ناول

ڀٽڪيل ماڻهو

امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
  • 4.5/5.0
  • 681
  • 231
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڀٽڪيل ماڻهو

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو: ڀٽڪيل ماڻهو
موضوع: ناول
ليکڪ: امر ثناءَ
تعداد: ھڪ ھزار
ڪمپوزنگ: خادم سولنگي
ٽائيٽل: شاھزيب ميمڻ
سنِ اشاعت: جون 2020ع
ڇپائيندڙ: احسان پبليڪيشن ميهڙ، سنڌ
03003671729
قيمت: -/250 روپيه

ISBN 978-969-9289-00-2

“BHATKYAL MANHON”
by: Amar Sana
Published by:Ihsan Publication, Mehar, Sindh
Contect # 0300-3671729
Email: ihsanpublication@gmail.com

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com

ڪتاب ملڻ جا هنڌ
ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد
مڪه بڪ هاؤس حيدرآباد
دستگير ڪتب خانه دادو
عبدالرزاق ڪتاب گهر ميهڙ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀٽڪيل ماڻھو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھن ناول جو ليکڪ گهڻ رخي شخصيت نئين ٽھيء جو نوجوان قلمڪار ثنا الله لھٻر (امر ثناءَ) آھي.
امر ثناءَ لھٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نہ مٽجندڙ فرقن، ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثناءَ لھٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هر پل معاشري اندر جھالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مھارت سان جگنو جھڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي.
هي ڪتاب احسان پبليڪيشن ميھڙ پاران 2020ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون امر ثناءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مهاڳ

سنڌ ڌرتي جيڪا انيڪ قدرتي نعمتن سان مالا مال هئڻ سان گڏوگڏ اوليائن بزرگن دانشورن ڏاهن اديبن ۽ سورمن جي ڌرتي پڻ آھي. هن جنم ڀومي جا ڪيترائي ڪردار پنهنجي قابليت ڏانء ڏات دانشوري ۽ بهادري وارن انيڪ عملي ڪرت سبب تاريخ جي بابن اندر هميشه هميشه ڪاڻ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجي امر ڪردارن جي حيثيت ۾ زنده بڻيل آھن. شايد انهن هن ڌرتي جي گولي تي اچي ڪري پنهنجي جيون جا پل بيڪار نه گهاريا ۽ پنهنجي مقصد کي ساڻ ڪري پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏيئي ويا آھن ۽ ڪجهه اهڙا گهڻ رخي شخصيتن وارا ڪردار پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پاڻ پتوڙڻ ۾ هن وقت به ڪوشان بڻيل آھن. ڏات قدرت طرفان هڪ انمول تحفو آھي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڪنهن خوشنصيب کي ئي نصيب ٿيندي آھي باقي اها ڏات جي ديوي هر ڪنهن مٿان مهربان ٿيندي نظر نٿي اچي. ڏات کي اگر اسين ڏانء واري اسلوب سان مضبوط بڻايون ته اسان کي هڪ سگهارو ۽ اڏول ڪردار پسڻ ۾ ملي ويندو. ڏانء ۽ ڏات سان سرشار هڪ اهڙو ئي اڏول ڪردار گهڻ رخي شخصيتن جو مالڪ نئين ٽھيء جو نوجوان قلمڪار ثنا الله لهٻر(امر ثناء)ادب جي آڪاش ۾ روشن ستاري جيان اڀرندي نظر اچڻ لڳو آھي. جيڪو ادبي کيتر ۾ پنهنجي قلمي پورهئي جو پگهر وهائيندي پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجو پاڻ پتوڙي رهيو آھي. امر ثناء لهٻر جي لکڻين ۾ معاشري اندر ٿيندڙ سماجي براين، ناانصافين، دين ڌرم، ذات پات وارن نه مٽجندڙ فرقن ديس ڌڻين جي لاوارث بڻيل دانهن دردن ۽ ازيتن پيڙائن جي عڪاسي واري جهلڪ سادن لفظن جي جامي ۾ اوڍيل واضع طور نظر اچي پئي. امر ثنا لهٻر پنهنجي لکڻين ذريعي هرپل معاشري اندر جهالت واري ڦھليل ٻاٽ کي ختم ڪرڻ خاطر پنهنجي ادبي مهارت سان جگنو جهڙو ڪردار ادا ڪري روشن سج اڀارڻ جي جستجو ڪري رهيو آھي. هن نئين ٽھيء جي نوجوان قلمڪار جي ڪهاڻين ۾ پڙھندڙن کي اتساهه سان گڏ هڪ وڏو پيغام به ملي ٿو ته ڪٿي ڪٿي وري پيار محبت جا رومانوي داستان به ملندا آھن. ڪٿي وري نفرتن جا ڀالا ته وري ڪٿي ڪٿي منافقيت جا انيڪ ويساهه گهاتي وارا گهرا گهاء پسڻ وٽان ملندا. مطلب ته هن جي قلم ۾ اهي سڀئي رنگ روپ موجود آھن جيڪي پنهنجي پڙھندڙن جي معيار تي پورو لهي انهي جي اندر وارن جذبن ۾ چرپر پيدا ڪري سگهن. امر ثناء لهٻر هڪ پختگي سوچ رکندڙ نئين ٽھيء جي اڀرندڙ ڪهاڻيڪارن واري سٿ ۾ هڪ نمايان ڪهاڻيڪار محسوس ٿي رهيو آھي جنهن وٽ وقت جي وڌندڙ وراڪن جيان روشن خيالي وارا انيڪ تصور فني ۽ فڪري حوالي سان نڀاء وارو سٺو ڏانء ڏسڻ وٽان ملي پيو. ڳوٺ صاحب خان لهٻر يوسي پيارو اسٽيشن تعلقا وضلعا دادو جي ادبي گهراڻي ۾ اک کوليندڙ امر ثنا لهٻر ۾ بچپن کان وٺي ڏات جي ديوي مهربان هئي جو شايد هن جو تعلق علمي ادبي ماحول سان جڙيو. هن جو والد الهرکيو لهٻر ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ ۽ انهن جو مطالعو شوق سان ڪندڙ وڏو ريڊيو ليسنئر هيو جنهن پنهنجي جيون جو ڪافي حصو ادبي پروگرامن ريڊيو ۾ خط وڪتابت ڪري ۽ سگهڙن وارين لوڪ ڪچھرين ۾ وقف ڪري ورتو هيو، گهر اندر ڪتابن جي وڏي تعداد يعني لائبريري جو هئڻ ڪري امر ثناء لهٻر ۾ به ادبي شوق بيدار ٿيڻ لڳو هيو پر هن لکڻ پڙھڻ جي شروعات منهنجي لکڻين کي ڏسي ڪري ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته آئون ادب سان وابستگي رکندڙ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس جي حيثيت سان ادبي پورهيو ڪندو پيو اچان. منهنجي تحريرن ۽ لکڻين کي سنڌي ڊائجيسٽن ۽ ميگزينن جي صفحن جي زينت بڻيل ڏسي هن کي به شوق ۽ ادب سان لڳاء ٿيڻ لڳو هيو. جنهن ڪري امر ثناء لهٻر قدرت طرفان مليل ڏات کي استعمال ڪندي ادب طرف رخ رکيو. شاعري ذريعي شروعات ڪندي هن قلمڪار ادب جي دنيا ۾ بانبڙا پائنڻ شروع ڪري ڏنا هيا. جيڪو هن وقت اسان اڳيان پنهنجي ڏات ۽ ڏان سان گڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪار جي روپ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺل پسڻ ۾ اچي پيو. امر ثنا لهٻر جو هي ڪتاب جيڪو ڀٽڪيل ماڻھو جي نالي سان هڪ مڪمل ناول اوهان جي هٿن ۾ موجود آھي جڏهن هن جو مهاڳ هن ڪنهن وڏي نالي واري مهان ليکڪ ۽ اديب بجاء مونکان لکرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اچي مونکي چيائين ته ادا اوهان مونکي مهاڳ لکي ڏيو ته آئون سچ ۾ حيران ٿي ويس. خوشي سان گڏ تعجب به ٿيو هن جي سوچ ۽ ساڃاهه تي. خير ناول وٺي مطالعو ڪيم ۽ چيومانس ته تون ڪنهن وڏي ليکڪ ۽ اديب کان پنهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکرائي ته پذيرائي ڪتاب کي ملندي جئين اڄڪلهه ادب جي دنيا ۾ فيشن طور هلي رهيو آھي آئون ننڍڙو ليکڪ آھيان ۽ وڏي ڳالهه ته تنهنجو وڏو ڀاء به آھيان. ان لاء شايد آءُ اهو نڀاء نه ڪري سگهان يا تنهنجي هن ادبي پورهئي کي ڪو مان نه ملي سگهي ته به بهتر ناهي. چيائين ته ڪجهه به ٿئي منهنجي خواهش آھي آئون مهاڳ توکان ئي لکرائيندس. سچ پڇو امر ثناء جا هي الفاظ ٻڌي ڏاڍي سرهائي ٿي ۽ وت وس آھر ڪجه لفظ لکڻ جي ست ساري ويٺم. ”ڀٽڪيل ماڻھو“ امر ثناء لهٻر جو هي ناول سنڌي ادب ۾ ھڪ بهترين ڪاوش آھي جنهن ۾ هن پنهنجي وس آھر سٺو نڀاء ڪيو آھي. هن ناول۾ ڳوٺاڻي ماحول کان ويندي شھري ماحول جي به بهتر نموني عڪاسي ٿيل آھي. ڌرتي ڌڻين جي اٻوجهه سادڙن ماروئڙن کي هٿرادو فرسوده ريتن رسمن جي ڄار ۾ ڦاسائي انهن جي خواهشن جذبن ارمانن جو سفاڪ پوش رهزنن هٿان ٿيندڙ ناحق خون جي واردات لفظن جي روپ ۾ هن قلمڪار وڏي مهارت سان پنهنجي فن ذريعي پيش ڪرڻ جو مظاهرو ڪيو آھي. ڀٽڪيل ماڻھو جي نانء سان سرجيل امر ثناء لهٻر جي هن ناول ۾ ٻھراڙي جي خوبصورت آلودگي کان پاڪ بڻيل فضا ۽ ساوڪ جي ويس ۾ اوڍيل ڌرتي جي ساوڪ سان ڀريل ڪک واري سونهن ۽ سندرتا جي منظر نگاري ۾ به هڪ الڳ قسم جو موه ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي. خيالن جي حوالي سان به هن قلمڪار جا خيال وڏي اڏام ڀريندي ڪٿي ڪٿي ڏسڻ وٽان ملن پيا. ڇاڪاڻ ته عقيدن جي آڙ ۾ پيري مريدي هٿان اٻوجهه سانگيئڙن جا درد اهنج ۽ جهالت وارا ڪلور خيالن جي روپ ۾ حقيقتن سان ملندڙ جلندڙ ڀاسجڻ لڳي رهيا آھن ته ڪئين نه هن ترقي يافتا دور ۾ به اسان جا اٻوجهه مارو سادگي ۽ علم جي کوٽ سبب پنهنجي ونين ۽ ٻنين جي تذليل ٿيندي ڏسي رهيا آھن ۽ بيوسي وچان اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري رهيا آھن. ڪئين نه هو پنهنجي عقيدي هيٺ پيرن ڀوتارن هٿان لٽجي رهيا آھن. امر ثناء جي هن ناول ۾ هڪ ڳالهه بهترين ۽ سندر ڀاسجڻ لڳي ته ڪوبه ماڻھو پنهنجي جيون مان مطمئن نظر نه پيو اچي. ڳوٺن جا رهواسي اهو محسوس ڪن پيا ته شھري زندگي بهتر آھي پر شهري ماڻھن کي وري ڳوٺاڻي ماحول سان چاه آھي. هن قلمڪار انهي فرق کي تمام سهڻي نموني تشبيهن خيالن تصورن ۾ هڪ بهتر منظر نگاري ڪندي ادب سان چاهه رکندڙ دوستن اڳيان پيش ڪيو آھي. امر ثنا لهٻر جي هن لکڻي ۾ جتي سماجي روين ڏاڍ جبر اوچ نيچ ۽ اٻوجهه ماروئڙن کي جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هئڻ جو هڪ واضع تصور پيش ڪيو آھي ته اتي وري ناڪام چاهتن جا انيڪ داستان به بيان ڪري چاهتن ۾ ٿيندڙ ويساهه گهاتن جي عڪاسي به پڻ ڪئي آھي. هن ناول ڀٽڪيل ماڻھو ۾ دوستن هٿان فريبي مڪاري ۽ ڀروسي ۽ اعتماد کي ڇيهو رسائڻ وارن نقابن تان پردو پڻ کنيو آھي ته ڪيئن نه دوست منافقت جو نقاب اوڍي دوستي واري انمول رشتي واري تند کي پنهنجن مفادن خاطر پٺي پويان وار ڪن پيا. امر ثنا لهٻر پنهنجي هن لکڻي ذريعي هڪ وڏو سبق ۽ پيغام پڙھندڙ اڳيان پيش ڪيو آھي ته هن معاشري ۾ سڌارو علم سان ئي ٿي سگهي ٿو. اگر علم جو ڏيئو روشن رکيو وڃي ته اسان جي سماج مٿان پکڙيل جهالت واري اونداهه ختم ٿي سگهي ٿي ۽ اسين هن سماج مٿان علم ذريعي ئي ترقي سڌاري جو نئون سج اڀاري هميشه هميشه لاء ظلميت ۽ هٿرادو غليظ ريتن رسمن کي ختم ڪري سگهون ٿا. نئين ٽھيء جي هن نوجوان قلمڪار جي هن ناول ۾ ڪٿي ڪٿي جهول ضرور آھي پر هن جي خوبصورت منظر نگاري بهترين ڪردارن ۽ هن ناول جو سماج سان ملندڙ جلندڙ مقصد ان جهول طرف پڙھندڙن کي متوجه نه ڪري سگهندو. نوجوان قلمڪار امر ثناء لهٻر جو هي قلمي پورهيو ادب جي کيتر ۾ لڳايل هڪ ٻوٽي جيان واڌارو محسوس ٿي رهيو آھي جنهن تي پڪ سان اهو چئي سگهجي ٿو ته اگر هي نوجوان قلمڪار ائين ئي پنهنجي قلمي پورهئي ساڻ سچو رهيو ته هڪ ڏينهن هن جو پوکيل هي ٻوٽو وڏي وڻ جو روپ ڌاري ادبي ذوق رکندڙ ساٿين کي پنهنجي ڇانو هيٺ پناهه ڏيڻ جو اعزاز پڻ ماڻيندو ۽ ادب جي دنيا ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي پنهنجو هڪ نانء ماڻيندو.

امان الله لهٻر
سابق سيڪريٽري ۽ موجوده آڊيٽر
س ا س شاخ پيارو اسٽيشن
رپورٽر روزاني سوڀ ۽ پڇاڻو اخبار
پيارو اسٽيٽن
rozanisobhpairostation@gmail.com
03413507322

پنهنجي پاران

ڪڏھن ڪڏھن ٿيندو ايئن آھ جو لفظ مونسان کيڏڻ لڳندا آھن. اهي لفظ جُن کي تحريرن جي طوائف خاني منجهه ننگو ڪري پيش ڪندو آھيان، اهي لفظ جُن جي ڪومل وجودن کي ڪنهن حرسي جانور جيان لُٻي تخليق جي ڊسٽ بن ۾ لاوارث بڻائي اڇلائي ڇڏيندو آھيان. اهي لفظ جُن جي نازڪ احساس ۽ اُمنگن کي ڇيڙي سج جي شفق جهڙي لالاڻ رکندڙ من ۾ سرهائي محسوس ڪندو آھيان! ها اهي ئي لفظ ڪڏھن ڪڏھن مونسان تصور جي دنيا ۾ کيڏڻ لڳندا آھن ۽ مونکي بي ساهو بڻائي اڪيلو ڇڏي ويندا آھن جت مونکي پنهنجا جذبات واسينگ جيان ڪکڻ ۾ دير ناهن ڪندا. جت پنهنجا ئي احساس اذيت ارپي مونتي ٺٺوليون ڪندا آھن! آئون اهڙي ڪيفيت ۾ روئندو آھيان ۽ لفظن کي سڏ ڪندو آھيان مگر لفظ لڪ لڪوٽي راند جيان منهنجي نظرن کان اوجهل رهندا آھن! هينئر تائين اهو سمجهي ناهيان سگهيو ته لفظ مون سان ڇو کيڏندا آهن ڇا مان چريو ليکڪ آھيان؟ ڇاڪاڻ ته مون ڪٿ ٻڌو هيو چرين ليکڪن سان لفظ کيڏندا آھن سياڻا ليکڪ ته لفظن کي پنهنجي آرٽ ذريعي الجهائڻ جو ڏانءُ ڄاڻندا آھن ۽ لفظ انهن اڳيان ڪنهن بيوس رنڊي جيان محتاج هوندا آھن اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته هميشا لفظ مونسان ان ويل ڇو کيڏندا آھن ؟ جنهن ويل هُن جي پريت چاهت جو تصور ذھن جي نير گگن هيٺان ڪنهن اڏامڪ پکي جيان اڏامجڻ لڳندو آھي ۽ آئون چاهيندي به هُن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو ! هو جا جنهن سان منهنجو گهرو ناتو آھي جنهن کي آئون پنهنجي ئي وجود جو حصو سمجهندو آھيان ! آخر ڇو هُن جي پريت چاهت تي لکي ناهيان سگهندو ؟هُو جيڪا منهنجي دل جي سلطنت تي خدا جيان آھي جنهن جي پريت چاهت ۾ مونکي پنهنجي زندگي جو مفهوم سمجهه ۾ آيو ! چڱي ريت اهو پل اڄ به مونکي ياد آھي آئون هن سان پريت چاهت جي منزل تي پانڌيئڙو انڪري بڻيو هيس ته هو به مون جيان ليکڪ هئي ۽ آئون سمجهيو هيس ته هو مونکي ڪڏھن به پريت چاهت جي منزل تي اڪيلو ڇڏي نه ويندي ڇو جو ليکڪ پريت چاهت جي اڌوري منزل جو درد ڄاڻندا آھن ! شايد اهائي منهنجي وڏي مان وڏي خوشفهمي هئي جنهن کي وقت جي وهڪري حقيقت جو جامو اوڍائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ! ۽ ڪا خبر ئي نه پئي پريت چاهت جي ريگستان ۾ آئون اڪيلو رهجي طويل اذيتن جو پنڌ جهاڳڻ لڳس پر جڏھن به ڪنهن سُڪل وڻ کي پسي آئون ٿڪ ڀڃڻ دوران هُن جي چاهت تي لکڻ لڳيم ته لفظ مونسان کيڏڻ لڳا ۽ کيڏندا اچن پيا. آئون چاهيندي به هُن جي پريت چاهت تي لکي نٿو سگهان توڙي جو هاڻ من جي ڪلراٺي زمين ۾ ھُن جي پريت چاهت جو ننڍڙو گونچ وڌي وڻ بڻجي چڪو آھي! ڪاش هو سمجهي سگهي ها ته آئون هن جي جسم سان نه بلڪي هُن جي روح سان پيار ڪيو آ جنهن سان ناتو اڄ به نڀائيندو پيو اچان. واقعي به آئون چريو ئي ليکڪ آھيان. ڇا هُن جو ذڪر ڪرڻ هِت ضروري هو؟ پر مون وري به هُن جو ئي ذڪر ڪيو اهو انڪري جيڪو منهنجو ناول اوهانجي هٿن ۾ آھي بدولت ان خدا مثل شخصيت جي ئي آھي. ڇوجو مونکي ڪتاب پبلش ڪرائڻ جو ڪو به شوق نه هيو، نه ئي آئون ڪتابن جي دنيا ۾ اچڻ پئي چاهيو ! بس گمنام ليکڪ جيان ئي هيس جيڪو ڪنهن ڪنهن وقت ڪجهه لکي وٺندو آھي…! منهنجي ناول جو اوهان جي هٿن تائين پهچڻ جو ڪارڻ اهو آھي؟ جڏھن پاڻ ٻئي پريت چاهت جي ڏور ۾ لاٽون جيان جڪڙيل هياسين ته هُن جي پراڻي فيسبڪ تي اپلوڊ ٿيل پوسٽ جيڪا هُن پنهنجي چاهيندڙ جي ڪتاب تي تاثراتي لکي هئي نظرن منجهان گذري سچ ته ان ويل آئون پنڊ پهڻ بڻجي ويو هيس ۽ فقط روئڻ وارو اسٽيڪر ڏئي فيسبڪ جي آئڊي آف ڪري ڇڏيو هيم. هُن منهنجي روئڻ واري اسٽيڪر مان ڪيفيت جو اندازو لڳائيندي اها پوسٽ هميشا لاء پنهنجي وال تان ڊليٽ ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪال ڪري چيو هيائين اڙي ڪنا اها پوسٽ 3 سال اڳ جي آھي هاڻ اھڙو هن جي لاء ڪجهه به نه آ جيڪو ڪجهه آھين تون ئي آھين …! ان وقت اهو خيال منهنجي ذھن ۾ جنم ورتو هيو ته آئون به هُن جي چاهيندڙ جيان ڇو نه پنهنجو ڪتاب هُن جي هٿڙن تائين پهچايان ۽ هو منهنجي به ڪتاب تي تاثراتي مضمون لکي بس ان ڏينهن کانپوء آئون ڪتاب کي پبلش ڪرائڻ جو سوچيم جيڪو اڄ ناول جي صورت ۾ اوهانجي هٿن ۾ آهي.

اوهان جو پنهنجو
امر ثناءَ
ڳوٺ صاحب خان لهٻر
تعلقه، ضلع دادو سنڌ
Email: sanalatiflahbar@gmail.com
Mob: 0348-3532371 / 0309-6045633

(1)

ڪافي مقصدن جي هوندي به زندگي کوکلي ٿي ڀانئين هيم...جنهن ۾ نه ڪنهن منزل جي ڳولا! نه ئي ڪنهن تڪميل جي خواهش...! بس ڪنهن ڀٽڪي ويل مسافر جيان اڻ پسيل پيچرن، رڃ صحرائن، ۽ بيابانن منجهه رلندو رهيو هيس..بنا ڪنهن رٿابندي جي ...! ۽ ٿڪل ٽٽل جسم کڻي اڳتي وڌندو رهيو هيس، سُڪل پنن جي چيٿاڙجڻ جو آواز ايندو رهيو هيو ! جيڪي منهنجي پيرن هيٺان لتاڙجي رهيا هيا، ڪيڏو نه احساس ٿيو هيم، پنهنجي دربدر جيون، ۽ سُڪل پنن تي ....! جن کي ڇڙواڳ هوا نٻل سمجهي پنهنجي گرفت ۾ الجهائي هِت هُت ڀٽڪائي رهي هئي ! ڪنهن وقت هِن وڻ جي جسم سان لڳا ٿي ته ڪنهن وقت هُن وڻ جي جسم سان لڳا ٿي ! ته ڪنهن وقت وري هوا جي خنڪي ۾ جڪڙجي نير گگن هيٺان لاحد منزل طرف اڏامڻ پئي لڳا ها، بيوس سُڪل پنن جي دربدري ۽ پنهنجي ڀٽڪندڙ جيون ۾ ڪو خاص فرق نظر نٿي آيو هو، ڇاڪاڻ ته سُڪل پن جهنگل ۾ ايترن سارن وڻن هوندي بيوس بڻجي رولاڪيون ڪاٽي رهيا هيا ۽ آئون به ايترن سارن انسانن جي هوندي اڪيلائي جي ورچڙھي بيشُمار اذيتون ڀوڳي رهيو هيم ......! مسلسل اڳتي وڌندو رهيو هيس، پنهنجي ڀٽڪيل جيون ۽ دربدر پنن تي ويچاريندو به رهيو هيس، لاشعوري طور ڪافي منزل طئي ڪرڻ بعد پٺيان ڪنهن جو آواز پڙاڏو بڻجي ٻڌڻ ۾ آيو هو، آواز ڪنهن حد تائين سڃاڻپ ڀريو ٿي لڳو، پر گهڻن ڪوششن باوجود به آواز سڃاڻي ڪين سگهيو هيس، ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هيم ....
ڪنڌ ورائي پٺتي نهارڻ بعد اکين تي ويساھ نه رهيو هو ۽ حقيقت کي سپنو سمجهڻ لڳو هيس ..!ڇاڪاڻ ته پڙاڏو ڪندڙ شخص پنهنجو ماسات حفيظ ئي هيو...
اڙي ماسات تون ...؟وائڙائپ ۽ تجسس منجهان ماسات وراڻيو هيو...
جي ها آئون...
ماسات پنهنجي اچڻ جي سڌ به نه ڏنئين؟ خبر هجيم ها ته توکي اسٽيشن تان وٺڻ اچان ها، ڀاڪرن ۾ ڀريندي ماسات چيو هو..
نه ان تڪلف جي ڪائي ضرورت محسوس نه ڪئي ! بيزاري منجهان ماسات جون پنهنجي وجود ۾ جڪڙيل ٻانهون هٽائيندي وراڻيو هيم
بهتر آ . پر خير سان اچڻ ٿيو ...؟؟
جي ها! بس شهري رونقن ۾ من نٿي لڳو، روز روز ساڳيون وڏيون عمارتون، تيز رفتار هلندڙ گاڏين جو شور، سفيد چهرا، محبت کان خالي پهڻ جهڙيون سخت دليون، جن ۾ نفرتن کانسواءَ ڪجهه به ڪين آ، اٻوجهه سانگيئڙن کي باطل لالچيون ڏئي سرمائيداري نظام جا ٽلڻ وارا ناٽڪ، ۽ فيڪٽرين جي آلودگي کي ڇهي ايندڙ گدليون هوائون جسم تي محسوس ڪري بور پئي ٿيس!انڪري ٻهراڙي جي خوبصورتي کي پسڻ لاءَ نڪري آيو آھيان.. ڪا خبر ئي نه پئي هئي بنا ڪنهن هٻڪ جي حادثاتي طور سڀ ڪجهه چئي ويٺو هيس......
تمام بهترين ! ماسات سفر دوران ڪا تڪليف وغيره ته ڪون ٿي نه...؟
نه يار! شايد توکي ڪل نه آ، تڪليفون رول مسافرن جو ڪجهه به بگاڙي نٿيون سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي مسافري ۾ دربدريون، ۽ انيڪ اذيتيون پهريان کان ئي سمايل هونديون آهن... ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو هو ۽ نه چاهيندي به من جا صدين پڄاڻا موهن جي دڙي وانگر دٻيل احساس کوٽي ماسات سان سلڻ لڳو هيس...
ڇا مطبل (مطلب) !وائڙائپ منجهان نيڻن ۾ تڪيندي ماسات وراڻيو هيو
ڪجهه به نه....!
ڳالهه ٻڌ ماسات، اسان سان فلسفن واريون ڳالهڙيون نه ڪندو ڪر، اسين اياڻا فلسفي منجهان ڇا ڄاڻيون؟ پاڻ سان سادي ٻولي ۾ ڳالهائيندو ڪر... ۽ ها تون ڪافي بدليل نظر ٿو اچين، آخر ڇو ....؟
ماسات تبديلي ته ارتقا جو اهم پايو آ جنهن بنا ارتقا پنهنجو حقي مقام ماڻي نٿي سگهي ! ۽ انسان ارتقا بنا اڌورو آهي، انڪري ارتقائي قانون ذريعي انسان ۾ انقلاب ايندو رهي ٿو، جنهن جو چاهيندي به ڪو فرد انڪار نٿو ڪري سگهي! شايد مون منجهه به انساني ارتقا جي تبديلي آئي هوندي ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪونهي …
وري به مون ٻهراڙي جي ڄٽ سان پرفيسر(پروفيسر)واري ڳالهـ ڪيئي نه ...ماسات کلندي وراڻيو هو
چاهيندي به ڪجهه ڪين ڪڇيو هيم ۽ خاموش رهيو هيس...!!
اچ ته هلئون.....
ڪيڏانهن ؟وائڙائپ منجهان وراڻيو هيس
چريا سڀ حوال هتي ٿورئي ڪبا ! ڳوٺ ڏانهن به هلڻو آهي ني...!!
ماسات آئون هتي هيڪل ۽ تنها رهڻ ٿو چاهيان ! مونکي هتي ئي هيڪل ڇڏي ڏي...! ٿڌو ساهـ کڻندي وراڻيو هيم...!!
هي ڇا ٿو چوين ؟مان توکي ويران جهنگ ۾ اڪيلو ڪيئن ٿو ڇڏي سگهان اچ هاڻ هلئون ڳوٺ.... ماسات ضد ڪندي ٻانهن ۾ هٿ مضبوطي سان وڌا هيا ..
ماسات جي اهڙي روش ۽ پنهنجائپ پسي پنهنجي ضد کي شڪست ڏني هيم ۽ هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏي ماسات پٺيان خاموشي سان هلڻ لڳو هيس
پهريون ڀيرو زندگي هوبهو ڪنهن راند جيان ڀاسجڻ لڳي هئي، ان راند جيان جنهن جي آخري نتيجي جي خود رانديگر کي به خبر ناهي هوندي، ته اڳتي راند ۾ ڇا ٿيئڻو آ يا ڇا ٿيندو؟
ڪافي واٽ ويندڙ فرد تجسس ڀري نگاهن سان مون منجهه ڪجھه جاچڻ لڳا هيا اهڙو ڪجهه شايد جنهن کان خود آئون به بيخبر هيس !۽ سوچڻ لڳو هيم آخر اهڙو ڪجهه مون ۾ ڇاهي؟ جو هر واٽهڙو مون ۾ جانچي رهيو آ ...
آئي او آئي ڪاٿي آن..؟ڏس ته مونسان گڏ ڪير آيو آهي گهر پهچندي ئي ماسات حفيظ خوشي منجهان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو هو
اڙي ابا اجهو آيس خير ته آهي نه ؟ ڪمري اندران اسڌ عورت جو آواز ٻڌڻ وٽان ٿي مليو هو…
جي جي آئي سڀ خير آ پر ڏس ته سهي ڪير آيو آ !!
اڙي ابا تون ؟ حيرانگي مان نهاريندي ماسي وراڻي هئي شايد منهنجي موجودگي تي اعتبار نٿي آيس ...پڪ ڪرڻ خاطر مونکي ڀاڪرين پُئجي وئي هئي ۽ پاٻوهـ منجهان ڳل چمڻ لڳي هئي.
جي ها ماسي آئون..
ادي جي طبيعت ڪيئن آهي؟ گهرڀاتي سڀئي خوش اٿئي ؟ماسي حال احوال پڇندي وراڻي هئي..
سڀئي گهرڀاتي خوش آهن، ڌيري آواز ۾ وراڻيو هيم ۽ چپ چاپ پنهنجي جيون جو تماشو پسندو رهيو هيس، ڇاڪاڻ جو سڀ ڪجهه منهنجي مرضي جي برعڪس ئي ٿي رهيو هو، جيڪو مون ڪڏهن تصور ۾ ئي نه سوچيو هيو، آئي توکي خبر آ ماسات مونکي ڪاٿي مليو ؟ حفيظ سنجيدگي سان وراڻيو هيو.
نه ابا....
ڳوٺ جي اوڀر واري جهنگ ۾! سو به اڪيلو اڪيلو، پهريان ته آئون ڊڄي ويو هيس، پر دل ٻڌي هڪلون ڪيون جڏهن پٺ ورائي مونڏانهن ڏٺائين ته اکين تي ويساهـ ئي نه رهيو هو، اهو سمجهي رهيو هيس ته آئون ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان پر حقيقت ڪڏهن به خواب جو روپ ڌاري نٿي سگهي، ڏٺم ته منهنجو جگري ماسات ئي هيو.!.حفيظ سرهائي منجهان وراڻيو هيو
گهور وڃان مان! اهو به سٺو جو شڪار بهاني پنهنجي ماسات کي ڳولي لڌئي پُٽ......!! ڳوٺ جا جهوپڙِي نمان ۽ ڪچين ڪوٺين جا منظر پسي ڀٽڪيل روح منجهه عجيب راحت محسوس ڪرڻ لڳو هيس، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڳوٺ جي ان سندر منظرن سان منهنجو جنمن جو تعلق هجي، وڏا وڏا کُليل آڳنڌ، ويڪرا اڳواڙا، بنا درن ۽ دروازن وارا گهرڙا..........
او امڙ صائما ڪاڏي وئين آن؟ هيڏانهن اچ ڏس ته صحيح ڪير آيو آھي ۽ ها ڌي وڏي پيتي منجهان وهاڻو، ٽڪ واري نئين رلي به کنيو اچج ماسي پنهجي ڌي کي خوشي واري انداز ۾ وڏي واڪي چيو هو
جي آئي اجهو آيس...!!
ماسات صائما رِلِي کٽ جي پيراندي طرف وڇائيندي خوش ڀڙ ڪئي هئي ۽ حال احوال وٺندي امي ۽ ادي جو پڇيو هيائين...
امان جلدي چانهـ تيار ڪري وٺ ماسات لاءِ……!! وڌيڪ ڳالهه کي ڊيگهه ڏئي ماسي وراڻي هئي! ڊگهي مسافري ڪري آيو آ، شايد ٿڪجي پيو هوندو...!!
ڪا خبر ئي نه پئي ڳالهين ڳالهين ۾ چانهـ جو پيالو اڳيان حاضر ٿي ويو هو،
آئي امان ماسات لاء تختي مان ڪو نئون منگ لاهين ها نه، هي پيالو ته اسان ڳوٺ وارن جو ڏاج آ...!!
نه نه ماسي ان جي ڪائي ضرورت نه آ ! بس پاڻ کي رڳو چانهـ ئي ته پيئڻي آ منگ هجي يا پيالو....ماسي زينت سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس...
سج سڪرات ورتل ماڻهو جيان آخري پساهن ۾ هيو، روشني ڌنڌلي ٿيڻ لڳي هيس، اوندهـ کي پنهنجو راڄ ڳوٺ مٿان قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏٺو هيم، ٻهراڙي جو سندرتا ڀريو ماحول ڀٽڪيل منهنجي وجود کي جيئڻ جو نئون اتساهـ بخشي رهيو هو، ماسي وارن طرفان بي انتها محبت ملڻ ڪري جيون جا ڪوماٽيل احساس هڪ دفعو ٻيهر ٽڙڻ لڳا هيا، نااميد ٿيل جذبا ۽ احساس ڪمتري جي گرفت ۾ آيل بليڪ ان وائيٽ جيون جون خواهشون رنگين ڀاسجڻ لڳيون هيون...!!
منافقت، نراسائي جي ڌوڙ ۾ گدلو بڻيل منهنجو منڙو تاج محل جيان جرڪڻ لڳو هو.! ۽ وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي رات گذري وئي صبح ساڻ سج جا ڳاڙهـسرا ڪرڻا اکين اڳيان تجلا ڏيڻ لڳا هيا...تکين سج جي ڪرڻن وارن تيز عڪسن سبب کٽ تي اٿي ويهي رهيو هيس ۽ اکيون مهٽڻ لڳو هيس ڇا ته نظارو هيو چوطرف ڳوٺائي ماحول منجهه ٿڌڙي هير جو ڪنهن وينگس ناچڻي جيان رقص ڪرڻ جو ڍنگ! نير گگن هيٺان پکيئڙن جا پنهنجا ٿاڪ ڇڏي روزي جي تلاش ۾ اڏامجڻ وارا انتهائي دلڪش منظر، ڪُڪڙن جي کُليل سحن تي چونءَ چونءٌ واري مٺي موسيقي جيڪا شيخ اياز جي شاعري ۽ صادق فقير جي شيرين آواز جيان بي چين منهنجي من منجهه اتساه بخشي جياپي جو نئون گس ڏيکاري حوصلو ڏئي رهي هئي ..!
ساجهر ويل پاڻي جو لوٽو اڳيان رکندي..! ماسي منهن ڌوئڻ جي هدايت ڪئي هئي ..
منهن ڌوئي اڃان کٽ ڀيڙو مس ٿيو هيس ته ماسات صائما چانهـ جو پيالو پيش ڪندي بسڪوٽن جي پليٽ سامهو رکي هئي...!! بسڪوٽن سان گڏ چانهـ جون چسڪيون ڀرڻ لڳو هيس ...
ابا تون گهر وارن کي ٻڌائي ناهين نڪتو ڇا؟ ماسي زينت ٿانءُ ڌوئيندي وراڻي هئي
حيران رهجي سوچڻ لڳو هيم ته ماسي کي ڪنهن ٻڌايو...ته آئون گهران موڪلائي ناهيان نڪتو.اڃان سوچڻ ۾ ئي محو هيس ته ماسي ٻيهر پنهنجو جملو ورجائيندي وراڻي هئي ابا تون گهر وارن کي ٻڌائي گهران ناهين نڪتو ڇا ؟
ڇا مطلب ماسي....موضوع کي ندامت منجهان ٽارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي وراڻيو هيم
مطبل(مطلب)اهو ته رات تنهنجي موبيل(موبائيل)جي گهنٽي وڳي پئي! پر تون گهري ننڊ ۾ ستو پيو هئين... بار بار رنگ وڄڻ ڪري مون واري ٻچي حفيظ به نه ڪئي هم نه تم بٽڻ تي زور ڏئي ڪن تي رکي الايائين (ڳالهايائين)ته پريان ادي پئي الايو ۽ اهو سڀ ادي ٻڌايو ...
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس .۽ ڪنهن هارايل جواري جيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هيم... ڇاڪاڻ جو جواري داءُ تي لڳايل پنهنجي موڙي هارائي ويهندو آهي پر آئون پنهنجي مهڪندڙ جيون جا سندر پل هارائي ويٺو هيس..
ماسي ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي وڌيڪ وراڻي هئي ته ابا ڪافي ڏينهن بعد ادي وارن سان الائيندي بي چين من کي شانتي ملي ۽ ها موڪلائڻ مهل ادي تنهنجون وڏيون وڏيون پارتون ڪندي چيو هو ته منهنجي ٻچڙِي جو خيال رکجانء..
ماسي جي ڳالهين کي لاشعوري منجهان ٻڌندي ماسات حفيظ کي جانچڻ لڳو هيس، پر ماسات حفيظ گهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪٿي نظر نٿي آيو هو، مجبورن ماسي سان مخاطب ٿيندي پڇيو هيم ته ماسي ماسات ڪاٿي آ؟
ابا ٻني تي ويو آهي....
اڇا ماسي..
جي ها پٽ....!
ماسي مون وارا شوز نظر نٿا اچن ڪاڏي ويا..؟ بيچيني واري ڪيفيت ۾ وراڻيو هيم
ڇا ابا، شايد منهنجو جملو نه سمجهندي ماسي حيرت منجهان وراڻي هئي
منهنجا شوز ڪاٿي آهن، اگهاڙي پيرن ڏانهن نهاريندي وراڻيو هيس، شايد ماسي منهنجي اشاري مان سمجهي وئي ھئي ۽ وراڻي هئي اڙي ابا ته ائين چئو نه منهنجو بوٽ ڪٿي آ! باقي سوزن(شوز)جي اسانکي ڪهڙي خبر ۽ اسين ڇا ڄاڻون سوزن جهڙن لبظن (لفظن) مان.....!! ماسي جي واتان اهڙو جملو ٻڌي چاهيندي به کل روڪي ڪين سگهيو هيم، ۽ سوچڻ تي مجبور بڻيو هيس ته دنيا چنڊ کي ڇهي وڃي مريخ پهتي آھي، پر ٻهراڙي جا اٻوجهه سانگيئڙا اڃان به ڏاڏي آدم جي دور واري ٻولي ۾ ڪنهن ول ويڙهي جيان الجهيل آهن، شايد تعليم ۽ سٺي تربيت جي اڻهوندائي ڪري...
ابا ڇا پيو سوچين...گھڙامنجي مٿان ڌوتل ٿانءُ رکندي ماسي وراڻي هئي.. بس ماسي آس پاس جي ماحول تي پيو سوچيان...
ڌي صائما ماني تيار ٿي وئي ؟ رڌڻي اندر ماني پچائيندڙ ماسات صائما کان ماسي پڇيو هو…
ها آئي ماني تيار آهي، ماسات صائما ماسي کي تيز آواز ۾ ورندي ڏيندي چيو هيو..
ابا هل ته هلئو ٻني تي ....
ائين لڳو هيم ڄڻ ماسي منهنجي من جي ڳالهـ چورائي بيان ڪئي هجي ! ۽ خوشي واري گاڏڙ لهجي سان يڪدم هاڪار ڪئي هيم ...
ڳوٺ جي وروڪڙ کائيندڙ پيچرن کي لتاڙيندي ساوڪ واري لباس ۾ اوڍيل سُندر ٻنين جا عڪس پسندو رهيو هيس.سج جي ڳاڙهي روشني جي تجلن تي شبنم جو اوگهڙ ڀريو بدن پسڻ وٽان ٿي ملندو رهيو هو جيڪا رنڊي جيان ڌرتي جي ساوڪي سيج مٿان ننگي سُتل ٿي نظر آئي هئي !ڇا ته ٻهراڙيِ جي ٻنين جي خوبصورت منظر ڪشي هئي !اردگرد ڌنارن جا ڪوڪڙاٽ، پکين جون مٺڙيون ٻوليون، ٿڌڙي هير جو گهلڻ ۽ سج جي روشني.....!!
واٽ ويندي ڳوٺائي عورتن کي ميرانجهڙن ڪپڙن ۾ ايندي ويندي پسندو رهيو هيس، شايد جيڪي گاهـ پٺي ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار لاءَ گهرن کان ٻاهر ٿي نڪتيون هيون، پر هڪ ڳالهـ عجيب لڳي رهي هئي، جنهن کي چاهيندي به سمجهي ڪين ٿي سگهيو هيس! آخر ڇاڪاڻ ڳوٺ جون عورتون مونکان ايترو اولو پيون ڪن !مونتي نظر پوندي ئي مک تي ڪپڙو اوڍي پنهجو دڳ پيون مٽن...!!اهڙو ڇا آ مون منجهه.....!!
پُٽ خيال سان، وڏي ڇلانگ هڻي ماسي اڏ پار ڪندي وراڻي هئي
آئون به وڏي ڇلانگ سان اڏ پار ڪندي وراڻيو هيس ماسي خيال ئي ته آهي..
هڪ دفعو ٻيهر ٻهراڙي واري نظارن جي سندرتا کي پسڻ لڳو هيس ..
سڏ پنڌ تي ماسات حفيظ جو آواز پرلاءُ بڻجي ٻڌڻ ۾ ٿي آيو هو جيڪو کانڀاڻي سان پنهنجي پڪل پوک تي جهار هڪلي رهيو هو.
اڙي حالت ڏٺي اٿئي پيرن جي...ويجهو پهچندي ئي غور غور سان مونکي ڏسندي حفيظ وراڻيو هو
ڇا ٿيو آهي منهنجي پيرن کي..! هيٺ پيرن ڏانهن تڪيندي تعجب وچان وراڻيو هيس
آئي تون به چري آن، ماسات کي مون وارو جوتو ڏين ها جيڪو موچي کان هٿرادو تيار ڪرايو هو، پنهنجو نئون بوٽ سڄو ماڪ ۾ وڃائي ڇڏيو اٿس.... ماسات حفيظ ماسي زينت کي عقلمنداڻي انداز ۾ پريشان ٿيندي وراڻيو هو..
ماسات ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهـ آھي، ڇا ٿيو آھي منهنجي بوٽ کي. پيرن جي حفاظت ڪاڻ ئي ته بوٽ استعمال ڪبا آھن.! دلجاءِ طور حفيظ سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس.
نه ماسات شهري رستن ۽ ڳوٺاڻن پيچرن تي هلڻ لاء جوتا به الڳ نمونن جا هوندا آھن جيڪي ماحول سان مشابهت رکندا آھن جيئن اسان ۾ ۽ سائين وڏي ۾ ڪيترو فرق آھي. ماسات حفيظ ڳالهين ڳالهين ۾ وڏي ڏاهپ واري جملي کي اوڳاڇي ورتو هيو. پر اسان ۾ ۽ سائين وڏي منجهه فرق وارو جملو تجسس ڀريو لڳو هيم ڇاڪاڻ ته سائين وڏو وارو لفظ منهنجي سمجهه ۽ پرک کان ايترو دور هيو جيئن چڪور لاء چنڊ.
ابا هاڻ اچو ماني گرھ کائو..! رومال جون ڳنڍيون کوليندي ماسي وراڻي هئي..
آئي تون هل مال جو گاهـ لُڻ اسين ماني کائون ٿا.....!!
ماسي ڏانٽو ۽ گاھ واري ميرڙي چادر کڻي گاھ ڪٽڻ لاء رواني ٿي وئي هئي..!!!
ماني کائي بس ڪئيسين ته حفيظ وراڻيو هو ماسات هيڏانهن اچ...
ٿورو اڳيان واري اڏ منجهان کاٽي جا ٻه ٽي ڪانا کڻندس! تون ويهي ڪچهري ڪجانءَ !
ماسات گوڏ جا ور مضبوط ڪندي، واٽر ۾ گھڙِيو ڏانٽي سان ڊڀ، گاهـ لڻي.ڪوڏر وسيلي واٽر جي تري ۾ پيل لٽ کي لپا ھڻندي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ لڳو هو..آئون ماسات جي هنرمندي ڏسڻ لڳو هيس .
ماسات اهو به وقت هيو جو اوهان به ڪڏهن هن ڳوٺ جو حصو هيو سهڪي جي صورت ۾ ٿلهي آواز سان وراڻيو هو .
جي بلڪل ماسات ننڍپڻ منجهه ڪڏهن ڪڏهن امڙ ويهي ڳوٺ جون ساروڻيون ٻڌائيندي هئي! پر جڏهن کان جوان ٿياسين ته گهر ۽ امڙ کي ٽائيم ڏيڻ گھٽ ڪري ڇڏيوسين...پر مونکي اڄ به چڱي طرح ياد آ امڙ ڳوٺ سان سلهاڙيل يادون ٻڌائيندي ٿڌن شوڪارن مٿان ٿڌا شوڪارا ڀريندي هئي، ڏندن جي گهاڻي منجهه چيچ جي ننهن کي نوريئڙي جيان ٽڪيندي وراڻيو هيس
بلڪل..! ڪو به انسان پنهنجو ننڍپڻ چاهيندي به وساري نٿو سگهي! ماسات حفيظ ڪوڏر مان هٿ ڪڍي وراڻيو هو...
ماسات هڪ ڳالهه پڇانء؟
ڪهڙي .، .؟
حفيظ منهنجي سواليه جملي کي اڌ مان ڪٽيندي وراڻيو هو
ڳوٺ جو هر ماڻهون عجيب نگاهن سان مون طرف گهوري ڇو ٿو؟ ۽ عورتون مونکي سامهون ڏسي پنهنجي منهن کي رئي جي پلئي سان پاڻ لڪائن ڇو ٿيون ! آخر ههڙو ڇا آ مون منجهه؟
ماسات آئون هڪ ڳالهـ ڪريان..؟ حفيظ منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران پنهنجي اندر سانڍيل ڳالهه جو شايد اظهار ڪندي وراڻيو هو…
جي جي ڪر ...!!
سچ ۾ تون اسان ڳوٺ وارن کان مختلف پيو ڏسجين، صفا فلمي اداڪارن وانگي..! پيرن ۾ اسٽائلي بوٽ، پئنٽشيٽ (پئنٽ شرٽ) ڏاڙهي مُڇ غائب... ڄڻ ڪو اگريز(انگريز) هجين، پنهنجو ڳوٺائي سنڌي ٺپ لڳين ئي ڪو نه پيو...۽ خبر ٿئي صبح سان ڪاڪي ولو وارو ڇورو مليو، تنهنجي باري ۾ پڇا ڪيائين، جڏهن ٻڌايومانس ته تنهنجي باري ۾ ڇا چيائين....؟
ڇا چيائين ؟
هاهاهاهاهاهاهاهاها....
ڇا ٿيو ماسات ...؟ کلين ڇو ٿو..امالڪ ماسات جو کلڻ وارو انداز مونکي تجسس ۾ وجهي ڇڏيو هيو! ۽ آئون سوچڻ تي مجبور ٿي پيو هيس ته آخر ماسات کلي ڇو ٿو...!
ڪجهه به نه...! ٻيو ٻڌا ماسات سنگت ساٿ تيار ٿئي؟ موضوع جو رخ ڦيرائيندي ماسات حفيظ وراڻيو هو...
سنگت ساٿ سڀ خوش تيار آ! پر مونکي اهو ٻڌا ته ڳوٺائي منهنجي باري ۾ ڇا چيو هيو...۽ ڏنڊ ٽيڙي تنهنجي ٽھڪڙن جو مقصد ڇا هيو؟
بس ڇڏ ان ڳالهه کي اجايو ڏک ڪري ويھندي مهمان آهين نه ماسات..
ماسات به چوين پيو ۽ ڏک جي به ڳالهـ ڪرين پيو ...؟آئون ڪاوڙ ۽ پنهنجائپ واري گاڏڙ ڪيفيت ڏيکاريندي وراڻيو هيس..
مطلب نه مڙندي! ٻڌ ڪاڪي ولو وارو ڇورو چوي پيو ته اهو ڪالهـ توسان گڏ کدڙو ڪير هيو ؟ نه مُڇ نه ڏاڙهي صفا ڪلين شپ(ڪلين شيو)...پر تون دل ۾ نه ڪجانءَ مونسان ڪڏهن ڪڏهن اهو ڳوٺائي ڀوڳڙو به ڪندو رهندو آهي، شايد متان هُج ۾ چوندو هجي ...
ماسات حفيظ جي زباني ڳوٺائي ماڻهو جي سوچ کي ٻڌي، افسوس ٿيو هو ۽ سوچن جي مها ساگر منجهه غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس، ڇا مردانگي رڳو شهپرن سان وابستگا آهي؟شهپرن بنا مرد مرد نه پر کدڙو آهي ؟آخر اهڙو ڇا پيل آهي شهپرن جي چند وارن ۾ جنهن سان انسان مرد ٿو سڏجي ؟شايد اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جو به قصور ڪونهي ڇاڪاڻ جو اهڙا فرد علم کان وانجهيل ئي هوندا آھن.....!!
ڇا ٿيو ماسات ؟ خيالن جو تسلسل درهم برهم ڪندي حفيظ وراڻيو هو ڳوٺ وارن جي عجيب تخيل تي سوچيان پيو ته مردانگي شهپرن منجهان ڪيئن پئي ظاهر ٿئي ؟
ماسات دل ۾ نه ڪجانءَ ! مرد ماڻهو کي ٿورڙيون مڇيون هئڻ ضروري آهن ڇاڪاڻ ته مرد جي سڃاڻپ مڇن سان ئي ٿيندي آھي...؟
اڙي چريا ٿورڙيون ڇو ؟ اصل ڇڪي رکجي هونئن به ڏٺو وڃي ته چانهـ منجهان مکيون ڪڍڻ واري سٺي مشين شهپرن جي ته آهي، لطيفو ٻڌائيندي حفيظ سان ڀوڳن ۾ وراڻيو هيس...۽ کُليل فضا ۾ پنهنجا ٽھڪ وکرجي ويا هيا! ٻھراڙي جي ماحول ۾ وقت گذرڻ جو احساس نٿي ٿيو ھو سيڪنڊ منٽن پٺيان ۽ منٽ ڪلاڪن پٺيان ڪنهن جنگي سپاهين وانگر ڊوڙندا رهيا هيا
ماسات اچ ته گاهـ کڻي هلئون گهر.....!!
ماسات کي گاهـ کڻائي !هن جي قدمن پٺيان ڳوٺ طرف روانو ٿيو هيس..
ٻنين ۾ لهندڙ سج جو نظارو ڪنوار جي ڳاڙهي وڳي واري چولي تي لڳل ڀرٿ جيان خوبصورت لڳي رهيو هو آسمان هيٺان پکيئڙا خوشي خوشي پنهنجي ٿاڪن ڏانهن ورندي نظر ٿي آيا هئا…کليل فضا ۾ ڪنوارين جا ٽهڪ سهيڙجي منهنجي ڪنن سان ٽڪرائجڻ لڳا هيا، جيڪي ڪجهه دوري تي کوهـ ڪناري پاڻ سان کل ڀوڳ جي راند رچايون بيٺيون هيون ۽ چوپائي مال کي ڳوٺ طرف وڏي اُڪير سان ڌنارن کان اڳڀرو ويندي پسيو هيم، جنهن جي ڳچي ۾ ٽليون، ڀورڙا، چڙيون، چڙا، ڇيڙ ۽ ڇيڙن ۾ پيل گنگهرين جا آواز من ۾ وڻندڙ موسيقي جهڙو ڪردار ادا ڪندي محسوس ٿيا هيا.....!!
ماسات گاهـ جي ڀري پَٽ تي اڇلائيندي ماسي زينت کي سڏ ٿي ڪيو هو!
ماسي زينت لوٽو پاڻي جو حفيظ طرف وڌائيندي وراڻي هئي!ابا ڏسين آئين ٻهراڙي جون ٻنيون، توکي وڻيون ته نه هونديون ؟
نه ماسي زبردست لڳو ٻهراڙي جو ماحول.....!!
ابا ڪوڙ نه هڻ ...!ٻهراڙي کان سو ڀيرا بهتر شهر آهي ۽ شهري ماڻھو کي ٻهراڙي ڪٿ ٿي مزو ڏي.....!!
ماسي شهر کان بهتر ٻهراڙي آهي! ڇاڪاڻ ته شهر منجهه منصوعي سونهن ري ڪجهه به ڪين آ، پر ان جي برعڪس ٻهراڙي قدرتي سندرتا سان سرشار آهي! جنهن جي سندرتا کي پسڻ سان روح کي عجب قسم جي راحت ملي ٿي، خزان جهڙي مک تي بهار جا تاثر ڇائنجي وڃن ٿا، صدين جا اوجاڳيل نيڻ آرام محسوس ڪن ٿا ۽ وجود جي ڍانچي ۾ قيدي بڻيل روح آزاد فضائن کي ڇهي مهڪي ٿو پوي.....!!
ابا اسانجي نظر ۾ ٻهراڙي کان هزار ڀيرا بهتر شهر آهي! ٻهراڙي ۾ ڏکي ويل نه ڪنهن سٺي اسپتال جو بندوبست آ، نه وري مينهوڳي وقت روڊ آهن نه رستا.....!!
اهو قول سچ ڀاسجڻ لڳو هو ته انسان ڪنهن به حال ۾ مطمئن ناهي، جي اگر مطمئن هجي ها ته اڄ ناشڪري جهڙا لقب مليل نه هجنس ها، پر ڏاهپ ڀري تخيل سان پسيو وڃي ته هن دنيا ۾ جيڪا به تبديلي انسان آندي آھي ان جي وجهه حرس ۽ نفس جي غلامي آهي ڇاڪاڻ ته انسان فطرتن طور حرس ۽ نفس جي پورائي ڪاڻ غلامي جهڙي وبا ۾ جڪڙيل رهيو آ، جنهن جي ڪري اڄ بن ماس واري شڪل کان تبديل ٿيندو هيستائين پهتو آ.....!!
امان صائما ڀاڻس جا ڪپڙا ڪڍي وٺ.....!!
ماسات حفيظ انگوڇو کڻي نلڪي طرف وهنجڻ لاءَ نڪري ويو هو..
ماسي وارن طرفان بي انتها پيار ملڻ ڪري جياپي جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيندي ڀانيان هيم!! ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ڄڻ نئون جنم وٺي ڪنهن قدردان ماحول منجهه اک کولي هجيم، جنهن ۾ رڳو انسانيت سان پاٻوھ ڀريا زبانن تي سجايل لهجا، اُڪير چاهت، محبت ڀريا ڪردار، هر طرف اوپرائپ هوندي به پنهنجي ڪاڻ خلوص ڀريون نگاهون، جيڪي منهنجي گهايل وجود لاء ڪنهن تيمارداري کان گهٽ ڪين هيون……
ماسي زينت سوهمڻي جي ماني اڳيان رکندي وراڻي هئي ابا کير به ڏيان؟
في الحال صبر ڪر آئي؟ منهنجي طرفان حفيظ ورندي ڏيندي وراڻيو هو! ۽ مونسان مخاطب ٿيندي چيو هيائين ته ماسات تنهنجي پڙھائي جو ڇا ٿيو؟؟ يونيويسٽي (يونيورسٽي) پاس ڪيئي يا نه؟؟
ماسات حفيظ جو پڇيل سوال ٽيڪم جيان منهنجي اندر حسرتن جي مضبوط روڊ کي اڍيڙڻ جو ڪردار ادا ڪندي نظر آيو هو…جن کي ٻڌندي ئي نڙي منجهه گرھ اٽڪي پيو هيم ۽ هڏڪي پنهنجي قيد خاني ۾ الجهائي ورتو هيو…
ڇا ٿيو ماسات… پاڻي سان ڀريل گلاس مون طرف وڌائيندي حفيظ وراڻيو هو
شايد ماني جو وڏو گرھ لڳي ويو .جيڪو نڙي جي سوڙهي گلي پار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو … يڪساهي پاڻي جو گلاس پيئندي وراڻيو هيس…
ماسات حفيظ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجا الفاظ ورجايا ۽ پڙھائي بابت پڇڻ لڳو هو…بار بار تعليم جي پڇاڻي بعد ڏکارو لهجو خوشگوار موڊ جي گگن مٿان ڪارونجهر کان آيل ڪڪرن جيان ڇائنجي ويو هو…جنهن کي زبان سان برسائيندي دکدائڪ لهجي منجهه وراڻيو هيس بس ماسات تعليم اڌوري ڇڏي ڏنم……
آخر ڇو ماسات… حفيظ ڪنهن مزدور جو ڪردار ادا ڪندي من جي ڊٺل حسرتن واري عمارت کي مسلسل کوٽڻ لڳو هو…
بس ماسات ڇڏ ان ڳالهه کي ٻيو ٻڌا؟
نه نه! پهريان اهو ٻڌا ته پڙھائي آخر ڇو اڌ ۾ ڇڏي ڏني تو؟ حفيظ ضد ڪندي وراڻيو هو
ڪي ڪي ڳجهارتون مها سگهڙن کان به ناهن سرجنديون، انڪري ان ڳالهه کي سرجڻ ڇڏي ڏي……!! ۽ ڊگهي سناٽي ۾ پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيو هيم
ڪجهه گهڙين بعد حفيظ ڏکاري لهجي ۾ افسوس ڪندي وراڻيو هو ته ماسي جي خوابن جو ڇا ٿيندو؟
ڇا مطلب ماسات……
مطبل اهو ته ماسي ڳوٺ منجهان انڪري لڏو کڻي وئي هئي ته منهنجي اولاد سٺي ۽ ڪارائتي تعليم حاصل ڪري ڪنهن منزلِ تي پهچي پر...
پهريون ڀيرو حفيظ جا لفظ ٻڌڻ بعد ممتا جو احساس ڪنهن وڻ ويڙهي جيان مونکي پنهنجي وڪڙ ۾ ڦاسائي ورتو هيو.جنهن بعد پڇتاءُ جون ريکائون گهڻج جي روپ ۾ نرڙ تي اڀري آيون هيون، ماضي طرف نهاريندي سوچڻ لڳو هيس ته احساس ڪنهن ٽاهڙ پکي جيان ڀڙڪو کائي جذبن جي رڃ ۾ ڀٽڪڻ لڳا هيا، ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿي آيو هيم آخر هي سڀ ڇا ٿي رهيو آھي، سڀ ڪجهه منهنجي سوچ جي برعڪس....
زندگي ڪنهن رانديڪي جيان لڳي رهي هئي جنهن جو ريموٽ شايد ڪنهن ناسمجهه ٻالڪ جي هٿ ۾ هجي....
بس ڇڏ ماسات ان ڳالهين کي ٻيو ٻڌا…… سگريٽ دکائي هلندڙ موضوع جو رخ ٻي پاسي موڙيندي وراڻيو هيس سگريٽ جو دونهون لڪڙن واري ڇت سان ٽڪرائجي پنهنجو وجود وڃائي رهيو هو …
بس ماسات شڪر آھي رب جو ! پيا جيئون جهوپڙين ۾ …
الائجي ڇاڪاڻ ماسات حفيظ جي چيل الفاظن منجهان احساس ڪمتري جو هڳاءُ محسوس ٿيو هو! آٿت ڏيندي وراڻيو هيس اڙي حسين آھي اوهان جي جهوپڙي نماءَ ھي زندگي……
بلڪل ماسات پاڻ ساده ماڻھو آھيون، پاڻ کي هر وقت ٻني ٻاري ۽ مال متاع جو فڪر رهندو آھي باقي پنهنجو دنيا سان ڪو به تعلق نه آ...!
سگريٽ جو دونهون ناسن مان ٽرين نماءَ انجڻ جي ڪاري دونهي جيان ڪڍندي وراڻيو هيم ماسات اوهين ۽ اسان هن دنيا جو حصو آھيون ۽ دنيا سان لاتعلقي جو اظھار پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪرڻ برابر آھي،
ڀيڻ صائما چانهه تيار ڪر… حفيظ اوٻاسي ڏيندي وراڻيو هو
آئون ٻانهن جي ڪرائي ۾ پاتل گهڙي منجهه نظرون ڦيرائي ٽائيم ڏٺو هيم ته رات جا ساڍه ڏھ وڳي رهيا هيا، اماس جي چادر سان ڍڪيل جهوپڙيون...! جهوپڙين ۾ جيتامڙن جو آواز، ڏيڏرن جي ٽان ٽان ڄڻ مڌر موسيقي جهڙا ساز هجن، چنڊ جون ڪڪرن سان لڪ ڇپ واريون چلولايون. ڳوٺ جي ڪُتن جا رکي رکي ڀونڪ جا ڀوائتا آواز، ڏورانهين جهنگ مان ايندڙ گدڙن جون اونايون ۽ رات جي گهڙي ۾ هير جو گهلڻ، جنهن جي ڇهاءُ سان جسم تازگي ڀري لذت ٿي محسوس ڪئي… عجب سرور... حفيظ ۽ منهنجي ڪچهري…
ماسات سڀاڻي توکي وڏي ڳوٺ گهمائڻ وٺي هلندس، خاموشي جو نقاب مک تان لاهيندي حفيظ وراڻيو هو…آئون سگريٽ جو ٽوٽو آڱرين جي گرفت مان آزاد ڪندي جهيڻي آواز ۾ وراڻيو هيس ٺيڪ آ ...!!
ماسات صائما چانهه جا منگ اڳيان رکندي ڀر منجهان ويهي رهي هئي جنهن کي ڀر ۾ ويهندي پسي وراڻيو هيس ماسات ڇو توکي به ننڊ نٿي اچي ڇا ؟
ماسات صائما جو مسڪرائيندڙ چهرو جهوپڙي اندر ٻرندڙ ڏيئي جي ڳاڙهسري روشني ۾ ڳاڙھسرو ۽ ڌنڌلو پسڻ وٽان ملي رهيو هو! چانهه جو منگ چپڙن تي رکندي هڪ وڏي چسڪي ڀريندي وراڻي هئي نه ماسات مان دير سان سمهندي آھيان .....
پر ماسات مان ته شھري ماڻھن جي واتان اڪثر اهو ٻڌندو هيس ته ڳوٺاڻي ماحول سان وابستگي رکندڙ ماڻھو اڪثر سوير سمهندا آھن ۽ عصر ويل اٿندا آھن!! بنسبت اسان شھرين جي ...
ماسات توکي خبر آھي ڇا ؟ حفيظ اوٻاسي جو تسلسل مک تي جاري رکندي وراڻيو هو
ڇا؟
ڪنهن دور ۾ ڳوٺاڻا ماڻھو رات جي وڳڙي ۾ وڏا بنڊ ٻاري ڏور. بيت، ڳجهارتون، قصا ۽ آکاڻيون کڻي ٻڌائيندا هيا جن جو سلسلو سج نڪرڻ تائين جاري رهندو هيو، پر اڄڪلهه اها رسم به سائنس جي ترقي سبب ڌنڌلي بڻجي پنهنجو وجود وڃائي چڪي آ !!
ماسات حفيظ جي چيل شبدن ۾ فلاسافي جا ڪرڻا انڊلٺي جيان چلولايون ڪندي نظر آيا هيا جن جي چلولاين منجهه اردگرد واري ماحول جا ڌنڌلا عڪس روشن ٿيندي ڀايان هيم… ۽ تخيل جي سمونڊ ۾ غوطا کائي ويچاريو هيم ته بيشڪ حفيظ صحيح وراڻيو آ سائنسي ترقي جي ڪري سنڌو ماٿري جي مچ ڪچهري واري پراڻي تهذيب نابود بڻجي چڪي آ ڇاڪاڻ ته ارتقا ماضي جي ريتن رسمن کي پنهنجي پيرن ۾ ڪوَل جيان ڇيٿاڙي اڳتي وڌندي آھي شايد تڏھن ته انقلابي مرحلو طئي ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجندي آ...
ماسات تنهنجو هي لباس ڳوٺاڻن کي نٿو وڻي ؟؟ صائما خيالي ڪشتي مان هيٺ لاهيندي اوچتو وراڻي هئي ...
بلڪل ادي مان به اهوئي پئي چوڻ وارو هيس! حفيظ به سُر ملائيندي وراڻيو هو
ڇو ماسات آخر ڇاهي هن لباس ۾ جو نٿو وڻي ڳوٺاڻن کي؟؟
ماسات هن لباس ۾ انسان ڄڻ ننگو آھي ...
ڇا مطلب؟؟ تجسس منجهان تخيل جي گهرائي ۾ ٻڏندي وراڻيو هيس.
ماسات مونکان پنهنجي ساهيڙي تنهنجي باري ۾ پڇيو هيو ۽ چيو هيائين ته هي شھري بابو ڏاڍو سهڻو آھي پر ويندي ويندي ڇا چئي وئي هئي ؟؟
مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هيو ته ماسات صائما جي چوڻ جو مقصد ڇاهي؟ ۽ هو ڇا پئي چوڻ چاهي؟ بس حيرانگي وارو لهجو برقرار رکندي وراڻيو هيس
ڇا چئي وئي هئي؟؟
اهو ته شھري بابو کي نصيحت ڪجاءَ! ڪي ڪي لباس ماحول مطابق ئي سونهبا ۽ سٺا لڳندا آھن، تڏھن ته ڪنهن ڏاهي جو قول آ جهڙو ديس تهڙو ويس! انڪري اگر هي ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهڻ ٿو چاهي ته هتان جا رنگ روپ اپنائي...!
مان ڪجهه ڪين سمجهيس…! تنهنجي چوڻ جو مقصد ڇاهي ماسات؟ هڪ دفعو ٻيهر ناسمجهي جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس
ماسات صائما شايد بيزاري منجهان ڪاوڙ ڀري لهجي ۾ وراڻي هئي ته هن لباس ۾ تون اگهاڙو نظر ايندو آھين ۽ ڳوٺاڻن کي هر شيءَ تنهنجي ظاهر پسڻ وٽان ملندي آھي، جنهن جي ڪري ڳوٺاڻيون عورتيون توکان لڄ ٿيون ڪن.....!
ماسات صائما جا غصي منجهان نڪتل لفظ منهنجي الجهڻ دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا هيا آءُ مسلسل ان سوچ ۾ الجهيل هيس ته ڳوٺاڻيون عورتون مونکي پسندي پنهنجو پاڻ لڪائين ڇو ٿيون…!! آخر اهڙو ڇا هيو مون منجهه!! پر ماسات صائما منهنجي سڀني سوالن جا جواب غصي جي صورت ۾ ڏئي ڇڏيا ها…!! جنهن بعد مسڪرائيندڙ چهري مٿان ندامت جا اولرا روشن ٿيندي محسوس ڪيا هيم ! ۽ خيالي ساگر جي پاتال منجهه ڪنهن وزني پهڻ جيان هيٺ لهندو ٿي ويو هيس ! انيڪ تصور شھر ۽ ٻھراڙي جي ڌنڌلن عڪسن جو اڀياس ڪندا رهيا هيا، ٻھراڙي ۽ شھري زندگي ۾ نڀ، زمين جيڏو فرق پرکڻ وٽان مليو هيو……!!
پهريون ڀيرو پنهنجي قومي لباس سلوار ۽ قميص تي فخر محسوس ٿيڻ لڳو هيم جنهن جو ڪريڊيٽ ماسات صائما کڻڻ ۾ ڪامياب وئي هئي ! سچ ڀاسجڻ لڳو هيو ته پنهنجو قومي لباس نه رڳو قوم جي سڃاڻپ پر اخلاق جي به ترجماني ڪندو آھي ۽ ڪنهن ڌاري قوم جو لباس تن تي ائين لڳندو آھي جيئن ڪنهن جانور جي پٺي تي چتيون لڳل گاديلو...!!
ڇا ٿيو ماسات ……!! خيالي ساگر جي پاتال منجهان ٻاهر ڪڍندي ماسات صائما وراڻي هئي……
بس خوشفهمي ۾ مبتلا رهي سوچيم پئي ته ٻھراڙي جون ڇوڪريون خاص سهڻيون ته ناهن پوء به مونکي ڏسي پنهنجو مک ڇو پيون لڪائن پر...!!
ها ها بيشڪ اسين سانوريون ڇوڪريون ئي ڀليون پر شھري ڇوڪرين جيان آواره ناهيون؟ ماسات صائما منهنجو جملو اڌ ٻڌو ڪندي جذبات مان وراڻي هئي...
آئون حيرانگي جي لهرن ۾ اٿل پٿل ٿيندي وراڻيو هيس آواره مطلب؟؟؟
مطلب ته شھري ڇوڪريون ادب حياءُ کان کوکليون هونديون آھن، هر ايري غيري کي اوئي، سائين، جانو سان مخاطب ٿي سڏ ڪنديون آھن، ايتري قدر آواره جو وڏڙن جو به لحاظ نه ڪنديون آھن نه مٿي تي رئو رکن، نه ئي ڪنهن وڏي سان ڳالهائڻ جو ڍنگ ڄاڻڻ ! بس هرگهڙي بي حيائي ڀريا ٽھڪ ئي ٽھڪ.....!!
ماسات صائما جا چيل شبد ٻڌي يونيورسٽي جو مهڪندڙ ماحول ذھن جي نير گگن هيٺان ڇائنجي ويو هو، جنهن جي پالار منجهه شبنم، ڪنول، ريشما کان ويندي هر ڪلاس فيلو شاگرده جو ڪردار پسڻ وٽان مليو هو، هوبهو ڇڙواڳي سان ٽمٽار ٽھڪ، اوئي، يار، ڊيئر، جانو جا شبد ! ۽ کُليل ذلفن سان انهن جون اڍنگيون چال چلتون صاف صاف پسڻ ۾ اچڻ لڳيون هيون !
ماسات سونهن صورت جي نه پر ڪردار جي محتاج هوندي آھي اسين ٻھراڙي جون ڇوڪريون بيشڪ سانوريون آھيون پر اسان ۾ قدرتي ۽ حقي سونهن آھي …!!ماسات صائما رئو مٿي تي ٺاهيندي وراڻي هئي
آئون حيرانگي واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهندي وراڻيو هيس …اهو وري ڪيئن ماسات ؟؟
ماسات قدرتي سونهن اخلاق حيا شرم ۽ لڇڻن کي چئبي آ! جيڪو اسان ٻھراڙي جي سانورين ڇوڪرين ۾ موجود هوندي آ باقي اسين شھري ڇوڪرين جيان بيوٽي پالر ۽ مهانگين ڪريمن جو استعمال ڪريون ته يقينن ڪنهن حسينائن کان گهٽ نه لڳنديوسين پر سونهن ان چيز جو نالو نه آ...!
ماسات صائما جون ڳالهيون ٻڌي اهو اندازو لڳائي ويٺم ته ڏاهپ تعليم جي محتاج نه آھي، ڏاهپ بنا تعليم ۽ بنا ڪنهن متبادل روش جي هر هنڌ ڏات وانگر سمائجي سگهي ٿي!

(2)

صبح ساجهر ويل اکيون کُلندي ئي ٻھراڙي جو ماحول خوشگوار محسوس ٿيڻ لڳو هو جنهن مٿان سج جا ڳاڙهسري رنگت وارا ڪرڻا ڳوٺ جي چئني طرفن کان ڇائنل هيا، من ۾ پراسرار راحت بخشيندڙ ٿڌڙي هير جي موسيقي ڀريو دلفريب ڇهاءُ، ڪانگن جي ڪانءَ ڪانءَ وارا ٻول، ڪنهن ڪنهن وقت معصوم ٻارڙن جي روئڻ جا آلاپ، ته ڪنهن وقت عجيب سناٽو ڳوٺ مٿان ڪڪرن وانگر ڇائنجي ٿي ويو جنهن منجهان حسرتن جو ماريل منهنجو هانءُ عجيب راحت ٿي حاصل ڪندو رهيو هو،
وقت معمول مطابق گردش ڪندي ڦرندو رهيو!
ماسي سان گڏ آئون به ٻني طرف روانو ٿيڻ لڳو هيم ته! پٺيان ڪنهن جا دٻيل ٽھڪ ٻڌڻ وٽان ٿي آيا هيا جيڪي گرفت جي چنبي مان زوري آزاد ٿي کُليل فضا ۾ وکرجي ويا هيا.
نڀاڳي ڇوري ڪهڙي خوشي اٿئي جو ٽھڪ پئي ڏين؟ ماسي ڳوٺاڻي ڇوڪري سان مخاطب ٿي وراڻي هئي جيڪا ڪجهه قدمن جي دوري تي ماسات صائما سان گڏ بيٺل نظر آئي هئي...!!
ندامت منجهان مرجهايل چهري تي يڪدم مصنوعي مسڪراهٽ قائم رکندي وراڻي هئي خالان رات مذاحيا خواب لڌو هيم سو پنهنجي پياري ساهيڙي صائما کي پئي ٻڌايو !
ڳوٺاڻي ڇوڪري جا ٽھڪ ٻڌي ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ ڪائنات سموري ٿرٿلي ۾ اچي وئي هجي، اردگرد جي ماحول ۾ پيٽ پوڄا ڪندڙ پکيئڙا ٽاھ منجهان ڀڙڪو کائي پاڻ بچائيندا هجن! ڳوٺاڻي ڇوڪري جو اک جي ڇهنگڻ ڦهنگڻ وارِي خوبصورت نهار بي رحم شڪاري جي ڪماڻ مان نڪتل تير جيان احساس. اُمنگ ۾ چهبندي محسوس ٿي هئي! جنهن سان ماضي جا ڌنڌلا عڪس ذھن جي طوائف خاني اندر رقص ڪرڻ لڳا هيا، جڏھن هُن کي پهريون ڀيرو يونيورسٽي اندر فزڪس روم ۾ ايندو پسيو هيم ته اهو ئي ساڳيو مسڪراهٽ وارو منظر هيو، اهائي ساڳي من موهيندڙ شرميلي آڏي نگاهن سان پسڻ واري ديد هئي جنهن جي دلفريب ادائن ۾ منهنجو منڙو اٽڪجي بيهي رهيو هو !
ابا خيال سان…!! اڳيان ايندڙ کاهي کان هوشيار ڪندي ماسي وراڻي هئي ...!!
هونئن…!زبان منجهان لاشعوري جو آواز نڪتو جنهن کان خود آئون به اڻڄاڻ رهيس ۽ هوش سنڀاليندي حقيقي دنيا سان متعارف بڻيو هيم ...!!
ٻھراڙي جون سندر زمينون فصلن جي ساوڪ ڀري پوشاڪ سان سجايل نظر آيون هيون، ڪافي دور دور تائين ڌنار ۽ فصلن جي وٽَ پاسي سان چرندڙ چوپائي مال جا ڌنڌلا عڪس پسڻ وٽان ملندا رهيا هيا، ڪٿ ڪٿ واٽ ويندي پورهيت عورتون مٿي تي وزني گاھ سان منهن لڳي رهيون هيون ته وري ڪٿ ڪنهن واھ ڪَپ تي لشڪر جي صورت ۾ ڳوٺاڻيون اسڌ، جوان بالغ ۽ نابالغ نارين جو ڪپڙا ڌوئڻ وارو منظر ڏسڻ وٽان به ٿي ملندو رهيو هيو، ٻھراڙي جا اهڙا حسين منظر خزائن جيان اجڙيل منهنجي من ۾ بهارن جو سبب ٿي بڻيا هيا جن جي درشن بعد من اندر تازگي جي سڳنڌ وجود ۾ روح وانگر سمائجڻ ٿي لڳي هئي!
ٻھراڙي جي حقي سونهن کي پسندو به رهيو هيس ته ماسي پٺيان هلندو به رهيو هيم ايتري ۾ کيسي اندر پيل خاموش موبائيل ڌمچر ڪري وڄڻ لڳي هئي.....!!
گهڻڻ ڪوشش باوجود به نمبر سڃاڻي ڪين سگهيو هيس ۽ ڪال اٽينڊ ڪندي هيلو ڪيو هيم .....!!
پريان کان خاموشي جو اونهون سمونڊ محسوس ٿيو هو، هڪ دفعو ٻيهر هيلو لفظ جو سهارو وٺندي ڳالهايو هيم.....!!
ڪو به آواز نه مليو هو…
ڪن تان موبائيل هٽائڻ جو ارادو ڪندي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪرڻ تي هيس ته پريان کان هيلو جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو هو …
جي ڪير؟
اوهين ساگر آھيو نه…؟
جي ها آئون ساگر آھيان پر اوهين ڪير؟
ڪاٿي آھيو؟؟
پهريان اهو ٻڌايو ته اوهين ڪير پيا ڳالهايو.....!!
ساگر آئون سنڌو آھيان .....!!
ڪير سنڌو ؟؟ سڃاڻپ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيس
مان .....!!
ڇا مان .....؟
خير اوهين مونکي نٿا سڃاڻيو ! نه ئي آئون اوهانکي ٿي سڃاڻيان…! اوهانجو نمبر مونکي…………!! اڳتي ڪجهه ڪين ڪڇي ۽ لفظن کي بکايل راهڪ جيان زبان ۾ چٻاڙي خاموشي اختيار ڪئي هيائين…
ڇا مطلب.....!!
غلطي منجهان شايد رانگ نمبر لڳي ويو اوهانجو ……!! ڌيري آواز سان ٽمٽار الفاظ ڪنن سان ٽڪريا…
جڏھن اهي لفظ ٻڌم ته حيرت جي ڪا گنجائش نه رهي ۽ تخيل جي اماس ۾ پاڻ وڃائيندي سوچيو هيم ته اگر رانگ نمبر آ ته منهنجو ساگر نالو ڪيئن ٿي ورتو؟؟
اوڪي ڪا ڳالهه ناهي…! چاهيندي به ڪو ڊيگهه نه ڪئي هيم! ۽ ڪال ڪٽڻ تي هيس ته پڇيو هيائين …
اوهين يونيورسٽي جا شاگرد آھيو نه ؟؟
جي نه ! پر اوهين سنڌو ڪير ۽ ڪهڙو ڪم اٿئو! حقيقت کي ڪوڙ جو جامو پهريندي وراڻيو هيس ڇاڪاڻ ته آئون نٿي چاهيم ڪنهن اوپري شخص کي سڀ ڪجهه سچ ٻڌايان
اوڪي بعد ۾ ڳالهايان ٿي! ۽ ٽُون ٽُون ڪال ڪٽجڻ جو آواز ٻڌڻ وٽان مليو هو… موبائيل اسڪرين تي رسيوَ ڪال جو شو ٿيل نمبر غور سان پرکڻ لڳو هيس . پر سڃاڻپ ۾ نه آيو هيو شايد ته ان کان اڳ اهڙو ڪو به نمبر نگاھ منجهان نه گذريو هو! من گهڻو ئي چاهيو ٿي ته بيڪ ڪال ڪري تعارف پڇي وٺانس پر مناسب نه سمجهيو هيم ۽ موبائيل کيسي اندر رکي اڻ تڻ واري خيالن منجهه غوطا کائي سوچڻ لڳو هيس ته ڪير ٿي سگهي ٿي! سنڌو نالي ڪا به ڇوڪري يونيورسٽي ۾ ته نه هئي! نه ئي سڃاڻپ وارين ڇوڪرين ۾ ڪا سنڌو ڇوڪري آھي پر هي سنڌو ڪير آ ۽ مونکي ڪيئن سڃاڻي؟
ڇو ماسات تنهنجو چهرو لٿل آھي اڄ؟ ڪجهه قدمن جي دوري کان حفيظ وراڻيو هو…! شايد منهنجي لوساٽيل چهري جي شفق کي پرکي ورتو هيائين
آئون ڍونگي مرڪ لبڙن تي سجائيندي وراڻيو هيس نه نه ماسات اهڙي ڪا ڳالهه نه آ……
ابا ڪنهن جي ڪال هئي…! ماسي به منهنجي الجهن پسندي وراڻي هئي...
رانگ نمبر هيو شايد……
جنهن بعد ماسي ڏانٽو ۽ اوڇڻ کڻي گاھ لڻڻ لڳي هئي، حفيظ ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو ۽ آئون ٻھراڙي جو حسين ماحول پسڻ لڳو هيم وقت معمول مطابق گردش ۾ مشغول نظر آيو هو !

(3)

هڪڙي جهوپڙي نماءَ هوٽل تي ويهندي حفيظ گهٽ عمر ڇوڪر کي ٻه چانھون کڻي اچڻ جو چيو هو! هڪ معصوم ٻالڪ چانهه جو ڊيش مون اڳيان آڻيندي وراڻيو هو صاحب چانهه کڻو؟ معصوم ٻالڪ کي پسندي آئون تعجب جي ول ۾ وڪوڙجي ويو هيس، ڇاڪاڻ ته ست سالن جي عمر ۾ چتيون لڳل لباس سان بيراگِري ڪندڙ ڇوڪرو ڪنهن شهزادي کان گهٽ ڪين لڳو هيو! معصوم ادائون، سانوري لبڙن تي دائمي مسڪراهٽ جون لهرون، اخلاق ۽ خلوص ڀريا زبان تي شبد ايتريقدر جو شوباز گيراهڪ ڇڙٻون ٿي ڏنس ته به ڪين ٿي ڪڇيو هيائين!
ڪنهن جي خيالن ۾ گم ٿي ويو آن ماسات! ٻڏتر ۾ ڏسي حفيظ وراڻيو هو
ماسات بس پنهنجي ماحول جي ڌنڌلن عڪسن تي پيو سوچيان ته اهڙا شھزادا اسڪول وڃڻ جي عمر ۾ چند ٽڪن خاطر بيراگري ٿا ڪن ۽ پنهنجي جيون جو ايندڙ حسين مستقبل پيٽ جي بُک اجهائڻ خاطر ٿا وڃائن!
هاهاهاها ماسات تعليم کان ائين ڀلا آھن اڄ جا ڇورا…! شايد طنز ڪندي حفيظ وراڻيو هو
ڇا مطلب…!! حفيظ جي چهري کي غور سان پسندي وراڻيو هيس
هن ڇوڪر کي مان چڱي ريت سڃاڻان ويچارو يتيم آھي ڪافي سال اڳ هن جو پيءُ بيماري وگهي مري ويو هيو .هي پنهنجي پوڙھي امڙ ۽ نوجوان ڀينئرن ڪاڻ مزدوري ڪري ٿو. خبر اٿئي سيٺ نه پيو بيهاريس هوٽل تي الله خوش ڪري چاچي ولي داد کي هن سيٺ کي منٿ ڪري پنهنجي ذمي بيهاريو اٿس.چاچي ولي داد جي سيٺ سان پراڻي ياري آھي. غريب پورهيت جو پٽ آھي! جي اگر هي (بيراگِري) ڇڏي اسڪول پڙھندو ته يقينن هُن جو خاندان بک مرندو ڇو ته ويچارن مسڪينن جو هوٽل جي مزدوري ۽ برٿ سلائي مان مڙئي گهر جو چرخو پيو هلن ٻيو ڪو به ڪمائڻ جو ذريعو نه اٿن…حفيظ چانهه جي چسڪي ڀريندي وراڻيو هو !!
حفيظ جا شبد ٻڌي خوشحال پنهنجي ڌرتي جي بيوس ماروئڙن تي سوچڻ لڳو هيس جيڪي بُک.بدحالي جي ڪري غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل نظر آيا هيا!افسوس ٿيڻ لڳو هيم ته ڇا سچ منجهه اسين هن ڌرتي جا وارث آھيون .جي سچ منجهه اسين ڌرتي ڌڻي آھيون ته ڇاڪاڻ اسان جي گهر جون چلهون معصوم ٻالڪن جي رت ولوڙڻ بعد سورن سان ٻرن پيون .
ڪجهه گهڙين جي خاموشي واري تند ٽوڙيندي حفيظ وڌيڪ وراڻيو هو ماسات توکي خبر آ؟ ڀر واري ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو يونيورسٽي ته ڇا پڙھي آيو هو پر پاڻ کي ڪامريڊ سڏائڻ لڳو هيو، نه ڪنهن وڏيري جي عزت پيو ڪري نه ڪنهن مرشد جو احترام بس هرگهڙي انقلاب انقلاب چوندو رهندو هيو
اڇا ماسات هينئر ڪاٿي ملندو اهو ڪامريڊ ! آئون يڪدم ملڻ واري حب جو اظُهار ڪندي وراڻيو هيس؟
ڪڏھن به نه ملي سگهندو اهو بي پيرو ڇو ته سال پهريان روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿي ويو آ! مرشدن جون پٽون ڪاڏي وينديون وتي پيو انهن جي مخالفت ڪندو ۽ انهن کي رنجائيندو معجزو مرشدن ڪري ڏيکاريس نور ڀٽاري سان آئون پاڻ ڏسي آيو هيس هُن جو چٿڙجي ويل لاش صفا ڏسي نه پيا سگهون.
ويري سيڊ ! ڏک جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس...!
حفيظ هوٽل جي مالڪ کي پئسا ڏيڻ لاء اٿي ويو هو! کيسي ۾ پيل موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي هئي، امي جو ئي نمبر هيو ڪال اٽينڊ ڪندي وراڻيو هيس
هيلو جي امي ڪيئن آھيو !
ٻچڙا ڪُل خير تون ڪيئن آھين ۽ بنا اطلاع جي ڳوٺ ڏانهن هليو ويئن ! هتي اسين پريشان ته ڪيڏانهن ويو ؟ يڪساهي ۾ امي سڀ ڪجهه وراڻي وئي هئي!
امي مان به خوش آھيان بس من نٿي لڳو شھر ۾ انڪري موڊ کي بدلائڻ خاطر اوچتو ڳوٺ ڏانهن نڪري آيم
پر اطلاع ته ڪرين ها نه ٻچڙا...
ممتا جي شفقت ڀريو آواز ٻڌي وجودي سمونڊ ۾ راحت جو لهرون اٿل پٿل ٿيڻ لڳيون هيون
۽ آئون چاهيندي به ڪجهه ڪين وراڻيم ٿي بس چپ چاپ امي کي ٻڌندو رهيو هيم
ايتري ۾ امي ادي صنم کي موبائيل ڏيندي وراڻي هئي ڀيڻ سان ڳالهاءَ پٽ مٿو کائي وئي آ!
هيلو هيلو
ادي صنم خاموش رهي ڪا به ورندي نه ڏني هيائين ! هڪ دفعو ٻيهر وراڻيو هيس هيلو
مان توسان ناراض آھيان ڪنا! ادي صنم جڏھن به مونسان ڪاوڙبي هئي ته ڪنا لفظ ئي چوندي هئي پر ڪوھ مري جي جابلو علائقن وانگر ڪاوڙ ادي صنم جي اڇتوهي چهري تي گهڻو وقت ٽَڪي نه سگهندي هئي!
هاهاهاهاها سچ ۾!! پنهنجائپ سان ٽمٽار نخريلو ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هيس.
تون به بنا ٻڌائڻ جي جاڏي وڻئي ٿو هليو ٿو وڃين ڪنا! ادي صنم روئڻھارڪي لهجي ۾ وراڻي هئي جنهن جو درديلو احساس ٽيلي فون سنگلن سان گڏ آواز ذريعي منهنجي ڪنن سان ٽڪريو هيو !
بيسُري توکي ته خبر آھي نه منهنجي...! جڏهن دل جي سلطنت تي دردن جا ڪڪر تيزي ساڻ ڇانئجي ويندا آھن جنهن ويل مونجهه ٿيڻ لڳندي آھي ان ويل آئون نڪري پوندو آھيان جيڏانهن به دل چاهيون ان طرف ۽ ها تون خود چڱي ريت ڄاڻين ٿي...!! اها ته منهنجي پراڻي عادت آ! پر تون به مون کان گهٽ ڪين آھين. صفا مون تي وئين آھين بس تنهجو به ڏوھ ناهي ڇاڪاڻ جو تون به ته منهجي ڀيڻ آھين حڪم ڪري ته ڏس تو لاء ٻرندڙ سج به هٿڙن تي رکي تنهنجي اڳيان پيش ڪريان!
بس بس ٺھيو! اڃان بدليو ناهين ڊاڙي…… ادي صنم هلڪي مسڪراهٽ سان روڪيو هيو… لفظڙن کي گرھ جيان ڳِيت ڏئي زبان جي قيد خاني ۾ لاهي ڇڏيو هيم.
ادي صنم مسڪراهٽ ڀريو لهجو زبان تي جاري رکندي وراڻي هئي شايد تون ائين ئي ڊاڙي رهندي عمر ڀر ! نه بدليو آھين نه بدلبي.
آئون به مسڪراهٽ جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس ! مان ڪهڙو موسم آھيان جو بدلجي وڃان! يا ڪهڙو دٻي جو بيٺل پاڻي آھيان جو سج جي تپش اڳيان شڪست کائي زمين جي وجود ۾ جذب ٿي پنهنجو روپ مٽائي ڇڏيان.
ٻڌ منهنجا ساگر. ڪڏھن واپس ايندي شھر……امي توڪاڻ ڏاڍي پريشان ٿي رهي
مٺڙي ڀيڻ توکي ته سڀ خبر آ منهنجي ……… اڳتي ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ شبدن جي تيز رفتار هلندڙ ٽرين کي امالڪ بريڪ ڏئي ٿڌو ساھ کنيو هيم ...!
بس تو بن منڙو نٿو لڳي! توکي ڏاڍو مس (ياد) ڪندي آھيان!
اڙي ادي ائين نه چئو…! ڇو ته تنهنجي منزل منهنجي محتاج نه آ، پاڻ ٻئي الڳ الڳ ڪشتين جا مسافر آھيون ! منهنجي ڪشتي جياپي جي سمونڊي طوفان ڏانهن روان دوان آ ۽ تنهنجي ڪشتي ساحل طرف وڃڻي آ، جت هزارين خوشيون منتظري صف ۾ مسافرن جو اوسيئڙو ڪنديون آھن …
ساگر روز روز تنهنجا موهن جي دڙي وانگر قديمي ڊائلاگ ٻڌي مان بيزار ٿي چُڪي آھيان ڇڏ هاڻ انهن کي اهو ٻڌا ڪيئن آھين ! ادي صنم حقيقت کان پرده پوشي ڪندي وراڻي هئي…! ۽ نيٽورڪ مسئلي جي ڪري ڪال ٽُون ٽُون ڪري ڪٽجي وئي هئي ! گهر وارن سان ڳالهائڻ بعد ڪنهن وکر جيان وکريل من سميٽجڻ لڳو هيو ! ۽ اتاولي وجود ۾ پنهنجائپ جون خوشيون ڊوڙڻ لڳيون هيون جنهن کان خود آئون به بيخبر هيس
حفيظ سان گڏ وڏي ڳوٺ جي ڏامر واري روڊ مٿان هلندي ڳوٺ طرف روانو ٿيو هيس، ڏامر واري روڊ ۽ پنهنجي جيون ۾ ڪو خاص فرق نه ڀائيو هنئيم ڇاڪاڻ جو روڊ به مون وانگر لاحد منزل جو پانڌيئڙو نظر آيو هو جنهن مٿان وزني گاڏيون بنا احساس جي تيز رفتاري سان اچ وڃ ڪري رهيون هيون ۽ منهنجو وجود به ڀٽڪيل ڀٽڪيل جنهن کي اڻ کٽندڙ مسافتن جا طويل پنڌ اڃان ڪي باقي ڪاٽڻا هيا……… ڪجهه منزل طئي ڪرڻ بعد اسانجي ڀر منجهان گذرندڙ ڊبل ڪيئبن ويگو گاڏي بريڪ ڏئي اڳتي بيهي رهي هئي، ۽ گاڏي جي فرنٽ سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ ٿيڻ لڳو هيو جنهن اندران سانوري ٿلهي رنگت ۾ ڪاٽن جي اڇي ويس ۾ ملبوس هڪ شخص اسان طرف هڪل ڪندي وراڻيو هو ڇورا ھيڏانهن اچ……؟لفظن ۾ آڪڙ ۽ وڏائي جي بدبو محسوس ٿي هئي حفيظ جي سائين جي سائين سان ڊوڙي وڃي يڪ ساهي پهتو هيو
وات ۾ پان چٻاريندڙ سانوري رنگت واري شخص چپڙن ۾ ڪجهه ڀڻڪي حفيظ طرف نيرو نوٽ وڌايو هو! حفيظ نوٽ وٺي کيسي ۾ رکيو ۽ مونکي اتي ئي بيهڻ جي هدايت ڪندي تيز رفتار قدمن سان وڏي ڳوٺ جي ڪچن دوڪانن واري بازار ۾ گم ٿي ويو هيو!چند منٽن بعد سامهون بيٺل ان ئي گاڏي جي پوئين سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ ٿيو هو ته وڏي ڳوٺ جو ماحول عجب سڳنڌ سان واسجي ويو هو، جنهن بعد من ۾ عجيب سرور گلابن جي سڳنڌ جيان محسوس ٿيو هيو، گاڏي جي پوئين سيٽ وارو ڪارو شيشو هيٺ لهندي ئي اکڙيون ڪنهن بي جان بوتي جيان هڪ هنڌ ٽِڪ ٿي بيهي رهيون هيون ڇا ته سندر اپسراء جو چيگم چٻارڻ وارو خوبصورت چهرو پسڻ وٽان مليو هيو، گول بدامڙي اکڙين منجهه قيد ڪيل ڪجل جي سندرتاءَ، ٿر جي وارياسي زمين جي عڪاسي ڪندڙ چپڙن تي لالڙي سان خوبصورت چٽاڻ، مهندي لڳل هٿڙن ۾ ٽچ اسڪرين سيٽ کي روپلو وانگر مضبوطي سان پڪڙڻ وارو سليقو ۽ گاڏي جي هلڻ وقت اميراڻي انداز سان ڪجل نماءَ اکڙين تي فينسي چشمو پهرڻ وارو ڍنگ……!! جيڪو گاڏي جي وڃڻ بعد به منهنجي ذھني آرسي اڳيان ڇائنل رهيو هو.
اڃان سوچن ۾ اپسراءَ جي مصوري مڪمل ڪين چٽي سگهيو هيم ته حفيظ به سهڪندو سهڪندو مون وٽ پهتو هو…!!۽ مونکي پاسي تي بيٺل ڏسي وراڻيو هيائين ماسات اهو پنهنجو ڀوتار ڪريمداد هيو جنهن مونکي پئسا ڏئي چيو ته گولڊلف (گولڊ ليف )جا سگريٽ ۽ سائيڻ ننڍي ڪاڻ مٺيون شاليون وٺيون اچ…
حفيظ جي واتان ههڙا شبد ٻڌي حيرت جي گاڏڙ ۾ وڃائجي ويو هيس ۽ سوچڻ لڳو هيس جيسين تائين اسانجي ماحول ۾ ڀوتارڪي نظام آھي تيستائين حفيظ جهڙا ڪيترائي فرد غلامي جي چنبي مان آزادي حاصل ڪري نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته سگريٽ ۽ سوپارين وٺڻ وارو ڪم حفيظ ڇو ڀوتار خود به ڪري ٿي سگهيو...!
حفيظ ٿڪل لهجي ۾ ڳالهه کي منظم طريقي سان برقرار رکندي وڌيڪ وراڻيو هو شايد يونيورسٽي ۾ ڌيءَ کي داخلا وٺي ڏيڻ لاء اسانجو وڏيرو شھر ڏانهن ويو هو !
اڇا ماسات…… مطلب ته ڪار اندر ويٺل اپسراءَ ڀوتار جي ڌيءَ ئي هئي !
اپسرا مطلب……حفيظ ناسمجهي جو اظُهار ڪندي وراڻيو هو
اپسرا مطلب حسين ڇوڪري…حفيظ کي اطمينان ڏياريندي وراڻيو هيس……
ڳالهين منجهان ڳالهيون جنم وٺنديون رهيون هيون پنهنجي ڪچهري جو سلسلو به وڌندو ٿي ويو هو ڪا خبر ئي نه پئي هئي!
ٿڪل وجود ساڻ ڳوٺ طرف پهچي چُڪو هيم ، ماسي گهر جي آڳنڌ تي پهچندي ڏسي وراڻي هئي ابا ڏسين آئين وڏي ڳوٺ کي ...!!
جي ها ! ڌيڻي آواز منجهه وراڻيو هيس……
۽ آخري ساھ کڻندڙ سج جو سڪرات ورتل پويو پهر پسڻ لڳو هيم، ڳوٺ جي ڪکائين، ڪچن گهرڙن مٿان منتشر پکيئڙن جا ولر پنهنجي ٿاڪ طرف واپس ويندي نظر آيا هئا، ٻھراڙي جي دلفريب منظرڪشي پروڙڻ بعد امالڪ وجود جي صحن تي ماضي جا اولڙا يادن جي روپ منجهه شام واري سج جي اولڙن جيان وڌڻ لڳا هيا يونيورسٽي جون يادگيريون ڪنهن ناچڻي جيان ذھن جي ڪال ڪوٺڙي ۾ رقص ڪرڻ لڳيون هيون، جنهن ۾ پاڻ ورسٽي جي ڇڙواڳ دوستن سان گڏ بي احساسيا ٽھڪ ڏيندو رهيم، استادن اڳيان ڪامريڊي ناٽڪ سان غنڊاگردي به ڪندو رهيم، گولڊ ليف سگريٽ، شراب جي اوتڻ دوستن سان ڪمپني وارو لمحو، فرسٽ ايئر ۾ نئين ايڊميشن وٺندڙ ڇوڪري کي ڇيڙڻ واري اداڪاري، کان ويندي هر ارڏائي اکين جي سمونڊ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي جيان ترندي پسڻ لڳو هيم ! جنهن بعد عجيب ڦڪائي چهري مٿان محسوس ٿي هئي ۽ ندامت منجهان خيالي دنيا مان نڪرندي حقيقت سان متعارف بڻيو هيس.
هُن جي اچڻ بعد سڀ شرارتون ۽ ارڏايون وهندڙ پاڻي تي ليڪي وانگر ميسارجي پنهنجو وجود وڃائي ويٺيون هيون، نه دوستن سان ڪمپني ڪري شراب کي هٿ ٿي لاتو هيم نه ئي وري ڪنهن ڪمپني کي رنگين رکڻ ڪاڻ ائٽم گرلس سان رنگ رليون ٿي ملهايون هيم، نه ئي وري گولڊ ليف سگريٽ جي فلٽر کي محبوب جيان چپڙن تي پئي رکيو هيم، نه ئي ڪنهن آوارا ٽولي سان گڏجي ڪنهن ڇوڪري کي ٿي ڇيڙيو هيم، هُن جو منهنجي جياپي ۾ ڇا داخل ٿيڻ ڄڻ انقلاب جي آمد ٿي هجي، ۽ معاشري کي بگاڙڻ وارين ارڏاين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي پنهنجي وجود کي ويٽنام ملڪ وانگر آزاد بڻايو هجيم ! ڇاڪاڻ ته هُن جي چاهت ڪنهن ائٽم بم کان ڪمتر ڪين هئي جنهن جي مها ڪارگيري ۾ منهنجون سڀئي خراب عادتون هيروشيما، ناگاساڪي جيان نابود بڻجي ويون هيون ۽ منهنجي جياپي جي بگڙجندڙ حالتن جي هڪ بهترين اصلاح ٿيڻ لڳي هئي جنهن مونکي زندگي جا نوان رنگ ۽ ڍنگ سيکاري ڇڏيا هيا...!!

(4)

حفيظ سان گڏ ساوڪ ڀريون ٻھراڙي جون زمينون گهمندو رهيو هيس ته اچانڪ رات وارا درديلا آواز ذھن جي خيالي وهڪري مٿان تري آيا هيا…!! نه نه مونکي جِن نه آ! مونکان پري رھ، خدا جي واسطي…… معلومات لاء حفيظ اڳيان سوال اٿاريندي وراڻيو هيم ماسات رات ڪافي دير کانپوءِ اهي عورتاڻا آواز ڪٿان پئي آيا...!
مرشد پاڪ جي حويلي مان اهي آواز اچي رهيا هيا ! ڇو ته گذريل رات جمع جي هئي ۽ هر ماھ پاري جمع رات مرشد سائين عورتن جا جن ڪڍندو آھي!اسانجو مرشد ڪامل ولي آھي جنهن جي ڪرامت هر هنڌ تائين مشھور آ، حفيظ يڪساهي ۾ وراڻيو هو.
ڪامل ولي! ڏندن جي گهاڻي منجهه چيچ کي آزاد ڪندي وراڻيو هيس، ۽ ڳوٺاڻي ماحول جا ڌنڌلا عڪس پسڻ وٽان صاف صاف ملي رهيا هيا ! جنهن بعد وڏيرڪي نظام کان ويندي پيري مريدي جي عقيدت واريون ڦردو ريتون منهنجي ذھن جي ڪشادي آڳنڌ تي ٻارڙن جيان ڊوڙڻ لڳيون هيون...!!
ٻَنين جا ساوڪ ڀريا منظر ذهن ۾ قلم بند ڪندو رهيم ۽ حفيظ پٺيان چپ چاپ هلندو رهيو هيس ڪجهه منزل طئي ڪرڻ بعد سرنهن جي ڦولهار واري فصل ۾ ماسي کي پسيو هيم جيڪا گاھ لڻڻ ۾ مشغول هئي! ماسي ڏانٽو مونکي ڏي آءُ ٿو گاھ لڻان! ماسي جي هٿڙن مان زوري ڏانٽو کسيندي وراڻيو هيس…
ماسي بار بار منع ڪندي وراڻي هئي پٽ تون اڻڄاڻ آھين ڪٿ هٿ نه وڍي ويهي پر مون اڳيان ماسي جي هڪ به نه هلي هئي! جڏھن هڪ به نه هليس ته شڪست جا گهنج مُک تي آڻيندي وڌيڪ وراڻي هئي پٽ ڀلا تون آرام آرام سان گاھُ لڻي وٺ آءُ ساڳ پَٽي اچان ٿي،
ٺيڪ آھي ماسي……
حفيظ به موڪلائيندي زمين واري ٻني جي سلامي ۽ تاس وٺڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو…
لوسڻ جي مُٺ کي هٿن ۾ پڪڙيندي ڏانٽي سان ڪٽڻ ويل من ۾ عجيب سرهائي محسوس ٿي هئي! ائين لڳي رهيو هو ڄڻ منهنجي بي رنگ جياپي منجهه رنگينن جي آمد ٿي هجي، ٻھراڙي جي سندرتا وڻ ويڙھي جيان وجود کي وڪوڙي اهو احساس ڏيڻ لڳي هئي ته زندگي قدرتي سونهن بنا ائين اڌوري آ جيئن ڪا سڪل ڍنڍ پاڻي بنا، ۽ ڪو وجود روح بنا...!
هاهاهاهاهاها…… ٻھراڙي جي کُليل ماحول ۾ ڪنهن جا ٽھڪ فضائن جي گهيري ۾ قلابازيون کائيندي منهنجي ڪنن سان ٽڪريا هيا! ٽھڪڙن جا آواز ٻڌندي ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هيم ته اکين تي ويساھ نه رهيو هو! جسم منجهان سيءُ جي سٽ نڪري وئي هيم ۽ عجيب ڪيفيت جي گهاڻي منجهه پنهنجي احساسن کي بلاول جيان پيڙجندي ڀانيو هيم…
ڀليڪار ڀليڪار چئبو ته ڳوٺ ۾ انقلاب اچي ويو نه جو شهري نمونن وارا مرد به گاھ لڻڻ لڳا آھن…!!هلڪڙي مسڪراهٽ لالڙي لڳيل چپڙن تي قائم رکي مون طرف ايندڙ اپسرا ڳالهايو هو ……
آءُ ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس، بس تجسس منجهان اپسراء جي سندرتاءَ کي پسندو رهيس، اڙي هي ڇوڪرو ته نج شھري آھي اپسراء سان گڏ پهريدار جي صورت ۾ ڳوٺ واري سانوري ڇوڪري وراڻي هئي
هيلو اوهانجو نالو …! اپسراء سج جي روشني جهڙو چمڪندڙ سندر هٿ مون طرف وڌائيندي مونکان منهنجو تعارف پڇيو هو
ڏانٽو کاٻي هٿ ۾ مٽائيندي ساڄو هٿ اپسراء جي خوبصورت هٿ سان ملايو هيم، هٿ ملائڻ دوران جسم ۾ يارنهن هزار وولٽيج جو جهٽڪو محسوس ٿيو هو ۽ ڳيتون ڏيندي وراڻيو هيس منهنجو نالو ساگر آھي…!! الائجي ڇاڪاڻ پهريون ڀيرو ڪنهن اپسراء سان ڳالهائيندي هُٻڪ محسوس ٿي هئي ائين لڳو هيو ڄڻ پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي هجي!
اوهانکي پهريان به ڏسي چُڪي آھيان وڏي ڳوٺ واري رستي تي اوهانکي ياد آ اهو ڏينهن…!اپسراء سوال ڪندي وراڻي هئي.
جي بلڪل ويگو گاڏي جي پوئين سيٽ تي اوهين ويٺل هيا…!! سڃاڻپ جي نشاندهي ڪندي وراڻيو هيس.
بلڪل صحيح ! ڌيڻي لهجي ۾ اپسراءَ وراڻي هئي.
جسم منجهان ساھ ڇڏائيندو ٿي ويو هو، پاڻ ڌرتي منجهه ھوندي به پالار منجهه اڏامجندو رهيو هيس پنهنجو ساوڪ ڀريو ميرانجهڙو هٿ اپسراء جي حسين ڪومل هٿ مان ڇڏائڻ لاء بار بار ڪوشش ٿي ڪئي هيم، جنهن ۾ هر وار ناڪامي ٿي ملي هئي ڇاڪاڻ جو اپسراء جي هٿ ۾ الائجي ته ڪهڙو چقمق جيان مقناطيسي قوت وارو سحر هيو جيڪو منهنجي هٿڙن جي چرپر کي محسوس ڪندي ئي پاڻ طرف مضبوطي سان ڇڪيندو ٿي رهيو هو!
اوهين ڪٿان جا آھيو ؟ ۽ هتي ڇا ٿا ڪريو؟ اپسراء سوال مٿان ٿي سوالن جا تير وسايا هيا !
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس !بس چپ چاپ خاموشي سان ٻڌندو رهيس، ائين محسوس پئي ٿيو هو ڄڻ بازي هارايل جواري جيان ھوش وڃائي ويٺو هجان، ڇا ته خوبصورت منظر ٿي لڳو هو، اپسراء جا ڪارا ذلف جڏھن سندرتا ڀري مک کي سج جي تپشدار ڪرڻن کان بچاءُ لاء هر هر پهريدارن جيان اکين اڳيان ٿي اچي رهيا هيس، ۽ اپسراءَ جون بي حجاب نگاهن جي ڪماڻ منجهان شوخ نظرون تير جيان منهنجي دل مٿان وسنديون رهيون هيون جنهن جي اثر هيٺ گهڙي کن لاء جياپي جو ماضي جيڪو منهنجي حال پٺيان ڪنهن معصوم ٻالڪ جيان ڪڍ ڪڍ لڳي ٿي هلندو رهيو هو ! ائين ميسارجي ويو جيئن تيز اُس جي تپش ۾ ڪوھ مري جا برفيلا جبل ميڻ وانگر رِجي پنهنجو وجود وڃائي ويهندا آھن.
هيلو مسٽر مان اوهان سان آھيان نه؟ هٿ مان خوبصورت هٿڙو ڇڏائيندي وراڻي هئي !
هونئن، پاڻ سنڀاليندي لاشعوري طور وراڻيو هيم ۽ من گهڻو ئي ضد ڪيو ته چئي ڏيانس حُسن پرست ماڻھن جي منزل جو انت سونهن جي درشن تائين محدود هوندو آ، پر پاڻ ۾ ڪجهه به ڳالهائڻ جي سگهه ساري ڪين سگهي هيس .
ڇا ٿيو ……!! اپسراءَ شايد منهنجي الجهيل ڪيفيت مان اندازو لڳائيندي وراڻي هئي
ڪجهه به نه……
ته پوء مون پڇيو ته اوهين ڪٿان جا آھيو ۽ هتي ڇا ڪرڻ آيا آھيو……چيل جملو ٻيهر ورجائيندي وراڻي هئي
پاڻ ڄام شورو جو آھيان ۽ ھِتَ…………لفظ نڙي ۾ مڇي جي ڪنڊي وانگر اٽڪجي بيهي رهيا ها
ڇا هِت……اپسرا منهنجي جملي جي نقل ڪندي وراڻي هئي
هت زندگي جي باقي رهجي ويل پلن کي سميٽڻ ۽ ڪجهه جيئدان بخشڻ ڪاڻ آيو آھيان
ڇا مطلب ؟؟
منهنجي جواب ۾ ايترو سسپينس ته نه آ، جيترو اوهين سيرس ٿي ويا آھيو، اپسراء جي بهار جهڙي مک تي خزائن جا ڇائنجي ويل تاثر پسي وراڻيو هيس
جنهن بعد يڪدم موسمن وانگر حسين چهري جا تاثر درست ڪندي مسڪرائڻ لڳي هئي…!!
ڇا اوهين پيدا به هن ڳوٺ ۾ ٿيا ؟ اپسرا سان سوال ڪندي وراڻيو هيس
جي ها بلڪل پر ڇو ؟؟
ته پوء ايترو ويڇو ڇو؟ اوهان ۽ ڳوٺاڻي سانوري ڇوڪرين ۾ ڇاڪاڻ ته اوهين مون غير مرد اڳيان بي حجاب ٿي ڳالهايو ٿا ۽ ڳوٺ جون ٻيون ڇوڪريون مون اڳيان ڪنڌ مٿي ڪري ڳالهائڻ جي سگھ ساري نٿيون سگهن ! منهنجا شبد ٻڌي اپسرا جي ڀر ۾ بيٺل سانوري ڇوڪري جي مک تي غصي جي هيڊاڻ ڇائنجي وئي هئي ۽ اپسراء مسڪرائيندي وراڻي هئي مان لکيل پڙھيل ڇوڪري آھيان عام ڳوٺاڻي ڇوڪرين جيان بي علم ۽ ڄٽ ناهيان...!!
مطلب ته باقي ٻيون ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ڄٽ آھن، ڳالهه کي مضبوطي سان ڳنڍ ڏيندي وراڻيو هيس
نه نه اهڙي ڳالهه نه آ… منهنجي چوڻ جو مطلب اهو هيو ته مان شھري ۽ ٻھراڙي جي رسمن ۾ چڱي ريت فرق ڄاڻان ٿي.....!
ڪهڙو فرق ؟؟ سوال ڪندي وراڻيو هيس
ڳوٺاڻيون عورتون سائنسي ٽيڪنالاجي دور هوندي به غلامي وارو بدتر جيون گهارن ٿيون، ۽ پنهنجو بي ملهه جياپو ٻار پئدا ڪندڙ مشين ۽ گهريلو ڪم ڪار ۾ ضايع ٿيون ڪن، انهن کي ڪير سمجهائي ته زندگي ان مقصد لاء نه پر ڪنهن ٻي ڪم ڪار لاء به ملي آھ……
مسئلن ٻيو ڪم ڪار ؟؟هڪ وار ٻيهر سوال ڪندي وراڻيو هيس
اوهين به سوال گهڻا ٿا پڇو! ڇڏيو بس…… شايد بيزاري منجهان اپسراء وراڻي هئي
نه نه ٻڌايو! ايلاز ڀري شبدن جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس
مسئلن ٻيو ڪم ڪار ته هن دنيا ۾ ڪجهه اهڙو ڪجي جيڪو اڳ نه ٿيو هجي… ان لاء تعليم جو هجڻ ضروري آھي پر ڳوٺ جون عورتون اڪثر مرداني معاشري جي ڪري تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آھن…!پهريون ڀيرو ٻھراڙي جي ماحول منجهه اپسرا جي روپ ۾ هم خيال شخصيت سان ملاقات ٿي هئي! ڇاڪاڻ ته آءُ يونيورسٽي جي دور کان وٺي انقلاب جو حامي رهيو هيس، اپسراء جي ڏاهپ کي پروڙڻ ڪاڻ وڌيڪ وراڻيو هيس اوهين به ته ڳوٺ جون آھيو ته پوء اوهين تعليم ڪيئن حاصل ڪئي!
هاهاهاها مسڪرائيندي وراڻي هئي مان پنهنجي خاندان جي سڪيلڌي پهرين ۽ آخري اولاد آھيان، منهنجي هر ڳالهه کي ابو اهميت ڏيندو آ.
تمام بهترين پر اوهين هينئر تائين پنهنجو نالو نه ٻڌايو…؟
اوهين پڇيو ڪاٿي آ! منهنجو نالو صاديا آھي .....!
سندر! ان شبنم جيان جيڪي گلڙن جي خوبصورتي کي چمندي آ! ان سڳنڌ مثل جنهن جو واس سنگهي پوپٽ انبوھ جي صورت ۾ گڏ ٿيندا آھن، ۽ ان چنڊ جي چانڊاڻ وانگر جنهن جي سهاري سان ليکڪ قلم کڻي پنهنجي محبوبائن جي تعريف ۾ گيت، غزل، ڪهاڻيون پيا لکندا آھن.صاديا تو جيان تنهنجو نالو به سراپا سندر آ، واکاڻ ڪندي وراڻيو هيس
صاديا ڳچي ۾ پيل رَئي جي ڪنڊ کي ڏندن ۾ آڻيندي شرمايو هو…!
هاڻ ھلڻ گهرجي صاديا جي پاسي ۾ بيٺل ڳوٺ جي سانوري ڇوڪري بوريت منجهان وراڻي هئي …
صاديا باءِ باءِ ڪندي موڪلايو هو …
الائجي ڇو صاديا جي موڪلائڻ بعد ايئن محسوس ٿيو هو ڄڻ جسم منجهان روح پرواز ٿي اڏامجڻ لڳو هجي، دلڪش ڪائنات پنهنجي سندرتا ڪنهن نابين فرد جي نور وانگر وڃائي ويٺي هجي، ٻھراڙي جي ماحول جون وڻندڙ انڊلٺون اوچتو انڌهيري جي ورچڙھي پنهنجون رونقون اجاڙي چُڪيون هجن،
ڪنهن جي خيالن ۾ گم آھين ماسات حفيظ ڪجهه وکن جي دوري تان مون طرف ايندي وراڻيو هو ۽ پٺي ڏئي ڳوٺ طرف ويندڙ صاديا جو ڌنڌلو عڪس پسڻ لڳو هو…!
آءُ چاهيندي به ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيو هيم …! بس ٻڏتر جي صورت ۾ صاديا جي حُسن کي ڇهندو رهيو هيس، ڇا ته سنهڙي چيلهه ھيس، جنهن ۾ ڪائنات جا هزارين راز باطن جي صورت ۾ پسڻ وٽان ٿي مليا ها، بيد مشڪ جيان ڊگهو قد، ڇاتي ويڪري ۽ ان مٿان سجايل قدرتي ميون جي ڇلڪڻ جو انداز، معصوم ادائون جن ۾ ٻھراڙي جون محروميون سمايل ٿي نظر آيون هيون، رَئو مٿي بجاءِ ڳچي ۾ ڦندي جيان ڪرڻ وارو انوکو ڍنگ جنهن سان پياري ۽ سندر لڳي رهي هئي !
ماسات اڃان تائين گاھ نه لڻيو اٿئي؟ ۽ حفيظ ڏانٽو مُٺ ۾ ڪري گاھ لڻڻ ۾ مشغول ٿي ويو هو …
وقت پنهنجي رفتار مطابق گذرندو رهيو ۽ ڪجهه گهڙين جي ماٺار کي گوڙ گهمسان سان ٽوڙي موبائيل رنگ وڄڻ لڳي هئي……!
هيلو ……
جي ساگر ڪيئن آھيو؟
مان ٺيڪ …اوهين ڪير آھيو ۽ بار بار ڪال ڇو ٿا ڪريو؟
ٻڌايم جو سنڌو آھيان …
ڏسو مان ڪنهن به سنڌو نالي ڇوڪري کي نه سڃاڻيان …!پليز مونکي تنگ نه ڪريو ! بيزاري منجهان ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هيم …
ڪنهن جي ڪال هئي ماسات……! حفيظ وضاحت معلوم ڪندي وراڻيو هو
الائجي سنڌو نالي ڪا ڇوڪري آ، پر مان نه ٿو سڃاڻيانس!!
اڇا هوندي ڪا ڇڙواڳ ڀوتار جي ڌيءَ وانگر، حفيظ گاھ لڻندي وراڻيو هو
ڇڙواڳ مطلب! اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ الجهندي وراڻيو هيس
يار پنهنجي اکين سان ڏسين پيو نه ڀوتار جي ڌيءَ جا ڪم شام ويل ڳوٺَ جون ڇوڪريون ساڻ ڪري پئي ٻنيون رلندي آ، حفيظ جذباتي لهجي منجهان وراڻيو هو
ته پوء ان ۾ ڇڙواڳي جي ڪهڙي ڳالهه آھي .....!
ها بلڪل غير مرد سامهون سينو تاڻي ڳالهائڻ ۽ مٿو اگهاڙو ڪري گهمڻ ڇڙواڳي نه آ...حفيظ غصي جي لهر چهري مٿان برقرار رکندي وراڻيو هو
حفيظ جي اهڙي تخيل کي پرکي ٻھراڙي جي عورتن منجهه دٻيل صلاحيتن وارو ڳجهه معلوم ٿيڻ لڳو هيو، جُن جون توانايون صرف ۽ صرف گهرن جي چوديواري اندر ضايع بڻيل هيون ! جنهن تي افسوس ڪري ماضي جا ورڪ ورائي سوچڻ لڳو هيم عورتن بنا هي دنيا بي رنگ آھي اها به عورت ئي هئي جنهن چنڊ کي لتاڙيو ۽ اهو به عورت جي مهان تخيل جو ڪمال هو جنهن محمد بن قاسم کان پنهنجي ڀاءُ راجا ڏاهر جو بدلو ورتو هيو ! تهذيب گواھ آھي ته ڪنهن وقت ۾ عورتن مردن سان گڏ تخت تي ويهي انصاف ڀريا فيصلا ڪيا !
ماسات اچ ته هلئون ! ڏانٽو زور سان زمين جي ڪومل وجود تي چاڪون جيان چهنبائيندي حفيظ وراڻيو هو.
سج پنهنجو لوساٽيل چهرو جبل جي پٺيان لڪائي ٿڪل راهڪ جيان شڪست قبولڻ تي مجبور ٿي چُڪو هيو، اردگرد جي ماحول جا سندر عڪس لهندڙ سج جي لالاڻ سان ڌنڌلا بڻجي پنهنجي سندرتا وڃائڻ لڳا هيا. پالار منجهه پکيئڙن جي ٻولي جو عجيب گوڙ گهمسان وارو وايو منڊل ڪنهن ادبي پروگرام جيان متل نظر آيو هو، ٿورو پرڀرو کوھ ڀرسان پاڻي ڀريندڙ ڳوٺ جي ڇوڪرين جا انداز پسڻ وٽان ٿي ملڻ لڳا ها. جن کي پسندي ئي منهنجون ديدون هڪ جاءِ تي مندر ۾ پيل ڀڳوان جيان ٽڪ ٿي ڄميون پئي ويون هيون
سنهڙي چيلهه تي گهانگهڙ ۽ مَٽ، کڻي ڪُڏ ڏئي هلندڙ اٺ جيان ناٽڪ ڀريون وکون کڻڻ جو انوکو طريقو، سَڳين جو پانڌ سيني اڳيان آڻي ان کي جهومائڻ ڀريو انداز، ۽ زمين جهڙو رنگ رکندڙ چپڙن کي آزاد ڪري ٽھڪن جي جهونگار جنهن سان منهنجي اتاولي من پراسرار راحت ٿي محسوس ڪئي هئي…

(5)

هيلو هيلو !
ساگر پهريان منهنجي ڳالھه پوري ٻڌجانءَ ..! هيلو جو آواز ٻڌندي ئي سنڌو وراڻي هئي جنهن کي آءُ گهڻي ڪوشش باوجود به سڃاڻي ڪين ٿي سگهيو هيس
جي حڪم ڪريو! ڊگهي اوٻاسي ڏئي وراڻيو هيم ڇاڪاڻ جو رات ڪچهري ۾ ڪا خبر ئي نه پئي هئي ڳوٺ جي مسجد منجهان ٻانگن جو آواز اچي ويو هو ۽ ننڊ پوري ڪين ٿي سگهي هئي!
اوهين اڄڪلهه ڪاٿي آھيو؟ ۽ يونيورسٽي ڇو نٿا اچو؟
ڏسو مان اوهانکي نٿو سڃاڻيان !هڪ دفعو ٻيهر سڃاڻپ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيس
پر مان ته اوهانکي سڃاڻيان ٿي نه! اوهين يويورسٽي جي فائنل ييئرس آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد آھيو! شايد سڃاڻپ جي نشاندهي طور وراڻي هئي.
ها ته پوءَ … بي رخي منجهان فقط ايترو وراڻيو هيم.
اوهين يونيورسٽي واپس اچو نه، اوهانکي شازيا ڏاڍو مس ڪندي آ! عرضدار لهجي منجهان وراڻي هئي.
شازيا جو نالو ٻڌڻ بعد دل جي ڌڙڪن تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي هئي، من اندر وڇوڙي جي اڏيل جهوپڙي کي خزان جو طوفان جڙ کان اکيڙڻ جو سبب بڻيو هو! ۽ ماضي جي مندر ۾ يادگيري جو گُهنڊ تيزي سان گوڙ گهمسان ڪري وڄڻ لڳو هيو، جنهن بعد ٽڙيل احساس ڪوماڻجي پنهنجي سڳنڌ وڃائڻ لڳا هيا، ڪو وقت هيو جو شازيا منهنجي دل جي مسجد ۾ پيش امام جيان هئي! هر صبح شازيا نانءُ جي ورد سان آغاز ڪندو هو، ۽ هر رات شازيا جي نانءُ سان انتها تي پهچي پنهنجو وجود وڃائي ڇڏيندي هئي، شازيا مون لاء ڪنهن خدا کان ڪمتر ڪين هئي ! ڇاڪاڻ جو خدا به هڪ مھذب عقيدو آ ۽ شازيا جي پريت چاهت به مون لاء خدا جيان مهذب عقيدو ئي هئي! بس فرق ايترو هيو، جو خدا جي عقيدي جو روپ نه آ؟ شازيا جي محبت واري عقيدو جو روپ ان جو سندر عڪس هيو …!جنهن کي آئون پسندي ئي زاهد بڻجي ويو هيس.
هيلو هيلو…… ڇا ٿيو ! خاموشي جي اڀرندڙ سج کي شبدن جي جبل پٺيان آڻيندي سنڌو وراڻي هئي
ڪڇي ڪين سگهيو هيم ! ۽ بي جان مٽي جي بُت وانگر هڪ جاء تي ٽڪ ٿي ڄميو رهيو هئس!
هيلو هيلو آواز اچي ٿو ؟هيلو هيلو ڇا ٿيو ؟ ڳالهايو ڇو نٿا؟ سنڌو جو آواز مسلسل ٻڌڻ وٽان ملندو پئي رهيو هو
نه چاهيندي به ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڪن تي رکيل موبائيل هيٺ لاهي ڇڏي هيم! ۽ وڇوڙي جي گهرائپ ڀري سمونڊ اندر غوطا کائڻ لڳو هيس ته ٻيهر موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي هئي جنهن جو آواز ٻڌندي ئي ڪاوڙ منجهان موبائيل شٽ ڊائون ڪري ڇڏي هيم !
ماسات اچ ته هلون ٻني تي ! ڀرٿ سان سجايل رومال ۾ ٻڌل ماني کڻندي ماسات صائما وراڻي هئي گهڙي منجهه نظرون ڦيرايم ته ٽائيم ساڍه يارنهن وڳي رهيا هيا .
ٿڪل قدم کڻي ماسات صائما پٺيان ٻني طرف روانو ٿيڻ لڳو هيس…!! پهريون ڀيرو ڳوٺ جي هر گهٽي ڪنوار جيان سينگاريل نظر آئي هئي... جنهن جو جواز ٻڌائيندي ماسات صائما وراڻي هئي ماسات مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي ڳوٺ طرف اچڻا آھن انڪري ڳوٺ جي هر گهٽي ٻھاري وئي آھي.....!
پر مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي جي اچڻ سان ڳوٺ جي صفائي ڪهڙو تعلق رکي ٿي… ؟؟حيرت ڀري لهجي منجهه وراڻيو هيم
ڇا مطلب …ناسمجهي جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ ماسات صائما الجهندي وراڻي هئي
مطلب ته ڳوٺ جي صفائي ڪڏهن ۽ ڪنهن وقت به ٿي سگهي ٿي پر مرشد جو پٽ ۽ ننڍي جيجي جي اچڻ ڪري لازم ڇو…؟؟ اهڙو ڇا آ انهن جي اچڻ ۾…؟؟
ماسات هو قسمت سان ڳوٺ طرف اچن ٿا ! انڪري ڳوٺ جي صفائي ڪرڻ ضروري هوندي آھي …ڇلانگ سان واٽر پار ڪندي ماسات صائما وراڻي هئي.
ماسات صائما سان گفتگو ڪندي ٻنين جا ساوڪ ڀريا منظر پسندو رهيو هيم ته پٺيان ڪنهن جي سڏ جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا هيا، آواز ٻڌندي ئي ڪنڌ ورائي پٺتي نهاريو هيم خوشي جي لهر اداس من جي سمونڊ ۾ اٿل پٿل ٿيندي محسوس ٿي ۽ خوشي منجهان تيز آواز سان وراڻيو هيس تڪڙي اچ صاديا...!
صاديا تيز وکن جي صورت ۾ ڊوڙندي اسان سان گڏي! ۽ سهڪي جي صورت ۾ سلام وراڻيو هيائين! جنهن جو جواب ماسات صائما ۽ آئون گڏيل آواز ۾ ڏنو هو .
صاديا جي گلابي بدن تي ريڊي ميٽس جي ڊريس پسندي ئي منهنجون اکڙيون فاتح لشڪر هٿان ميدان ۾ کُپيل جهنڊي جيان صاديا جي جسم ۾ مضبوطي سان کُپي ويون هيون ! ڇا ته سندر لڳي رهي هئي، ڄڻ سڄي سنڌ جي سونهن صاديا جي جوڀن ۾ رقص ڪرڻ لڳي هجي! مهڪندڙ چهرو، حسين ڳٽڙا، لالڙي جي سائي رنگ ۾ رنڱيل چپڙا، وکريل وکريل ذلف جن منجهان عجب ڀري سڳنڌ پکرجي ٿي وئي، ۽ اڀريل ڇاتي جو دلڪش منظر جنهن کي پسڻ بعد نابود جذبا به ڦتڪڻ لڳا هيا !
ڪيئن آھيو !! صاديا مسڪراهٽ ڀري لهجي منجهان پڇيو هيو
خوش آھيون تون ٻڌا وڏيري ! مان ڪجهه وراڻيا ان کان اڳ ماسات صائما جواب ڏيندي چيو هيس صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي! ۽ خاموش رهي
اڄ ڀلا اڪيلي نڪري پئي آن ؟ ساهيڙي ڪاٿي اٿئي ؟ صاديا کان سوال ڪندي وراڻيو هيم
بس ڪير سدائين گڏ ته نه هوندو آ ؟ صاديا مسڪراهٽ چهري تي قائم رکندي وراڻي هئي
صاديا جو جملو ٻڌندي ئي يونيورسٽي جو مهڪندڙ ماحول ذھن جي نُڀ مٿان ڪنهن اوپري بادل وانگر ڇائنجي ويو هو…!، اهو به ڪو وقت هيو جو يونيورسٽي جي چوديواري اندر جيون حسين لڳندو هو! پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب ڀائيندو هيس، هر گهڙي چپڙن تي مسڪراهٽ ڪنواري جي حسرتن جيان رهندي هئي ۽ شازيا سان گڏ دنيا انڊلٺي جيان رنگين ڀاسجڻ وٽان ملندي هئي جنهن ۾ هزارين خواهشون سمايل رهنديون هيون، ۽ مستقبل جا سهسين خواب جيڪي تڪميل تائين پهچڻ کان اڳ برباد ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺا هيا، خيالن جي پاتال منجهان ٻاهر ڪڍندي صاديا وراڻي هئي ساگر هيڏانهن اچ …!۽ ماسات صائما کي چيو هيائين اسين پوء اوهانجي ٻني طرف اچون ٿا تون ماني کڻي پهچ...!
صاديا جي ريشمي چيلهه کي ڏسندي احساس ٿيو هيم جيڪر هن دنيا ۾ عورت جهڙي خوبصورت تخليق نه هجي ها ته مرد ذات جو جيئڻ ڪنهن ناسور کان گهٽ نه هجي ها ڇاڪاڻ ته مرد ذات جي ڌنڌلي جياپي جون سڀئي رنگينون عورت جي ڪومل وجود سان ئي سلهاڙيل نظر ٿي آيون هيون، جنهن بنا مرد جو جيون بي رنگ ٿي لڳو هيو.
ساگر ڪهڙي ٻڏتر ۾ محو آھيو…! گلابي لالڙي لڳل چپڙن مان سڳنڌ جون چُڳيون وکريل فضا ۾ وکيريندي صاديا وراڻي هئي
ڪائنات جي سونهن تي پئي سوچيو ! وڻ ٽڻ، موسم جي تبديلي، ڏينهن رات، سمنڊ ڪنارا، گل ڦل نه هجن ها ته هي ڪائنات ان سنسان مندر جيان لڳي ها، جيڪو مذھبي عقيدت جي آڙ منجهه اجڙي ويراني جي ورچڙھي ويندو آ . ان مظلوم ۽ بيوس ڇوڪري جيان لڳي ها جنهن کي مردانو معاشرو ڪنهن ٽشو وانگر استعمال ڪري طوائف خاني جي ڊسٽ بن ۾ لاوارث بڻائي اڇلائيندو آھي، ان پورهيت مثل لڳي ها جيڪو پنهنجي جوان نياڻين جي اگهاڙي جسم کي ڍڪڻ ڪاڻ واحيات سيٺين جون ڇڙٻون سهي به مجبورن هٽڙي تي ڪم ڪندو آ، ٿڌو ساھ کڻندي يڪساهي وراڻيو هيس.
زبردست... اها به حقيقت آ پر ڏٺو وڃي ته انسان ترقي جون حدون اوڙانگهي مريخ تي نگاهون وڌيون آھن مگر هيل تائين ڪائنات ۽ پنهنجو پاڻ کي پروڙي ڪين سگهيو آ، صاديا شعور منجهان وراڻي هئي…
جنهن جو مخاطبي جواب مونکي حيرانگي جي ڪيفيت ۾ الجهائي ڇڏيو هو …!!۽ سوچڻ لڳو هيس وڏيرڪي ٻار جي اهڙي سوچ؟؟
ڇا ٿيو ساگر …… هڪ دفعو ٻيهر حقيقت جو عڪس ڏيکاريندي صاديا وراڻي هئي
اڪثر اخبارن، ٽيليويزن، ڪتابن ۾ وڏيرڪي خاندان جي سوچ ڀيانڪ ۽ وڏائي سان ٽمٽار پڙھڻ ۽ ٻڌڻ وٽان ملندي هئي پر توسان ملي اهڙو ته نٿو لڳي !
اڇا ساگر ! پر منهنجي نظري نگاھ سان اهو سڀ خانداني پرورش، ماحول تي هوندو آھي، هر وڏيرو ڄمندي ڄام نه هوندو آ، ۽ ھا ڪيٽاگيرين جو به وڏو اثر آ!
ڪيٽاگيري مطلب…! الجهندي وراڻيو هيس
مطلب جيتري ملڪيت سرس ايتري وڏائي غرور ۽ تڪبر زياده هوندي آھي وڏيرن ۾ …
آئون مسڪراهٽ جو چپڙن تي چٽيون لڳل جامو اوڍيندي هُج منجهان وراڻيو هيم مطلب ته اوهانجي ڪيٽاگيري اڃان گهٽ آھي. انهيءَ منزل تي رسيا ئي ناهيو جتي وڏائي ۽ غرور آ.
صاديا ندامت منجهان ڪنڌ نوايو هو
جنهن جو اهڙو منظر پسندي مونکي پنهنجن چيل الفاظن تي احساس ٿيو هو !
ڪچهري جو رخ انقلاب طرف موڙيندي وراڻيو هيم صاديا آخر ٻھراڙي جي ماڻھن جون سوچون تبديل ڪيئن ٿينديون ؟ان لاء ڇا ٿيڻ ضروري آ…! مثلن ٻھراڙي ۾ عورتن جي تعليم تي پابندي غليظ سوچ جي ڪري لڳل آھي.
ها بلڪل جنهن معاشري ۾ عورت جي آزادي کي گار سمجهيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت جي جسم کي حيوانيت جي نگاهن سان تڪيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت کي گهر اندران اڪيلو نڪرندي پسي رولو ڪتن وانگر واٽ روڪي ڇيڙيو وڃي، جنهن معاشري ۾ عورت کي کڙي ۾ عقل جهڙي تشبيهه سان سينگاري زبان بند ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا وڃن. جنهن معاشري ۾ عورت کي گهرن جي چوديوارين اندر قيد ڪري مڙس ماڻھو ۽ مردانگي جو تصور ظاهر ڪيو وڃي ته اهڙي ماحول منجهه عورت جي تعليم جي ڳالهه ڪنهن گار کان گهٽ نه هوندي آ…!! صاديا منهنجي چيل جملي جي شايد وضاحت ڪندي وراڻي هئي.
جي بلڪل مان به اهوئي پئي چيو! پر اهڙو معاشرو تبديل ڪيئن ڪجي؟؟
ڪجهه منٽ سوچن جي گهرائپ منجهه پاڻ وڃائيندي صاديا افسوس ڀري لهجي ۾ وراڻي هئي مونکي ته مشڪل ٿو لڳي.....!
مطلب اوهين به نااميد آھيو!
جي ها، ڇو جو هميشا اڪثريت هيڪلائي کي مات ڏيندي آئي آهي!
صاديا جا اُميدن ڀريا تصور ذھن جي احساس ڪمتري واري سمونڊ ۾ بحري جهاز جيان غرق ٿيل مليا هيا جنهن کي حوصلن جي ٽيڪ ڏيندي وراڻيو هيس.
صاديا انسان هميشا وقت کان پوء فيصلا ڪرڻ سبب شڪست کائيندو آيو آ، جي اگر انسان هر صبح نئين سوچ ۽ رات سمهڻ ويل نئين مقصد جو تصور جوڙي صبح جو آغاز ڪري ته يقينن ڪنهن به منزل ۾ ناڪام نه رهندو.
ڇا مطلب ……
مطلب ته انقلاب آڻڻ لاء اڪثريت نه بلڪي ٿورائي جي ضرورت پوندي آ، اگر انقلاب آڻڻ لاء اڪثريت هجي ته پوء انقلاب جي ڪهڙي ضرورت؟؟
ڇڏ بس انقلاب کي ٻيو ٻڌا، شھر ۾ ڇا ڪندو هئين!
پهريون ڀيرو صاديا منهنجي ذاتي زندگي ۾ داخل ٿيندي سوال ڪيو هو !
گهڻو ئي سوچيو ٻڌايانس ته يونيورسٽي ۾ پڙھندو هيس ۽ ھاڻ ڀٽڪي هت نڪتس ! پر همت ساري ڪين سگهيو هيم بس وراڻيو هيس گهر جو ڪم ڪار.....!
زندگي کي ڪيئن ٿا ڏسو ؟ ٿڌو ساھ ڀريندي ڌيري آواز ۾ صاديا وراڻي هئي.
زندگي...!
چاهيم ته چئي ڏيانس زندگي ان بنا بريڪ ٽرين مثل آھي جنهن جي ڪٿ به ڪا اسٽيشن نه آ، پر چاهيندي به خاموش رهيو هيس
ڇا ٿيو ساگر …
اداسائي جي گاڏڙ ۾ الجهندي وراڻيو هيم ڪجهه به نه.
ساگر سچ ته توکي پهرين نگاھ سان پسندي ئي من جي قبرستان ۾ دفن ٿيل خواهشون جاڳي پيون ۽ وجود اندر پيار جي موسيقي جو وساميل ڏيئو ٻيهر روشن ٿيڻ لڳو آ، جنهن جي روشنائي سان زندگي جا ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيڻ لڳا آھن...!
صاديا زباني اهڙا شبد ٻڌي ذھن جي آڪاس منجهه ماضي جا ڪڪر ڇائنجي ويا ها ۽ شازيا جي اظھار دل لڳي جو تصور طوائف جيان نيڻن سامهون جهومڻ لڳو هو ! شازيا جنهن کي آئون پيار منجهان شازو ڪري سڏيندو هيس، جڏھن منهنجي سامهون حجابن ڀري ادائن سان پنهنجي پريت چاهت جو اظھار ڪيو هو ته ان ويل يونيورسٽي جو ماحول خوشگوار محسوس ڪيو هيم ڇاڪاڻ ته شازو مونکي هميشا اهو چئي پيار جي اظھار کان انڪار ڪندي هئي ! ساگر مان توکي آءِ لو يو چوندس پر وقت تي ! آئون حيران رهجي سوچيندو هيس اهو وقت ڪڏھن ايندو؟ پر هڪ ڏينهن شازو آءِ لو يو سان گڏ اهو به چيو هو ساگر سچ ته توسان گڏ زندگي حسين لڳندي آھي، تون منهنجي اونداهي زندگي لاء چراغ مثل آھين، صاديا جي به اظھار دل لڳي شازو جي اظھار جيان يڪسابيت جهڙو لڳو هو !پر ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ ٻھراڙي جي ساوڪ ڀري ماحول ۾ پاڻ وڃائيندي تصور جي سندر دنيا اندر محو رهيم …
ساگر ڇا پيو سوچين!
سوچيان پيو زندگي به ڪيڏي نه عجيب آھي ! جو هر رخ هر موڙ تي هڪ نئون امتحان جو پرچو وصول ٿي ڪري !
مان ڪجهه ڪين سمجهيس ! ناسمجهي جو اقرار ڪندي صاديا وراڻي هئي.
منهنجي چوڻ جو مقصد ڪي ڪي شيون انسان جي پهچ کان ڪافي دور هونديون آھن جن کي انسان چاهيندي به حاصل ڪري نٿو سگهي.
ائين ته آھي ! ندامت منجهان ڪنڌ جهڪائيندي صاديا وراڻي هئي.
ڪجهه به سمجهه ۾ نه اچي رهيو هيم، صاديا کي ڪيئن سمجهايان ته مان توسان پيار ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته منهنجو جياپو ان سلي مثل سنگدلي جي سيلاب ۾ سڙي پنهنجي ساوڪ ڀري رونق وڃائي ويٺو آ جنهن کي نسرڻ ويل سهپ کان گهڻو آب ڏئي ساڙيو ويندو آ.
ساگر زندگي ڪيڏي نه سندر آھي تو جهڙي هم خيال ساٿي سان گڏ ! صاديا پنهنجي من جون دٻيل خواهشون سليندي رهي هئي ۽ حسين مستقبل جون عمارتون ذھني تصور ۾ ڪنهن ڪاريگر جيان اڏيندي ٿي وئي ! جن کي چپ چاپ ٻڌندو ٿي رهيو هيم ۽ صاديا جي نقش قدمن پٺيان ڌيري ڌيري وکون کڻندي جهومندڙ فصلن جا ساوڪ ڀريا نظارا به ڏسندو رهيو هيس.
ساگر اداس ڇو آھيو؟ خاموش پسندي صاديا وراڻي هئي
بس ڪنهن ڏاهي جو قول آھي ته جڏھن فيصلا زندگي جي اختيار واري واڳ کان پري ٿي وڃن ته خاموش رهڻ ۾ ئي بهتري آ.
شايد اوهانکي تنگ ٿي ڪريان!
نه نه صاديا ائين نه آ…
ڏسو ضروري نه آ، جيئن اوهان سان گڏجڻ ۾ مونکي ڌنڌلي ڪائنات وڻندي آ ايئن اوهانکي به وڻندي هجي، ڇو جو هر ڪنهن جي فطرت پنهنجي هوندي آھي ! مان اوهان مان مطمئن آھيان ۽ اوهين به مون مان مطمئن هجو ائين ممڪن به نه هوندو نه ئي آھي، صاديا پنهنجن خواهشن جو اظھار مسلسل سليندي رهي هئي جن منجهان احساس ڪمتري جي سڳنڌ محسوس ڪندو ٿي رهيو هيم ! ۽ ٻھراڙي جي موسم جو ڇهاءُ خزان جهڙي وجود تي بهار جهڙو ڪردار ادا ٿي ڪيو هو، جنهن کي محسوس ڪرڻ بعد من ۾ سڪون بخيشندر راحت جو هڳاءُ سگريٽ جي دونهي جيان ٻاهر نڪرندو رهيو هو، صاديا سان گڏ زندگي جا ڌنڌلا عڪس پهريون ڀيرو چٽا چٽا پسجڻ لڳا هيا، جن جي سحر منجهه ماضي اوندھ ۾ پاڇولي وانگر غائب ٿيندي رهي هئي.....!
ساگر طبيعت ته درست آھي نه ! خاموش پسندي صاديا وراڻي هئي .
جي ها بلڪل ! ان کان اڳتي ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ته اچانڪ موبائيل جي رنگ وڄڻ لڳي! جنهن کي کيسي منجهان ڪڍندي ڌيري لهجي ۾ هيلو وراڻيو هيم
جي ساگر ڪيئن آھيو !
ٺيڪ ٺاڪ …
ته پوء ڪڏھن ٿا اچو يونيورسٽي؟؟
يونيورسٽي جو لفظ ٻڌي اڳيان هلندڙ صاديا کان پرڀرو ٿي بيهي رهيو هيس ڇاڪاڻ ته نٿي چاهيم صداقت جي خبر صاديا تائين پهچي ڇو جو صاديا اڳيان پاڻ کي بس عام شھري ثابت ڪرڻ ٿي چاهيو هو ۽ شايد ڪري چڪو به هيس ...!
ڏسو سنڌو مونکي پريشان نه ڪريو نه ته مجبورن اوهانجو نمبر به بلاڪ لسٽ ۾ لڳائي ڇڏيندس
ها ته پوء ڇاهي هونئن به ته اوهين شازيا جو نمبر بلاڪ لسٽ ۾ لڳائي چڪا آھيو!
معذرت ڪير شازيا؟ آئون ڪنهن به شازيا کي نٿو سڃاڻيان! نه ئي اوهانکي…! آئنده ڪال ڪري تنگ نه ڪندا ڪريو اوڪي!
شازيا جو نالو ٻڌندي ئي جذبات تي ضبط آڻي ڪين سگهو هيم، ۽ ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪندي موبائيل کي شٽ ڊائون ڪري ڇڏيو هو! شازو جو ذڪر ٻڌي ويرناٿ ماڳ جهڙي ويران من ۾ احساس اٿل پٿل ٿيڻ لڳا هيا، ۽ دل جي ڌڙڪن تيزي سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي ھئي، ڇاڪاڻ ته آئون شازو کي ميسارڻ ۾ ڪامياب بڻجي چڪو هيس پر سنڌو زباني بار بار شازيا جو نالو ٻڌي سنگدلي جي قبرستان منجهه دفن ٿيل پريت چاهت جي وجود کي چرپر ڪندي ڀايو هيم، جنهن کي ڪجهه عرصو پهريان شازو جي بي رخي واري لهجن روپلو ڪولهي وانگر قيد ڪري اجل راھ ڀيرو ڪيو هو.
اداسائي جي گهيري ۾ جڪڙيل چهرو ڍونگي مسڪراهٽ سان خوشگوار بڻائي اشارن ڀري انداز سان صاديا کي چيو هيم سامهون هلجي!
صاديا انڪار ڪندي وراڻي هئي نه مان توسان گڏ ان طرف نٿي هلي سگهان ڇاڪاڻ ته ان طرف مڇي جا فارم آھن جن ۾ مهاڻان مڇي پڪڙيندا هوندا.
صاديا جو انڪار سمجهه ۾ نه آيو هو! بس مات جي صورت ۾ صاديا جي نقش قدمن پٺيان هلڻ لڳو هيس ۽ وقت گذرڻ جو ڪو احساس ئي نه ٿيو هو، ڳاڙھسري روشني نماءَ سج کي جبلن پٺيان ٿڪاوٽ ڀريو وجود سمهارڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڏٺو هيم …  

(6)

امي تون ؟؟ ماسي وارن جي گهر پهچندي ئي امڙ تي نظر پئي هئي جنهن کي حيرانگي ڀري نظرن سان پسڻ لڳو هيس ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪو خواب ڏسي رهيو هجان ڇاڪاڻ ته ڪڏھن ڪڏھن زندگي جا پل الميو بڻجي اوچتو اکين جي سامهون ڪڪر جيان ڇائنجي ويندا آھن جنهن جي ڪري انسان کي حقيقت به خواب مثل لڳندي آ،
جي پُٽ آئون …۽ ممتا ڀري شفقت سان ڀاڪرن ۾ ڀڪوڙي ڳل چمڻ لڳي، امي جي ڀاڪرن مان آجو ٿيندي ئي سامهون کان ايندڙ ادي صنم تي نظر پئي هئي جنهن کي پسندي ئي رڙ جي صورت ۾ وراڻيس وڃ ڙي وڏي موٽي ٿي پئي آن ؟
ٺھيو ٺھيو ! پاڻ وٽ رک خوشامندي …! شايد غصي منجهان ادي صنم وراڻي هئي
ادي سان ملندي گهڙامنجي تي پيل مٽ طرف پاڻي پيئڻ لاءَ وڌيو هيس ته پويان کان ادي صنم وراڻي هئي اڙي او شھزادا هي ڪهڙا حال بڻائي ڇڏيا اٿئي ...!!
ڇو ڇا ٿيو آ حالن کي ؟؟ خوشي جي ڪيفيت چهري تي برقرار رکندي وراڻيو هيم
بس ائين ئي! سوچيان پئي ته شھپر ۽ ڏاڙھي کان الرجي محسوس ڪندڙ شخص ڪڏھن کان سندر چهري مٿان وار رکرائڻ جو شوقين بڻيو… شايد طعنو ڏيندي ادي وراڻي هئي.
امان وارن کي ماسي جي گهر ۾ پسي اداس من ۾ خوشي جون لهرون محسوس ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ سموري ڪائنات جو سُک ماسي وارن جي کُليل اڱڻ تي معصوم ٻارڙن جيان ڊوڙي رهيو هجي، ارد گرد جي ماحول ۾ سڳنڌ پنهنجو سحر نڇاوڙ ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي وئي هجي، ۽ وڇوڙي جي تندور ۾ نان جيان پچندڙ حوا کي پنهنجو آدم مليو هجي...!
وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو سيڪنڊ منٽن ۾ ۽ منٽ ڪلاڪن ۾ گردش ڪندا رهيا هيا ڪا خبر ئي نه پئي هئي امان وارن کي ڳوٺ جي ساوڪ ڀري نظارن ۾ روح وندرائيندي هفتو گذري ويو هو!
ادا بنا ٻڌائڻ ۽ اچانڪ سان تنهنجو ڳوٺ طرف نڪري اچڻ سمجهه ۾ نه آيو ؟ سرنهن جي ڦولهاڙيل فصل منجهان گلڙو پٽيندي صنم وراڻي هئي .
مطلب ……!!
مطلب ته اسان ۽ يونيورسٽي جي خوبصورت ماحول کي اڌ ۾ ڇڏي اچانڪ سان ڳوٺ طرف ڪهڙي خيال سان نڪري پئين..؟ آخر ڇا ڳالهه آھي...؟ شايد ادي صنم وضاحت طلبيندي وراڻي هئي.
بس مٺي ائين ئي ! گهمڻ جو موڊ ٿيو ۽ ڳوٺ طرف نڪري پيس ٿڌو ساھ کڻندي وراڻيو هيم.
اڇا زبردست پر هاڻي واپسي جو ڇا خيال آھي؟ سڀاڻي اسان سان گڏ شھر هلندي يا نه؟؟
نه منهنجي مٺي في الحال ڳوٺ ۾ ئي ڪجهه پل زندگي جا گهارڻ ٿو چاهيان. جنهن جي سادگي ڀري ماحول منجهه مونکي سڪون ٿو ملي!
ته پوءِ امي جو ۽ منهنجو ڪير آ اتي؟ سچ ته توکان سواءَ پنهنجو منڙو به شھر ۾ نٿو لڳي اسان توکي وٺي پوء ئي وينداسين. ادي صنم ضد ڪندي وراڻي هئي.
ادو جو آ… مان به شهر ايندس پر ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ گهاري پوءِ… ٿڪل لفظن جو سهارو وٺندي وراڻيو هيس.
اڄڪلهه ادو مصروف گهڻو رهندو آ، تون ئي ڪجهه ڪم ڪارن ۾ هٿ ونڊرائيندو هئينس جنهن سان واندڪائي ملندي هيس پر هاڻ سڄو سڄو ڏينهن مصروف!
وڏو جو آ…! گهر جي ذميواري نڀائڻي اٿس ! ادي صنم جي ڳالهه اڌ ۾ روڪيندي وراڻيو هيس.
نڀائي ته پيو ! ۽ ھا سچي شازيا تنهنجو روز پڇندي آھي ٽي چار ڀيرا اسانجي گهر به آئي هئي ! پر مون اهو چئي واپس موٽائي ٿي ڇڏيو هيم ته ادو ڳوٺ طرف نڪتل آھي ڪنهن ڪم ڪار سانگي! ڪا به خبر نه آ الائي ڪڏھن واپسي ڪندو جنهن بعد هو خاموشي سان هلي ويندي هئي شازو جو نالو ٻڌندي ئي من جي گلشن منجهه ٽڙيل گلاب ڪوماڻجڻ لڳا هيا، ماٺار ڀريا گهاءُ متحرڪ ٿي وجود اندر ڪومل احساسن کي واسينگ جيان ڪکڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مشغول بڻجي ويا هيا جنهن بعد ننڍرڙي ذھن تي هزارين يادگيرين جو ٻوجهه محسوس ٿيڻ لڳو هيو ۽ شازو سان گڏ گهاريل يونيورسٽي جي هٻڪار ڀري ماحول ۾ زندگي جو هڪ هڪ پل ڪنهن مزار تي لڳندڙ ڌمال ۾ نچندڙ چيلي جيان جهومندڙ محسوس ٿيڻ لڳو ھيو.
ادا اها سامهون ڇوڪري ڪير آھي؟ تصور جي پالار منجهه ڪبوترن وانگر اڏامجندڙ منهنجي حواسن کي حقيقتن جي کُڏي هيٺ لاهيندي ادي صنم وراڻي هئي.
ادي اها هِن ڳوٺ جي وڏيري ڪريمداد جي ڌيءَ صاديا آھي…! ڪجهه قدمن جي دوري تان نظر ايندڙ صاديا طرف اشارو ڪندي وراڻيو هيس.
ها آئون به چوان وڏي گهمنڊ سان اسان طرف ٿِي وکون کڻندي اچي. نظرون صاديا جي ڌنڌلي عڪس طرف کپائيندي صنم وراڻي هئي.
نه نه اهڙي ڇوڪري نه آ، وڏيري جي ڌيءَ هوندي به ڪنهن وڏائي ڀري خوش فهمي ۾ جڪڙيل نه آ بس نرم لهجي ۽ سادي مزاج جي مالڪياڻي آھي
مطلب ته صاديا سان اوهانجي اليڪ سليڪ آھي؟
جي بلڪل هن ڳوٺ ۾ اها صاديا ئي ته آھي جنهن جي سوچ سان پنهنجي سوچ همبستري ڪندڙ جيون ساٿي جيان ميلاپ رکندي آ، صاديا به سلام ڪندي پهتي هئي
هي منهنجي ننڍي ڀيڻ صنم آھي تعارف ڪندي وراڻيو هيس
تعارف ٿيڻ بعد ادي صنم سان صاديا هڪ دفعو ٻيهر ڀاڪر پائي ملي هئي ۽ وراڻي هئي مون مهاڊن جي هڪجهڙائي سان محسوس ڪيو هو ته اوهانجي ويجهي رشتيدار ئي هوندي، شابس اٿئي هِن ڪني جهڙو ڪري ڇڏيئي ! ادي صنم ڀوڳن جي انداز ۾ صاديا کي چيو هو
ڇا ۾ ڪنو آ ؟؟ صاديا خوبصورت مک تي گهنج آڻيندي وراڻي هئي
تون ئي ٻڌا ته ڀلو ڇا ۾ آ؟؟
هر شيءَ ۾ ته سهڻو آھي، سيرت ۾ صورت ۾ …
ٺھيو وڌيڪ تعريف نه ڪرينس انا ۾ نه اچي وڃي، صاديا جو جملو اڌ ٻڌو ڪندي وراڻي هئي
هاهاهاها ڀلا هاڻ بس به ڪر ادي … مسڪراهٽ لبڙن تي آڻيندي وراڻيو هيس
بس به ڪيئن ڪريان ؟ پنهنجي ڀاءُ جي محبوبا واتان واکاڻ جو ٻڌان پئي
ادي صنم واتان محبوبا جو نڪتل شبد ٻڌي ندامت منجهان ڪنڌ کي جهڪايو هيم ۽ ائين محسوس ٿيڻ لڳو هو ڄڻ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي وئي هجيم! ٻھراڙي جو ساوڪ جي چادر سان ڍڪيل ماحول اوچتو ننگو بڻجي شرمساري منجهان مونکان پنهنجو چهرو لڪائڻ چاهيندو هجي،
صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي! بس خوشگوار موڊ تي مسڪراهٽ برقرار رکندي مون طرف تجسس ڀري نگاھ سان گهورندي رهي
آئون ندامت ڀري لهجي منجهان صاديا سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس سوري، صنم جي ڳالهه دل ۾ نه ڪجو .ڇو جو هر وقت بيوقوفي جهڙيون ڳالهيون ئي ڪندي رهندي آ ۽ صنم طرف غصي منجهان نهارڻ لڳو هيس
صنم پنهنجي لفظن جو ازالو ڪندي صاديا کان معافي وٺڻ لڳي، جنهن تي آئون هڪ دفعو ٻيهر غصي منجهان وراڻيو هيس اگر توکي ڳالهائڻ نٿو اچي ته نه ڳالهائيندي ڪر …
نه نه صنم کي ڳالهائڻ ڏي ! ڇو ٿو روڪينس صاديا وراڻي هئي
صاديا جي چيل لفظن مان الائجي ڇو پاٻوھ جي سڳنڌ محسوس ٿي هئي، ۽ ائين لڳو هو ڄڻ صاديا جي من جو اڌورو اظھار صنم سليو هجي ! ڇاڪاڻ ته صنم جي چيل جملي بعد صاديا جي خوبصورت چهري جا ڌنڌلا عڪس مهڪي خوشگوار بڻجي چڪا هيا، جنهن کي پسڻ بعد ماضي ياد اچي ويو هو، آئون شازو کي ساھ کان وڌ چاهيندي به ان سامهون ان سان اظھار ڪري نه سگهندو هيس، هي به هڪ انسان ۾ عجيب احساس هوندو آھي جنهن جو چاهيندي به اظھار ڪري نه سگهندو آ،
ڇا ٿيو ادا، خيالن جي سمونڊ منجهان ٻاهر ڪڍندي صنم وراڻي هئي
ساگر آئون توسان بي پناھ پيار ڪندي آھيان، جنهن جو توسان اظھار ڪري ڪين سگهندي آھيان، پر اڄ صنم منهنجي دل جي ڳالهه چورائيندي توسان من جو باطن اظھار سليو .
صاديا جي زبان منجهان پريت چاهت جي اظهار ڀريا لفظ ٻڌي زندگي جي سونهري پلن ۾ زوردار جهٽڪو لڳو هيو، ايئن ڀائنو هيم ڄڻ وجود مٿان هيروشيما، ناگاساڪي وانگر ائٽم بم جو حملو ٿيو هجي، جنهن جي ڌماڪي بعد ڪومل احساس ذرا ذرا ٿي فضا سان گڏ وکرجي ويا هجن، ڪڇي ڪين سگهيو هيس ۽ اجل جي چمنبي ۾ آيل معصوم زندگي وانگر سڪرات جهڙي ڪيفيت ۾ جڪڙيل رهيو هيم منهنجي اهڙي ڪيفيت کي پسندي تعجب منجهان صاديا وراڻي هئي ڇا ٿيو؟؟
مان توسان پيار ناهيان ڪندو! مونکي سخت نفرت آھي پيار کان، مان صرف توکي هم خيال دوست جي نگاهن سان پسندو آھيان ! ايئن ڪڏھن به نه سوچجاءَ ته تو ۾ ڪو عيب هيو، تو منجهه ھزارين سٺايون آھن ڪنهن به ڳالهه جي ڪمي تنهنجي زندگي منجهه نه آ، هر پاسي کان تون خوبصورت ۽ مڪمل آھين
ٺيڪ آھي ساگر پاڻ بهترين دوست ئي آھيون، شرم منجهان ڪنڌ جهڪائيندي زوردار آواز سان منهنجي ڳالهه اڌ ۾ روڪي صاديا وراڻي هئي ادي صنم سڀ ڪجهه خاموشي سان ٻڌندي رهي هئي.
صاديا جي انڊلٺي جهڙي خوبصورت مک تي پريشاني جا تاثرات پسي ڪاوڙ لڳي هيم، ۽ پنهنجو پاڻ کي هٽلر جيان ظالم تسليم ڪندي سوچڻ لڳو هيس مونکي ايئن ڪرڻ نه پيو گهرجي صاديا جي خواهش ۽ احساس جو خيال رکڻ به مون لاءَ عبادت جيان ضروري هيو، نه نه مون ڀلو ڪيو؟ ڪنهن کي دوکي ۾ رکڻ به سٺو ڪم ٿورئي آ، هونئن به منهنجي کوکلي جياپي ۾ رهيل ڇا هيو جو صاديا کي ڏيان ها ؟زندگي جي وڻ منجهان سڀئي ميوا ڪو سنگدل ته پَٽي ويو آھي ...
ادا امي وارا سڏن ٿا شايد ڳوٺ وڃڻ لاءَ ؟
ڪجهه قدمن جي مفاصلي تي ماسي ۽ امي کي پسيو هيم جيڪي ٻنين وچان ڳوٺ طرف ويندڙ رستي تي بيٺل هيا،
اچو ته هلون ادا…!۽ صاديا به اسانسان گڏ ڳوٺ طرف روانو ٿي هئي
ساوڪ ڀري نظارن جي منزل پار ڪري ڳوٺ جي ڪشادين گهٽين ۾ پهتا هياسين ته واٽ تي حفيظ مليو ۽ وراڻيو هو
اچ ماسات مرشد طرف ٿا هلون ……
نه ماسات تون ٿي اچ آئون نٿو هلان
حفيظ ضد ڪندي ٻانهن ۾ هٿ وڌا ۽ هجت ڀري لهجي ۾ وراڻيو هو اچ ته جلدي ۾ ٿا موٽي اچئون
نه چاهيندي به ٿڪل قدم کڻي حفيظ سان گڏ مرشد پاڪ جي حويلي طرف روانو ٿيو هيم حويلي پاڪ منجهه پهچندي ئي ڳوٺاڻن ماڻهن جو انبوھ پسڻ وٽان مليو هو جيڪو ڌرتي تي وڇايل ميرانجهڙي غالين مٿان ويٺل هيا آئون تعجب ڀري نگاهن سان مرشد پاڪ جي حويلي جو منظر ڏسندو رهيم، پڪين سرن سان ٺھيل چئن ڪمرن اڳيان ورانڊي نما حال پلستر ٿيل ديوارون ۽ انهن مٿان رنگ روغن ٿيل کُليل آڳنڌ سان گڏ وڏي چوديواري ڏنل جنهن ڪري حويلي ڪشادي نظر ٿي آئي هئي، چوديواري جي چوطرف ننڍڙا ٻوٽا ۽ قسمين قسمين موسمي گل سجاوٽ خاطر حويلي جي رونق کي چار چنڊ لڳائڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هيا، حويلي جي ڪمري اندران جڏھن سفيد پوش سانوري رنگ سان بندرو شخص ٻاهر نڪتو هو ته ماڻھن جي متل انبوھ ۾ حرڪت اچي وئي ۽ ان بندري شخص کي ڏسندي ئي سڀ جو سڀ احترام طور اٿي بيهي رهيا هيا گهڻا ته وارو ملندي ئي ان شخص جي قدمن تي جهڪندي نظر آيا هيا، سفيد پوش شخص هٿ جي اشاري سان انهن کي ويهڻ جي هدايت ڪندو پنهنجي مخصوص انداز سان اڳتي وڌندو ٿي ويو هو، سائنس جي ترقي يافتا دور هوندي به ڳوٺاڻن ماڻھن جي اهڙي نوڙت ڀري روش پسي انهن اياڻن ۾ شعور جي ڏاڍي ڪمي محسوس ٿي هئي ! انهن سادڙن ۽ اٻوجهه ڳوٺاڻن کي عقيدت جي آڙ منجهه پڃري ۾ ڦاٿل پکي جيان غلامي جي ڄار ۾ الجهندي ڏسي سوچڻ لڳو هيس. آخر ڇا ٿيندو پنهنجي قوم جو جيڪا اڄ جي ترقي يافتا دور ۾ به ڪنهن قيدي وانگر عقيدت ۾ قيد بڻيل نظر آئي هئي ؟ شايد انهن سادڙن ۽ اٻوجهه اياڻن جي اياڻپ سادڙائپ ئي انهن کي آساني سان چالاڪ مڪار ۽ شاتر ماڻهن جي هٿان ڇيهو رسائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو هيو .اهو شخص ڳوٺاڻن سان رسمي دعا سلام ڪرڻ بعد وڃي پنهنجي مخصوص جاءِ تي ويٺو هيو ۽ سڀ منتظر ماڻهون پٽ تي وڇايل غاليچن مٿان پلٿي کوڙي ويهي رهيا هيا .چند ماڻهون ان شخص جي قدمن گوڏن ۽ ڪلهن تي زور ڏيڻ ۾ مشغول بڻيل نظر آيا هيا.اچانڪ هڪ ڳوٺائي عقيدت منجھان نوڙي ان شخص جي پيرن تي هٿ رکي سلام ڪيو هو ۽ سس پس ڪري ڪن ۾ الائجي ڇا چيو هيائينس ته اهو ڪرسي تي ويٺل بندرو شخص ڪرسي تان اٿي ان سان گڏ وڃڻ لڳو هو ۽ ويٺل ماڻهن کي اتي خاموشي سان ويھڻ جو اشارو ڏئي حويلي جي هڪ ڪنڊ طرف روانو ٿيو هو.چند منٽن جي گذرڻ بعد اچانڪ ان ڪنڊ منجهان رانڀاٽن جو آواز ٻڌڻ وٽان آيو هيو سسڪين سڏڪن وارو آواز ڪنهن عورت جو محسوس ٿيڻ لڳو هيو. ان آواز کي ٻڌڻ بعد اهو اندازو لڳائي ڇڏيو هيم ته پڪ سان ھن کي ڪا تڪليف يان ڪو اهنج هوندو ان سبب هو درديلون آھون تڪليف ۾ ڀري رهي هوندي ۽ اهو آواز مونکي پهريان به ٻڌڻ منجهه آيو هيو جنهن جو جواز ٻڌائيندي حفيظ چيو هيو هر ماھِ پاري جمعو رات مرشد عورتن مان جن ڪڍندو آھي ۽ اهو آواز جن ڪڍندڙ عورت جو ئي هوندو آھي. درديلي آواز کي ٻڌندي ئي پنهنجي قدمن جو رخ ان طرف وڌايو هيم ته پٺيان ماسات حفيظ سڏ ڪيو هو ۽ ان طرف وڃڻ کان روڪڻ لڳو هيو.
ماسات ڇا پيو ڪرين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين ان طرف نه وڃ ڇو ته سائين وڏو ڪنهن عورت جو جن ڪڍي رهيو آھي .
پر ماسات مان به اهو منظر ڏسندس ته جن ڪئين نڪرندو آھي ۽ تجسس وچان ان طرف هلڻ لڳو هيس.
هڪ معصوم ڪمزور جسم سان نوجوان عورت پٽ تي ويٺل نظر آئي هئي جنهن جا ڊگها گهاٽا ڪارا وار وکريل وکريل هيا جنهن ۾ معصوم چهرو چنڊ جيان ڪڪرن ۾ لڪي وڃڻ جهڙي منظر نگاري پيش ڪري رهيو هيو، وکريل ذلفن جون چڳيون، سج جي ڳاڙھسڙي روشني جهڙيون خماريل اکڙيون، گول مٽول ڇاتي، گلابڙن جيان ٽڙندڙ مُک ۽ ٿر جي وارياسي زمين جهڙو ڏيک ڏيندڙ خشڪ چپڙا جنهن سان ايئن پئي لڳو هيو ڄڻ سنڌو درياءُ جيان صدين جي اڃايل هجي.
وکريل ڊگهن ڪارن وارن ۾ لڪيل ان عورت جي چهري کي آزاد ڪرائيندي جڏهن ان قد جي بندري شخص هن جو ڪنڌ مٿي ڪيو هو ته ان آواز ۾ دردن جي سوز کي سمجهڻ خاطر ان معصوم عورت جي نازڪ ڳلڙن مٿان آڱرين جا نشان پسڻ وٽان مليا هيا جيڪي صاف وضاحت ڪري دليل ڏئي رهيا هيا ته درديلون آھون ڌڪ لڳڻ جي پيڙاءُ سبب نڪري رهيون هيون قد جي بندري شخص پنهنجي آڱرين ۾ ان عورت جي وارن کي ڌنڌلائيندي وڌيڪ وراڻيو هو جلدي پيالو کڻي اچو، فقير کي پياري ڪڙي ۾ آڻڻو آھي .
جي مرشد سائين جي…! ۽ اتي موجود انبوھ منجهان ڪجهه عقيدت ڀريا آواز پڙاڏن جي صورت ۾ گونجڻ لڳا هيا .
مرشد سائين هي وٺو پيالو. هڪ سادڙي ڳوٺائي پريشاني واري ڪيفيت منجهان پاڻي سان پُر ٿيل پيالو پيش ڪندي مرشد سان مخاطب ٿيو هو.
مرشد چپڙن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي پاڻي جا ڇنڊا دوشيزه جي چهري تي هڻڻ لڳو، دوشيزه جي مک تي ٿڌڙي پاڻي جا ڇنڊا پوندي ئي ان جي ڪمزور جسم ۾ ڏڪڻي جي ڪيفيت پئدا ٿي هئي. دوشيزه جي اهڙي ڪيفيت کي پسندي مرشد پاڪ پنهنجو هٿوڙي نما هٿ زوردار چماٽ واري انداز ۾ دوشيزه جي نٻل جسم تي وهائي ڪڍيو هو چماٽ جو زوردار آواز حويلي جي ڪنڊ ۾ گونجيو ۽ درد نه سهندي هڪ دفعو ٻيهر دوشيزه رڙيون ڪري تڪليف منجهان ڪنجهڻ لڳي هئي!
وٺ پيالو جلدي پي. جي ڪڙي ۾ قابو نه ٿيندي ته اهڙو حشر ڪندومانءِ جو ستن پيڙهن کي ڏس ڏيندي .بهتري انهي ۾ اٿئي منهجي ڳالهه مڃي وٺ !اڙي ڇورا انهن سيخن کي ته تپايو جلدي ڪيو جي پيالو نٿو پئي ۽ مونکي نٿو مڃي ته ڏيکاريانس ٿو ته مرشدن جي انڪاري جو حشر ڇا ٿيندو آ.
قد جي بندري ان شخص ڪڙڪيدار آواز ۾ ان عورت مٿان تشدد ڪندي ڌمڪائڻ واري انداز ۾ وراڻيو هو.
بندري قد واري ان شخص جنهن کي سڀ مرشد پاڪ ڪوٺي رهيا هيا شايد اهوئي سائين وڏو هيو جنهن جي باري ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان ماسات حفيظ مونسان ذڪر ڪيو هو.سائين وڏي جي عورتذات سان اهڙي اڍنگي روش تي من ڪروڌ منجهان ڀڙڪو کائي اٿي پيو هو ۽ جذبات جي ورچڙھندي سوچڻ لڳو هيس ته هي ڪهڙي ڪڍي روش آھي . جو هڪ بيوس عورت سان جانورن جيان ورتاء ڪيو پيو وڃي. آخر ڇاڪاڻ حوا ڄائي ازل کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجي مظلوميت جو ڪردار نڀائيندي پئي اچي .
ڇا پيو سوچين ماسات؟؟ منهنجي وجود کي ڌوڏيندي حفيظ وراڻيو هو.
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس ۽ حقيقت سان متعارف بڻجڻ ۾ ڪامياب ويو هيم ماسات اسانجو مرشد ڪامل ولي آ…! ان فقير کي مڃائي پوء ئي هٿ ڪڍندس ڏسجان تون ماسات حفيظ ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي وڌيڪ وراڻيو هو.
مرشد پاران عورتذات سان اهڙي تذليل پسي جذبات تي ضبط نه آڻي سگهيو هيس ۽ ڪاوڙ منجهان وراڻيو هيم هي سڀ ڇاهي؟ ۽ آئون ڇا ڏسي رهيو آھيان؟؟ پنڃري جيان بند چپڙن مان آواز جڏھن ڀڙڪو کائي قيدي بڻيل پکين جيان آزادي ماڻي ٻاهر نڪتو هو ته چوڏس ماحول ۾ حيرانگي واريون نگاهون مونکي تڪڻ لڳيون هيون ۽ مرشد کي به ششدڙ ڪيفيت ۾ مبتلا بڻجندي حراسيا ڏٺو هيم.
اڙي ماسات ڏسين نه پيو مرشد پاڪ عورت جي جسم مان جن ڪڍي رهيو آھي، ڀر ۾ بيٺل حفيظ وراڻيو هو.
هي ڪهڙو طريقو آ جن کي ڪڍڻ جو؟؟ جذبات جي وهڪري ۾ ٻڏندي وراڻيو هيس.
هي ته ڪجهه به نه آ مرشد پاڪ وٽ جن ڪڍڻ جا الائي ته ڪيترا طريقا آھن.
پُٽ جن کي ضبط ۾ آڻڻ سولو ڪم نه آ، مجبورن هر طريقو استعمال ڪرڻو ٿو پوي، حفيظ جي ڳالهه پوري ٿيڻ کان اڳ نياز نوڙت واري لهجي ۾ مرشد پاڻ سنڀاليندي وراڻيو هو.
صحيح آھي پر حساس نفيس نازڪ عورت سان اهڙي روش؟؟
اڙي چريا اٺ مرشد چماٽ عورت کي ٿورئي جن کي هنئي هئي حفيظ هڪ دفعو ٻيهر وچ ۾ وراڻيو هو.
حفيظ جي زبان مان عقيدت جي انڌ ۾ جڪڙيل ناسمجهي وارا شبد ٻڌي سوچڻ لڳو هيم چماٽ جن کي لڳِي ۽ دانهن ڪري عورت بيهوش ٿي، هي ڪجهه عجيب نه آ……؟؟ سوچن جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيندي وڌيڪ سوچيو هيم جڏھن ته جن باھ جي پئدائش آھي ۽ باھ کي اسين ڏسي سگهون ٿا پر ان مان پئدا ٿيندڙ جن مخلوق کي ڇو نه؟؟ ان کان وڌ تعجب جوڳي ڳالهه اها ته جن مخلوق پنهنجو وجود رکي ٿي. جي اگر ان ڳالهه ۾ ڪا صداقت آھي ته عورت يا مرد جي جسم ۾ گهرڻ دوران ان جو وزن وڌي ڇو نٿو وڃي؟ ، جُن کان انسان ذات ازل کان ڊنل ڇو رهي آھي ۽ وڏي ڳالهه اها به ساڃاھ کان ٻاهر آھي ته جن اڪثر ڪري پٺتي پيل سادڙن ۽ اٻوجهه ڳوٺائي ماڻھن جي عورتن جي وجودن تي قابض ڇو بڻجندا آھن ؟ان دوشيزھ کي نيم بيهوشي واري حالت ۾ ڏسي سائين وڏي ڪڙڪيدار آواز ۾ وراڻيو هو.
هِن ڇوڪري کي ڍيڍ جن جو سايو آ، اڄوڪي رات ترسڻو پوندئو، دوشيزه سان گڏ آيل نوجوان مرشد جي ڳالهه کي عقيدت منجهان مڃيندي هائوڪار ۾ ڪنڌ کي جهڪايو هيو جيڪو شڪل صورت ۾ پهلوان کان گهٽ ڪين ٿي لڳو هو.
دوشيزه کي نيم بيهوشي واري حالت ۾ مرشد جي ٻن خليفن حويلي پاڪ جي اتر واري ڪمري اندر کڻي وڃي واڙي ڇڏيو هيو.
ڍيڍ جن مان ڇا مراد آھي؟ سنجيدگي واري ڪيفيت برقرار رکندي مرشد سامهون وراڻيو هيس.
پُٽ جن مخلوق به اسان انسانن جيان ذات پات مذهب ۽ مختلف فرقن ۾ ورهايل آھي، ڪو مسلمان ته وري ڪو هندو، ۽ ڍيڍ جن مان مراد غير مذھب جن جيڪو پهتل ولين ۽ مرشدن کي نه سڃاڻي انهن جو انڪاري بڻجي پوندو آ…! اهڙي غير مذھب جن کي مار موچڙي ۽ عمل وسيلي ڪڙي ۾ آڻي قابو ڪيو ويندو آھي.
مرشد پاڪ جي زبان مان نڪتل لفظ ٻڌي افسوس ٿيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر تخيل جي سمونڊٖ ۾ غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس! ڇا باھ ڪنهن مذھب جي محتاج آھي؟ جي اگر نه ته ان مان پئدا ٿيندڙ جن مخلوق ڇو؟؟ هي سڀ ڇا ماجرا آ؟؟ جن مخلوق جي باري ۾ انسان اها دعوي ڪيئن ٿو ڪري ته هي جن هندو آ؟ ۽ هي جن مسلمان؟ جڏھن ته جن مخلوق کي ڏسي به نٿو سگهي ۽ ان جو مذھب ذات پات دين ڌرم ڪيئن ٿو ڄاڻي؟؟
پُٽ شايد توکي خبر نه آ؟ جن مخلوق ڪيتري خطرناڪ آھي…!
تعجب ڀري سوچن ۾ الجهندي پسي مرشد وراڻيو هو.
مطلب ...!!
جن مخلوق منهنجي سامهون ڪافي خوبصورت عورتن جا ڳاٽا ڀڳا جيڪي سورن جا ستم نه سهندي اجل جي منهن ۾ هليون ويون.
مرشد جي ڳالهين مان اهو معلوم ٿي چڪو هيو ته! مرشد خدا کان وڌ جن مخلوق کان ڊنل آھي ايتريقدر جو شرڪ ڪندي ساھ ڪڍڻ جو اختيار به جن مخلوق حوالي ڪري ڇڏيو هيائين.
سوال ڪندي وڌيڪ وراڻيو هيس مرشد ڇا جن ورتل عورتن سان گڏ ڳاٽو ڀڃڻ وقت جن به مري ويندا آھن؟؟
نه پُٽ جن ڪيئن مرندا، جن ته عورتن جو ڳاٽو ڀڃي انهن جي جسمن مان نڪري ويندا آھن …
ته پوء مرشد تو وٽ ثبوت ڪهڙو آھي هينئر تو جيڪا چماٽ عورت کي هنئي اها جن کي لڳي هجي؟ ڇو جو اهو به ممڪن آھي ان وقت جن نڪري ويو هجي جيئن ڳاٽو ڀڃڻ وقت نڪري ويندا آھن، مرشد کي پنهنجن ڳالهين ۾ الجهائيندي وراڻيو هيس.
مرشد ڪين ڪڇيو هو ۽ ڀر ۾ بيٺل خليفي کي پاڻي پيارڻ جي هدايت ڪئي هيائين ۽ آئون مرشد جي چهري تي پريشاني جون ريکائون پروڙڻ لڳو هيس جيڪي مرشد پاڪ جي ٺڳي وارن ٺاهن کي واضح نموني ظاهر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون.
پاڻي جو گلاس يڪساهي ۾ ڏوڪيندي مرشد ماڻھن جي انبوھ طرف نهار وجهندي ڪاوڙ منجهان مون طرف اشارو ڪندي پڇيو هيو ته هي نوجوان ڪير آھي؟
ماسات حفيظ عقيدت واري انداز ۾ مرشد اڳيان نوڙت ڪندي جواب ڏنو هيو مرشد پاڪ هي منهنجو ماسات ساگر آھي ماسڙ رحمان جو پٽ جيڪو ڪافي سال پهريان شهر لڏي ويو هيو .
روزانو ايندو ڪر انشاءَ الله سڀ ڪجهه سمجهي ويندي تعارف ٿيڻ بعد مرشد منهنجي ڪلهي تي هٿ سان ٿڦڪي هڻندي وراڻيو هو ...!
ڳوٺ وارن اٻوجهه سانگيئڙن کي عقيدت جي ڄار ۾ الجهندي پسي حيرت ٿي هئي ۽ سائنس جي ارتقا موهن جي دڙي وانگر ٻھراڙي جي ماحول ۾ دٻيل نظر آئي هئي.
ماسات صفا ڪو بيوقوف آھين ؟؟ حفيظ وراڻيو هو.
وري ڪيئن ماسات …
مرشد اڳيان سوال ٿورئي ڪبا آھن غصي واري ڪيفيت برقرار رکندي حفيظ چيو هو.
ڇو ماسات مرشد سامهون سوال ڪرڻ گناھ آ ڇا؟؟
نه ماسات پر مرشد جلالي ۾ اچي ڪا بددعا ڏئي ها ته پوءَ… حفيظ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو هو.
اڇا مطلب ته مرشد بددعا به ڏيندا آھن …ڪنڌ ڌوڏيندي وراڻيو هيس.
ماسات توکي ڪهڙي خبر مرشدن جا پٽيل ساوا نه ٿيا ۽ ھا ڇورو صدو ڪيئن مئو هو خبر اٿئي؟؟
ڪهڙو صدو ؟؟ ذھن تي زور لڳائيندي سوچڻ لڳو هيس.
اڙي توکي ٻڌايو جو هيو يونيوسٽي وارو ڪامريڊ …
ها ها جيڪو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو هو.
نه نه مرشد جي بددعا جي ڪري مئو هيو! ۽ موت به اهڙو ٿيس جو توبهه مالڪ به سڃاڻي نه پيا سگهنس.
مرشد جي بددعا مطلب ! حيرت ڀري سوچن ۾ الجهندي وراڻيو هيس.
اڙي ماسات صفا ڪو لُل آھين توکي ٻڌايو جو هيو ته مرشد خلاف اجايو بيهودا ڳالهيون ڪندو رهندو هيو ۽ مرشد کي ٺڳ کان سواء ڪين سڏيندو هو، هڪ ڏينهن مرشد کان بددعا نڪري وئي ۽ روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ ڪتي جو موت مئو…! ڇو جو مرشد پهتل زنده ولي آ...!!

(7)

ساگر پليز نمبر آن (کولڻ)ڪريو، شازو اوهان سان ڳالهائڻ ٿي چاهي پليز پليز ...!
کيسي ۾ پيل موبائيل آن ڪيم ته سنڌو جا ڪافي ميسيج موبائيل اسڪرين تي اچڻ (ظاهر) لڳا هيا.
سنڌو جا آيل ميسيج پڙھي ڪال ڪئي هيم ته سنڌو جو نمبر مصروف مليو هو…! بار بار ذھن تي زور ڏئي سوچڻ لڳو هيس سنڌو نالي يونيورسٽي ۾ ته ڪا به شاگردياڻي ڪون هئي! آخر هي ڪير آ شازو ۽ مونکي ڪيئن ٿي سڃاڻي؟
ادا ڇو پريشان آھيو…!! اڻ تڻ واري ڪيفيت ۾ جڪڙيل پسي صنم وراڻي هئي.
اداسائي جي گهيري ۾ وڪوڙيل چهرو ڍونگي مسڪراهٽ سان خوشگوار بڻائيندي وراڻيو هيس نه نه ادي پريشان ناهيان…
ادا اوهين مونکي نٿا وڻو …! سچي ۾ به ڪنا آھيو.
ڇو ادي؟؟
صاديا جهڙي حسين ڇوڪري جي پيار واري آڇ توکي ٺڪرائڻ نه پئي گهرجي.
صاديا منهنجي هم خيال بهترين ساٿي آھي ! ۽ مان هُن جي دوستي کي پيار جي روپ ۾ بدلڻ نٿي چاهيم.
آخر ڇاڪاڻ؟ ۽ ڪهڙي ڪمي هئي جو صاديا کي صرف دوستي جي تند تائين محدود بهتر رکيئو ؟؟ ادي صنم سوال ڪندي وراڻي هئي.
من گهڻو ئي ٿي چاهيو ته ماضي ۾ ٿيل هاڃو ليکڪ جي ڪنهن کُليل ڪتاب وانگر اڳيان کولي رکانس ۽ ٻڌايانس ته چنڊ جي چانڊاڻ جهڙي مشابهت رکندڙ ڪنهن صاف چهري هٿان پهريان کان ئي دوکو کائي چُڪو آھيان ھاڻ ٻيهر ڪنهن جي پريت چاهت ۾ دوکو کائي نٿو سگهان ڇاڪاڻ جو پنهنجي پٿون ٿيل جسم ۾ هاڻ وڌيڪ سگهه ساري نٿو سگهان، پر خاموش رهيو هيم ڪڇي ڪين سگهيو هيس ڪجهه منٽن بعد صاديا کي پاڻ طرف ايندي ڏٺو هيم…!
الله ڪندو خير، وڏيرڪي ٻار جو اڄ اسانجي ڪکائين گهر ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو، صاديا کي گهر جي آڳنڌ ۾ موجود پسندي ماسي زينت شايد پنهنجائپ واري لهجي ۾ وراڻي هئي
الله خير ڪيو آ بوا (ماسي) بس تنهنجي مهمانن کي وٺڻ آئي آھيان صاديا ماسي زينت سان مخاطب ٿيندي وراڻي هئي
ڇو خير ۾ ڌيءَ……
ها اڄ انهن جي دعوت اسان وٽ رکيل آھي
پر هي ته هينئر واپس وڃن ٿا شھر ڏانهن……!
ماسي زينت جي زبان منجهان شھر وڃڻ جو ٻڌي صاديا جي خوبصورت مُک تي اداسائي جون ريکائون ڇائنجي ويون هيون، لالڙي لڳيل چپڙن کي پاڻ ۾ ڀڪوڙيندي درد ڀري لهجي سان وراڻي هئي مان ته هينئر صنم وارن کي دعوت ڏيڻ آئي هيس .....!
اوهانجي دعوت ڪنهن ٻي ڀيري کائبي ڇو جو ڪلاڪ جي اندر اسين هتان کان شھر طرف نڪري وينداسين…! ادي صنم وراڻي هئي...
صاديا ڪجهه ڪين ڪڇي هئي ۽ اداسائي جي ڪيفيت ۾ مسلسل جڪڙيل رهي، صاديا جي بهار جهڙي مُک تي خزان جو اوچتو ڇائنجي وڃڻ وارو لمحو سمجهي نه سگهيو هيس ڇاڪاڻ ته ڪجهه منٽ پهريان صاديا خوشگوار موڊ سان ٽڙندي ماسي وارن جي گهر پهتي هئي.
ڇا ساگر اوهين به واپس وڃو ٿا شھر؟؟ صاديا ڳيت ڏيندي لفظن کي چپڙن مان آزاد ڪندي وراڻي هئي.
جي ها! منهنجي ڪڇڻ کان پهريان ادي صنم صاديا سان مخاطب ٿيندي جواب ڏنو هو.
آئون مسلسل خاموش رهيس ۽ صاديا جي چهري تي اونهي سوچن جي هينڊاڻ کي پسڻ لڳو هيم.
ڇا ٿيو صاديا !
ڇا ٿيندو…؟
الائجي صفا پريشان ٿي ويا آھيو …! صنم صاديا سان ڳالهائيندي رهي، منهنجي کيسي ۾ پيل موبائيل فون وڄي هئي، جنهن کي رسيوَِ ڪندي هيلو ڪيو هيم ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي صاديا وارن کان پرڀرو ٿي ويو هيس …!
شازيا کي پنهنجي غلطي جو احساس آھي…! هو اوهان کان معافي وٺڻ ٿي چاهي ساگر بس اوهين هڪ دفعو ٻيهر يونيورسٽي واپس اچو. سنڌو وراڻي هئي...
اوهين ڪڏھن کان ورسٽي جوائن ڪئي ؟ آئون سنڌو کان سوال پڇيو هو...
هوننننن تقريبن ٽي مهينا اڳ…! سوچيندي سنڌو جواب ڏنو هو.
مطلب مونکان بعد ۾ …
جي ها!شازيا کي آئون تمام ويجهڙي کان سڃاڻيان ٿي ڇو ته شازيا سان پنهنجو يونيورسٽي جو رشتو نه آ شازيا منهنجي پاڙيسري به آ ۽ نهايت ئي سلڇڻي خوش اخلاق ڇوڪري آھي، بنا ڪجهه پڇڻ جي سنڌو شازو جي تعريف ڪندي وراڻي هئي.
مان ٿورو مصروف آھيان بعد ۾ ڳالهايان ٿو…! بي رخي منجهان وراڻيو هيس.
اوڪي…
ڪال ڪٽيندي موبائيل کي کيسي ۾ رکيو هيم ۽ صاديا طرف نهارڻ لڳو هيم جيڪا خوشگوار موڊ ۾ ادي صنم سان کلي رهي هئي …! صاديا کي خوش ڏسي اهو قول سچ ڀاسجڻ لڳو هو ته انسان جي ڪيفيت ۽ موسم جي بدلجڻ ۾ وقت نه لڳندو آهي صاديا جي چهري تي مسڪراهٽ پسي ڪوماٽيل احساس گلابن جيان ٽڙڻ لڳا هيا.
ساگر تون هتي ئي آھين نه…! سرهائي منجهان صاديا وراڻي هئي.
جي ها آئون اڃان اتي ئي ڪجهه وقت ڳوٺ ۾ ئي رهندس! منهنجو مخاطبي جواب ٻڌي صاديا جو خوشگوار چهرو وڌيڪ روشن بڻجي ويو هيو ...!
ڌي صنم سامان سنمڀالي وٺ…! ماسي وارن جي ڪمري اندران امڙ نڪرندي وراڻي هئي.
جي امي…!! صنم ڪمري طرف هلي وئي.
پُٽ مان ته چوان پئي اسان سان گڏيو شھر هل، امي ممتا وارو لهجو برقرار رکندي وراڻي هئي.
امي آئون به تمام جلد ايندس في الحال اوهين هلو…! هڪ دفعو ٻيهر شھر وڃڻ کان انڪار ڪندي وراڻيو هيم.
چڱو پُٽ پنهنجو خيال رکجاءَ ۽ فون تي ڳالهائيندو ڪجاءَ امي پيار شفقت ڀريو ڀاڪر پائي موڪلائڻ لڳي.
الائجي ڇو امي ۽ ادي جو واپس وڃڻ وارو منظر روئارڻ جو ڪارڻ بڻيو هو جڏھن شھر طرف ويندڙ ڪچن رستن مٿان امي وارن جي ڪار جو عڪس ڌنڌلو بڻجي نظرن کان اوجهل ٿيو هو ته ائين لڳو هو ڄڻ ٻھراڙي جي خوبصورت ماحول جون ساريون سندرتائون امي وارن سان گڏ شھر طرف روانو ٿيون هجن.
ماسات ڇو پريشان آھين؟؟ حفيظ منهنجي چهري طرف تجسس منجهان نهاريندي وراڻيو هو.
نه ماسات پريشان ناهيان …! ۽ صاديا کان موڪلائيندي حفيظ سان گڏ ڳوٺ جون ور وڪڙ کائيندڙ ڪشاديون گهٽيون لتاڙيندو ٻني طرف روانو ٿيو هيس.
ماسات هو ڇوڪري رابطي ۾ آھي يا نه ؟؟
حفيظ جو جملو ٻڌڻ بعد ٽاھ منجهان ڀڙڪو کائي اڏامندڙ پکي وانگر وجود ششي ويو هو ۽ سوچن جي وشال ڪائنات ۾ پاڻ وڃائيندي وراڻيو هيس ڪهڙي ڇوڪري؟؟
ماسات يونيورسٽي واري جنهن سان تون هڪ ڏينهن ملاقات به ڪرائي هئي ! آئون جڏھن سرنهن جو ساڳ کڻي اوهان وٽ آيو هيس، حفيظ ماضي ياد ڏياريندي وراڻيو هو.
آئون ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس .....!
ڇا ٿيو ماسات ؟ حفيظ مک طرف نهاريندي وراڻيو هو.
ماسات مونکي ياد نه آ؟ الائي ڪهڙي ڇوڪري جي ٿو ڳالهه ڪرين؟ آئون باخبر هوندي به بيخبري جو ناٽڪ ڪندي وراڻيو هيم.
ها ماسات ڇاڪاڻ ته مان اڪثر اوهان وٽ ايندو رهيو آھيان ڪڏھن ڪهڙي شيءَ کڻي ته ڪڏھن ڪهڙي شيءَ…! پر مونکي اڄ به اهو پل چڱي ريت ياد آ جڏھن آئون سچو ڊالٽو ۽ سرنهن جو ساڳ کڻي اوهان وٽ آيو هيس ته اوهانجي گهر ۾ هڪ ملوڪ ڇوڪري کي ڏٺو هيم جنهن جو تون تعارف ڪرائيندي چيو هو ته هي ڇوڪري يونيورسٽي ۾ مونسان گڏ پڙھندي آ ۽ ڏاڍي ذھين آ هُن جو تون نالو به سولو ٻڌايو هيو پر هينئر ياد نٿو اچي حفيظ ذهن تي زور لڳائيندي وراڻيو هو.
ٿي سگهي ٿو ماسات پر مونکي ڪجهه به هينئر ياد نٿو اچي …! هڪ دفعو ٻيهر ناٽڪ ڪندي وراڻيو هيس حفيظ جي لفظن ماضي جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ شازو سان گڏ گهاريل هاسٽل کان ويندي ورڪ روم جون يادگيريون ذھن جي ڪُک منجهان جنم وٺڻ لڳيون هيون…! ھٿڙن ۾ هٿ ڏئي مسڪرائڻ وارا ڪردار، ابهم، نازڪ گلابن کي مرجهائي ڊائري جي سفيد ڪفن نمان پنن ۾ گفٽ ڪرڻ وارا سندر منظر، جُن جي هر هڪ صحفي تي پيار، پاٻوھ، پنهنجائپ ۽ خوشگوار مستتقبل جي جوڙجڪ جا اکر چٽيل پڙھڻ وٽان ملندا هيا، يونيورسٽي جي ڪينٽين کان ويندي شھر جي هوٽلن ۾ گڏجي ماني کائڻ واريون پوريون اڻپوريون خواهشون، ڄامشوري جي ٿڌڙين هوائن جو راحت بخيشندڙ سحر حاصل ڪرڻ خاطر روڊ، رستن تي گڏجي پيدل نڪري پوڻ وارا خوبصورت عڪس جنهن ۾ زندگي جون سڀئي رنگينون سمايل رهنديون هيون.
ماسات ڪاٿي گم آھين…؟ ماضي جي تصوري هٿڪڙين ۾ جڪڙيل وجود کي آزاد ڪرائيندي حفيظ وراڻيو هو.
حقيقت سان متعارف ٿيندي ئي پيٺان کان ڪڍ ايندڙ صاديا تي نگاھ پئي جيڪا ڪجهه پرڀرو اسان طرف اچي رهي هئي…! صاديا کي پاڻ طرف ايندي پسي وراڻيو هيس ماسات تون هلي گاھ لُڻ آئون اچان ٿو...!
الائجي ڇاڪاڻ پهريون ڀيرو صاديا جي سونهن اڳيان ٻنين جي خوبصورتي کي شرمائيندو پسيو هيم، ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اُڀ هيٺان اڏامندڙ پکي به صاديا جي حُسن سامهون پردو ڪري رهيا هجن، هي ساري ڪهڪشاءُ صاديا جي سندرتا سامهون عبادت ڪاڻ سر جهڪايو هجي.
صاديا ڇا ٿيو خير ته آھي؟؟ صاديا طرف پهچندي وراڻيو هيس
جي ها خير آھي، بس ڳوٺ ۾ من نٿي لڳو انڪري اوهانجي پٺيان نڪري پيس… ڪنڌ ڌرتي طرف جهڪائيندي وراڻي هئي.
اڇا، تنهنجو پويان ماٺ ۾ اچڻ ڇڙڪائي ڇڏيو هو ۽ مون سوچيو الله خير ڪري ڪجهه ٿيو ته نه آ ...!
ساگر توکي دنيا عجيب نٿي لڳي؟؟ صاديا منهنجي موضوع جو رخ مٽائي ٿڌو ساھ ڀريندي وراڻي هئي.
صاديا جي اتاولي لهجي کي مدنظر رکندي وراڻيو هيس نه دنيا عجيب نٿي لڳي بلڪي عورت جي وجود جيان لڳي ٿي جنهن جو هر قدردان مرد طلبگار هوندو آ.
قدردان هاهاهاهاها…صاديا جي لفظن ۾ چڙ ۽ غصي جي هُٻڪار محسوس ٿي هئي.
مطلب ……
هونئن مرد ۽ قدردان اهو ممڪن نه آ؟ صاديا هڪ دفعو ٻيهر چڙ واري ڪيفيت ۾ الجهندي وراڻي هئي.
مرد اگر قدردان نه هجي ها ته سسئي جي ڪري پنهون پنهنجي ڀائرن کان لاتعلقي ڪرڻ تي مجبور نه بڻجي ها، مجنو پنهنجي جسم منجهان ماھ ڪپي ليلا جي نالي سان نه ڏي ها… سنڌ جي تهذيب جيان دقيانوس عاشقن جون تشبيهون ڏيندي وراڻيو هيس
صاديا خاموش رهي ڪجهه ڪين ڪڇي هئي …
ڇا ٿيو ؟ صاديا کي خاموش پسندي وراڻيو هيم
سڀ بڪواس آ……!! صاديا پنهنجون خوبصورت اکڙيون گگن جي نيري ڇت ۾ اٽڪائيندي وراڻي هئي.
ڇا مطلب؟ پنهنجون شوخ نظرون صاديا جي مُک طرف نهاريندي وراڻيو هيس.
تون مرد ٿي ڪري به منهنجي جوڀن جي تڙپ کي نٿو پرکين! اگر تون منهنجي من ۾ باطن عورت جو درد ڄاڻين ها ته منهنجي پريت چاهت جو انڪاري نه ٿي ها، صاديا نظرون نير گگن جي ڇت مان هٽائي مون طرف نهاريندي وراڻي هئي.
تنهنجي احساسن کي سمجهي سگهان ٿو صاديا، پر اهو به ممڪن آ ته تنهنجي پريت چاهت کي ٺڪرائڻ پٺيان به ڪنهن مجبوري جو ڪارڻ ٿي ٿو سگهي شايد جنهن کي تون سمجهندي به سمجهي نه سگهين آن ۽ خاموش رهيم.
ائين به ٿي ٿو سگهي ساگر، پر مان توسان سچو پيار ڪريان ٿي پاٻوھ منجهان چپڙن تي ڪس ڏيندي صاديا وراڻي هئي.
صاديا جا خوبصورت چپڙا جڏھن ريگستاني ڌرتي نماءَ منهنجي چپڙن سان مليا ها ته من ۾ راحت بخشيندڙ سڳنڌ اوتجي وئي هئي! ۽ ايئن ڀاسجڻ لڳو هو ڄڻ صدين جي پياسي وجود کي پيار جو ريج ملي ويو هجي جنهن بعد وجودي ڌرتي منجهه احساس، امنگ ۽ جذبن جو سڙيل فصل هڪ دفعو ٻيهر سائو بڻجي نکرڻ لڳو هجي.
نه صاديا هي سڀ ٺيڪ نه آ…! مُک موڙيندي وراڻيو هيس
پيار جي عقيدت ۾ پنهنجي محبوب جو پاڪيزه چهرو چمڻ ڇا ۾ غلط آ ؟ صاديا وراڻي هئي.
بيشڪ غلط نه آ پر ……
ڇا پر ! منهنجو جملو ورجائيندي چيو هيائين.
اجڙيل گلشن جي گلابن مان خوشبو جي اميد رکڻ بيوقوفي چئبي.
ڪنواريون ڇوڪريون اجڙيل گلشن کي سنوارڻ جو فن ڄاڻنديون آھن، صاديا مسلسل تجسس منجهان چهري طرف غور سان نهاريندي وراڻي هئي.
نه، نه، تنهنجي هي دعوي پاڻي تي باھ ٻارڻ جيان آھي.
ساگر آئون توسان پريت چاهت ڪريان ٿي، صاديا هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيار جو اظھار ڪندي وراڻي هئي.
ها پر صاديا آئون توسان چاهيندي به پيار ڪري نٿو سگهان.
هُو ڏسين ٿو شايد مون وانگر بدنصيب پکي آ، نير گگن هيٺ ولر پکين جي پويان اڏامجندڙ اڪيلي پکي طرف اشارو ڪندي صاديا وراڻي هئي
تون جيان مطلب ...!!
ها، ڇو ته آئون به ان پکي جيان بدنصيب آھيان جيڪو چاهيندي به ولر سان جوڙ نٿو لڳائي سگهي.
مونکي ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي، تنهنجي چوڻ جو ڇا مطلب آ؟ هڪ دفعو ٻيهر ناسمجهي جو اظھار ڪندي وراڻيو هيس.
منهنجي چوڻ جو صاف مطلب ته آئون تنهنجي ويجهو هوندي به توکي پنهنجو ڪري نٿي سگهان، نه ئي پنهنجي چاهت جي اڌوري منزل کي تڪميل تائين رسائي پنهنجي پيار کي امر بڻائي ٿي سگهان.
صاديا توسان باطل پيار جو اظھار ڪري توکي دوکو ڏئي نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته آئون پريت چاهت جي صحرائن منجهه ڀٽڪندڙ مسافر جو درد ڄاڻان ٿو، جيڪو سمونڊ جي ساحل تي هوندي به آب چُڪي لاءَ تڙپندو آ، ۽ چنڊ کي چمڻ جو حوصلو ته رکندو آ پر پنهنجي محبوب جي چهري کي چمي ڪين سگهندو آ.
صاديا خاموش رهي هئي ۽ ڪجهه ڪين ڪڇيو هيائين وقت معمول مطابق پنهنجي رفتار سان ڊوڙندو رهيو هيو ۽ لهندڙ سج جا پاڇا صاديا جي خوبصورت چهري تي لالاڻ چٽڻ ۾ ڪامياب ٿيندا رهيا هيا.

(8)

ماسي ماسات حفيظ ڪاٿي آ ؟
ابا مرشد پاڪ وٽ ويل آھي هينئر تائين نه موٽيو آ، شايد ڪم ڪار ۾ مصروف هوندو ڇوجو مرشد جا ٻاهري ملڪ ۾ ديني تعليم پڙھندڙ نينگرا واپس آيا آهن...
ٺيڪ آ ماسي جهيڻي آواز ۾ وراڻيو هيس.
من اندر مايوسي واري ڪڪرن جو راڄ ڇانيل ڀانيون هيم. حفيظ سان گڏجڻ واري خواهش ڪاريهر نانگ جي ڦڻ جيان اندر منجهه ڪر کڻي بيهي رهي هئي. سمجهه نٿي آيو هو ته ماسات حفيظ مونکي ٻڌائڻ بغير ائين ڪيئن هليو ويو آھي. اڳ ۾ ته ڪڏھن هن ائين ڪونه ڪيو هيو. نه چاهيندي به قدمن جو رخ حويلي پاڪ واري پاسي ويندڙ پيچري طرف ڪري ڇڏيو هيم.
حويلي جي گيٽ وٽ پهچندي ئي فضا منجهه ست رنگي خوشبوئن واري سڳنڌ من اندر واسجڻ لڳي هئي حويلي جي ديوارن تي ٻرندڙ اگر بتين ۽ روم اسپري واري پرفيوم ماحول ۾ خوشبو پکيڙڻ جو اهم ڪردار نڀائڻ منجهه وسان ڪين ٿي گهٽايو هيو، عقيدتمندن جي مُک تي عجب سحر طاري ٿيل هيو خليفن ۽ خدمتگارن جي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي هئي جيڪي ٻاهران کان آيل مهمانن جي خدمت چاڪري ۾ مصروف هيا ڪنهن وقت ڪنهن کي ٿي پاڻي پياريائون ته ڪنهن وقت ڪنهن کي.... آئون انبوهه گوڙ گهمسان واري ماحول ۾ خالي ڪنڊ جو پاسي وٺي سڀ لڪاءُ پسڻ لڳو هيس ۽ ماسات حفيظ کي چوطرف نظرن جي تعاقب سان جاچيندو به رهيو هيم! پر گهڻي جاچڻ باوجود به حفيظ نظر نٿي آيو هو، ڇاڪاڻ جو مرشد پاڪ جي حويلي ماڻھن جي انبوھ سان سٿي پئي هئي، حويلي جي هڪ طرف شامياني واري ڪنعات لڳل هئي جيڪا شايد عورتن جي پردي ڪاڻ خاص بندوبست ڪرڻ سبب لڳائي وئي هئي…
اڙي ساگر تون ؟؟ تجسس منجهان نهاريندي هڪ ڳوٺائي مليو هو جيڪو اڪثر واٽ ويندي حفيظ سان گڏ ملندو رهندو هيو.
جي ها آئون.....!
تون هت ڪئين ۽ ڪنهن کي پيو ڳولين؟
جئين تون هت آھين آئون به ائين ئي بس پاڻ واري يار حفيظ کي پيو ڳوليان انبوھ طرف نگاهون ڦيرائيندي وراڻيو هيس.
ڇو ڪاڏي ويو آھي حفيظ؟
هيڏانهن اچ ته توکي هڪ ڳالهه ٻڌايان. توکي حفيظ هت گڏ وٺي اچي وڏو پاپ ڪيو آھي .خبر اٿئي ان ڏينهن مرشد سائين حفيظ کي سختي سان منع ڪئي هئي توکي حويلي طرف پاڻ سان گڏ وٺي اچڻ لاء حفيظ ته پٽجي ويو ڀلائي انهي ۾ اٿئي ته تون به مرشد پاڪ جي ڏسڻ کان پهريان ئي هتان هليون وڃ جي مرشد جي نگاهه تو مٿان پئي ته سمجهه سڙي ويندين سائو ڪونه ٿيندين، ڳوٺائي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي رازداري ۽ هدايت واري لهجي ۾ وراڻيو هو.
آئون نه سمجهي سگهيو هيس ڳوٺائي جي ان ڳالهين کي سوچيو هيم مرشد پاڪ حفيظ کي ڇو روڪيندو مونکي ساڻ وٺي اچڻ ڪاڻ. آئون مرشد جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آھي يا ڪهڙو نقصان رسايو اٿم جو منع ڪندو ڳوٺائي جي ڳالهين کي نظر انداز ڪندي حفيظ کي جانچڻ لڳو هيس. ۽ حويلي واري ورانڊي جي ڀر ۾ ٺھيل ننڍڙي ڪوٺري اندر داخل ٿيو هيس، جتي مرشد سان گڏ ڪاٽن جي سفيد ڪپڙن ۾ ملبوس ٽي چار فرد ويٺل هيا..! ماسات حفيظ کي اتي پاڻي پياريندي خدمتگاري جا فرض ذميواري سان نڀائڻ واري انداز ۾ مشغول ڏٺو هيم. حفيظ کي پسندي ئي من ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي ھئي. اٻھرائپ منجهان سڏ ڪندي چيوهيومانس ماسات ...
حفيظ جي نظر مون تي پوندي ئي هن جي چهري جا رنگ اڏامندي محسوس ٿيا هيا. پريشاني، خوف واري ڪيفيت ۾ مبتلا بڻيل ماسات حفيظ کي مرشد اڳيان نوڙت سان ڳالهائيندي ٻڌو ھيم سائين هي ساگر الائي ڪنهن سان آيو آھي خبر ناهي ٿي سگهي ٿو ڪو ڪم هوندس مون منجهه.....!
ٻاهر ويهارينس مان اچان ٿو، حفيظ کي نفرت منجهان ٻاهر وڃڻ جو اشارو ڪندي مرشد وراڻيو هو ماسات تون هت ڇو آيو آھين خير ته آھي نه مان تڪڙ ۾ توکي ٻڌائڻ بغير هليو آيس حويلي ۾ ڪم ڪرڻو هيو مرشد پاڪ جا نينگرا ولايت مان ديني علم حاصل ڪري واپس وريا آھن ان لاء مهمان اچن وڃن پيا انهن جي خدمت چاڪري ڪرڻي هئي
مرشد پاڪ جو حڪم هيو ندامت منجهان ماسات حفيظ ڪنڌ جهڪائيندي مونکي چيو هو.
ڪجهه ڪين ڪڇيو هيس ۽ مسلسل خاموش رهيس.
پر مرشد وڏو اجهو آيو، توکي ملرايان ٿو تسلي ڏئي اندر واري ڪيفيت کي لڪائڻ واري ڪوشش ڪندي ماسات حفيظ ٻيهر وراڻيو هو.
آئون حويلي اندر متل وايو منڊل جو جائزو وٺندو رهيس، هڪ ڳالهه بار بار ذھن جي ديوار ۾ ڪنهن ڪِل جيان کُپندي رهي هئي جنهن جو راز ڄاڻڻ ڪاڻ حفيظ کان سوال ڪيو هيم هي ماڻھو پئسن جا هار ڇو کڻي آيا آھن؟؟ جنهن تي حفيظ ٽھڪ ڏيندي وراڻيو هيو يار توکي اها به خبر نه آهي ڇا؟؟
حفيظ جا طنزيا ٽھڪ ذھن اندر نفرت کي پئدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ها ۽ ڪاوڙ واري لهجي ۾ وراڻيو هيس نه مونکي خبر نه آ…
سائين ننڍي کي پئسن جا هار پارائڻ لاء ماڻھو کڻي آيا آھن، ڇو جو ڪافي عرصي بعد ولايت مان واپس وري حويلي ۾ پير رکيا اٿس حفيظ وضاحت ڪندي ٻڌايو هو.
ته پوء ان ۾ پئسن جا هار پارائڻ.هي وري ڪهڙي نئين رسم آ گلن جا به هار پارائي سگهجن ٿا، پريشاني منجهه مبتلا بڻجي ناسمجهي واري عالم منجهه چيو همانس.
صفا ڪو بيوقوف آھين ماسات، مون ته توکي سلجهل پئي سمجهيو ! حفيظ چڙ منجهان وراڻيو هو.
يار ان ۾ بيوقوف هجڻ واري ڪهڙي ڳالهه آ؟ ڇو ته اسان سنڌي جنگ فتح ڪري ايندڙ يا لانئون لهندڙ گهوٽن کي پئسن جا هار پارائيندا آھيون پر ننڍي سائين کي حويلي ۾ اچڻ لاء هار پارايا ويندا هي ڪجهه عجيب قسم جي رسم ٿي لڳي؟؟ ماسات حفيظ کي چڙ ۾ ڏسي پيار واري لهجي ۾ وراڻيو هيس.
حفيظ ڪين ڪڇيو هو…! بس خاموش رهيو.
حفيظ کي خاموش ڏسي ڳالهه جو رخ بدلائيندي پڇيومانس ماسات ڀلا ٻڌ ڪاٽن جا ويس پهريل مرشد پاڪ سان اندر گڏ ويٺل ڪير هيا جن کي تو پاڻي ٿي پياريو؟؟
هڪ پنهنجي تر جو ڀوتار ڪريمداد هيو، باقي ٻن کي آئون ڪون سڃاڻيان هوندا ڪي ڀوتار…… حفيظ چڙ وارو لهجو برقرار رکندي وراڻيو ھو ۽ بي رخي منجهان مونکي اتي بيهڻ جو چئي حويلي جي ڪمري طرف هليو ويو.
سائنسي دور هوندي به ٻھراڙي جي اٻوجهه ماڻھن کي وهم وسوسن جهڙي وبا ۾ جڪڙيل پسيو هيم، جيڪي عقيدت ۾ پنهنجي پاڻ سان وحشائن جهڙو سلوڪ ڪندي نظر اچي رهيا هيا جنهن بعد سوچڻ ۾ الجهي بار بار اهو پئي تصور ڪيو هيم ته ڇا واقعي به اسين قديمي آثارن جا وارث آھيون ۽ ساڍه ست هزار سال پراڻو وجود رکندڙ سنڌو ماٿري جا پوئلڳ آھيون، اگر اهو سچ آھي ته پوء پيري مريدي جهڙن ڦردو رسمن ۾ اڄڪلھ الجهيل ڇاڪاڻ آھيون ؟؟
تون ۽ ھتي؟؟ هڪ ٻئي ڳوٺائي مونکي بيٺل ڏسندي ئي تعجب منجهان وراڻيو هو
جي .هت نٿو اچي سگهان ڇا يا منهنجي هت اچڻ تي پابندي لڳل آھي؟ ڪاوڙ واري لهجي ۾ ان ڳوٺائي کي جواب ڏنو هيم جيڪو ٻنين طرف ويندڙ رستي تي حفيظ سان گڏ ايندي ويندي ڏسي دعا سلام ڪندو رهندو هيو ؟؟
منهنجي جواب واري لهجي منجهه ڪاوڙ وارا تاثر پسندي ئي ڪجهه چوڻ بغير تيز وکن سان ورانڊي اندر ٺھيل ڪمري ڏانهن اهو ڳوٺائي هليو ويو هو.
ماڻھن جي انبوھ ۾ عقيدت واري عجب رنگن جو سحر طاري ٿيل هيو، اڻپڙھيل ماڻھن سان گڏ شھري لکيا پڙھيا ڪٽنب به عقيدت جي ڄار ۾ جڪڙيل نظر آيا هيا جيڪي پري پري جو سفر طئي ڪري فيض وٺڻ جي تمنا من اندر کڻي مرشد پاڪ جي حاضري ڀرڻ لاء پهتا هيا، حويلي اندر متل وايو منڊل جو جائزو وٺندي جڏھن نگاهن کي ڏنل ڪنعاتن جي دروازي طرف ڦيرايم ته انهي جي پرين پاسي عورتن جون وڏو مجموعو نظر اچڻ لڳو هيو ايئن لڳو هو ڄڻ جنت جون اپسرائون ڌرتي منجهه هيٺ لهي آيون هجن، جن جي هٿڙن ۾ وڏا وڏا ٽچ اسڪرين سيٽ، ڪارن ذلفن جون کُليل چڳيون، سانوري چهرن مٿان ميڪ اپ جون ٿڀيل چلولايون، رئو مٿي تي هئڻ بجاءِ ڪلهي تي ويڙھڻ جو انوکو ڍنگ ……!!
سائين پاڻي پيئندو ؟ ماڻھن جي انبوھ کي پاڻي پياريندڙ هڪ خدمتگار گلاس مون طرف وڌائيندي وراڻيو هو
پنهنجون نظرون ڪعنات واري پاسي کان هٽائيندي پاڻي پياريندڙ شخص کي نهڪار ڪئي هيم . ۽ هڪ دفعو ٻيهر وائڙائپ واري نگاهن سان متل وايو منڊل طرف تڪڻ لڳو هيس اچانڪ زوردار هوا جو تيز جهوٽو لڳل ان طرف واري ڪنعاتن کي هيٺ ڪيرائي ڇڏيو هو، جنهن بعد ان پاسي پردي ۾ ويٺل اپسرائن جا چهرا بي نقاب بڻجي صاف صاف پسڻ ڪاڻ مليا هيا، سجايل پنڊال جي اوڀر پاسي اسٽيج سامهون سفيد پوشاڪ سان هڪ خوبصورت اپسراء جو جسم پيرن کان وٺي هٿن تائي مڪمل طور ڍڪيل نظر آيو هيو جنهن جون شيرين اکڙيون منهنجي وجود ۾ بي جان بت جتان ٽڪ ٿي اٽڪي بيهي رهيون هيون، شيرين اکڙين ۾ ڪاري ڪجلي جون رونقون ڪنهن ويران ڍنڍ ۾ پکيئڙن جي ولر جيان ڀاسجڻ لڳيون هيون، سندرتا ڀري جسم مٿان سفيد پوشاڪ ڪبعت الله ۾ آيل غلاف جيان لڳي هئي، هُن شيرين اکڙين کي پسڻ بعد الائجي ڇو ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اهي اکڙيون ڄاتل سڃاتل آهن ذھن تي زور ڏيندي ياد ڪرڻ لڳو هيس ته اهي اکڙيون ڪنهن جون ٿي سگهن ٿيون ۽ ڪير آھي ڪٿي ڏٺيو هيم؟
چريا لل هيڏانهن نه ڏس…! ڇو جو عورتن جي پنڊال ۾ جي جي ننڍي موجود آھي، مرشد پاڪ جي ننڍي نينگري جنهن کي ڏسڻ سان تنهنجا گناھ وڌي ويندا، مونکي ان طرف گهور گهور سان تڪيندي ڏسي حفيظ حويلي جي ورانڊي کان تڪڙو مون وٽ پهچي منع ڪندي وراڻيو هو.
عقيدت جي ڄار ۾ الجهيل حفيظ جي سوچ تي تعجب ٿيو هو، ۽ سوچڻ لڳو هيس هي ڪهڙو عقيدو ۽ انڌ آھي جو مرشد پاڪ جي پٽ کي ڏسڻ سان ثواب ۽ مرشد پاڪ جي ڌيءَ کي ڏسڻ سان گناھ ملن ٿا …!! خيالن جو تسلسل درهم برهم ڪندي حفيظ منهنجي ٻانهن جي ڪرائي کي مضبوطي سان پڪڙي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويهاريو هيو.ماسات چپڙي ڪري هت ويهي رھ مارائيندي ڇا. ماسات حفيظ تنبيهه ڪندي چيو هو. آئون ڪڇڻ بنا خاموشي سان پنڊال جي ان ڪنڊ ۾ ويهي رهيو هيس. اچانڪ ڪجهه منٽن جي گذرڻ بعد پنڊال ۾ ويٺل عقيدتمندن واري هجوم ۾ چرپر ٿيڻ شروع ٿي هئي. کن پل ۾ اهو هجوم باھ مچ جيان ڀڙڪو کائي اڀو ٿي پيو ۽ منهنجو مرشد سڀ تي رحمت.تنهنجو پير منهنجو پير جهڙا نعرا هڻڻ لڳو هو، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو اچانڪ ماڻھن جي انبوھ کي ٿي ڇا ويو آ؟ ڪجهه منٽن بعد ماٺار جي صورت ۾ جڏھن عقيدتمندن جي انبوھ کي پٽ تي وڇايل غالين مٿان ويهيندي سامهون ڏٺو هيم ته اکين تان ويساھ کڄي ويو هو ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي رهي هجي، ۽ حيرت جي ساگر منجهه غوطا کائيندي وراڻيو هيس اهو ۽ مرشد ننڍو؟
مرشد ننڍو ڍونگي مسڪراهٽ مک تي سجائيندي عقيدتمندن کي کيڪاريندو رهيو هو، ۽ عقيدتمند بنا ڪنهن عمر جي لحاظ جو خيال رکندي مرشد ننڍي جي پيرن تي هٿڙا رکندي ملڻ لڳا هيا، اڳتي هل سائين ننڍي سان مل ماسات ؟ حفيظ ٺونٺ ھڻندي وراڻيو هو.
مرشد ننڍي وٽ پهچندي ئي حفيظ جهڪيو ۽ پيرن تي هٿ رکندي مرشد سان مليو، مونتي نظر پوندي ئي مرشد ننڍڙي جي خوبصورت مُک تي تجسس جا تاثر پکرجي ويا هيا اکين اڳيان اسٽائلي چشمو لاهيندي منهنجو چهرو غور سان پسڻ لڳو هيو جهٽ ڏئي مون کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائين مرشد جي اهڙي ڪيفيت کي پسندي طنزيا لهجي ۾ وراڻيو هيس مرشد ننڍرڙا ڪيئن آھيو؟
ٺيڪ! پر ساگر تون هت ڪئين؟ بس پارت اٿئي شرمساري واري ڪيفيت برقرار رکندي مرشد ننڍرڙو التجاء ڀري انداز ۾ مونکان پڇيو ۽ مونکان لنوائيندي متل وايومنڊل طرف متوجهه بڻجي ٻي طرف ڏانهن هليو ويو هو.
مرشد ننڍي کي ڏسڻ بعد پنهنجي اٻوجهه ماروئڙن تي افسوس ٿيو هو ۽ ماضي جي تيز وهڪري ۾ غوطا کائيندي سوچڻ لڳو هيس بيشڪ مرشد ننڍرڙي يونيورسٽي ھاسٽل اندر ڪمپني دوران هام هڻندي سچ چيو هو ته سنڌي قوم اٻوجهه ۽ ڀوڪ بصر آھي ساگر جنهن کي لٽڻو ۽ ڦرڻو ڏاڍ زبردستي واري هٿيارن سان نه پر عقيدت جي آڙ منجهه تمام سولو ڪم آهي ان وقت مرشد ننڍرڙي جي ڳالھ کي سمجهي ڪين سگهيو هيس، مرشد ننڍرڙي جي چيل الفاظن کي بيوقوفي سمجهي ٺٺول ڪندي ان مٿان وڏا وڏا طنزيا ٽھڪ ڏنا هيم جيڪي يونيورسٽي هاسٽل جي ڀتن سان ٽڪرائجي پڙاڏن جي صورت ۾ ڪنن سان ٽڪريا هيا، پر اڄ جڏھن مرشد ننڍرڙي جو هي ناٽڪي روپ پسيو هيم ته من جي ڌرتي ڌڏي وئي هئي اهو سچ ڀاسجڻ لڳو هيو ته واقعي به سنڌي قوم کي ڏاڍ سان جهڪائي ڪين ٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم ڏاڍ جو جواب ڏاڍ سان ڏيڻ ڄاڻي ٿي ! هي ڌرتي ڌڻي ته پيار محبت ونڊڻ ڄاڻڻ ٿا ۽ قرب محبت منجهه پنهنجي گهر کي ساڙيندي به دير ناهن ڪندا.
واھ ماسات واھ سائين ننڍو توکي سڃاڻي ٿو ڇا جو ڀاڪر ڀري توسان مليو… سوچن جي ٻڌتر ۾ الجهيل پسي حفيظ گد گد ٿيندي وراڻيو هو
تو وارو مرشد ننڍڙو مونکي سڃاڻيندو آھي ۽ آئون به مرشد ننڍرڙي کي چڱي ريت سڃاڻيان ٿو… اداس لهجي ۾ ماسات حفيظ کي جواب ڏنو هيم .
سچ ۾ سائين ننڍي کي سڃاڻيو… حفيظ حيرت ڀري لهجي ۾ پڪ ڪرڻ خاطر ٻيهر وراڻيو هو.
جي ها ۽ لاشعوري منجهان ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو هيس.
سائين ننڍي کي ڪڏهن کان پيو سڃاڻين؟ ٻڌايو ته ڪونه هئي اهو تون ڪڏهن مونکي ماسات ؟۽ ٽھڪ پيو ڏئين خير ته آھي نه ان خوشي جو سبب ڄاڻي سگهان ٿو؟؟ حفيظ حيرت ۽ اداسي جي گاڏڙ صورت چهري تي برقرار رکندي وراڻيو هو.
من گهڻو ئي چاهيو ته حقيقت خليل جبران جي ناول ڀڳل کنڀڙاٽيون وانگر کولي رکانس جن ۾ ننڍرڙي مرشد جا يونيورسٽي اندر ڪيل ڪرتوتن جو هر هڪ گهٽيا ڪردار سونهري اکرين سان چٽيل هيو، پر حفيظ کي عقيدت جي زنجير ۾ مضبوطي سان جڪڙيل پسي ڪين ڪڇيو هيس
ماسات تون سائين ننڍرڙي کي ڪيئن سڃاڻين؟؟ حفيظ هڪ دفعو ٻيهر التجاءَ ڀري لهجي ۾ وراڻيو هو
بس ماسات ڀوڳ ڪيم توسان... حقيقت کي ڪوڙ جو جامو اوڍائيندي وراڻيو هيس ۽ ذھن ۾ سوچيو ٿي چئي ڏيانس ته ماسات اوهانجو مرشد وڏو ناٽڪي ٺڳ ۽ ڪوڙو آھي ۽ اوهان اٻوجهه اياڻان آھيو ڇوجو مرشد جي اولاد ولايت منجهان ديني تعليم نه بلڪي سنڌ يونيورسٽي جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ هاسٽل ۾ شراب شباب ڪباب جا ڪافي گر هم خيال عياش ڪلاس ميٽ دوستن سان گڏ ڪمپني ڪرڻ دوران سکندي آھي، مرشد ننڍڙي جي بيهودگي وارا ڪرتوت يونيورسٽي جي ڪنهن به شاگرد کان ڳجها ڪين آھن پر خاموش رهيو هيس.
يار مون سچ سمجهيو هو ڏاڍو خوش به ٿيو هيس ته اوهان سائين ننڍي کي سڃاڻو پيا… حفيظ مايوسي منجهان وراڻيو هو.
ماسات مرشد وڏو اصل ڪاٿان جو آھي توکي ته سڀ خبر هوندي؟؟ حفيظ کي مايوس ٿيندي ڏسي مرشد بابت ڄاڻ وٺڻ ڪاڻ سوال ڪندي پڇيوهمانس .
ماسات پاڻ کي ايتري خبر نه آ، پر مرشد وارن جا ابي ڏاڏي کان وٺي دعا سڳي وٺڻ وارا اسين مريد آھيون…حفيظ جواب ڏنو هو
ماسات مطلب ته اوهين ابي ڏاڏي واري غلطي کي نئين سر دهرايو ٿا ۽ … جملي کي اڌ ۾ ڪٽي وراڻيو هيم
۽…! منهنجو اڌ ۾ ڇڏيل جملو حفيظ دهرائيندي ۽ تي زور ڏيندي چيو هو
ڪجهه به نه ماسات…! حفيظ جي مک تي ڇانيل غصي جا تاثر پسي ڌيرج لهجي ۾ وراڻيو هيس
ماضي حقيقت جو روپ ڌاري ذھن اڳيان گردش ڪرڻ لڳي هئي جتي سائين ننڍي جون ڪيل سڀ ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون هيون، هاسٽل اندر ڪمپني دوران وسڪي کي گلاسن ۾ لاهي پيگ ٺاهيندي بي خودي ۾ مرشد ننڍڙي سنڌي اٻوجهه قوم جي همدردي ۽ مهمان نوازي تي ٺٺول ڪندي چوڻ لڳو هيو ساگر هي جيڪا سنڌي قوم اٿئي نه سا جلد بيوقوف بڻجي پوندي آ رڳو ٿورو مٺڙي همدردي واري لهجي ۾ انهن کي پنهنجو داستان ٻڌاء ته پوء ڏس ھو ڪئين نه تو مٿان سڀ ڪجهه فدا ڪري ٿي وٺي ويچاري ڀوڪ قوم. هن قوم جا اسان جي وڏڙن ۽ اسان تي هزارين احسان آھن اسان جا وڏڙا ورهاڱي وقت جڏهن جلاوطن بڻجي بي گهر بڻيا هيا ته ان ويل بيوقوف سنڌي قوم ئي هئي جنهن اسان جي وڏڙن کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون هيون…! اهو وري ڪئين ٿوري وضاحت پليز مرشد ننڍي جي ڳالهه ٻڌندي ئي مدهوشي واري ڪيفيت ۾ جڪڙيل سندس جي روم ميٽ امجد شراب جو ڊگهو پيڪ هڻندي پڇيو هيس
مرشد ننڍي وسڪي جي ڍڪ کي اندر ۾ اوتيندي نيم مدهوشي واري حالت ۾ ماضي واري داستانن کي کولڻ شروع ڪيو هيو ۽ امجد جي چهري طرف نظرون وجهي وراڻيو هيو. يار اسان کي پنهنجا وڏڙا ٻڌائيندا هيا ته جڏھن اسين ورهاڱي وقت جلاوطن ٿي پاڪستان طرف آيا هياسين ته اسان کي ڪٿي به ٽڪڻ نه ڏنو ويو هيو .پر هزارين ڪلو ميٽرن جو سفر طئي ڪري اسين هڪ هنڌ پهتا هياسين ته اتي اسان جو سٺو استقبال ڪيو ويو هو معلوم ڪرڻ تي خبر پئي هئي ته اسان سنڌو ننگر ۾ پهتا آھيون. هن سنڌو ننگري جا رهاڪو ڏاڍا سٻاجهڙا سادڙا ۽ وڏا ڪي مهمان نواز هيا. اسان کي پاڻ وٽ ٽڪائي اسان کي ماني پاڻي لٽو ڪپڙو وس آھر سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هيانئوَ، اهو به نه پڇيائون ته اسين اتي ڇا ڪندا هياسين يا اسين ڪير آھيون نه ذات پات نه ڪٽنب قبيلو نه ڌنڌو ڪرت؟. بي انتها محبتون چاهتون هنن وٽان مليون هيون. وڏي بي وقوفي واري ڳالهه ته اهي نادان اسان جي ڪوڙ کي سچ سمجهي اسان تي اعتبار ڪري ويٺا هيا جڏهن اسان ڪوڙ ڳالهائي پاڻ کي شاهه سڏايو هيو. پيري مريدي جا وڏا ڪٺل هيا تڏهن ته پيرن تي ڪري گهر اندر وٺي رهائڻ لڳا هيا بس پوء ته اڄ ڏينهن تائين اسان جا ڀاڳ نرالا بڻيل آھن هاڻي ته اسان وڏي گادي جا وارث بڻيل آھيون. سڀ ڪجهه آھي پاڻ وٽ عزت شهرت دولت خدمتگار اصل ٺٺ لڳا پيا آھن يار انهن بي وقوفن جي اياڻپ جي ڪري اسين اڄ به اعلي منزل جا پانڌيئڙا بڻيل آھيون. سچ ۾ اسان سادات آھيون به نه، بي وقوفن جي اياڻپ اسان جي وڏي ڪم آئي هئي جنهن اسانجي جياپن جي ڌنڌلن عڪسن کي روشن ڪري مرشد واري وڏي لقب سان نوازي ڇڏيو هو…! وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي مرشد ننڍڙي وسڪي جو ٺاهيل پيگ پورو ڪري هيٺ ليٽي پيو هيو ۽ چند منٽن بعد وڏا وڏا کونگهرا ريل جي ڪاري انجڻ جي وسل جيان ھڻندي ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو هو .ننڍي مرشد جي زبان منجهان نڪتل اهڙا جملا ٻڌندي ئي هن جي روم ميٽ امجد مٿان قوم پرستي وارو جنون سوار ٿي ويو هيو ڪاوڙ منجهان آپي منجهان نڪرندي وسڪي جي ٺھيل پيگ واري شيشي جي ڀريل گلاس کي زور سان ڪمري جي ديوار ڏانهن اڇلي ھنيو هيائين شيشي وارو گلاس ديوار سان ٽڪرائجڻ بعد ريزه ريزه بڻجي ننڍڙن ٽڪرن ۾ وکرجي ويو هو . نيم مدهوشي واري حالت ۾ ڪروڍ تي ضابطو نه آڻيندي ننڊ جي آغوش ۾ وڃائجي ويل مرشد ننڍي جي منهن ۾ ڀونڊو گهروڙي ڏئي چوڻ لڳو هو نمڪ خور احسان فراموش اڙي حيف اٿئي. تون سنڌي قوم جي باري ۾ ھي ڇا ٿو بڪين…؟؟ جنهن قوم اوهان کي عزت پنهجائپ پيار ڏنو جنهن قوم اوهان کي پناه ڏني جنهن قوم جي ٽڪرن تي اوهان پليا آھيو اڄ هن ئي قوم کي تون بيوقوف پيو ڪوٺين اڙي حيف اٿئي ڪتو به ٽڪر کائيندو آھي ته اهو ملهائيندو آھي ڇو ته ڪتو به ڪڏھن ٽڪر وجهندڙ مالڪ تي ناهي ڀونڪندو تون ته تون ته امجد ڪاوڙ ڪروڍ منجهان جملو مڪمل ڪري نه سگهيو هيو ۽ وسڪي جي خمارن ۾ گهيرجي ننڊ جي لپيٽ ۾ اچي ساڻو بڻجي ليٽي پيو هيو .ان کانپوء امجد مرشد ننڍي کي پنهنجي ڪمري ۾ پاڻ سان گڏ نه رهايو هيو ۽ هن سان دوستي وارا سڀ لاڳاپا ختم ڪري هن سان نفرت ڪرڻ لڳو هيو .
ڇا ٿيو ماسات ڪهڙن سوچن ۾ گم ٿي ويو آھين ماسات حفيظ مونکي خاموش پسي چند منٽن کانپوءِ ڳالهايو هيو ماسات حفيظ جي آواز ماضي جي تصور منجهان نجات ڏياري خيالن جي دنيا مان حقيقت واري جهان ۾ رسايو هيو. ماسات ڪجهه به نٿو سوچان بس عجب رنگ ڏسان پيو حفيظ کي مطمئن ڪرڻ خاطر جواب ڏيندي چيو هيم! ۽ مرشد پاڪ جي حويلي اندر متل عقيدت واري طلسمي سحر کي غور سان ڏسڻ لڳو هيس.
پنڊال اندران هڪ حسين عورت پنهنجي کُليل ذلفن کي آڱرين جي ڦڻي سان سنواريندي پنڊال کان ٻاهر نڪتي هئي ۽ حويلي جي دروازي طرف ڪنهن کي منتظري نگاهن سان جاچڻ لڳي هئي، لال سرخي جي ڳاڙھاڻ ڀري چپڙن کي زبان جي پاڻياٺ سان آلو رکڻ جو ڍنگ، ڪجلي جي ڪاراڻ سان خوبصورت اکڙين جو شرميلو انداز، رئي کي سٽيل ارھ تي رکڻ وارو طريقو، ٽچ اسڪرين موبائيل پرس منجهان ڪڍي ڪن تي رکي تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ واري ان عورت جي نئين روپ کي پسندي حفيظ وراڻيو هو.
ماسات اها ڏس بي شرم مائي شھري اٿئي .
پر توکي ڪيئن خبر پئي ماسات ته اها شهري مائي آھي؟ حفيظ کي ان عورت مٿان جڪ کائيندي ڏسي وراڻيو هيس.
يار هن جو بنا پردي بي حيائي واري چال چلت مردن جيان گهمڻ ڦرڻ وارو ڍنگ ٻڌائي پيو، اھڙيون کوڙ ڇوڪريون پنهنجي يارڙن سان ملڻ لاء مرشد پاڪ جي حويلي طرف بهانو ڪري اينديون آھن، مونکي خبر آھي ۽ اهي ڌنڌا شهري ماين جا هوندا اٿئي حفيظ ان عورت تي ڇوھ ڇنڊيندي وضاحت سان ٻڌايو هيو.
سچ ماسات……!! ان عورت بابت حفيظ جي سوچ ۽ ڏاهپ کي داد ڏيندي وراڻيو هيس.
ها ماسات مرشد پاڪ جو قسم سچ پيو چوان حفيظ جهٽ ۾ مرشد جو قسم کڻي پڪ ڏياريندي وراڻيو هو.
ڪڇي ڪين سگهيو هيس بس خاموش بڻجي سوچڻ لڳو هيم هن متل وايو منڊل تي جيڪو هڪ اسٽيج ڊرامي جيان محسوس ٿيڻ لڳو هيو ۽ مرشد وڏو هڪ شاتر دماغ مڪار چالاڪ ذهن رکندڙ شخص جي ڪردار ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ وارو ماهر فنڪار لڳو هيو ۽ عقيدت جي آڙ ۾ هي (ڀٽڪيل ماڻهو) مظلوميت جي گهاڻي ۾ پيڙھندڙ ڀوڪ ۽ اٻوجهه نسورا نادان ڪردارن جيان ڀاسجڻ لڳا هيا. جيڪي انڌن عقيدن ڪوڙين ريتن رسمن جي زنجير ۾ ڪنهن ڏوهاري جي بيل ڪڙين جيان جڪڙيل هيا .ائين لڳي رهيو هيو ته اهي اٻوجهه ڳوٺاڻي ماحول سان وابستگي رکندڙ اياڻا ماڻھو علم جي زيور کان محروم هئڻ سبب جهالت جي سحرا ۾ ڀٽڪي رهيا آھن جتي ڍونگي مرشدن ميرن ڀوتارن جو وجود ڪنهن ٿوهر جي ٻوٽي کان ڪمتر ڪين هيو ۽ اٻوجهه سادڙا ڳوٺاڻا جهالت جي سحرا ۾ ڊوڙي ڊوڙي ننڍهال بڻجي ان ٿوهر کي سهارو سمجهي ان آس تي ٿڪ ڀڃڻ پيا ته هاڻي اسان جي هي مسافت جلد ختم ٿي ويندي ۽ اسين منزل تي ضرور پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر افسوس جو هو منزل تي رسڻ بنا ڪڍن ريتن رسمن جي واچوڙن ۾ وڃائجي عقيدت جي آڙ ۾ پنهجو وجود وڃائي رهيا هيا.
ڇا ٿيو…! مسلسل خاموش پسندي حفيظ تجسس منجهان چهري طرف نهاريندي چيو هو.
ڪجهه به نه ماسات؟ ماسات حفيظ کان اندر ۾ برپا ٿيل ڪروڌ کي لڪائيندي وراڻيو هيس ۽ عقيدت سان سرشار ماحول کي پسڻ لڳو هيم، ڪجهه منٽن بعد پبڊال اندران ايڪو سائونڊ جي وڏن اسپيڪرن منجهان نعت شريف گن گنائيندڙ زنانو آواز ٻڌڻ وٽان مليو هيو جن کي ٻڌڻ بعد ڪنن تي اعتبار نه نٿي آيو هو پاڻ کي مطمئن ڪرڻ خاطر نعت پڙھندڙ جڏھن ان عورت جو چور نگاهن سان تعاقب ڪيو هيم ته وايون بتال ٿيڻ لڳيون هيون اها نعت پڙھندڙ زنانو آواز ٻئي ڪنهن جو نه سعيده جو ئي هيو جيڪا مرشد ننڍي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل جي ڊگري ڪري رهي هئي ۽ مرشد ننڍي جي ننڍي ڀيڻ هئي هوند ڪيڏو نه فرق محسوس ڪيو هيم يونيورسٽي واري سعيده ۽ مرشد پاڪ جي حويلي ۾ پرديدار هن سعيده منجهه؟ ڪنهن ڏاهي جي اها چوڻي سچ ڀاسجڻ لڳي هئي هر شخص جي چهري پٺيان نئون چهرو لڪيل آ ڇاڪاڻ ته هي ساڳئي سعيده، يونيورسٽي جي آزاد فضا ۾ شرٽ ۽ ٽائوزر پهري سيني کي وارن جي ڇانوءُ ۾ ڍڪي ڪنهن فيشن ايبل ماڊل جيان ماڊلنگ واري اندز ۾ واڪ ڪندي نظر ايندي هئي ۽ ڪلاس فيلو شاگرد سان اوئي. هاء هيلو وارا لفظ زبان تي سجائي ڪريل حرڪتن جيان مذاقون ڪري وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندي رهندي هئي، بلڪل ان طوائف جيان جيڪا گيراهڪن کي پنهنجي رنگ ۾ الجهائڻ لاءَ اکيون ملائي مسڪراهٽ ۽ چال چلت جو ڪوڙو ڍونگ رچائي پنهنجي سحر ۾ قابو ڪري وٺندي آ. پر هن جديد ماڊرن دور واري سعيده کي جڏھن حويلي جي چوديواري اندر قديمي دور واري مذهبي روپ ۾ پسيو هيم ته وڏو جهٽڪو لڳو هيو.
ماسات ان طرف نه وڃجان ايڏانهن مردن کي وڃڻ منع ٿيل آهي ڇوته اتي رڳو زنانيون آھن ماسات حفيظ پنڊال ۾ عورتن واري پاسي وڌندڙ منهنجا قدم ڏسي روڪيندي وراڻيو هو.
امالڪ ٽرين کي لڳندڙ ايمرجنسي بريڪ جيان پنهنجا وڌندڙ قدم ان طرف وڃڻ کان روڪي ورتا هيم ۽ عقيدت جي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه ماروئڙن جي ناداني تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو هيس.
ماسات ڇا ٿيو خير ته آھي نه. ٽھڪ ڇو پيو ڏئين حفيظ گهٻرائيندي وراڻيو هو.
بس ايئن ئي ماسات! تو جو ان طرف کان روڪيو ان ڪري ٽھڪ نڪري ويا حفيظ کي دلجاء ڏيندي وراڻيو هيم.
اڙي انڪري روڪيم جو سامهون پنڊال واري دروازي وٽ بي حياءَ ڇوريون بيٺل آھن... بي پرده عورتن طرف اشارو ڪندي وراڻيو هو.
حفيظ جي هڙي تخيل واري جامي کي جهالپ جي ڍاڳن سان اڊڙھيل پسي افسوس ٿيو هو ۽ وراڻيو هيس ماسات آزادي کي بي حيائي جو روپ نٿو ڏئي سگهجي، ڇوجو آزادي هر فرد جو پئدائشي حق آھي.
مطلب ته ڀلي اسان جون رنون بي پرده بڻجي غير مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ گهمن ڦرن اهو آزادي وارو حق آھي ۽ ان کي بي حيائي وارو نالو نٿو ڏئي سگهجي...؟ حفيظ غصي ۾ وراڻيو هو.
جي ماسات اهو سڀ ڪجهه پنهنجو پاڻ تي آھي اگر پنهنجي سوچ سٺي آھي ته هر فرد سٺو لڳندو آھي جي پنهنجي سوچ خراب آھي ته هر فرد اسان کي خراب پسڻ ۾ ايندو آھي اهو سڀ ڪجهه سوچ جي وسيع ۽ محدود هجڻ جو ردي عمل هوندو آھي باقي حيا شرم ته عورت جو زيور آھي عورت تي فرض آھي ته هو پنهنجي لڄ لوئي جي حفاظت ڪري چادر ۽ چوديواري جي تقدس جو ڀرم قائم رکي سگهي هي ادب، حياءَ، عزت نفس مجروح ٿيڻ ڪنهن به پردي ۽ نقاب جي محتاج نه هوندي آ، ماسات حفيظ کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چيو هيم.
يار تون به عجيب قسم جو ماڻھو آھين هوبهو بي پيري صدو جهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين ماسات حفيظ خفا ٿيندي وراڻيو هو.
ماسات حفيظ جي جملي ۾ بي پيري صدو نالي وارو ذڪر ٻڌندي ئي صدام جي شخصيت ۽ ڪردار جي پروڙ پوڻ لڳي هئي ان ويل صدام هڪ شعور رکندڙ باغي ڪردار ڀاسجڻ لڳو هيو. ، ڇاڪاڻ ته ڪو به انقلابي ذھن جهالت پڻي واري دور جي ڦردو ۽ ناڪاره ريتن سان متفق ٿي هن سماج ۾ زندهه رهي نٿو سگهي ۽ پهريون ڀيرو اڻ ڏٺل شخص صدام جي ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي هئي ڪاش جيڪر زندھ هجي ها ته ان سان ضرور ملان ها.
مرشد پاڪ وڏو ڪامل ۽ پهتل زنده ولي اٿئي ماسات هو اسان سڀني ڳوٺ وارن کي هميشا بي پرده لکيل پڙھيل مردن جيان ويس پائيندڙ رنن جي اڦالن کان واقف ڪري انهن سان اليڪ سليڪ رکڻ کان روڪيندو آ، ۽ تلقين سان گڏ انهن جا لڇڻ به ڏيکاريندو آھي ته ڏسو ٿا نه شھري رنن جا افعال رئو مٿي اوڍڻ بجاءِ ڳچي ۾ سرڪڻ ڦاهي جيان لٽڪيل اٿن! ڪپڙا به ايترا سوڙھا سبرائي پائينديون آھن جو لباس هوندي به ننگيون نظر اچڻ لڳنديون آھن ڳالهائڻ جي ته ڪا خبر ئي نه اٿن ايري غيري سان به ڏند ٽيڙي پيون ڳالهائينديون آھن، نه وڏ نه ننڍائي اٿن. بابلا توهان کي خبر ناهي چار اکر پڙھڻ سان ئي انهن ۾ بگاڙ اچي وڃي ٿو ان لاء ضائفان ذات کي پڙھائڻ جو مقصد هٿ وٺي انهن کي خراب ڪرڻ آھي. تنهن ڪري ماسات اسين ڳوٺائي ضائفان ذات کي پڙھايون ئي ڪون! حفيظ ڳالهه کي ڊيگهه ڏيندي مرشد جو داستان بيان ڪيو هو.
مرشد پاڪ جي غليظ سوچ جي نشاندهي حفيظ واتان ٻڌي ڳوٺائي عورتن کي علم جهڙي زيور کان محروم بنائڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي چڪو هيو ته ڳوٺائي عورتن جي تعليم پرائڻ واري راھ ۾ اهم رڪاوٽ جو سبب اهي پير مير ۽ ڀوتار بڻيل آھن جيڪي اٻوجهه ۽ اياڻن ڳوٺاڻن ۾ غيرت ۽ مردانگي وارو ڀوت سوار بڻائي هنن جي نياڻين کي علم جي حاصلات کان روڪي رهيا آھن علم حاصل ڪرڻ هر فرد تي لازم آھي ڏاهن جي چوڻي مطابق اگر هڪ عورت علم جي ڪرڻن سان منور بڻجي پوي ته سمجهيو هن جو پورو ڪٽنب شعور جي لاٽ سان روشن بڻجي پوندو آھي علم ته انسان جي ٽئين اک مثل آھي سڌريل ملڪن ۾ ترقي ۽ سڌاري جو اهم ڪارڻ عورت جي آزادي ۽ ان جو تعليم يافته هئڻ ئي آھي علم ته انسان جي اندر ۾ بگاڙ پيدا ناهي ڪندو بلڪي هن جي بگڙيل اندر کي اصلاح ڪري سنواريندو آھي دل چاهيو هيو ته ماسات حفيظ کي سٺي ڇنڊ پٽي هن جي مرشد پاڪ کي هن اڳيان ننگو ڪري ڇڏيان پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت مناسب نه سمجهيو هيم .
ماسات ته پوء مرشد پاڪ جي ڌي ڇو ٿي پڙھي سعيده طرف اشارو ڪندي حفيظ کان پڇا ڪئي هيم.
اڙي ماسات جيجي ننڍي ته ولايت ۾ ديني علم پرائڻ وئي هئي هنن ڇورين جيان مردن واري يونيوسٽي (يونيورسٽي) ۾ ڪو نه پڙھي آئي آھي اسانجو مرشد پاڪ پاڻ ته اسان کي چوندو آھي اها تعليم ئي ته ضائفائن کي بگاڙي ٿي! چرياڻ ته پوء جيجي ننڍي کي سائين وڏو ڪيئن پڙھائيندو؟ وڏيري واري ڌي ڏس چار اکر ته ڇا پڙھي آھي پر ڪيتري نه بگڙي وئي آ ڪئين تو اڳيان بي حجاب بڻجي پئي ڪچهريون ڪندي آ... تون ئي انصاف ڪري ٻڌاء اسان جو مرشد پاڪ سچو آھي يا نه حفيظ عقيدت جي انڌ منجهه صاديا جو مثال ڏيندي مرشد پاڪ جي وڪالت ڪندي وراڻيو هو.
ڇو ماسات صاديا ڇا ۾ بگڙيل آھي؟ جذبات واري ڪيفيت کي لڪائيندي حفيظ کان پڇا ڪئي هيم...
نه مٿي تي ڍنگ سان رئو رکندي آ، نه ڪنهن مرد اڳيان لڄ ڪندي آ، جيڪو چوڻو هوندو اٿس بي حجاب ٿي سريعام چئي ڏيندي آ...
ٻه اکر ته پڙھيا اٿس پر ادب ۽ اخلاق جا ليڪا اوڙانگهي وئي آ تون پاڻ ئي ڏسندو آھينس ته ڪيئن هر وقت مردن جيان آوارگي سان ٻنيون گهمندي رهندي آ !ماسات حفيظ صاديا جي زندگي تي تفصيل سان روشني وجهندي وراڻيو هو.
حفيظ جي گفتگو منجهان جهالت جا ڌنڌلا عڪس پيري مريدي جي زنجيرن ۾ غلام بڻيل ڪنهن قوم جيان چٽا پسڻ وٽان مليا هيا ۽ ڳوٺاڻن اٻوجهه ماروئڙن جو سندر جياپو غلامي جي ڌٻڻ ۾ الجهيل نظر آيو هيو جنهن مان هنن کي نجات تعليم پرائڻ جي بعد ئي ملي سگهي پئي.
آزادي ۽ خودمختياري سان جيون گذارڻ جو هر انسان حق رکي ٿو ان کي بگاڙ نٿو چئي سگهجي حفيظ سان مخاطب ٿيندي وراڻيو هيس.
اڙي حفيظ تون هت بيٺو آھين توکي ڪيترو نه ڳوليو آھي تڪڙو هل مرشد پاڪ توکي ياد پيو ڪري هڪ ڳوٺائي خدمتگار حفيظ کي مونسان گڏ بيٺل ڏسي اچي چيو هيو ۽ حفيظ مونکي ڪجهه چوڻ بغير ئي ان ڳوٺائي جي ڪڍ مرشد پاڪ ڏانهن هليو ويو هو. حفيظ جي مرشد پاڪ ڏانهن وڃڻ بعد من اندر ڪروڍ واري آوي ٽچڪڻ لڳي هئي ڪاوڙ نفرت منجهان گهڻو وقت ان حويلي ۾ رچيل مرشد پاڪ واري ناٽڪ کي ڏسڻ جي وڌيڪ سگهه نه ڌاري سگهيو هيس ۽ ماسات حفيظ کان موڪلائڻ بنا اتان پنهنجي قدمن جو رخ ماسات وارن جي ڳوٺ طرف رکي گهر ڏانهن تيز تيز وکون کڻڻ لڳو هيس
پُٽ حفيظ نه آيو ڇا؟ ماسي مونکي گهر جي آڳنڌ تي هيڪل ڏسي وراڻي هئي
نه ماسي ماسات حفيظ شايد مرشد پاڪ جي ڪمن ڪارن ۾ رڌل هيو ماسي کي جواب ڏيندي آڳنڍ تي پيل کٽولي مٿان وڃي ويهي رهيو هيس
صائما پاڻي جو ڀريل لوٽو ۽ ماني اڳيان رکندي وراڻي هئي ماسات ٻوڙ ۾ مرچ اڄ تڪڙ ۾ شايد ڪجهه سوايا پئجي ويا آھن ٽوڪ نه ڪجاءَ !
آئون موقعي جو فائدو وٺندي ڀوڳيا انداز ۾ جهٽ ڏئي وراڻيو هيس ها مونکي خبر آھي ڳوٺ جون مايون چريون ۽ بي لڇڻيون هونديون آھن ڪڏھن لوڻ گهڻو ته وري ڪڏهن مرچ سوايا
واھ پٽ واھ شھر وارن ماين جي لڇڻن جي اسان کي به سڀ خبر آھي اهي ڪيتريون سلڇلڻيون آھن آئون سڀ ڄاڻان ٿي چڙ ۽ خار منجهان ماسي وچ ۾ ڳالهايو هيو
ماسي اوهان کي مڃڻو پوندو! شھري عورتون هر ڪم ڪار ۾ ٻھراڙي جي عورتن کان وڌيڪ سلجهل آھن ماسي کي خار ۾ ڏسي ڪري وڌيڪ چيڙائيندي وراڻيو هيس
ٺھيو پٽ هاڻي ٺھيو اجايو منهنجو وات نه کول ماسي چڙ واري ڪيفيت ۾ چوڻ لڳي هئي ۽ وڌيڪ وراڻيندي چيو هائين ته ڇا شھري عورتون ٻھراڙي جي عورتن جيان مال جا ڇيڻا تغاڙي ۾ کڻي سگهنديون؟ ڇا شھري عورتون ٻھراڙي جي عورتن جيان مال متاع لاء ٻنين مان پنهنجي پٺارين پويان ڪپڙي جو ڪانبو ٻڌي گاھ ڪرڻ ڄاڻنديون آھن؟ ڇا شھري عورتون اسان ٻهراڙي جي عورتن جيان نٽھڻ اُس ۾ مال چاري سگهن ٿيون؟ماسي غصي منجهان ڳوٺائي عورتن جي ترجماني ڪندي سوال ڪرڻ لڳي هئي
ماسي اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آ هر انسان پنهنجي فن ۾ مهارت رکي ٿو. اهو سڀ ته ماحول مطابق هوندو آھي ٻڌو ڪو نه اٿئي ته جهڙو ديس تهڙو ويس ڀلا مونکي ٻڌا ماسي ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان ڪمپوٽر هلائي سگهنديون؟ ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان جهاز کي آسمان تي اڏائي سگهن ٿيون؟ ڇا ٻھراڙي جون عورتون شھري عورتن جيان ميڙاڪن ۽ وڏن وڏن اجلاسن ۾ بنا هٻڪ جي ڳالهائي سگهن ٿيون؟ بس ماسي اهو سڀ ماحول جو اثر اٿئي ٻهراڙي جي عورتن وٽ شعور ۽ ڏاھپ ته آھي پر وسائل جي اڻھوند سبب انهن وٽ ان شعور ۽ ڏاهپ کي استعمال ڪرڻ وارو ڏان ڪونهي اهو تڏهن ايندو جڏھن اهي تعليم حاصل ڪنديون ۽ شهري عورتن وٽ علم جهڙي دولت آھي جنهن کي هو هڪ مضبوط هٿيار جيان ڪتب آڻي پنهنجي حقن جي حاصلات ڪرڻ ڄاڻن پيون.
پٽ تنهنجون اهي ڳالهيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آھن الائي ڪهڙا پيو سبق پڙهائين اسين ئي بي لڇڻيون ڀليون…! ماسي منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي خفا ٿيندي وراڻي هئي
شابس اٿئي ماسات بنا ٻڌائڻ جي هليو آئين
مرشد پاڪ جو شفا ڀريو لنگر منجهان ڪجهه گرھ کڻين پوء ڀلي هليو اچين ها ماسات حفيظ پنهنجي گهر واري کڙھ پار ڪري مونکي کٽولي تي ماسي وارن سان گڏ ويٺل ڏسي چوڻ لڳو ۽ ڪلهي تان رومال لاهي سامهون واري پيل کٽ تي وڃي ويهي رهيو ھيو
اهو ته نصيبن وارن جي نصيب ۾ کائڻ لکيل هوندو آھي شايد آئون بدنصيب هيم انڪري مرشد جو شفا ڀريو لنگر منهنجي نصيبن نه هيو تڏهن ته مونکي نصيب ٿي نه سگهيو ماسات حفيظ جي جهالت تي ٺٺول ڪندي طنز ڀريل جملن سان مسڪرائيندي وراڻيو هيس
۽ سوچڻ لڳو هيس آخر ڇا ٿيندو هن اياڻن اٻوجهه حفيظ جهڙن ماروئڙن جو جيڪي عقيدت واري اونڌھ ۾ ڀٽڪي پنهنجي جيون جا اڳتي وڌڻ وارا سڀ روشن گس وڃائي هٿ ٺوڪين ريتن رسمن ۾ پاڻ رولي رهيا آھن ۽ انهن جي اياڻپ جو فائدو وٺندي شاتر ذهن مير پير ڀوتار هنن جي خواهشن ۽ جذبن جو سرعام خون ڪندي نظر آيا هيا آخر ڪڏهن هنن اٻوجهه سادڙن ماروئڙن ۾ شعور جي هڪ محفوظ شمع روشن ٿيندي جيڪا ميرن پيرن ڀوتارن جي ڍونگي ريتن رسمن عقيدن وارن گهلندڙ واچوڙن سان مهاڏو اٽڪائي روشن بڻيل رهندي! جيسين تائين تعليم جو اڀرندڙ روشن سج ڳوٺاڻن جي جهالت ڀري اونداهي زندگي منجهه نه اڀرندو شايد تيستائين جهالت واري ڪاري رات ڳوٺاڻن جي زندگي منجهان ڪڏھن به ختم نه ٿي سگهندي تعليم ئي واحد ذريعو آھي جيڪو هنن اٻوجهه اياڻن ماڻهن جي ايندڙ نسلن کي انهي غلامي واري اونڌھ منجهان نجات ڏياري هنن جي مستقبل کي روشن بڻائي سگهي ٿو.

(9)

اچانڪ فون جي رنگ وڄڻ لڳي هئي جنهن منهنجي سوچن کي منتشر ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو هيو موبائيل فون کي کيسي مان ٻاهر ڪڍي اسڪرين طرف نهاريو هيم ته سنڌو جو نمبر نظر آيو هو ڪال اٽينڊ ڪري موبائيل کي ڪن تي رکي هيلو ڪيو هيم.
اسلام عليڪم ساگر پريان سنڌو جو آواز ڪنن سان ٽڪرايو هو.
وعليڪم والسلام جو جواب ڏنو هيم.
ساگر آئون اوهانکي ڪا حقيقت ٻڌائڻ ٿي چاهيان پهريان واعدو ڪيو ته ڪال نه ڪٽيندو جيستائين منهنجي ڳالهه مڪمل نٿي ٿئي... سنڌو منٿ ڪندي پريان جهيڻي آواز ۾ چيو هو...!
ڇا مطلب .پنهنجي مقصد واري ڳالهه ڪيو بي رخي منجهان وراڻيو هيس
مطلب ته وچ ۾ ڪال نه ڪٽيندا ؟؟ پڪ ڪندي سنڌو ڳالهايو هيو
آخر چوڻ ڇا ٿا چاهيو صاف صاف ٻڌايو ؟ تلخ لهجو زبان تي برقرار رکندي وراڻيو هيس.
ساگر غور سان ٻڌجان پليز…! شازيا کان اڻڄاڻائي ۾ هڪ وڏي غلطي ٿي چڪي آ. ان تي هن کي وڏو پڇتاء آھي هو ان غلطي کي سڌارڻ گهري پئي هو اوهان جي گنهگار آھي اوهان سان ملڻ چاهي پئي هن کي احساس ٿي چڪو آھي ته ويساهه گهاتي سبب جڏھن دليون ٽٽنديون آھن ته ان جو درد ڪيترو نه اذيتناڪ هوندو آھي نادان پاڻ ان اذيت ۽ پيڙاءُ جي مسافت منجهه پيار جي رڃ ۾ ڀٽڪيل ماڻھو جيان ڀٽڪي آھي …! ساگر شازو هاڻ توسان سچو پيار ڪرڻ لڳي آ…پليز هن کي پنهنجي غلطي سڌارڻ جو هڪ موقعو ڏيو هو اوهان کان معافي وٺڻ چاهي ٿي پليز هن کي معافي وٺڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪيو پليز پليز ساگر پليز !! سنڌو منٿ واري ڪيفيت ۾ شازو کي معاف ڪرڻ ۽ هڪ ڀيرو هن سان ملڻ لاء التجا ڪندي چيو هيو.
شازو جي پڇتاء ۽ ان جي معافي گهرڻ سان منهنجي جيون جا ڌنڌلا بڻجي ويل عڪس هاڻ چٽا بڻجي سگهن ٿا ڇا هو ازالو ڪري سگهندي منهنجي تڙپ جو جيڪا هرپل هر گهڙي منهنجي جيون جي پساهن کي اوڏوهي جيان کائي منهنجي وجود کي مٽائڻ جا جتن ڪري رهي آ ڇا هو مونکي وڃايل اهي جيون جا قيمتي پل موٽائي ڏئي سگهي ٿي جيڪي هن پٺيان مون خرچ ڪيا آھن نه نه مان ڪير ٿيندو آھيان هن کي معاف ڪرڻ وارو يا هن کي سزا ڏيڻ وارو ڪروڍ وچان سنڌو کان سوال ڪندي پڇڻ لڳو هيس.
ساگر هو نادان ڇوڪري آڪاش جي ڪوڙي چاهت واري وڇايل ڄار ۾ الجهي پئي هئي…! سچ پڇيو شازيا آڪاش جي گهٽيا ڪردار کان اڻ واقف هئي…!! جملن کي اڌ ۾ ڇڏيندي سنڌو ڳالهايو هو.
آڪاش جو نالو ٻڌندي ئي جسم ششي ويو هو ۽ خيالن واري بنا بريڪ ٽرين ۾ سفر ڪندي يونيورسٽي وارا ماضي جا ڪجهه منظر ياد اچڻ لڳا هيا آڪاش منهنجو همعصر، رازدار هڪ سٺو دوست هيو آڪاش سان منهنجي گهرائپ سمونڊ جي لهرن جيان جڙيل هئي.
آڪاش ڪزبانو کي حاصل ڪرڻ لاءَ شازيا کي استعمال ڪيو هو ۽ شازو سان پيار جو ناٽڪ ڪيو هيائين.
شازيا آڪاش سان پيار ڪندي هئي پر آڪاش ڪزبانو سان پيار ڪندو هيو ڪزبانو وري اوهان جي چاهت ۾ ڦاٿل ھئي تڏھن ته آڪاش شازيا کي استعمال ڪندي ڪزبانو جي دل اندڙ ڦٽندڙ پيار واري گونچ کي وڻ بنجڻ کان پهريان ئي ويساه گهاتي واري زهريلي آب سان ساڙائي ورتو هيو
ڪزبانو مونسان پيار ڪندي هئي ؟ هن ته ڪڏهن اهو ظاهر ئي نه ڪيو هيو ڪزبانو ته منهنجي هڪ بهترين ڪلاس فيلو ۽ سٺن دوستن جيان دوست هئي اگر ڪزبانو سچ ۾ مونسان پيار پئي ڪري ته هو پڪ سان مونسان پنهنجي پيار جو اظھار ضرور ڪري ها ڇاڪاڻ ته هو شعور ۽ انقلابي سوچ رکندڙ ھڪ همت ڀري ڇوڪري هئي ڪزبانو کي ڪير روڪڻ ۽ ٽوڪڻ وارو به نه هيو وچ مان ڳالهه ڪٽيندي جذباتي انداز ۾ سنڌو کي چيو هيم.
ساگر ڪاش ڪزبانو پنهنجي چاهت جو توسان اظهار ڪري ها ته شايد ايترو ڪجهه نه ٿي سگهي ها هن جي سوچ اها هئي ته سچي چاهت اظهار واري لفظن جي محتاج ناهي ٿيندي بس پيار ته هڪ اندر جو احساس آھي جنهن کي ٻه پريمي دل جي ڌڙڪن جيان ٻڌي سگهندا آھن ۽ سچائي واري اک سان ڏسي سگهندا آھن ڪزبانو کي يقين هيو ته تون هن جي پيار واري هن حسين احساس کي ڪنهن وقت محسوس ضرور ڪندي ان لاء ته هو پنهنجي دل اندر ٻرندڙ هڪ طرفي محبت واري آوي ۾ تنها پچرڻ لڳي هئي پر جڏهن پيار واري تڙپ اڪيلي سر برداشت ٿيڻ کان وڌڻ لڳي هيس ته هڪ ڏينهن هو موقعي جي تلاش ڪندي توسان پنهنجي چاهت جو اظهار ڪرڻ لاء ويلنٽائن ڊي واري ڏينهن يونيورسٽي ڪيمپس اندر ملهائيندڙ ان فنڪشن اندر هٿن منجهه گلاب کڻي آئي هئي اتي توسان گڏ شازو کي ويٺل ڏسي اظهار ڪري نه سگهي هئي پر بعد ۾ وري جڏهن هن کي اها خبر پئي هئي ته شازو توسان پيار ڪري ٿي ۽ تنهنجو افيئر شازو سان هلي رهيو آھي ته هو خاموشي سان يونيورسٽي کي ڇڏي هلي وئي هئي جيڪا هن وقت تائين وري يونيورسٽي اندر ڏسڻ ۾ ناهي آئي ڇاڪاڻ ته هن شازو ۽ تنهنجي پيار ۾ رڪاوٽ بنجڻ نه گهريو هيو هو شازو جي هڪ سٺي سهيلي هئي شازو پاڻ ٻڌايو آ ته ڪئين آڪاش هن جي چاهتن سان ويساهه گهاتي ڪندي شازو کي محبت ۾ آزمائش مان گذرڻ جو ناٽڪ ڪري ڪزبانو کي حاصل ڪرڻ پيو چاهي آڪاش ڪزبانو کي چاهيندو هيو ۽ شازو آڪاش کي ڪزبانو وري توکي ۽ تون وري شازيا کي اها خبر جڏهن آڪاش کي پئي هئي ته هن شازو کي توسان ڪوڙي پيار ڪرڻ وارو ناٽڪ ڪرڻ جو چيو هيو ۽ چيو هيائينس ته اگر تون ساگر کي جنهن ڏينهن پنهنجي پيار واري فريب ۾ مڪمل طور تي ڦاسائي ورتو سمجهه ان ڏينهن کان جيون ڀر لاء آئون تنهنجو ٿي ويندس آڪاش اهو سڀ ڪزبانو کي توکان ڌار ڪرڻ لاء شازس تحت ڪرڻ لڳو هيو هو ڪهڙي به طريقي سان ڪزبانو کي حاصل ڪرڻ پيو گهري ۽ اياڻي شازو آڪاش جي چاهت کي اپنائڻ خاطر توسان ڪوڙي چاهت جو ناٽڪ ڪري هڪ سٺي سهيلي جي جذبن ارمانن جو قتل ڪري ويٺي پر افسوس انهي سڀ ڪجهه ڪرڻ باوجود به هن کي آڪاش جو پيار ملي نه سگهيو آڪاش جو مڪار پڻو هن جي چاهتن جو مذاق اڏائي هن جي سچي پيار کي داغدار بڻائي هن کي دوکو ڏئي هن کي ٺڪرائي ڇڏيو آھي ! شايد اهائي شازو جي ڪيل گناهن جي هن لاء سزا آ جيڪا هن بدنصيب کي ملي شازو ڪزبانو اڳيان پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري هن کان معافي وٺي چڪي آ پر هاڻ هو توکان معافي گهرڻ چاهي ٿي هن کي وڏو پڇتاء آھي ساگر هو تنهنجي گهر ڪافي ڀيرا توسان ملڻ ڪاڻ به وئي هئي پر تون شايد ڪو نه هئين ان لاء توسان نه ملي سگهي …!وري تون هن جو نمبر به بلاڪ لسٽ تي لڳائي ڇڏيو آھي ان لاء توسان سچائي بيان ڪين ڪري سگهي پليز ساگر پليز هڪ دفعو هن کي موقعو ڏي ته جئين هو پنهنجي ڪيل خطائن جو ازالو ڪري توکان پنهنجو گناھ بخشرائي سگهي شازو کي هن وقت وڏو پڇتاء آھي هو سچ ۾ هاڻ توسان سچو پيار ڪرڻ لڳي آھي هو توکي هاڻ وڃائڻ نه ٿي گهري پليز ساگر هڪ ڀيرو هن کي پنهنجي غلطي سڌارڻ جو موقعو ڏيو ۽ يونيورسٽي واپس اچو پنهنجا ڪلاس اٽينڊ ڪريو ۽ ها لاسٽ سميسٽر به شروع ٿيڻ وارو آھي سنڌو جيون جي تلخ حقيقتن تان پردو کڻندي مسلسل ڳالهائيندي رهي هئي
سنڌو جي گفتگو منجهان پنهنجي وکري ويل جيون جو ڪارڻ دليلن سميت منهنجي اڳيان پيش پوڻ لڳو هيو ضمير جي عدالت ۾ هڪ طرف ڪزبانو کي نماڻن نيڻن سان بيٺل ڏٺو هيم ته ٻئي پاسي شازو کي مڪار پڻي واري انداز ۾ ناٽڪ ڪندي ڪٽهڙي منجهه ٻيٺل ڀانيو هيم ان ويل پاڻ کي ڀٽڪيل ماڻھو جيان وکرندي ڀانئڻ لڳو هيس ڪوبه فيصلو نه ڪري سگهيو هيس بلڪل ڪنهن الجهيل هاء پروف اسڪيڊل بڻيل ڪيس جيان جنهن جي فتوا ڏيڻ تمام اوکي بڻجي پوندي آ پاڻ کي منزل تي ڪاميابي سان رسڻ جو مقصد کڻي نڪتل ڪنهن راهي جيان جيون جي چواٽي تي بيٺل ڀائنڻ لڳو هيس جيڪو طويل مسافت طئي ڪندي ڀٽڪيل ماڻھو جيان ڀٽڪي اچي اهڙي چوواٽي تي پهتو هيو جتان هڪ پيچرو انتخاب ڪرڻ ڪنهن جواري جي لڳايل داء جيان هجي جيڪو کٽڻ ۽ هارائڻ واري نتيجي کان بلڪل بي خبر هوندو آھي آڪاش طرفان دوستي جي آڙ ۾ ڪيل ويساه گهاتي ڪنهن ڀالي کان گهٽ ڪين ڀائنڻ لڳي هئي جنهن کي زهر جو پاڻي شازيا ڏنو هيو پيار منجهه ناڪامي ملڻ وارن جيون جي اڻپورن سوالن جا سڀ جواب سنڌو ڏئي ڇڏيا هيا
هيلو هيلو …ساگر آواز اچي پيو هيلو ساگر ساگر.... س س س ساگ... نه چاهيندي به ٿڙڪندڙ ھٿڙن سان ڪال اڌ مان ڪٽي ورتي هيم ۽ سنڌو جو نمبر به شازيا جي نمبر جيان هميشا لاء بلاڪ لسٽ ۾ لڳائي ڇڏيو هيم… ڳوڙھا اکين منجهان مندائتي مينهن جيان وسڻ لڳا هيا ۽ ريهون ڪري ٻارن جيان رڙيون ڪري روئڻ لڳو هيس پهريون ڀيرو ٻھراڙي جو جنت نماءَ سندر ماحول بي چين منهنجي من کي راحت بخشڻ ۾ ناڪام ويو هو .ٿڌڙي هير جا مڌر موسيقي جهڙا آلاپ جيڪي منهنجي وجود سان ٽڪرائندا ٿي رهيا هيا. سرسبز ٻنين جو ساوڪ ڀريو منظر جنهن کي پسڻ بعد خزان جهڙي زندگي ۾ بهار جو احساس محسوس ڪندو هيس. ڪونجن جو نير گگن هيٺان قطارن وارو دلڪش نظارو، ٻھراڙي جي ڪنوارين جا آزاد ٽھڪ، ڌنارن جون ڪوڪون، لهندڙ سج جي لالاڻ سان اردگرد جي ماحول جو ڳاڙھيسڙو چهرو جنهن کي تجسس منجهان اڪثر پسندو رهندو هيس سڀ ناڪام بڻيا هيا منهنجي جيون جي بڻيل سڀني ڌنڌلن عڪسن کي چٽو بنائڻ ڪاڻ ويساهه گهاتن جا واچوڙا سوچن کي ذهن جي ريگستان تي واري جيان ڦيراٽيون پارائي قلابازيون کارائڻ لڳا هيا جتي ماضي جا گذريل پل يادن جي روپ ۾ اندر وارن جذبن کي وکيري منهنجي جيون جا سمورا عڪس ڌنڌلا ڌنڌلا ثابت ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳا هيا ڀٽڪيل ماڻھو جيان پنهنجي جيون کي وڻ منجهان ڇڻي هيٺ ڪريل سڪن پنن جيان تصور ڪري وکرندي ڀانئڻ لڳو هيس جيڪي منزل کان اڻ واقف بڻجي گهلندڙ هوائن جي رحم وڪرم تي وکري اڏامندا رهندا آھن اچانڪ ڪنهن عورت جي درديلي پڙاڏو بڻيل آواز ڪنن سان ٽڪرائجي خيالن جي دنيا مان ٻاهر ڪڍڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ لڳو هيو. وهندڙ ڳوڙھن کي اگهندي پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي هيم سامهون طرف نگاهه ڦيري ڏسڻ لڳو هيم ته سامهون ايندڙ هڪ نيم پاڳل بڻيل ٻڍڙي عورت نظر آئي هئي جنهن جا وار ميرڙا ۽ وکريل هيا. چتيون لڳل ڪپڙن تي مٽي جي رٻ ڄميل هيس. هٿ ۾ وڏي لڪڻ جنهن ۾ گندگي سان ٽمٽار ڪليون ٻڌيل نظر ٿي آيون هيون لڪڻ کي ڦيرائيندي عجيب قسم سان چپڙن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي مون طرف نگاهون ڦيري ڪجهه چوندي منهنجي ڀرسان لنگهي وئي هئي نه ڄاڻ ان نيم پاڳل ٻڍڙي عورت جي وجود کي پنهنجي ڀرسان گذرندي ڏسي هڪ عجيب قسم جي ڪشش ٿيڻ لڳي هئي هن جي گهڻجيل چهري منجهان پنهنجائپ جي بوءِ اچڻ لڳي هئي ان نيم پاڳل بڻيل ٻڍڙي جي اهڙي حالت پسي اهو واضح پسڻ وٽان ملڻ لڳو هيو ته شايد ڀٽيل ماڻھو جيان تقدير جي ڪا ستايل آ، هن جي ڪيفيت منجهان اذيتن پيڙائن جا انيڪ داستان ڌنڌلن عڪسن جو روپ ڌاري واضح پسڻ وٽان ملڻ لڳا هيا شايد جيون منجهه هن سان وڏا ڪي هاڃا ٿيل هجن، ان نيم پاڳل بڻيل عورت جي چهري مٿان گهڻج بڻيل لڪيرن جي ريکائن ۾ جيون جي اڻ کٽندڙ دردن وارن ڌنڌلن عڪسن ۽ پنهنجي وکري ويل جيون جي درد واري ڪٿا ۾ فرق نظر نه آيو هيو سوچيو هيم آخر هن نيم پاڳل عورت سان منهنجو ڪهڙو ناتو ٿي سگهي ٿو هن سان منهنجو ڪهڙو رشتو آھي جو هن منجهان مونکي پنهنجائپ واري خوشبو اچي پئي هن جي چهري تي اڀري آيل ريکائن منجهان مونکي دردن واري پيڙاء پنهنجي دردن جيان محسوس ٿيڻ لڳي هئي! آخر هي نيم پاڳل بڻيل عورت ڪير ٿي سگهي ٿي مان هن کي ڪئين سڃاڻان ٿو ۽ ھن سان ڪهڙو رشتو آ منهنجو ذهن اندر اڀرندڙ ان نيم پاڳل بڻيل عورت بابت سوال ڪاريهر نانگ جي ڦڻ جيان ڪر کڻي پريشاني جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي جوابن جي حاصلات ڪاڻ ڏنگڻ لڳا هيا پنهنجي وجود سان گڏ روح کي زخمي ٿيندي ڀانئڻ لڳو هيس اچانڪ پاڻ طرف ايندڙ صاديا تي نگاھ پوندي ئي پاڻ کي ڪجهه ھلڪو تصور ڪرڻ لڳو هيم من اندر دردن واري اٿيل طوفان کي ڪجهه ماٺار ۾ ايندي ڏٺو هيم ساگر سڀ خير ته آھي ڀٽڪيل ماڻھو جيان اڄ ڀلا ڪجهه اداس ۽ پريشان پيا نظر اچو؟ ۽ ڇا پيا سوچيو؟ صاديا مونکي پريشان ڏسي منهنجي ڪيفيت منجهان اندازو لڳائيندي چوڻ لڳي هئي
بس ٺيڪ آھيان ڪجهه منٽ پهريان هتان هڪ نيم پاڳل بڻيل ٻڍڙي عورت جو گذر ٿيو هيو ان جي اجڙيل حالت ڏسي ان بابت سوچي رهيو هيس ته آخر اها عورت ڪير هئي ۽ ان جي اهڙي حالت جو ڇا سبب آ پنهنجي پيڙاء کي اندر ۾ لڪائيندي پاڻ سنڀالي صاديا کان پڇڻ لڳو هيس
شايد خالا صدوري کي ڏٺو هوندئي ! ويچاري جي جيون جو هڪ وڏو الميو آ بس ڇڏ ان کي آئون توکي ڪجهه ٻڌائڻ ڪاڻ آئي آھيان ڇوته اوهان منهنجي دوستي قبول ڪري مونکي اهو حق ڏئي ڇڏيو ته خوشي ۽ غمي واري ڪيفيت اوهان سان ونڊي سگهان. ان لاء سڀ کان پهريان اوهان کي ئي ٻڌائڻ بهتر سمجهيم صاديا ان عورت جو نالو خالا صدوري ٻڌائيندي وراڻي هئي
جي ڇا ڳالهه آهي سڀ خير ته آھي نه؟ پريشان ٿيندي صاديا کان پڇيو هيم
سڀ خير آھي ساگر شايد اڄوڪو هي ڳوٺ مٿان لهندڙ ڳاڙھسري سج وارو منظر ٿي سگهي وري توسان گڏ ڏسڻ وٽان ملي سگهي الائي نه مونکي يونيورسٽي ۾ ايم فل جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاء داخلا ملي وئي آھي سڀاڻي آئون يونيورسٽي ڏانهن هلي ويندس ۽ اتي گرلس هاسٽل تي رهي پنهنجي جيون ۾ سرجيل خوابن کي ساڀيائن جو جامو پهرائڻ ڪاڻ جستجو شروع ڪندس ان لاء سوچيم هي خوشخبري سڀ کان پهريان اوهان کي ئي ٻڌايان خوشي ۽ غم جي گاڏڙ ڪيفيت ۾ صاديا چيو هو
صاديا طرفان ڳوٺ کي ڇڏڻ وارا جملا ٻڌي من جي سرزمين کي ڪلراٺو ٿيندي تصور ڪرڻ لڳو هيس جتي خوشي جو فصل پوکي نه پيو سگجهي پنهنجي وجود کي لرزندي ڀانيون هيم سوچڻ لڳو هيس ته آخر ڇو مونسان ائين ڪجهه اوچتو اوچتو ٿي رهيو آھي
ڇا ٿيو ساگر ڇا سوچي رهيو آھين اوهان کي شايد خوشي ڪانه ٿي آھي مونکي يونيورسٽي ۾ داخلا ملڻ تي؟ مونکي خاموش ڏسي صاديا وراڻي هئي
ڪجهه به ناهي ٿيو ڏاڍي خوشي ٿي آھي بس ان نيم پاڳل عورت بابت سوچي رهيو هيس اندر منجهه اڀريل دردن واري سٽ کي برداشت ڪري موضوع جو رخ موڙيندي صاديا کي چيو هيم
بس ساگر اها ويچاري خالا صدوري آھي نالو ته صدوري اٿس شايد ويچاري قسمت جي نندوري آ پهريان پاڳل ڪانه هئي ! جوان پٽ جي اچانڪ موت واري صدمي هن جا هوش وڃائي ورتا آھن هي ڀرواري ڳوٺ ۾ رهندي آھي هاڻي ته اڪثر ڀٽڪيل ماڻھو جيان هنن دڳن تي رولاڪين واري مسافت طئي ڪندي رهندي آھي صاديا ان عورت بابت ٻڌائيندي اداسائي ۽ نراسائي منجهان چوڻ لڳي هئي.
ڇا ٿيو هيو ان جي جوان پُٽ کي؟ ڇا نالو هيس پٽ جو تعجب وچان سوال ڪندي صاديا کان پڇيو هيم.
خالا صدوري هڪ ڏاهي عورت هئي .هن جي پٽ جو نالو صدام هيو جيڪو يونيورسٽي مان ڊگري پوري ڪري ڪجهه ڏينهن لاء ڳوٺ آيو هيو خالا صدوري جو اڪيلو سهارو هيو صدام جي ابو جي وفات کان پوء خالا صدام جي پروڙش ڪاڻ پنهنجي جواني جا سڀ عڪس ڌنڌلا بڻائي ٻئي شادي ڪانه ڪئي هئي ۽ صدام کي ڪنهن مقام تي ڏسڻ خاطر پنهنجي ننڊ ٽڪ وارين رلين ۽ چادرن تي ڀرت ڀريندي ٽانڪي ورتي هيائين ۽ صدام کي يورنيورسٽي پڙھائڻ لاء موڪليو هيائين ان آس تي ته صدام منهنجي پيري جو سهارو بڻجي منهنجي خواهشن جو پورائو ڪندو صدام هڪ سٻاجهو ۽ سلڇڻو فرمانبردار ڇوڪرو هيو صدام شعور ۽ انقلاب جي آدرشن ۾ رنگجي هن ظلمت جي گهاڻي ۾ پيسندڙ اٻوجهه ماروئڙن جي دردن تي مرهم لڳائڻ پئي چاهي هئي شايد تڏهن ته موت جي ورچڙھي ويو پاڻ سان گڏ ڪيترن کي ئي زندهه لاش بڻائي مدام لاءِ تنهائين جا رڻ جهاڳڻ ڪاڻ هت رولي ويو صاديا جي اکين منجهان لڙڪ وهڻ لڳا هيا من اندر دردن جي طوفان گهلڻ شروع ڪري ورتو هيس ۽ هو سڏڪا ڀري رئڻ لڳي هئي
صاديا کي ائين ازيتن دردن جي ڦاهي گهاٽ تي لٽڪندي روئيندي ڏسي ڪجهه ڪين ڪڇي سگهيو هيس ماسات حفيظ وارا اهي جملا ذهن تي گردش ڪرڻ لڳا هيا ته ماسات تون صدو بي پيري واريو ڳالهيون ڪرين پيو ان ويل صدام جي شدت سان ڪمي محسوس ٿيڻ لڳي هئي دل گهريو هو ته ڪاش صدام هجي ها ملي وٺانس ها صاديا جا ادا ڪيل جملا ذهن مٿان گردش ڪرڻ لڳا هيا ته هن جي انقلاب ئي هن کي موت جو کاڄ بڻايو آھي صاديا کي سڏڪا ڀريندي ڀريندي جڏهن خاموش ٿيندي ڏٺو هيم ته پڇيومانس صدام کي ڇو ماريو ويو هن جو ڪهڙو قصور هيو ۽ ڪنهن ماريو هيس؟
بس شايد آئون به هن جي موت جي ذميوار ٿي سگهان ٿي هي اٻوجهه ڳوٺاڻان به هن جي موت جو ڪارڻ ٿي سگهن ٿا صدام جئين ئي يونيورسٽي مان واپس وريو هيو ته مونسان مليو هيو هو ڏاڍو خوش ھيو ان وقت پنهنجي مستقبل جا سندر خوابن کي حقيقي روپ ڏيارڻ لاءِ بي تاب هيو مان صدام سان بي انتها محبت ڪندي هيس هو به مونسان بي انتها پيار ڪندو هيو ان لاء آئون هن سان شادي ڪرڻ واري ڳاله ابو سان ڪئي هئي ابو پهريان ته چپ ٿي ويو هيو پوء ڪجهه سوچي ها ڪئي هيائين ڇو ته ابو به منهنجي خوشي ۾ شايد خوش نه هيو. صدام يونيورسٽي جي اعلي تعليم حاصل ڪري ڳوٺ ۾ هڪ ننڍرڙو ٽوشن سينٽر کوليو هيو، جتي ڳوٺ جي ڇوڪرن کي مفت ۾ تعليم ڏيڻ سان گڏ پيري مريدي کان ويندي وڏيرن جي ڦردو رسمن بابت انهن کي آگاهي ڏيندو هيو تعليم جي زيور کان محروم بڻيل ڳوٺ جي ڇوڪرن ۾ شعور جي شمع ٻاري جهالت واري ٻاٽ کي مات ڏيڻ لاء انقلابي ليڪچر به پڻ ڏيڻ لڳو هيو ايتريقدر جو غلامي جي چنبي ۾ آيل ڳوٺاڻن کي آزادي سان جيون گهارڻ جا آدرش سيکارڻ لڳو هيو اهو ڪم شايد هن جو اهڙو هيو جو درياء ۾ رهي مانگر مڇن سان وير رکڻ جنهن جي ڪري ڪافي بار ڌمڪيون مليون هيس ۽ هڪ ٻه ڀيرو مار به کاڌي هيائين پر تنهن هوندي به پوئتي ڪين هٽيو هو ۽ انقلاب انقلاب ڪندو رهندو هيو! آخر ھڪ ڏينهن روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ ماريو ويو اها خبر هر ڪنهن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي هئي؟؟ اهو صدمو خالا صدوري کان برداشت نه ٿي سگهيو تڏهن کان وٺي هو نيم پاڳل عورت بڻجي وئي آھي خالا صدوري هنن دڳن پيچرن تي صدام جي واپس ورڻ جي منتظر بڻجي هن جو اوسيئڙو ڪندي رهي ٿي .صدام يونيورسٽي ۾ انقلابي تنظيم سان وابستگي رکندڙ هڪ سرگرم ڪارڪن هيو جڏهن هنن کي هن جي ايڪسيڊنٽ ۾ ٿيل اچانڪ موت جي خبر پئي هئي ته هنن اچي هن جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو هيو ڊاڪٽرن پاران جيڪا پوسٽ مارٽم جي رپورٽ پيش ڪئي وئي هئي ان ۾ موت جو سبب ايڪسيڊنٽ نه بلڪي تيز ڌار واري اوزار سان صدام جي موت واري رپورٽ ٻڌائي وئي هئي پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي هئي شڪ جي بنياد تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون هيائين ۽ صدام جي ئي ڳوٺ ۾ رهندڙ هڪ فرد جنهن اهو تسليم ڪيو هو ته مان مرشد پاڪ جي چوڻ سان صدام جو قتل ڪيو آهي ڇوجو صدام منهنجي ڪامل مرشد خلاف گهٽتا لفظ ڳالهائيندو هيو……!! هو اسان جي مرشد جو گستاخ هيو ان کي ماري مون جنت ڪمائي ورتي آھي مونکي ڪو به پڇتاءُ نه آ… آئون صدو جهڙي ڪافر کي ماري جيئري جنت جو حقدار بڻجي ويو آھيان مان هن کي ماريو آھي ها مان هن کي ماريو آھي ! اهو عقيدت جي جنون ۾ ورتل جنوني قاتل جيل جي سلاخن پٺيان صدام جي خون ڪرڻ سبب اڄ به سزا ڪاٽي رهيو آھي بس ساگر صدام کي انقلاب آڻڻ جي سزا ڏني وئي هن کي هنن ماروئڙن جو آواز بڻجي ظلم جي گهاڻي هيٺ پيسندڙ مظلومن کي انصاف ڏيارڻ ڪاڻ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ سبب ماريو ويو صدام ته بي قصور هيو هن جو ڏوهه اهو هيو ته هن پيري مريدي جي آڙ ۾ ڍونگي مرشدن جي ڍونگ کي ننگو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي هن ته ڀوتارڪي سسٽم هيٺ هٿرادو بڻايل ريتن رسمن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هيو هن ته اياڻن سادن سودن ماروئڙن کي جهالت جي اونداه منجهان ٻاهر ڪڍڻ لاء علم جي شمع ٻاري جگنو بڻجي روشني آڻڻ چاهي هئي شايد تڏهن ته ماريو ويو ! ها ساگر ٻڌ مان صدام سان بي پناه چاهت ڪندي هيس جڏھن توکي پهريون ڀيرو وڏي ڳوٺ واري رستي تي بيٺل ڏٺو هيم حفيظ سان گڏ ته نه ڄاڻ الائجي ڇاڪاڻ مونکي تنهنجي روپ ۾ صدام پسڻ ۾ آيو هيو ان لاء ته آئون توسان ايترو هجت ڪري ڳالهائڻ ۽ ويجهڙائپ رکڻ لڳي هيس ها توکي ياد هوندو مان توسان محبت جو اظهار به ڪيو هيو جيڪو تو قبول نه ڪيو ڏاڍو صدمو رسيو هيو. ساگر مان ايتري به ڪريل ڪردار واري ڇوڪري نه آهيان شايد اوهان اهو محسوس ڪيو هجي …جڏھن آئون اوهان سان گهرائپ شروع ڪئي هئي ان ويل مان توهان جي روپ ۾ پنهنجي صدام جو عڪس ڏسڻ لڳي هيس ان لاء توهان سان ملڻ ڪچهريون ڪرڻ ۽ هجتون رکڻ ۾ سڪون ملندو هيو پليز ساگر مونکي معاف ڪجان اگر مون ڪا غلطي ڪئي هجي ۽ منهنجي هجت ويجهڙائپ سبب اگر اوهان کي ڪا تڪليف پهتي هجي پليز معاف ڪجو ائين چئي صاديا سڏڪندي سڏڪندي تڙکون وکون کڻي واپس هلي وئي هئي صاديا جي وڃڻ بعد به ڪافي ٽائيم پاڻ کي ڪنهن مندر ۾ سجايل پٿر جي مورتي جيان پٿر بڻجي بيٺل ڀانيو هيم ڳچ ٽائيم سڪتي ۾ رهڻ بعد ڀٽڪيل ماڻھو جيان پنهنجي قدمن جو رخ ڳوٺ جي کوھ طرف موڙي وڌڻ لڳو هيس کوھ تي پهچي پلٿي کوڙي ڳوٺ جي مٿان ڇائنل لهندڙ سج جا ڳاڙهسرا ڪرڻا پسڻ لڳيو هيم ۽ جاهل پڻي جا ڌنڌلا عڪس ڳوٺ جي خوبصورت منظر مٿان ڳجهه جيان لامارا ڏئي رهيا هيا جن کي پرکڻ بعد بي مقصد جياپي منجهه اميدن جا وساميل ڏيئا هڪ دفعو ٻيهر روشن ٿيندي ڀانيان هيم. بنا ڪنهن رٿابندي واري جيون ۾ هڪ نئون منصوبو جوڙي کوھ تان اٿي ماسي وارن جي گهر پهتو هيس ۽ ڏاندن ۾ پنجالي جيان پنهنجو ٿيلهو ڪلهن سان جوٽي اهو سوچڻ لڳو هيس ته زندگي صرف پيار نه آ زندگي ۾ هزارين شيون سمايل آھن جهڙوڪ معاشرو ۽ ان جي اردگرد ٿيندڙ مظلوم پورهيت سان ناانصافين واريون وارداتون جن جو سڌارو به اسان اهل علم رکندڙ فردن تي اولين فرض آھي ۽ ٻھراڙي جي وڻندڙ ماحول کان الوداعي نظرن سان موڪلائيندي من جي ڪائنات منجهه گهري ننڊ پيل ڀٽڪيل ماڻھو سان ڳالهيون ڪندي شهر طرف روانو ٿيو هيم.

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/Bsdvsov.jpg[/img]