اتي رهڻا پيس، سندس غير حاضري ۾ نانو مرحوم پنهنجو ٽ مامو مرزا محمد رحيم بيگ اسان جي گهرسمهڻ لاءِ موڪليندو هو، بابي جي غير حاِضري ۾ ادو جعفر قلي ڄائو هو، سن 1858ع ۾) جنهن جي مبارڪباد ڏانهس لکي ويئي هئي.
ناني مرحوم جي امان سان توڙي سندس اولاد سان يعني اسان سان نهايت گهني محبت هئي، ڪنهن به طره پنهنجي اولاد کي گهٽ نه هئي، شي شل يا نوان تحفا جڏهن وٽس ايندا هئا تڏهن اسان کي پنهنجي پٽن ۽ انهن جي اولاد کي سڏائي روبرو ويهاري اهي وراهي ڏياريندو هو، جي باغن مان ڪو ميرو ايندو هو ته اهو به اسان جي گهر موڪلي ڏيندو هو، اسان جي ناني مرحوم جي بيماريءَ ۾ سندس خدمت چاڪري ڪندي هئي، توشاد خانو سندس حوالي هو، نانو قابل حڪيم هو ۽ مفت دوائون ڏيندو هو، دوائون ولايتن کان گهرائي پاڻ وٽ موجود رکندو هو ۽ جوڙائيندو هو، انهي ڪم ۾ ناني گهڻي مدد ڏيندي هئس ۽ سندس ڏنل نسخن تي قسمين قسمين جون معجونون، حلوا موم روغن ۽ عرق جوڙيندي هئي، جنهن ڪري هوءِ پاڻ به طبيبڻ ٿي پئي، نماز ۽ قرآن جي گهڻي مشغولي هوندي هيس، ڳوٺ جون زالون دوا درمل لاءِ ناني وٽ اينديون هيون، فرصت جي وقت سئي جو ڪم به ڪندي هئي، ناني جي وفات کانپوءِ ناني اچي اسان جي گهررهي، تڏهن به کاڌو پيتو ڪپڙو گندي پنهنجي خرچ تي ڪندي هئي ته متان ماڻهو چون ته ناٺي جي در تي پئي آهي، ۽ انهي جو ٿي کائي.
مٿي چيو ويو آهي ته بابي ۽ امان وٽ گهڻي دولت نه هئي، بابي جي وفات کانپوءِ امان ۽ اسان جي وڏي ڀيڻ ۽ اسان جون ٻه ٻانهيون يعني دائي گلچمن جا حبشياڻي هئي ۽ دائي زعفران جا شيدياڻي هئي، سي گهر جي ڪم ڪار ۾ رهنديون هيون، امان ۽ ادي سئي ۽ زري جو ڪم چڱو ڪنديون هيون ۽ انهي مان موچاري پيدائش ٿيندي هين، اهڙي پورهئي ڪرڻ کي عيب نه ڄاڻنديون هيون، پنهنجي هٿن سان چرخو به ڪتينديون هيون، ڪپهه جي ڦٽين ٽاڻڻ جون آرٽڙيون به هلائينديون هيون، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن جنڊ به پيهنديون هيون، ۽ ماني به رڌينديون هيون، ٿوري پيدائش جي ڪري بابو ۽ امان جيتري ڪفايت ۽ قناعت ٿي سگهندي هئي، اوتري ڪندا هئا، بابو پنهنجن هٿن سان ٻارن لاءِ ٽوپيون جوڙيندو هو ۽ پنهنجي لاءِ بعضي پاڻ ڪپڙا به سبندو هو، ڪفايت ۽ قناعت جي ڪري اسان جي سادي هلت تي ڪري پاڙيوارا ۽ عزيز کندا ۽ ٽوڪون به ڪندا هئا، ته به اسان مان ڪو انهي تي ڌيان نه ڏيندو هو، گهڻ کي ته حيرت لڳندي هئي ته ڪيئن هي اندر توڙي ٻاهر عزت آبرو سان پيا گذارين، اندر ٻاهر جي لاءِ نوڪر به رکن، صاف پڪٽا به ڍڪين، ٻار به اسڪول ۾ موڪلين، بلڪه بمبئي تائين به انهن کي موڪلين ۽ شادي مرادي وقت دستوري پئسو پنجڙ به ڏين وٺن ۽ اٿن ويهن، بابي پهرين ٻاهر ڪهڙي اوطاق هئي جا ڊهي وئي، انهي کانپوءِ ناني مرحوم جي در واري اوطاق ۾ صبح جو ۽ شام جو اچي ويهندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ميان عافيت حبشي ناظر جي اوطاق ۾ شطرنج ۽ چوپٽ رانديگر اچي ساڻس اها راند ڪندا هئا، مير حسين علي خان جي ڪلڪتي کان موٽي اچڻ کانپوءِ هو بابي کي ٽيهه رپيا درما هو ڏيندو هو، جا انهن ڏينهن ۾ معقول رصم شمار ۾ ايندي هئي، ۽ بابو ڪڏهن ڪڏهن وڃي مير صاحب وٽان ٿي ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن مير صاحب جو ڪو ڪتاب نقل ڪندو هو، ڪن ڏينهن کانپوءِ بابي پنهجي گهر جي اولهه طرف نئين اوطاق ٺهرائي ۽ گهر جو دروازو به اوڀر پاسي کان بدلائي اولهه ڏي ڪيائين، جتان اڃا تائين آهي، اها اوطاق ادي مرزا علي قلي بيگ شادي ڪرڻ کانپوءِ ڦيرائي پنهنجو گهر ڪيو ۽ ادي غلام بيگ ۽ صادق علي بيگ انهيءَ جي اولهه ڏي ٻي نئين اوطاق بنائي جا اڃا هلي اچي.
بابو، اسر جو سوير اٿندو هو ۽ نماز ۽ قرآن ۽ وظيفن پڙهڻ کانپوءِ اٺين نائين بجي ڌاري سنبري پنهنجي جاءِ کان ٻاهر ايندو هو، گهر ۾ ڪهڙي جاءِ خلاصي سندس رهن جي هوندي هئي، پهرين ڏينهن ۾ هو سنڌي ميراڻي ٽوپي ڍڪيندو هو ۽ پوءِ لنگي جو پٽڪو ٻڌڻ وارن جي ڏاڍي سنڀال ڪندو هو، وچ مٿي تي گهڻو وار نه هوندو هو، اڇا ٿورا پيا هئس، پر اهي نه ڪڍائيندو هو، نه ڪيس ڪندو هو ۽ نڪي وار ڪترائيندو هو، گهڻو ڪري ٻاهر نڪرڻ مهل ڪو ڪتاب پاڻ سان کڻي نڪرندو هو، جو ويٺو مطالع ڪندو هو، باغ رکڻ جو گهڻو شوق هوندو هوس، پراڻي ڦليلي جي ڪناري تي ڳوٺ جي ڏکڻ ڏي هڪڙو باغ رکيائين جنهن ۾ ڏيهاڙي وڃي هٿن سان ڪم ڪندو هو ۽ باغائي کان به ڪم وٺندو هو، ڏاڍو عمدو باغ ٿيو هو، جو پوءِ وڪامي ويو ۽ هاڻي اتي ٻني آهي، جنهن ۾ اڃا انهي باغ جا ڪي وڻ نشانيءَ وانگي بيٺل آهن، انهني جي ويجهو پوءِ وري ادي مرزا صادق علي بيگ ٻيو نئون باغيچو رکيو، جو اڃا هليو اچي.
ٻنپهرن کان ٿورو اڳي بابو گهر ايندو هو، آرڙهه جي ڏينهن ۾ مانيءِ کانپوءِ سمهي آرام ڪندو هو، اڳين جي وقت اٿي نماز پڙهي وري به ٻاهر ويندو هو ۽ وري شام جو گهر ايندو هو، سومهڻي تائين نماز ۽ وظيفي ۾ گذاريندو هو ۽ پوءِ ماني کائي سمهندو هو، سمهڻ مهل حقو ڇڪيندو هو، پر حقي جي ڏاڍي صفائي ۽ پوشيدگي رکندو هو، پنهنجي هٿ سان ڳڙا ڪو ٺاهي ٽانڊو چاڙهي ڇڪيندو هو، امان ۽ ناني بم چلم ڇڪينديون هيون، ناني ناس به ڏيندي هئي، بابي کي ڪبوترن ۽ ٻين پکين رکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، عمدا عمدا ڪبوتر هٿ ڪري رکندو هو، پکي قمريون، چيها، چتون ۽ نوريون رکندو هو، ناني مرحوم کي به اهڙو ساڳيو شوق هو، بابي کي هنرن جو گهڻو شوق هوندو هو، سبڻ ڀرڻ به ڄاڻيندو هو، پر واڍڪي ڪم مان به واقف هو، ۽ اهي سڀ اوزار وٽس رهندا هئا، جنڊي جو ڪم به سکيو ۽ دٻليون، گنج، پيچڪون ۽ ٻيون شيون به جوڙيندو هو، کيس ڏسي جنڊي جو ڪم ادي مرزا غلام رِضا ۽ سکيو ۽ پوءِ آءُ به سکيس، باغ ۾ ننڍا ڪدو پوکي انهن مان ننڍيون ناس جي لاءِ بلاغون ٺاهيائين ۽ انهن تي ولين به بيٺي لوهه جي تار جا کوپا چاڙهي ڦاڪدار ڪيائين ۽ پوءِ ڇني انهن تي نقش نگار ڪڍي رنگ ڏئي عمديون سوکڙيون ڪري هلايائين، نقاشي ۽ ڪمانگري جو ڪم ۽ ڪيچني سان ڪاغذن ڪترڻ جو ڪم نهايت نزاڪت سان ڪندو هو، تڪلون ۽ پتنگ، تمام عمدا ٺاهيندو هو، ۽ مٿس ڪتر جا عجيب گل ٺاهي هڻندو هو، مير حسين علي خان کي سندس پٽ مير نور محمد لاءِ ڪهڙو وڏو پتنگ جوڙي ڏنائين جنهن تي ڪيچني جو نهايت عجيب ڪم رکيل هو، وچ ۾ هڪڙو وڏو مور ڪتريل ۽ چنبڙيل هو، جو مٿان پڇ ٽيڙِي بيٺو هو، سڄي پتنگ تي پنن ۽ گلن جو نازڪ ڪم ٿيل هو، اهڙو چڱو ڪم هو، جو مير صاحب اڏائڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي بنگلي ۾ ٽنگائي ڇڏيائين، جتي ماڻهو اچي ڏسندا هئا ۽ تعريف ڪندا هئا، بابو راڳ جو به شوق هئس ۽ چڱو ڳائي ڄاڻندو هو، جواني ۾ طنبور ۽ ڪن ٻين سازن وڄائڻ جو به شوق هئس، اکر فارسي ۽ عربي تمام چڱا لکندو هو، اگرچ لکڻ مهل رعشي کان سندس هٿ پيو ڏڪندو هو، ته به تمام چڱا خوشنويس هو، سندس لکيل قرآن ۽ ٻيا ڪتاب اڃا موجود آهن، طبابت جو شوق هئس ۽ طب جا ڪتاب ڏسندو هو ۽ دوائون ڪندو هو، رمل جو علم ڄاڻندو هو ۽ فالون وجهندو هو ۽ تعويذ پڻ لکندو هو، شعر پڙهڻ جو گهڻو شوق هئس، ساري عمر انهي ۾ گذاريائين، گهڻ شاعرن جا ڪتاب پڙهيائين ۽ اڪثر ناني مرحوم سان گڏ اهي پڙهندو هو ۽ مشڪل شعرن جي معنيٰ تي پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا، خود سندس چيل فارسي شعر به اسان وٽ موجود آهن، سندس فارسي شعر توڙي ناني ۽ ڪن ٻين گرجي مرزائن جو شهر، مون ”گرجي نامه“ ۾ گڏ ڪري آندو آهي، ناني مرحوم جي وفات جو تاريخي قصيدو جو سندس مقبري جي چٽي تي اڪريل آهي، سو بابي جو چيل اهي، بابي ۽ ٻين عزيزن جي وفات جون تاريخون اڪٽر منهنجون چيل آهن، جي منهنجي ڪتاب ”سوداي خام “ ۾ ڏنل آهن، بابو خوشطبح هوندو هو ۽ سڀني سان خوشخلق رهندو هو، مهمانن جي گهڻي تلافي ڪندو هو، خاص ڪري ترڪن ۽ ايرانين جي جن سان گهڻي صحبت پسند ايندي هئس، گولڊ سمڊ صاحب جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ جاگيرات جو صاحب هو ۽ تعليم کاتو به سنڀاليندو هو، تنهن سان خاص دوستي هئس ۽ انهي سان لکپڙهه ڪندو هو، ناني مرحوم جي حياتي ۾ اهو صاحب، توڙي ڪمشنر صاحب تروٽ صاحب ۽ راس بورن يا فلپس صاحب ڪليڪٽر ۽ ٻيا صاحبلوڪ ناني وٽ ايندا هئا، انهن سان بابو به گهڻي صحبت ڪندو هو، انهن جي صلاح سان ته بابي منهنجا ٻه وڏا ڀائر پهرين انگريزي پڙهڻ ويهاريا، هندن ديوانن مان گهڻن سان خاص رستو هئس، جيئن ته ديوان چنديرام ٽلٽي وارو، ديوانشوقيرام حيدرآباد وارو ۽ ديوان ٽوپڻ مل آغا جي ٽنڊي وارو ۽ ڪي ٻيا (باب 12 جا 3 کان 7 تائين انتطاب ڏسو).
بابو جيتوڻيڪ اصل ڪرسچن يعيني عيسائي مذهب وارو هو، پر پوءِ مير صاحبن وٽ رهي مسلمان ٿيو ۽ بي تعصب رهندو هو، مذهب اثناعشري شيعو هئس ته يارن ۽ اصحابن کي بد نه چوندو هو، تصوف ڏي سندس گهڻو ميل هوندوهو، محرم جي ڏينهن ۾ ماتم ڪندو هو ۽ مرثيا به پڙهندو هو، پهرين ترڪي ٻولي ڳالهائيندو هو جيئن نانو مرحوم ڳالهائيندو هو، پوءِ ٻئي ايران ۾ فارسي سکيا ۽ هتي فارسي ۽ عربي جو خوب محاورو ڪيائون، سنڌي ٻولي هتي سکيا چڱي ڳالهائيندو هئا، اگرچ ڪي ڪي نج سنڌي حرف پوري طرح نه چوندا هئا ۽ گهن هنڌن تي مذڪر ۽ مونث جو غلط استعمال ڪندا هئا ٻانهن ۽ ٻانهين سان ڳالهائيندي بابو ۽ امان شيدڪي ٻولي به ڳالهائيندا ۽ سمجهندا هئا ۽ مون کي به ٿوري گهڻي اڃان ايندي آهي، وڌيڪ احوال ناني جو ٿوڙي بابي جو سندس سوانحعمري ۾ ڏسڻ گهرجي.
منهنجي ڀائرن مان سڀني کان وڏو مرزا غلام رضا بيگ، پهرين پرشن ٽيچر حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ هو، پوءِ ميرپور خاص ۽ ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو ٽيچر ٿيو، ۽ پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، هن عهدي تي اوچتو ڪراچي ۾ 1890ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس لاش حيدرآباد آڻي دفن ڪيو ويو.
منهنجو ٻيو ڀاءَ مرزا صادق علي بيگ جو ايلفبسٽن ڪاليج ۾ پڙهي پهريون مسلمان بي اي ٿيو، سو پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر ٿيو، پوءِ ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر ۽ ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، سنڌي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ لکيائين، ٽيهن ورهين کان پوءِ پينشنر ٿيو ۽ ”خانصاحب“ جو لقب مليس، مرزا حيرت جي وفات تي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پرشن پروفيسريءَ جي آڇ ٿيس، پر بمبئي وڃي رهڻ قبول نه ڪيائين، آخر 1912ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪيائين.
منجهن ٻن وڏن ڀائرن جي نسبت ۾ هيترو هٿي لکڻ ضروري آهي ته ادو مرزا غلام رضا بيگ فارسيءَ ۾ هوشيار هو، ۽ راڳ ۽ شعر جو گهڻو شوق هئس ۽ گهني زمين هٿ ڪيائين ۽ آباد ڪرائيندو هو ۽ پنهنجي سر انهي تي محنت ڪندو هو، ادو مرزا صادق علي بيگ ننڍي هوندي کان نقاشي ڪم جو شوق هوندو هو ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي بمبئي جي آرٽس اسڪول ۾ ڊرائنگ ۽ نقاشي سکيو، پکين جو به گهڻو شوق هوندو هئس، ڪڪڙ، ڪبوتر، قمريون، مور ۽ بدڪون تتر رکندو ۽ پاليندو هو ۽ پکين ۽ جانورن جي شڪار جو به شوقين هو ۽ چڱو بندوقچي هو.
هڪڙي ڀيري بندوق هڻندي چڳي وارو هڏپ ڀڄي پيس، جو ڊاڪٽرن ڳنڍيو، ستار به وڄائيندو هو، تعليم کاتي ۾ اهڙي انصاف سان ڪم ڪيائين جو هندو مسلمان ماستر کيس پسند ڪندا هئا ۽ انسپيڪٽر توڙي ڊائريڪٽر مٿس هميشه مهربان رهيا.
منهنجو ڇوٿون ڀاءُ مون کان ننڍو مرزا علي قلي بيگ به تعليم کاتي ۾ پهرين پرشن ٽيچر هو، پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ نيٺ 1904ع ۾ پينش وٺڻ کان اڳ وفات ڪيائين.
انهي کان ننڍو مرزا جعفر قلي بيگ هو، جنهن پهرين بمبئي ميڊيڪل ڪاليج جو امتحان ايل ايم ائنڊ ايس پاس ڪيو ۽ اتي هوشياري ۾ نالو ڪڍيائين ۽ پوءِ لنڊن ۾ وڃي ٻه ٽي ٻيا به امتحان ڏنائين ۽ اتي شادي ڪيائين، موٽي سنڌ ۾ اچي ڪراچي ۾ اسپتال کوليائين ۽ نالو ڪڍيائين، ٻيو ڀيرو به ولايت ويو، آخر سن 1898ع ۾ پليگ جي ڪري وفات ڪيائين، ادي جعفر قلي بيگ جي نسبت ۾ هيترو ذڪر ڪرڻ ضرور آهي ته اسڪول ۾ پڙهندي هڪڙي ڀيري بيمار ٿي پيو، ڳل تي ڦرڙي نڪتس جا ڦاٽي پي ۽ آرپار ٽنگ ٿي پيس، مهينن جا مهينا بيمار پيو هو ۽ ڊاڪٽر علاج پئي ڪيس، انهي بيماري تي جيڪو خرچ ٿيو ۽ جيڪا تڪليف هن ڏٺي تنهن جي ڪري ارادو ڪيائين ته وڏي هوندي آءُ ڊاڪٽر ڪم سکندس ۽ ٻين جا علاج ڪندس، آخر مئٽريڪيوليشن ۾ پاس ٿيڻ ۽ ”ايليس پرائيز“ کڻڻ کانپوءِ ميڊيڪل ڪاليج ۾ ويو ۽ نالو ڪڍيائين، ۽ پوءِ ولايت ويو، ڊاڪٽر مرزا ۽ سندس ڪثنب جو ٿورو احوال مسٽر هيرانند جي انگريزي سوانحعمريءَ ۾ ڏنل آهي، جو انهن ٻنهي گڏجي ڪراچي ۾ اسپتال کولي هئي ۽ پاڻ م گهرا دوست هئا، اها سوانحعمري مسٽر ڏيارام گدومل جي لکيل آهي، ڊاڪٽر مرزا نقاشي چڱي ڄاڻندو هو ۽ انگريزي ۾ ديسي راڳ چڱو ڄاڻندو هو ۽ ٻنهي قسمن جا ساز چڱا وڄائيندو هو.
انهيءَ کان ننڍو مرزا نجف علي قلي بيگ، انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ اوور سيئر هو ۽ ڏاڍو آزمودگار ۽ هوشيا ماڻهو هو، آخر ۾ نوڪري ڪندي قنبر ۾ نمونيا جي ڪري بيمار ٿي پيو، ۽ هتي آندو ويو ۽ سن 1891ع ۾ وفات ڪيائين، ادو نجف قلي ڏاڍو همٿ ڀريو جوانمرد هو، ڳريون ڳريون پڃريون کڻندو هو، واڍي ۽ لهر جو ڪم به ڄاڻندو هو، لوهه تي مينا جو ڪم، اوٻاوڙي جي پاسي سکيو، ڳائيندو به چڱو هو.
انهي کان ننڍون يعني ستون ڀاءُ مرزا حيدر ڦلي بيگ پهرين ڊاڪٽر مرزا جو اسسٽنٽ هو ۽ سندس اسپتال هلائيندو هو، پوءِ ميهڙ جي جيلر ٿيو ۽ پوءِ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو ۽ سن 1891ع ۾ نمونيا جي ڪري وفات ڪيائين، حقيقت ڪري انهن پهرين ٻنهي ڀائرن هڪڙي هفتي جي اندر ساڳي بيماري جي ڪري وفات ڪئي، پهرين ننڍي حيدر قلي ۽ پوءِ وڏي نجف قلي جنهن کي ڀاءُ جي سنڀال ڪندي ساڳي بيماري ٿي، انهن ٻنهي شادي نه ڪئي ۽ عين جواني ۾ مري ويا.
منهنجي وڏي ڀيڻ فارسي ۽ سنڌي ۾ هوشيار هئي ۽ سئي جو ڪم تمام چڱو ڄاڻندي هئي، سندس شادي مامي مرزا علي محمد بيگ جي پٽ مرزا ڪلب علي بيگ سان ٿي، جنهن ڊيپوٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي رهي سن 1919ع ۾ وفات ڪئي، هو شعر به چوندي هئي، سندس نالو زيب النساءَ هو، زيب النساءِ شاهزادي شاعره تخلص ”مخفي“ جي غزل جي جواب ۾ سندس هڪڙو چڱو غزل فارسي ۾ چيل آهي (ڏسو باب 11 نمبر 1).
منهنجي ٻي ڀيڻ جي شادي مرزا علي محمد بيگ، ڊيپوٽي ڪليڪٽر پينشن کان اڳي سن 1904ع ۾ وفات ڪري ويو، سندس ٻيو پٽ مرزا محمد رحيم بيگ مختيار ڪار هو ۽ پوءِ جاگيردار ٿي رهيو ۽ سن 1905ع ۾ وفات ڪيائين، سندس هڪڙو پٽ مرزا علي نواز بيگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر آهي، ناني جا ٻيا به ٻه پٽ ننڍا هئا، ناني ۽ بابي جي اولاد جو شجرو هيٺ ضميمي ۾ ڏنل آهي، ٻيو سندس مفصل احوال سندس احوال مان معلوم ٿيو. (باب 11 ۾ شعر نمبر 21 به ڏسو).

باب ٻيو: منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۽ ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم جو احوال

آئون ٺوڙهي جي ٽنڊي ۾ پنهنجي پيءُ واري جهوني گهر ۾ ڄائو هوس، اها سن 1270ع هجري (1853ع) جي محرم مهيني جي 4 تاريخ هئي، ناني منهنجو نالو ”قليج خان“ رکيو جو وڏي هوندي قليج بيگ ٿيو، ايلفنسٽن ڪاليج ۾ وڃڻ کانپوءِ پروفيسر ميرزا حيرت مون کي ”قليج بيگ“ سڏڻ لڳو، انهي کانپوءِ ”خان“ جي بدران بيگ نالي ۾ تائم ٿي ويو، منهنجي ڄمڻ جي تاريخ جو مادو ابجد ۾ ناني ۽ بابي جو چيل ۽ انهي بابت ڪجهه ذڪر منهنجي هڪڙي شعر ۾ آهي، جو باب 11 ۾ ڏنو ويندو. (ڏسو شعر نمبر 3 باب 11).
امان چوندي هئي ته جڏهن آءُ ڄائس تڏهن منهنجون اکيون اهڙيون اڇيون هيون جو اکين جا تارا ڏسڻ ۾ ئي نٿي آيا، جنهن ڪري شڪ پين ته ڏسي نٿو سگهان، نانو مرحوم جو بيمار پيل هو، تنهن کي اڳا ڳالهه ٻڌايائون، تنهن چيو ته سج ڏي منهن ڪري ڏسوس ته اکيون پوري ٿو يا نه؟ ائين ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ڏسان ٿو ۽ مادرزاد انڌو ناهيان، ٻاراڻيس وهي ۾ چون ٿا ته آءُ تمام ٿلهو هوس، جنهن ڪري بادل فراش جو چرچائي مشهور هو، سو مون کي ”گهوٻاٽو“ ڪري سڏيندو هو، ڏهين ٻارهين ورهيه کانپوءِ ٻين ڀائن هاٺي ڦري سنهي ٿيڻ لڳي، اڳوڻي دستور موجب ڄمڻ سان ڪا کير پيارڻ واري دائي رکندا هئا، مون کي شروع کان ڀاڳل نالي پخالڻ کير پياريو هو، منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي کي شريفان حجامڻ کير پياريو هو، جڏهن ننڍي هوندي آءَ ڪا حرڪت ڪندو هوس تڏهن زالون چونديون هيون ته هن پخالڻ جا ببا ڌاتا آهن، تڏهن ٿو ائين ڪري، اهي پخالي مهاڻا هوندا هئا، جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي راند ڪندي پاڻ ۾ تڪرار ڪندا هئاسين تڏهن هو مون کي ”پاڳل “ يا مهاڻي چئي چيڙائيندو هو ۽ آءُ هن کي ”شريفان“ يا ” حجامڻ“ چئي چيڙائيندو هوس، دائي مريم حيدرآباد واري مون کي ڄڻايو هو جا تمام پيرسن زال هئي ۽ اسان جي ڪثنب جي دائي هئي، ننڍي هوندي جڏهن آءُ دائي کي چيڙائيندو هوس ۽ سندس هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو نقل ڪندو هو تڏهن ڪاوڙجي چوندي هئي ته ”ماٺ ڪر نه ته جيان آندو اٿمئين اوڏي وري روانو ڪنديسئين، منهنجو چٽي وارو پهريون پهراڻ اڃا موجود آهي ۽ جڏهن ڪو مون کي ٻار ٿيندو آهي تڏهن دعا لاءِ پهرين انهي کي ڍڪائيندا آهن.
امان چوندي هئي ته ننڍي هوندي آءُ ڏاڍو معاملائي هوندو هوس ۽ ڏاڍي هوڏ ۽ تيسو ڪندو هوس ۽ معاملا به اجايا ۽ بيمعنيٰ ڪندو هوس، پر ٻن ڀيڻن کانپوءِ ڄائو هوس، تنهن ڪري مائٽن کي ڏاڍو پيارو هوس ۽ اهي منهنجا ناز ۽ انگل کڻندا هئا ۽ ڪنهن به طرح مون کي رنج ڪرڻ نه گهرندا هئا، چون ٿا ته بعضي اڌ رات جو اٿي معاملو ڪندو هوس ۽ ڏمچر مچائيندو هوس، هل ته نانو مرحوم پنهنجي گهران ماڻهو موڪلي پڇندو هو ته ”ٻار کي ڇو ٿا رئاريو“ جيئن چوي تيئن ڪريو يا جيڪي گهري سو ڏيوس، پر گهڻو روئڻ نه ڏيوس، خواب ڏسي اٿندو هوس ۽ رپيا يا ڪي ٻي راند جي شئي جا خواب ۾ ڏٺي هونديم سا گهرندو هوس، آڻيي ڏيندا هئا ته چوندو هوس ته ”اها نه ٻي“ انهي طرح ڪيتريون ئي شيون اچي گڏ ٿينديون هيون پوءِ ماٺ ڪندو هوس، وڏي هوندي تائين مائٽن مون کي اها نه ٻي چئي ٽوڪيندا هئا، مائٽ ۽ اولاد جي مثال لاءِ منهنجو شعر آهي.

چيو ميوي کي پنهنجي ڪهڙي وڻ هيئن.
ته پنهنجي لاءِ ٽڙيون مکڙيون ۽ گل ڪيئن؟
پچي تون راس ٿين مون مان اي دلبر!
ڪچو آءُ ٿو رهان، ٿم حال ابتر.
اهو مائٽ جو ۽ اولاد جو حال.
رهن خوشحال نت هي ۽ هوبدحال.

بعضي رات جو سيءَ ۾ هنگڻ ايندو هو ته چوندو هوس ته امان ڪپڙا لاهي، ٻاهر ميدان ۾ هلي ويهي هنگائي ڪيترو ئي سمجهائيندا هئا ته به نه مڙندو هوس، آخر لاچار ٿي امان ويچاري مون کي راضي رکڻ لاءِ ائين به ڪندي هئي، اڃا مون امان جو کير پئي پيتو ته ادو علي قلي ڄائو، انهي کي به ماءُ جي کير پيئڻ جو حق ٿيو، پر آءُ اهڙو معاملائي هوس، جو هن کي اما وٽ اچڻ ئي نه ڏيندو هوس، بلڪه انهي جاءِ ڏسندو هئس، ته معاملا ڪري ڪڍائيندو هوسانس، امان لڪي ڇپي هن کي کير پياريندي هئي، اگرچه هن کي ٻي کير پيارڻ واري دائي به هئي سگهوئي پوءِ مون ي به کير ڇڏايائون.
ننڍي هوندي منهنجي حرڪتي هئڻ جومٽال هڪڙو هي بس آهي ته هڪڙي ڀيري سياري ۾ اسين سڀئي بخاري وٽ باهه تي ويٺا هئاسين، مون سنهڙيون ڪاٺيون يا تيليون باهه ۾ دکائي هٿ سان پئي لوڏيون ۽ ٻين ڀائرن کي پئي هنيم، باهه وٽ ڪو وڏو ويٺل نه هو، اوچتو ادي مرزا غلام رضا بيگ جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي ۽ جيسين دانهن ڪوڪ تي ڪو وڏو ڊوڙي آيو تيسين هن کي باهه وڪوڙي ويئي، مشڪلات سان باهه اجهايائون، ليڪن ادي مرحوم جا پٺا تمام سڙي پيا ۽ انهي ڪري هو مهينا بيمار پيو هو ۽ ڊاڪٽرن علاج پئي ڪيس، ڇٽڻ کانپوءِ به سندس سڄا پٺا سڙيل رهيا ۽ پڇاڙي تائين پهراڻ لاهڻ مهل اهي داغ ڏسڻ ۾ پيا ايندا هئا.
امان چوندي هئي ته نانو ۽ بابو مون کي ڏاڍي دعا ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هن تي بادشاهه جو نالو آهي ۽ هي هوشيار ۽ بخت وارو ٿيندو، اڃا ننڍڙو هوس ته لکڻ پڙهڻ جو مون کي شوق پيدا ٿيو، ٻيا سڀ ٻار راند روند ڪرڻ ويندا هئا پر آءَ ڪاغذ، قلم ۽ مس کڻي ويهي ليڪا ڪڍندو هوس، ماڻهن کي عجب لڳندو هو ته هن کي ٻين وانگي ڇو ٻي راند جو شوق ڪو نه ٿو ٿئي، انهي شوق وڌائڻ لاءِ امان مون کي رنگ برنگ جا پنا ۽ قلمدان ۽ ڪمانگري فرهي وٺي ڏيندي هئي، هڪڙا ڪاغذ پيو لکندو هوس ۽ ٻيا پيو ڦاڙيندو هوس، جڏهن ٿورو وڏو ٿيس تڏهن ياد پويم ٿو ته ادي مرزا علي قلي سان توڙي ٻين ٻآرن سان لڪ لڪوٽي يا ڪنگر ڪلُوٽو يا تيزي جي راند يا کينهون ۽ چڌڻ جي راند ڪندو هوس، پر سو به اڪثر گهر ۾ ٻاهر بلڪل ٿوري راند ڪندو هوس پتن سان به راند ياد اٿم، وڏي هوندي ٿوري شطرنج سکيس، بس ٻي راند ڪا نه ڪيم، پر وڏي هوندي اصل ڪنهن به راند يا شڪار جو شوق ڪو نه رکيم، جو منهنجن ٻين ڀائرن کي گهڻو هو، باقي لکڻ پڙهڻ جي راند ۽ ڪتابن لکڻ ۽شعر چوڻ جو شوق ۽ مشغولي ننڍي هوندي به هئي ۽ اڃا تائين هلي اچي.
جڏهن پڙهڻ جهڙو ٿيس تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ پنهنجي آخوند محمد شفيع وٽ ويٺس، جتي منهنجا وڏا ٻه ڀائر ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا، جڏهن منهنجا وڏا ڀاءَ انگريزي اسڪول ۾ ويهاريا ويا ۽ مون به قرآن پورو ڪيو، تڏهن مون کي ۽ ادي مرزا علي قلي کي حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريائون، اسين سڀ ڀاءُ جوڙو جوڙو ٿي گڏ پلياسين ۽ پڙهياسين، تنهن ڪري اسان جي جوڙي جوڙي جي سنگت پڇاڙي تائين هلي آئي، ادو مرزا غلام رضا ۽ ادو مرزا صادق علي گڏ پڙهيا، آءُ ۽ ادو علي قلي گڏ پڙهياسين، ادو مرزا جعفر قلي ۽ نجف قلي گڏ پڙهيا، فقط ادو حيدر قلي اڪيلو پڙهيو، پر پوءِ سگهو ئي وري هو ۽ ادو نجف قلي گڏ رهڻ لڳا ۽ گهاٽا سنگتي ٿيا.
اسين سڀ واري سان شهر حيدرآباد جي اسڪولن ۾ پڙهياسين، اسان جو ڳوٺ شهر کان ٻه اڍائي ميل پنڌ ها هو، اهو پنڌ ننڍي هوندي کان ڪندا آياسين، صبح جو سويل هڪڙي ماني کائي ٻي ٻنپهرن لاءِ مزدورن وانگي ساڻ ٻڌي گهران نڪرندا هئاسين، هڪڙو ڪراڙو نوڪر اسان سان گڏ هلندو هو پهرين اسن جو استاد آخوند ولي محمد هو، صبح جو سوير اسين هن جي اوطاق تي ويندا هئاسين ۽ اتي پڙهندا هئاسين، پوءِ ڏهين بجي ڌاري آخوند صاحب سان گڏجي سنڌي اسڪول ۾ ويندا هئاسين، ٻنپهرن جو اتي ماتي کائيندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن نانوائن کان ٻوڙ گهرائيندا هئاسين، يا روچي ڪوفتائي کان يا ڇتي دال واري کان ڪوفتا ۽ دال وٺي پنهنجي ماتي سان کائيندا هئاسين، سڄو ڏينهن پڙهي وري شام جو نوڪر سان نڪرندا هئاسين ۽ سج لٿي ڌاري ڳوٺ ايندا هئاسين، اها اچ وڃ انهي عمر م به پيادا ڪندا هئاسين، پوءِ آرڙهه جي گرمي، سياري جي سي واءُ ۾ ۽ سانوڻ جي مينهن ۾ به ڪندا رهند هئاسين، ڪيترا دفعا مينهن ۾ ڀڄي گهر پهتا هونداسين، نوڪر ساڻ هوندو هو، تنهن ڪري مائٽن کي انتظار ڪو نه رهندو هو، ڪن ڏينهن کانپوءِ وري قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو مخدوم، سنڌي اسڪول ۾ اسان جو هيڊماستر ٿيو، جو سنڌي ۽ ٻيا درجي جا ڪم سيکاريندو هو، تڏهن اسڪول ۾ فارسي به پڙهائينداهئا ۽ گلستان، بوستان، انوار سهيلي ۽ سڪندر نامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب اسان اتي پڙهيا، بلڪه قاضي حاجي احمد وٽ آءُ عربي به پڙهيس، اسان کي آخوند يا قاضي يا ٻئي ماستر ڪڏهن به مار ڪا نه ڏني، هو ڏاڍي عزت ۽ آبرو سان پڙهائيندا هئا ۽ اسين به شوق ۽ محبت سان پڙهندا هئاسين، آخوند ولي محمد جي هڪڙي چماٽ ۽ هڪڙي چهنڊڙي ران ۾ اڃا تائين ياد آهي، قاضي صاحب تاڪيد سان نماز پڙهائيندو هو ۽ روزا رکائيندو هو ۽ قرآن جتي ختمي وقت حاضر رهڻ جو تاڪيد ڪندو هو، جنهن ڪري ننڍي هوندي کان قرآن نماز ۽ روزي جو تاڪيد رهندو هو، ۽ گهر ۾ مائٽن جو به سعيو هوندو هو، جو اهي پاڻ به اها مشغولي رکندا هئا، انهي طرح ننڍي هوندي کان ئي اسان کي نماز جي عادت پيئي ۽ پنڌ ڪرڻ ۾ به چالاڪ ٿياسين، سنڌي اسڪول ۾ فارسي ۽ سنڌي ۾ آءُ ڏاڍو هوشيار هوندو هوس ۽ گهڻا انعام مليم، جي گولڊ سمڊ صاحب ۽ مور صاحب ۽ پوءِ نارائڻ جگنناٿ هٿ سان ڏنا، جن ۾ بابو به حاضري رهند هو.
اسڪول ۾ پڙهندي راڳ جو شوق پيدا ٿيو ۽ سرنداين کان سرندو وڄائڻ سکيس ۽ ڳائڻ به پوءِ ستار وڄائڻ سکيس، جا ڪاليج ۾ پڙهندي به پيو وڄائيندو هوس، محرم ۾ شهر منجهه چڱا مرثيا پڙهندا هئاسين، ماڻهو شوق مان ٻڌندا هئا.
مٿي چيو ويو آهي ته ننڍي هوندي مون کي راند جو گهڻو شوق نه هو پر پڙهڻ لکڻ ۽ ڪاغذن ڪارن ڪرڻ جو گهڻو شوق هوندو هو رڳو لکڻ پڙهڻ جو به مگر خاص طرح شعرچوڻ جو به شوق هوندو هو، مون کي ياد آهي ته ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ ڪوڙا سچا بيت ٺاهي ناني مرحوم وٽ کڻي ويندو هوس، نانو بيمار هوندو هو کٽ تي ستو پيو هوندو هو، مون کي گهرائي چوندو هو ته ابا مون کي پنهنجو شعر ٻڌاءِ، پور آءَ پڙهندو ويندو هوس، تنهن کي چوندو هو سا پستا، ڪشش، باداميون يا ڪو ٻيو اهڙو ميوو کني ايندي هئي، اهو هو مون کي ڏيندو هو ۽ شابس ڏيئي روانو ڪندو هو، جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويس، تئين تئين سمجهه جهڙا سنڌي شعر چوندو هوس، ڪڏهن فارسي به چوندو هوس، گهڻو ڪري کل مسخريءَ ۽ چرچي جهڙا شعر چوندو هوس، اڪثر گهر جي ڳالهين بابت چوندو هوس، جن ۾ بابي ۽ امان ۽ ڀائن ڏي اشارن ڏيڻ کان به نه رهندو هوس، ڏينهن جو ٺاهي رکندو هوس رات جو جڏهن سڀ ماني کائي ويهندا هئا تڏهن آءُ ويهي پڙهندو هوس ۽ بابو، امان ۽ ٻيا سب ويهي ٻڌندا هئا ۽ ٽهڪ ڏيئي کلندا هئا، انهن ڏينهن جا ڪي شعر اڃا مون وٽ موجود آهن ۽ظاهري ڪري وزن ۾ پورا ۽ موچارا چڱا آهن، ڪي غزل ۽ مرثيا به ننڍي هوندي جوڙيم، جي بابي کي پسند ايندا هئا ۽ انهن ۾ پاڻ اصلاح ۽ درستيون به ڪندو هو، جڏهن مرحوم مير حسين علي خان يا آغا زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو ملاقات لاءِ يا مهمان ٿي ايندو هو تڏهن بابو مون انهن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو ۽ هو تعريف ڪندا هئا ۽ مون کي شابس ڏينداهئا، بابي کي تعويذ لکندو هو ۽ فالون وجهندو ڏسي مون کي به اهڙن ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو، ياد اٿم ته ڪيترن ماڻهن کي تعويذ لکي ڏيندو هوس ۽ اهڙو ويساهه انهن ۾ پيدا ٿيو ته اهي لڳن ٿا، جو تعويذن لاءِ پنج پئسا يا پائي پئسو ضرور نذر ڏيندا هئا، اها خرچي به نڪرندي هئي، بعضي ماڻهو ته انهي اڳوڻي عادت جي نظر تي اڃا تائين فال وجهڻ لاءِ چڱي ڏينهن ڪڍڻ يا تعويذ لکڻ لاءِ چوندا آهن، بابو مون کي فارسي ڪتابن نقل ڪرڻ جو به ڪم وٺندو هو، جو پاڻ به ڪندو هو ۽ انهي ۾ آءُ هن کي چڱي مدد ڏيندو هوس، انهي ڪم ڪندي منهنجا اکر تمام چڱا ٿيڻ لڳا، مطلب ته گهر جي يا خانگي منشگيري ننڍي هوندي کان منهنجي حوالي هوندي هئي، بلڪه پاڙي اوڙي ۾ به جي ڪنهن کي خط پٽ، مرثيو، منقبت يا مدح لکائڻي هوندي هئي ته مون کان اچي لکائيندو هو، انهي ڪري منهنجو علمي مايو يا خوشخطي زياده ٿيندي ويئي.
بابي جي مون سان ايتري محبت هئي ۽ مون کي به سندس صحب ايتري قدر وٺندي هئي جو اڪثر ساڻس گذاريندو هوس، ڏينهن جو به فرصت وقت سندس جاءِ ۽ ٻيا ٻار راند تي ويندا هئا تڏهن آءُ ساڻس گڏ ويندو هوس، جي پاڻ ميان عافيت جي اوطاق ۾ شطرنج راند ڪرڻ ويندو هو ته آءُ به ساڻس گڏ ويندو هوس ۽ هنن جي راند ڏسندو هوس ۽ جيڪي ساريون ماري رکندا ها انهن سان ويٺو راند ڪندو هوس، رات جو بابي سان گڏ هڪ کٽ تي سمهندو هوس، سندس وفات تائين ائين ڪندو هوس، رات جو جڏهن بابو اچي ليٽندو هو تڏهن آءُ ويهي کيس زور ڏيندو هوس، پوءِ جڏهن ننڊ ايندي هيم تڏهن سندس پاسي ۾ سمهي رهندو هوس، ڏينهن جوآرڙهه ۾ جڏهن بابو آرام ڪندو هو تڏهن کيس پکو ويهي هڻندو هوس يا جهلي ڇڪيندو هو ۽ دعائون ڪندو هو ۽ ڪيتريون ڪتابن جو ڳالهيون يا بيت ٻڌائيندو هو، يا پنهنجي وطن جو احوال ۽ ننڍي هوندي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو، انهي بابت منهنجو هي بيت آهي.

فيض جيڪي مون کي ٿيو حاصل، سو پنهنهجي پيءُ کان،
رات جو ٿي گڏ ستس جنهن سان ۽ ويٺس ڏينهن جو.

ننڍي هوندي مون کي خوشطبعي ۽ مسخري ۽ چرچيبازي ڪرڻ جي عادت هوندي هئي، مسخريون يا نقلون به تمام عمديون ڪندو هوس، جنهن ڪري بابو ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي توڙي ٻيا ملاقاتي گهڻو کلندا هئا، ياد اٿم ته بابو ايترو کلندو هو جو اکين ۾ پاڻي اچي ويندو هوس، پوءِ چوندو هو ته هيءُ ڇوڪر جڏهن وڏو ٿيندو ته پرڻبو تنهن پنهنجي زال ۽ ٻارن سان به چرچن ڪرڻ کان نه رهندو، منهنجو ڪهڙو ڪتاب ”هزليات“ نالي آهي، جنهن ۾ منهنجا سب چرچي ۽ ظرافت جا شعر لکيل آهن، جيئن شيخ سعدي جو رسالو ”مضحڪات“ آهي، نه رڳو زباني چرچا ڪندو هوس پر ٻين ماڻهن جون نقلون، سانگ ۽ ناٽڪ به ڪندو هوس ۽ ڪپڙا بدلائي ٻي صورت ڪندو هوس، هڪڙي ڀيري ڪنهن فقيرياڻي کي خيرات ڏنيم، اها خوش ٿي بابي ۽ امان جي روبرو مون کي دعا ڪيائين، ته ابا شل تو منهنجا گهڻا ڏار ۽ ٽار نڪرندا، هن جي وڃڻ کانپوءِ لڪي وڻن جون ٽاريون پنهنجي سجھي بت تي تجويز سان اٽڪائي لڪي اوچتو نڪري اچي سندس اڳيان بيٺس ۽ چيم ته ڏسو مون کي فقيرياڻي جي دعا جهٽ ۾ لڳي آهي، اهڙين مسخرين ۽ چرچن جي ڪري ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو هوس ۽ وڏي هوندي به جڏهن ڪا دوستن ۽ عزيزن جي مجلس ٿيندي هئي ۽ آءُ ايندو هوس تڏهن چوندا هئا ته هاڻي سڀئي کلنداسين يا چوندا هئم ته هاڻي اسان کي کلاءِ.
سنڌي اسڪول ۾ پڙهندي هڪڙي هندستاني ڇوڪري رستم خان نالي سان منهنجي دوستي ٿي، هو منهنجو همعمر ۽ همسبق هو، حسن خان جو پٽ هو، اصل سورت شهر جو هو ۽ محمد فاضل، منصف حيدرآباد واري جو مائٽ هو، اڪثر آچر جي ڏينهن هو اسان جي گهر ايندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن آءُ به سندس گهر ويندو هوس ۽ هن جي ماءُ مون کي گهڻو پيار ڪندي هئي، تيئن منهنجي ماءُ وري هن کي پيار ڪندي هئي، انهن ڏينهن ۾ ڪرسين ميزن جو رواج ڪو نه هو، ڪرسين جي بدران اڪثر پٺ جي ٽيڪ واريون مجيون ڪم اينديون هيون، ڪاٺ جي ڪرسي وارڻ سان واڻيل کي گاديل، چوندا هئا، اهڙي هڪڙي ڪرسي ميرن جي صاحبي واري اسان جي گهر ۾ هوندي هئي، اسڪول ۾ ڪرسيون ۽ ميزون ڏسندا هئاسين جڏهن رستم خان مون وٽ ايندو هو تڏهن آءُ ڀانئيندو هوس ته گهر ۾ ڪا به ميز ڪرسي رکي ويهون ۽ انهي تي لکون پڙهون ته چڱو، اسين هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي ۾ ڌار ويهندا هئاسين ۽ اها گاديل ۽ ڪا ٻي صندوق رکي ڪرسي ڪري ڪم آڻيندا هئاسين ۽ ميز جي لاءِ گهڙامنجي وچ تي رکي انهي جي مٿان در جو طاق يا ڪو ٻيو تختو رکي معس ڪپڙو وجهي ميز ٺاهي انهي تي ويهي کلندا هئاسين.
اٺن نون ورهين جي عمر ۾ سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ وقت هڪڙي چوري ڪيم، سا اڃا تائين مون کي ياد آهي، نوڪر سان گڏ فقيري جي پڙ مان لنگهي اسڪول ڏي وياسين، هڪڙي هٽ تي بيهي نوڪر ڪا شيءَ ٿي ورتي، اکروٽن جو ٿالهه ڀريو، هٽ جي ڪناري تي رکيو هو، واڻيو نوڪر سان مشغول هو مون کي اکروٽن جي لالچ ٿي، واڻئي نٿي ڏٺو مون ٻه اکروٽ کني پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا، پوءِ نوڪر سان گڏجي بازار ڏيئي اسڪول ڏي هلياسين جڏهن بازار جي اڌ ۾ سرور جي قبي وٽ آياسين تڏهن پٺيان اهو واڻيون به اچي پهتو، شايد ڪنهن ٻئي مون کي اکروٽ کڻندي ڏٺا هئا تنهن کيس ٻڌايس، مون کي چيائين اکروٽ کنيا اٿئي سي ڏي! مون ماٺ ڪري کيسي مان ٻيئي اکروٽ ڪڍي ڏنس ۽ هو هليو ويو، آءُ ڏاڍو ڦڪو ۽ پشيمان ٿيس، اڄ تائين اها چوري ياد ڪري پشيمان ٿيندو آهيان، جڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪي اکروٽ ڏسندو آهيان تڏهن اها ڳالهه ياد پوندي اٿم ۽ انهي ڪري اکروٽ اصل ڪين کائيندو آهيان ۽ وٺندا به نه اٿم، شڪر ڪندو آهيان ته اهي ٻه اکروٽ هڪدم کائي نه ڇڏيم ۽ اها چوري به نه ڦٻيم ۽ حق مالڪ کي مليو.
جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي سنڌي اسڪول جي پهرين ڪلاس يا مٿئين درجي ۾ آياسين تڏهن ادو مرزا صادق علي بيگ جو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو اسان ٻنهي کي گهر ۾ انگريزي پڙهائڻ لڳو، سگهوئي پوءِاسين به ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ وڃي ويٺاسين، اسان اڳئي ٻه ڪتاب انگريزي گهر ۾ پڙهيا هئا تنهن ڪري اسان کي هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائون ۽ سگهو ئي پهرين ڪلام ۾ آياسين، هيڊ ماستر مسٽر لڪشمن وشنو مرهٽو هو، انهي اسڪول ۾ اسان چڱو نالو ڪڍيو ۽ چال چلت اهڙي چڱي رکيسين جو ماستر اسان جي تعريف ڪندا هئا، مون کي ياد آهي ته آءُ هميشه پهريون نمبر ويهندو هوس ۽ ساري ڪلاس ۾ بلڪه ساري اسڪول ۾ ۾ سڀني کان زيادهه هوشيار ليکبو هوس، انهي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت اها آهي جتي هاڻي هاءِ اسڪول آهي، اتان چڙهي پوءِ اسين هاءِ اسڪول ۾ آياسين جا تڏهن ڪلاڪ واري عمارت ۾ هئي، جتي هاڻ ٽريننگ ڪاليج آهي، تڏهن هيڊ ماستر مسٽر وهامن اباجي مووڪ هوندو هو،ڪ پوءِ مسٽر ڪيشوراءِ هيڊ ماستر آيو ۽ مسٽر راما ڪنٺ پهريون اسسٽنٽ هو، گهڻي پنڌ تان ايندا هئاسين ۽ شام جو دير سان موٽر گهر ويندا هئاسين، تنهن ڪري سبقن يا ڪرڻ جو وجهه نه ملندو هو ۽ اسان جي ڪوشش اها هئي ته سبق برابر ياد ڪريون ۽ مٿي وڍون جيئن هيٺئين انگريزي اسڪول ۾ نالو ڪڍيوسين، تئين هاءِ اسڪول ۾ به نالو ڪڍون، تنهن ڪري شام جو چئين پنجين بجي موڪل ملڻ ۽ اسڪول بند ٿيڻ کانپوءِ اسڪول جي در وٽ دڪي تي ويهي ٻئي ڏينهن جي سبق جون معنائون ڪڍي ۽ ياد ڪري گهڻو ڪم لاهي ڇڏيندا هئاسين، جڏهن اونداهه ٿيڻ لڳندي هئي تڏهن اتان هلندا هئاسين ۽ ڏين ٻرڻ مهل گهر ايندا هئاسين، پوءِ ماني کائي ٿڪ ڀڃي وري رات جو ويهي پڙهندا هئاسين، تڏو وڇائي وچ تي شمعدار يا ڏياٽي رکي يا دلو اونڌو ڪري انهي تي ڏيو رکي ويهي پڙهندا هئاسين، تڏهن ڪروسن تيل ڪو نه هو، ڪڙو تيل ٻرندو هو، بتيون ۽ چمنيون به عام نه هيون، اسان جونڀيڻون به اتي ويهي پڙهنديون هيون، بلڪه پاڙي جون ڪي عزيز ڇوڪريون به اتي اچي پڙهنديون هيون، انهن کي امان پڙهائيندي هئي، اڪثر قرآن ۽ سنڌي پڙهنديون هيون، صبح جو وري سياري ۾ اس تي ٿڏو وجهي ويهي پڙهندا هئاسين ۽ جڏهن اسڪول ڏي وڃڻ جو وقت ٿيندو هو تڏهن سنبري هليا ويندا هئاسين، ڪلاڪ گهڙيال ام نه هئا، هڪڙو وڄڻ وارو وڏو ڪلاڪ ناني مرحوم وٽ هوندو هو، جنهن کي اٺين ڏينهن ڪنجي ايندي هئي، پهرين ڏينهن ۾ مون کي ياد آهي ته ماستر وشنو گهنشام آچر جي ڏينهن ايندو هو ۽ اهو انهي کي ڪنجي ڏيئي ڪوڪ ڪندو هو، بابي وٽ هڪڙي سوني واچ هئي، جا بمبئي کان آندي هئائين، ۽ اڪثر رات جو پنهنجي سيراندي رکي سمهندو هو، اسان ٻارن وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڀت تي ڪاٺي کوڙي ان جي پاڇولي جا نشان ڪري ڇڏيا هئا، انهي تي ڪلاڪ شمار ڪندا هئاسين، ڇنڇر جي ڏينهن تمام سويل وڃڻو ٿيندو هو، ۽ آرڙهه ۾ وقت ڦرڻ ڪري هر روز صبح جو سوير اٿڻو ٿيندو هو. دائي گلچمن ويچاري اڌ رات جو اتي اٽو پيهي ماني پچائي ڏيندي هئي، سا انبن سان يا مربي سان يا ڪنهن ٻي شي سان کائي اسڪول روانا ٿيندا هئاسين، چاءِ جو تڏهن رواج عام نه هو، نانو ۽ بانو ڪڏهن ڪڏهن پيئندا هئا ۽ چاءِ بمبئي مان گهرائيندا هئا، جا سوکڙي ٿي ايندي هئي، چاءِ ۾ تڏهن کير ڪين وجهندا هئا، ليڪنکير کان سواءِ ئي لذت جهڙي ٿيندي هئي، اهڙي لذت هينئر جي چاءِ مان نٿي اچي.
گهر ۾ اسين سڀ گڏجي ماني کائيندا هئاسين، ماني هيٺ گلم يا تڏي تي کائيندا هئاسين، بابو، امان، ڀائر ۽ ڀيڻون سڀ گڏجي ويهندا هئاسين، بابي کي ڀاڄي گهڻي وڻندي هئي ۽ ليمو يا ٻي کٽاڻ به گهڻي وڻندي هئي، گوبي ۽ سالڊ عام نه هئا، پر بابو سرڪاري باغن مان گهرائيندو هو ۽ ”سالڊ“ جنهن کي ”ڪاهو“ سڏيندا هئا، سو بابو شڪنجبين سان گڏي کائيندو هو، آچار ۽ مربا بابو تمام چڱا گهڻا جوڙيندو هو، جي ماني وقت ڪم ايندا هئا، بلڪه سرڪو به پنهنجن هٿن سان پاڻ جوڙيندو هو، مٽن ۾ ٺاهي زمين ۾ پوري ڇڏيندو هو ۽ چاليهن ڏينهن کانپوءِ ڪڍي آچار يا کائڻ جي ڪم آڻيندو هو.
آءُ اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هوس، مگر گهر ۾ مون کي بابو فارسي ۽ عربي پڙهائيندو هو، شعر جا ڪتاب خاص طرح حافظ، صائب، بيدل جا ۽ شاهنامو وغيره پاڻ پڙهندو هو ۽ ‎آءُ ٻڌندو هوس، ڪٿي ڪٿي وري مون کي سمجهائيندو هو، انهي ڪري گهر ۾ فارسي لکڻ پڙهڻ جي مون کي استعمالي چڱي ٿيندي هئي، آءُ وري گهر ۾ پنهنجي وڏي ڀيڻ کي فارسي پڙهائيندو هوس، هوءَ گلستان، بوستان ۽ ٻيا ڪتاب پڙهي ۽ سنڌي چڱي طرح لکي پڙهي ويندي هئي، وري جيئن ادو مرزا صادق علي بيگ گهر ۾ پهرين اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو، تيئن آءُ وري ادي جعفر قلي ۽ نجف قلي کي گهر ۾ اڳواٽ انگريزي پيو پڙهائيندو هوس، جڏهن آءُ ۽ ادو علي قلي سنڌي اسڪول مان نڪري انگريزي اسڪول ۾ وياسين، تڏهن ادو جعفر قلي ۽ نجف قلي وري جوڙي ٿي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ لڳا، جن سان خميسو يا يوسف يا ٻيو نوڪر ايندو ويندو هو.
انگريزي هاءِ اسڪول ۾ جيئن ادي مرزا صادق علي بيگ پڙهڻ ۽ چڱي چال ۾ نالو ڪڍيو ۽ پوءِ بمبئي ڪاليج ۾ ويو، تيئن وري مون پنهنجي واري اسڪول ۾ نالو ڪڍيو ۽ هن وانگي امتحانن ۾ مٿي آيس ۽ وڏا وڏا انعام کٽيم، ماستر ڪيشوراءِ هيڊ ماستر مون کي گهڻو ڀائيندو هو، اسين ٻيئي ڀائر صبح جو سويل گهران هلي ماستر جي گهر ايندا هئاسين، اتي هو اسن کي خانگي طور پڙهائيندو هو، ڏهين بجي ڌاري ساڻس گڏجي اسڪول ۾ ايندا هئاسين، سڀ ڪنهن ڪلاس ۾ هميشه مٿي نمبر رکندو هوس ۽ اڪثري پهرين رهندو هوس، جڏهن ڪو صاحبلوڪ يا ڪو وڏو ماڻهو اسڪول ڏسڻ ايندو هو تڏهن ماستر انهن سان منهنجي بابت ذڪر ڪندو هو ۽ جيڪي مضمون منهنجا انگريزي ۾ لکيل هوندا هئا، سي هنن کي ڏيکاريندو هو، اسڪول ۾ پڙهندي پادر مسٽر شرٽ جي مڊم وٽ انگريزي ميوزڪ يا راڳ پيو سکندو هوس، مسٽر ۽ مسز شرٽ مون تي نهايت مهربان هوند هئا ۽ پڇاڙي تائين اهڙا هليا آيا.
پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ يعني سن 1887ع ڌاري ادو مرزا غلام رضا بيگ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر ٿيو هو ۽ فارسي پڙهائيندو هو، اسي رپيا پگهار ملندو هوس، مون کي فارسي اڳ ئي ايندي هئي، تنهن ڪري مئٽريڪيوليشن ۾ عربي جو ارادو ڪيم ۽ پنهنجي منهن پيو پڙهندو هوس ۽ مشڪلاتون حآجي قاضي احمد سنڌي اسڪول جي هيڊ ماستر کان حل ڪرائيندو هوس، پر پوءِ سگهوئي ادو مرزا غلام رضا بيگ ميرپور خاص جي ميرن جو ماستر مقرر ٿيو ۽ سندس جاءِ تي اڌ پگهار تي يعني چالهن رپين تي مسٽر فلٽن ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر مون کي پرشن ٽيچر ڪري رکيو، آءُ پاڻ پهرئين ڪلاس ۾ هوس ۽ ٻئين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو هوس، پر انهي سال مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ ”ايلس پرائز“ سٺ روپئي جي سنڌي ٻولي تي ٺهرائي ويئي هئي، انهي جي لالچ تي عربي يا فارسي جي بدران سنڌي ورتيم ۽ اها پرائز کٽيم جا بمبئي جي يونيورسٽي مان مون کي ملي ۽ انهي جا ڪتاب اڃان مون وٽ آهن ۽ ڪم پيا اچن.
آءُ اڃا مئٽريڪيوليشن جي لاءِ بمبئي نه ويو هوس، جو اڳي اهو امتحان اتي ٿيندو هو ته بابي وفات ڪئي يعني 1288ع هجري 1871ع ۾ بابي کي پيڇش جي بيماري هئي جنهن کي ڊسنٽري ٿا چون، دادا ڀائي سامسن ۽ رحمان خان ڊاڪٽر بابي جي دوا ڪرڻ ايندا هئا، ۽ آءَ هر روز اسپتال مان پاڻ وڃي دوا وٺي ايندو هوس، پر آخر شفايابي نه ٿي ۽ بابي وفات ڪئي، جيئن مٿي به چيو ويو آهي ته بيماريءَ يا وفاتي جي خرچ لاءِ اسان کي بابي جي سوني واچ نيڪال ڪرڻ جي ضرور ٿيو ۽ اها ڊاڪٽر سامسن پاڻ ورتي، مون کي ياد آهي ته آءُ واچ کيس گهر ڏيئي آيس ۽ هن مون کي سئو رپيا ڏنا، واچ عمدي ميڪيب جي ڪارخاني جي هئي، جا زياده قيمتي ۽ ڪامياب ٿيندي هئي.

باب ٽيون: منهنجي جواني ۽ مٿين تعليم جو احوال

بابي جي وفات کانپوءِ ٻئي سال آءُ بمبئي ويس ۽ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيس، بمبئي ڏي ويندي يا موٽندي ڪراچي ۾ آءءُ پهرين قاضي محمد اشرف وٽ ٽڪندو هوس، پوءِ مسٽر تاپيداس هاءِ اسڪول جي ماستر وٽ ۽ پڇاڙي ۾ مسٽر حسن علي وٽ، جو سندس پٽ مسٽر علي محمد به ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو، ادو مرزا صادق علي بيگ تڏهن اڃا ڪاليج ۾ هو ۽ پرشن فيلو به هو، انهي سال ۾ بي اي پاس ڪيائين، پهرين اسين ٻئي گڏ رهندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي جي صحبت ۾ ڏاڍا خوش هئاسين، تڏهن مسٽر چئٽفيلڊ پرنسپال هو ۽ مولوي عبدالفتاح عربي ۽ فارسي جو پروفيسر هو، ادي صادق علي بيگ عربي ۾ بي اي پاس ڪيو، پر مون فارسي کنئي، سگهوئي پوءِ ادو صادق علي بيگ حيدرآبا آيو ۽ آءُ اڪيلو رهڻ لڳس، مولوي عبدالفتاح جي جاءِ تي پروفيسر مرزا حيرت آيو ۽ پرنسپال پروفيسر ورڊ سورٿ آيو، انهي کان پوءِ پروفيسر اگزنهام آيو، مسٽر جائلس جو پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ڊائريڪٽر به ٿيو سو ۽ پروفيسر هاٿارن ٿوبت به اتي پروفيسر هئا.
ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ تي مون کي سنڌ مان هڪڙي اسڪالرشپ ويهن رپين جي ملي، جا اڳي منهنجي وڏن ڀائرن کي به ملندي هئي، بلڪه ادي جن کي ته ارڙهن رپيا نوڪري جو پگهار به سرڪار مان ملندو هو، انهن ڏينهن ۾ مسٽر فلٽن سنڌ ۾ ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ اهو ادي جن تي ۽ مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ اسان کي هر طرح جي سهوليت ۽ مدد موجود ڪري ڏنائين، جڏهن هو بدلي ٿي بمبئي هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي آيو، تڏهن بمبئي ۾ مون کي وقت بوقت اچي ڏسندو هو ۽ همٿائيندوهو، انهي صاحب جا ڪي خط ٻارهين باب ۾ ڏجن ٿا.(15 ۽ 16)
وقت جا پروفيسر يا فيلو سڀ مون منجهان راضي هوندا هئا ۽ مون تي مهربان رهندا هئا، خاص پروفيسر مرزا حيرت، جو مون کي نه فقط شاگرد وانگي پر پٽ وانگي سمجهندو هو ۽ محبت ڏيندو هو، منهجي وقت ۾ ڪاليج جا فيلو مسٽر مودي، مسٽر واڊيا ۽ مسٽر بابا هوندا هئا، مسٽر واڊيا کي شعر جو محاورو هوندو هو ۽ مون کي شعر جا قانون خانگي طرح سيکاريندو هو، ۽ جيڪي انگريزي شعر آءُ ٺاهيندو هوس تن جي اصلاح به ڪندو هو، مرزا حيرت وٽ آءُ هر روز شام جو ويندو هوس، ۽ رات جو ڳچ تائين سندس صحبت ۾ رهندو هوس، صبح جو به ويندو هوس، آءُ ڪلارڪ وانگي سندس خانگي يا سرڪاري لکپڙه به ڪندو هوس، ڪتاب جيڪي وٽس راءِ ڏيڻ لاءِ ايندا هئا سي به مون کي ڏسڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ ڏيندو هو، امتحانن ۾ سوالن ڪڍڻ ۽ جوابن ڏسڻ ۾ به آءُ خانگي طرح گهڻي مدد ڏيندو هومانس، پهرين سال ئي هن کي معلوم ٿيو ته فارسي ۽ عربي آءُ زياده ڄاڻان ٿو، اسان کان جيڪي وقت بوقت امتحان وٺندا هئا تن ۾ فارسي جي پيپر ۾ هو هميشه مون کي سئو مان سئو مارڪون ڏيندو هو، جنهن تي بيا سڀ پروفيسر کلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت تي حيرت ۾ پوندا هئا، خانگي وقت ۾ هو مون سان هزارن مضمونن تي گفتگو ڪندو هو ۽ جدا جدا شاعرن جا شعر ٻڌائيندو هو، جيڪي مضمون ٽرم جي پوري ٿيڻ تي ڏيندا هئا ۽ جن تي انعام به آڇيل هوندو هو، تن ۾ هميشه فارسي ۾ مون کي انعام ملندو هو، فارسي ۾ آءُ شعر جوڙي کيس ڏيکاريندو هوس، تن ۾ درستي ڪندو هو ۽ علم عروض جا قانون چڱي طرح سمجهائيندو هو، پاڻ گهڻين ٻولين ۾ هوشيار هو، ترڪي به ڄاڻيندو هو، تنهن ڪري مون کي گبه ترڪي زبان سکڻ جو شوق ٿيو ۽ هن مون کي ايتري سيکاري جو انهي ٻولي ۾ به آءُ شعر چوڻ لڳس ۽ انهن جي درستي به هو ڪندو هو، سندس معرفت آءُ آغا خان وڏي ۽ سندس خاندان جي ماڻهن سان واقف ٿيس ۽ اڪثر انهن وٽ وڃي ڏينهن گذاريندو هوس ۽ ماني کائيندو هوس، آغآ خان جو ننڍو پٽ آغا اڪبر شاهه خاص طرح کان انگريزي سکندو هو، ترڪي قانصل بمبئي واري سان به منهنجي معرفت ڪرايائين، جنهن ڪري ترڪي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جي مون کي زياده استعمالي ٿيڻ لڳي، مرزا حيرت مرحوم جي گهڻن خطن مان چار خط (نمبر 8 کان 11 تائين) باب ٻارهين ۾ ڏجن ٿا.
ڪاليج ۾ فارسي قوم جي شاگردن مرهٽن ۽ گجراتين سان گهڻو واسطو رهندو هو ۽ انهن سان پڻ دوستي ٿي، پروفيسر ڀنڊارڪر، سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ اڳي حيدرآباد جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي ويو هو، هو منهنجن ٻن وڏن ڀائرن جو استاد هو، تنهن ڪري مون تي به گهڻو مهربان ٿيڻ لڳو، مسٽر تلنگ، سندس اسسٽنٽ هو، انهن جي سنگت ۾ مون کي سنسڪرت سکڻ جو به شوق پيدا ٿيو ۽ پهريان ٻه ٽي ڪتاب پڙهيم، گجراتي ٻولي به سکيس ۽ اها چڱي طرح لکي پڙهي ويندو هوس، ساڳي طرح مرهٽي ٻولي به ٿوري گهڻي سکيس، ۽ اڃا تائين انهن ٻولين جي لکڻ پڙهڻ جي وري گهڻي استعمالي ڪندو اچان، انهي شوق ۽ صحبت ڪري هندن ۽ پارسين جي مذهبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ انهن تي انهن مذهبن جي شاگرن سان بحث ڪرڻ جو به چڱو وجهه ملندو هو، تنهن ڪري تعصب نڪرندو ويو، ٻين مذهبن جا اصول به پوري طرح سمجهڻ ۾ اچڻ لڳا ۽ پسند ٿيڻ لڳا، مرزا حيرت تصوف مان واقف هو ۽ پڪو صوفي هو، تنهن ڪري مون کي به تصوف جي پوري واقفيت ٿي، مطلب ته جيئن ننڍي هوندي مون پنهنجي پيءُ جي صحبت مان علمي مايو وڌايو ۽ گهڻو ئي ڪي پرايو، تيئن بمبئي ۾ مرزا حيرت جي صحبت مان به گهڻو ئي ڪي حاصل ڪيم، انهي لاءِ آءُ سندس گهڻو شڪر گذار آهيان ۽ مرڻ گهڙي تائين احسان مند رهندس.
فارسي ۾ هوشياري ڪري ۽ شاگرن جي تعداد زياده هئڻ ڪري مرزا حيرن جي لکڻ تي مون کي ڪاليج ۾ فيلو مقرر ڪيايون، جو هيٺين ڪلاسن کي بلڪه ڪڏهن مٿين ڪلاسن کي به فارسي پڙهائيندو هوس، جهڙي طرح هاءِ اسڪول ۾ ٻار پڙهندي ٻين کي فارسي پڙهائيندو هوس، ڪاليج جي پرنسپالن جا به خط منهنجي ترقي بابت هيٺ ٻارهين باب (نمبر 5 ۽ 6) ۾ ڏنا ويا آهن، تن ڏينهن سنڌ جي شاگردن مان منهنجا ڪاليج جا سنگتي، مسٽر هاسارام منگهر ملاڻي، مسٽر ٽيڪچند واسواڻي، مسٽر ليلا رام لالواڻي، مسٽر سهيانومل ملڪاڻي ۽ مسٽر دولست رام هئا، جن مان فقط مسٽر ليلا رام اڃا حيات آهي، اتي جا همسبق مسٽر داور، مسٽر چندورڪر، مسٽر آدر جي دلال، مسٽر ڪائوسجي جيجي ڀائي، مسٽر رستمجي پٽيل ۽ ٻيا ڪي هئا، جن مان گهڻا مشهور ٿي گذريا آهن.
انهي وقت جي هڪڙي ڳالهه ياد ٿي پوي، جنهن ۾ مون کي پنهنجي نالائقي ۽ بيعقلي قبول ڪرڻي ٿي پوي، سنڌي شاگردن مان هڪڙي تي مرزا حيرت جي مهرباني ڏسي مون کي حسد پيدا ٿيو ته انهي ”ٽائيمس آف انڊيا“ اخبار ۾ ڪي خط وڌا جن ۾ مرزا حيرت جي شڪايت ڪيائين ۽ منهنجي فيلو ٿيڻ تي اعتراض آندائين، اهي خط گمنام هئا، جي ڏسي مرزا حيرت کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، آخر ٻيا سنڌي شاگرد جي منهنجا دوست ۽ زياده خير خواهه هئا، تن کي خبر پئجي ويئي ته لکندڙ اهو آهي بلڪه هن هڪڙو ٻيو خط لکي ٽپال ۾ وجهڻ لاءِ پنهنجي نوڪر کي ڏنو، جو هنن ڪنهن تجويز اسان انهي کان وڄي مون کي ڏنو، مون کي به ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ پنهنجن سنڌي دوستن جي چوڻ تي او خط مون وڃي مرزا حيرت کي ڏيکاريو، جنهن کي نهايت ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، ڇا لاءِ جو هو سڀني شاگردن تي مهربان هوندو هو ۽ اهو شاگرد کي وٽ گهڻو ويندڙ هو، هن اهو خط چڙ ۾ ڦآري ڇڏيو ۽ انهي سنڌي شاگرد کي گهڻو ڳالهايائين ۽ وري ڪڏهن به پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنائين، انهي حرڪت ڪري آءُ بروقت پشيمان ٿيس ۽ اڃا تائين پشيمان آهيان ته ائين نه ڪريان ها ته چڱو هو!
ڪاليج ۾ پڙهندي مون لاءِ ڪلاس يعني قاعدي جي اسڪول ۾ به پئي پڙهيو، انهي خيال سان ته بي اي کانپوءِ ايل ايل بي جي لاءِ وڃي سگهان، قاعدي جو پهريون امتحان جورس پروڊنس به پاس ڪيم.
ڪاليج ۾ مون کي سنڌ جي اسڪالر شپ ويهه رپيا درماهو ته ملندي هئي پر اتي ڪاليج جي امتحانن پاس ڪرڻ ڪري ٻي اسڪالر شپ به ويهين رپين واري جدا ملندي هئي، انهي کان سواءِ خانگي طرح ڪي دولتمند پارسي شاگرد مون کان پارسي پڙهندا هئا ۽ انهي لاءِ پنج ڏهه رپيا ڏيندا هئا، جنهن ڪري منهنجو گذران چڱي طرح ٿيندو هو، سنڌ مان آيل نوڪر به مون سان گڏ رهندو هو، ٻي مدد پئسي جي پنهنجن وڏن ڀائرن کان خاص ڪري ادي مرزا صادق علي بيگ کان وقت بوقت ملندي رهندي هئي، ٽرم پوي ٿيڻ تي مهينو ڏيڍ وئڪيشن ملندي هئي ۽ انهي ۾ اڪثر آءُ ڳوٺ ايندو هوس، ايف اي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن وئڪيشن تي آيس تڏهن ادو غلام رضا بيگ جو اڃا ميرپور خاص جي ميرن جو ماستر هو، ۽ ادو صادق علي بيگ جو ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر هو، ٻنهي وٽ وڃي ڪي ڏينهن رهيس، انهي کانپوءِ وري جڏهن وئڪيشن تي آيس تڏهن ادو مرزا غلام رضا بيگ ٽنڊي محمد خان جي ميرن وٽ هو ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو، وري به ٻنهي وٽ وڃي اڳئين وانگر ڪي ڏينهن گذاريم، هنن جي صحبت ۾ منهنجو وقت تمام خوش گذرندو هو ۽ منهنجي هئڻ ڪري هو به ڏاڍو خوش گذاريندا هئا.
آءَ بمبئي ۾ هوس ته منهنجي غير حاضري ۾ امان سن 1293ع سن 1876ع ۾ وفات ڪئي، ترت آءُ به وئڪيشن تي آيس، مون کي امان جي مرڻ جي خبر نه هئي، ڳوٺ اچي ڏسان ته ٽيجهي جي ماني اوطاق ۾ پئي هلي ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، مون کي ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو، اها سڄي وئڪيشن ماتم ۾ گذاريم پوءِ لاچار بمبئي آيس نه ته اچڻ جي مرضي نه پئي ٿي، بمبئي ۾ منهنجو خيال خراب ٿيڻ لڳو ۽ نتيجو اهو ٿيو ته بي اي ۾ فيل ٿي پيس ۽ انهي ڪري پاڻ دل زياده شڪسته ٿي، پر لاچار وري به محنت ڪرڻ لڳس، منهنجي فيل ٿيڻ تي جهڙو منهنجن عزيزن کي تهڙو ڪاليج جي پروفيسرن ۽ دوستن کي حيراني به لڳي ۽ ارمان به ٿيو، جيترو اڳي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نالو ڪڍيو هوم اوترو هينئر زياده شرمندو ۽ ملول ٿيڻ لڳس، پوءِ ته سگهوئي بيمار ٿي پيس ۽ ڊسنٽري يا پيچش ۽ سوري اچي ٿيم، ڪاليج ۾ منهنجي اڀياس ۽ ترقي جون ٻن پرنسپالن جو رپورٽون باب ٻارهين ۾ ڄاڻايل آهن.
اها بيماري مهينن جا مهينا هلي ۽ اهڙو بيمار ٿيس جو ڊاڪٽرن صلاح ڏني ته هلي اسپتال ۾ داخل ٿجي، ته جيئن اتي ڊاڪٽرن ذري ذري نظر ڪري، تنهن ڪري لاچار آءُ ڪاليج مان نڪري مسٽر خورشيد جي ڪنٽراڪٽر ۽ مسٽر رستمجي گمي جي گهر وڃي رهڻ لڳس، مسٽر رستمجي جو ڀاءُ ڊاڪٽر رتنجي گمي، منهنجي نظر داري ۽ دوا ڪندو هو، اتي وڏو ڊاڪٽر به ڪڏهن ڪڏهن نظر ڪرڻ لاءِ ايندو هو، هڪڙي ڀيري ته ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر ڪڪ، به وٺي آيا، پر اڃا به بيماري جند نه ڇڏي، آخر هنن ڊپ ڏياريو ۽ صلاح ڏنائون ته بمبئي جي گهميل هوا کان نڪري پنهنجي وطن جي خشڪ هوا ۾ وڃ، سو به سمنڊ جي رستي وڃڻ ڪري بيماري زياده ٿيڻ جو خوف آهي، تنهن ڪري لاچار ريلوي جي رستي روانو ٿيس، اهو سن 1872ع وارو سال هو، هندستان جا مشهور مشهور شهر ڏسندو گهمندو ملتان تائين آيس ۽ اتان وري درياءِ جي رستي آگبوٽ ۾ چڙهي ڪوٽڙي آيس جو تڏهن ملتان ۽ ڪوٽڙي تائين آگگاڏي ڪا نه هئي، انهي سفر جو بيان يا ڊائري مون ڌار لکي آهي ۽ اڃا موجود آهي، رستي ۾ البت سوري جي تڪليف رهي پر ڳوٺ اچڻ بعد ٺيڪ ٿي ويس، ساهي کڻڻ کانپوءِ وري به بمبئي ويس انهي لاءِ ته بي اي پاس ڪريان، پر وڃڻ سان وري بيمار ٿي پيس، انهي وچ ۾ اسڪالر شپون به بند ٿي ويون ۽ ڪاليج جي بورڊنگ ۾ رهڻ جو به حق هليو ويو ۽ هوا به نامواقف ٿي ۽ ذري ذري بيماري ٿيڻ لڳ ۽ دل شڪستو به گهڻو ٿيڻ لڳس، تنهن ڪري لاچار ٿي بمبئي توڙي ڪاليج جي پچر ڦٽي ڪري هليو آيس ۽ اچي هوا بدلائڻ لاءِ ادي مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچي ۾ رهڻ لڳس انهن پنهنجن مصيبتن جو ذڪر انگريزي شعر ۾ به لکيم، جو ”لييئر آورس“ ڪتاب ۾ موجود آهي.
تن ڏينهن ادو مرزا صادق علي بيگ اسان جي ڀيڻن ۽ داين سان اتي اچي رهيو هو، اڳي اسان جي خاندان مان ڪي به پنهنجا اصلوڪ گهريا ڳوٺ ڇڏي ٻآهر نه ويا هئا، هميشه سخت پردي ۾ رهندا آيا، پهريون دفعو اسان ائي ڪيو تنهن ڪري اوڙي پاڙي وارا البت خندو ڪرڻ لڳا، پر اسان انهن تي ڌيان ڪونه ڏنو، مامو مرزا علي محمد بيگ ڊيپوٽي به تڏهن ڪراچي ۾ رهندو، تنهن ڪري اسين سڀ گڏ رهڻ لڳاسين، آءُ به اچي ساڻس گڏ رهڻ لڳس، مامو عجيب انسان هو تمام چڱي طبيعت وارو ۽ خداپرست ماڻهو هو، مون سان گهڻي محبت هوندي هيس ۽ آءُ سندس صحبت ۾ رهي ڏاڍو خوش ٿيس، شعر ۽ ڪتابن جي مطالعي جو به شوق هوندو هوس، جنهن ۾ آءُ ساڻس شامل ٿيندو، سگهوئي پوءِ سن 1877ع ۾ ادي مرزا صادق علي بيگ جي مامي مرزا علي محمد بيگ جي گهران شادي ٿي ۽ انهي کانپوءِ اسان جي وڏي ڀين جي شادي مامي مرحوم جي پٽ مرزا ڪلب علي بيگ سان ٿي، جنهن پوءِ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي وفات ڪئي، ‎اسان جي ننڍي ڀيڻ جي شادي مامي مرزا ولي محمد بيگ جي پٽ مرزا حسين قلي بيگ سان ٿي، جنهن نيٺ محالڪار ٿي وفات ڪئي، انهي جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، ادو مرزا صادق علي بيگ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اچي ڪراچي رهڻ لڳو، انهي طرح ٻارن ٻچن کي ساڻ وٺي ٻاهر نوڪري واري هنڌ ڏانهن وڃڻ جي اسان به رسم شروع ٿي، جا اڳي سخت پردي جي ڪري نه هوندي هئي، گهران ڏولي ۾ ٻار نبا هئا ۽ اسٽيشن تي خلاصو گاڏو ڪري قنات بيهاري گاڏي ۾ ويهاربا هئا ۽ ساڳي طرح وري لهبو هو، انهي ۾ البت پئسو خرچ ٿيندو هو ۽ تڪليف به ٿيندي هي، پر عزت آبرو جي خيال کان لاچار ٿيندو هو ۽ سڀني گهر جي ڀاتين جي گڏ رهڻ ڪري کاڌي پيتي وغيره جو خرچ گهٽ ٿيندو هو ۽ غير حاضري جي ڪري ٻارن ٻچن جي انتظار کان ڇٽي پئبو هو.
انهي طرح ڪراچي ۾ مون کي ٻه ورهيه گذارڻا پيا، ٻيو ڪم ڪار ڪو نه هوندو هو، بيماري گهڻي ڪاٽي هيم تنهن ڪري هوا بدلائڻ ۽ آرام وٺڻ ۽ تندرستي وڌائڻ جو چڱو وجهه مليو، پنهنجي منهن ڪتاب مطالع پيو ڪندو هوس، فريئر هال لائبرري ۽ گاڏي کاتي واري هاءِ اسڪول جي ويجهو جنرل لائبرري ۾ ويندو هوس، فريئر هال لائبرري جو لائبررين تڏهن مسٽر مري هوندو هو، ۽ جنرل لائبرري جو مسٽر ڏيارام گدومل هو، جو تڏهن صدر ڪورٽ جو رجسٽرار به هو، ۽ کانئس پوءِ مسٽر موتيرام شوقيرام لائبررين ٿيو، انهي وقت آءَ انگريزي شعر به جوڙيندو هوس ۽ انگريزي اخبار ” سنڌ نيوز“ ۾ ڏيندو هوس ۽ فارسي شعر جوڙي فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ ڏيندو هوس، جنهن ۾ وقت جي ٻين شاعرن جا شعر به ڇپبا هئا، انگريزي اخبار جو ايڊيٽر مسٽر جيفريز هوندو هو، جو هوشيار ماڻهو هو، مگر شراب گهڻي پيئڻ جي عادت هوندي هيس، انهي سان ۽ انهي جي گهر ڀاتين سان منهنجي گهڻي دوستي هوندي هئي، جڏهن هو شراب پي مست ٿيندو هو تڏهن اخبار لکڻ جو هوش نه هوندو هوس، تنهن ڪري سندس منڊم ۽ ڌين جي چوڻ تي آءُ اخبار ڪڍندو هوس، ۽ ليڊنگ آرٽيڪل يا ٻيو مضمون ڏيندو هوس، آخر مسٽر جيفريز مئو به شراب پيئندي، اخبار ”مفرح القلوب“ جو مهتمم پهرين مرزا مخلص علي هو ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد شفيع هو، جنهن جو ننڍو ڀاءُ مرزا محمد جعفر پوءِ ڪراچي جي سنڌ ڪاليج جو پروفيسر ٿيو، انهن سان توڙي ڪرياچي جي ٻين ڪن هندو ۽ مسلمان معزز مانهن سان منهنجو آمدرفت جو رستو ٿيو، خاص ڪري مسٽر حسن علي، مسٽر ڏيارام ۽ اڌارام، مسٽر بينر جي، آغا پوليس انسپيڪٽر ۽ ڪن ٻين سان پوءِ جڏهن مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي، تڏهن اهڙي رٿ پيش ڪئي هئائين ته مون کي پارسي جو پروفيسر ڪري رکي، پر مون پسند نه ڪيو جو ارادو هوم ته روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪريان ۽ مسٽر حسن علي تڏهن مدرسو قائم ٿي ڪيو تنهن کي به انهي ڪم ۾ مدد ڏنيم، جنهن جو ذڪر سندس سوانحعمري ۾ مفصل لکيو اٿم.
انهن ڏينهن ۾ مامو مرزا علي محمد بيگ، مراد خان پٺاڻ جي اسٽيٽ جو هلائيندڙ مقرر ٿيو هو ۽ حب ندي تي رهندو هو ۽ پٺاڻن سان گهڻو واسطو هوندو هوس، آءُ به وٽس ڏينهن جا ڏينهن حب تي وڃي رهندو هوس، پٺاڻ سان ڳالهائيندي ۽ صحبت ڪندي ۽ هنن جا شعر ٻڌندي مون کي پشتو سکڻ جو شوق ٿيو، گرامر ۽ ڊڪشنري خريد ڪري پٺاڻن جي مدد سان پشتو سکڻ لڳس ۽ گهڻا شعر به ياد ڪيم سگهوئي پوءِ سردار شير علي خان، قنڌار جو والي ۽ سردار محمد حسن خان ۽ سردار حيدر خان ۽ ٻيا ڪي سردار به نظر بند ٿي ڪراچي اچي رهڻ لڳا، تن سان به گهڻي صحبت ٿي، انهي طرح فارسي، پشتو جي چڱي مشغولي ٿي، آغا خان جو وڏو پٽ آغا علي شاهه به تن ڏينهن ڪراچي ۾ رهندو هو، مسٽر حسن علي به وٽس گهڻو ويندڙ هو، منهنجو به ساڻس رستو هو، جو سندس والد آغا خان وڏي ۽ سندس ڀائن ۽ ٻين عزيزن سان گهڻي واقفيت هوندي هئي، آغآ خان ۽ سندس مريدن خواجن جي مذهب جو ذڪر ”تحفه اسماعيليه“ ۾ ڏنو اٿم، جو خود خواجن ڇاپايو آهي.
منهنجو ڀاءُ مرزا جعفر قلي بيگ به پوءِ ولايت مان ڊاڪٽر ٿي آيو۽ ڪراچي ۾ اسپتال کوليائين، مسٽر هيرانند سندس سنگتي هو ۽ اسپتال جي ڪم ۾ گهڻي مدد ڏيندو هوس ۽ ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪندو هو، مسٽر گپتا ۽ مسٽر بادشاهه پروفيسر به تڏهن ڪراچي ۾ هوندا هئا، انهن سان به سنگت رهندي هئي.
مون کي ياد آهي ته اسين سڀئي گڏجي ويس بدلائي رات جو اڌ رات تائين ڪراچي جي شهر بغدادي ۽ ٻين جاين تي گهمڻ لاءِ ۽ ملڪ ۽ ماڻهن جي خبر لهڻ ويندا هئاسين ۽ انهي جي حقيقت ۽ سڌاري جي نسبت ۾ مسٽر گپتا ۽ مسٽر هيرا نند اخبار ”فنيڪس“ ۾ ليک لکندا هئا، چنڊو خانن، قهود خانن، ڪڃرين، چڪلن ۽ جواخانن ۾ به ويندا هئاسين ۽ انهن جون ڳالهيون ۽ راڳ ۽ شهر جون ٻيون خبرون ٻڌندا هئاسين، جن جي ٻڌڻ جو ٻي طرح امڪان نه هو، هڪڙي ڀيري ته مون کي پٺاڻ بنائي بغدادي جي هڪڙي دلال کي چيائون ته ”هن خان جي لاءِ ڪنهن سکر گهر جي ڇوڪري گهرجي، نه بازاري زال“ هن اسان کي چڱا گراهڪ ڄاڻي ٽن چئن سکرن جون جا نالا ٻڌايا، جتان ڇوڪريون آڻي سگهيو ٿي، پوءِ هڪڙي جي آڻڻ لاءِ چيو ويس، هو اوڏانهن ويو ۽ پٺيان اسين سڀ ڀڄي هليا وياسين، ويچارو موٽي اچي پشيمان ٿيو هوندو ۽ شايد ويچاري ڇوڪري کي به رلايو هوندائين ۽ اسان کي به خوب گاريون ڏنيون هوندائين.
اهو وقت منهنجي جواني جو هو ۽ يورپين ماڻهن جي گهرن ۾ وڃڻ جو گهڻو اتفاق ٿيندو هو ۽ جوان ڇوڪري سان صحب ڪرڻي ٿيندي هئي، تنهن ڪري انگريزي پوشاڪ، ڪالر، نيڪٽا وغيره جي عادت پئي ۽ ڏاڙهي جي صافي ڏيندو هوس، بلڪه انهي وقت اهڙو به خيال پيدا ٿيڻ لڳو ته ناهن مان ڪنهن يورپين يا يوريشين ڇوڪري سان شادي جو بندوبست ڪجي پر اڃا ته ڪا نوڪري ڪا نه هئي ۽ نه وري ٻي پيدائش هئي، تڏهن في الحال اهو خيال رهجي ويو، مگر انگريزي ٻولي ڳالهئاڻ ۽ انگريزي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ بلڪه انگريزي ناچ سکڻ جو به وجهه مليو، انهن ڏينهن ۾ جيڪي انگريزي شعر چيم يا اخبار ۾ ڇپايم يا انهي کان اڳي جيڪي ڪاليج ۾ ٺاهيا هئم سي سڀ هڪڙي ننڍڙي ڪتاب جي صورت ۾ هڪڙي منهنجي پارسي دوست ڇپايا، جنهن ڪتاب جو نالو ”ليئر آورس“ آهي، اهو ڪتاب مون پنهنجي استاد پرنسپال ورڊ سوزٿ جي اجازت سان کيس معنون يا ڊيڊيڪيٽ ڪيو، انهي ڪتاب ۾ منهنجي ڪاليج جي ڏينهن بابت ۽ امتحان ۾ فيل ٿيڻ بابت ۽ ڪاليج جي ڊرامئٽڪ سوسائٽي ۾ شامل هئڻ بابت ۽ ڪراچي جي ڪن ڳالهين بابت به ڪي شعر آهن.
تڏهن ڪراچي ۾ مسٽر مچي مشهور فوٽو گرافر هو، تنهن سان ۽ تنهن جي گهر جي ڀاتين سان به دوستي ٿيم ۽ اڪثر انهن وٽ ايندو ويندو هوس، مون ۽ منهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ تنهن کان فوٽو ڪڍڻ جو هنر سکيو ۽ پنهنجا اوزار ورتاسين ۽ تصويرون ڪڍيونسين، امان ۽ پنهنجين ٻنهي ڀيڻن ۽ ٻنهي داين جي ڪڍيل تصوير اڃا اسان وٽ موجود آهي، اڳي اسان ۾ ڪنهن به عورت جي تصوير نڪتل ڪا نه هئي، بلڪه بابي ۽ ناني جي تصوير به اسان وٽ ڪانهي، جنهن جو اسان کي گهڻو افسوس آهي، اهو هنر اڳي سکون ها ته بهتر هو.

باب چوٿون: منهنجي نوڪري جي ڏينهن جو احوال

مٿئين بيان مان معلوم ٿيو هوندو ته ڪاليج مان موٽڻ کان پوءِ ٻه ٽي سال ڪم ڪار کان سواءِ هوا کائڻ، گشت ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ دل وندرائڻ ۽ معزز ماڻهن ۽ همخيال دوستن سان صحبت ڪرڻ ۾ گذاريم پر پوءِ منهنجي ڀاءُ مامي ۽ ڪن ٻين دوستن صلاح ڏني ته روينيو کاتي ۾ سرڪاري نوڪري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، انهن جي صلاح موجب آءُ قاعدن جا ڪتاب ڏسڻ لڳس ۽ آفيسن ۾ وڃي ڪم ڏسڻ لڳس، انهن ڏينهن ۾ پهرين ڪرنل لامبرٽ ۽ پوءِ ڪرنل والس ڪراچي ۾ ڪليڪٽر هئا، انهن جي لکيل اجازت ورتيم ته مختيار ڪاري يا ڪليڪٽري ۾ وڃي آفيسن جو ڪم ڏسان ۽ واقف ٿيان، لالا گيانچند سيوهڻ وارو، ٿڏهن ڪراچي جو مختيار ڪار هو ۽ مسٽر فرامروز پنٿڪي (پارسي) تعلقي جو هيڊ منشي هو، انهن سان خاص طرح منهنجي دوستي ٿي ۽ اهي مون کي ڪم سيکارڻ لڳا، اڪثر ڏينهن جو گهڻو ڀاگو آفيس ۾ گذاريندو هوس، تنهن ڪري خزاني، فوجداري توڙي روينيو جي ڪم مان واقف ٿيڻ لڳس، ساڳئي وقت قاعدي جا ڪتاب به پئي پڙهيم، آخر مئجسٽريٽي جو امتحان ڏنم، جيتوڻيڪ اهو امتحان انهي سال مشڪل ٿيو هو، پر تڏهن به جيڪي اميدوار آيا هئا تن سڀني مان فقط آءُ هڪڙو پاس ٿيس.
انهي وقت ڌاري منهنجو دوست مسٽر دولت رام ڄيٺل جو ڪراچي هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر هو ۽ سٺ رپيا پگهار ملندو هوس، سو جڊيشل کاتي ۾ سرشتيدار مقرر ٿي شڪارپور ۽ انهي جي جاءِ خالي ٿي ۽ سڀني مون کي انهي جاءِ تي ڪم ڪرڻ لاءِ زور ڪيو، جو پارسي مون کي چڱي ايندي هئي، تنهن ڪري آءُ وڃي پرشن ٽيچر ٿيس، مسٽر ٽلاٽي وڏو، تڏهن هيڊ ماستر هو، ڪي ٿورا مهينا اتي هوس پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر، مسٽر آليونٽ جو ڪن ڏينهن کانپوءِ وري ڪمشنر ٿي آيو، تنهن جي خاص مهرباني سان ۽ سندس صلاح سان مختيار ڪاري جي ڪم سکڻ لاءِ شڪارپور ضلعي جي ڪڪڙ تعلقي جو هيڊ منشي ٿي ويس، اهو تعلقو تڏهن ميهڙ ڊويزن ۾ هو ۽ مسٽر نارومل سيوهاڻي ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو ۽ مسٽر قيمت سنگهه لاڙڪاڻائي سندس هيڊ منشي هو، ۽ ڪرنل راس شڪارپور جو ڪليڪٽر هو ۽ ديوان لالا گيانچند ديوان چانڊومل کانپوءِ اتي جو دفتردار هو، ٻه ٽي مهينا ڪڪڙ ۾ رهيس ۽ هيڊ منشتي ٿي ڪم سکيس، پوءِ مون کي ميهڙ ڊويزن جي ٿرڙي محبت تعلقي جو مختيار ڪار ڪيائون، جتي ٻه ٽي ورهيه گذاريم، اهڙي چڱي هلت ڪرڻ نوڪري جا فرض ادا ڪرڻ لڳس جو جهڙا آفيسر تهڙا زميندا ماڻهون مون منجهنا ڏاڍا خوش ٿيا، ديوان پارومل ته خاص مهربان ۽ دوست ٿيو، جو پڇاڙي تائين نڀائيندو آيو، (انهي وقت جي آفيسرن جي سفارشن جا نقل ٻارهين بابت ۾ ڏنل آهن.)
ٿرڙي محبت جي ويجهو راڌڻ اسٽيشن ٿڏهن وڏي اسٽيشن هئي ۽ اتيت انجن شيڊ هوندو هو ۽ گهڻا يورپين رهندا هئا، اسٽيشن ماستر ۽ فورمئن ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ۽ ٻيا ڪيترائي يورپين مون وٽ ٿرڙي ۾ ايندا هئا ۽ ماني ٽڪر کائيندا هئا ۽ آءُ به وٽن وڃي ڏينهن گذاريندو هوس، انهن جي صحبت لاءِ اڪٽر آءُ راڌڻ ۾ وڃي رهندو هوس، جو ٿرڙي کان ڪوهه ڏيڍ پنڌ تي آهي، ڪراچي کان تازو آيل هوس، جتي جوان منڊمن جي صحبت ۾ رهيو هوس ۽ جواني جي عمر هئي، ڇا لاءِ جو پنجويهن ورهين جي عمر ۾ نوڪري شروع ڪئي هيم ۽ شادي جو خيال به اڳئي پيدا ٿيو هو، تنهن ڪري راڌڻ جي اسٽيشن ماستر مسڙي مري جي وڏي ڌي سان منهنجي گهڻي محبت ٿي وئي انهي جو نالو ”ائلس“ هو ۽ مون کان ننڍي هئي، آخر انهي سان شادي ڪرڻ جو خيال ڪري انهي جي ماءُ پيءُ تائين ڳالهه پهچايم، هو منهنجي هلت چلت کان چڱو واقف هئا، اهو مسٽر مري ڪراچي واري فريئر هال لئبرري جي لئبررين مسٽر مري جو ننڍو ڀاءُ هو، جنهن سان آءُ اڳيئي واقف هوس، ڇوڪري جي پيءُ ماءُ منهنجي بابت حيدرآباد واري پادري مسٽر شرٽ کان به پڇا ڳاڇا ڪئي، انهي به منهنجي گهڻي تعريف ڪئي بلڪه هنن کي صلاح به ڏنائين ته ڀلي سندس ڇوڪري مون سان شادي ڪري ۽ مسٽر مري جي ڀاءُ به کيس اجازت ڏني، هنن کي اها ڳالهه ويچار ۾ هئي ته اسين اصل سنڌ جا نه آهيون، پر ولايت جا آهيون ۽ اصل اسان جو پيءُ ڪرسچن هو ۽ آءُ کٽڻ ڪمائڻ جهڙو هوس ۽ آبرو جهڙي سرڪاري نوڪري ملي هيم، انهي وقت ڌاري مير عبدالحسين خان به ڊاڪٽر، رائيٽ ٽنڊي الهيار واري ڊاڪٽر جي ڌي سان شادي ڪئي هئي تنهن ڪري مسٽر ۽ مسز مري ٻنهي خوشي سان شادي جي موڪل ڏني، منهنجن ڀائرن به مون کي اجازت ڏني، تنهن ڪري شادي جي تياري ڪرڻ لڳس، نڪاح جو عقيدو پيش آيو ته ديول ۾ ڪجي يا مسلماني نموني قاضي جي معرفت تنهن تي البت لکپڙهه هلي، پر آخر اهو ٺهراءُ ٿيو ته ٻنهي هنڌ نموني نڪاح ٿئي، يعني ڪرسچنن جي رسم موجب به ۽ مسلماني رسم جوب به لاهور جي بشت وٽ اجاز لاءِ درخواست ويئي تنهن حڪم ڪڍيو ته اها شادي روا رکي نه سگهبي، جيسين گهوٽ يعني آءُ ظاهر طرح ڪرسچن نه ٿيان، پوءِ ٻنهي طرفن گهڻي ڪوشش هئي ته مير عبدالحسين جي شادي يا ٻين ڪن اهڙين شادين جي مثالي تي بشت پنهنجو حڪم ڦيرائي پر هن نه ڦيرايو ۽ مون کي ظاهر ڪرسچن ٿيڻ جي مرضي نه هئي، تنهن ڪري اسان ٻنهي کي گهڻو درد ٿيو، آخر ماٺ ڪري ويهي رهياسين، سگهو ئي پوءِ مسٽر مري به سکر جي پاسي بدلي ٿي ويو ۽ منهنجي به پوءِ بدلي ٿي، انهي کانپوءِ وري به مون شادي جي لاءِ منهوڙي واري مسٽر مائلس جي هڪڙي ڌي سان لکپڙه ڪئي جو انهي سان ڪراچي ۾ رهندي گهرائي پيدا ڪئي هيم، انهي ۾ پوءِ ڪي اعتراض اٿيا، جنهن ڪري نا اميد ٿيم ته اها خدا جي خاص مهرباني هئي، جنهن ڪري اهڙي ڌارئين مذهب واري يورپين قوم مان شادي جو بندوست نه ٿيو ۽ انهي لاءِ پوءِ هميشه خدا جو شڪرانو پئي ڪيم ۽ اڃا پيو ڪريان، مٿين ڳالهه جي تصديق لاءِ باب ٻارهين ۾ پادرين ۽ ٻين جا ڪي خط ڏجن ٿا، پر انهي شادي جي نه ٿيڻ ڪري في الحال مون کي ڏاڍو صدمو پهتو، جو منهجي ۽ هن ڇوڪري جي پاڻ ۾ گهڻي محبت هئي گهڻا ماڻهو ته اهڙي وقت بدلجي ڪرستان به ٿي سگهن ها پر مون کي فخر آهي ته اهڙي وقت به مون پنهنجي نفس کي روڪيو ۽ مٿس غالب آيس، انهي هوندي به مون کي انهن ڪرسچن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي، آخر منهنجو وير انهي قوم کان منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا ورتو، جنهن منجهانئن ٻه شاديون ڪيون ۽ اجھ تائين ٻيا به گهڻا پيا وٺن.
مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته پهرين مون کي سنڌي ديسي شادي پسند نه هوندي هئي، نه ته منهنجي ننڍي ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ کان اڳي منهنجا مائٽ منهنجي شادي ڪن ها، بمبئي ۽ ڪراچي ۾ گهڻي وقت گذارڻ مان اهڙا خيال پيدا ٿيا ته جواني جي مستي انهن خيالن جي پٺڀرائي ڪئي، بمبئي ۾ مرزا حيرت مرحوم جي صبحت ۾ به چڙهائي زياده پسند اچڻ لڳي هئي، ڪراڍي ۾ ۽ راڌڻ ۾ منڊمن جي صحبت به شادي جو خيال پيدا ٿيو هو، سو به فقط يورپين سان، پر خدا جي مرضي نه هئي، تنهن ڪري اهو بندوبست نه هميشه لاءِ بگڙي ويو، پر پوءِ معلوم ٿيو ته اهو خيال غلط ۽ خراب هو، جو ٻن مذهبن ۽ قومن وارن جي صحبت شايد گهني تائين جٽا ڪري نه سگهي ها ۽ هنن جي رواج موجب منهنجو پگهار به پورو نه ٿئي ها، تنهن کانسواءِ انهن ڏينهن ۾ يورپين آفيسرن کي اها ڳالهه پسند نه اچي ها ته هو مون کي ڄاڻي ٻجهي تڪليف ڏين ها ۽ رنج رهن ها ۽ منهنجي چال جي نسبت ۾ خراب راءِ رهين ها تنهن ڪري سمجهڻ گهرجي ته خدا جي مرضي چڱي هئي ۽ منهنجي فائدي ۾ هئي.
ٿرڙي محبت کانپوءِ آءُ ميهڙ تعلقي ۾ ٿورا ڏينهن ويس، پر پوءِ سگهوئي وري جوهي ۾ پوءِ وارهه يا نصير آباد تعلقن ۾ منهنجي بدلي ٿي، اتي به ٽي ورهيه رهيس، راڳ جو شوق زياده ٿيڻ لڳو، ٻه ڇوڪرا ڳائڻ وارا رکيم جي ڪافيون ڳائيندا هئا، گشت ۾ به اهي ساڻ کنيو وتندو هوس، اتي مون کي ڪافين ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ گهڻيون ڪافيون ٻڌي شڪارپور ضلعي ۾ منهنجن ڪافيون ۽ غزل پکڙجڻ لڳا ۽ ڳائبا هئا، ٻيا ڳائڻ وارا استاد به گهڻا مون وٽ ايندا هئا ۽ ڳائيندا هئا اهي ڪافيون وغيره سڀ منهنجي ڪتاب ”سوداي خام“ ۾ موجود آهن، حقيقيت ڪري انهي وقت جواني جي مسٽي ۾ خام خيال پيدا ٿيڻ لڳا هئا ۽ شادي جو گهڻو خيال ٿيڻ لڳو هو، خدا جي مهربان سين ۽ ننڍي هوندي جي تعليم مان اهو فائدو ٿيو جو بدچالي کان گهڻي روڪ رهي ۽ حيا ۽ شرم ۾ خانداني عزت جو گهڻو خيال رهيو، چڱي هلت جي ڪري اهڙو نالو ڪڍيو هوم، جو سڀ ماڻهو مون کي پسند ڪندا هئا ۽ ساراهيندا هئا، جيتوڻيڪ پنهنجي تعريف ڪرڻ بيوقوفي ۽ وڏائي آهي ته به اهڙي وقت ۽ حالت ۾ پنهنجي نفس کي پلڻ ۽ عزت ۽ حيا جو زياده خيال کرڻ جو مثال پنهنجي اولاد جي هدايت ۽ فائدي لاءِ ڏيڻ مون کي مناسب نظر ٿو اچي.
انهيءَ نوڪري جي شروع ۾ ۽ جواني ۽ ڇڙهائي جي حالت ۾ ۽ سرڪاري حڪم ۽ چڱي پگهار ۽ وسعت هوندي به پرهيزگار ۽ پاڪدامن رهڻ جي سخت ڪوشش ڪيم، جا شايد هاڻوڪي وقت جي ماڻهن کي آساني سان ويساهه ۾ نه اچي سگهي، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته انهي وقت ڪيترين خوبصورت ۽ سکر ڇوڪرين جا پيغام نوڪري جي معرفت مون کي پهتا هوندا، جي مون رد ڪيا هوندا ۽ نوڪرن کي آئينده لاءِ ڌمڪايو هونديم.
هڪڙي ڀيري ته هڪڙي هنڌ ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ جنهن جو نالو نه وٺندس منهنجي منزل هئي، آءُ تنبوءَ ۾ ستل هوس، اڌ رات ڌاري پيرن کي ڪنهن شيءَ لڳڻ ڪري آءُ جاڳي پيس، ڏسان ته منهنجي کٽولي تي پيراندي کان هڪڙي جوان زال ويٺي آهي، وچ سيرو هو ۽ سخت سيءَ هو، آءُ ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ پڇيو مانس معلوم ٿيو ته اتي جي زميندار جي ڌي هئي ۽ منهنجي تعريف ٻڌي پرپٽ ملاقات جو خيال پيدا ٿيو هوس ۽ اتي منزل هئڻ ڪري چڱو وجهه ڄاڻي نڪرڪي پيئي هئي، شايد انهي لاءِ ٻيو ڪو ماڻهو مدد گار نه هوس ۽ اڪيلي سر نڪري پئي هئي، جو تنبو بنهه ويجهو هو، انهي زميندا سان منهنجو چڱو رستو هو، هو عزت آبرو وارو ماڻهو هو ۽ آءُ گهڻو پسند ڪندو هو سانس، تنهن ڪري هن جي ڌي اتي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
جيتوڻيڪ انهي مهل جواني جي مستي سببان ٻن باهين جي وچ ۾ هوس، ته به مون کي ڏاڍو ڏک ۽ حيا ٿيو، مون ڇوڪري کي سمجهايو ۽ گهني نصيحت ڪئي مانس، سندس پيءُ جو درجو ۽ عزت ياد ڏياري مانس، جا هن ماٺ ڪيو ويٺي ٻڌي ۽ ذرو به نه ڪڇيائين، آخر موٽايو مانس، سخت سيءُ هو، تنهن ڪري مون پنهنجو اوور ڪوٽ هن تي وڌو ۽ تنبو جي در وٽ منهنجو خانگي ڇوڪر سمهندو هو تنهن کي جاڳائي چيم ته هن کي وٺي سندس گهر جي در تائين اماڻي اچ ۽ ٻئي ڪنهن سان ڳالهه ڪرڻ کان سخت منع ڪئي مانس، ٻئي ڏينهن اهو زميندا هميشه وانگر مون وٽ آيو انهي کي ڏسي مون کي پاڻ زياده ڏک ٿيو، پڪ ٿيم ته انهي ڇوڪري جي خيال بڱڙيل هوندو، يا شايد چڱي چال جي نه هوندي، تنهن ڪري پهرين خيالم آيم ته پڻس کي راتوڪي ڳالهه ٻڌايان، يا ڪنهن اشاري سان چوانس ته اڳتي لاءِ سنڀال ڪري، متان ڪنهن وقت سندس خواري ٿئي پر ائين ڪرڻ به مون کي ڏکيو لڳو ۽ چئي نه سگهيو مانس، ليڪن ڏک ۽ ڊپ دل ۾ رهيم ۽ اهو به خيال آيم ته متان اهڙي ڳالهه ٻڌي هو ويچارو شرمندو ٿئي يا متان ويساهه نه اچيس ته سندس ڌي سلامت رهي هوندي، تنهن ڪري لاچار صبر ۾ گذاريم، اتان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ ورهيه ٻن جي عرصي ۾ ٻڌم ته اها ڇوڪري پاسي واري ڳوٺ جي هڪڙي جوان زميندار سان نڪري وڃي شادي ڪيائين ۽ سندس پيءُ مٿس مقدمو ڪيو ۽ اڳيئي ٿيل نڪاح جا جڙتو شاهد ڏنا، جيئن راڄن ۾ ڪندا آهن پر آخر اهو نڪاح ثابت نه ٿيو ۽ اها ڇوڪري انهي زميندار وٽ رهي ۽ انهي مان اولاد ٿيس.
ٿرڙي، ميهڙ ۽ وارهه تعلقن ۾ نوڪري ڪندي ميهڙ جي ڊاڪٽر بينجمن سان منهنجي گهڻي واقفيت بلڪه دوستي ٿي، جتي ڪٿي هو مون وٽ ايندو هو مون کي شادي جي خيال ۾ ڏسي مون کي صلاح ڏنائين ته ميجر صوبيدار پينشنر، سردار بهادر شيخ اسماعيل جي ڌي خوبصورت به آهي ۽ پڙهيل به آهي انهي جي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪر، اهو ميجر صوبيدار اصل بني اسرائيل يا يهودي قوم جو هو، هو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽ دهلي ۾ هڪڙي مغل خاندان مان شادي ڪئي هئائين ۽ انهي مان اولاد هوس، محمد يعقوب سندس وڏو پٽ هو، جو پوءَ سردار ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو ۽ نالو ڪڍيائين، ڊاڪٽر بينجمن پاڻ به يهودي هو ۽ ميجر صوبيدار سان اصل ڪا مائٽي به شايد هيس، هو هنن سان چڱي طرح واقف هو ۽ وٽن ايندڙ ويندڙ هو ۽ محمد يعقوب سان دوستي هيس، جو تڏهن ٺٽي جو مختيار ڪار هو ۽ پهرين ڪوٽڙي ۾ هو، مولوي محمود، ڪراچي وارو جو انهي ڇوڪري کي پڙهائيندو هو تنهن کان به مون هن جي تعريف ٻڌي، منهنجي چوڻ تي ڊاڪٽر بينجمن منهنجي نسبت ميجر صوبيدار ۽ سندس پٽ سان ڳالهه چوري هنن جو رضامندو معلوم ڪري مون کي ٻڌايائين، جنهن تي مون کي پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ کي لکيو، جنهن روبرو وڃي سردار ميجر کي چيو، ڳالهيون هليون ۽ هن اها ٻانهن ڏيڻ قبول ڪئي، ميجر صوبيدار تمام ٻڍو هو، هن جي گهڻي خوشي هئي ته سندس حياتي ۾ سندس ڌي جي شادي ٿئي، پر قسمت ۾ ائين لکيل نه هو، سگهوئي هن وفات ڪئي، پوءِ ميان محمد يعقوب به مون سان واقف ٿيڻ لڳو ۽ انهي سان گڏ ڊاڪٽر بينجمن به ايندو آءُ تڏهن جوهي تعلقي ۾ هوس، ۽ محمد يعقوب ڪراچي ضلعي جو ائڪٽنگ دفتردار هو، منڇر تي ٽئي گڌ شڪار ڪندا هئاسين، تنهن ڪري زياده واقف ٿياسين، روبرو ڳالهيون ڪرڻ شادي جو پڪو بندوبست ڪيوسين، آءُ البت بيمار هوس، تنهن ڪري ٽن مهينن جي موڪل وٺي هوا بدلائڻ لاءِ بمبئي ويس، منهنجو ماروٽ مرزا قلب علي بيگ جو تڏهن موڪل تي هو سو به مون سان گڏجي هليو، آگبوٽ جي رستي وياسين، ۽ آياسين، اچڻ سان آءُ شادي جي تياري ڪرڻ لڳس، محمد يعقوب جن به تڏهن ڪراچي ۾ رهندا هئا، ڊاڪٽر مرزا ۽ سندس مڊم به اتي رهندا هئا، منهنجون ڀيڻيون ۽ ادي مرزا صادق علي جا ٻار ٻچا ۽ ٻيا ڪي ويجها مائٽ به سڀ ڪراچي آيا اتي ڊسمبر مهيني جي 25 تاريخ 1888ع ۾ منهنجي شادي ٿي، منهنجي مرضي موجب ٻنهي ڌرين دهل ۽ باجا وغيره اصل نه ڪيا، نڪو سرڪس ڪيو ويو، فقط ماني جي مجلس ڪئي وئي ۽ نڪاح پڙهيو ويو، مولوي تاج محمد ڪراچي واري نڪاح پڙهيو، ڪن ڏينهن تائين اتي هڪڙي ڪرايي واري گهر ۾ رهياسين ۽ پوءَ موڪل پوري ٿيڻ تي منهنجي بدلي گهوٽڪي ٿي تنهن ڪري في الحال زال کي سندس مائٽن ۾ ڇڏي آءُ نوڪري تي ويس، منهنجي انهي زال جي نسبت ۾ ميجر بيول جو خط ۽ انهي جو جواب جنهن ۾ مون پنهنجي انهي زال جي نسبت ۾ راءِ ڏني آهي، سو ٻارهين باب ۾ ڄاڻايل آهي.
جيتوڻيڪ اها پهرين شادي هئي ۽ ڏاڍي خوشي ۽ سهج مان ڪئي وئي هئي ته به منجهس هڪڙي بدشگوني ٿي پئي، بلڪل شادي واري ڏينهن ادي ڊاڪٽر مرزا جي منڊم جو ويم ٿيو ۽ ٻار ڄڻي مري وئي، جنهن ڪري شادي مان ڦري غمي ٿي پئي، ڄڻ ته سڀ مائٽ حيدرآباد کان نه فقط شادي لاءِ آيا هئا پر مائي منڊم جي مرڻي تي آيا هئا، ڊاڪٽر مرزا کي انهي مڊم مان هڪڙو ئي پٽ ٿيو جنهن جو نالو ”سڊني“ رکيو ويو، يعني اسان جي پيءُ جي اصل نالي تي اهو نيٺ پلجي وڏو ٿيو، پڙهي ۽ هاڻي ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي گريڊ ۾ آهي ۽ انڪم ٽيڪس آفيسر آهي، بي، اي، ۽ ايل ايل بي پاس ڪيل اٿس.
منهنجي شادي جي ڏينهن کان وٺي مون پنهنجي خانگي ڊائري شروع ڪئي جا اڃا هلي اچي، ۽ جنهن ۾ لکڻ جهڙيون ڳالهيون داخل ڪندو اچان، جڏهن گهوٽڪي ۾ رهڻ جهڙي جاءِ هٿ ڪيم تڏهن منهنجي زال به اتي آئي ۽ اتان وري روهڙي بدلي ٿي اتي به ڪي مهينا گڏ رهياسين انهي وچ ۾ ڪراچي منجهه منهنجي زال کي نياڻي ڄاڻي جا هو پوءِ پاڻ سان وٺي آئي اهو سال 1889ع هو انهي سال ۾ مون ڊپارٽمينٽل امتحان ڏنو ۽ پاس ٿيس، ڪرنل ميهو، تڏهن شڪارپور جو ڪليڪٽر هو، اهو خاص طرح مهربان هو ۽ مسٽر ميولس اسسٽنٽ ڪمشنر هو، اهو به خاص طرح مهربان هو ٽن مهينن تائين ائڪٽنگ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿي رهيس، زال ۽ ٻار به مون سان رهندا هئا، اتان موٽي روهڙي آيس، انهي سال منهنجا ننڍا ٻه ڀائر نجف قلي ۽ حيدر قلي وفات ڪري ويا، جيئن مٿس چيو ويو انهي جي وفات جي ڪري مون کي نهايت گهڻو ڏک ٿيو، جو هو جوان هئا ۽ اڃا شادي به نه ڪئي هئائون ۽ حياتي جو ڦل پورو حاصل نه ڪيو هئائون، انهن جي يادگيريءَ ۾ مون هڪڙي ڪافي چئي، جا يارهين باب ۾ ڏنل آهي. ( ڏسو شعر نمبر 5 ).
شادي ڪرڻ کانپوءِ اسين زال مڙس پاڻ ۾ ڪيئن رهياسين تنهن جي نسبت ۾ ٻه ٽي اکر لکڻ ضروري آهن، خاص طرح پنهنجي اولاد جي واقفيعت ۽ هدايت لاءِ شادي ٿيڻ کان وٺي ٻا ٿيڻ تائين آءُ ۽ زال پاڻ ۾ سنگتي ٿي رهڻ لڳاسين، جيتوڻيڪ هوءَ مون کان ننڍي هئي، ڪتابن پڙهڻ کان جيڪي سڌاري جون ڳالهيون پئي ڪيوسين تن تي تعميل ڪرڻ جو ارادو ڪيوسين، پهرين ته خود پنهنجي شادي ۾ جيڪي اجايا ۽ بيمعنيٰ سڳڻ ساٺ ۽ خرچ ڪرڻ ۾ ايندا هئا سي نه ڪياسين، ٻه ڄڻا اڪيلا هئاسين، تنهن ڪري پڙهڻ لکڻ ۽ جدا جدا مضمونن تي ڳالهائڻ جي مشغولي رهيسين، هوءِ هندستاني ڳالهائيندي هئي تنهن ڪري چڱا چڱا اردو ڪتاب ۽ اخبارون هن کي گهرائي ڏنم ۽ انگريزي ۽ فارسي به هن کي سيکارڻ لڳس، انهي وقت کان وٺي اڄ تائين اسان جي گهر ۾ هندستان ڳالهائڻ ۾ ايندي آهي، ٻار ٻچا به اها ٻولي ڳالهائين ۽ زناني پوشاڪ به اڃا اها ڪندا اچون، يعني گون ۽ ساڙهي، نه سٿن ۽ چادر وغيره سئي جو ڪم هو چڱو ڄاڻندي هئي سو به پئ ڪندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خاص شي جي رڌڻ پچائڻ جي مشغولي به ڪندي هئي، هڪ ٻئي ڏي خط پٽ لکندا هئاسين، سو اڃا موجود آهن، خرچ جي سنڀال به چڱي طرح ڪئيسين، جنهن ڪري پئسو به بچت ڪرڻ لڳاسين.
نوڪري شروع ڪرڻ کانپوءِ ادو جعفر قلي ولايت پڙهڻ لاءِ ويو هو تنهن کي مون ۽ ادي صادق علي بيگ پنهنجي پگهار مان درما هو خرچ پئي موڪليو جيسين ڪو هڪ امتحان پاس ڪري آيو، پوءِ شادي جي خيال ڪرڻ بعد آءُ پئسو بچائڻ لڳس، جنهن مان شادي جو سامان ڪپڙو، گندي ۽ زيور خريد ڪيم ۽ شادي ڪيم، شادي کان پوءِ البت خرچ وڌندو ويو ته به ڪوشش ڪري پئسو بچايوسين ٿي، روهڙي ۾ رهندي مون ۽ زال گڏجي صلاح ڪري ٻه سنڌي ڪتاب لکيا ”زينت“ جنهن ۾ گهرو سڌارن بابت خيال ڏنل آهن ۽ خود پنهنجي خاندان جا به اشارا ڏنل آهن ۽ ٻيو ” صحت النساءِ“ جنهن ۾ ٻارن جي ڄمڻ انهن جي پرورش ۽ تعليم جو ذڪر آهي، جڏهن اسان کي پهريون ٻار ٿيو يعني ڌي ڄائي تڏهن انهي جي به اسين سڌريل دستور ۽ رسمن موجب پرورش ڪرڻ لڳاسين، سن 1891ع ۾ وري پٽ ڄائو يعني نادر بيگ جو ڪوٽڙي ۾ پيدا ٿيو، جتي منهنجي زال جا مائٽ يعني ميان محمد يعقوب ۽ سندس ڪٽنب تڏهن رهندا هئا، سگهو ئي پوءَ آءُ پڪو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي لاڙڪاڻي آيس ۽ مسٽر ميولس جي هيٺان ڪم ڪرڻ لڳس، ٻار ٻچا به مون سان هئا، اتي اسان جي ٻي ڌي جا پوءِ ڄائي هئي، سا مري وئي ۽ اتي دفن ڪئي وئي پوءِ وري سيوهڻ ڊويزن ۾ آيس ۽ مسٽر ليوڪس اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان اچي چارج ورتيم ۽ ڪوٽڙي واري بنگي ۾ رهڻ لڳاسين، اتان وري منهنجي بدلي جيڪب آباد ٿي جتي ٽي ورهيه برابر هيس ۽ سڀ ٻار ٻچا به ساڻ هئن، پوءِ وري نوشهري فيروز ۾ بدلي ٿي، جتي مسٽر قادر داد خان کان چارج اچي ورتم ۽ هو پوءِ رياست خيرپور جو وزير ٿي ويو، جيڪب آباد ۾ ٽن ورهين تائين رهڻ ڪري بلوچن جي صحبت ۾ بلوچي ٻولي به سکيس، ۽ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو استعمال ڪرڻ لڳس، انهي وچ ۾ منهنجي ٻين ٻن ڀائرن جا قضيا ٿيا، ٻئي ڪراچي ۾ هڪڙو وڏي ڀاءُ مرزا غلام رضا جو سن 1890ع ۾ ۽ ٻيو ڊاڪٽر مرزا جعفر قلي جو سن 1898ع ۾ انهن جو لاشون ڪراچي مان حيدرآباد آنديون ويون ۽ اسان جي پنهنجي ڳوٺ واري مقام ۾ دفن ٿيون، جتي اسان جي پيءُ ۽ ماءُ ۽ ٻن ننڍن ڀائرن جون قبرون هيون، انهن ٻين ٻن ڀائرن جي وفات جو به اسان کي ڏاڍو صدمو پهتو، جو اهي ٻئي پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي وفات ڪري ويا هئا.
ادي مرزا غلام رضا بيگ جي گهر ۾ مرزا قربان علي گرجي جي نياڻي هئي جنهن مان هن لي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي ٿيا جي ٻئي حيات آهن، پٽ جو نالو مرزا منو چهر بيگ آهي، جو ولايت ۾ وڃي بئرسٽر به ٿيو ۽ نوڪري ۾ گهڙي ڊيپوٽي ڪليڪٽر به ٿيو آهي، ادي ٻي شآدي به ڪئي هئي پر زياده اولاد ڪو نه ٿيس، ادي مرزا جعفر قلي جو پٽ مرزا سڊنيآهي، جنهن جو مٿي ذڪر آيو آهي پهرين مڊم جي مرڻ کانپوءِ هو وري ولايت ويو ۽ ٻي مڊم سان شادي ڪيائين، جنهن مان ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿيس، سندس زال ۽ اهي ٽئي ٻار حيات آهن، سندس نياڻي جي شادي منهنجي پٽ نادر بيگ سان ٿي، جو ڪراچي ۾ بئرسٽر آهي، ۽ منهنجي پهرين نياڻي جي شآدي وري مرزا سڊني سان ٿي انهن ٻنهي کي اولاد آهي جو هن ڪتاب جي پڇاڙي ۾ ڪٽنب جي شجري مان معلوم ٿيندو.
هيستائين مون کي پنهنجو خلاصو گهر رهڻ لاءِ ڪو نه هو، ٺوڙهي جي ٽنڊي واري پيءُ ماءُ وارو گهرو منهنجن ٽن ڀائرن ادي مرزا غلام رضا بيگ، ادي مرزا صادق علي بيگ، ادي مرزا علي قلي بيگ ۽ سندن ٻارن ٻچن جي لاءِ مس پورو هو، جڏهن آءُ زال ۽ ٻارن سان ڳوٺ ويندو هوس تڏهن انهن سان گڏ رهندا هئاسين، مگر هاڻ خيال ڪيوسين ته پنهنجو گهر ٺهرائجي، هڪڙو ڪراچي ۾ ۽ ٻيو حيدرآباد ۾ انهي ارادي سان پگهار مان سئو ٻه يا وڌيڪ هر مهيني بچائيندا وياسين، ڪراچي ۾ عيدگاهه جي ڀرسان سردار محمد يعقوب جن جو گهر هو انهي کي ويجهو زمين ٽڪر خري ڪري بنگلو جوڙايوسين، سيٺ واحد ڏنو ميمڻ محمد يعقوب جو دوست هو، تنهن کي اهو ڪم ڏنوسين هو پنهنجي خرچ سان بنگلو جوڙائيندو ويو. ۽ اسين هر مهيني هن کي جيڪي پگهار مان بچائي ڏهه هزار رپيا لڳا، ۽ اهو في الحال پنجاهه رپئي ڪرايي تي ڏنو ويو، حيدرآباد ۾ وري پنهنجي اصلوڪي گهر جي اتر ۾ ٻه خانگي گهر جي اصل ميان ابراهيم ۽ سندس پٽن جا هئا تن کان زمين وٺي انهي تي هڪڙو پڪو گهر پنهنجي ننڍي ڀاءُ ادي مرزا علي قلي بيگ جي معرفت جوڙايوسين، جنهن تي پنج هزار رپيا لڳا جنهن ۾ پوءِ وقت بوقت اچي رهڻ لڳاسين ۽ اڃا تائين اسين انهي ۾ رهندا اچون، انهي کان ٻاهر وري هڪڙي اوطاق جوڙائيسين جا اڃا ڪم ۾ پئي اچي.
انهي وچ ۾ سن 1900ع منهنجي پٽ نادر بيگ ۽ ننڍي ڌي کي اوچتو ڪالرا يا وبا جو اثر ٿي ويو، هنن جي بچڻ جي بلڪل اميد ڪا نه هئي، آخر ڌي مري وئي ۽ نادر بيگ بچيو، انهي ڌي جو اسان زال مڙس کي نهايت گهڻو غم ٿيو ۽ گهڻي مدت تائين هليو جو هوءَ ڏاڍي هوشيار ۽ ڳالهائڻ جي چالاڪ هئي ٻيو پٽ بابر بيگ ڄائو هو، سو به وڏيرڙو ٿي مري ويو، وري ٻي ڌي ڄائي سا به مري ويئي، پوءِ وري اختر بيگ ڄائو جو اڃا حيات آهي، ڌي جي مرڻ جي ڏک ۽ بي آرامي کان مون فرلو موڪل ورتي ۽ آرام ورتم، اها فرلو موڪل مارچ 1904ع کان ورتيم.
انهي وقت حيدرآباد ۾ ۽ آسپاس پليگ هئي، اها پهريون دفعو پيئي هئي، تنهن ڪري شهر ۾ لڏ پلاڻ گهڻي هئي، ادو مرزا علي قلي بيگ اڳيئي بيمار هو، سوري جي بيماري کان ڪراچي کان موڪل وٺي آيو هو، پر پوءِ زياده بيمار ٿي پيو ۽ آّخر سن 1904ع ۾ وفات ڪيائين. اسان جن گهرن ۾ ڪئا مرڻ لڳا تنهن ڪري اسين پنهنجا گهر ڇڏي پنهنجي باغ ۾ وڃي ويٺاسين، اتي منهنجي زل کي پليگ جي بيمار ٿي پئي، پيٽ سان هئي تنهن ڪري ويامي پئي، ڌي ڄڻيائين، پر اها به ترت مري وئي، ۽ پاڻ وفات ڪيائين، جيتوڻيڪ دوا لاءِ گهڻا طبيب ۽ ڊاڪٽر اچي گڏ ٿيا هئا پر آخر 19 تاريخ مهيني مارچ 1904ع ۾ وفات ڪيائين، اها محرم جي پهرين تاريخ هئي، هن کي پنهنجي مقام ۾ دفن ڪيو ويو، سندس وفات جي تاريخ فارسي شعر ۾ جوڙي، سندس قبر جي سيراندي پهڻ تي اڪرائي وئي، جا اڃا ڏسڻ ۾ پئي اچئي،
هن سان شادي ڪئي پندرهن ورهيه ۽ اڍائي مهينا ٿيا هئا، ۽ 33 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين، انهي عرصي ۾ هن مون کي هر طرح خوش ۽ راضي رکيو، ۽ منهنجي چڱي خدمت ۽ مون سان گهڻي همدردير ڪيائين ۽ فرمانبردار رهي، مون سان ٿوري منهنجي اولاد سان تمام گهني محبت هوندي هيس، پوئين بيماري ۾ به مون کي يا ٻار کي ويجهو اچڻ نٿي ڏنائين ته متان پليگ وچڙي وڃي، پر مون کي جيترو ٿي سگهيو اوترو سندس خدمت ۽ علاج ڪيم، انهي قضيي جي ڪري مون کي ڏاڍو صدمو پهتو، سندس فوٽو اڳيئي ورتل هو، بلڪه سندس آواز به فونوگرام ۾ ورتل هو، جو اڃا تائين ڪڏهن ڪڏهن ٻڌي هن کي ياد ڪندو آهيان، هن مان مون کي ٽي ٻار رهيا آهن، نادر بيگ، اختر بيگ ۽ هڪڙي نياڻي جا مرزا سڊني بيگ جي گهر ۾ آهي، جيئن مٿي به چيو ويو آهي.
انهن خانگي افاقن ڪري منهنجي فرلو موڪل عذابن ۽ ڏکن ۾ گذري، زال جي وفات کانپوءِ غمگيني ۽ اڪيلائي ۾ گذارڻو پيو، جڏهن موڪل اچي پوري ٿي تڏهن نوڪري تي وڃڻ لاءِ دل نه پئي چيو، ڪوشش ڪئي ويئي ته ڊاڪٽر سرٽيفڪيٽ تي بيماري جي وڌيڪ موڪل وٺان پر اهو به بندوبست نه ٿي سگهيو، سڀني عزيزن ۽ دوستن صلاح ڏني بلڪه زور ڪيو ته دل جي وندر لاءِ نوڪري جي مشغولي چڱي آهي ۽ موڪل ۾ به مفت اڌ پگهار ضايع ٿو ٿئي، تنهن ڪري آخر مهني مئي سن 1905ع ۾ وري نوڪري ۾ پنهنجي اڳوڻي جاءِ ڪوٽڙي واري تي آيس، جتي ڳوٺ‎ جي ويجهڙائي به هئي ۽ ڪم جي هلڪائي به هئي، پر انهي هوندي به گهر جي اڪيلائي جي ڳڻتي هوندي هئي، اگرچ انهي وچ ۾ ادي مرزا صادق علي بيگ پينشن ورتي هئي ۽ گهر رهندو هو ۽ منجهن ٻارن ٻچن جي به سنڀال پئي ڪيائين، نادر بيگ اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ اختر بيگ ننڍڙو هو ۽ منهنجي ڌي اچي وڏي ٿي هئي گهر ۾ فقط نوڪرياڻي هيون، تنهن ڪري مون ارادو ڪيو ته ڌي جي شادي مرزا سڊني سان ڪريان، جو ڪراچي ۾ پڙهندو هو ۽ جنهن جي سنڀال پڻس ڊاڪٽر مرزا جي مرڻ کانپوءِ آءُ ڪندو هوس، انهي پاڻ به مون کي سردار محمد يعقوب جي معرفت شادي لاءِ عرض ڪيو هو، تنهن ڪري مشڪلات گهٽائڻ جي ارادي سان مون اها شادي ڪرائي پنهنجي وانگي مون اها شادي به سواءِ سڳڻن ساٺڻ، هل هنگامي ۽ دهل دمامن جي ڪئي، فقط ماني جي مجلس ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ سڊني ڪراچي ويو ۽ زال کي به وٺي ويو ۽ اختر بيگ کي به ساڻس وٺي ويو، باقي نادر بيگ کي مسٽر محمد يعقوب جي گهر ۾ حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لاءِ آيو، جو اتان اسڪول به ويجهو هوس ۽ خانگي ماستر جي پڙهائڻ جو بن بندوبست ڪيو ويو ، ڪڏهن ڪڏهن آئون پاڻ به ٻار وٺي ڪراچي وڃي رهندو هئس ۽ آفيس به اتي ڪندو هئس، جو اهو اسان جو هيڊ ڪواٽر هو، انهيءَ سال جي پڇاڙي ۾ سڊني ايل ايل بي جي لاءِ ممبئي ويو ۽ آئون سڀئي ٻار وٺي حيدرآباد آيس، انهن کي ڇڏي آئون گشت تي ويس ۽ ڪڏهن ڪڏهن وٽن ويندو هئس.
سن 1906ع جي شروع ۾ ڊاڪٽر مرزا جي ٻي مڊم ۽ سندس ٽي ٻار يعني ٻه پٽ ۽ هڪ ڌي جي ڊاڪٽر مرزا جي وفات کانپوءِ ولايت ويا هئا ۽ اتي تعليم وٺندا هئا سي موٽي آيا ۽ اسان وٽ رهڻ لڳا، هو پوءِ سگهو ئي وري ولايت ويا انهن سان گڏ مون نادر بيگ کي به موڪلي ڏنو ته اتي تعليم وٺي ۽ بئرسٽري جو امتحان ڏئي، سولائي اها هئي ته مائي مڊم سان ۽ سندس ٻارن سان اتي گ وڃي رهندو هو ۽ سندس سنڀال چڱي ٿيندي، انهي کان پوءِ هر مهيني آءُ انهن کي خرچ پهچائيندو رهيس، باقي اختر بيگ هتي رهيو، هو سردار محمد يعقوب جن سان گڏ رهندو هو.
جيتوڻيڪ پنهنجن ٻارن جو انهي طرح بندوبست ڪري ڇڏيم پر مون کي اڪليو رهڻو ٿي پيو، منهنجي زال مون سان اهڙو چڱو گذاريو هو جو اهڙي خانگي صحبت کان سواءِ گذارڻ مون کي مشڪل نظر آيو ۽ هر دم زال کي ياد پئي ڪيم ۽ هميشه اٻاڻڪو پئي گذاريم، خاص ڪري جڏهن پنهنجي گهر ايندو هوس تڏهن پاڻ کي اڪيلو ڏسي ڏاڍو درد ٿيندو هوم، آخر منهنجي اها حالت ڏسي ادي مرزا صادق علي بيگ ۽ سردار محمد يعقوب وري شادي ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني، ڪراچي ۾ بمبئي ۾ هڪڙي ٻن هنڌ تي شادي جو چڱو بندوبست ٿي ٿي سگهيو، جو اهي سڌريل ۽ خانداني گهر به هئا ۽ پئسي وارا به هئا جيتوڻيڪ منهنجي پهرين زال به ڌارين مان هئي پر تڏهن به وڏي عمر جي ڪري ۽ پهرين زال جي ٻارن موجود هئڻ جي ڪري مون خيال ڪري مناس سمجهيو ته هاڻي ڌارين مان شادي ڪرڻ غلط آهي، متان منهنجي مرڻ کانپوءِ هو وري پنهجن مائٽن ۾ هلي وڃي يا اڳين ٻارن سان ناسازي ڪري ۽ پنهنجي خاندان مان ڪا زال مون سان يا منهنجي ٻارن سان زياده همدردي ڪرڻ واري ٿيندي، تنهن ڪري پڪ ڪيم ته پنهنجن مان شادي ڪجي، آخر پنهنجي ماروٽ مرزا قزلباش جي نياڻي جو ٺهراءُ ٿيو ۽ شادي جي تياري ڪئي وئي، پر سگهو ئي مرزا مٿين بيماري ۾ بيمار ٿي اوچتو وفات ڪئي ۽ ٻيا به ڪي عزيزن جا قضيا ٿيا، سردار محمد يعقوب جو رياست خيرپور جو وزير هو، تنهن به اوچتو وفات ڪئي، تنهن ڪري شادي مهمل رهي، آخر سن 1907ع جي مئي مهيني ۾ منهنجي شادي ٿي ۽ اسين ٻئي وري به هڪ ٻئي جي صحبت ۽ سنگت ۾ خوش رهڻ لڳاسين ته اوچتو ٻئي سال سن 1908ع جي مئي مهيني ۾ اها زال به هڪڙو پٽ ڄڻي ويم ۾ مري وئي، انهي زال سان به منهنجي گهني محبت هئي ۽ انهي ڪري ٻيو تازو صدمو پهتو، ٻآر پلجي وڏو ٿيو جنهن جو نالو همايون بيگ آهي، جو هاڻي هاءِ اسڪول ۾ ٿو پڙهي، انهي زال جي نسبت ۾ به منهنجي ڪتاب ”سودائي خام“ ۾ ڪي شعر آهن هن زال جي مرڻ کانپوءِ وري به منهنجو خيال خراب ٿيڻ لڳو ۽ آءُ بيمار ٿي پيس ۽ ڪم ڪرڻ تي دل نه پئي چيو، تنهن ڪري سن 1909ع ۾ ٽن مهينن جي حقي موڪل ورتيم، جنهن جي پوري ٿيڻ تي به طبيعت برابر نه رهي، ٽيهه وريه نوڪري به پوري ٿي هئي، تنهن ڪري اڌ پگهار تي پينشن ورتيم، انهي وچ ۾ سن 1909ع جي نومبر مهيني ۾ وري به مرزا ڪلب علي مرحوم جي نياڻي سان شادي ڪيم جا اڃا هلي اچي، انهي مان اڄ تائين مون کي پنج پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون آهن جي سڀ ننڍا آهن انهي کانپوءِ اڄ تائين وقت خير جو گذرندو اچي.
منهنجو وڏو پٽ نادر بيگ بئرسٽر ٿي آيو تنهن کانپوءِ هو لاڙڪاڻي بئريسٽري ڪرڻ لڳو سگهو ئي پوءِ هو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو، ۽ ٻن ٽن هنڌن تي رهيو پر پوءِ جڏهن منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا جي نياڻي سان شادي ڪيائين تڏهن نوڪري ڇڏي وڃي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو ۽ بئرسٽري ڪرڻ لڳو ۽ اڃا تائين اتي آهي، هو ٿيا سافيڪل سوسائٽي جو ميمبر آهي ۽ ڪتاب لکڻ پڙهڻ جو شوق اٿس، ڊرائنگ، نقاشي، ميوزڪ ۽ راڳ چڱو ڄاڻي، ۽ واڍڪو ۽ اڪر جو ڪم به اچيس، انگريزي شعر به چوندو آهي، ٻيو پٽ اختر بيگ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو، ميٽريڪيوليشن جي ڪلاس مان نڪري ميڊيڪل اسڪول ۾ ويو پوءِ ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ ويو ۽ پوءِ نيٺ وڃي پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو، سال کن کانپوءِ اها جاءِ ڇڏي ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ رهيو، آخر هاڻي ڪليڪٽر صاحب حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪلاڪر آهي، انهي کان ننڍا انگريزي ۽ سنڌي اسڪولن ۾ پيا پڙهن، منهنجيون نياڻيون به چڱي طرح پڙهي لکي ڄاڻن، ٿوري انگريزي به ڄاڻن ۽ سئي جو ڪم ۽ ٻيا زنانا هنر به ڄاڻن، منهنجون پٽن ۽ ڌيئرن جي اولاد جي چٽائي هيٺ ڏنل شجري مان معلوم ٿيندي.

باب پنجون: منهنجي پيريءَ ۽ گوشه نشيني جو احوال

جيتوڻيڪ مون ٽيه ورهيه سرڪاري نوڪري ڪئي ته به مون کي هميشه دل ۾ اها خواهش رهندي هئي ته نوڪري پوري ڪري پينشن وٺي ويهان ته پنهنجي دل جي خواهشن موجب ڪتابن مطالعي ڪرڻ ۽ لکڻ جي مشغولي ڪريان ۽ عبادت ۽ رياضت ۽ زياده وقت گذاريان، جيتوڻيڪ نوڪري هوندي به انهي مشغولي ۾ رهندو آيس، ڏينهن جو جڏهن به سرڪاري ڪمن کان فرصت ملندي هئي تڏهن ائين ڪندو هوس، پر رات جو خاص طرح اهو ڪم ڪندو هو ۽ انهي لاءِ پنهنجي ننڊ ۽ پنهنجو سک ڦٽائيندو هوس، نوڪري هوندي به اڪثر مون کي اڪيلائي ۽ گوشه نشينيءَ ۾ رهڻ ۽ اڪيلائي ۾ خيال ڪرڻ وڌيڪ پسند ايندو هو.

دوزخ ۾ يا بهشت ۾ شل هيڪلو هجان.
تنهائي جهڙو خلد نه ٻيو جڳ ۾ ٿو ڏسان.

گهڻو ڪري صبح جو اڪيلو گهمڻ نڪري ويندو هوس، جيئن اڃا ڪندو اچان ۽ قبرستانن، قبن، يا ڦٽلن ڳوٺن ۽ دڙن ۾ وڃي ويهندو هوس، زماني جي گردش ۽ وقت جي گذرڻ ۽ انسان جي حالت ۽ خدا جي قدرت جي نسبت ۾ خيال پچائيندو هوس، پر جڏهن نوڪري جي پڇاڙي ڌاري خانگي ڏکن ، مصيبتن ۽ صدمن جا اتفاق ٿيڻ لڳا، دل بي آرام، غمگين ۽ ملول رهڻ لڳي، تڏهن ته پاڻ اڪيلائي ۽ گوشه نشينيءَ جا خيال زياده پيدا ٿيا ۽ خدا کان دعا گهرندو هوت ته ڪنهن طرح سان جلد جند ڇڏائي آزاد ٿيان ۽ پنهنجي دل گهري مشغولي ڪريان:

دل جي خلوت ۾ تماشو ٻن جهانن جو ڏسان.
منجهه گريبان ان ڪري پنهنجو مٿو نت آءُ رکان.

-------------------------

ڪنڊ خلوت جي ۾ ويهي بادشاهي ٿو ڪريان.
ڏس ته پر عنقا اسان جي جو هما جو پر ٿيو.

-----------------------

ڪنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه لڌو تنهن ڪي ڪين.
گوشو خلوت جو ڏٺو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين.

هڪڙي ڀيري ياد اٿم ته مختيار ڪاري جي عرصي ۾ پنجن اٺن ورهين جي نوڪري کان پوءِ ڪو اسسٽنٽ ڪليڪٽر بدطبيعت بالا آفيسر ٿي آيو. انهي جي زيردستي ڪن سببن ڪري موافق نه آئي دل ۾ آيم ته نوڪري ڇڏي ڏيان ۽ وڃي اسڪول يا ڪاليج ۾ پڙهائڻ جي نوڪري ڪريان، جا دل جي خيالن سان مواقف آهي۽ جنهن ۾ مقرر وقت کان وڌيڪ پابندي ڪانهي ۽ وئڪيشن به ملي ٿي ۽ خانگي مشغولي ڪرڻ لاءِ به زياده وقت ٿو ملي.

دل جي خلوت ۾ ٿا عارف عالمن جو سير ڪن.
آرسي جي ڪنڊ ۾ ٿيو پاڇي کي پيرن هيٺ سج.

پر عزيزن ۽ دوستن صلاح ڏني ته گذريل نوڪري ضايع نه ٿيڻ گهرجي ۽ جدا جدا بالا آفيسر پيا واري سان اچن ۽ وڃن، هڪڙا چڱي طبيعت جا ٻيا خراب طبيعت جا وقت گذري ويندو، تنهن ڪري لاچار ٿي رهي پيس ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو ۽گهڻا مهربان بالا آفيسر آيا جن گهڻي مدد ڪئي ۽ راضپو ڏيکاريو.
انهي طرح جڏهن نوڪري جي پڇاڙي ٿي تڏهن فرلو موڪل وٺي ٽيهه ورهيه پورا ڪيم ۽ هڪ ٻه يا ٽي سل وڌيڪ نوڪري ڪرڻ جي خواهش نه ڪيم، جيئن اڪثر ڪرڻ ۾ ايندي آهي ۽ اڃا آءُ نوڪري چالاڪي سان ڪري ٿي سگهيس، پينشن وٺڻ مهل منهنجي عمر 55 ورهيه هئي ۽ پنجويهن ورهين جي عمر ۾ نوڪري شروع ڪئي هيم، تنهن ڪري انهي وقت آءُ جواني ڇڏي پيري ۾ داخل ٿيس، مگر نوڪري جي محنت ڪشالي، ورزش، تندرستي ۽ عادتن جي خيال سان مون اڃا پاڻ کي بلڪل جوان ٿي ڄاتو، پيري جي نسبت منهنجو شعر آهي جو ويچار جوڳو آهي:

سگهه هوندي منهنجي گوشه نشيني جو ٿي سبب.
هن خلق بيحيا جو، خدا شل ڀلو ڪري.

آءُ اڃا تائين گهمڻ ڦرڻ، هوا کائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ايترو ڪندو اچان جيترو نوڪري ۾ ڪندو هوس، بلڪه زياده، خدا جي مهرباني سان اڃا تائين مقرر عادتن جي ڪري اڪثر تندرست رهندو اچان ۽ بيماري گهٽ ٿيندي آهي، ڏند به قائم اٿم، نظر به چڱي اٿم، جيتوڻيڪ سنهن اکرن پڙهڻ وقت چشمو ڪم آڻيندو آهيان، تنهن ڪري پيري ۽ گوشه نشيني آرام لاءِ نٿي گهريم پري خيالن ۽ ڪمن جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ ٿي گهريم، جيتوڻيڪ اڪيلائي پسند هيم، ته به جڏهن ڪم ڪري ٿڪبو هوس يا اڃا به ٿڪبو آيان تڏهن مواقف صحبت ۽ گفتگو وٺندي اٿم، پر عمر ۽ خيالن جي نظر تي اهڙا موافق دوست نٿا ملن، خصوسن جهنگ ۾ جتي اسين رهون ٿا ۽ جتي اڪيلائي منجهه ٻي اڪيلائي اڪثر موجود آهي تنهن ڪري زال ۽ ٻارن ٻچن جي سنگت ۽ انهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ، پرورش ۽ تعليم جي مشغولي زياده پسند ايندي آهي، انهي ئي ڪري هڪڙي زال مرڻ جي ڪري ٻي شادي ڪيم، يا پهرين زال مان ڪن ننڍن ٻارن جي هئڻ جي حالت ۾ انهن جي سنڀال وغيره لاءِ به ٻي شادي جو ضرور ٿيو، انهي ڪري جهڙو نوڪري جي ڏينهن ۾ تهڙو پوءِ اڄ تائين فرصت جي وقت اها وندر ۽ مشغولي رکندو اچان، انهي ڪري پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳي موڪل جي عرصي جي پڇاڙي ۾ يعني 1909ع ۾ پوئين شادي ڪيم، جنهن جو اشارو مٿي به ڏنم اٿم ۽ اڳتي به ايندو، انهي زال ۽ ان جي ٻارن جي پرورش ۽ تعليم جي مشغولي فرصت وقت اڃا تائين هلي اچي.
پينشن وٺڻ کانپوءِ نوابشاهه ۾ جيڪا زمين اسان کي سرڪار مان خانداني آبرو جي نظر تي مليل هئي داري ادي جي وفات کانپوءِ مون پاڻ تي کنئي ۽ اڪثر اتي پنهنجي ديهه ۾ ويندو رهندو هوس ۽ پنهنجي خانگي مشغولي لکڻ پڙهڻ جي به ڪندو رهندو هوس، ٽن چئن ورهين کانپوءِ انهي کان به بيزار ٿي پيس ۽ اچ وڃ ۽ ڪم ڪار سنڀالڻ جي تڪليف کڻي ڪين سگهيس، تنهن ڪري اهو ڪم ادي مرزا صادق علي بيگ جي وڏي پٽ مرزا فرخ بيگ جي حوالي ڪري ڇڏيم، جو بئريسٽر به آهي، اڪثر نوابشاهه ۾ وڪالت جو ڪم ڪندو آهي جو هاڻ لوڪل بورڊ جو اتي پريزيڊنٽ آهي، ۽ اڃا تائين اها زمين ۽ ٻي پنهنجي خلاصي زمين جا ادي صادق علي بيگ کي انعام طور سرڪار مان ملي هئي، تنهن جي سنڀال ڪندو اچي، انهي هوندي وري به پنهنجي ڳوٺ جي ويجهو پراڻي ڦليلي تي ڪن ماڻهن کان زمين جو ٽڪر ورتم، جتي روز وڃي ٿي سگهيس ۽ اتي آبادي ڪرايم، جنهن مان گهوڙي جي گاهه ۽ داڻي جي سولائي ٿي ٿي ۽ مون کي به ٿوري مشغولي ٿي رهي.
ٻي سچي پچي مشغولي ته ڪتابن ٺاهڻ، لکڻ، ترجمي ڪرڻ جي ۽ شعر چوڻ جي آهي، جنهن ۾ گهڻو ڀاڳو وقت جو گذري ٿو وڃي، انهي بابت هيٺ ذڪر ايندو، جتي وقت جي ورهاگي بابت منهنجو چيل شعر به ڏنل آهن، (ڏس باب 11 شعر نمبر 7) آءُ نه رڳو پنهنجا ڪتاب لکندو رهيو آهيان پر اڪثر سنڌ ۾ جدا جدا ماڻهن هندو يا مسلمان، جيڪي ڪتاب يا جيڪي شعر ٺاهي ڏسڻ لاءِ ۽ اصلاح يا درستي لاءِ يا راءِ لاء موڪليندا آهن سي به فراغت مهل ڏسي درست ڪري موڪليندو آهيان، بلڪه ڪنهن ڪتاب جي لکڻ ۾ ڪو مدد گهرندو آهي ته اها به خوشي سان ڏيندو آهيان، اسڪولن ڪاليجن جي مخزنن ۽ رسالن ۾ وجهڻ لاءِ ڪو مضمون يا شعر گهرندا آهن ته اهو به خوشي سان ڏيندو آهيان، يا ڪتابن جي منڍ ۾ ديبا جي يا تمهيد وانگي لکي ڏيڻ لاءِ چوندا آهن ته اهو به لکي ڏيندو آهيان، سرڪاري لٽريچر ڪميٽي جو ته ننڍي هوندي کان ميمبر رهيون آهيان ۽ ورهين کان سرڪاري ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي جو ميمبر آهيان، ساڳي طرح بمبئي جي پراونشل ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي جو به ميمبر آهيان، عربي، فارسي ۽ اردو جا نوان ڪتاب جيڪي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن وٽ ايندا آهن ۽ هو موڪليندو آهي تن تي راءِ ڏيندو آهيان، انهي کان سواءِ عملي يا اخلاقي يا پنگتي سوسائٽين يا جماعتن ۾ ليڪچر ڏيڻ يا انهن لاءِ ڪنهن مضمونن لکڻ لاءِ چوندا آهن ته اهو به لکندو آهيان، انهي بابت به مفصل ذڪر هيٺ ايندو.
سرڪاري ڊپارٽمينٽل امتحان يا يورپين آفيسرن جي ”سنڌي“ امتحان لاءِ اڪثر ڪمشنر صاحب مون کي چوندو آهي ۽ سڏيندو آهي ته اهو ڪم به وڃي ڪندو آهيان، تعليم جي نسبت ۾ سرڪاري سا خانگي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چوندا آهن ته خوشي سان شامل ٿي سندن فرمائش موجب تقرير يا تحرير ڏيڻ کان نه نٽائيندو آهيان، جانورن کي ظلم کان بچائڻ لاءِ حيدرآباد جا اڌ سرڪاري سوسائٽي آهي، تنهن جو به ميمبر آهيان، بلڪه وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيون آهيان، انهي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ضروري ليک به لکندو آهيان، انهي کان سواءِ شهر جي بلڪه سنڌي جي انجمن اسلاميه جو به ميمبر آهين خاص ڪري انجمن اماميه، حيدرآباد يا شيعا ڪانفرنس، آل انڊيا واري جو به ميمبر آهيان، بلڪه انهي جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر آهيان، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لکئنو ۾ يا لاهور ۾ هوندو آهي، ٿورن ڏينهن کان سنڌ جي پبلسٽي ڪميٽي جو ميمبر آهيان ۽ انهي لاءِ جيڪي مناسب مضمون نظر ايندا آهن سي به لکي ڏيندو آهيان، جيڪي مضمون ٻاهران ايندا آهن تن تي به راءِ ڏيندو آهيان.
اهي آهن مشغوليون، جي پينشن وٺڻ کانپوءِ رکندو اچان ۽ جي دل جي مي موافق آهن، ميونسپالٽي ۽ ڪائونسلر ٿيڻ لاءِ يا لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ يا اسپيشل مئجسٽريٽ يا بينچ مئجسٽريٽ ٿيڻ لاءِ آفيسرن وقت بوقت مهرباني ڪري آڇ پئي ڪئي آهي، بلڪه زور پئي ڪيو اٿن ته به مون معافي گهري قبول نه ڪئي هوندي، جو اهو ڪم منهنجي طبيعت جي موافق نه آحي، بلڪه ڪائونسل ۾ وڃڻ لاءِ به سنڌ جي گهڻن دوستن صلاح ڏني هوندي ته به مون قبول نه ڪئي هوندي، خيرپور رياست جي ”وزيري“ خالي ٿيڻ وقت مير علي مراد خان کانپوءِ مير فيض محمد خان جي وقت کان وٺي مير صاحبن پاڻ مهربان ڪري ”وزير“ ٿيڻ لاءِ چيو هوندو ته به مون عذر ڪري معافي گهري هوندي جو گهڻن سببن ڪري اهو ڪم منهنجي طبيعت جي برخلاف هو، نه تهو اها اهڙي فائدي ۽ پيدائش ۽ اختياري ۽ هلندي واري جاءِ هئي ۽ آهي، جو منهنجي درجي جا ديسي آفيسر جيڪر خوشي سان قبول ڪن ۽ انهي جي هٿ آڻڻ لاءِ مٿا هڻن.
مٿئين مختصر بيان مان معلوم ٿيندو ته سرڪاري نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ پينشن وٺڻ بعد مون کي چئن قسمن جي مشغولي رهندي آهي، پهرين ٻارن ٻچن جي پرورش ۽ تعليم ڏيڻ جي، ٻي خلق جي سڌاري، فائدي ۽ مدد وٺڻ جي خاص علم ۽ تعيلم سان واسطو رکندڙ، ٽي ڪتابن لکڻ ۽ شعر ٺاهڻ جي جنهن مان پڻ خلق جي فائدي جي نظر آهي، نه پئسي جي ۽ پيدائش جي ۽ ڇوٿين پنهنجي جند جي بهتري ۽ خدا تعاليٰ جي بندگي جي جنهن جو ذڪر هيستائين نه ڪيو ويو، جو هيٺ مفصل ڪيو ويندو، ڏينهن جو ڪجهه ڀاڳو ۽ رات جو خاص طرح گهڻو ڀاڳو خدا جي بندگي ڪرڻ لاءِ چڱو لڳي ٿو، جو وجهه نوڪري جي وقت پوري طرح ملي نٿي سگهيو، جيتريقدر ٿي سگهي ٿو، اوتريقدر اها مشغولي دل جي شوق ۽ چاهه سان ڪجي ٿي، گهڻي فڪر ۽ خيال سان ڪجي ٿي، انهي هوندي به ٻارن ٻچن ۽ دنيا جي ٻين ڪمن جو خيال ۽ انتظار رهي ٿو، جنهن ڪري خيال ٻئي پاسي ڇڪجي وڃي ٿو، دنيا کان اصل تارڪ ٿيڻ کانسواءِ اها حالت موجود ٿي نه سگهندي پر انهي صورت ۾ پنهنجن پراون يا عام خلق جي خدمت ڇا ڪري سگهبي! حالت اهڙي آهي جهڙي شيخ سعدي فرمايو آهي ته:

غم فرزندو نان وجامه و قوت.
بازت آدرز سيرت ملکوت.
شب چوعقد نماز مي بندم.
چه خورد با مداد فرندم!

انهن مشغولين جي خيال سان عام ماڻهن جي راءِ منهنجي نسبت ۾ چڱي به هوندي ۽ خراب به هوندي، پيري ۽ خانه نشيني جي حآلت ۾ گهڻن ڪتابن لکڻ ۽ گهڻي اولاد هئڻ جي حالت ۾ منهنجو دوست ديوان ڪوڙومل چرچي مان مون کي ”ڪتابن جوڙڻ جي ڪل“ سڏيندو هو، هو هميشه مون کي وري شادي ڪرڻ کان منع ڪندو هو، انهي لاءِ ته ڇڙهو رهي فقط خدا جي بندگي ڪريان، جيئن پاڻ ڪندو هو، پر مون کي ٻيا به انساني فرض بجا آڻڻا هئا.
اهڙن سرٽيفڪيٽن ملڻ تي آءُ گهڻو شرمندو ٿيندو آهيان، مگر اهي ٻيئي منهنجي خاص ڪوشش کان سواءِ قدرتي طرح پاڻهي پيان ٿين، منهنجو اختيار نٿو هلي.

باب ڇهون: منهنجي وقت جا ڪي مشهور ماڻهو ۽ معزز دوست

ننڍي هوندي کان وٺي اجھ تائين منهنجي وقت جا ڪي مشهور ماڻهو ۽ معزز دوست جن سان منهنجو واسطو رهيو ۽ جن مان ڪن جو مٿي اشارو به آيو آهي، تن جو هتي گڏ مختر ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، جو انهي ڪري هنن جي يادگيري تازي ٿيندي ۽ مون کي فخر ۽ خوشي حاصل ڪرڻ ۽ حق گذاري ادا ڪرڻ جو وجهه ملندو.
پهرين ته مون کي پنهنجي پيءُ ماءُ، ناني ۽ مامن جهڙن بزرگن عزيزن جي ڏسڻ ۽ انهن سان رهڻ جي صحبت ڪرڻ جو شرف حاصل هو، دنيا ۾ گهڻيئي ماڻهو آهن جن کي اهو شرف حاصل ڪونهي، مثال لاءِ خود اسان جي خاندان ۾ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيئن ته منهنجي پيءُ ۽ ناني کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ مس ياد هئا ۽ ننڍپڻ کان انهن جي جدائي ۾ گذاريائون، منهنجي پٽ همايون پنهنجي ماءُ نه ڏٺي، جو ڄمڻ کانپوءِ سندس ماءُ مري ويئي، ۽ ڊاڪٽر مرزا جعفر قلي جو ننڍو پٽ ايڊورڊ پيءُ جي مرڻ کانپوءِ ڄائو ۽ پيءُ نه ڏٺائين.
ناني ۽ بابي جي سنگتين ۽ انهيءَ وقت جي نامدار ماڻهن کي مون ڏٺو ۽ گهڻن سان صحبت ڪيم، جيئن ته مير حسين علي خان، مير حسن علي خان، مير محمد خان، آغا زين العابدين شاهه، آغا صادق شاهه، آغا جعفر شاهه، آغا گدا علي شاهه، آغا امام علي شاهه، آغا غلام نبي شاهه ۽ آغا محمد علي شاهه ۽ ٻيا جن مان گهڻآ قابل حڪيم، عالم ۽ شاعر هئا، اسان جي ڳوٺ ۾ جيڪي مير صاحبن جي ديرن سان واسطو رکندڙ پير مرد هئا سي به مون ڏٺا جڏهن حيدرآباد جي اسڪولن ۾ ٿي پڙهياسين تڏهن ميان محمد مخدوم جو پهرين نارمل اسڪول جو ماستر هو ۽ پوءِ ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو جنهن وٽ آءُ ڪي ڏينهن پڙهيس به قاضي حاجي احمد ۽ آخوند ولي محمد جي منهنجا استاد هئا ۽ پوءِ ٻئي ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيا، انگريزي اسڪولن ۾ پڙهندي ماستر وشنو گهنشام، مسٽر ڀنڊارڪر، مسٽر رانادي، مشر ڪيشوراءِ رما ڪنٺ ڏٺم ۽ وٽن پڙهيس، مسٽر ڪوڙومل، مسٽر غلام علي، مسٽر تاراچند شوقيرام، مسٽر چوهڙمل ، مسٽر جهمٽ مل سان به وقت گذاريم ۽ پهرين ٻن وٽ ته ٿورو وقت پڙهيس به حيدرآباد شهر جي قديم مسلمانن مان ڪي ٿورا جهونا واقف ڏيندس، سيد قطب شاهه جهانيا وارو، سيد قاضي يوسف شاهه، سيد فاضل شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد ثابت علي شاهه ثاني، سيد تقي شاهه، آخوند محمد قاسم هالاڻي، مخدوم حبيب الله، مرزا لطف علي ۽ سندس ڀائر، مرزا علي اڪبر شيرازي فوجدار، آخوند خدابخش، آخوند حبيب الله، نواب دوست علي خان ٺوڙهو، مرزا خورشيد لکنوي، اميد علي نقاش، آخوند محمد صديق، آخوند لطف الله، آخوند عبداللطيف ۽ ٻيا اهي سڀ وفات ڪري ويا آهن.
ديوانن مان شوقيرام آڏواڻي سان به صحبت ڪيم، جو آءُ مسٽر تاراچند ۽ مسٽر نولراءَ جن وٽ ويندو هوس، ۽ ديوان شوقيرام بابي جو گهاٽو دوست هو ۽ ننڍي هوندي گڏ پڙهيا به هئا ۽ ديوان شوقيرام به بابي وانگي تمام چڱا اکر لکندو هو، ديوان مولچند منسکاڻي جو مسٽر اڌارام، مسٽر عيدن مل ۽ پنجومل جن جو پيءُ هو سو به ڏٺم ۽ انهي سان صحبت ڪيم، جو پويان ٻيئي اسڪول جا سنگتي هئا، ديوان ڪيولرا ”سوکڙي“ وارو به ڏٺو هوم ۽ ديوان اڌارام ٿانورداس، ديوان پرڀداس ڊيپوٽي انسپيڪٽر ۽ ديوان ڀوڄراج ولد ٽوپڻ مل جو اسان جي ڪٽنب جو منشي هو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ چندن مل هو ۽ ديوان چئنراءِ شاهاڻي، ديوان چندا سنگهه، ديوان خوشيرام ۽ ٻيا.
بمبئي جي ڪالجي ۾ پڙهندي پرنسپال چئٽفيلڊ، ووڊ سورٿ، اگرنينهام، پروفيسر ڪئنيڊي، پروفيسر جائلس، پروفيسر هاٿارن ٿويٽ، پروفيسر ٽيلر، يونيورسٽي رجسٽرار جيمس ٽيلر، پروفيسر مرزا حيرت ۽ مولوي عبدالفتاح جو واقف ٿيس ۽ انهن وٽ پڙهيس، ۽ انهن جي خاص مهرباني مون ٿي رهي، بمبئي ۾ رهي بمبئي جي ماڻهن هر هائنيس آغا خان ۽ سندس ڪٽنب سان تمام گهڻو واقف ٿيس ۽ ترڪي قانصلن سان به جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، بمبئي جي مشهور طيبجي، جي خاندان سان به تمام گهڻو رستو هوم، مسٽر بدرالدين طيبجي ۽ سندس ڀائرن شمس الدين، شجاع الدين، قمرالدين، امير الدين ۽ سندن پٽن سان به چڱو رستو هوم، وٽن گهڻي آمدورفت ڪندو هوس.
بمبئي جي پارسين منجهان مسٽر ماڻڪجي ۽ ڪائوسجي جي جي ڀائي ڪائوسجي ريڊي مني، مسٽر واڊيا، مسٽر مودي، مسٽر پٽيل، مسٽر ڪانٽريڪٽر ۽ مسٽر فريدونجي دستور جو هاڻي يونيورسٽي جو رجسٽرار آهي ۽ مسٽر دلال، مسٽر گمي، مسٽر پٽيل، مسٽر داور، مسٽر بادشاهه ۽ مسٽر دستور سان دوستي هيم، جو اهي مون سان گڏ ۽ منهنجي وقت ۾ پڙهندا هئا مرهٽن ۽ گجراتين مان به مسٽر چندورڪر، مسٽر جو گليڪر، مسٽر ڀنڊارڪر وڏو توڙي ننڍو ۽ ڪيترا ٻيا واقف هئا، جن جا نالا هينئر دل تي نٿا اچن، مگر جي مشهور ٿي گذري ويا ۽ ڪي حيات ۽ ناليوار آهن، مسلمانن مان مسٽر قمرالدين، مسٽر ملا ۽ ڪي ٻيا هئا جي منهنجا ڪلاسي هئا، ڪاليج جي وقت ۾ جيڪي سنڌي مون سان گڏ هئا ۽ جي منهنجي هوندي پوءِ آيا تن مان مسٽر ٽيڪچند، مسٽر هاسارام، مسٽر ليلا رام، مسٽر دولت رام، مسٽر سهسانومل ۽ مسٽر پريتمداس چندناڻي آهن، مسٽر ڏيارام گدومل ۽ مسٽر علي محمد حسن علي به پوءِ آيا، انهن سان پوءِ زياده واقفيت ۽ دوستي پيدا ٿي.
ڪاليج مان موٽڻ کناپوءِ ڪرچاي ۾ رهندي مسٽر ڏيارام، مسٽر اڌارام، مسٽر آلومل، مسٽر حسن علي، مسٽر ٽلاٽي، مولوي الله بخش، مرزا سان خاص رستو هو، انگريزن مان مسٽر جيفريز، مسٽر مچي، مسٽر مائلس، مسٽر جڊ، مسٽر ٽويلس جيلر، مسٽرڪنگ، مسٽر فائولر ۽ ڪي ٻيا گهڻو واقف هئا.
ڪراچي ۾ رهندي ديسي صاحبن مان ديوان واڌو مل ٽلٽي وارو، لالا گيانچند ۽ سندس ڀاءُ تلو ڪچند ۽ پٽن سان. مسٽر پارومل سيوهاڻي ديوان شوندا، ٽيڪمداس، ٽهلرام ۽ ڏيون مل ٺٽي سان خاص رستو رهيو، ديوان چانڊومل ۽ سندس پٽ ديوان سهجرام سان به گهڻي واقفيت هئي ۽ سندس ٻيا ننڍا پٽ بولچند ۽ ڪيولرام ته منهنجي زيردستي ۾ به رهيا، مسلمانن مان قاضي محمد اشرف، خدادا خان ۽ ڪي ٻيا واقف هئا.
نوڪري جي عرصي ۾ جن بالا آفيسرن جي هٿ هيٺ نوڪري ڪيم ۽ جن سنا منهنجو گهڻو واسطو رهيو ۽ جي مون تي نهايت مهربان رهيا تن مان ڪي هي آهن. مسٽر فلٽن، مسٽر هارٽ ويونير، مسٽر جميس، مسٽر جائلس ڪرنل ميهو، ڪرنل والسر، مسٽر ميولس، مسٽر مئڪنزي ۽ مسٽر اسٽيل، مسٽر جيمس جڏهن پهرين ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي آيو تڏهن مامي مرزا علي محمد تي نهايت مهربان هو، پوءِ جڏهن بمبئي ۾ پوسٽ ماسٽر جنرل ٿي رهيو تڏهن آءُ بمبئي ۾ پڙهندو هوس، انهي سان اڪثر گڏبو هوس ۽ جڏهن وري سنڌ ۾ ڪمشنر ٿي آيو تڏهن مون تي گهڻو مهربان رهيو، سندس چوڻ تي مون ”چچنامو“ ۽ سنڌ جي تاريخ پارسي ڪتابن تان انگريزي ۾ لکي ۽ جنهن ۾ منهنجي دوست مسٽرڏيارام گدومل گهڻي مدد ڪئي، ۽ پوءِ اها ڪمشنر جي ڇاپخاني ۾ سرڪاري طرح ڇپي، ڪرنل ميهو ته پينشن تي وڃڻ کناپوءِ به مرڻ تائين خط لکندو رهيو ۽ وقت بوقت ولايت مان ڪتاب، خط ۽ ٻيا تحفا موڪليندو رهيو، ۽ مسٽر فلٽن بمبئي جي هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار اتي بمبئي ۾ مون کي ڪاليج ۾ اچي ڏسندو هو، ديسي آفيسرن مان جيڪي نوڪري جي عرصي ۾ واقف هئا ۽ دوست رهيا سي هي هئا، ديوان واڌومل، ديوان ڏيارام گدومل، مسٽرمحسن طيبجي، مسٽر حامد علي، مسٽر خداداد خان، مسٽرقادر داد خان، سردار محمد يعقوب، شيخ صادق علي، قاضي محمد اشرف ۽ ٻيا.
منهنجي نوڪري اپر سنڌ ۾ گهني رهي، يعني اڳوڻي شڪارپور ضلعي ۽ سرحد سنڌ جي ضلعي ۾ ۽ پوءِ ڪراچي ضلعي ۾ حيدرآباد ضلعي ۾، ٿرپارڪر ضلعي ۾ به جدا جدا ڊويزنن ۾ رهي، تنهن چئبو ته ساري سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن زميندا ۽ ٻين وقت جي معتبرن، ميرن ۽ پيرن سان معرفت ٿي، جن مان ڪي مشهور ماڻهو ٿي گذريا، انهن مان ڪن ٿورن جا نالا ڏيندس، الدين رهندي شڪارپور وارو، مير علي نواز علوي، ميان محمد حسين، محمد، شعبان، عبدالخالق وڪيل شڪارپوري، سرائي ٺارو خان ۽ سندس پٽ ۽ ڀائٽيا سرائي لاڻو خان ۽ فيض محمد خان کهاوڙ، وڏيرو غيبي خان چانڊيو، سردار قيصر خان مگسي، وڏيرو امام بخش خان ۽ محمد خان ٿيٻو، وڏيرو رمضان ناريجو، وڏيرو مريد خان لاکير، ملڪ صوبدار خن ۽ ايسب خان سرائي غلام رسول، سيد الهندو شاهه، ملڪ دودا خان، مير علي مراد سندراڻي، غلام علي خان بڙدي، صحبت خان گولو، جعفر خان رند، ميرو خان ڊومبڪي، بهادر خان کوسو، رحيم خان کوسو، لشڪر خان جمالي، نوابشاه خان بگٽي، نواب امام بخش خان مزاري، شاهه پسند خان پٺاڻ ۽ ڪيترائي ٻيا اهي سڀ وفات ڪري ويا آهن، انهن جو مون سان خاص رستو هو ۽ آءُ هنن کي عزت ڏيندو هو ۽ هو به مون کي گهڻو پسند ڪندا هئا، نه سرڪاري نوڪري جي خوشامد تي، پر خانگي طرح ساڻن مروت جي هلت ڪري.
رياست خيرپور جي مير علي مراد خان ۽ مير فيض محمد خان سان گهڻو رستو هو، گهناي دفعا سرڪاري ڪم سان آءُ وٽن ويو هوندس ۽ هو مون تي خاص طرح مهربان هوندا هئا ۽ مون کي پاڻ وٽ آڻڻ گهرندا هئا، پر قمست نه ٿي، سيد فاني شاهه شيرازي، رياست جو قديم شاعر به منهنجو واقف آهي ۽ اڃا حيات آهي، چڱو شعر چوندو آهي، مولوي بهاءُ الدين تخلص بهائي جهونو شاعر، ماٿيلي جي پاسي وارو ۽ شمس الدين ”بلبل“ ميهڙ وارو شاعر به منهنجا دوست هئا، مولوي بهائي ته اڃا حيات آهي، پر نهايت پير مرد آهي، ڪڏهن ڪڏهن تازا شعر جوڙي مون ڏي ڏسڻ لاءِ موڪليندو آهي، سندس هڪڙي رباعي منهنجي نسبت ۾ سندس خط جي چوٽي تي آهي جا نموني لاءِ هتي ڏيان ٿو ۽ هڪ فرد به.

مرزا که قليچ نامش نامي.
شيرين بجهان چوشهر هاي جامي.
از بنده بهائي ايند دعا بادل قبول.
کاندر دوجهان باد بصد خوشکامي.
مرزا قليچ بيگ که مرد خداي است.
منظور چشم عاشق بنده ”بهائي“ ست.

باب ستون: منهنجا ڪم ۽ انهن جي قدرشناسي

سڀڪو ماڻهو جو مشهور ٿيندو آهي يا مشهور ٿين گهرندو آهي، سو اهڙا وڏا ڪم ڪري ويندو آهي، جنهن ڪري هن کي پوءِ ياد پيا ڪندا ۽ مئي کان پوءِ به هن جي يادگيري پئي رهندي آهي، پر افسوس آهي ته اهڙو وڏو ڪم مون ڪو نه ڪيو، جنهن لاءِ آءُ ماڻهن کي ياد رهان يا جن مان گهڻي عرصي تائين فيض جاري رهي ۽ خلق کي فائدو پهچي، منهنجا جيڪي ڪم خانگي يا سرڪاري هئا سي ننڍڙا، مخفي ۽ گمنام رهيا، جيتوڻيڪ انهن مان خلق کي ڪجهه فائدو پهتو ٿي ۽ هو مون منهنجان تمام خوش ۽ راضي هئا ته به اهي فرض ڄآڻي ادا ڪيا ويا هئا، جن تي بالا آفيسرن جو يا ٻين مانهن جو خاص طرح ڌيان نٿي آيو، گهڻن ماڻهن کي رواجي ڪمن جي وڏي ڪري ڏيکارڻ جو هنر ايندو آهي، جنهن ڪري هنن کي آفرين يا انعام ملندو آهي يا لقب ملندو آهي پر افسوس ته مون کي اهو هنر به نه هو، تنهن ڪري پنهنجا فرض ڪم ماٺ ڪري پئي ڪيم ۽ انهن ننڍڙن ڪمن کي مون پنهنجا وڏا ڪم ٿي سمجهيو منهنجو ڪهڙو بيت آهي ته:

ٿو لقب کان لقب لڳي مون کي
تنهن ڪري ري لقب رهان ٿو خوش.

سرڪاري نوڪري جي عرصي ۾ گهڻن وقتن تي وڏا مشڪل واهه کڻايا هوندم ۽ مشڪل کنڊ ٻڌايا هوند، جيئن ته ڪشمور بند، ناري ۽ درياءَ جهڙا سخت وقتن ۾ سعي سان معافيون ڏسي انصاف روءِ فيصلا ڪيا هوند، جن مان جهڙا زميندار تهڙا آفيسر خوش ٿيا هوندا، ڪيترين ضروري وارداتن تي حاضر رهيو هوندس، ڪيترائي مشڪل تڪرار ۽ معامل بلوچن جي جرڳي ۾ يا مئجسٽريٽي ڪورٽن جي رستي فيصل ڪيا هوندا، ڪيترائي اسڪول ۽ مڪتب کوليا يا کولايا هوندم، رستن تي سڃ ۾ وڻ ۽ باغ رکايا هوندم، مشڪل مشڪل ٽڪرن ۽ جبلن جي چوٽين تائين وڃي حد نشاني ڏسي قائم ڪيا هوندم، ملٽري کاتي جي آفيسرن ۽ لشڪرن کي آسائش سان پنهنجي ڊويزن مان لنگهائي پار ڪيو هوندم، اهي آهن ڪم نوڪري جي عرصي ۾ مون ڪيا ۽ جن جي لاءِ آفرين يا تعريف فقط سالياني ائڊمنسٽريشن رپورٽ ۾ ٿي ملي، جنهن جي ٻي دنيا کي ڪا به خبر ڪا نه ٿي پوي ۽ آفيسرن جي نظر ۾ به اهي رواجي نوڪري جا فرض شمار ۾ اچن ٿا، ڪي اهڙا انتخاب ٻارهين بابت ۾ ڏنا ويا آحن پر اها خبر ڪن ٿورن کي هوندي ته اهڙن ڪمن لاءِ ڪن سرڪاري نوڪري جي تعريب اخبارن ۾ ٿي ڇپجي ۽ ملڪن ۾ مشهور ٿي ٿئي، ۽ خاص رپورٽن سان مٿين سرڪاري تائين ٿي وڃي ۽ انهن لاءِ انهن سرڪاري نوڪرن کي خاص انعام، لقب ۽ اضافا ٿا ملن، بلڪه پينشن وٺڻ تي زمينون ٿيون ملن پر جيئن مون مٿي چيو ته انهي لاءِ خاص هنر ۽ تجويز گهرجي، جا ڪم نصيبي سان مون کي نه آئي، جي اها معلوم به ٿي ته به انهي جي تعميل جي همٿ نه ٿي ۽ نه انهي لاءِ دل شاهدي ۽ عقل اجازت ڏني، انهي هوندي به ڪن موقعن تي درٻارين ٿيڻ وقت سکڻن لفظن ۽ گورنرن، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن تعريف پئي ڪئي ۽ وقت جي حآضر ماڻهن پئي ٻڌي، اها به منهنجن ننڍڙن رواجي ۽ معمولي ڪمن جي قدرشناسي هئي جن لاءِ آءُ سندس شڪر گذّار آهيان اهڙا انتخاب به ٻارهين بابت ۾ ڏنا اٿم.
اهي هئا منهنجا سرڪاري ڪم پر جن ڪمن تي آءُ فخر ٿو ڪريان ۽ جي منهنجي طبيت ۽ دفل جي ميل پٺيان آهن سي آهن خانگي ڪم جي هڪڙي معنيٰ سان سرڪاري طرح به شمار ۾ اچي سگهن ٿا، يعني انهن جو واسطو سرڪاري تعليم کاتي سان آهي ۽ انهن مان خلق کي علمي، اخلاقي ۽ روحاني فائدو پهچي سگهي ٿو، اهي آهن جداد جدا مضمونن تي ڪتاب ۽ ليک لکڻ اهي ڪم ننڍي هوندي کان مڪتبن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندي مون پئي ڪيا آهن، اسڪولن ۾ پڙِهندي ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ۽ ڪاليج جي عرصي ۾ به لکندو رهيس، ”بيڪنس ايسيز“ ۽ مسز فاسيٽس جي ”پوليٽڪل ايڪانمي“ انهن ڏينهن ۾ ترجمو ڪيم جن لاءِ مون کي تعليم کاتي مان چڱي رقم انعام ملي، ڪاليج ۾ پڙهندي اتي جي شاگردن لاءِ علم عروض ۽ فارسي اشتقاق ۽ صرف نحو تي ننڍڙا ڪتاب لکيم، جي ڇپيا ۽ اتي ڪم آيا، انهي کانپوءِ ڪراچي ۾ رهي ڪي ڪتاب لکيم، ۽ ڪي انگريزي ۽ اردو تان ترجمو ڪيم جي سنڌ مدرسي وارن ۽ ٻين سنڌ جي پريسن يا ڇاپخانن ۽ ڇپايا، نوڪري جي ساري عرصي ۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمو ڪندو رهيس، جن مان ڪي سرڪار جي حڪم پٺيان لکيم جن جي لاءِ مون کي انعام مليو ۽ ڪي ايڊوڪيشنل کاتي ٽيڪسٽ بڪ، پرائيز بڪ لئبريري بڪ ڪري منظور ڪيا، ملن جي مڪتبن جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪتاب خاص ملن ۽ سندس شاگردن جي لاءِ لکيم ۽ ڇپايم، ڪيترا ڪتاب زبانن مڪتبن لاءِ ڪيترا خاص مسلماني مذهبت بابت لکيم، جو مسلمانن ۾ تعليمن جو شوق گهٽ هو ۽ انهي جي ترغيب جي ضرورت هئي، ڪيترا ڪتاب خاص ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت سندن فرمائش موجب لکيم، انهن مان گهڻا نثر ۾ آهن ۽ گهڻا نظم ۾ آهن سنڌي شعر کانسواءِ فارسي ۽ اردو ۽ ترڪي شعر به چيم ۽ ڪي سنڌي ڪافيون به چيم ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي راڳ به چيم، اهي سڀ ڇپيل آهن، ڪڏهن وري خاص سوسائٽين يا جماعتن جي جلسن ۾ لکيل تقريرون ڏنيم يا ٻين جي ڪتابن جي لاءِ ديباڇا ۽ تمهيد لکيم. اهي سب وري ڌار ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪيل آهن، مطلب ته جدا جدا مضمونن تي نظم ۽ نثر ۾ ننڍا وڏا قريب ٻه سئو ڪتاب لکيا اٿم، جي سنڌ جي جدا جدا جاين تي ڇپايا ويا آهن، پهرين ڏينهن جا ڪتاب اڪثر ماستر پوڪرداس شڪاپور واري ۽ ماستر هريسنگهه سکر واري پئي ڇپايا، پوءِ ٻيا پريسن وارا پيدا ٿي ۽ انهن ڇپايا، جيئن ته الحق پريس يا وڪٽوريا پرنٽنگ پريس سکر وارو ۽ قيصر به پريس ۽ اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪيس ۽ پريميئر پريس حيدرآباد وارا ۽ ٻيا ڇپايا ڪي ته وري لاهور ۾ به ڇپيا.
اهي سڀ ڪتاب مون جدا جدا پريسن يا ڇاپڻ وارين سوسائٽين کي سواءِ قيمت وٺڻ جي ڏنا، اهي ڪتاب ڇاپائي ڇاپيل تعداد جي چوٿين حصي تائين ڪاپيون وقت بوقت منهنجي گهرڻ تي مون کي ڏيندا هئا ۽ اڃا ڏيندا آهن، مون پاڻ پنهنجي خرچ تي ڪو هڪڙو ٻه ڪتاب ڇپايو، نه ته ٻيا سڀ ٻين ڇپايا، ڪيترا ڪتاب رياست خيرپور مون کان وٺي پنهنجي سرڪاري پريس ”فيض پريس“ ۾ ڇپايا آهن ۽ اڃا پيا ڇاپين، انهن سڀني ڪتابن جي يا داشت مضمون وار اڳتي ضميمي ۾ ڏني ويندي، انهي کانسواءِ ڪاليج ڊراماٽڪ سوسائٽي لاءِ خاص طرح ڪيترائي شيڪسپيئر جا ناٽڪ سنڌي ۾ لکيم، جي هنن ڇپايا ۽ جسلن جي وقت درخواست يا فرمائش موجب پڙهڻ يا ڳائڻ لاءِ شعر لکي ڏنم، ڪتابن جو تعداد تخميني روءِ مٿي ڏنو اٿم، پر شعر جو تعداد تخميمي روءِ ٻاويهه هزار بيت آهي، جنهن ۾ جدا جدا ڪتابن جو شعر اچي وڃي ٿو، تذڪرن جي ڪتابن ۾ شاعرن جي شعرن يا بيتن جو شمار ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڪن جو ته وزن ٻڌايو اٿن، مثلا مرزا عبدالقادر ”بيدل“ مشهور شاعر جي تصنيف جو وزن پنج سير لکيو اٿن، مولانا رومي جي”مثنوي“ ۽ فردوسي جي ”شاهنامي“ جو ٽي سير، شيخ فريد الدين عطار جي مثنوين جو شعر هڪ لکي بيت آهن ۽ سندس ديوان ۾ چاليهه هزار بيت آهن، ڇهه هزار ته فقط رباعيون اٿس، ڪاشي شاعر جو شعر ه هڪ لکي بيت آهي، امير خسرو دهلوي جو چار لک آهي وغيره، جن مضمونن تي وقت بوقت تقريرون ڏنيم يا تحريرون لکيم تن جي ياداشت به ضميمي ۾ ڏني ويندي.
اهي آهن منهنجا خانگي ڪم جن کي ننڍو يا وڏو سمجهڻ ماڻهن جي ويس ۾ آهي، منهنجا لکيل هيترا ڪتاب جدا جدا پريسن ڇپايا آهن ۽ ماڻهو اهي چاهه مان پڙهن ٿا تنهن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن انهن ڪمن جي قدرشناسي ڪئي آهي ۽ مون کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ مناسب موقعن تي مان ڏين ٿا ۽ پرپٺ تعريف ڪن ٿا، انهي بابت سندن راين جا ڪي ٿورا انتخاب اخبارن مان ورتل ٻارهين باب ۾ ڏنا ويا ويندا.
هاڻي سوال آهي ته انهن ڪمن جي لاءِ مون کي هڪڙو انعام مليو؟ خانگي مانحن جي طرفان انعام اهو هو جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو، يعني قدرشناسي، عزت ۽ آبرو ڏيڻ جو ڪيترن جسلن ۽ ڪانفرنس ۾ هنر مهرباني ڪري مون کي پريزيڊنٽ يا صدر مجلس چونڊيو هوندو، هڪڙي ٻن هنڌن تي مهرباني ڪري ائڊريس به ڏنائو جا پڻ يارهين باب ۾ ڏنل آهي عزت ظاهر ڪرڻ لاءِ ماڻهن منهنجي تصوير ڇپائي ڪتابن ۾ يا پوسٽ ڪارڊن تي يا جنتري تي يا ٻي طرح پڌري ڪئي هوندي، هڪڙي ڪراچي جي سيٺ منهنجي وڏي تصوير حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ رکڻ لاءِ موڪلي هڪڙي تصوير بمبئي جي ”ٽائمس آف انڊيا“ ۾ ڏني وئي، جنهن جي هيٺان ”شيڪسپيئر آف سنڌ“ لکيو ويو هو، جن جلسن ۾ پريزيڊنٽ ٿيندو آهيان تن جي گڏيل تصوير ڪڍائيندا آهن.
اها آهي ماڻهن جي صدرداني جي نشاني، سرڪار جي طرفان مون کي ڪنهن به قسم جو خطاب يا لقب ڪو نه مليو آهي، مگر پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳي ”قيصر هند“ جو چاندي جو ميڊل يا ٻلو انعام مليو ۽ پينشن وٺڻ کانپوءِ وائسراءِ جي طرفان ۽ سندس صحيح سان ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ مليو جنهن جو نقل به يارهين ياب ۾ ڏنو ويو آهي، پبلسٽي ڪاميٽي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ به ڪمشنر صاحب آفرين نامو ۽ هڪڙي سوني واچ انعام ڏني، ( ڏسو باب 12 نمبر 57) سرڪار مان اسان ڀائرن کي پنهنجي ڪٽنب جي قدامن ۽ آبرو کي نگاهه ۾ رکي نوابشاهه ضلعي ۾ نصرت واهه تي پنج سو ايڪڙ زمين انعام ملي، جا اڃا تائين اسين آباد ڪرائيندا اچون، سن 1924ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ مون کي ”شمس العلماءِ“ جو لقب مليو وائسراءِ جي سيڪريٽري گورنر بمبئي جي سيڪريٽري، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ٻين يورپي توڙي مسلمان ۽ هندو دوستن جا مبارڪبادي جا خط آيا، جن مان ڪي ٿورا هيٺ ڏجن ٿا، اخبارن ۾ انهي بابت تعريف لکيل هئي، هڪڙي ماهياني زمينداري جنوري واري مخزن ”غنچه اميد“ ۾ منهنجي تصوير به ڏني وئي ۽ انهي هيٺان ”مخلص“ شآعر جو هڪڙو شعر به ڇپايو ويو ۽ مسٽر عيدنمل منگهراج بي، اي، ايل، ايل، بي ايڊيٽر جو مختصر نوٽ به ڏنل هو، جو پڻ ڏنو ويو آهي.

باب اٺون: منهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا (ڀاڱو پهريون)

هن بابت ۾ آءُ پنهنجي اولاد جي واقفيت لاءِ پنهنجي هلت چلت، پنهنجن عادتن، راين ۽ خيالن بابت ٿورو ذڪر لکندس، ڪي ته مٿئين لکئي مان به معلوم ٿيو هوندو، وڌيڪ هتي ڏجي ٿو.

[b]محبت، ادب ۽ اخلاف
[/b] ننڍي هوندي جون عادتون مٿي به ڏنل آهن اسان سڀئي ڀائر ۽ ڀيڻن جي پنهنجي ماءُ پيءُ سان ۽ پنهنجي پاڻ ۾ گهڻي محبت رهندي هئي، جهڙو ماءُ، پيءُ جي جيتري تهڙو پوءِ اها ڳالهه آسپاس مشهور هئي ۽ سڀ ڪنهن کي معلوم هئي ۽ چوڻي ٿي ويئي هئي ته اهڙي محبت ٻئي ڪنهن گهر ۾ ٿوري هوندي مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي صبح جو ننڍ مان اٿي پهرين ماءُ ۽ پيءُ کي پيرين پوندا هئاسين ۽ هو اسان کي دعا ڪندا هئا، بابي جي وفات کانپوءِ امان کي پيرين پوندا رهندا هئاسين، اڪثر هنن جي حڪم ۾ رهندا هئاسين ۽ هنن کي راضي رکڻ ۽ رنج نه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين، وري جيڪي ننڍا ڀائر هئا سي به وڏن جي ادب ۾ رهندا هئا، مون کي ياد نه آهي ته ڪڏهن اسان جي ماءٌ پيءُ اسان کي هٿ سان يا لڪڻ سان ماريو، بلڪه اسڪول ۾ مڪتب ۾ به مار ملڻ جي يادگيري نٿي اچي، انهي ڪري اسان کي ننڍي هوندي کان پنهنجي عزت آبرو جي ڳڻتي رهندي هئي، ايتري قدر جو اسڪول ۾ يا ٻئي هنڌ دوستن سان به حد کان وڌيڪ گستاخي نه ڪندا هئاسين ۽ نه هنن سان ڪنهن جي گستاخي دست درازي يا اجايو چرچو گهٻو يا ٽوڪ سهي سگهندا هئاسين، هنن کي انهي ڳالهه جي خاطري ٿي وئي هئي، تنهن ڪري هو به اسان سان چڱي رستي هلندا هئا، اسان سڀني ڀائرن جي پنهنجي زالن ۽ ٻارن سان گهڻي محبت رهي آهي ۽ هميشه انهن جي تعليم ۽ اخلاق جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهيون، ننڍي هوندي کان وٺي ٻارن کي آءُ زال هميشه سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ گار گند يا اجائي لفظ واتان نه ڪڍڻ جو تاڪيد ڪندا آهيون، هنن کي هر روز رات جو سمهڻ مهل خدا کان دعا گهري پوءِ وڃي سمهڻ جي عادت وڌي اٿئون، اها دعا هنن کي ياد ڪرائي وئي آهي، ۽ شروع ۾ ماءِ يا وڏي ڀيڻ انهن سان گڏ دعا گهرندي آهي وڏيرڙي ٿيڻ تي نماز ۽ قرآن پڙهڻ جو تاڪيد ڪند آ آيا آهيون، ۽ ماني کائڻ جي شروع ۾ بسم الله چوڻ ۽ کائي اٿڻ تي الحمد الله يا شڪر الله چوڻ سيکاريو اٿئون، جو اسين پاڻ به ائين ڪندا ‎آهيون، ننڍي هوندي اسين سڀ ڀائر ۽ ڀيڻيون رات جو گڏجي مناجات يا دعا جا بيت سر مان ڳائيندا هئاسين ۽ اهي منهنجون ٺاهيل مناجاتون منهنجي ڪتاب ”سوداي خام“ ۾ موجود آهن، منهنجي پنهنجي اولاد سان گهڻي محبت آهي پر ٻاهر ماڻهن جي روبرو ظاهر نه ڪندو آهيان، حرڪت ڪرڻ جي ڪري هنن کي ڇينڀيندو آهيان پر هاڻي جڏهن گهڻا ٿيا آهن تڌهن البت ماريندو به آهيان، اگرچه پوءِ پيشيمان ٿيندو آهيان، وڏي پٽ کي ولايت موڪلي سگهيس، جو بئريسٽر ٿي آيو ۽ ننڍو نه وڃي سگهيو، بلڪه هتي جي مٿانهين تعليم به پوريس حاصل ڪري نه سگهيو، ٻيا ننڍا ڪي انگريزي ڪي سنڌي پيا پڙهن ڌيئرن کي به ضروري تعليم ڏني وڃي ٿي،

[b]عزيزن سان هلت.
[/b]عزيزن، خويشن ۽ پاڙي وارن سان اسين هميشه کان چڱي هلت رکندا آيا آهيون، ڪن خانگي ڳالهين جي ڪري پنهنجي هڪڙي مامي سان اسان جي ناسازي ٿي پئي هئي جا افسوس ته اڃا تائين هلي اچي، اگرچه ظاهري ڪري اها معلوم نه ٿيندي هوندي، انهي ناسازي جي ڪري اگرچه هو اسان کي تڪليف ۽ نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندڙ آهن ته به اسين (خاص طرح آءُ) آبرو بچائڻ لاءِ مناسب احتياط ۽ اپاءُ ضروري ڄاڻي وٺندا آهيون، ساڳي طرح منهنجي وڏي نيڻي ۽ وڏيپٽ جي شادي وقت ڪن خانگي ڳالهين جي ڪري منهنجي ۽ منهنجي اولاد ۽ ادي مرزا صادق علي بيگ ۽ انهن جي اولاد جي وچ ۾ ناسازي ٿي پئي هئي، پر پوءِ ڪجهه عرصي بعد وري پاڻ ۾ ٺهي وياسين، منهنجي هميشه اها عادت آهي ۽ اهڙي راءَ آهي ته اهڙي حالت ۾ حسد ۽ ڪيني رکڻ ڪري پاڻ سازي وڏي ٿي، تنهن ڪري قبر ڪري گذاريندو آهيان ۽ ڄاڻيندو آهيان ته بڇڙائي ڪندڙ کي پاڻهي آڏو ايندي، هن کي بدلو ڏيڻ يا ضد ڪرڻ مناسب نه احي، انهي مروت جي هلت ڪري امڪان آهي ته ڪي دشمن دوست به ٿي پون، نه ته به هو شرمنداته بيشڪ ٿيندا، سعدي چيو آهي ته

بنده حلقه بگوش ارننوازي برود.
لطف کن لطف که بيگانه شود حلقه بگوش.

انهي بابت منهنجا به ڪي بيت آهن.

مون برائي مان ڀلائي سدا آهي ڏٺي.
ياالهي رک تو بدخواهن کي منهنجي خوش سدا.

--------------------------

فيض جو تون سبق ڪڪر کان سک.
کارو وٺ، ڏي مٺو تون موٽائي.

-------------------------

ماڻهن کي گار جو آءُ دعا سان ڏيان جواب.
آهيان ڪڪر، جو کارو وٺان ۽ مٺو ڏيان.

-------------------------

ظلم ليکيو نه ڪنهن به دشمن جو.
چشتم پوشي سپر اسان جي آهه.

جيڪي غريب مائٽ آهن تن کي مدد ڏيڻ جي بلڪه ٿوري گهڻي ماهياني ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿم، ۽ پنهنجي مال ملڪيت ۾ انهن جو توڙي پنهنجن ڀائرن جي ٻارن ٻچن جو حق پئي سمجهيو اٿم.

[b]روز مره جا نيم.
[/b] جي ڏينهن کان وٺي سنڌي ايا انگريزي اسڪولن ۾ پئي پڙهيو آهيان، يا پوءِ ڪاليج ۾ پئي پڙهيو آهيان، تن ڏينهن کان وٺي منهنجي اها عادت ٿي رهي آهي ته صبح جو سوير اٿي نماز پڙهندو هوس ۽ دعا گهرندو هوس ۽ قرآن پڙهندو هوس، ٻين وقتن جون نمازون به ڪوشش ڪري پڙهندو هوس، اگرچه اسڪول جي ڪمن ڪري بعضي فرصت نه ملندي هئي پر جڏهن ڪاليج ڇڏي اچي ويٺس يا پوءِ نوڪري شروع ڪيم، تڏهن کان وٺي سڀني وقتن جي نماز برابر پڙهندو اچان ۽ صبح جو هر روز قرآن به ضرور پڙهندو اچان، ورهين کان منهنجي هر روز جي اها عادت ٿي رهي آهي، ته اسر جو ٽين چئين بجي ڌاري ضرور پاڻهي جاڳندس ۽ اٿندس ۽ هٿ منهن ڌوئي وضو ڪري تهجد جي نماز پڙهان، ان کان پوءِ اڌ ڪلاڪ کن فڪر ڪريان، يعني خدا جي قدرت ۽ حڪمت وغيره بابت محو ٿي خيال ڪريان ۽ پوءِ ويهي قرآن جو دور ڪريان، جيڪي قرآن مان پڙهندو آهيان سو اڪثر سمجهندو ويندو آهيان، جو عربي ايتري قدر پڙهيو آهيان ۽ قران هميشه معني ۽ تفسير وارا پڙهيا اٿم، جنهن جي معني سمجهندو آهيان، قرآڻ پڙهڻ کانپوءِ وظيفا پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ ڪو حديث جو يا ٻيو ڪو ديني يا تصوف جو ڪتاب پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ به جي صبح ٿيڻ ۾ اڃا وقت هوندو آهي ته ويهي ڪو ڪتاب لکندو آهيان، پوءِ فجر جي نماز پڙهي گهمڻ ويندو آهيان، نوڪري واري عرصي ۾ سرڪاري ڪم شروع ڪندو هوس ۽ هاڻي پنهنجو خانگي ڪم يعني ڪتابن لکڻ جو ڪم ڪندو آهيان، ٻنپهرن جي ماني کائي آرام وٺندو آهيان، پر سمهندو نه آهيان، ڇاڪاڻ ته ڏينهن جو اڪثر مون کي ننڍ نه ايندي آهي، ٽين بجي نماز پڙهي وري اچي سرڪاري ڪم شروع ڪندو هوس، ۽ هاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو آهيان، اڳي وچين جي نماز پڙهي نوڪري وقت ٽپال صحيح ڪندو هوس، ۽ هاڻي اڪثر ٻاهر نڪري ويهان ۽ اخبارون پڙهان يا ڪو ٻيو ڪتاب ڏسان، سج لهڻ کانپوءِ گهر ۾ نماز پڙهي ٻارن سان ڳالهيون ڪريان يا هنن کي پڙهايان، ۽ سومهڻي جي نماز ماني کائڻ کانپوءِ پڙهي سمهي رهان، اڪثر سوير سمهندو آهيان، يعني نائين ڏهين بجي ۽ وري سوير ٽين چئين بجي اٿندو آهيان، جي ڪنهن سبب ڪري ڏهين بجي نه سمهندس يا جاڳندس ته پوءِ اڪثر ننڊ نه ايندي اٿم ۽ رات بي آرامي ۾ گذرندي اٿم.

[b]عبادت جو رستو.
[/b] مٿي چيو اٿم ته اسر جو اٿي ذڪر ۽ فڪر ڪندو آهيان، يعني خدا کي ياد ڪندو آهيان ۽ انهي جي حڪمت تي ويچار ڪندو آهيان، حديث ۾ آهي ته

ڪرڻ ويچار سان هڪڙي ساعت.
ٿيو بهتر کان ستر ورهين جي طاعت.

پهرين ته قرآن پڙهڻ کانپوءِ وظيفا پڙهندو آهيان، جن ۾ به خدا جي تعريف ۽ قدرت جو بيان آحي، انهيڪ ڪم لاءِ ”جواهر القرآن“ ”جوشن ڪبير“ ۽ ”جوشن صغير“ پڙهندو آهيان، هر هڪ ڪتاب جا ست حصا ورهائي ڇڏيا اٿم، جن مان هفتي جي جدا جدا ڏينهن تي جدا جدا ڀاڳو پڙهندو آهيان، فڪر يا خيال ڪرڻ لاءِ ڪي فقرا مقرر ڪري ڇڏيا اٿم، جن مان هڪڙو هڪڙو واري سان زبان سان چوندو ۽ انهي جي مضمون بابت خيال ڪندو آهيان، ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪندو آهيان جو ڄاڻنو آهيان ته رڳو زباني ذڪر ڪرڻ ۽ وظيفو پڙهڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي:

خدا جو ذڪر تون ڪر دل سان، نا ته طوطو پڻ،
زبان سان خدا کي ڪريم ٿو ڪوٺي

-------------------------

آرسي جو رکون مذهن نه ڪريون خلق ڏي ميل،
منهن جنهين جو نه ڏسون، تنهن ڏي ڪريون ڪا نه نگاهه.

اهي فقرا هي آهن، پهرين ”سبحان الله“ جنهن جي چوڻ وقت خدا تعاليٰ جي پاڪائي ۽ ان جا مثال پيو ويچاريندس ته ڪئين پاڪ آهي ۽ ڪيئن اسان کي به پارڪ رهڻ کپي، انهي بابت ڪتابن ۾ گهڻو پڙهيو اٿم، تنهن ڪري اهڙي فڪر يا خيال ڪرڻ ۾ آساني ٿي ٿئي، وري ”الحمد لله“ زبان تي آڻيان، ۽ دل ۾ خدا جي قدت جا مثال ياد ڪريان، آسمان ۽ هوا ۾ ۽ زمين تي عالم نباتات ۽ ان جا قسم ۽ هزارين گل ڦل، ميوا وغيره عالم حيوانات ۾ هزارين نمونا، تمام باريڪ جيتن کان وٺي وڏي قد وارن جانورن تائين سرندڙ جانور، پاڻي جا جانور، هزارن قسمن جا پکي، جهنگلي جانور، انسان ۽ انهن کان مٿي عالم ارواح، جن ۽ ملڪ وغيره انهن بابت ڌار ڌار سنڌي ۾ ڪتاب به لکيا اٿم، تنهن ڪري انهي ويچار ڪرڻ ۾ به آساني ٿيندي اٿم، پنجن منٽن ۾ اکيون پوري اهي سڀ خيال سير ڪري وٺندو آهيان.

جڏهن اکيون کوليان، تماشو تڏهن دنيا جو ڪريان،
جڏهن اکيون پوريان، تڏهن آءُ سير عقبيٰ جو ڪريان.

ٽيون فقرو يا ڪلمون ”شڪر الله“ زبان تي آڻيان ۽ دل ۾ خدا تعاليٰ جون نعمتون ۽ مهربانيون ياد ڪريان ۽ انهي جو شڪرانو ڪندو وڃان، جيئن ته هن مون کي هيستائين جيئرو ۽ تندرست رکيو، ڪشادو رزق ڏنو ۽ عزت آبرو ڏنائين، عبادت جو شوق ۽ ميل ڏنائين، اسلام جي هدايت ڪيائن، ۽ ٻار ٻچا ڏنائين، ۽ عزيز خويش ڏنائين، جنهن ڪري وقت خير سان ۽ چڱي طرح پيو گذري، انهي خيال ڪندي پنهنجي هاڻوڪي ۽ گذري حالت پنهنجي ۽ ڪن ٻين گهٽ يا ضعيف حالت وارن ماڻهن جي ڀيٽ ۽ مقابلو ڪري خدا جو شڪرانو ڪندو آهيان، پوءِ وري ڇوٿون ڪلمو ”استغفر الله“ جو زبان تي آڻيان، ۽ دل ۾ پنهنجا ڏوهه ۽ گناهه جي سجهن سي ياد ڪريان ۽ انهن لاءِ خدا کان معافي گهران، ۽ آئنده لاءِ توبهه ڪريان، خدا جي حڪمن جي نافرماني ۽ ماءُ پيءُ ۽ ٻين عزيزن، دوستن ۽پاڻ جهڙن انسانن جا جيڪي حق آهن سي بجا نه ڪيا اٿم يا انهن کي مدد نه ڏني اٿم يا انهن کي رنج ڪيو اٿم يا انصاف جي ڪم ڪرڻ ۾ غلطييي يا ڀل ڪئي اٿم يا پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪيو اٿم، يعني نفس ۽ شيطان جي چئِي تي لڳي حرڪتون ۽ خرابيون ڪيون اٿم، ۽ ٻين کي پنهنجي فائدي خاطر ايذا يا نقصان پهچايو اٿم، انهن سڀني ڳالهين کي ياد ڪري پشيمان ٿيندو آهيان، ۽ توبهه ڪندو آهيان، بلڪه انهي وقت روئي به ڏيندو آهيان.

ٿيو عبٽ تسبيح ڦيرائڻ اکين جو آب ري،
ريج ڌارا ڏس ادا ساواڪي داڻا ٿي سگهن.

---------------------------

منجهه جواني عمر اڪثر منهنجي ناداني ۾ وئي،
جيڪا پوءِ باقي بچي، سا پڻ پشيماني ۾ وئي.

پوءِ وري ”لاالهٰ الا الله ۽ ”الله اڪبر“ جا فقرا پڙهان ۽ ويچاريان ۽ انهن جي معني تي ويچار ڪريان ۽ خدا جي وحدت ۽ وڏائي بابت خيال ڪريان ۽ ڄاڻان ته دنيا ۾ خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود يا مقصد يا مطلوب بلڪه موجد اصل ڪونهي ۽ نه هئڻ گهرجي، پڇاڙي ۾ پنهنجي نبي جي ڪيل هدايت تي ويچار ڪريان ته هن خدا جو رستو ڏيکاريو، يعني اسلام تي آندو، جنهن ڪري بت پرستي ۽ گمراهي کان بچيس ۽ انهن لاءِ هن جي نسبت ۾ شڪر گذاري ڪريان، ۽ صلوات پڙهان، اڪثر انهي خيالي ڪم لاهڻ کانپوءِ خدا جا جدا جدا ذاتي ۽ صفاتي نالا ديا ڪري انهن جي معني سمجهان ۽ پوءِ کانئس دعا گهران، دعا به پنهنجي لاءِ ٺهرائي ڇڏي اٿم، پهرين پهنهنجي پيءُ۽ ماءُ جي، ڀائرن ۽ ڀيڻن جي ۽ پوءِ ٻين عزيزن جي حق ۾ دعا گهران، جيئرن جي لاءِ به ۽ مئن جي روحن لاءِ به ته شل خدا انهن کي بخشي ۽ بهشت نصيب ڪري، پوءِ پنهنجي حق ۾ خدا کان دعا گهران ته مون کي بڇڙن ڪمن، بڇڙن خيالن ۽ بڇڙن قولن کان بچانئجين، نفس ۽ شيطان جي پلڻ جي طاقت ڏجئين، تندرستي ڏجئين، علم ۽ حڪمت نصيب ڪجئين، هدايت جو رستو ڏيکار جئين، پنهنجو عشق ۽ محبت ڏجئين ۽ دنيا جي محنت کان پري رکجئين، اهي ڪم ڪرائجئين جن ۾ تون راضي رهين، چڱن ڪمن ڪرڻ جي همت ۽ توفيق ڏجئين، موت نزديڪ آهي، موت جي گهڙي آسان ڪجئين، عذاب قبر جي کان ۽ عذاب آخرت جي کان ۽ عذاب جهنم جي کان بچائجئين، ايمان سان مارجيئن ۽ آخرت موچاري ڪجائين، ۽ وري حشر ۾ صالحن ۽ نيڪن سان اٿارجيئن، زالن ۽ ٻآرن ٻچن جو خير ڪجئين، ۽ انهن کي تندرست رکجئين ۽ وڏي حيات ڏجيئن ۽ صالح ڪجئين، عزيزن خويشن ۽ دوستن ۽ پاڙيوارن بلڪه ساري جهان جو خير ڪجئين، صبح جي وقت چوان ته جيئن رات خير سان گذري تيئن اڄ ڏينهن به خير سان گذاري رات ڪجئين، ۽ اڄ چڱا ڪم ڪرائجين ۽ چڱي مت ڏجيئن ۽ انصاف جا ڪم ڪرائجئين ۽ خلق کي فيض پهچارائجئين، رات جو سهمڻ وقت انهي هنڌ وري چوان ته جيئن خير سان ڏينهن گذاري رات ڪيئي تئين رات به خير سان گذري ڏينهن ڪجئين، آءُ سمهان ٿو تون منهنجي سنڀال ڪجئين جي رات جي عرصي ۾ منهنجو موت لکيل هجي ته منهنجي روح توکي پرتو آهي ۽ منهنجي پونين جي سنڀال ڪجئين، اها آهي منهنجي دعا ۽ منهنجي عبادت جنهن جي موت کي ننڍي هوندي کان عادت ٿي رهي آهي، انهي جي هتي مفصل بيان جو سبب اهو هو ته مهنجي اولاد کي خبر هجي ته آءُ ڪيئن عبادت ڪندو آهيان ۽ جي پاڻ يا ڪو ٻيو پڙهندو چاهي ۽ انهي کي پسند ڪري ته اهو به ڀلي ڪري اهڙي مضمون جي مختصر دعا رات جو ٻارن کي به سيکاريندو آهيان، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، دعا ۾ ڇا گهرجي تنهن بابت پنهنجو هڪڙو قطعو يارهين باب ۾ ڏنو اٿم.

[b]نماز ۽ روزا.
[/b] نماز کانسواءِ روزن رکڻ جو شوق به مون کي گهڻو رهندو آهي، ۽ کائيندو به هميشه پورو پنو ۽ ٿورو آهيان، پيٽ بري نه کاندو آهيان، اسين سڀ ڀائر ۽ ڀيڻون ننڍي کان ئي رمضان جا روزا رکندا آيا آهيون.

کائين جي تون گهڻو ته فيل ٿئين،
کائين ٿورو ته جبرئيل ٿئين.

ڪڏهن ڪڏهن ته آءُ رمضان کان هڪ مهينو اڳ يعني شعبان ۾ به روزا رکندو آهيان، جي ڪنهن ڏينهن مهمان هئڻ ڪري يا ٻئي طرح شادي يا ڪنهن ٻي مجلس ۾ زياده کائي ويهندو آهيان ته انهي جي ٻئي ڏينهن روزو رکندو آهيان، روزو رکڻ انهي لاءِ پسند ڪندو آهيان ۽ نفس جي خواهشن روڪڻ جي چڱي استعمالي ٿي ٿئي ۽ بک اڃ جي تڪليف جي خبر ٿي پوي ۽ جيڪي مسڪين لاچا بک ۽ اڃ ۾ ٿا رهن، تن جو قدر پوي ۽ خدا جي شڪر گذاري ادا ڪرڻ ۽ انهن مسڪينن کي خيرات ڏيڻ جو تاڪيد ٿئي، نمازون ڪوشش ڪري پوري وقت تي پڙهندو آهيان، مگر جڏهن ڪو سرڪاري نوڪري جو ڪم هوندو آهي يا ڪنهن سبب ڪري مونجهارو ي ڳڻتي رهندي آهي يا ڪو ملاقاتي يا ڪم وارو سيڙهيو ويٺو هوندو آهي ته اهو ڪم لاهي فارغ ٿي پڙِهان، صبح جي نماز ته اڪثر پوري وقت تي پڙهندو آهيان، سفر ۾ يا اگگاڏي ۾ جڏهن آساني سان نماز پڙهي نه سگهندو آهيان تڏهن نماز جي وقت تي اکيون پوري دل ۾ نماز پڙهندو آهيان، ۽ پوءِ منزل پهچڻ تي رهيل نمازون قضا ڪري پڙهندو آهيان.

[b]زڪوات ۽ خيرات.
[/b] نماز ۽ روزي کان سواءِ زڪوات به ڪوشش ڪري ڏيندو آهيان، يعني جيڪا رقم هڪ سال ۾ برابر بچندي رهندي آهي ته انهي جو چاليهو حصو سال ۾ هڪڙو ڀيرو ٺهرايل وقت تي خيرات ڪري مسڪينن کي ڏيندو آهيان، يا چڱن ڪمن ۾ لڳائيندو آهيان، جيڪي يتيم ٻار يا بيواهه زالون، عزيزن مان يا پاڙيوارن مان يا ڪي ٻيا مسڪين هوندا تهن کي ماهواري ڪجهه خيرات طور مقرر ڪري ڏيندو آهيان، جيڪي فقير پنڻ لاءِ ايندا آهن تن کي سواءِ ڇينڀڻ ي ڪرڪڻ يا ڪي چوڻ جي جيڪي بچي سگهندو آهي سو ڏئي روانو ڪندو آهيان، اگرچه ڪي حجت ۽ تڪرار به ڪندا آهن ۽ چڙهندا به آهن ته به آءُ ڪوشش ڪري انهن تي نه چڙندو آهيان، ڪو مهمان ايندو آهي ته گهڻو خوش ٿيندو آهيان، ۽ هميشه اهو انتظار رهندو اٿم ته پهرين هو سکيو ٿئي پوءِ اسان کي ٿيڻ گهرجي، گهر ۾ زال کي ۽ ٻآرن کي به هميشه اهڙو تاڪيد ڪندو آهيان جي اوچتو يا بي وقت ڪو مهمان اچي ويندو آهي ته پهرين پنهنجي ماني انهي کي ڏيئي ڇڏيان پوءِ ٻي ڪا بچيل آءُ کان دل ۾ مون کي هميشه اها خوشي رهندي آهي ته جي وسعت هجي، پورو بندوبست رکي سگهجي ته هميشه مهمان پيا اچن ۽ وڃن، ايراني يا عرب يا هندستان جي ٻين ڀاڱن جا مسافر گهڻا ايندا آهن ۽ ڪي اچي ڳچ ڏينهن مهمان رهي پوءِ خيرات وٺي ويندا آهن، انهن کي خاص طرح آبرو ڏيندو آهيان ۽ ڪوشش ڪري انهن کي خوش ڪري روانو ڪندو آهيان، بعضي ٻاهران آيلن دوستن کي سڏي مهماني ڪندو آهيان، ۽ انهن سان گڏ ٻين عزيزن کي به سڏي کارائيندو آهيان، مگر آءُ ڪوشش ڪري ڪنهن جو مهمان ٿيڻ نه گهرندو آهيان، بلڪه جي ڪٿي ماني لاءِ سڏ ٿيندو اٿم ته اتي به ڪو عذر ڏئي نه ويندو آهيان ۽ جتي وڃڻ ضروري هوندو آهي جيئن مرڻي يا پرڻي جي ماني تي ته گهڻو ڪري پنهنجي هڪڙي پٽ کي پنهنجي طرفان وڃڻ لاءِ چوندو آهيان.

[b]مذهب ۽ فرقا.
[/b] مذهب جي خيال سان اسين ميرزا شيعا آهيون، يعني جعفري يا اثنا عشري، بابو ۽ نانو مرحوم ننڍي هوندي پنهنجي وطن مان نڪري پهرين ايران ۾ رهيا جتي شعين جي مذهب جي تعليم ملين، وري جڏهن سنڌ ۾ آيا تڏهن به مير صاحب ٽالپرن وٽ رهيا، جي پڻ شيعي مذهب جا هئا، تنهن ڪري پڇاڙي تائين انهي مذهب ۾ رهيا، يعني نبي ۽ نبي جي اولاد سان گهڻي محبت هوندي هين ۽ ٻين سڀني کان حضرت نبي ۽ علي انهن جي اولاد سان يعني پنجتن ۽ آل عباس کي زياده شرف وارو سمجهندا هئا، سنڌ ۾ رهڻ ڪري اسان جو توڙي اسان جي وڏن جو اهل سنت سان گهڻ واسطو رهيو، تنهن ڪري انهن جي اڳيان تعصب ظاهر ڪرڻ پسند نه ايندو هو، ۽ سني امام يا پيش نماز جي پٺيان به نماز پڙهندو هو ۽ اڪيلو پنهنجي منهن شيعن واري نماز به پڙهندو هو، يعني هٿ ڇوڙي جيتوڻيڪ آل نبي سان حد کان زياده محبت هيس، تڏهن به مون کي ڪڏهن کيس يارن ۽ اصحابن جي نسبت ۾ اجايو سجايو ڳالهائيندو نه ٻڌو، اسين ڀائر به ائين ڪندا اچون، اگرچه اسان مان ڪي شعي مذهب جا زياده پابند آهن ۽ ڪي سنين سان به ظاهري طرح شامل ٿيندا آهن، جيئن ته جمعي يا عيد جي نماز وقت يا ٻين وقتن تي سني جماعتن سان نماز پڙهن وقت مون کي ٻين مذهبن جي ڪتابن پڙهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو آهي، اگرچه منهنجن ڪن عزيزن کي ايندو آهي، مون کي پاڻ شوق رهندو آهي ته ٻين مذهن جا ڪتاب پڙهان ۽ انهن جي اصولن جو اسلام جي اصولن سان مقابلو ڪريان، انهي خيال سان شيعن جا مذهبي ڪتاب توڙي سنين جا ڪتاب گهڻا پڙهيا اٿم، ۽ طرفين جي ٻارن لاءِ ٻنهي مذهب جا ڪتاب به لکيا اٿم، جيئن ته توريت، انجيل، زبون، ٿياسفي وغيره انهن جدا جدا مذهبن جي اصولن ڄاڻڻ ڪري صوفين واري ڳالهه پوري طرح ثابت ٿي ٿئي ته سڀني مذهبن جو اصل اصول هڪڙو ئي آهي يعني خدا جي وحدت ۽ مخلوقات جي ڪثرت ۽ خدا جي حڪم جي تابعداري ۽ فرمانبرداري جنهن کي ”اسلام“ ٿو چئجي، ۽ مذهبن جي بانين يعني پيغمبرن ۽ اوليائن جي تعظيم پر پوءِ رفتي رفتي ظاهري رسمن ۽ قومي ڀرمن ۽ خاصيتن ڪري تفاوت پئجي ويا آهن، ۽ علحدا علحدا فرقا ٿي ويا آهن، انهي مدنظر تي تصوف وارو مذهب ”صلح ڪل“ جو سڀ کان بهتر آهي، جو نج اسلام آهي، ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، ۽ جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.

ويندي جنهن مذهب ۾ تون، ڏسندين اتي جهيڙو ۽ جنگ.
جي هجين آرام جو طالب ته صلح ڪل ۾ آهي.

----------------------------------

ڪيو تعصب ڌار ٻاهر هندو ۽ مسلم جو ٿانو،
نه ته اندر ميخاني ۾ ساق به هڪ پيالو به هڪ.

انهي بابت منهنجون ٻيو شعر به آهي ته گهڻا ٻيا علحده شعر به آهن جي ٻارهين باب ۾ ڏنا اٿم.

[b]منهنجو مذهب.
[/b] يعضي ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سني آهين يا شيعو آهين، يا وچون ڪو ٻيو مذهب اٿئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي؟ اهڙن وقتن تي آءُ منجهي ويندو آهيان ۽ نيٺ چوندو آهيان ته آءُ سني به آهيان ۽ شيعو به آهيان، بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان، سڀني مذهبن جا اصول ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان، آءُ ڄاڻندو آهيان ته دنيا ۾.

ڪعبو، بتخانو ٻئي آهن درڪار،
جند کي ٿا کپن ٻه پهڻ ضرور.

آل انڊيا شيعا ڪانفرنس جو ميمبر آهيان، بلڪه سندن مرڪزن ڪميٽي جو به ميمبر آهيان، سنڌ جي خاص حيدرآباد جي انجمن اماميه يا شيعن جو به ميمبر آهيان، بلڪه اڳي انهن جو وائيس پريزيڊنٽ به هوس، حيدرآباد جي انجمن اسلاميه يعني شيعن ۽ سنين ٻنهي جي يعني عام مسلمانن جي جماعت جو به ميمبرآهيان ۽ اڳئي وائيس پريزيڊنٽ به هوس، مرثيا ۽ منقبت پڙهندو آهيان ۽ لکيا اٿم، نماز به شيعن توڙي سنين وانگي پڙهندو آهيان، پنجتن ۽ انهن جي اولاد سان به خاص محبت رکندو آهيان، ليڪن يارن ۽ اصحابن کي بد نه چوندو آهيان، بلڪه ٻين سڀني مذهبن جي اصلي بانين کي تعظيم ڏيندو آهيان، اوليائن ۽ صوفي درويشن کي عزت جي نگاه سان ڏسندو آهيان، ۽ انهن جو ڪلام گهڻو پڙهندو ۽ پسند ڪندو آهيان، منهنجا پير ۽ مرشد اهي ئي آهن، يعني حضرت نبي صه ۽ علي عه انهن جو اولاد ٻيا اوليا ۽ بزرگ انهي ڪري مون چيو ته نڪي سني آهيان نڪي شيعو آهيان، يا ته ٻئي آهيان انهي خيالن سان نوڪري جي وقت يا انهي کان ڳي توڙي پوءِ هتي ڪو مشهور عالم فاضل يا ڪو پير ۽ فقير يا ڪو درويش ي صوفي بزرگ ٻڌندو آهيان ته وڃي انهي کي ڏسندو آهيان ۽ انهي جي صحبت ڪندو آهيان.

منجهه تصوف ٻير وانگي، ڪاملن سان ڳنڍ رک،
ڏس ته ڪيئن پيوند سان، سنڌي به صوفي ٿيو پوي.

بلڪه جيڪي بزرگ ۽ اولياءَ فوت ٿي ويا آهن ۽ جن بابت ڪتابن ۾ پڙهيو اٿم يا جن جي تعريف ٻڌي اٿم تن جي درگاهن ۽ مقبرن تي وڃي زيارت ڪئي اٿم، گهڻو ڪري سنڌ جون اهڙيون سب مشهور درگاهون ڏٺيون اٿم جڏهن ڪوٽڙي ڊويزن ۾ هوس تڏهن ڪوهستان لنگهي پٻ جبل ۽ به لنگهي لاهوت به وڃي ڏٺم، ۽ اتي جيڪا شاهه بلال جي درگاه آهي تنهن جي زيارت ڪيم، انهي بابت به منهنجو فارسي ۽ سنڌي شعر آهي جو ”سوداي خام“ ۾ ڏنل آهي نوڪري جي وقت پنهنجي حد اندر اهڙن درگاهن جا بيان لکي ڪمشنز صاحب، مسٽر جيمس جي لکڻ موجب ڏانهس موڪليا هئم، منهنجو هميشه اهو خيال آهي ته.

سڀ کان مرشد چڱو صفا سينو،
ٿو سيکاري مٺوءَ کي آئينو.

---------------------

اک ۽ دل توکي ملي، آڏو کليئي عالم جو باب،
ڪهڙو ٻيو استاد گهرجي، ڪهڙو ٻيو گهرجي ڪتاب

----------------

چوي مون کي مسلم ٿو، ڪو ڪافر ٿو چوي ڪارو،
حقيقت دين منهنجو ٿيو بهتر مذهن وارو

باب نائون: منهنجون عادتون، خواهشون، خيال ۽ رايا (ڀاڳو ٻيو)

خوراڪ:

مٿي مون روزن رکڻ جي شوق بابت ذڪر ڪيو آهي، هاڻي پنهنجي رواجي کاڌي پيتي جي عادت بابت ذڪر ڪندس، اسين سڀ ڀائر ۽ ڀيڻيون ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي ننڍي هوندي کان ٿوري کاڌي کائڻ ۽ سادي ماني کائڻ تي هريل رهندا آيا آهيون، آساني سان بک اڃ سهي سگهندا آهيون، بلڪه موسم جي گرمي ۽ سردي به گهڻي سهي سگهندا آهيون، ننڍي هوندي کان انهي تي هريل آهيون، تنهن ڪري ٿوري زياده گرمي يا سردي ۾ رهڻ ڪري يا هوا ۽ جهولي لڳڻ ڪري خدا جي مهرباني سان بيمار نه ٿيندا آهيون، گهني کاڌي ۽ عمدي مڪلف کاڌي تي اصل هريل ناهيون، انهي عادت ڪري اشتها پوري پني رهندي آهي، اڪثر پوري مهل تي کاڌو کائيندا آهيون، ننڍي هوندي کان نه فقط ڪڻڪ ۽ چانورن تي هريل آهيون پر ٻهراڙي وارو کاڌو يعني ٻاجهري يا جوئر جي ماني، جهڻ ۽ مکڻ به گهڻو پسندا ايندو آهي، اڪٽر پنهنجو ان ٻنين تان اچي ۽ پنهنجو مال رهندو آهي، جنهن ڪري کير، ڏڌ، ۽ مکڻ موجود ٿي سگهي ٿو، گوشٽ ۽ مڇي پلو به کائيندا آهيون، ڀاڄي ۽ ميوو زياده پسند ايندو آهي، مون کي ته خاص طرح ڀاڄيون پسند اينديون آهن ۽ گوشت نه وٺڻدو آهي، منهنجو پٽ نادر بيگ ۽ سندس ٻچا فقط ڀاڄيون کائين ۽ گوشٽ ۽ ٻيو ماس اصل ڪين کائين، نه فقط انهي ڪري ته هو ٿيا سفٽ آهن پر ڪچي کان طبعيت جو ميل ۽ تندرستي انهي ۾ ڄاڻندا آهن، اسين گهر ۾ سڀ ننڍا وڏا گڏجي هڪڙي دستر خاني تي ويهي کائيندا آهيون ۽ هٿن سان کائيندا آهيون ٿورن ورهين کان وٺي يعني نوڪري جي وقت کان وٺي آءُ ڪانٽي ۽ ڇري سان ٽيبل تي ويهي کائيندو آهيان ۽ شادي ڪرڻ کانپوءِ به اڪثر سڀئي ڀاتي ميز تي ويهي کائيندا آهيون، پر ٻيا ڀاتي ڪانٽو ۽ ڇري ڪم نه آڻيندا آهن، ادو جعفر قلي پنهنجي مڊم ۽ ٻارن ٻچن سان گڏ ڪانٽي ۽ ڇري سان کائيندو هو، پر جڏهن اسان وٽ ايندو هو تڏهن هٿن سان کائيندو هو، نادر بيگ به ائين ڪندو آهي، جواني کان منهنجي اها عادت آهي ته ٿورو کان ۽ ڍو نه ڪريان: جيئن ٿورو ڳالهايان ۽ بڪ نه ڪريان.

آدم کي خراب خوار ٻن سازن ڪيو:
شرنائي نڙي جي هڪ، دهل پيٽ جو ٻيو،
فتني ۽ فساد جا اهي ٻئي باني،
ڪمخوار ٿيو ته پوءِ ڪم خوار ٿيو.

اڪثر چئن پنجن ڪلاڪن کانپوءِ ضرور ٿورو گهڻو پيٽ ۾ وجهان ته ڪم ڪرڻ لاءِ طاقت رهيم، اسر جو چئين پنجين ڌاري جڏهن اٿان تڏهن ڊبل روٽي يا ڪوڪي سان چاءِ يا ڪافي پيان ۽ وري نائين ڏهين بجي هلڪو ناشتو ۽ چاءِ پيان ۽ هڪ بجي ڌاري ماني کان، ڏينهن جو چئين پنجين ڌاري بسڪٽ سان چانهه پيان ۽ وري نائين بجي ڌاري رات جي ماني کان، ان کانپوءِ ڪلاڪن کن پنڌ ڪري وڃي سمهان، انهي ڪري چانهه زياده پيئندوآهيان ۽ انهي ڪري ڪم ڪرڻ جي پاڻ ۾ زياده همت ڄاڻندو آهيان، چانهه جي تعريف ۾ هڪڙو شعر لکيو اٿم، جو يارهين بابت ۾ ڏنل آهي، انهي هوندي به عادت ڀڃڻ جي لاءِ ڪڏهن ڏينهن جا ڏينهن ڇڏي ڏيان ۽ اصل نه پيان، پاڻي جي صفائي جي اسان کي گهڻي ڳڻتي رهندي آهي، جيڪڏهن پاڻي يا پاڻي جو ٿان پورو صاف نه هوندو آهي ته اهو پاڻي اصل نه وٺندو آهي، اگرچه سڀ گڏ ويهي کائيندا آهيون ته به هر ڪو پنهنجي پنهنجي رڪابي ۾ چمچي سان کاڌو ڪڍي کائيندو آهي، هڪڙي ٿانو ۾ سب گڏجي هٿ وجهي کائڻ پسند نه ڪندا آهيون، لاچار ڪنهن مجلس ۾ کائبو آهي، پاڻي کان سواءِ سوڍا يا ليمن نه وٺندو آهي، شراب کي حرام سمجهندا آهيون، ۽ اسان مان ڪو به ڪو نه پيئندو آهي، تماڪ يعني حقو نه اسان مان ڪو نه پيئندو هو، سواءِ بابي ۽ امان جي هاڻي ٿورن ورهين کان اسان مان ڪي ڇوڪرا سگارون ڇڪيندا آهن، سي به مون کان لڪائي جو آءُ پاڻ اصل نه ڇڪيان.

[b]غسل ۽ صفائي:
[/b] وهنجڻ جو به اسان کي گهڻو تاڪيد رهندو آهي، آرڙهه ۾ به آءُ روز صبح جو سوير وهنجندو آهيان، بلڪه ڪڏهن ته شام جو به ٻارن کي به اڪثر هر روز وهنجاريندا آهيون، سياري ۾ هر روز وهنجڻ مشڪل ٿيندو آهي، ۽ اڪثر گرم پاڻي ڪم ۾ ايندو آهي، آرڙهه ۾ ٻار ڦليلي ۾ به وڃي وهجندا آهن، آءُ پاڻ تري نه ڄاڻان، ليڪن ٻار گهڻو ڪري تري ڄاڻندا آهن.

[b]پوشاڪ:
[/b] خوراڪ کانپوءِ پوشاڪ جو ٿور ذڪر ڪندس، بابو مرحوم جڏهن ڇوڪراڻي وهي ۾ سنڌ ۾ آيو، تڏهن سندس پوشاڪ ايران هئي، سندس قبا جنهن سان هتي آيو هو سا اڃا اسان وٽ رکي آهي، جيئن منهنجي ڄمڻ تي پهريون ڍڪايل پهراڻ اڃا اسان وٽ موجود آهي، ميرن وٽ رهڻ ڪري بابو ۽ نانو سنڌي ميراڻي پوشاڪ ڍڪيندا هئا، يعني ميراڻي سنڌي ٽوپي، پهراڻ، صدري ۽ جتي ميرن جي صاحبي کانپوءِ به اها پوشاڪ هوندي هيس، فقط پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ٽوپي جي بدران لنگي جو پٽڪو ٻڌندو هو، منهنجا ٻه وڏا ڀائر به سنڌي ٽوپي ۽ ٻي اهڙي پوشاڪ ڍڪيندا هئا، ۽ بمبئي جي ڪالجي ۾ به سنڌي ٽوپي ڍڪيندا هئا، اهڙن سندن تصوير به موجود آهي، مون ۽ مون کان ننڍن ڀائرن سنڌي ميراڻي ٽوپي ڪڏهن نه ڍڪي، گهر ۾ جمني ٽوپي ڍڪيندا هئاسين، ۽ پوءِ پٽڪو ٻڌندا هئاسين، ڪالجي ۾ به آءُ پٽڪي سان ويس، اتي آغا خان ۽ ٻين ايرانين جي صحبت ۾ ايراني ڪاري ٽوپي به ڪم آڻڻ لڳس، ۽ موٽي هٿ اچڻ تي آءُ ۽ منهنجا ڀائر ايراني ٽوپي ڍڪڻ لڳاسين، ۽ پوءَ ترڪي ٽوپي ڍڪيسين، جا اڃا ڍڪيندا اچون، انگريزي ٽوپي فقط ڊاڪٽر مرزا ۽ نادر بيگ ڍڪي، ٻيا جوان هاڻ ڍڪڻ لڳا آهن، نوڪري کان اڳي آءُ ڏاڙهي کي صفائي ڏيندو هوس، پر پوءِ ڇڏي ڏنيم، جنهن بابت هڪڙو فارسي شعر هيٺ ڏنو اٿم، پيري ۾ ڪيس نه ڪندو آهيان.

[b]پند جي عادت:
[/b] پنڌ ڪرڻ جي اسان کي ننڍي هوندي کان عادت پيل آهي، ستن اٺن ورهين کان وڄي پنهنجي ڳوٺ کان شعر تائين پنڌ ايندا ويندا هئانسي ۽ جهنگ ۾ رهڻ ڪري به گهڻو گهمندا ڦرندا هئاسين، جنهن ڪري ڪو هن جا ڪوهه ڪري ويندا هئاسين، مون کي ياد آهي ته هڪڙي ڀيري آءُ پنهنجن ٻن ڀائرن سان گڏجي ٽنڊي محمد خان تائين پ ويو هوس، جو ڏهه ڪوهه پري آهيڪ، اسين شام نڪتاسين چانڊوڪي رات هئي ۽ وڏي اسر جو اتي وڃي پهتاسين، ڏينهن اتي گذاري وري شام جو نڪتاسين ۽ صبح جو ڳوٺ آياسين، آءُ اڃا تائين هر روز صبح جو ڪلاڪ ٻه ضرور پنڌ ڪندو آهيان، ٻني تي ويندو آهيان، ۽ پوءِ اٺين بجي ڌاري موڦٽي اچي ڪم شروع ڪندو آهيان، اسان جا ٻار به پنڌ ڪندا آهن پر هاڻي جڏهن اسان وٽ گاڏيون، گهوڙا ۽ بائسيڪلون آهن تڏهن انهن تي ايندا ويندا آهن، انهي هوندي به ٿڌڌي وقت ۾ هنن کي پنڌ موڪلبو آهي:
نوڪري جي وقت ۾ ميهڙ ۽ قمبر تعلقن مان ڏاڙهيارو جبل سارو گهميس، جتي ڪتي جي قبر آهي ۽ انهي جو بيان لکيو اٿم، ڪوٽڙي مان کير ٿر ۽ ڪارو جبل به پيادو آرپار ويو آهيان، جنهن ڪري جبل جا ماڻهو به حيران ٿيو ٿي ويا.

آءُ ٿيس پير، مگر وئي نه جواني مون مان،
گل ڪوماڻل جو وڃي رنگ ۽ رهي بو باقي.

[b]جانورن تي رحم
[/b] جهنگ ۾ رهڻ ڪري پکين ۽ جانورن رکڻ جو شوق ننڍي هوندي کان گهڻو رهيو، ڳائو، ماهيو ۽ ٻاڪرو مال ضرور رکڻو پوي ٿول، گهوڙا ۽ اٺ به رکڻا پون ٿا، ۽ انهي ڪري هاڻي گاڏي به رکڻي پوي ٿي، هرڻ، ڦاڙها، دنبا ۽ گهٽا بنه رکبا آهن، بلڪه سرهه ۽ گڊ جي ٻچن پالڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي هئي پر اهي نه بچيا ‎، شڪاري ڪتا ۽ ٻيا منهنجن ڀائرن وٽ گهڻا آهن، ۽ چڱا چڱا ٻلا، ڪبوتر، چتون، بورنون، ڪاڪاٽا ۽ چيها اڪثر رکڻ ۾ ايندا آهن، ۽ انهن جي ٻچن ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، گهوڙين جو نسل گهڻن ورهين کان اسان وٽ هلندو اچي، اهي وهٽ ۽ اهو مال اڪثر ديهه تي رهندو آهي، ضرورت مهل منجهانئن ڪي جانورن گهرائبا آهن گهڻ جانورن موجود رکڻ ڪري آءُ پنهنجي اڳوڻي گهر کي ”نوح جي ٻيڙي“ سڏيندو آهيان،م جو منجهس نموني نموني جو جوڙو گڏ ڪيو ويو هو، اهڙو هڪڙو منهنجو شعر به آهي.

[b]شڪار[/b]
جهنگ ۾ رهڻ ڪري شڪار جو شوق ننڍي هوندي کان اسان کي هوندو هو، خاص منهجن وڏن ڀائرن کي، هو ننڍي هوندي ‎جهنگ ۾ وڃي پکڙن ۾ تتر ڦاسائيندا هئا ۽ وڏي هوندي بندوقن سان شڪار ڪندا هئا، ادو مرزا صادق علي بيگ ۽ ادو جعفر قلي بيگ خاص طرح شڪار جا شوقين هئا، ۽ چڱي بندوق هڻندا هئا، ا گرچه ٻيا ڀائر به شڪار ڪندا هئا، آءُ پاڻ به جواني ۾ شڪار ڪندا هئا، هرڻ، ڦاڙها، سها، بدڪون، هنجهه ۽ تلوريون ۽ تتر شڪار ڪندا هئا، آءُ پاڻ به جواني ۾ شڪار ڪندو هوس، ۽ نوڪري وارن ڏينهن ۾ بندوقون کڻندو هوس، هڪ دفعي ميهڙ ۾ اتفاق سان بندوق هٿ مان ڇٽي وئي ۽ ان جو گهوڙو منهجي ڳو ۾ لڳو ۽ وڏو زخم ڪري وڌائين، جنهن ڪري ڳچ وقت بيمار پيو هوس، اڃا تائين به اهو داغ اٿم، جو هاڻي ڏاڙهي ۾ لڪي ويو آهي، انهي کان پوءِ بندوق پاڻ وٽآن ڪڍي ڇڏيم ۽ وري شڪار نه ڪيو اٿم، تنهن کانسواءِ مون کي جانورن تي گهڻو قياس به ايندو آهي، شڪار جي نسبت ۾ منهنجي راءَ آهي ته جتي ڪو ٻيو کاڌو موجود نه ٿي سگهي اتي شڪار ڪري پکي يا جانورن مارڻ ۾ کائڻ لاچار آهي، انهي وقت به اهي ايترا مارجن، جيترن جي گهرج هجي، نه وڌيڪ تماشي جي لاءِ پکي يا گهڻا جانور مارڻ، پاپ جهڙو ڪم آهي.

وئي هاءِ جواني، نه وري مور ڏسان،
هرڻ جو شڪار دل اڃا چئي ته ڪريان،
قد منهنجو ڪمان جان ٿيو پيري کان ڏنگو،
لٺ زهه ڪري ان جي، تير ٿو خوب هڻان

نقصان رسائڻ وارن جانورن کي مارڻ ٻي ڳالهه آهي، جيئن ته وڇون نانگ، بگهڙ وغيره انهي ڪري مون کي جانورن تي گهڻو قياس ايندو آهي، پنهنجي هٿ سان ڪڪڙ يا تتر ڪو به ساهوارو مومن ڪو نه ڪٺو هوند ۽ نه ٻئي کي ڪهندو ڏسي سگهندو آهيان، بلڪه ڏينبو يا وڇون کي به جهنگ ۾ ڪٿي ڏسي ڇڏڌي ڏنو هوندم، نوڪري جي وقت ۾ هڪڙي ڀيري صبح جو هوا کائيندو سڙڪ تي هڪڙو ڪڇون سرندو ڏٺم، آءُ حيران ٿيس ته سڪي تي ڪڇون ڪئين آيو! آخر بيهي خيال ڪيم، جانچيم ته سڙڪ جي هڪڙي پاسي ڪوهه کن پنڌ تي هڪڙو ڍورو هو، جو تازو سڪي ويو هو ۽ سڙڪ جي ٻئي پاسي ميل کن پنڌ تي هڪڙي ننڍي ڍنڍ هئي، ڪڇون کي سڀائي طرح معلوم ٿيو ته پاڻي سڪڻ ڪري ڍنڍ ڏي وڃڻ گهرجي،ڪ تنهن ڪري انهي رخ ڏي سرندو ويو، مون کي ڊپ ٿيو ته متان ڪو ڪتو يا گدڙ يا ٻي ڪو جانور هن کي ماري وجهي، تنهن ڪري هن کي کڻي پنڌ ڪري وڃي ڍنڍ تائين پهچائي آيس، ائين ڪرڻ ڪري آءُ ڏاڍو خوش ٿيس، تنهن کانسواءِ گوسٽ گهٽ کائڻ ڪري به شڪار ڪرڻ جي خواهش نه ٿيندي آهي، انهي دل جي ميل ڪري جانورن کي ظلم کان بچائڻ واري سوسائٽي جو ميمبر آهيان، جيئن مٿي پڻ اشارو ڏنل آهي.

ساهه حيوانن جو بخشڻ اصل ٿي انسانيت،
ٿي تون انسان، اي ادا، ڇو ٿو ڪهين حيوان کي.

[b] نوڪري ڪرڻ جو رستو:
[/b] سرڪاري نڪري هڪڙي ريت ڪندو هوس، تنهن جو ٿورو ذڪر ڪندس، سرڪار جو نوڪر ٿي پاڻ تي فرض سمجهندو هوس ته سرڪاري حڪمن، قاعدن ۽ قانونن جي پوري تعميل ڪريان: پوءِ اگرچه انهن جي نسبت ۾ منهنجي ذاتي راءَ مخالف هجي، رعيت ٿي پاڻ تي فرض سمجهندو آهيان ته سرڪار جي برخلاف نڪي چوان، نڪري ٻڌان، سرڪار جي بر خلاف فساد يا بغاوت ڪرڻ نامناسب، بلڪه اسلامي اصول موجب نمڪ حرامي ۽ گناهه سمجهندو آهيان، نوڪري ايمانداري سان ڪندو هوس، جيتوڻيڪ سرڪاري حڪمن جي پوري تعميل ڪندو هو ته بي ٻي خلق تي ۽ رعيت تي انصاف رحم ۽ مهرباني جي نظر رکندو هوس، سرڪاري قاعدو ڪهڙو به سخت هوندو ته به انهي جي تعميل، عملدار جي پنهنجي دل جي ميل تي تعلق رکي ٿي، نرمي ڪرڻ گهرندو ته نرم ٿيندو ۽ جي سختي ڪرڻ گهرندو ته سخت ٿيندو، بيشڪ اهڙو اعتدال جو رستو آهي، جنهن ڪري قاعدي جي تعميل به ٿئي ۽ ٻئي کي اجائي تڪليف به نه رسي، مثلا فصلن جي معافي ڏسڻ جو ڪم معافي جي رولن موجب سختي سان ڪرڻ ڪري آبادگارن سان سختي ٿي سگهي ٿي ۽ واجبي رستي سان ڏسڻ ڪري سختي نٿي ٿي.

واٽ ڏيکارڻ گهرين جي، آهي عالم سارو واٽ،
هٿ وٺي چاڙهڻ گهرين جي، آهي دنيا ساري گڏ.

سرڪاري نوڪري ۾ نه مون ڪنهن سان خاص دوستي رکي ۽ نه ڪنهن سان خاص دشمني رکي، ائين ڪو به چئي نه سگهندو ته فلاڻي زميندا يا ماڻهو سان فلاڻي جي دوستي آهي، يا فلاڻي سان دشمني آهي، سڀني کي درجي آهر مناسب آبرو ڏيندو هوس، ۽ چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تحسين ڏيندو هوس، ۽ بيواجبي ڪم ڪرڻ لاءِ شوخي ڏيکاريندو هوس، معافي گهرڻ تي اڪثر معافي ڏيندو هوس، پر جي ڪنهن خود منهنجي بر خلاف ڪجهه چيو يا ڪيو هوندو ته انهي ڪري هن سان وير رکي نقصان نه پهچايو هوندم، ڪنهن کي گار گند عمر نه ڏنيم ۽ نڪي چڙ ۾ ڪڏهن اجايو سجايو ڳالهايو هوندم، جي اتفاق سان گهڻي چڙ ۾ ”بدمعاش“ يا ”بيوقوف“ چئي ويٺو هوندس ته پوءِ پشيمان ٿيو هوندس.

تون واڳ نفس مهوس کي نه ڏي،
ايذا نه ڪنهين به خار ۾ خس کي نه ڏي،
جي ڀانئين ته جڳ ۾ پائين سک ۽ عزت،
بيڪس کان نه وٺ ڪي به ۽ ناڪس کي نه ڏي.

هڪڙِي ڀيري ياد اٿم ته ڪنهن ڇوڪراٽ کي ڪنهن سرڪاري نقصان ڪرڻ ڪري ڪاوڙ ۾ ”احمق“ به سڏيم ۽ ڌڪ به هنيم ۽ هڪالي ڪڍي ڇڏيم، هن جي وڃڻ کانپوءِ پشيمان ٿيس ۽ نوڪر کي سمجهايم ته ڪنهن عذر سان انهي کي سڏي، ماني کارائي خوش ڪري ڪڍن، ڪنهن ڪيس ۾ ڪنهن کي سزا ڏني هونديم ته قياس سان ڏني هوندي، ۽ اهڙن لفظن ۾ جنهن ڏوهي ڄاڻندو هوس ته هن لاچار قاعدي جي پورائي لاءِ سزا ڏني آهي ۽ نه ڪاوڙ يا ڇڙ کان، ڪيس هلائڻ ڌرين کي يا انهي جي وڪيلن کي ڄاڻي ٻجهي نه رلايو هوندم، روينيو ڪم جي مون کي گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي هئي مگر فوجداري ڪيس جي هلائڻ کان گهڻو ڊڄندو هوس، ته متان بي انصافي ٿئي، جڏهن به ڪو ڪيس فيصلي لاءِ رکيو ويو هوندو ته پڙهڻ کانپوءِ فيصلي لاءِ مونجهارو ٿيندو هو، ۽ پوري طرح خيال ۾ ايندو هو ته قيدي کي ڇڏيان يا سزا ڏيان! اهڙي حالت ۾ اڪثر وڃي نماز پڙهي خدا کان سوال گهرندو هوس ته مون کي هدايٿت ڪري ۽ حقيقت موجب انصاف جو خيال دل ۾ وجهي ۽ پوءِ وڃي نئين سر ڪيس پڙهي ويچار ڪري هڪڙو فيصلو ڪندو هوس، ۽ ڄاڻندو هوس ته اهو فيصلو خدا منهنجي دل ۾ وڌو آهي، ۽ جي انهي ۾ ڪا سهو يا بي انصافي ٿي وئي هوندي ته به خدا معاف ڪندو، سرڪاري نوڪري ۾ رشوت کان هميشه پاوس ڪندو رهندو هوس، خدان جي مهرباني سان انهي ايمانداري ۽ سچائي ڪري آءُ منهنجا ٻيا ڀائر مشهور هئاسين، آءُ هميشه اها نظر رکندو هوس ته جتي منزل ٿئي اتي اسان جو عملو يا اسان جا زبردست ۽ نوڪر غريبن کي ايذا يا تڪليف نه رسائين، انهي لاءِ جيتري نظر ٿي سگهندي هئي اوتري ڪبي هئي، جيڪو ڪم وارو يا درخواست وارو ايندو هو انهي کي جلد ڪم لهرائي روانو ڪندو هوس، ۽ پٺيانئس اها نظر به رکندو هوس ته متان پٽيوالو يا نوڪر يا منشي ڪا تڪليف نه ڏينس، اگرچه انهي نظر داري هوندي به اهي نه رهندا هوندا، پهريون مقدمو جو مئجسٽريٽ ٿي مون هلايو، سو مون کي ياد آهي، ته هڪڙي ٻڍڙي زال جهنگ مان ڪلر کڻي لوڻ جوڙڻ هو، تنهن کي پوليس رجوع ڪيو هو، هن تي ڏنڊ وڌم، پر زال جي غريبي ڏسي ڏاڍو رحم آيم جو هو پئسي نه هئڻ ڪري جبل ۾ ٿي ويئي، تنهن ڪري لڪ چوري ۾ نوڪر کي ڏنڊ جا پئسا ڏنم، ته هن کي وڃي ڏئي، ٽڪيٽ کان سواءِ ريلوي ۾ چڙهڻ واري هڪڙي فقير سان به هڪ ٻه دفعا ائين ڪيو هوم، نوڪري جي عرصي ۾ اڪثر زميندارن جي مهماني نه وٺندو هوس، ۽ نه ڪنهن کي پاڻ وٽ مهمان ڪندو هوس، دستور موجب جدا جدا منزلن تي هندن تي جي پنچائت، پتاشن يا مصري جا ٿالهه اڻيندي هئي ته اهي سندن روبرو پٽيوالي کي سڏي چوندو هوس ته اتي جي اسڪول ۾ وڃِ ماستر جي معرفت ٻارن کي ورهائي ڏئي، بالا آفيسرن کي به ڪڏهن ڪو ميوو يا تحفو ڪو نه ڏنم، اگرچه معلوم هوم ته ٻيا مون جهڙا علمدار ائين ڪندا آهن ۽ نه انهن جي عملي وارن کي دستور رقم ڏيارڻ جي ڳڻتي رکندو هوس، اهو ڪم هو پنهنجو پاڻهي ڪندا هوندا، ليڪن مون کي ڪڏهن هنهن آفيسر انهي بابت عتاب ڪو نه ڏنو، ۽ نه بالا آفيسرن سان ڪڏهن نيچائي جي هلت ۽ خوشامد ڪئي هونديم، مون کي يقين آهي ته ٻين مون جهڙن عملدارن جي هلت ڏسي هنن کي ازخوس معلوم ٿيندو هوندو ته آءُ ڄاڻي ٻجهي ٻي طرح جي هلت ٿو ڪريان، انهي ڪري سمجهه وارا عملدار زياده مهربان رهندا هئا، ۽ ڪي خوشامد پسند انهي ڪري مغروري سمجهي رنج رهيا هوندا، پر انهي جو مون کي فڪر نه رهندو هو، ڇا لاءَ جو اهڙو ڊپ نه رهندو هو ته بي ايماني جي تهمبت اچي سگهندي يا انهي جو ڪو شڪ پيدا ٿي سگهندو، چوندا آهن ته ”آنراڪ حساب پاڪ است، ازمحا سبه چه باڪ“ ڪرنل ميهو، ڪليڪٽر، تمام سخت ماڻهو هوندو هو ۽ رشوتخورن بي ايمانن ۽ سست عملدارن جو دشمن هوندو هو، تنهن جي مهرباني ايتريقدر هوندي هئي جو جڏهن آءُ وارهه ۾ مختيار ڪار هوس ۽ بيمار هوس ۽ سندس زال اتي هئي تڏهن مون کي پنهنجي خانگي جاءِ تي اچي ڏسندو هو، ۽ دلاسا ڏيندو هو، مسٽر ميولسس به ساڳي طرح جي هلت ڪندو هو، سرڪاري نوڪري ۾ گهڻن هنڌن تي نوڪري ڪيم، ۽ هڪ هڪ هنڌ تي ٻه ٽي ورهيه رهيس، بلڪه پوئين جڳهه يعني ڪوٽڙي ڊويزن ۾ ته ساندهه ڏهه ورهيه رهيس، ۽ اهڙي طرح نوڪري ڪيم ۽ ماڻهن سان هلت ڪيم، جو اڃا تائين انهن هنڌن جا ماڻهو مون کي ياد ڪندا آهن ۽ وري اتي اچڻ لاءِ چوندا آحن، سڀ ڪنهن هنڌ بدلي ٿيڻ وقتپارٽي ڏيڻ يا مجلس ڪا پارٽي قبول نه ڪيم ۽ نه تصوير ڪڍايم، جيئن هاڻي عام دستور آهي، گهڻا آفيسر ته پاڻا اشارو ڏئي اهڙيون پارٽيون ڏياريندا آهن، جيئن سندن مشهورائي ٿئي، خوشي جي ڳالهه آهي ته اها عادت منهنجن ٻين ڀائرن توڙي انهن جي به نه رهي آهي.

[b]دل جا لاڙا ۽ سادگي:
[/b] پنهنجي دل جي لاڙن ۽ سادگي بابت ٿورو لکڻ مناسب ٿو سمجهان، آءُ پنهنجن عزيزن ۾ بلڪه دوستن ۾ نماڻو، نهٺو، نرم، دل صبر وارو ۽ ٿور ڳالهائو شمار ڪيو ويندو آهيان، انهي جي لاءِ آءُ خدا جو شڪرانو ڪندو آهيان ۽ انهي کي فخر سمجهي خوش ٿيندو آهيان.

نياز نسل شرافت جو آهي اصل دليل،
گهڻي مڙڻ سان سڃاپي ٿي ڏس ترار اصيل.

منهنجو نالو به قليچ آهي، جنهن جي معنيٰ ترڪي ۾ آهي ”ترار“ اگرچه خبر به اٿم ۽ معلوم به ڪري سگهبو آهي ته ماڻه انهي کي منهنجو عيب سمجهندا آهن ۽ آنهي کي حد کان زياده نرمائي يا ڀورڙائي شمار ڪندا آهن، ڪو ٻيو ٽوڪ ڪندو يا ڪجهه چوندو ته انهي تي گهڻو چڙندو نه آهيان، ۽ صبر ڪري گذاريندو آهيان، فقط بي آبروئي جي حالت ۾ ڪجهه چوندو يا ڪندو آهيان، اهڙي هلت ڪن وٽ بي عقلي جهڙي ڳڻبي آهي، ائين هوندو، مگر ننڍي هوندي کان منهنجي طبيعت اها رهي آهي يا آءُ اهڙو ڀورڙو هوس يا اڳي زمانو ٻيو هو ۽ هاڻي ٻيو ٿيو آهي! ڀورڙائي جو مٽال هي آهي ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهڻ جي وقتائين يعني ڏهن ٻارهن ورهين تائين مون کي برابر سمجهه ۾ نٿي اچي سگهيو ته ٻار زالن کي ڪٿان ۽ ڪيئن تا ڄمن!، مون کي ياد آهي ته منهنجي ماءُ کي گهڻن ٻارن ڄڻڻ ڪري پيٽ تي گهنج يا ليڪا مون کي ڏسڻ ۾ ايندا هئا، ۽ آءُ ڄاڻندو هوس ته پيش کي چهڪ ڏيئي وڍي ٻار ٿيون ڄڻين، اهڙو ٻيو پنهنجي سادگي يا ڀورڙائي جو مثال ڏيندس، جنهن تي پڻ پڙهندڙن کي شايد کل ايندي، آءُ پنجويهن ورهين ۾ سرڪاري نوڪر ٿيس، تيستائين ڇڙهو هوس، پوءِ شادي ڪيم، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم جڏهن شادي ڪرڻ جو سعيو ٿي ڪيم، تڏهن مون کي بعضي دل ۾ خيال ايندو هو ته شادي ته ڪريان ٿو پر مڙس ۽ زال ڪيئن صحبت ڪندا آهن، تنهن جي پوري خاطري جهڙي خبر نه اٿم! نه ته اها ڳالهه طبعي ۽ قدرتي آهي ۽ کائڻ پيئڻ وغيره وانگي پاڻهي ماڻهو کي معلوم ٿي ٿئي اگرچه خبر هئي ته زال مڙس جي صحبت شادي جي ٻارن ڄمڻ جو سبب ۽ اپاءُ آهي، مگر انهي صحبت جي پوري شڪل يا صورت معلوم نه هئي تنهن ڪري اهو خطرو رهندو هوم ته شآدي ڪرڻ کانپوءِ الاجي ڇا ڪندس ۽ ڪيئن ڪندس، ۽ مون کي پڪ آهي ته هن زماني ۾ ڏهن ورهين جي عمر وارن کي به شايد انهي حقيقت جي پوري پوري خبر آهي، ڀورڙائي سان گڏ نرمائي ۽ قياس جي حالت به مون ۾ خاص طرح جي آهي، منهنجي ڪنهن نوڪر يا ٻار تي ڪو ماڻهو دانهين ايندو آهي ته مون کي گهڻو ڪري پڪ ٿيندي آهي ته ڏنگائي ضرور نوڪر جي يا ٻار جي هوندي، تنهن ڪري ضرور انهن کي فهمائش ڪندس يا سزا ڏيندس، ٻيا ماڻهو اڪثر ائين نه ڪندا آهن، پنهنجن جي طرفداري ڪندا آهن، ڪنهن به ماڻهو جي شڪايت يا گلا نه ٻڌندو آهيان، ۽ جيسين پڪ نه ٿيندي اٿم تيتري ۾ اها نه وسهندو آهيان ۽ نه انهي ۾ ڪو به گمان پوندو اٿم ٻه ڄڻا وڙهندا ڏسي يا ٻڌندس ته منهنجي دل جو ميل ضرور هيڻي يا ضعيف جي پاسي هوندو، ۽ مدد ڪرڻ به انهي کي چاهيندو هوندس، جيڪو ڪرندو يا هارائيندو يا غم ڪندو تنهن جي لاءِ گهڻو ارمان ٿيندم ٻين ڌارين ماڻهن جي گهر ۾ قضيي ٿيڻ ڪري آءُ پاڻ روئندو آهيان ۽ ٻين جي غم جو احوال ٻڌي مون کي روئڻ ايندو آهي، هڪڙي ڀري نوڪري جي وقت گهوڙي تي چڙهي نڪتو هوس، رستي ۾ هڪڙي ڳوٺ ۾ ڪنهن گهر ۾ قضيو ٿيو هو، ڪا زال مئي هئي مڙس ماڻهو ڪو نه ڪيو ٻارن ڏاڍو پئي رنو، آءُ بيهي رهيس، پڇا ڪرڻ تي جڏهن حقيقت معلوم ٿي تڏهن لهي پيس، پنهنجي نائڪ ۽ اردلي جي مدد سان انهي زال جي دفن ڪفن جو بندوبست ڪيو ويو، ۽ ماني ٽڪي لاءِ مناسب پئسا ڏنا ويا، ۽ ٻارن کي گهڻو دلاسو ڏنو ويو، هنن کي روئيندي ڏسي مون گهڻو رنو، انهي دل جي ميل ڪري آءُ اڪثر مون کي گهڻو ياد ڪندو آهيان، ۽ سمهڻ مهل خاص طرح ڄاڻندو آهيان ته شايد رات جي عرصي ۾ مري وڃان، منهنجو بيت آهي ته.

موت کي ڪري ٿو هردم ياد،
آهي تحقيق زندهه جاويد،
رکي جا موت سان دل آشنائي،
هميشه لئي رهي جيئري ٿي سائي.

انهي خيال سان مون پنهنجي قبر پڪي پنهنجي مقام ۾ پنهنجي پهرين زال جي قبر جي پاسي ۾ ٺهرائي ڇڏي آهي ۽ اتي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ۽ ڀائن، ڀيڻن جون به قبرون آهن، اتي سڀ ڪنهن جمعي جي ڏينهن صبح جو آءُ ويندو آهيان ۽ ختمو ڏيندو آهيان، ۽ پنهنجن مئلن مائٽن کي ياد ڪندو آهيان، پنهنجي قبر ڏسي چوندو آهيان ته هڪڙي ڏينهن آءُ هتي رکيو وينديس، بشر طيڪ ڪنهن ٻئي هنڌ سفر ۾ نه مئس پنهنجو ڪفن به تيار ڪري رکي ڇڏيو اٿم، بلڪه جنازي کڻڻ جي ڏولي به ٺهرائي ڇڏي اٿم، جاٻين عزيزن جي وفات وقت به ڪم پئي ايندي هئي، مون گهڻ عزيزن ۽ دوستن جي وفات جون تاريخون فارسي شعر ۾ چيون آهن، اهو خيال به دل ۾ آيم ته منهنجي قبر تي به خود منهنجي تاريخ اڪرڻ ۾ اچي ته چڱو تنهنڪري گهڻن ورهين کان وٺي هجري سال جي شروع ۾ پنهنجي مرڻ جي تاريخ شعر ۾ چوندو آهيان، جنهن ۾ ابجد جي حساب سان اهو هجي سال ڏنو ويو آهي، اهي سڀ پنهنجون يا پرايون تاريخون منهنجي ڪتاب ”سوداي خام“ ۾ ڏنل آهن، پنهنجي وفات جون ڪي تاريخون نموني لاءِ يارهين بابت ۾ ڏيندس.

[b]صبر ۽ قناعت ۽ توڪل:
[/b] خدا جو شڪرانو آهي ته خدا دل ۾ صبر، قناعت ۽ توڪل گهڻي ڏني آهي ۽ دنيا جي طمع بلڪل نه ڏني اٿس، تنهن ڪري پئسي ميڙن جو شوق مون کي ڪونهي، ايمانداري جي رستي غريبي مان هن حالت تي آيو آهيان ۽ منهنجا ڀائر به ائين آيا، تئين ڄاڻندو آهيا ته منهنجي اولاد کي به خدا پاڻهي چڱي حال ۾ رکندو ۽ انهن لاءِ مٿو هڻي گهني دولت ڇڏي وڃڻ نه گهرندو آهيان.

جي گهرين دولت هجي جا پائدار ۽ برقرار،
خلوت آهي ۽ قناعت، سا تون عادت تن جي ڌار.

-------------------------

جيڪو قانع ٿئي، ڏسي تلخي زماني جو نه سو،
سڀ سمنڊ کاري جي وچ ۾ ٿئي مٺو پاڻي پيئي.

وسعت آهر فرض سمجهي هنن کي تعليم ڏني اٿم ۽ پيو ڏيان، جيڪي موجود آهي، سو هنن جي لاءِ ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، ۽ انهي ڪم لاءِ پاڻ کي جلد مرڻ وارو ڄاڻي ۽ اولاد جي وچ ۾ تڪرار يا ناسازي ٽارڻ جي ارادي سان پنهنجو وصيت نامو لکي مهر هڻي رکي ڇڏيو اٿم، انهي جا ٻه ايگزيڪيوٽر يا تعميل ڪرڻ وارا به مقرر ڪري ڇڏيا اٿم، ۽ ٿوري رقم چئن لائيف انشورنس پاليسين جي رستي به رکي ڇڏي اٿم، جا منهنجي مرڻ کانپوءِ ترت انهن کي ڪم اچي سگهندي، اهو ظاهر دنيائي ۽ عقلي احتياط ۽ اڳ ڳڻتي ڪئي اٿم باقي سڀ خدا تي توڪل رکي سندس حوالي ڪيو اٿم.

ما ڪار خويش را به خداوند ڪار سار،
بسپرده ايم تاڪرم اوچه ميڪند.

[b]بي طمعي:
[/b] اهڙي حالت ۾ دنيا جي طمع گهٽ هئڻ ڪري اگرچه دنيا ۽ آخرت جي عزت ۽ سر خروئي هميشه خدا کان گهرندو آهيان، پر نه دنيا جي دولت ۽ اجائي رستي سان نالو ناموس، وڏي عهدي ۽ وڏي درجي يا لقب لاءِ ڪڏهن به خواهش ڪا نه ڪيم ۽ نه ڪڏهن ڪوشش ڪيم، مٿي چيو اٿم ته خيرپور جي ”وزيريءَ“ لاءِ مير صاحب فيض محمد خان گهڻو زور ڪيو ۽ پر ڪن خاص سببن ڪري جي منهنجي دل جي اصولن جي بر خلاف هئا ۽ جن شرطن تي اها آڇ ٿي هئي سي مون نه قبوليا ۽ جي ٻين قوليا ۽ وزير ٿيا ( ڏسو باب يارهين ۾) سرڪاري عملدار لقبن لاءِ آفيسرن کي منٿون آزيون ڪندا آهن ۽ خوشامد ڪندا آهن پر مون ڪڏهن ڪا نه ڪئي ”قيصر هند“ جو ميڊل مليو پر انهي جي به مون کي اوچتي خبر پئي ۽ اخبار ۾ پڙهيم، نه ته بلڪه خبر نه هيم، انهي ساڳئي سال ۾ ادي مرزا صادي علي بيگ کي به ”خانصاحبي“ جو لقب مليو، تنهن کي به اڳي اها خبر ڪا نهي هئي، معلوم ناهي ته ڪئين اها ڳالهه سرڪار جي ڌيان تي آئي ۽ ڪنهن ۽ ڪهڙي کاتي مان اها سفارش ٿي! نوڪري کانپوءِ وائسراٰ جو ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ به اوچتو مليو، ۽ مون کي ڪا به خبر ڪا نه هئي پينشن وٺڻ کانپوءِ سرڪار مهربان ڪري هزار ايڪڙ زمين جا هلڪي مالڪاڻي تي ڏيڻا ڪيا، گهڻن ڪشالن کانپوءِ ٽنڊي محمد خان جي پاسي زمين هٿ ڪئي وئي پر انجنيئر پاڻي ڏيڻ تي اعتراض آندو، شايد زياده پئسا خرچجن ها ته انجنيئر کاتو به راضي ٿي موڪل ڏي ها پر مون کي نڪي زياده پئسا هئا نڪي ڏيڻ ٿي گهريم، تنهن ڪري ڏاڍي نفرت مان زمين جي دعوا ڇڏي ڏنيم، اهو منهنجي طبيعت دل جي ميل، توڪل ۽ قناعت جو هڪڙو مثال آهي، جيڪا حالت هوندي آهي انهي تي خوش رهندو آهيان، ۽ سمجهندو آهيان ته لائق انهي جو آهيان، ۽ منهنجي چڱائي به انهي ۾ آهي.

تون حرس هوس جو دل ۾ ڪو ساز نه ڪر،
خودبيني ۽ خود فروش آغاز نه ڪر،
جي تنهنجي مراد ٿي نه پوري ته پڪار،
آئين تون نياز لاءِ هٿ، ناز نه ڪر.

انهي خيال سان سرڪاري نوڪري به جتي ٿيندي هئي اتي خوش رهندو هوس، جو ڄاڻندو هوس ته خدا مون کي اتي رکايو آهي، ڪڏهن پنهنجي بدلي لاءِ درخواست يا عرض نه ڪيم، دل ۾ ڄاڻندو آهيان ته ڪيترا بيشمار ماڻهو آهن جن جي حالت مون کان خراب ۽ گهٽ آهي، تڏهن شڪرانو ڪندو آهيان ۽ اهڙو ناهيان، وري به بهتر آهيان، ڪڏهن خدانخواسته ڪا مصيبت يا تڪليف ايندي آهي يا ڪو نقصان يا ايذا پهچندو آهي تڏهن ڪوشش ڪري صبر ڪندو آهيان، ۽ دل کي تسلي ڏيندو آهيان ته جي انهي کان به وڌيڪ تڪليف يا نقصان ٿئي ها ته ٿي سگهي ها يا شايد ٿيڻو هو، پر خداتعاليٰ پنهنجي فضل سان انهي کي گهٽائي ايترو ڪيو ۽ ٻيا ڪيترا ماڻهو آهن جن کي انهي کان به وڌيڪ تڪليف هوندي.

[b]نفس سان جنگ:
[/b] اهڙي موت جي يادگيري ۽ خدا تي ڀروسي رکڻ ۽ خلق جي آسائش ۽ فيض رسائي جي خيالن سان ۽ وير وساري دوستي کرڻ جي خواهش سن دل کي شيطاني خيالن هٽائڻ جي گهڻي همت ٿئي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن بشريت ۽ طبيعت جي ڪري دل ۾ ڪي برا خيال ايندا آهن ته هڪدم انهن کي ٽآرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ انهي استعمال ڪري اڪثر فتحياب ٿيندو آهيان، ۽ انهن جي بدران چڱن ۽ رحماني خيالن ڪرڻ جي گهڻي سهوليت ٿيندي آهي.

نفس جڏهن تابع ٿئي تڏهن ڪم ڪري ڏاهپ جا سڀ،
امن ۾ عالم رهي جڏهن چور چوڪيدار ٿئي.

-------------------
نه مرڻ جي گهرين ته نفس کي مار،
ٻار جي لاءِ مار آهي، سڌار.

انهي عادت سان گڏ ننڍي هوندي جي سادگي ۽ ڀورڙائي جي مدد گهڻي ڪمائتي ٿيندي آهي، انهي جو هڪڙو نتيجو هي آهي جو مون کي عجيب نظر ايندو آهي ۽ جنهن کي آءُ پنهنجي لاءِ خدا جي خاص مهرباني سمجهندو آهيان، اگرچه شايد ٻين گهڻن جي به اهڙي حالت هجي، اهو هي آهي ته جڏهن ٻاراڻي وهي گذّري ۽ بالغ ۽ جواب ٿيس تڏهن مون کي ياد آهي ته پهريون شيطاني خواب لڌو هوم، جنهن کي ”احتلام“ يا ”تڙ پوڻ“ چوندا آهن، انهي مان مون کي معلوم ٿيو ته هاڻي آءُ بالغ آهيان ۽ شيطان جو ۽ نفس جو يعني شهوت جو مون تي عمل هلي سگهندو، انهي لاءِ آءُ پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس، ۽ ننڍي هونديجو حيا، شرم ۽ طبيعت جي سادگي ۽ پنهنجي عزت آبرو ۽ ناموس بچائڻ جي خواهش، آهي سڀئي مون کي گهني قدر ڪمائتا ٿيا، يعني آءُ شيطاني ڪمن کان بچڻ لڳس، بلڪه شيطاني خيال به نه اچڻ لڳا، يا جيڪڏهن ايندا هئا ته اهي گهڻي قدر روڪي سگهندو هوس، سگهوئي پوءِ شادي ڪيم، جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم انهي جواني جي وقت کان وٺي اڄ تائين مون کي ڪڏهن به شيطاني خواب ڪو نه آهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا اهڙا خواب ڏٺا هوندم، مگر هميشه پنهنجي زال سان صحبت ڪرڻ جا ڏٺا هوندم، نه ڪنهن ٻي زال سان، انهي هوندي به ڪڏهن آءُ پليت نه ٿيو هوندس، جنهن ڪري وهنجڻ جو ضرور ٿئي، اها ڳالهه آءُ هميشه عجيب سمجهندو آهيان ۽ جيئن مٿي چيم ته پنهنجي نسبت ۾ خدا جي خاص مهرباني سمجهندو آهيان اگرچه امڪان آهي ته گهڻن ٻين جي به اهڙي حالت هجي، بهر حال انهي لاءِ آءُ خدا تعاليٰ جو شڪر گذار رهندو آهيان.

مٽ توکي اي شاهه، مون گدا سان ڪنهن ڪيو،
نفس ۽ هوس آحي منهنجو هڪ ٻانهو ٿيو،
غالب ٿيو نفس توتي، تنهنجو سو ڌڻي،
ٻانهو ٿئي تون، منهنجي به هڪ ٻانهي جو.

باب ڏهون: منهنجون عادتون، خواهشون، منهنجا خيال ۽ رايا (ڀاڳو ٽيون)

[b] شاديءَ بابت راءِ
[/b] شادي ڪرڻ يا ڇڙهي رهڻ جي نسبت ۾ مون شادي کان اڳي گهڻو خيال ڪيو هو، ۽ مقابلو ڪري، نفعا ۽ نقصان تفصيلوار ڪاغذ تي لکي، دل ۾ تڪي توري پوءِ شادي ڪيم، انهي بابت پنهنجي راءِ مختصر طرح پيش ڪرڻ ٿو گهران، شايد اها پڙهندڙن کي خاص منهنجي اولاد کي پسند اچي يا مدد ڪري انهي بابت ٿورو گهڻو بيان پنهنجي ڪتاب ”زينت“ ۾ به ڏنو اٿم، ۽ انهي مضمون تي هڪڙو شعر به آهي. (ڏسو باب يارهين، شعر نمبر ٻارهون)
جيئن مٿي به چيو اٿم تئين ننڍي هوندي کان آءُ شادي ڪرڻ جي برخلاف هوس، ۽ ڇڙهو ۽ آزاد رهڻ پسند ڪندو هوس، پوءِ درجي بدرجي ڪاليج کان موٽي اچڻ تي منهنجو خيال ڦريو، ۽ پوءِ شادي ڪرڻ بهتر سمجهيم، پر تڏهن وري سنڌي نموني شادي جي دستور کان ٽهندو هوس، ۽ يورپي قوم مان شادي زياده پسند ٿي آيم، ۽ انهي جي ڪوشش ٿي ڪيم پر پُءِ انهي جي به خامي معلوم ٿيم ۽ پنهنجي ديسي شادي پسند آيم، مگر اڳواٽ اها ڇوڪري ڏسڻ ۽ پسند ڪرڻ ضروري سمجهيم، انهن سڀني اوائل جي حالتن ۾ رهڻ کانپوءِ شادي جي نسبت ۾ منهنجي راءِ اها آهي ته جي ڪو خاص اعتراض نه جي ۽ جي پاڻ تي يعني پنهنجن نفساني خواهشن تي غالب پوڻ مشڪل نظر اچي ته ڇڙهي رهڻ کان شادي بهتر آهي، جو انهي ڪري دنيا ۾ وقت بهتر ٿو گذري، ۽ دل جا خيال به پاڪ ۽ چڱا ٿا رهن، ۽ ديني حڪم به بجا ٿو اچي، عزيزن ۽ همجنسن ۽ هم قوم يا هم ذات وارن ۾ ڪا لائق ٻانهن نهه هجي ته پوءِ لاچار ڌارين مان ڪجي نه ته جيتري خير خواهي پنهنجي کي رهندي، اوتري پرائي کي يا ڌارئين کي نه رهندي، شادي لاءِ ڪوشش ڪري وڏو ۽ سڌريل گهر ڳولڻ گهرجي ۽ جي اهڙي ٻانهن حسين به هجي ۽ دولتمند به هجي ته سڀ کان بهر نه ٿ اهي پويون ٻئي لياقتون هڪدم ضروري ناهن، شادي ڪرڻ جي وهي منهنجي نظر ۾ آزمودي موجب بلوغت جي عمر آهي، ڇا پٽ لاءِ ڇا ڌي لاءِ، ٻار جي بالغ ٿيڻ تي هڪدم انهي جي شادي ڪرڻ گهرجي، جي ٻي ڪا ضروي ڳالهه مانع نه هجي ته انهي ڪري هڪڙي ته ٻار جا خيال جمع رهندا، ۽ هيڏي هوڏي ولڻ ۽ جواني جي انڌ ۾ حرڪت ڪرڻ جو موقعو نه ملندس، ۽ ٻين گهڻين بڇڙين عادتن کان بچيل رهندو ۽ بچت ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ ضرور ٺاڻندو، نه ته جن ٻارن کي انهي عمر ۾ ڪا خراب عادت پئي ته پوءِ عمر ساري جو خوف اٿن، ٻيو ته شروع کان وڄي زال مڙس جي پاڻ ۾ محبت ٿيندي، جا پيري تائين هلندي، ٽيون ته اولاد هئڻ جي حالت ۾ گهڻو امڪان آهي ته سندن حياتي ۾ هڪڙو يا زياده پٽ عمر ۾ ايڏا وڏا ٿيندا، جن کي پنهنجي مرضي موجب تعليم ڏيئي لائق ڪري سگهندا، اسان جي لاءِ بابي ۽ امان جو اهڙو مثال موجود آهي، ڌين جي نسبت ۾ منهنجي راء آهي ته جي پنهنجن عزيزن ۽ همدردن وارن ۾ لائق هجي ته اهو بهتر، نه ته پوءِ ڌارين مان ڪنهن خانداني، سڌريل ۽ آسودي ۽ آبرو واري جوان هٿ ڪرڻ ۽ عيب ڪونهي جي چڱو بندوبست نه ٿي سگهي ته ڇڙهو رهڻ چڱو، اگرچه سڀ کي شادي جوشوق رهي ٿو.

شادي مان ٿئي ٿي خاني جي آبادي،
شادي مان به خاني جي ٿئي بربادي،
اول آهي راحت ۽ پڇاڙي ۾ رنج،
ته به هرڪو سدا ڪري پيو شادي شادي.

منهنجي راءِ آهي ته زال هميشه هڪڙي پرڻجڻ گهرجي، ٻئي ڪنهن به عذر تي پرڻجڻ اجايو آهي، سواءِ ڪنهن خاص حالت يا ضرورت جي جنهن زماني گهڻين زالن پرڻجڻ جو عام رواج هو ۽ انهن کانسواءِ سريتون ۽ ٻانهون به رکڻ ۾ ٿي آيو، تڏهن به اسان جي والد کي هڪڙو ئي گهر هو، جنهن مان اسين سڀ ڀائر ۽ ڀينرون پيدا ٿياسين.
اگرچه ناني مرحُج کي به ٽي گهر هئا، انهي مان اسن جي پيءُ جي خيالن جو قياس ڪري ٿو سگهجي، آزمودي مان مون کي معلوم آهي ته انسان ۾ نفساني خواهش يا شهرت زياده آهي، ۽ حسن ۽ عسَ جو به دل تي زياده اثر ٿئي ٿو، انهي هوندي به خدا جي مهرباني سن حيا، شرم، ننگ، ناموس ۽ عزت جي نظر زيدهه رهندي آئي آهي، ۽ ننڍي هوندي جي خانگي ڏنل تعليم ۽ چڱيون عادتون هميشه دامنگير رهيون آهن، ۽ انهن اسان کي پئي روڪيو آهي، جوابي جي پور ۾ ۽ نوڪري ۾ حڪم ۽ پئسي موجود هڻ جي حالت ۾ ۽ ڇڙهائي جي حالت ۾ به انهن اسان کي بيحيائي ۽ نامناسب ڪم ڪرڻ کان گهڻي قدر روڪيو آهي.
مٿين راءِ ڏيڻ مان منهنجو مطب هي آهي ته پنهنجي اولاد کي انهي نسبٿ ۾ پنهنجي آزمودي ۽خيال جو فائدو ڌيان ته ڪچي کان ٻارن ۾ حيا، شرم، مذهبي، اخلاقي تعليم، چڱي صحبت ۽ مثال موجود ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪن.

[b]علم جو شوق:
[/b] هاڻي آءُ پنهنجي لکڻ پڙهڻ جو شوق ۽ عارق جو ڪجهه مفصل ذڪر ڪندس، مٿي ڏيکاريو اٿم ته لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان مون کي هوندو هو، بلڪه راند کان به اهو شغل زياده پسند هوندو هو، بلڪه ننڍي هوي کان ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق رهيو، هميشه ڄاڻندو آهيان ته.

ماٺ ۾ جنهن جي مزو آهي، لکن ڳالهين جو يار،
لطف اهڙو ناهي، ٻئي ڪنهن شئي ۾ پڻ ڌارا ڪتاب.

---------------------------------------

اولاد منهنجو شعر سخن، فخر تن تي آهه،
جاهل نه آهيان جو ڪريان پيءُ ڏاڏي تي آءُ فخر.

جيئن علم زياده حاصل ٿيندو ويو، تئين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو به شوق پيدا ٿيو، انهي ڪري جيڪي اسان جي وڏن جا قيمتي ۽ عمدا ڪتاب هئا، سي ته مون خاص طرح پنهنجي لاٰ قابو ڪيا، بلڪه ٻيا به انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب به گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳس، جڏهن ڪاليج ۾ پڙهندو هوس، تڏهن مون کي ياد آهي ته آچر جي ڏينهن ڪالبا ديوي روڊ تي بوربن جي پراڻن ڪتابن جي دڪان تي وڃي ويهندو هوس، ۽ ڪتاب ڏسندو چونڊيندو ويندو هو ۽ سستي ملهه تي وٺندو هوس، ڪاليج ڇڏڻ کان پوءِ به اهو شوق قائم رهيو، ۽ ڪراچي جي لئبررين ۾ به ڪتاب وڃي پڙهندو ۽ ڪجهه پنهنجا به خريد ڪندو هوس، جڏهن انگريزي ڪتاب ڪراچي جي جنرل لئبرري ۾ امان رکيم ته سلامر به رهن، ۽ ٻين کي به ڪم اچن، ڪن ورهين کانپوءِ جڏهن مون پنهنجو گهر جوڙايو ۽ ڪتابن لاءِ ڪٻٽ خريد ڪيم، تڏهن اهي اتان ڪڍائي ورتم، پر افسوس ته انهنب مان گهڻا گم ٿي ويا، ۽ انهن جو جوابدر ڪو به ڪو نه ٿي سگهيو! انهي ڪري مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو، تنهن کانپوءِ اڄ تائين هميشه نوان ڪتاب گڏ ڪندو اچان، ۽ انهنن سان گڏ سنڌي ڪتابه به گڏ ڪندو وڃان، سنڌ ۾ جيڪو به نئون ڪتاب لکبو آهي، تنهن جو مصنف هميشه مهرباني ڪري هڪڙي ڪاپي موڪلي ڏيندو آهي، خود منهجن جوڙيلن ڪتابن جي به ڄڻ ته هڪڙي خلاصي لئبرري آهي، انهي هوندي به آءُ پنهنجي ناداني جو قبولدار آهيان.

ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.

ڪتاب اڪثر علم، حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهبن جا مون کي پسند ايندا آحن، ۽ اهي پڙهندو آهيان،م جهڙا انگريزي تهڙا ٻيا، ناول ۽ قصا گهڻو ڪري نه پڙهندو آهيان، اکين سان ڏسي دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان، مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشآن ڪندو آهيان، جي پوءِ ڪتاب پوري ڪرڻ بعد جدا نوٽبڪن ۾ لکندو ويندو آهيان، جيڪي ڪتاب مون وٽ آهن، وڏا ۽ گهڻ جلدن وار، سي سڀ مون هڪ دفعو ته ضرور پڙهيا آهن، ڪي ٻه ٽي دفعا پڙهيا اٿم، خاص اهي3 جن جو ترجمون ڪيو هوندم، اهڙن انتخابن جا به گهڻا جلد ٿي ويا آهن، فارسي، عربي ۽ اردو وارن انتخابي جو نالو ”ابڪار لافڪار“ رکيو اٿم ۽ انگريزي انتخابن جو ”انگلش جيمس“ آهي، بعضي فراغت جي وقت يا سفر ۾ اڃا ڏسندو آهيان، نثر کان شعرکي زياده پسند ڪندو آهيان، منهنجي شعرسازي بات ڏسو باب يارهين ۾ شعر نمبر چوڏهون.

[b]تصنيف جو شوق:
[/b] ڪتابن پڙهڻ جي شوق مان ڪتابن لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ڪي ڪتاب اسڪول ۾ پڙهندي ۽ ڪي ڪاليج ۾ پڙهندي لکيم، ڪي ڪتاب پوءِ نوڪري کان اڳي لکيم، ۽ ڪي خود نوڪري جي عرصي ۾ لکيم، ۽ ڪي پينشن وٺڻ کانپوءِ لکندو اچان، انهي ڪري وڏو تعداد ٿي پيو آهي، اڪٽر چڱا چڱا ڪتاب ٻين ٻولين مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا اٿم، گهڻو ڪري ماڻهن کي سواءِ عيوضي جي ڇاپڻ لاءِ ڏيندو آهيان، ۽ جيڪي ڇاپيل ڪاپيون ملنم، اهي سنڌ جي جدا جدا لئبررين وارن جي درخواست تي انهن کي ڏيندو آهيان، غريب شاگردن کي به ڏيندو آهيان، اسڪولن ۽ مڪتبن جي امتحان وٺڻ تي انعام ڏيندو آهيان ۽ ڪي تمام ٿورا ڪتاب فروش وٺندا آهن، خاص حيدرآباد ڪوآپريٽو سوسائٽي.
ڪتاب لکڻ جو مون ڪو وقت ضايع نه ڪيو، جڏهن ڪڏهن ڪو فراغت جو وقت ٿورو يا گهڻو بچندو هو ته ماٺ ڪري ويهڻ يا رند ڪرڻ يا اجائي بڪ ڪرڻ جي بدارن ڪجهه پڙهيا يا لکي وٺندو آهيان، سرڪاري نوڪري ۾ به فرضي ڪم ڪرڻ کانپوءِ فراغت جو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ جي مشغولي ۾ لڳائيندو هوس، اڪثر، اڪثر اهو ڪم آءُ رات جو ڪندو هوس، خصوصا اسر جو، انهي ڪري هڪڙو ئيص ڪتاب گهنا ڏينهن کائي ويندو هو، منهنجي عادت آهي ته جڏهن ڪنڊ تي سنهڙا اکرن ۾ ”بسم الله، لکي پوءِ ٻيو ڪجهه لکان، ۽ پوري ٿيڻ تي پوئين صفحي جي پاڙ ۾ هڪڙي ڪنڊ تي ”الحمد الله“ لکي ڇڏيان ۽ ٻنهي هنڌن تي شروع ڪرڻ ۽ پوري ڪرڻ جي تاريخ به لکي ڇڏيندو آهيان، منهنجي سڀني هٿ جي لکيل ڪتابن جي اها خاص نشاني آهي، اهو ڪتاب لکڻ جو شوق نالي يامشهورائي پا پئسي جي فائدي لاءِ نه هوندو آهي، خاص ملطب ٽي هوندا آهن، هڪڙو اهو جو فراغت جي وقت ۾ هڪڙي چڱي ۽ مفيد مشغولي رهندي آهي، ۽ اجايو وقت نه ويندو آهي، ۽ اجاين خيالن ۽ اجاين ڳالهين ۽ حرڪتن ڪرڻ کانءِ بچجي ٿو، ٻيو اهو ته ڪتابن لکڻ لاءِ پهرين چڱن ڪتابن کي غور ۽ ڌيان سان وري وري پڙهڻ جو وجهه ملي ٿو، جنهن ڪري علمي مايو زياده ٿئي ٿو، ٽيون اهو ته چڱن ڪتابن لکڻ مان ٻين ماڻهن کي فائدي رسائڻ جو وجهه ملي ٿو، اها به هڪڙي خيرت يا زڪوات آهي، ڪيتري به پنهنجي علميت هجي ته به ضرور ڪي ٻيا گهٽ علميت يا واقفيت وارا ماڻهو هوندا، تن کي فائدو رسائڻ ۽ مدد ڏيڻ به فرض آهي ۽ گويا اها علم جي زڪوات آهي، جيئن دولت ۽ مال تي زڪوات واجب آهي، منهنجي نظر ۾ علميت به هڪڙي سچي دولت آهي، ۽ جيڪي مون وٽ گڏ آهن تن کي آءُ هڪڙو خزانو سمجهندو آهيان، ۽ اميد رکندو آهيان ته مون کان پوءِ منهنجن پٽن مان ڪو ضرور انهن جي سنڀال ڪندو، نادر بيگ کي به اهڙو ساڳيو شوق ڏسي خوش ٿيندو آهيان، ڪتابن کي پنهنجو سنگتي سمجهندو آهيان.

سنگتي رک ڪتاب ڌاران ڪو به،
جو ڪري ماٺ توسان ڳالهائي،
ڪهڙي حالت ۾ تنهني هوئي ، پر هو
نه ڪڏهن رنج ٿئي نه رنجائي.

هڪڙو ئي ڪتاب لکڻ مون کي ٿڪائي ڇڏيندو آهي، تنهن ڪري اڪثر ٽي ڪتاب گڏ شروع ڪندو آهيان، هڪڙو صبح جو لکان ۽ ٻيو ٻنپهرن جو ۽ ٽيون رات جو ڪلاڪ ٻن کان وڌيڪ هڪ وقت لکڻ ڪري ٿڪجي پوندو آهيان، هاڻي گوشهه نشيني ۾ جڏهن سارو وقت پنهنجو آهي، تڏهن انهي ريت ڪم ڪرڻ آسان آهي، جيئن مٿي پنهنجي وقت جي ورهاڱي جو ذڪر ڪيم، تنهن موجب اسر جو اٿي عبادت، ذڪر، فڪر ۽ وظيفن کانپوءِ ڪو ڪتاب لکندو يا پڙهندو آهيان وري ڏينهن ٿيڻ تي هوا کائڻ پنڌ ڪرڻ وڃان، اٺين بجي ڌاري موٽي اچي لکڻ ويهان ۽ يارهين بجي گهر وڃان، ۽ ماني کائي آرام وٺان ۽ ٽين بجي ڌاري نماز پڙهي وري ويهي لکان ۽ پنجين بجي کانپوءِ ٻاهر اچي وري ڪي پڙهان، ۽ سج لهڻ تي گهر وڃان، آرڙه جي ڏينهن ۾ ڏينهن جو گهڻو ڀاڳو پنهنجي ڳوٺ واري باغ ۾ املداس جي وڻ ۾ ٺاهيل پيهي يا آکيري ۾ گذاريندو آهيان، ۽ سڀ ڪم اتي ڪندو آهيان، ماني به اتي کائيندو آهيان، پوءِ شام جو موٽي گهر اچان، انهي بابت به منهنجو شعر آهي. (ڏسو نمبر 11)

[b]شعر ۽ تصوف جو شوق:
[/b] صبح جو جڏهن هوا کائڻ ويندو آهيان تڏهن رستي ۾ اڪثر خيال پچائيندو ويندو آهيان ۽ شعر به انهي وقت جوڙيا، يا ته وري شام جو سمهڻ کان اڳي اهڙا خيال پچائيندو آهيان، بعضي جي فرمائش موجب ڪو راڳ يا شعر جوڙيندو آهيان ته انهي خيال ۾ گهڻ ڀاڱو رات جو به گذري ويو هوندم، بعضي ته شعر جوڙڻ جو ڪم جاءِ ضرور ڏي وڃڻ واري وقت ۾ فراغت ڄاڻي خيال ڪندو آهيان، ۽ ڪي بيت جوڙي ويندو آهيان، شعر سازي جي نسبت ۾ به منهنجو هڪڙو شعرآهي جو هيٺ ڏيندس، اڪثر منهنجو شعر جدا جدا مضمونن تي آهي، ليڪن اسلامي مذهبي مِضمون تي اگرچه ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ قرآن ۽حديث ۽ فقه جي بنياد تي مضمون ڏنا ويا آهن، تڏهن به حڪمت ۽ فلسفي وارن مضمونن تي اڪثر تصوف جي بنياد تي لکيو اٿم، جيتوڻيڪ وڏن وڏن بزرگن تصوف جا اصول بيان ڪيا آهن، ۽ اهي شريعت جاپابند رهيا آهن ته به اڪثر عام شريعت وارا انهن تي اعتراض آڻيندا آهن، بلڪه ڪي ته انهن کي ڪافر يا غير شرعي ڪمن ڪرڻ ۽ ڳالهين ٻڌائڻ وارا سڏيندا آهن، تنهن ڪري اهڙي تهمت کان آءُ به آزاد ناهيان، ڪيترن مسلمانن، سنين توڙي شيعن انهي نسبت مون کي سوال پئي وڌا آهن، جن جا مشڪلات سان جواب پئي ڏنا اٿم، پر انهي ۾ منهنجي ظاهري شريعت موجب هلت مون کيپي بچايو آهي، تنهن ڪري ٻين بزرگن وانگي منهنجي به اها راءِ آهي ته شرعي ۽ ديني ڪمن ۽ رسمن جي نسبت ۾ حقيق خيال هڪڙا به هجن ته به اهي پنهنجي جند لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي ٻڌائڻ ۽ وعظ ڪرڻ لاءِ نه ته شيخ لاج منصور واري سزا ملڻ جو خطرو آهي يا ته خلق ۾ خواري جو ڊپ آهي، شاهه ڀٽائي جيقول موجب هلت ڪرڻ گهرجي، جا پڻ ٻين مشهور صوفي بزرگ جي رهي آهي.

روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.

--------------------------
ڇو حسن جي بازار ۾ پيو سير ڪرين،
دلبر پنهنجو پاڻ سان لڪو لايو وتين،
غيرت نه اٿئي، شرم نٿو توکي اچي،
هو توکي ڏسي ۽ تون ٻين کي پيو ڏسين.

ان موجب منهنجو به مذهبي حڪمن جي روحاني يا حقيقي ۽ باطئي معني تياعتقاد آهي، مگر هو پنهنجي لاءِ نه ٻين جي لاءِ، ساڳئي وقت مذهب جي ظآهري رسمن ۽ دستورن تي تعميل به ڪندو آهيان، مثلا حضرت محمد ”صه“ جن جو معراج روحاني وسهندو آهيان، نه جسماني، اگرچه اهڙي نه وسهڻ واري کي ڪافر ڪري چوندا آهن، ساڳي طرح انسان جي اندر ۾ حق موجود رهڻ ۽ سندس خدا جو خليفو يا نائب هئڻ، يا مئي کانپوءِ روح جو وري دنيا ۾ اچڻ، جيئن ٿيا سفي وارا چون ٿ، يا جنهن کي تناسخ به چئجي ٿو، اهڙين ڳالهين جو نسبت ۾ منهنجو اعتقاد اهڙو ئي آهي، مگر اهڙي معنيٰ سان جا اسلامي اصولن ۽ شرعي حڪمن موجب مواقف ۽ درست ۽ روا ٿي سگهي ٿي، اهڙو اعتقاد اڪثر صوفي استادن جو رهيو آهي، جيئن مولانا رومي جو، مولوي عبدالرحمان جامي جو، شيخ فريد الدين عطار جو گهڻن ٻين جو انهي اعتقاد جي نسبت ۾ منجهن شعرن منجهه پتو پوندو (ڏسو باب ٻارهون نمبر پنڌرهن، سورن)، انهي حقيقي معنيٰ ڪري ظآهري، حج، زيارتون، تسبيحون پڙهڻ، جهنگن ۾ رياضتون ۽ چاليها ڪڍڻ ضروري نه سمجهندو آهيان.

جڏهن حج جو آءُ ڪريان ارادو ٿو ادا،
مون وٽ ڪري پنڌ ٿو اچي ڪعبو سدا،
تيئن ايندو بهشت نيٺ مون وٽ پاڻهي،
جو، اُز لِفَتِ الجنُتهُ فرمايو خدا.

پر جي ڪجن ته چڱو آهي، ساڳي طرح اسلامي پردي جي نسبت ۾ منهنجي راءِ معتدل آهي، نه حد کان وڌيڪ، جيئن اڪثر هتي جي شريف مسلمان ۾ آهي، حد جياندر پردو چڱو بلڪه ضروري سمجهندو آهيان، جيئن پنهنجي ڪتاب ”زينت“ ۾ ۽ پردي جي نسبت هڪڙي رسالي ۾ به لکيو اٿم ۽ جنهن موجن آءُ پاڻ عمل ڪندو آهيان.

ديوار حرمسرا جي مرلوهه جي هوئي،
عصمت بنا ڪا زال نه پردي ۾ رهي.

ساڳي طرح وياج کي به حرام سمجهندو آهيان، مگر مسلمانن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ليڪن غير مسلماني بادشاهت ۾ خود سرڪار کان ياٻين مذهبن وارن کان مناسب رواجي وياج وٺڻ جائز ڄاڻندو آهيان، جيئن وياج ڏيڻ به لاچار ٿيندو آهي، اگرچه اهو به وٺڻ وانگي حرام آهي، جيئن رشوت ڏيڻ به حرام آهي ۽ وٺڻ به حرام آهي، انهي نسبت ۾ به منهنجو هڪڙو ننڍو ڪتاب لکيل آهي، جنهن ۾ قرآن ۽ حديثن جي حجت سان اها ڳالهه ڏيکاري اٿم، جيئن قرآڻ موجب چوري ڪرڻ جي لاءِ سزا اسلامي حڪمن موجب هٿ وڍڻ ۽ ٻين ڪن ڏوهن لاءِ درا يا چهبڪ آهي، جا هن زماني ۾ نه فقط غير مسلماني حڪومتن ۾ بلڪه خود مسلماني حڪومتن ۾ به مروج ناهي، انهي طرح وياج جو مسئلو يا اهڙا ٻيا مسئلا به شمار ڪرڻ گهرجن.

[b]پوليٽيڪل رايو:
[/b] جيتوڻيڪ آءُ پوليٽيڪل ڳالهين ۽ ڪمن سان واسطو نه رکندو آهيان، ۽ اهڙن تحريڪن ۾ شامل نه ٿيندو آهيان، ته به انهن جي نسبت ۾ پنهنجي لاءِمون راٰ مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ هميشه انهي اصول تي هلندو آهيان ۽ انهن کي اسلامي ديني حڪمن مواقف وسهندو آهيان، انهي بابت به منهنجا ڪي رسالا يا پرچا لکيل آهن، جي پبلسٽي ڪميٽي ڇاپايا به آهن، اها راءَ هي آهي جا مٿي ڪنهن هنڌ مون لکي آهي ته رعيت ٿي ۽ مسلمان ٿي اسان مسلمانن تي ديني رض آهي ۽ غير مسلماني بادشاهه يا حاڪمن جي برخلاف فساد نه ڪريون ۽ نه بغاوت5 جهڙو منصوبو ڪريون يا انهي سان قطع تعلقات ڪريون يا انهي جا حڪم نه مڃون، خاص جڏهن سندس حڪومت ۾ قاعدي موجب اسان کي هر طرح جي مذهبي آزادي آهي ۽ ڪاب بيواجبي روڪ يا بندش ڪانهي جي ڪنهن مسلمان کي اها حڪومت نه ڻي يا اهي قاعدا پسند نه اچن ته پوءِ ملڪ مان نڪري ٻئي ملڪ ۾ وڃي پوءِ اتي ڀلي انهي جي برخلاف هلي خلافت جي نسبت ۾ به منهنجي راءِ شيعن جي راءِ موجب آهي، يعني ته بني اميه ۽ بني عباسين ۽ انهي کانپُءِ سندسن جانشين کي هو حضرت نبي صلعم جو خليفو يا جاءِ نشين شمار نه ڪندا آهن، بلڪه غاصبي شمار ڪندا آهن، خصوصا ڏ0هن ساڳي جاءِ تي مراون ۽ يزيد جهڙا حاڪم ٿي گذريا آهن جن جي فاسق ۽ فاجز هئڻ ۾ خود سنين کي به شڪ ڪونهي، اهڙي حاڪم کي شيعا پيغمبر جو خليفو سڏڻ گناهه سمجهندا آحن، هنن جي اصول موجب پنجتن ۽ انهن جو اولاد ٻارهن امام، نبي جا پشت، بپشت وصي، جانشين ۽ خليفا آهن ۽ اڄ تائين پوئين غائب امام کي يعني امام محمد مهدي کي حاضر امام سمجهندا آحن، ۽ انهي معنيٰ سان سچي خليفي يا امام جي غير حاضري ۾ غزوره يا ديني جنگ ناجائز ڄاڻندا آهن، پر ان کي سني جائز سمجهندا آهن.
پوليٽيڪل ڳالهين جو ذڪر ڪندي آءُ ”هوم رول“ يا ”سوراج“ جي نسبت ۾ به پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏيندس، جا هميشه پڇڻ تي پئي ڏني اٿم، اها مختصر لفظن ۾ هي آهي ته ”جمهوري يا رعيتي حۡومت تمام چڱي آهي، انگريزي شهنشاهٿ ۾ يا ٻاهر بشرطيڪ اهڙي لياقت وارا گهڻا ماڻهو ۽ سڀني موجوده قومن ۽ مذهبن ۾ موجود هجن، ٿورن جي حالت ۾ اصانف جي حڪومت ٿي نه سگهندي، اهڙي لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ نه فقط گهني ظاهري علمل جو ضرور آهي، پر روحاني، اخلاقي ۽ سچي ديني علم جو گهڻو ضرور آهي، تنهن ڪري في الحال سچو، ”هوم رول“ اهو آهي ته اسين پاڻ تي يعني پنهنجي نفساني خواهشن ۽ خيالن تي غالب رهون، انهي کانپوءِ پنهنجو گهر يا ڪثنب چڱي تجويز سان هلائي سگهون، پوءِ پنهنجي شهر ۽ ضلعي جي حڪومت هلائي سگهون، يعني ميونسپالٽيون ۽ لوڪلبورڊ پوءِ ساري ملڪ جي حڪومت هلائڻ جو خيال ڪريون، تنهن ڪري اها حالت اسان کي درجي بدرجي پيدا ڪرڻ گهرجي، ۽ جيڪي سڌارا ۽ مروتون سرڪار اسان جي گهرڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ تي ڏيئي سگهي، انهن جي وسيلي اسين ترقي ڪندا رهون، ليڪن انهي ڪم لاءِ اڃا هندن ۽ مسلمانن يا ٻين موجده قومن جو پورو اتحاد ممڪن آهي، جيئن زور ڪري چوڻ ۾ پيو اچي تڏهن هنستان جي مانحن کي نيشن يا قوم چئي سگهبو، نه انهي کان اڳ، باقي هم ملڪ ۽ هم وطن هئڻ ڪري بيشڪ اسان کي هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ، هڪ ٻئي سان رس رکڻ ضروري آهي، ”سوديشي“ يا هتي جي هنري ۽ ڪاريگري مال کي همتائن هر طرح اسان تي فرض آهي، مذهبي يا قومي تعليم وڌائڻ اسان تي فرض آهي، نشي، جوئا، بدڪاري يا زنا کي بند ڪرڻ جي ڪوشش اسان تي فرض آهي، پر صلاح ڏيڻ سان نصيحت ۽ وعظ ڪرڻ سان ۽ اهڙن ڪم آزادي جي اپائن سان، نه قاعدي ڀڃڻ سان يا مارڻ، ڪثڻ ۽ زور زبردستي ڪرڻ سان، سوديشي مال همٿائڻ لاءِ ٻاهريون اڳي جو آيل ڪپڙو انبار ڪري باهه ڏئي ساڙڻ، يا قومي تعليم جي همٿائڻ لاءِ اڳوڻِيون تعليم جون جايون بند ڪرڻ، ٻارن کي ٺڳاري اسڪل ڇڏائڻ، ۽ مائٽن جي نافرماني ڪري گهرن کان نڪري وڃڻ ۽ ٻين هنڌن تي رلڻ منهنجي نظر ۾ بلڪل نامناسب ۽ اسراف يا ظلم ۽ گناهه جهڙو ڪم آهي، ڪن پوليٽيڪل يا ملڪي ڳالهين جي نسبت ۾ چرچي جهڙو شعر هيٺ ڏنل آهي، (ڏسو نمبر 19).

[b]منهنجي هاڻوڪي حالت ۽ پاڻ تي پنهنجي راءِ:
[/b] پڇاڙي ۾ آءُ پنهنجي اڄوڪي حالت ٻڌائيندس ۽ پاڻ بابت پنهنجي راءِ ڏيندس، اگرچه خدا جي مهربان سان آءُهر طرح آزاد آهيان، ۽ بلڪه تندرست ٿو گذاريان، ۽ پنهنجن دل گهرين مشغولين ۾ رڌل رهان ٿو، تڏهن به پاڻ کي اڪيلو سمجهان ٿو، ۽ اڪثر اٻاڻڪو گذاريان ٿو، ڇالاءِ جو زال ۽ ٻارن جي صحبت ۽ وندر کان سواءِ ٻيو ڪو به همعصر ۽ هم خيال صحبتي ڪونهي، هاڻوڪن جوانن ۽ دوستن جا خيال ٻي طرح جا آهن، ۽ منهنجا خيال ٻڌي هو مون کي ديوانو يا دقيانوسي وضع جو ڪراڙو ماڻهو ڄاڻندا هوندا!، جيڪي اهڙا دوست هئا سي سڀ گذاري ويا، شاهه ڀٽائي جي قول وانگي.

ويا مور مري، هنجه نه رهيو هيڪڙو،
وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانئيرن جو.

اهڙي شڪايت مون پنهنجي شعر ۾ به ڪئي آهي.

افسوس ويا ويا، رکيو جن ٿي تميز،
صحبت ٿي لڳي جني جي راحت آميز.

--------------------------------

ڪنهن وٽ وڃي وڪڻون دل جي يوسف کي اسين،
جو هاڻ انهي مصر مان ويا نڪري عزيز.

-------------------------------

عالم ۾ نه هڪڙو دم ڪو منهنجو همدم،
ناهي مون کي بيڪسي جي غم ري ٻيو غم،
غم پنهنجو چوان آءُ ڪنهن کي دل پنهنجي سواءِ،
جو ناهي مون کي ڪو پنهنجي دل ري محرم.

جڏهن لکير پڙهي ٿڪجان ٿو، تڏهن زال جي صحبت چڱي آهي، پر اها ويچاري به منهنجي ۽ منهنجن ٻارن جي خدمت ۽ چاڪري ۾ مس پوري آهي ۽ اگرچه مون کي خوش رکڻ لاءِ هر طرح ڪوشش ڪندڙ آهي، تڏهن به جنهن ۽ جيتري صحبت جو مون کي هاڻ ضرور آهي، سا موجوده ناهي، پٽن مان به وڏو صحبت جهڙو ڪراچي ۾ گذاري، ٻيا ننڍا آهن، دوستن مان به منهنجو هم خيال فقط ديوان ڏيارام گدومل آهي، جو پاڻ به دنيا يا وطن ترڪ ڪري وڃي بمبئي ويهي رهيو آهي، جنهن سان اڪثر خطن جي رستي خيال بدلائيندو آهيان، ٻيو اهڙو دوست سيٺ غلام علي چاڳلو آهي، جنهن جي صحبت مون کي پسند ايندي آهي، پري اهو به ڪراچي ۾ گذاري ۽ جڏهن ڪراچي وڃان تڏهن ملي، ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد شهر جي ٻيا ڪي ماڻهو ڪم سا يا ملاقات لاءِ ايندا آهن، يا ڪڏهن ڪا پارٽي ٿيندي آهي ۽ سڏيندا آهن ته اڪثر خوشي سان اتي ويندو آهيان، جو اتي ڪي جهونا دوست به ملي ويندا آهن، ۽ صحبت ڪرڻ جو وجهه ملندو آحي، ۽ خوشي حاصل ٿيندي آهي، نڪري وري آءُ به ڪنهن وٽ وڃڻ گهرندو آهيان، گورنر صاحب يا ڪمشنر صاحب جڏهن حيدرآباد اچن تڏهن انهن کي وڃي ڏسڻ لاچاري فرض سمجهندو آهيان، جو پينشنر آهيان، هتي ڪليڪٽر صاحب کي به سال ۾ هڪڙو ڀيرو انهي ڪري ڏسندو آهيان اهڙي صورت ۾ آءُ پاڻ کي اڪيلو سمجهندو آهيان، ۽ اٻاڻڪو گذاريندو آهيان، پنهنجي اڪيلائي سان گڏ فارسي ۽ عربي ٻولي جي زواليت ڏسي به ارمان کائيندو آهيان ۽ ناني ۽ بابي جي اڳوڻِ صحبت ياد ڪري روئندو آهيان، ٻيا ته خير پر خود عزيزن ۽ اولاد مان به ڪو پوري فارسي نٿو ڄاڻي، خبر ناهي ته منهجن هيترن عمدن فارسي ڪتابن جو ڪهڙو حال ٿيندو!.
گهڻن ٻارن هئڻ ڪري انهن جي نسبت ۾ البت فڪر ۽ ڳڻتي زياده ٿي رهي، انهي کي خانگي خرح پڙهائڻ ۽سيکارڻ جي لاءِ به دماغ ڪونهي، ويتر هنن جي گوڙ ڳڙٻر ۽ حرڪت ڪري خفو ۽ بيزاري زياده ٿي پئي آهي، ۽ البت چڙ به زياده ٿي پئي آهي، جا اڳي نه هوندي هئي، ويسر به اڳي کان زياده ٿي وئي آهي، خصوصا مانهن جي نالن جي جنهن ڪري بعضي پنهنجن پٽن جو نالو به وقت سر ياد نه پوندو آهي، ڏاڍي مشڪلاٿ سان ياد پوندو آهي، انهي ڪري به مونجهارو زياده ٿو ٿئي، اگرچه ٻي معنيٰ سان پڙهيلن ڳالهين جي وسرڻ ۽ وري پڙهڻ ڪري پاڻ خوشي تازي ٿئي ٿي:

ٿي اچي ويسر گهڻي مان مون کي لذت پڻ گهڻي،
ٿو وساريان ۽ پڙهان موٽي جواهر علم جا.

انهن ڳالهين ڪتي اڪثر آءُ هاڻ دنيا کان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ دنيا جي ڏسڻ جو زياده شوق نه اٿم، موت کي ته اڳئي ياد ڪندو آيو آهيان، پر هاڻي موت کي حياتي ٿو ڄاڻان، پنهنجي ڊگهي حياتي کان بيزار ٿي پيو آهيان ۽ انهي کي بوجو پيو سمجهان.

زندگي در گردنم افتاد بايد زيستن،
شاد بايد زيستن، ناشاد بايد زيستن.

جڏهن دنيا ڍون آهي ۽ منجهس دل جي خواهش موجب صحبت ۽ اسباب موجود ٿي نٿو سگهي، تڏهن ڊگهي حياتي مان ڇا حاصل؟

ڍونڍ ڌارا ڳجهه، کي ڇا حالص حياتي مان ٿئي.
ڪهڙو ماڻهو کي مزو جي ٿي ڊگهي ان جي ڄمار.

پر شايد خدا جي مرضي آهي ته آءُ زياده رهان، شايد منهنجي پينشن ٻارن کي ڪم اچي ٿي يا جيڪي لکان پڙهان ٿو تنهن مان خلق کي فيض ۽ فائدي پهچڻو آهي، جو منهجا گهنا دوست مون کي خاص طرح دعا ڪندا آهن ته زياده جيئرو رهان، شايد انهي جي دعا خدا وٽ اگهاڻي آهي، اگرچه ٻڍاپو ۽ پيري تڪليف جا سبب آهن ته به اهي آءُ بدلائي پنهنجي لاءِ خوشي جا سبب ڪري ڇڏيندو آهيان، انهي بابت پيري جي نسبت ۾ پنهنجا ٻئي خيال تعريف ۽ شڪايت جا شعر ۾ آندا اٿم، جي هتي ڏيندس.

پيري جڏهن آئي، زندگاني وئي لنگهي،
قوت هئي جيڪا جسم جاني وئي لنگهي،
هاڻ موت جي لاءِ تيار ٿي ويهه ”پليچ“
موت آهي حياتي، جڏهن جواني وئي لنگهي.

-----------------------------
محتاجي عجب، بري فقيري پيري،
بيشڪ آهي وڏپڻ ۽ صغيري پيري،
ناني کان پڇيم، خراب پيري يا موت،
ان دانهن ڪري چيو ته ”پيري، پيري“

----------------------------

پيري آئي ۽ عضوا سب چور ٿيا،
سڀ يار جواني جا ڀڄي دور ٿيا،
هر وقت قبر جي يادگيري ٿي رهي،
مشڪي جي هئا وار سي ڪافور ٿيا.

انهي جي جواب ۾ هاڻي پيري جي تعريف ٻڌو.

شاهي ٿي جواني ۽ فقيري پيري،
آزادي جواني ۽ اسيري پيري،
مشغولي مون کي شعر جي، خلوت موجود،
مون لاءِ چوان سچ، ٿي اميري پيري.

----------------------------

پيري آئي ۽ فڪر سڀ دور ٿيا،
تنها آءُ ٿيس ۽ پورا سڀ پور ٿيا،
ٿيو شغل فراغت ۽ بلاغت جو عجيب،
دل پنهنجي به خوش ۽ ٻيا به مسرور ٿيا.

پر جيتوڻيڪ پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ پيري کي ڦيرائي جواني ٿو ڪريان، ته به حقيقت ۽ سچ چوڻ کن رهي نٿو سگهجي.

جنهن ماڻي جواني تنهن کي پيري نه وڻي
پيري وڌو مون کي هاءِ منجهه فڪر گهڻي،
ٿئي زال جڏهن پير، ڄڻڻ کان ڪري بس،
هر لحظي هزار عيب پيري ٿي ڄڻي.

اهڙي حالت ۾ اگرچه ٻي طرح خوشوقت ۽ خوشحالي آهيان ته به مٿين ڳالهين ڪري غم ۾ گذارڻُ ٿو پوي، ۽ حال جي لاءِ توڙي آئينده جي لاءِ ڳڻتي رهي ٿي، اگرچه ڪوشش ڪري خلق جو خير گهريو اٿم، ۽ چڱن خيالن ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي عادت ڪئي اٿم ته بي بيشمار گناهه، قصور ۽ عيب سجهن ٿا، جن کان گهڻو ڊپ رهي ٿو، مگر قرآڻ جي حڪم موجب ”لا تقنطوامن رحمت الله“ تي ڀروسو رکي خداتعاليٰ کان بخشش جي اميد رکان ٿو، جنهن لاءِ توبهه ۽ پشيماني ڪندرو اچان، ۽ اميد ٿو رکان ته اهو مون کي معاف ڪندو ۽ جيڪي پنهنجا ننڍڙا ٻار يا وسطيدار ڇڏي ويندس، تن جي هو سنڀال ڪندو.

واري کان به وڌ گناهه جو ڪيا هئا مون،
ويٺس ڪري ڪنڌ هيٺ شرم ۽ ڊپ کون،
آواز ٿيو غيبي ته غم کان نه ”قليچ“
لائق ڪيا پنهنجا تو، اسين پنهنجا ٿا ڪريون.

********

باب يارهون: پنهنجي احوال ۽ راين بابت پنهنجي شعر مان ثابتي يا شاهدي لاءِ

[b]انتخاب[/b]
مٿي پنهنجي احوال، عادتن ۽راين وغيره بابت جيڪي چيو ويو آهي، تنهن ۾ پنهجي تصنيف يا شعر جا به ڪي اشارا ڏنا اٿم، اهي نمبر وارن هن بابت ۾ ڏيندس، انهي ڪري اهي اتي جو اتي نه ڏنا ويا ته ڀلي هتي هڪ باب ۾ ڏيڻ ڪري پڙهندڙن کي منهنجي شعر جي انتخاب پڙهڻ جو خلاصو وجهه ملي:

[b]غزل[/b]

غزل ”زيب النسا“ خواهر من، بجواب غزل زيب النساءِ تخلص ”مخفي“ دختر اورنگزيب ڪه بيت آخرينش اين است.

[b]غزل[/b]

در ره مهر و محبت گرفشانم جا رواست،
اضطراب بيدلان راصحبت، جانا دواست،

راست ميگوئي ڪه در دل سر بصحرام ميزني،
آري آردي ميزني ليڪن حيا زنجير پاست،

در تعجب مانده ام ڪاندر محبت ڪامي،
چيست پروانه برت خود شمع در مهرت فداست،

گر شدت شاگرد بلبل چشم بلبل* از من ست،
گل بصنعت ميڪشم برتر ازين حڪمت ڪجاست،

گوشوي ليليٰ اساس وار شوي مجنون صفت،
زينت مخفي آمد زينتم شمس الضحيٰ ست،

جان من گرد ختر شاهي بر آن هر گز مناز،
والدم فر فريدون داشت خسرو جد ماست،

گر تو بعد از رنج و راحت روبفقر آورده،
بين ڪه مارا از ازل فقر ابد داده خداست،

گر توئي ”زيب النسا“ فخر و تڪبر هم مڪن،
من خودم ”زيب النسا“ و خواهرم شرف النساست.

[b]ڏاڙهي جي صفائي ڪرڻ ۽ ڏاڙهي رکڻ بابت
[/b]الايا ايها الساقي بجامم حمايتها
ڪه عشق آسان نمود اول ولي افتاد غايتها،
چو اول مي تراشيدم بدست خويش ريشم را،
ندانستم ڪه آيد برسرم چنڊين شڪايتها،
ڪسي ميگفت گبرم، ڪيس يهويي خواند و نصراني،
ازنيسان مي شنيدم آه از هر سو حڪا يتها،
ڪنون بگذاشتم يا يڪزمان دور و دراز افتد،
دهد چون ريش قاضي هر ڪجا تفسير آيتها،
بايد يا سفائي دل صفائي صورت آدم،
نداند ڪس مگر صوفي ازين راز وڪنايتها،
”قليچ“ ايام بي ريشي فراموشم نمي گردد،
بر دلِ ريشم عنايتها *ڪه ميڪر رند خوبان.

پهرين نوڪري ڪڪڙ تعلقي ۾، جو مهن جو ملڪ سڏبو آهي.

مرا ڪوائف ڪڪڙ چو ياد مي آيد،
دلم چو خنده گل شاد شاد مي آيد،

عنا ڪشيد مرزا ناگه آن طرف قسمت،
ڪزان هنوز نسيم مراد مي آيد،

بصحبت نفري چند معتقد بودم،
بلي بر اهل وفا اعتقاد مي آيد،

ڪنون ڪه دور فتادم ز حضرت احباب،
نشان مهر و محبت به ياد مي آيد،

ميان بيشه و صحرام چه خوب تر شهريست،
درون شهر چه خوش آب وباد مي آيد،

اگرچه بانگ سگ و بوم و هاي وهو شغال،
ز شام تا بگه بامداد مي آيد،

زعام و خاص بگوشم رسيد ڪاين شهريست،
جز آن بدر همه فسق و فساد مي آيد،

شنيده ام ڪه همين ست ملڪ ملڪ مها،
هر آنڪه رفت دلم پاڪ زاد مي آيد،

صبا اگره گذره اوفتد بدان سويت،
بگو مدا زمن خيرباد مي آيد،

چوا تفاق فتد باد ديگرش بينم،
ڪنون قصيده رنگين سوامد مي آيد،

”قليچ“ چونڪه شدي صاد دل محبت ڪيش،
زحرف حرف تو بوي وداد مي آيد.

[b]منهنجي ولاديت بابت تاريخون
[/b]
من چو زادم والد مرحوم من شد خوش يقين،
شڪر گفت الحمد هم لله رب العٰلمين،
فال نيڪ از من گرفت و طالعم هم ديد سعد،
ان محرم ماه بد تاريخ بوده چارمين،
بهر تاريخ ولادت نيڪ منظر ماده يافت.

------------------------------

1270 هه


بازيافت برحمتڪ هم يا اَرحَمَ الراحمين.

--------------------

1270 هه

جدما جدم شوق دل مراخوانده ”قليچ“
چونڪ در تاريخ هند آندم هميخواند عهداين،
تاجدار دکن اوبوده نظامشن شد لقب،
خسرو دوران ”قليچ“ آنجا نوشته بد چنين،

-----------

1270 هه

لفظها تاريخ هندو تاج خسرو يافت سال،

-----------

1270 هه

هم دران صفحه تعجب بر تعجب شد قرين،
ماده تاريخ گفت از خود بهار باغ هند.

--------------

1270هه

هم ز مصحف يا فته والعاقبته للمتقين.

----------------------

1270هه

هر دو بهر من دعائي خيراز حق خواستند،
از عزيزان هر گه حاضر بوده گفته آمين،
بعد ازان هم چون شنيدي هر گهي نام ”قليچ“
گفتي او يادش بخيراز بهر سال اولين.

----------------------

1270هه

چون بزرگانت دعائي خير ڪردنداي ”قليچ“
طالع توشد قوي و قسمت تو شد بهين.


[b]منهنجي وفات جون تاريخون
[/b]
بيچاره ”قليچ“ رفت آخر زجهان،
رائم بده رب و موت رايا د ڪنان،
غفرانڪ ربنا چو وردش بورده،
تاريخ وفات خويش گفته غفران.

----------------------

1331هه

[b]قطعه[/b]

اندرين دنيائي فاني چون ”قليچ“
اسپ عمر خود باين منزل رساند،
شوق سير عالم باقي شدش،
ارجعي ازل دل اليٰ ربڪ بخواند،
سال تاريخ وفات خويش گفت،
اين قدح بشڪست اين ساقي نماند،

-----------------

1332هه

[b]قطعه[/b]

”قليچ“ آنڪه او در جهان زيست شاد،
بفضل خدا ديده اوهر مراد،
چو عمرش شده شصت خواندش اجل،
جوابش هما لحظه لبيڪ داد،
نموده دمي فڪر تاريخ خويش،
بدل خود بخود گفت مغفورد باد،

----------------------

1334 هه

[b]رباعي[/b]

مي زيسٽ ”قليچ“ در جهان چون مزدور،
چون مرد بفضل حق شده او ماجور،
چون سال وفات خود ز هاتف پرسيد،
گفت از سر الطاف. .......................


[b]رباعي[/b]

مي زيست ”قليچ“ در جهان چون مزدور،
چون مرد بفضل حق شده او ما جور،
چون سال وفات خود زهاتف پر سيد،
گفتار بسر بديه بادا مغفور.

---------------

ب 1336هه

[b]قطعه[/b]

”قليچ“ آنڪه او درجهان زيست شاد
بفضل خدا ديده او هر مراد
بخواندش اجل چون شده شصت وسه
جوابش همان لحظه لبيڪ داد
زهاتف بپر سيد تاريخ گفت
بگو با سر دل ڪه مغفور باد

----------------

1337هه

[b]ديگر[/b]

بشنو ايي دوست بعد شصت وسه سال،
دور عمر ”قليچ“ گشت تمام،
نور حق تافت برسر روحش،
آفتابش رسيد برلب بام،
چون بشرزاد و چون فرشته انجام،
در تجلي مطلع انوار،
يافت تاريخ خود فروغ دوام.

----------------

1337هه

[b]قطعه[/b]

چون گذر ڪرد سال شصت وچهار،
دور عمر ”قليچ“ گشت تمام،
نور حق تافت بر سر روحش،
آفتابش رسيد برلب پريد،
چون بشر زاد وچون فرشته پريد،
شدز آغاز بهترش انجام،
باتجلي مطلع انوار،
يافت تاريخ خود فروغ دوام.

--------------

1337هه


[b]قطعه[/b]

درجهان بد ”قليچ“ چون درويش،
بانمد ساخت وبا ڪلاه و دلن،
صلح ڪل داشت باهم تا زيست،
ديد چون جان خود رسيده بحلق،
خواست سال وفات خود از غيب.
ناگه آمد نداڪه راحت خلق.

---------------

1339هه


[b]ديگر[/b]

شصت و هم پنج سال زيست ”قليچ“
مچو طفلان درين جهان خراب،
آه عمرش بيدار چون بيردش خواب،
ده بيدار چون ببردش خواب،
فڪر سال وفات خويش چو ڪرد،
آمداز غيب هشت خلد جواب.

----------------

1339هه

[b]قطعه[/b]

امسال ”قليچ“ مرده آخر،
ياران مخوريد هيچ حسرت،
ميڪرد مدام موت راياد،
زان داشت گهي نه خوف و نفرت،
دنيا يا آنڪه بوده زندان،
بهرش شده جائگاهه فرحت.
زنده ست هنوز او نه مرده،
زين راز بمانده خود بحيرت،
بافضل خداش نار شد نور،
آتشڪده گشت رشڪ جنت،
از سال وفات خود چو پر سيد،
هاتف گفتار خليل سيرت.

----------------

1340هه

[b]رباعي[/b]

هفتاد چو شد ”قليچ“ درد دير جهان
تاريخ وفات خويش راشد خواهان،
هاتف بجواب گفت خوش ڪرداري.

-----------------

1341 هه

هم داد به او نويد حور و غلمان.

------------------

1341 هه

[b]رباعي[/b]

برفت از جهان بعد عمري ”قليچ“.
ڪه آخر لڪل ڪمال زوال.
گنهگار بد ليڪ تائب شده.
ازان گشتش اميد بخشش ڪمال.
اجل ديداز دور و در فڪر شد،
ڪه تاريخ خود خود بگويد بحال.
بگتا دلش اني تبت اليڪ.
واني من المسلمين ست سال.

-------------------------

1342هه

[b]رباعي[/b]

بگذشت ”قليچ“ ازين جهان غل و غش،
صد شڪر ڪه دل صاف بدش جانش خوش،
عمرش شده هفتاد و سه سال قمري،
جمعيت خاطري شده تاريخش.

---------------------

1344 هه

هاتف به ”قليچ“ گفت در نزع بجواب.
گو سال وفات ..............................
گفتا شده محنت و مشقت هر دو،
شد ختم بفرمود سروشش بجواب.

---------------------

1344 هه

بل باد خجسته و مبارڪ گويم.

-----------------------

1344 هه

تاريخ دگر ز فضل رب الا رباب.

-----------


[b]فوتي ڀائرن جي يادگيري ۾ ڪافي (ڀيروي)
[/b]
جس جوڳيئڙن کي آهي- جي ويڙا توڙ نڀاهي.
جنگ جوان لڏيا لاهوتي، نفي ڪيائون سڱ ثبوتي،
خاڪ ملي ڪيئون انگ بڀوتي-
ويس وڳا سڀ لاهي.......... جسا جوڳيئڙن کي آهي

2- ويس وڳا سنڀريا سورهيه سامي، سانگ سٽي ٿيا نانگا نامي،
ديسي ٿيا پرديس مقامي،
ماڳ مٽي جا ٺاهي ......... جس جوڳيئڙن کي آهي،

3- ڪاپڙين جي ڪا نه ڪائي، ڳالهيون تن جون سڀ ڳجهائي،
واريون ترت وڃڻ جي وائي-
سورن ساٿ سنڀاهي ....... جس جوڳيئڙن کي آهي،

4- وس وڏي هئا سامي سڀاهي. سڃ بيراڳين ڪيا سڀ ڀاڻا
مارن تن جا محبت ماڻا
ڳاهه اندر دل ڳاهي ........ جس جوڳيئڙن کي آهي،

5- جن جا پنڌ ”قليچ“ پڇائين، ڳوڙها جن لئي ڳل وهائين
سي جوڳيڙا جهد منجهائين-
قاف رسيا وڃي ڪاهي.... جس جوڳيئڙن کي آهي.

[b]پٻ جبل واري لاهوت ۾ چيل ڪافي
[/b]
لاهوتي ٿي لال- ڪياسين سفر سجايا.

1- جوڳين جوش جاڳايو جي ۾، وسريا خواب خيال،
محبت مچ مچايا.

2- برم ۾ ٻاريونسين اچي باهيون شهر ڇڏي في الحال،
روح مٿي تيا رايا.

3- کٽ ڇڏي جڏهن پٽ پياسين، پاڻ ڪري پامال،
تڏهن عشق اٺايا.

4- پٻ پٿوري پير پٿون ڪيان، ويڙا حال حوال،
لالن لڪ لنگايا.

5- مٿين پيرين مونڙين پڻ، اي چليا سين چال،
اوڏا تڏهن سي آيا.

6- ڪري ڪشالا قاف ڪٽياسين، مشڪل هئا به محال،
ريڙهي رب رسايا.

7- لاهي سر لاهوت رسياسين، هڪ هئي سين سال،
مولا محب ملايا.

8- جنت آهي لا مڪاني، جر وهي جت جال،
طوبي جاتت سايا.

9- ماڻهو، مرون، مور مجاور، وه واه شاهه بلال،
لس ۾ تو رس لايا.

10- بخت ”قليچ“ تنهنجو باري، تنهنجا سڀ سوال،
پرور پاڪ پڄايا.


[b]منهنجي وقت جو ورهاڱو
[/b]
وقت پنهنجو ورهايو مون هيئن آهي،
هلان ننڍپڻ کان ٿو مٿي ان راهه،
مڙئي چوويهه ڪلاڪ ڏينهن ۾ ٿيا،
سي وراهي ڪيا مون چار حصا،
هڪڙو حصو رهان آءُ زير زمين،
ٻيو رهان آءُ زمين تي ٿو يقين،
ٽئي ۾ تا اڀ مٿي ٿو گهاريا آءُ،
چوٿين ۾ عرش تي گذاريان آءُ،
گذري پهريون وڃي مئن وانگي،
ننڊ غفلت ۽ راند ۾ ٿو وڃي،
موت جو ڊپ جو ان سان ٿئي شامل،
آهي حصي انهي ۾ سو داخل،
آهي عالم اهو به نفساني،
اسفلي، دوزخي يا شيطاني،
پڻ چون ان کي ڪي ٿا عالم خواب،
مون جي ڀيڻ ننڊ ان جو جواب،
پر بشر لاءِ سا ضروري آهي،
حد اندر پڻ مدد سا روح جي آهي،
*ان تي چيو شاهه سي ستا سونهن.
ٿي حقيقت ۾ ننڊ عبادت جن،
حصو ٻيو جو گذاريان ڌرتي تي،
وقت آهي جهان جي سوبلي،
ڪريان دنيا جو ان ۾ سڀ ڪم ڪار،
داخل ان ۾ ٿيو جڳ جو سڀ وهنوار،
ٿا چون ان کي عالم انساني،
شرعي، ناسوتي پڻ ۽ حيواني،
پهريون ننڊ جو، هي جاڳ جو عالم،
جنهن ۾ ظاهر هلي مجازي ڪم،
باطني تا حديث چئي هيئن ٿي،
ماڻهو دنيا ۾ ٿيا ستل سڀئي،
جڏهن مرن ٿا تڏهن سي جاڳن ٿا،
ابتا نالا سمهڻ ۽ جاڳڻ جا،
سو جي دنيا کي چئبو عالم خواب،
ننڊ جو عالم ته خواب منجهه ٿيو خواب،
حصو ٽيون آسمان تي جو رهان،
شعر ان ۾ ٿو آءُ پڙِهان ۽ چوان،
اوج تي پيو اڏامان فڪر ۾ نت،
هتي دل ۽ دماغ، جسم ٿيو هت،
جھن ته عالم اُهو مثالي ٿيو،
۽ طريقت ڪري خيال ٿيو،
ملي جيروتي زور تنهن ۾ ٿو،
جي سنڀاليندڙ آهي دم دم جو،
رهان ات خوش خيال ۾ غرقات،
جوڙيا آءُ نظم نثر جا به ڪتاب،
ٿياسي اولاد منهنجو روحاني،
پٽ ڌيون جيئن ڄڻيون مون جسماني،
حصو چوٿون انهان مٿي آهي،
عرش ڏي ورح جڏهن وڃي ڪاهي،
سو عبادت جو وقت آهي يار،
صدق سان ٿو ڪجي جڏهن ويچار،
محو حق سان ٿيڻ جو او ٿيو زمان،
جو اهو ٿيو نشان، * لِي مَعَ الله
سير ملڪوت جو به آهي سو،
ملڪ لاهوت لامڪان جو اهو.
عالم اي ٿيو حقيقي روحاني،
آهي نوراني پڻ ۽ عرفاني،
ان طرح جيان به ٿو ۽ مران،
پڻ بقا ۽ فنا ٻئي ٿو ڏسان،
حصي هر هڪ ۾ ائين ٿيا ڇهه ڪلاڪ،
ٿين ضايع نه، جي ٿيا چالاڪ،
موت جي حصي مان ڪريان چوري،
غفلت ۽ ننڊ آءُ ڪريان ٿوري،
تابچايان گهڙيون انهي مان جي،
ڪنهن حصي ٻي نئي گڏايا سي،
فرض لازم ادا ڪرڻ سڀ ٿيا،
خلق جا ۽ خدا جا ۽ پنهنجا
واري سان سڀ ادا ڪرڻ گهرجن،
نه وٺي هڪڙي کي ٻيا ڇڏجن.


[b]منهنجو مذهب
[/b]
گهڻا پڇن ٿا مون کان ماڻهو تنهنجو ڇا مذهب،
تون سني آهين يا شيعو يا صوفي لا مذهب،
تون مومن آهين مسلمان يا آهين ڪافر،
لکين ڪتاب ٿو مذهب جا تون يڪسر،
لکين سبق مٿي اسلام ۽ قرآن ۽ حديث،
۽ مختلف ٻيا مضمون پاڪ تُڙي خبيث،
انجيل پڻ لکيئي، توريت ۽ ٿياسفي ڀي،
فلسفو، هندڪو مذهب، بهائي ۽ دهري،
لکيئي ڪتاب سنين لاءِ ۽ ڪي شيعن لاءِ،
ٿيو ڪفت دين گڏيل، مذهب اي مرڪب هاءِ،
هلين ٿو سڀني سان هڪ جهڙو، رس رکين سڀ سان،
طرف نه ڪو وٺين، نافر نه ٿين طرف ڪنهن کان،
ٻڌاءِ سچ رهين اندر ٻهر ٿو هڪ جهڙو،
يا آهين هڪڙو اندر ۾، ٻهر ۾ آهين ٻيو،
ڏيان جواب انهن کي آءُ هي منجهنا آرام،
اي دوستدارو عليڪم سلام والا ڪرام،
آءُ پهرين آهيان سڀني جهڙو، مان نبي آدم،
سڀيئي ماڻهو ٿيا ڀائر انهي ڪري باهم،
ايڪائي، ڊهري ۽ عيسائي ۽ يهودي پڻ
۽ فرقا ٻيا گهڻا اسلامي نه هنودي پڻ،
جي سچ اهي سڀئي هڪ ماءُ پيءُ جو ٿيا اولاد،
ته ڀائپي ٿي مٿن فرض حق جو اي ارشاد،
انهي کانپوءِ مسلمان آهيان آءُ يارو،
مڃان خدا ۽ نبين جو سلسلو سارو،
انهي کان پڻ رکان سڀني سان صحبت ۽ محبت،
ڌڻي جا ٻانها، نبين سڀن جي ٿيا امت،
انهي کانپوءِ امت خاص آءُ محمد جي،
ٿياسين دين جا ڀائر، شيعا ۽ سني سڀئي،
انهي ڪري ٿيو سارو جهان هڪڙو ڪٽنب،
ٿي ڀاتي وير رڻ، سمجهان آءُ عظيم ٿو ذنب،
محبت آءُ رکان سڀني سان درجيوار، مگر،
ڪي ويجها ۽ ڪي پري، جيئن ٿي مائٽن جي پر،
رهان سڀن سان سنئون ۽ رکان سڀن سان رس،
رنجايان ڪنهن جي نه دل، جيترو پڄيم ٿو وس،
وري پڇو جي ته ڇا تنهنجو مذهب و مشرب،
چوان ٿو آءُ ته ٿيو منهنجو صلح ڪل مطلب،
انهي ڪري آءُ مسلمان، ڪافر آهيان ٻئي،
سني ۽ شيعو ٻئي آهيان يا ته ناهيان ٻئي،
نفاق ۽ نه تقيه رکان مذبذت ٿي،
سڏايان پاڻ مسلمان، تن مان مومن ڀي،
پڙهان نماز ڪڏهن هٿ ٻڏي ڪڏهن ڇوڙي،
ڪريان نياز سڀن عالمن سان، هٿ جوڙي،
نبي کانپوءِ شرف ۾ علي ۽ ان جو آل،
مڃان ٿو، پر ٿيو حڪومت ۾ دنيوي ٻيو خيال،
ٿئي ملڪ مال تي جهيڙو، حسب نسب تي ڪو نه،
وڙهيو جي پاڪ مٿي ڍونڍ، آل اطهر سو نه،
مڃان رسول جا اصحاب پڻ آءُ درجيوار،
ڏيان آءُ مان ۽ تعظيم تن کي، ڏيان نه گار،
نفاق، صدق، سندن جو ڪريان آءُ فيصلو ڪين،
دلين ۽ غيب سندو علم ٿيو خدا کي يقين،
انهي تي ڇوڪريان جهيڙا، وڃايان پنهنجو وات،
آءُ ڀائپي جا ڪريان ڇو نه حق سڀ اثبات،
مڃان ٿو بعد صحابن جي اولياءِ سڀئي،
هئا جي شيخ طريقت جا ۽ سچا صوفي،
شروع طريقا سڀئي ٿيا ڪئا علي ولي،
امام پاڪ انهي بعد، عم جن مخفي،
اهي ٿيا خاص ۽ ٻيا عام جي خدا جا مرد،
مڃان اهي به جي ابدال ٿيا ۽ قطب ۽ فرد،
عقيدو منهنجو، نيت منهنجي، وڻيو جيڪي سڏيوم،
سڏيوم ڪافر، مومن، سني، شيعو ڪوٺيوم،
الاهي رک مون کي ان اعتقاد تي قائم،
”قليچ“ جو ٿيو توکي سوال اي دائم.


[b]منهنجو ڄمڻ ۽ مرڻ
[/b]
ڪن ماڻهو خوشي عام ثانت سالگره تي،
هر سال ۾ جو ڏينهن ڄمڻ جو ٿئي تن جي،
قسمت ٿي عجب منهنجي، جو پنهنجا ۽ پراوا،
روئن ۽ پٽن، منهنجو جڏهن سالگرهه ٿئي،
ٻيا ٻار ڄمن، پاڻ رئن، خوشي ٿي لکن ٻيا،
رئندو آءُ ڄميس پڻ مون ڏٺو رئندو ٻين کي،
پيدا آءُ محمر ۾ ٿيس، چوٿين هئي تاريخ،
واويلا ۽ هئي هئي جي مون ٻولي ٻڌي رئندي،
ٻيا جڏهن مرن، سو ۽ بيماري رئارين،
جڳ تن جي جواني ۽ ڏکن تي هنجون هاري،
مرندس جڏهن آءُ، آس اٿم کلندو آءُ مرندس،
جڳ خوش ٿي کلي، روئي مٿي منهنجي ٻڍاپي
لاتقنطوا پيري ۾ اڃا پڙهندو ”قليچ“ آهي،
ٿيو گرچ گنهگار، ٿو جنت ۾ وڃي پئي.

[b]منهنجي حياتي جون مختلف حالتون
[/b]
ٻار ۽ ڇوڪر ٿيس پوءِ جوان ۽ پوڙهو ٿيس،
پٽ ٿيس ۽ ڀاءُ ٿيس، چاچو ٿيس، مامو ٿيس،
پڻ ٿيس، ماسات ۽ ڀاڻيجو، پر ڀائٽيو نه سوٽ،
سالو ڀيڻويو ٿيس، ناٺي ٿيس، سهرو ٿيس،
ٿيس آءُ شاگرد پوءَ استاد پڻ پهرين ڇڙهو،
پوءِ پرڻيس، پيءُ ٿيس، نانو ٿيس، ڏاڏو ٿيس،
آءُ ٿيس مسڪين پهرين، پوءِ دولتمند پڻ،
ٿيس پيادو، سوار پڻ، پڻ لاڏلو ڇورو ٿيس،
نوڪري ۾ ماستر، مختيارڪار ۽ ڊيپوٽي،
پوءِ ٿيس آءِ پينشنر، محنت کانپوءِ آجو ٿيس،
زير، بالادست ۽ حاڪم ٿيس، محڪوم پڻ،
ٿيس مرزا ۽ مزور، آقا ٿيس، بندو ٿيس،
پڻ ٿيس شاعر، مصنف، بذله گو ۽ شوشنويس،
تيزرو تحريڪ ۾، تقرير ۾ گنگو ٿيس،
ڪافر ۽ مومن ٿيس، شيعو ٿيس ۽ سني پڻ،
۽ هنر پڻ ڪي سکيس، نقاش ۽ واڍو ٿيس،
مختلف وقت ۽ زماني جا ڏٺا مون رنگ ڍنگ،
آءُ بهاري ۽ خزانن ٻئي ڏسي ڏاڍو ٿيس،
تجربا ڏک سک جا حاصل ڪيا مون هر ڪنهن حال ۾،
وقت هڪ خوشدل ٿيس، ٻئي وقت آزردو ٿيس،
گرچ دنيا بيوفا ٿي، آهيان خوش قسمت ”قليچ“
شڪر الله جو ٿيڻ چاهيم ٿي، آختر سو ٿيس.

[b]آءُ ڇا ۽ ڪير آهيان
[/b]
آءُ روح آهيان، ويس ۾ ماڻهو جي گذاريان،
حيوان به آءُ، پڻ پکي، پر کنڀ نه ڌاريا،
اڀ تائين آءُ اڏران ٿي پکي، دل ۽ اکين سان،
ويهان، سمهان حيوان جان، ڊوڙان ۽ پڪاريان،
ڍورن جان وهان، بار به گڏهن جان کڻان آءُ،
مردن جان سمهان، جاڳندي جيئرن جان نهاريان،
آکيرو املداس ۾ پيهي مٿان منهنجو،
جنهن تي ويهي آءُ ڏينهن سڄو پنهنجو ٿو گهاريان،
ان ويهي پڙهان ۽ لکنا ۽ خيال پڇايان،
۽ شعر چوان، درد کان هنجون به آءُ هاريان،
ات پڻ آءُ نمازون پڙهان، مصحف ۽ وظيفا،
پوءِ کائي پي آرام ڪريان، رهم وساريان،
باغيچو ٿيو جنت ۽ املداس ٿيو طوبيٰ،
تسنيم جي آءُ نهر ڦليلي کي سنڀاريان،
معراج اهو منهنجو ۽ ڌرتي تي اهو عرش،
جبريل کي منجهه مغز ۽ حق دل ۾ وهاريان،
هت جيئري ”قليچ“ آهيان آءُ حيران ۽ ماڻهو،
ٿي روح مرڻ بعد، ملائڪ جان (مان) تنواريان.


[b]ڇڙهائي ۽ شادي جو مقابلو
[/b]
ڇڙها هئاسين، گذاريوسين ٿي، نت آزاد ۽ تنها
نه پنهنجي يا پرائي جي هئيسين دل ۾ ڳڻتي ڪا
ٿي خرچيوسين ۽ کاڌوسين، ٿي چوڙيوسين ۽ ماڻيوسين
ڏنو ڪنهن ٿي نه ڏوراپو، نه ڪنهن ٿي ڪئي پڇا ڳاڇا
خوشي جي نوڪري هئي ۽ پڙهڻ ڳائڻ جي مشغولي
فراغت سان عبادت پڻ، ميسر دين ۽ دنيا
صفايون ڏئي رهياسين، خوش ٿي خوراڪ ۽ پوشاڪي
ڪڍي سينڌيون وجهي سرما، هنياسين ٿي ٿي سرها
ڪئيسين نيٺ پوءِ شادي، خدا ڪئي خانه آبادي
هئاسين جڳ کان اڳ بهتر، ٿياسين پوءِ جڳ جهڙا
رهياسين خوش ٿي پرڻي بعد پڻ گهر جو محبت ۾
ورهيه ٻه محو هئاسين، جيسين هڪڙو ٻار ٿيو پيدا
لنگهيا جيئن سال، ڄاوا ٻار پئي برڪت گهڻي گهر ۾
وڌيا تيئن انتظار ۽ فڪر، ڏک ۽ خرچ ۽ سودا
فراغت ۾ پئي حرڪت، عبادت ۾ پيو رخنو
نمازن منجهه ٻچن ٻارن جا فڪر ۽ خيال شامل ٿيا
انهي پر جڳ کان اڳ بهتر ۽ پوءِ همسر ۽ پوءِ ابتر
حياتي جي ترقي ۽ تنزل جا اهي درجا
نڪاح آهي پناهه شيطان کان هن نفس جي بيشڪ
۽ بند آهي شريعت جو، پون مومن انهي ۾ ٿا
سکلن لئي شڪر ڪن ۽ ڪن ڏکن لئي صبر دنيا ۾
ٿين جنت ۾ داخل حشر ۾ شڪر ۽ صبر وارا
”قليچ“ آزاد ٿيو ان بند ۾ پڻ، اگرچه چيو ”حافظ“
ڪه عشق آسان نمودا اول ولي افتاد مشڪلها.

[b]اولاد جي ڳڻتي اجائي
[/b]
ڪو نه ڳڻتي ماضي ۽ مستقبل جي، اي دل ٿي فهيم
حال تي رهه قابو، رهه دنيا ۾ سان اميد و بيم
ڇو چئين ٿي، بعد منهنجي ڪيڏي ويندا، ڪيئن ڪندا
منهنجا ننڍڙا پٽ هي ۽ منهنجو ڌيون ننڍڙيون يتيم
ماءُ ۽ پيءُ تنهنجي پيءُ کي گم ڪيو، ڪي ياد اٿئي
ڪيئن وڌي پاڻهي چڙهئين، عزت ڏني توکي، عظيم
ان طرح اولاد لئي تون ڪي ڇڏين يا ناڇڏين
جنهن رکيو توکي، انهن کي رکندو سو قادر ڪريم
ٿي سگهئي جيڪي سو ڪر تن لاءِ ڇڏتن وٽ ڀلي
پوءِ توڪل رک خدا تي، جو آهي رازق رحيم
ڏي ڀلي تعليم، علم ۽ عقل جي، جاٿي سگهئي
۽ هنر سيکار پڻ، صحبت سان ڪر تن کي سليم
پنهنجي قسمت ۽ لياقت پوءِ انهن کي ايندي ڪم
قسمت ۽ دولت هدايت، هٿ رکي پنهنجي حيڪم
ٿيا وڍين پيٽئون سڄا ۽ ٿيا سڄڻ پيٽئون وڍيا
نوح جو پٽ ۽ ڪتو ڪهفي، مثال آهي عميم
ٿي طبيعت اندر ۽ ٻاهر ٿي صحبت اي ”قليچ“
ٿا وڃن تن جي اثر کان ڪي نعيم ۽ ڪي جحيم.

[b]منهنجي شعر سازي جو هنر
[/b]
ڌيان ڏئي منهنجي شعر سازي ڏس،
سنهڙي ڌاڳي تي ترڪتازي ڏس،
ڪيئن آءُ ڪوريئڙي وانگي ڊوڙان ٿو،
تار تي بيهي راند کيڏا ٿو،
ساحرن جي هي چشم بندي ناهه،
شاعرن جي هي سر بلندي آهه،
هي نه بيباڪي جانبازي جي،
هي ٿي چالاڪي شعر سازن جي،
اهڙو ڪو ٿو سجهيو بازيگر،
گهوڙو ڊوڙائي وار تي جو پڌر،
کڻي هٿ ۾ قلم سندو چوگان،
گوءِ معنيٰ جي نيان منجهان ميدان،
وار پڻ سو رکيل سمنڊ تي آهه،
پلصراط آهي يا خيالي راهه،
جيڪڏهن اتفاق سان آءُ ڪران،
ڪڍي موتي اچان غواصن (1) جان،
نظم ۾ پوءِ سر بنايان هڪ،
سي ٿا ڳڻجن سڀئي امل ماڻڪ،
ڪڏهن جوڙيا انهن مان ”چندن هار“،
جوهري وڪڻي جو ٿو منجهه بازار،
منهنجي ٻيا لڪائي رکان چڱي دستور،
موتين جي دٻلي (2) ٿي مشهور.

[b] روح جي ترقي نه تناسخ
[/b]
ترقي روح جي طبعي ٿي اصل حقاني،
رهان آءُن باقي جي هر حال ۾ ٿيان فاني،
اول جمادي هئس پوءِ ٿيس نباتي آءُ،
نباتي روح ڇڏي، پوِءِ ٿيس آءُ حيواني،
مئس جڏهن وري حيوان ٿي، ٿيس ماڻهو،
جو روح هو اڳي حيواني، ٿيو سو انساني،
مرڻ کان ڪين ڊڄان، جو ٿيان ٿو آءُ بهتر،
بشر جڏهن ٿي مران، ٿيان ملڪ آءُ روحاني،
اڃا اڏامان مٿي، ٿي ملڪ مران جي آءُ،
جو ڪل شيءُ هالڪ (1) ٿيو امر رباني،
انهي کانپوءِ عدم ۾ وڃان، جتان آيس،
الَيهَ رَاجِعُونَ (2) ان دم ٿيو حڪم قرآني
انهي طرح آهي فرمايو مولوي رومي،
”قليچ“ کي ٻڌي هي قول آهي حيراني.

[b]آءُ اڳي به هوس، اڳتي به هوندس
[/b]
حڪم حق جي تي باوفا هوندس،
صاف صوفين جان آءُ صفا هوندس،
ٻڌ ته توکي ٻڌايان تن جا قول،
ليم ،رسم آءُ دائما هوندس،
هوس سئو سال هن کان اڳ آءُ،
پوءِ به سئو سال اڳتي ٻيا هوندس،
ان طرح چئي ٿو مولوي رومي،
مثل سبزيجيا بارها هوندس،
نو سئو قالب ڏٺا مون ۽ پنجاهه،
جيئن اڳي هوس، تيئن اڃا هوندس،
شمس تبريزي ٿو چوي هڪ هنڌ،
ابتدا هوس، انتها هوندس،
هڪ دفعو ڄائو گاهه ۽ انسان،
ڄائو هٿ آءٌ گهڻا دفعا هوندس،
چئي ٿو پڻ زنده پيل احمد جام،
قطرو قلزم کان ڌار تا هوندس،
هوس جسمن ۾ سو هزار ورهيه،
ورهيه ٻيا ڀي اڃا گهڻا هوندس،
قول منصور جو به آهي هيئن،
ڪيئن فنا ٿيان، جو آءُ بقا هوندس،
بحر وحدت جو آءُ ڦڙو آهيان،
اڳ بجا هوس، پوءِ بجا هوندس،
۽ سنائي حڪيم پڻ ٿو چئي،
سڀ کان اڳ هوس، چئو ته ڇا هوندس،
آءُ ازل کان اڳي هئس جيئرو،
تا ابد ڇو نه آءُ بپا هوندس،
ٻولي بهلولي جي به ٻڌ ابتي،
ٻه ورهيه اڳ خدا ڪنا هوندس،
نه هو ارض وسما، خدا به نه هو،
تڏهن منجهه نشو ۽ نما هوندس،
چيو نبي پڻ محمدي آءُ نور،
اصل کان هوس ۽ سدا هوندس،
پيروي تن جي تي چوي ٿو ”قليچ“
ڇو نه نت جيئرو آءُ هوندس،
ٿي بشر ڪين ٿيان خدا، ليڪن،
نه خدا کان ڪڏهن جدا هوندس.

[b]زال ذات بابت راءِ
[/b]
زال ڄائي ٿي رنگ ۽ نيرنگ،
صلح ڄاڻي ڪرڻ، ڪري پڻ جنگ،
دوستي ۾ ٿي جان جي راحت،
دشمني ۾ جهان جي آفت،
باوفا ٿئي ته هار جي لائق،
بيوفا ٿئي ته مارجي لائق،
جي سچي ٿئي ته تون اکين ۾ وهان،
ساهه صدقو مٿانس ڪر هر بار،
ڪوڙي جي ٿئي، ته ان کي گهرجي ڪڍي،
نانگ ڏنگيل آڱر کي گهرجي وڍڻ،
زال کي گهر جي انڌي، گنگي، ٻوڙي،
منڊي ٽنڊي، جوان يا پوڙهي،
انڌي هن لاءِ ته ٻيو ڏسي ڪي ڪين،
پنهنجي حق ڌارا، نه ته ڳهيس زمين،
گنگي تا اوءَ گهڻو نه ڳالهائي،
نه گلا، گار، پٽ قسم کائي،
ٻوڙي ان لاءِ تا ٻڌي نه گلا،
۽ نه نياپا ۽ قصا ڌارين جا،
مندي تا اوءَ رکي نه ٻاهر پير،
بک مري يا هجيس گهر ۾ ڏڦير،
ٽنڊي، تا بار کي هئي نا ڌڪ،
مڙس کي پڻ نه، مر منجهس هوئي شڪ،
يعني جا مڙس جيئن ڏسي ۽ ٻڌي،
ان جي مرضي تي جا سدائين هلي،
مڙس هجڙا سندس خيال هجيس،
قول ۽ فعل ان جيها ڏسجن،
ٻه دليون هڪ بدن ۽ جيئن بادام،
بلڪه يڪدل ۽ يڪ وجود تمام،
جيئن ٻه اڌ گڏجي هڪ سڄو ٿي پئي،
ائين مثال آهي زال مڙس جو ري،
زال اهڙي چڱي ڪني ڪوجهي،
مر ته مسڪين هوتي اڻ ٻوجهي،
مڙس جي لاءِ گهٽ نه حور کان آهي،
گهر انهي جو بهشت کان گهٽ ناهي،
سا سڀاڳي رهي سدائين شاد،.
هئيس دنيا ۽ آخر آباد.

[b]منهنجي مناجات يا دعا
[/b]
يا الٰهي اسان تي هر ساعت،
تنهنجي نازل ٿئي نعمت،
فضل تنهنجو رهي اسان تي سدا،
شڪر تنهنجو ڪري سگهون نه ادا،
رهون غفلت ۾ روز شب ٿا اسين،
بندي آهيون هوا هوس جا اسين،
اي خداوند قادر ۽ قيوم،
منهنجو سڀ حال توکي ٿيو معلوم،
نفس آهي ڪيو تباهه مون کي،
ڪيو شيطان پر گناهه مون کي،
عمر گذري خطا ۾ وئي ساري،
بار ڏوهن جو سر تي ٿيو باري،
دل سان تنهنجي نه مون عبادت ڪئي،
نفس جي مون سدا اطاعت ڪئي،
نت گذاريو مون منجهه هوا ۽ هوس،
نه اڃا مون ڪئي بدين کان بس،
نفس پويان لڳي تباهه ٿيس،
ٿي گنهگار روسياهه ٿيس،
آهيان شرمندو ۽ پشيمان آءُ،
ڪريان توبهه ٿو با دل وجان آءُ،
ڪيئن اچان تو اڳيان آءُ بي چارو،
ڪيئن ڏيکاريان هي پنهنجو منهن ڪارو،
آهيان نيڪين کان آءُ هٿين خالي،
پر تون ئي آهين وارث ۾ والي،
آءُ وڃان ڪيڏي تنهنجي در کان سواءِ،
تو بنا ڪيم ٻيو پڇي ٿو ڀلا،
آءُ گنهگار، تون رحيم آهين،
آءَ سيهه ڪار، تون ڪريم آهين،
منهنجي آهي گناهه نت عادت،
لطف بخشش مگر ٿي تنهنجي صفت،
جي ڪندين عدل تون، خداوندا،
ڪيئن ڀلا ڇٽندا تنهنجا هي بندا،
فضل تنهنجي جي ٿي اميد سڀن،
رحم سان تون نجات ڏيندين تن،
گرچ آهن گناهه منهنجا هزار،
تنهنجي توحيد جو ڪريان اقرار،
پنهنجي رحمت جي واسطي مولا،
پنهنجي عزت جي واسطي مولا،
واسطي پنهنجي دوستارن جي،
واسطي پنهنجي سڀ پيارن جي،
منهنجي توبهه قبول ڪر يا رب،
منهنجو مقصد حصول ڪر يا رب،
منهنجي بڇڙن ڪمن تي ڪر نه نظر،
تون چڱو آهين، ڪا چڱائي ڪر،
منهنجي اندر کي روشنائي ڏي،
قلب منهنجي کي تون صفائي ڏي،
علم حڪمت نصيب ڪر مون کي،
معرفت تون ڏي نظر مون کي،
تون به ڏي مون کي حرصر دنيا جو،
شوق وجهه دل ۽ منهنجي عقبيٰ جو،
تنهنجي محبت ۾ دل رهي معمور،
رهي تنهنجو زبان تي مذڪور،
جيئري توسان هريل رهي نت هانئو،
هوئي مرڻ وقت ياد تنهنجو نانو،
رزق تون ڏي حلال جو يا رب،
حسن تون ڏي مال جو يا رب،.
ڪر نه محتاج ٻئي جو تون مون کي،
غيب مان دائما مدد پيو ڏي،
قرض ۽ مرض کان فراغت ڏي،
تون قناعت جي رب دولت ڏي،
تاب طاقت مون کي ڏي اي يزدان،
ته پليان پنهنجو نفس ۽ شيطان،
تون حياتي ۾ تندرست رکيج،
سختي سڪرات جي نه ڏيکاريج،
ماءُ پيءُ منهنجي کي تون بخشين خدا،
ڀائر ۽ ڀيڻيون مرهين پڻ تون سدا،
بخش منهنجا سڀئي عزيز قريب،
جي اڳي ويا مون کان ۽ دوست حبيب.
خوش رکج منهنجو نت تو آل عيال،
ڪج تون صالح انهن کي نيڪ خيال
تن جو طالع چڱو هوئي، عمر دراز،
پڻ ٻين مومنن جي لهج سنڀال،
مون ۽ قبر جو عذاب نه ڏي،
مون کي عقبيٰ جو تون عتاب نه ڏي،
حشر ۾ تون اٿارين نيڪن سان،
صالحن ۽ قبول پيلن سان،
ڪر دعا هي ”قليچ“ جي تون قبول،
فضل سان پنهنجي ۽ بحق رسول.

[b]اڄوڪي زماني جي خانگي ۽ ملڪي ڳالهين بابت راءِ
[/b]
رات مون عقل کان پڇيا هي سوال،
تنهن ڏنا پڻ جواب ۾ هي مثال
مون پڇيس بحث مولوين جو ڪيئن؟
چيائين آهي اجايو قيل و قال،
مون پڇيس نفس ڪيئن ٿئي تابع،
چيائين جڏهن کائي موچڙن جي ڌمال،
مون پڇيس آهي ڪيئن حياتي هي؟
چيائين آهي نسورو خواب خيال،
مون پڇيس ڏي مثال دنيا جو؟
چيائين سينگار سان ڪراڙي زال،
مون پڇيس ڪيئن انهي جا مڪر فريب؟
چيائين ڪڃري جا جيئن ڪ تال پخال،
مون پڇيس ان مان خوش رهن ٿا ڪير؟
چيائين ڪمينا، لچا، دلا ۽ دلال،
مون پڇيس ڪيئن عيال اطفال آهي؟
چيائين باري وبال ۽ جنجال،
مون پڇيس ماڻهو ڪيئن رهن مشغول؟
چيائين ان فڪر ۾ ته ميڙيون مال،
مون پڇيس خلقي ڪيئن خدا جي آهي،
چيائين خدا جي انهن کي ڪانهي سنڀال،
مون پڇيس ڪهڙي ٿي سزا تن جي،
چيائين پليگ ۽ ڏڪار، جنگ، جدال،
مون پڇيس ڪيئن هي ماڻهو دنيائي،
چيائين باندر، ڪتا، ۽ گرگ ۽ شغال،
مون پڇيس ڪيئن رهن اڄوڪاوڪيل،
چيائين جيئن ڍونڍ تي ڳجهون رکوال،
مون پڇيس چويليس وارا ڪيئن،
چيائين پاپي، چنڊال ۽ دجال،
مون پڇيس ڪيئن آهن مڙها منشي،
چيائين ڳنيڇوڙِ، چور، ڌاڙيوال،
مون پڇيس حال حاڪمن جو ڏي،
چيائين رسائي ۽ ڇيڙ چاهن جال،
مون پڇيس تپيدار ڇا ٿا ڪن،
چيائين لاپو وٺن ڪري پڙتال،
مون پڇيس حال ڪيئن وڏيرن جو،
چيائين مٿن قرض مرض آندو ڪال و بال،
مون پڇيس مير، پير ڪيئن آهن،
چيائين سڀ ڪنهن ڪمال کي ٿيو زوال،
مون پڇيس ڪيئن ميونسپل جي چونڊ،
چيائين پيو جڳ ۾ ان کان ٻائيتال،
مون پڇيس ڪيئن هلي ٿو لوڪل بورڊ،
چيائين جيئن نار جي ڦري ٿي مال،
مون پڇيس ڪيئن مئجسٽريٽي بينچ،
چيائين سرڪاري هڪڙو ناٽڪسال،
مون پڇيس ڪائونسل جا ميمبر ڪيئن،
چيائين نالي ڪيو انهن جي نهال،
مون پڇيس هوم رول ڪڏهن ملندو،
چيائين ان ۾ گهڻا ٿا گهرجن سال،
مون پڇيس ڏي ولايتن جي خبر،
چيائين رائٽر کان پڇ تون حال احوال،
مون پڇيس ڪيئن گذاري جڳ ۾ ”قليچ“،
چيائين خوشلق، خوشدل ۽ خوشحال.

[b]چاهه جي تعريف
[/b]
چاهه ٿي منهنجو جياپو، چاهه منهنجو خورد خواب
چاهه منهنجو عيش عشرت، چاهه ٿي طاقت ۽ تاب،
چاهه منهنجو ناشتو ۽ چاهه هر وقتي طعام
ٽوسٽ ۽ بسڪٽ ڪباب ۽ چاهه ۽ ڪافي شراب.
چاهه لولي ڏئي سماهري، چاهه جاڳائي مون کي،
ڏئي همت مون کي پڙهائي ۽ لکائي ٿي ڪتاب.
هڪڙي هٿ ۾ آءُ وٺان چمچو ۽ ٻئي هٿ ۾ قلم،
ڪڇ ۽ ڪاغذ، چپ تي پيالي، نڪ تي عينڪ، اک ۾ آب.
ڪوپ ساسر، ڪيٽلي، ٽيپاٽ منهنجا سنگتي،
باهه تي پاڻي جو سوست منهنني لئه آهي رباب،
چاهه سان ٿيس چاهه، سراهي تڏهن ان کي ”قليچ“
ان کي ٻيو چاهي نه چاهي، چئي چڱو يا چئي خراب.

[b]عيد تي اسان جي ڪٽنب جي ٻارن جو تفصيل
[/b]
ٻارڙا عيد آئي، ٿيو سڀ شاد،
ملي هڪ ٻئي کي ڏيو مبارڪباد،
ماءُ پيءُ ڪن اوهان کي دل کان دعا،
شل ڏيکاري رب اوهان جي مراد،
کائو سيون، کارڪون ۽ کير،
۽ ڊڪو ڊوڙو جيئن پکي آزاد،
خرچو، کائو ڀلي مزا ماڻيو،
پر فقيرن کي پڻ ڪجو ڪي ياد،
هاڻي نالا اوهان سڀن جا ڏيان،
آهيون ٽاريون ۽ هڪ اٿو بنياد،
نادر، اختر، اسد، همايون پٽ،
ڌيون فخر النساءِ ۽ ٻي دلشاد،
پٽ ٻيا افضل، اڪمل ۽ اجمل،
ادهم، ارشد ۽ي ٿي ٻي شهزاد،
نالا ڏهٽن جا پڻ ٻڌو مون کان،
هڪڙو نيروز ۽ ٻيو فرهاد،
۽ انهن کان ننڍا ٻه ٻيا آهن،
هڪڙو جمشيد، ٻيو آهي شمشاد،
ڀائٽن مان اول منوچهر آهي،
ادي صاد قلعي جو داماد،
پوءِ فرخ، سڪندر ۽ حيدر،
۽ چوان ٻيا به، جي هجي ارشاد،
سڊني، اسٽائلي ۽ ٽيون ايڊورڊ،
ٻيا به نياز ونثار ۽ امداد،
پٽ به ڀائٽين جا قنبر ۽ شوڪت،
۽ فريد آيو جو چڱي ميعاد،
ماهرخ منهنجي ڀائٽي جي ڌي،
ناصر، آصف ٿيا منهنجا خواهرزاد،
لاله رخ، شاهرخ، ۽ گلرخ ٿيون،
ڀائٽيون نيڪدل ۽ نيڪ نهاد،
روح افزا ۽ حسنا پڻ آهن،
۽ خجسته به، جا خجسته نزاد،
ٻيون به بدرالنساءِ ۽ قمر النساءِ،
گريسي سان پورو ٿيو تعداد،
پوٽا زاهد ۽ ذاڪر ۽ ضامن،
پوٽي شيرين، جا ٿي خوش ميلاد،
ڀيڻيون زيب النساءِ ۽ شرف النساءِ،
ست اسين ڀا جبله ۽ افراد،
ڏاڏو هڪ ميرزا فريدون بيگ،
ٿيو نجاهه ان جو ٿيو مڙئي اولاد،
ڀاءُ منهنجو وڏو غلام رضا،
ٻيو صادق قعلي، ٻئي اوتاد،
۽ ننڍو مون کان هو علي قلي،
پوءِ جعفر قلي بطبع وقاد،
۽ ننڍو ان کان پوءِ نجب قلي.
پوءِ حيدر قلي حسن معاد،
گهر ٿيا نو، مگر ڪٽنب ٿيو هڪ،
خانا سي سڀ خدا رکي آباد،
ٿو سڀن کي ڪري ”قليچ“ دعا،
بخت بيدار هوئين عمر زياده،
رب هدايت ڪري سڀن کي شال،
ڏئي محبت ۽ ٽاري فتنو فساد،
يا الاهي دعا هي ڪج تون قبول،
به محمد وآلهِ اِلا مجاد.

[b]دنيا ۾ بهشت
[/b]
آهي دنيا قيد خانو مومنن جي لاءِ يار،
ڪافرن لئي باغ بستان، جيئن حديثن جي پڇار،
عارفن جي لاءِ دنيا آهي، ٻئي دوزخ بهشت،
حالتون آهن مخالف ٻئي، سڀن جي اختيار،
خلق نيڪ آهي بهشت ۽ خلق بد دوزخ ٿيو،
ائين ٿيا دنيا ۾ جنت ۽ جهنم آشڪار،
غفلت ۽ ننڊ آهي دوزخ، آهي بيداري بهشت،
جهل دوزخ باهه، علميت بهشت آهي بهار،
صبر ۽ شڪر ۽ قناعت ۽ رضا آهن بهشت،
چند انهن جون خصلتون دورزخ ۾ تون آڻج شمار،
ان طرح وس تنهنجي دوزخ ۾ پوين يا منجهه بهشت،
جسم سان هت، روح سان هٿ تن ۾ ويڇو ناهي وار،
جي انڌو رهندين هتي، هٿ پڻ انڌو اٿندين ”قليچ“
حڪم اي قرآن جو، ان تي عمل ڪر، ڌين ڌار.

[b]گوشه نشيني ۽ قناعت
[/b]
ٻه ڏينهن عمر جا جيڪي بچيا اٿئي باقي،
وڃي جي گوشي قناعت جي ۾ مقام ڪرين،
ڍڳا وٺين ٻه ۽ پوکين اتي زمين ٽڪر،
۽ مير هڪڙي جو، ٻئي جو وزير نام ڪرين،
رکي حلال جي ماني ۽ اچئي جي هٿ ان پر،
۽ پاسو دل جي خوشي سان ڪنا حرام ڪرين،
”قليچ“ ان کان ٿي بهتر ته ڪنهن ٻئي جي اڳيان،
رکين تون سيني تي هٿ ۽ جهڪي سلام ڪرين.

[b]نماز، روزو، صدقو ۽ خيرات
[/b]
عبادت سان هلين ٿو تون خدا ڏي،
۽ حق جو قرب حاصل ٿئي ٿو توکي!
نماز اڌ واٽ توکي طئي ڪرائي،
۽ روزو توکي در تائين رسائي،
ڪرائي گهر ۾ داخل توکي صدقو،
انهن کي ڇو نه تڏهن تون وٺين ٿو!

[b]رباعيات[/b]

[b]ٻارن جي تڪليف
[/b]
رت پينم ٻار، ڏيان مٿن پنهنجي جان
ڪن گوڙ گحي، آءُ لڪندو ڇپندو پيو ٻڌان،
نچندا ٽپندا اگهاڙا وڄ جان اچنم،
روئندو کلندو ڪڪر جان دامن سان ڍڪيان.

[b]توبه جو روئڻ
[/b]
بادل ٿي بنائي اٻ، سمند ساري کي،
پاڻي ٿو ڪڪر مٺو ڪري کاري کي،
توبهه جو روئڻ ڪري گناهن کي ثواب،
برسات اڇو ڪري ڪڪر ڪاري کي.

[b]منهنجي مسلماني
[/b]
اي دل تون خدا جي زير فرمان نه ٿئين،
بڇڙن عملن کان تون پشيمان نه ٿيئن،
عالم ٿيئن، عابد ٿيئن، زاهد به ته ٿئين،
ٻيو سڀ ڪجهه ٿيئن مگر مسلمان نه ٿيئن.

[b]ڪفر ۽ دين
[/b]
دنيا ۾ خلاف ڪفر ۽ دين جو آهي،
مقصد جي ٻنهي جو هڪ، ته پوءِ ان ۾ ڇاهه
مسجد ۽ مڙهي جي جنگ مان مطلب ٿئي،
جڏهن پهڻ وڙهن ٻه، نڪري تن مان تڏهن باهه
-------------------
مومن آهي دل ۾ نفس آهي ڪفار،
مومن کي ادا حوالي ڪافر جي نه ڪر،
چئين هڪڙي، ڪرين ٿو ٻي، ڪو رک شرم آخر،
تسبيح هٿ ۾، جڻيو مٿي دل جي ڪمر،

[b]منهنجي شاعري
[/b]
مضمون چڱو جيڪو ڏسان آءَ يا ٻڌان،
بازيگر وانگي شعر پنهنجي ۾ چوان،
ڪوڏڌي جان اکين ۾ ۽ ڪنن ۾ ٿو وجهان،
ساڳي اها موٽي وات پنهنجي مان ڪڍان،

[b]منهنجو کلڻ ۽ روئڻ
[/b]
دنيا ۾ آءُ ڪيئن نه پنهنجوغمخوار هئان،
رت پنهنجو پيئان، هنجن سان منهن پنهنجو ڌوئان،
دردن کان سندس جهڪي صرحي وانگي،
تو ٽهڪ ڏئي کلان به ۽ رت به روئان.

[b]منهنجي عبادت
[/b]
تون نفس جو پنهنجي ٻانهو آهين هر قسم،
جيڪا تون عبادت ٿو ڪرين، آهي طلسم،
لذت نه اچي ڪا بندگي مان توکي،
هوءِ آهي غذا روح جي، تون سارو جسم.

[b]خدا جو گهر
[/b]
تون گير، يهود يا نصارا کان نه لڪ،
جت رات پوئي، خدا جو گهر ڄائي ٽڪ،
مسجد ۾ مڙهي مان حق پرستي مطلب،
گهر جي ٻه ٿيا ته گهر، ڌڻي آهي هڪ.

[b]شيعو، سني
[/b]
الله رسول جو مڃان آءُ فرمان،
دل کون رهان آءُ پنجتن تون قربان،
سڀ يار ۽ اصحاب رکان آءُ عزيز،
سني چوي، يار کي ڪو شيعي جو گمان.

[b]توبهه جو روئڻ
[/b]
ڊڄ ڪين گناهن کان، هنجون جي هارين،
سي باهه جهنم جي اجهائي ٿا ڇڏين،
ڇڻڪار ڪرين اکين سان ماڻين بهشت،
اڪثر ٿا پخالي کي بهشتي ڪوٺين.

[b]منهنجو حج
[/b]
اڄ عيد ٿي حج جي، خلق ڪعبي ڏي روان،
ٿا ڪن سي طواف رب پنهنجي جو عيان،
مون کي مليو ڏس ته دل ۾ منهنجي تون رهين،
تنهن لاءِ پيو آءُ پنهنجي چوگرد ڦران.

[b]اوجاڳو چڱو
[/b]
بهتر ته اکين پٽيل هجين سڄي رات،
منجهه ذڪر حقي رڌل هجين سجي رات،
رک شرم ڪو، ٿي نه تون ڪڪڙ کان ڪمتر،
هو جاڳي ۽ تون ستل هجين سڄي رات.

[b]پنهنجو حساب ڪتاب
[/b]
مڪتب ۾ به عقل جي ٿي پنهنجو تون ڪتاب،
۽ حق جي سوال ۾ ٿي پنهنجو تون جواب،
جي ڀانئين حساب ۾ سڀاڻي نه منجهين،
وٺ پاڻ کان اڄ اي دوست، پنهنجو تون حساب.

[b]ٻه ڏک
[/b]
آهن ٻه شيون لڳن گهڻو دل کي شاق،
ڪن دل کي ڪباب، موت جو ڪن مشتاق،
آءُ تون کي ٻڌايان، جي ٻڌي سي تون سگهين،
نايابي جواني جي، محبن جو فراق.

[b]هاڻوڪو يار
[/b]
ٿيا يار به هن زماني جا ڏندن جان،
ڪجهه وقت رهن رفيق ٿي، خوش توسان،
کائي پي گهڻو عرصو جڏهن ٿڪجن سي،
کلندي کلندي ڀڄن سي هڪ ٻئي پونيان.

[b]ماٺ چڱي
[/b]
ڏاهو سو جو دير گفتگو ۾ لائي،
بڪ بڪ جو گهڻي ڪري، خطا سو کائي،
مجلس ۾ ادا تون سک ادب حقي کان،
جيسين نه پڇن ان کي، نٿو ڳالهائي.

[b]منهنجو مذهب
[/b]
پيو ڏس ۽ نه ڳالهاءِ اهو رک مذهب،
گهٽ پاڻ کي ٻئي کان ڄاڻ، اي رک مشرب،
تون پان وسار، خير گهر خلق جو نت،
پيو ڏي ۽ نه وٺ ڪي به اهو رک مطلب.

[b]منهنجو روز مرهه جو ڪم
[/b]
هر رات ٿو جاڳان درد کان تا پرڀات
هر روز رئان زار، ڪريان آءُ هيهات،
ستر لنگهيا ورهيه، آهي ڪم منهنجو اهو،
ڏينهن رات پٺيان وڃي، پٺيان ڏينهن جي رات.

[b]منهنجو چشمو
[/b]
پاڻي ٿي پيئڻ ويو سڄڻ موچارو،
چيومانس، هي منهنجو چشمو چشمن وارو،
پي پاڻي، هتان نه وڃ، چيائين کلي،
چپ منهنجا مٺا ۽ پاڻي تنهنجو کارو.

[b]منهنجي دعا
[/b]خاوند تون عاصين تي احسان ڪرين،
حيوان مان ڦيري مون کي انسان ڪرين،
ڪيا گبر مسلمان گهڻا تو، ڇا ٿئي،
هڪ گبر ٻيو به جي مسلمان ڪرين.

[b]منهنجو پورهيو
[/b]تو سڻ سو آهي، پيو پڇين جنهن جي ذات،
موجود ٿي تو ۾ ذات ان جي نه صفات،
اي کوهه خودي جو جي ٻه تي گز کوٽين،
گهر پنهنجي ۾ لهندين تون ادا آبحيات.

[b]منهنجي مختصر سوانح عمري
[/b]
جيسين آءُ ڏهن ۾ هوس، هئس زار زبون،
ويهن ۾ ۽ ٽيهن ۾ رهيو مون کي جنون،
چاليهه، پنجاهه فڪر ڳڻتي ۾ ويا،
هاڻ سٺ ۽ ستر ۾ غم کان سر آهي نگون.

[b]پيري[/b]

ڪمزور حواس سب ٿين پوڙهي ۾،
هر دم رهي فڪر لٺ ۽ عينڪ جي ۾،
رهنس نه اکيون ٿيون جاءِ پنهنجي تي، نه پير،
هٿ ۾ ٿوکني (1)، اکيون (2) کيسي ۾.

[b]وزيري کان نفرت
[/b]
ڇڏ طمع ”قليچ“ ڌار دل جي همت،
تون ڌيان سان شطرنج جي ڏس چال چلت،
ٿيندين جي وزير، هلڻو پوندئي ڏنگو،
رهه پيادو ۽ هل سنئنون پائين عزت.

[b]پنهنجي حال تي افسوس
[/b]
ممڪن ته ڇڏي چال زمانو کوٽي،
ممڪن ته چڙِهي بخت ڪري پڻ چوٽي،
ايندا ڪٿان دوست، هئا جي همدم همراز،
۽ عمر جا وئي لنگهي، اچي ڪيئن موٽي.

[b]منهنجو سير
[/b]
جڏهن بند ڪريان آءُ پنهنجي اک جي چوٽي،
منجهه ارض سما ڦران آءُ جيئن ڦرموٽي،
ٿا چون ته هن جهان مان موٽي ڪو نه،
هر روز گهڻئي دفعا اچان آءُ موٽي.

[b]منهنجو موٽڻ
[/b]
ٿا عالم بالا ۾ پڪارين مون کي،
مرندس جڏهن آءُ، وري جيارين مون کي،
چوواٽي ۾ شمع جان مران پيو ۽ جيئان،
ٿو جڏهن اجهامان، موٽي ٻارين مون کي.

[b]منهنجي وصيت
[/b]
اي ٻور ٻچو! قدر سڃاڻو منهنجو،
هوندو نه هتي سدائين ٿاڻو منهنجو،
شوخي سان به جيڪا آءُ چڱائي ٿو چوان،
احسان اهو پاڻ تي ڄاڻو منهنجو.

[b]منهنجو مرڻ
[/b]
وڻ جهونا ڪرن جڏهن ڦٽن ٿا ٻيا نوان،
پن وڻ جا ڇڻن جڏهن ته نڪرن ٿا نوان،
غم ڪهڙو، حياتي جو جي بدليو جامو،
دل خوش ٿئي، ٿا ڪجن جڏهن ڪپڙا نوان.

[b]ماٺ چڱي
[/b]
خوشدل جي رهين، ته فڪر سب ڇڏ لاهي،
باقي جي تون ٿين، ته پوءِ فنا ۾ ڪاهي،
راحت جي گهرين جڳ ۾ ته ڪر ماٺ ادا،
جو ماٺ نمونو نيستي جو آهي.

[b]ڏک ۽ سک
[/b]
ڇو ڏک جي گلا جي تو کي عادت ٿئي پئي،
ڪر سعيو ته رنج تنهنجو راحت ٿي پئي،
محنت ڪري ٽ ڦڙا (1) پگهر جا تون هار؛
تاسيگهه مان عسرت ڦري عشرت ٿي پئي.

[b]بيواسطي
[/b]
دنيا ۾ آءُ خير شر چاهيان پنهنجو،
ڪعبو ۽ ڪليسا به آءُ ٺاهيان پنهنجو،
ٻئي سان نه رکان واسطوڪو پاڻ بنا،
آءُ عاشق، معشوق به آهيان پنهنجو.

[b]ڪثرت ۾ وحدت
[/b]
اڻ ملهه مائڪ جو اصل درياءَ ۾ هو،
کولئين جو اک، پيل سو صحرام ۾ هو،
مشهور ٿيو ته قاف،(2) ۾ عنقا آهي،
سڌ هاڻي پئي ته قاف (3) عنقام هو.

[b]منهنجي آس
[/b]
توکان آءُ هجان پري نه هڪ لحظو شال،
توي نه ڏسان ڪڏهن ڪٿي ڪي ٻيو شال،
تو ڌارن کڻان پساهه جو پنهنجي منهن،
يا رب سو پساهه پونيون هوئي منهنجو شال.

[b]فرد يا بيت
[/b]
بس رياضت شمع جي، جا رات ساري ٿي سجاڳ،
هڪڙي ٽنگ تي ٿي بيهي ۽ ٿي روئي ۽ ٿي جلي.
عيب ڪنهن شي مان نه ڪڍ، بڇڙي هجي اوءِ يا چڱي،
عيب صنعت مان ڪڍڻ، ڄڻ آهي صنعتگر جو عيب.
پاشڪستن لاءِ مشڪل آهي ڪعبي جو طلب،
ڪعبو دل جو آحي، جو حاصل ٿئي آسان ٿو.
ڪارو جي منهن تنهنجو ٿيو، دونهي گناهن جي کان آهي،
ڌوئي اي ڪارنهن اکين جي، آب سان تون صاف ڪر.
عقل توکي ڪونهي، نه ته پورڻ اکيون آهي ڏسڻ،
فهم توکي ڪونهي، نه ته ڳالهائڻ آهي چپ رهڻ.
شيخ جي ڊپ کان ڪئي مون آهي مستي اختيار،
واٽ نه ته مسجد ۽ ميخاني جي مون وٽ آهي هڪ.
گهر جي کنڀڙاٽين جي قوت، اي پکي همت نه هار،
آهي بيتخاني کان ڪعبي تائين هڪ پرواز بس.
رزق رازق ٿو رسائي، هر ڪنهين انسان کي،
شڪر سان تون کاءُ ۽ کاراءَ پڻ مهمان کي.
پنهنجي روزي ڏيان ٻين کي، آهيان آءُ مهمان نواز،
ان ڪري غم منهنجو مون کان وڌ سدا کائن ٻيا.
زرد منهن منهنجي تي جاري لڙسڪ آهن لاله رنگ،
ڏس اچي ٻئي گڏ ٿيا مون وٽ خزان توڙي بهار.
لڪل بلندي اسان جي ٿي خاڪساري ۾،
زمين کوٽين اسنا جي ته آسمان لهين.
گهڻيائي مون تي مروت ڪئي آکين آلين،
تئڻ گهني سان مون کي ڪيئون غريق رحمت جو.
تو مڃ انهي کي ۽ ڪر پيروي انهي جي، جو،
لڪائي خلق کان طاعت، گناهه کان واڌو.
مشڪ جان عمر سڀ خطا ۾ وئي،
ٿيا اڇا وار ۽ اندر ڪارو.
جو رکي گهر ۾ اڻ ميا ٿو مال،
آهي مفلس ، رکي نه جي ٿو زال.
زاري ۽ بيخودي طهارت آهي،
۽ ڪهڻ نفس جو عبادت آهي.
اٿئي جيسين اکين، هنجون پيو هار،
چپ اٿي جيسين، پڙهه تون استغفار.
توبهه ڪئي تو عيب جواني ۾ هئي، ”قليچ“
ڪم اهڙو تو ڪيو، جو ڪو ڪافر به نا ڪري.
نه سگهندي منهنجي دامن کي لڳي ڪجهه باهه روزخ جي،
جي محشر ۾ ادا مون ساڻ هونديون هي اکيون آليون.
تون کي آزار رسي جڳ کان ته ناهي ڪو عار،
ڪر تون ڪوشش ته رسي توکان نه جڳ کي آزار.
تربيت پاڻ کي جو ڏئي نه، سو آهي حيوان،
آدم آهي سو، جنهين کي نه هجي پيءُ ماءُ (1)
موت جي ڳڻتي ٿيم رات ۽ هشيار ٿيس،
اتي ڳري ننڊ پيم ياد ۽ بيدا ٿيس.
فلڪ دشمن، زمانو بيوفا ۽ يار بيپروا،
اچي ٿي کل مون کي تنهنجي سڌن تي اي ”قليچ“ احمق!
نه ٿي بيزار تون اي شمع، پروانن جي ميلي کان،
نه رهندي صبح تائين تون، نه هي صحبت نه ٿي ميلو.
رئڻ منهنجو ڪندو منهنجي شفاعت،
پشيماني عجب پيغمبري آهي.
اسر جو مون کي جاڳايو ڪڪڙ آهي،
ملي جي ٻانگ جو ٿورو مٿم ناهي.
ڳڻتي هلڻ جي وقت ٿئي پٺ جي ان کي ڪا نه،
جنهن مال پنهنجو پاڻ کان اڳ آهي موڪليو.
جيڪو به ڪم خدا کان نه حاصل ٿئي مومن کي،
سو پنهنجي لاءِ پاڻ خدا ٿي ٿو آءُ ڪريان.
چڱي جي طبع عطا ٿي ته گهر جي ٻار نه ٻيو،
چڱا ٻه بيت هزارن پٽن کان بهتر ٿيا.
سخا نياز سان ڏس ڪيئن ڪري صراحي ٿي،
ڏئي ٿي پاڻي به، سجدو ڪري پيالي کي.
اکين جو پاڻي ۽ لڙِڪن جو ٻج ۽ منهن جي زمين،
ڏنائون تون کي ته ڪر پوک تون قيامت لاءِ.
خدا جو شڪر تون هر روز ڪر ”قليچ“ هزار،
دوا وٺين نه تون اڪثر، نڪي رهين بيمار.
مريد، پير مغان جا وڃي ٿياسين هاڻ،
جو اڄ زماني ۾ رهبر گهڻائي ٿيا رهزن.
پچار تنهني کان خالي نه ڪاٺ ٿيو نه ٺڪر،
ٿي انهي جا ٻه شاهد، دلو ۽ يڪتارو.
ظلم جو بدلو ملي ٿو ترت هٿ، غافل نه رهه،
ساڙي پروانا، ٿئي ٿي پاڻي، پگهري، پاڻ شمع.
هٿ وٺي چاڙهي ٿو ٻوڙو، هٿ وٺي ٻوڙي دريا،.
وٺ تڏهن درويش جي دامن ۽ شاهن کان تون ڀڄ.
قد ڏنگو ٿيو پوءِ وهڻ غافل نه عاقل کي جڳاءِ،
ڀت ڏنگي هيٺان سمهڻ ٿي جان جوکي ۾ وجهڻ.
.
صورت ۽ سيرت جو ٿئي ٿو فرق، نه ته هڪجهڙا ٿيا،
خنجر ۽ خنجر*، مگر خنجر وڍي، خنجر وجهي.
قافلو پهتو وڃي منجهه شام تنهنجي عمر جو،
اي ”قليچ“ احمق، اڃا گهندو وتين منجهه نيمروز،
آءُ رکان ڪنهن سان نٿو ڪا دشمني، ڄاڻي خدا،
منهنجو جو دشمن ٿو ٿئي، اهو دشمن خدا جو ٿو ٿئي.
دل ۽ دين، ايمان، عقل ۽ هوش دلبر کي ڏنم،
ڏس ستر ورهين جو پورهيو ڪيئن نه چوڏهن گم ڪيو.
آهي آسان اوليائي، عاشقي مشڪل تمام،
سهسين صاحبدل ٿيا، بيدل ٿيو ڪو هيڪڙو.
ناز جنهن سان ٿا ڪريون هٿ، سو گهري هٿ ٿو نياز،
انجمن ۾ دوست ٻيو آهي، ۽ خلوت ۾ ٻيو.
پاڪ حسن ۽ عشق ٿيو جي، ڇو ڪجي شرم ۽ حيا،
شمع ڏس مجلس ۾ پرواني کي ٿي ڀاڪر وجهي.
آهيان ماڪوڙي، مگر همت سليماني رکان،
خاڪ کي شڪر، قناعت جي ڪريان اڪسير سان.
چار مڻ پاڻي جا گهرجن ٿا بدن جي غسل لاءِ،
پر ڦڙو هڪڙو ٿو دل جي غسل لاءِ ڪافي ٿئي.
لت فقيرن جي جهلي، دولت ڀڳي شاهن طرف،
اونڌونت ڪچڪول درويشن جو شاهي تاج (1) ٿئي.
.
اڄ زماني ۾ ڇر، هاٿي تي غالب اهڙو آهي،
جو ڪرڻ چاهي حڪومت ٿو هو هندستان جي.
جڏهن هزار ۽ لک اچن ڪنهن وث، سخي ٿي پئي بخيل،
الف (2) ڏس لحظي ۾ منفق (3) کي منافق(4) ٿو ڪرين.
توکي ٻڌايان زاهد ۽ عابد جو فرق يار،
زاهد کي عشق (5) جو ڪم، عابد کي ڪم (6) جو عشق.
چوڻي ٿي اڳ خدا هو ۽ ٻيو ڪي به ڪين هو،
جڏهن ڪي به ڪين هو ڪٿي، تڏهن هو ڪٿي خدا؟
ڏسو ڏيوالو ڪڍيو آسمان اصل کان آهه،
جو ڏينهن جو ٻه پيو ٻارڻو انهي کي ڏيو!
سٽيو اٿم ته سفر تي ڪڏهن نه ويندس آءُ،
وطن ۽ جيسين لڀي سگهندي مون کي ڀت جي ڇانو.
”قليچ“ ٿيو آهي شيرين سخن ٻچاپي ۾،
اٿس جو چوسيا جواني ۾ چپ جا ڀري.
”قليچ“ گرچ قريبن کان ٿيو هنر ۾ وڌ،
جي بخت زور نه ٿيو، ڪهٽي ڪم جو فضل ڪمال!
سينگاري پاڻ کي، سهڻو ٿي پوءِ وڃي آءُ سمهان،
ته سهڻي ۾ اچي سهڻو، متان نه ان کي وڻان.
اکين سان خلق نهاري ٿي، پر ڏسي ٿي ڪين،
ڏسن ٿا جي، سي نهارڻ سان ٻيو ڏسن ڪي ڪين.
ماٺ جهڙي مٺائي ٻي ڪانهي،
جو پوي ان ۾ چهٽي چپ سان چپ.
منهنجي هستي کي نيستي نه پڄي،
مون مئو تڏهن، آءُ جڏهن ڄائس.
هر ڪنهين جو لکيو، لکي ٿو جناب،
لکندڙ آهي چڱو، لکي نه خراب.
پاڻ کي جو گهٽائي پاڻ وڌي،
چڙهي اڀ تي مسيح وانگي وڃين.
جي سدا دل ۾ شادماني آهي،
رت جاڳڻ به عمر ثاني آهي.
جيڪي آهن خدا جا مرد سچا،
مفلسي ۾ به ڪن اهي ٿا سخا.
عشق جو داغ ناهي جنهن دل ۾،
شمعدان آهي، جنهن ۾ شمع نه آهي.
شعر گوئي جو ڪم گهڻو ٿيو ڪٺن،
رت پيڻ آهي، پنهنجو ٿي دشمن،
ڪوڙ آهي گناهه، منجهه گفتار،
پر نه آهي گناهه، منجهه اشعار.
مون کان نٿ ڊڄڻ ٿا سڀ ماڻهو،
آءُ ڊڄان ٿو سدا حياتي کان.
منهنجي هاڻوڪي حالت، وڏي عمر جا نفعا ۽ نقصان
خبر اٿئي ته وڏي عمر ڇو ٿري منهنجي اي يار،
رهان سگهو، ڪريان دنيا جا پورا سڀ ڪم ڪار،
رکان ٿو ڏند اڃا ۽ اکيون اٿم سالم،
رکان ٿو ڪارا اڃا، گرچ سڀ اڇا ٿيا وار،
هلان، چلان، ڊڪان ڊوڙان، چڙهان لهان، آسان،
ڏسان، ٻڌان ۽ پٻاڙيان، ڄڻان اڃا پيو ٻار،
کڻا نه لٺ ٿو، اڃا، ثيڪ ڏيان نه ڪنهن شي تي،
ڪريان ٿو شڪر خدا جا، انهي جي لاءِ هزار،
سبب انهن جا ٻڌايان ٿو مختصر آءُ،
۽ ٿورو کان ۽ رهان نشي ۽ تمام کان ڌار،
۽ پوري وقت تي کان آءٌ ۽ کان به سادو کاڄ،
سمهان اٿان آءُ سوير ٿو، جيئن ٿا ڪن هوشيار،
پڄي ٿي جيڪا ڪريان بندگي، رهان مشغولي،
ڏکويان ڪنهن کي نه نٿ لهان ڏکين جي سار،
ٽيون سبب ته رهي خوش دعائون ڪن ماڻهو،
ته عمر خضري ملئي شل، جيئن هٿي ٻيهار،
بيان خلق مثل ٿيو، نقاره رحمان،
انهي کان عمر وڌي منهنجي، رب ڏي آڌار،
چوٿون آءُ رهان جهنگ ۾ کليل هوا ۾ نت،
۽ نوڪري ڪيو چالاڪ محني هڪوار،
پنجون زالون مليم جوان، جن جوان رکيو،
ويون ٻه جلد وري، ڏيئي مون کي پنهنجي ڄمار،
هزار شڪر وڏي عمر اٿم، رهان ٿو خوش،
مگر عيال جون ڳڻتيون ۽ فڪر ٿيا دشوار،
عزيز دوست جي هئا همخيال، سي به ويا،
نه صحبتي رهيو ڪو، ماريون نت انهي ويچار،
وڌي ويو خرچ، اپت ٿوري، رسم راهه قديم،
مهانگ ملڪ ۾ منهن چو طرف ڏيکاريو ڏڪار،
ڀريو مون يمي جون قسطون رقم کان پڻ واڌو،
پيون ڀرڻ اڃا، جيسين جيان آءُ منجهه سنسار،
امانتون جي رکيم فائدي جي لالچ تي،
کٽيون سي ڪوٺيون، کڻي ڪيئن سگهان اهي سڀ بار،
اهي ڄمار ڊگهي جاٿيا نفعا نقصان،
جيئڻ ۽ راضي رهڻ، ٻي ٿيا وڏا لاچار،
اٿئي ٻه چارا فقط هٿ ”قليچ“ صبر ۽ شڪر
سي وٺ ۽ خوش رهي پيو ڪر سدائين رب جي پچار.ڪندڙ، (4) دين ۽ بخيل، (5) باطني، (6) ظاهري.
_____________
* ”چشم بلبل“ جو مطلب ڀرت جو قسم آهي
* خوبان = يورپين ڇوڪريون
* ”سُتا سونهن، ننڊ عبادت جن جي.“ – شاهه لطيف.
* آءٌ خدا وٽ آهيان. – حديث

. (1) ڀ مرندا. (2) موٽي خدا ڏي وڃبو.


. (1) لٺ (2) عينڪ.
. (1) ٽي ڦڙا يعني ٽي نقطا ”ش“ جا. (2) قاف = جبل (اشارو ڪثرت ڏانهن.) (3) قاف = اک. اشارو وحدت ڏانهن.)
. * نڙي.
. (1) شڪل ۾. (2) اکر به، ۽ هزار به. (3) سخي، يا خيرات ۽ خرچ

باب ٻارهون؛ اسان جي ڪٽنب ۽ پنهنجي نسبت ۾ ٻين صاحبن جي راءِ

هن بابت ۾ مرحوم مرزا صاحب اول ڪن انگريزي اخبارن ۽ رسالن اندر ڇپيل مضمونن ۽ پنهنجي ذاتي خطن، جيڪي انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ۾ هئا، منجهان اقتباس ڏنا هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي غير سنڌي اقتباس جو سنڌي ۾ ترجمو ڏنو هو، هتي اصل انگريزي ۽ فارسي اقتباس ڏيڻ غير ضروري سمجهي، فقط انهن جو سنڌي ترجمو ۽ اصل سنڌي خطن مان اقتباس ڏنا ويا آهن، جيڪي خط انگريزي ۾ لکيل هئا، تن جي خاتمي واري هنڌ تي نشاني مان پڙهندڙن کي پتو پوندو ته ڪهڙا خط اصل ڪهڙين ٻولين ۾ لکيل هئا، سنڌي خطن جي پٺيان ڪو به نشان نه ڏنل آهي- ناشر.

---------------------


مخزن ”غنچه اميد“ مان سنڌي ۾ انتخاب

رساله ”صراط المستقيم“

فيبروري 1927ع

نهايت مسرف جي ڳالهه آهي ته جناب مرزا قليچ بيگ صاحب کي سرڪار نئين سال جي خوشي ۾ ”شمس العلماءَ“ جو لقب عطا ڪري جيڪا هن صاحب خدمت ادا ڪئي آهي، تنهن جي اعتراف جو ثبوت ڏنو آهي، سنڌ ۾ شايد هي ٻيو بزرگ آهي جنهن کي هيلتائين اهو لقب مليو آهي، جناب مرزا صاحب جو وجود ذيجود حقيقت ڪري نه رڳو شيعن لاءِ بلڪه سنڌ جي سڀني مسلمانن لاءِ غنيمت آهي، پاڻ سنڌ جي پرڳڻي لاءِ جيڪا علمي خدمت ڪئي اٿن ۽ اڃا ڪري رهيا آهن، سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪين آهي، اسين هن خوشي جي موقعي تي جملي شيعان سنڌ جي طرفان عموما ۽ ڪارڪنان رساله ” صراط المستقيم“ جي پاران خصوصا هديه مبارڪ پيش ٿا ڪريون.

”سنڌ گزيٽيئر“ واليوم ”ب“ مان انتخاب

حيدرآباد ضلعي جي ماڻهن مان تعداد ۾ ٿورا مگر باوقعت ڪي گرجي آهن، جي انهن ٽن گرجيئن جو اولاد آهن، جن کي گذريل صدر جي شروعات ۾ قسمت سنڌ ۾ آڻي رسايو، اهي هئا مرزا خسرو بيگ، مرزا محمد باقر بيگ ۽ مرزا فريدون بيگ اهي سڀ اصل ”ٽفلس“ جا رهاڪو هئا، جي ايران ۽ روس جي جنگ ۾ ننڍي هوندي ڪن رحمدل ايرانين کي هٿ لڳي ويا ۽ هنن جا پيءَ مارجي ويا، پوءِ اهي سنڌ جي ميرن جي وڪيلن کي هٿ آيا، جن آڻي هتي پهچايا ۽ ميرن وٽانهن جو مان ٿيو، مرزا خسرو بيگ ته اوائل ۾ ميرن جي طرفان انگريز سرڪار وٽ وڪيل ٿي ويو هو ۽ مرزا محمد باقر بابت ڊاڪٽر برنس چوي ٿو ته هو مير مراد علي جو خاص ماڻهو هو، پهرئين مرزا سن 1820ع ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ وفات ڪئي، ۽ ميرن جي قبن وٽ دفن ڪيل آهي هن جو وڏو پٽ انگريز سرڪار جي نوڪري ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي داخل ٿيو ۽انهي جو پٽ به ساڳئي عهدي تي هو، مرزا فريدون بيگ جو اصل عيسائي هو ۽ سندس نالو ”سڊني“ هو تنهن مرزا خسرو بيگ جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ ست پٽ ٿيس، انهن مان هڪڙو مرزا قليچ بيگ آهي، جو ”تاريخ سنڌ“ ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن جو مشهور منصف آهي، اهو سارو خاندان سنڌ جي سڀني خاندانن ۾ علميت ۽ فضيلت جي ڪري گهڻي وقت کان ناليرو آهي.*

---------------------------------


ساليانو رسالو ”گلدسته“ ڪراچي

سن 1921ع

مرزا بيگ، مرزا فريدون بيگ جي ستن پٽن مان هڪڙو آهي جو حيات آهي، مرزا فريدون بيگ ننڍي هوندي سنڌ ۾ آيو، قسمت هن کي سنڌ جي حاڪم مير ڪرم علي وٽ آندو، جنهن جي پناهه هيٺ هو پلجي وڏو ٿيو ۽ مسلمان ٿي، حيدرآباد جي هاءِ اسڪول ۾ بمبئي جي ايلفنسٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ کانپوءِ مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ عام اسڪولي ماستري مان چڙهي ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو، جنهن عهدي تان آخر سن 1910ع ۾ هن پينشن ورتي، هن کي ”قيصر هن“ جو ٻلو ۽ وائسراءِ جو سرٽيفڪيٽ سندس حسن خدمتي جي لاءِ مليو، هن جي سخت محنت ڪرڻ جي عادت، علم ۽ هنر جو شوق ۽ پنهنجي ديس سنڌ جي لاءِ سچي خدمتگاري، هن ڳالهه جي ثابتي ٿي ڏئي ته هن اٽڪل سٺ ورهين جي عرصي ۾ اٽڪل ٻه سئو عمدا ۽ ڪمائت ڪتاب لکيا آهن، اهو امڙو مشڪل ۽ وڏو ڪم آهي، جو ڪنهن ٻئي مصنف کي جيڪر انهي جي ڪرڻ ۾ ڪهڙي پيڙهي لڳي وڃي، سڀڪو خواهش ڪري ٿو ته هندستان جي سڀڪنهن ڀاڳي ۾ اهڙو قابل ۽ محني ماڻهو هجي، جو هند جي زبانن جو ماڍو وڌائي، مرزا قليچ بيگ هينئر 68 ورهين جو آهي، هن کي ست پٽ آهن، جن مان وڏو نادر بيگ آهي، جو ڪراچي ۾ باريسٽر ٿي ڪم ڪري ٿو.*


--------------------------

ڪلڪتو
5- اپريل 1866ع

مشفق، مهربان من، مرزا فريدون بيگ، سلامت!

مون کي اوهان جا ٽي خط مليا، ٻه بمبئي ۾ ۽ هڪ مدراس ۾، جيتوڻيڪ مون انهن جا هڪدم جواب نه ڏنا، ته به جيڪي اوهان لکيو هو تنهن بابت واسطيدار عملدارن کي هڪدم لکيم، آءُ يقين ٿو ڪريان ته سر اليگزينڊر گرانٽ انهي بابت سنڌ جي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ڏي لکيو آهي ۽ منهنجي سچي خواهش آهي ته اوهان جا پٽ بمبئي ۾ وڃي تعليم حاصل ڪن، آءُ فارسي ۾ جواب نٿو لکان، مگر اوهين هميشه مون ڏي فارسي ۾ پيا لکجو، ڇا لاءِ جو اوهان جا اکر اهڙا چڱا آهن جو اوهان جا خط آءُ ڪنهن به مشڪلات کانسواءِ پڙهي سگهندو آهيان، اميد آهي ته آءُ آگبوٽ ۾ سنڌوندي جي رستي ملتان مان هن مهيني جي 51- تاريخ ايڏاهن ايندس، هينئر آءُ دهلي ۽ سملا ڏي وڃان ٿو.*


اوهان جو دوست

جي- ايف- گولڊ سمٿ.


عزت ۽ آبروءَ وارو، مرزا فريدون بيگ، خوش هجي!

اوهان جي خط لکيل تاريخ 19 سيپٽمبر، 1870ع جي حوالي سان لکجي ٿو ته برابر آءُ ٻن سالن جي رخصت تي ولايت وڃڻ وارو آهيان، اميد آهي ته جيڪو به صاحب تعليم کاتي جو ڪم هلائيندڙ ٿيندو، اهو اوهان جي پٽن جي لياقت ۽ شرافت جي نظر ڪندو، انهي بابت اوهين خاطر تسلي ڪجو.**


صحيح هيد منشي
پاران- جي، مور،
اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

------------------------------


تعليم کاتو
نمبر .7
11- فيبروري 1864ع

وڏيءَ قابليت ۽ عزت وار، مرزا فريدون بيگ.

هاڻي حضور کي مسٽر وشنوم گهنشام، انگريزي اسڪول ماسٽر حيدرآباد، جي رپورٽ منجهان معلوم ٿيو ته اوهان مهربان ڪرنل گولڊ سمٿ صاحب بهادر جي رٿ ۽ صلاح موجب، پنهنجي ٻنهي پٽن کي پڙهڻ واسطي بمبئي ڏانهن موڪلڻ قبول ڪيو آهي، ان ڳالهه جي خبر ٻڌندي ئي حضور گهڻو خوش ٿيو آهي، ڇا لاءِ ته اها صلاح ۽ رٿ موجب ٿوري عرصي ۾ اوهان کي فائدو پهچندو، هي خط اوهان جي اطلاع واسطي لکيو وڃي ٿو.


اوهان جي خدمت ۾.

خداداد منشي.
پاران اسسٽنٽ ڪمشنر.
۽
ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.


سائوٿ ويلس.
تاريخ 17- اپريل.

آءُ هي ٻه ٽي سٽون مبارڪبادي جون اوهان ڏي لکان ٿو، جو اوهان بمبئي يونيورسٽي مان اي امتحان پاس ڪيو آهي، اوهين پهريان سنڌي مسلمان آهيو جنهن اها عزت حاصل ڪئي آهي، اوهان جي وڌيڪ تعريف انهي ڪري آهي جو هڪ دفعي ناپاس ٿي به اورچائي ڪري، نيٺ فتحياب ٿيو، اميد آهي ته حياتي جي هي پهرين فتحيابي آهي، جنهن جي پٺيان ٻيون به اينديون، آءُ اها به اميد ڪريان ٿو ته ڊگري وٺڻ سان اوهان هڪ وڏي ڦير گهير، جو بنياد وڌو آهي، جنهن جي مثال تي ٻيا هلندا ۽ ٻيا مسلمان به اوهان جي پيروي ڪندا، اوهان جو ڀاءُ به محنت جي ڪري تعريف جو لائق آهي، انهي کي منهنجا سلام ڏجو، اميد آهي ته ايندڙ سياري ۾ اوهان کي اچي ڏسندس.*


جي، مور.

-------------------------------

11- جولاءِ 1867ع

مرزا فريدون بيگ صاحب، زاد لطفه!

خدمت فيضدرجت، مهربان، عاليشان، بنلد مڪان، سلامن ۽ نيازن کانپوءِ لکجي ٿو ته هلندڙ مهيني جي 13 تاريخ اسڪول ۾ ڇوڪرن کي انعامن ڏيڻ جي هڪ مجلس ٿيندي، جنهن ۾ ڪليڪٽر صاحب ۽ جج صاحب جن به ايندا، مهرباني ڪري اوهين به انهي ڏينهن چئين بجي تشريف فرما ٿي انهي مجلس ۾ شامل ٿيندو.*

وامن آبا جي، موڊڪ

----------------------------

چهار باغ، بمبئي
2- سيپٽمبر 1874ع

پيارا مرزا قليچ بيگ.

مون هينئر اچي تنهنجو خط ڏٺو آهي، افسوس آهي ته توکي اڃا تپ نه ڇڏيو آهي، منهنجي مرضي آهي ته تون مون وٽ اچين ته من آءُ توکي ڪا صلاح ڏئي سگهان، نه ته سڀاڻي صبح جو آءُ تو کي پاڻيهي ڪاليج ۾ اچي ڏسندس.*



مرزا حيرت.

----------------------------

بمبئي
23- جون 1880ع

منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ

تنهنجي 51 تاريخ واري خط جي آءُ گهڻو شڪر گذار آهيان، آءُ اهو ٻڌي گهڻو خوش ٿيو آهيان، ته تون مئجسٽيريل امتحان ۾ پاس ٿيو آهين ۽ روينيو کاتي ۾ گهڙڻ جي توکي اميد آهي، پرنسپال هاٿارن ٿوپٽ کي مون تنهنجا سلام ڏنا، هن به تو کي سلام ڏنا آهن، تون ٻڌي خوش ٿيندين ته تازو هن تنهنجي نسبت ۾ ڊئريڪٽر ڏس سفارش لکي آهي، اميد آهي ته اها اثر واري ٿيندي، آءُ هميشه تنهنجي خوشي ۽ فتحيابي جو ٻڌي خوش ٿيندس.*

مرزا حيرت

--------------------------------------

بمبئي
18- اپريل 1887ع

منهنجا پيارا مرزا قليچ بيگ.

مون کي تنهنجو پهرين تاريخ وارو خط مليو، پر گهڻي ڪم ۽ بيماري جي ڪري اڳڀرو جواب لکي نه سگهيس، ستار هاڻي مون کي پنهنجي لاءِ گهرجي، انهي بابت جيڪا تو تڪليف ورتي آهي تنهن لاءِ آءُ گهڻو احسان مند آهيان، مون تنهنجا سلام پروفيسر هاٿارن ٿوپٽ ۽ آغا خان جن کي ڏنا، انهي به مون کي توڏي سندن لکڻ لاءَ چيو، شايد تو کي ٻڌي ڏک ٿيندو ته انهي ڏينهن هزهائينس آغا خان وفات ڪئي، آءُ زياده ٻئي خط ۾ لکندس، جيڪي اسان جا دوست توکي ملن انهن کي سلام ڏج.*


مرزا حيرت.

-------------------------------------------

بمبي
7- مارچ 1885ع

پيارا، مرزا قليچ بيگ

تنهنجو خط مليو، مهرباني، اسسٽنٽ پروفيسر جي جاءِ لاءِ مون کي سرڪاري خبر ڪا به ڪانهي، پر انهي باب تون پرنسپال ورڊ سورٿ ڏي يا سڌو ڊئريڪٽر ڏي لکي سگهين ٿو، انهي کان تونکي ساري حقيقت معلوم ٿيندي، جي مون کان پڇا ٿي ته آءُ خوشي سان تو کي مدد ڪندس.*


مرزا حيرت.

---------------------------------------

ايلفنسٽن ڪاليج، بمبئي
20- مارچ 1885ع

پيارا مهربان، مرزا قليچ بيگ.

هن ڪاليج ۾ فارسي جي اسسٽنٽ پروفيسر جي مقرر ٿيڻ جو گهڻو امڪان ڪونهي، نڪي مون ئي ڪا اهڙي ضرورت ڏيکاري آهي، پر هاڻ تازو موم ٻه فيلو رکايا آهن، انهن مان هڪڙو ضرور فارسي ۾ بي اي هوندو هو پروفيسر حيرت کي مدد ڪري سگهندو.*


ڊبليو، ورڊ سورٿ.

-------------------------------------


نارفوڪ.
27- ڊسمبر 1888ع

منهنجا پيارا، يعقوب.

مون کي تهنجو 4 ڊسمبر وارو خط مليو پڙهي گهڻو خوش ٿيس ته تنهنجي ننڍڙي ڀيڻ زليخان جي شادي ٿي ٿئي، تو کي خبر آهي ته آءُ هن کي ڏاڍو پيار ڪندو هوس، جو هو ڏاڍي نرم طبيعت جي هوندي هئي، خوشي جي ڳالهه آهي ته هو هڪڙي چڱي درجي واري ماڻهو سان ٿي پرڻجي ۽ خوش رهندي، مون کي اميد آهي ته اهو به چڱو اشراف ۽ نرم دل ماڻهو آهي ۽ هو ٻئي جوڙي ٿي، دنيا ۾ خوش گذاريندا.
اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته مرزا قليچ بيگ نهايت تعليم يافته ماڻهو آهي ۽ پڪ آهي ته هو چڙهي وڏو درجو حاصل ڪندو، باقي هڪڙي ڳالهه آهي ته جنهن هو گهڻو ارمان ٿو ٿئي، منهنجو دوست سندس پيءُ جي هينئر جيئرو هجي ۽ زليخان ي پرڻيل ڏسي ها ته چڱو هو، اڪثر هو مون وٽ اهو انتظار ڪندو هو ته زليخان جو ڪنهن چڱي هنڌ بندوبست ٿئي ۽ هو سکي رهي، شل اوهين سڀ خوش چڱا ڀلا هجو.*


ميجر جنرل، جي، ڊبليو، بيول.

------------------------------


صاحب مهربان من، جي ڊبليو، بيول.

اوهان جيڪو خط مسٽر محمد يعقوب ڏي لکيو هو، تنهن جي لاءَ آءُ پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي زال زليخان جي طرفان جنهن کي هينئر ” خيرالنساءَ“ ٿا سڏيون، شڪر گذاري ٿو ڪريان، منهنجي زال چوي ٿي ته ننڍي هوندي جيڪي مهربانيون اوهين مون تي ڪندا هئو، سي اڃا مون کي ياد آهن ۽ انهن لاءِ آءُ پوري طرح شڪر گذاري ڪري نٿي سگهان، جڏهن ته اوهان هن کي ڏٺو هو، تڏهن هو تمام فرمانبردار ۽ چڱي طبيعت جي آهي ۽ هر طرح منهنجي سنگت جي لائق آهي، مون کي اميد آهي ته جيئن اسين ٻئي عمر ۾ وڏا ٿيندا وينداسين تيئن هڪ ٻئي جي محبت ۽ سنگت ۾ زياده خوش رهنداسين ۽ هن دنيا ۾ چڱي طرح گذاري هليا وينداسين، زليخان انگريزي پڙهي پئي، اميد آهي ته جلد اوهان ڏي انگريزي ۾ خط لکڻ جهڙي ٿيندي.*



اوهان جو نياز مند.

قليچ بيگ.

-----------------------------------------------------

ڪليڪٽر حيدرآباد جو خط ڪمشنر ڏي.
19- جون 1899ع

آءُ هي درخواست ۽ شامل ڪاغذ موڪليان ٿو، درخواست ڪندڙ جي والد، مرزا فريدون بيگ ٻين مسلمانن جي لاءِ مثال ٿي پنهنجن پٽن کي چڱي تعليم ڏني اهي، ۽ سندس پٽن سرڪار جي چڱي نوڪري ڪئي آهي، تنهن ڪري منهنجي سفارش آهي ته هنن کي سڪرنڊ يا بدين تعلقي ۾ پندرهن سئو ايڪڙ زمين جا مالڪاڻي کانسواءِ ملين، آنربل مسٽر جيمس، جيڪو نواب عرضدارن کي سندن درخواست تي ڏنو آهي، تنهن جي پوئين فقري جي بنياد تي اها سفارش ڪجي ٿي.



ايڇ، ايل، ميولس.

-----------------------------------------

ڪراچي
13- آڪٽوبر 1909ع

آءُ مرزا قليچ بيگ جي درخواست پينشن وٺڻ تي زمين ملڻ لاءِ موڪليان ٿو، اوهين پاڻ هن جا ۽ هن جي نوڪري جا بخوبي واقف آهيو، آءُ فقط هيترو چوندس ته آءُ هن جو گهڻ ورهين کان واقف آهيان ۽ هو هميشه محنتي ۽ ايماندار آفيسر ٿي رهيو آهي، هو تمام چڱي چال جو آهي ۽ ”قيصر هن“ جو ٻلو مليل اٿس، مون کي خبر آهي ته هن کي گهڻن قسمن جو خرچ ڪرڻو آهي ۽ هو گهڻي وسعت وارو ناهي، هن تمام چڱي نوڪري ڪئي آهي تنهن ڪري خاص مهرباني ۽ انعام جو لائق آهي.



ايڇ، ايل، ميولس.

-----------------------------------



27- آگسٽ 1887ع
منهنجا پيارا قليچ بيگ.

آءُ لکپڙهه ڍري ڪندو آهيان انهي هوندي به آءُ اوهان جا خط پڙهي خوش ٿيندو آهيان، جو انهي ظرافت آميز هوندا آهن، جهڙي طرح اوهين پنهنجي حياتي گذاريو ٿا، جيئن اوهان جي خطن مان معلوم ٿو ٿئي، تنهن تي ريس ٿي اچي، آءُ به ڀانيان ته اوهان وانگي شهرن جي گوڙ کان پري گوشي ۾ گذاريان ۽ آسپاس جو ملڪ پنهنجهي جاگير ڄاڻان، پر اسان جي مرضي ناهي ته اوهين پنهنجي جواني ۽ طاقت جهنگ ۾ و‎ڃائي ڇڏيو، اوهان جو اهو فلسفو تمام چڱو آهي ته قناعت ۽ توڪل تي ڀروسو رکي، جتي ڪٿي خوش رهجي.

اوهان جو ڪتاب ”دلارام“ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس، ڏاڍي درد ۽ اثر واري ڳالهه آهي ۽ عبادت تمام چڱي ۽ صاف آهي، اوهان جو ”ليليٰ ۽ مجنون“ وارو ڪتاب اوهان جي ڀاءُ مرزا علي قلي اسان کي ڳائي ٻڌايو، جي اهو ناٽڪ ڪري ڏيکاربو ته ماڻهن کي گهڻو پسند ايندو، اوهان جو نئون شعر آءُ مرزا جعفر قلي کان وٺي پڙهندس، ”شڪنتلا“ جو ناٽڪ ڇو نه سنڌي ۾ ترجمو ڪريو؟*



هيرانند.

-------------------------------

ڪراچي.
27- جولاءِ 1872ع

مرزا قليچ بيگ کي ٿوري وقت لاءِ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ فارسي، پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪجي ٿو، انهي لاءِ هن کي چاليهه رپيا پگهار ملندو.-



اي، ايم، ايڇ، فلٽن.

ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر سنڌ.

-------------------------------


ڪراچي،
31 ڊسمبر 1872ع

پيارا قليچ خان.

ميٽريڪيوليشن امتحان ۾ پاس ٿيڻ ۽ ايليس پرائيز کٽڻ جي آءٌ تون کي مبارڪ ٿو ڏيان، آءُ ٻڌي خوش ٿيو آهيان ته ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو آهين، اميد ٿو ڪريان ته تون به پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي وانگي چڱي تعليم حاصل ڪندين، آءُ تنهنجي خير عافيت ٻڌي هميشه خوش ٿيندس، مون سرڪاري طرح تو ڏي لکيو آهي ته توکي هڪڙي سنڌ اسڪالر شپ، ويهين رپين پگهار جي ملندي رهجي.*



اي، ايم، ايڇ، فلٽن.

------------------------------


بمبئي، ايلفنسٽن ڪاليج.
22- اپريل 1872ع

پيارا مسٽر صادق علي.

اوهان کي خبر هجي ته ڪاليج جي پروفيسر جي راءِ موجب اوهان جي ڀاءُ مسٽر قليچ خان جي چال چڱي رهي آهي، ۽ ترقي به چڱي ڪئي اٿس ۽ برابر حاضر رهيو آهي.*


ڊبليو، ورڊ سورٿ.

پرنسپال.

---------------------------

[b]ڪتاب بابت ڪاميٽي جي راءَ
[/b]
حيدرآباد
27- مئي 1879ع

اسان مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”مقالات الحڪمت“ ”بيڪنس ايسز“ جو ترجمو سڄو چڪاسي ڏٺو آهي، ترجمي ڪندڙ نهايت مشڪل ڪم ڪيو آهي ۽ تعريف جوڳو ترجمو ڪيو اٿس، انهي ۾ شڪ ڪونهي ته اهو ڇاپائڻ جو لائق آهي.*


ريو رنڊ- جي، شرٽ.

غلام علي آخوند.

تارا چندر شوقيرام.

--------------------------------------------

11- آگسٽ 1891ع

پيار قليچ بيگ.

”لئمبس ٽيلس“ جو جيڪو اوهان ترجمو ڪيو آهي، سو مون پسند ڪيو آهي، مهرباني ڪري خبر ڏجو ته انهي جو حق اوهين ڇهن سون رپين تي سرڪار کي وڪڻي ڏيندو يا نه؟*



ايڇ، پي، جيڪب.

----------------------------------------


1- سيپٽمبر 1881ع


يارا قليچ بيگ.

مون کي اوهان جو ننڍڙو ڪتاب ” سيرورس“ مليو جڏهن اوهين سنڌين ۽ ” سنڌ نيوز“ اخبار ۾ شعر وجهندا هئو، تڏهن آءٌ ڪاليج ۾ تازو داخل ٿيو هوس، مون کي ياد آهي ته هنن شعرن مان ڪي مون انهن اخبارن ۾ پڙهيا هئا، پر تڏهن مون کي خبر نه هئي ته اها اوهان جا آحن، اهي تعريف جوڳا آهن، سنڌ کي اوهان تي فخر ڪرڻ گهرجي، ڪنهن وقت منهنجي دل ۾ به ايندو هو ته انگريزي ۾ شعر لکان، پر ڪنهن دوست مون کي صلاح ڏني ته ماڻهو پنهنجي مادري زبان ۾ شاعر ٿي سگهندو، تنهن ڪري مون انهي مشغولي ۾ وقت نه لڳايو، جيئن اوهان ڪيو آهي، پر اوهان کي انهي ڪم ۾ به دسترس آهي، مون کي ته سنڌي ۾ هڪڙي مصرح لکڻ جو به وقت ڪونهي ۽ سنڌي شعر جي قانونن جي ڪا به خبر ڪا نه اٿم، جي قدرداني ڪندو آهيان، ليڪن چوندو نه آهيان.*


ڏيارام گدومل.

-------------------------------------


[b]ريورنڊ جارج شرٽ جي مون بابت راءِ
[/b]
حيدرآباد
16- سيپٽمبر 1880ع

آءُ مرزا قليچ بيگ ۽ سندس ڪٽنب جو ڏهن ورهين کان بخوبي واقف آهيان ۽ هن جي ۽ هن جي خاندان جي عزت ۽ آبرو بابت خاطري ڏئي سگهان ٿو، آءُ هن جي ترقي جي پوري جاچ رکندو آهيان، سنڌ ۾ مئٽريڪيوليشن ۾ ”ايليس پرائيز“ به کنيائين ۽ بمبمئي ۾ پهريون بي اي به پاس ڪيائين، پر هن جو علمي مايو انهي کان گهڻو وڌيڪ آهي، هو چڱي طبيعت جو، شرافت واور ۽ چڱي چال جو آهي، تنهن کانسواءِ گهڻي سمجهه وارو آهي.*

جارج شرٽ.

----------------------------------


[b]ريورنڊ شيلڊن جي مون بابت راءِ
[/b]
ڪراچي.
17- سيپٽمبر 1880ع

آءُ گهڻي خوشي سان چوان ٿو ته آءُ مرزا قليچ بيگ کي ٻن ورهين کان سڃاڻا ۽ هن جي خانداني شرافت ۽ چڱي چال جي شاهدي ڏئي سگهان ٿو، هن جي آئيندي جي فتحيابي جو ٻڌي آءُ گهڻو خوش ٿيندس، ڇا لاءِ جو مون کي يقين آهي ته هو نه فقط هوشيار آهي پر محنت جهڙيون عادتون اٿس، جي هن کي وڏن عهدن جو لائق ڪنديون.*



جي شيلڊن

---------------------------------------

[b]ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر جو خط ڪمشنر ڏي
[/b]
15- آڪٽوبر 1880ع

هي درخواست ڪمشنر صاحب ڏي موچاري ويچار لاءِ موڪلجي ٿي، درخواست ڪندڙ چڱو تعليم يافته ۽ شريف ماڻهو آهي ۽ تعيلم کاتي ۾ نو مهينا ڪراچي هاءِ اسڪول جو پرشن ٽيچر ٿي رهيو آهي، هن پنهنجو ڪم تمام چڱي طرح ڪيو آهي ۽ آءُ ڀانيان ٿو ته روينيو کاتي ۾ هو ڪمائتو ٿيندو. هن مئجسٽريٽي امتحان پاس ڪيو آهي.*

ٽي. هارٽ ڊيويز

--------------------------------

[b]ڪرنل والس ڪليڪٽر جي مون بابت راءِ
[/b]
ڪراچي.
17- سيپٽمبر 1880ع

آءُ هڪ سال کان وڌيڪ مرزا قليچ بيگ جو واقف آهيان هو چڱي ڪٽنب جو آهي ۽آ چڱي تعليم مليل اٿس ۽ شريف خانداني ماڻهو آهي، هن مئجسٽريٽي امتحان پاس ڪيو آهي، ۽ چوڏهن يا پندرهن مهينن کان ڪوٽڙي ۽ ڪراچي جي مختيار ڪارن جي ڪچهرين ۾ ڪم پئي سکيو اٿس.*



ڪرنل آر، والس.

ڪليڪٽر ڪراچي.

-------------------------------------------------


[b]اسسٽنٽ ڪمشنر جو خط، شڪارپور جي ڪليڪٽر ڏي.
[/b]
ڪراچي.
2- نومبر 1880ع

آءُ مرزا قليچ بيگ جو اوهان سان تعارد ڪرايان ٿو، جنهن بابت ڪمشنر صاحب ڌار اوهان ڏي سرڪاري طرح لکيو آهي، آءُ ڀانيان ٿو ته اوهان هن کي پسند ڪندو ۽ هن کي ٿوري وقت لاءِ هيڊ منشي ٿي ڪم سکڻ جو چڱو وجهه ڏيندو، هو بهتر جاءِ ڇڏي ايڏانهن ٿو اچي ۽ هن سان انجام ڪيو ويو آهي ته جي هو جلد ڪم سکندو ۽ چڱو ڪم ڪندو ته کيس مختيار ڪار ڪيو ويندو آءُ ڀانيان ٿو ته ڪي ٿورا شريف ماڻهو انهي عهدي لاءِ هٿ ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ هي شخص ۽ هن جا مائٽ بيشڪ شريف ماڻهو آهن ۽ خانداني آهن*


ا. س. ڪ. آليونٽ

------------------



ڪراچي

30- آگسٽ 1883ع

پيارا مسٽر قليچ بيگ.

مس فاسيٽ جي ڪتاب ”دستور المعاش“ جي ترجمي جي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ آءُ اوهان جو شڪر گذار آهن، انهي ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ مشڪل ڪم هو جو اوهان ڪيو آهي ۽ ڪميٽي جا ٻيا سڀئي ميمبر به مون وانگي ڄاڻن ٿا ته جهڙيون اوهان اهي مشڪلاتون حل ڪيون آهن، تهڙو ٻيو نه ڪندو، چڪون ۽ عيب ڪڍڻ آسان ڪم آهي، پر اسان جو مطلب ته اوهين انهي تي آخرين نظر گهمائي وڃو، هاڻي اوهان ائين ڪيو آهي ۽ هاڻِي آءُ اوهان جي شڪر گذاري ٿو ڪريان ته اوهان هو مشڪل ڪم ڏاڍي هوشياري سان ڪيو آهي، اهو ڪتاب سنڌي ٻولي جي ڪتابن جو تعداد وڌائيندو ۽ گهڻو ڪمائتو ٿيندو.



ايڇ، پي، جيڪب

ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

------------------------------------------------


[b]اسسٽنٽ ڪليڪٽر، روهڙي جي رپورٽ جو انتخاب
[/b]
سن 1888ع

گهوٽڪي جي مختيار ڪار، مرزا قليچ بيگ جي ڪم جي تعريف ڪرڻ ۾ مون کي گهڻي خوشي ٿئي ٿي، هن پنهنجو وڏو تلقو تمام چڱي طرح هلايو آهي ۽ مئجسٽريٽ ڪم ۾ تعريف جوڳو نالو ڪڍيو اٿس، انهي جي ثابتي هي آهي ته مون اپيل ۾ هن جا ڪيس جاچي ڏنا آهن ۽ مون کي ڪيتريون عريضيون پئي ٿيون آهن جن ۾ ماڻهن خواهش ڏيکاري آهي ته سندن ڪيس هن ڏانهن هلائڻ لاءِ موڪلجن.*



آر، اي، ايل، مور.

-------------------------------------

ڪراچي.
28- آگسٽ 1911ع

منهنجا پيارا، مرزا قليچ بيگ.

مسٽر نارٽن بير سٽر، جو هئينر مير صاحبن وارو ڪيس پيو هلائي، تنهن خواهش ڏيکاري آهي ته اوهان هن کي پنهنجو هڪڙو سنڌي جي تاريخ وارو ڪتاب تحفي طرح ڏيو، هو چوي ٿو ته آءُ فقط انهي ڪتاب جي هڪ نسخي هٿ ڪرڻ لاءِ خواهشمند ناهيان، جو اهو آءُ آساني سان پئسا ڏئي وٺي ٿو سگهان، پر منهنجي مرضي آهي ته مصنف پاڻ اهو مون کي تحفو ڪري ڏئي، مون چيو اٿس ته آءُ اوهان ڏي انهي بابت لکان ٿو، تنهن ڪري مهرباني ڪري اوهين اهو ڪتاب هن ڏي موڪلي ڏيو ۽ انهي تي پنهنجي هٿ سان لکو ته هي تحفو ڪري موڪليو ويو.*



هرچندراءِ وشنداس.

-------------------------------------------


ڪراچي
11- سيپٽمبر 1911ع

صاحب مهربان من.

آءُ اوهان جي مهربان ٿو ڄاڻان جو اوهان پنهنجي سنڌ جي تاريخ جا ٻه جلد مون کي تحفي طور ڏنا آهن، انهي جو قدر هتي ميرن جي ڪيس هلندي ظاهر ٿيو، مون انهي بابت ٿورو ڏاڍي خيال سان پڙهيو آهي ۽ پسند ڪيو آهي، بيشڪ آئيندي به اهو مون کي گهڻو ڪمائتو ٿيندو، اوهان پنهنجي هٿ جو انهي جي پهريئن صفحي تي اکر لکيا آهن، تنهن ڪري انهي جي قميت اڳي کان زياده ٿي آهي.*


اردلي مارٽن.

-------------------------------------------


ڪنڊيارو.
24- فيبروري 1899ع

آءُ اوهان کي ياد ٿو ڏياريان ته اوهين زناني ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد جي سڌاري ۽ نظرداري جي لاءِ مقرر ٿيل صلاحڪار ڪائونسل جا ميمبر آهيو، جا ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر کي مدد ڏيڻ لاءِ آهي، مون کي اميد آهي ته جيترو وڌيڪ انهي ۾ حاضر ٿي سگهو اوترو بهتر آهي، نه ته به جن ڳالهين بابت انهي جو سڌارو ڪرڻو آهي ۽ جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، تن جو اوهين تاڪيد رکندو، اميد آهي ته اهڙي مدد جي اوهين مون کي خاطري ڏيندو.*


ايس، ايڇ، ڪورنٽن.
ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

---------------------------------------------


منهنجا پيار، مرزا قليچ بيگ.

تون پڪي طرح ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو آهين، تنهن لاءِ آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان، انهي ڪري آءُ گهڻو خوش ٿيو آهيان، مون کي پڪ آهي ته ٻيا آفيسر به جن مون وانگي تنهنجي سفارش مٿي سرڪار ۾ ڪئي آهي سي ائين ڪرڻ کان پشيمان نه ٿيندا.*

آر، جائسل.

ڪمشنر.

--------------------------------------------


17- جنوري 1898ع

اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته اوهان ”چچ نامو“ ۽ ”سنڌ جي تاريخ“ جا ڪتاب لکيا آهن تن جو ٻڌي اسين گهڻو خوش ٿيا آهيون، اسان خوشي سان اهي پنهنجي سرڪاري ڇاپخاني ۾ مفت ڇپائينداسين، فقط پنجاهه ڪاپيون آفيسرن کي وراهي ڏيڻ لاءِ وٺنداسين.*



ايڇ، اي، ايم، جيس.
ڪمشنر.

-----------------------------------------


آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان جو تون پنهنجو فراغت جو وقت چڱي ڪم ۾ ٿو لڳائين، مون کي خبر آهي ته تنهنجي عهدي واري آفيسر کي فرصت جو وقت تمام ٿورو ملي، مون کي اميد آهي ته ٻيا به تو وانگي ڪندا.*


ايڇ، اي، ايم، جيمس.

-------------------------------------------

پيارا قليچ بيگ

سرڪار جي حڪم نمبر- هيٺ جيڪا ڪميٽي مقرر ٿي آهي تنهن ۾ اوهان جي ميمبر ٿيڻ جي مرضي آهي يا نه، تنهن بابت پڇا ڪرڻ لاءِ حڪم ٿيو آهي، مهرباني ڪري جلد خبر ڏجو ته انهي جو ميمبر ٿي، سرڪار کي مدد ڪرڻ لاءِ اوهان جي خواهش آهي يا نه ؟*


اي، جائسل.

ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن.

-------------------------------------------


برائٽن.
12- ڊسمبر 1902ع

پيارا قليچ بيگ.

نئين سال جي مبارڪبادي لکندي دعا ٿو ڪريان ته شل اهڙا گهڻا ڏينهن تون ڏسين، آءُ اميد ٿو رکان ته تون خوش چڱو ڀلو پيو گذارين ۽ تنهنجا عزيز خويش ۽ واسطيدار سڀ خوش آهن.*


ڪرنل الفريد ميهو.

-----------------------------------------------

8- جنوري 1906ع

پيارا مرزا قليچ بيگ

نئين سال جي لقبن ۾ توکي جا آبرو ملي آهي، تنهن جي آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان، اڪثر سنڌ کي اهڙي گهڻي آبرو نه ملندي آهي، پر مون کي انهي ڪري خوشي ٿي آهي ته انهن ٿورن نصيب وارن مان تون به هڪڙو آهين.*



ايڇ، ايل، ميولس.

-----------------------------------------


ڪراچي
5- جنوري 1906

منهنجا پيارا، مرزا قليچ بيگ.

منهنجي مبارڪ قبول ڪجو، آءُ ڏاڌو خوش ٿيو آهيان جو اوهان کي ”قيصر هند“ جو ٻلو مليو آهي منهنجي ڪنهن دوست مون کي چيو ته ”عمر خيام“ جي رباعين جو ترجمو جيڪو اوهان ڪيو آهي سو هڪڙو ئي اوهان کي انهي آبرو جو حقدار ڪري ٿو، اوهان جا ٻيا لکيل سنڌي ڪتاب ته کڻي ڇڏيو آءُ اوهان کي نئين سال جي به مبارڪ ٿو ڏيان، ۽ دعا ٿو ڪريان ته اها جيڪا عزت هند جي شهنشاهه اوهان کي ڏني آهي، سا شل اوهين گهڻا گهڻا ورهيا ماڻيو.*


ڊبليو، اين، رچرڊسن.

------------------------------------------

ڪراچي.
10- نومبر 1882ع

منهنجا پيارام مرزا قليچ.

اوهان جي خط جي نسبت ۾ مون کي بشپ جو جواب آيو آهي جو جنسي آءُ موڪليان ٿو، مهرباني ڪري اهو هٿو هٿ موٽائجو، مون کي پڪ هي ته اها شادي ڪڏهن به ڪين ٿيندي، ڪنهن به طرح وڏي اختياري واري جو جواب هاڻي اوهان کي ملي، زياده سلام.*



جي، بيمرج.

--------------------------------------------


سچو نقل بشپ جي خط جو

منهنجا پيارا مسٽر بيمبرج.

جيڪو خط اوهان مون ڏي موڪليو هو ۽ آءُ موٽايان ٿو، انهي جهڙو درد انگيز خط مون اڳي ڪڏهن به نه پڙهيو آهي، انهي مان معلوم ٿو ٿئي ته حضرت عيسيٰ جي خدائي، دائم قائم بادشاهت ۽ چرچ جي قاعدن جي نهايت گهني بيقدري ۽ بي ادبي ڏيکاري ويئي آهي، جو شخص حضرت عيسوع کي خدا جو پٽ ۽ سڀ شي جو وارث ڪري نٿو مڃي، تنهن سان شادي جهڙو ميلاپ رکڻ جھڻ ته ڪافر سان شادي ڪرڻي آهي، ۽ نهايت بي ايماني جو ڪم آهي، ڪو به پادري ڄاڻي ٻجهي يا اويسائي ۾ اهڙي شادي ڪرڻ نه ڏيندو، اهو پنهنجي دل جي خيالي خوشي يا ناخوشيص تي هلڻو آهي، پر حقيقت ڪري خدا جي بادشاهت جا دائم قائم قاعدا ڀڃڻا آهن، پادرين کي انهي جي سخت نظر ڪرڻي آهي ۽ اهڙو نازڪ قانون ڀڃڻ اهڙو آهي، جهڙو زنا ڪرڻ.*

وي، لاهور.

------------------------------------------


[b]ريونڊ شيپرڊ جو خط مير عبدالحسين خان ڏي.
[/b]
حيدرآباد.
14- آڪٽوبر 1882ع

يوئر سائينس! اوهان جي خط جو جواب ۾ لکجي ٿو ته اهو سوال ته مسلمان ۽ ڪرسچن جي شادي ٿي سگهي ٿي يا نه، سو ٿورا ڏينهن ٿيا ته اٿيو هو ۽ منهنجي جاءَ تي جيڪو پادري صاحب اڳي هو، تنهن کي بمبئي جي وڏي پادري کان انهي بابت حڪم مليو هو ته اهڙي شادي جي منظوري نه ڏئي، جيڪڏهن اوهان جو دوست ۽ جنهن عورت سان هو شادي ڪرڻ ٿو گهري، سي جي مسلماني شرع موجب نه پر ڪرسچن رسم موجن شادي ڪن، ته حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي روبرو، سول نڪاح وجهائي سگهن ٿا.*



ٽي، سي شيپرڊ.

--------------------------------------------

26- جنوري 1885ع

پيارا مسٽر مرزا قليچ.

اوهان جو 21 مارچ وارو خط مليو کي ڪالهه مليو، انهي جي لاءِ آءُ اوهان جو شڪر گذار آهيان، مون کي افسوس آهي ته اوهين پنهنجي شادي جو ڪو به بندوبست ڪري نه سگهيو، جنهن ڇوڪري سان اوهان جي ايتري محبت هئي تنهن کي ڇڌڻ ڪري اوهان کي گهڻو درد رسيو هوندو، تڏهن به هيترو چوندس ته مسٽر مري جهڙي سهري سان اوهان کي گذارڻ مشڪل ٿئي ها، اميد آهي ته وري پاڻ جلد ملنداسين، زياده سلام.*



اوهان جو دوست، جارج شيپرڊ.



--------------------------------

سورت.
10 ڊسمبر 1906ع

پيارا قليچ بيگ.

تو کي ڪا خدائي قابليت آهي، جيڪو ڪم تو ڪيو آهي سو مون کي شرمندو ٿو ڪري، آءُ پنهنجو فرصت جو وقت سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر نه ايتري قدر جيترو تون ٿو ڪرين، انهي ڳالهه ۾ تون اسان سڀني کان گوءِ گڻي ويو آهين، شل تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين! پر جي تون اڳي وئين ته آءُ تنهنجي محنت جو ڦل جهان جي اڳيان رکندس.*



ڏيارام گدومل.

--------------------------------------------


[b]لنڊن جي سوسائٽي جو مون ڏي خط.
[/b]
لنڊن.

مهربان من،

لنڊن جي ”سوسائٽي آف آرٽس“ جي ڪائونسل جي طرفان آءُ پڇان ٿو ته اوهين اجازت ڏيندو يا نه ته اوهان جو نالو ان جي مددگارن جي ياداشت ۾ شامل ڪريون، جيڪڏهن اوهين انهن کي مدد ڪرڻ گهرو ته مون کي اطلاع ڏجو ته اوهان کي چونڊ ڪرڻ جو ضروري بندوبست ڪيو وڃي.*



ايڇ، ٽرومن ووڊ.

سيڪريٽري.

------------------------------------------

لنڊن.

11 جولاءِ 1906ع

منهنجا پيارا قليچ بيگ.

اوهان جو 12 جون وارو خط مون کي مليو، اوهان جي مهرباني ٿو مڃان، آءُ اڃا نه هندستان جي مسلمانن جي سڌاري ۽ ترقي جي احوال لکڻ ۾ مشغول آهيان، انهي ۾ مون کي گهڻو وقت لڳو آهي، جو گهڻي ڪم ڪندي فرصت جي وقت ۾ ٿو لکان، في الحال آءُ ”شرع محمدي“ جي ٻئي جلد جي ٽئين ايڊيشن جي تياريءَ ۾ آهيان، جو اهو ڇپائيندڙن وٽان کپي ويو اهي، انهي جي پوري ڪرڻ کانپوءِ آءُ هڪڙي تاريخي احوال ۾ هٿ وجهندس.*



اوهان جو خير خواهه.

امير علي.

-----------------------------------



ڪراچي ڪرانيڪل اخبارن مان انتخاب

1906ع

شهنشاهه جي پوئين سالگرهه واري ڏينهن ڪراچي ۾ سرڪاري گهر ۾ ڪهڙو جلسو ٿيو هو، اتي مسٽرينگ هسبنڊ ڪمشنر، هيٺين صاحبن کي آبرو جا تمعا ڏنا، جن هنن کي گذريل نوروز جي موقعي تي ملياهئا، تقرير ڪندي ڪمشنر صاحب، اسان جي ٻن ناميارن مرزائن جي نسبت ۾ هيئن چيو........ انهي کانپوءِ آٽ ڪوٽڙي جي ڊيپوٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جو نالو پيش ٿو ڪريان، جنهن کي ”قيصر هند“ جو ٻلو مليو آهي، هو قابل ايماندار ۽ آزمود گار سرڪاري نوڪر آهي، شايد هو علميت جي ڪم ۾ انهي کان به زياده نالي وارو آهي، (تاڙيون) اصل ڪتاب به لکيا اٿس ۽ گهڻا قديم فارسي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس، جن مان هڪڙو سنڌ جي تاريخ آهي.

مرزائن جو خاندان اصل جارجيان جو آهي، انهن جي هڪڙي عجيب تاريخ آهي هو پنهنجي قديم عزت هن پيڙهي تائين قام رکندا آيا آهن، انهن مان آءُفقط انهن ٻن جو ذڪر ڪندس، جن کي اڄ آبرو جا نشان ملڻا آهن، ٻيو آهي مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي جو ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ ٿورا ڏينهن ٿيندس جو پينشن ورتي اٿس، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهو پهريون سنڌي مسلمان هو جو بي اي ٿيو انهي جي ڪوشش سان سنڌ ۾ تعليم جو گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو آهي، اها هڪڙي نه دل شڪني ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته مرزا صادق علي بگ جهڙو ماڻهو جو نهايت قابل آهي ۽ جنهن تمام چڱي نوڪري ڪئي آهي، تنهن کي فقط ”خانصاحب“ جو لقب ملي ۽ گهٽ لياقت وارن کي ”خانهادر“ ۽ ” راءِ بهادر“ ڪيو وڃي، مقابلي ڪرڻ مان نفرت پيدا ٿيندي آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن انهي جي ضرورت ٿي ٿئي.*

----------------------------------

سملا

1- اپريل

منهنجا پيارا مرزا.

”برنس فارن بائيبل سوسائٽي“ جو سيڪريٽري اوهان ڏي نئين ڇاپيل ”بائيبل“ جو هڪڙو نسخو موڪلي ٿو ۽ اميد ٿو رکي ٿه اهو اوهين قبول ڪندو، ”انجيل“ جي ترجمي ڪرڻ ۾ اوهان جيڪا مدد ڪئي آهي تنهن جي احسانمندي مڃڻ جي اها هڪڙي معمولي نشاني آهي، ”بائيبل سوسائٽي“ مناسب انعام يا اجورو ڏيڻ گهر ٿي، جو اميد آهي ته اوهين قبول ڪندو، پر جي علم ۽ مذهب جي نظر تي اوهان مفت ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ته سوسائٽي انهي جي گهڻي قدرداني ڪندي ۽ شڪر گذار رهندي، اوهان جي خوشي ۽ خير عافيت جي لاءِ دعا ٿو ڪريان.*

جوزيف ريڊمن.

------------------------------------



[b]ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر جو مون ڏي خط
[/b]
حيدرآباد.

02 سيپٽمبر 1908ع

پيار مرزا.

آءُ هاڻي حيدرآباد ۾ آهيان ۽ ٻيو هفتو به اتي هوندس، ڪو ضروري ڪم ڊئريڪٽر ۽ سرڪار جي پيش آهي، تنهن جي نسبت ۾ مون کي انتظار آهي ته تو کي ڏسان، ڪنهن ڏينهن اوهين مون کي هٿ اچي گڏجي سگهندو يا نه ؟ جيئن اڳڀيرو تئين چڱي، جي اچي سگهو ته مهرباني ڪري مون کي انهن ڏينهن ۽ وقت جو اطلاع ڏجو، ته آءُ اوهان جي لاءِ منتظر رهان.*



اي، جي، رائيٽ.

-----------------------------------

1908ع

اوهان کي خبر هجي ته سرڪار اوهان کي نون درجي وارن سنڌي ڪتابن جي اصلاح ڪرڻ واري ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي، ڊئريڪٽر مون ڏي لکيو آهي ته اوهان جي شڪر گذاري ڪريان، جو اوهان سواءِ اجوري جي اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو آهي.*



اي، جي، رائيٽ.

---------------------------------------------

[b]”سنڌ گزيٽيئر“ جلد الف، مان انتخاب.
[/b]
سرڪار انگريزي ذريعي سان سنڌ ۾ تعليم شروع ڪئي، تنهن جي ڪري گهڻ قسمن جا ڪتاب لکجڻ ۾ آيا آهن، گهڻا مڙيوئي اسڪولن جي ڪم جا ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما آهن، مگر سنسڪرت ۽ فارسي ڪتابن جو مضمون به سنڌي روپ ۾ آندو ويو آهي، جو تمام ڪمائتو ٿيو آهي، انهي طرز تي خاص طرح مرزا قليچ بيگ تمام گهڻا ڪتاب لکيا آهن، جي اصل آهن ۽ انهي کانسواءِ ”چچ نامو“ ۽ ”سنڌي جي تاريخ“ انگريزي ۾ لکڻ سان جي سنڌي نٿا ڄاڻن، تن تي وڏو احسان ڪيو آهي.*



------------------------------------



[b] ڪراچي جي هڪڙي اخبار مان انتخاب
[/b]
اسان کي هڪڙو انگريزي شعر جو ڪتاب مليو آهي، جو مرزا قليچ بيگ، نصير آباد جي مختيارڪار جو لکيل آهي، مسٽر مرزا جياها قابليت تعريف جوڳي آهي، جو روينيو ۽ مئجسٽريٽ جهڙي ڪم ڪندي شعر ٺاهن لاءِ فرصت هٿ ڪري سگهيو آهي، جيڪي شعر اسان جي آڏو آهن تن ۾ اونهي تخيل ۽ نازڪ خيالي جا نشان معلوم ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن مصنف کي شعر جي استعمال جو پورو وقت ۽ وجهه هجي ته جيڪر تمام چڱو شعر لکي، مرزا قليچ بيگ جي سنڌي شعر ۾ ايترو ميٺاج، رواني ۽ جادو جهڙو اثر آهي جو انهي جو سنڌين کي گهڻو قدر پوي ٿو ۽ هو انهي جي تعريف ڪن ٿا، هن جا بيت ۽ ڪافيون اتر سنڌ ۾ اهڙيون عام آهن جو ٻهراڙي جا ماڻهو شوق سان ڳائيندا وتن!

مرزا قليچ بيگ سنڌي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ نهايت قابل آهي، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن جهڙو تعليم يافتو ۽ سڌريل مسلمان سنڌ ۾ ڪو مشڪل هوندو،انهي هوندي عجب جي ڳالهه آهي ته مسٽر ارڪسن ڪمشنر کي شڪ هو ته مرزا قليچ بيگ پوري طرح انگريزي نٿو ڄاڻي انهي جو سبب به ظاهر آهي، مرزا قليچ بيگ ڏيک وارو ماڻهو نه آهي هو سچو سنئون ۽ آزاد طبع ماڻهو آهي، ۽ خوشامد کي سخت ڌڪاريندو آهي، هن ۾ اهي حرڪتون ۽ ٺڳيون ڪينهن جي گهڻ سرڪاري نوڪرن ۾ عام آهن، جن سان هو پنهنجن بالا آفيسرن جي ڌيان تي پنهنجا ڪم ٿا آڻين ۽ پنهنجو فائدو حاصل ٿا ڪن، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري مرزا قليچ بيگ کي اوجهڙ جاءِ تي ڇڏي ڏنو اٿن، جتي هوگمنام رهي ۽ سندس ٻيا هم مذهب، جي گهٽ لياقت وارا ۽ زياده لالچ وارا آهن، تن تي سرڪار جي خاص مهرباني ٿيندي رهي، اسان کي اميد آهي ته اختياري وارا آفيسر هن قابليت واري مرزا صاحب جي سچي محنت ۽ لياقت جي ڦدرداني ڪندا.*



------------------------------------


[b]ڪراچي جي ”سنڌ گزيٽ“ اخبار مان انتخاب
[/b]
هڪڙو فاضل يورپين نامه نويس لکي ٿو ته ” عمر خيام“ جي رباعين جو جيڪو انگريزي ترجمو فٽز جيرالڊ ڪيو آهي، تنهن جي قدرداني ڏسي مرزا قليچ بيگ ٻين فارسي شاعرن جي رباعين جو شعر ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڇاپايو آهي، جن ماڻهن ايران ۾ پير رکيو آهي تن کي خبر هوندي ته اتي گهڻن ته ”عمر خيام“ جو نالو ئي نه ٻڌو هوندو ۽ ”سعدي“ ۽ ”حافظ“ ۽ ڪن ٻين شاعرن جا نالا گهرن ۾ عام آهن، انهي مان ئين سمجهڻ نه گهرجي ته مرزا قليچ بيگ سڀني قديم شاعرن جو ڪلام انگريزي رباعين ۾ آندو آهي، انهي وڏي ذخيري جي لاءِ هن کي هڪڙو ڪتاب نه پر سارو ڪتبخانو ڪڍڻو ٿيندو، هن اسان کي ڪن ٿورن شاعرن جو شعر ٻڌايو آهي، اگرچه گهڻن مشهور پارسي شاعرن جا نمونا ٻڌائي ويو آهي، انهي هوندي به بيشڪ هن سچا هيرا ۽ جواهر گڏ ڪيا آهن ۽ انهن جو ترجمو ڪيو اٿس، سچ آهي ته منجهس سراسر رواني ڪانهي، ڪٿي ڪٿي فٽر جيرالڊ وارو تجلو ظاهر ڪري ٿو، ليڪن هن جو شعر اڪثر ڀرپور ۽ وهندڙ آهي، فقط ڪن ٿورن هنڌن تي رواجي آهي، مگر ايترو صاف ظاهر آهي ته انگريزي ٻولي ۾ اعلي شعر تي هو عامل آهن، ڌاري ٻولي ۾ هڪڙو مسلمان سرڪاري نوڪر، هڪڙو شعر لکي، تنهن مان هڪڙو وڌيڪ ثابتي انهي ڳالهه جي ملي ٿي ته مسلمانن جي باري ۾ هن جو اڪثر چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي گهڻي قابليت ۽ ذهن وارا نه آهن، سا ڳالهه درست نه آهي.*

------------------------------


[b]”فينڪس“ اخبار مان ورتل
[/b]
هتي سنڌ ۾ تعليم يافته ماڻهن سنڌي ٻولي جي سڌاري يا ڪتابن لکڻ ۾ ڏاڍي غفلت ڏيکاري آهي ۽ سجاڳ ٿيڻ جي منجهن ڪا به نشاني ڪانهي، انهي ڳالهه جو گهڻو ارمان آهي، پر انهن ۾ فقط هڪڙو ماڻهو آهي جو اهڙو ناهي، اهو آهي مرزا قليچ بيگ، سٽي ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو جڏهن اڃا نوڪري ۾ هو تڏهن به مسٽر وٽ وانگر، آفيس جي ڪم کان واندي ٿيڻ کان پوءِ ڪتابن لکڻ جي مشغولي رکندو هو، هينئر جڏهن ٿڪائيندڙ نوڪري پوري ڪرڻ کانپوءِ آرام ۾ رهي ٿو، جنهن جو حقدار به آهي، تڏهن به اهو علمي ڪم زياده شوق سان ٿو ڪري ۽ فرصت جي وقت ڪتاب پيو لکي، اڳي ئي گهڻا سنڌي ڪتاب لکيا اٿس، جنهن ڪري سنڌي مصنفن ۾ نالو ڪڍيو اٿس، پر جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو وڃي تيئن سندس شوق به زياده ٿيندو وڃي، انهي ڪري اسان کي اميد ٿي رهي ته هن کانپوءِ به هو وڌيڪ ڪتاب لکندو رهندو، سندس پوئين تصنيف آهي ۽ جنهن جو نالو ”آزار مان آرام“ آهي انهي ساڳئي مصنف جو اهو ٻيو ڪتاب آهي جو مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪيو آهي، اسان کي يقين آهي ته هن جو اهو ڪتاب ماڻهو گهڻي شوق سان پڙهندا.* 1913ع


---------------------------------------


[b] بمبئي سرڪار جو ليٽر منهنجي نالي.
[/b]
بمبئي
24- جولاءِ 1914ع

پيارا مرزا.

آءُ هدايتن موجب سرڪاري حڪم اڄوڪي ٽپال ۾ اوهان کي موڪليان ٿو جنهن مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ”گورنر ان ڪائونسل“ اوهان کي انهي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي نسبت ۾ ويچار ڪرڻو آهي.*

جي، ايل، ريو.

سيڪريٽري.

------------------------------------

[b] ڪراچي جي ”نيوٽائيمس“ اخبار مان انتخاب
[/b]
21- جولاءِ 1817ع

هاڻوڪي سنڌ جي شاعرن مان مرزا قليچ بيگ اسان کي ڪي شعر ڏنا آهن، جن ۾ سچي شاعر واري طاقت رکيل آهي، ناٽڪ جو ڪم شايد هن جي طبيعت موافق نه آهي، هن جا ناٽڪ اڪثر ترجما آهن، ۽ انهن ۾ هيڏي هوڏي راڳ پکڙيل آهي، هن جي ڪن شعرن ۾ قديم صوفي شاعرن جي خوشبو آهي، جڏهن ته محبت جي جدا جدا صورتن جو ذڪر ٿو ڪري، تڏهن تمام عمدا خيال ظاهر ٿو ڪري، هو رڳو لفظن جو آڻيندڙ نه آهي پر دل به اٿس، پاڻ محبت ڪئي اٿس ۽ سخت دل واري حسن سان، خيالي پرن سان اڏامي ملاقات ڪئي اٿس.*

--------------------------------------

[b]”انجمن اسلام “ لاڙڪاڻي جي مون کي ڏنل ائڊريس
[/b]
مدرسه هال.
8- نومبر 1915ع

اسين پريزيڊنٽ ۽ ميمبر ”انجمن اسلام“ لاڙڪاڻي جا هن شهر جي مسلمانن طرفان اوهان جا شڪر گذار آهيون، جو اوهان اسان کي اجازت ڏني آهي ته اسين شهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي اوهان جي مرحبا ڪريون ۽ اوهان کي جيڪي دل ۽ دماغ جون عجيب طاقتون خدا تعاليٰ عطا ڪيون آهن ۽ جي انهي جي هدايت سان اوهان خلق جي فيض ۽ فائدي لاءِ چڱي طرح ڪم آنديون آهن، تن جي تعريف ڪريون، جيتوڻيڪ اوهان کي گوشي نشيني ۾ علمي مشغولي رکڻ گهڻو پسند ايندي آهي، تڏهن به اسان کي خبر آهي ته اوهان سرڪار جي علحدن کاتن ۾ گهڻائي ورهيه نوڪري ڪئي آهي، ۽ نيٺ پينشن به ورتي آهي، جا پنهنجن لاءِ سرڪار مان يا سنڌ جي ماڻهن کان عزت آبرو حاصل ڪئي آهي سا گهڻي تائين هلندي، اها ڳالهه سچي آهي ته ڪنهن قوم جي چال چلگت انهي جي ٻولي تي منحصر آهي، يا انهي سان تعلق رکي ٿي، تنهن ڪري سنڌ جي علمي مايي وڌائڻ ۽ ڪتابن لکڻ ۾ جيڪو توهان ڪم ڪيو آهي تنهن جي قدرداني ۽ شڪر گذاري پيش ڪريون ٿا، اسين اميد ٿا ڪريون ته انهن جو بنياد پڪو ٿيندو، بلڪه اسان جي دل ٿي چوي ٿي هن تحرڪ جي زماني ۾ جڏهن ماٺ ۽ ڪمائتي ٿيڻ جي ضرورت گهڻي آهي تڏهن به جي ممڪن هجي ته اوهان کي به شهنشاهت جي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ ڏسون ته پنهنجي آزمودي ۽ تجربي سان سرڪار کي مدد ڪندا رهون، ڪنهن به طرح اسين اوهان کي خاطري ٿا ڏيون ته اسين اوهان جي حق ۾ دعا ٿا ڪريون ته اوهان جي حياتي وڏي ٿئي، جنهن مان خلق کي فائدو پيو رسي، اوهان جادوست ۽ سچا خير خواهه هيٺ صحيح ڪندڙ؛


انجمن جو پريزيڊنٽ ۽ ٻيا.

---------------------------------------

پيارا مرزا قليچ بيگ.

”سنڌ ڪرسچن لٽريچر ڪميٽي“ جي طرفان توريت جي ”ڪتاب پيدائش“ جو اوهان جيڪو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي تنهن لاءِ اسين اوهان جا گهڻو شڪر گذار آهيون، اوهان جيڪا اها علمي مدد ڪشادي دل سان ڏني آهي تنهن جي اسين گهڻي قدرداني ڪريون ٿا.*



اوهان جو سچو دوست

ٽي، منسکاڻي

----------------------

ديوان ٽيڪچند آءَ، سي، ايس جي ليڪچر مان انتخاب

(سنڌي ٻولي جي اصل بابت)

اوهان مان سڀني کي گهرجي ته سنڌي ٻولي سان چاهه رکو ۽ ڪاليج مان نڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مادري ٻولي جو مايو وڌايو، ۽ مرزا قليچ بيگ جي پيروي ڪريو، جنهن پنهنجي سرڪاري نوڪري جي وچ ۾ ٽه سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪي ته هميشه ياد رهندا ايندا.*



-------------------------------

[b]وائسراءِ هن جو شهنشاهه برطانيه جي پاران مون کي سرٽيفڪيٽ
[/b]
12- 1911ع

هز ايڪسيلنسي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جي حڪم سان هي سرٽيفڪيٽ انڊيا جي شهنشاهه، جاجر پنجين، جي نالي دهلي جي دربار واري موقعي تي مرزا قليچ بيگ کي ڏجي ٿو، جو هن سنڌي ٻولي جي ڪتابن لکڻ سان گهڻي مدد ڪئي آهي.*



--------------------------------------

ڪراچي.
27- جولاءِ 1922.3ع

پيارا مرزا

اوهان جيڪو رسالو ”هندسان غريب ٿيندو وڃي ڇا؟ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي تنهن لاءِ ڪمشنر صاحب اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهي.*



اي، سي، گرين.

اسسٽنٽ ڪمشنر.

----------------------------------------------

[b]ڪمشنر صاحب جو مون ڏي خط
[/b]
ڪراچي.
16 فيبروري

”ا،ن سڀائن“ جي لاءِ ڪتابن لکڻ ۾ اوهان جيڪا چڱي مدد ڪئي آهي سا ٻڌي ڪمشنر صاحب گهڻو خوش ٿيو آهي ۽ دربار ۾ هي آفرين نامو ۽ سوني واچ به تحفو ڪري ڏئي ٿو: ۽ اميد ٿو ڪري ته آئينده به جيڪا مدد اوهان کان گهري ويندي سا ڏيندا رهندو.*



جي، ايل، ريو.

ڪمشنر، سنڌ.

---------------------------------


[b]مير فيض محمد خان، والي خيرپور،
[/b]
جو مون ڏي فارسي ۾ خط،

خان بهادر، سلامت هجيٰ.

عاليجاد، رفيع، جائگاه، مخلص مهربان، مرزا قليچ بيگ پنهنجي معتبر ماڻهو غلام رسول خدمتگاه جي واتان اوهان جي سچائي ۽ مروت جي مون کي گهڻي تعريف ٻڌي، انهي تي مون کي عجب به نه لڳو، ڇا لاءِ جو اوهين آباد واجداد کان وٺي هن خاندان جا خير خواه آهيو، هاڻي انهي ساڳئي ماڻهو کي هي هٿ لکيل خط ڏئي، اوهان ڏي موڪليا ٿو جيڪي چوي، سو منهنجو زباني پيغام، ڄاڻجو ۽ جنهن ڪم لاءِ چوي ٿو سو ڪوشش ڪري ڪجو، جو انهي ڪري اوهان جو احسان عمر تائين مون تي رهندو.

والسلام.**

بنده خدا.

فيض محمد.

---------------------------------------

مرزا قليچ بيگ خان، سلامت!

عاليحاه، رفيع، دوست مهربان، خير خواه آز آبا، واجداد،

اوهان دوستن کي چڱي طرح معلوم آهي ته اسان عاليحاه، خانبهادر قادر دار خان جي ٻانهن سرڪار کان پنهجي ”وزارت“ ۽ رعيت جي آسائش لاءِ ورتي هئي پر هاڻي هن رياست جي رعيت انهي مان رنج ۽ ناراض آهي، تنهن ڪري اوهان کي هن خاندان جو خير خواه ڄاڻي، صلاح طور پڇجي ٿو ته اسان جو خاص خيال هي آهي ته اوهان جي ٻانهن انهي مهربان پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب بهادر جي معرف پنهنجي ”وزيري“ جي عهدي لاءِ سرڪار کان وٺجي، ليڪن معلوم ناهي ته اوهين اها ڳالهه قبول ڪندو يا نه، مهرباني ڪري پنهنجي راءِ کان واقف ڪجو. والسلام.**


بنده خدا.
فيض محمد.

-------------------------------------


دوست مهربان، خيرخواه قديم، مرزا قليچ بيگ صاحب، سلامت!

معتبر نوڪر غلام رسول خدمتگار کي موڪلجي ٿو ته اوهان جي خير عافيت به پڇي، مهرباني ڪري پنهنجي طبع جي خيريت جي خبر به ڏجو ته تسلي ٿئي ۽ ٻيو ته جيڪا ڳالهه هو اوهان کي چوي سا سچي ڄاڻجو، زياده خير.**

بنده خدا وال عبا.

فيض محمد.

------------------------------------------


اخبار ”الحق“ سکر.
29- جولاءِ 1911ع

اخبار ”الحق“ ۾ ڪهڙو لکيل خط پيل هو، جنهن ۾ شڪايت آهي ته پڙهيل ماڻهو ۽ شعر چوندڙ اجايو عشق جي مضمون قلم فرسائي ڪندا رهن ٿا، ليڪن مولوي ”حالي“ صاحب وانگر قوم جي تنزل جي حالت ڏيکاري، هن کي ترقي جي لاءِ ڪو به ڪو نه ٿو همٿائي، اهڙا پڙهيل ماڻهو ۽ شاعر ”حيوان ناطق“ جي لقب سان سڏيا ويا آهن، غلطي کان فخر قوم مرزا قليچ بيگ صاحب جو نالو ٻين معتبرن سان گڏ انهي ياداشت ۾ آيو آهي، انهي نسبت ۾ هيترو پڌرو ڪرڻ مناسب نظر ٿو اچي ته پنهنجي قوم جي ديني تعليم توڙي اخلاقي تعليم جي ترقي لاءِ جيترا ڪتاب محنت ڪري ۽ ٻئي سرڪاري ڪم مان به وقت بچائي مرزا صاحب لکيا آهن تيترا سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به ڪين لکيا هوندا، مرزا صاحب ساڳئي مضمون تي نه رڳو نثر ۾ پر نظم ۾ به قابل قدر خدمت ڪئي آهي، بلاشڪ عشق جو شعر به اتفاق پنهنجي موقعي تي سندن قلم مان نڪتل هوندو، پر ائين ڪين چئبو ته رڳو اهڙي بي مقصد مضمون تي ئي شعرچوڻ ۾ آيو آهي، ٿورا ورهيه اڳي مرزا صاحب مولوي ”حالي“ جي انهي مضمون جو شعر ۾ ترجمو ڪيو هو، جو مسٽر دهلوي صاحب ڇاپايو، جو گهڻن ڏٺو به هوندو، پر شايد اسان جي خاطر نه ڏٺو هوندو، سردار محمد يعقوب صاحب جي چوڻ تي به ٻيو اهڙو نظم ڇپايل آهي، انهي مان معلوم ٿيو ته انهي مضمون تي ڪتابن کان سواءِ مرزا صاحب جو خلاصو شعر به ڇپايل آهي.


-------------------------------------------

اخبار ”الحق“ سکر،
5- آڪٽوبر 1912ع

عاليحاه مرزا قليچ بيگ صاحب کي سنڌ جي ماڻهن سان تعاون ڪرائڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، ان جي ڪم آزاد طبيعت، ان جي خوشي خلقي ۽ راستبازي خواد ديانتداري کيس جيڪو رتبو سنڌ ۾ حاصل ڪرايو آهي تنهن جو هن کان وڌيڪ ڪهڙو ثبوت ڏئي سگهبو ته اسان جا هموطن هندو بزرگ به ان کي عزت جي نگاهه سن ڏسي رهيا آهن، هن بزرگ جي قابليت ۽ علم دوستي ايتري حد تائين وڌيل آهي جو سنڌ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو بزرگ اڃا سوڍو پيدا ڪ نه ٿيو آهي، جنهن مرزا صاحب جيترا هر فن جا ڪتاب تصنيف مقبول عام ۽ سندس ترجما شهر آفاق آهن ۽ سنڌ ۾ اهڙو هڪڙو به مسلمان ڪونهي جنهن جا جوڙيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب تعليم يافته هندن به پسند ڪري زير مطالعي آندا ۽ پنهنجي خرچ سان ڇاپايا هجن، اهو شرف جي ڪنهن مسلمان کي مليو آهي ته اهو فقط مرزا صاهب ئي آهي ۽ ڪو ٻيو، انهي ڪري اسين اهڙي بزرگ تي فخر ڪري ٿا سگهون، ”پريميئر پريس“ جي لائق مالڪ ۽ مهتمم، اسان کي مرزا صاحب جا چار تازا ڇپايل ڪتاب تبصري لاءِ ڏنا آهن.

المختصر، سنڌ اهڙي قابل ۽ احڙي جفاڪش جي هئڻ تي جيترو فخر ۽ ناز ڪري اوتر گهٽ ٿيندو اسين حيرت ۾ آهيون ته هن ماڻهو کان ڪيئن ٿي ايتري محنت پهچي سگهي، جو پنهنجو آرام جو وقت هن پيري ۾ به ملڪي خدمت ۾ بسر ڪندو ٿو وڃي، الله العالمين هن جي عمر ۾ برڪت وجهي، جو اهڙن ماڻهن جو ملڪ کي اڃا گهڻو کپ آهي.


---------------------------------

اخبار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو
12- ڊسمبر 1922ع

فخر سنڌ، مرزا قليچ بيگ صاحب جي نام نامي ۽ اسم گرامي کان ڪير غير واقف هوندو؟ هن بزرگ ۽ سنڌي زبان جي استاد ڪامل جي جوهر لياقت لاءِ سنڌ جي چئني ڪنڊن کان ”آفرين آفرين“ ۽ جزاڪ الله، جا آواز اڀري سنڌ کي مٿي کڻي بيٺا آهن، جنهن ڪري سنڌ به پنهنجي علمي دولت تي ناز ڪري رهي آهي، مرزا صاحب جي قلم ۽ طرز تحرير ۾ خداوند ڪريم هڪ خاس ڪشش رکي آهي، جنهن سندس لکيل ڪتاب پڙهندڙن جي دل اهڙي ٿا چڪي وٺن جهڙو مقناطيس ڇڪي لوهه يا ڪهربا گاهه کي، مرزا صاحب جا ڪتاب هندن ته ڇا مسلمانن ۾ نه رڳو پسنديءَ جي نگاهه بلڪه عزت ۽ محبت جي جذبي سان ڏٺا ۽ پڙهيا ٿا وڃن، تنهن ڪري مرزا صاحب جي ڪتابن تي قلم کڻي انهن جي روشني وجهڻ ائين آهي جيئن سج جي اڳيان شمع رکڻ، مرزا صاحب جي ڪتابن لاءِ مرزا صاحب جي هيٺيان ڪتاب تبصري لاءِ موجود آهن، ”ٻاراڻي تعليم، اسلامي تعليم، ورزش نامو، نصيحت نامو، تعليم نامو، زالن جا فرض ۽ هڪڙي سگهڙ زال“ هي ڪتاب اهڙا آهن جو ڇپجڻ سان ئي پنهنجي مقبوليت ۽ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن تنهن ڪري هٿ جي ڪنگڻ لاآءِ آرسي جي هڪڙي ضرورت!


-----------------------------------


بمبئِ گورنميٽ هائوس.

1- جنوري 1924ع

پيارا، شمس العلماءِ.

گورنر صاحب جي حڪم موجب، آءُ اوهان کي ”شمس العلماءِ“ جي تازي خطاب ملڻ تي مبارڪ ٿو ڏيان ته شل اوهان جي حياتي وڏي ٿئي ته اها عزت ماڻيو ۽ حلق جي زياده خدمتگذاري ڪريو.*



سي، جي، آڊم.

پرائيويٽ سيڪريٽري.



--------------------------

وائسراءِ جي سيڪريٽري جو خط.

4- جنوري 1924ع

منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

جيڪو وڏو لقب ”شمس العلماءِ“ وائسراءِ صاحب بهادر اوها کي ڏنو آهي تنهن جي لاءِ آئون اوهان کي گهڻيون مبارڪون ٿو ڏيان، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته پاڻ روبرو فارسي ۽ سنڌي علم ادب بابت گهڻيون ئي خيال آرايون ڪيون آهن، نئين سال جي لاءِ به مبارڪون هجنو.



اوهان جو دوست.

ح. ڪريرار

------------------------------

[b]سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي تار
[/b]
2- جنوري 1924ع

جيڪو لقب اوهان کي مليو آهي ۽ جنهن لاءِ اوهين هز طرح لائق آهيو تنهن جي لاءِ دلي مبارڪون هجن.*


جي، ايل، ريو.

------------------------------


پيارا، مسٽر مرزا.

مهرباني ڪري منهنجيون دلي مبارڪون قبول ڪجو، اوهان کي جيڪا عزت ملي آهي تنهن لاءِ اوهين هي طرح لائق آهيو.*


اي، سي، گرين.
اسسٽنٽ ڪمشنر.

--------------------------

ڪراچي
2- جنوري 1924ع

منهنجا پيارا، مسٽر قليچ بيگ.

آءُ گهڻو خوش ٿيو آهيان، هي ڏسي ته جيڪي خدمتون اوهان علم ادب بابت ڪيون آهن تن جي لاءِ سرڪار جيڪو لقب اوهان کي ڏنو آهي انهي لاءِ آءُ اوهان کي دلي مبادڪون ڏيان ٿو، شل اوهان جي وڏي حياتي هجي ته اها هزت ماڻيندا رهو.*



ڊبليو، ايف، هڊسن.
ڪليڪٽر.

--------------------------------

منزل سيراڻي.
3- جنوري 1924ع

پيارا، مرزا قليچ بيگ.

آءُ اوهان کي سچيون مبارڪون ٿو ڏيان، جو اوهان کي ”شمس العلماءَ“ جو خطاب مليو آهي، جيئن ”گزيٽ“ مان مون کي معلوم ٿيو آهي، مون کي يقين آهي ته اهو ڪنهن ٻئي زياده لائق ماڻهو کي نه مليو آهي، اوهان سنڌي زبان جي لاءِ گهڻو ئي ڪي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اهڙي عزت ملڻ جو اوهان کي حق هو، مون کي يقين آهي ته اهو خاص لقب اوهان کي زياده پسند هوندو—ٻئي ڪنهن به لقب کان.*

ايس، ايڇ، ڪورنٽن.
ڪليڪٽر حيدرآباد.

---------------------------


عمر ڪوٽ.
4- جنوري 1924ع

پيارا، مسٽر قليچ بيگ.

جيڪو لقب اوهان کي مليو آهي تنهن لاءِ مهرباني ڪري منهنجون مبارڪون قبول ڪجو، شل اوهان جي عمر وڏي هجي جو اهو ماڻيو ۽ خوش رهو ۽ زياده عزت حاصل ڪريو، سنڌي ٻولي جي لاءِ جيڪو ڪمائتو ڪم اوهان ڪيو آهي تنهن لاءِ اهو جوڳو انعام آهي.*

اوهان جو – حامد علي
ڪليڪٽر ٿرپارڪر.

----------------------------


ڪراچي.
1- جنوري 1922ع

منهنجا پيارا، مرزا قلچي بيگ.

جيڪو وڏو لقب توهان کي مليو آهي تنهن جي لاءِ مهرباني ڪري منهنجون مبارڪون قبول ڪجو، سنڌ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي جو انهي لقب جو زياده لائق هجي، شل اوهين گهڻا ورهيه جيئرا ۽ اهو لقب ماڻيو، سال جون به مبارڪون هجنو.*

ڊبليو، اين رچرڊسن
سٽي مئجسٽريٽ.

--------------------------

هارپر آباد.
4- جنوري 1924ع

پيارا، مرزا صاحب.

آءُ اوهان کي عزت ملڻ تي مبارڪون ٿون ڏيان، جنهن جا اوهين هر طرح لائق آهيو، نئين سال جون به اوهان کي مبارڪون هجن.*



ڊي، ايس، هارپر.
پادري، حيدرآباد.

---------------------------

منهنجا پيارا مرزا صاحب.

جيڪو ”شمس العلماءَ“ جو لقب اوهان کي پنهنجي لياقت موجب مليو آهي تنهن لاءِ اوهان کي دلي مبارڪون هجن، اميد ته اوهين تندرست هوندو.*



سيد محمود شاهه.
سپرنٽينڊنٽ پوليس ٿرپارڪر.

---------------------------


منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

جيڪو لقب ”شمس العلماءِ “ جو اوهان کي مليو آهي ۽ جنهن جا اوهين هر طرح لائق آهيو تنهن لاءِ آءُ اوهان کي دل و جان سان مبارڪون ٿو ڏيان، اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به انهي لقب جو حقدار ڪو نه هو، آءُ گهڻُ خوش ٿيو آهيان ته اوهان کي اهو مليو، اگرچ اهو دير سان مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته شل اوهين گهڻي تائين انهي عزت ماڻن جي لاءِ جيئرا رهو.*


شيخ محمد قادر.
وزير خيرپور رياست.

----------------------------

ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي.
4- جنوري 1924ع

پيارا مرزا قليچ بيگ.

آءُ معلوم ڪري نهايت خوش ٿيو آهيان ته ”شمس العلماءِ“ جو لقب اوهان کي مليو آهي، بيشڪ اهو اوهان کي اڳي ملڻ گهربو هو، اوهان سنڌي زبان ۽ علم جي لاءِ ايتري خدمتگذاري ڪئي آهي جو اوهان جو نالو تاريخن ۾ هليو هلندو ۽ جڪي پيڙهيون اڃا نه پيدا ٿيون آهن سي ٻڌي خوش ٿينديون، شل خدا اوهان کي وڏي حياتي ڏئي! اها منهنجي دعا آهي.



ايڇ، ايم گربخشاڻي.


-------------------------

سيوهڻ.
4- جنوري 1924ع

منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

آءُ ڏسي نهايت خوش ٿيو آهيان ته اوهان کي وڏو لقب ”شمس العلماءِ“ جو مليو آهي، جنهن جا اوهين هر طرح لائق هئو، شل اوهان جي حياتي وڏي هجي ته اها عزت ماڻيو ۽ شل سچي خوشي ۽ دل جو آرام ماڻيو.*

گوبندرام.

سپرينٽينڊنٽ آف سروس پينشن.

-------------------------------

شڪارپور.
30- جنوري 1924ع

منهنجا پيارا مرزا.

اوهان کي ”شمس العلماءِ جي لقب ملڻ جو پڙهي آءُ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، سنڌ ۾ اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به انهي لقب جي لائق نه هو، آءُ انهي لاءِ اوهان کي سچيون مبارڪون ٿو ڏيان ۽ اميد ٿو رکان ته اوهين گهڻي تائين جيئرا رهندو ۽ خوش گذاريندو ته جيئن هن ملڪ کي علم جي باري ۾ اڃا به زياده مدد ڏيندا رهو.*

نارائڻداس.

پينشن ڊيپوٽي ڪليڪٽر.

-----------------------------

گورنر بمبئي تي تار.

بمبئي.
4- جنوري 1924ع

عزت ملڻ جي لاءِ اوهان کي، دلي مبارڪون هجن، جا عزت اوهان کي گهڻو اڳي ملڻ کپندي هئي.*


گورنر، بمبئي.


------------------------

پيارا مرزا صاحب.

نون خطابن وارن جي ياداشت ۾ اوهان جو معزز نالو ڏسي مون کي نهايت گهڻي خوشي ٿي، جهڙي ساري سنڌ ۾ گهن ٻين کي ٿي هوندي، اوهان جي ذات ۾ ايتريون خاصيتون ۽ لياقتون موجود آهن جو سازي خلق اوهان کي پيار ڪري ٿي، ۽ ساارهي ٿي، سڀڪو اوهان ۽ انهي لياقت جي تعريف ڪري ٿو، جا هن کي نظر ۾ ٿي اچي، اڃا به ٻيون ڪيتريون ئي لياقتون اوهان ۾ ضرور لڪل هونديون، جن جي اسان کي خبر ڪانهي ۽ جي خدا کي معلوم هونديون.

اوهان جي طبيعت ۾ جيڪا عام پسندي جي خاصيت موجود آهي سا خدائي نموني جي ٿي ڏسجي، اسين اوهان کي فخر سان پيار ڪريون ٿا، شل خدا اوهان کي سنڌ جي لاءِ گهني مدت تائين مهلت ڏئي، جنهن حجات سان آءُ لکان ٿو تنهن لاءِ مون کي معاف ڪجو، نيئن سال جي لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن.*



امدادعلي، امام علي قاضي.
ڊسٽرڪٽ جج خيرپور.

--------------------------


مخزن ”غنچه“ اميد، ماهه جنوري.

مرزا قليڇ بيگ کي سرڪار نامدار ”شمس العلماءِ“ جو خطاب عنايت فرمايو آهي، سنڌ ڏاڍي خوش ٿي آهي، جو هن اهل قلم جي قدرشناسي ٿي آهي، ٻين لحاظن تي روز پيا لقب ورهائجن، مگر هن سنڌ جي فخر ۽ زنده شاعر کي جو سنڌ قابليت تي هي لقب مليو آهي، ان کان پڙهيل ماڻهن جي دل بهار ٿي آهي، صاحب موصوف لاءِ ديوان ڏيارام گدومل چوندو هو ته ”نيم سکو ته مرزا صاحب کان سکو“ جو هر روز فقط ڪلاڪ اڌ ٿو لکي، پر نيم ڀڃي نٿو، جنهن ڪري سوين ڪتاب لکيا اٿس، ٻهراڙين ۾ مرزا صاحب جون ڪافيون ڳوٺاڻا خوب ڳائيندا آهن، ۽ شهرن ۾ به سندس غزل ننڍي وڏي جي وات ۾ آهن، قلم جي زور سان مرزا صاحب بخنداند بگرباند، جهان راءِ

اسين سرڪار کي مبارڪون ٿا ڏيون، جو ماڻهن جي دل وٽان ڪم ڪيو اٿس.


[b]تصوير جي هيٺان محمد هاشم ”مخلص“ جو هي شعر لکيل آهي.
[/b]
ڇا قدر سنڌ ۾ رکي مرزا قليچ بيگ،
فاضل فصيح، علم ۾ يڪتا قليچ بيگ،
ٿيو نظم نثر ان جو دلاويز، دلپسند،
همه پايه ڪليم ۽ سودا قليچ بيگ،
چشم جهان نه ڪو ان جو ڪٿي نظير،
بيمثل، بيعديل ٿيو دانا قليچ بيگ،
سرڪار خوب قدرشناسي ڪئي سندس،
ٿيو زيب ور به ”شمس العلماءِ“ قليچ بيگ.

[b]سلسبري[/b]

21- فيبروري 1924ع

منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

مون هينئر ڪراچي جي هڪڙي اخبار ۾ پڙهيو آهي ته اوهان کي سرڪار ”شمس العلماءِ“ جو لقب عطا ڪيو آهي، آءُ مبارڪبادي جي هڪ سٽ لکڻ کان رهي نٿو سگهان، گهڻي مدت کان آءُ اها اميد رکندو ٿي آيس، ته جيڪي لقب ملندا آهن تن مان ڪي ٿورا زياده لائق ماڻهن کي مليا هوندا، انهي ڪري آءُ اوهان کي دل سان مبارڪ ٿو ڏيان، اميد آهي ته جڏهن موٽي هندستان ۾ ايندس، تڏهن اوهان کي بلڪل تندرست اچي ڏسندس.*


آئي، ايڇ، ٽانٽن.

ڪليڪٽر.

---------------------------

زندگي سان واسطو رکندڙ مکيه ڳالهين جو سالوار نقشو

منهنجو ڄمڻ. 1270ع مطابق 1853ع
منهنجي والد جي وفات. 1871ع
هاءَ اسڪول حيدرآباد ۾ پرشن ٽيچر ٿيڻ. 1872ع
مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪرڻ. 1872ع
بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ. 1873ع
منهنجي والده جي وفات. 1876ع
بمبئي مان سخت بيمار ٿي نڪرڻ ۽ هندستان گهمي ڳوٺ اچڻ. 1876ع
ڪراچي ۾ ٻه ورهيه رهڻ ۽ هاءِ اسڪول جو پرشن ٽيچر ٿيڻ. 1878ع
مختيارڪاري جو ڪم سکڻ ۽ مئجسٽيريل امتحان پاس ڪرڻ. 1879ع
تعلقي ٽڳڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ. 1880ع
تعلقي ڪڪڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ. 1881ع
تعلقي ميهڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ. 1882ع
تعلقي جوهي جو مختيارڪار ٿيڻ 1884ع
تعلقي وارهه يا نصير آباد مختيارڪار ٿيڻ 1887ع
موڪل وٺڻ ۽ شادي ڪرڻ. 1888ع
تعلقي گهوٽڪي مختيارڪار ٿيڻ. 1889ع
تعلقي روهڙي مختيارڪار ٿيڻ. 1890ع
ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪرڻ. 1890ع

ائڪٽنگ ڊيپوٽي ٿي شڪارپور ۾ سٽي مئجسٽريٽ ٿيڻ. 1891ع

وري روهڙي ۾ اچڻ. 1892ع
لاڙڪاڻي ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1893ع
ڪراچي ۾ گهر جوڙائڻ ۽ ٿرپارڪر ۾ به. 1894ع
سيوهڻ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1895ع
جيڪب آباد يا سرحد سنڌ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1896ع
حيدرآباد ۾ گهر جوڙائڻ. 1898ع
ٿرپارڪر جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1898ع
نوشهري فيروز جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1898ع
حيدرآباد ۾ اوطاق جوڙائڻ. 1900ع
ڪوٽڙي جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1901ع
ٺٽي ۽ سجاول جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1903ع
منهنجي پهرين زال جو وفات. 1904ع
”قيصر هند“ جو ٻلو ملڻ. 1906ع
منهنجي ٻي شادي. 1907ع
منهنجي ٻي زال جي وفات. 1908ع
منهنجي ٽي شادي. 1909ع
ڪوٽڙي ڊويزن مان فرلو موڪلڻ وٺڻ. 1909ع
پينشن وٺڻ. 1910ع
منهنجي وڏي پٽ نادر بيگ جو بئريسٽر ٿيڻ. 1912ع
ڪراچي ۾ چار مهينا وڃي رهڻ. 1915ع
ڪراچي ۾ وري چار مهينا رهڻ. 1920ع
هيليتائين حيدرآباد ۾ رهڻ. 1923ع

----------------------------------

سالوار ۽ مڪانوار ياداشت، جوڙيل ڪتابن جي

سالوار ۽ مڪانوار ياداشت، جوڙيل ڪتابن جي *

1870ع – ٻاراڻا شعر، فارسي ۽ سنڌي ۾ -- حيدرآباد.
1872ع – جواهرلسان، فارسي—حيدرآباد.
1874ع – پارسي گرامر جو شجرو انگريزي ۾، پرشن پراسڊي يا فارسي عروض انگريزي ۾- بمبئي.
1877ع – پرشن ائٽيمالو جي يا اشتقاق فارسي انگريزي ۾ ۽ مقالات الحڪمت – بمبئي.
1878ع – قصو هرڻي جو شعر ۾ - ڪراچي.
1880ع – ليليٰ مجنون شعر ۽ ناٽڪ، مومل راڻو شعر ۾، راه نجات ۽ هدايت النسوان – ڪراچي.
1885ع – شاهه ڀٽائي جو احوال انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڏاڙهياي جبل جو سير – نصير آباد وارهه.
1887ع - لييرا ورس انگريزي شعر ۾ ڪافيون ۽ خورشيد ناٽڪ- نصير آباد.
1888ع - علم اخلاف، صحت النساءِ، علم دستور المعاش، تاريخ محمدي، رستم پهلوان، مفتاح القرآن فارسي ۾، علامات القرآن ۽ دلارام- نصير آباد.
1890ع – دلپسند لطيفا (روهڙي)، زينت، دلپسند قصا ٻه ڀاڳا، (شڪارپور) ۽ تعليم حڪمت ڀاڳو پهريون- نصير آباد.
1891ع – تعليم حڪمت ڀاڳو ٻيو ۽ ٽيو، موهني، مخزن القوافي فارسي ۽ اڙدو- نصير آباد.

---------------------------------------

*منهنجن گهڻ ڪتابن تي ڏنل تبصرا، اخبارن يا رسالن ۾ موجود آهن، ۽ فارسي ۽ سنڌي شاعرن جا شعر به منهنجي نسبت ۾ ڏنل گهڻا موجود آهن، جن ۾ منهنجي تعريف ۽ هنن جي مهرباني ۽ حسن طني معلوم ٿئي ٿي، پر اهي ڏيڻ مناسب نظر نٿا اچن، تنهن کانسواءِ انهن جي ڏيڻ سان هي دفتر وڏو ٿي ويندو.

----------------------------------

1894ع – بڪاولي ناٽڪ، لوڀي ۽ ٺوڳي ناٽڪ، اسلامڪ ٿياسفي يا ڪيميايي سعادت انگريزي ۾ - عمر ڪوٽ.
1895ع – زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر، باغ ۽ باغباني، عالم آبي، حشرات الارض يا جيت ۽ ڪينئان، نانگ ۽ ٻيا سرڻا- لاڙڪاڻو.
1896ع - نورجهان ۽ جهانگير ناٽڪ، شڪنتلا ناٽڪ، نيم طبيب ۽ نيم ملا ناٽڪ جانور- جيڪب آباد.
1897ع – نادرشاهه ناٽڪ، حسنا ۽ دلدار ناٽڪ، انڪوائري آفيسر ناٽڪ، ڳوٺن جي وڏيرن لاءِ هدايت ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو احوال – جيڪب آباد.
1898ع – پکي – جيڪب آباد.
1900ع – عجائب غرائب، شاهه ايليا ناٽڪ، شيخ چلي ناٽڪ، ثابت علي شاهه جو احوال ۽ سندس مرثيا ڀاڳو پهريون، فارسي زبان جي تاريخ، چچنامو انگريزي ۾ ۽ سوداي خام ڀاڳو پهريون – نوشهرو فيروز ۽ حيدرآباد.
1901ع – ڪيميائي سعادت ڀاڳو پهريون ۽ ٻيو، سنڌ جي تاريخ انگريزي ۾، ۽ خودياوري- ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1902ع – لطيفه معرفت ڪرامات الاولياءِ – ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچي.
1904ع – سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، اسلامي درجيوار چار ڪتاب، جواهر الاخلاق، تهذيب اخلاق، گلشن اخلاق، اخلاق القرآن و حديث، اخلاق النساءِ، اخلاق صوفيه، فرائض انساني ۽ ضمان الفردوس – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.
1905ع – حقائق الارواح، عالم خواب، رساله ڪريمي، لغات لطيفي، حالات الاولياءِ، مقالات الاوليا، رباعيت عمر خيام، فيروز دلفروز ناٽڪ، ڪوٽڙي، حيدرآباد ياا ڪراچي.
1906ع – مقناطيسي حيواني، حاجتمندي مان طاقتمندي، صداقت الاسلام، زادالاخرت، ابڪار الافڪار عربي، فارسي ۽ اردو، ثابت علي شاهه جا مرثيا ڀاڳو ٻيو، فئلالا جيڪل ڪيوريا ۽ سٽيز يعني عجائب الا شتقاق انگريزي- ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.

1907ع – نصيحت نامه امام غزالي ميراث المسلمين، مجالس الشهدا، انجيل، عالم ارواح – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.

1908ع - اسرار حڪمت، رد تثليث، شمشاد، مرجانه ناٽڪ، سنڌي ٻولي جي تاريخ – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.

1909ع – يوسف ۽ فاطمه، گرجي نامه، عزيز ۽ شريف ناٽڪ، گلزار ۽ گلنار ناٽڪ، اشعا القرآن – ڪوٽڙي، حيدرآبا يا ڪراچي.

1910ع – سوادي خام نئون، ٻيو ڇاپو – ڪوٽڙي، حيدرآباد يا ڪراچي.

1911ع – حاجي بابا اصفهائي، نيڪي ۽ بدي ناٽڪ، حرڪت مان برڪت ناٽڪ، سر سهڻي جي شرح، گلن جي ٽوڪري، شرلاڪ هومس ٻه ڀاڱا، پرشن جيمس يا فارسي جواهر انگريزي شعر ۾ ٽي ڀاڳا- حيدرآباد.

1912ع – ٽي گهر ٻه ڀاڱا، آزاد مان آرام، علم تصوف، لطيفي لات، تعليم صحت ڀاڱو پهريون، برٽشڊ شهنشاهت، سچو سک ۽ تحفته النسوان – حيدرآباد.

1913ع – لڇمي، الحيات بعدالممات، سسئي جي سرن جي شرح، شاهه رسالو نئون، علم ادب، طبيعي الهام، جولين هوم ۽ ايرڪ – حيدرآباد.

1914ع – اسلامي پنجون ڪتاب، زنوبيه، راحيل، لوسي، بابا دل، سسئي کان واءِ ڌڙ، شمرانه يا شيطان جي ناني، شيطان جو مريد، عجيب طلسم، عجيب الماس، سچي محبت، سنڌي شعر جي تاريخ، ڇو ۽ ڇا، موتين جي دٻلي ڀاڳو پهريون ۽ ايمرسن جا عجيب نڪتا- حيدرآباد.

1915ع – شرع محمدي، جواني جو اڪسير، چندن هار ڀاڱو پهريون، سنڌ جي مختصر علمي گلدستو، سندر ۾ وديا، اميد شاهه ۽ شراب ديو ۽ ننڍڙا انسان (ٽيئي ناٽڪ پرهيز يا ٽيمرنس سوسائٽي لاءِ) – حيدرآباد ۽ ڪراچي.

1914ع – زالن جا فرض، دل جو آرام يا عجيب دوا، هڪڙي گهڙ زال، ڪادمبري، رعيت نامه، جنگ نامه، علم نحو، سنڌي، سر سريراڳ جي شرح ۽ اسلامي تحفه – حيدرآباد.

1917ع – چڱي خيال جي ڪرامت، مصيبت ماريا، جارجيا يا گرجستان، سونهري خيال، عجيب جواهر شهر ۾، تحفه اماميه شعر ۾، نصيب پنهنجي وس، لاله رخ شعر ۾، جمشيد ۽ حميده ناٽڪ، شڪ جو شڪار ناٽڪ، مختار ثقفي، رواجي حڪمت، درنجف ۽ ڪشف اعجاز يا گلشن راز شعر ۾ - حيدرآباد.

1918ع – شاهه جي رسالي جي ڪنجي، غلام مان مٿي چاڙهو، پرهيز نامه، گلزار تعليمي، ٻاراڻا گل ڦل، سيرت النبي ڀاڱو پهريون، قديمي چيني اخلاق، اثلانٽس، عالم جو استاد، ڏوهن جي قبولداري، ٻه خط، ٻه ڀائر، ٻه ڀيڻيون، هڪڙي انڌي شريف زال، شريفه بيگم ۽ عاقل ۽ فاطمه، (ڇهه زناني تعليم جون دل وندرائيندڙ ڳالهيون) – حيدرآباد.

1919ع – نصيحت نامو ملن لاءِ، حيواني عقل ۽ ان جا مثال، عجيب ڳالهيون، ايندڙ زمانو، بدايع الوقائع، انجيل، توريت، زبون شعر ۾ يسوع، مسيح جي سوانح عمري (ثمر ۽ نظم ٻنهي ۾ ڌار ڌار )، هندستان جون ديسي آکاڻيون، زنانا درجيوار ڇهه ڪتاب ۽ ٻاراڻي تعليم- حيدرآباد.

1920ع – املهه ماڻڪ شعر ۾ ڀاڱو پهريون، ورزش نامو، سليس صرف نحو، علم بديع، علم عروض، فوائد الخلاق، لطائق الطوائف، مئن سان ڪيئن ڳالهائجي، ڀاڄين جا طعام، بيماري جي سچا ۽ ڪوڙا سبب، ملڪ جي مفلسي ۽ قرض جا سبب، زينت النسوان، مقدس ڪلام، نصيحت المسلمين، اخلاق المعصومين ۽ سونهري خيال – حيدرآباد ۽ ڪراچي.

1921ع – سنڌي گرامر وڏو، خصاص القرآن، سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن جا مشهور ماڻهو – حيدرآباد.

1922ع – سنڌ جي مختصر جاگرافي، تصوف جي تاريخ، ديوان گل جي شرح، اسلامي حق نامو، تقريرون ۽ تحريرون، يادگيريون، حجته الشيعته، محبت آل عبا، عقود الالي، اصلاح نامو، چيستانا يا ٻارن جي وندر، هزليات، مومل راڻي جي شرح، اسلام جا ٽيهتر فرقا، رياست خيرپور جي تاريخ، تحفه اسماعيليه، اسلام تعليم، سعادت نامو، شعر ۾، روشنائي نامه شعر ۾، عبادت نامه، تحفته السالڪين، جهڙو خيال تهڙو حال، سئنڊفرڊ ۽ موٽن، گليور جو سير ۽ سفر، رابنسن ڪروسو، خانبهادر حسن علي آفندي جي سوانعمري، حقيقت الربي – حيدرآباد.

1923ع – شاهزادو بهرام، يا هئملٽ جو ناٽڪ، اسلام بموجب اصول ٿيا سفي فارسي ۾ ، استاد جي قدمن وٽ، چچ نامو سنڌي، قديم سنڌ جا ستار يعني مصنف ۽ شاعر، ڪريسيس، تواريخ القرآن و الحديث، لغات قديمي سنڌي، طلب العلوم في الاسلام، شيخ بوعلي سينا، چندن هارڀاڱو ٻيو، شعر، املهه ماڻڪ ڀاڱو ٻيو شعر، موتين جي دٻلي ڀاڳو ٻيو شعر، سوادي خام ڀاڳو ٻيو شعر، منهنجي پنهنجي سوانحعمري يعني سائو پن يا ڪارو پن، فرهاد ۽ شيرين جو ناٽڪ شعر ۾، شطحيات صوفيه، امام محمد غزالي جي سوانحعمري، حڪيم ناصر خسرو علوي جي سوانحعمري- حيدرآباد.

1924ع – طب مطبوع ۽ مخزن منظوم (شعر ۾)، مشنوي ترڪيب الانسان شعر ۾، شاهنامي وارا شاهه، وامق ۽ عذرا، سائنس جا عجائب غرائب، علم رمل، مفتاح الرمل، منهنجو عجيب گهر، خواب ۽ تعبير ٻه رسالا – حيدرآباد.

1925ع – منتخب المعلومات، سڌاري جي شروعات، انگي حساب ٽي حصا- حيدرآباد.

1926ع – عملي مذهب، مصر نامه، ڪامل انسان، مجمع المذاهب، چين ۽ چيني ماڻهو، شرح ديوان قام ۽ فاضل ماڻهو ڪيئن ڄمن ٿا 7 رسالا- حيدرآباد.

1927ع – بابل ۽ نينوا، حضرت سليمان، سچي مردانگي، گلدسته، جمد و ثنا، لسان الغيب، خطبا، مشنوي مطلع الانوار، مشنوي مخزن الا سرار، بدر منير ۽ بينظير، صلح ڪل، نه ڄاولن ماڻهن جو روح (2 رسالا) فقه جا عجيب مسئلا، ماڻهو پنهنجي پاڻ طبيب، انسان جا محاطڦ ۽ موت کانپوءِ حياتي ۽ عالمگير مذهب.

1927ع – ٻڌو ۽ ڏسو، ڪافيون، دنيا جي مختصر تاريخ، ديوان قليچ،، باب ۽ بابي، مولانا جلال الدين رومي، ٽالپرن جي صاحبي انگريزي ۾، خذينه زرينه فارسي، خزينه سيمسين فارسي، ڪامل انسان ٻيو ڀاڱو زيب النساءِ، بيگم، سلطان علا الدين ۽ راڻي پدمڻي، پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس، علم موسيقي، حسن، عشق ۽ ان جا ڪرشما ٻه ڀاڱا ۽ حسينه.


---------------------------

[b]جن موقعن ۽ مضمونن تي مون تقريرون يا
[/b]
تحريرون ڏنيون، تن جو تفصيل.



[b]تقريرون[/b]

1908ع – ڪراچي ۾ آل انڊيا محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس ۾ سنڌي لٽريچر تي تقرير.

1914ع – حيدرآباد ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ جي جلسي ۾ ”سنڌي شعر“ تي تقرير.

1914ع – حيدرآباد جي نوود ياليه جي آسپاس جي ٻولي واري جلسي ۾ پرهيز بابت تقرير.

1914ع – شڪارپور جي ” ٽمبرنس ڪانفرنس“ ۾ نشي بابت تقرير.

1915ع – ڪراچي ۾ انسانيت بابت تقرير.

1915ع – لاڙڪاڻي ۾ نشي ۽ پرهيز بابت.

1916ع – حيدرآباد ۾ پرهيز بابت.

1918ع – ڪراچي ۾ اردو زبان جي ترقيءِ بابت.

1919ع – خيرپور ۾ اردو بابت.

1919ع – سکر ۾، عربي ۽ فارسي علم بابت.

1919ع – خيرپور ۾، عربي ۽ فارسي علم بابت.

1920ع – ڪراچيم مسلمانن جي هڪڙي عجيب تاريخي واقعي بابت

1920ع – ڪراچي پردي بابت.

1920ع – ڪراچي، شعر جي علم ۽ هنر بابت.

1921ع – حيدرآباد ”انجمن اماميه“ جي جلسي ۾ مذهبي تقرير.

1921ع – حيدرآباد، تصوف بابت تقرير.

1920ع – ڪراچي، زناني تعليم ۽ اخلاق بابت.

1922ع – حيدرآباد ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ بابت.

1922ع – حيدرآباد، سنڌي ٻولي ۽ لٽريچر بابت.

1922ع – حيدرآباد، شاهه ڀٽائي جي علميت بابت.

1922ع – لاڙڪاڻي شهر جي شرف ۽ شان بابت.

1923ع – ڪراچي صوفين جي مجزوبي حالت ۽ شاهه ڀٽائي جي علميت.

1924ع – حيدرآباد اسلام ۾ علم جي ڳولا.

1925ع – ماڻهو ڪنهن کي چئجي ۽ ڪيئن ٿجي؟

تحريرون:

1905ع – ”سيواسدان منڊلي“ جا چار پرچا، حياتي جي امانت ۽ انساني فرض ۽ انهي بابت شاعرن جا خيال.

1915ع – ”جپ صاحب“ جي ڪتاب تي تقريظ.

1916ع – سنڌ جي مسلمانن جي تعليم بابت.

1916ع – امينن جي ڪورٽن بابت.

1918ع – طبعي ترت علاجن جو ديباچو.

1921ع – سوراج بابت.

1921ع – ”پبلسٽي ڪميٽي“ لاپرچا.

سوراج ۽ سوديشي تحريڪ، مقصد هڪڙو ۽ رستا علحده، قدع تعلقات جي مدعا ۽ نتيجو مهاتما گانڌي جو سوراج، گرم ڌرمان نرم ڌر، ملبارجا موبلا، سرڪار ۽ مسلمان.

1922ع – راڳ بابت.

1924ع – پوک جي علم ۽ هنر بابت.



--------------------



[b]منهنجي ڪتابن جا علحده ڇاپائيندڙ يا پريسن جا مالڪ.
[/b]
پئسه اخبار، لاهور پريس.
اسلاميه پريس، لاهور.
الحق پريس، سکر.
قيصريه پريس، حيدرآباد.
پريميئر پريس، حيدرآباد.
اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد.
فيض پريس، خيرپور.

سنڌ ڪاليج ڊرامٽڪ سوسائٽي.

سرڪاري تعليم کاتو.

ڪمشنر پريس، ڪراچي.

بائبل مشن سوسائٽي.

مسٽر پوڪرداس، شڪارپور.

مسٽر هريسنگ، سکر.

مسٽر بگومل تلسيداس، حيدرآباد.

محمد يوسف حاجي هارون، ڪراچي.

ڀارتواسي پريس، حيدرآباد.

ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد ۽ ڪراچي.

مدرسته اسلام، ڪراچي.

مسٽر شيرازي بهائي.

شيخ عبدالرحيم، حيدرآبادي.

منشي مومن، سکر.

ميان محمد هاشم خواجو، حيدآبادي.

سنڌي ساهت سوسائٽي، حيدرآباد ۽ ڪراچي.

ديس متر، حيدرآباد.

جووينائل ڪوآپريٽو سوسائٽي.

منهنجا ٻيا پنهنجاڇپايل ڪتاب، بلئوٽسڪي پريس حيدرآباد.



-----------------------------


[b]مضمون وار ڪتابن جي فهرست
[/b]
[b]1-انگريزي مان ترجمو ٿيل:
[/b]
توريت يا قديم عهدنامو، انجيل يا نئون عهدنامو، دائود جا زبور (شعر ۾) يسوع مسيع جي سوانحعمري (شعر ۾)، يسوع مسيح جي حياتي جو اُحوال، علم، اخلاق، مقالات، الحڪمت، خودياوري، دلپسند قصا، علم دستور، المعاش، برٽش شهنشاهت، حاجتمندي مان طاقتمندي، آزار مان آرام، جهڙو خيال تهڙو حال، نصيب پنهنجي وس، اسٽنئڊ فرڊ ۽ مرٽن، گليور جو سير ۽ سفر، رابنسن ڪروسو، ٽي گهر، ايرڪ، جولين هوم، گلزار ۽ گلنار، عزيز ۽ شريف، جمشيد ۽ حميده، شمشاد ۽ مرجانه، شڪ جو شڪار، شاهه ايليا نيڪي ۽ بدي، حسنا ۽ دلدار، شرح محمدي، رواجي حڪمت، هند جون ديسي آکاڻيون، دل وندرائيندڙ ڳالهيون، شرلاڪ هومز، گلن جي ٽوڪري، سچي خيال جي ڪرامت، مصيبت ماريا، لال رخ (شعر ۾) سونهري خيال، عجيب جواهر (شعر ۾)، حاجي بابا اصفهاني، فيروز ناٽڪ، سچي محبت، پوک ڪرڻ جو علم ۽ هنر، باغ ۽ باغياني، تهذيب اخلاق، مخلوقات (پنج ڀاڱا) فرائض انساني، تعليم حڪمت ( ٽي ڀاڱا) مقناطيس حيواني، انڪوائري آفيسر، اٽلانٽس، ايندڙ زمانو، ٿياسافي، غلامي مان مٿي چاڙهو، ايمرسن جا عجيب نڪتا، ست واديون، بهائي مذهب جي تعليم، عالم جو استاد، اسلام بموجب اصول ٿياسفي ۽ استاد جي قدمن وٽ.

[b]2- انگريزي ۾ لکيل ڪتاب:
[/b]
سننڌ جي تاريخ (2 جلد)، جواهر فارسي، (شعر ۾ 3 جلد)، زبانن جي عجيب موافقت، فرصت جو وقت (شعر ۾ ٻه ڀاڳا) ڪيميائي سعادت، علم عروض فارسي، فارسي گرامر جو شجرو، اشتقاق فارسي، عجيب جواهر (2 ڀاڱا)، شاهه ڀٽائي جو احوال، مرزا خسرو بيگ جي سوانحعمري.

[b] 3- ٻيا سنڌي ڪتاب مذهب، فلسفي ۽ اخلاق بابت:
[/b]
مفتاح القرآن فارسي، سيرت النبي، خصائص القرآن، اشعار القرآن، اخلاق القرآن والحديٽ، حالات الاولياءِ، مقالات الاولياءِ، ڪرامات الاولياءِ، اسلامي رسالو، راه نجات، زاد الاخرته، ضمان الفردوس، ميراث المسلمين، عالم ارواح، عالم خواب، مقدس ڪلام، علم تصوف، تصوف جي تاريخ، نصيحت المسلمين، مقالات الحڪمت، رد تثليث، يوسف ۽ فاطمه، گلشن اخلاق، جواهر الاخلاق، تهذيب الخلاق، فوائد الاخلاق، اسلامي ڪتاب نوان ۽ پراڻا (ست) تحفته السالڪين، تحفه اسماعيليه، حجته الشيعته، محبت آل عبا، عقود الالي، صداقت الا سلام، قديم چيني اخلاق، اخلاق النساءِ، اخلاق صوفيه ۽ اخلاق المعصومين.


[b]4- ناٽڪ:
[/b]
خورشيد، نورجهان، نادر شاهه، شڪنتلا، بڪاولي، لوڀي ۽ ٺوڳي، شيخ چلي، حرڪت مان برڪت، نيم طبيب ۽ نيم ملا.

[b]5- قصا ۽ ناول
[/b]
زينت، زنونيه، بادل، لڇمي، عجيب طلسم، عجيب الماس، راحيل، شيطان جو مريد، شيطان جي ناني، عجيب ڳالهيون، ڪاڊمبري، وامق ۽ غدار.

[b] 6- علمي ۽ تعليمي ڪتاب:
[/b]
سنڌي ٻولي جي تاريخ، سنڌي شعر جي تاريخ، شاهه ڀٽائي جو احوال، رسالي جي ڪن سرن جي شرح، ديوان گل جي شرح، مومل راني جي شرح، مصارع الامثال فارسي، ثابت علي شاهه شاعر جو احوال ۽ سندس مرٿيا، نئون شاهه جو رسالو، سنڌي گرامر سليس، سنڌي گرامر وڏو، علم نحو، علم بديع، سنڌ جي تاريخ وڏي، سنڌي جي تاريخ ننڍي، سنڌ جي جاگرافي، تعليم نامو، ورزش نامو، نصيحت نامو، عبادت نامو، قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، قديم سنڌ جا ستارا، چچ نامو، سنڌي ڪرسيس.


[b]7- زناني تعليم جا ڪتاب:
[/b]
زنانا درجيوار ڪتاب، اخلاق النساءِ، هدايت النسوان، صحت النساءِ، زناني تعليم جون ڳالهيون، زالن جا فرض.

[b] 8- شعر جا ڪتاب:
[/b]
زبور، يسوع مسيع جي سوانحعمري، عجيب جواهر، لاله رخ، تحفه اماميه، ليليٰ مجنو، ڪشف اعجاز، رباعيات عمر خيام، موتين جي دٻلي ٻه ڀاڱا، چندن هار ٻه ڀاڱا، املهه ماڻڪ ٻه ڀاڱا، سوادي خام ٻه ڀاڱا، هزليات چيستانا، روشنائي نامو، سعادت نامو، طب طبعي، مثنوي جام جم، مثنوي تحفقه الاحرام، مثنوي ترڪيب الانسان ۽ فرهاد شبرين.


[b]9 – متفرفه:
[/b]
عجائب غرائب، علمي گلدسته، الحيات بعدالممات، ڇو ۽ ڇا، جواني جو اڪسير، جنگ نامو، رعيت نامو، جارجيا يا گرجستان، ڏاڙهياري جبل جو سير، بدايع الوقائع، ڀاڄين جا طعام، حيواني عقل ۽ ان جو ڳالهيون، سيواسدن جا پرچا، تقريرون ۽ تحريرون، يادگيريون، خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانحعمري، حقيقت الربي، منهنجي پنهنجي سوانحعمري، تواريخ القرآن و الحديٽ، قديمي سنڌي، طلب العلم في الاسلام، شيخ بو علي سينا ۽ امام محمد غزالي.

--------------------------------

مرحوم مرزا صاحب جي ڊائري يا روزنامچي جو انتخاب

نوٽ: مرحوم مرزا صاحب جن جي آخري ڊائري يا روزنامچو، سنه 1914ع کان 10 جون 1929ع تائين رکيل آهي، ان جو انتخاب هيٺ ڏجي ٿو، معلوم رهي ته مرحوم مرزا صاحب تاريخ 3 جولاءِ سنه 1929ع تي وفات ڪئي هئي.

سن 1914ع

.11- اپريل: رات جو اسان ۽ سڊني بيگ جا ٻار ٻچا، مائي مهلبي ۽ مائي حرمت ۽ خدابخش – نوڪرياڻين ۽ نوڪر جا نالا – کي ساڻ وٺي خيرپور وياسين، اتي فجر جي وقت پهتاسين، چڱي طرح سان رهياسين، رات جو کاني جي مجلس ۾ شريڪ ٿياسين ۽ ورندي رات جو هڪ ناٽڪ، جو اسان جي ڏسڻ لاءِ ڪيو ويو هو، اهو ڏٺوسين ۽ پوءِ ”فيض محل“ ڏسڻ وياسين، تاريخ 14 اپريل ميان پير بخش شڪارپور وياسين، مسٽر پوڪرداس، مير علي نواز، خان ۽ ٻيا ماڻهو اسٽيشن تي گڏيا، رات جو ڊاڪٽر بنگلي ۾ ٽڪياسين ۽ ڏينهن جو شهر گهمڻ لاءِ وياسين، شام جو وري خيرپور موٽياسين، اڳيئن رات ٻارٻچا موٽر ڪار ۾ ”فيض محل، ڏسڻ ويا ۽ ٻئي ڏينهن گمبٽ ڏانهن ويس ۽ زيارت ڪيم، پير صاحب ۽ فقير صاحب سان گڏيس، شام جو وري موٽي آيس، 18- تاريخ شام جو رزروڊ گاڏي ۾ موٽي آياسين، خيرپور ۾ نادر بيگ وارا پڻ آيا ۽ اسان سان اچي مليا.


.16- مئي: مسٽر پرڀداس ۽ بولچند، نوودياليه هاءِ اسڪول وارا، مون کي ”بئنڊ آف هوپ“ ( آس جي ٽوليِءَ) وارن کي انعام تقسيم ڪرڻ لاءِ وٺي ويا، اتي گهڻا ماڻهو هئا، سيڪريٽري منهنجي نسبت ۾ گهڻوئي ڪجه ڳالهايو ۽ تعريف ڪئي ۽ مسٽر پرڀداس به اٿي مون لاءِ ڳالهايو، مون کي هڪ ميڊل هنيائون ۽ وڏو هار پاتائون، راند روند کانپوءِ مون ٻارن کي انعام ڏنا ۽ ننڍي تقرير به ڪئي ۽ جيڪو شعر لکي آيو هوس، سو به پڙهيم، پوءِ کير جو هڪ گلاس پياريائون، آخر مون کي موٽائي گاڏي تي چاڙهي گهر ڇڏي ويا.


.12- آگسٽ: ٻن ڏينهن کان درياهه جو پاڻي چڙهيو هو، جنهن ڪري ڦليلي جي منهن تي گهلين وارو بند ٽٽي پيو ۽ پاڻي ڳوٺ ۾ ڪاهي پيو، ريلويجو بند به ٽُٽي پيو. ڳوٺ ۾ ڀَٽين جا گهر ڪري پيا ۽ چوڌاري پاڻيءَ جي اَڇ لڳي ويئي. انهيءَ ڪري اسين ٻارن ٻچن سميت شام جي وقت ڳوٺ مان نڪري وڃي محمد سليمان واري گهر ۾ رهياسين. ٻيا مرزا صاحبان پڻ ڳوٺ خالي ڪري ويا.

20 آگسٽ: شام جي وقت اسين موٽي پنهنجي گهر ڏانهن آياسين.

24 آگسٽ: رمضان شريف جي عيد آهي. خير سان ٽيهه ئي روزا رکيم، عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين، جنهن جي مرامت تازو ٿي هئي. ڏينهن خير و خوبيءَ سان گذريو.

4- سيپٽمبر : مسٽر آدرجي منڇر جي دلال، منهنجو ڪاليج جو سنگتي، چاليهن سالن کان پوءِ سير ڪندي اچي سنڌ کان نڪتو ۽ مون سان گڏيو. ڪوئيٽا کان مون ڏانهن خط لکي، پنهنجي اچڻ جو احوال ڏنائين، مسٽر سوپاري والا وٽ ترسيو هو. ان کي فجر جو وڃي گڏيس ۽ شام جو هو ۽ مسٽر سوپاريء والا ٻئي ڄڻا گڏجي مون وٽ آيا. کين کاڌو کارايوسين، سڊني بيگ [مرزا صاحب جو ڀائٽيو ۽ نياڻو] پڻ شامل هو. مسٽر ٽيڪچند، سابق پبلڪ پراسيڪيوٽر به آيو هو، جو پڻ ڪاليج جو سنگتي هو.

5- سيپٽمبر: آءٌ فجر جو ويس ۽ مسٽر آدرجيءَ کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ وٺي ميرن جا قبا گهمائڻ ويس، موٽڻ وقت مسٽر ٽيڪچند وٽ پڻ وياسين. مسٽر ليلارام سنگ، جو پڻ ڪاليج جو سنگتي هو، اُتي گڏيو، ويٺاسين، خوب صحبت ڪئيسين، چانهه پيتيسين، ميوو کاڌوسين ۽ پوءِ مسٽر آدرجي ڪراچيءَ ڏانهن وڃڻو هو.

6- سيپٽمبر: آچر جي ڏينهن آءٌ، سڊني بيگ ۽ ناصر علي [مرزا صاحب جو ڀاڻيجو] پيرين پيادل گنجي ٽڪر تي گهمڻ وياسين. اُتي دلاور پنهور ۽ ان جو ڀاءُ، روٽي، جهڻ، مکڻ ۽ کنڊ کڻي آيا. کائي تازا ٿياسين ۽ پوءِ واپس ورياسين. نهايت ٿڪل هئاسين.

7- سيپٽمبر: آءٌ ديهه نصرت (نوابشاهه) پنهنجي ٻنيءَ تي ويس. ڏينهن نوابشاهه شهر ۾ گذاري، شام جو پنهنجي کيتيءَ ڏانهن وياسين. سڪندر بيگ [مرزا صاحب جو ڀائٽيو] اڳيئي اُتي هو.

18- سيپٽمبر: جمعي جي ڏينهن، اسد بيگم طولعمره جي پهرين سالگرهه هئي. شاديءَ جهڙو عمدو کاڌو ڪيوسين، آسپاس وارن گهرن ۾ ورهايوسين، ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ سڏائي بسڪيٽ، ڪيڪ، ميوو وغيره کارايوسين ۽ هار وڌاسين. مون ۽ سڊنيءَ ٻاهر اوطاق ۾ کانو کاڌو. وقت خير جو گذريو.

19- آڪٽوبر: سنڌي ساهت سوسائٽيءَ جو ساليانو جلسو ٻه ڏينهن ٿيو. مون کي اُن جو پريزيڊنٽ ڪيو هئائون. گهڻائي ماڻهو آيا هئا. وقت نهايت چڱو گذريو.

31- آڪٽوبر: ڪالهه جمعي جي ڏينهن حج هو ۽ اڄ حج جي عيد آهي. اختر بيگ [مرزا صاحب جو فرزند] به خيرپور م کان آيو هو ۽ سڊني بيگ به ڪراچيءَ کان آيل هو. عيد جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ گڏجي پڙهيسين. چڱو وقت گذريو. ٻن ڏينهن کان پوءِ اختر ۽ سڊني موٽي ويا.

29- نومبر: آچر جو ڏينهن ۽ عاشوري جو روز هو. سڊني بيگ ڪراچيءَ مان موڪل تي آيو. اسان ڪيڏانهن به نه وياسين. روزانو اوطاق ۾ رات جو نوين – ڏهين بجي تائين ويهندا هئاسين. مرزا علي اشرف، مرزا علي اڪبر، ناصر علي ۽ ڪي ٻيا ماڻهو پڻ ڪڏهن ڪڏهن ايندا هئا. اٺين محرم جي تاريخ تي، مرزا علي مدد جي دعوت تي ، منبر واري مجلس ۾ وڃي شريڪ ٿيس.

5- ڊسمبر: آءٌ پنهنجي ٻنيءَ تي (ديهه نصرت، نوابشاهه) ويس. اناج جي بٽئي ڪرايم.
11 – ڊسمبر: سرڪاري پينشن جا اَٺ هزار روپيا مليا، جي بئنڪ ۾ رکايم.
27- ڊسمبر: پنهنجن ٻارن ٻچن، اختر ۽ همايون سان گڏ ڪراچيءَ ڏانهن ويس. خيرپور واري اسٽيٽ بنگلي ۾ رهياسين، جو پنهنجو بنگلو خالي ٿي نه سگهيو.


سن 1915ع


1- جنوري: خيرپور واري اسٽيٽ بنگلي مان لڏي، بندر روڊ تي سينٽرل هوٽل جي ڀر واري پنهنجي بنگلي ۾ وڃي رهياسين. اختر بيگ ۽ همايون هليا ويا.

24- جنوري: مسٽر سورابجي، ان جي گهر واري ۽ ٻار ٻچا شام جي وقت اسان وٽ آيا ۽ چانهه وغيره پيتائون.

17- اپريل: مسٽر غلام علي چاڳلا، يوسف علي علي ڀائي، غلام حسين قاسم، مير ايوب خان ۽ ڊاڪٽر محمديءَ کي رات جي کاني جي دعوت ڏنيسين. صبح جو ٻارن ٻچن کي هوا بندر گهمائڻ وٺي وياسين. واٽ تي موٽندي مهل مسٽر غلام علي چاڳلا جي گهران به ٿيندا آياسين، ان کان اڳ به، هڪ پورو ڏينهن، مسٽر غلام علي چاڳلا جي بنگلي ۾ ڪلفٽن تي وڃي گذاريوسين. هڪ ڏينهن مسٽر سورابجي ۽ کهنباٽا جون ٻه نياڻيون به اسان جي گهر آيون هيون ۽ اسان به اُن جي گهر ٻارن ٻچن سميت وياسين.

29- اپريل: اسان سڀ حيدرآباد موٽياسين، سڊني بيگ ج به ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيو، جو اُن جي بدلي سڪرنڊ ۾ ٿي هئي.

19- جون: آءٌ نبي بخش (نوڪر) کي ساڻ وٺي، رات واري گاڏيءَ ۾ نوابشاهه ويس، سڊني بيگ به اُتي گڏيو. صبح جو کيتيءَ تي وياسين. نياز حسين (مرزا صاحب جو ڀائٽيو) به گڏ هو. آچر جو ڏينهن کيتيءَ تي رهي، سڊني پنهنجي منزل ڏانهن هليو ويو. شام جي وقت اسان به نوابشاهه آياسين، اتي سڊني به گڏيو. اسان رات واري گاڏيءَ ۾ موٽي حيدرآباد آياسين.

3- جولاءِ: ڪمشنر صاحب مون کي صاحبلو ڪن کان سنڌي زبان جي امتحان وٺڻ لاءِ ممتحن مقرر ڪيو. آءٌ ڪراچيءَ ۾ صاحبلوڪن جو امتحان وٺڻ ويس ۽ 7- جولاءِ تي حيدرآباد موٽيس. ڪراچيءَ ۾ خيرپور اسٽيٽ بنگلي ۾ رهيس.

26- جولاءِ، مطابق 13 رمضان سنه 1333هه: سومر جي ڏينهن، ٽي وڄي سَت منٽ ٿيا هئا ته مون کي هڪ نياڻي ڄائي. ٻار جو نالو شهاد بيگم رکيو ويو.

2- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ۾ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشن ڪميٽيءَ لاءِ ويس، جا سنڌ ڪاليج ۾ منعقد ٿي هئي. 4- تاريخ وري حيدرآباد موٽيس.

20- آڪٽوبر: حج جي عيد هئي ۽ سڊني بيگ به آيو هو. ڏينهن خير سان گذريو.

7- نومبر: لاڙڪاڻي ڏانهن ويس، ٽين بجي مهل ڏينهن جو اُتي پهتس. لاڙڪاڻي جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان اسٽيسن تي گڏجڻ لاءِ آيا هئا. وڏيءَ محبت سان مليا ۽ مون کي جلوس جي صورت ۾ شهر لاڙڪاڻي ۾ آندائون ۽ سرائي گوهر خان جي بنگلي ۾ رهيس. ٻه ڏينهن لاڳيتو ڪانفرنس ۾ مشغول رهيس. محمدن ائسوسيئيشن وارن مون کي ائڊريس ڏني. مون مدرسو ڏٺو. اُتان 9- تاريخ شام جو حيدرآباد لاءِ روانو ٿيس. سڀ ماڻهو هندو ۽ مسلمان اسٽيشن تي آيا، ۽ 10- تاريخ صبح جو گهر (حيدرآباد) پهتس.



[b]سن 1916ع
[/b]

21- جنوريِ آءٌ گذشته ڊسمبر جي 29- تاريخ کان بيمار ٿي پيو هوس. نمونيا جي شروعات هئي. سول سرجن کي به سڏايو هوسين. الله پاڪ پنهنجي مهرباني ڪئي، جو آءٌ چڱو ڀلو ٿيس. اڄ 21- تاريخ پهريون گهمرو پنهنجي اوطاق مان وڃي چڪر ڏيئي آيس. منهنجي ڀيڻ 6- جنوريءَ تي وفات ڪئي هئي، پر جيئن ته آءٌ بيمار هوس، تنهن ڪري مون کي اُن جي وفات جي خبر نه ٻُڌايائون، جا اڄ مون ٻُڌي ۽ ڏاڍو ڏک ٿي. ٻه دفعا سڊني بيگ موڪل وٺي مون وٽ آيو هو ۽ نادر بيگ هڪ دفعو آيو. هو. ٻيا به گهڻائي دوست احباب پُڇڻ آيا هئا.

13- فيبروري: آچر جي ڏينهن آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ ٻه ڏينهن اُتي رهيس. مسٽر غلام علي چاڳلا جي معرفت پنهنجو اڳيون بنگلو، ڊاڪٽر خوبچند کي چاليهين هزارين روپين ۾ غلام علي چاڳلا وٽ ڇڏي آيس.

16- تاريخ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد موٽي آيس.

14- مئي: ايڊيوڪيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ڪراچي ويس. ٽي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهي. موٽي آيس.



سن 1917ع



10- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس. گورنر صاحب بمبئيءَ وٽ ڊيپوٽيشن وڃڻي هئي. اسٽيٽ بنگلي ۾ اڳيئي مسٽر ڀرڳڙي لٿل هو، تنهن ڪري وڃي نادر بيگ وٽ رهيس. مسٽر جهانگير ڪوٽوال ۽ دستور ۽ ڊاڪٽر ڍلاس سان به ملاقات ٿي. 14- تاريخ ڪراچيءَ کان موٽي حيدرآباد آيس.

7- مارچ: شام جو مسٽر حامد علي آيو ۽ کاڌو کاڌائين. اڳئين ڏينهن تي پنهنجي اچڻ جو اطلاع تار جي رستي ڪيو هئائين. مسٽر حامد علي کي وٺڻ لاءِ حيدرآباد اسٽيسن تي پهتس.

12- مارچِ خيرپور ميرس ڏانهن ويس. ٻه ڏينهن اُتي رهيس. ادي محمد ابراهيم سان گاڏيءَ ۾ هوا کائڻ ۽ شهر گهمڻ لاءِ ويس. هڪ رات، اُتي جي معزز ماڻهن جي دعوت ۾ شريڪ ٿيس.

15- مارچِ خيرپور کان گهوڙي گاڏيءَ ۾ سکر وياسين. ڀائي محمد دائود ۽ قاي عبدالقيوم به گڏ هئا. اسٽيٽ بنگلي ۾ لٿاسين. ٻنپهرن کان پوءِ مسلمانن جي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿياسين. پهرئين اجلاس جي صدارت مون کي ڏني هئائون. مون هڪ تقرير مسلمانن جي علمي ۽ ادبي ترقيءَ بابت پڙهي. ٻه ڏينهن ٻيا به اُتي رهياسين ۽ صبح شام ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿينددا رهياسين. نهايت چڱي ڪانفرنس ٿي. گهڻيون ئي تقريرون ۽ شعر پڙهيا ويا ۽ ماڻهو عطيا ڏيندا رهيا، بلڪه روپين جي ڄڻ برسات وسي رهي هئي. اسين 17- تاريخ جي شام جو اتان روانا ٿياسين ۽ حيدرآباد موٽي آياسين. دوستن مون کي شڪارپور ڏانهن هلڻ ۽ سکر ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ رهڻ لاءِ زور ڪيو، پر آءٌ رهي نه سگهيس ۽ کانئن معافي وٺي حيدرآباد هليو آيس.

18- مارچ: عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي آءٌ ڪراچيءَ ويس. ڪئنبٽ اسٽيشن تي نادر بيگ ۽ ٻيو هڪ صاحب گڏيو. اُنهن سان گڏجي اسٽيشن تي پهتاسين، جتي ڪراچيءَ جا ڪيترائي هندو ۽ مسلمان آيا هئائ. هڪڙو وڏو ۽ عمدو هار منهنجي گلي ۾ وڌائون ۽ پوءِ وڃي اسٽيٽ بنگلي ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن تي ”اردو ڪانفرنس“ هئي، جنهن ۾ آءٌ پريزيڊنٽ هوس. تمام گهڻا ماڻهو هئا. مون تقرير ڪئي. مسٽر ڀرڳڙي به اسٽيٽ بنگلي ۾ مون سان گڏ هو.

2- اپريلِ شام جو ڪمشنر صاحب جي پارٽيءَ ۾ ويس، رات جو اُتان دير سان موٽيس. گهڻائي ماڻهو ملاقي ٿيا.

3- اپريل : ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيس ۽ اُتان ميرپور ويس. مسٽر عبدالقادر ۽ محمد حسين به ميرپور تائين گڏ هئا. 6- تاريخ سڊني بيگ به هڪ هفتي جي موڪل تي ميرپور آيو، ۽ 11 تاريخ شام جو اُتان موٽي ويو.

5- مئي: اسان ميرپور کان ڏينه واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد آياسين، مرزا علي حسين ۽ اختر گڏ هئا. مرزا علي اڪبر اسٽيشن تي آيو هو. خيرپور اچي ڳوٺ پهتاسين. معلوم ٿيو ته اسان کانپوءِ اسان جي گهرن جي ڪوٺين مان پندرهن ڪوئا مُئل لڌا. ڪوٺين کي ڊاڪٽر جي معرفت دوائن سان صاف ڪرايوسين.

7 جولاءِ : شام جو ڀائي محمد ابراهيم ۽ مسٽر غلام حسين ۽ مسٽر ضياءُ الدين ۽ مسٽر آخوند جي مهماني ڪئيسين. مسٽر ڀرڳڙي، بيماريءَ سبب نه اچي سگهيو.

11 جولاءِ : خميس جي ڏينهن رمضان جي عيد ٿي. خير سان رمضان شريف جا ٽيهه ئي روزا رکيم. ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ عيد نماز پڙهيسين. سيد محمد شاهه نماز ۽ خطبو پڙهاي. سارو ڏينهن خير و خوبيءَ سان بسر ٿيو.

10- آگسٽ: مکي پريتمداس جي باغ ۾ شام جو پارٽيءَ ۾ ويس. هوم رول ڪانفرنس وارا ماڻهو آيا هئا. مسز سروجني نئڊو ۽ مسٽر غلام علي چاڳلا، يوسف علي ڀائي ۽ ين سان گڏيس.

15- سيپٽمبر: مسٽر . . . . . .مل سيشن جج جي دعوت تي ۽ ان جي پٽ جي اچڻ تي آءٌ شام جو، مکيءَ جي باغ ۾ پارٽيءَ تي ويس. موٽڻ وقت مسٽر منيرام مون سان گڏ گهر تائين آيو ۽ مون کي ڇڏي موٽي ويو.

17- سيپٽمبر: اڱاري جي ڏينهن حج جي عيد هئي. ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ عيد جي نماز پڙهيسين. وقت خير سان گذريو.

5- آڪٽوبر: مسٽر پرڀداس جي چوڻ تي، ايني بيسنت هال ۾ ڊاڪٽر هرنامداس جو ليڪچر هو، ان تي ويس. مون کي پريزيڊنٽ ڪيو هئائون. مون کي وٺڻ لاءِ گاڏيءَ تي ماڻهو آيا ۽ گاڏيءَ تي مون کي گهر پهچايائون.



سن 1918ع



8 – اپريل: آءٌ ۽ سڊني بيگ ٻارن ٻچن سميت شام واري گاڏيءَ ۾، پنهنجي ڳوٺ واريءَ اسٽيسن تان سوار ٿي، ميرپور خاص وياسين.

9- مئيِ ميرپور کان موٽي حيدرآباد آياسين. سڊني بيگ وارا اُتي رهي پيا. ميرپور ۾ مير صاحبن سان ملاقات به ٿي. ڪاهوءَ جو دڙو به ڏٺوسين.

25- مئي، مطابق 3- شعبان سنه 1335هه: مون کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو افضل بيگ رکيو ويو.

29- مئي: شام جو ٻار (افضل بيگ) جي ڇٺي هئي. مٽيءَ جو طوفان ۽ آنڌي اهڙي آئي جو ڏينهن مان رات ٿي ويئي. ٿوري وقت کان پوءِ مٽيءَ جو طوفان بند ٿيو ۽ چڱي برسات پيئي، جنهن ڪري ڇٺيءَ تي ڪو ماڻهو اچي نه سگهيو. پر تنهن هوندي به پتاشا، مٺائي وغيره ورهائي ويئي. ٻئي ڏينهن تي زالون آيون.

28- سيپٽمبر: جمعي جو ڏينهن ۽ حج جي عيد آهي، عيد جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين، ٻئي ڏينهن اُضحيءَ جو ٻڪر ڪُهايوين، ۽ اُن جو گوشت ورهايوسين، وقت خير جو گذريو.

6- آڪٽوبر: مطابق 18 ذوالحج: ڇنڇر جو ڏينهن، عيد غدير هئي. انجمن اماميه جي دعوت تي، قبن واريءَ مسجد ۾ وڃي نماز پڙهيسين، نادر بيگ به اُتي آيو ۽ مون سان گڏيو. ان سان گڏجي شهر تائين آيس، پوءِ هو هليو ويو، جو هن کي ڪراچيءَ ڏانهن موٽڻو هو.

17- آڪٽوبر: عاشوري جو ڏينهن ۽ خميس جو روز شام جو دستوري نذر نياز ڪيوسين.

19- آڪٽوبر: محرم جو ٽيجهو هو. سڊني بيگ جي خط مان معلوم ٿيو ته دلشاد بيمار هئي، انتظار سبب تار ڪيم. شام جو مرزا فيض احمد جي عيادت لاءِ ويس جو بيمار هو، پر رات جو اٺين نوين بجي مهل هن وقت ڪئي. ناصر علي موڪل تي آيل هو، جو موٽي خيرپور روانو ٿيو. آءٌ فيروز بيگم جي بيماريءَ سبب کيتيءَ تي نوابشاهه ۽ خيرپور وڃي نه سگهيس.

12- نومبر: آءٌ مسٽڙ ڀرڳڙيءَ وٽ معذرت جي لاءِ ويس، جو هن جي گهر واريءَ انفلوئنزا ۾ وفات ڪئي هئي، قُبن جي زيارت ڪئيسين. مسٽر- - - - ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر سان گڏيس ۽ مسٽر گبسن به ڏٺم، اڄ جرمن وارن وٽان صلح جي تار آئي.

3- ڊسمبر: سڊني بيگ جي خط مان معلوم ٿيو ته شمشاد جي پيٽ ۾ ڪا خرابي ٿي هئي ۽ سول سرجن آپريشن ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. مون کي ڪراچيءَ اچڻ لاءِ لکيائون. آءٌ سيد احمد شاهه(نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ ويس ۽ ستين تاريخ وري موٽي حيدرآباد آيس. شمشاد منهنجي پهچڻ واري ڏينهن کان ئي بهتر ٿيڻ لڳو هو ۽ ڊاڪٽر بولچند آپريشن ڪرڻ جو ضرور نه ڏيکاريو، انهيءَ ڪري گهڻي فڪر ۽ انتظار کان سڀ ڇٽي پياسين. وقت چڱو گذريو. مسٽر آخوند به اُتي هو ۽ آخري ڏينهن تي مسٽر ڀڳڙي به اچي مليو.



سن 1919ع.



5 – فيبروري: ڪراچيءَ ڏانهن ويس، جو جناب گورنر صاحب بمبئيءَ وٽ، مسلمانن جي ڊيپوٽيسن سان گڏ وڃڻو هو، پنج ڏينهن اتي رهيس ۽ ڏهين تاريخ اُتان موٽي حيدرآباد آيس. چ

و وقت گذريو. پارٽيءَ ۾ به شريڪ ٿيس. خيرپور جي اسٽيٽ بنگلي ۾ رهيس، جتي سڊني بيگ ۽ نادر بيگ به رهيل هئا.

29- مارچِ گهوڙن وغيره جو ميلو سوسائٽيءَ ڪرايو هو. آءٌ به ميمبر هوس. مسٽر ڪرڪ پئٽرڪ پارٽي ڏني، شام جو آءٌ به ان ۾ شريڪ ٿيس. گهڻائي صاحبلوڪ اُتي موجود هئا.

30- اپريل: شام جو مرزا محمد حسينجي شادي مرزا علي يار جي نياڻيءَ سان ٿي. ڏهين بجي مرزا علي اشرف بيگ نڪاح پڙهيو ۽ آءٌ وڪيل بڻيس. مرزا حيدر قلي ۽ مرزا احمد حسين شاهد هئا. رات جو ٻارهين بجي ۾ اڃا ويهه منٽ هئا ته مون کي هڪ پٽ ڄائو. دائي ڦُلو ۽ اُن جي ڌيءَ موجود هئي. ٻار جو نالو اڪمل بيگ رکيو ويو.

30- جونِ سومر جو ڏينهن ۽ رمضان المبارڪ ج جي عيد، نماز ۽ خطبو، مرزا علي اشرف بيگ پڙهايو. وقت خير جو گذريو.

6- سيپٽمبر: حج جي عيد هئي. سڊني بيگ به صبح جو سکر کان آيو. اختر بيگ به ڪراچيءَ کان پهتو. عيد جي نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين. مرزا علي اشرف بيگ نماز ۽ خطبو پڙهايو. اُضحي ڪئيسين ۽ ٻَڪر ڪُهي، ورهاياسين. شام جو آغا لطف علي شاهه ۽ مرزا دوست محمد خيرپوري وغيره، مبارڪباديءَ لاءِ اوطاق ۾ آيا.

11- سيپٽمبرِ شام جو آءٌ منوچهر بيگ (مرزا صاحب جو ڀائٽيو) جي چوڻ تي، اُن سان گڏجي کڏڙي ڏانهن ويس. پنج ڏينهن اُتي رهيس ۽ سترهين تاريخ ٻنپهرن جو موٽي حيدرآباد آيس. اُتي صبح ۽ شام گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئاسين. منوچهر بيگ مون کي نهايت گهڻي آرام ۽ آسائش سان رکيو، ۽ منهنجي خدمت چاڪري تمام گهڻي ڪندو رهيو.

20- سيپٽمبر: رات جو ميل ۾ خيرپور وياسين، جو اُتي ڀائي محمد يوسفجي ننڍي نياڻيءَ جي شادي مير مقبول خان سان ٿيڻي هئي. 24 تاريخ تائين خيرپور ۾ ترسياسين. شادي وڏي ڌوم ڌام سان ٿي. ڪراچي سنڌ ۽ ٻين پاسن جا وڏا ۽ معزز توڙي آفيسر ماڻهو شاديءَ ۾ شريڪ هئا، جن سان ملاقات ٿ. پياري خان گويي کي سڏايو هئائون، جنهن جو گانو ماڻهو ٻُڌو. نهايت چڱو وقت گذريو، پنجويهين تاريخ موٽر ڪار جي ذريعي سکر ويس ۽ ڏينهن سڊني بيگ وٽ گذاريم. شام جو موٽي خيرپور آيس، جتان ريل ۾ حيدرآباد آياسين ۽ 26- تاريخ گهر پهتاسين. مسٽر ۽ مسز حامد علي، صاحبزاده محمد خان ۽ سيد محمود شاهه ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو گڏيا. 26- تاريخ سيپٽمبر 1919ع تي محرم جي پهرين تاريخ شروع ٿي.

4- آڪٽوبر: پاڻ ۾ صلاح ڪئيسين ته هڪ ڪوآپريتو سوسائٽي ڪڍون، تنهن ڪري مسٽر عظيم خان کي مون خط لکي سڏايو، جو آيو ۽ قانون وغيره ڏٺاسين ۽ بندوبست شروع ڪري ڏنوسين. مسٽر عظيم خان کي ٻنپهرن جو کانو، اوطاق ۾ کارايو ويو. مرزا علي مدد بيگ جي ميمبر ٿيڻ واري مجلس به اڄ هئي.

6- آڪٽوبر: عاشوري جو ڏينهن هو. اختر بيگ هتي هو. سڊني بيگ نه آيو، جو هوءَ اڪثر اِهو ڏينهن حيدرآباد ۾ گذاريندو آهي. نذر نياز ڪيوسين ۽ فرخ بيگ وارن جي اُوطاق ۾ گڏجي ماني کاڌيسين. هن سال اتفاق سان محرم ۽ آڪٽوبر جو مهينو گڏجي پيو. اصل عاشوري جو ڏينهن به ڏهين آڪٽوبر سنه 1853ع تي ڄائو هوس.

13- آڪٽوبر: آءٌ ڪليڪٽر حيدرآباد کيڏسڻ ويس. سڊني بيگ به ڏياريءَ جي موڪل تي هتي آيل هو. شام جو مسٽر ۽ مسز حامد علي اسان وٽ آيا ۽ کانو کاڌائون. منوچهر بيگ، فرخ بيگ، سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ به اسان سان گڏ کانو کاڌو. کاڌو چڱو ٿيو ۽ وقت خير سان گذريو.

21- نومبر: صاحبزاده محمد خان سيوهڻ جو ڊيپوٽي، موڪل تي پنهنجي مُلڪ پئي ويو ته رستي ۾ مرزا منوچهر بيگ سان گڏيو، جو کيس دعوت ڏيئي پاڻ سان وٺي آيو. مون وٽ آيو، پوءِ اسان فرخ بيگ واري اُوطاق ۾ وياسين ۽ گڏجي ماني کاڌيسين. پوءِ هڪٻئي کان موڪلايوسين. علم موسيقيءَ تي لکيل ٽي ڪتاب مون کان صاحبزادو محمد خان پڙهڻ لاءِ وٺي ويو.

22- ڊسمبر: ڀائي محمد ابراهيم وٽان هڪ ڪاغذ آيو ۽ مسٽر محمد حسين علي آيو، جنهن ڪري خيرپور روانو ٿي ويس، جو اُتي محمدن ايڊووڪيشنل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو هو. فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ به اُتي آيا. وقت چڱو گذريو. 30 تاريخ آءٌ، سڊني بيگ ۽ فرخ بيگ گڏجي سکر وياسين ۽ سڊني بيگ وٽ رهياسين. قنبر علي به اُتي هو. 31- تاريخ شام جو اُتان روانو ٿيس. مون سان گڏ قنبر علي، ناصر علي ۽ سڪندر بيگ به حيدرآباد آيا.

سن 1920ع

6- جنوريِ سکر مان ڪاغذ آيو ته سڊني بيگ کي پُٽ ڄائو آهي، جنهن جو نالو جمشيد رکيو اٿن. اِها تاريخ 14- ربيع الآخر سنه 1337 هجري هئي.

1- مارچ: ٽنڊي ۾ ڪو آپريتو اسٽورس سوسائٽي جاري ڪئيسين. هڪ سؤ رپين جا شيئر ۽ هڪ سؤ رپيا امانت رکيم.

5 مارچ: مطابق 14- جمادي الاخر، سنه 1337 هه: نادر بيگ کي ڪراچيءَ ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ذاڪر بيگ رکيو ويو.

30- مارچ: آءٌ سيوهڻ ويس، جو صاحبزادي محمد خان اوڏانهن اچڻ لاءِ گهڻو لکيو هو. اُتان 5- اپريل موٽي آيس. قلندر شهباز جي روضي ۽ سيد ثابت علي شاهه شاعر جي مزار تي به ويس. 2 اپريل تي فرخ بيگ به آيو. 4- اپريل تي بوبڪ وياسين، جتي منڇر جي ڍنڍ جو سير ڪيوسين. فرخ بيگ به آيو. 4- اپريل تي بوبڪ وياسين، جتي منڇر جي ڍنڍ جو سير ڪيوسين، فرخ بيگ اُتي شڪار به ڪيو، نهايت چڱو وقت گذريو. مسٽر گوبندرام ۽ سيد ولي محمد شاهه ۽ ٻيا معزز ماڻهو گڏيا. صاحبزادي محمد خان نهايت عمدي طرح بندوبست رکيو هو.

24- اپريل: صبح جو مسٽر حامد علي آيو ۽ ٻنپرن جو مون ڪمشنر صاحب کي به وڃي ڏٺو ۽ مسر حامي کي به.

28- اپريل: مسٽر آخوند، مسٽر قاضي ۽ مسٽر ڀرڳڙي شام جو ملاقات لاءِ آيا. ٻيا ماڻهو به اُنهن سان گڏ آيا. چڱي صحبت رهي.

24- مئي: شام جو برسات آئي ۽ ڳڙا وٺا. درن جا ٻه شيشا ڀڳا.

19- جون: رمضان جي عيد، ڇنڇر جو ڏينهن. سڀني گڏجي ڳوٺ واري مسجد ۾ نماز پڙهي. آخوند ميان احمد نماز جو خطبو پڙهيو. منوچهر بيگ ۽ فرخ بيگ وارا به گڏ هئا. منهنجا ننڍا ٻار موجود هئا، پر وڏا موجود نه هئا. ننڍن مان به اسد بيگ کي ٻن ٽن ڏينهن کان بخار ايندڙ هو، پر تنهن هوندي به مسجد ۾ هليو. منوچهر بيگ وارا مبارڪ لاءِ اسان جي گهر آيا ۽ شام جو آءٌ به اُنهن سڀني جي گهرن ۾ مبارڪ لاءِ ويس. اسان وٽ ٻن ڏينهن کان ماستر عبداللطيف ٺٽي وارو مهمان هو.

26- جون: آءٌ صبح واري گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ ويس ۽ نادر بيگ وٽ ٽِڪيس.

1- جولاءِ: منهنجا ٻار ٻچا حيدرآباد کان ڪراچيءَ آيا ۽ اچي نادر بيگ وٽ رهيا.

3- جولاءِ: نئين گهر ۾ اچي رهياسين، جو مسٽڙ غلام علي چاڳلا جي معرفت خريد ڪيو هوسين.

5- جولاءِ: مسٽر غلام علي چاڳلا شام جو آيو ۽ مون کي پاڻ سان گهمائڻ لاءِ موٽر ۾ وٺي ويو. ڪلفٽن وياسين، اُتي ماني کاڌيسين. ڪن بنگالي صاحبن جو بااجو ٻڌوسين. آڌيءَ رات جو، مسٽر چاڳلا مون کي موٽر ۾ چاڙهي، گهر ڇڏي ويو.

6- جولاءِ مسٽر سورابجي بنگلي تي آيو ۽ اچي گڏيو.

8- جولاءِ: دلشاد ۽ شهزاد کي مِس روزسٽر واري انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيوسين ۽ اسد بيگ ۽ افضل بيگ کي سولجر بازار واري اردو اسڪول ۾ موڪليوسين.

10- جولاءِ: رات جو ڪو ماڻهو، ڪراچيءَ واري بنگلي جي ورانڊي واريءَ دريءَ مان ٽپي اندر آيو، ۽ منهنجي لوهي پيتي ۽ سبڻ جي مشين چورائي کڻي ويو. پيتيءَ ۾ پنج سؤ رپين جا نوٽ پيل هئا ۽ منهنجا سڀ ڪپڙا به اُن ۾ هئا. منهنجون ٻه هَٿ جُون واچُون به اُن ۾ هيون. ڪُل مال، اٽڪل ستين- اٺين سوين روپين جو هو. صبح جو نادر بيگ آيو ۽ پوليس ۾ رپورٽ ڏنائين. پيرن جا نشان ظاهر هئا. پوليس جي جاچ هلي رهي آهي.

21- جولاءِ هڪ وڪٽوريا گاڏي، گهوڙي سميت ڇهه سو روپين ۾ خريد ڪيم ۽ ٻه چار ڏينهن اڳ، هڪ سبڻ جي مشين، هڪ سو ٽيهين روپين ۾ ورتيم.

29- جولاءِ: شام جو ميل ۾ آءٌ حيدرآباد ويس. مرزا منوچهر بيگ ۽ ناصر علي حيدرآباد جي اسٽيشن تي آيا هئا. رات جو پنهنجي اوطاق ۾ رهس. 30- تاريخ صبح جو ناشتو ڪري شهر ويس. ڀائي محمد ابراهيم کي ڏٺم ۽ بمبئي بئنڪ مان ڪم لاٿم ۽ ڳوٺ ڏانهن موٽيس. سڀني عزيزن جي گهرن ۾ ساڻن ملڻ ويس. مرزا منوچهر بيگ مننجي گهڻي خدمت چاڪري ڪئي. ٻئي ڏينهن مرزا علي اڪبر بيگ وارن ماني موڪلي. مرزا علي اشرف بيگ ۽ ٻيا ماڻهو پڻ مهرباني ڪري مون وٽ ايندا رهيا. اخر بيگ به صبح جو مون وٽ آيو. ٻنپهرن جو وري ڪراچيءَ لاءِ ڳوٺان روانو ٿيس. اختر بيگ ڪوٽڙِءَ تائين گڏجي هليو، پوءِ سيوهڻ ڏانهن هليو ويو. وقت نهايت چڱو گذريو.

24- آگسٽِ مسٽر غلام علي چاڳلا جي موٽر گاڏيءَ ۾ اسان منگهي پير وياسين ۽ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ موٽي آياسين. آءٌ، سڊني ۽ ٻار ٻچا گڏ هليا هئا.

26- آگسٽ : حج جي عيد آهي. اسان ڪراچيءَ ۾ آهيون. سڊني ۽ نادر ۽ امداد حسين به هتي آهن. چارئي ڄڻا مسٽر غلام علي چاڳلا جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ وياسون، نادر بيگ جي موٽرڪار ۾ سوار ٿي. شام جو نادر بيگ جي بنگلي ۾ سڀني ٻارن ٻچن چانهه پيتي. وقت خير جو گذريو.

27- آگسٽ : اڄ شام جو سنڌ ڪاليج جي شاگردن جي دعوت تي ويس. مسٽر شاهاڻي پرنسپال به گڏ هيو. اُتي تقرير ڪيم ۽ شعر پڙهيم.

1- سيپٽمبر: نئن جي ڪناري تي هڪ پلاٽ 1272 يارڊ، في يارڊ سوائين اٺين رپئين جي حساب سان، شوجي دلال جي معرفت، آخوند ميان غلام مصطفيٰ محمد عليءَ کان خريد ڪيم. هڪ هزار روپي سوٿيءَ طور بروقت ڏنم ۽ باقي رقم ٽن مهينن اندر ادا ڪرڻ جو انجام ڪيم.

16- سيپٽمبر: سردار محمد خان هتي آيو. چالهه پيتائين. پوءِ آءٌ اُن سان گڏ اسٽيشن ويس. مير ايوب خان به شام جو آيو. ملاقات ڪئيسين. پوءِ هو اجازت وٺي هليو ويو.

26- سيپٽمبر: آچر جي ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙي ڏانهن، ٻارن ٻچن سميت موٽي آياسين. الهه وسايو گڏ هو. اختر بيگ، مرزا منوچهر بيگ ۽ مرزا علي حسين، حيدرآباد واريءَ اسٽيشن تي آيا هئا. گاڏي ۽ ٻه گهوڙا به پاڻ سان گڏ آنداسين.

16- ڊسمبرِ آءٌ عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ ويس. ڪاليج ۾ چار ليڪچر ڏيڻا هئا، جن مان ٽي ليڪچر ڏنم ۽ چوٿون هندو ڇوڪرين جي هاءِ اسڪول ۾ ڏنم ۽ هڪڙو غلام علي چاڳلا جي لائبريريءَ ۾ ڏنم. پوءِ ٿڪجي پيس ۽ 21- تاريخ موٽِ حيدرآباد آيس.



سن 1921ع

12- فيبروري: ڦليليءَ تي ديهه گجي ۾جيڪي چار نمبر زمين جا هئا، سي ساڍن تيرهن سون رپين ۾ ڀائي چنديرام کي وڪيم، جو آباديءَ جي مشڪلات هئي ۽ چڱا هاري ملي نٿي سگهيا.

2- فيبروريِ سردار محمد خان صبح جو آيو. هو موڪل تي پنهنجي ملڪ ٿي ويو. ٻنپهرن جو ٻين بجي تائين رهيو ماني کاڌائين پوءِ روانو ٿي ويو. وقت نهايت چڱو گذريو.

25- مارچِ ”صوفي سماگم“ م۾ ويس ۽ هڪ تقرير، جا صوفين جي نسبت ۾ لکي هيم، سا پڙهيم، ۽ اُنهيءَ کان اڳ 13- مارچ تي، عيد نوروز جي ڏينهن به هڪ شعر پڙهيم، مولوي علي صابريءَ لاهور وارو ۽ ٻيا حضرات آيا هئا.

27- مارچِ شام جو مسٽر غلام علي چاڳلا آيو. رات رهي، ٻئي ينهن ٻنپهرن جو هو ڪراچيءَ اُسهيو. رات جو مرزا منوچهر بيگ، مرزا فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ پڻ مانيءَ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ڏينهن جو پنهنجن باغن ۾ گهمڻ ڦِرڻ وياسون. مسٽر غلام علي چاڳلا به گڏ هو.

6- اپريلِ نوابشاهه ويس. ڏينهن جو اُتي رهيس ۽ شام جو مسٽر حامد علي سان گڏ ماني کاڌيم. مسٽر پينٽ، نئون سپرنٽينڊنٽ پوليس به گڏ هيو. ٻئيڏينهن پنهنجي زمين (ديهه نصرت) تي ويس. ٻه ڏينهن اُتي رهيس ۽ 9- تاريخ موٽِ نوابشاهه آيس. وري به مسٽر حامد عليءَ سان گڏيس ۽ مِير مقبول خان سان به مليس. شام جو موٽي حيدرآباد آيس.

10- اپريلِ شام جو مسٽر ڀرڳڙيءَ جي پارٽيءَ تي ويس. مسٽر ۽ مسز وُوڊ سان به مليس. مسٽر جمشيد ۽ ٻين معززن سان به ملاقات ٿي.

18- اپريلِ همايون گم ٿي ويو، جو اڳئين ڏينهن تي کيس سندس ماميءَ ماريو هو. معلوم ٿيو ته هُو سکر هليو ويو آهي. شهر ۾ هن جي گهڻي ڳولا ڦولا ڪئيسين، پر نه مليو. سکر ۾ تار ڏني ويئي.

21- اپريل، مطابق 12- رجب سن 1339 هجريِ خميس جي ڏينهن پوڻين ڇهين بجي شام جو مون کي هڪ پُٽ ڄائو. دايون حاضر هيون. اڳين ڏينهن تي منڊم کي به سڏايو ويو هو. ٻار جو نالو اجمل بيگ رکيوسين.

26- اپريلِ اجمل بيگ جي ڇٺيءَ جو ڏينهن آهي. شام جو آءٌ جج وٽ ڪميٽيءَ جي لاءِ ويس. اُتان موٽڻ بعد گهر ۾ زالون، ماڻهو ۽ اوطاق ۾ ٻيا عزيز خويش آيا. ڏينهن جو پتاشا ۽ مٺائي نياز طور ورهائي ويئي. رات جو ماني، پان سوپاري ۽ عطر ورهايو ويو. ڏهين بجي رات ڌاري سڀ ماڻهو موٽي ويا. ٻار جو صدقو به ڪڍيو ويو.

8- جونِ رمضان شريف جي عيد ۽ اربع جو ڏينهن آهي. الحمدالله! سارو مهينو روزا رکيم، جيتوڻيڪ ڏينهن نهايت گرم هئا. ڀائي محمد ابراهيم ۽ محمد دائود ۽ اُنهن جا ٻار ٻچا ۽ محمد يوسف قريشي پڻ آيا. آخوند احمد کي نماز ۽ خطبي لاءِ سڏايو ويو. سڊني بيگ به هو. سڀني گڏجي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ نماز پڙهي. ٻنپهرن جي ماني سڀني گڏجي اوطاق ۾ کاڌي. مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ ۽ مرزا اڪبر به شامل هئا. چڱو وقت گذريو. ٻين بجي مهل، اُهي ماڻهو موٽي ويا. شام جو ادي جي گهر به ويس.

9- جونِ مرزا منوچهر بيگ جي گهر وڃي ماني کاڌيسين، ۽ ٻنيءَ جي تقسيم جي نسبت پاڻ ۾ ڪميٽِ ڪئيسين.

11- جونِ سڊني، منوچهر، آصف علي ۽ منهنجي ٻارن گڏجي، منوچهر بيگ جي گهر ۾ ”شيخ چلي“ جو فارس ڪيو. اسان سڀ مڙس ماڻهو ۽ زالون منوچهر بيگ جي گهر جي اڱڻ ۾ فارس ڏسڻ لاءِ گڏ ٿياسون. وقت چڱو گذريو.

18- جونِ صبح جو ميل ٽرين ۾ ڪراچيءَ ويس. عبدالله (نوڪر) کي هڪ ڏينهن اڳواٽ اوڏانهن موڪليم. نادر بيگ اسٽيشن تي آيو. اُن سان گڏ ويس ۽ اُن جي ئي گهر ۾ ٽِڪيس. رات جو ”اسلام ڪلب“ ۾ وڏي دعوت هئي. ڪراچيءَ جا تمام وڏا ۽ معزز ماڻهو اُتي آيا هئا، جن سان نهايت چڱي ملاقات ٿي. آڌيءَ رات جو، دعوت تان، موٽي، گهر پهتاسين، ٻئي ڏينهن مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ اُن جو پُٽ مون وٽ آيا ۽ شام جو ميل ۾ ڪراچيءَ کان روانو ٿيس ۽ گهر پهتس.

31- جولاءِِ آچر جي ڏينهن، رات کان برسات شروع ٿي، جا گهڻي پيئي. گاڏيءَ جي طنبيلي جي ڇت جُهري پيئي ۽ گاڏي ڀَڄي پيئي.

9- آگسٽِ همايون قرآن شريف پورو ڪيو هو، جنهن جي حافظيءَ جي خوشيءَ ۾، هن جي مانميءَ وڏي مجلس ڪئي. سڀني گهرن ۾ دعوت موڪلي ۽ وڏي ماني ڪئي. وقت خير جو گذريو.

15- آگسٽِ حج جي عيد آهي. سڊني، منوچهر بيگ ۽ اختر بيگ آيل هئا. فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به گڏ هو. ڀائي محمد ابراهيم ۽ محمد دائود وارا به آيا هئا. سڀني گڏجي نماز پڙهي. آخوند احمد نماز ۽ خطبو پڙهيو. شام جو ڦليليءَ جي ڪناري واري باغ ۾ فرخ بيگ وارن ڪن ماڻهن کي سڏايو هو. اُتي چانهه پيتيسين ۽ ڪباب کاڌوسين. ٻئي ڏينهن اسان اُضحي ڪئي.

13- سيپٽمبر، عاسوري جو ڏينهن ۽ محرم سنه 1340 هجريِ اڱاري جو ڏينهن آهي. محرم جي ڇهين تاريخ مرزا فرخ بيگ جن جي اوطاق ۾ مجلس هئي ۽ نياز جو کاڌو هو. اڄ مرزا علي اڪبر وٽان به مجلس جي دعوت آئي. دستور موافق سڀني پِڙن تي اڳواٽ ئي اسان نياز لاءِ پئسا ڏياري موڪليا هئا. اڄوڪي ڏينهن حسب دستور نياز نذر گهر ۾ ڪيوسين. وقت خير جو گذريو.

5- آڪٽوبرِ مسٽر ۽ مسز حامد علي، ٻن سالن جي موڪل تي وڃي رهيا هئا، سي آيا ۽ اُنهن جي دعوت ڪئيسين. شام جو آيا هئا. ٻاهر ۽ اندر کاڌو کارايو ويو. ٻاهر اوطاق ۾ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ اندر مسز فرخ بيگ ۽ مسز منوچهر بيگ آيا. وقت خير جو گذريو. پاڻَ ۾ اتفاق سان وڌيڪ چُني لڳڻ سبب منهنجو ۽ منهنجن ٻارن ٻچن جو وات ڦُلارجي پيو.

14- آڪٽوبرِ نادر بيگ ۽ اسٽانلي آيا. نادر بيگ هڪ ڪيس جي سلسلي ۾ ڪوٽڙيءَ ٻارن ٻچن سميت آيو هو ۽ ڀائي محمد ابراهيم جي گهر رهيو، جو اُتي هڪ تماشو ٿيڻو هو. چانهه پي نادر ۽ اسٽانلي هليا ويا. شام جو مسٽر جان محمد ڀرڳڙيءَ، مسٽر غلام حسين جي مهماني ڪئي هئي، جنهن ۾ مون کي به سڏايو ويو هو. مون سان گڏ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به هئا. ٻئي ڏينهن صبح جو آءٌ مسٽڙ غلام حسين کي ملڻ ويس، ۽ شام جو هُو خود مون سان ملڻ لاءِ منهنجيءَ اوطاق تي آيو.

15- ڊسمبرِ آءٌ ڪراچيءَ ويس جو ڪمپلسري ايڊيوڪيشن ڪميٽيءَ جي سامهون شاهدي ڏيڻي هئي. ٻه ڏينهن اُتي رهيس ۽ 18 ڊسمبر تي موٽي آيس.

23- ڊسمبرِ ڀائي محمد دائود وفات ڪئي، آءٌ قبرستان تائين ويس.

24- ڊسمبرِ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ آءٌ لاڙڪاڻي ويس، جتي سنڌ جي شاعرن جي پهرين ڪانفرنس ٿيڻ واري هئي ۽ مون کي پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو هو. اسٽيشن تي مرزا منوچهر بيگ ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو موود هئا. گلن جا هار وڌائون ۽ جلوس جي صورت ۾ مون کي شهر مان وٺي ويا ۽ وڃي منزل تي لٿاسين. شام جو سڀ معزز ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا رهيا.

25- ڊسمبرِ ڪانفرنس شروع ٿي. رپورٽون پڙهيون ويون ۽ ايڊريس ڏنائون. مون مختصر جواب ڏنو. شام جو سبجيڪٽ ڪميٽي هئي، پر آءٌ نه ويس. مون کي سڄي ڪار گذاريءَ جو سربستو احوال پهچايو ويو.

26- ڊسمبرِ شروع ۾ منهنجي تقرير هئي، جا ”شعر جي شرافت ۽ شان“ جي بنسبت لکيل هئي. پوءِ مصرح طرح تي مشعرو شروع ٿيو. ڏينهن جو کاڌو مدرسي ۾ سڀني کاڌو ۽ شام جو سڀني جي گڏيل تصوير ورتي ويئي. رات جو سرائي غلام محمد اسراڻ جي دعوت تي آءُ ويس.

27- ڊسمبرِ صبح جو مرزا منوچهر بيگ حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو ۽ آءُ شڪارپور ڏانهن ويس. مسٽر پوڪرداس رُڪ اسٽيشن تي آيو هو. شڪارپور ۾ موٽر ۽ گهوڙي گاڏيءَ تي وياسين. سرڪاري باغ ۾ وياسين ۽ شهر گهميوسين، گهڻن ماڻهن سان ملاقاتون ڪيونسين. ٽين بجي سکر ڏانهن روانا ٿياسين. گهڻا ماڻهو اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ آيا.

28- ڊسمبرِ سکر ۾ رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن آءٌ ۽ سڊني بيگ خيرپور ڏانهن وياسين. وزير شيخ محمد قادر صاحب خط ۽ موٽر ڪار موڪلي هئي. شام جو مسٽر گورداس، سنگهه حضور ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي پارٽيءَ ۾ وياسين.

29- ڊسمبر سکر مان روانا ٿياسين ۽ اچي حيدرآباد پهتاسين.



سن 1922ع

9- فيبروريِ شام جو ڊاڪٽر عبدالمجيد جي مهماني ڪئيسين. قاضي غلام نبي به گڏ هو. مرزا منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ به شريڪ هو. وقت خير جو گذريو.

15- فيبروريِ اڳلي ڏينهن خبر پيئي ته ٿاڻي جي ڪليڪٽر وٽان تار آئي ته ڀائي محمد ابرهايم دل جي بيماريءَ کان وفات ڪئي، تنهن ڪري اڄ اسان يعني آءُ ۽ منهنجي گهر واري اُنهن جي گهر کان ٿي آياسين. لاش اچي نه سگهي، ۽ اُتي ئي دفن ڪئي ويئي.

16- فيبروريِ شام جو ڪمشنر جي درٻار هئي. مون کي دعوت هئي. سڪندر بيگ ۽ مرزا علي اڪبر مون سان گڏ هئا. مرزا فرخ بيگ نه هليو. مون کي هڪ آفرين نامو ۽ هڪ سوني واچ انعام ملي.

17- فيبروريِ شام جو ڪليڪٽر صاحب جي ”ايٽ هوم“ تي وياسين.

13- مارچِ آءٌ نَبو (نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ ويس، جو 17 تاريخ شاهزادو، پرنس آف ويلس اَچڻو هو. 17 تاريخ باغ واري پارٽِءَ ۾ آءٌ شامل ٿيس. سنڌ جي گهڻن زميندارن، جاگيردارن ۽ ٻين معزز دوستن سان ملاقات ٿي. مير علي نواز خان، صاحبزاد محمد خان ۽ ٻين سان پڻ ملاقات ٿي. مسٽر برنس، ”دهلي گزيٽ“ جي اسسٽنٽ ايڊيٽر سان به ملاقات ٿي. ٻئي ڏينهن 18 تاريخ گونگن ۽ ٻوڙن جي اسڪول جو سنگ بنياد رکڻ وارو هو. 19- تاريخ مسٽر ملڪ جي پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيس. شام جو حيدرآباد موٽي آيس.

2- اپريل: آءٌ ڪراچي ويس، جو ڪن يورپي آفيسرن جو سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو هوم، جنهن لاءِ ڪمشنر صاحب مون کي لکيو هو. ٽي ڏينهن سانده، اُنهيءَ ڪم سنگي فريئر هال ۾ وڃنو پيو. مسٽر هي به هو. 26 تاريخ وري موٽِ حيدرآباد آيس. ڪراچي ۾ البت پليگ جا ڪيس ٿيندا رهيا.

29- مئيِ شوال جي پهرين تاريخ ۽ رمضان جي عيد آهي. الحمد الله سڄو رمضان شريف جو مهينو روزا رکيم، جيتوڻيڪ پويان روزا سخت هئا. آخوند احمد نمياز ۽ خطبو پڙهايو. وقت خير جو گذريو.

8- جونِ خميس ڏينهن، شوال جي 11 – تاريخ اڪمل بيگ جو شام جي وقت ختنو ڪرايو ويو، عثمان حجام ختنو ڪيو. گهر جي ايوان ۾ بندوبست ڪيو ويو هو.

5 آگسٽ: ڇنڇر جي ڏينهن حج جي عيد آهي، سڊني بيگ ٻارن ٻچن سميت هتي آيل هو، منوچهر بيگ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به گڏ هئا، اختر ۽ اسٽانلي ۾ هتي هو، هميشه وانگي آخوند احمد کي سڏائي عيد جي نماز ۽ خطبو پڙهايو يو، ٻئي ڏينهن اسان اُضحي ڪئي.

6- آگسٽ شام جو مسٽر بولچند ڪرمچند، نوودياليه هاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر پاڻ سان سنيما جي مشين، فلم ۽ پنهنجا ماڻهو آندا ۽ رات جو 8 بجي کان 10 بجي تائين فلم ڏيکاريائين، مرزا منوچهر بيگ جي گهر جي ايوان ۾ بندوبست ڪيو ويو هو. اوڙي پاڙي جون زالون به گهڻي انداز ۾ فلم ڏسڻ آيون. وچ ۾ پردو ٽنگيو ويو. اسان ويهه رپيا خرچ پکي لاءِ ڏياري موڪليا. اگرچه هن وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر آخر زور ڀرڻ تي قبول ڪيا.

3- سيپٽمبرِ آچر جو ڏينهن، عاشوري جو روز آهي. سڊني بيگ جا ٻار ٻچا هتي هئا، پر پاڻ هتي نه هو. آءٌ ڪيڏانهن به ٻاهر نه ويس.

22- آڪٽوبرِ هوم اسٽيڊ هال ۾ جلسو هو، جتي آءُ پريزيڊنٽ هوس. گهڻا ماڻهو آيا هئا، فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به مون سان گڏجي هليا.

25- آڪٽوبرِ ڪمشنر صاحب جي حڪم مطابق ڪراچيءَ ويس، جو اتي ڪن يورپين آفيسرن جو سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو هو. 26- تاريخ کان ڪم شروع ٿيو، جو 30 تاريخ پورو ٿيو. نادر بيگ اڳيون بنگلو ڇڏي نئين بنگلي ۾ آيو هو، جو ڪراچي ڪلب ۽ پوسٽ آفيس جي ويجهو هو. مسٽر غلام علي چاڳلا ٻه – ٽي گمرا مِلڻ لاءِ آيو هو. هڪ دفعي هن سان گڏجي ايگزيبيشن (نمائش) به ڏسڻ ويس.

24- نومبر، مططابق 24- ربيع الاول سنه 1343ههِ مرزا علي اشرف بيگ گذريءَ رات 7 وڳي زڪام ۽ دمڪشيءَ جي بيماريءَ ۾ وفات ڪئي ۽ اڄ ٻنپهرن جو ڳوٺ واري مقام ۾ دفن ڪيو يو. آخري وقت ۾ هوش ۾ هو ۽ ڳالهه ٻولهه پئي ڪيائين.

30- ڊسمبرِ گونر صاحب بمبئي تشريف آندي هئي، جنهن سان مون ٻنپهرن جو خلاصي ملاقات ڪئي ۽ شام جو مسٽر غلام حسين جي باغ واري پارٽيءَ ۾ به گونر صاحب سان ملاقات ڪيم. ناتال خير جو گذريو.



سن 1923ع

18- جنوريِ آءُ ڪراچيءَ ويس جو 19 – تاريخ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيءَ هئي. مسٽر پرڀداس کي تار ڏنيم ۽ ڊيپوٽي اسنپيڪٽر جي آفيس ۾ وڃي رهيس. ٻئي ڏينهن ڪميٽي ٿي. اسماعيل خان، نادر بيگ، گريسي، آخوند نظر محمد، مسٽر سورابجي مون کي اُتي ملڻ آيا هئا. ايڪيهين تاريخ آچر جي ڏينهن موٽي حيدرآباد آيس. وقت خير جو گذريو.

13- فيبروريِ اڄ ٻين بجي، بسينت هال ۾ ڪو آپريٽو انسٽيٽيوٽ جي ڪانفرنس هئي، جنهن ۾ آءُ پريزيڊنٽ هوس. مسٽر . . . . . رجسٽرار ڪوآپريشن کاتي جو ۽ مسٽر . . . . پوليس ڪليڪٽر به حاضر هو. مرزا فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به موجود هئا. شام جو ڇهين بجي تائين اُتي هئاسين. ڇانهه وغيره پي، موٽيا آياسين.

15- فيبروريِ آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ ڊيپوٽِ انسپيڪٽر جي آفيس ۾ رهيس. عبدالله (نوڪر) به مون سان گڏ هو. ٻئي ڏينهن مسٽر غلام علي چاڳلا جي معرفت ٻارهين هزارين رپئين ۾ بنگلو وڪيوسين ۽ اُن جو دستاويز داخل ڪيوسين. ٻئي ڏينهن هڪ نئون پلاٽ، جو نئن جي ڪناري تي ورتو هوسين، سو وڃي ڏٺوسين ۽ 18 تاريخ موٽي حيدرآباد آياسين.

24- فيبروري: مسٽر غلام علي نانا جي چوڻ تي ٽريننگ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم. مضمون هو ”دل ۽ دماغ جو جسم تي اثر.“ گهڻا شاگرد ۽ ماستر اچي جمع ٿيا هئا.

27- مارچ: ڊاڪٽر رابندر ناٿ ٽيگور سان گڏ وڃي چانهه پيتم ۽ صحبت ڪيم، چڱو ماڻهو ڏسڻ ۾ ٿي آيو.

12- اپريلِ امام علي شاهه (نوڪر) کي ساڻ وٺي ڪراچيءَ ويس، جو اُتي ڪن يورپين آفيسرن جو سنڌيءَ ۾ امتحان وٺڻو هو، جنهن لاءِ ڪمشنر صاحب سڌايو هو. نادر بيگ وٽ رهيس. 16 – تاريخ ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد موٽي آيس. ڪراچيءَ ۾ گهڻن دوتن سان ملاقات ٿي. وقت خير جو گذريو.

18- مئيِ رمضان جي عيد يعني غره شوال، جمعي جو ڏينهن آهي. سڀ عزيز هتي هئا، سواءِ نادر بيگ جي. هميشه وانگي آخوند احمد کي عيد جي نماز ۽ خطبي لاءِ سڏايو ويو. خير جو وقت گذريو. شام جو خبر ملي ته فرهاد ۽ قنبر علي ٻئي مئٽريڪوليشن امتحان ۾ پاس ٿيا آهن.

1- جونِ گهر جي کوهه جي مٿان پمپ ۽ نل هڻايو ويو، مستري محمد قاسم شڪارپوريءَ جي معرفت، جنهن سڊني بيگ جي گهر ۾ پڻ پمپ ۽ نل هنيو هو. ڪُل خرچ ڏيڍ سؤ رپيا آيو.

21- جولاءِ، مطابق 5- ذوالحج سنه 1341 هجريِ جمعي جو ڏينهن شام جو ست لڳي پنج منٽ ٿيا هئا ته مون کي هڪ فرزند ڄائو. ڊاڪٽرياڻي مس آلفريڊ موجود هئي، جا پاڻ سان گڏ هڪ دائي به وٺي آئي هئي. ٻار جو نالو ادهم بيگ عرف حاجي بابا رکيو ويو. فرهاد، فيروز ۽ سٽانلي، ڪراچيءَ مان عيد جي موڪل تي آيل هئا.

25- جولاءِِ ذوالحج جي ڏينهن تاريخ، اربع جي ڏينهنن عيد هئي. ٻاهر آخوند عبداللطيف ٺٽوي، ٻن ٽن ڏينهن کان مهمان هو. ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ حسب دستور سڀني گڏجي نماز پڙهي. اُضحي ڪئي ويئي. ٻار جو عقيقو به ڪيو ويو.

12- آگسٽِ صاحبزادو محمد خان، ناري جو ڊيپوٽي، مون وٽ اچي لٿو. ٽي ڏينهن رهيو. ساڻس گڏ ٻه نوڪر به هئا. ساڻن چڱي صحبت ڪيم. سڊني بيگ ۽ فرخ بيگ به شامل رهيا.

29- آگسٽ: بُڪ ڪميٽيءَ جي واسطي آءُ ڪراچيءَ ويس. سيد امام علي شاهه (نوڪر) سان کنيم.شيخ محمد قادر وزير خيرپور جي مون کي روبرو زور به ڪيو ۽ خط به لکيو ۽ موٽر به اسٽيشن تي موڪلي ڏني، تنهن ڪري آءُ وڃي وٽس رهيس ۽ 13 تاريخ موٽي حيدرآباد آيس. نهايت چڱو وقت گذريو.

26- سيپٽمبر: آءٌ زناني ٽريننگ ڪاليج ۽ ڪندنمل گرلس اسڪول ۾ ويس. اُتي جا ماڻهو نهايت چڱي نموني پيش آيا. اسڪول ۾ هڪ تقرير ڪيم. گلن جا هار وڌائون. منهنجي گهڻي تعريف ڪيائون.

13- ڊسمبر: آءٌ ”صوفي سماگم“ جي واسطي ڪراچيءَ ويس ۽ پريزيڊنٽ ٿيس. ٽِ ڏينهن سانده شام جي وقت تقريرون ٿينديون رهيون. نادر بيگ جي بنگلي ۾ رهيس. سترهين تاريخ موٽي حيدرآباد آيس.

21- ڊسمبر: نيشنل ڪاليج وارن جي فرمائش تي اُتي وڃي ليڪچر ڏنم، ۽ ”سنڌي زبان ۽ لٽريچر“ جي مضمون تي لکيل تقرير پڙهيم. اُن کان پوءِ پارٽي ڪيائون، جنهن ۾ چانهه، بسڪيٽ، ڪيڪ وغيره کاڌاسين.



سن 1924ع

2- جنوري: نئين سال جي لقبن جي ياداشت ۾، مون کي ”شمس العلماءء“ جو لقب مليو ۽ وائسراءِ هند جي سيڪريٽريءَ ۽ گورنر بمبئي جي سيڪريٽريءَ ۽ ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ۽ ٻين يورپين صاحبن ۽ مسلمانن ۽ هندن ۽ پارسي دوستن وٽان مبارڪ باديءَ جا خط ۽ تارون پهتيون.

26- جنوري: آءٌ بڪ ڪميٽيءَ جي واسطي ڪرچايءَ ويس. فرخ بيگ به مون سان گڏ هليو (مدرسه بورڊ جي واسطي). مسٽر غلام علي چاڳلا، پروفيسر گربخشاڻي، مسٽر پنجابي ۽ ٻيا ملاقاتي آيا. اوڻيهين تاريخ اُتان موٽي حيدرآباد آيس.

4- مارچ: آءٌ سڊني بيگ ٽنڊي محمد خان وياسين ۽ آخوند عبدالله جج وٽ رهياسين. شام جو مير مرتضيٰ جي مقبري جي زيارت ڪئيسين ۽ پير سرهنديءَ سان به ملاقات ڪئيسين. ليڪن پاڻ ڪراچيءَ ويل هو. رات رهي، ٻئي ڏينهن موٽي آياسين.

19- اپريل: مسٽڙ ۽ مسز حامد علي ميرپور کان آيا. ماني ٽِڪي کائي روانا ٿيا.

2- اپريل: مون ۽ سڊني بيگ شام جي ماني مسٽر موتيرام وٽ کاڌي، جو مسٽر ۽ مسز حامد علي اُن وٽ مهمان هئا.

14- جولاءِ: حج جي عيد هئي، سڀ عزيز خويش موجود هئا. خير جو وقت گذريو.

24- جولاءِ: آءُ ڪراچي ويس، جو بڪ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ هئي. سڊني بيگ وٽ رهيس. 27- جولاءِ تي وري موٽِ آيس.

12- آگسٽ: محرم جو عاشورو هو. سڀ عزيز خويش موجود هئا. منوچهر بيگ ٻه ڏينهن پهرين موٽي آيو هو. مرزا علي اڪبر جي پڙ تي مجلس هئي. شام جو اُتي سڀني گڏجي نياز ڪيو، چڱو وقت گذريو.

2- سيپٽمبر: ٻه ڏينهن ۽ ٻه راتيون لاڳيتو سخت برسات پيئي. آسپاس گهڻو نقصان ٿيو ۽ شهر ۾ به نقصان ٿيو.

13- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس جو اسلامي ڪتابن بابت ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب سان فيصلو ڪرڻو هو. 16 – تاريخ اُتان موٽيس. فيصلو فائدي ۾ ٿيو.

15- ڊسمبرِ حيدرآباد ۾ گورنر صاحب بمبئيءَ جي درٻار هئي. مون کي ”شمس العلماء“ جي خطاب جي سَنَد، تمغو، چُغو ۽ دتار ملي.

16- ڊسمبرِ مسلمانن جي ڪانفرنس هومسٽيڊ هال ۾ شروع ٿي. سر رحمت الله پريزيڊنٽ هو ۽ صاحبزادو آفتاب احمد اردو ترقي ڪانفرنس جو پريزيڊنٽ هو ۽ مير ايوب خان، سنڌي ۽ اردو مشاعري جو پريزيڊنٽ هو. ٻه ڏينهن ڪانفرنس چالو رهي. مشاعرو رات جي وقت ٿيو. اُردو ۽ سنڌيءَ جا گهڻا شاعر حاضر هئا، جن پنهنجا غزل پڙهيا. مون ۽ منوچهر بيگ به غزل لکيو هو ۽ همايون پڻ.

21- ڊسمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وٽ رهيس. ٻئي ڏينهن ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي هئي. 31- تاريخ اُتان موٽيس. خير جو وقت گذريو.



سن 1925ع

19- مارچ: گذريءَ رات اسان جي چوري ٿي. ٻه چور ڪوٽ جي ڀت ٽپي، گهٽيءَ ۾ آيا ۽ وچين دريءَ مان اسان جي گهر ۾ گهڙي، گدام واري ڪوٺيءَ جو تالو ڀڃي، ٻه بسترا، اَٺ ديڳڙا، گلم، غاليچا ۽ ڏوليءَ جو پوشڻي ويا ۽ اوطاق مان به وڏي ٽيبل جو ڪپڙو کڻي ويا. پوليس آئي ۽ گهڻي مٿي ماري ڪيائين، پر چوريءَ جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو. ٿورو سامان ڪوٽ مان مليو، جو چور پٺيان ڇڏي ويا هئا. مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ، حيدر بيگ، سٽانلي ۽ ٻين گهڻي ڪوشش ڪئي.

12- اپريل: مسٽر شيرازي ٻارن ٻچن سميت ڪراچيءَ مان آيو ۽ باغ ۾ محمد يوسف عباسيءَ وٽ مهمان ٿي رهيو. ٻنپهرن جو ڦليليءَ ۾ وهنجڻ ويو ۽ ٻڏي ويو. شام جو اها خبر پيئي، ٻئي ڏينهن صبح جو هن جو پيءُ ڪراچيءَ مان آيو ۽ پنهنجي پٽ جي لاش کي ڦليليءَ وري قبرستان، بلند شاهه ۾ دفن ڪرايائين.

25- اپريل: ڇنڇر جو ڏينهن، رمضان جي عيد آهي. الحمدالله ٽيهه ئي روزا رکيم. سڀ عزيز موجود هئا، سواءِ نادر بيگ ۽ اختر بيگ جي. عيد جو خطبو مون پڙهيو، جو سڀني کي پسند آيو. اهو پهريون گهمرو هو جو مون خطبو پڙهيو هو.

26- اپريل: شام جو ٻارن گڏجي هڪ ناٽڪ، منوچهر بيگ جي گهر ۾ ڪيو. اسان سڀ ڏسڻ وياسين. خوش ٿي موٽياسين.

27- اپريل: ڪالهه کان ميونسپالٽيءَ جي چونڊ هئي. اڄ شام جو آءٌ سڪندر بيگ جي لاءِ ووٽ وجهي آيس.

3- اپريلِ مرزا منوچهر بيگ جي خواهش تي مون باغ ۾ شمس العلمائيءَ واري پوشاڪ ۾ فوٽو ڪڍايو.

هڪ جولاءِ: اربع جو ڏينهن ۽ حج جو روزو آهي. تاريخ 9- ذوالحج سنه 1343 هجري جي صبح جو ساڍي ستين بجي مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ارشد بيگ ۽ رواني نالو ”جان بابا“ يا ”جاني بابا“ رکيو ويو، جيئن ادهم بيگ جو ”حاجي بابا“ نالو رکيو و هوسين، جو 6- تاريخ ذوالحج جي پيدا ٿيو هو.

2- جولاءِ: حج جي عيد جو ڏينهن ۽ خميس جو روز آهي. اڳينءَ عيد وانگي، عيد جو خطبو، مسجد ۾ مون کي پڙهڻو پيو. سڊني بيگ ۽ منوچهر بيگ هتي نه هئا. وقت خير جو گذريو.

6- جولاءِ: جاني بابا جي ڇٺي هئي. اُن جو عقيقو، هڪ ٻڪري ڪُهي ڪيوسين. پلاهه وغيره ٺاهي ورهايوسين ۽ شام جو گهر ۾ عزيز خويش ۽ زالون آيون.

15- جولاءِ ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ لاءِ آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وارن وٽ رهيس. 18- تاريخ موٽي آيس ۽ اُنهيءَ رات منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ جا ٻار ٻچا به محرم لاءِ آيا.

پهرين آگسٽ: محرمجي ڏهين تاريخ هميشه وانگي خير سان گذري.

27- سيپٽمبر: آءٌ ڪراچيءَ ويس ۽ سڊني بيگ وارن وٽ رهيس. ٻئي ڏينهن شام جو مدرسي ۾ ليڪچر ڏنم. مسٽر فيض طيب جي پريزيڊنٽ هو. ٻئي ڏينهن وري ٿياسافيڪل هال ۾ ليڪچر ڏنم ۽ 30- تاريخ موٽي آيس.



سن 1926ع

29 جنوري: مسٽڙ دهلوي، ويهن ورهين کان پوءِ، گورنر بمبئي جو وزير مقرر ٿي سنڌ ۾ آيو. هُن پنهنجي اچڻ جو احوال بمبئيءَ کان لکيو هو. اُن کي بيسنت هال ۾ گڏيس. ٽيهين تاريخ مسٽر نور محمد وڪيل جي دعوت تي وياسين ۽ اڪٽيهين تاريخ ڪانفرنس ۾ هُن سان ملياسون. شام جو وري عظيم خان سان گڏ منهنجي اوطاق تي آيو ۽ چانهه وغيره پيتائين. ٻئي ڏينهن نوابشاهه روانو ٿيو.

13 – اپريل: اربع جو ڏينهن ۽ رمضان جي عيد آهي. خير سان سڀ روزا رکيم. سڊني بيگ، منوچهر بيگ، ٻيا عزيز خويش ۽ ٻار ٻچا موجود هئا. نماز خطبو ٻئي مون کي پڙهائڻا پيا. خير سان وقت گذريو.

23- اپريل: آءٌ لاڙڪاڻي ويس ۽ ٻين بجي مهل ڏينهن جو اُتي پهتس. واٽ تي دادوءَ ۾ منوچهر بيگ گاڏيءَ ۾ چڙهيو. لاڙڪاڻي اسٽيسن تي مسٽر حامد علي ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو آيا. هار وڌائون ۽ گهڻي خوش مرحبائي ڪيائون، مسٽر حامد علي، پنهنجي موٽر ۾ ويهاري، بنگلي تي پهچايو. شام جو ”انجمن حسينيه“ جي مجلس ٿي. مون کي ائڊريس ڏنائون، جنهن ۾ منهنجي تعريف ڪئي ويئي. مون اُن جو جواب ڏنو. اُن کان پوءِ منقبت وغيره پڙهيم. وري رات جو حاجي امير علي وٽان کاڌي جي دعوت ملي. مسٽر ۽ مسز حامد علي ۽ ٻيا گهڻا معزز ماڻهو اُتي هئا. ٻئي ڏينهن صبح جو قبرستان ۾ وڃي پنهنجي ٻار جي قبر تي ختمو چيم. شام جو”پوئٽري سوسائٽي“ ۾ مشاعرو هو. مسٽر حامد علي منهنجي تعريف ڪئي، مون کي اُن جو جواب ڏيڻو پيو. پوءِ هڪ ليڪچر ڏنم ۽ هڪ شعر پڙهيم ۽ ٻين جا شعر ٻڌم رات جو وري مسٽر حامد عليءَ وٽ ماني هئي. 25- تاريخ جو ملاقاتون ٿيون ۽ شام جو مسٽر حامد علي اسٽيسن تي پهچائي آيو ۽ نوين بجي شڪارپور پهتس. مسٽر پوڪرداس و پُٽ ۽ ٻيا گهڻا سيٺيون اُتي آيا، جن مون کي موٽر ۾ کڻي، رهائش واري بنگلي تي پهچايو. ٻئي ڏينهن 26 – تاريخ شهر گهمڻ ويس ۽ گهڻن دوستن ۽ معززن سان ملاقاتون ڪيم، شام جو پوڪرداس جي دعوت هئي، جنهن ۾ شهر جي گهڻن هندن ۽ مسلمانن شرڪت ڪئي. اُنهن سان ملاقات ڪيم. ٻئي ڏينهن 27- تاريخ وڏي صبح جو اُتان روانو ٿيس. سکر اسٽيشن تي ناصر علي گڏيو، ٻنپهرن جو اچي گهر تي خير سان لٿس.

5- جون: بادشاهه جي جنم جو ڏينهن آهي. مرزا منوچهر بيگ، جو مشهد مقدس ڏانهن ويو هو، سو خير سلامتيءَ سان واپس موٽيو.

2- جون: حج جو ينهن ۽ آتوار جو روز آهي. ٻار صبح جو شاهه مڪائيءَ جي ميلي تي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويا. جاني بابا جي سالگرهه هئي، شام جو گهر ۾ پارٽي ڪئي ويئي، جنهن تي عزيز خويش زالون، ۽ ٻار آيا ۽ ڳايائون وڄايائون ۽ بسڪيٽ، ڪيڪ، ليمنڊ، سوڍا وغيره پيتائون. ڏهين بجي پارٽي ختم ٿي. چاشني ٺاهي گهرن ۾ ورهائي ويئي. وقت خير خوشيءَ جو گذريو.

21- جون: عيد جو ڏينهن آهي. حسب دستور نما ۽ خطبو عيد جو مون پڙهايو. اُضحي ٻئي ڏينهن ڪئيسين. سڊني بيگ بمبئيءَ ۾ هو پر ان جا گهر وارا ۽ ٻيا سڀ عزيز خويش موجود هئا.

28- سيپٽمبر: صبح واري گاڏيءَ ۾ ڪراچيءَ ويس. ڪمشنر مسٽر ڪابل پيشن وٺي ولايت وڃي رهيو هو، جنهن جي پارٽيءَ تي ويس ۽ اُن سان گڏيس. مرزا منوچهر بيگ ۽ فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ به اُن پارٽيءَ تي آيل هئا. گهڻن وڏن آفيسرن ۽ معزز ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون. 29- تاريخ ڪاليج ۾ ليڪچر ڏنم ۽ 30- تاريخ ٿياسافيڪل هال ۾، ۽ پنجين تاريخ مدرسي ۾ ليڪچر ڏنم. هن ڀيري گهڻا ڏينهن ڪراچيءَ ۾ رهڻو پيو، ڇهين تاريخ ٽيڪس بُڪ ڪميٽي هئي، جا ٿي نه سگهي. پنهنجي ڪراچيءَ واري خريد ڪيل پلاٽ ۾ گڙٻڙ هئي، جنهن لاءِ ڊيپوٽي ڪمشنر کي ڏٺم ۽ ضروري بندوبست ڪيم. مسٽر طيب جي ۽ سردار محمد خان جي دعوت تي ويس. مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا گهڻا دوست گڏجڻ لاءِ آيا. مطلب ته سڄو وقت ڪراچيءَ ۾ چڱو گذريو. ڪپڙو ۽ ٻيو گهڻو سامان خريد ڪيم. الهوسايو روزانو ايندو هو ۽ خريداريءَ ۾ مدد ڪندو هو. پوين ٻن ڏينهن ۾ اختر به اُتي آيو. نادر بيگ ته روزانو گڏيو هو. ستين تاريخ ڪوئيٽا ميل ۾ ڪراچيءَ کان حيدرآباد هليو آيس.

18- ڊسمبر: مسٽر ڪيولرام ڏيارام سان گڏ پروفيسر ڪاروي بمبئي وارو ۽ مسٽر ڦيرواڻي شڪارپور وارو ملاقات لاءِ آيا.

19- ڊسمبر: ميسز حامد علي آئي، جو ليڊيز ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻو هوس ۽ بڙودي ڏانهن وڃي رهي هئي.



سن 1927

2- جنوري: مرزا منوچهر بيگ ۽ سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ ۽ آءٌ ٻارن ٻچن سميت موٽرن ۾ چڙهي باغ ۾ وياسين ۽ ٻين بجي موٽي آياسين. شڪار ڪيوسين. ٻني ڏٺيسين ۽ تمام چڱو وقت گذاريوسين.

11- جنوري: مسٽر ليلا رام هيڊ ماستر جي چوڻ تي حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ ”شهر جي اثر“ تي سنڌيءَ ۾ تقرير ڪيم.

16- جنوري : مسٽر آدمجي منڇر جي دلال ۽ مسٽر سورابجي مون وٽ آيا. شام جا چار لڳا هئا. اُنهن کي چانهه ۽ بسڪيٽ پيش ڪياسين. گهڻيءَ مدت کان پوءِ گڏيا هئا، اُنهن کي ڏسي مون کي گهڻي خوشي ٿي، جو اُهي منهنجا ڪاليج جا سنگتي هئا.

2- مارچ: آءٌ ڪراچيءَ ۾ ويس، جو ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽي ٿيڻي هئي. ٻه ڏينهن اُتي رهيس. 5- تاريخ موٽي حيدرآباد آيس.

4- اپريل: رمضان جي عيد خير سان گذري. سڊني بيگ وارا بمبئي هئا.

24- مئي: همايون مئٽريڪيوليشن امتحان ۾ پاس ٿيو.

10- جون: جمع جو ڏينهن حج اڪبري ٿيو.

11- جون: عيدالضحيٰ جوڏينهن آهي، حسب دستور نماز ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ پڙهيسين ۽ خطبو مون پڙهيو.

12- جون: اجمل بيگ جو ختنو ٿيو.

13- جون: آءُ ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيءَ لاءِ ڪراچيءَ ويس ۽ 15 – تاريخ اُتان موٽي آيس.

3- جون: ڪالهه خبر ملي ته مير نور محمد خان، جو ڪربلا ڏانهن ويل هو، تنهن اُتي نمونيا ۾ وفات ڪئي. اڄ فاتح ۽ مهذرت جي لاءِ آءٌ ۽ فرخ بيگ، سندس ڏُهٽي وٽ وياسين.

2- جولاءِ: ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ جو ساليانوجلسو ٿيو. آءٌ پريزيڊنٽ هوس، جلسو هومسٽِڊ هال ۾ ٿيو. ماڻهو گهڻا آيا. وقت خير جو گذريو.

16- جولاءِ: 16- محرم، ڇنڇر جي ڏينهن اڳينءَ رات اڍائين بجي مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو اصغر بيگ رکيو ويو ۽ رواني نالو ”علي بابا“، جو هُو محرم جي مهيني ۾ ڄائو هو. آءٌ پاڻ به چوٿين محرم تي پيدا ٿيو هوس.

21- جولاءِ: اڳينءَ رات علي بابا جي ڇٺي ڪئيسين ۽ اڄ عقيقي جو نياز ورهايوسين، ٻارن جي مٿي جي جهنڊ به لهرائي ويئي ۽ ڊڪٽر محمد خان کان ختنو به ڪرايو هو.

28- جولاءِ: مرزا علي حسين سان گڏجي بمبئيءَ ڏانهن ويس. زوردار برسات پئجي رهي هئي. مسٽر شاهاڻي پرنسپال به مون سان گڏ هو.

29- جولاءِ: شام جو نوين بجي احمدآباد پهتاسين. اڳيان رستو بند هو. يونيورسٽي رجسٽرار کي تار ڏنيسين. مرزا علي حسين وڃي مرزا سڊني بيگ کي ڳولي پاڻ سان وٺي آيو، جنهن سان گڏجي وڃي ڊاڪٽر منصور احمد جي بنگلي تي رهياسين. مسٽر شاهاڻي موٽي حيدرآباد آيو.

6- آگسٽ: احمد آباد ۾ رهياسين ۽ گهمندا رهياسين، جو بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ جو رستو بند هو.

9- آگسٽ- احمدآباد ۾ رهياسين ۽ گهمندا رهياسين.، جو بمبئيءَ ڏانهن وڃڻ جو رستو بند هو.

9- آگسٽ احمد آباد کان روانا ٿياسين ۽ ٻئي ڏينهن ببئيءَ ۾ پهتاسين. آچر جي ڏينهن باندرا وياسين ۽ مسٽر گدومل ۽ مسٽر مرچنٽ سان گڏياسين. 8- آگسٽ: بمبئيءَ کان روانا ٿياسين، مرزا سڊني بيگ به گڏ هو ۽ 11- تاريخ احمدآباد پهتاسين، مسٽر ڪنٽرئڪٽر سان گڏياسين ۽ شاهه عالم جو روضو ڏٺوسون.

12- آگسٽ: صبح جو احمداباد کان روانا ٿياسين ۽ 13- تاريخ حيدرآباد پهتاسين. مرزا حيدر بيگ ۽ اسد بيگ اسٽيسن تي موجود هئا.

24- آگسٽ: مرزا علي حسين کي پاڻ سان گڏ وٺي بمبئي ويس، جو يونيورسٽيءَ جي ڪميٽي ٿيڻي هئي. مسٽر شاهاڻي به گڏ هليو هو. احمد آباد ۾ سڊني بيگ گڏيو. 26 – تاريخ بمبئيءَ ۾ مسٽر دستور سان گڏيس ۽ ٻئي ڏينهن 27- تاريخ يونيورسٽيءَ جي ڪميٽي ٿي. 29 تاريخ پوني ويس. ڊائريڪٽر مسٽر هيسڪتو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مسٽر لر کي گڏيس. مسٽر غلام حسين ۽ مسٽر دهلويءَ کي به گڏيس ۽ شام جو موٽي آيس. سڊني بيگ به آيو. 30- تاريخ اڱاري جي ڏينهن شام جو روانا ٿياسين. سڊني بيگ ۽ اُن جا ٻار ٻچا به اسان سان گڏ موٽيا. ٻنپهرن جو حيدراباد پهتاسين. سڊني بيگ ۽ سندس ٻار ٻچا ڪراچي روانا ٿيا. پٿوري اسٽيشن تي مرزا منوچهر بيگ به

22- سيپٽمبر: آءٌ عبدالله (نوڪر) کي ساڻ وٺي يونيورسٽيءَ جي ڪميٽيءَ تي ويس ۽ اُتان 26- تاريخ موٽي آيس.

8- ڊسمبر: مسٽر ڏيارام گدومل، منهنجو پراڻو ۽ گهرو دوست، جو باندرا [بمبئيءَ] ۾ رهندو هو. اُن جي مرڻ جي خبر اڄ ٻُڌم. نهايت گهڻو ڏک ٿيم.



سن 1927ع



8- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس، جو 9- تاريخ ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽي ٿيڻي هئي. مرزا حيدر بيگ، مرزا منوچهر بيگ ۽ قنبر علي به ڪراچيءَ ۾ آيا. ديهه وارا واڻيا به اُتي هئا. منوچهر بيگ جي آفيس ۾ رهياسون. نادر بيگ ۽ همايون به اُتي ايندا رهيا. 11- تاريخ وري اُتان موٽي آياسين.

14- جنوري: مسٽر پوڪرداس ڪتب فروش آيو ۽ ڏينهن رهيو. اسلامي ڪتابن جي باري ۾ پڻ ٺهراءُ ڪيوسين ۽ دستاويز هڪ ٻئي کي لکي ڏنوسين. ڪتاب هُو پنهنجي خرچ تي ڇپائيندو ۽ ٽيٽيهه روپيا في سيڪڙو ڪميشن هو وٺندو.

25- جنوري: آءُ مرزا حيدر بيگ کي ساڻ وٺي ببئيءَ ويس، جو 27- تاريخ اُتي يونيورسٽيءَ جي ڪميٽِ هئي ۽ 1- تاريخ فيبروريءَ جي اُتان موٽي آياسين. چڱو وقت گذريو. بمبئيءَ رواني ٿيڻ وقت مسٽر شاهاڻي سفر ۾ رفيق هو ۽ موٽڻ وقت مسٽر غلام قادر شعبان گڏ هو.

15- فيبروري: آءٌ ۽ مرزا علي حسين بمبئيءَ وڃڻ لاءِ تيار ٿياسين، جو اُتي 17- تاريخ يونيورسٽيءَ جي ڪميٽيءَ تي حاضر رهڻو هو؛ پر اڳينءَ رات قلندر شهباز جي روٽ پچائڻ ۽ ورهائڻ کان پوءِ گهر وارن کي سرديءَ سان بخار چڙهيو. ساري رات بخار رهيو. اُنهيءَ ڪري اسان پنهنجو وڃڻ ملتوي ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر کي سڏيوسين، جنهن چيو ته انفلوئنزا جو اثر آهي.

23- مارچِ رمضان جي عيد هئي. سڀ عزيز خويش موجود هئا. خير سان عيد جي نماز پڙهيسين. مون ٽيهه ئي روزا رکيا. رمضان جي 2- تاريخ آءٌ ڪراچيءَ ويس جو ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽِ هئي ۽ ساڳئي ڏينهن موٽي آيس ۽ مون کي زڪام، تپ، کنگهه، نزلو ۽ بخار ٿي پيو.

26- مارچِ سڊني بيگ سڌو بمبئيءَ کان ڪراچيءَ ويو. ٻار ٻچا کيس اسٽيشن تي ملڻ ويا.

3- اپريل: آءٌ ڪراچيءَ ويس ، جو مسٽر پرسيول وٽ ’ايٽ هوم‘ هو ۽ مون کي مسٽر ريورنڊ ٿامپسن اُنهيءَ شرڪت ڪرڻ لاءِ زور ڪيو هو. سڊني بيگ جيڪو نئون گهر خريد ڪيو هو، تنهن ۾ رهيس. رات جو آءٌ ۽ سڊني بيگ ڏهين بجي ايٽ هوم ۾ وياسين. گهڻائي صاحبلوڪ ۽ منڊمون جمع هيون. مير ايوب خان به اُتي هو. بائيبل جي لکڻ بنسبت مون هڪ ڪاغذ پڙهيو. پنجين تاريخ سڊني بيگ سان گڏجي حيدرآباد آيس. ايسٽر جون موڪون هيون.

29- مئي: حج جو ڏينهن هو ۽ 30 مئي اربع جي ڏينهن عيدالضحيٰ هئي. هميشه وانگي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ نماز پڙهيسين. ڏينهن خير جو گذريو.

29- جون: 10 محرم جمع جو ڏينهن ۽ عاسوري جو روز آهي. هميشه وانگر شروع ۾ ئي جُدا جُدا پِڙن تي نذر ڏياري موڪليوسين. 6- محرم تي سڪندر بيگ وارن جي مجلس هئي، جنهن تي حاضر رهيس. عاشوري جي ڏينهن نذر نياز ڪيوسين ۽ ورهايوسين. وقت هميشہ وانگي گذريو. سڊني بيگ جا ٻار ٻچا هتي هئا.

16- جولاءِ: اصغر بيگ عرف علي بابا جي پهرين سالگرهه آهي. خيرات جو کاڌو ڪيوسين. سڊني بيگ ۽ منوچهر بيگ جا ٻار ٻچا ڪراچيءَ روانا ٿيا.

31- جولاءِ: ڪراچيءَ ويس، جو پهرين ۽ ٻين جولاءِ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي يادگيريءَ ۾ جلسو ڪيو ويو هو ۽ ڪاليج جي سرسوتي گروپ وارن مون کي اُن جلسي جو پريزيڊنٽ ڪيو هو. آءٌ اُهو ڏينهن سڊني بيگ وارن وٽ رهيس. منوچهر بيگ به اُتي هو. وقت خير جو گذريو.

19- آگسٽ: آچر جي ڏينهن مرزا علي حسين سان گڏ بمبئيءَ روانو ٿيس. اسٽيشن تي مسٽر شاهاڻي، مسٽڙ ولي محمد ۽ مسٽر موٽاڻي گڏيا. هڪ ئي جاءِ تي ويٺاسون. پهرينءَ ئي رات جو مون کي پيٽ ۾ سُور ٿيڻ لڳو ۽ پيچ به هو، جنهن ڪري آءُ وڌيڪ ماني کائي نه سگهيس. دادر اسٽيشن تي شيخ محمد قادر جو حوالدار بيٺو هو. آءٌ ۽ مسٽر ولي محمد لٿاسين ۽ ٿاڻي وياسين. شيخ صاحب سان ملياسين. يارهين بجي آءٌ ۽ مرزا علي حسين بمبئيءَ پهتاسين. ٻارهين بجي آءٌ يونيورسٽيءَ جي ڪاميٽيءَ ۾ ويس ۽ مرزا علي حسين کي سامان خريد ڪرڻ لاءِ شهر ۾ موڪليو. ڪميٽيءَ هلندي مون کي پيٽ ۾ سخت سُور پوڻ لڳو ۽ آءٌ بي آرام ٿيڻ لڳس. آخر ٻه ڪلاڪ ڪميٽيءَ جو ڪم پورو ڪري، آءٌ مسٽر شاهاڻيءَ سان گڏ تاج محل هوٽل ۾ آيس ۽ اچي سمهي رهيس- نه کاڌم ۽ نه پيتم. شام جو شيخ قادر ۽ مسٽر ولي محمد آيا ۽ سڀ گڏجي ٿاڻي ۾ آيا. هڪدم ڊاڪٽر کي سڏايوسين، جنهن ڏسي چيو ته گُردي جو سُور اهي. في الحال گرم ٻاٽليءَ جي ٽاڪور ڪئيسين، جنهن مان آرام آيو. رات جو ٿورو بخار به رهيو. ٻئي ڏينهن سارو وقت آءٌ گهر ۾ هڪ هنڌ پئجي رهيس. يارهين بجي يخ صاحب سان گڏ مرحوم محمد ابراهيم جي قبر تي وياسين ۽ اُتي ختمو ڏنوسين. موٽندي مهل وري مون کي سُور پوڻ لڳو، ليڪن سخت، وري ڊاڪٽر کي سڏايوسين، جنهن دوا ڏني. شام تائين بيمار رهيس، نه کاڌم، نه پيتم، ڇهين ستين بجي علي حسين بيگ آيو ۽ اسان ٿاڻي مان دادر وياسين. ۽ اُتي اسٽيشن تي آءٌ سُمهي رهيس. آخر بمبئيءَ کان گاڏي آئي. سڀ دوست به آيا. شيخ قادر به آيو ۽ اسان سڀ سوار ٿياسين. خدا جي مهربانيءَ سان رستي ۾ ڪا به تڪليف نه ٿي. چوويهين تاريخ جمعي جي ڏينهن، هڪ بجي حيدرآباد پهتاسين. حيدر بيگ ۽ ٻار اسٽيشن تي آيا هئا ۽ اسان خير سان گهر پهتاسين. ليڪن مون کي هڪدم بخار آيو ۽ ڏينهن ۽ رات بخار ۾ ليٽيو پيو هوس.

16- آڪٽوبر: آءٌ چار- پنج ڏينهن تپجي پيس. اڄ بهتر ٿيو آهيان. شام جو سردار محمد خان روهڙيءَ کان آيو. هو ڪراچيءَ وڃي رهيو هو.

22- نومبر: اڄ بمبئيءَ وڃڻو هو، پر وڃي نه سگهيس.

10- ڊسمبر: اڄ رات، بجليءَ جون بتيون پهريون دفعو سان جي گهر ۾ ٻريون. هفتي کن کان بجليءَ وارن، گهر ۾ بجليءَ جون تارون وغيره پئي وڇايون. اڄ اهو ڪم پورو ٿيو. خيرات جو کاڌو ڪيوسين. بجليءَ تي 26 رپيا خرچ آيو.

26- ڊسمبر: اسان سکر وياسين. مرزا فرخ بيگ، سڪندر بيگ، قنبر علي، امداد حسين ۽ شوڪت علي. ڪوئٽيا ميل ۾ وياسين ۽ رات جو نائين بجي پهتاسين. نواب مير فضل علي، جو ڪانفرنس ”آل انڊيا شيعه“ جو پريزيڊنٽ هو، اُهو به گاڏيءَ ۾ هو. سکر ۾ دفتردار جي بنگلي ۾ لٿاسين. ٻئي ڏينهن ڪانفرنس شروع ٿي. مير علي نواز خان صاحب ۽ نواب ميگناپلي گڏجي آيا. ساري هندستان جا چونڊ ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. اٽڪل ٻه يا اڍائي هزار ماڻهو هئا. ڪارروائي شروع ٿي. آءٌ استقباليه ڪميٽيءَ جو پريزيڊنٽ هوس. پنهنجو خطبو پڙهيم ۽ نواب صاحب پنهنجو خطبو پڙهيو. پوءِ مير صاحب ۽ نواب صاحب ٻئي هليا ويا ۽ مون کي پنهنجيءَ جاءِ تي ويهاري ويا. ٽي ڏينهن ڪم هليو، سبجيڪٽ ڪميٽيءَ ۾ رات جو سرديءَ سبب آءٌ وڃي نه سگهيس. مرزا فرخ بيگ ۽ سڪندر بيگ دير تائين ڪم ڪندا رهيا. ٽيهين تاريخ اسان هليا آياسين ۽ سڪندر بيگ کي پٺيان ڇڏي آياسين، جو مير صاحب دعوت ڏني هئي، جنهن لاءِ خيرپور وڃڻو هو، پر اسان وڃي نه سگهياسين. چڱو وقت خير سان گذريو.



سن 1929ع

7 جنوري: شام جو نادر بيگ آيو ۽ نائين بجي هليو ويو. سيٺ وشنداس [مانجهوءَ وارو] مري ويو.

11- جنوري: آءٌ ڪراچيءَ ويس. ٻئي ڏينهن مسٽر آدمجي دلال سان گڏيس. شام جو هُو مون وٽ آيو. ڊاڪٽر ڀَٽ کي پهنجون اکيون ڏيکاريم، جنهن چيو ته ساڄي اک ۾ موتيو پاڻي آهي، جو شايد جلدي وڌي وڃي ۽ آپريشن ڪرڻي پوي. ٻي عينڪ ورتيم. 14 تاريخ موٽي حيدرآباد آيس.

22- جنوري: مولوي بهاء الدين ميرپور ماٿيلي وارو گهڻن سالن کان پوءِ اوطاق تي آيو. ٽي ڏينهن رهيو. شعر خوانيءَ جي چڱيءَ صحبت ڪئيسين. پوءِ هليو ويو. سندس عمر 88 سال آهي.

31- جنوري: اڄ خبر آئي ته مرزا علي احمد جيمس آباد ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ُتي ئي دفن ڪيو ويو. هن جا ٻار ٻچا حيدرآباد آيا. اسان معذرت لاءِ وياسين. گذريءَ رات تمام گهڻي سردي پيئي. ٻن ٽن ڏينهن کان پاڻي ڄمندو ٿو رهي، پر گذريءَ رات جتي ڪٿي پاڻي ڄائو پيو هو.

13- مارچ: اربع جي ڏينهن رمضان جي عيد هئي. سڀ ٻار ٻچا هتي هئا. سڊني بيگ، نادر بيگ ۽ اختر بيگ ۽ انهن جا ٻار ٻچا به هتي هئا. همايون به آيو. مرزا علي نواز، مرزا علي عباس، مرزا غلام مهدي ۽ اُنهن جا سڀ ننڍا ٻار به هن ڀيري نماز ۾ شريڪ ٿيا. مون هميشه وانگر خخطبو پڙهيو. خير سان وقت گذريو.

14- مارچ: شام جو سڪندر بيگ پارٽي ڪئي، جنهن ۾ شهر جا معزز ماڻهو آيا. اسان سڀ اُتي هئاسين. مرزا علي نواز ۽ مرزا علي اڪبر به هئا. چڱي صحبت رهي.

22- مارچ: آءٌ ڪراچيءَ ويس. شام جو آريه سماج جي هال ۾ مذهبي ڪانفرنس ۾ ”اسلام دنيا ۾ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي؟“ انهيءَ مضمون تي ليڪچر ڏنم. مسٽر مَلِڪ، صدر هو. مرزا سڊني بيگ ۽ مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا معزز به هئا.

23- مارچ: ڏينهن جو ٽيڪسٽ بُڪ ڪميٽيء ٿي ۽ شام جو ٿياسافيڪل هال ۾ ”مشرقي ۽ مغربي قومن ۾ خواب ۽ اُن جي تعبير“ بنسبت ليڪچر ڏنم. مسٽر غلام علي چاڳلا ۽ ٻيا گهڻا معزز موجود هئا.

24- مارچ: شام جو آريه سماج هال ۾ مشاعرو هو ۽ آءٌ پريزيڊنٽ هوس. پڇاڙيءَ ۾ مصرع طرح تي مون به هڪ غزل پڙهيو.

25- مارچ: آءٌ ۽ سڊني بيگ، صبه واري گاڏيءَ ۾ حيدرآباد روانا ٿياسين. ڊاڪٽڙ گربخشاڻي به اسان سان گڏ هو.

1- اپريل: پير غلام حيدر صاحب، هالا واري پير صاحب، هڪڙو خط ۽ ٻه ماڻهو مون وٽ موڪليا. هالا ۾ اچڻ جي واسطي موٽر به موڪليائين. آءٌ صبح جو هالا روانو ٿيس. عبدالله [نوڪر] کي پاڻ سان وٺي ويس. ڏهين بجي پهتاسين. سيد غلام مرتضيٰ شاهه صاحب سن وارو [جناب جي. ايم. سيد] به اُتي موجود هو. پِيرن جي ڪانفرنس بنسبت پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪئيسين. پوءِ آءٌ ڀٽ شاهه تي ويس ۽ شاهه صاحب جي روضي جي زيارت ڪيم ۽ مخدوم نوح جي روضي جي به زيارت ڪيم. پوءِ ماني کاڌيسين. ۽ آرام ڪيوسين. چئين بجي وري به پير صاحب آيو ۽ پنجين بجي چانهه پِي، هڪ ٻئي کان موڪلايوسين ۽ اٺين بجي اچي گهر پهتاسين.

4- اپريل: مون کي دل ۽ معدي ۾ سُور ٿيڻ لڳو، ڊاڪٽر نيڀراج ۽ ڊاڪٽر بولچند ۽ ڊاڪٽر محمد خان ۽ ڊاڪٽر نور محمد شيخ ۽ سول سرجن گهرايوسين. جسم جي سڀني اندروني عضون ۾ اُماس [سوڄ] ٿي پيئي هئي. علاج ٿيڻ لڳو. ڊاڪٽر نور محمد شيخ روزانو اچڻ لڳو، مرزا منوچهر بيگ به آيو ۽ سڊني بيگ به ٻارن ٻچن سميت ڪراچيءَ کان آيو. ٻئي ڏينهن سڊبني موٽي ويو. منهنجي تمام سخت حالت هئي ۽ ماڻهو عيادت لاءِ اچڻ وڃن لڳا. خدا جي مهربانيءَ سان بهتر ٿيڻ لڳيس ۽ آهستي آهستي چڱو ڀلو ٿيڻ لڳس.

4- مئي: مرزا منوچهر بيگ وارا ڪربلا معليٰ ڏانهن روانا ٿيا. ڊاڪٽر وليرام ٽيون گهمرو ڊاڪٽر نور محمد سان گڏ مون کي ڏسڻ آيو. آهستي آهستي هلڻ چلڻ جي اجازت ڏنائين.

20- مئي: حج جي عيد ۽ سومر جو ڏينهن آهي. آءٌ پهريون گهمرو بيماريءَ کان چڱو ڀلو ٿي ٻاهر ڪتس ۽ گهٽيءَ مان مون کي آرام ڪرسيءَ تي ويهاري مسجد تائين کڻي ويا، جتي نماز پڙهيسين، خطبو هميشه وانگي مون پڙهيو- منبر تي ويهي. مرزا سڪندر بيگ ۽ سڊني بيگ ۽ اختر بيگ ۽ ٻيا سڀ عزيز خويش، مرزا علي نواز بيگ ۽ اُن جو پُٽ حاضر هئا. آءٌ گهڻو خوش ٿيس ۽ ٻيا ماڻهو به مون کي ڏسي گهڻو خوش ٿيا.

30 – مئي: مرزا منوچهر بيگ ۽ ٻيا سڀ خير سان ڪربلا جي سفر تان موٽي آيا. ٻنپهرن جو سڀ گڏجي خوش ٿياسين.

10- جون، 2 محرم سنه 1348 هجري: سومر جي ڏينهن اڍائين بجي مهل مون کي پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو اطهر بيگ رکيو ويو. رواني نالو ”بابا طاهر.“

[b]نوٽ- مرزا صاحب مرحوم جي خود نوشته ڊائري يا روزنامچو، ڏهين جون سن 1929ع ت، مٿئين آخري اندراج سان ختم ٿيل آهي، معلوم رهي ته مرزا صاحب مرحوم جن، تاريخ 3- جولاءِ، سن 1929ع تي، رات جو يارهين بجي ڌاري وفت ڪئي. انا لله و انا اليہ راجعون، سندن خاڪي جسم جي تدفين پنهنجي ڳوٺ واري قبرستان ”بلد شاهه“ ۾، سندن پنهنجي جيئري ٺهرايل قبر ۾ ڪئي ويئي. سندن مرزا مبارڪ جي سرانديءَ کان رکيل پٿر تي، جيڪو تاريخ وفات جو ”قطعو“ اُڪريل آهي، سو پڻ مرزا صاحب مرحوم جن جوئي جوڙيل آهي. جنهن جي آخري سِٽ مان اَبجد جي حساب سان، سندن وفات جو سال، يعني سنه 1348 هجري نڪري ٿو.
[/b]
عُمر ۾ به همين سال چُو هفتاد شُده هفت،
آمد ملک الموت، زدرءگاهء حق آخر.
گُفتاکہ بَسي زيستي در منزلِ دنيا،
شو عازمِ عَقبيٰ، که به بيني رُخ داور.
اَز فَرطِ مسرت زَدم آهي و بمُردم،
درعالَمِ اَرواح رسيدم دمِ ديگر.
تاريخ وفاتم چُو دِلم خواسته اَزغيب،
هاتف زکَرمَ ڪرد نِدا: ”بخت موقر“.

1348هه