شاعري

چنڊ چنبيليءَ ول

ھن ڪتاب ۾نظم، گيت، وايون ۽ ٽہ سِٽا شامل آهن. مھاڳ ۾ سراج صاحب لکي ٿو:
”اياز جو شعر اياز جي مُرڪ جيان سچو بہ آھي تہ ڇرڪائيندڙ بہ. اياز جي سڀ کان وڏي شاعراڻي خوبي آھي، جو ھن جي فڪر ۽ خيال ۾ جيڪا لطافت يا رنگيني آھي، ان لاءِ ھو لفظ بہ اھڙا ئي لطيف ۽ رنگين ٿو استعمال ڪري. اياز جو ھي مجموعو سنڌي ادب ۾ ۽ خاص طرح شاعريءَ ۾ ھڪ خاص، منفرد جاءِ والاريندو ڇاڪاڻ تہ اياز انھن بلندين تي موٽي آيو آھي، جن کي اسان وٽ اسان جي وقت ۾ ٻيو ڪو شاعر اڃا ڇُھي نہ سگهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 350
  • 301
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ چنبيليءَ ول

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊُ چنبيليءَ وَل“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنهن ۾نظم، گيت، وايون ۽ ٽہ سِٽا شامل آهن. مھاڳ ۾ سراج صاحب لکي ٿو:
”اياز جو شعر اياز جي مُرڪ جيان سچو بہ آھي تہ ڇرڪائيندڙ بہ. اياز جي سڀ کان وڏي شاعراڻي خوبي آھي، جو ھن جي فڪر ۽ خيال ۾ جيڪا لطافت يا رنگيني آھي، ان لاءِ ھو لفظ بہ اھڙا ئي لطيف ۽ رنگين ٿو استعمال ڪري. اياز جو ھي مجموعو سنڌي ادب ۾ ۽ خاص طرح شاعريءَ ۾ ھڪ خاص، منفرد جاءِ والاريندو ڇاڪاڻ تہ اياز انھن بلندين تي موٽي آيو آھي، جن کي اسان وٽ اسان جي وقت ۾ ٻيو ڪو شاعر اڃا ڇُھي نہ سگهيو آھي.
ھي ڪتاب 1985ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]