سنڌي ڪهاڻي مري وڃڻ وارو بحث هاڻي وقت جي دَز ۾ لَٽجي چڪو آهي. ڪهاڻي کيتر ۾ هر آئي ڏينهن نت نوان تجربا ٿي رهيا آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ کي نه رڳو ڏيههَ پر پرڏيههَ ۾ به پاڻ مڃائڻ جو جوهر ۽ سگهه رکن ٿا.
ياسمين چانڊيو ڊگهي عرصي کان ڏات نگريءَ ۾ پاڻ موکيندي پئي اچي، هو پنهنجي منفرد اسلوب سبب ڪهاڻي کيتر ۾ مڃتا ماڻي چڪي آهي، هن نثر ۽ نظم وسيلي هڪ سگهاري ليکڪا جو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ڪتاب کان اڳ سندس هڪ شعري مجموعو ”نظم آهي زندگي“ شائع ٿي چڪو آهي.
ياسمين چانڊيو بنيادي طور تي هڪ سياسي ڪارڪن آهي، سندس تربيت ۽ شعوري واڌ ويجهه ۾ ان سياسي پهلوءَ جو ادراڪ تمام سگهارو آهي، هن پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي مسئلن ۽ مونجهارن جي نشاندهي ڪئي آهي، گهڻو ڪري موضوع پنهنجي سماج مان ئي ورتل آهن، سندس بيباڪ انداز بيان کيس ٻين کان منفرد ڪري بيهاري ٿو.
هن مجموعي ۾ ڏنل ڪهاڻيون ڊگهي عرصي جي رياضت جو نچوڙ آهن، جيڪي ڌار، ڌار وقتن، حالتن ۽ ڪيفيتن دوران لکيون ويون ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙ آڏو پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ڪهاڻي کيترَ ۽ پارکن جي جيءُ ۾ ضرور جاءِ والاريندو.
[b] ساٿ سلامت[/b]
مهاڳ
ڪتاب تي پيش لفظ يا مهاڳ، ذاتي تعلق جي بنياد تي لکيو ويندو آھي. زير نظر ڪتاب ۾ موجود ڪھاڻين کي پڙھڻ ۽ ھي مهاڳ لکڻ تائين، مون نياڻي ياسمين چانڊيو کي روبرو ڏٺو به ڪونھي. ان ڳالهه جو سڌو سنئون مطلب اھو آھي ته ياسمين چانڊيو جون ڪھاڻيون ايتريون سگهاريون آھن، جو انهن تي لکڻ لاءِ ڪنھن کي ڪا به سفارش ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ڪو نه ٿي.
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين جو جائزو وٺڻ کان اڳ توھان جي اڳيان ھڪڙو ڪيس پيش ڪيان ٿو، سمجهو ته ان ڪيس ۾ توھان امين (جج)مقرر ٿيا آھيو، سو توھان کي فيصلو ڪرڻو آھي.
ھڪڙي عورت جيڪا ھڪ آسودي گهراڻي جي ھئي، مائٽن، پنھنجن ۾ ئي سندس شادي ڪرائي، وڏو ڪاڄ ٿيو ھو، دعوت تي وڏا خرچ ۽ بندوبست ڪيا ويا ھئا، الائي ڪٿان ڪٿان کان ماڻھو اچي شريڪ ٿيا ھئا، گهوٽيتن طرفان مھيني کن کان لاڏا ۽ سھرا ڳايا ويا ۽ جهمريون به لڳيون، اوڙي پاڙي وارن طعام پئي کاڌا، ھفتي ڏيڍ کان راڳ رنگ جون محفلون پئي ھليون، گهوٽ جا يار دوست، ويجها پري جا، قرب وارا ۽ واقف ڪار سڀ ڪيترن ئي ڏينھن کان شادمانا ڪري رھيا ھئا... خير سان گهوٽ جي ماءُ جا لايا ته سجايا ٿي ويا، پٽ جي ڪنوار به گهر ۾ اچي وئي. اوڙي پاڙي وارن جون واڌايون ۽ مبارڪون به موصول ٿي ويون. پر ڪجهه ڏينھن ئي ڪو نه گذريا ته گهوٽ جي ماءُ، ان جي ڌيئرن ۽ نُنھن کي نئين ڪنوار جون سرگرميون مشڪوڪ محسوس ٿيڻ لڳيون.
ڪنوار جا ڪجهه ئي ڏينھن ۾ پرڪار پڌرا ٿي پيا. اڌ رات جو اُٿي گهران نڪري، الائي ڪنھن سان ملڻ ويندي ھئي. ڪنوار جو ايئن اڌ رات جو گهران نڪري وڃڻ، رڳو گهر جي عورتن ئي ڪونه ڏٺو، پر گهوٽ کي به ھڪڙيءَ رات جو ان ڳالهه جي کُڙڪ پئجي وئي.
کُر پير کنيا ويا ته گهوٽ کي خبر پئي ته ڪنوار شاديءَ کان پھرين ڪنھن ھمراھ سان کريل ھئي...ھاڻي شاديءَ کان پوءِ به ڪنوار وجُهه وٺي، اڌ رات جو اُٿي، گهران نڪري، پنھنجي ان يار وٽ پاڻ کي ٺارڻ ويندي آھي... قصو ڪوتاھ، ڪنوار جي ڪرتوتن جي خبر پھرين ويجهن مائٽن، پوءِ پاڙي اوڙي جي ماڻھن ۽ نيٺ سڄي ڳوٺ وارن کي پئجي وئي... پيڪا به پريشان ته ساھرا به سرگردان !
سڳ سوڌو ڪو چور جهلجي ته اول ته ٻڏڻھارڪو ٿيندو، ڪنڌ ھيٺ، نگاھون جهڪيل، شرمندو ۽ کِکو وِکو پيو ڏسڻ ۾ ايندو... پر ھيءَ نڪ جي پڪي ڪنوار، جنھن کي ڪو شرم ئي ڪو نه پئي آيو، گهوٽ کي چوڻ لڳي، “تنھنجي پاسي ۾ ھجان ٿي ته پليت ٿي ٿيان.”
برادريءَ جا چار چڱا، معزز ۽ راڄ جا اشراف گڏ ٿيا، سڀني اھو گڏجي فيصلو ڪيو ته ھن کان وڌيڪ ڪا خراب چال واري مائي ڪونه ٿيندي، سو ھن عورت کي اھڙي سيکت ڏجي جو ڪا ٻِي عورت ايئن ڪرڻ جو تصور به نه ڪري سگهي. اتفاق سان ڀر پاسي ۾ ھڪڙي ننڍڙي ڍنڍ جي ڪناري جي ڀرسان، واريءَ جي دڙن جي پريان ھڪڙو پِير رھندو ھئو، ذات جو شاهه ھئو، ڪي مريد به ھئس، ان کي جو خبر پئي ته ان جي فتويٰ ئي عجيب، چئي ته اھا عورت صحيح آھي، راڄ وارا سڀ غلط آھن.
توھان ئي ٻُڌايو ته ھڪ طرف چار چڱا، اشراف، ڳوٺ جامعزز ماڻھو ۽ سڄي راڄ جون مايون ۽ مرد ھجن ۽ ٻئي طرف اھا عورت جيڪا گهوٽ کي ڇڏي، ڪنھن غير مرد سان وڃي ميلا ملھالا ڪري ٿي، اھا صحيح آھي، ۽ ٻيو وري ھُو شاھ جيڪو اُن عورت جو وڪيل ھجي ۽ ان کي دعائون به ڪري؟ توھان جو ڪھڙو فيصلو آھي؟
توھان ڪنھن جي پاسي آھيو؟
جيڪڏھن توھان ان عورت، جيڪا گهوٽ کي ڇڏي، ڪنھن غير مرد سان وڃي ميلا ملھالا ڪري ٿي ۽ ان سيد جا طرفدار آھيو، جيڪو اُن عورت جو وڪيل ۽ دعاڳو آھي، ته پوءِ ياسمين چانڊيو جو ڪتاب ڀلي پڙھو، دل کولي پڙھو، جو ياسمين چانڊيو به اھڙين عورتن جي وڪيل آھي ۽ انھن کي پنھنجي ڪھاڻين جا ڪردار بنايو اٿائين...
ياسمين چانڊيو به ان سيد وڪيل جي پوئلڳ آھي... ان سيد وڪيل لڳ ڀڳ331 سال اڳ سرعام ان عورت جي تعريف ڪندي چيو ھئو:
سياري سهه رات ۾ جا گهِڙي وسندي مينھن،
ھلو ته پڇون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نِينھن،
جنھن کي راتو ڏينھن. ميھار ئي من ۾.
ان سيد وڪيل جنھن کي اسان پيار ۽ دل جي حضور سان ڀٽائي گهوٽ يا لطيف سرڪار سڏيندا آھيون، جنھن اسان کي ٻڌايو ته تن جو محبوب ٿيندو ئي اھو آھي، جيڪو من جو محبوب ھوندو آھي، ڀلي پوءِ ان سان نڪاح ٿيل نه ھجي.
ميھاران مِرِڪَ پيتائين پريم جي
تنھن مُنڌ متوالي ڪِي، سنديءَ ساءَ سُرِڪَ
لڳيس ڪام ڪِرِڪَ، لوھان تِکي لطيف چئي.
[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[[
“ڪام” جو تعلق جسم سان ھوندو آھي، ھن بيت ۾ ڀٽائي سرڪار ميھار جي پريم جي پِڪَ جو تاثير ٻڌائين ٿا.جنھن تي سھڻي، مست ۽ متوالي ٿي وئي ۽ جسماني محبت جي ڇھاءَ کي ڪنھن لوھ جي اوزار کان وڌيڪ تکو ۽ مضبوط محسوس ڪري ٿي. بلڪه ان کان به اڳتي وڌي لطيف سرڪار فرمائين ٿا ته سھڻي ميھار کان ڌار ٿئي ٿي ته ناپاڪ ٿئي ٿي:
ساھڙ ڌاران سھڻي نسوري ناپاڪ،
نجاست ناھه ڪري، اُنين جي اوطاق،
ھُو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئي.
ياسمين چانڊيو پنھنجي ڪھاڻين ۾ انھن سھڻين ۽ سھڻيءَ جھڙن ٻين ڪردارن کي سمايو آھي، جن تي سماج صدين کان ھڪڙو نشان ھڻي ڇڏيو آھي...اھڙن ڪردارن لاءِ ياسمين جو لھجو ڏاڍو چِٽو آھي، لفظ بلڪل واضح آھن، ھن جون ڳالھيون صاف صاف آھن... ھن جو انداز بيباڪ ۽ آواز بي خوف آھي...
ممڪن آھي ته ڪجهه ماڻھن شاھ جي رسالي ۾ موجود سُر سھڻي نه پڙھيو ھجي يا سمجهه ۾ نه آيو ھجين، سو اھو عين ممڪن آھي ته ھن ڪتاب پڙھڻ کان پوءِ ھن ڪتاب تي ڪو فحاشيءَ جو الزام ھڻن، سنگ باري ڪن ۽ ڪو نئون پڙھندڙ انھن جي اثر ۾ اچي، انھن ماڻھن کي اھا صلاح ڏبي ته اھي عصمت چغتائي، واجد تبسم، سعادت حسن منٽو، خيرالنساءِ جعفري، منير احمد ماڻڪ، غلام نبي مغل ۽ ضراب حيدر کي پڙھن.
ڪھاڻين جو جائزو وٺون ٿا.
جيئن ڪنھن خوبصورت ماڻھوءَ جون اکيون ئي، سندس چھري
ڏانھن کڄندڙ نگاھن جو پھريون پڙاءُ ھونديون آھن، تيئن ھڪڙي ڪھاڻيءَ ۾ جوت سان جرڪندڙ جملا، ڪمال جي ڪرشماتي ڪشش رکندا آھن. ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ موجود انھن جملن منجهان ڪي مثال طور پيش ڪجن ٿا:
.....ڪيترا ئي سال ان مرد سان سمھندي رهي، جنھن کي ھن ڪڏهن دل سان تسليم ئي نه ڪيو ھئو. ھڪ ڏينھن ھن پاڙي جي
مُلياڻيءَ کان پڇيو ھئو ته: “نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟”
ھُن ٻڌايس ته: “شرعي حڪم تحت ھڪٻئي جي رضامنديءَ سان مرد ۽ عورت جو ھڪ ٿيڻ.”
“پر منھنجي شاديءَ ۾ منھنجي رضامندي ڪونه ھئي ته ڇا اھو نڪاح ٿيو؟” ھن مُلياڻي جيجي کان سوال پڇيو.
تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي ھن جي اُداس نگاھن ۾ نھاري، وري ڪنڌ ھيٺ ڪيو ھئو...
.... ھن دعا لاءِ ھٿ مٿي کنيا ۽ آسمان ۾ نِھارڻ لڳي. پرھه اڃا ڪونه ڦُٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لِڪي رھيا ھئا، زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو به ته اُنھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لِڪندا رھندا آھن...
... جلديءَ ۾ جست جو ھڪڙو وڏو ديڳڙو کڻي، اڱڻ تي لڳل ھٿ واري نلڪي کي گيڙيندي ڀرڻ لڳي، پر ديڳڙو به ھنن جي غربت واري زندگيءَ جيان چٻو ٿي ويو هئو، زيبوءَ ان کي نلڪي ھيٺان رکڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پر ديڳڙو، نلڪي مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان پري ٿي پيو وڃي، بلڪل ايئن، جيئن ھنن جي چِٻِي ٿيل قسمت جو ديڳڙو، وقت جي ونڊ کان ھٽِي ويو ھو.
.....زيبوءَ جي ھٿ ۾ جھليل ٻارڙي مسلسل “اوئان اوئان” ڪري روئي رھي ھئي، زيبوءَ کي لڳي رهيو هئو ته ڄڻ، ٻارڙي سندس گھر ۾ اچڻ تي خدا کان شڪايت ڪري رھي ھجي ۽ چئي رهي ھجي ته: “اي خدا پيدا ته ڪيئي، پر اھڙي گھر ۾ جتي عورت کي انسان ئي ناهي سمجھو ويندو.” ايتري ۾ پڻھنس جو آواز آيو:
”ڇا ڄڻيو آھي ماڻهين؟”
زيبو چيو: “ادڙي.....”
پڻهنس ٻڌندي ئي چيو: “لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻھين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به ڇا ؟”
.....ھن ٽشو پيپر سان فورن پنھنجو اکيون صاف ڪيون، جيڪي ھن جي دل تائين آليون ٿي چڪيون ھيون، ھن پنھنجا لڙڪ اکين جي بجاءِ دل ۾ وھايا ھئا...
.....منھنجا محبوب! توکي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ کان وڌيڪ مون کي، توکي وڃائڻ جو خوف رھندو آهي...
.....ھِن چيس: “بلڪل صحيح ٿا چئو، عشق خدا سان ھجي يا انسان سان، ان کي قائم رکڻ لاءِ ھرڀيري ۽ ھر وار اظهار ڪرڻ تمام ضروري آهي. چاهه جي غذا به روز گهرجي، روز الفت جو اٽو کڻبو آھي، پيار جي پاڻيءَ سان ڳوھبو آھي، ويلي ويلي تي محبت جي ماني پچائبي آھي. پيار به ساهه کڻڻ وانگر، پساھن ۾ پلجندو آھي. عشق ته اٺ ئي پھر قائم رھڻ واري ڪيفيت جو نالو آھي. جيڪو دم پيار کان خالي ھجي، ڄڻ حيات جو ڪو حصو ئي ناھي.”
.....رنگ، بُرش ۽ منھنجي آرٽ جو اثاثو. مون کي ننڍپڻ کان رنگن سان عشق ھئو، مون کي رنگ برنگي شيون وڻنديون هيون، ننڍي هوندي جڏهن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏسندي هئس ته ٽي وي ڏسڻ دوران اسڪرين تي پنھنجي پسند جا رنگ ڀريندي هئس. منھنجا خيال ايڏا ته پُختا ۽ پڪا ٿي ويندا هئا جو بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين تي مون کي هر چُر پُر رنگين نظر ايندي هئي. مان جڏهن سامائي هئس ته مون کي پنھنجي ئي اندر ۾ عجيب رنگ ڦٽندي محسوس ٿيا هئا. مون کي لڳندو هئو ته، رنگ آهن ته زندگي آهي، نه ته ڪجھه به ناهي...
... اهو منظر به عجيب منظر هئو، نغارن سان گڏ هجوم ۾ بادشاهه کي لفظن جي هڪ سنگتراش جي تخليق جي رونمائي ڪري سندس هٿ ڪپڻا هئا. منھنجي تاج محل تان سُرمائي بخملي ڪپڙي کي هٽايو ويو ته ڏسندڙن هڪ عجيب منظر ڏٺو... تاج محل جي جاءِ تي موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي روپ ۾ تون بيٺي هئينءَ. پنھنجن پورن جلون سان بي لباس، تنھنجا ارهه تاج محل جي گنبذن جيان خوبصورت لڳي رھيا ھئا ۽ تنھنجي سونھري جسم مان روشنيون پئي ڦٽيون، تنھنجي انگ انگ مان نڪرندڙ تجلين، ڏسندڙن جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو هو... سرمائي بخمل جو ڪپڙو جنھن مان گلاب ۽ عطر جي خوشبو ٿي آئي تنھنجن قدمن ۾ پيو هئو ... تنھنجو مرڪندڙ مهتاب جهڙو چهرو روشن هئو ... جلاد جڏهن منھنجا هٿ ڪپڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بادشاهه طرفان حڪم ٿيو... “هي تخليق ته تاج محل کان به خوبصورت آهي”...
.....“رات جو پويون پھرُ به گذري ويو آهي، ھاڻي ھن اسٽيشن تي فجر کان پھرين ڪا به ريل ڪانه ايندي توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، شام کان وٺي توهان ويٺل آھيو.”
تنھن تي قليءَ کي جواب ڏيڻ کان پهرين سانول پنھنجي چپن تي ھلڪي مرڪ آڻيندي چيو: “اسان ھاڻي اھڙا مسافر آهيون جن کي ٽرين جي نڪري وڃڻ جي ڳڻتي ناهي ھوندي.”
سانول جي جواب تي قلي حيران ٿيندي اڳتي ھليو ويو. ڀرسان بيٺل ھٿ ۾ ڪٽلي جھليل چانهه واري چيو: “صاحب چانهه پيئندا؟”
سانول ڪنڌ جي اشاري سان ھا ڪئي.چانهه واري پياليءَ ۾چانهه اوتي سانول کي ڏني ۽ ٻي پيالي ڀرڻ لڳو، سانول چيس: “ھڪ پيالي ڪافي آهي.”
.....منھنجو ھڪ ھٿُ دردَ پنھنجي ھٿَ ۾ پڪڙيو ۽ ٻيو ھٿُ خوشيءَ پنھنجي ھٿَ ۾ جهليو ۽ مونکي جھوپڙيءَ کان ٻاهرِ وٺي آيا، ڪاري انڌاري رات، دردَ مونکي اشارو ڪندي چيو: “ھي انڌاري راتِ دردُ آهي، پر جيڪڏهن انڌيرو نه ھجي ھا ته ھي تارن جو ٽمٽمائڻ تون ڪيئن محسوس ڪرين ھا، جيڪي انڌيري جي جوڀن ۾ ئي پنھنجو وجود زندهه ڪندا آهن.”
خوشيءَ ھڪدم مٿي اشارو ڪندي چيو:“ھوُ ڏِسُ ٽٽندڙُ تارو، جنھن جي ٽٽڻ جي دردَ ۾ ھزارين اُميدوُن سمايل آهن، ھو پاڻ کي پنھنجي ولرَ کان الڳ ڪري ٻين جي اُميدَنِ لاءِ اُجالو بڻجي ٿو.”
اُنَ وقت مون کي پنھنجو دردُ، بي معنيٰ ۽ اڌورو لڳڻَ لڳو.
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين مان ڪجهه جهلڪيون ڏسي، اسان ھن جي زور قلم جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. ياسمين جي بي ساختگي ۽ پُر شورسادگيءَ کي ڏسندي بي انتھا خوشي پئي ٿئي ته ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪارہ اُڀري رھي آھي، جنھن وٽ ڪيئي ڪھاڻيون ۽ داستان آھن. پر ٻئي طرف اھو خدشو به ٿئي ٿو ته ليکڪا کي، سندس ڪردارن ۾ ڳولھڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. پر ساڳئي وقت اھو اطمينان به آھي ته ڪھاڻي “سائيڪل وارو” ۾ جيڪا “ياسي” آھي، سا ھڪڙي ويڪري چادر پائي بيٺي آھي ۽ ان چادر ھيٺان لڪايل ھٿ ۾ پٿر به آھي ۽ ھاڻي ته ھن جا ڀائر به ھن سان گڏ آھن. سو سڀني سائيڪل وارن کي خبردار رھڻ گهرجي ته “ياسي” اڪيلي ناھي.
ياسمين جي ڪھاڻين ۾ اربنائزڊ سماج جون به ڪھاڻيون آھن، جن ۾ “ڪي خواب اڌورا”، “عشق آرزو، عشق التجا”، “ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر”، “ڪِني”، “سنگ مرمر ۽ سنگ تراش”. ان کانسواءِ ھڪ ڪھاڻي “ڀانڊارو” جيڪا ٽائٽل ڪھاڻي به آھي، اھا ٻنھي يعني شھر ۽ ڳوٺ جي لينڊ اسڪيپ ۾ آھي.
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ جن ڳالھين جي نشاندھي ٿئي ٿي، اھي آھن، اسان جي مسڪين ماڻھن سان ٿيندڙ آزار. ڪھاڻين کي پڙھندي خبر پئي ٿي ته درد وڏو بي درد آھي. اھو درد بي پھچ ماڻھن جي بيوسيءَ منجهان جهلڪي ٿو. ڪھاڻيون: “مُڪتي”، “نياڻي”، “ڀانڊارو”، ڳولا، “ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر” ۽ “زندگيءَ جي ريل گاڏي” پڙھڻ کانپوءِ جيءُ جهڄي ٿو پئي. پر ھنن ئي ڪھاڻين ۾ ھڪڙو حوصلو به آھي، ھمت به آھي ۽ رستو به ڏيکاريل آھي. ھر ليکڪ ايئن رستو ڪونه ڏيکاريندو آھي، جيئن ياسمين ڏيکاري ٿي. ان جو ڪارڻ پڪ سان ياسمين جي پوليٽيڪل اوريئنٽيشن آھي. ھن ڪتاب تي لکيل ٻين تبصرن منجهان معلوم ٿيو آھي ته نياڻي ياسمين چانڊيو، ھڪ قومي ڪارڪن به آھي، سندس ڪھاڻي “ڳولا” جون ڪجهه سٽون ھتي حوالي طور ڏيان ٿو، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو ته ھن وٽ مزاحمت آھي، رستو آھي، جذبو آھي:
“...درويش ! تو اڄ تائين ڪڏھن پسيو آھي خدا کي؟،نه ڪڏهن به نه،سڀ ڪجهه انسان ئي ڪندو آھي، ان ڪري انسان ئي خدا آھي، تون پنھنجو رهيل حساب، ڌرتيءَ تي رهندڙ خدائن سان ڪري سگھين ٿو، جيڪي تنھنجا ازلي ڏوهي آهن، جن توکي هن معاشري ۾ جيئڻ جي لائق نه ڇڏيو.”
ياسمين چانڊيو جي ڪھاڻين ۾ اوھان کي جارگنز ڪونه ملندا، ڪٿي به غير ضروري فيمينزم ڪونه نظر ايندو، ڪٿي به ڪنھن لاءِ ڪا فتويٰ يا سُويپنگ اسٽيٽمينٽس ڏسڻ ۾ نه ايندا، پر ھڪ معصوم انداز سان سڀني پيڙھيل ماڻھن جو درد ملندو، مرد ۽ عورت جي تفريق کان سواءِ. ڪجهه ڪھاڻيون احساساتي تاثرن جھڙيون آھن جن ۾ “مَنَ اندر جي وِڄُ”، “اُڃايل آشائون”، “پيڙائن جي پاڇن ۾”،“لُڙڪن سان لئوُن” ۽ “خوشيءَ ۽ درد جو ميلاپ”. سنگ مرمر ۽ سنگتراش ڪھاڻي ھڪ آرٽ مووي جھڙي ڪھاڻي آھي ھن ڪھاڻيءَ جو ھيپي اينڊ پڙھي دل کي راحت محسوس ٿي ته ياسمين وٽ پُرخطر سان گڏ بي خطر وصال به آھي ۽ فقط ھجر يا ياس وَ الم ڪونھي. ڪھاڻي “کنوڻين جا ميلاپ” پڙھندي، سنڌ جي ھڪ ٻئي سٺي ۽ رائزنگ ڪھاڻيڪار يار محمد چانڊيو جي ڪھاڻي “اربعا خطا” ياد اچي وئي، ٻنھي جا موضوع جدا جدا آھن، پر ھڪجھڙائي اھا آھي ته ٻنھي ڪھاڻين ۾ ھڪٻئي کي چاھيندڙ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ ھوندا آھن ۽ ان رشتي جي خبر فقط سندن اربابن کي ھوندي آھي.
سنڌ ۾ وڏن نالن جي اجارہ داري آھي، ان ڪري اسان وٽ عظيم ڪھاڻي ته لکجي ئي ڪونه ٿي. رحمت الله ماڃوٺي، منظور ڪوھيار، ضراب حيدر، امر لغاري، جان خاصخيلي، ممتاز بخاري، مُشتاق ڀرڳڙي، عزيز چنڊ، الطاف ملڪاڻي، اختر رند، ايوب عمراڻي، منور سراج، رسول ميمڻ، اڪبر سومرو، محمد صديق منڱيو، آدرش، ممتاز لوھار، طارق قريشي، بانو محبوب، فرزانه شاھين، ناھيد مغل، جھان آرا سومرو کي ڪير ٿو سڃاڻي ؟ وڏن ۽ نالي وارن اديبن لکڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي ته انھن کي پڙھن به ڇو؟ ۽ ڀلا ھاڻي جيڪڏھن عين سحر، نصرت چانڊيو، سيما عباسي، ارشاد سومرو، ميان جي ايم ڪلھوڙو، يار محمد چانڊيو، محمد دين راڄڙي، احساس ابڙو، قربان جتوئي، ناصر قاضي ۽ وفا صالح راڄپر ڪھاڻيون لکن پيا ته انھن کي پڙھي ڪير ٿو؟
نه ايئن ناھي، سنڌ ۾ جيڪي عظيم ھئا، انھن منجهان ڪي وارو وڄائي ويا، ڪي ورھين کان وٺي وڪيٽ تي بيٺل ڏسون پيا، رنسون وٺن ڪونه ٿا، رڳو ٻين کي رن آئوٽ ڪرائي رھيا آھن... پراھو کيل به ختم ٿي ويو... ڇو ته نوان نوان ليکڪ ميدان تي اچي ويا آھن. ياسمين چانڊيو کي ڏسو، جيڪا ڳوٺ جي گرائونڊ ۾ ٽيپ چڙھيل بال سان، کڙٻڙ کڙٻڙ پِچِ تي کيڏندي رھي، ھاڻي ھن مجموعي سان ڊيبيو ڪري رھي آھي، ھيءُ ڪتاب سندس پھرين اننگ آھي... پڙھي ڏسو، پھرين اننگ ۾ ئي رڳو سڪسرز ۽ بائونڊريز پئي ھڻي.
[b]طارق قريشي[/b]
بيباڪ ڪهاڻيڪاره
ڪجهه عرصو اڳ هن بيباڪ ڪهاڻيڪاره مون ڏانھن فيس بڪ فرينڊ لاءِ رڪيئسٽ موڪلي. مون ايڪسيپٽ ڪئي.هن ٻڌايو ته هن کي منھنجي پسنديده ڪهاڻيڪار ضراب حيدر ۽ منھنجي مسلڪ جي ساٿي ڪهاڻيڪار مون لاءِ فرينڊ رڪيئسٽ لاءِ چيو هو ۽ منھنجي تعريف به ڪئي هئي. ائين اڳتي هلي پهرين ڊسمبر2019 ۾ سنڌ جي ثقافتي ڏينھن موکيءَ جي پڊ تي ملاقات ٿي، جيڪو ڏهاڙو ملير جا صحافي ساميءَ ميمڻ جي سرواڻي ۾ ملهائي رهيا هئا. جلسي جي اڳيان هن سان وڌي دعا سلام ڪيم. هن پنھنجي پاسي ۾ ويهڻ جي صلاح ڪئي. ويهڻ سان هن پنھنجي ور امر جليل مگسي صاحب ۽ پنھنجي ٻچن سان ملايو. مان هنن سان ملي احترامن هن کان پري پنھنجي دوستن عزيزن سائين شبير شاھ، سائين انور شاه، سائين احسان شاه، سائين بچل شاه ۽ حسن صوفاڻي سيد سان وڃي ويٺس. سچ اهو هو ته مونکي هن چانڊئي مگسي جي جوڙي مان ڊپ لڳو هو. مان پاڻ کي هنن کان في الحال سوين ڪوھ ڏور ڪري ڇڏيم..مان موکي جي مزار تي جڏهن به ويندو آهيان، منھنجي لاءِ هي عالم ارواح مان به ساقيءَ جو ڪردار بڻجي شراب طهورا جا پيگ آڇيندي نظر ايندي آهي ۽ مان اهي پيئندي پيئندي دل جو صاف سٿرو ماڻهو بڻجي پيو آهيان. سڀني جي ڪکڻ جي باوجود به هنن کي دعائن جا کوڙ سارا ٻڪ آڇي سندن مٿان گل نڇاور ڪندو آهيان. ائين سامي ميمڻ جي اجرڪ سان اوڍيل لعل قلندر ۽ ڊاڪٽر شير جي مونتي لکيل مضمون نئون قلندر کي پاڻ لاءِ ساڀيان جو روپ ڏئي پاڻ کي ملامت جو طوق پارائي اتان کسڪي آيس. جيئن ئي گهر پهتس ته هن ياسمين چانڊياڻي جي فون آئي چيائين: “گهڙي کن ملي وري ڪيڏانھن ڀڄي ويا هيا.” وراڻيم: “پاڻ کي بچائي کسڪي آيس.” هن کلڻي ٽهڪ ڏيندي چيو:“ڪنھن کان کسڪي آئين.”
“توهان ٻروچن کان.” هن ڳالهه کي سمجهي چيو: “منھنجو وَرُ مون لاءِ ڇپر ڇانو آهي، مان هن جي سهڻي سلوڪ جي ڪري ئي ليکڪا ٿي آهيان، توهان هجو هان ته هن سان ملي خوش ٿيو ها. وري ڪنھن ٻئي دفعي ملاقات ڪبي.” هن چيو: “توهان اسان جي قلم قبيلي جا آهيو، توهان کي ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ناهي.” ائين ڪجهه ملاقاتن ۾ ڄاڻ پئي ته هيءَ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ، شاعره ۽ بيباڪ ڪهاڻيڪاره آهي. هوءَ خوش مزاج ۽ پاڻ تي ڀروسو رکندڙ شخصيت آهي، جيڪا هن جي چواڻي ته سندس وَر جي اعتماد سبب بڻي آهي.
هن مون ڏانھن ٻه ڪهاڻيون تنقيدي حوالي سان موڪليون آهن جن کي پڙهي اندازو ٿيو ته واقعي اها لکڻي جي سگهه پنھنجي گهر وارن جي سھڻي سلوڪ ۽ ترقي پسند رويي هئڻ جي ڪري ئي ايندي آهي. هن جون ڪهاڻيون عصمت چغتائي، ڪرشن چندر ۽ نور الهديٰ شاھ جي ڪهاڻين جهڙيون بي باڪ، سگهاريون، دل ۾ چڀي ويندڙ ۽ اندر اڌ ڪندڙ آهن. جيڪي روايتي ماڻهن لاءِ ناهن پر سماج سان ٽڪر کائيندڙ برجستن لاءِ آهن. هن جي “سائيڪل وارو” ڪهاڻي معاشري جي انھن ماڻهن کي ننگو ڪري ٿي جيڪي ظاهري طور پوتر ۽ اندر ۾ شيطانيت جا سڀئي اَوَڳُڻ سانڍي رکندا آهن، جن جا اڪيلائين ۾ روپ پڌرا ٿيندا آهن.
سندس ٻي ڪهاڻي “کنوڻين جو ميلاپ” پڙهندڙن کي ڌوڏي وجهي ٿي، جنھن ۾ پڻ ماڻهن جا مڪروهه چهرا لڪيل آهن. ياسمين جي ڪهاڻين جو اظهار هن معاشري تي هڪ ڀرپور طنز آهي، جيڪا ڪهاڻيڪار جي بي باڪي جو ثبوت به آهي ته هن جي سگهاري ڪلا ئيمڪس جو به، جنھن مان ڪهاڻيڪار جي فن جي ڄاڻ پئي ٿي. دعا آهي ته هي پنھنجي لاڀائتي شعور سان ساري عمر سلهاڙي رهي.
[b] ڊاڪٽر عابد مظهر[/b]
سماجي اڻ برابريءَ خلاف جنگ جوٽيندڙ
“عورت جي بيداري قوم جي بيداري آهي. عورت جي آزادي قوم جي آزادي آهي. عورت جي شعور تي زنجير نئين زندگيءَ جي شعور تي زنجير وجهڻ جي برابر آهي. جنھن جي تخليق جو هو سبب آهي.”
شيخ اياز جي مٿين سٽن جي روشنيءَ ۾، جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ جي قومي شعور تي جيڪي عورتون اثر انداز ٿين ٿيون انھن ۾ ياسمين چانڊيو جو بيباڪ ڪردار به شامل آهي، سندس تخليق شاعري هجي يا ڪهاڻي پڙهندڙ جي ذهن ۾ ٻرندڙ ڏيئي ۾ تيل جو ڪم ڪري ٿي پوءِ اها شعوري لاٽ سدا سوجھرو ڪري واٽ ڏيکاري ٿي.
ياسمين چانڊيو مهارت ۽ بيباڪيءَ سان جن موضوعن تي پنھنجي مطالعي مشاهدي جي رنگن سان معاشري جي ڪڌين ريتن رسمن کي پڌروڪيو آهي، انھن ۾ ناڪام محبتون، جهالت سبب سامھون ايندڙ ريتون رسمون، اڻ برابري واريون شاديون، مردن جون ارڏايون، بي پرواهيون، محبت ۽ مذهب ۾ هٿ ٺوڪيون ڳالھيون ۽ انھن جي صحيح هجڻ تي نهن چوٽيءَ جو زور ڏيڻ. ياسمين چانڊيو اهڙن ئي موضوعن تي انتهائي مهارت ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ معاشري جي ڪوڙين ۽ هضم نه ٿيندڙ حقيقتن کي ڪردارنگاري ۽ منظرنگاري وسيلي سهڻي سيبتي نموني اڀاريو آهي، جو پڙهندڙ پاڻ کي منظر جو هڪ حصو محسوس ڪري ٿو اڳتي ڇا ٿو ٿئي وارو تجسس کيس ڪهاڻي پڙهڻ تي مجبور ڪري ٿو. ياسمين چانڊيو پنھنجي ڪهاڻين وسيلي عورت جي محسوسات ۽ احساسن کي انتهائي ڀرپور ۽ خوبصورت نموني چٽيو آهي. سندس ڪهاڻين ۾ اهڙا موضوع به ملن ٿا جن تي اڳم لکيو ئي ڪين ويو آهي يا لکيو ويو آهي ته بيباڪي سان نه لکيو ويو آهي، اسان چئي سگهون ٿا ته ياسمين چانڊيو جون ڪهاڻيون به سماجي حقيقت نگاري ۽ ترقي پسند حقيقت نگاريءَ جي دائري ۾ اچي وڃن ٿيون سندس ڪهاڻين جو اسلوب پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائي سماجي مامرن ڏانھن متوجهه ڪري ٿو. جيڪا هڪ تخليقڪار جي ڪاميابي آهي. ياسمين چانڊيو جي قلم جي اها مهارت چئبي جو پڙهندڙ جي نفسيات کي سامهون رکي لکڻ جو ڏانءُ رکي ٿي. انھيء جو خوبصورت مثال سندس لکيل ڪهاڻيون آهن. جن ۾ “نياڻي”، “ڀانڊارو”، “سائيڪل وارو”، “ڳولا” جن جا موضوع ڇرڪائيندڙ ۽ جاندار آهن، جيڪي پڙهندڙ کي آخر تائين پنھنجي گرفت ۾ رکڻ جي سگهه رکن ٿا. ياسمين چانڊيو جون ٻيون به انيڪ ڪهاڻيون آهن جيڪي سنڌي سماج جي مختلف پهلوئن جي عڪاسي ڪن ٿيون اميد آهي ته پاڻ ائين ئي سنڌ جي سماجي مسئلن تي قلم کڻي ڪهاڻيءَ جي فن کي اڳتي وڌايئنديون رهنديون.
[b]فرزانه شاهين[/b]
قومي ڪارڪن کان ڪهاڻيڪاره جو سفر
ياسمين منهنجي ننڍڙي ڀيڻ آهي، هميشه ڪجهه ڪرڻ جو جنون مٿس سوار هوندو آهي، بي پناھ سرگرم، باشعور نياڻي، اسان وٽ سنڌي عورت جو گهر مان نڪرڻ سڀ کان وڏو مسئلو آهي پر ياسمين جا والدين ۽ سندس ڀائرن خاص طور تي سندس وڏي ڀاءُ اڳوڻي سياسي ڪارڪن ۽ هاڻوڪي نامياري صحافي ارباب چانڊيي ۽ سندس ورَ امر جليل مگسي جهڙي هم خيال جيون ساٿي جي اتساهڻ سبب هن سياسي سماجي ڪارڪن کان ويندي هڪ ليکڪ تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو آهي. هن پنهنجون صلاحيتون قومي ڪمن ڪارن سان گڏوگڏ پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ پڻ ڪتب آنديون آهن. منهنجي لاءِ اهو ڪنهن انڪشاف کان گهٽ نه هو ته هو هڪ قومي ڪارڪن کان سواءِ هڪ سٺي ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره پڻ آهي.ڇاڪاڻ ته هن کان اڳ ياسمين چانڊيو جي سڃاڻپ مون لاءِ فقط سماجي ۽ سياسي ڪارڪن طور هئي. مون کي حڪم مليو ته سندس ڪهاڻين جي ڪتاب تي ڪجهه لکان. مون جهڙي سست ماڻهوءَ لاءِ ڪجهه لکڻ سزا کان گهٽ ڪونهي، جڏهن کان صحافت ڇڏيم لکڻ ڄڻ وسري ويو آهي. ڪهاڻين جي مجموعي تي لکڻ اهو به پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ياسيمن تي ڏاڍوڏکيو آهي.
مون محسوس ڪيو آهي ته ياسمين پنهنجي ڪرت سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رکي ٿي،ڪنهن به ڪم ڪرڻ جو پهه ڪري ته پوءِ ان کي مڪمل ڪري ئي ساهه پٽي ٿي. هوءَ ڪراچي جهڙي اجگر شهر ۾ رهي ٿي، سرڪاري نوڪري سان گڏوگڏ روزاني ڊرائيور بڻجي پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچي ٿي. گهر سنڀالي ٿي، عورتن جي جاڳرتا لاءِ سنڌياڻي تحريڪ ۾ سرگرم ڪردار، ۽ پوءِ شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي ٿي. سماجي، ادبي، سياسي سرگرمين ۾ وقت ڏئي ٿي، اهو سڀ ڪجهه ڪيڏو نه ڏکيو ڪم آهي، شابس هجيس، اهي سڀ ڪم ڏکيائين باوجود ڪرڻ واقعي جس لائق آهي.
ياسمين جي ڪهاڻين ۾ معاشرتي براين جي نشاندهي ڪيل آهي، سندس ڪهاڻي “سائيڪل وارو” عورت جي بهادري ۽ بردباري کي مثال ڪري پيش ڪيو ويو آهي ۽ جنسي حراسان ڪرڻ تي سروٽو هڻي اهو ثابت ڪرڻ ته سنڌي عورت سماجي برائي جو بهادري سان مقابلو ڪري ٿي. ٻي طرف وري هوءَ ڪهاڻي “کنوڻين جا ميلاپ” ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي عشق واري ناسمجهي ۽ بي وقوفي کي سهڻي نموني سمجهائي ٿي. ناسمجهي بغير سوچڻ سمجهڻ پنهنجي مٽن مائٽن جي اجازت کانسواِءِ ڪيل جذباتي محبت جو خطرناڪ انجام، پوءِ رشتا لڪائڻ ۽ سندس اڻڄاڻائي ۾ ڪيل غلطي خطرناڪ انجام ڪيڏو نه عذاب ڏيندڙ آهي. ياسمين سماجي برائي کي سبق آميز سمجهاڻي سان پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي، سندس لکڻين ۾ سبق به آهي ته شعور جي پختگي جي جهلڪ به آهي. ياسمين جي ڪهاڻين مان اندازو ٿيو ته هوَء سياسي ڪارڪن سان گڏ هڪ بهترين ڪهاڻيڪاره به آهي سندس گهڻ طرفي پهلو ئي هن جي ڪاميابيءَ جي نشاني آهن. هوَء بهترين ڌيءَ، ڀيڻ، ماءُ، زال، سلڇڻي قومي ڪارڪن سان گڏ باصلاحيت باشعور، پڙهيل لکيل ترقي پسند اديب، شاعره ۽ ڪهاڻيڪار آهي. دعا آهي سدائين خوش رهي ۽ ڪاميابي جون منزلون ماڻي.
مير عباس ٽالپر
سياسي ۽ ادبي محاذ تي لوچيندڙ
ڪهاڻي ڇا آهي؟ ۽ هن جي ڪڏهن کان شروعات ٿي؟ ان متعلق ڪيترن ئي محققن جا مختلف رايا پئي رهيا آهن، پر پوپٽي هيراننداڻي لکي ٿي ته “ڪهاڻي يا آکاڻي لفظ ڪَههَ ڪٿ يا آڪشه شبد مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي چوڻ يا ٻڌائڻ.” ان ڪري انسان جڏهن کان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي، تڏهن کان ڪهاڻي/ آکاڻي جي به شروعات ٿي آهي.
ڪهاڻي زباني ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ کان شروع ٿي، لکي ڪتابن ذريعي محفوظ ڪري پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ ڊگهو عرصو لڳو ۽ ڪيترائي مرحلا طئي ٿيا.
سنڌي لوڪ ادب وانگر ڪهاڻي جي صنف پڻ صدري خزاني جي حيثيت ۾ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي رهي آهي، جيئن ننڍپڻ ۾ ٻارن کي رات جو ننڊ نه اچڻ مهل يا دل وندرائڻ لاءِ گهر ۾ ڏاڏي، ناني يا وڏڙو، وڏڙي لوڪ قصا، ڪوهه قاف جي پرين، ديون جون آکاڻيون، شاهي رسم و رواج سميت پنهنجي زندگيءَ جا تلخ تجربا ڪهاڻي جي صورت ۾ ٻڌائيندا اچن.
ڪجهه ڏهاڪا پهرين لوڪ ادب ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري بيش بها خزانو ميسارجڻ کان بچائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، تنهن هوندي به نه ڄاڻ ڪيترن ئي سگهڙن جو مواد اڃان تائين منظر عام تي نه اچي سگهيو آهي. ڪهاڻي به گهڻي وقت کان ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. ان ڏس ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار پاڻ مڃائي نالو ڪمائي چڪا آهن. ياسمين چانڊيو پڻ ان سلسلي جي ڪڙي ۽ ڪهاڻي جي خوبصورت ليکڪا آهي، جنهن جون ڪهاڻيون اڪثر سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ (جنهن کي عام طور تي عالمي اوطاق پڻ چيو وڃي ٿو ) ذريعي سامھون آيون آهن ۽ مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپجنديون رهيون آهن. اڄ اوھان جي هٿن ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آهي، عام طور تي اهي ليکڪ ئي قوم جي دلين ۽ ذهنن ۾ پنهنجو اثر ۽ چاهه پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا جن جي لکڻين جو محور ۽ ڪردار عام ماڻهو ئي هجن ٿا ۽ سندن ٻولي سادي ۽ سولي هجي ٿي. ان حوالي سان ياسمين چانڊيو گهڻي ڀاڱي ڪامياب وئي آهي. ڇو ته هن زميني حالتن جو تمام ويجهڙائي کان جائزو وٺندي سموري قوم جا درد ڪهاڻين ذريعي پني تي اوتيا آهن، جنهن جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ياسمين پنهنجي ذاتي زندگي ۾ به انتهائي متحرڪ آهي هن جو ڪنهن سياسي پارٽي سان ڳانڍاپو هجڻ ڪري مختلف جڳهن تي مختلف پروگرامن يا احتجاجن ۾ وڃڻ، ڪا به دعوت نه گسائڻ هر وقت قوم جي مظلوم ماڻهن سان بيهڻ ۽ انهن لاءِ جدوجهد ڪرڻ هن جي سياسي شعور کي واضع ڪري ٿو. ساڳي وقت علائقي جي ڳوٺن جا دؤرا ڪري غريب بي پهچ عورتن ٻارڙن وٽ وڃي کين پنهنجائپ جو احساس ڏياريندي وس آهر مدد پڻ ڪندي رهي ٿي.
ادب جي دنيا ۾ مون اڪثر اهڙا ماڻهوڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي لکڻين ۾ ته اعليٰ پائي جا قوم پرست، غريبن جا ھڏڏوکي ۽ ظلم خلاف جهيڙو جوٽڻ جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ انهن اعليٰ انساني قدرن کان وانجهيل هوندا آهن، پر انهن جي ڀيٽ ۾ ياسمين چانڊيو اها ليکڪا آهي جنهن جي لکڻين ۽ ذاتي زندگي يعنيٰ قول ۽ فعل ۾ ذري جو به فرق نه آهي. ياسمين اها بي باڪ ليکڪا آهي جنھن عورت هوندي انهن موضوعن تي به سئولي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي جنهن تي مرد ليکڪن جا به هٿ لکندي ڏڪي وڃن.
ان ڳالهه کان ڪنهن صورت انڪار نٿوڪري سگهجي ته اڄ جو دؤر سوشل ميڊيا جو دؤر آهي، سماجي لاڳاپن جي ويب سائيٽن ذريعي ماڻهو پنهنجي ڳالهه، پيغام، لکڻي اک ڇنڀ ۾ لکين ماڻهن تائين آساني سان پهچائي سگهي ٿو ۽ گهربل معلومات پڻ حاصل ڪري سگهي ٿو، تنهن هوندي به ادب جي ميدان ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائون گهٽ آهن، جنهن جا ڪيئي ڪارڻ آهن. مردن جي ڀيٽ ۾ عورت ليکڪائن گهٽ تعداد هئڻ باوجود پنهنجي لکڻين ذريعي سنڌي ادب جي آبياري پئي ڪئي آهي. ڌڻي در دعا آهي ته ادي ياسمين چانڊيو ادب جي دنيا ۾ الڳ سڃاڻپ ۽ اعلي مقام حاصل ڪري. آمين
جمشيد زهراڻي
سچ جي ساکي ليکڪا
سنڌُ ڌرتي جي تاريخ رهي آهي ته ان هميشه اهڙين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن مختلف شعبن ۾ مهارت رکندي دنيا ۾ سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪيو آهي.
ڳالهه موسيقي جي هجي، علم جي هُجي يا ادب جي سنڌ دنيا ۾ هميشه نرالي نانءَ سان اوچي رهي آهي. اسان وٽ سنڌ ۾ ادب تي جيڪو تاريخ ساز ڪم ٿيو آهي، ان جهڙو مثال ملڻ مشڪل آهي. سنڌي ادب خاص ڪري ڪهاڻي جي صنف ۾ نسيم کرل کان وٺي ماڻڪ تائين ۽ امر جليل کان وٺي رسول ميمڻ تائين ڪهاڻي جو دؤر جاري آهي، ان سان گڏُ ڪهاڻي ۾ سنڌ جي عورت جو ڪردار به هميشه ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي. ثميره زرين کان وٺي نورالهديٰ شاه تائين ۽ فرزانه شاهين کان وٺي ياسمين چانڊيو تائين اهو سلسلو جاري آهي.
سنڌي ڪهاڻي لکندڙن ۾ ياسمين چانڊيو جو پنهنجو هڪ الڳ مقام آهي، هن جي ڪهاڻين ۾ روز مره جي زندگي ۾ ماڻهن سان پيش ايندڙ اهي واقعا آهن، جيڪي شايد هر ماڻهو جي نظر مان گذُرن ٿا پر هر ڪو اهي حادثا ۽ واقعا ائين محسوس نٿو ڪري سگهي، جيئن ياسمين چانڊيو محسوس ڪيا آهن. ياسمين چانڊيو جون لکڻيون سندس بهادري ۽ بيباڪي کي ظاهر ڪن ٿيون. هُن جنهن همٿ ۽ بهادري سان حساس موضوعن کي ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي ان تي کيس جس هُجي.
ياسمين جو هي پهريون ڪهاڻين جو مجموعو آهي پر سندس ڪهاڻيون پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ هوءَ ورهين کان لکندي هُجي.
مرتضيٰ ناريجو
ترقي پسند ليکڪا
مون کي اعتبار ئي نٿو ٿئي ته ياسمين چانڊيو ايتريون ڪهاڻيون لکي ڪتابي شڪل ۾ پڙهندڙن اڳيان آڻي سگهي ٿي، هوءَ جنھن جي زندگي خود هڪ سچي ڪهاڻي آهي، جنھن ٻالڪپڻ کان ڏکن، محرومين، اذيتن ۽ پيڙائن کي سٺو ۽ ڀوڳيو آهي پر ڪڏهن به انھن اڳيان آڻ نه مڃي آهي، مايوس نه ٿي آهي سندس مستقل مزاجي جو ئي نتيجو آهي ته اڄ پنھنجي قد کان به وڏي ٿي هڪ ليکڪا جي شڪل ۾ سامهون آئي آهي. ياسمين کي آئون ننڍ پڻ کان سڃاڻان سندس پيءُ ۽ ڀائر محنتي پورهيت رهيا آهن. صحافت جي دنيا جو وڏو نالو ليکيو ويندڙ ارباب چانڊيو جڏهن پنھنجي بابا ۽ امان، ڀائرن ڀينرن تي ٻڌل ڪٽنب سان گڏ لاڙڪاڻي مان لڏي ڪراچي آيو هو، تڏهن کان آئون هن گهر سان ذاتي ۽ سياسي طرح جڙيل رهيو آهيان، ان وقت ياسمين ننڍڙي هئي، ساڻس ڀيڻ يا ڌيءَ جو رشتو هو، جيڪو اڄ تائين وڌيڪ پختو ٿيو آهي. زندگي جي اٿل پٿل ۾ هلندي هن اسان جي ساٿي امر مگسي سان وهانءُ ڪيو، هو هڪ برجستو روشن خيال نوجوان آهي جيڪو سماجي نا انصافين خلاف هر وقت ميدان عمل تي جهيڙيندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ياسمين کي سياسي سماجي سرگرميون ڪرڻ ۽ لکڻ جو ڀرپور موقعو مليو. ياسمين مون سان گڏ ملير جي ڳوٺن، مختلف ماڳ مڪانن تي هلي اتي انساني حقن، محرومين ۽ سماجي پيڙائن جي ور چڙهيل عورتن سان گڏ ويهي ڏک وچان لڙڪ لاڙيا آهن. اسان کي بي وسي ۽ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو ڏک ٿيندو رهيو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ياسمين سٺي شاعره ۽ ڪهاڻيڪار سان گڏ، هڪ ترقي پسند سياسي ڪارڪن پڻ ٿي اڀري آهي. مون کي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته هوءَ هاڻ ادب جي دنيا ۾ نالو ڪمائي چڪي آهي. هن سماج جي منجهيل مسئلن تي قلم کڻي هن ڪتابي شڪل ۾ ڪهاڻين جو مجموعو ڏنو آهي. منھنجي دعا آهي ته ياسمين اڃان به گهڻي عزت، ترقي ۽ اعليٰ مقام ماڻي. مون ياسيمن جون “کنوڻين جا ميلاپ”، “ڀانڊارو” ۽ ٻيون ڪهاڻيون پڙهيون آهن، جن ۾ مون کي هوءَ ٻي نورالهديٰ شاھ لڳي آهي. انھن ڪهاڻين ۾ هن سماج جي اڻ برابرين، ذلتن، دوکن ۽ عورت کي رانديڪو سمجهي استعمال ڪرڻ جهڙن منفي روين جو زهر اوتيو آهي، ڪهاڻين ۾ ڪڙيون حقيقتون سامهون آنديون آهن.
ادب جي دنيا به عجيب ڪرشمن سان ڀريل آهي، هتي آئون ادب بابت مختصر تاريخي حوالي طور ٻڌائيندو هلان ته ادب بنيادي طور عربي ٻولي جو لفظ آھي، جنھن کي شائستگي ۽ خوش بياني طور ورتو وڃي ٿو. بنو اميه جي زماني ۾ بصرَي ۽ ڪوفَي ۾ زبان جو لکڻين کي وڌيڪ عروج حاصل ٿيو. ادب کي هنديءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ساهت چيو ويندو آهي. “ساهتيه” سنسڪرت جو لفظ آهي. “ساهتيه” لفظ جي اکري معنيٰ موجب ساهتيه ۾ لفظ ۽ معنيٰ جو پاڻ ۾گهاٽو لاڳاپو آهي. ادب آرٽ جي ھڪ شاخ آھي، جنھن کي “فنِ لطيف” به چئي سگھجي ٿو. سنڌي ادب جي تاريخ سڀ کان پهرين فارسيءَ ۾ لکي ويئي. مغليه دؤر ۾ سنڌي شاعرن، عالمن ۽ اديبن جو ذڪر فارسي ڪتابن ۾آيو آهي. انگريزن جي دؤر کان باقاعده ڪتاب، مضمون ۽ مقالا سنڌيءَ ۾لکجڻ شروع ٿيا. اڄ جڏهن آئون ياسمين چانڊيو جي ادبي ڪرت تي پنھنجو تاثر لکڻ ويٺس ته منھنجي ذهن ۾ سنڌ ۽ دنيا ۾ عورتن جي جدوجهد جي تاريخ جو خيال آيو مون ڪتابن جا ورڪ اٿلايا ته منھنجو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿي ويو ته سنڌ جون عورتون به ڪنھن به طرح دنيا کان پوئتي نظر نه آيون. سومرن جي دؤر جي “مارئي” وطن سان محبت جو اهڃاڻ ته “ٻاگھي”ميدان جي جرنيل نظر آئي. دودي جي ڌيءُ “ڪويل” پنھنجي مڱيندي ننگر (جنھن جي عمر 13 سال ھئي) کي موڙ ٻڌائي، وطن جي جنگ ۾ شھيد ٿيڻ لاءِ موڪليو. جڏھن ھو شھيد ٿي موٽيو، ته سندس ڳاٽ فخر کان اُوچو ٿي ويو. سنڌ ۾ مائي فاطمه خاصخيلي، بيگو رند، بصران، زينب، مريم، ڪمال خاتون نظاماڻي ۽ ٻين سوين عورتن جي بھادرانه عملي ڪردار کي وساري نٿو سگھجي. مشھور ڳائڻيءَ الله وسائيءَ کي به وسارڻ ٺيڪ نه ٿيندو، جنھن خيرپور جي ملٽري ڇانوڻيءَ ۾ ھڪ انگريز آفيسر تي خنجر جا وار ڪري کيس ماري وڌو ھو.
ھاري تحريڪ جي مائي بختاور وٽ ڪمدار اناج جي بٽائيءَ لاءِ اڳتي وڌيو ته مائي بختاور مٿس ٽيانگ سان حملو ڪيو. اُن تي چوڌري دين محمد فائرنگ ڪرائي ۽ مائي شھيد ٿي ويئي. مائي بختاور، جيڪي آخري لفظ چيا ھئا، سي سنڌ جي تاريخ بڻجي ويا: “ابا ڏسجو! متان ماريا اَن کڻي نه وڃن.” سنڌ ۾ “سنڌي ٻولي، قومي ٻولي” ۽ “ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو” جهڙيون تحريڪون ھليون ته سنڌ ياڻي تحريڪ جي سورمين اختر بلوچ، رياض ميمڻ، نسيم سنڌي، نسيم ٿيٻو ۽ ٻين ڪيترين سنڌي نياڻين بک ھڙتالون ڪيون ۽ جيلن ۾ وڃي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي عورت، سنڌ جي هلندڙ جدوجھد ۾ ڪنھن به ريت مَردن کان پوئتي نه آھي، دنيا جي بهادر عورتن ۾ جميله بو پاشا (الجزائر)، زرقا ۽ فاطمه محمد برناوي (فلسطين)، زويا انا طوليا (روس)، ليو خولان (چين) ۽ نِگوين ٿِي چائو (ويٽنام جو نالو به هميشه زندهه رهندو. پنھنجي وطن، قومي وسيلن ۽ بنيادي حقن لاءِ جتي عملي جدوجهد تي اهميت آهي اتي ظلم جي تاريخ نا انصافين سماجي براين کي رڪارڊ تي آڻي ايندڙ نسلن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ لکڻ جي پڻ وڏي اهميت آهي. ياسمين چانڊيو نه رڳو سنڌ پر دنيا جي انھن بهادر عورتن مان هڪ آهي. اسان کي ياسمين چانڊيو جي همٿ افزائي لاءِ سندس ڪهاڻين جي ڪتاب کي اڳتي وڌائي سنڌ سميت پرڳڻي تائين پکيڙڻ گهرجي.
[b]سامي ميمڻ[/b]
پنهنجي پاران
منھنجي پيدائش لاڙڪاڻي جي لاھوري پاڙي ۾ ٿي، ان کان پوءِ قمبر شهر لڏي وياسين، مون پرائمري تعليم لاڙڪاڻي ۽ قمبر مان حاصل ڪئي، ڪجهه عرصو قمبر ۾ رھڻ کان پوءِ ڪراچي آياسين ۽ هينئرڪراچيءَ ۾ ئي رھائش آهي.
مون پنهنجي ڪھاڻين لکڻ جي شروعات تقريبن نوي واري ڏهاڪي ۾ ڪئي، تڏهن مان اڃان چوٿين درجي ۾ پڙھندي ھئس.ان وقت ڪتابن پڙهڻ جو جنون جي حد تائين شوق ھوندو هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
تنھن زماني ۾ انٽرنيٽ يا موبائل فون وغيره ڪانه ھوندي ھئي سو گھڻو ڪري ماڻهن جو لاڙو ادب ۽ سياست طرف ھو، خاص طور تي پنهنجي سنڌ جي صورتحال به ڪجهه اھڙي قسم جي ھئي جنھن جي ڪري سنڌي ماڻهن جو جدوجهد ۽ مزاحمت ڪرڻ جو واحد ذريعو سياست ھئي. سو سياسي پارٽي جنهن جو اڳواڻ رسول بخش پليجو ھجي ته پوءِ اتي جدوجهد جي شروعات ئي علمي، ادبي ۽ فڪري بنياد تي ٿئي ٿي.
هي 1990ع واري دور جي ڳالهه آهي منهنجو وڏو ڀاءُ ارباب چانڊيو عوامي تحريڪ سان سلهاڙيل هو، پوءِ هڪ ڏينهن قمبر ۾ مونکي ادي زاھده شيخ جي گهر وٺي ويو. هن اتي مون کي نامياري اديب ۽ سياستدان محترم رسول بخش پليجي صاحب سان ملايو، ان موقعي تي محبت ٻرڙي ، علي گل ميتلي، ڊاڪٽر نذير شيخ، ايوب شيخ، ادي زاھده، ادي رخسانه سميت ٻين ناميارين شخصيتن سان پڻ ملاقات ٿي.
ان ڏينهن اتي اجلاس ھلي رھيو ھو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي بهترين ليڪچر پڻ ڏنو. ان پوري اجلاس ۾ مان ئي هڪ ٻارڙي ويٺي ھئس. اجلاس ۾ پليجي صاحب جي توجهه جو مرڪز ھئس، انڪري جو ادا ارباب منهنجو ذڪر پليجي صاحب سان اڳ ڪيو هو. ادا پليجي صاحب کي اهو به ٻڌايو هو ته آئون اڳ ڪيترائي ڪتاب پڙهي چڪي آهيان.
مونکي ڪتابن پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق ھو، ان شوق ۾ ادا ارباب اڃان به وڌاءُ ڪري لينن، نجم عباسي، امر جليل، خليل جبران، ۽ ٻين جا ڪتاب پڙھايا.
تنھن ڳالهه جي پليجي صاحب پڻ چڱن لفظن ۾ اظهار ڪندي چيو هو ته “تمام گهڻي خوشي آهي ته ارباب پاڻ سان گڏ پنھنجي گھر جي نياڻين جي به تربيت ادبي ۽ سياسي طريقي سان ڪري پيو.
ان موقعي تي پليجي صاحب مون کان پڇيو ته ڪھڙا ڪھڙا ڪتاب پڙھيا اٿئي، مون انھن ڪتابن جا نالا ٻڌايا جيڪي مون پڙھيا ته اتي ويٺلن پڻ تاڙيون وڄايون.
تنھن کان پوءِ مونکي اھا خبر ڪونه ھئي ته ڪو تاڙين جي خوشيءَ کان پوءِ مونکي پليجي صاحب جو جبل جيڏو اوچتو ڪو سوال اچي ڪڙڪندو. اڃان تاڙيون بند ئي ڪونه ٿيون جو پليجي صاحب پنهنجي فوجداري انداز سان چيو ته “ياسمين اٿي بيهه ۽ لينن جي ڪتاب تي تبصرو ڪر.”
سچ ته اھو ٻڌي منهنجو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، پوري لڱن ۾ ڏڪڻي پئجي وئي، هڪ ته ايڏا وڏا ماڻهو ويٺا هئا ۽ ٻيو ان کان اڳ مون ڪڏهن ڪنهن اڳيان ڪتاب تي تبصرو ڪونه ڪيو هو سو منهنجو دماغ ڪم نه پيو ڪري ته ھاڻي ڇا ڪيان ۽ وري پليجي صاحب جي اڳيان ڪنهن جي به همت ڪونه ٿيندي هئي ته ڪجهه چوي، جيڪا ڳالهه مون ادا ارباب کان اڳ ۾ ٻڌي ھئي سو تنھن ڏينهن به ڏڪندڙ ٽنگن ۽ آواز سان مشڪل سان نڙيءَ مان آواز ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن سڀني جي پاڻ ڏانهن دلچسپي ۽ مسڪراهٽ وارو رويو ڏسي منهنجي ٽنگن جي رڦڻي ڪجهه جھڪي ٿي. ان ڪتاب تي ڇا ڳالهايون ھو، ياد ناهي، پر جڏهن تبصرو ڪري ويٺس ته تاڙين جو وسڪارو ٿي ويو.
پليجي صاحب چيو ويلڊن تنهن مان اندازو ٿيو ته مان سٺو تبصرو ڪيو.
ان وقت جذبات ۾ منھنجو منھن ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ نڙي سڪي خشڪ پر پليجي صاحب ۽ ٻين ويٺلن جي تعريف ٻڌڻ کان پوءِ اتساهه مليو.
ايئن منهنجو لکڻ، پڙهڻ ۽ ادب ڏانهن نئون لاڙو پيدا ٿيو. انهن ڏينهن ۾ روزاني اخبار پڙهڻ ۽ بي بي سي ريڊيو تي ابا سان گڏ رات جو ويھي خبرون ٻڌڻ ۽ انهن تي تبصرو ڪرڻ معمول بڻيل هوندو هو.
سجاڳ ٻارڙين سان نه سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن سان ڪم ڪرڻ تنهن دؤر ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻو عوامي تحريڪ لاءِ اول نمبر تي ھو.سڄي سنڌ ۾ وڌيڪ ڪم اتي ٿيندو هو، ھر ھفتي اسٽڊي سرڪل ٿيندو هو، جنهن ۾ پنهنجي پڙھيل ڪتابن تي تبصرو ۽ عالمي ادب ۽ سياست تي ليڪچر ٿيندا هئا. تنهن دؤر ۾ ورلي ڪو ڏينهن خالي ھجي ھر ڏينهن شام ڌاري ڪٿي نه ڪٿي دؤرو رکيل ھوندو ھو موڪل واري ڏينهن وري لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا دؤرا ٿيندا هئا ۽ گڏجاڻيون به تمام گھڻيون ٿينديون رهنديون ھيون.
تڏهن مان پاڻ وٽ ٽن قسمن جون ڊائريون رکندي ھئس ھڪ ۾ ڪھاڻيون ۽ آرٽيڪل لکندي ھئس، ھڪ ۾ ڪتابن تي تبصرا ٽين ڊائري پارٽي جي حوالي پروگرامن جون تاريخون گيت نظم وغيره جيڪي مختلف اخبارن رسالن ۽ ڪتابن مان ڪڍي لکندي ھئس جيڪي زباني ياد پڻ ڪندي ھئس ۽ دنيا جي عظيم ليکارين ۽ ڏاھن جا قول پڻ لکندي ھئس.
منھنجي پھرين ڪھاڻي عوامي آواز جي سرتيون صفحي ۾ تقريبن 1995ع ۾ ڇپي. تنهن زماني ۾ ڪجهه عرصو ڪھاڻيون ۽ آرٽيڪل ڇپندا رھيا پوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي شادي ٿي فورن سال ۾ نياڻي ٿي ۽ ائين لکڻ ۽ ڇپائڻ وارو سلسلو ڪجهه وقت لاءِ رڪجي ويو، جيڪي ڊائريون ھيون سي اڳتي هلي منھنجي ٻارڙن جي ھٿ لڳيون تن ڦاڙي راند روند ۾ وڃائي ڇڏيون جن ۾ ڪيترو ئي منهنجو تخيلقي مواد وڃائجي ويو.
ايئن ڪيترن سالن جي وقفي کان پوءِ وري مان لکڻ شروع ڪيو مختلف رسالن ۾ منهنجي شاعري ۽ ڪھاڻيون ڇپجنديون رهيون ۽ اخبارن ۾ آرٽيڪل پڻ شائع ٿيندا رهيا.
پنهنجي لکڻين متعلق ايترو چوندس ته:
جيستائين سوال آهي ته ڇا عورت اسان جي معاشري ۾ آزاد يا خود مختيار آهي؟
ته اتي منهنجو جواب آهي نه.... ان ڪري جو عورت، ڪٿي پيءُ جي عزت، ڪٿي ڀاءُ ۽ ڪٿي وري پٽ جي عزت ٿئي ٿي، ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ عورت جي پنهنجي عزت آهي ئي نه.
عورت کي جنھن جي نڪاح ۾ ٻڌو ٿو وڃي پوءِ ان تي اھو حڪم لاڳو ٿو ڪيو وڃي ته مرڻ گھڙيءَ تائين اھا ان مرد جي ملڪيت آهي.ان جي جسم جو مالڪ صرف اھو ئي واحد مرد آهي، جيڪڏھن ان ٿوري به ان حڪم جي خلاف ورزي ڪئي ته ڪاري ٿيندي، جڏهن ته عورت مرد ٻئي انسان آهن، مرد شادي کان اڳ يا پوءِ جيڪو ڪجهه ڪري کيس اختيار آهي، پر ڇا عورت کي اهو اختيار سماج ڏنو آهي؟
جيڪڏهن شاديءَ رات به مرد کي لڳي ته عورت ڪنواري ناهي، پوءِ اھا ڪاري آهي، مرد ڇو ڪارو نٿو ٿئي ۽ مرد جيڪو جنهن عورت جي جسم سان پنهنجي نفس جي باهه اجهائي ٿو پوءِ به ان کي رنڊيءَ جو نالو ملي ٿو. درحقيقت چڪلو ته ھلندو ئي مردن جي اتي وڃڻ سان آهي پر بدنام وڃڻ واري کي نٿو ڪيو وڃي پر اتي رھندڙن کي ڪيو وڃي ٿو. ايئن پنهنجي سماج جا تمام گهڻا ابتا قانون آهن.
مون پنهنجي ڪھاڻين ذريعي سماجي بيحثي جي وَر چڙهيل ھر ان عورت جي احساسن کي زبان ڏيڻ ۽ مدي خارج سوچن، ريتن ۽ رسمن کي آئينو ڏيکارڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي.
پنهنجي ڪهاڻين ۾ عورتن جي احساسن تي قلم کڻڻ سان گڏ وگڏ ويجھن رشتن تي به لکيو اٿم، جتي ڪيئن ويجها رشتا گڏ ھوندي به سندن احساس مئل هجن ٿا.
ھتي ھڪ ڳالهه ضرور ڪندس ته اسان وٽ اديب ته کوڙ سارا آهن پر انهن مان اڪثر جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڏٺو اٿم، انھن جي اندر خود پرستي ۽ نون ۽ اڀرندڙ اديبن لاءِ صرف تعصب مليو آهي.
.....پنهنجي ڪھاڻين جي ڪتاب “ڀانڊارو” جي باري ۾ سڀ کان اول اُن شخصيت جو نالو لکندس جنهن منهنجي سادي تخليقي ٺڪر جي ڀانڊاري ۾ مهاڳ وسيلي پنهنجي ڏات ۽ محبتن سان ڀريل رنگ چٽيا آهن. اھڙا رنگ جيڪي سادي آسمان تي انڊلٺ ڀريندي آهي، پر اُھي رنگ بارش جا محتاج ھوندا آھن جن جون بوندون پوندي ئي آسمان صاف چٽو ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ئي اھي خوبصورت رنگ اسان کي نظر ايندا آهن. ڪتاب بابت پنهنجن اڻ ملهين راين ۽ اتساهه ڏيڻ لاءِ ادا طارق قريشي جي نهايت ٿورائتي آهيان.
.....ادي فرزانه شاھين جنهن ادبي کيتر ۾ سدائين مون کي همٿايو آهي، پنهنجي اڻ ملهين گهڙين مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي راءِ سان نوازيو تنهن تي سندن وڏا وڙ ۽ لک قرب.
.....ڊاڪٽر عابد مظهر جا پڻ لکين احسان، جن منهنجي تخيلقي پورهئي کي ساراهيندي اڳتي وڌڻ ۽ لکڻ لاءِ ھمٿايو آهي.
.....سامي ميمڻ جنهن کي پنهنجو روحاني پيءُ چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هو هميشه منهنجو محسن رهيو آهي ۽ ھر موقعي تي پاڻ سان گڏ کڻي ھليو آهي. سندن چواڻي ته:
“ويھڻ موتُ آهي ۽ اٿڻ زندگي.”
سندن جملي سدائين اتساهه بخشيو آهي.
.....مير عباس ٽالپر، جنهن ننڍي هوندي کان اڄ تائين ھڪ ڀاءُ ۽ پيءُ جو پيار ڏنو آهي، سندن هڪ هڪ لفظ ۾ حوصلو ۽ اڳتي وڌڻ جو دڳ مليو آهي.
..... جمشيد زھراڻيءَ جي ٿورائتي آهيان، جنهن سان ڄاڻ سڄاڻ ۾ ڪو وڌيڪ عرصو ته ناهي ٿيو پر ادا سان جڏهن به ملندا آهيون ته حوصلو ۽ محبتون ملنديون آهن. سدائين همٿائيندا رهندا آهن.
.....مرتضيٰ ناريجو نئين ٽهي جو بهترين ليکڪ آهي، هن ڪتاب بابت راءِ ڏيڻ تي سندس شڪر گذار آهيان.
.....۽ آخر ۾ ھن ڪتاب جي پبلشر، سنسارپبليڪيشنس ڪراچي جي سرواڻ اسلم کٽياڻ جا وڏا وڙ، جنهن منهنجي هن تخيلقي پورهئي کي خوبصورت گلدستي جيان سجائي اوهان پڙهندڙن تائين پهچايو آهي.
ھن ڪتاب کان اڳ منهنجو هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپجي چڪو آهي ۽ ھڪ گڏيل ڪھاڻين جو مجموعي جو پڻ حصو بڻيس. جڏهن ته مڪمل ڪھاڻين جو ھي پھريون مجموعو آهي، جيڪو توهان جي ھٿن ۾ آهي، ھاڻي توهان پڙھندڙن تي آهي ته منهنجو ھي ادبي پورهيو ڪيترو ساڀ پئي ٿو.
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت
[b] ياسمين چانڊيو[/b]
ڪهاڻيون
---
نياڻي
روز جيان، پاڙي واري ٻانگي جي ٻانگ جي آواز تي زيبوءَ جي اکِ کُلي، ھر روز جيان اک کلڻ تي ھو پنھنجي آس پاس جو جائزو وٺندي هئي، انڪري جو، ھوءَ جيڪو ڪجھه پنھنجن سپنن ۾ ڏسندي ھئي، اُن جي پڪ ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن نِھاريندي ھئي ته ڪٿي اڃان خوابن واري محل ۾ ته ناھي! پر ننڊ مان جاڳڻ کانپوءِ به ساڳئي غريباڻي پڌر ۾ ڇڳل کٽ تي سُتل ھوندي ھئي. اُن لمحي ھوءَ ھڪڙو ٿڌو ساھه کڻي آسمان ڏانھن نِھاريندي ھئي. ھڪدم آسمان ڏانھن نظر ڪندي دل ئي دل ۾ ڄڻ ڪا شڪايت ڪندي ھئي.
اڄ به اک کُلڻ شرط ھن جي نظر کٽ ڀرسان پيل لٺ واري پکي تي پئي، جيڪو ھوا گھٽ ۽ کڙڪو وڌيڪ ڪندو هئو، اُن پکي جي سامھون سندس کٽ سميت قطار ۾ کٽون رکيل ھونديون ھيون. جتي سندس ڀينر، ڀائر ۽ آخري کٽ تي پيءُ سُتل ھوندو ھو. ھاڙ جا ڏھاڙا ھوندا ھئا ۽ مڇرن ھُجڻ ڪري کٽن تي مھارا وجهي سمھندا ھئا، سندن اڱڻ ڪشادو ھئڻ ڪري جيڪڏھن ڪڏھن ڪا تيز ھوا ھلندي ھئي ته مھارن جا کٽ سان ٻڌل لڪڙا ڪِري پوندا هئا، جيڪي پِڻھنس ڀڻ ڀڻ ۾ گاريون ڏيندي، کٽ جي پاون سان ٻيھر ڇڪي ٻڌندو هو.
زيبو، الله اڪبر جي آواز سان ڪلمو پڙهي، مھاري کي مٿي ڪري اُٿي، ھٿ منھن ڌوئي رڌڻي ۾ آئي ته ماڻهنس چيلهه کي ھٿ ڏئي پريشاني ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦري رهي هئي. ھونئن اڪثر ماڻهنس اَٽو بيٺي ڳوھيندي آھي. زيبو سمجهي وئي ته امان کي سورَ ٿيا آهن.
گھر جي وڏي ڌيءَ ھئڻ ڪري زيبو ماءُ جو ھر ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي نه صرف ايترو پر چوڏھن سالن جي وھيءَ تائين چار ڀيرا ماءُ کي ايئن سور کائيندي ڏٺو ھيائين. زيبو ماءُ کي ھٿ مان وٺي اچي کٽ تي ليٽايو ۽ پاڻ نماز پڙھڻ لاءِ پڌر ۾ مُصلو وڇايائين. نماز جي آخري رڪعت مڪمل ڪري، جڏھن سلام ورايائين ته ماءُ تي نظر پيس جيڪا پڌر ۾ تڪليف وچان چڪر ڪاٽي رھي ھئي. ھن دعا لاءِ ھٿ مٿي کنيا ۽ آسمان ۾ نِھارڻ لڳي. پرھه اڃا ڪونه ڦُٽي ھئي، پر تارا اڳواٽ ئي سج جي روشنيءَ کان پاڻ بچائيندي ڄڻ لِڪي رھيا ھئا. زيبوءَ کي ھڪ لمحي لاءِ محسوس ٿيو ته ھو به ته اُنھن تارن مثل آھن جيڪي زندگيءَ جي تپندڙ سج جي تاءَ ۾ لوڪ کان لِڪندا رھندا آھن. ڪٿي به ڪڏھن به کين ڪنھن اميد ۽ خوشيءَ جو پاڇو يا ڇانورو نصيب نه ٿيو. ھن وري ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماءُ کي ڏسڻ لڳي، مُصلو ويڙهي اُٿي ماءُ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، وري وڃي پيءُ جي کٽ ڀرسان بيھي غور سان پيءُ کي ڏسڻ لڳي، جيڪو رات پنھنجو نشو پَتو ڪري گھري ننڊ سُتل ھو. ھُن پنھنجي پيءُ کي اُٿارڻ ۽ ٻُڌائڻ چاھيندي به کيس اُٿارڻ نه پئي چاھيو جو کيس گذريل سال جو واقعو اکين اڳيان تري آيو. جڏهن ماڻھنس کي سُور ٿيا هئا ۽ ھن پيءُ کي اٿاريندي چيو هو ته:” بابا اُٿو دائيءَ کي وٺي اچو، امان کي سُور ٿيا آھن.”
ته پڻھنس گار ڏيندي چيو ھئس ته:” ماڻھين روز روز ٿي ٻار ڄڻي، اسان نوڪر آهيون، جو ننڊ ڦٽائي دائيون ڳوليندا وتون ۽ ٻيو ته ھت پيا به نوٽ آهن جو دائيءَ کي ڏينداسين.”
اُن لمحي زيبو جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. ھوءَ سوچڻ لڳي ته امان جي سُورن ۽ ٻارن ڄڻڻ جو سبب ڪير آھي؟ شايد کيس اندر مان جواب ملي ويو جو ھوءَ عمر جي حساب سان سياڻي ٿي چُڪي ھئي. ھُن اڪثر ماءُ کي سندس پيءُ کي چوندي ٻڌو هو ته:
” زيبوءَ جا پيءُ ! ڪجھه ته خدا جو خوف ڪر ڀلا، وقفو به ڪر کڻي، مان روز روز ٻار ڄڻي مري پئي آھيان.”
تنھن تي پڻھنس گار ڏيندي چوندو ھئس:
”شودي رَنَ وقفي ڪرڻ سان الله ناراض ٿيندو، جيڪڏھن اُن جي قدرت سان ھٿ چراند ڪندينءَ ته قيامت ۾ ڪارو منھن ٿيندو تنھنجو به ته منھنجو به.”
۽ وري سُورن مھل چوندو ھو ته رَنَ روز ٿي ٻار ڄڻي، اھو سوچي ڪاوڙ ۽ ڏک وچان زيبوءَ جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا، هن پنھنجا لڙڪ اگهندي ورانڊي ۾ رکيل وڏي پيتيءَ مان چادر ڪڍي ۽ ماءُ کي چيائين: “امان! سج به نڪتو آهي، مان پاڻ وڃان ٿي راڻي ماءُ ڏي ته، ھوءَ مونسان گڏجي ھلي دائيءَ کي وٺڻ لاءِ.”
ماڻهنس کيس ڏک ۽ تڪليف مان شڪست کاڌل ھرڻيءَ جيان، نماڻين اکين سان ڏٺو، ڄڻ کيس پنھنجي ھُجڻ جو پڇتاءُ ھجي، زيبو ننڊ سُتل ننڍي ڀيڻ زريءَ کي ڌوڻا ڏيندي اُٿاريندي چيو:
”مان وڃان ٿي دائيءَ کي وٺڻ لاءِ جو امان کي سُور ٿيا آھن، تون اُٿ امان جو خيال ڪر ۽ چانھه ڍُڪ ٺاهي امان ۽ ڀائرن کي ڏي.”
زري، زيبوءَ کان ٻه سال ننڍي ھئي سو دائيءَ جو ٻڌي ٽپو ڏيئي اکيون مھٽيندي کٽ تان اٿي. زيبو چادر ڍڪي پاڙي ۾ رهندڙ راڻي ماءُ جي گهر پھتي، سامھون کان راڻي ماءُ، زيبو کي صبح سوير ايندو ڏسي سمجهي وئي ته زيبوءَ ماءُ کي سور ٿيا ھوندا. ان کي خبر هئي ته زيبوءَ ماءُ ڀري پيٽ سان ھئي ۽ مھينا به اچي پورا ٿيا ھئس. زيبو ويجھو آئي ته راڻي کيس مُرڪي نھاريو جيڪا اسڪول وڃڻ جي تياري ڪري رھي ھئي، زيبو کي ويجھو ايندي ئي راڻيءَ ماءُ چيس:
”خيرته آھي زيبو صبح ساڻ ئي ڀڄندي آئي آھين، ماڻھين کي سُور ٿيا آھن ڇا؟”
زيبو جواب ته ڪونه ڏنو پر سندس اکين مان لُڙڪ وھي پيا. راڻي ماءُ زيبوءَ کي ڀاڪر پائي آٿت ڏيندي چيو:
”اُلڪونه ڪر ڌيءَ، رب سڻائي ڪندو.”
ايتري ۾ راڻي به سُري سندن ويجھو آئي ۽ ماءُ کي چيائين:
”امان مان اڄ اسڪول نه ٿي وڃان جو زيبو سان ڪم ڪار ۾ گڏ ھونديس.”
راڻي زيبوءَ جي پڪي ساھيڙي ھئي، ٻئي ننڍڙي ھوندي کان ئي گڏ کيڏيون ۽ ھڪ ئي اسڪول ۾ پڙھنديون ھيون، سڄي پاڙي ۾ زيبو ۽ راڻي جي دوستي مشهور ھئي. ٻئي ساھيڙيون سڄي پاڙي جو نڪ ھيون جھڙيون سمجھدار ۽ سياڻيون ھُيون، تھڙيون ئي وري اخلاق واريون به ھُيون، ھر ڪنھن سان پيار محبت ۽ اخلاق سان ڳالھائينديون ھُيون. جيڪڏھن پاڙي ۾ ڪا عورت بيمار ٿيندي ھئي ته اُن جي گهر جو ڪم ڪار ٻئي ڄڻيون ملي ڪنديون هيون. تنھن ڪري سڄي پاڙي وارا زيبو ماءُ کي، زيبو جي نالي سان ۽ راڻي ماءُ کي راڻي جي نالي سان سڏيندا هئا. راڻي ماءُ به سڄي پاڙي ۾ مشهور ھئي، پاڻ وڏيري جي ٻي زال ھئي، سھڻي سٻاجھڙي، پڙھيل لکيل هئي. وڏيري جو بنگلو سڄي پاڙي ۾ سڀني کان سھڻو ۽ وڏو ٺھيل ھو سو راڻي ماءُ جي نالي ڪيو ھيائين ۽ وڏي زال کي ڳوٺ ۾ الڳ حويليءَ ۾ رکيو ھيائين. راڻي ماءُ جيتوڻيڪ پڙھيل لکيل ھئي پر زيبوءَ ماءُ جي سٺي تعلق ۽ دوستيءَ جو به مٿس اثر ھو، جو زيبو ماءُ غريب ھوندي به ڏاڍي سٻاجھي ۽ ڳُڻن واري ھئي. سو راڻيءَ کي جواب ڏيندي چيائين:
“راڻي تنھنجو اسڪول وڃڻ ھن مھل ٺھي ڪونه ٿو.”
راڻي ماءُ پنھنجي نوڪرياڻي شھزادي کي سڏ ڪندي چيو:
“شھزادي! ڊوڙ ڪري وڃي دائيءَ کي وٺي اچ.”
شھزادي، اُن جون ٻه ڌيئرون ۽ مڙس راڻي ماءُ جي گھر ۾ ڪم ڪندا
ھئا. شھزادي جي شادي به راڻي ماءُ ڪرائي جيڪا اصل وڏيري جي ڳوٺ جي ھئي. زيبو اڃان ڳوڙھا به نه اُگھيا ته کيس راڻي ماءُ چيو:
“زيبو تون پريشان نه ٿي، شھزادي ڄاڻ دائيءَ کي وٺي آئي ۽ پيسن جو فڪر نه ڪر مان پاڻ دائيءَ کي پئسا ڏينديس.”
ھي ٻئي ڄڻيون نائين ڪلاس ۾ پڙھنديون آھن، زيبوءَ جي سڄي پڙھائيءَ جو خرچ راڻي ماءُ ڪندي آهي، زيبوءَ جو پيءُ موالي آهي، سو ڪڏھن مزدوري تي ويندو آهي ته ڪڏھن نه. مزدوري تي ويندو ته ڪو ھڪ ويلو گھر ۾ پچندو آهي، ۽ ٻيو ويلو وري بک تي گذران ڪرڻو پوين ٿو. اُن حالت ۾ به راڻي ماءُ سندن پرگھور لھندي ھئي. زيبوءَ ماءُ جيتري سھڻي اوتري سٻاجھڙي، بس حالتن ۽ تڪليفن کيس ماٺ ڪرائي ڇڏي ھئي. ھوءَ خاموش خاموش رھندي ھئي بس اندر ئي اندر ۾ سوچيندي ۽ لوچيندي رھندي ھئي. روز روز مُڙس جي گارين مار موچڙي زيبوءَ ماءُ جي وجود کي جنجھوڙي ڇڏيو هو. بس ڪو وسيلو نه ڏسي ٻارن خاطر پنھنجا چپ ھميشه لاءِ سبي ڇڏيا ھيائين. ڪجھه دير ۾ شھزادي دائيءَ کي وٺي آئي، زيبوراڻي ماءُ ۽ شھزادي دائيءَ کي وٺي سندن گھر آيا. دائيءَ زيبو ماءُ کي ڏٺو ۽ زيبو کي چيائين ته:
“چلھي تي پاڻي ديڳڙو رکُ گرم ٿئي ته آڻي ڏي.”
زيبو جلديءَ ۾ جست جو ھڪڙو وڏو ديڳڙو کڻي، اڱڻ تي لڳل ھٿ واري نلڪي کي گيڙيندي ڀرڻ لڳي، پر ديڳڙو به ھنن جي غربت واري زندگيءَ جيان چٻو ٿي ويو هئو، زيبوءَ ان کي نلڪي ھيٺان رکڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پر ديڳڙو نلڪي مان نڪرندڙ پاڻيءَ کان پري ٿي پيو وڃي، بلڪل ايئن، جيئن ھنن جي چِٻِي ٿيل قسمت جو ديڳڙو، وقت جي ونڊ کان ھٽِي ويو ھئو. سو زيبوءَ زري کي سڏيندي چيو:
“زري اچ ديڳڙو جھل ته پاڻي ڀري رکان.”
زيبو ديڳڙو ڀري چلھه تي رکيو، ديگڙو چُلھه تي رکي ھوءَ ڪوٺي ۾
وئي ۽ ڪوٺيءَ جي ھڪ ڪنڊ تي پراڻيون ڳوڻيون وڇائي انھن مٿان پراڻي رِلي وڇائي ڇڏيائين ۽ اُن ڀرسان ھڪڙي ڇَلي رکي ڇڏيائين جنھن ۾ ماڻهنس ٻار جا ڪپڙا ٽوال رِلِڪا ۽ ناڙو ڪٽڻ لاءِ بليٽ تيل ۽ ٻيون شيون رکيون ھيون، جيئن اڳ ھوءَ ماءَ جي ويم وقت سدائين ڪندي ھئي.
ايتري ۾ دائي ماڻهنس کي ھٿ ڏيندي وٺي ڪوٺي ۾ آئي ۽ زيبو کي چيائين جلد ڪرگرم پاڻي کڻي اچ، بس ٿوري دير ۾ ٻار اچڻ وارو آهي، زيبو ماءُ کي دائي انھن وڇايل ڳوڻين تي سمھاري، پيٽ کي لوڏا ڏيڻ لڳي ۽ راڻي ماءُ کي چوڻ لڳي زيبو پاڻي آڻي ته چويس ڪوٺيءَ جو در بند ڪري. زيبوءَ جيئن پاڻي کڻي اچي رکيو ته راڻي ماءُ چيس:
“ڌيءُ در بند ڪر ۽ تون ڪوٺيءَ کان ٻاهر وڃ.”
زيبو، جنھن صبح کان چانهه جو ڍڪُ به ڪونه پيتو ھو، ڳڻتي ۽ ڏک وچان مٿو ڦري رھيو ھيس. ڪوٺي جو در بند ڪري اُتي ئي ويھي رھي. سامهون پڻھنس سلفيءَ ۾ چرس جا سوٽا ويٺي لڳايا، ھو اُنھن سمورين پيڙائن کان بي خبر ھو. زيبوءَ جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وھڻ لڳا کيس ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ پڻھنس گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو ھجي، جنھن کي زال جي تڪليف جي لُڇ ۽ پرواهه ئي نه آھي. ھُن کي پيءُ کان ڪِراھت اچڻ لڳي، جنھن جو ڪم بس ماڻھنس سان سمھڻ ۽ جانورن جيان ٻار پيدا ڪرڻ ۽ گاريون ڏيڻ ھو.
ٿوري دير ۾ ڪوٺيءَ اندران “اُو ئان اُو ئان” جا آواز اچڻ لڳا گڏوگڏ دائي زيبو کي سڏ ڪندي چيو:
“زيبو جلد اچ...”
زيبو ڪوٺيءَ جو در کولي اندر وئي ته دائيءَ کيس ٽوال ۾ ويڙھيل ٻار ڏيندي چيو:
“مبارڪ ھُجئي، ڀيڻ ڄائي اٿئي.”
زيبو پنھنجي نئين ڄاول ڀيڻ جھولي ۾ جھلي دائيءَ کي ڏسڻ لڳي ته ڇا واقعي به خير مبارڪ چوان يا نه!؟ جو اُھا ٽيون نمبر زيبو به ھن زندگيءَ جي آڙاهه ۾ جلڻ لاءِ آئي ھئي. زيبوءَ جي ھٿ ۾ جھليل ٻارڙي مسلسل “او ئان او ئان” ڪري روئي رھي ھئي. زيبوءَ کي لڳي رهيو هئو ته ڄڻ، ٻارڙي سندس گھر ۾ اچڻ تي خدا کان شڪايت ڪري رھي ھجي ۽ چئي رهي ھجي ته: “اي خدا پيدا ته ڪيئي، پر اھڙي گھر ۾ جتي عورت کي انسان ئي ناهي سمجھو ويندو.” ايتري ۾ پڻھنس جو آواز آيو:
“ڇا ڄڻيو آھي ماڻهين؟”
زيبو چيو:“ادڙي.....”
پڻهنس ٻڌندي ئي چيو: “لک لعنت اٿس، ڀلا ماڻھين نڀاڳي ٻيو ڄڻيندي به ڇا ؟”
اُھي لفظ زيبو جي دماغ ۾ ڪنھن تير جيان لڳا ۽ ڏُک وچان سمورو اندر وڍجي ويس، اندر مان ھڪ آھه نڪتس، ھُن ننڍڙي ڄاول ڀيڻ کي ھٿن تي ٿورو مٿي ڪري، الله کي التجا واري انداز ۾ چيو:
“اي منھنجا رب ھن معصوم کي ھِن روح کي واپس موٽائي وٺ، ھن گھر ۾ نياڻي رحمت جي ڪا به ضرورت ڪونھي، رھندو پئي سموري عمرلعنت وسندس ۽ سواءِ تڙپڻ ۽ بُڇڙو ٿيڻ جي ڪجھه ڪونه ملندس.”
اُھا ئي ساعت ھئي، شايد زيبو جي دُعا قبول پئي يا وري دائيءَ ڪو کيس ڄڻائيندي، زور ايذاءُ ڏنو ھئو، جنھن ڪري ٻارڙي ڳيتون ڏيندي روئڻ بند ڪري ڇڏيو. زيبو، ڄاول ڀيڻ کي ڏٺو ته ھوءَ نيري پيلي ٿي وئي آھي ته زيبو رڙ ڪندي راڻي ماءُ کي سڏ ڪيو:
“ماسي! ھي ڏسو ننڍڙي روئي به نه ٿي ۽ ڪاراٺجي نيري ٿي وئي آھي.” راڻي ماءُ ۽ دائي، زيبو ڏانھن ڊوڙنديون آيون، دائي يڪدم کڻي ٻارڙي، زيبوءَ کان ورتي، ٻارڙي ته پساھ ڏئي چُڪي ھئي. دائيءَ ڏُک وچان راڻي ماءُ ڏانھن نھاريو ۽ چيائين:
” سانئڻ! ڏک نه ڪجانءِ، ننڍڙي جتان آئي ھُئي تيڏانھن ھلي وئي.”
پريان زيبو ماءُ جي سُڏڪن جو آواز اُڀريو پر زيبو ڄڻ سڪتي ۾ ورتل ھئي.
****
ڪي خواب اڌورا
اڄ راھب تمام گهڻو ڏکارو ھو، آفيس ۾ ريوالونگ چيئر تي لاشعوري طور تي لُڏي رھيو ھئو. بلڪل پنھنجي زندگيءَ جيان اپس ڊائون !.
ھن ھڪ نظر پنھنجي آس پاس وڌي، ھڪ خوبصورت ڪمرو جنھن ۾ ڪنھن شئي جي به ڪمي ڪانه هئي، سامھون رکيل شيشي جي ٽيبل جنھن تي خوبصورت نقاشي ٿيل ھئي، ساڄي پاسي مني پلانٽ ۽ مکڙين جا گلدان، کاٻي پاسي ديوار تي ٽنگيل خوبصورت پينٽنگ جنھن ۾ چٽيل نوري، ڪينجهر ڪناري انتظار ۾ ويٺل، سامهون ايندڙ ٻيڙن کي تڪي رهي هئي، پينٽنگ تي نظر پوندي راھب جون اکيون ڪجهه دير اتي اٽڪي پيون ڄڻ اتي پنھنجو عڪس ڳولهيندو ھجي ۽ ھڪ ٿڌو ساھ ڀري، دل ئي دل ۾ پنھنجو پاڻ کي چوڻ لڳو. ھڪ سينئر آفيسر لاءِ ھي سڀ ڪجهه ڪافي آھي. ھي سڀ ڪجهه ھن جو خواب ھو، جيڪو پورو ٿي چڪو هو، پر....پوءِ به ھي خوش ڇو نه ھو، ھن ھڪ نظر پنھنجي گول گھمندڙ ڪرسيءَ تي وڌي. ھن کي لڳو ڄڻ هن جي زندگي به ھن ڪرسيءَ جيان گھمي رهي آهي، ھن ٽيبل جي دراز مان سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍي لائيٽر سان سگريٽ دکايو، ڪش مٿان ڪش لڳائيندو رهيو. ٽيبل تي رکيل ايش ٽري کي پاڻ طرف اڳتي ڪندي ان ۾ دکيل سگريٽ جو حصو ڇنڊي ان کي غور سان ڏسڻ لڳو، ايئن محسوس ٿيس ڄڻ ھن جي اندر جو احساس ھجي جيڪو سگريٽ جيان دکي ايش ٽري جي نظر ٿيندو ھجي. وري ھن سگريٽ جو وڏو ڪش لڳايو ۽ دونھين کي اندر ئي اندر جذب ڪري ڇڏيائين.جنھن تي کنگهه جو ھلڪو غلبو طاري ٿيس، اکين مان لڙڪ نڪري آيس جيڪي ڄڻ ته ڪڏهن کان ٻاهر نڪرڻ جي انتظار ۾ بيٺل ھئا. ھن ٽشو پيپر سان يڪدم پنھنجون اکيون صاف ڪيون، جيڪي ھن جي دل تائين آليون ٿي چڪيون ھيون، ھن پنھنجا لڙڪ اکين جي بجاءِ دل ۾ وھايا ھئا، اڄ ھي آفيس ۽ ٺَٺُ ٺانگر سڀ اجايو ۽ بي معنيٰ لڳي رهيو هئس، جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ جا ھن خواب ڏٺا ۽ پوءِ تعبيرون به ماڻيون ھيائين.
ڪيترو نه خوش ھو جڏھن ڏهه سال اڳ سينئر آفيسر جي پوزيشن تي آيو ھو ۽ ڪجهه ڏينھن کان پوءِ نازِ سان ھن جي شادي ٿي. تنھن ڏينھن ھن جا سمورا خواب پورا ٿيندي محسوس ٿيا. ناز جيڪا ھن جي ڪل ڪائنات، ھن جي چاھت ھن جي خوابن جي تعبير، ھن جي جيئڻ جو مقصد ھئي.
جڏهن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ھيائين ته مضمون لکڻ جي مقابلي ۾ ھن پھرين پوزيشن کنئي هئي ۽ ناز رنر اپ ٿي ھئي، مضمون جو عنوان هو محبت،تنھن ڏينھن کان وٺي ھن جي محبت ناز بڻجي وئي. راھب ۽ ناز تنھن زماني ۾ سٺن ليکڪن ۾ شمار ٿيندا هئا. کين لکڻ تي ڪيترائي ايوارڊ مليا ھئا. راهب، ناز کي ان ڪري به وڌيڪ پسند ڪندو هو جو ھڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ کي سمجھي سگھي ٿو، ان جي لکڻين جو قدر ڪري سگهي ٿو، اھو راھب جو خيال هو پر ناز جو شرط ھو ته راھب جيستائين بنگلو ڪار نه ھوندئي، مان توسان شادي ڪانه ڪنديس. راھب ڏينھن رات پڙھائي ڪري ڪميشن جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي پوسٽ حاصل ڪئي هيائين، جيڪو ناز کي پنھنجو ڪرڻ جو خواب ھئو، ڪيڏو نه خوش ھو راھب جڏھن ھن جا سمورا خواب ساڀيان ٿيا.
سوچن جي صحرا مان ان وقت ٻاهر نڪتو، جنھن وقت آفيس بواءِ شيشي جي خوبصورت ٽري ۾ ڪافي سان ڀريل مگ آڻي ٽيبل تي رکيو ھئس. ھن ھڪ نظر ڪافي جي مگ تي وڌي جنھن مان ٻاڦ نڪري رھي ھئي. سرديءَ جي ڪري ڪافي جو دونهون واضع نظر اچي رهيو هو، پر... ھن جي دل اندر دکيل باهه جو دونهون صرف کيس ئي ساڙي رهيو هو، ھن سگريٽ ايش ٽري ۾ رکندي ڪافي جو مگ پنھنجي ھٿ ۾ جھلي مگ کي چوڌاري ھٿ ڦيري ڏسڻ شروع ڪيوته مگ ٻاھران کان ٿڌو لڳو پيو ھو پر اندران دونھان پئي نڪتس. هن ھڪ ڍڪ ڀريو، ڍڪ کي نڙي ۾ اوتيائين اڄ پھريون دفعو ھن کي ڪافي جو ٽيسٽ ڪوڙو لڳو، ھن مگ واپس ٽيبل تي رکيو ۽ ھڪ ٻيو سگريٽ دکائڻ لاءِ لائيٽر جو بٽڻ آن ڪيائين. ھڪ پل جي ڀڙڪي سان لائيٽر مان باھ نڪتي ھن سگريٽ دکائڻ کان بغير وري لائيٽر آف ڪيو ۽ ان جي ٻاھران خوبصورت ڪلر ۽ ڊزائين کي ڏسڻ لڳو ھي سوچڻ لڳو ته بظاھر ماڻهو به ھن لائيٽر جيان آهن، ٻاھران خوبصورت، نفيس ۽ اندر ۾ باهه ڀريل، وري سگريٽ دکائي، وڏو ڪش اندر ئي اندر جزب ڪيائين، کنگهه جو وڏو دورو پيس دروازي تي بيٺل آفيس بواءِ ڊوڙندو اندر آيو ۽ جڳ مان شيشي جي گلاس ۾ پاڻي اوتي ڏنائين:
“سر ھي وٺو، خير ته آهي نه سر؟” پٽيوالي سوال ڪندي چيو.
راھب پاڻيءَ جو ڍُڪُ پنھنجي نڙيءَ ۾ اوتي، پٽيوالي کي سواليه نظرن سان ڏسندي چيو:“ڇا تو ڪي اهڙا خواب ڏٺا، جيڪي پورا نه ٿيا ھجن.”
پٽيوالي جواب ۾ وراڻيو: “سر جيڪي خواب پورا ٿيندا آهن، تن جي تعبير ڏاڍي ڀوائتي ھوندي آھي.”
“اھو وري ڪيئن؟” راھب تجسس سان پڇيو.
پٽيوالي جواب ۾ چيو:
“سر ان ڪري جو خواب بند اکين ۾ ئي سٺا لڳندا آهن.”
پٽيوالي جي جواب تي ھي سوچڻ لڳو ته واقعي خواب تڏهن ئي سٺا لڳندا آهن، جيستائين انھن جي تعبير نه ٿئي، تعبيرکان پوءِ خواب فنا ڪيئن ٿيندا آهن، سو ھن کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي. ڪلهه رات گھر ۾ داخل ٿيندي ھن ٻڌي ورتو ھو، جڏھن نازُ فون تي ڪنھن کي چئي رهي هئي:
“مان توسان ئي محبت ٿي ڪريان، جلد راھب مان جان ڇڏائيندس.”
ٿوري دير بعد راھب جي لکيل مضمونن جو بيگ ڪم واري ماسيءَ کي ڏيندي چيائين:
“ھي رديءَ واري کي ڏئي، پيسا توهان کڻجو.”
****
عشق آرزو، عشق التجا
ھن پنھنجا وار کولي سامھون بيٺل ساحل کي چيو: “سائين ٻڌايو مان ڪئين ٿي لڳان ؟”
ساحل ھن ڏي کن پل لاءِ نھار ڪندي چيو: “واهه واهه.”
ھن چيس: “بس واھ واھ، ڪجهه ته چوندا ڪريو، منھنجي پڇڻ کان بغير، منھنجي تعريف ۾ صرف ٻه لفظ واهه واهه.”
ساحل وراڻيو: “بابا پوءِ ڇا چوان...؟”
اھو ٻڌي ھن جي چھري تي اداسيءَ جون لھرون اڀرڻ لڳيون. سڄو چھرو ڏک وچان سرخيءَ مائل ٿي ويس. جنھن اڃان به ھن جي سونهن کي وڌائي ڇڏيو. سوچڻ لڳي ته ھوءَ جتي به ويندي آهي، سڀ ھن جي حُسن جي تمام گهڻي تعريف ڪندا آهن پر ھوءَ ايترو خوش ناهي ٿيندي. ھن کي ته فقط ساحل جي تعريف جي ضرورت آهي، ان ڪري جو ھُو ھن جو محبوب آهي، ھيءَ دل جان سان اُن کي چاهي ٿي. ان سان بي پناهه عشق ٿي ڪري، پر ان عشق ۾ اظهار جي اڳڀرائي هميشه ھن ئي ڪئي آهي ۽ ھن جي خيال ۾ عشق جو انحصار اظهار تي ئي آڌاريل ھوندو آھي. عشق جي زبان ئي پنھنجي محبوب جي ھر شئي جي تعريف جو اظهار ڪرڻ آهي. ھِن ڏکاري انداز ۾ ساحل کي مخاطب ٿيندي چيو:
“منھنجا محبوب! توکي حاصل ڪرڻ جي خوشيءَ کان وڌيڪ مون کي، توکي وڃائڻ جو خوف رھندو آهي.”
ساحل ورندي ڏيندي چيس ته: “حاصل ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ھوندو آھي، اسان ھڪ ٻئي کي حاصل ڪيو آھي، اسان جي اطمينان لاءِ اھو ئي ڪافي آھي....باقي اھي وڃائجي وڃڻ ۽ وڃائي ڇڏڻ وارا وھم دل ۾ نه پال.”
ھن ساحل کان پڇيو: “توھان کان ھڪڙو سوال پڇان؟”
“ھا پڇ..”
“توهان خدا جي اڳيان ڇو جھڪندا آھيو، نمازن ۾، سجدن ۾، دعائن ۾ ڇا گهرندا آھيو؟”
“خدا جي رضا ۽ خوشنودي.”
“رب کي راضي ڪرڻ لاءِ بار بار عبادتون ڇو ڪجن؟ ”
ساحل وراڻيو ته: “رب کي راضي ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھڙو طريقو اختيار ڪيون؟”
ھِن چيس: “بلڪل صحيح ٿا چئو، عشق خدا سان ھجي يا انسان سان، ان کي قائم رکڻ لاءِ ھرڀيري ۽ ھر وار اظهار ڪرڻ تمام ضروري آهي. چاهه جي غذا به روز گهرجي، روز الفت جو اٽو کڻبو آھي، پيار جي پاڻيءَ سان ڳوھبو آھي، ويلي ويلي تي محبت جي ماني پچائبي آھي. پيار به ساهه کڻڻ وانگر، پساھن ۾ پلجندو آھي. عشق ته اٺ ئي پھر قائم رھڻ واري ڪيفيت جو نالو آھي. جيڪو دم پيار کان خالي ھجي، ڄڻ حيات جو ڪو حصو ئي ناھي.”
ساحل ھن ڏي ھڪ نھار ڪئي ۽ چيو:
“مان تنھنجو آهيان، تون منھنجي آھين، بس اھو ڪافي آهي. مان ٻيا سڀ اھم ڪم ڇڏي، ھر وقت تنھنجي ثناخواني ڪيان، اھو ممڪن ڪونھي.“گرهه گرهه تي واهه گرو” ناھي ڪبي. محبت سچي آھي ته ھر وقت اظهار ڇوڪجي...!؟”
اھو ٻڌي ھِن وراڻيو:
“پوءِ اسان عبادت به روزانو ڇو ڪندا آھيون؟ بس ھڪ ڏينھن پڙهي ڇڏيون ڪافي آهي، پر عشق جي تجديد ان ڪري ڪندا آھيون جو عشق کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان کي برقرار ۽ هميشه قائم رکڻ لاءِ بار بار اظهار جي ضرورت ھوندي آھي.”
ساحل ڪو جواب ڪونه ڏنو. ھن ڄڻ ٻڌو، اڻ ٻڌو پئي ڪيو.
ھن ڪنڌ مٿي کڻي ساحل جي اکين ۾ غور سان ڏٺو، جتي حاصل ڪرڻ جواطمينان ته ھو، پر وڃائڻ جو ڪوبه خوف نه ھو.
ھن جي سوچن ۾ الائي ڪنھن ڪٿان ڪو سڙٻاٽ ڪيو ته:
“مخلوق جي محبت مطلوب ھجي يا خالق جي رضا گهرجي، انھن جو حاصل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناھي، نقطو آھي ئي اھو ته انھن جي ناراضگيءَ ۽ رُسي وڃڻ کان بچجي.”
ھن ٻيھر ساحل ڏي چتائي نھاريو، ڄڻ نگاھن جي دروازي منجھان ساحل جي دل ۾ وڃڻ جو رستو پئي ڳولھيو، پر رستو بند محسوس ٿيو ھئس ۽ اھو احساس ھن جي اندر کي جھوري رهيو هو.
****
زندگيءَ جي ريل گاڏي
اڄ وري ٽن مھينن گذرڻ کان پوءِ ميرزادي پنج ڇهه ڳنڍڙين ۽ ڳوٿرين سميت ڪينٽ اسٽيشن تي ويٺي ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪري رھي ھئي، لاڙڪاڻي وڃڻ واري ريل معمول موجب ليٽ ھئي. ميرزادي هميشه جيان پنھنجي زندگيءَ جي سورن کي سوتليءَ جي ڳوڻين ۾ ٻڌي، لاڙڪاڻي کان سکر جيل جا پنڌ ڪندي ھئي ۽ انھن پنڌن کي ويهه سال گذري چڪا هئا. انھن ويھن سالن ۾ ميرزادي لاڙڪاڻي ۽ سکر سينٽرل جيل جا سوين چڪر لڳائي چڪي هئي.
لاڙڪاڻي، ان ڪري پھرين ويندي هئي جو، اتي سندس وڏي نياڻي ھئس جنھن جي قسمت خراب ھئي جو غريب گهراڻي ۾ پرڻجي وئي ھئي، پنھنجي ٻچڙن سميت، ڏکن، ڏولاون ۾ ھئي، بس زندگيءَ جو گاڏو گھلي رهي هئي. ميرزادي ھر ٽئين مھيني جيڪو ڪجهه ميڙي چونڊي پنھنجي ڪمائيءَ مان گڏ ڪندي ھئي سا ڳنڍڙين ۽ ڳوڻين ۾ ٻڌي ڪجهه وڏي نياڻي ڏي ۽ ڪجهه سکر جيل کڻي ويندي هئي.
ڳپل دير گذرڻ کان پوءِ سيٽي وڳي ۽ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ٿيو ته لاڙڪاڻي وڃڻ واري بولان ميل اچڻ واري آهي، سو مسافر تيار ٿين. ميرزادي به الرٽ ٿي ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن نظر ڦيرائڻ لڳي، ڪنھن قليءَ کي ڳولڻ لاءِ، سو ريل به “ڇوُ ڇو” ڪندي پنھنجي نخريلي انداز سان اچي اسٽيشن پڳي. ميرزادي پريان بيٺل ڳاڙهي رنگ جو پھرياڻ پاتل قليءَ کي سڏ ڪندي چيو:
“او ابا! ھيڏانھن اچ، ھي ھڙون ته کڻانءِ.”
قليءَ ميرزادي جي سڏ تي ڊوڙي اچي چيس:“حڪم ڪر امڙ.”
ان قليءَ ويجھو ايندڙ ھڪڙي ٻِئي قُليءَ کي به سڏيو ۽ چيائين: “اچ ته امڙ جو سامان ريل ۾ رکون.”
ٻنھي ڄڻن سھڪندي سھڪندي ڳوڻيون ۽ اجرڪ ۾ ٻڌل ڳنڍيون کڻي ريل ۾ رکيون، ميرزادي دعا ڏيندي کين ڏھن روپين جو نوٽ ڪڍي ھٿ اڳيان ڪندي چيو: “ابا الله وڌائيندوَ ھي وٺ.”
قليءَ چيو: “امڙ پيسا پاڻ وٽ رک، بس دعائن ۾ ياد رکجو.”
ايترو چئي ٻئي ڄڻا پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويا ۽ ميرزادي پنھنجي سامان کي سوري سيٽن جي ھيٺيان ڪيو ۽ پاڻ ڪنڊ وٺي دريءَ جي پاسي منھن ڪري ويھي رھي، آھستي آھستي ريل “ڇُڪ ڇُڪ” ڪندي ايئن لوڏن سان ھلڻ لڳي، جيئن ميرزاديءَ جي زندگي لوڏن ۾ ھئي، جيڪا ڪڏهن به ھموار ناھي ٿي، ڪيڏي نه خوش ھئي ميرزادي انُ ڏينھن جڏهن پنھنجي پٽ ملوڪ جي شادي جا، ڇوڪرين سان گڏ لاڏا ڳائي رهي هئي جيڪي زبردستيءَ ميرزاديءَ جو ھٿ پڪڙي جھمر ھڻائي رھيون ھيون، ان ڏينھن ميرزادي پنھنجي شاديءَ جا سڀ زيور پاتا ھئا ۽ پنھنجي دُھري جيڪا جڏهن پائيندي ھئي ته پاڙي واريون ريس ڪنديون ھئس، ھڪ ڏينھن نوران چيو ھئس:
“دُھري پائي تون راڻي لڳندي آهين، اھا دُھري ھڪ ڏينھن چوري ڪنديس.”
نوران جو گهر ميرزادي جي پاڙي ۾ ئي ھو، ٻنھي جا دروازا گڏ ھئا. سڄو ڏينھن اچڻ وڃڻ ۽ گڏ کائڻ پيئڻ ھوندو ھئن. نوران جا جوان پٽ بغير پڇي، ميرزاديءَ جي گهر ايندا هئا ۽ ميرزادي به پنھنجي پٽن جيان انھن کي پاليو ھو.
ميرزاديءَ وڏي لاڏ ڪوڏ، خوشين ۽ ڀتن جي ديڳين سان گڏ پنھنجي پٽ ملوڪ جي شادي ڪرائي. ڪيترو نه خوش ھئي ميرزادي تنھن ڏينھن، پر اھا خوشي ميرزاديءَ کي ڀانءِ ڪونه پئي، ملوڪ جي شاديءَ کي ڪجهه ڏينھن ئي گذريا ھئا جو، ھڪ ڏينھن ميرزادي پنھنجي مائٽن جي شاديءَ تي ويل ھئي ته اوچتو اتي پاڙي وارن جي فون آيس ته: “ميرزادي تنھنجي پٽ ملوڪ قهر ڪري ڇڏيو آهي، تنھنجي نُنھنَ ۽ نوران جي پٽ کي قتل ڪيو اٿس اھو ٻڌي نوران ڏندڻجي پئي.”
مائٽن مٿي تي پاڻيءَ جي بالٽي ھاري ھوشَ ۾ آندس، ميرزادي چرين جيان پنھنجي ماسات جي ڪار ۾ ويهي گھر پھتي. ميرزاديءَ کي نئون وڳو ۽ سڀ ڳهه پاتل ھئا، جيئن ئي پنھنجي گھٽيءَ وٽ پھتي ته ماڻهن جا ميڙ لڳل ھئا، جن ۾ ڪيترائي پوليس وارا بيٺل ھئا، ميرزادي چرين وانگر ڪار مان لٿي ۽ ميڙ کي پري ڪندي پنھنجي گهر جي دروازي ڏانھن آئي ته کيس ھڪڙي پوليس واري روڪيو. ماڻهن پوليس کي چيو ته ھيءَ گھر جي مالڪياڻي آهي، پوليس واري ميرزادي کي غور سان ڏٺو ۽ اندر وڃڻ ڏنو. ھن اھو هنيانءُ ڏاريندڙ منظر ڏٺو جنھن جو ھن ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. ڄڻ ته سندس پيرن هيٺان زمين کِسڪي وئي ھئي، سامهون ڏسي ته رتُ ۾ ٻڏل ٻه لاش پيا آهن، ھڪڙو ھن جي ننھن جو ۽ ھڪ نوران جي وڏي پٽ ملھار جو، نوران جيڪا رانڀاٽ ڪري پٽ جي لاش تي روئي رھي ھئي، جيئن ئي نظر پيس ميرزاديءَ تي جنھن کي شاديءَ جو وڳو ۽ سڀُ ڳھه پاتل ھئا. نوران ميرزاديءَ کي ڏٺو ته امالڪ گار ڏيندي ڳچيءَ ۾ ھٿُ وجهي ميرزاديءَ کي پاتل دھريءَ کي سٽ ڏئي ڇڪيو، دُھري ڇڄي پئي، جنھن۾ جڙيل نگ يڪدم ڇڙڪاٽ ڪري وڃي اڱڻ تي ڪريا، ھيءَ اھا ئي دُھري ھئي، جنھن لاءِ ملوڪ جي شاديءَ تي نوران ڀوڳن ڪندي ميرزاديءَ کي چيو هو ته: “ھڪ ڏينھن تنھنجي دھري چورائينديس.”
اڄ نوران ڏُک وچان ميرزاديءَ جي دھري ڇني ڇڏي هئي. ميرزاديءَ جا ھوشَ ته نُنھن ۽ نُوران جي پٽن جا لاش ڏسي اڳي ئي خطا ٿي چڪا ھئا، ڏکَ پيڙاءَ ۽ صدمي ۾ پنھنجو مٿو پٽِڻَ لڳي، رانڀاٽ ڪري زاروقطار روئڻ لڳي. جنھن ننھن کي ڪجهه ڏينھن اڳ جھمريون پائي پرڻائي آندو ھئائين ۽ جنھن جي وجود مان پنھنجي پٽ جي ٻارن پيدا ٿيڻ جا خواب ڏٺا ھيائين، سا اڄ رتُ ۾ وھنتل ھن جي اڳيان بي سُڌ پئي ھئي. ايتري ۾ پوليس وارا لاشَ ايمبولينس ۾ رکائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻي ويا. ڪجهه ليڊيز پوليس اهلڪار ميرزاديءَ کي پڇا ڳاڇا لاءِ ٿاڻي تي وٺي ويون. ملوڪ فرار ٿي چڪو ھو، جنھن پنھنجي زال کي نوران جي پٽ ملھار سان ٽھڪ ڏيندي ڏٺو ۽ بندوق کڻي ٻنھي کي قتل ڪري ڇڏيو.
ملوڪ جيڪو ننڍي هوندي کان ئي ملھار جو دوست هو، ننڍي هوندي کان ئي ھڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا، تنھن کي پنھنجي ونيءَ سان ڳالھائڻ ڪو ايترو خراب لڳو ھئو جو جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ ڏٺائين ته سندس وني ملھار سان ڳالھائي رهي آهي ته بغير ڪجهه ڳالھائڻ ۽ چوڻ جي ٻنهي کي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏيائين.
ميرزاديءَ جي خوشين ڀريو جھان اهڙي خاڪ جو ڍيرُ ٿي ويو، جتي ڪڏهن گل ناھن ڦٽندا، ان ڏينھن ميرزادي پنھنجي نالي مان ڦِري فقيرزادي ٿي وئي ھئي.
ميرزاديءَ کي ٿاڻي تي اڄ ٻيو ڏينھن ٿي چڪو هئو، ملوڪ جو پتو ئي ڪونه هئو ته ڪٿي آهي. ميرزاديءَ جي حالت تمام خراب ٿي وئي هئي.آخر ٽئين ڏينھن تي ملوڪ ٿاڻي تي آيو گرفتاري ڏنائين، ان ڪري جو دوستن ٿُڪ لعنت ڪيس ته“ٻيلي غيرت ڪر تنھنجي ماءُ ٽن ڏينھن کان ٿاڻي تي بند آهي، غيرتي ! زال کي ته ڪارو ڪيئي، ھاڻي ماءُ کي ته بچاءِ.”
ايئن ملوڪ کي ويهه سال سزا لڳي. انَ صدمي ۾ ملوڪ جو پيءُ گذاري ويو. ميرزاديءَ جي زندگي ويرانين سان ڀرجي وئي، ھاڻي ان کي پنھنجو گهر ڪوسُ گھر لڳي رهيو هو، ڪجهه عرصي کان پوءِ ميرزاديءَ جا ڀائر کيس ڪراچيءَ وٺي آيا، جتي ھُن ويچاريءَ ڪنھن مِل ۾ نوڪري ورتي. باقي گھر، زيور سڀ ڪجهه ملوڪ کي ڇڏائڻ لاءِ، وڪيلن جي ور چڙهي ويس پر ملوڪ تي ڪيس پڪو ھو،سو سزا اچي ويس.
ايئن ميرزادي جيڪي پئسا ڪمائيندي ھئي، سي گڏ ڪري ھر ٽئين مھيني ملوڪ کي سامان ۽ ڏوڪڙ ڏيڻ لاءِ سکر سينٽرل جيل ويندي هئي ۽ ريل جيڏي پنھنجي زندگيءَ جي پيڙائن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي. ريل “ڇُڪ ڇُڪ” ڪندي، ھلندي رھي ۽ ڪنھن اسٽيشن تي رڪجي وئي ۽ ميرزاديءَ جي ماضيءَ جا ڏکن سان ڀريل اولڙا به کن پل لاءِ ريل گاڏيءَ جيان رڪيا، انڪري جو انھن جي به ڪٿي پڄاڻي ڪونه ھئي بس ھلندا پيا رھن ريل جي پٽڙين جيان. ميرزادي به ھلي رھي ھئي.انڪري جو ميرزاديءَ لاءِ ٻيو ڪو رستو ئي ڪونه هو، بس ڏکن جي پٽڙي ھئي، جتي ھن جي زندگيءَ جي ريل گاڏي ھلي رھي ھئي.
****
ڪينواس تان ميسارجي ويل منظر
خبرون ٻڌڻ لاءِ نيوز چينل لڳايم ته بريڪنگ نيوز هلي رهي ھئي: “ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻيءَ ڦاھو کاھي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.”
خبر ٻڌڻ سان منھنجي جسم ۾ ڏڪڻي شروع ٿي وئي، ڪاوڙ ۽ ڏک جي احساس وچان ڏڪڻ لڳس. مونکي اِها ڪيفيت تڏهن ٿيندي هئي، جڏهن ڪا اوچتو موت جي خبر يا ڪنھن جي آپگهات بابت ٻڌندي هئس. اُن وقت منھنجي جسم ۾ اها ڪيفيت پيدا ٿيندي هئي، مونکي ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ منھنجو جسم پيرالائيز ٿي رهيو آهي ۽ دماغ جون نَسُون ڦاٽڻ لڳيون آھن. اھڙي قسم جون خبرون ٻڌي، مان پنھنجو پاڻ ۾ ڪونه رھندي ھيس، منھنجو دماغ ماضيءَ جي انهن ورقن کي اٿلائڻ ۾ لڳي ويندو هو... ھا منھنجو ماضي...آئون ڪاليج جي ڏينھن ۾ تمام گھڻي محنت ڪندي ھئس. مونکي پڙهائيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هوندو هو، سدائين اِها ڪوشش هوندي هئي ته سُٺين مارڪن سان پاس ٿيان. هونئن به مون کي ڪنھن به صورت ۾ سٺيون مارڪون کڻي، سنڌيونيورسٽيءَ پِھچڻو هئو. منھنجي پاڙي ۾ رهندڙ منھنجي سھيلي سورٺ به گذريل سال سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ وئي، کيس ڏسي، ويترمنھنجو لڳاءُ وڌي ويو ۽ منھنجي ريس به چوٽ چڙھي وئي هئي. نيٺ اُھو ڏينھن به آيو، جو يونيورسٽيءَ جي فائن آرٽس جي شعبي ۾ منھنجي داخلا ٿي وئي انڪري جو مونکي فطرت سان بي پناهه محبت ھئي، منھنجي دل چوندي هئي ته ڪائنات جي هر تخليق کي پنھنجي ھٿن سان ٻيھر چِٽيان ۽ اُن ۾ پنھنجي مرضيءَ جا رنگ ڀريان. اُهي رنگ جيڪي منھنجي روح ۾ آهن. اُهي رنگ جيڪي منھنجي خوابن جا رنگ آهن. اُهي رنگ جيڪي منھنجي جذبن، اُمنگن ۽ احساسن جا رنگ آهن. مان پنھنجي چٽيل تصويرن ۾ بس رڳو خوشين جا رنگ ڀريان جيڪي سدائين جرڪندا رهن. يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيڻ کانپوءِ بابا مون کي ڄامشوري واري بس ۾ ويھاريو ۽ ڪنڊيڪٽر کي تاڪيد ڪيائين ته مونکي يونيورسٽيءَ جي گيٽ وٽ لاھي جتي سورٺ اڳ ئي مونکي وٺڻ لاءِ اچڻي هئي. مان سفر دوران ھڪ اڻ ڄاتل خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ھئس، پنھنجن خوابن کي ساڀيان ڏيڻ جو وقت اچي رهيو هو. جنھن ڪري مان پنھنجو پاڻ ۾ نه پئي ماپيس. سفر دوران بَسِ جي دريءَ مان نظر ايندڙ هر نظارو وڻي رهيو هو، سمورن نظارن جا رنگ منھنجي جذبن سان ملي اڃان به سهڻا محسوس ٿي رهيا هئا. هر نظارو ڄڻ منھنجي ذهن جي ڪينواس ۾ قيد ٿي، منھنجي روح ۾ رَلي رهيو هو. ڪچڙي شام ڌاري مان ڄامشوري جي سرزمين تي پهچي ويس. جتي سورٺ منھنجي انتظار ۾ بيٺل هئي، مان بسِ مان لٿس ته سورٺ مونکي ڀاڪر ۾ ڀري ويلڪم ڪيو ۽ مانُ ڏيندي منھنجي ھٿ مان هڪ بيگ ورتو، جو مون پاڻ سان ٻه بيگس آنديون هيون. ھڪڙي بيگ ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو ضروري سامان، جڏهن ته ٻي بيگ ۾ رنگ، بُرش ۽ منھنجي آرٽ جو اثاثو. مون کي ننڍپڻ کان رنگن سان عشق ھو، مونکي رنگ برنگي شيون وڻنديون هيون، ننڍي هوندي جڏهن بليڪ اينڊ وائيٽ ٽي وي ڏسندي هئس ته ٽي وي ڏسڻ دوران اسڪرين تي پنھنجي پسند جا رنگ ڀريندي هئس. منھنجا خيال ايڏا ته پُختا ۽ پڪا ٿي ويندا هئا جو بليڪ اينڊ وائيٽ اسڪرين تي مونکي هر چُر پُر رنگين نظر ايندي هئي. مان جڏهن سامائي هئس ته مونکي پنھنجي ئي اندر ۾ عجيب رنگ ڦٽندي محسوس ٿيا هئا. مونکي لڳندو هو ته رنگ آهن ته زندگي آهي، نه ته ڪجھه به ناهي. نومبر جي سُرمئي شام ھئي، مونکي ۽ سورٺ کي اجرڪ ويڙهيل ھئا. اسان خوشيءَ وچان ٽھڪ ڏينديون، ڳالهيون ڪنديون ھاسٽل پهچي وياسين. سورٺِ جي روم ۾ داخل ٿيوسين، جنھن ۾ نظر پوڻ سان ڏٺم ته ساڄي پاسي ٻه سنگل بيڊَ ۽ کاٻي پاسي به ٻه سنگل بيڊ پيل هئا. وچ ۾ ٿوري جڳهه خالي ڇڏيل ھئي جتي ھنڌان هنڌان ڀڳل ھڪڙي پراڻي ٽيبل ۽ ٻه ڪرسيون پيل ھيون. ساڄي پاسي بيد تي ٻه سھڻيون ڇوڪريون ويٺل ھيون، جيڪي ڪجهه پڙهي رهيون هيون، مون تي نظر پوندي ئي، ٻئي اُٿي مون ڏانھن وڌيون، سورٺ کين منھنجو تعارف ڪرائيندي چيو:
“هيءَ آهي منھنجي سرتي سنڌُو، جنھن جو ذڪر توھان سدائين ٻڌنديون رھيون آھيو.”
سورٺ مون سان پنھنجين سرتين جو تعارف ڪرايو،
”ھيءَ ڪونج آهي.”
ڪونج مُرڪي مون سان ھٿُ ملايو، ھُن ٻي ڇوڪريءَ جو تعارف ڪرائيندي چيو ته: ”ھيءَ گيتا آهي.”
گيتا مون سان ڳراٺڙي پائي وڏي پاٻوهه مان ملي. گيتا جي ملڻ جي انداز، مون کي پهرين ئي ملاقات ۾ ڄڻ پنھنجو ڪري ڇڏيو. سورٺ مون کي چيو ته: ”ڀرسان واش روم آهي، تون فريش ٿي اچ ته چانهه پيئون.”
مان فريش ٿي آيس، تيستائين سورٺ چانهه به ٺاهي آئي. چانهه جون چُسڪيون ڀريندي، خوب ڳالهيون ڪيونسين. رات جي ماني کائي، هاسٽل جي پارڪ ۾ اچي ويٺيونسين، نومبر جي هلڪي ٿڌڙي رات ۽ چانڊوڪي جنھن ۾ بيدمشڪ جي پنن جي سَرسراهٽ، هلڪي هوا سان عجيب ڪيفيت پيدا ڪري رهي هئي، مونکي اُهو سڀ ڪجهه نئون نئون ۽ وڻندڙ محسوس ٿي رهيو هو. چانڊوڪي الائي ڇو وڌيڪ چِٽي ۽ اُجري لڳي رهي هئي، جنھن ۾ سمورا منظر جَرڪي رهيا هئا. ايئن پئي ڀاسيم ڄڻ هر شئي کير ۾ وهنتل آهي. مان آس پاس جي منظرن ۾ گُم اِهو ئي سوچي رهي هئس ته واقعي به ايئن آهي يا مونکي سڀ ڪجهه نِرالو لڳي رهيو آهي. سورٺ مونکي ڪُلهي تي هٿ رکي لوڏيندي چيو: “ڪٿي گم ٿي وئي آهين.”
مان خيالن جي دنيا مان ڄڻ نڪري آيس.
”هون...ڪٿي به نه، بس نئين دنيا پئي ڏٺم ۽ سوچيم.
”ڇا پئي سوچيئه؟”
“اهو ئي ته الائي ڪيئن منھنجا ارمان پورا ٿيا؟ ڪيئن مان هن خوبصورت دنيا ۾ اچي ويس. سورٺ! ھڪ آرٽسٽ ھئڻ ڪري مان ھر شئي کي وڌيڪ ويجهو کان ڏسندي ۽ محسوس ڪندي ھئس، ھر شئي جي احساس ۾ پنھنجو پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيندي ھئس. پر مون وٽ اُن جي اظهار جو ڪو ذريعو نه هو پر هاڻي محسوس ڪري رهي آهيان ته مان پنھنجي اندر جون سموريون خوبصورتيون ڪينواس ۽ رنگن سان اوري سگهنديس. ها سورٺ تون ڏسجان ته مان ڪيئن ٿي رنگن سان زندگيءَ کي سلهاڙي خوبصورت بنايان.”
سورٺ ۽ گيتا تاڙيون وڄائيندي چيو: “واهه واهه...!!!”
۽ پوءِ اسان جا گڏيل ٽھڪ ماحول ۾ ٻُريا.
ھاسٽل ۾ رھندي،گيتا سان منھنجي گهڻي ويجهڙائي ٿيندي وئي، هُن ٻڌايو ته: “ھُوءَ شڪارپور جي آهي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ سندس آخري سال آهي. گيتا نھايت سُلجهيل سلڇڻي، کِلڻي مِلڻي ۽ قربائتي هئي، جڏهن ته ڪونج گھٽ ڳالهائيندڙ ۽ خاموش رهندڙ. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪونج مغرور به محسوس ٿيندي هئي. اُها رات مون ڄڻ پاسا ورائيندي گذاري ھئي. خوشيءَ جي انتها ۽ يونيورسٽي هاسٽل جي سحرانگيز ماحول، مون کي بي چين ڪري ڇڏيو هو. آڌيءَ رات کان پوءِ الائي ته ڪهڙي مهل ننڊ آئي هئي. صبح جو ستين بجي سورٺ اُٿاريندي چيو هو:
“سنڌو! اُٿ جلدي تيار ٿي، نائين وڳي تنھنجو ڪلاس آهي، يونيورسٽي لائف جو پهريون ڪلاس.”
هُن هڪ معنى خيز ٽِھڪ ڏنو، مون آرس ڀڃندي مُسڪرايو.
ڪمري جو جائزو وٺڻ لاءِ هيڏانھن هوڏانھن نِھاريم ته، گيتا، ڀت تي
ٽنگيل ڪرشن ڀڳوان جي مورتيءَ کي پرڻام ڪري رهي هئي، سندس مٿي تي چُنري هئي ۽ اکيون پُوريل هئس، ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي. سچ پچ ڄڻ ڪا ديوي هُجي. مون يڪدم بيڊ تان اُٿي وڃي گيتا کي ڀاڪر پاتو، هُن به منھنجي ڀاڪر جي آجيان ڪئي ۽ مونکي مُرڪي نهاريندي پنھنجي پيشاني تي لڳل تِلڪ تي آڱر رکندي هلڪو تِلڪ منھنجي پيشانيءَ تي به ٺاهيو ۽ منھنجي پيشاني چُميائين. مان تيار ٿيس، نيرن ڪيم ۽ پوءِ ڪلاس لاءِ نِڪتس ته گيتا مونکي چيو:
”سنڌو! تنھنجي ڊپارٽمينٽ تائين توکي مان ڇڏي اينديس اڄ. تنھنجو پِھريون ڏينھن آهي نه، متان ڪٿي پريشاني نه ٿئي.”
منھنجي ڊپارٽمينٽ کان ويندي ڪلاس تائين گيتا وٺي آئي ۽ ڪلاس روم جي دروازي تي بيھندي چيائين:
“هي آهي تنھنجو ڪلاس، وڃ وڃي اٽينڊ ۽ انجواءِ ڪر.”
مان ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ٿوري گهٻرايل ۽ پريشان. ڪلاس سمورو ڇوڪرَن ڇوڪرينِ سان ڀريو پيو هو، جيترا ڇوڪرا اوتريون ئي ڇوڪريون هُيون اڃا به شايد ڇوڪريون ڪجهه وڌيڪ هُيون. هڪ ڪُنڊ ۾ ٻه چار سيٽون جيڪي خالي پيون هُيون، تن مان هڪ سيٽ تي وڃي ويهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ هڪڙو نوجوان آهستي آهستي اچي منھنجي ڀرسان ويٺو. بنهه خوبصورت، ڊگھو قد ناسي وار، ھلڪي ڏاڙهي ۽ گِھريون اکيون. پِھرين ته ٻه چار منٽ خاموش ويٺو رهيو، پوءِ ڪنڌ ورائي مونکي غورَ سان ڏسڻ لڳو، نيٺ ڳالهائيندي چيائين:
”توهان ڪافي ليٽ ٿي ويا آهيو، ڪلاسن کي ته مھينو اچي ٿيو آهي. ڪم جيڪو، ليٽ ٿيو آهي اُن ۾ مان توهان جي مدد ڪري سگهان ٿو.”
اوچتو ڪلاس ۾ ڪنھن ڇوڪري جو آواز اڀريو: “لائين پيو هڻين..”
ڪلاس ٽھڪن سان گُونجڻ لڳو.
ٻئي لمحي اوچتو خاموشي ٿي وئي، هڪڙي هلڪي قد جو فُل سُوٽ ڪوٽ پھريل ڪلين شيوڊَ شخص، ڪلاس ۾ داخل ٿيو. سڀ اُٿي بيهي رهيا، مان به اُٿيس. ڪجهه دير کان پوءِ ڪلاس ۾ موجود اسٽوڊنٽس جو جائزو وٺندي، اُن شخص مون ڏانھن نِھاريندي چيو:
”لڳي ٿو توهان نوان آيا آهيو؟”
” جي سر...”
”ڪلاسز ته مهينو ٿيو آهي، شروع ٿيا آهن، توهان ايڏو دير سان ڇو پھتا آهيو؟”
مان ڪنڌ هيٺ ڪري خاموش رهيس ڪو به جواب نه ڏنم. ايتري ۾ ساڳئي ڇوڪري ڳالهايو:
”سر هيءَ منھنجي ڳوٺ جي آهي، ڪنھن گهرو مسئلي جي ڪري ليٽ ٿي آهي.”
مون ڪنڌ ورائي هُن کي ڏٺو الائي ڇو، دل کي سندس اُهو انداز ۽ پنھنجائپ ڏاڍي وڻي.
سر مُسڪرائيندي چيو: “ٺيڪ آهي پر هِن محترمه کي ڪجهه ڳالهائڻ ڏي ، خبر ته پئي ته هيءَ ڪھڙا خواب کڻي هتي آئي آهي؟”
سر وري مونسان مخاطب ٿيو:
” ها، بابا تون ٻُڌاءِ ڪجهه پنھنجي باري ۾...”
مون پنھنجو تعارف ڪرايو ۽ پوءِ پنھنجي خوابن ۽ رنگن جي دنيا ٻُڌائڻ ۾ شروع ٿي ويس. مون جڏهن ڳالهائي بس ڪيو ته ڪلاس ۾ رڳو تاڙيون ئي تاڙيون هُيون. سر به تاڙيون وڄائيندي چيو: ”واهه واهه! مونکي نٿو لڳي ته ڪو توکي ليٽ ڪڍڻ لاءِ ڪنھن شاگرد جي مدد جي ضرورت پوندي، پر پوءِ به پنھنجي ڳوٺائيءَ کان ڪجهه شيون پُڇي وٺجان.”
ڪلاس آف ٿيڻ کانپوءِ هو منھنجي پويان لڳو آيو، وچَ ۾ هڪ هنڌ مونکي روڪيندي چيائين: ”مون ته مذاق ڪئي سر سان، پر توهان ته سچ پچ منھنجا ڳوٺائي نڪتا. منھنجو نالو مصور آهي ۽ هتي مصوري سِکڻ ۽ سمجهڻ آيو آهيان.”
مان خاموش رهيس. هُن وري ڳالهايو:
” هلوته ڪينٽين تي چانهه پيئون، پوءِ توهان کي اسٽوڊيو ڏيکاريان.
”سوري، مان چانهه هن وقت ناهيان پيئندي، توهان مهرباني ڪري مونکي اسٽوڊيو ڏيکاريو.”
اسين اسٽوڊيو ۾ آياسين، مان ته حيران رهجي ويس. هال ۾ دنيا ئي ٻي هئي، ڀانت ڀانت جا مجسما ۽ پينٽنگس هيون.
”هي سڀ ڪجهه شاگردن ئي ٺاهيو آهي.”هُن هال ۾ داخل ٿيندي چيو: توهان به ڪا شاهڪار پينٽنگ يا مجسمو ٺاهيندا ته اُهو به هِن هال ۾ رکيو ويندو.”
مان وڌي هڪ پينٽنگ وٽ بيھي رهيس، غور سان پينٽنگ کي ڏسندي خيالن ۾ گُم ٿي ويس. ڇا ته پينٽنگ هئي هڪ شاندار محل، جنھن ٻاهران وڏا وڏا شاهه بلوط جا وڻ، محل جي دروازي تي هڪڙي (بلر انداز ۾ جيئن ڪيمرا سان ڪنھن آبجيڪٽ کي ڊي فوڪس ڪبو آھي تيئن ھڪڙي) غير واضع نظر ايندڙ شھزادي ھئي جيڪا ڄڻ ته اوسيئڙي واري حالت ۾ بيٺل هئي. مان ڪافي دير گُم رهيس ته مصور ڳالهائيندي چيو:
”ڪيڏانھن گم ٿي ويا توهان؟”
”هيءَ پينٽنگ ته لڳي ٿو منھنجي آهي.”
مصور کِلندي چيو:”غور سان ڏسان... ها بلڪل هوءَ شھزادي ته واقعي توهان جهڙي لڳي رهي آهي.”
”نه نه مصور صاحب، منھنجو مطلب آهي، ته ڄڻ هيءَ پينٽنگ منھنجي ٺھيل آهي، هي منظر ته ننڍپڻ کان منھنجي تصور ۾ رهيو آهي. هي تصوير ته پنھنجي اندر ۾ ڪڏهوڪو چِٽي چُڪي آهيان.”
مصور مون ڏانھن ڏسي مُرڪيو ۽ چيائين:
” توهان ته پھرين ڏينھن ئي اسان کي پنھنجو مداح ڪري ڇڏيو.”
مون شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
هُن وري ڳالهايو:”منھنجي من ۾ به ننڍپڻ کان هڪڙي صورت هڪڙي مُورت آهي، جڏهن اُها ڪينواس تي لاهيندسُ ته ضرور شاهڪار تصور ڪئي ويندي ۽ هِن هال ۾ سجائي ويندي.”
” اڇا! پُڇي سگهان ٿي ته اُها ڪهڙي آهي؟”
” اِهاته خبر نه اٿم ته ڪهڙي آهي پر هوبهو توهان جھڙي آهي.”
مونکان ٽھڪ نڪري ويو، هو به ٽھڪ ڏئي کِليو.
هُن وري ڳالهايو:”منھنجو عقيدو آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنھن صورت کي پنھنجي دل ۽ دماغ جي ڪينواس تي، سچيءَ دل سان چِٽي ٿا ڇڏيو ۽ ان جي انتظار ۾ ٿا رهو ته، اُها صورت ڪڏهن نه ڪڏهن، توهان جي سامهون ضرور ايندي، جيئن اڄ معجزو ٿيو آهي.”
مون شرمائيندي ڪنڌ هيٺ ڪيو ، هُن وري چيو:
” مان سمجهان ٿو ته جيڪا صورت توهان جي من ۾ موجود آهي، ته اُھا يقينن ڪٿي ڪائنات ۾ به موجود آهي. هيءَ تصور جي دنيا به ڏاڍي عجيب ۽ فطرت سان سلهاڙيل آهي ۽ فطرت ڪنھن به ريت ڪوڙي يا مصنوعي ڪونھي.”
مان سندس ڳالهه تي لاجواب ٿي ويس. وڻي ته هو اُن لمحي به ويو هو جڏهن ڪلاس ۾منھنجي ڀرسان اچي ويٺو هو. پر هِن لمحي صفا دل ۾ لهي ويو ھو. مان واپس جڏھن روم تي آيس ته ڄڻ وڃايل وڃايل هئس، اِها ڳالهه سورٺ محسوس ڪري ورتي هئي.
”خيرته آهي ڪٿي گُم آهين ڇوڪري... ؟”
”ڪٿي به نه، بس پهريون ڏينھن هو، يونيورسٽيءَ جي ڊگهن رستن تي پنڌ ڪري ڪجهه ٿڪجي پئي آهيان.”
”ٿڪجي پئي آهين يا وري ڪٿي اٽڪي پئي آهين؟ نمونو ته ٿڪجڻ وارو نٿو لڳي.”
سورٺ ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا. سورٺ منھنجي اڳيان ماني آڻي رکي، مون اُها به مزي سان نه کاڌي، ٻه ٽي گِرهه هڻي، بس ڪئي ھئم.
”ڳالهه ڇا آهي سنڌو، ٻُڌاءِ به کڻي... ڏس ڪجهه به لِڪاءِ نه...”
نيٺ مون سمورو قصو سورٺ کي ٻُڌايو، جيڪو گيتا به غور سان ويٺي ٻُڌو. ڪجهه ڏينھن کانپوءِ، مان ڪلاس مان فري ٿي هال ۾ آيس ۽ ڪجهه سامان کڻي ٻاهر لان ۾ هلي ويس، هڪ بيد مُشڪ هيٺان ڪينواس سامهون رکي، ڪجهه ٺاهڻ شروع ڪيم، مصور پيار وچان مونکي ڏسندو رهيو. مون ساڳئي اُداس شھزاديءَ واري پينٽنگ ۾ ٻيو روپ ڀريو، شھزاي جنھن جي انتظار ۾ اٻاڻڪي بيٺل ھئي،تنھن جي چھري تي مرڪ ڀري ۽ سامھون کان شھزادي کي ايندڙ ڏيکاريو. ڪم ڪندي شام ٿي وئي. يونيورسٽي خالي ٿي چڪي ھئي، ڪيرُ به ڪونه ھو. مصور منھنجو ھٿ کڻي پنھنجي چپن تي رکيو ۽ چيائين:
”اڄ تو منھنجي اڌوري چتر کي پورو ڪري ڇڏيو آهي، پنھنجي محبت جا رنگ ڀري.”
مون جواب ۾ چيو: ” شايد! پنھنجو پاڻ کي مڪمل ڪيو آهي.”
ان لمحي کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته مان مصور سان گڏ پيار
جي اٿاهه ساگر ۾ لهي گُم ٿي وئي آھيان.
هڪ شام جو اسين المنظر تي ويٺا هئاسين، سج لھڻ وارو هو، مصور لهندڙ سج کي ڏسندي چيو:”جڏهن سج پنھنجي آخري پساھن ۾ ھوندو آھي ته اُن جي حالت ڪھڙي ھوندي؟ ڄڻ وساميل وساميل، اُداس اُداس هوندو آهي.”
مون کِلندي مصور کي چيو: “مايوسيءَ جون ڳالهيون تنھنجي واتان سٺيون ڪونه ٿيون لڳن.”
”مايوس ناهيان پر خوف اٿم ڪٿي تون مونکان کسجي نه وڃين، وڇڙي نه وڃين.”
”تو پاڻ ئي ته چيو هو ته جيڪڏهن جذبا سچا آھن ته وصال ضرور نصيب ٿيندو آھي.”
هو خاموش ٿي ويو ھو، اسين آهستي آهستي واپس آياسين، هاسٽل جي دروازي تي هو مونکي ڇڏي اُداس اُداس هليو ويو ھو. ڏينھن گُذرندا ويا، مونکي يونيورسٽي ۾ آئي ٽي مھينا ٿي چڪا هئا، ان وچ ۾ منھنجي ۽ گيتا جي ڪافي سٺي دوستي ٿي چڪي ھئي، جڏهن اسان جي گھران مني آرڊر ايندو هو ته اسان چارئي ڄڻيون شاپنگ ڪنديون هُيون سين، ڪٿي سُٺي ماني گڏجي کائينديون هُيون سين. مصور سان به منھنجي تمام گهڻي اُنسيت ٿي وئي هئي، اسان ڊپارٽمينٽ يا لان ۾ گڏ ۾ ويھي ڪلاڪن جا ڪلاڪ رنگن سان پنھنجي دنيا کي سجائيندا ھئاسين، عجيب عجيب خواب هڪ ٻئي کي ڏيکاريندا هئاسين.
ھڪ ڏينھن اوچتو يونيورسٽي ۾ ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار ٿي پيو، تمام گهڻو ھنگامو ٿيو، ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرايو ويو، بائيڪاٽ دوران مصور اُن بائيڪاٽ کي روڪڻ لاءِ وچ ۾ پيو، شاگردن کي روڪيائين ته بائيڪاٽ ڪري پنھنجي ۽ ٻين جي تعليم برباد نه ڪريو پر مڇريل شاگردن سندس هڪ به نه ٻُڌي، ٻي ڏينھن به ساڳيا شاگرد بائيڪاٽ ڪرائڻ لاءِ آيا. اسين سڀ ڪلاس ۾ ويٺا هئاسين، مڇريل شاگردن اسان کي زوري ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي، مصور ساڻن اٽڪي پيو، پوءِ ته انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ٿي وئي. اوچتو مون ڏٺو ته مصور رت ۾ ٻُڏل ڌرتيءَ تي ڦٿڪي رھيو هو. مون رڙيون دانهون ڪيون، ڀڄي وڃي مصور کي ڀاڪر ۾ ڀريو پر مصور ۾ ڄڻ ته زندگيءَ جي ڪا چر پر نه رھي ھئي.
ڪجهه ڇوڪرا مصور کي کڻي يڪدم ڪنھن گاڏيءَ ۾ وجهي اسپتال ڏانهن ويا. مان اِهو منظر ڏسي بي هوش ٿي ويس. جڏهن اک کُلي هوش ۾ آيس، ته سورٺ منھنجي ڀرسان ويٺي هئي ۽ مان اسپتال جي بيڊ تي ھئس. مون اکين اکين ۾ سورٺ کان مصور جو پُڇيو، سورٺ جي اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهي رھيا ھئا ۽ هوءَ مونکي ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. مان سمجھي ويس ته منھنجي محل ڏانھن ايندڙ شھزادو ھميشه لاءِ مون کان پري ھليو ويو، منھنجي زندگيءَ جا سمورا رنگ اُجڙي ويا. منھنجي هوش ۾ اچڻ تي، سورٺ مونکي سھارو ڏئي اسپتال جي ٻاھران بيٺل رڪشي ۾ ويھاريو ۽ اسان ھاسٽل ڏانهن روانه ٿياسين. جيئن ئي روم طرف نظر پئي ته ھاسٽل جي روم ٻاھران، رش ھئي، جن ۾ شاگردياڻيون، پروووسٽ، ٽيچرس ۽ ڪجھه پوليس وارا موجود هئا.اھو ڏسي منھنجا ۽ سورٺ جا قدم اتي اٽڪي پيا، ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ڌرتيءَ اسان جي پيرن ۾ ڏانوڻ وجهي ڇڏيا آھن، مشڪل سان اڳتي قدم وڌائيندي، روم جي دروازي اڳيان ماڻهن کي ھٽائيندي، ڏٺوسين ته منھنجي جسم مان رھيو سھيو ست به نڪري ويو، سامهون پکي ۾ بي سُڌُ لٽڪيل گيتا.
گيتا جي ڳچيءَ ۾ ساڳيو چُنريءَ جو رئو پيل ھو. اُتي بيٺل سڀ اِهو چئي رهيا ھئا ته گيتا آپگهات ڪيو آهي. مان سورٺ ۽ ڪونج زور زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳا سون : “نه، نه گيتا آپگهات نٿي ڪري سگهي.”
مان گيتا جي پکي ۾ لڙڪيل جسم ڏانھن وڌڻ لڳس، پر پوليس وارن مونکي پوئتي هٽائيندي چيو:
”جيستائين جاچ ھلندي، ڪير ويجهو نه ويندو.”
اسان جي رڙين ۽ ڪوڪن جو ڪنھن تي اثر نه ٿيو، ڪجھه دير کان پوءِ، گيتا جي لاش کي پوليس وارا اسپتال کڻائي ويا.منھنجي حالت جيڪا مصور جي جدائيءَ سبب اڳ ئي خراب ھئي ويتر گيتا جي وڇوڙي ڄڻ پيرالائيز ڪري ڇڏيو. منھنجي جسم ۾ ڏڪڻي شروع ٿي وئي، جيئن ڪو دورو پيو هُجي، مون کي ياد ناھي ته مان ھوش ۾ ھئس يا ھوش ۾ ھوندي به ڄڻ بي ھوش ھئس، مان ساڻي ٿي ڪري پئي ھئس، مون کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ آس پاس سڀ منظر سڙي رک ٿي ويا، ڪنھن به شئي ۾ ڪو رنگ ڪونه بچيو هو. منھنجي حالت تمام خراب ٿي وئي، جنھن ڪري سورٺ منھنجي
بابا کي فون ڪري، سمورين حالتن کان آگاهه ڪيو ھو.
ٻِئي ڏينھن منھنجو بابا يونيورسٽي پھچي ويو، الائي ڇو هاڻي اُها يونيورسٽي ڪنھن مقتل گاھ جيان لڳي رھي ھئي، جنھن ۾ منھنجا خواب مقتول بڻيا ھئا. سورٺ منھنجو سامان پيڪ ڪيو، بابا ھلڻ لاءِ چيو، مون بابا کي ڪجهه دير ترسڻ لاءِ چيو.
مون سورٺ کي چيو:”سورٺ! مون سان گڏ ٿورو فائن آرٽس جي اسٽوڊيو تائين ھل.”
سورٺ ها ڪئي ۽ اسين فائن آرٽس جي اسٽوڊيو ڏانھن آياسين پئي ته رستي ۾ بيد مشڪ جي پتن تي نظر پيم، وڌي بيد مُشڪ جي ويجهو ويس ته بيد مُشڪ مان مھڪ بدران رتُ جي ڌَپَ اچي رھي ھئي، جيئن ئي اسٽوڊيو ۾ اندر داخل ٿيس، اِھو ڏسي حيران ٿي ويس ته هال جو سمورو سامان سڙيل ھو، گذريل مُظاهرن ۾ هال کي باهه ڏني وئي هئي.
مان چرين وانگر مصور جي پينٽنگ ڳولڻ لڳس، جنھن کي مون پنھنجي محبت جي رنگن سان مڪمل ڪيو ھو، ھڪ ڪنڊ ۾ دونهين سان هلڪي ڪاري ڌنڌلي ۽ اڌ سڙيل ڪاري پينٽنگ پئي هئي. جيڪا پينٽنگ سڙڻ کان بچي وئي هئي، اُن ۾ شھزادو ڪونه هئو، بس انتظار ۾ بيٺل ساڳئي شھزادي وڃي اڪيلي بچي هئي. مون پينٽنگ کي کڻي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ لڙڪن ۾ ٻُڏي ويس. منھنجي سپنن جو شِيش محل سڙي رکُ ٿي چڪو هو، اُن ڏينھن کان اڄ ڏينھن تائين، منھنجي حالت صحيح ناھي ٿي، مان مصور جي اوسيئڙي ۾ رنگن بنا زندگي گُذاري رھي آھيان.
خبرون ٻڌڻ لاءِ نيوز چينل لڳايو ھئم ته بريڪنگ نيوز هلي رهي ھئي ته “ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻيءَ ڦاھو کاھي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.”
خبر ڄڻ منھنجي جسم ۽ روح کي سُن ڪري ڇڏيو.
****
ڪِني
ڪي ورهيه اڳ، ھُن جڏهن ڳالھين ڳالھين ۾ ٽھڪ ڏيندي مونکي چيو: “ڪِني....”
ائين لڳو ڄڻ مونکي ڪوئي آدجگاد کان اُن نالي سان سڏيندو رهيو آهي، هُن جو “ڪِني” چوڻ ڄڻ ته منھنجي وجود کي واچوڙي جيان وڪوڙي ويو. اُن لمحي مان الائي ته ڪھڙي دنيا ۾ کوئجي ويس، وجود ۾ محبت جي سترنگيءَ جا سُرَ وڄڻ لڳا. محسوس ٿي رهيو هو ته چوڏس پکين جون لاتون آهن، وڻ به ڄڻ مونسان ڳالھائي رهيا آهن. لفظُ “ڪِني” چوڻ سان چوڏس هٻڪار پکڙجي وئي. هر پاسي خوشبوءِ ۽ رنگ، زمين کان آسمان تائين رنگ ئي رنگ، منھنجي دل جي آسمان تي رنگن جي انڊلٺ اڀري آئي هئي. هُن جي ايئن سڏڻ سان محسوس ٿيو ته منھنجي هستي ۽ هوڏ ھڪ ئي پل ۾ الائي ڪيڏانھن هليا ويا آھن، مان ڄڻ ته مِٽي بڻجي پيس. مونکي پنھنجو پاڻ مان مھڪ ايندي محسوس ٿي، اُها مھڪ جيڪا ڌرتيءَ تي وسڪاري سان اُٿندي آهي. حيرت اٿم هُن جي هڪ پُڪار سان سمورو وايومنڊل ئي بدلجي ويو، سمورا منظر رنگين ٿي ويا، منھنجي دنيا ئي بدلجي وئي. هڪ لمحي لاءِ هلڪي نِسري آيل پگهر سان مان پريشان ٿي ويس، هُن وري ڳالهايو:”الا...هو ڏس، گُل جي پتين تي جيئن ماڪ ڪِرندي هُجي.”
مون پارڪ ۾ ڏسڻ شروع ڪيو، هُن جا ٽھڪ ٻڌڻ ۾ آيا.
”ڪِني! مان پارڪ جي ٻوٽن جي ڳالهه نٿو ڪريان، مان ته تنھنجي مُک تي نِسري آيل هلڪي پگهر جي ڳالهه پيو ڪريان.”
مان شرم ٻوٽي جيان ڪومائجي ويس، ويترمحبت سان سرشار بڻجي، اُن منظر ۾ ٻُڏي ويس، اُن لفظ “ڪِنيءَ” مونتي عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. ايئن لڳو ڄڻ مان ڪو سنگيت بڻجي پئي آهيان ۽ منھنجو وجود ۽ روح اُن سنگيت جي رڌم تي رقص ڪري رهيو آهي. وري منصور مون سان مخاطب ٿيو:
“چري ! ڪٿي گم ٿي وئينءَ؟”
مان تصور جي اُنَ خوبصورت دنيا مان نڪري آيس، مٿي نھارَ ڪيم ۽ آسمان ۾ انڊلٺ جا رنگ ڳولڻ لڳس، منھنجي من ۾ منصور جي محبت ڀريل لفظن جي بھار ھئي، مونکي آس پاس ۽ آسمان ۾ به رنگ نظر اچي رھيا ھئا، هر طرف ڄڻ گل ۽ مُکڙيون.
نومبر جي ٿڌڙيءَ شام جو ٽائيم ھو، اسان ٻئي بيد مشڪ جي وڻ ھيٺان ويٺل هئاسين، پري کان سنڌوءَ جي ڇولين جو منظر ڏسي رهيا هئاسين. مان بس عجب سحر ۾ گُم هيس، ته منھنجي ھٿ تي ڪو گرم ۽ نرم ڇھاءُ محسوس ٿيو، ڏٺم ته منصور پنھنجا چپَ منھنجي ھٿ تي رکي ڇڏيا هئا. سندس چپن جي ڇھاءُ منھنجي اندر ۾، سنڌوءَ جي ڇولين وانگر ھڪ لرزش پيدا ڪري ڇڏي. اُن لمحي منھنجي مُنھن تي لالاڻ لھي آئي، ساهن جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. الائي ڪيئن منصور اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪري ورتو، منھنجي ڪيفيت کي سمجهي ويو، تنھنڪري ئي شايد مونکي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي سيني سان لڳائيندي چيائين:
” ڪني گهٻرائجي ڇو وئي آهين؟ ٻڌُ، ڏس! اسان ٻنھي جي دل جي ڌڙڪن ساڳئي ئي آهي، غور سان ٻُڌ، انھن سُرن کي جيڪي محبت جا سُر آهن. اُمنگن اُميدن ۽ مُرادن جا سُر آهن، اميدون جيڪي اوس پوريون ٿيڻيون آهن. تون ۽ مان هڪ ڏينھن هڪ ٿيڻا آهيون. هي دل جا آواز، هي سُر ٻُڌ، ڇا ڇا نه آلاپي رهيا آهن.”
شام پنھنجي وجود کي رات جي ڪاري چادر ۾ ويڙهي آرامي ٿي، آسمان ۾ ڪاراڻ کانپوءِ تارن ڌرتيءَ ڏانهن ليئا پائڻ شروع ڪيا يا وري شايد اسان کي ڏسي تڪي رهيا هئا. اسان اٿياسين ۽ قدم سان قدم کڻندي، ھلڻ لڳاسين، بي خياليءَ ۾ منصور کي ٿاٻو اچي ويو، هو ڪِرڻ تي هو ته مون يڪدم کيس پنھنجي ڀاڪُرَ ۾ ڀري ورتو، منصور جي منھن تي لازوال مُرڪ تري آئي ۽ چوڻ لڳو:
”ڪِني! ڇو سنڀاليئي مونکي؟ سڄي زندگي مون زماني جون ٺوڪرون ۽ ڌڪا کاڌا آهن، ڪيترائي ڀيرا ڪِريو ۽ ٽُٽو آهيان. سدائين ايئن پنھنجي ڀُريل ۽ ٽُٽل وجود سان جيئندو رھيو آهيان.”
”پر منصور! مان هاڻي ڪڏهن به توکي ڪِرڻ نه ڏينديس، مان تنھنجي هر زخم جو مرهم ٿينديس، تنھنجي هر ٽُٽل جذبي کي نئون جنم ڏيندس، هڪ نئون اتھاس جوڙينديس.”
خوشيءَ وچان منصور جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا منھنجون به اکيون اُن لمحي آليون ٿي ويون هُيون. پوءِ اسان ٻنھي وڏا وڏا ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا، ڏکن کي هميشه الوداع ڪرڻ لاءِ پر ڏک جيڪي نصيب ۾ هوندا آهن، اُهي پنھنجو ليکو نه ڇڏيندا آهن. ٻئي ڀيري اسان ڪنھن ريسٽورنٽ تي ويٺا هئاسين، مون منصور کي چيو اڄ گرم گرم ڪافي پيئڻ تي ڏاڍي دل ٿي چوي، منصور مون سان سُر ملائيندي مُرڪندي ويٽر کي پاڻ طرف اچڻ لاءِ اشارو ڪيو ۽ ان کي ٻه ڪپ ڪافي آڻڻ لاءِ چيائين. ٽيبل تي رکيل بوتل مان پاڻي اوتي شيشي جو گلاس مون طرف وڌائيندي چيائين:”واعدو ڪر منھنجو ساٿُ ڪڏهن به نه ڇڏيندينءَ.”
مون پنھنجو ھٿ منصور جي ھٿ تي رکندي چيو:”هِن ڪنيءَ جو توسان واعدو آهي.”
وقت الائي ڪيئن بدلجي ويو، منصور الائي ته ڪيڏانھن وڃائجي ويو. وعدو ڪري ويو هو ته جلد موٽي ايندو پر وري نه موٽيو. مان سالن تائين سندس انتظار ڪندي رهيس. روز اُن ساڳئي جاءِ تي ويهي اُهي بيد مُشڪ ڏسندي آهيان، اُن ريسٽورنٽ ۾ اڪيلي ڪافي پيئندي آهيان، پر هاڻي منصور جي جاءِ تي صرف سندس يادون هونديون آهن.
اڄ پارڪ ۾ ويٺي هُيس ته اوچتو ڪنن تي آواز پيو: ” نه ڪِني نه.... گُل ناھِن پٽبا....”
ڇِرڪي نِھاريم ته هڪ پوڙهو شخص هڪ ٻارڙي کي گُل پٽڻ کان روڪي رهيو هو. مان اُن شخص کي ڏسڻ لاءِ آهستي آهستي وڌي ڀرسان ويس ته حيرت جي حد ئي نه رهي:
”منصور ....تون؟”
”ها مان...”
”تون ڪيڏانھن هليو ويو هئين؟ مون تنھنجو ڏاڍو انتظار ڪيو آهي.” منصور ڪنڌ هيٺ ڪري ويھي رهيو، ڪا ورندي نه ڏنائين.
“زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي، تون شرمسار نه ٿيءُ.”
ننڍڙ ي ٻارڙي وري ڪو گُل پٽڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي منصور کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو: ”جهليو اٿم نه ڪِني ته گُل نه پٽبا آهن.”
“هي ٻارڙي ڪير آ منصور، هر هر کيس ڪِني چو چئي رهيو آهين؟”
”هيءَ منھنجي پوٽي آهي، سندس نالو ڪِني آهي، مون رکيو آهي. ڌي ڄائي ڪو نه، نه ته جيڪر اُن جو نالو رکان ها.”
سندس اکين ۾ لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا، هو ڪنڌ هيٺ ڪري، اسٽِڪ جي سھاري اُٿيو ته وري ٿاٻڙجي پيو، مون يڪدم کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هن پاڻ ڇڏائي ورتو ۽ ٻارڙي کي وٺي آهستي آهستي ڏور هليو ويو، مان کيس ڏسندي رهجي ويس.
****
ڀانڊارو
ڪھڙين پيڙائن جو ذڪر ڪريان، ننڍپڻ کان ئي سورن سان ناتو جڙيو، تڪليفون، اذيتون ۽ پيڙائون زندگيءَ جو حصو رھيون، ڪو ڏينھن ياد ڪونھي جو سُک جو ساھه کنيو ھُجي. اڄ جيئن ئي پنھنجي آفيس لاءِ گاڏي ڊرائيوَ ڪندي اچي رهي هئس ته، رستي ۾ هڪڙو ٺِڪر جي ٿانوَن جو ريڙهو ڏٺم، ريڙهي تي کوڙ ڀانڊارا رکيل هئا، مون ڀانڊارا ڏٺا ته پنھنجي ماضيءَ ۾ هلي ويس...
اُھو ڏينھن ياد اٿم، جڏهن مان ٽئين ڪلاس ۾ پڙھندي ھُيس، ھڪ ڏينھن رسيس کانپوءِ، اوچتو منھنجو ابا ڪاوڙ ۾ اسڪول آيو، سڄي ڪلاس جي سامھون مونکي چنبو ھڻندي چيو ھيائين:
“پڻهين پڙھيو، جو تون پڙھي انباريون چاريندينءَ؟”
ائين چئي، مونکي ٻانھن کان جهلي اسڪول مان گھر وٺي آيو، امان پاپڙ ٺاھيندي ھئي، ننڍڙا ڀائر امان کي تنگ ڪندا هئا، انھن کي سنڀالڻ منھنجي حوالي ھوندو ھو، مان اسڪول ويندي ھيس ته امان کي ننڍا ڀائر ڪم ڪرڻ ڪونه ڏيندا ھئا، ابا ڪو ڪم ڌنڌو ڪونه ڪندو ھو، بس امان پاپڙ ٺاھي ۽ پورھيو ڪري جيڪي پئسا ميڙيندي ھئي تن تي بابا عيش ۽ نشا پتا ڪندو ھو. مان گھر ۾ سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کان وڏي ھيس تنھن ڪري، گھر جي ھر ذميواري منھنجي مٿان ھوندي ھئي، اُن ڏينھن ابا جيڪا ڪلاس سامھون بي عزتي ڪئي ھئي، تنھن ڄڻ اسڪول وڃڻ کان ارواح ئي کڻائي ڇڏيو ھو. سوچيندي هئس ته سڀ اسڪول وارا مون تي کلندا ۽ ٺٺوليون ڪندا پر امتحان به مٿان ھئا تنهن ڪري اسڪول وڃڻ تي دل ئي دل ۾ خيال پئي آيو.
اسڪول واري رجسٽر ۾ منھنجو نالو حميدہ لکيل ھو، پر مون کي گهر وارا توڙي اسڪولي ٻار حمي ڪري سڏيندا ھئا. امتحان ۾ باقي ھفتو بچيو ته، آپا نياپو ڪرايو ته:
”حميءَ جا امتحان آھن، کيس اسڪول موڪليو.”
پوءِ به مون کي امان توڙي ابا اسڪول وڃڻ لاءِ نه چيو، نيٺ امتحانن کان چار ڏينھن اڳ،آپا پاڻ اچي گهر نڪتي ۽ چيائين:”ڇو حمي! تون اسڪول نٿي اچين، امتحان مٿان آھن، تو جھڙي ھوشيار ڇوڪري ايئن ڪري، ٺھي ڪونه ٿو.”
پوءِ امان ۽ ابا سان مخاطب ٿيندي چيائين:”ڇوڪريءَ کي اسڪول موڪليو، ٻه درجا پڙھي پوندي ته زندگي ڀر ڪم ايندس.”
امان ۽ ابا، آپا کي ھائوڪار ڪري روانو ڪيو، مان اسڪول وڃڻ جو سوچي، پريشان ٿي ويس جو، جيترا ڏينھن اسڪول نه وئي ھيس ته منھنجي سليٽ، ڪتاب ۽ ٿيلھو ننڍڙن ڀائرن ڀڃي ٽوڙي وڃائي ڇڏيو ھو. سوچيم اسڪول ڪيئن وڃان، امان سان ڳالهه ڪيم ته امان مُنھن گُهنجائيندي چيو: ”اسان وٽ ته پئسا رکيا ڪونھن جو توکي سليٽ ٿيلھو ۽ ڪتاب وٺي ڏيون...”
مان روئيندي ڪوٺي ۾ ھلي ويس، اوچتو منھنجي نظر جاري ۾ رکيل ڀڳل ڀانڊاري تي پئي، جنھن ۾ مان خرچيءَ مليل پئسا رکي گڏ ڪندي ھيس.ھڪ ڀيرو اڳي جڏھن گهر ۾ پائي پئسو ڪونه ھو، امان جا ٺاھيل پاپڙ به ڪونه ھئا ته امان اُھو ڀانڊارو ٽوڙيو ھو، جنھن مان ٽيويھه رپيا نڪتا ھئا، اُن زماني ۾ ٽيويھه رپيا ڄڻ ته ٽيويھه سئو رپين جي برابر ھئا، سستائي جو زمانو ھو، سو پورو ھفتو گهر جا خرچ ۽ بابا جي عياشيءَ جا پئسا منھنجي ڀانڊاري مان نڪري پيا ھئا. ڀانڊارو ڏسي مون کي ياد آيو ته، مون ھڪ ٻئي ڀانڊاري ۾ به ته پئسا گڏ ڪيا آھن، جيڪو بابا ۽ امان جي ڀڃڻ جي ڀئو کان، زمين ۾ کڏو کوٽي لڪايو آھي. يڪدم اُٿي ٻاھر آڳنڌ ۾ آيس ۽ زمين کوٽي ڀانڊارو ڪڍيم ۽ پنھنجي قميص ۾ هيٺان لِڪائي، ڪوٺيءَ ۾ کڻي آيس ته متان ڪٿي اَبا جي نظر نه پئجي وڃي. مون جڏھن ڀانڊارو ڀڳو ته پنجن پئسن، ڏھه پئسن، چئي آنن، اَٺ آنن سان گڏ ھڪڙو پنجين رپئي جو نوٽ به نڪتو، جيڪو اسڪول ۾ ڊبيٽ دوران انعام طور مليو ھئم، اُن زماني ۾ پنج رپيا ڄڻ پنج سؤ رپين برابر ھئا. ڀانڊاري جا ڪُل پئسا ڳڻيم ته پنجاھه رپيا ٿيا. مان ڏاڍي خوش ٿيس، ڪجهه پئسا امان کي ڏنم، ڪجهه پئسا ھڪ گوٿريءَ ۾ رکيم ۽ ورانڊي ۾ ٽنگي ڇڏيم ۽ ڪجھه پئسا کڻي، ننڍي ڀيڻ کي ساڻ ڪري بازار آيس، پنھنجي قلم، سليٽ ۽ ڪتابن سان گڏ ننڍي ڀيڻ کي به ساڳيو سامان وٺي ڏنم، دل چيو ته پلاسٽڪ واري جُتي وٺان سا به ورتم ۽ پوءِ ڪپڙي واري دُڪان تي ڪاڪي خانڻ وٺ ويس، جو ايڏو سامان وٺڻ کان پوءِ به مون وٽ اڃا پئسا بچيا هئا. ڪاڪي خانڻ ڪپڙي واري کان، فليٽ جي ريشمي ڪپڙي جو اگهه پڇيم ۽ پوءِ ڪاڪي خانڻ کي بچيل پئسا ڏيندي چيم:
”ڪاڪا، اسان وٽ ھي آھن، بس اسان کي ريشمي فليٽ جو هڪ، هڪ جوڙو ڏي.”
ڪاڪو خانڻ احساس وارو نيڪ ماڻهو ھو، کلندي چيائين: ”ھا ڇو نه، ٿورا ئي ته گهٽ پئسا آھن، پنج رپيا، جڏھن ٿين ته ڏئي وڃجو، باقي جوڙو، جوڙو ٻنھي ڀينرن کي ڏيان ٿو.”
ھُن ڇھه وال فليٽ جو ڪپڙو اسان کي ڏنو، اسان ڪپڙو ۽ ٻيو سامان کڻي کِلندا، نچندا گانا ڳائيندا گهر پھتاسين ته ابا امان سان وڙھي رھيو ھو، مون جيڪي پئسا امان کي ڏنا ھئا سي به ڦري رھيو ھوس. اسان تي نظر پيس ۽ اسان جي ھٿن ۾ سامان ڏٺائين ته صفا تپي ڳاڙھو ٿي ويو، مون کي ۽ ننڍي ڀيڻ کي اچي ورتائين:“ڇوريون ٻُڌايو، ڪٿان آندوَ ايترا پئسا، جو ھي ھيڏو سامان وٺي آيون آھيو...”
امان اسان کي ڇڏائيندي چيو ته: ”حميءَ پنھنجو ڀانڊارو ڀڳو آھي،
تڏھن وڃي اسان کي ڇڏيائين، پر ڪاوڙ ۾ امان کي ڀرئي پيٽ ھوندي زوردار مُڪ ھڻي مَڪان تي ھليو ويو، امان ڌڪ لڳڻ سان صفا ساڻي ٿي پٽ تي ويھي رھي ۽ زارو قطار روئڻ لڳي،اُن ڏينھن اسان جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونه ھو، سو مون ورانڊي ۾ ٽنگيل ڳوٿري کنئي ته پئسا ڪڍي ڪجهه سامان وٺي اچان، پر ڳوٿري کنيم ۽ اُن ۾ ھٿ وڌم ته ڪاريءَ وار ڪَک ھئا. امان مون ڏانھن نھاريندي چيو:
”حمي پڻھين سڀ پئسا کڻي ويو ۽ مون کان به ڦري ويو...”
منھنجي اکين مان به ڳوڙھا وھي آيا، مان رڌڻي ۾ ويس، وٽو ۽ پليٽ کنيم ۽ ماسي شھزادي جي گهر ويس. اسان جي گهر ۾ جڏھن ڪجهه ڪو نه ھوندو ھو ته مان وٽو ۽ پليٽ کڻي ماسي شھزادي جي گهر ويندي ھيس. ماسي شھزادي وٽي ۾ اٽو ۽ پليٽ ۾ ڪا ڀاڄي ڏيندي ھئي، ماسي شھزاديءَ جو موڊ خراب ھوندو ھو ته دڙڪا ڏيندي ھئي، پر پوءِ به اٽو ۽ ڀاڄي خالي وٽي ۽ پليٽ ۾ وجهي ڏيندي ھئي. اڄ به جيئن مون کي ايندي ڏٺائين ته چيائين:
”اجهو اچي وئي سڀاڳي، ڪجهه وٺڻ لاءِ...!”
اُن لمحي منھنجو اندر وٺجي ويو، اندر ئي اندر ۾ پاڻ کي گهٽ وڌ چوڻ لڳس، بس اُن ڏينھن ته ماسي شهزادي جيڪو ڏنو کڻي گهر آيس، پر دِل ئي دل ۾ پَههُ ڪيم ته هاڻي ڪڏهن به ماسي شهزاديءَ جي گهر ڪجهه وٺڻ نه وينديس. ڀلا ڪيستائين اسان ايئن هر ڪنھن جي اڳيان هٿ ٽنگيندا رهنداسين. بس اُن ڏينھن جيڪي پئسا هئا تن مان چڻا وٺي آيس، صبح جو ڀاءُ کي چڻن جو ٿالهه ٺاهي وڪڻڻ لاءِ موڪليم، اسڪول مان موٽي اچڻ کان پوءِ گهر ۾ پيل پراڻي سِلائي مشين ڪڍيم ۽ جهڙي تهڙي سلائي ڪرڻ شروع ڪيم، ٿوري عرصي ۾ مان سُٺي سلائي ڪرڻ سِکي ويس، اسڪول به روز وڃڻ لڳس، سلائي ۽ ڇولن جي ڪمائي مان ٻه پئسا بابا کي ملندا هئا ته هو چُپ رهندو هو، ايئن مان پنھنجي گهر کي سنڀالي ويس، وقت سان ميٽرڪ انٽر ۽ پوءِ بي اي به ڪري ڇڏيم. تنهن کانپوءِ نوڪري ملي، نوڪريءَ مان ڀينر، ڀائر پڙهايم، پڙهي لکي جڏهن ڀائر نوڪرين وارا ٿيا ته شاديون به ڪيائون، ڀينر به پنھنجي گهر واريون ٿي ويون. ڀائر پنھنجي ٻچن ٻارن ۾ پورا ۽ ڀينر پنھنجي گهرن ۽ وَرن ۾ مصروف ٿي ويون، پَر اُها اڪيلائي ۽ پيڙا اڄ به مون سان گڏ آهي، رشتا پنھنجون معنائون وڃائي ويٺا، جنھن ڪري اُها ئي پيڙا ساڳئي تسلسل سان هلندي اچي ۽ اڪيلائي جنھن ۾ ڪو به سهارو ڪونھي ٿيندو. مون گاڏي سائيڊ تي ڪئي، گاڏيءَ مان لهي ڀانڊاري واري کان هڪڙو وڏو ڀانڊارو ورتم...سڌو آفيس آيس، آفيس جي شيلف ۾ اهو ڀانڊارو رکي ڇڏيم، مان هر روز اُهو ڀانڊارو ڏسندي آهيان، خوش ٿيندي آهيان ۽ اِهو سوچي ڪجهه پئسا ڀانڊاري ۾ وجهندي آهيان ته، جڏهن اِهو ڀانڊارو ڀرجي ويندو ته، سڀ پئسا ڪڍي ڪنھن غريب ڇوڪري کي پڙھائيءَ ۾ مدد طور ڏئي ڇڏيندي آهيان. ايئن ڪرڻ کان پوءِ هاڻي منھنجي پيڙا ۽ اڪيلائي ڄڻ ته گهٽجڻ لڳي آهي.
****
سنگِ مرمر ۽ سنگ تَراشُ
ھنن کي ريلوي اسٽيشن تي ويٺي ڪيترائي ڪلاڪ گذري چڪا هئا، ڊسمبر جي ٿڌي رات ھئي، اسٽيشن جي آس پاس سرنھن جا زرد پتا ھوا جي زور تي زوڪاٽ ڪندا، ھِنن جي پيرن ھيٺان لامارا ڏيئي رھيا ھئا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ھنن جي ايتري سالن کان پوءِ ميلاپ تي رقص ڪري رھيا ھجن، شايد ھنن جي وڇڙڻ جي ڏُک ۾ ئي ھوُ زرد ٿيا ھئا، ڪڏھن نه ويندڙ خزان ۾ ڪٿي رھجي ويا ھجن، ڊسمبر جي ٿڌڙي رات ۾ سرنھن جي زرد پتن جي رقص ۽ پٽڙين تان گذرندڙ ريل گاڏي جي مڌُر موسيقيءَ، سڄي وايومنڊل کي محبتن جي ستن سرن ۾ جڪڙي ڇڏيو. ان تي وري رکي رکي سرنھن جي خوشبوءِ ھڪ ھُٻڪارُ واسي ڇڏيو، ھنن کي ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ سندن گڏجڻ تي ڪائنات جا سڀ رنگ ۽ سُرَ اڄ اچي اسٽيشن تي گڏ ٿيا ھجن، ٻنھي جي چھرن تي ھڪ عجيب مرڪ ھئي، ھڪ اھڙي مرڪ جنھن ۾ ھاڻي ملڻ ۽ وري وڇڙي وڃڻ جو ڊپ نه ھو، انڪري جو ملڻ ۽ وڇڙڻ زندگيءَ جا اھڙا خوبصورت احساس آهن جيڪي پنھنجي اندر ۾ انيڪ درد رکندڙ ڪيفيت آهن ۽ ان خوبصورت ڪيفيت جو نالو ئي محبت آهي. پوئين ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ھنن اسٽيشن تي ويهي واپس اچڻ وارن جي چھري جي خوشي ۽ وڇڙي وڃڻ وارن جي ڏُک جي ڪيفيت کي پنھنجي اندر محسوس ڪيو، ايتري ۾ سرد ھوا جي جھونڪي تي ھِيرَ جي جسم مان سسراٽيون نڪري ويون ۽ سانول پنھنجي ڪلھي تان مفلر لاھي، ھِيرَ جي ڪُلھن تي رکيو. ھيرَ ان مفلر کي پنھنجي خوبصورت چپنِ تي آڻي ھڪ چمي ڏيندي چيو: “سانول ھن مفلر ۾ اڄ تائين تنھنجي ساڳي پرفيوم جي خوشبوءِ آهي، جيڪا تون ھڻندو ھئين، تنھن ڪري اھو منھنجي پسند جو پرفيوم ٿي ويو ھو.”
ڪيتري دير جي خاموشيءَ کانپوءِ سانول پنھنجا چپ چوريا: “توکي خبر آهي ھيرَ! ته مان زندگيءَ جي هر پل ۾ توکي محسوس ڪري جيئندو رھيو آھيان، مون پنهنجي محبت جو تاج محل ٺاهڻ لاءِ پنھنجي لفظن جي تيشي ۽ ڇيڻي کڻي شروعات ڪئي. مون ڄاتو ٿي ته هن شاهڪار ٺاهڻ کان پوءِ وقت جا حاڪم منھنجا هٿ ڪپي ڇڏيندا، مان ماريو ويندس، پر پوءِ به مون هڪ لازوال شاهڪار ٺاهي ابد کي ازل ڪرڻ ٿي چاهيو. ڇاڪاڻ ته لفظن جا خالق سنگتراش ڏاڍا ضدي هوندا آهن. ڪيئي سال گذري ويا.آئون دنيا کان بي خبر مٽيءَ ۾ بدن ڀڀوت، زخمي هٿن سان لفظن جي سنگمرمر جو تاج محل ٺاهڻ ۾ مصروف رهيس ۽ آخر ڪار جڏهن مون سمجهيو ته منھنجي تخليق مڪمل ٿي وئي آهي ته مون وقت جي بادشاهه کي چيو منھنجي لافاني تخليق تنھنجي هٿن سان رونمائيءَ لاءِ تيار آهي ۽ مان ڄاڻان ٿو ان ڏينھن منھنجا هٿ ڪپيا ويندا پر مان ان ڪري به خوش آهيان ته پوءِ ڪوبه اهڙي لافاني تخليق جو تصور بنهه ڪري سگهندو... اهو منظر به عجيب منظر هو نغارن سان گڏ هجوم ۾ بادشاهه کي لفظن جي هڪ سنگتراش جي تخليق جي رونمائي ڪري سندس هٿ ڪپڻا هئا. منھجي تاج محل تان سرمائي بخملي ڪپڙي کي هٽايو ويو ته ڏسندڙن هڪ عجيب منظر ڏٺو. تاج محل جي جاءِ تي موھن جي دڙي جي ناچڻيءَ جي روپ ۾ تون بيٺي هئينءَ. پنھنجن پورن جلون سان بي لباس، تنھنجا ارهه تاج محل جي گنبذن جيان خوبصورت لڳي رھيا ھئا ۽ تنھنجي سونھري جسم مان روشنيون پئي ڦٽيون، تنھنجي انگ انگ مان نڪرندڙ تجلين، ڏسندڙن جي اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو هو. سرمائي بخمل جو ڪپڙو جنھن مان گلاب ۽ عطر جي خوشبو ٿي آئي، تنھنجن قدمن ۾ پيو هئو. تنھنجو مرڪندڙ مهتاب جهڙو چهرو روشن هو...جلاد جڏهن منھنجا هٿ ڪپڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته بادشاهه طرفان حڪم ٿيو...هي تخليق ته تاج محل کان به خوبصورت آهي، مان هن جا هٿ نه ڪپيندس، سو مان ڄاڻان ٿو تنھنجي بخملي لباس جي اندر جيڪو جسم آهي اهو ڪيترو خوبصورت آهي...تاج محل کان به وڌيڪ خوبصورت تنھنجن ارهن جي گولاين ۽ خوبصورت بدن ۾ فقط آئون ئي سڄي ڪائنات جو حسن ڏسي سگهان ٿو. ھِيرَ سانول جي لفظن جي گھرائي ۾ گم ٿي وئي. ھن کي اھي ڏينھن ياد اچي ويا جڏهن آرٽس ڪائونسل ۾ سانول سان گڏ ويهي شيما جو رقص ڏسندي ھئي، ھنن کي رقص سان عشق ھو، جڏهن شيما رقص ڪندي ھئي ته ان جي پيرن ۾ پيل گھنگھروئن جي جھنڪارَ ۾ گم ٿي موھن جي دڙي جي ڪنھن محل ۾ پنھنجو پاڻ کي رقص ۾ محُو ڏسندي ھئي، ان محل جي تخت تي سانول ڪنھن سنگ تراش جيان ھن جي رقص ڪندڙ مورتي تراشي رهيو هو، ڄڻ دنيا کان بي نياز پنھنجي جسم جي زبان سان پنھنجي محبوب لاءِ محبت جو اظهار ڪري رھي ھجي ۽ رقص ڪندي ڪندي پنهنجن گھاٽن وارن کي سانول جي منھن تي ڪنھن گھنگھور گھٽا جيان ڦيرا ڏنا. انھن گھٽائن جي واس سان محل پيار جي رقص ڪندڙ خوشبوئن سان واسجي ويو ھجي، ھن قليءَ جي آواز تي ڇرڪ ڀريو جيڪو سانول کي چئي رهيو هو ته:“رات جو پويون پھرُ به گذري ويو آهي، ھاڻي ھن اسٽيشن تي فجر کان پھرين ڪا به ريل ڪانه ايندي توهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، شام کان وٺي توهان ويٺل آھيو.”
سانول پنھنجي چپن تي ھلڪي مرڪ آڻيندي قليءَ کي چيو:
“اسان ھاڻي اھڙا مسافر آهيون جن کي ٽرين جي نڪري وڃڻ جي ڳڻتي ناهي ھوندي.”
سانول جي جواب تي قلي حيران ٿيندي اڳتي ھليو ويو. ڀرسان بيٺل ھٿ ۾ ڪٽلي جھليل چانهه واري چيو: “صاحب چانهه پيئندا؟”
سانول ڪنڌ جي اشاري سان ھا ڪئي، چانهه واري پياليءَ ۾چانهه اوتي سانول کي ڏني ۽ ٻي پيالي ڀرڻ لڳو ته سانول چيس: “ھڪ پيالي ڪافي آهي.”
ھن پيالي کي ھِيرَ جي خوبصورت چپن اڳيان آڻي چيو: “ھِيرَ ياد اٿئي ڪيئن پاڻ سدائين يونيورسٽي جي ڪينٽين ۾ ھڪ ئي پيالي ۾چانهه پيئندا ھئاسين ۽ سڀ دوست اسان جي عشق جو مذاق پيا ڪندا هئا.”
ھِيرَ اڄُ ڄڻ ڪنھن خوابن جي طلسماتي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ کي رقص ڪندڙ راڻي محسوس ڪري رھي ھئي. ڪنھن محل جي اونچن مينارن تي جتي صرف سانول ھو ۽ آس پاس محبتن جا مينار ھئا، ھِيرَچانهه جو ڍُڪُ ڀريو ۽ سانول به پنھنجا چپ پياليءَ جي انَ حصي تي رکيا جتان ھيرَ ڍُڪُ ڀريو، اسٽيشن تي چوڌاري خاموشي ڇانيل ھئي، ڪجهه قلي پٿرجي بينچن تي پنھنجي زندگيءَ جا ٿڪ لاھڻ لاءِ ليٽي پيا ھئا. ڊسمبر جي مست ھوائن تي سرنھن جا پيلا پتا محبت جا مڌُر سُرَ ڇيڙي رھيا ھئا، جنھن سان خاموشي سندر سرن ۽ سازن ۾ جھومي رهي هئي، شايد ان کي به چُپُ رھڻ کان ڪوفت پئي ٿي.
ھيرَ جا ھٿ ٿڌا برفَ ٿي چُڪا ھئا، ھن ھٿ جرسيءَ جي کيسي ۾ وڌا. سانول اھو ڏسي ھِيرَ جا ٻئي ھٿ ھٿن ۾ جھلي پنھنجي چپن تي رکيا ۽ چوڻ لڳو: “ھيرَ تون سنگِ مَرُ مَرُ آن...”
ھيرَ جواب ڏنو: “۽ تون سنگتراش...جيڪو بي جان پٿرن کي محبتن جي اوزارن سان تراشي، پيار جا خوبصورت بت جوڙي ٿو.
ھِنن کي اسٽيشن تي رکيل پٿر جي بينچ تي ويٺي ڪيئي ڪلاڪ گذري چُڪا ھئا، اڄ وقت ھنن جي لاءِ آھستي آھستي ھلي رھيو ھو يا ڊسمبر جي سرد رات ڪجهه وڏي ٿي وئي ھئي، جنھن رات ۾ ماڪَ ڦڙَنِ سان گڏ ھيرَ ۽ سانول ھٿُ ھٿَ ۾ ڏيئي چپَ چَپَنِ تي رکي محبت جا جام پي رهيا هئا. جنھن جي گرميءَ سبب ڊسمبر جي ماڪَ ڀنل رات ۾ به سانول جي نرڙ تي پگهر جون بوندون نروار ٿيڻ لڳيون. ھيرَ چيو: “سانول ڪافي دير ٿي ويئي آهي اُٿُ ته ھلون...”
سانول ھيرَ جي اکين ۾ نھاريندي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو:“جو حڪم سرڪار جو....”
سانول پنھنجو ھٿ اڳتي ڪندي ھيرَ جي سنھڙي چيلهه ۾ وڪوڙي ڇڏيو ۽ ھلڪا ھلڪا قدم کڻندا اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيا، جتي بيٺل ڪار جو دروازو کولي سانول ھِيرَ کي ويھڻ لاءِ چيو.
ھاڻي ھي ٻئي زندگيءَ جي اھڙي موڙ تي بيٺل ھئا جتي ملڻ تي ڪو پھرو ھو ۽ نه وڇڙي وڃڻ جو ڏکُ.
****
خوشي ۽ دردَ جو ميلاپ
اڄ وري منھنجي وجود ۾ ان جي يادن جا پڙلاءُ،ڪنھن ريگستان ۾ تپندڙ ريت جيان پئجي رهيا آهن، جيڪا ڌرتيءَ جي دل کي ساڙي ٺوٺُ بڻائيندي آهي، پوءِ ڌرتي ان ريت جي تپش سان لُوساٽجندي رھندي آهي، پر ٻڙڪ ٻاھر ناھي ڪڍندي، بس ڪڏهن ڪڏهن، آسمان اُن جي اندر جو آواز ٻڌي وٺندو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي تپش سان بادلن کي جنم ڏيندو آهي، جيڪي اُن جي اُڃايل ۽ ٺوٺِ ٿي ويل دل کي ڪجهه وقت لاءِ ٿڌو ڪندا آهن، ان جي اُڃايل چپن تي، ٿوري اُداسي گھٽ ٿيندي آهي ۽ خوشيءَ وچان ڌرتيءَ جي دل مان نيون زندگيون جنم وٺنديون آهن، ڪيڏو نه عجيب ميلاپ ھوندو آھي، ڌرتيءَ ۽ آسمان جو، ھڪ ٻئي کان ڏورُ ھجڻ ڪري به آسمان ڌرتيءَ جي گرمائش کي محسوس ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وڏ ڦڙا وسائي، اُن کي سيرابُ ڪندو آهي ته ڪڏهن سج جي چوڌاري ڦري وڃي، ڌرتيءَ سان پنھنجي محبت جو اظهار ڪندو آهي، پر منھنجو آسمان ڪٿي آهي، جنھن جي يادن ۾ منھنجو من سڙي ٺوٺُ ٿي ويو آهي.
ڪڏهن اُن تي پنھنجي محبت جو وڏڦڙو وسائيندو...!؟
منھنجي ريزه ريزه وجود کي پنھنجي ھٿن سان ميڙي، پنھنجي سيني سان لڳائيندو، ڪاش ھِنَ دنيا ۾ دردنِ جو وجود نه ھجي ھا، درد ڪيڏو نه ڏُکائيندڙ لفظ آهي، جڏهن ڪو ڏئي ٿو يا جيڪو ان مان گذري ٿو.
ھڪ ڏينھن مان نڪري ويس درد جي تلاش ۾ ھلندي ھلندي، رستي تي رات ٿي وئي، پريشانيءَ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڀٽڪڻ لڳس، اوچتو ڪنھن کي پنھنجي طرف ايندي ڏٺم، ھڪ روشني، جيڪا منھنجي ويجهو ايندي پئي وڃي ۽ ويجهو اچڻ تي روشنيءَ جي پويان ھڪ خوبصورت نوراني چھرو، وار اڇا چانديءَ جھڙا، اُن پنھنجي ٻاجھاري آواز ۾ چيو:“تون ھن وقت جھنگل ۾ ڇا ٿي ڪرين..؟”
ھنُ اڇو کيرَ جھڙو ھٿُ منھنجي مٿي تي رکندي چيو: “ھل ڀر ۾ منھنجي جھوپڙي آهي.”
مان ٻي ڪا واٽ نه سمجهي اُن جي پويان ھلڻ لڳس، ڪجهه پنڌ تي اُن جي جھوپڙي ھئي، جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته سامھون ويٺل ھڪ ٻئي نوراني چھري منھنجي آجيان ڪئي ۽ ھٿُ وڌائيندي چيائين: “مان درد آھيان، جنھن جي تون تلاش ۾ آئي آهين.”
پويان بيٺل نوراني چھري چيو:“”مان خوشي آھيان ۽ اسان صدين کان گڏُ آھيون.”
مان حيران ٿيندي پڇيو: “درد ۽ خوشي...”
”ها.....”
انھن ٻنھي نوراني چھرن ھم آواز ٿي مونکي جواب ڏنو ۽ ويھڻ جو اشارو ڪيو. خوشيءَ ڀرسان رکيل ڪٽليءَ مان چمڪيلي پيالي ۾ ڪجهه اوتي مون ڏانهن ھٿ وڌائيندي چيو: “ھي پي، جيئن توکي ٿورو سڪون اچي.”
مون سوال ڪندي چيو: “ھي ڇا آهي؟”
درد جوابُ ڏنو:“محبت جو جام...”
مون پڇيو: “مان پي چُڪي آھيان ۽ اُنَ پِيتَل جامَ، جيڪي بي وفائيءَ جو دردُ ڏِنُو تنھن کي ڳولڻ لاءِ ئي ھن بيابان ۾ ڀٽڪان ٿي.”
دردَ چيو: “ھِڪُ دفعو ٻيهر پي، پوءِ توکي دردَ جي اصليت ٻڌايان ٿو.”
مون ڍڪُ ڍڪُ ڪري ھِڪُ دفعو ٻيهر محبت جو جامُ پيتُو، جنھن جي پيئڻ سان منھنجي اندر بي وفائيءَ جو دردُ گهٽجڻ لڳو. منھنجو ھڪ ھٿُ دردَ پنھنجي ھٿَ ۾ پڪڙيو ۽ ٻيو ھٿُ خوشيءَ پنھنجي ھٿَ ۾ جهليو ۽ مونکي جھوپڙيءَ کان ٻاهر وٺي آيا، ڪاري انڌاري رات، دردَ مونکي اشارو ڪندي چيو: “ھي انڌاري راتِ دردُ آهي، پر جيڪڏهن انڌيرو نه ھجي ھا ته ھي تارن جو ٽمٽمائڻ تون ڪيئن محسوس ڪرين ھا، جيڪي انڌيري جي جوڀن ۾ ئي پنھنجو وجود زنده ڪندا آهن.”
خوشيءَ ھڪدم مٿي اشارو ڪندي چيو:“ھوُ ڏِسُ ٽٽندڙُ تارو، جنھن جي ٽٽڻ جي دردَ ۾ ھزارين اُميدوُن سمايل آهن، ھو پاڻ کي پنھنجي ولرَ کان الڳ ڪري ٻين جي اُميدَن لاءِ اُجالو بڻجي ٿو.”
اُنَ وقت مونکي پنھنجو دردُ، بي معني ۽ اڌورو لڳڻَ لڳو.
بي وفائي
پورو ڪلاڪ سمجھائڻ ۽ بحث ڪرڻ باوجود......
“هاهاهاهاها.....”ھن وڏا ٽهڪ ڏيندي اوپرائپ واري لھجي ۾ چيو:
“اوهين ليکڪ لفظ جوڙڻ جا ماهرآھيو.”
سمنڊ جي گجگوڙ ڪندڙ لهرن جي شور ۾ رضيه جا ڌنڌلا ٽھڪ منھنجي ڪنن جي چوديواري سان ٽڪرائجي کُليل فضا ۾ وکرجي ويا.آئون ظالم شڪاري جي گهيري ۾ آيل معصوم هرڻ جيان حراسيل رهيس ڇاڪاڻ ته رضيه جا لفظ مون کي پنھنجو پاڻ لاءِ ئي اوپرو بڻائي رھيا ھئا.
“اوهين ليکڪ لفظن سان اھڙا ريشمي ڄار اڻندا ويندا آھيو، جو ماڻھو ان ڄار ۾ ڦاسندو ويندو آھي ۽ پاڻ کي اوهان جو ڪري ڇڏيندو آھي پر آئون انھن مان ناهيان، ليکڪن جي طلسم بازيءَ کان چڱي ريت واقف آھيان، اوهين ليکڪ فقط پنھنجي ڪتابن جي دنيا تائين سٺا ھونداآھيو.” رضيه طنزيه ٽھڪ ڳاڙهسڙي سرخي لڳل چپڙن تي برقرار رکندي وراڻيو.
گهڻو ئي چاهيم چئي ڏيانس ته “تڏھن ليکڪ لفظن جي دنيا ۾ مڃتا ماڻيندا آھن، جيڪڏهن هو عملي ڪم به لکڻين جي ڪردارن جيان سرانجام ڏين ته هوند هي دنيا جنت نه ٿي پئي، پر الائي جي ڇو لڱن منجهان ساهه پرواز ٿيندي محسوس ڪيم، پنھنجي زبان پيٽ بکايل ٻار جيان ڪمزور لڳي، لفظ اڪلڻ کان ڪيٻائي رهيا هيا، حسرتن جي چنڊ جي زرد روشنيءَ ۾ ھيٺ موجود منھنجي من جو اڱڻ اماوس جي گهيري ۾ جڪڙجندي محسوس ٿيو.
“اسد هو ڏس...”
ڪافي دوري کان ايندڙ سمنڊ جي لهرن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين.
نماڻا ۽ مرجهايل حسرتن ڀريا نيڻ مٿي ڪري ڇولين طرف نهارڻ لڳس، جيڪي اسان ڏانهن ايندي ايندي پنھنجو وجود فنا پئي ڪنديون رهيون.
“ڏسين پيو نه....؟”
“جي ها !”
ڳيت ڏئي نڙيءَ ۾ ڦاٿل ڪنھن ڳوڙھي سان مقابلو ڪندي، دردن سان ٽٻٽار آواز ڪڍيم: “هنن لهرن ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو به فرق نه آ.”
رضيه منھنجي مرجهايل گلاب جهڙي مک ڏانھن تڪيندي وراڻيو.
آئون نظرون ملائڻ جي سگهه نه ساري سگهيس، الائي جي ڇو رضيه سان جنمن جو ناتو هوندي به ماحول ڄڻ اوپرو محسوس ٿيڻ لڳو. ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ رضيه ۽ منھنجي هيءَ پهرين ملاقات هجي.
ان رضيه سان جنھن جي يادگيرين جا بادل ذھن جي سرزمين تي هر وقت ٿي برسندا رهندا هيا. ان رضيه سان جنھن کانسواءِ جيون ٻسو ٻسو محسوس پيو ٿيندو هو. ان رضيه سان جنھن جي ناراضگي ۾ هيءَ سندر ڪائنات اجڙيل آرٽ جيان لڳندي هئي ان رضيه سان جنھن جي بغير منھنجي زندگي جي ٽرين جو هلڻ ناممڪن هيو.
“ڇا ٿيو اسد توسان آھيان نه؟”
“جي ٻڌايو ……!!”
مرجهايل چهرو مٿي ڪندي وراڻيم.
“چيم پئي ته سمنڊ جي لهرن ۽ پنھنجي جيون ۾ ڪو به فرق نه آ، ڇوجو سمونڊ جون لهرون مرنديون ۽ ٻيهر جنم وٺنديون رهنديون آھن تڏھن ته شايد پنھنجي منزل ماڻينديون آھن.”
“ڇا مطلب”
“هاڻ تو ليکڪ کي مطلب به سمجهائڻو پوندو.”
رضيه نڙيءَ جو آواز نڪ منجهان ڪڍندي وراڻيو.
“هاهاهاهاهاها....”
ڪا خبر ئي نه پئي سج جي لوساٽيل لالاڻ جهڙي چپڙن مان ٽھڪ سالن کان قيد بڻيل پکي جي آزادي جيان ڦڙڪاٽ ڪندي نڪري پيا. چيومانس: “اها اوهان جي بيوقوفي چئبي جو ليکڪن کي عقل ڪُل سمجهي انھن تي عقيدو آڻيو ٿا.”
“ها اها به ڳالهه آھي اسد پر خير...”
رضيه ڪنھن ٻئي موضوع تي سوچيندي لاشعوري انداز ۾ وراڻيو.
ڪراچي شھر ۾ وڏين وڏين عمارتن جو هجڻ، سمنڊ ڪناري پريمي جوڙن جي ملڻ جو منظر، هائي وي روڊن تي وڏين گاڏين جو تيزيءَ سان هلڻ، فيڪٽرين جي گندگي سان لڙاٽيل فضا، دل کي بي چين ڪندڙ شور ۽ تماشائين جهڙو ماحول ذھن قلمبند ڪندو ٿي رهيو ۽ بازي هارايل جواري جيان رضيه کي چيم:“چڱو ڀلا اڄ هٿ ۾ هٿ ڏئي سمنڊ ڪناري مونسان کن پنڌ ھلُ.”
ايئن ڪافي دير تائين، رضيه جو ھٿ پڪڙي سمنڊ جي لھرن کي ڪناري تائين پھچندي فنا ٿيندو ڏسندو رھيس، ڪافي خاموشي بعد رضيه ڳالھايو: “اسد ايئن ڀلا ڇو ؟؟”
“ڇا ڇو ؟؟”
“اڄ پاڻ هڪٻئي کي اجنبي ڇو پيا لڳون ۽ ايئن لڳي رهيو آھي اڄ کانپوءِ پاڻ ٻيهر مشڪل ملون.”
رضيه جي زبان منجهان اهي لفظ ٻڌي پيرن هيٺان سمنڊ جي وارياسي زمين کسڪندي محسوس ٿي. جسم ۾ درد جو ھڪ زلزلو برپا ڪري ڇڏيو. من جو آڪاش ڌڏڻ لڳو. جذبات پالار منجهه ٽنگجي بيهي رهيا خيال ٽاھڙ پکي جيان ڀڙڪو ڏئي وس جي پنڃري مان آزادي ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندي ڀائنيم. هوش خطا ٿيڻ لڳو ته رضيه وجود کي ڌوڏيندي چوڻ لڳي:“ توسان آھيان نه ؟”
“ڇا ڪُڇان رضيه ؟”
“ڇا پرن بنا ڪو پوپٽ اڏامي گلشن طرف پهچي سگهي ٿو؟ يا ڪو انڌو ڊوڙ ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو؟”
“ڇا مطلب...!!!” پگهرآيل منھنجي چهري طرف نھاريندي، رضيه تجسس منجهان پڇيو.
چيومانس:“مطلب ته اوهين منھنجي زبان پنھنجي تلخ لفظن سان ڪٽي ۽ چئو ٿا ته ڳالهايو …ڇا اهو ممڪن آ؟”
“ڏس يار مان توسان حقيقت پئي ڪريان؟”
“هونھن ... حقيقت...!!!”
“ڇا ٿيو ؟”
“ڇا ٿيندو؟پاڻ ان رمتي جوڳيءَ جيان آھيون، جنھن جي مسافري ۾ منزل تي پھچڻ جي ڪا ڪلپنا ناھي ھوندي. پاڻ ان نينگر جيان آھيون جنھن جي ذھن ۾ بغض ۽ حسد جهڙا خيال نه هوندا آھن، پاڻ ان بنا بريڪ ٽرين جيان آھيون، جنھن جي ڪٿي به ڪا اسٽيشن قائم ناهي ۽ نه وري ڪو اسٽاف آھي...”
“اڙي يار توکي ڪيئن سمجهايان؟” رضيه نرڙ تي هٿ رکندي چيو.
“بلڪل رضيه تو سچ چيو هو ته پاڻ ليکڪ لفظن کي جوڙڻ جو فن ڄاڻون ٿا. پاڻ کي ڪهڙي خبر ته احساس ڇا آهن؟ ۽ انھن ئي احساسن منجهان جنم وٺندڙ پيار ڇاهي؟ ڪنھن کي حاصل ڪندي به وڃائڻ واري تڙپ جو درد ڇا ٿيندو آ؟ پاڻ کي ڪهڙي خبر، بس پاڻ ته رڳو لفظن کي تحريرن ۾ قيد ڪري ڄاڻون...پر رضيه لفظن کي تحريري روپ ۾ ڪنھن پورهيت عورت جيان ڀرت ۾ اڻڻ سولو نه آ. درد جڏھن به سهپ جون حدون اورانگهي ويندو آهي ته انسان خاموش ٿي ويندو آ ۽ شايد ان ئي خاموشي جي اظھار جو ٻيو نالو لفظن کي گرفت ۾ آڻڻ آھي.”
آئون لاڳيتو جذبات منجهان وراڻيندو رهيس. رضيه ڪجهه ڪين ڪڇي ۽ خاموش رهي.
“ٻڌ...! رضيه مان انھن ليکڪن منجهان ناهيان جو ڪنھن کي اجايو پريشان ڪري پنھنجي زندگي جو حصو بڻايان...مان ازل کان وٺي لفظن جي رضامندي تي هليو آھيان، جنھن ويل لفظ پاڻ هلي ايندا آھن ته ان وقت انھن کي مفھوم جو چولو اوڍي دنيا اڳيان متعارف ڪرائيندو آھيان، باقي پاڻ ڪنهن آڙيڪاپ ليکڪ جيان لفظن سان زوري زنا وارو رستو اختيار نه ڪيو آهي....”
“ڇا مطلب...؟” اداسيءَ جي ڪيفيت منجهان رضيه وري پڇيو.
“صاف مطلب آ، ته اگر اوهين منھنجي شخصيت مان متاثر ناهيو ته اوهان کي علحيدگيءَ جو پورو پورو حق آھي ۽ آئون اوهان کي پاڻ ڏانهن آماده ڪرڻ جهڙو قدم نه کڻندس، باقي مون اوهان کي انتها تائين چاهيو آهي ۽ تاحيات چاهيندس ڇاڪاڻ ته اسان ٻھراڙيءَ جي ماڻھن جي سادگي ۽ سچائي ئي هميشه سڃاڻپ رهي آھي.”
“اوڪي گڊ باءِ اسد....”
رضيه جذبات جي ورچڙھي، ناتو ٽوڙڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ جڏھن
رضيه مون کان موڪلائي وڃڻ لڳي ته سندس هٿ کي جهلي روڪيندي چيو ھيم:
“ٿورو بيهه...”
تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ آندل منڊي کيسي منجهان ڪڍي رضيه ڏانهن وڌائيندي ٽٽل لفظن ۾ چيم:
“هيءَ تنھنجي لاءِ آخري گفٽ آندو هيم ۽ منھنجي خواهش هئي ته توکي پنھنجي هٿڙن سان پارايان، پر خير ضروري ناهي ته جيون جون سڀئي خواهشون پوريون ٿين، تنهن ڪري تون پاڻ ئي پائي ڇڏجانءِ.”
رضيه منڊي هٿن مان وٺي سمنڊ جي ڇولين حوالي ڪندي چيو ته: “مان توکي ناتو ڇنڻ جو اطلاع، ميسيج ذريعي ڏئي چُڪي هيس، بس تنھنجي آخري خواهش مطابق توسان ملڻ لاءِ سمنڊ ڪناري آئي ھئس.”
۽ هوءَ تيز وکون کڻندي ڀرسان بيٺل رڪشا ڏانهن وڌي وئي.
جيسيتائين رضيه جو ڌنڌلو وجود نظرن کان اوجهل نه ٿيو، آئون اميد ڀريل نگاهه سان اوڏانهن تڪيندو رهيس.
****
شادي
اڄ آخر ڪار پنج ڏينھن ونواهه ۾ ويھڻ، ڪلهه مينديءَ جي رسم کان پوءِ سڪينه جو روشن سان نڪاح ۽ لائون لھڻ جو ڏينھن اچي پڳو. صبح کان گھر ٻاهران زردي پلاءُ جون ديڳون پچڻ لڳيون، ڪجهه مھمان ھفتو اڳ کان ئي ٽڪيل ھئا، ڪجهه صبح کان ئي اچڻ شروع ٿي ويا ھئا، منجھند جي ماني کان اڳ گھوٽيتن جي ڄڃ به اچڻ واري ھئي ۽ اوڙي پاڙي وارن ڇوڪرين ۽ ماسين ھفتي کان لاڏا پئي ڳايا، جن جي نڙي ويھجي وئي هئي، پر اڄ ته آخري ڏينھن ھو لاڏن ۽ جھمرين جو وسڪارو ٿيڻ وارو هو ڪنواريتن ۽ گھوٽيتن وچ ۾ مقابلو ٿيڻو هو ته لاڏن ۽ جھمرين ۾ ڪير زور آهن، باقي ڪپڙن، زيورن ۽ ميڪ اپ جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي جنھن ۾ ته بس ڪنھن جي شاديءَ جو انتظار رهندو اٿن ته شادي ٿئي ته وارو ڪن، پوءِ مايون ڪا ڪسر ڪان ڇڏينديون ڪنوار کان وڌيڪ ڄڃ واريون ميڪ اپ ٿڦينديون، ميڪ اپ ايترو جو اصل سڃاڻپ ۾ ڪونه اينديون، سو سڪينه کي به ساھڙين وھنجاري عطر، عنبير ھڻي موتين سان ڀريل ڳاڙهو وڳو پھرائي تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويون. ھوڏانھن ڀت جون ديڳون تيار ٿيڻ لڳيون گھوٽيتن جي ڄڃ به اچي پڳي، جيئن ڄڃ وارا لاريءَ مان لھي حويليءَ ۾ داخل ٿيا، لاڏو ڳائڻ شروع ڪيائون: “او آئي آئي راڻي جي ڄڃ آئي، وٺي ويندو مومل پاڻ سان.” ڄاڃين جو خدا ڏني شاندار آڌار ڀاءُ ڪيو. انڪري جو اُن جي وڏي نياڻي ثمينه جو ڪوجهي ھئڻ ڪري سڱ ڪو نه ٿيو هو. خدا ڏني کي سڪينه ۽ ثمينه کانسواءِ ٻيو اولاد ڪونه ٿيو هو.
خدا ڏني کي رب جي ڏني مان گنج ھو. پيءَ طرفان ڏنل زمينون مال جا ٻه واڙا ۽ ھي ھيڏي وڏي حويلي جيڪا ايڪڙن تي مشتمل ھئي، جنھن جي ھڪ طرف وڏو باغ، ٻئي طرف وڏا وڏا ٻه دالان ۽ ڪشاده اڱڻ، جنھن جي اڌ تي ڪاٺيءَ جي ڊزائين سان چٽيل ڇت جنھن جي ھيٺيان خوبصورت چٽن وارا پلر لڳل ھئا، سڄي شهر ۾ خوبصورت حويليءَ خدا ڏني جي ھئي، جيتري حويلي خوبصورت ھئي اوترو ئي خوبصورت دل جو مالڪ ھو. پٽ جو اولاد ڪونه ھئس، بس الله جي رضا سمجهي، ٻي شادي ڪونه ڪيائين، مائٽن گھڻو ئي چيس ته ٻي شادي ڪر ۽ سٺا سڱ به گھر ويٺي مليس پئي، پراھو چئي شادي ڪونه ڪيائين ته ان مان به ضروري ناهي ته پٽ جو اولاد ٿئي.
خدا ڏني ڌيئرن کي به پٽ سمجهي پاليو، ٻنھي نياڻين جي عمرين ۾ چئن سالن جو فرق ھو. جڏهن نياڻين جي عمر شاديءَ لائق ٿي ته جيڪي سڱ لاءِ اچن، تن کي ثمينه بدران سڪينه وڻي، تنھن ڳالهه جي خدا ڏني سميت سمورن گهر ڀاتين کي ڪافي ڳڻتي هئي. ايئن ثمينه جي شادي اڳ ۾ ڪرڻ جي چڪر ۾ نياڻين جون عمرون وڃن پيون نڪرنديون، تنھن ڪري نيٺ خدا ڏني سڪينه جو سڱ پڪو ڪري شادي ڌام ڌوم سان ڪرڻ جو پههُ ڪيو. روشن جيڪو سڪينه جو ٿيڻ وارو ورُ ھو، سو سلجھيل پڙھيل لکيل ڇوڪرو هو، تر جي سٺي خاندان سان تعلق هئس. سندن خاندانن وچ ۾ ڪافي پراڻا واسطا هئا، ٻيو ته روشن ڪافي وقت کان سڪينه کي پسند به ڪندو هو. سڪينه خوبصورت ھئڻ سان گڏوگڏ سٺي سڀاءُ واري ڇوڪري ھئي، ڪيترائي ڀيرا روشن جي پيءُ رشتي جي ڳالهه ڪئي پر خدا ڏني اھو چئي ٽاريو ته: “دعا ڪيو ثمينه وڏي نياڻي آهي، پھرين ان جو حق ادا ڪيان، پوءِ سڪينه جو روشن سان رشتو ڪندس.”
پر ثمينه جو ڪٿان به جوڳو رشتو نه آيو. تنهن کانپوءِ نيٺ سڪينه جي شادي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انتظار ۾ ڪڏهو ڪو بيٺلن ڪنواريتن ڄڃ جي پهچڻ تي گھوٽ سميت سڀني ڄاڃين تي گل ڇٽيا. ڄڃ جي پهچڻ سان ڪجهه دير ۾ ئي ڀت جا ڀريل ٿالهه ورهائجڻ شروع ٿي ويا، ٻاڪري گوشت ۾ پڪل پلاءُ سڄي پاڙي ۾ هڳاءُ ڪري ڇڏيو. مٿان وري ڏونگھي، بادام ۽ پستن سان ڀريل زردو جنھن ڄاڃين جي بک ويتر وڌائي ڇڏي، ھر پاسي کان عورتن جا رنڀ پيا پون:“او ابا ٿالهه ۾ ٻوٽـيون ته سرسيون وجهه.”
گھڻن ته ٻوٽـيون گھٽ ھجڻ ڪري ڪاوڙ ۾ ڀت ئي نه پئي کاڌو، ڪجهه عورتون پاڻ ۾ سُس پُس ڪندي ھڪٻئي کي چوڻ لڳيون:“ادي ڀتُ به خوشامد تي ٿا ڏين، ڪنواريتن جي ٿالهه ۾ وڌيڪ ٻوٽـيون ۽ گھوٽيتن جي ٿالهه ۾ گھٽ.”
ديڳين جي مٿان رنڀ لڳي پئي هئي، ويچارن ديڳيون پچائڻ وارن کي ڏاڍيون گاريون به کائڻيون پيون، ڀلا اھڙو مزي جو پلاءُ جيڪو به تازن ڇيلن جي گوشت ۾ رڌيل ھجي سو ڪير چوي ته پوئتي ٿيان. ڄڃ سان گڏ آيل عورتن ته ڳوٿريون ڀري ڀري ڳنڍيون ٻڌي ڀت پئي لڪايا، ھوڏانھن نينگرين ڪنوار کي پئي تيار ڪيو، جن سان گڏ ڪمري ۾ اداس ثمينه پڻ ويٺي هئي، جنھن ڄاڃين واتان ٻڌو پئي ته:“خدا ڏني جي وڏي ڌيءَ ڪوجهي آهي، جنھن جو سڱ ڪونه ٿيو، سو ھن ڌيءَ جي شاديءَ تي خرچ تمام گهڻو ڪيو اٿائين.”
اھي لفظن جا تير ننڍي ھوندي کان ئي ثمينه ٻڌندي پئي آئي. اڪثر اڻواقف ماڻهو اعتبار ڪونه ڪندا ھئا ته ھي ٻئي سڳيون ڀينر آهن. ثمينه ماڻهن جي ڳالهين ۽ ننڍي ڀيڻ جي سونهن ڏسي اندر ئي اندر ۾ ڪڙھندي رهندي ھئي. اڪثر ڪاوڙ ۾ اچي سڪينه کي ڀونڊا ۽ پٽون پڻ ڏيندي ھئي، ته تون ايتري سھڻي ڇو آهين، جيڪر پيدا ٿيندي ئي مري پوين ھا.
تنھن تي سندس پيءُ خدا ڏنو ۽ ماڻهنس پڻ ثمينه کي سمجھائيندا ھئا ته: “ھوءَ تنھنجي ننڍي ڀيڻ آهي توکان ڪجهه موچاري آھي ته تنھن ۾ ان جو ڪھڙو قصور؟”
ماءُ دل رکڻ لاءِ اهو به چوندي ھئس ته: “گهٽ تون به ناھين، تون ته اسان جي وڏي ڌيءَ شھزادي آهين.”
پر خبر ناهي ڇو ثمينه جي دل ۾ ننڍي ڀيڻ لاءِ ڪڏهن پيار ڪونه جاڳيو. ثمينه جنھن شھزادي سان لائون لھڻ جا خواب ڏٺا ھئا، ان سان اڄ سندس ننڍي ڀيڻ لائون لھڻ واري ھئي، ھن ھڪ نظر سڪينه تي وڌي جيڪا اڄ ڳاڙهي جوڙي ۾ ڪوھ قاف جي پري لڳي رھي ھئي، ھن جي نيڻن مان ٻه گرم لڙڪ لڙي پيا، جيڪي ھن جي ڳلن تان ٿيندا چولي جي ھيٺيان ڇاتيءَتائين پھتا ۽ گم ٿي ويا، ايتري ۾ سڪينه جي نظر ڀيڻ تي پئي چوڻ لڳس:
“ادي ميڪ اپ ته ڪر... تيار ٿي... ماڻهو ڇا چوندا...؟”
ھن سڪينه جي جواب تي پنھنجي منھن تي ڦڪي مرڪ آڻي چيو: “ھا ھا... تيار ٿيان ٿي، منھنجي راڻي ڀيڻ...!”
اڄ پھرين دفعو سڪينه ڀيڻ جي واتان اھڙو پيار ڀريو لفظ ٻڌي حيران ٿي وئي. ثمينه اٿي ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار مان ڳراٽڙي پاتائين،تنھن تي سڪينه ڏاڍي خوش ٿي. سڪينه کي لڳو ته ھاڻي هن جي شادي ٿي رھي آھي ۽ ھن گهر مان وڃڻ واري آھي، ان ڪري ڀيڻ کيس پيار سان رخصت ڪرڻ ٿي چاھي.
اڄ واقعي به ثمينه سڀني جي سامهون خوش ھئي، ڪجهه سھيلن پڇيو: “ثمينه تون اڄ ڏاڍو خوش آھين.”
چوڻ لڳي: “ڇو نه ھجان، آخر ننڍي ڀيڻ جي شادي آهي.”
اڄ پھريون دفعو خدا ڏني ۽ ماڻهنس ثمينه کي ايترو خوش ڏٺو. ايتري ۾ در جو کڙڪو ٿيو، ماڻهنس آواز ڏنو: “ڇوڪريون تيار ٿيو، نڪاح نامي تي ڪنوار جي صحيح ڪرائڻ لاءِ شاھد ۽ وڪيل اچن پيا.”
سڪينه ۽ سندس سرتيون سڌيون ٿي ويھي رھيون. سڪينه جو منھن گھونگھٽ ۾ ڍڪيائون ته نڪاح پڙھائيندڙ قاضيءَ سان گڏ چاچو لالڻ ۽ ٻه ٻيا مرد ڪمري ۾ داخل ٿيا، ٽي دفعا پڇيائون: “سڪينه ولد خدا ڏنو توکي روشن ولد فلاڻو بعيوض ھيترو حق مھر ... قبول آهي...؟”
ٽيون دفعو پڇڻ تي سڪينه ڪنڌ لوڏي ھلڪي آواز ۾ “ھا” ڪئي.
ٻاهر “مبارڪون هجن، مبارڪون هجن” جا پڙلاءَ گونجڻ لڳا، گھوٽ سان گڏ آيل دوستن بندوقن جا ٺڪاءَ ڪرڻ شروع ڪيا، اڄ خدا ڏني جي حويلي جرڪي رھي ھئي، رنگ برنگي بتين سان، رنگ برنگي پاتل چمڪيلن ڪپڙن سان، لاڏن جي سرن سان، تاڙين جي گونجن سان، اھو سڀ ڪجهه ڏسي خدا ڏنو ڪيڏو نه خوش ھو، نيٺ ھن جي نياڻي جو نڪاح ٿي ويو. تنھن کانپوءِ گھوٽ ڪنوار کي حويليءَ جي وڏي دالان تي آندائون، جتي وڇيل گلابي رنگ سان، خوبصورت چٽيل ڪالين تي وھاريائون گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن لائُن جي رسم شروع ڪئي، رسم دوران سڀني رشتيدارن واري واري سان ڪنوار گھوٽ جا مٿا ٽڪرايا، وڏي ڀيڻ جي ناتي خدا ڏني ثمينه کي چيو:
“امڙ ڀيڻ کي دعائن سان گڏ لائون ڏي.”
ثمينه اٿي اچي ٻنھي جا مٿا ٽڪرايا، مٿو زور سان ٽڪرائڻ ڪري سڪينه کان رڙ نڪري وئي، جنھن تي آس پاس بيٺل مائٽ چوڻ لڳا:
“امڙ آرام سان مٿو ٽڪرائبو آهي.”
پر ثمينه ان جو ڪو جواب ڪونه ڏنو.
گھوٽيتن جو گھر ٻئي شهر ۾ ھجڻ ڪري اڄ رات رھڻ جو بندوبست خدا ڏني اتي ئي ڪيو ھو، ڪنوار گھوٽ جو ڪمرو تمام خوبصورت طريقي سان سجايو ويو ھو، جنھن ۾ مختلف قسمن جا گل لڳرايا ويا ھئا. لائُن جي رسم کان پوءِ سڪينه کي سجيل ڪمري ۾ وٺي آيا، جتي ثمينه کي ماڻهنس چيو ته:
“رڌڻي ۾ پيل بادام، پستن ۽ مصريءَ وڌل کير جا ٻه گلاس کڻي اچ.”
گھوٽ کي اچي سڪينه جي ساھڙين ورايو، ان جا بوٽ لڪايائون
پيسا گھرڻ لڳيون، ھر طرف خوشيون ئي خوشيون ھيون، سڀ حويليءَ جي اڱڻ تي نچي ڳائي رھيا ھئا. ھاڻي سڪينه ڪمري ۾ اڪيلي ويٺي هئي جنھن کي ڀيڻ ثمينه آڻي کير جو گلاس پياريو. ڪافي دير ٿي وئي، آخر گھوٽ کي ڪنوار جي ڪمري ڏانھن وڃڻ جي اجازت ملي. گھوٽ جيڪو پنھنجي ڪنوار سان ملڻ لاءِ ڪيترن ڏينھن کان آتو ۽ خوابن ۾ گم هو، نيٺ اڄ ھن کي پنھنجي ڪنوار سان ملڻ جو موقعو مليو.
ھن ڪمري ۾ گھڙندي اندران در بند ڪيو، سامھون ستارن سان ڀريل ڳاڙهي وڳو پهريل سڪينه پلنگ تي پاسيري ليٽي پئي ھئي، شايد ٿڪاوٽ جي ڪري ننڊ اچي وئي ھئس، روشن آھستي آھستي اچي سڪينه جي ڀر ۾ ويٺو ۽ سڪينه کي چوڻ لڳو:
“مونکي خبر آهي ته تون ستل ناھين..شرمائين ٿي.. ان لاءِ ئي سمھڻ جا بھانا ٿي ڪرين..ھي ڏس!تنھنجي لاءِ شاديءَ رات جو تحفو منڊي آندي اٿم، سابه ھيري جي، پر...توکان گھٽ ان ڪري جو تون اصلي ھيرو آهين...او سڪينه! يار ھٿ اورتي ڪر ته منڊي پارايانءِ... ڏسان ته ھڪ ھيرو ٻئي ھيري جي چيچ ۾ ڪئين ٿو لڳي...!!!؟”
روشن سڪينه جو ھٿ پڪڙي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھن جي دل ڏري پئي. سڪينه جو جسم سڄو ٿڌو لڳو پيو هو، ان جي وات مان رت سان گڏ اڇي گج پئي نڪتي، روشن جون وايون بتال ٿي ويون، کيس لڳو ڪنھن مٿس ڇپ ڪيرائي ھجي، مشڪلن سان ڪمري جو در کولي ٻاھر رڙيون ڪندي نڪري آيو:
“او چاچا خدا ڏنا قھرُ ٿي ويو، سڪينه زھرُ کاڌو آهي.”
ڪمري جي ڀر ۾ بيٺل ثمينه ڏي شايد ڪنھن جو به ڌيان نه ويو ھو، جنھن جي چھري تي فاتحانه مرڪ ھئي.
****
لڙڪن سان لَئوُن
جنھن ڏينھن کان منھنجي زندگيءَ جي ويرانن ۾ اُن جي محبتن جا ڏِيئا ٻرڻ لڳا، تڏهن کان، مون زندگيءَ جي ريگستان ۾ پاڻ کي ھڪ نخلستان سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. مونکي منھنجي زندگيءَ جو حاصل نظر اچي رهيو هو. ايئن لڳي رهيو هو. منھنجي لڙڪن سان صحرا ھاڻي سيراب ٿي ويو آهي، ھاڻي لڙڪن بدران ٽھڪن سان لئوُن لڳائڻي آهي. ٽھڪ جنھن سان محبتن جي شھر ۾ زندگيءَ جي جوت جاڳندي ۽ اُھا جوت منھنجي وسامي ويل من ۾ ڏياري جو ڏڻ آڻيندي ۽ ان روشنين ۾ مان پنھنجو عڪس ڏسي سگھنديس، جيڪو ڪڏهن کان انڌيرن جي ور چڙھي چڪو هو.
مان خوشيءَ وچان گنگائڻ لڳي ھئس،منھنجي اکين ۾ لڙڪن بجاءِ محبت جون موجون رقص ڪري رهيون ھيون...آ...ھا...! محبت ڪيڏي نه ضروري آهي انسان لاءِ، ڪائنات جي تخليق ئي محبت سان شروع ٿي آهي، ڪيڏو نه اڻپورو ۽ اڌورو ھوندو آھي، انسان محبت کان بغير!
مان اھو سڀ ڪجهه سوچڻ لڳس، جيڪو شايد پھرين ڪڏهن ڪونه سوچيو ھو، پر اڳتي هلي آھستي آھستي مونکي محسوس ٿيڻ لڳو ته جيڪو محبت جو شھر مون پنھنجي ٽھڪن سان روشن ڪرڻ چاھيو ۽ مون سمجهيو ته پنھنجي لڙڪن سان سيراب ٿيل شھر ھميشه محبت جي مٽيءَ سان تَر ٿي صحرا جي اڃَ کي اجهائي نئين اُميد جا گونچ ڦٽندا، پر صحرا جي واري ڪجهه ئي عرصي ۾ ان سيراب ٿيل شھر کي ٺوٺ بڻائي ڇڏيو ۽ محبتن سان آباد ٿيل شھرن کي وري لڙڪن جي ضرورت پوڻ لڳي. شايد محبت ۾ ئي وڌيڪ لڙڪن جي ضرورت پوي ٿي.
مون ڇو اھو وساري ڇڏيو ھو ته ٽھڪن سان صحرا سيراب ناھن ٿيندا، انھن کي ھميشه لڙڪ کپن ۽ جن ٽھڪن ۾ لڙڪ ناھن، اُھي صحرا جيان سڪل ٺُوٺُ آهن. انڪري زندگيءَ جي صحرا ۾ لڙڪن سان لَئوُن لڳائڻي ئي پوي ٿي.
روح جي تلاش
ھِنَ جڏهن پھريون دفعو اُن کي ڏٺو، ھِنَ جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، لفظ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا، وڏي مشڪل سان ھٿ کڻي، اُنَ جي ھٿ ۾ ڏيندي چيائين:
“ڇا حال آھن؟”
اُن وراڻيو:
“ٺيڪ، تون ٻڌاءِ...”
جيستائين ھيءَ جواب ڏئي سارنگ چيس:
“ھل ھلي سامهون ريسٽورنٽ ۾ ٿا ويھون.”
ريسٽورنٽ طرف وڌندي ھن کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ اڄ زمين سندس قدم چمي رهي آهي. آسمان کي ڍڪي ڇڏيندڙ ڪارا بادل ھٽي ويا آھن ۽ ڄڻ چنڊ کيس سلامي پيش ڪري رھيو آھي، ھوائون مستيءَ ۾ ھِنَ کي چيڙائڻ لاءِ ٿڌا شوڪارا ڀري رھيون آھن، کيس لڳو ڄڻ اڄ زمين، آسمان، ھوائون ۽ قدرت جي ھر تخليق آجيان ڪري رھي ھئي. ھي وڃي ڪنڊ واري ٽيبل تي ويٺا ۽ ڀرپاسي ويٺل ماڻهن کي ڏسڻ لڳا. ھِنَ پنھنجو ھٿ سارنگ جي ھٿ تي رکيو، پر وري ھٽائي ڇڏيو، ايئن لڳس ڄڻ ماڻهو ھنن کي تڪي رھيا ھجن.
سارنگ چيس: “ھل ته گاڏي ۾ ويھي چڪر ڏئي اچون، ھتي رش آهي ماڻهن جي.”
هوءَ پنھنجي رَئي جو پلاند ٺاهيندي اٿي ۽ سارنگ جي قدم سان قدم ملائيندي گاڏيءَ ڏانهن وڌڻ لڳي. ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ صدين کان صحرا ۾ ڀٽڪندڙ اُڃاري مسافر کي، اوچتو پاڻي نظر آيو ھجي ۽ ھن ساھي پٽڻ کانسواءِ اُڃ اُجھائي ھجي. ڪار ۾ ويھندي ئي ھن پنھنجي ساڄي ٻانھن سارنگ جي ڪلھي تي رکي. ھن چاھيو ٿي ته سارنگ کي زور سان ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏي. سارنگ ھن ڏي نھاريو.
ھن سارنگ ڏانهن نهاريندي چيو: “سائين منھنجي روح جي تلاش، توهان تائين پھچندي ختم ٿي وئي.”
ايتري ۾ سارنگ جو ھٿ ھن جي جسم طرف وڌيو ۽ سندس سڄي وجود ۾ لرزش پيدا ٿيڻ لڳي، ھن جي اندر ۾ خوشيءَ جا سازَ وڄڻ شروع ٿي ويا، جنھن جي ڌُن سارنگ کي به محسوس ٿيڻ لڳي. ايتري ۾ پويان کان ايندڙ گاڏيءَ زور سان ھارن ڏنو، جنهن تي ھي ٻئي ڇرڪجي ويا. ايئن لڳن ڄڻ مَڌُ جو پيالو پي مدھوش ٿيلن کي ھارن جي آواز سان ڪنھن پاڻيءَ جا ڇنڊا ھنيا ھجن. سارنگ جلديءَ ۾ گاڏيءَ جو اسٽيئرنگ گھمائي، پويان ايندڙ ڪار کي رستو ڏنو ۽ يوٽرن وٺي ريسٽورنٽ طرف واپس وريو.
ھڪ ٻئي کي الوداع چوڻ جو وقت ويجھو ٿي رهيو هو. رات به ڪافي ٿي وئي هئي، اڄ چنڊ به پنھنجي جوڀن تي ھو. زمين ڏانھن جهاتيون پائي، سندن محبت کي ڏسي رھيو ھو. پيار ڄڻ درياهه ھو، جنھن کي ڏسي چنڊ سندن ڪنن ۾ ھلڪي ھلڪي سرگوشي ڪري رهيو هو ته: “مان توهان جي محبت جيان ھميشه رھندڙ آھيان، ڪڏهن بادلن پويان ڪڏهن رات جي روح ۾، ڪڏهن سج جي سچائيءَ ۾ ته ڪڏهن اونداهه ۽ اُجالي ۾.”
****
محبت جو ڪاڪ محل
رضيه ۽ ڪلثوم کي ريسٽورنٽ ۾ ڪچهري ڪندي ڪافي دير ٿي چڪي ھئي، اوچتو رضيه جي نظر پنھنجي سنھڙي ڪرائي ۾ پاتل سنھري رنگ جي ڊائل واري گھڙيءَ تي پئي ۽ ٽائيم ڏسندي ڪلثوم کي چيائين ته:
“يار ھاڻي ھلڻ گھرجي، ڪافي دير ٿي چڪي آهي.”
ڪلثوم پنھنجو پرس ھٿ ۾ کڻندي رضيه کي چيو:
“يار مونکي يونيورسٽي ڊراپ ڪجو، اتي ڪجهه ڪم آهي.”
رضيه چيو: “ھا ڇو نه ضرور...”
رضيا ۽ ڪلثوم جي دوستيءَ کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا ۽ ھر سال ھي پنھنجي دوستيءَ کي سيليبريٽ ڪنديون هيون، ھي اڪثر واندڪائيءَ جي وقت ريسٽورنٽ ۾ ويھي ڪافي پيئنديون ھيون ۽ دنيا جھان جي ھر موضوع تي تبصرو ڪنديون ھيون. ايئن ھنن کي ٽائيم جي خبر ئي ڪانه پوندي هئي ته ڪيتري دير ٿي وئي آهي، ٻئي ھڪ ئي ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيون بس ٻنھي جا ڊپارٽمينٽ الڳ الڳ ھئا.
سڄو ڪاليج سندن دوستيءَ تي رشڪ ڪندو هئو، اڪثر جڏهن کين چوندو هو ته:“توهان شادي ڪڏهن ڪنديون؟”
ھي جواب ۾ چونديون ھيون ته:“اسان ٻنھي ھڪ ٻئي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي وچ ۾ ڪو مرد نه ايندو، جنھن جي ڪري ڪو وڇوڙو اچي.”
رضيه ريسٽورنٽ جي ٽيبل تي رکيل گاڏي جي چاٻي کنئي ۽ پوءِ ٻئي ڏاڪڻيون لھندي، ھيٺ ريسٽورنٽ جي پارڪنگ ڏانهن روانيون ٿيون.
گاڏيءَ ۾ ويھي ڪچهري ڪندي يونيورسٽي اچي پڳيون، ڪلثوم رضيا کي چيو: “تون به اچ، ڪنھن پروفيسر سان ڪم آهي، جلدي واپس ٿا اچون.”
رضيه چيو: “ڪلثوم يار تون وڃ مان گھر ٿي وڃان.”
پر ڪلثوم گاڏيءَ جي ڄاٻي ڪڍي، رضيا کي ٻانھن کان جهلي، پروفيسر جي آفيس ڏانھن رواني ٿي ۽ ٻنھي ھڪ ٻئي جي منھن ۾ ڏسي ٽھڪُ ڏنو، اڳيان ڪوريڊور مان لنگهندي ڪلثوم سامھون اشارو ڪندي چيو: “ھي پروفيسر علي جي آفيس آهي، ڏاڍو بھترين انسان آهي، جيئن ئي ٻئي ڄڻيون آفيس ۾ داخل ٿيون ته سامهون ويٺل ھڪ خوبصورت شخص چپن تي مرڪ آڻيندي ھنن کي ڏسي ويلڪم ڪيو ۽ پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺو ۽ سائيڊ ۾ رکيل ڪرسين ڏانهن اشارو ڪندي چيو: “پليز ويھو....”
رضيه پنھنجي من ۾ پروفيسر عليءَ بابت هڪ خاڪو ٺاھيو ھو. هن سمجهيو هو ته پروفيسر علي گنجو، پيٽ نڪتل ۽ عجيب قسم جو کڙوس ھوندو، پر ھاڻ پروفيسر عليءَ کي روبرو ڏسي ھوءَ حيران ٿي وئي. خوبصورت قد ڪاٺ وارو، منھن تي ٺھندڙ شھپر، اکين ۾ عجيب قسم جي ڪشش ۽ چپن تي موھي وجهندڙ مسڪراھٽ هئي.
ڪرسيءَ تي ويھندي ڪلثوم، رضيه ڏانھن اشارو ڪندي سندس تعارف پروفيسر علي سان ڪرائيندي چيو ته:
”ھيءَ آھي منھنجي دل وَ جان کان پياري دوست رضيه، جنھن جو مان توهان سان اڪثر ذڪر ڪندي رهندي آهيان.”
پروفيسر علي خوشيءَ ۽ حيرانيءَ مان رضيه ڏانهن ڏسندي چيو:
“اڇا، اڇا توهان جي دوست ته ڏاڍي سهڻي آهي.”
رضيه پروفيسر جو شڪريو ادا ڪندي چيو:
“توهان به ڪنھن کان گهٽ ناھيو.”
اُن وقت الائجي ڇو رضيه جي دل ۾ پروفيسر علي لاءِ ھڪ عجيب قسم جو احساس پيدا ٿيو، جيڪو اڳ ڪڏهن به رضيه جي دل ۾ ڪونه آيو هو.
رضيه جيڪا ھميشه چوندي هئي ته: “مان ڪڏهن به ڪنھن مرد کي پنھنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪونه ڪنديس،منھنجي پياري دوست ڪلثوم جو آهي ته مونکي شادي ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟”۽ ايئن چئي ٻئي ٽھڪ ڏينديون ھيون، پر اڄ رضيه جون سڀ ڳالهيون کوکليون لڳي رھيون ھيون، پروفيسر عليءَ کي ڏسي رضيه کي پنهنجي من ۾ ھڪ نئون ڪيف ۽ سُرور محسوس پئي ٿيو.
ڪلثوم ۽ پروفيسر علي ڇا ڳالهائي رھيا ھئا، ھي انھن کان لاتعلق پروفيسر علي جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪي هئي، ان وقت ھن کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ھي ڪا شھزادي آهي ۽ پروفيسر علي سندس شھزادو ۽ ٻئي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي ڪنھن محبت جي تخت گاهه ۾ ويٺل ھجن ۽ ڀرپاسي ۾ موجود ٻانها ۽ ٻانهيون پيار جي گلن جا ٿالهه ڀري انهن تي ڇٽي رهيا هجن. ڪلثوم جي اوچتي آواز تي هوءَ خوابن جي محل مان ڇرڪ ڀري نڪتي.
“ڪٿي گم آهين يار، چانهه پي ٿڌي پئي ٿئي.”
رضيه ھڪ خوبصورت مرڪ سان پروفيسر علي ڏي نھار ڪئي ۽ پوءِ نظرون جهڪائي، چانهه جو مگ ھٿ ۾ کنيو، ايتري ۾ ڪلثوم چيو:
“رضيه توکي خبر آهي ته اڄ مون توکي ھتي ڇو آندو آهي؟”
رضيه حيران ٿيندي چيو: “نه !”
ڪلثوم چيو: “ھڪ سرپرائيز...”
“ڪھڙو؟” رضيه اتاولي ٿيندي يڪدم سوال ڪيو.
ڪلثوم چيو ته: “سرپرائيز اھو آھي ته مان ۽ پروفيسر علي ڪجهه ڏينھن ۾ مڱڻي ڪرڻ وارا آهيون.”
اھو ٻڌي رضيه جي ھٿ مان چانهه جو مگ ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جيڪو مگ نه پر سندس محبت جو ڪاڪ محل ھو.
****
پيڙائن جي پاڇن ۾
اڄ منھنجي دردن جي داستان جا پنا وري ڪنھن ھوا جي جھونڪي تي اڏامڻ لڳا جنھن تي، اُڪريل، منھنجي من اندر جو داستان صاف نظر پئي آيو، ورق اڏامندا، پھرين پني تي اچي بيهي رهيا، جتان منھنجي محبت جي منزل جو افتتاح ٿيو. منھنجي دل ديبو جي محبت ۾ مست ھئي، پيار جي ڀريل پيالن مان اسان پنھنجي من اندر جي تاس ۾ اوتي رھيا ھئاسين، چانڊوڪيءَ راتين ۾ سمنڊ ڪناري ويھي، واريءَ سان خوابن جا محل تعمير ڪيا ھئاسين، جنھن کي محبتن جي محرابن سان سجايو ھو. سمنڊ ڪناري ڀڄندي ڀڄندي ۽ پيار جي پيچرن تي ھلڻ لاءِ ديبوءَ جي قدمن جي نشانن تي پنھنجا قدم رکندي، سڄي زندگيءَ جي خوبصورت منزلن جو تعين ڪيو ھو، اھڙين منزلن جو جتي محبتون ھجن، جتي نفرتن کي مات ملندي ھجي، جتي سُکُ ھجي خوشيون ھجن، سچ ھجي ۽ سچن جذبن جو قدر ھجي، جتي منھنجي ماضيءَ جي ٽٽندڙ احساسن جا پاڇا نه ھجن، منھنجي منزل جي رستي تي ديبوءَ جي قدمن جا نشان ھجن، جتان منھنجو دَڳُ سئولو ٿي ويندو، اھو سوچيندي چانڊوڪيءَ رات ۾ سمنڊ ڪناري ان ڳالهه کان بي خبر ته اوچتو سمنڊ جون بي رحم لھرون اچي ديبوءَ جي قدمن جا نشان مٽائي ڇڏينديون، جنھن تي مون پنھنجا پير رکي اڳتي وڌڻ پئي چاهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي محبت جو جوڙيل محل به لھرن جي وهڪري ۾ لڙهي ويو ھو. منھنجو اندر اڌ ٿي ويو، منھنجي محبتن جو محل نه رهيو، ھن ظالم سماج سمنڊ جي بي رحم لھرن جيان ديبوءَ جي اڳتي وڌنڌڙ قدمن جي نشانن کي مٽائي ڇڏيو، جيڪي منھنجي محبت جي منزل جو دَڳُ ھئا، ھاڻي نه ڪا منزل آهي ۽ نه ئي وري ڪو رستو، نه چانڊوڪي راتيون آهن ۽ نه ئي وري گڏ ھلڻ وارا قدم، چنڊُ ته پنھنجي جلون سان ھلي پيو، پر ان جي روشني منھنجي اڱڻ تائين ڪونه ٿي پهچي، شايد چنڊ جڏهن اوستائين پھچي ٿو ته پنھنجو جوڀن وڃائي ٿو ويھي. چنڊ کي به منھنجو ڪومايل، مايوس ۽ ڏکايل چھرو ڏسي پنھنجي بي وسيءَ جو احساس ٿيندو آهي. جنھن منھنجي محبتن جا محل ٽٽندي ڏٺا، جنھن منھنجي ديبوءَ کي سماج جي ٺيڪيدارن ھٿان اڌُ ٿيندي ڏٺو ۽ پوءِ به ڪجهه ڪري ڪونه سگهيو. اڄ ديبوءَ پنھنجن سڏڪن کي ٽھڪن ۾ مٽائي ڇڏيو آهي، لڙڪ ته لاڙي پيو، بس انھن کي خوشيءَ جي نالي سان انڪري جو سڏڪن کي ته روڪي سگهجي ٿو، پر لڙڪن کي ڪيئن روڪجي، ھوا تيز ٿيندي وئي ۽ منھنجي من اندر جي داستان جو ڪتاب منھنجي پيرن ۾ ڪري پيو، مون پنھنجن پيرن کي غور سان ڏٺو، جيڪي ديبوءَ جي قدمن جي نشانن تي ھلڻ لاءِ آتا ھئا ۽ ڏُک وچان ھڪ نظر، ديبوءَ ڏانھن وڌم، جيڪو بي پناهه اذيت واري ڪيفيت ۾ ھوندي به مونکي ڏسي مسڪرائي رهيو هو، ڀرسان ستل پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ڏٺم جنھن جي اکين ۾ ھزارين سوال ھئا، جنھن جو اڄ تائين مون ڪو جواب نه ڏنو ھو، مان پاڻ ھڪ سوال بڻجي وئي ھيس، پنھنجو پاڻ لاءِ، ھن معاشري لاءِ، جتي مونکي ھر جاءِ تي اُگھاڙي ۽ شڪاري نظرن سان ڏٺو پيو وڃي، اتي مان ڪھڙا جواب ڏيان، پنھنجي ننڍڙي پٽ کي ته ھي مئل ماڻهن جو معاشرو آهي، جتي فقط عورتن جي جسم کي ڳجهن ۽ بگھڙن جيان ماس پٽڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ھر وقت شڪار جي تلاش ۾ ھوندا آھن، مان ٿڪجي پئي آهيان، پنھنجو پاڻ کي بچائيندي، منھنجو حوصلو ختم ٿي ويو آهي آخر ڪيستائين مان زندگيءَ جي ھن ڊگهي سفر ۾ ھلندس، جتي نه رستو آهي ۽ نه ئي منزل اهو سوچي جڏهن پنھنجي ننڍڙي پٽ تي نظر پوي ٿي ته جيئڻ جا حوصلا وڌي وڃن ٿا.
مان جيئندس ۽ ھن معاشري سان وڙھندس، ڀلي ان ويڙهه ۾ مان روحاني ۽ جسماني طور ڪيترو به زخمي ٿي پوان، پر مان پنھنجي پٽ کي ڪنھن سٺي منزل تائين ضرور رسائيندس جتي سندس اٻاڻڪين اکين ۾ رھيل سوال آهن.
جيستائين هو پنهنجن سوالن جا جواب ڳولهي ۽ منھنجي منزل جي اڻپوري سفر کي نوان رستا ڏيئي مڪمل ڪري تيستائين هار نه مڃينديس.
****
مسلط محبت ۽ گم ٿيل احساس
اڄ ھن جي لونءَ لونءَ ٺري پئي ھئي، ھن جي اندر مان صدين جو غبار لھي ويو هو، ڪيڏو نه خوبصورت احساس ھوندو آھي، جنھن جي ھن کي اڄ خبر پئي ته زندگي ايتري خوبصورت به ھوندي آھي. ڪجهه ڏينھن اڳ سندس زندگي فقط آڙاهه مثل ھئي، جنھن ۾ ھر روز پئي سڙندي ھئي، روزاني جيئندي ۽ مرندي ھئي، جتي احساسن ۽ جذبن جو قتل ٿيندو هو، ڪيڏو نه اهو ڪرڀناڪ منظر ھوندو آھي، جڏهن ھن جي جسم سان گڏ، روح ۽ جذبن جو ريپ ٿيندو آهي، جنهن کي سماج مسلط ڪري نام نهاد مڙس جو نالو ڏنو هو.
ھن ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اٿي ڀت تي لڳل آرسيءَ ۾ پنھنجو پاڻ کي ڏٺو. ڪيترن سالن کان پوءِ اڄ پھريون ڀيرو ھن کي پنھنجو چهرو وڻڻ لڳو، ھن ڪيترن سالن کانپوءِ پاڻ کي ايترو غور سان ڏٺو. کيس اڄ پنھنجي انھيءَ وجود سان عشق ٿي ويو هو، جنھن وجود سان ھي نفرت ڪندي رھي ھئي. جنھن کي ھر رات ڳِجهه جهڙو مڙس جسم جي گوشت کي پَٽيندي اھو چوندو هو ته: “تون منھنجي ملڪيت آھين، تنھنجي عيوض پنجاھ ھزار ۽ سڱُ ڏنو آهي.”
اوهه... ! ڪيترن سالن کان هوءَ اھو جملو ٻڌندي، جيئندي ۽ مرندي پئي اچي. کيس مرد جي نالي کان ئي نفرت ٿي وئي هئي، دنيا جو ھر مرد ھن کي ڳِجهه لڳندو هو، جيڪو صرف عورت جي جسم کي ڇِيڇاڙي کائڻ جي خواهش ۾ رڌل ھوندو آھي، پر ان ڏينھن مرد جي باري ۾ ھن جي سوچ پاسو مٽايو جڏهن دروازي تي کڙڪو ٿيو ۽ آواز آيو:
“نورل او نورل...!”
نورل ھن جي مڙس جو نالو آهي. تنھن ڏينھن نورل سميت سڀ گهر ڀاتي ڪٿي ويل ھئا، ھي گھر ۾ اڪيلي ھئي، ايتري ۾ در زور، زور سان وڄڻ ۽ ڪنهن جي سڏڻ جو آواز اچڻ لڳو:
“نورل او نورل...”
ھن ڊوڙ پائي در جو پردو مٿي کنيو سامھون بيٺل ساجن تي نظر پوندي ئي سندس دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. ساجن ھڪدم حيران ٿيندي چيو:
“رضي تون...ھتي ؟؟؟ ڪٿي ھلي وئي ھئينءَ....؟”
ھن اتاولو ٿي رضيءَ کان سوال ڪيو.
ھوءَ ڪهڙو جواب ڏئي، بت بڻجي بيھي رهي. ساجن ھن جي ننڍپڻ جو دوست ۽ پاڙيسري ھو، جنھن کي هوءَ دل سان چاھيندي ھئي، پر ھن جي پيءُ ٽڪن عيوض سندس شادي نورل سان ڪرائي ھئي. انهن ڏينهن ۾ ڪنھن مجبوريءَ سبب ساجن وارا لڏي ويا ھئا پر اڄ ايترن سالن کان پوءِ ساجن کي پنھنجي ايڏو ويجهو ڏسي ھوءَ حيران ٿي وئي هئي.
آرسيءَ جي اڳيان بيھندي کيس ڪافي دير ٿي وئي هئي، اڄ ھن جو وجود ڪنھن ڳجهه نه پر ھن جي محبوب جي خوبصورت ٻانھن جو ھار بڻيو هو، ھن پنھنجي ڳلن تي ھٿ ڦيريو جن تي ساجن جي چپن جو ڇھاءُ ھو، ھن پنھنجي ڇاتيءَ مان پنھنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو محسوس پئي ڪئي، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ھن جي دل وھنجڻ نه پئي چاهيو، متان ھن جي جسم مان پنھنجي محبوب جي پگھر جي خوشبو نه نڪري وڃي. اڄ ڪيترن سالن کان پوءِ ھن جا گم ٿي ويل محبت جا احساس لڀي ويا هئا.
****
محبت ۽ حوس
اڄ پورو ھفتو گذري چڪو هو پر زينت جي ڳلن تي ڳوڙھن جي بُوندن بس نه ڪئي هئي، ھوءَ اندر ۾ ٻه اڌ ٿي چڪي ھئي، ھن جنھن سان سچي محبت ڪئي، جنھن جي پوڄا ڪئي، جنھن کي پنھنجي سِرَ جو سائين بڻايو هو، جنھن مرڻ گهڙي تائين ساڻس گڏ رھڻ جا وچن ڪيا ھئا، سو بي وفا ھو، صرف حوس ھئس، ھن کي حاصل ڪرڻ جي ۽ جڏهن پيٽ ڀرجي ويس ته بس....
اُف ! ڪيڏو نه ڪرڀناڪ لمحو ھو، جڏھن ھن سارنگ کي ڪنھن وڏي عمر واري عورت سان رنگ رليون ڪندي ڏٺو ھو. تڏهن زينت جو اندر ٻه اڌ ٿي چُڪو ھو، پيٽ ۾ وڍَ پئجي رھيا ھئس، دماغ جون نسون ڦاٽڻ تي ھيس کيس اھو ڏينھن ياد اچي ويو جڏهن سارنگ جي باري ۾ ھن پنھنجي ڀائرن کان پڇيو ھو ته: “سارنگ ڪھڙو ماڻهو آهي...؟”
تڏهن انھن ٻڌايو ھئس ته: “هو تمام عياش ۽ ڪوڙو ماڻهو آهي.”
پر هاڻي گھڻي دير ٿي چڪي ھئي ڇو ته هوءَ اڳ ۾ ئي سارنگ کي پنھنجو محبوب مڃي چڪي ھئي، پنھنجو تن من ان کي سونپي چُڪي ھئي، جڏهن سارنگ سان ملي ھئي ۽ پنھنجي ڀائرن جون ان جي باري ۾ ڳالھيون ٻڌايائين ته تڏهن سارنگ ڪلمي جو قسم کنيو هو ته ھُو اھڙو ناهي ۽ کيس يقين ڏياريائين ته: “مون کي قسم آهي، ته منھنجي زندگيءَ ۾ صرف تون ئي آهين”
ان کانپوءِ کيس ڪيڏي نه ڦڪائي ٿي ھئي ته اجايو ويچاري تي شڪ ٿي ڪريان، منھنجي ڀائرن کي ڪا غلط فھمي ٿي ھوندي ۽ سارنگ جي من موھيندڙ معصوم شڪل تي ھي ته اڳي ئي دل ھاري چڪي ھئي.
ان ڏينھن واري واقعي کانپوءِ ھن جي دنيا اوندهه ٿي وئي، ھن پنهنجي محبت کي روشن ڪرڻ لاءِ سارنگ جي نالي جيڪي محبت جا ديپ پنھنجي اندر جلايا ھئا، تن ھن جو اندر ساڙي رکُ ڪيو، ھن سارنگ کي فون ڪري چيو:
“اڄ مون توهان کي پنھنجي اکين سان ڏٺو آهي.”
تڏهن سارنگ صاف انڪار ڪيو ۽ ھن کي ڪنھن به ڳالهه جو کولي جواب نه ڏنائين ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين. ھن ته سارنگ کي پنھنجي چپن جو امرت پياري اھو سمجهيو ھو ته ھاڻي سارنگ جي پيار جي اڃ ھِنَ اُجھائي آهي، پر ھِنَ کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪنھن ٿر ٻاٻيھي جيان اُڃايل آهي،جنھن جي اُڃ ڪڏهن ختم نٿي ٿي سگهي، ھن پنھنجي جسم جو سڳنڌ ڏئي ان جي پيار جي بک مٽائڻ چاھي ھئي، پر سارنگ جي بک بگھڙن جيان ھئي، جيڪي پيٽ خالي ٿيڻ کان پوءِ وري نئين شڪار جي تلاش ۾ ھلندا آهن، انھن ۾ محبت ڪٿي به ناهي ھوندي. ھو حوس جو پوڄاري ٿي چُڪو ھو. اڄُ ان ڳالهه کي پورو ھفتو ٿي چڪو هو، ان ڏينھن کان پوءِ سارنگ ھِنَ سان ڪو رابطو نه ڪيو، ھيءَ ڀڄي ڀورا ٿي چُڪي ھئي، بي وفائيءَ جي باهه ۾ سڙي سندس تن من خاڪ ٿي چُڪو ھو، ھِنَ کي ھر طرف انڌيرو ئي انڌيرو نظر اچي رهيو هو. ھِنَ اکيون عرش ڏي ڪيون ۽ مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھئي .جتي ڪھڙي وقت اڇا بادل ۽ ڪھڙي وقت انھن جي جڳهه تي ڪارا بادل ھئا، تڏهن ھِنَ دل ۾ سوچيو ڪاش، ھن کي بادلن جي فقط ڪاراڻ ئي نظر اچي ھا، جيڪي وسڻ کانپوءِ وري اُڃارا ٿي ويندا آهن، ڪاش اسان جي معاشري ۾ انسان، حيوان بڻجڻ بجاءِ انسان ٿي پوي ۽ محبت جي پاڪ ۽ صاف جذبي سان سرشار ٿي وڃي.
سارنگ جھڙن مردن کي ڪھڙو نالو ڏجي، جيڪي معصوم دلين کي پنھنجي حوس جي باهه ۾ ساڙي رک ڪري، پوءِ به خوش آھن، اھو سوچي زينت جي دل ۾ سارنگ لاءِ نفرتن جون نديون وھڻ لڳيون. اھي نديون ھِنَ جي اکين مان لڙڪ بڻجي وھي پيون .ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ سارنگ ھن تي چٿرون ڪري رھيو ھو. طنز وچان ٽھڪ ڏئي رهيو ھجي ۽ اھو چئي رهيو ھجي ته ڏس منھنجي رچيل راند ۾ تون به بازي ھارجي وئينءَ۽ اڄ اھو ڏينھن شدت سان ياد پيو اچيس، جڏهن ھن جي ننڍڙي ڀاءُ ھِنَ کي سارنگ جي گندي ۽ حوس ڀريل ڪارنامن جون ڪھاڻيون ٻڌايون ھيون، جنھن جو شڪار ھاڻ ھيءَ پاڻ به ٿي چڪي ھئي.
****
يادن جي رُڃ
اڄ وري ھن جا لڙُڪ لارون ڪري وھي پيا، جڏهن نيڻن جي ڪڪرن پنھنجون دريون کولي سندس من جي زمين کي ڀنائي ڇڏيو،
ھن کي ايئن لڳي رهيو هو جيئن بادل زمين تي جبرڪري، ان جي مرضيءَ خلاف ان تي حاوي ٿي آلو ڪري رهيا هوندا آهن ۽ ان ھٻڪار مان هو پنھنجو وجود قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڌرتي جيڪا بي وس لاچار پُسجندي ۽ ٻڏندي ٿي رھي، شايد سندس مقدر ۾ ئي پُسڻ ۽ ٻڏڻ لکيل آهي.
ھن کي اھو ڏينھن ڪڏهن ناهي وسرندو، جڏهن ڌرتيءَ جيان ھن جي وجود کي به ڪنھن بادل زبردستي آلو ڪيو ھو، اھو ڪير ٻيو نه پر ان جو پنھنجو مڙس ھو. اُھا رات به اڄ جي رات جيان انڌاري ۽ طوفان ۽ گجگوڙ واري رات ھئي، جنھن رات مڙسھنس چيو ھيس ته:
“پنھنجي شاديءَ کي ھفتو گذري چڪو آهي، اڃان تائين تون مونکي، ويجھو اچڻ نٿي ڏين، تون منھنجي زال آهين، منھنجي نڪاح ۾ آھين، امان ۽ سڀ مائٽ ٽوڪون ٿا ڪن ته شايد مان نامرد آھيان.”
پوءِ بيڊ تي وڇايل اڇي چادر ڏانھن اشارو ڪندي چيو ھيائين ته روز امان پڇي ٿي ته: “الائجي ڇوڪري پھرين کان ئي ڪنھن سان کريل ته ڪا نه ھئي جو چادر تي ڪو داغ ئي ناهي لڳو.”
هوءَ تڏهن ڪيڏو نه ھيسجي وئي هئي، بلڪل ڌرتيءَ جيان ٻڏڻ جي خوفَ کان جڏهن مڙسھنس ھِنَ جي وجود کي اُگھاڙو ڪري ھِنَ جي وات تي رَئو ٻڌو ھو ته متان ڪير ھن جي رڙ نه ٻڌي تڏهن بي رحم بادلن خوشيءَ وچان گجگوڙ ڪرڻ شروع ڪري وڏَ ڦڙا وسايا ھئا.
ھِنَ کي بادلن کان نفرت ٿي وئي هئي جڏهن بارش پوندي هئي، تڏهن ڌرتيءَ سان گڏ ھن کي پنھنجو وجود به آلو ٿيندي محسوس ٿيندو هو. صبح جو سوير جڏهن ھِنَ جي سس ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ پھرين نظر وڇايل چادر تي پيس، جنھن تي رات، ھن جي وجود کي قتل ڪيل داغن جا چٽا نشان ھئا. ھِنَ جي قتل ڪيل وجود کي سس سوريندي چادر کسڪائيندي پُٽ کي خوشيءَ وچان چيو هو:
“مبارڪون هجن پُٽ توکي.”
۽ ان وقت سندس مڙس جي منھن تي فاتحانه مرُڪ تري آئي ھئي.
ٿوري دير کان پوءِ ھن جي ڪنن تي سندس سَسُ جو آواز پيو، جيڪا سڀني گهر ڀاتين کي چئي رهي هئي:
“مبارڪون هجن ڇوڪري صحيح آهي ھي ڏِسُو چادر تي داغُ.”
اھي جملا ھِنَ جي قتل ٿيل وجود کي ڪوري ماس الڳ ڪري رھيا ھئا، ھِنَ کي ايئن لڳي رهيو هو، ڄَڻُ سندس اُگھاڙي جسم کي ڳجھون پٽي رهيو ھيون. تنھن ڏينھن ھيءَ بستر تان ڪونه اُٿي ھئي ۽ ان ڏينھن ھيءَ مري چُڪي ھئي، سندس وجود سان گڏ ھِنَ جي روح جو به قتل ٿي چُڪو ھئو، اوچتو وري ھن جي ڪنن بادلن جو گجگوڙ ٻُڌو، ھن جو وجود لرزڻ لڳو ۽ لڙڪن جي برسات ھن جي ڳلن تان ٿيندي ھِنَ جي وجود کي آلو ڪري رھي ھئي.
****
اُڃايل آشائون
اڄ وري منھنجي مٿي ۾ سور جي شدت وڌي وئي هئي، بيڊ تي ليٽي به ڪانه پئي سگهيس، ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ مٿو ٺڪاءَ سان ڦاٽي پوندو. ڇت ۾ لڳل پکي جا پر ھڪ ٻئي پويان ڊوڙ لڳايو ھلندا پيا وڃن، بلڪل منھنجي زندگيءَ جيان، انھن جي ھوا جي زور تي، ٽيبل تي رکيل ڪتاب جا پنا ڪر، ڪر ڪرڻ لڳا. ھڪ ھڪ پنو آواز ڪري اٿلڻ لڳو، ڄڻ اهي پنا منھنجي زندگيءَ جا سمورا ورق ڏيکاري رھيا ھجن، جنھن تي منھنجي زندگيءَ جو داستان اُڪريل ھجي ۽ چئي رھيا ھجن چري! شڪست زده نه ٿيءُ،تنھنجي داستان ۾ شڪست ناهي لکيل، تون اڏول آھين پنھنجن جذبن جيان،تون حوصلو نه ھار، ان ڪري جو تون انھن کٽڻ وارن منجھان آھين جيڪي ڪڏهن ھار نه مڃيندا آهن، درحقيقت ھارائڻ، وڌيڪ کٽڻ جي جستجوءَ جو نالو آهي، تون جستجو آھين، جيت جي.
ڏسندي ئي ڏسندي ڪتاب جا ورق بند ٿيڻ لڳا، ڇَتِ تي لڳل پکي جا پَرَ آھستي آھستي ھِڪَ ٻئي پويان ھلي ھلي رُڪجي ويا مان سڄي پگھر ۾ شَلُ ٿي ويس.
لائيٽ ھلي وئي هئي، مشڪل سان اُٿي چارج ٿيڻ واري لائيٽ ٻاريم، جنھن جي ھلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ ۾ گھر جي ھر شئي خوبصورتيءَ جو منظر پيش ڪري رھي ھئي، بلڪل منھنجي مَنَ اندر جي ڪيفيت جيان، جنھن کي مون ڄاڻي واڻي، ڌنڌلو ڪيو ھو جيئن ڏکن پيڙائن جا پاڇا چٽا ٿي منھنجي زندگيءَ تي نروار ۽ اڳتي وڌڻ جي آشائن تي حاوي نه ٿين.
مان پنھنجي اُڃايل آشائن کي ايئن مرڻ نه ڏينديس، مان ھِنَ سماج جي سڀني ناانصافين جو مقابلو ڪنديس، اھو سوچيندي سوچيندي، فرج جي مٿان رکيل دٻي مان ٻه گوريون ڪڍي تريءَ تي رکي، انھن کي غور سان ڏسڻ لڳيس، پنھنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳيس ته: “ڇا ھي ننڍڙيون گوريون منھنجي تڪليف کي ختم ڪنديون؟”نه نه ايئن ناهي ھي ته وقتي طور تي منھنجي دماغ کي منھنجي سوچ کي سمھاري ڇڏينديون ۽ وري ڪجهه دير کانپوءِ منھنجي ڪيفيت ساڳي ٿي ويندي، نه نه مون پاڻ کي چيو، “ڇا مان انھن پتڪڙين گورين کان به وڌيڪ ڪمزور آھيان....”
هن واري پاڻ کي وراڻيو:“نه نه مان اٽل آھيان، منھنجو نالو اُميدَ آهي، آشا آهي ۽ جيت آهي.”
ايتري ۾ لائيٽ اچي وئي، ٿوري دير پهرين گھر جون شيون ھلڪي روشنيءَ ۾ خوبصورت منظر پيش ڪري رھيون، سي تيز روشنيءَ ۾ بدنما لڳي رھيون ھيون پر اُن تيز روشنيءَ سان گڏ مون پنھنجي اندر به اُجالا محسوس ڪيا جنھن ۾ مونکي ھن سماج جا داغَ چٽا نظر اچڻ لڳا ۽ مان پنھنجي اندر جي اُڃايل آشائن کي نئين سر نون جذبن سان زندهه ڪري ھڪ ٿڌو ساهه ڀريو، جنھن سان منھنجي اندر جي اُميد وري اُلري، اُڀري ۽ اڏول ٿي پئي.
****
مَنَ اندر جي وِڄُ
اڄ وري منھنجي مَنَ اندر جي وِڄُ نئين اميد جا چمڪاٽ ڪيا. جڏهن جڏهن آسمان تي وِڄُ چمڪاٽ ڪندي آهي ته اُھا منھنجي من اندر جي وِڄُ سان ملي، اُميدن آسن ۽ اڳتي ھلڻ ۽ نه ٿڪجڻ جا چمڪاٽ ڪري روشنين جا ديپ جلائيندي آهي، مون پنھنجي من اندر جي وِڄُ کي ڪڏهن ڪرڻ نه ڏنو ان ڪري جو جيڪڏهن اُھا ڪرندي ته آئون خاڪ ٿي وينديس پر مون اُن وِڄُ کي پنھنجي اندر امانت طور سانڍي رکيو، جيئن ان مان اُميدن جا نوان ديپ جلائي سگھان، آسمان وري ڪارو ٿي ويو، گجگوڙ سان گڏ ان کي اُميد جي روشني ڏيڻ لاءِ وِڄُ پنھنجا پر کولي چمڪاٽ ڪندي سڄي وايو منڊل کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ ان اُميد جي روشني ڏسي، بادلن کي پنھنجي شڪست محسوس ٿيڻ لڳي. بادل ڏک وچان لڙڪ لاڙڻ لڳا، انھن جي لڙڪن سان ڌرتيءَ جي دل نَرَمُ ٿي، پنھنجي اندر جي مَھڪ ھوائُن کي عرض ڪري آسمان طرف اُڏائڻ لڳي. اُن مھڪ تي آسمان خوش ٿي جھومڻ لڳو ۽ ھر طرف ٿڌڙين ھيرن مٽيءَ جي مھڪ بادلن جا ٽھڪ ۽ وِڄُ جا چمڪاٽ سڀ ھڪ ٿي ويا، اُميدن جا نوان گيت گونجڻ لڳا. مان کڙڪيءَ جا ٻئي تاڪ کولي پنھنجو ڪنڌ آسمان طرف ڪري، ڪائنات جي تخليق ڪيل انھن رنگن کي ڏسڻ لڳيس جيڪي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ وِڄَ جي چمڪاٽ سان تمام خوبصورت نظر اچن پيا. اڄ مونکي منھنجي زندگيءَ جي اُها انڌاري ۽ اڻانگهي رات ياد اچڻ لڳي. جڏهن ڪارن بادلن منھنجي آس پاس انڌيرن جا اولڙا ڪري ڇڏيا هئا. مٽيءَ جي مھڪ خاموش ھوائُن تي نراش ھئي، وِڄَ پنھنجا پر کولي ٿڪجي پئي ھئي ان ڪري بادلن پنھنجي نھٺائي قائم رکي آسمان ۾ انڌوڪار ڪري ڇڏيو. مون پنھنجي مَنَ اندر جي وِڄُ سان، اُميدن جا نوان ديپ جلايا ھئا، اھو ڏسي آسماني وِڄُ شرم وچان، اُٿي چمڪاٽ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ ڪارن بادلن انھن چمڪاٽن سان مھاڏو نه اٽڪائيندي شڪست ۾ لڙڪ لاڙڻ شروع ڪيا ۽ انھن لڙڪن سان آس پاس گلڙَنِ ڦُلڙَن مھڪڻ شروع ڪري ڇڏيو. مان کڙڪيءَ جا تاڪ کولي مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھيس، آھستي آھستي آسمان جي ڪاراڻ ھلڪي ٿيندي وئي، وِڄُ چمڪاٽ ڪندي ٿڪجي پئي ھئي، بادلن لڙڪ لاڙي ڌرتيءَ کي مھڪائي ڇڏيو هو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ اُميدن جي سجَ جي ڪرڻن انڊلٺ جا رنگ آسمان تي وکيري ڇڏيا.
****
من اندر مانڌاڻ
اڄ ھن جي اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳل ھئي، من ۾ ڪجهه مونجهه، ڪجهه خوشي ۽ ڪجهه خوف هئس. ھن منافق معاشري جو جتي عورت کي انسان نه پر صرف عورت سمجهيو وڃي ٿو. ھن جي ڪنن ۾ اھو مڌر ۽ مڌم آواز گونجي رھيو ھو ۽ ان آواز جي مڌرتا ھن جي من اندر ڪيئي سُر اُڀاري ڇڏيا اڄ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ھن ڪنھن لاءِ ڪجهه محسوس پئي ڪيو. ھن خيالن ئي خيالن ۾ ان جي وجود جي گرمائش پنھنجي اندر محسوس پئي ڪئي، کيس ايئن لڳي رھيو ھو ڄڻ ھو سندس پاسي ۾ ويٺل آهي ۽ پنھنجا گرم چپ ھن جي نرم چپن سان ملائي ڇڏيا ھجن. ھن جو ساهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، کيس محسوس پئي ٿيو ته پورو جسم پگھر ۾ آلو ٿي ويو هئس. ھن پاڻ کان سوال ڪيو ته: “ڇا ھي عشق آهي؟”
ھن جي لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون، سوچڻ لڳي ته ڇا ھي منافق سماج ان عشق کي قبول ڪندو؟ نه بلڪل نه، پوءِ مان ڇا ڪريان ھن دل جو، جنھن ۾ ھُن جي عشق جون مَڌُر ڌُنيون وڄي رھيون ھيون ۽ ھوءَ انھن ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي. انهن احساسن کي پاڻ اندر ھميشه لاءِ رکڻ پئي چاهي، پر کن پل لاءِ وري ڇرڪجي وئي، ھن کي اھي لذتون کسجنديون محسوس ٿي رهيو ھيون، جڏھن ھن جي ڪن تي سندس مڙس جو آواز پيو: “ٻڌين ٿي...؟ پاڻي پيار ڪڏهن کان سڏيان پيو، ٻوڙي ٿي وئي آهين ڇا؟”
ھن ڊوڙي وڃي پاڻيءَ جو گلاس ڀري مڙس کي ڏنو. ھن جي من اندر
مڌرتا جا گيت مڌم ٿيڻ لڳا، اھو ڏينھن ياد آيس، جڏهن ھن وڏيءَ عمر واري سان سندس نڪاح ٿيو، ڪيڏو نه رُني ۽ تڙپي ھئي پر ڪنھن ھن جي ڳالهه نه ٻڌي، ڪيتري ته ڪرڀ ايندي هيس ھن مان، پر زھر جو ڍڪ ڀري پنھنجي مئل وجود سان زندگيءَ کي گھليندي رهي.
ڪيترائي سال ان مرد سان سمھندي رهي، جنھن کي ھن ڪڏهن دل سان تسليم ئي نه ڪيو ھو، ھڪ ڏينھن ھن پاڙي جي مُلياڻيءَ کان پڇيو ھو ته: “نڪاح جو مطلب ڇا آهي؟”
ھُن ٻڌايس ته: “شرعي حڪم تحت ھڪٻئي جي رضامنديءَ سان مرد ۽ عورت جو ھڪ ٿيڻ.”
“پر منھنجي شاديءَ ۾ منھنجي رضامندي ڪو نه ھئي ته ڇا اھو نڪاح ٿيو؟” ھن مُلياڻي جيجي کان سوال پڇيو.
تڏهن جيجيءَ ڪنڌ مٿي کڻي ھن جي اُداس نگاھن ۾ نھاري، وري ڪنڌ ھيٺ ڪيو ھو.
هوءَ چپ چاپ اتان ھلي آئي هئي، پر اڄ ھن پاڻ ۾ ڪنھن جي وجود جي خوشبو محسوس ڪئي، ھيءَ ان مڌر ڌنن تي جھومڻ پئي چاهي، جيڪي ھن جي من اندر وڄي رھيون ھيون.
****
کنوڻين جا ميلاپ
اڄ صبح کان مسلسل تيز برسات ٿي رھي ھئي، ڏينھن به رات جھڙو منظر پيش ڪري رهيو هو، منھنجي ڌيءَ سسئي جي ڪاليج جو اڄ آخري پيپر ھو.
ويهه سال اڳ به ساڳئي قسم جي تيز برسات ٿي ھئي، پر ان ڏينھن منھنجو آخري پيپر ھو، اڄ منھنجي دل مطمئن ھئي، ڇاڪاڻ ته اڄ سسئي پنھنجي ڀاءُ ھالار سان گڏ ڪاليج وئي هئي، پر مان اڪيلي ھيس.
اڄ مون کي ڪاليج وارا اھي ڏينھن شدت سان ياد اچڻ لڳا ۽ ھي طوفاني برسات ان ڪري جو منھنجو سڪندر سان ميلاپ به اھڙي ئي طوفاني برسات ۾ ٿيو ھو. جيتوڻيڪ ويهه سال گذري چڪا آهن، پر منھنجي اندر جو طوفان اڃان گھٽ ناهي ٿيو.
مونکان اھو ڏينھن ڪڏهن ناهي وسريو، جڏهن مون ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئي ۽ ڀر واري بوائز ڪاليج ۾ سڪندر به پڙھندو ھو. مان فرسٽ ايئر ۾ ھيس ۽ سڪندر سيڪنڊ ايئر ۾ هو. سڪندر اسان جو پاڙيسري پڻ ھو پر اسان جي خاندانن جو هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ گھٽ ھوندو ھو. امان چوندي هئي ته: “سڪندر جي ماءُ صحيح عورت ناهي ۽ لڳي ڪونه ٿو ته سڪندر ان جو جائز اولاد آهي.”
ائين انھن بابت پاڙي وارا کوڙ ساريون ڳالهيون ڪندا هئا، ان ڪري جو سڪندر جڏهن ننڍڙو ھو ته سندس پيءُ ڪنھن حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. سڪندر جي ماءُ سرڪاري اسپتال ۾ نرس ھئي. سڪندر ۽ سندس ماءُ ھتي ڪرائي جي گهر ۾ تقريبن پنجن سالن کان رھندا ھئا. مون جڏهن گرلس ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته روزانو سڪندر موڪل ٽائيم منھنجي تاڙ ۾ موٽر سائيڪل جھلي بيٺو ھوندو ھو ۽ مونکي چوندو هو ته:
“يار رمشا منھنجي موٽر سائيڪل تي ويهه ته توکي گھر تائين ڇڏيان.” اسان ٻنھي جو گهر ڪاليج کان ڪافي پنڌ تي ھو، گرمين ۾ ھلندي ھلندي پگھر سان شل ٿي ويندي ھيس، پير تپي ٽانڊا ٿي ويندا ھئا ۽ سڪندر جا روز روز موٽر سائيڪل تي ويھڻ لاءِ مون کي ايلاز... سو نيٺ مان سندس موٽر سائيڪل تي ويھڻ شروع ڪيو. ايئن اسان جي دوستي ٿي جنھن اڳتي هلي محبت جو رخ اختيار ڪيو. سڪندر جي محبت منھنجي اندر ايتري حد تائين لھي وئي جو جنھن ڏينھن ڪاليج جي موڪل ھوندي ھئي، تڏهن سڄو ڏينھن طبيعت ۾ بيچيني ۽ اٻاڻڪائي رهندي هئي ۽ ايئن ھر ڏينھن ايندڙ ڏينھن جي انتظار ۾ گذري ويندو هو، سڪندر مونکي پنھنجي گھٽيءَ جي ٻاھران لاھيندو ھو ته جيئن پاڙي وارن جي نظر اسان تي نه پوي پر ڪنھن منھنجي گهر وارن کي ٻڌايو ته: “مان سڪندر جي موٽر سائيڪل تي ويھندي آھيان.” سو مون قسم کنيان ته ڀلا مان ڇو پرائي ڇوڪري جي موٽر سائيڪل تي ويھندس ۽ تنھن کان پوءِ اسان وڌيڪ احتياط ڪيوسين ۽ سڪندر مونکي ٻه ٽي گھٽيون پھريان لاھيندو ھو، ايئن ڏينھن گذرندا ويا ۽ مونکي ڪاليج ۾ اٺ مھينا گذري چڪا ھئا. ھن سال جا آخري پيپر ھلي رھيا ھئا، ھڪ ڏينھن پيپرن دوران تيز برسات شروع ٿي وئي، آسمان ۾ ڪارن ڪڪرن ڌرتيءَ کي انڌيرن جي نظر ڪري ڇڏيو ۽ کنوڻين جي ميلاپ سان ھڪ عجيب ۽ خوفائتو منظر ٿي ويو. ڪاليج جي جلدي موڪل ٿي وئي، مان ڪاليج جي مين گيٽ تائين پھچي پوري آلي ٿي چڪي ھئس. آس پاس نظر ڦيرايم ته چوڌاري خوفناڪ انڌيرو ۽ گجگوڙن جا ٺڪاءُ دل کي لرزائي رھيا ھئا. ايتري ۾ منھنجي انتظار ۾ بيٺل سڪندر مونکي پاڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“رمشا جلدي ڪر ته گھر پھچون.”
تيز برسات سبب موٽر سائيڪل به آھستي آھستي ھلڻ لڳي. آخر گھر کان ڪافي اڳ موٽر سائيڪل بند ٿي وئي ۽ برسات ڪري آس پاس گپ جام ٿي وئي هئي، منھنجو اڇي رنگ جو يونيفارم آلو ۽ گپ سبب خراب ٿي ويو هو، جيئن تيئن ڪري آخر پنھنجي گهر جي دروازي تائين پھتاسون، ان ڏينھن سڪندر مون سان گڏ ئي آيو، برسات سبب پورو شھر سنسان ٿي چڪو هو، برسات به ڪا معمولي برسات ڪونه ھئي، ايتري تيز برسات ۾ منجھند جو وقت به رات جو ڏيک ڏيئي رھيو ھو.
مان جيئن ئي پنھنجي گهر جي دروازي تي پھتس ته دروازي تي تالو لڳل هو، مان حيران ۽ پريشان ٿي ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳيس.
ايتري ۾ سڪندر چيو: “جيستائين تنھنجا گهر وارا اچن تيستائين تون منھنجي گهر ھلُ.”
ٻي ڪا واٽ نه ڏسي مان سڪندر جي گهر ويس. سڪندر جي ماءُ پنجاب ۾ سندن ڳوٺ ويل ھئي. سڪندر مونکي گهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ٽوال ھٿ ۾ ڏيندي غسل خاني ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
“وڃ لڱ ڌوءِته مان امان جو ڪو وڳو پائڻ لاءِ توکي ڏيان ٿو.”
سڪندر وارن جو غسل خانو ورانڊي جي ھڪ پاسي ۾ ھو. مان ٽوال ھٿ ۾ جھلي غسل خاني طرف ويس منھنجو اڇي رنگ جو يونيفارم گپ ۾ ميرو ٿي ڦڪي رنگ جو ٿي ويو هو. مان يونيفارم لاھي بالٽيءَ ۾ ڇاڇولي ٽنگڻيءَ ۾ ٽنگيو ۽ لڱ ڌوئي صاف سٿري ٿيس. سڪندر غسل خاني ٻاھران ڪپڙا جھلي بيٺو هو. مون غسل خاني جو دروازو کوليو ۽ ھٿ ٻاهر ڪڍي سڪندر کي چيو:
“ڪپڙا ڏي...”
سڪندر منھنجو ھٿ ڇڪي، غسل خاني جي اندر آيو ۽ اچي منھنجي اگھاڙي جسم کي ڀاڪر ۾ ڀريو، مان ان وقت پريشان ٿي ويس سڪندر کي پاڻ کان پري ڪندي شرم کان ڳاڙهي ٿي ويس پر سڪندر مونکي ڏاڍي پيار مان چيو:“راڻي تون ۽ مان ھڪ آھيون ته پوءِ ڀلا ھي جسمن جو ويڇو ڇا لاءِ؟”
چيومانس: “سڪندر مونکي ڊپ ٿو لڳي.”
سڪندر منھنجي چپن تي پنھنجو ھٿ رکندي چيو:
“بس وڌيڪ ڪجهه به نه چئو، ٿي سگهي ٿو قدرت پنھنجي ميلاپ لاءِ ھي موقعو فراھم ڪيو آهي.”
سڪندر مونکي پنھنجي ٻانھن ۾ جھلي وڃي، ڪمري ۾ بيڊ تي ليٽايو ۽ پوءِ اھو ڪجهه ٿيو، جيڪو ٿيڻ نه کپي ھا. ٻن کنوڻين جو ميلاپ ٿيو. تڏهن منھنجي عمر ارڙهن ورھيه ھئي ۽ سڪندر جي ويهه... ٻن کنوڻين جھڙا جسم، جن جي ٽڪراءَ سان ھڪ جو فنا ٿي وڃڻ اڻٽر ھو پر جوانيءَ جوڀن اڳيان انجام جنھن ۾ فنا ٿيڻ ھو، ڪنھن کي خبر؟ اسان ٻنھي جي ميلاپ تي آسمان مان زوردار آواز سان کنوڻين جو ٽڪراءُ ٿيو. شايد ان وقت ھڪ کنوڻ ڪنھن گمنام صحرا ۾ ڪري رک جو ڍير ٿي وئي، ڪافي دير گذري وئي، اسان ٻئي دنيا ۽ انجام کان بي نياز بس ھڪ ٻئي جي محبت ۾ محو ڪنھن سمنڊ جي تري تائين پھتاسين، جتي اسان جي نظرن ۽ آس پاس بس اسان کي ئي ڏٺو پئي ٻيو ڪجهه نه.
عشق به ڪيڏو نه عجيب ھوندو آھي، جڏهن ٻن پيار ڪندڙن کي ملائيندو آهي، تڏھن انھن کي ٻيو ڪير به نظر ناهي ايندو، ايئن خبر ئي ڪانه پئي ڪافي دير ٿي چڪي هئي.تقريبن شام ٿيڻ واري ھئي، مون سڪندر کي چيو:
“مونکي ھلڻ گھرجي.”
سڪندر مونکي پنھنجي ٻانھن مان آجو ڪندي چيو:
“بلڪل منھنجي راڻي ڪافي دير ٿي وئي آهي.”
مان فورن غسل خاني طرف وڃڻ لاءِ اٿيس پر مونکي پنھنجي جسم ۾
شديد تڪليف پئي محسوس ٿي. سڪندر سان ايترا ڪلاڪ بيڊ تي گذارڻ کان پوءِ مونکي ھاڻ تڪليف جو احساس ٿيو، جيڪو محبت جي مدھوشي ۾ محسوس ڪونه ٿيو ھو.آخر پاڻ کي سنڀالي وڃي ڪپڙا پاتم ۽ سڪندر کي چيم ته:
“وڃي ڏس ته منھنجي گهر جو تالو کليل آهي؟”
سڪندر ٻاهر وڃي ڏٺو ته منھنجي گهر جو تالو کليل ھو ۽ برسات سبب گھٽي به سنسان لڳي پئي هئي، سڪندر پنھنجي دروازي اندر پھچندي مونکي آڱر ۽ اکين سان اشارو ڪيو ته جلدي نڪري وڃان سو مون پنھنجو منھن چادر سان ڍڪي آس پاس نھاريندي پنھنجي گھر جو رخ ڪيو. دروازو کڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيم پر دروازو اڳ ۾ ئي کليل ھو منھنجي گھر اندر داخل ٿيندي ئي امڙ رڙ ڪندي چيو:“ڇوڪري ايتري دير ڪٿي ھئين تون...؟”
تنھن تي مون جواب ڏنو:“امان اھو ته مان توهان کان پڇڻ واري ھئس ته توهان ھيتري برسات ۾ ڪيڏانھن ھليا ويا اھو به ڪونه سوچيو ته مان ڪيڏانھن وينديس؟”
امان ورندي ڏيندي چيو ته:“مونکان ڳالهه ئي وسري وئي ته تنھجا پيپر پيا ھلن مان پويان گھٽيءَ ۾ رازل ڏانھن وئي ھئس، ماسي دائيءَکي وٺي ويچاريءَ کي سور ٿيا، ڪير ڪونه ھئس، پاڙي وارن کي نياپو ڏنائين ته رمشا ماءُ کي سڏي اچو، سو تڪڙ ۾ دائيءَ کي وٺي ويس ويچاريءَ کي مئل ڌيءُ پيدا ٿي. خير سٺو ٿيو نياڻي ھئي، پٽ ھجي ھا ته ڏاڍو ڏک ٿئي ھا.”
امان پنھنجي ڳالهه جاري رکندي مون کان سوال ڪيو ته: “تون ڪنھن جي گهر ويٺي ھئين ايتري دير...؟”
مان امان کي جواب ڏيندي چيو ته:“زينت جي گهر ٻيو ڪاڏي ويندس؟”
امان مطمئن ٿي وئي پر امان جي ان ڳالهه تي حيرانيءَ سان سوچڻ
لڳس ته: “ويچاريءَ کي مئل ڌيءُ پيدا ٿي، خير سٺو ٿيو نياڻي ھئي، پٽ ھجي ھا ته ڏاڍو ڏک ٿئي ھا...” سوچڻ لڳيس ته امان پاڻ به ھڪ نياڻي ۽ عورت آهي پر پوءِ به نياڻي جي مرڻ تي ڏک ڪونه ٿيس...!
شام ٿي چڪي ھئي منھنجي ڪيفيت ڪجهه عجيب قسم جي ٿي وئي هئي، سڪندر سان ميلاپ کان پوءِ منھنجي پوري جسم ۾ عجيب سور محسوس ٿي رهيو هو. مان ڪپڙا بدلائي وڃي مٿي ۾ سور جو بھانو ڪري ليٽي پيس، مون کي خبر ئي ڪانه پئي ته اڳلي ڏينھن جو صبح ٿي ويو هو. جڏهن امان مون کي ڌونڌاڙيندي چيو:
“ادي صبح جا اٺ ٿيا آهن، ڪھڙي ٽائيم ڪاليج ويندينءَ.”
مون امان کي چيو ته:
“امان ڪلهه آخري پيپر ھو، مھينو ڪاليج جي موڪل آهي، رزلٽ کڻڻ مھيني کان پوءِ ويندس.”
امان “ٺھيو...” چئي رڌڻي ۾ وئي. بابا صبح جو سوير ئي پنھنجي مٺائيءَ جي دڪان تي نڪري ويندو هو ۽ اسان ٻن ڀينرن کي ھڪڙو ڀاءُ ھو، جيڪو دبئي ۾ ڪمائڻ لاءِ ويو ھو. ٻئي مون کان وڏا ھئا. ادي زاھدہ جي شادي چار سال اڳ ٿي چڪي هئي ۽ ان کي ڪو ٻار ڪونه ھو، ويچاري علاج ڪرائي ٿڪجي پئي ھئي، سس جي طعنن صفا چريو ڪري ڇڏيو ھئس، تنھن ڪري منھنجي ڀيڻيوي الڳ گھر وٺي ڏنو ھئس، شايد ان ڪري جو ڊاڪٽرن ٻڌايو ھو ته خرابي ادا رفيق ۾ آهي. سو ھاڻ ادا رفيق ادي زاھدہ جو اڃان به وڌيڪ خيال رکندو هو. مان ان ڏينھن پنھنجي زندگيءَ جي تمام گھري ننڊ ستي ھئس، شايد ان ڪري به ته باقي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اھڙي سڪون جي ننڊ نصيب ڪونه ٿيندي...!
ايئن ڏينھن گذرندا رھيا ڪاليج جي موڪلن ڪري منھنجو سڪندر سان ڪو رابطو نه ٿي سگهيو.آخر ڪار رزلٽ وارو ڏينھن اچي پڳو، مان وھنجي سھنجي خوشيءَ وچان ڪاليج وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ۽ ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ھئي ته سڪندر سان ملاقات ٿيندي. ڪاليج ۾ تمام سٺو فنڪشن ٿيو مون ٽين پوزيشن کنئي ھئي.
مان ان ڏينھن تمام گهڻي خوش ھيس. موڪل ٿي ته ڪاليج جي گيٽ ٻاهران نھارڻ لڳس آس پاس ته سڪندر ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ڪافي دير بيھڻ کان پوءِ مون پري کان سڪندر جي دوست کي ڏٺو، جيڪو موٽر سائيڪل ھٿ ۾ جھلي ٻين دوستن سان ڪچهريءَ ۾ مصروف ھو. مون ويجهو ويندي سڏ ڪيو مانس ته:
“ادا بلاول ٿورو ھيڏانھن ته اچجو.”
منھنجي آواز تي بلاول فورن مون ڏانهن آيو، مون اتاولائيءَ مان سوال ڪيو ته: “سڪندر ڪٿي آهي؟”
بلاول حيران ٿيندي ۽ مون کي غور سان ڏسندي چيو:
“ڇو ادي توهان کي خبر ناهي ڇا؟”
اڃان ھو ڪجهه چوي مون وري جلدي ۾ پڇيو:
“ڇا جي ؟”
بلاول چيو ته:
“ادي تقريبن ويهه ڏينھن ٿيا آهن سڪندر وارا پنجاب لڏي ويا،
سندس مامي وارن ملڪيت جي حصي جو گهر سڪندر جي ماءُ کي ڏنو، سو ھتان لڏي ويا، ھُونئن به ھتي ته ڪرائي جو گهر ھئن.”
بلاول جو جواب ٻڌي منھنجي پيرن ھيٺيان زمين نڪري وئي، ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ آسمان مان ڪا کنوڻ منھنجي مٿان ڪري ھجي، جنھن مونکي ھڪ منٽ ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو ھجي، منھنجي نڙيءَ ۾ زبان اٽڪي پئي، ڪجهه دير اڳ واري خوشي اوچتو تڪليف ۾ بدلجي وئي، بلاول خبر ناهي ڇا ڇا چوندو رهيو پر مونکي سندس ھڪ لفظ به سمجهه ۾ ڪو نه ٿي آيو، ايئن لڳو ڄڻ مون تي سڪتو طاري ٿي ويو ھجي، مان مشڪل سان پنھنجا قدم کڻندي روڊ جي ھڪ پاسي ھلڻ لڳيس. جيئن ئي گھر واري گھٽيءَ وٽ پھچڻ واري ھئس ته منھنجي ڀرسان کان ھڪ اڇي رنگ جي ڪار زوڪاٽ ڪندي گذري ۽ اتي پيل گپ جا ڇنڊا منھنجي يونيفارم تي لڳي ويا مونکي خبر ناهي ڇو ايئن لڳو ڄڻ ان ڪار ۾ سڪندر ويٺو هو ۽ ان منھنجي ڪپڙن سان گڏ منهنجي جسم کي به گپ ھڻي ميرو ڪيو آھي.
ان ڏينھن خبر ناهي ڪيئن گھر پھتس، سڄي رات ڏک ۽ پريشانيءَ ۾ گذري. سڪندر جي بي وفائيءَ منھنجو اندر ئي اڌُ ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينھن تيز بخار ٿي ويو، ڪنھن کي ڪھڙي خبر ته مونکي ڇا ٿي ويو آهي، مان جيڪا ھر ڳالهه تي ٽھڪ ڏيندي ھئس، لاپرواهه ۽ بي نياز بڻجي ويس. سڪندر جي ايئن اوچتي ڇڏي وڃڻ سان منھنجي اندر جون خوشيون به مونکي ڇڏي ويون هيون. ايئن منھنجي بيماريءَ کي پندرهن ڏينھن گذري ويا، مون کي الٽيون ۽ مٿي ۾ چڪراچڻ لڳا. ھڪ ڏينھن ادي زاھدہ منھنجي رتُ جي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ اسپتال وٺي وئي ته آخر مونکي اوچتو ٿيو ڇا آهي؟
ٻن ڏينھن کان پوءِ ادي زاھدہ ادا رفيق کي صبح جو چيو ته:
“شام جو واپسيءَ تي رمشا جون رپورٽون کڻي اچجو.”
ادي زاھدہ، ادا رفيق سان گڏ ڪجهه ڏينھن کان اسان وٽ ئي ٽڪيل ھئي، امان منھنجي ڪري پريشان ھئي، ان ڪري ادي اسان وٽ ترسي پئي ھئي.
شام جو جيئن ئي ادا رفيق آفيس مان واپس آيو ته ادا جو منھن ڪاوڙ مان ڀريل هو. ادا ھٿ ۾ جھليل لفافو ادي زاھدہ کي ڏيندي چيو:
“ھي ڏسُ تنھنجي دادلي ڀيڻ ڪھڙا ڪارناما ڪيا آهن ؟”
ادي زاھدہ ادا رفيق کي چيو: “خير ته آهي ؟”
ادا ڪجهه چوڻ کان بغير ڪمري ۾ ھليو ويو، امان پريشانيءَ ۾ ادي کي چيو: “جلدي ٻڌاءِ ڇا ٿيو آهي ؟”
منھنجي به سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه آيو ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ اديءَ لفافو کولي رپورٽ پڙهي حيران ٿي وئي. ڏک ڪاوڙ ۽ تڪليف واري لھجي ۾ چوڻ لڳي: “امان ھي ڇا ؟ رمشا پيٽ سان آهي... !”
اھو ٻڌي امان وائڙي ٿي وئي ته اوچتو ھيءَ ڪھڙي قيامت اچي ڪڙڪي.
مونکي سمجهه ۾ اچڻ لڳو ته اھو سڀ ڪجهه ان ڏينھن جو نتيجو آهي.
امان چوڻ لڳي: “ڇوري ڪٿي ڪارو منھن ڪرايو اٿئي، جيڪر پيدا ٿيندي ئي مري وڃين ھا ته اڄ ھي ڏينھن ڏسڻا نه پون ھا.”
اڄ مون کي امان جي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ان ڏينھن رازل جي پيدا ٿيل مئل ڌيءُ تي امان ايئن ڇو چيو هو ۽ مان سوچڻ لڳس ته ڪاش مان پيدا ٿيندي ئي مري وڃان ھا ته سٺو ٿئي ها، امان کي ھيءَ تڪليف ۽ بدنامي نه ڏيان ها، ادي مونکي ٻانھن کان جهلي ٻئي ڪمري ۾ وٺي وئي ۽ چوڻ لڳي: “سچ ٻڌاءِ،ڪنھن سان ھي سڀ ڪجهه ڪيو اٿئي.”
مون ادي زاھدہ کي ان ڏينھن سڪندر سان ملڻ واري پوري ڳالهه ڪري ٻڌائي، ادي زاھدہ مونکي ڪمري ۾ ويھڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ امان کي ان ڪمري ڏانھن وٺي وئي، جتي ادا رفيق ويٺو هو، ڪلاڪ کن ڳالهائڻ کان پوءِ، ادي مون کي ٻانھن کان جهلي چوڻ لڳي: “پنھنجا ڪپڙا کڻ ته منھنجي گهر ھلون ٿا.”
امان جيڪا ڏک ۽ تڪليف وچان زارو قطار روئي رھي ھئي، تنھن کي ڏسي منھنجي دل ۾ ڌڪ لڳڻ لڳا، ادي امان کي چيو: “ان کان پھرين جو بابا اچي اسان نڪرون ٿا”
ادا رفيق جي ڪار ٻاهر گھٽيءَ ۾ بيٺي هئي، سو ادا بيگ ۽ ٻيو سامان کڻي ڪار ۾ رکيو، ادي مونکي ٻانھن کي ڇڪيندي چيو:“ھل ھاڻي ويهه گاڏيءَ ۾.”
مان ڪنڌ ھيٺ ڪري امان کي ڏسڻ کان بغير ڪار ۾ وڃي ويٺي ھئس. ايئن ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ادي زاھدہ جي گهر پھتاسون. رات جا تقريبن ڏهه ٿيڻ وارا ھئا. مان وڃي ادي زاھدہ جي ڀر واري ڪمري ۾ ليٽي پيس، ڏک ۽ تڪليف مونکي عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. ادي زاھدہ جو ننڍو ڏير راول به اديءَ سان گڏ رھندو ھو، رات ڪافي گذري چڪي ھئي پر ٻئي ڪمري مان ادي زاھدہ ۽ ادا رفيق جو آواز اچي رهيو هو، شايد مون بابت ئي ڳالهائي رھيا ھئا. ايئن رات گذري وئي پر منھنجي اک ڪونه لڳي، بس فقط ان ڏينھن سڪون جي ننڊ آئي هئي، جڏهن سڪندر سان ملي آئي ھئس، باقي زندگي اوجاڳا ڪرڻ لاءِ ڪٽي هئي، اڳلي ڏينھن شام منھنجو ۽ راول جو مڱڻو ڪرائڻ لاءِ امان بابا ۽ ادا رفيق جا سڀ گھر وارا آيا ادي منھنجي لاءِ نئون وڳو به گھرايو.
ادي ڪمري ۾ آئي ۽ مونکي چوڻ لڳي ته منھنجي ڳالهه غور سان ٻڌ تنھنجي پيٽ جي خبر صرف مونکي امان کي ۽ رفيق کي آهي، مان تنھنجو مڱڻو راول سان انڪري ڪرائي رھي آھيان جو جيئن ئي توکي ٻار ٿيندو اھو مان پالينديس ۽ مون سڀني کي ٻڌايو آھي ته مان پيٽ سان آهيان، ٻار پيدا ٿيندو ۽ جيئن ئي تنھنجي طبيعت ٺيڪ ٿيندي ته تنھنجي شادي راول سان ڪرائينديس. بابا ۽ ٻين مائٽن کي چيو اٿم ته رمشا مون سان رھندي جيستائين مونکي ٻار پيدا ٿئي.”
مان ادي کي ڇا جواب ڏيان ها، مان ته پنھنجي زندگي جا سمورا سوال سڪندر کي سونپي چڪي ھئس ۽ ھاڻي پاڻ ھڪ جواب بڻيل ھئس، سڀني لاءِ آخري جواب، ايئن نوَ مھينا گذري ويا ۽ مون ھڪ پٽ کي جنم ڏنو. ادي زاھدہ ان جو نالو ھالار رکيو ۽ ڪجهه مھينن کان پوءِ منھنجي شادي راول سان ٿي. شادي جي ڏھن مھينن کان پوءِ مون کي ھڪ ڌيءُ پيدا ٿي، جنھن تي مان ڏاڍو رنس، شايد پنھنجي ٿيل شڪست تي، ايئن سال گذرندا ويا، سڪندر جو ڪو پتو ڪونه پيو. ھالار ۽ سسئي وڏا ٿي چڪا هئا. اڄ ساڳئي ڏينھن جھڙو ڏينھن آهي.
ھالار تقريبن ويهه سالن جو ٿيو آهي ۽ سسئي ارڙهن سالن جي،ڪافي دير ٿي چڪي آھي، برسات گھٽجڻ جو نالو ئي ڪانه پئي وٺي مان سسئي ۽ ھالار جي انتظار ۾ ورانڊي جا چڪر ڪاٽي رھي ھئس، آسمان ڏانھن نھار ڪيم ته ڪارن ڪڪرن سج کي سوگهو ڪري، ان جي منھن کي لڪائي ڇڏيو ته متان سج انھن کي پگھاري نه وجهي. ان ڊپ کان ايئن در تي ڪار جي ھارن جو آواز آيو مون ڊوڙ پائي وڃي گيٽ کوليو ته ھالار ۽ سسئي ٽھڪ ڏيندا گھر اندر داخل ٿيا. ھالار مونکي خالا چوندو هو، ڪنھن کي به خبر ڪانه هئي ته ھالار کي مون جنم ڏنو آھي. ادي زاھدہ سان گڏ گھر ۾ رھڻ ڪري ھالار ۽ سسئي ٻنھي کي مون پاليو، مون سسئي کان پڇيو:“ايتري دير ڪٿي لڳائي توهان، مان ڪيترو پريشان ھئس.”
ھالار جواب ڏنو: “خالا برسات ۾ گھمڻ جو مزو ئي پنھنجو آهي،سو اڄ اسان ڏاڍو خوش آهيون ۽ خالا ان خوشيءَ جو اظهار توهان سان ڪندس ته سسئي جو ھٿ منھنجي ھٿ ۾ ڏيو.”
اھو ٻڌي منھنجي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، آسمان مان زوردار آواز سان کنوڻيون ٽڪرايون ۽ ھڪ کنوڻ منھنجي وجود تي ڪري جنھن مونکي رکُ ڪري ڇڏيو .
****
ڳولا
هن ننڍپڻ کان وٺي خدا جي باري ۾ گھڻو ڪجهه ٻڌو هو ته سڄي دنيا خدا جي حڪم مطابق هلي پئي ايتري قدر جو ڪک به خدا جي حڪم بنا نٿو چُري هيءُ ڪم به خدا جي حڪم مطابق ٿيو هوندو، هو ڪم به خدا جي رضا مطابق ئي ٿيو هو. هونئن ڪرڻ ۾ به خدا جي مصلحت هئي، هيئن ڪرڻ ۾ به خدا جي ئي حڪمت آهي، ھِن ظالم تي به خدا ڏمرجي پيو هوندو ۽ ھُن جابر جو به خدا ئي انت آندو آهي. هُن کي دربدر ڪرڻ وارو خدا ئي هو، ھِن کي به گداگر خدا ئي بڻايو آھي. سانڀر ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ھن خدا جي باري ۾ ايترو ته ٻڌو ھو جو هن جي اندر ۾، خدا سان ملڻ ۽ ڳالھائڻ جي خواھش ٿي ۽ اھا ھر پل وڌڻ لڳي ۽ پوءِ ھرگذرندڙ گهڙيءَ اھا خواھش شديد ٿيندي وئي ھئي. هن خدا کي ڳولھڻ شروع ڪيو. خدا ڪٿي ملندو؟ مسجدن، مندرن، ٽڪاڻن، گرجائن، گُردوارن، درٻارن، درگاھن، خانقاھن، مڙھين ۽ مزارن منجهان هڪڙو ئي ڏس، بار بار پئي مليس ته“عبادت ڪر، خدا پاڻ ئي ملي پوندو.”
اچي عبادتن مٿان عبادتون ڪيائين، اهڙو ڪو به طريقو نه ڇڏيائين، جنھن جو ڏس هن کي نه مليو هجي ۽ هن عبادت نه ڪئي هجي پر تنھن جي باوجود به خدا نه پئي مليس، مايوسي محسوس ڪيائين ۽ پنھنجي خواھش جي تڪميل لاءِ پنھنجو حسين جوڀن به وڃائي ڇڏيو هيائين. هاڻ ته ڪارن جي جاءِ تي اڇا وار قابض ٿي چڪا هئس پر تنھن هوندي به خدا سان ملڻ واري خواھش، سيني اندر سانڍي، خدا جي ڳولا منجهه جھنگ جھر پيو رلندو هو ۽ آخرڪار اھو به سمجھي ورتو هيائين ته عبادتن سان ڪو به خدا نٿو ملي. ھاڻ ھن نئين سر خدا جي جستجو ڪرڻ شروع ڪئي. هڪ هنڌ ويهي عبادتون ڪرڻ جي بدران، هن خدا کي ڳولڻ وارا عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا. ورھين کان ھلندڙ ھن جي تلاش ۽ تڙپ کي زماني به محسوس ڪري ورتو ھو. شايد اھوئي سبب ھو جو ڪجهه عرصو گذرڻ بعد، هن کي سڄو لوڪ “درويش” جي نالي سان سڏڻ لڳو. اھو لقب ڏيندڙن ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هوندو، جيڪو هن ڏانھن ڏسي کليو نه هجي ۽ ھن لاءِ چٿر، طنز يا ٽوڪ نه ڪئي ھجي. ھن لاءِ عجيب ۽ غريب ڳالهيون نه ڪيون هجن، بس هر فرد جي وندر جو سامان بڻجي چڪو هو. هن کي ايندي ويندي ڏسي ماڻهو مٿس ٺٺوليون ڪندا هئا ۽ بار بار اهو ئي پڇندا هئس ته :
“خدا سان ملي آئين يا نه؟”
“خدا ڇا پيو چوي؟”
“خدا ڏسڻ ۾ ڪيئن هو؟”
“ڇڏ درويش ! توسان ۽ خدا ملندو... وڃ، ڪو ٻيو ڪم ڪار ڪر.”
“اهڙيون اڻ ٿيڻيون آسون من منجهه سانڍي قيمتي وقت نه وڃاءِ.”
هر ماڻهوءَ جو اھو خيال ھو ته خدا سان ملڻ سولو ناهي ۽ نه ئي اڄ تائين، خدا ڪڏھن ڪنھن سان مليو آھي. ڪجهه اھڙا ماڻھو به ھئا جن جو خيال ھو ته خدا ته خوشبوءِ جيان آھي، جنھن کي محسوس ڪري سگھبو آھي پر ڏسي ڪين ٿو سگھجي، خدا ته گھلندڙ ھِيرمثل آهي، جنھن کي پنھنجي بدن سان ٽڪرائيندي محسوس ڪري سگھجي ٿو. اھي سمورا ماڻھو، ڪي ٿورو ته ڪي گهڻو، طنز، مزاق، ڀوڳ ۽ مسخري ڪندا رهيس، پر تنھن هوندي به هن جي زبان تي ھميشه اھي ئي سوال ھوندا ھئا ته:
“ڇا اوھان مان ڪنھن خدا کي ڏٺو آھي؟”
اھڙا سوال جن کي ٻڌندي ئي ماڻهو کل ۾ کيرا ٿي پوندا هئا ۽ بس اهو ئي چوندا هئس ته:
“درويش ! تون ته صفا چريو ٿو لڳين.”
خدا جي تلاش ۾ ڪشالا ڪٽڻ جي باوجود به ڪٿان ڪو خدا سان ملڻ وارو گس نظر نه آيس.آهستي آهستي پنھنجي خواھش کي چڪناچور ٿيندي ڀائنيائين ۽ دلشڪسته ٿيندي، پنھنجي منھن روئڻ پٽڻ لڳو ھو ۽ بڪواس لڳڻ لڳس اھو قول ته “همت مردان مدد خدا” ڇاڪاڻ ته هن پنھنجي عمر جا پنجونجاهه سال انھي ئي اميد ۾ گذاريا هئا ته خدا سان ملندس ۽ خدا کان پنھنجو رهيل حساب گهُرندس پرخدا سان ملڻ جي پنڌ ۾ ڪنھن به مدد ڪين ڪئي ھئس. هڪ ڏينھن اوچتو ڪنھن گهِٽِيءَ منجهان گذري رهيو هو ته گيڙو رنگ واري چادر ڪلهن تي ويڙهيل شخص جي نگاهه پئجي ويس، جنھن هن جي باري ۾، ماڻهن جي واتان ٻڌو هو ته هتڙي ڪو درويش اهڙو به رهي ٿو جيڪو رات ڏينھن خدا سان ملڻ واريون ڳالهيون ڪندو رھي ٿو.
گيڙو رنگ واري چادر پھريل اھو شخص، اهو معلوم نه ڪري سگھيو هو ته ھيءُ درويش ڪٿان جو آھي؟ ڪير مڙس آھي؟ آخر خدا سان ملڻ ڇو ٿو چاهي؟ هڪل ڪندي، پاڻ طرف، اچڻ جو اشارو ڪيائين.جيڪو درويش ٻڌي ورتو ۽ بنا ڪنھن دير جي اچي اڳيان حاضر ٿيو.
پڇيائين ته: “خدا سان ٿو ملڻ چاهين نه؟”
“جي جي پر...؟”
“اچ ته توکي خدا سان ملايان.”
درويش جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيائين.
درويش ائين ٿي ڀانيو ڄڻ وڃايل جواني واپس ملي وئي هجيس،
خزان جي مند ۾ بهار محسوس ڪرڻ لڳو ھو.خوشيءَ خوشيءَ انهيءَ اڻڄاڻ شخص پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڪيڏو نه عجيب منظر هوندو آھي، جڏهن ڪو اڻڄاڻ شخص اڌورن خوابن جي ساڀيان جا آسرا ڏئي اڻڄاڻ هنڌ ڏانھن وٺي ويندو آھي ۽ انسان بنا ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جي خوشيءَ خوشيءَ ان اجنبيءَ جي پٺيان لڳي پوندو آھي، شايد ان ڪري ته ان ويل انسان پنھنجي خواهش جي تڪميل جي ديوانگيءَ سبب اھڙو بتال ھوندو جو کيس فريب به حقيقت لڳندو آھي.
ڪافي پيدل سفر طئي ڪري، آخر نيٺ هڪ سنسان ھنڌ تي ڪنھن آستاني تائين پهتا، جتي ھڪڙو وڏو مَنھُن ٺھيل ھو، ان مَنھنَ جي مٿاهين جاءِ تي ھڪ وڏي تختي لڳل ھئي جنھن تي “حق موجود سدا موجود” جا لفظ لکيل ھئا. ويران جاءِ تي منھَنَ ۾ ٺھيل آستاني کي غور سان ڏسڻ لڳو ۽ سوچن منجهه غرق ٿيندي دل ۾ چوڻ لڳو:
“خدا هت ڪيئن ٿو رهي سگھي؟ خدا دنيا جا عاليشان محل ماڙيون ڇڏي، هن جهوپڙي منجهه پنھنجو جيون ڪيئن گھاريندو هوندو، جڏهن ته هو سڀني جو پيدا ڪندڙ مالڪ آهي ۽ هن جي اشاري سان زمين ۽ آسمان قائم آھن. هر شئي ان ئي خدا جي حڪم جي تابع آھي، تنھن جي باوجود به ايتري سادگيءَ سان پنھنجو جيون اهڙي ويراڳيءَ واري ماحول منجهه ڪيئن ٿو گھاري سگھي، سو به ھڪڙي ڪکائين جھوپڙي منجهه...!؟”
ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيس ۽ اڻ ڳڻيا سوال ذهن جي اسڪرين تي اڀري اڀري ٿي آيس، جن جي جوابن لاءِ ھتي وٺي ايندڙ شخص سان مخاطب ٿيو: “ڪٿي آھي خدا ... ؟”
”صبر ڪر ٻڌايانءِ ٿو، پر ان کان اڳ، منھنجو ھڪڙو شرط قبول ڪرڻو پوندءِ.”
پريشانيءَوچان پڇيائين: “ڪهڙي شرط ... ؟”
”شرط اھو آھي ته پھرين اھو ٻُڌاءِ خدا سان ملڻ ڇو ٿو چاهين...؟”
”خدا ڏي منھنجو حساب رهيل آھي...”
سينور چڙھيل مٽ منجهان جست جي گلاس ۾ پاڻي ڀريندي پڇيائين: “ڪهڙو حساب؟”
بس ڇڏي ڏيو انھي ڳالهه کي، اهو ٻڌايو ته خدا ڪيڏي مهل ايندو ..؟”
گلاس هن طرف وڌائيندي چيائين:
“ڏس درويش ! مان توکي ايئن ڪونه ٻڌائيندس خدا جي باري ۾، جيسيتائين تون مونکي اهو نه ٻڌائيندين ته خدا سان ڇو ٿو ملڻ چاهين ۽ خدا ڏي تنھنجو ڪهڙو حساب رهيل آهي.”
هڪ ئي ساهيءَ منجهه پاڻيءَ جو گلاس پيئندي وراڻيائين:
“خدا مون سان وڏا ظلم ڪيا آهن، زندگيءَ جي وک وک تي مون لاءِ اذيت جو ڪارڻ بڻيو آھي. ھن مون سان ايئن ڇو ڪيو، مون ھن جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو... تون ئي ٻڌاءِ ته مون خدا جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو، جنھن جي ايڏي وڏي سزا مون کي ملي ۽ اڃان تائين پل پل ملندي رھي ٿي. ڪافي سارو منھنجو حساب خدا ڏانھن رهيل آھي، جنھن کي اڄ چُڪتو ڪري پوءِ ئي ھتان ويندس.”
ائين چئي درويش خاموش ٿي ويو.
”اهو وري ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته تنھنجو ڪو حساب خدا ڏانھن رهيل هجي؟”
درويش، ڪلهي تي پنھنجائپ وچان هٿ رکندي چيس:
“ڇو اھو ڇو ڪونه ٿو ٿي سگهي؟ ڇا خدا جي حڪم بنا ڪو ڪک چري سگھي ٿو؟، خدا هر شئي تي قدرت رکندڙ آهي، جيڪو ڪجهه هن جهان ۾ ٿئي پيو، سو خدا جي رضا مطابق ئي آهي. اوهان کي منھنجو ڪيس ڪيئن سمجهه ۾ ايندو جو ان ڪيس ۾ خدا کي صفائي پيش ڪرڻي آھي ڇو ته جنھن مون کي هن دنيا منجهه دربدر ۽ ذليل ڪيو آھي، توھان ھن جي وڪالت ڪيئن ٿا ڪري سگهو، جڏھن ته توھان کي منھنجي فرياد جي ڪا خبر ئي ڪانھي. توھان مون کي مھرباني ڪري اھو ٻڌايو ته خدا ڪيڏي مهل ايندو؟”
“آخر خدا توسان ڪهڙا ظلم ڪيا آهن؟”
“خدا مون کي يتيم پيدا ڪيو، ايتري قدر جو پنھنجي پيءُ کي به اکين سان ڏسي نه سگھيس. منھنجي پيدائش کان اڳ بابي کي، امان جي ڀائرن هٿان مارائي ڇڏيائين. جي خدا چاهي ها ته مان پنھنجي والد کي ڏسي سگھان ها ۽ ان سان راند روند به ڪري سگهان ها... جنھن جو پيءُ سلامت ھوندو آھي، ان ٻار کي محروميون ماري ناھن سگهنديون.”
“تنھنجي والد کي تنھنجي مامن ڇو ماريو؟”
مامن جا ته ھٿ ھئا، پر ماريو ته خدا ئي ھو، ڇو ته خدا ئي زندگي ۽ موت ڏيندو آھي...”
“چڱو، خدا ئي تنھنجي پيءُ کي ماريو، پر ڇو ڪهڙو گناهه ڪيو هو تنھنجي پيءُ ...؟”
“ڇو جو هن منھنجي امان سان پريت چاهت ڪئي هئي ۽ ان سان پسند جي شادي ڪيائين.”
“ان ۾ غلط ڪهڙو عمل آھي، سٺو ئي ته ڪم هو.”
“ها پر منھنجو والد ڀيل (غير مذهب) هو ۽ امان مسلمانن جي ھڪڙي معزز خاندان جي حسين عورت هئي، ان ڪري هن سان ڪورٽ ميريج ڪيائين، جيڪا ڳالهه شايد خدا کي پسند نه آئي ۽ منھنجن مامن هٿان منھنجي والد کي مارائي ڇڏيائين ڇو ته خدا جي حڪم بنا ڪو به ڪم نٿو ٿئي، خدا هر شئي تي قادر آهي.”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”
روئڻهارڪي آواز ۾ ھن چيو:
“پوءِ ڇا ٿيندو، اهو ئي جيڪو خدا پيو چاهي، منھنجي ماءُ منھنجي والد صاحب جي موت کان بعد هن دنيا منجهه پھرين بيواهه ٿي، اجهي ۽ ڳڀي لاءِ سرگردان ٿي، ماڻھن جي گهرن ۾ ڪم ڪيائين، ٿانو ٻھاري ڪندڙ عورت لاءِ مردن جو خيال ھوندو آھي ته اھي ته ڄڻ مال غنيمت ۾ آيل ڪي ڪنيزون آھن. منھنجي ماءُ جي عزت تي حملا ٿيا ته پورھيو ڇڏائجي ويس. آخرڪار گداگر بڻجي ڀٽڪندي رهي، زندگيءَ ۾ بنان ڪنھن سهاري جي جيئڻ اڄ به عورت لاءِ ناممڪن آھي، سو منھنجي ماءُ لاءِ زندگي، ڪو صحرا بڻجي وئي. مٿان باهه جي گولي جھڙو سج ۽ ھيٺ تتل واري. خدا ڪنھن حسين عورت کي بازار ۾ آسانيءَ سان پنڻ جي اجازت به نٿو ڏئي...”
درد اوڇنگار بڻجي درويش جي ڳلي مان رسا ڇنائي نڪري آيو ۽ ھو اڳتي ڪجهه ڪڇي ڪين سگھيو.
“ڇا مطلب ...؟”
“مطلب اهو ئي ته منھنجي مظلوم امڙ کي رڳو پنھنجي لاءِ ته جيئڻو ڪونه ھو، مون کي به ته پالڻو ھئس. جڏھن ٻچو بيمار ٿي پئي ۽ گداگريءَ جي ڪمائيءَ مان دوا خريد نه ٿي سگهي ته پوءِ بازارن ۾ گداگري ڪندڙ ھڪ ڏينھن بازار جو وکر ٿيڻ تي مجبور ٿيندي نه؟ يا مان غلط ٿو چوان؟ منھنجي ماءُ به ھٽ جي مٺائي بڻجي وئي. ڪافي سال منھنجي بقا لاءِ منھنجي امان اهو دڳ اپنايو .... ايترو ئي نه مون کي ته اهو به سڀ ڪجهه اڃا تائين ياد آھي ته لولي ڏيندي امان خدا کي بار بار اهو ئي چوندي رهندي هئي ته “اي مالڪ ! تون ٻاجهه ڪر، اي مالڪ تون مون تي ۽ منھنجي جيتامڙي ٻچڙي تي ٻاجهه ڪر.” پر تنھن هوندي به خدا اسان تي ڪو رحم نه ڪيو ۽ وک وک تي اذيت بخشيندو رهيو ۽ هڪ ڏينھن منھنجي امڙ انھن اذيتن ۾ دم ڏيندي، مون کان هميشه لاءِ وڇڙي وئي ۽ انهيءَ ۾ به شايد خدا جي خوشي هئي ...؟۽ مان اڪيلو ٿي پيس ماڻهو مون کي شايد خدا جي خوشنوديءَ خاطر “رنڊيءَ جو پٽ”سڏيندا هئا پر هڪ ڏينھن آپا مون کي هتڙي وٺي آئي، جتي ڪير به سڃاڻپ وارو ڪونه ٿي مليو ۽ نڪي ڪنھن “رنڊيءَ جو پٽ” ٿي سڏيو. ھڪڙو وقت آيو ته مان اسڪول ۾ داخل ٿيس. شام جو مدرسي پڙھڻ به وڃڻ لڳس. ٻنھي ھنڌن تي مون کي ٻڌايو ويو ته “سڀ ڪم خدا جا آهن، جنھن کي چاهي عزت ڏئي، جنھن کي چاهي ذلت ڏئي ...پوءِ خدا جي ڳولا ڪرڻ شروع ڪيم ۽ نيٺ تنھنجي مدد ساڻ هتي خدا جي آستاني تائين پهچي ويس، تون ٻڌائين ڇو ڪو نه ٿو ته خدا ڪهڙي وقت ايندو ...؟”
“اها آپا ڪير هئي، جا توکي هن جُوءِ ۾ ڇڏي وئي؟”
“آپا منھنجي امان سان گڏ ڌنڌو ڪندڙ طوائف هئي، جنھن امڙ جي وڇڙڻ بعد مون کي پاليو هو.”
“خدا ڪيڏي مهل ايندو؟” درويش وري اتالو ٿيندي پڇيو.
“ڪير خدا؟ ڪهڙو خدا؟ انسان خود خدا آهي، تون پاڻ پنھنجو خدا آهين، درويش ! تو اڄ تائين ڪڏھن پسيو آھي خدا کي، نه ڪڏهن به نه، سڀ ڪجهه انسان ئي ڪندو آھي، ان ڪري انسان ئي خدا آھي، تون پنھنجو رهيل حساب ڌرتيءَ تي رهندڙ خدائن سان ڪري سگھين ٿو، جيڪي تنھنجا ازلي ڏوهي آهن، جن توکي هن معاشري ۾ جيئڻ جي لائق نه ڇڏيو.”
****
سائيڪل وارو
ان وقت هُن جي عمر يارنھن سالن جي لڳ ڀڳ ھئي، هوُءَ آهستي آهستي بلوغت جي سرحد تي پهچڻ لڳي هئي، سندس ڇاتيءَ تي خوبصورت اڀار اچي ويو ھو، هوءَ اوڙي پاڙي جي سڀني ڇوڪرين کان ذھين ھوندي ھئي. سڄي پاڙي ۾ پنھنجي خوبصورتي، ذھانت ۽ رحمدلي جي ڪري مشهور ھئي، هوءُ ڪڏهن اهو ڪونه سمجهندي هئي ته ڪا سندس ٻاراڻي عمر اڪري پئي. ماءُ جون رڙيون ۽ سمجهاڻيون ته“او امان ! هاڻ تون وڏي پئي ٿئين ايئن ٻاهر نه ويندي ڪر، مٿي تي ڪو رئو رکُ.” پر هوءَ ايندي ويندي ھر ڪنھن جي گهر ۾ پئي گهمندي ھئي.
ڪڏهن ماسي نوران سڏ ڪندي ھئس ته“او امان ياسي مٿي کي سير ته ڏي، مار پوي جوئن کي مٿو ئي کائي ڇڏيو اٿن، کنھي کنھي مٿي ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن.”
ڊوڙ پائي وڃي ماسي نوران جي مٿي ۾ اھڙي سير ڏيندي ھئي جو ماسيءَ کي ننڊ وٺي ويندي هئي، ايئن ڪڏهن ريل جي ڦاٽڪ تي ٺهيل قاسم چاچا جي زال کان سئيٽر اڻڻ سکڻ ويندي هئي، ڪڏهين ادي شاھدہ سان گھر جي ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي ۽ ھوءَ بدلي ۾ کيس سلائي سيکاريندي ھئي، پنھنجي گهر ۾ به ماءُ جو ھر ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي ھئي، جنھن ڪري سڄي ڳوٺ ۾ سگھڙ جي نالي سان سڏيندا ھئس. اسڪول ۾ به ماسترياڻيون ھن جي سٺي سڀاءُ ڪري تعريف ڪنديون ھيون. هوءَ شرارتون به جام ڪندي ھئي، بھادر به حد کان وڌيڪ ھئي.
رستي ويندي جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڪجهه چوندو ھئس ته مردن جيان ان سان مھاڏو اٽڪائيندي ھئي ۽ گاريون ڀونڊا ڏئي، جهيڙا ڪندي، ٽھڪ ڏيندي، بنان ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ٺينگ ٽپا ڏيندي گھر ايندي هئي، گھر جو سودو سامان به پاڻ وٺي ايندي هئي.
ايئن ئي ھڪ ڏينھن دڪان تان سودو وٺي واپس اچي رھي ھئي ته پويان کان ڪنھن سائيڪل واري گھنٽي وڄائي، ھن بي اختيار پوئتي مڙُي سائيڪل واري ڏي نھاريو. سائيڪل تي سندس پاڙي واري مسجد جو مؤذن ملان جُوسو هو. جيئن ئي هنُ جي سائيڪل واري ملان تي نظر پئي ته ملان جُوسي هن کي متوجهه ٿيندو ڏسي، پنھنجي قميص مٿي ڪئي. هنُ ڏٺو ته ملان جُوسو کيس پنھنجو جنسي عضوو ڏيکاري رهيو هو. ھيءَ اھو سڀ ڪجهه ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ تيزيءَ سان ڊوڙندي، سھڪندي اچي گھر پهتي، گهر پهچي سندس دماغ گهمڻ لڳو ۽ چهري تان پگهر ريلا ڪري وهڻ لڳُس. هوُءَ ڏاڍي بي چين ٿي پئي ھئي. ھر ھر ھن جي اڳيان ملان جوُسي جو چھرو ۽ قميص ھيٺيان لڪيل عضوو ياد پيو اچيس، هوُءَ ڪافي پريشان هئي ٻه ڏينھن ته گهر کان ٻاهر ئي ڪونه نڪتي، نه ڪو وري اسڪول وئي. ٽئين ڏينھن ماسي نوران ڀت تي چڙهي آواز ڏنس: “او امان ياسي ڪٿي آهين اچُ مٿي تي سيرته ڏي.”
ياسي ھائو چئي ماسيءَ ڏانھن وئي، سير ڏيڻ مھل رکي رکي ھن جي دماغ ۾ ملان جوسي جو چهرو ۽ سندس قميص هيٺيان لڪيل عضوي جو خيال اچي رهيو هو، ھن کي سمجهه نه پئي آيو ته آخر اهو ڇا هو.
ملان جوسي آخر پنھنجو جنسي عضوو شلوار کان ٻاهر ڇو ڪڍيو ھو؟ ھن جي ننڍڙي دماغ ۾ سوالن جو طوفان ڇوليون هڻي رهيو هو.
ھن ماسي نوران کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ پئي چاهيو پرڇا ۽ ڪيئن ٻڌائي، سمجهه ۾ ڪجهه ڪونه ٿي آيس، کيس خيالن ۾ گم سم ڏسي ماسي نوران چيس: “امڙ ڪٿي ڌيان اٿئي؟ اڄ سير به سهي ڪونه پئي ڏين.”
هن جان ڇڏائڻ لاءِ چيو: “بس ماسي اڄ ٿڪجي پئي آهيان، سڀاڻي سٺي سير ڏينديسانءِ.”
“چڱو چڱو امڙ تون آرام ڪر، سڀاڻي اچجان ۽ ھا امڙ چاڏيءَ ۾ تنھنجي لاءِ ڏڌُ ۽ مکڻ چاڻو رکيو اٿم سو کڻي وڃ.”
ماسي نوران جنھن وٽ ٻه مينھون ھيون. ھڪ مينھن جو کير وڪرو ڪندي ھئي ۽ ھڪ مينھن جي کير مان گھر وارن کي ڏيندي ھئي ۽ ڪجهه کير چاڏيءَ ۾ ڌوئنرو ٺاهي صبح سوير ڏُڌ ولوڙي مکڻ ڪڍندي ھئي. اوڙي پاڙي وارا به ماسي کان ڏڌُ وٺڻ ايندا هئا، سو ڏڌُ ۾ پاڻي وجهي ڇڊو ڪري ڏيندي ھئن، پر ياسي ته ماسي ۽ ٻين سڀني جي دادلي ھئي سو ياسيءَ لاءِ چاڏيءَ ۾ ئي گھاٽو ڏڌ ۽ مکڻ چاڻو رکندي ھئي. ياسي، ماسي نوران کان ڏڌ مکڻ کڻي گھر پهتي، پر دماغ ۾ ساڳي ملان جوسي جي تصوير بار بار پئي اچيس، کيس اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ملان جوسو جيڪو مسجد جو مؤذن آهي، سڀُ سندس وڏي عزت ڪندا آهن، ان ايئن ڇو ڪيو؟خيالن ۾ اهو ڏينھن گذري ويس، ٻئي ڏينھن جيئن ئي ماڻھنس جي چوڻ تي ياسي بيبو جي ھٽ تان سودو وٺي روڊ جي پاسي کان اچي رهي هئي ته ساڳو منجهند جو ٽائيم ھو ته وري پويان کان سائيڪل جي گھنٽي وڳي ھن جيئن ئي پوئتي مڙي ڏٺو ته وري ساڳي طرح سائيڪل تي ملان جوسو سوار هو، جنھن ساڳي طرح قميص مٿي ڪئي، اهو ڏسي ھن ڊوڙ پاتي ھن جي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي، ھڪ اڻڄاتل خوف هو، جيڪو ھن کي وڪوڙي ويو هو، ٿورو اڳتي پهچي پويان ڪنڌ ورائي ڏٺائين ته ماڻهو سائيڪل سوار کي “مولانا سائين” ڪري سلام پيا ڪن. ھن ڪجهه لمحن لاءِ اھو لقاءُ ڏٺو.
پوءِ تيز ڊوڙندي گھر پھتي، اڄ اڳ کان به وڌيڪ ھن جي طبيعت عجيب ٿيڻ لڳي، ھن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آخر ھوءَ ڪنھن سان اھا ڳالهه ڪري ۽ ڪيئن ڪري ان سوچن ۾ اڄ ھوءَ قاسم چاچا جي گھرواريءَ ڏانھن به ڪونه وئي ايئن سوچيندي بي چينيءَ ۾ رات ٿي وئي. ماڻھنس چيو: “ياسي تو اڃا تائين ماني ناهي کاڌي.”
ھن منھن مٿان رلي اوڍيندي وراڻيو: “امان بک ناهي.”
ماڻھنس پڇيو: “ڇو خير ته آهي؟ طبيعت ته ٺيڪ اٿئي نه؟”
ياسي: “ھا امان ٺيڪ آھيان، بس بک ناهي لڳي.”
ڪافي رات گذري چڪي هئي، پر ھن جي اک ڪانه لڳي، ھن جي اکين سامهون اهو ئي ڏينھن وارو منظر پئي ڦريو. کيس بار بار ملان جوسي جو ڪارو رڇ جھڙو ھيبت ناڪ چھرو ياد پئي آيو. سوچيندي لڇُندي، ڪڙهندي آخر صبح ٿي ويو پر ھن جي اک ڪونه لڳي، صبح جو ھنڌ تان اٿڻ شرط ھن فيصلو ڪيو ته اڄ جيڪڏهن سائيڪل وارو نظر آيو ته ھيءَ ڇا ڪندي، سو تڪڙي تڪڙي اٿي تيار ٿي چانهه پي ناشتو ڪري، ساھڙين سان گڏ اسڪول وئي. اسڪول ۾ به رڳو ساڳيو منظر سندس ذهن ۾ پئي ڦريو. اسُڪول کان واپس گهر پهتي ته امڙ ڏانھن پئي نھاريائين ته امڙ سودو وٺڻ موڪلي ته ذهن ۾ تيار ڪيل پنھنجي منصوبي تي عمل ڪري.
آخر جڏهن امڙ ڪو ڪم نه ٻُڌايس ته ھن ماءُ کي چيو: “امان ڪجهه بيبو جي ھٽ تان گھرائڻو آهي ته پيسا ڏي ته آڻيان.”
ماڻھنس پيسا ڏيندي چيس: “هارات لاءِ چانور ناھن وٺي اچ.”
اڄ هُن ماءُ جي وڏي چادر اوڍي هئي. روڊ جي پاسي کان سروٽو کڻي گنديءَ جي ھيٺيان ساڄي ھٿ ۾ لڪائي ڇڏيو، هوءُ جيئن ئي بيبوءَ جي ھٽ تان سودو وٺي نڪتي ۽ هلندي روڊ جي پاسي تي پھتي ته پويان سائيڪل سوار گھنٽي وڄائي، ھن بيهي پھريان ڀرپاسي جو جائزو ورتو، کيس بيھندو ڏسي اڄ سائيڪل سوار ٿورو سندس ويجهو آيو، ھن ڏٺو ته موقعو ڀلو آهي، ھر ڪو ماڻهو پنھنجي ڪم ۾ رڌل آهي سو چادر جي اندر ساڄي ھٿ ۾ لڪايل وڏو سروٽو ڪڍي پنھنجي پوري طاقت سان سائيڪل سوار ملان جوسي کي مٿي ۾ وھائي ڪڍيائين ۽ تمام تيزيءَ سان پاڻ اتان کان پرتي ٿي بيھي رهي، جيئن ڪنھن کي ھن تي شڪ نه ٿئي، سمجھدار ته ھوءَ اڳي ئي ھئي، ھن جي سروٽي لڳڻ شرط ملان جوسو ھيٺ ڪري پيو ماڻهن ڏٺو ته سائيڪل تان ملان جوسو ڪريو آهي سو ڀڄندا آيا ۽ اچي کيس کنيائون. ملان جوسي جي مٿي مان رت وھي رهيو هو. کيس روڊ جي ڪناري تي ويھاريو پئي ويو ته سندس قميص مٿي ٿي وئي. ماڻهو اھو ڏسي حيران ٿي ويا ته ملان جوسي جو جنسي عضوو شلوار کان ٻاهر نڪتل ھو.
****
مُڪتي
ولوءَ جا چَپ سُڪي ٺوٺ ٿي چڪا ھئا. اکيون اندران ڏرا ڏيئي ويون ھئس، پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳو ھيس. مسلسل چوٿون ڏينھن تيز بخار. اڄ ته بخار جي دوا به ختم ٿي چڪي ھئس، جيڪا چار ڏينھن اڳ پڻھنس ھن کي سرڪاري اسپتال مان وٺي ڏني ھئي. اڌ ڏينھن گڏھ گاڏي تي ويندي ۽ اڌ ڏينھن اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي انتظار ۾ گذريو ھو. ھڪ ڊاڪٽر مٿان سوين مريض ۽ اسپتال ۾ رڳو اڇيون گوريون ۽ ڳاڙھي پاڻي واري دوا، رھندو اسپتال کان موٽندي تيز برسات شروع ٿي، رستي تي ٿڌ لڳڻ ڪري ولوءَ جي طبيعت ويتر خراب ٿي وئي. ڊاڪٽر چيس: “ھن کي پائوڊر واري دوا پيار يا شھر واري خانگي اسپتال آڻيس.” جيڪا ان ڊاڪٽر جي خانگي ڪلينڪ ھئي. تڏهن اکين ۾ ولوءَ جي پيءُ لڙڪ آڻيندي ڊاڪٽر کي عرض ڪيو هو ته: “ڊاڪٽر صاحب سڄو ڏينھن بٺي تي سرون ٺاھيندو آھيان، شام جو وڃي ايترا پيسا ملندا آهن جو گھر جو پورو سودو به ناهي ايندو، مٿان ھن ويچاري گڏهه لاءِ به پيسا ناھن بچندا جو ڪو داڻو پاڻي ڏيان، سواريءَ جو ھيءُ ئي واحد ذريعو آهي، اسان جو ڳوٺ اسپتال کان ڏهه ڪلو ميٽر پري آهي، نه روڊ آهي نه ئي اتي ڪا سواري ايندي آهي.”
ڊاڪٽر چڙ کائيندي ولوءَ جي پيءُ کي چيو هو ته: “بس ھاڻي پنھنجي رام ڪھاڻي بند ڪر وڃي محنت ڪر، اسان به ته محنت ٿا ڪيون.”
تنھن تي ولوءَ جي پيءُ ڊاڪٽر کي خالي نظرن سان ڏٺو ۽ ڪنڌ ھيٺ ڪري ولو کي گڏھ گاڏي تي ويھاري روانو ٿيو.
اسپتال ۾ جيڪي ٿوريون گھڻيون دوائون سٺيون اينديون ھيون، سي ڊاڪٽر پنھنجي خانگي اسپتال ۾ وڪرو ڪندو هو. تنھن ڳالهه جي سڀني کي چڱي ريت خبر ھئي. ولو جي پيءُ کي به خبر ھئي، پر ڊاڪٽر کي ڇا چئي...؟ رھندو جيڪا ٿوري گهڻي ڳاڙهي دوا ملي رھي ھئي، تنھن کان به رھجي وڃڻ جو ڊپ، سو ان ڏينھن گھر ايندي جام برسات ٿيڻ سبب ولوءَ جو بخار وڌي ويو. اڄ چوٿون ڏينھن ھو پر برسات بيھي ئي ڪونه پئي، ولوءَ جي پيءُ جو روزگار به سرن جو، سو برسات سبب بٺو به بند لڳو پيو هو.
ڪلهه وڃي سيٺ کي ايلاز منٿ ڪيائين ته ٻه ٽي ڏوڪڙ اڌارا ڏي، پر سيٺ اھو چئي واپس ڪيس ته برسات سبب ھو پاڻ نقصان ۾ ويو آهي.
گهر ۾ ڪلهه کان ڪا شئي کائڻ لاءِ ڪونه ھئي، ويچاري گڏھ به بک کان دانھون پئي ڪيون ۽ ولوءَ کي ھڪ تيز بخار ٻيو ڪلهه کان ماڻھنس رڳو پاڻي پئي ڏنس، ولوءَ ڏاڍي نماڻائيءَ وچان جھيڻي آواز ۾ چيو: “امان ڀلا ڪو ماني ڳڀو آهي؟”
ھي ستن سالن جو معصوم ٻار جيڪو چار ڏينھن کان سيءَ بخار ۾ تپجي رهيو هو.جيڪا ٿوري گهڻي رٻ گھر ۾ پئي ھئي سان به ڪلهه ختم ٿي وئي. جيڪا به جام پاڻي وجهي ماڻس ڇڊي ڪري پچائي ھئي، ڪلهه کان سڀ بک تي ھئا.جھوپو به سڄو جُھري پيو ھئن، ايتري ۾ وري ولوءَ چيو: “امان ڀلا مانيءَ ڳڀو ڏي.”
ولوءَ جي ماءُ ڏک ۽ پيڙاهه مان لڇندي پنھنجي ٻچڙي کي بخار ۽ بک ۾ تڙپندو ڏسي اندران اڌُ ٿي پئي، ھاڻي ته ويچاريءَ جا ڳوڙها به سُڪي ويا هئا، ولو جو پيءُ ڪک ڪانا ميڙي جھڳي ٺيڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويو، پاڻ به ٻن ڏينھن کان بک تي پاهه ھو، سندس پنھنجي غربت ۽ ناڪاميءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ پئي آيس. ڦاٽل پھراڻ ۽ پراڻي گوڏ پاتل برسات ۾ پورو آلو ٿي ويو هو.
ڪنھن جي در تي وڃي ھا اٽي لپ لاءِ آس پاس سڀ مارو ماڻهو ھن جھڙا ئي ھئا، سڀني جا پيٽ بکايل ۽ جھوپا جھريل ھئا، تقريبن ڳوٺاڻا سڀ زائفون ۽ مرد ڳوٺ جي سرن جي بٺي تي ڪم ڪندا هئا، سيٺ ايترا ڏوڪڙ ڏيندو هو جو مس وڃي ٻه وقت جي مانيءَ جو بندوبست ڪندا هئا، پنھنجو پيٽ ڪاٽي ڪجهه داڻو پاڻي ويچاري گڏهه لاءِ آڻيندا هئا، جيڪو پڻ ھنن جيان لاچار ۽ ڪمزور بڻيل ھو. شايد ان بي زبان کي به ھنن جي حالت تي ڪھڪاءُ ايندو هو، پرسيٺ کي مٿن ڪڏهن ڪو رحم ڪونه آيو.
برسات تمام وڏو زور لڳايو رات جو پھريون پھر ختم ٿي ويو ھو. ولوءَ کي بخار ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. ماڻهنس سيرانديءَ کان ويٺي ڳوڙها ڳاڙي رھي ھئي. دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيائين ته صبح جو وڃي سيٺ اڳيان پاڻ کي ارپي ڇڏيندي، سيٺ ڪيترائي چڪر آڇ ڪئي ھيس پر ھن پنھنجي ور جي عزت کي مانُ ڏيندي چيو ھئس سيٺ اسان تنھنجي مزدوري پيا ڪيون جيڪڏھن جسم وڪڻڻو ھجي ھا ته پوءِ ھيترا ڪشالا نه ڪيون ھا، اسان کي پنھنجي زندگيءَ کان وڌيڪ لڄ پياري آهي، سو اڄ ولوءَ ماءُ کي لڄ کان وڌيڪ پنھنجي ٻچڙي جي زندگي لڳي رھي ھئي، اندر ئي اندر لڇي تڙپي رهي هئي.
وري ولوءَ جھيڻي آواز ۾ چيو: “امان ماني...!!!”
مشڪل سان ولوءَ جي نڙيءَ مان اڌ آواز نڪتو. ولوءَ ماءُ اتان اٿي ٿورو اڳتي آئي. ھنن جو جھوپو پورو پاڻيءَ سان ڀرجي چڪو هو، اڌ کٽ جا پاوا پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪا هئا. ولوءَ ماءُ جھوپي کان ٻاهر آئي ڪنڌ مٿي ڪري آسمان طرف ڪيائين اڄ آسمان مان قھر وسي رھيو ھو، جيڪو ھنن جي جھوپن سان گڏ ھنن جي جيون کي جھوري رهيو هو. ولوءَ ماءُ پوري آلي ٿي وئي. پريان ولوءَ پيءُ جھوپي کي پراڻن رسن سان ٻڌي رهيو هو، ولوءَ ماءُ مسلسل آسمان کي تڪي رهي ھئي. اوچتو زوردار ٺڪاءُ ٿيا، پورو آسمان روشن ٿي ويو ۽ ان ئي ويل روشنيءَ جو زوردار گولو اچي ھنن جي جھوپي مٿان ڪريو. سڀ ڪجهه خاموش ٿي ويو. ...ولوءَ جو ماني ماني ڪرڻ ۽ ماڻهنس جو آسمان طرف ٻاڏائڻ.... صبح جو ڳوٺاڻن ولوءَ وارن جي جھوپي تي ڇار جو ڍير ڏٺو جتي رات وڄ ڪري ھئي.
پوسٽ مارٽم
جڏهن کان ھن شھر جي رستن تي پيرَ پاتاسين ۽ جيئن جيئن اڳتي ويندا وياسين تئين تيئن محسوس پئي ٿيو ته زندگيءَ کي پوئتي پيا ڌڪيون ۽ انھن ۾ سرد ٿيل جذبن کي اڳتي ڪندا ٿا وڃون. ان ڪري جو ٿڌن جذبن ۾ سواءِ پنھنجو پاڻ جي ڪنھن جو احساس باقي ناهي رھندو، خبر ناهي ايئن ڇو آهي؟ پر گھڻي ڀاڱي ھن شھر جي ماڻهن ۾ ٻين لاءِ گرم جذبا ناھن، نه محبت جا، نه احساسن جا، نه ئي انسانيت جا، پر جيڪڏھن آھن ته فقط پنھنجو پاڻ لاءِ ئي آهن.
هنن وٽ ٻين لاءِ نفرت آهي يا ڪٿي ته نفرت ڪرڻ لاءِ به وقت ناهي يا انھن انهيءَ بي حسيءَ ۽ بي خبري واري عمل کي به نفرت جو نالو ڏنو آهي. گھڻو تعداد اھڙن ئي سرد مهري وارن جذبن رکندڙن جو آهي. ڀلي ھن شھر جي موسم يا گرميءَ جو پَدُ ڪيترو به ڇو نه هجي پر ھتي جذبا ٿڌا ئي رھندا آھن. ان جو مقصد ھرگز اهو ناهي ته ڪو ٿڌن جذبن ۾ ڪاوڙ ناهي، پر ڪنھن لاءِ احساس ناهن، مان روزانو ھن شھر جي رستن جو طواف ڪندي آهيان، اھو نه سمجھيو ته بغير ڪنھن سبب جي ھي شھر اھڙو آهي جو روڊن ۽ رستن تي ڪنھن کي به برداشت ناهي ڪندو، انڪري ته روز ھن شھر جي روڊن تي سرد جذبن وارا ٻين کي لتاڙي ويندا آهن، ڀلي چٿيل، ڦٿڪن پيا، پر ھن شھر سان گڏ ڪنھن کي ڪھڪاءُ ڪونه ايندو، مان روز روز ھن شھر جي روڊن رستن ۽ ان ۾ رھندڙن جنھن ۾ رشتيدار به شامل آهن. انھن جون ناانصافيون ڏسندي آهيان ۽ اھي ڏسندي ڏسندي ڪيئي سال گذري ويا پر ھي سرد جذبن جو شھر ۽ رھندڙ ماڻهو ساڳيا ئي آهن. سرد مهر ماڻهن پنهنجن رشتن کي به ڪنھن سرد خاني جيان ڄمائي ڇڏيو آهي. بس جڏهن وڌيڪ جذبا ٿڌا ٿيندا اٿن ته ڪنھن نه ڪنھن جو پوسٽ مارٽم ڪري وجھندا آهن.
ايترو ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به ھن شھر تي ڪو فرق ناهي پوندو نه ئي رھندڙن تي، انڪري جو سڀ ڄميل آھن، اڄ به روز جيان ھن شھر جي روڊن تي راڪاسن جا رانڀاٽ لڳل آهن، مونکي ان راڪاس جي رانڀاٽن کان ڏاڍو ڊپ لڳندو آهي، دل چوندي آهي ته جيڪر ھي شھر ئي ڇڏي وڃان، پر...ڪٿي....؟
اھي راڪاسن جا رانڀاٽ ته منھنجي سنڌ جي ھر شھر ۾ آھن، بس فرق ايترو آهي ته ھن شھر ۾ ڪجهه گھڻائي رانڀاٽ آهن. مونکي اھي رانڀاٽ ٻڌي ھڪ اڻڄاتل خوف ورائي ويندو آهي، مان اڪثر ڊرائيونگ دوران ڪنڌ ورائي ٽِڪ ٻڌي، ان راڪاس جي اندر جھاتي پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، ايئن ڪرڻ تي ڪيترائي دفعا مان پاڻ ان راڪاس جي ور چڙھندي چڙھندي بچي آھيان. ڪيترائي دفعا ته منھنجو چالان پڻ ٿيو، پر پوءِ به جڏهن راڪاس جي رڙ ٿيندي آهي ته منھنجي اندر ھڪ ھلچل پيدا ٿيندي آهي، مان سوچيندي آهيان ته خبر ناهي وري ڪنھن جي گھر جو ڏيئو وساميو، وري الائي ڪنھن جون مرڪون کسيون ۽ وري خبر ناهي ڪنھن جون ننڊون ڦٽايون.
مونکي اڄ به اھو ڏينھن ياد آهي، جڏهن ھن سرد خاني جھڙي شھر ۾ صبح جو منھنجي فليٽ ھيٺيان رانڀاٽ ڪندو راڪاس گذريو ۽ خبر ناهي ڇو ان ڏينھن منھنجي اندر ۾ ان رڙ ھڪ آنڌ مانڌ ۽ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي، عجيب قسم جي ڪيفيت طاري ٿي وئي ھئي.
تقريبن صبح جا ڏهه ٿيا ھئا، انھن راڪاسن جون ڪيتريون ئي رڙيون ٿيون پر ان ڏينھن هڪ رڙ مونکي گهڻو ڌوڏيو ۽ اندر ۾ ڪنھن خنجر جيان کُپي وئي. مان ان راڪاس جي رڙ جي باري ۾ سوچڻ لڳس ۽ ان ڏينھن مون منجھند جي ماني به ڪانه کاڌي، منھنجي مونجهه پئي وڃي وڌندي ۽ اھا رڙ منھنجي دماغ جي پردن کي ڦاڙي رهي هئي، اڄ به ياد اٿم، جڏهن ٽين وڳي جو ٽائيم ھجي ۽ منھنجي موبائيل جي رنگ وڳي خبر ناهي ڇو مون ايترو تڪڙ ۾ موبائيل ھٿ ۾ کنئي ڄڻ مونکي ان رنگ جو انتظار ھجي، نمبر ته بابا جو آهي پر پوءِ به تڪڙ ۾ بي چين ٿيندي پڇيم:“بابا خير ته آهي...”
انڪري جو بابا اڪثر ٻه ٽي مس ڪالون ڏيندو هو، پوءِ مان ڪال بيڪ ڪندي ھئس. منھنجو اھو پڇڻ ته بابا خير ته آهي...؟ پويان اردو ۾ ڪنھن چوڻ شروع ڪيو:“آپ اس ڪي ڪيا لگتي ھين؟”
منھنجي نڙيءَ ۾ لفظ اٽڪي پيا، ٽٽندڙ ۽ حيرانيءَ واري لھجي ۾ پڇڻ جي ڪوشش ڪيم، دل زور زور سان ڌڙڪِي رھي ھئي، جيڪا ڪيفيت صبح کان ھئي ان ۾ ويتر واڌ ٿي وئي. اڃان مان ڪجهه ڪڇان ها ته ٻيهر اردو ۾ ڪنهن ڳالهايو. چيائين ته جنھن جي هي فون آھي، ان جو اڄ صبح تقريبن ڏھين وڳي ايڪسيڊنٽ ٿيو ھو. مان ايڌي سينٽر کان پيو ڳالهايان، لاش سرد خاني ۾ پيل آهي، مھرباني ڪري کڻي وڃو.
اوهه ... الله ! ڄڻ مٿان ڪيئي ڇِپون ڪريون ھجن ۽ مان انھن ھيٺان دٻجي وئي هجان. منھنجو ساهه سڪي ويو، نڙي ٺوٺ بڻجي وئي ڄڻ صدين کان ڪنھن صحرا ۾ اڃاري ھجان. منھنجي نڙيءَ ۾ نڪرندڙ لفظ اٽڪي پيا، فون منھنجي ھٿ مان ڪري پئي، پوري جسم ۾ ڪنبڻي شروع ٿي وئي ۽ صبح ويندڙ راڪاس جي رڙ مونکي ايترو ڇو تڙپايو سا ڳالهه ھينئر سمجهه ۾ آئي، منھنجي ٻارن جڏهن منھنجي حالت خراب ٿيندي ڏٺي، تڏهن ڊوڙ پائي اچي مونکي جھليائون ۽ مٿي تي پاڻي ھاري پڇڻ لڳا:
“امي ڪنھن جي ڪال ھئي...!؟”
ڪجهه سامت ۾ اچڻ کانپوءِ چيم: “بابا...منھنجوبابا...!!!”
“ڇا ٿيو امان... ڇا ٿيو نانا کي...؟”
مشڪل سان چيم: “ايڪسيڊنٽ.”
ٻارڙن جون رڙيون نڪري ويون. سوالن جي مٿان سوال ڪرڻ لڳا:
“امي ڪيئن...؟ ڪٿي....؟ ڪھڙي ٽائيم....؟ڪنھن ٻڌايو ۽ ھاڻي نانا ڪٿي آهي؟”
مان جيڪا صبح کان ڪنھن سوال ۾ اٽڪيل ھئس، فون ٻڌڻ سان پاڻ سوال بڻجي ويس،آخر ٻارن منھنجي امڙ ۽ ڀائرن ڀينرن کي اطلاع ڏنو ساڳئي وقت پنهنجي پيءُ کي به ٻڌايائون، جيڪو ڪجهه ئي دير ۾ گھر آيو ۽ مون کان ايڊريس پڇي وڃڻ لڳو، مون ضد ڪيو ته مان به ھلندس، سو جڏهن ڪار ۾ ويهي ھن شھر جي روڊن تي نڪتاسين ته وري به ساڳيا رانڀاٽ ھئا...ھر منٽ کان پوءِ راڪاسن جا رانڀاٽ شروع ٿي ويا. مون پنھنجي ڪنن کي ٻنھي ھٿن جون تريون رکي بند ڪيو پر رانڀاٽ پوءِ به ٻڌڻ ۾ اچي رھيا ھئا، مونکي ايئن پئي لڳو ڄڻ روڊ تي ڪار جا ٽائر ڄمي ويا ھجن، رستو ڄڻ بيھي رهيو ھجي، منھنجي اکين مان لڙڪ وھي رھيا ھئا، بس ڪنھن معجزي جي آسري تي ھيس. پنھنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيندي رھيس ته بابا بلڪل ٺيڪ ھوندو، انھن کي غلط فهمي ٿي ھوندي. ڪال ڪرڻ وارو ڀليو ھوندو پر ان منھنجي ئي نالي تي ڪال ڪئي ھئي.
مون کي اھو ڏينھن ياد آيو جڏهن مون بابا کي فون ڏني ھئي ۽ بابا چيو هو: “امڙ پنھنجو نالو ادي لکجان، باقي نالن ۾ نمبر لکي ڇڏ.”
۽ جڏهن ڪال آئي هئي ته انھن چيو هو:
“توهان مان ادي ڪير آهي؟جنھن جو نمبر ادي جي نالي سان سيو آهي؟”
او منھنجا رب مون ٿڌي آهه ڀري ڪار جي کڙڪيءَ مان آسمان طرف نھاريو. پورو آسمان ڪارو ڪارونڀار لڳو پيو هو، مان دعا ڪرڻ لڳس ته ڪڏهن ھن شھر تان بيحسيءَ جا ڪارا ڪڪر ھٽندا، ڪڏهن خوشين جو سج اڀرندو ۽ ڪڏهن ھن شھر جي ڄميل جسمن ۽ جذبن کي پگھاري، پيار انسانيت ۽ احساسن جي روشني ڀريندو؟
ايتري ۾ ڪار بيٺي ۽ منھنجي گهر واري لھڻ جو اشارو ڪيو، مان وائڙن جيان ان جي پويان ھلڻ لڳس ۽ ڪجهه ئي دير ۾ ھڪ حقيقي سرد خانو منھنجي اڳيان ھو. جتي ڪيترائي جسم ڄميل پيا ھئا، سڀني جي مٿان اڇي چادر ۽ نمبر لکيل ھئا. اھي سڀ ھن بي حس ڄميل شھر جي روڊن تي ھلندڙ انسانن جا آزار ھئا. جيڪي خبر ناهي ڪيتري دير روڊن تي ڦٿڪي ڦٿڪي ھتي پھتا ھئا، ٿي سگهي ٿو ڪي زندھ به ھجن پر ھن راڪاس جيڪو رانڀاٽ ڪندي ھنن کي کڻندو آهي سو جيئرن کي به موت جي ور چاڙهي ويندو آھي.
ايتري ۾ منھنجي گهر واري سرد خاني جي بينچ تي پيل ھڪ جسم تان چادر ھٽائي: “اف منھنجو بابا... او الله ھي ڇا ٿيو؟منھنجو بابا...”
مان سڏڪن ۾ بابا کي چنبڙي ويس پر جلدي مونکي پري ڪيو ويو بابا جي جسم مان رت ريلا ڪري نڪري رھيو ھو. جسم جو پوسٽ مارٽم ٿيل ھو. مان اتي سمجهي ويس ته ھي شھر واقعي به ھڪ سرد خانو آهي ۽ ھتي ھر ڪنھن جي جسم ۽ جذبن جو پوسٽ مارٽم ٿيندو آهي.
****
رنڊي
ڪلهه رات منھنجي مڙس، ڪاوڙ ۾ گاريون ڏيندي چيو: “رنڊي.”
ھن مون کي “رنڊي” ان ڪري چيو جو مون ان کي سمھڻ نٿي ڏنو. “رنڊي” لقب ملڻ تي مون کي زينت ياد اچي وئي. زينت منھنجي ننڍي ھوندي جي دوست، جنھن سان گڏ مون ننڍپڻ جا پنج سال گذاريا، اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڏاڍي گھري دوستي ھوندي ھئي، اسڪول گڏ ويندا هئاسين، راند روند به گڏ کيڏندا هئاسين ۽ اڪثر ماني به گڏجي کائيندا هئاسين.
اسان جي دوستيءَ تي منھنجن گهر وارن سميت اڪثرپاڙي وارن کي اعتراض ھوندو ھو، منھنجي امان ۽ بابا ڪيترائي ڀيرا مون کي مار به ڪڍي ھئي ته “زينت سان نه کيڏندي ڪر، ھُوءَ ھڪ رنڊيءَ جي ڌيءَ آهي ۽ انھن جو گهر چڪلو آهي.”
مان اھو لفظ زينت جي ماءُ جي باري ۾ روز ٻڌندي ھئس پر مون کي ان لفظن جي صحيح معنيٰ جي خبر ڪانه ھوندي ھئي.
زينت جي گهر ھڪڙي ڪمري ۾ مان ۽ زينت گڏ پڙھنديون ھيوسين يا وري اڱڻ تي گڏجي راند ڪنديون ھيوسين. مان اڪثر ڏسندي ھئس ته زينت جو بابا (خدا کي خبرته اھو زينت جو سڳو بابا به ھو يا نه) ساڻس ڪو گھڻو پيار ڪونه ڪندو هو.
باقي جيڪي اوڙي پاڙي جا چڱا مڙس زينت وارن جي اوطاق تي ايندا هئا، تن کي ھڪ ھڪ ڪري زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ وٺي ويندو هو. زينت جي ماءُ ڪمري جو دروازو اندران بند ڪري ڇڏيندي ھئي، ڪجهه دير گذرڻ کانپوءِ اھو ماڻهو ڪمري کان ٻاهر نڪري ايندو هو. مان اھي لقاءَ اڪثر ڏسندي ھئس پر انھن ڳالھين تي ڪڏهن ڌيان ڪونه ڏيندي ھئس. مان زينت سان کيڏندي رھندي ھئس ۽ زينت لاءِ به اھو سڀ ڪجهه ڪا وڏي ڳالهه نه ھئي، پر جيئن ته منھنجي گهر وارن منھنجي دماغ ۾ لفظ “رنڊي” وڌو ھو ته ھڪڙو الارم ھر وقت وڄڻ شروع ٿي ويندو هو ته “زينت جي ماءُ رنڊي آهي ۽ انھن جو گهر چڪلو...”
مون انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ زينت جي گهر ۾ اوپرن ماڻھن جي اچ وڃ کي پڻ نوٽ ڪرڻ لڳس. زينت جي گهر جو ھڪڙو ڪمرو آڳنڌ سان گڏ ئي ٺھيل ھو، جيڪو اوطاق به ھوندو ھو. زينت جي گهر جي ان اوطاق واري ڪمري ۾ پاڙي جا مشھور اشراف ۽ معزز مڙس جيڪي ٻانھن لوڏي ھلندا ۽ مُڇون مروٽي گمندا ھئا، سي زينت جي گهر اچڻ کان پوءِ زينت جي پيءُ جي خوشامد ڪندي نظر ايندا ھئا ۽ اڪثر ڪري زينت جي پيءُ کي ايلاز ڪري نوٽ ڏيندا هئا. انھن ڏينھن ۾ ھڪ ڀيري شام جو جڏھن مون ۽ زينت پنھنجي اسڪول جو ڪم ختم ڪري، گڏين جي وھانءَ لاءِ ڏاج ٺاھڻ جي تياري پئي ڪئي ته مون کي حيرت جو جهٽڪو لڳو ھو. مان ۽ زينت ورانڊي ۾ اھڙي جاءِ تي ويٺيون ھيوسين جو ٻاھران آيل ماڻھوءَ جي نظر يا ڌيان ڪونه ٿي ويو. مان اھو ڏسي شديد حيران ٿي ويس ته منھنجو بابا به زينت وارن جي گهر آيو ھو.
بابا ڪافي ديرتائين زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ وقت گذاري واپس نڪتو ھو. مان بابا جي نظرن کان پاڻ کي لڪائي ويٺي رھيس ته متان بابا وري مونکي مار ڪڍي ته تون ھتي ڇو آئي آهين.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي پتڪڙي دماغ ۾ عجيب قسم جا سوال پيدا ٿيا ھئا ته بابا مون کي زينت وارن جي گهر اچڻ ۽ زينت سان کيڏڻ تي روڪي ٿو ته پوءِ پاڻ ڇو آيو ۽ زينت جي ماءُ کي ھُونئن ته گاريون پيو ڏيندو آھي ۽ وري ان جي ڪمري ۾ به وڃي ٿو.
ايئن منھنجي دماغ ۾ سوالن جا انبار لڳي ويا، پر ڪنھن کان جواب پڇان.
اسان جي گهر ڀرسان ننڍي چاچا جو به گهر ھو. منھنجي چاچي سڄي پاڙي ۾ سھڻي عورت ھئي، شاديءَ کي ڪافي سال ٿي ويا ھئس، کيس ڪو اولاد ڪونه ھوندو ھو. جڏهن به امان يا بابا مون کي زينت سان گڏ کيڏڻ کان جھليندا ھئا، تڏھن چاچي منھنجي پاس خاطري ڪندي ھئي ۽ مون کي خرچي ڏئي پاڻ سان گڏ وٺي ويندي هئي، چاچي مون سان پيار به جام ڪندي ھئي، چاچيءَ جي ڪري ئي مان زينت سان کيڏڻ ويندي ھئس منھنجي ۽ زينت جي گهر وچ ۾ ريل جو بند ھوندو ھو، بند جي ھڪ پاسي زينت جو گھر ۽ ٻئي پاسي اسان جو گهر هو. ڀر ۾ ڦاٽڪ ھوندو ھو، جنھن جي پاسي ۾ ھڪ سرڪاري ڪوارٽر ۾ ڦاٽڪ واري قاسم چاچا جي زال ۽ ٻار رھندا ھئا.
چاچا قاسم جي ڌيءُ به اسان سان گڏ اسڪول ۾ پڙھندي ھئي ۽ گڏ کيڏندي به ھئي پر قاسم چاچا ان کي زينت جي گهر ڪونه ڇڏيندو هو، ڪڏهن چاچا قاسم ڪنھن ڪم سانگي ٻاهر ويندو هو ته اسان پنھنجون گڏيون کڻي ڊوڙ پائي وڃي زينت جي گڏي سان شادي ڪرائيندا ھئاسين. چاچا قاسم، ڦاٽڪ تي جيڪي رنگ برنگي گلن جو چڪيون لڳائيندو ھو، انھن مان لڪي لڪي گل پٽي، وڃي گڏين جي شاديءَ لاءِ ھار ٺاھيندا ھئاسين. ريل اچڻ تي ڦاٽڪ بند ڪرڻ جي ذميواري چاچا قاسم جو وڏو پٽ نڀائيندو ھو. اسان ريل جي انتظار ۾ ھوندا ھئاسين، جڏهن ريل ويجهو ايندي هئي ته پٽڙين تي پنج پيسا يا ڏهه پيسا رکندا ھئاسين. ان وقت پري کان چاچا قاسم جي رڙ پئي پوندي هئي ته:
“ڇوڪريون! مرو نه، ريل اچڻ واري آهي، بند کان پري ٿيو.”
پر اسان ھيوسين، جو مڙي وڃون، پوءِ ريل وڃڻ جو انتظار ھوندو ھو، جيئن ريل وئي، پٽڙين تي پنھنجا سڪا ڏسڻ ويندا ھئاسين، جيڪي ريل جي لوھي ڦِيٿن ھيٺان چيڀاٽجي پنھنجا نقش وڃائي ويھندا ھئا، ان دؤر ۾ ايتري سمجهه ڪونه ھوندي ھئي، پر ھاڻي زندگي به ريل ھيٺيان آيل سڪي جھڙي لڳندي آهي.
ھڪ ڏينھن مان اسڪول کان اچڻ کانپوءِ جلدي ۾ زينت جي گھر پنھنجي گُڏي کڻڻ وئي ھئس، مون کي خبر ئي ڪانه ھئي ته بابا اتي زينت جي ماءُ جي ڪمري ۾ موجود آهي، جيئن ئي مان انھن جي گهر ۾ داخل ٿيس ته بابا جيڪو زينت جي ماءُ جي ڪمري مان نڪري رھيو ھو، تنھن مون کي اتي ڏسي ورتو.
ڪاوڙ ۾ مون کي ٻانھن کان گھليندو گھر آيو ۽ اچڻ شرط مون کي ڏاڍي مار ڪڍيائين ۽ گاريون پڻ ڏنائين. پاڙي ۾ رهندڙ منھنجي چاچي گوڙ ٻڌي ڀڄندي آئي، جنھن اچي مون کي بابا کان ڇڏايو ۽ بابا کي چوڻ لڳي “ٻار آھي، ڇڏيوس کڻي.” بابا چاچيءَ کي چوڻ لڳو ته:“ڪيترائي ڀيرا سمجھايو اٿم ته ان رنڊيءَ جي ڌيءَ سان کيڏڻ چڪلي ۾ نه وڃي، پر مڙي ئي ڪو نه ٿي.”
تنھن تي مون سڏڪا ڀيريندي چاچيءَ کي چيو هو ته: “پوءِ بابا اتي ڇا ڪرڻ ويندو آهي؟” اھو ٻڌي چاچيءَ منھنجي وات تي هٿ رکيو ۽ پنھنجي گهر وٺي وئي.
ٻئي ڏينھن تي چاچيءَ منھنجا لٽا ۽ اسڪول جو ٿيلھو به منھنجي گھران کڻي آئي، ايئن ڪيترائي ڏينھن مان چاچيءَ وٽ رهي ھئس. چاچو اڪثر ڪري ٻه، ٻه، ٽي، ٽي ڏينھن ڪم سانگي شھر کان ٻاهر ويندو رھندو ھو.
چاچي مون کي چٺيون لکي ڏيندي ھئي ته فلاڻي فلاڻي کي ڏئي اچ ۽ ان سان گڏ خرچي پڻ ڏيندي ھئي. مان چٺي کڻي ڪڏهن پوئين گھٽيءَ ۾ رھندڙ ماما ساجد کي ڏيندي ھئس ته ڪڏهن وري اشرف چاچا کي ۽ ڪڏهن وري پنھنجي گھٽيءَ جي آخر ۾ رھندڙ ماما لطيف کي پھچائيندي ھئس. اھي سڀ وري چٺين ۾ ڪجهه لکي ڏيندا هئا، سي مان تعبيدار بڻجي، خوشيءَ وچان خرچيءَ جي لالچ ۾ چاچيءَ کي ڏيندي ھئس.
چاچي چوندي هئي“چٺي لڪائي آڻيندي ڪر ۽ کولي ڪڏهن نه ڏسجانءِ، نه ئي ڪنھن کي ٻڌائجانءِ.”چاچيءَ جي محبت ۾ مون کي چاچيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، وري مٿان چاچي منھنجي تعريف ڪندي ھئي ته مان خوشيءَ ۾ ماپندي ئي ڪونه ھئس.
چاچي اڪثر ھار سينگار ڪندي ھئي ۽ پوءِ ڪڏهن لطيف چاچا وٽ ته ڪڏهن ساجد ماما ۽ ڪڏهن ڪنھن ٻئي وٽ ته ڪڏهن ڪنھن ٽئين وٽ ويندي هئي، مون کي گهر جو خيال رکڻ لاءِ چئي ويندي هئي ۽ برقعو پائي يا منھن تي نقاب ھڻي نڪرندي هئي. چئي ويندي هئي “تون گهر ۾ ويهي خيال ڪجانءِ. تنھنجو چاچو اچي ۽ پڇي ته ٻُڌائجان ماسي نوران جي گهر وئي آهي، پوءِ مونکي ڊڪندي اچي ٻڌائجانءِ.”
ھڪ ڏينھن چاچي ھار سينگار ڪري، گھران نڪتي، اڳئين گھٽيءَ ۾ ساجد ماما جي گهر وڃڻ جو ٻڌائيندي، پنھنجي گهر جو خيال ڪرڻ جو چئي ھلي وئي ھئي. مان چاچيءَ جي وڃڻ کان پوءِ گڏين سان راند روُند ڪندي ھئس. اندازو ڪيان ٿي ته ٽين وڳي جو ٽائيم ٿيو ھوندو، مان پنھنجي گڏين سان کيڏي رھي ھئس ته در کلڻ جو آواز آيو. ڏسان ته چاچا آيو آھي، مون وڃي چاچا کي ڀاڪر پاتو ۽ چاچا جي پڇڻ کان اڳ مون چاچا کي ٻُڌايو ته “چاچي، ماسي نوران جي گهر وئي آهي، مان وٺي ٿي اچانس.” چاچا شايد ونھجڻ لاءِ غسل خاني ڏانھن ويو ۽ مان ڊوڙ ندي ماما ساجد جي گهر ڏانھن وڃڻ لڳس. ماما ساجد اسان جي اسڪول جي ڀر سان واري ڇوڪرن جي اسڪول ۾ ماستري ڪندو هو ۽ پنھنجي ڀائٽي سان گڏ مسواڙ تي رھندو ھو، ٻار ٻچا ڳوٺ ۾ رھندا ھئس.
ماما ساجد جي گهر جي در کي اندران ڪڙو لڳل ھو. ٻنھي تاڪن وچ ۾ وٿي ھئڻ ڪري، مون ھٿ ٽپائي دروازو کوليو.
سامهون ٻه ڪمرا ھوندا هئا، ٻنھي ڪمرن جا در ٻڪڙيل ھئا. ھڪڙي ڪمري ۾ در کولي جھاتي پائي ڏٺم ڪير به ڪونه هو. ٻئي ڪمري جي در کي ھلڪو ڌڪو ڏنم، در کلي ويو. سامھون ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان ماما ساجد اگهاڙو ليٽيل هئا.
ٻئي مون کي ڏسي ڇرڪجي ويا، مان اھو سڀ ڏسي، کن پل لاءِ حيران ۽ پريشان ٿي ويس. چاچيءَ تڪڙ ۾ پنھنجي جسم تي چادر ويڙهي ۽ ماما پاسي ۾ رکيل گوڏ کڻي ٻڌي. منھنجي ننڍڙي دماغ ۾ اھو سڀ ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه آيو ھو. چاچيءَ کي چيم: “چاچي! چاچا سائين آيو آهي.” تنھن تي چاچي ھڪدم برقعو پاتو ۽ مون سان گڏ ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي ۽ پنھنجي ٻٽونءَ مان پيسا ڪڍي ڏيندي چوڻ لڳي: “راڻي! ڪنھن کي نه ٻڌائجانءِ ته مان ھتي علاج ڪرائڻ لاءِ آئي ھئس.” پيار سان مٿي تي ھٿ ڦيريندي چوڻ لڳي: “منھنجي دل چوندي آهي ته تو جھڙي سھڻي ڌيءَ مون کي به پيدا ٿئي، جيئن تون ان سان گڏ کيڏين، ان ڪري ساجد ماما کان علاج ڪرائڻ آئي ھئس، جيڪو ڪپڙن کان بغير ٿيندو آهي.”
چاچيءَ جي ڳالھين تي منھنجي دل ۾ چاچيءَ لاءِ ھمدردي وڌي وئي هئي ۽ مان دعائون ڪرڻ لڳس ته “ﷲ سائين ڪري چاچيءَ کي ادڙي پيدا ٿئي، جيئن مان ان سان راند ڪيان.” دعا گهرڻ سان گڏ مان خيالن ئي خيالن ۾ ان سان رانديون کيڏڻ لڳس. گھر پھتايسين، چاچيءَ چاچا کي ڏسي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. ٻئي ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي مليا. ڪجهه دير ۾ ئي ھڪ ڌارڪمري ۾ ھليا ويا. ٻئي ڏينھن چاچا وري ڪم ڪار سانگي ٻئي شھر ھليو ويو.
چاچا گهر ۾ نه ھوندو ھو ته چاچي مون کي پاڻ سان گڏ سمھاريندي ھئي. ھڪ رات جڏھن چاچا گهر ۾ ڪونه ھو، مان چاچيءَ سان گڏ ئي سُتي ھئس. اڌ رات جو اُڃ لڳڻ سبب اک کُلي ڏٺم ته چاچي بيڊ تي ڪونه ھئي. ڪمري کان ٻاھر ورانڊي وٽان ٻيو ڪمرو ھو، جنھن مان چاچيءَ جي کلڻ ۽ ٽھڪ ڏيڻ جا آواز اچي رھيا ھئا. پھرين مون اھو سمجهيو ته شايد منھنجي سمھڻ کان پوءِ چاچا اچي ويو ھجي. اڳتي وڌيس، ڪمري جو در اڌ ٻيڪڙيل ھو. اوڏانھن وڃڻ بدران، پاڻي پي واپس وڃي سمھي پوڻ جو سوچيم پر الائي ڪھڙي سوچ ھيٺ دروازي جي ٻاهران ئي بيھي اندر جھاتي پاتم ته ڊاڪٽر عاصم جيڪو شام جو پاڙي ۾ ننڍڙي ڪلينڪ ھلائيندو ھو، ڪمري ۾ موجود ھو. منظر ساڳيو ئي ھو، سامھون ليٽيل ڪپڙن کان آجي چاچي ۽ مٿان اگهاڙو ليٽيل ڊاڪٽر عاصم.
مان ھڪدم پوئتي موٽيس. مون کي ان ڏينھن واري چاچيءَ جي ڳالهه ياد آئي ته “ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ڪپڙا لاهي علاج ڪرائڻو پوندو آهي.” سو مون سوچيو ته متان چاچي مون کي ڏسي ۽ ان ڏينھن جيان چاچيءَ جو علاج اڌ ۾ نه رھجي وڃي. دعا گهرڻ لڳس ته: “ﷲ ڪري چاچيءَ کي ادڙي پيدا ٿئي، جنھن سان مان گڏجي کيڏان.” بيڊ تي ليٽي سوچڻ لڳس ته اڄ ته چاچي ڊاڪٽر کان ٿي علاج ڪرائي پوءِ ان ڏينھن ماستر کان ڇو علاج ڪرايائين؟ دل ۾ چيم شايد ماستر کي صحيح علاج ڪرڻ ڪونه آيو ھوندو، ان ڪري ھاڻي چاچيءَ کي عقل آيو ھوندو ته علاج ته ڊاڪٽر کان ئي ڪرائبو آهي. ايئن سوچيندي سوچيندي مون
کي ننڊ اچي وئي،
صبح جو اٿي اسڪول ويس چاچيءَ روز جيان ناشتو به ڪرايو ۽ خرچي به ڏني. اسڪول ۾ زينت سان مليس ۽ رسيس ۾ سڄي خرچيءَ جي شئي وٺي ٻنھي ڄڻين کاڌي، زينت ٻڌايو ته “هو سڀاڻي ھتان کان لڏي ٿا وڃن.”
تنھن تي اسان ٻئي ڪافي رنيون به ھيون سين، زينت ويچاريءَ کي اسڪول ۾ به ڏاڍا طعنا ملندا هئا ته ھيءَ ڪھڙي عورت جي ڌيءَ آهي، گھڻا ته چوندا ھئا ھي چڪلي جي رھائشي آهي وغيره وغيره، جنھن تي اسان ٻنھي کي تمام گهڻو ڏکُ ٿيندو هو. اڄ مان به ڏکايل ھئس ته زينت به ڏکاري ھئي، مون زينت کي چيو ته “اڄ شام جو تنھنجي گهر ايندس.”
شام جو مان پنھجا ڪجهه رانديڪا ۽ گڏيون کڻي، زينت جي گھر ويس. مون اھي سڀ شيون زينت کي ڏنيون. زينت جو پيءُ ۽ ماءُ گھر جا ٽپڙ ٻڌي رھيا ھئا. ٻئي ڏينھن زينت ۽ سندس والدين ٻئي شهر لڏي ويا. منھنجي پياري سھيلي ھميشه لاءِ شھر وڇڙي وئي، پر هو منھنجي لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏي وئي.
ھڪ ڏينھن منھنجي ناني ڪجهه ڏينھن اسان وٽ ترسڻ آئي، جنھن ڪري مون کي ڪجهه آٿت ملي نه ته رڳو چاچيءَ سان ويٺي ھوندي ھئس، نانيءَ جي اچڻ سان مان رات جو نانيءَ سان گڏ سمھندي ھئس ۽ اڌ رات تائين نانيءَ سان ڪچهري ڪندي ھئس.
ھڪ رات مون نانيءَ کان پڇيو: “ناني رنڊي ڇا کي چئبو آهي؟” نانيءَ مونکي سمجھائيندي چيو ته: “جيڪا عورت ڌارين مردن سان بغير نڪاح جي تعلق رکندي آهي، تنھن کي رنڊي چئبو آهي.”
نانيءَ جي ٻُڌائڻ کان پوءِ به مون کي اهو سمجهه ۾ ڪونه آيو ته رنڊِي ڇا ھوندي آھي.
ڪجهه عرصي کانپوءِ ھڪ ڏينھن چاچيءَ جي گهر گڏين سان کيڏي رھي ھئس ته ڪمري مان چاچا جو آواز ڪن تي پيو، جيڪو چاچيءَ کي ڪاوڙ وچان چئي رھيو ھو: “رنڊي ڪنھن جاءِ جي، ڪنھن جو ٻار پيٽ ۾ وڌو اٿئي؟ مان توکي ماريندس يا طلاق ڏئي ڇڏيندس.”
چاچيءَ ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ جواب ڏنس ته :“اھا منھنجي چڱائي اٿئي ۽ مون کي ئي شابس آهي جو، تو نامرد سان ڏھن سالن کان ٿي رھان، ڀلي طلاق ڏي ۽ دنيا کي ٻڌاءِ ته تون ذري گهٽ ماين جھڙو مرد آهين، تو ۾ زال جي ضرورت پوري ڪرڻ جي سگهه ڪونهي، جيڪو ڪرڻو اٿئي سو وڃي ڪر، پر مان ھي ٻار ڪو نه ڪيرائينديس.”
چاچو گاريون ڏيندو، ڪاوڙ مان گھر کان ٻاهر نڪري ويو، پر مان دل ۾ خوش ٿيڻ لڳس ته الله منھنجي دعا ٻڌي ۽ چاچيءَ کي مون جھڙي ادڙي پيدا ٿيندي.پوءِ ھڪ ڏينھن انتظار ختم ٿيو، منھنجون دعائون اگهامي ويون ھيون ۽ چاچيءَ کي ھڪ ادڙي ڄائي. مان خوشيءَ ۾ ماپان ڪونه پئي پر زندگي ته وھندڙ درياهه آھي، ڪيترو پاڻي ڪھڙي پل وٽان ڪڏھن گذريو خبر ئي ڪانه پوندي آھي. وھڪري ۾ ساڳي جاءِ تي ھر وقت ساڳيو پاڻي ناھي ھوندو. ھڪ ڏينھن بابا جي بدلي ڪنھن ٻئي شھر ۾ ٿي وئي. ڪنھن ٻئي شهر ۾ گھر ورتو، سو اسان کي اتي لڏائي وٺي ويو. چاچي ويچاري تنھن ڏينھن ڏاڍو رني ھئي.
زندگيءَ گھڻا ئي پاسا بدلايا. مان ڪاليج تائين پھتس، ايندي ويندي پاڙي ۾ رهندڙ زوھيب سان منھنجي محبت ٿي وئي. خبر ناهي ڪجهه عرصي کانپوءِ بابا کي ان ڳالهه جي ڪيئن خبر پئي، تنھن امان کي گار ڏيندي چيو هو ته: “تنھنجي ڌيءَ به رنڊين وارا ڪم پئي ڪري بابا مون کان ڪاليج ڇڏرايو. منھنجي زارو قطار روئڻ، منٿن ۽ ايلازن، تمام گهڻين آزين ۽ نيازين کي خاطر ۾ نه آندائين. منھنجي ھڪ به نه ٻڌائين ۽ منھنجي شادي پنھنجي ماسات جي پٽ دادن سان ڪرائي ڇڏيائين.
اڄ جڏهن مان پاڻ ھڪ ٻار جي ماءُ ٿي آھيان ۽ زوھيب کي ياد ڪندي آهيان، ان ٽائيم جڏهن منھنجو مڙس مون سان سمھندو آهي، جنھن کي مون ڪڏهن پنهنجي دل سان نه پيار ڪيو آهي ۽ نه ئي قبول ڪيو آھي. وچ ۾ منھنجي زوھيب سان تڏھن ملاقات ٿي هئي، جڏهن امان جي گهر وئي ھيس، تڏهن زوھيب مون کي پنھنجي گهر گھرايو، تنھن ڏينھن ان جا گهر وارا ڪٿي ويل ھئا. مان پنھنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان زوھيب سان ستي ھئم ڪيڏو نه سرور ھو زوھيب جي ڳالھين ۾، ڀاڪرن ۾، چمين ۾، ان سان گھاريل انھن لمحن ۾!
ڪلهه رات منھنجي مڙس، ڪاوڙ ۾ مون کي گاريون ڏيندي چيو، “رنڊي” ھن مون کي “رنڊي”‘ ان ڪري چيو جو مون ان کي سمھڻ نٿي ڏنو. مون کي زينت جي ماءُ ياد آئي، جنھن کي دنيا “رنڊي” سڏيندي ھئي، جو ھوءَ سڀني جي سامھون پنھنجي جسم جو واپار ڪندي ھئي ۽ شرافت جو نقاب ڪونه پائيندي ھئي. مون کي پنھنجي چاچي ياد آئي، جيڪا پنھنجي نامرد مڙس سان بظاھر شرافت واري زندگي گُذاريندي ھئي پر لڪ ڇپ ۾ پاڻ کي ريج ڏياريندي ھئي، يا وري مان، جنھن کي زوريءَ ڏنل مڙس روز ريپ ڪندو آھي. ھتي ھر عورت رنڊي آھي، بس ڪا عورت ڪنھن نامرد ھٿان رنڊي ٿي آھي ته ڪا نامرد ريتن رسمن جي ھٿان.