شاعري

اڪن نيرا ڦليا

ھن ڪتاب ۾ شامل شيخ اياز جي شاعري ٿر جي پسمنظر ۾ ڪيل آهي، ان ۾ نہ رڳو ٿر جا اصطلاح، پر رسمون، تهذيب، تاريخ ۽ طبعي سونهن بيان ٿيل آهي. ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آھي. ھڪ ڀاڱو بيتن جو آھي ۽ ٻيو گيتن، واين ۽ نظمن جو آھي. شيخ اياز هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي دوست ۽ محسن محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي آهي.
  • 4.5/5.0
  • 402
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڪن نيرا ڦليا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”اَڪن نيرا ڦليا“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنهن ۾ بيت، نظم، گيت ۽ وايون شامل آهن.
ھن ڪتاب ۾ شامل شيخ اياز جي شاعري ٿر جي پسمنظر ۾ ڪيل آهي، ان ۾ نہ رڳو ٿر جا اصطلاح، پر رسمون، تهذيب، تاريخ ۽ طبعي سونهن بيان ٿيل آهي. ھي ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آھي. ھڪ ڀاڱو بيتن جو آھي ۽ ٻيو گيتن، واين ۽ نظمن جو آھي. شيخ اياز هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي دوست ۽ محسن محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي آهي.
ھي ڪتاب 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]