شاعري
اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان
اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تـ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخي اڀياس لاءِ گم ٿيل ڪڙيءَ وانگر آهي، 70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ هڪ اهم دور رهيا آهن. سنڌي سماج جي سامهون اها چئلينج سياسي ۽ معاشرتي طور تي اڀري آئي هئي جتي تاريخي طور تي سهپ ۽ دانش وارين روايتن کي اڻسهپ ۽ انتهاپسندي وارين روايتن ۾ تبديلي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش رياستي ذريعن سان ڪئي وئي.
- 4.5/5.0
- 516
- 182
- آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
- ڇاپو 1
سنڌ سلامت پاران
اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تـ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخي اڀياس لاءِ گم ٿيل ڪڙيءَ وانگر آهي، 70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ هڪ اهم دور رهيا آهن. سنڌي سماج جي سامهون اها چئلينج سياسي ۽ معاشرتي طور تي اڀري آئي هئي جتي تاريخي طور تي سهپ ۽ دانش وارين روايتن کي اڻسهپ ۽ انتهاپسندي وارين روايتن ۾ تبديلي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش رياستي ذريعن سان ڪئي وئي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جو نئون ڇاپو باک ٽرسٽ ٻلهڙيجي پاران 2005ع ۾ ڇپايو ويو آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون ولي ساريو جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. مھربانيون انور پيرزادو اڪيڊميءَ ۽ امر پيرزادي جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
اداري طرفان
اهڙي بدقسمتيءَ جو شڪار انور پيرزادو بـ رهيو آهي، جنهن جي ادبي ، تحقيقي ۽ صحافتي حيثيت مڃيل تـ آهي پر ان جو ڪوبـ ڪتاب هن وقت تائين ڇپجي نـ سگھيو آهي ۽ يقين سان چئي سگھجي ٿو تـ ان جو نقصان انور پيرزادي کي شخصي طور تي گهٽ ۽ سنڌي ادب کي مجموعي طور تي وڌيڪ ٿيو آهي. 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏهاڪن ۾ سرجندڙ هيءَ شاعري، جيڪا اسان هن وقت ڪتاب جي شڪل ۾ پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن بروقت ڇپجي اچي ها تـ سنڌي شاعريءَ جو ارتقائي اڀياس گھڻو اڳ ڪرڻ ۾ مدد ملي ها. اسان يقين سان چئي سگھون ٿا تـ هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخي اڀياس لاءِ گم ٿيل ڪڙيءَ وانگر آهي، 70ع ۽ 80ع وارا ڏهاڪا سنڌي معاشري ۽ ادب لاءِ هڪ اهم دور رهيا آهن. سنڌي سماج جي سامهون اها چئلينج سياسي ۽ معاشرتي طور تي اڀري آئي هئي جتي تاريخي طور تي سهپ ۽ دانش وارين روايتن کي اڻسهپ ۽ انتهاپسندي وارين روايتن ۾ تبديلي ڪرڻ جي شعوري ڪوشش رياستي ذريعن سان ڪئي وئي.
اهو آدرشن جي ڀڳ ٽوٽ جو زمانو پڻ رهيو ۽ ساڃھ ڀريل طبقي کي جنهن ۾ اديب، شاعر ۽ صحافي بـ اچي وڃن ٿا، معاشري ۾ اڪيلو ڪيو ويو.
هن شاعريءَ ۾ اهڙي دانش مند شاعر جو سچو ۽ کرو اظهار شامل آهي. هيءَ شاعري رڳو سياسي ڪمينٽ نـ آهي پر هن ۾ شاعريءَ جي گھاڙيٽي، نئين محاري ((Meta- phor ۽ جديد اظهار جا تجربا پڻ موجود آهن، جيڪي تلقيدي نـ پر تخليقي آهن ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ قابل قدر اضافو آهن.
1971ع وارو سياسي بحران، جنهن دوران اوڀر بنگال ۾ وڏو قتلام ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو، بلوچستان ۾ آپريشن ۽ يارهن سالن واري ڊگھي ضيائي ماشل لا هن شاعريءَ جا ٽي وڏا موضوع آهن جڏهن تـ عشق داعمي درد آهي، جنهن جو اظهار هن شاعريءَ ۾ ملي ٿو. عشق جي نانءِ ڪيل هن شاعري جو اتهاس ڀٽائيءَ کان ورتل آهي، جنهن جو محور عشق، انقلاب ۽ سنڌ آهي.
ان اميد سان تـ هن شاعريءَ جو اڀياس ادب شناس ماڻهو ۽ نقاد ڪندا، هن ڪتاب جي شڪل ۾ هڪ تحفو سنڌي ادب کي ڏيئي رهيا آهيون.
باک ٽرسٽ ٻلهڙيجي پنهنجي تر ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي وٺائڻ ۽ تخليقي ماڻهن جي همت افزائيءَ لاءِ اڳتي بـ پاڻ پتوڙيندي رهندي ۽ هن قدم جي موٽ جي صورت ۾ اڳتي لاءِ بـ پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهندي.
imam-bux- Alam Khatoon
(Bakh) Trust, Balhreji (Near MohenJo Daro) Sindh
رتو ڇاڻ سونهن جو شهيد گلُ
موھ جي ماڻن
۽ سڀئين وصفين سهڻن
نازن سميت،
هڪ نئينءَ ساماڻيل
غريب ڇوريءَ تي
وحيءَ وانگي
نازل ٿي رهيو آهي
سونهن ؛
ماکيءَ جي لار جيان
گلابي ڳٽن،
چمي لاءِ تڙڦندڙ
چپن،
۽ اکين
(جن جي گھور ڪائنات کي
گرمٽ وانگر آرپار ٽنگ ڪري
سگھي ٿي)
۽ نئين ساماڻيل جسم جي،
هر ڍڪيل، اڻ ڍڪيل،
حصي تي
ڳڙي رهي آهي
حُسن جي پالوٽ،
مسلسل تجلا ڏيندڙ
.......................................
۽ اڻ کٽندڙ آهي،
جنهن کي ڏسي
ڇُهي ۽ انجواءِ ڪري
انسان جي فاني هجڻ تي
سيسراٽين وانگي
شڪ اڀريو پون ٿا
وليم ورڊس ورٿ جي
ليوسي گري، جھڙي
ڳوٺاڻي سونهن،
زندگي جي تيز وهندڙ چشمن تان
ڊگھيون ۽ چست ڇلانگون ڀري
ڪنهن اڻانگي چوواٽي تي،
اچي پهتيون آهن.
.......................
حسن تي ناز،
ڏک ۽ غم جو مزو اڻ چکيل،
درد جي تنها پيچري تي
رکيل پهرين قدم کي ٿاٻا،
پيار جا گھنگھرو
پيرن ۾ وچڙيل
۽ وکري ويل
غربت
لولهٽ، ڪنجھڪا،
آهون ۽ داهون،
سونهن جي آنڊن ۾
بک جا ولهوٽ
......................................
پوءِ بـ سونهن
پرھ جي وسندڙ ماڪ جيان
ماٺي، اداس، سنجيدھ
چڀندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ
۽ جسم،
سيڪس، آرس ۽ ڪتڪايون
جوانيءَ جو سن باٿ،
جذباتي بحرانن جو ورڪشاپ
بلوغت جي ڀڙڪندڙ
جذبن سان ٽمٽار
ننهن سوسڙو ماس
ڇلڪندڙ ڇاتيون،
ڪپڙن ۾ گھُنج،
هر ادا
هڪ حسين خواب،
هر عمل ڄڻ تـ پرفيڪٽ،
اخلاق، ايٽيڪيٽس، افعال
۽ طرز عمل
سڀ ڄڻ تـ حسن جي محلات ۾
ڪنيزون آهن
حسين غربت،
يا غريب حسن،
ٿر جي سونهن ڀرئي گل وانگر
فطرت جي رحم ڪرم تي
پلجندڙ
نـ دوا نـ درمل،
.........................................
نـ ضمانت،
عزت، زندگي، مال
سلامتي،
هزارين طرفن کان ايندڙ
ڇوها واچوڙا،
۽ چيٽ ۾
گھلندڙ هوا جا
اتاولا جھوٽا،
بک ۾ پاھُ ٿيل
جوانيءَ جي ٽمڪندڙ ڏيئي کي
اجھائي ٿا ڇڏين،
۽ فطري، مادي
پاڪيزھ ۽ جذباتي حُسن،
پنهنجي آخري حسين نظرن ۾
پنهنجو لاش اگھاڙو
هڏائون پڃرو
بدصورت ۽ بڇڙو ڍانچو،
"The ever-ugly human skeleton."
پنهنجين خوبصورت
اکين سان ڏسي
برباد ٿي ٿو وڃي
جواني
ڪڪريءَ جو پاڇو،
ٻار جي هٿن ۾، ( سج آڏو
آئيني مان پئدا ٿيندڙ اولڙو)
ڪنهن حسين اک ڇنڀ،
.............................................
۽ سرءُ جي جھوٽي جيان،
مختصر، اڻ پوري ۽ اڃايل
ڄڻ جھُڙالي ۾ ڪا نڪا نگري،
حُسن فنا آهي
ماڻهوءَ وانگي
بقا رڳو ماڻهپو آهي
حسن قرضي آهي
ماڻهوءَ وانگي
بکيو ڏکيو آهي،
فٽ پاٿن تي ريڙهيون ٿو پائي
.............................
سونهن تـ ڄڻ هن چيٽ ۾ بـ ڪانهي
سيءَ ۾ ٺوٺ ٿي ويل ٽارين
جي انگورن مان
لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن
ڪاريءَ جي رت ۾ ٻڏل
گونچ ڦٽو آهي،
رتو ڇاڻ سونهن جو شهيد گلُ
جيڪو گريو ڪري رهيو آهي
ان مادي هٻڇ تي
جيڪا ڏوڪڙ تـ ڪمائي ٿي
پر گل کي ٽاريءَ مان
زور مان پٽي،
مٺ ۾ چيڀاٽي،
مهٽي فرش تي اڇلائي،
ٽائر سول سان نابود،
......................
ڪري ڇڏي ٿي
لڳي ٿو
منهنجي دنيا ۾
سونهن، سڀاءُ
آرٽ ۽ ڪلچر کي
ڪنهن نيوٽران بم سان
تباھ ڪري ڇڏيو آهي
ٽٽل اڏاوتون،
فرنيچر ۽ بي ساھُ
ريڊيو ائڪٽو اثرات،
يادن جي ڀڳ ٽوٽ،
وستيءَ ۾ ڦهليل آهي
جا گند جي ڍيرن تي
سونهن جي لاش جي
ڳولا ڪري رهي آهي،
امن جي ڳيري جي چهنب مان
زيتون جي ٽاري کسي
دل ٿي چوي ڪو
ڊائنا مائيٽ رکي ڇڏجي
......................
آدرشن جي ڀڳ ٽوٽ
اهي اڻپورا ۽ ٽٽل آدرش
ٺينڍيون ڪري وهي رهيا آهن
جيڪي تنهنجي جوڀن ڀرئي جسم
۽ موھ جي مهڪ کي
ڏکڻ جي هير ۾
محسوس ڪري جوڙيا هئم
....................................
دل چوي ٿي
تـ توتي جيڪي بـ لکيو اٿم
سو سهيڙي
توکي ڏئي ڇڏيان
تـ تون ان کي ساڙي، رک ڪري
دائيءَ کي ڏئي ڇڏين
تـ اها ان رک کي
مينديءَ جي انهيءَ ٿالھ ۾ ملائي ڇڏي
(ڌوتين زائفن کان لڪائي
۽ گھوٽ کان چوريءَ)
جنهن مان شاديءَ رات
تنهنجن هٿن ۽ پيرن کي
................................................
ميندي لاتي ويندي
.....................
اهو احساس
ڪيڏو نـ ستائيندڙ
ڪيڏو وندرائيندڙ
جھير ڏيندڙ
۽ اداس ڪندڙ آهي
تـ مان توکي
حاصل ڪري نـ ٿو سگھان
....................
ٿڪ هجي،
اهڙن قدرن،
قانونن، رسمن،
۽ روايتن کي
جيڪي
توکي ۽ مونکي پاڻ ۾
ملڻ نٿا ڏين
باھ ڏئي ساڙجي
اهڙن نسل کي
جيڪو بي چين بستري تي،
جنم ٿو وٺي
جنهن کي ڄڻيندڙ
۽ نپائيندڙ
.................................................
پاڻ ان احساس کان محروم آهن
تـ ڪڏهن ڪنهن
هنن سان بـ ڪو
پيار ڪيو آهي
..................
تون مونسان
ملي نـ ٿي سگھين
اهو مونکي احساس آهي
لڳي ٿو
اسانجو ميلاپ
ڄڻ تـ اسان جا
بنيادي انساني حق آهن
جنهن کان اسان
ورهين کان محروم آهيون
پر ان محرومي جي پڄاڻي بـ ٿيڻي آهي
انهيءَ ئي آسري تي
جي رهيا آهيون
نـ تـ
جت پنهنجي مرضيءَ سان
پيار نـ ٿو ڪري سگھجي
جت پنهنجي پسند تي
حڪومت نـ ٿي بدلائي سگھجي
جتي اڪثرماڻهن کي
....................................................
مري وڃڻ تائين
آرام ۽ سڪون ڪونهي
جتي تنگ نظر
جنوني نظام رائج هجي
اتي جيئڻ ٽاچر آهي
......................
تون ۽ مان هڪٻئي کي
چاهيندي بـ
هڪٻئي لاءِ
تانگھ ٿيندي
محسوس ڪندي بـ
۽ هڪٻئي ۾ جڪڙجي وڃڻ جي
Unattainable خواهش
جي باوجود بـ
هڪ ٿي نـٿا سگھون
اهو بـ هڪ ٽارچر آهي
.........................
نرڙ تي
هڪ هڪ گھنج
مٿي تي
هڪ هڪ اڇو وار
۽ جوانيءَ جي اڀار جو
ڦلهڙو ٿي لڙڪي پوڻ
..................................................
آتمائن ۽ آدرشن جي
قتل عام جو اعلان آهي
ٽاچر آهي
پر ٽارچر ۾ بـ جي سگھجي ٿو
تون مونکان سواءِ بـ
زندھ رهي سگھين ٿي
۽ مان توکانسواءِ بـ
جي سگھان ٿو
اها ٻي ڳالھ آهي
تـ ٽارچر وارو جياپو
۽ توکانسواءِ زندگي
ڪڏهن منهنجو
آدرش نـ رهيو آهي!!
............................
زندگي هڪ آپريشن ٿيئٽر
ٽپڪي ڪُرائڻ ٿا لڳن
پگھر جا کارا ڦڙا،
۽ اها ڀي پڪ آهي
سور جو ناسور هيءُ
هن جنم ۾ ڪين ڇٽندو
ڇو تـ ان تي
پگھر ۽ ڳوڙهن جون
پٽيون ٿا رکن
ڪي ڊاڪٽر،
جن کي نفرت مان
ڀٽائيءَ هو سڏيو
انڌا اونڌا ويڄ
روح جي ناسور ۾
ويتر آ رهجي ويئي
هڪڙي فورسيپ،
ڏاڍ ۽ پرماريت
جي فورسيپ
زندگيءَ جي آپريشن روم ۾
زندگي
هڪ آپريشن ٿيئٽر
يا تـ آهي ڪوس گھر،
ڊاڪٽر تاريخ جا نابين روح،
پيٽ خالي ماڻهپي کي
.................................................
صبر جي انجيڪشن ڏئي
چپ ٿا ويٺا سبن
ماڻهپو ويتر ٿي ويو آهي بيمار
ڊاڪٽر تاريخ جا نابين روح،
ماڻهپي کي
بک وگھي
بيمار ۽ لاچار کي
رت جون ٿيلهيون ڏئي،
ٻانهن ۾ انجيڪشن سان
ٽنگ ڪري،
ماس کي ٺاهي پروڻ،
آئيسو پلازما جي وسيلي
ساھ جي ٽٽندڙ ۽ ڇڄندڙ
سور ۽ ناسور جي ڏوريءَ کي
ويٺا ڳنڍيون ڏين
بک وگھي بيمار ۽ لاچار
اڄ جو ماڻهپو،
آپريشن ٿيئٽر ۾
بي هوش ۽ بي جان ستل،
روح
جيڪو لاڏلو ڄائو ۽ نپنو
نوبنو ۽ پاڪ روح،
نور جو ڪو پرتوو
جنهن ۾ چون ٿا
هو رکيل
بک وگھي،
هڪ ڪاسبيءَ وانگي
......................................
ڪمائي، رت ست ڏئي،
بک ڪاٽي،
زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ
کي ڌڪيو
هڪ صدي جيئرو رهيو
زندگيءَ جي بيل گاڏي
پست ۽ هيڻين ٽنگن وارو سوار،
ٿڙڪندڙ ۽ ٿاٻا کائيندڙ
سوار جون جوڙي ٽنگون
زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ ۾ جٽيل
جنهن تي هڪڙي زال
۽ ٻارن جو ميڙ،
بک رڌڻ جون ديڳڙيون
۽ اڃ ڀرڻ جا خالي ٿانو،
سيءَ لڳڻ واريون رلهيون
۽ اٻ ڪڍڻ وارا پکا،
پاڪ ۽ پوتر بدن کي
وائکو ڪندڙ لٽا
هار ۽ سينگار لئـ
دڳ جي مٽي،
تڙ ڪرڻ لئـ
اڀ ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻيون
مٿان وسندو اچي
وڏ ڦڙي سان گڏ
چڻي جيڏو ڳڙو
ٻارڙن جي سڏڪڙن جا لوڪ گيت
زال جي پارن ڪڍڻ جا
......................
سهرا ۽ لاڏا
سر سنگيت
رت سڪل، لاچار ۽ بيمار
انهيءَ سوار جون
زندگيءَ جي بيل گاڏيءَ ۾ جٽيل
پست ۽ هيڻيون ٽنگون
جن جي گوڏن مان
سڪي ويو آهي تيل
خشڪ ڦيٿن وانگيان
چيڪاٽ ڪنديون ٿيون وڌن،
اڳتي جتي وڻراھ ناھ
سڃ آهي بک آهي
اڃ آھ
پيٽ ۾ ولهوٽ
اکين ۾ ڦلا
رت ڳڙيون ۽ جسم تي
ناسور جا بي انت سور
سلھ، تپ ۽ رت وهڪ
خون جون گڙيون،
حياتي موت جي اکٻوٽ راند
زندگيءَ جي بيل گاڏي
مسئلن جي گپ چڪ،
حالتن جي واچ مينهن ۽
خواهشن جي قتل گاھن مان رڙهي
بک جي جھوليءَ منجھان
اڃ جي جھاڪن مٿان
وقت جي ظلمن جي منهن ۾
.......................
چيڪندي اڳتي وڌي ۽
زندگيءَ جي آپريشن ٿيئٽر ۾
گپجي پئي
زندگيءَ جي بيل گاڏي جونءَ پير
منزلون اڻکٽ
۽ نسلن جو وکون
زندگي جي شاهراھ ڏاڍي ڊگھي،
ٿي هڻي تاريخ جنهن تي
ويڪريون ٻٽيون ٻرانگھون
ارتقا جون، سچ جون ۽ رت جون،
تنهن تي اڄ،
ماڻهپو
بيمار ۽ لاچار روح،
زندگيءَ جي بيل گاڏي،
گھلي گھلي
زندگيءَ جي آپريشن ٿيئٽر ۾
ٿڪجي پيو آهي ڪري
ڊاڪٽر
تاريخ جا نابين روح
جن کي نفرت مان ڀٽائيءَ
هو سڏيو
انڌا اونڌا ويڄ
نڪ تي ڪپڙو رکي
پيٽ بکئي ماڻهپي جو
ڪن ٿا اهڙو آپريشن
جنهن وسيلي
هو چون ٿا،
.....................
بک هوندي،
اڃ هوندي،
ماڻهپو زندھ رهي
۽ چپ رهي
پوءِ بـ سبيل
چپ چوري
ڪئٽ گٽ (catgut) ٽوڙي
الائي ڇا ٿو چئي
سمجھ ۾ ايندڙ
۽ منجھيل لفظ
۽ جملا
رت ۾ آهن گڏيل
آپريشن دوران چمڙي کي ٽوپو ڏيندڙ ڌاڳو جيڪو رڍ گھوڙي ۽ گڏھ
جي آنڊن مان ٺاهي تيار ڪيو ويندو آهي.
ڪنٽراسٽ
شاعر ......... گولي،
بانبڙا ٻار جا ...... پاس آئوٽ پئريڊ
ٻن ڀرن و چ ٻن ڪلهن تي
تلڪ سرمي جو.... بٽڻ ڪو ٽامي جو.
گوڏ صدري نيري، خاڪي
مٿي تي انگوڇو.... ۽ اڇي يونيفارم
اس ۽ ٿڌ ۾ ڄڻ تـ ماڻهوءَ
اگھاڙا پير....... جي چم مان
جوڙيل جوتا
چلڪندڙ بوٽ
تري ۾ ڪوڪا
ڏور لوڙائو وار، وومن
۽ ڀٽائي جا بيت.... ۽ وائين،
جنگي جوان
ڏاند گاڏي جيٽ، ميزائيل
پلال، ڇنل رلهي.... بڪتربند گاڏيون
لٺ گھوٻاٽا، جي ٿري، ماٽر
ڪهاڙيون..... ۽ توبخانا
مڏيون، سڏيون
رات جو ڏم کان چور، زاني،
ڀڄي ۽ لڪي، ....ڀٽائي، سهڻي ميهر
تار ترندڙ ۽ ٽڪٽڪي، ڪات،
ميهر سان ملندڙ چم جا ڦٽڪا.
سنڌ جيئي، .......نظام مصطفي،
سدا جيئي پورهيت پائنده باد، زنده باد.
حياتيءَ جو رومانس
دريا تري
مڙس کان لڪي
ميهر سان ملڻ
۽ پيرين اگھاڙي
تتل ڏينهن ۾
جبل جھاڳڻ،
بکئي پيٽ
بدحال هوندي،
عمر جھڙي ظالم سان
جھيڙو ڪرڻ،
زماني جي هٿرادو
ريتن ۽ رسمن
جي منهن تي
ڪا دانگي ملي
ڪنول ۽ ڪنواريون
سڏي
ڪاڪ جوڙڻ
چنيسر کي چاهي،
املھ هار تي
ان جو سودو ڪرڻ
جوانيءَ ۾ ڪارو ۽ ڪاري ٿي
.....................
ڪسجي وڃڻ
حڪومت سان جبلن تي جھيڙو ڪرڻ
اسٽينسل ڪٽڻ
۽ پمفليٽ لکڻ
بندش پيل ۽
خطرناڪ ڪميونسٽ
لٽريچر پڙهڻ
ظلم،ڏاڍ، انياءَ سان
مهاڏو جھلي، مٽي ويس
انڊر گرائونڊ ٿي وڃڻ
رڳو آهي جوکم جو ڪم
رڳو آهي جوکم جو ڪم
۽ جواني ۾ جوکم کڻڻ
حياتيءَ جو رومانس آهي،
حياتي آ جنهن کانسواءِ
ٻسي ۽ ڇسي،
صفا اهڙي جھڙي، ڪنهن چرسيءَ،
آفيمي ۽ ڀنگيءَ جي بي حس حياتي،
مئل، زرد،پيلي، اگھي
ڄڻ تـ ٽي بيءَ جي پيشنٽ
جو ڪو کانگھارو
.................
مونکي پنهنجا هاريل ڳوڙها واپس ڏي
اڄ هڪ هڪ ٽاڪو
آءُ اڊيڙڻ چاهيان ٿو
مونکي پنهنجا هاريل ڳوڙها
واپس ڏي
مونکان پنهنجيون ساريون مرڪون
واپس وٺ.
تنهنجي مرڪڻ
مرڪي موهڻ
موهي مارڻ
واريءَ سرڪڻ ڦاهي کان
مان جند ڇڏائڻ چاهيان ٿو!
مونکي پنهنجا هاريل ڳوڙها
واپس ڏي
مونکان پنهنجيون ساريون مرڪون
واپس وٺ.
توکي تنهنجيون
ڪارون بنگلا
سرمائي سان
سهڪڻ واريون
سيف ٽجوڙيون
بخش هجن.
توسان ڀل هي
ڪلبون مهڪن
بار جون ڪوٺيون
ڳاڙهيون شيشيون
تنهنجي هوندي
ٻهڪن چهڪن.
تون ڀل پنهنجن
جيڏن سرتن
يارن ۽ مل وارن
سان شل خوش هجين
مونکي تنهنجي
ڪهل نـ گھرجي.
منهنجي اندر
شاعري جي جا
دل ٿي ڌڙڪي
تنهن کي تنهنجي
ساڙهي جو اڄ
پلو نـ گھرجي.
مونکي من جي گھراين ۾
گيتن جي موسيقي گھرجي.
نغما، نغمن جا هي سڏڪا،
آهون، نيزاريون ۽ ڪوڪون
ڪافي آهن.
پنهنجي اڊڙيل روح کي ويتر
آءُ اڊيڙڻ چاهيان ٿو
مونکي پنهنجا
هاريل ڳوڙها
واپس ڏي
مونکان پنهنجيون
ساريون مرڪون
واپس ڏي
واپس ڏي
هيءَ ڪنهن جي ياد جي پيڙا آهي
من مان رت جو ٽيپو بڻجي
چواڪا ڪري
ٽمي پئي آهي
هي ڪنهن جي اک جو ڳوڙهو آهي
من جي آڳر تي
ڪا ڪڪري ساڻ ڪري
سنهڙي بوند جيان اڄ
وسي پيو آهي
هي ڪنهن جي پٻ جو کڙڪو آهي
بند ٿيل دروازو کولي
ڏسي اچان ٿو
ڪوئي ناهي
هي ڪنهن جي ساھ جو پاڇو آهي
هليو وڃڻ کان پوءِ بـ
ڪمرو سرهو آهي
هيءَ ڪنهن جي اک جي سرخي آهي
جنهن کي ڏسندي
ڳاڙهي رنگ سان
عشق لڳي ويو آهي
هي ڪنهن جي پيار جو سڏ آهي
سور بـ هانو تي
ٿڌڙا ڪڍڻ لڳا آهن
زنجيرون سينگار لڳن ٿيون
موت بـ وسري ويو آهي
جيئڻ سان نينهن لڳي ويو آهي
ان رومائنٽڪ
پيار جي هڪڙي پاڻيءَ ڍڪ سان
آلو ڪري
اڌ چٻاڙي
ڪوڙي منهن سان
خشڪ نڙي مان
لاهڻ جي جاکوڙ
ئي آهي زندگي!
تنهنجي منهنجي
۽ هر ڪنهن جي
زندگي!
جنهن کي،
تون ۽ مان
۽ ٻيا ڀي ڪيئي ماڻهو
ڇڪڙي وانگي
گھلي گھلي
ڌڪي رهيا آهيون
سورن جي سڪي ٽڪر
کي نرم ڪري
مهانگائي جي بکئي پيٽ کي
پيار جو پاڻي،
خالي پاڻي
ڪهڙو آٿت ڏيندو!
پاڻي نيٺ تـ پاڻي آهي
وسڪي ناهي
پئٽرول ناهي
پاڻي نيٺ تـ پاڻي آهي
مهانگو ناهي
پئٽرول مهانگو آهي
۽ تنهنجي منهنجي
بکئي پيٽ ۾
آهن رڳو ولهوٽ
۽ هوڏانهن چيٽ ڦٽو آهي
ڪرڙ بـ ڳاڙها ٿي ويا آهن
هير گھلي آهي
جنهن ۾ آهي
نازبوءِ جي
مڌر مڌر خوشبوءِ
پر پوءِ بـ الائي ڇو
ڏاڍي بک لڳي آهي
۽ بصر مهانگو ٿي ويو آ
جنهن کي پلو ۾ ويڙهي سيڙهي
مڪ هڻي
چٿي چٻي
ڪنهن سڪي ٽڪر سان ئي سهي
کائي وڃجي
تنهنجي منهنجي
۽ هر ڪنهن جي
زندگي
اڄ بصرجيان
ماڻهونءَ کان بـ
مهانگي ٿي وئي آهي
..............
۽ تون ٿي چوين
مان ان رومائنٽڪ
ٿي ويو آهيان!!؟؟
Feudalism
ڪنواري ڇوري
پنهنجي منهن سان
واندي ويٺي
ڇاڇا سوچي
ڀاڳ سهاڳ جا سندر سپنا
ڪيئي جوڙي
ڪيئي ٽوڙي
................
پاسي واري گھر ۾ وڏيرو
نوٽ ڏئي ۽ سنمک ٿي،
مائي کان هر ڳالھ مڃائي،
ٻٽيهيءَ تان ڪانو تڙي
۽ مڇ وٽي
واندو ويٺو
ڌارئي گھر ۾ گھوري
..............
ڪنواري ڇوري
ڀاڳ سهاڳ جا
سندر سپنا
ڪيئي جوڙي
ڪيئي ٽوڙي!!
تعذير...
روح کي رهنڊو اچي رت وهي،
سچ سنگسار ٿئي ڀلي سٽجي،
توء نس تعذير جي نـ ٿي گھٽجي،
وير پنهنجو وٺو، وٺو يارو
هڪ پٿر ٻيو بـ هڻو ڪو يارو!
آدميت جي اصول تي اڄ ڀي،
ازل کان ئي ايئن ڪرڻ وارو،
ماڻهپي کي چريو چوڻ وارو،
مشڪي ڇا ٿا ڏسو ڏسڻ وارو،
هڪ پٿر ٻيو بـ هڻو ڪو يارو!
هڪ پٿر ٻيو بـ هڻو ڪو يارو!
سچ ۾ ساھ اڃا سڏڪي ٿو،
ان کي چچريو، چٿيو ۽ چيڀاٽيو،
نينهن ننگو ٿئي نهائين ڇڏي،
جنب اڇلايو جنگ هارايو.
هڪ پٿر ٻيو بـ هڻو ڪو يارو!
هڪ پٿر ٻيو بـ هڻو ڪو يارو!
Lover's Day
منهنجي دل
اڄ ڀڪ ٻڌي بيٺي آ
تـ مان لورس ڊي تي
هوٽل ۾ وڃي
ڊانس ڪريان
سڳنڌ سرهاڻ کي
روح جي گھرايو سان چکي
کڙاين کڙين تي بيٺل
ڪنوارن جسمن جي
شاعري ٻڌان ۽ ڏسان
پر ڏيڍ رپئي واري
منهنجي ايگل پين
اصل نـ ٿي مڃي
(ان جو مون کان بـ
گھڻو مٿو ڦريل آ)
چئي ٿي
هل تـ يوم بلوچستان ملهائڻ نڪرون
برف ڄميل ٽڪرين مٿان
ڇڻڪار ٿيل
ٽهڪندڙ رت مان
چيچ ٻوڙي ساٺ ڪريون
آءُ من جي هن طبقاتي ڇڪتاڻ
کان بور ٿي
ريڊيو آن ڪري
ٻئي ڪن لائوڊ اسپيڪر تي رکي
ٿو ڇڏيان
ريڊيو چوي ٿو
...............
جنهن کي ٻڌندي ئي
خودڪشيءَ جا خيال ٿا اٿن
ريڊئي جو آواز
ٻنهي ڪنن ۾ ڪوڪرا ڪري ٿو چوي ٿو
شهر ۾ ڪرفيو لڳل آهي
ڏوھ آهي جنهن جي ڀڃڪڙي
ڏوھ آهي جنهن جي ڀڃڪڙي
آءُ پنهنجي مس ٽمندڙ پين
۽
رت وهندڙ دل
ميز جي هڪ ڊرا ۾ رکي
سمهي ٿو پوان
ڇت ۾ اکيون وجھي.
زندگيءَ جي حياتيءَ جو سوال
زندگي مان بـ گذاري ويندس،
زندگي خود گذاري سگھندي،
زندگي خود گذاري سگھندي!
.............................
لٺ تي لوڏا ڏئي هلڻ واري
جڳ جڳاندڙ کان بار ڍوئيندڙ
زندگي واٽ ۾ اڪيلي سر
وچڙي سچڙي
ڪٿي ڪري پوندي!
............................
مون تـ هٿ هٿ ۾ ڏيڻ جو
چيو هو
جھور ۽ پيرسن جياپي کي
ڪا گھڙي ٽيڪ ڏيڻ جو
چيو هو
مون تـ چيو هو تـ هن جياپي کي
رات جو رت هاڻي رستي تان
هٿ وٺي پار ڪجي
سگھ ڏجي
.......................
جڳ جي هن جوءَ پير جياپي کي
تيز ڊوڙئجي
تکو هلجي
مون تـ پنهنجي ئي منهن
هئي ڳالھ ڪئي
تو چيو آءُ گذاري ويندس
مون چيو مان بـ گذاري ويندس
زندگي ڪيئن گذاري سگھندي
زندگي ڪيئن گذاري سگھندي!!!!
ڪارنهن جا چٽا
زندگي دور اڃان دور وٺي ويندي آ
ايستائين جو لڙي لڙڪ سڪي ويندا هن
لالڙي ڳل ڳري ويندا هن
سرد ۽ زرد ڳلن تي ڪڏهين
ڪوسڙو رت ٽمي پوندو آ
ٿورڙو ترس، اڃا ترس، ڪٿي ڀيڻي آ،
زندگي دور اڃان دور وٺي ويندي آ
زندگي دور اڃان دور ستارن کان پري
نينهن نظارن کان پري
تنهنجي ۽ منهنجي خيالن کي ٿڏي
ڍير لڳل لاش ۽ بارود جتي
زندگي زهر جو پيالو بڻجي
موت جي سرڪ چکائي سڀ کي
وير هر ڪنهن کان چڪائي ٿي وٺي
ڇو تـ هي سڄي دنيا تنهنجي ۽ منهنجي ناهي
جن کي ڪا جنگ نـ لڙڻي آهي
جن جي آنڊن ۾ ڪڏهن بک نـ لڳڻي آهي
................................
توکي مونکي تـ رڳو عشق ئي ڪرڻو آهي!
پر اها ساڳي سڀاڳي دنيا
جنهن کي سمجھيو آ اسان سج سمان
تنهن جو ٻهروپ آ ڪارنهن جا چٽا
تنهن ۾ هر سچ چڙهي ٿو ڦاهي
تنهن ۾ هر ڌڱ جو سر ڌار آهي
تنهن جي ڌرتي ٿي سڙي آڳ ٻري
تنهن ۾ هن پيار سوا
ڏک گھڻا، سک گھڻا!
تون جي انسانيت تي نظر ڪرين
پيار ۽ پيٽ ڍو جون ڳالهيون هي
پل هڪڙي ۾ اڏامي وڃني!
ڇو تـ هي زندگي هر ڏجھ سوا ڏيندي نا
زندگي دور اڃا دور وٺي ويندي آ !
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
جنهن رات ۾ تو ٿي بيت چيا
سا رات اڃان ڀي جاري آ
۽ سج ڏنگايون ڪو نـ ڇڏيون
هي پنڌ پري جو واري آ
مان ڪنهن سان پنهنجا سور سليان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
اڄ رات رنو آ رت ڦڙو
۽ تارا سور پيئن ٿا پيا
هوءَ سانجھي سڏڪي روئي ٿي
۽ سوريءَ گيت چڙهن ٿا پيا
توکي نـ چوان ٻيو ڪنهن کي چوان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
مون تنهنجن راڳن جي سر ۾
جان سنهڙي سينڍ وڄائي آ
هر ماڻهوءَ ڀينڊ هنئي آهي
هر گھر گھٽي ڄڻ ڦاهي آ
ات ڪرڻن جي ڪا ڪوڪ ڪجان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
مون تنهنجي ڏات ڏيا مان اڄ
جان هڪڙو چڪڙو چاھ چکيو
ويڙهاند سندو ويراڳ ڪيو
هر ماڻهوءَ کي مون ڀاءُ ڪيو
ٿي تنهنجيون وايون آء ُ وڙهان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي
ڌرتي کان ڌار ڇني ٿا ڪن
ٿيون وايون تنهنجيون وار پٽن
۽ سرڙا تنهنجا اوسارن.
هي ارهي سرهي دانهن ڏجان
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
............
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
ڪنهن انڌوڪار انڌا ڪيا هن
ٿا ماڻهو توکي شاھ چون
۽ تنهنجي راڳ رسالي کي
ٿا آيت سمجھي ڪنڌ هڻن،
تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن.
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
اي چند! ڀٽائيءَ کي چئجان!
مونکي تنهنجو شهر تـ ڏاڍو ڀاسي ٿو
ڀلي تـ تنهنجي شهر جا ماڻهو،
اکين ۾ آرانڀيون ٻاري
ڳجھين وانگي لامارا ڏئي،
چٻرن جيان ويچارا ڪن
تنهنجي شهر ۾
ويڻن جي ٻولي ٿا ماڻهو ڳالهائن،
قرب بـ ڪانڊن ٽانڊن وانگي
ساڙي ٿو
ايئن لڳي ٿو
سوريتي ڄڻ هتڙي ڪائي ڄائي ناهي
پريت ڪڏهن آئي ناهي،
پر هي ماڻهو پوء بـ
پنهنجي جيت اجيت کان اکيون ٻوٽي
پنهنجي جيئري رهڻ تي جڏهين
ڳنڍ ٻڌي بيهي ٿا رهن
مان سمجھڻ تي مجبور ٿيان ٿو
تـ تنهنجي شهر جا ماڻهو ڀي
ڪا آس اکين ۾
رکي سگھن ٿا
تنهنجي شهر جي رات بـ ڪائي
.....................................
ڏائڻ آهي
کُٽي ئي نـ ٿي.
تارا جھڙا لوھ جا ڪوڪا
شوخ هوائون آڻي
من ۾ ٺوڪن ٿيون
تنهنجي گھر کان گذرڻ وارا
هير جا جھوٽا
(هونئن تـ چون ٿا
ڏاڍا هلڪا ٿيندا آهن)
منهنجي سر تي
پهاڙ جيان
اڄ ٽٽي پون ٿا
پوءِ بـ تنهنجو شهر تـ ڏاڍو پيارو آهي
بلڪل ايئن، جيئن تون آهين.
ادب
تون چوين ٿو تـ لکي ڪارا اکر
اڇڙي اجري پني کي ڪارو ڪري
ڇو ٿا تاثر ڏيو تـ اوندھ آ
............................
سج اڀري ٿو، ٿئي ٿي سانجھي
رات ٿئي ٿي تـ ڪري چنڊ ٿو
جڳ کي روشن
چنڊ ناهي تـ
ستارا ٿا کڙن اڀ ۾
پوءِ بـ چئو ٿا تـ اڃا اوندھ آ
پوءِ بـ ٺاهيو ٿا چتر
تصويرون
جن ۾ هر ڳوٺ، شهر جنگل ۾
رت هاريل آ، سڙن ٿا گھر گھاٽ،
باھ ڳاڙهي ۽ سڄي جڳ ۾ آ دونهون پکڙيل
۽ اڱر ٿيل اڄوڪا انسان
هيءُ آ ادب اوهان جو
۽ آهي آرٽ هيءُ
پوءِ بـ چئو ٿا
تـ اڃا اوندھ آ
..........................
پين ۾ مس پيل آ ڪاري
اڇڙي اجري پني تي
آءُ لکڻ ٿو چاهيان
تير جھڙا تکا ۽ زهر اکر
پوءِ بـ سارو پنو آ ڪارو ٿيو
.........................
پين ۾ مس پيل آ ڪاري
پوءِ جي آءُ لکان ٿو تـ
چوين ٿو هي ليک
ادب ناهي آ رڳو سياست هي
آءُ ڦهلايان ٿو اوندھ جڳ ۾
ڀل تـ بجليءَ جا ڪنيڪشن تو وٽ
صديون گذري ويون
نـ پهچي سگھي بجلي
مگر منهنجي ڳوٺ
ڀل تـ تون ڦوڪ ڏئي گل ڪرين
هر ڏياٽي ۽ ڏيئو
ڀل تون سچ لڪائي
۽ هڻي ڪوڙ نسوار
ٿو رکين اوندھ ۾
پاڻ کي ريڊئي کي
۽ ٽي ويءَ کي
صبح ۽ شام جي اخبار کي
..................................
وهائي ڪينچي،
پوءِ بـ تاريخ تـ انڌي ناهي
...............
وقت جون اکيون
ٻلي جي تارن جيان
گھگھ اوندھ ۾ رهن ٿيون چٽيون
تيز ۽ گھور ڪندڙ
هي شيءِ ۾
پوءِ بـ جي آءُ ٿو ڏسان
تـ ڪوئي روئي ٿو
تون چوين ٿو تـ لکي ڇڏ تـ کلي ٿو ڪوئي
.......................
رات جو روڊ تي،
۽ جھوپن ۾
۽ وڏن بنگلن ۾
نوٽ نڪرن ٿا
ٿئي ٿو واپار
برف جھڙن ٿڌن ۽ بک مئل جسمن جو،
جن کي وحشي ۽ جنس جا بکيا
رات ساري ٿا پٽين، ڇيڇاڙين،
آءُ جي ايئن لکان ٿو
تـ چوين ٿو هي ادب
اخلاق بگاڙي ٿو
ڪري عام ٿو جنس
......................
ڌيءُ جيڏي ڪنوار
گھوٽ آ ڏاڏي جيڏو
رات جو آءُ ڏسان ٿو
لڪي، چوري ڇپي،
ڌيءُ جيڏي ڪنوار
ڍونڍ مڙس جي هيٺان
ليٿڙي پاڻ ڇنڊي
ننڊ جي هنج ۾ وڃڻ کان اڳ ۾
الف اگھاڙي ٿي سمهي ٿي ٻئي ڪنهن سان،
جنهن سان هوءَ پيار ڪري ٿي ڏاڍو
ٿي لاهي ڇڏي اهو تڙ مٿي مان جيڪو
مڙس هن کي هو وڌو حق شرع
پورو ڪرڻ سانگي!
آءُ ڪئنواس کڻي
ان تي چٽيان ٿوهي عڪس،
تون چوين ٿو تـ هيءَ فحاشي آ،
پر جي مسجد ۾ ملان
ڳوٺ جي
ڪنهن اڌ ساماڻيل نينگر کي
وهاري هنج ۾
ٿو ڏئي سبق ۽ پورو ٿو ڪري جنسي شوق
تون چوين ٿو تـ آهي نيڪ خدا جو بندو
سڌريل، الھ لوڪ عالم هيءُ
..........................
پين منهنجي ۾ آهي ڪاري مس
............................
تنهنجي پرچار ڪندڙ
ٽولگر، خوشامدڙيا
ڀنڊ ، پينو ۽ وڪيل
ذهن سري کاڌل جيوَ،
جھل جا کوڙ اڪابر عالم
رات کي ڏينهن چئي
زور ڏئي اکيون پٽي
ڪجھ ڏسڻ کان سواءِ اڳتي وڌن،
۽ ظاهر ڪن
ڄڻ تـ هو ويٺا ڏسن هر هڪ شئي کي،
پوءِ بـ ٿاڦوڙا، ڌڪا منهن ڀت تي،
پوءِ کڏ ۾ ڪري اٿن ٿا ايئن،
جيئن ڪنهن نڪ وڍيل کي ٿو اچي
نسري نڪ
پوءِ بـ ٿاٻا ۽ ٿوڻا کائي انڌا اوندھ ۾
ڪجھ نـ ڏسندي اکيون پٽي ٿا چون،
هيءُ اوڀر کان اڀو ٿيو آ سج
رات آهي تـ اجھو آهي کڙيو روشن چنڊ
۽ ستارن جي چٽي روشن رات
اهڙي آهي، آ جھڙو روشن ڏينهن،
پوءِ بـ تاريخ تـ انڌي ناهي،
پوءِ بـ تاريخ تـ انڌي ناهي،
..............................
وڍيل چچريل ڏڏريل پيڙهيل
چچريل
ڏڏريل
پيڙهيل
وٽيل سٽيل
ڇيهون ڇيهون
گھمندڙ ڦرندڙ
جيئرا روح
منهنجي ڳوٺ
جا ماڻهو
ڄڻ تـ جن تي
اهڙو بم هنيو ويو آهي
جو نيو ٽران
بـ تـ ناهي
جو جسم ۽ مال
سلامت آهي
باقي دليون
چيريل ڦاڙيل
جذبا ڪپيل
خواب ڏنڀيل
سوچون ساڙيل
ساھ نپوڙيل
ڄڀون پٽيل
سک چورايل
ڏنڀ ڏنل
هي ماڻهو
..............
منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو
مرد ۽ زالون
ٻڍڙا،ٻار
جن جي آئون
لفظن ۾
تصوير چٽڻ ٿو چاهيان
سچي پچي تصوير
پر لفظ ۽ جملا
ايڏا پيڙهيل ناهن
جيڏا منهنجي
ڳوٺ جا ماڻهو آهن
سوچان ٿو،
تصوير جڙي نـ سگھندي
ڇو تـ اکر،
ڪنهن رئندڙ
اک مان
ٽمندڙ ڳوڙها
ناهن
ليڪا آهن
خالي ليڪا
آهن
.............
4 اپريل 1979ع جي پسمنظر ۾ لکيل
....................................
جڏهن تنهنجي ساهن ۾ وهنجي
۽ نازن سان سينگارجي
گھر مان نڪري
سرءُ جي ٻُسي ۽ ڇسيءَ شام ۾
گم ٿي ويندو هئس
تـ سوچيندو هوس
(انهيءَ هرڻ وانگي،
چون ٿا جنهين ۾ آ هوندي
مشڪ جي مهڪ)
تـ هي مهڪ آئي ڪٿان؟
سڪل پن
پن ڇڻ جي موسم ۾
سُرها تـ ٿيندائي ناهن
نـ جھوٽا سرءُ جي ڪا خوشبوءِ آڻيندا آهن
هي سورن جي بستي
هي گھاون جو گھر
اتان رت ۽ پونءِ ئي تـ نڪري سگھن ٿا
نـ خوشبوءِ رت ۾
نـ ڪا مهڪ پونءِ ۾
هيءَ سرهاڻ آئي ڪٿان؟
مان سوچيندو هوس
۽ ڪوئي نشو هئو
پيئڻ کان سواءِ جيڪو
غافل ڪري هو ڇڏيندو
(۽ ان هرڻ وانگي
چون ٿا جنهين ۾
...........................
آهوندي مشڪ جي مهڪ)
مان هلندوئي وتندو هئس،
اتاهيون ۽ لاهيون
دڙيون ۽ دڪا
ڪو تانگھو چڪڻ، ڪُن
سهڻي جان مونکي
ها لڳندا ٻرانگھ
۽ اهڙي طرح پيار جوهي نشو
ايئن ئي ٽٽي پيو
ٿيو جيئن بيروت ۾
۽ هاڻي سرءُ جي ٻُسي ۽ ڇسي شام وانگي
هي جيون ٻُسو ۽ ڇسو ٿو لڳي
نشي مان پٽيل،
ڳاڙهيءَ ريٽيءَ اک سان
ڏسان ٿو هينئر،
هي سورن جر بستي
هي گھاون جو گھر
هي رت جون نديون
پونءِ جون هي ڍنڍون،
هي پن ڇڻ جو ماتم
۽ غربت جا جھوٽا
اڳي کان چٽا ٿا لڳن پيا هينئر
۽ پنهنجي بدن مان اچي ٿي
پگھر جي ئي بدبوءِ
.....................
مينهوڳي
.......
مينهوڳيءَ ۾ ڌرتي ڇا ٿي چاهي؟
وسڪارو ٿئي،
ريج ٿئي
بک وڃي،
جيئن هن جا ٻچڙا
پٽڙي ڀت جي
هڪڙيءَ پاٽ تي
وڙهي نـ پون
واپاري
......
مينهوڳيءَ ۾ واپار ٿو چاهي،
لاڳيتي برسات پوي،
جيئن هن جو سودو گھڻو کپي
مهانگو ٿئي،
۽ ماڻهو هن کان
اوڌر کڻي قرضي ٿين
هو ننڍڙي دڪان مان
ڪاروبار وڌائي وڏو ڪري
......................................
ڪامورو
.........
مينهوڳيءَ ۾ ڪامورو ٿو سوچي
ڪوئي ڳڙو پوي،
ماڻهن جا سڀ گھر ڊهي
ناس ٿين
ملڪ سڄو
آفت زدھ علائقو ٿي وڃي
آمريڪا امداد ڏئي
ڪو رُڙھ ٿئي
۽ نئين مرسڊيز ملي
وڏيرو
.....
مينهوڳيءَ ۾ راڄ ڌڻي وڏيرو چئي ٿو
وسڪيءَ جي ڪا بوتل
ڀريل هجي،
واهڻ جي ڪا الهڙ ڇوري،
ڪمدار ڪاراوا کڻي اچن،
ٽرپل فاءِ جي سگريٽ ۾
ڪو چرس ڀريل هجي،
۽ ڇوريءَ کي
زوريءَ پياريو وڃي
جيئن گھڻو مزو اچي
........................
شاعر
مينهوڳيءَ ۾ منهنجي دل ٿي چاهي
پيار جا بادل
سونهن جون بوندون
جوانيءَ جون ڪي مست هوائون
سُندر ۽ ڇڙواڳ بدن جون
سُندر ۽ ڇڙواڳ لڪيرون
ٺاهي ڊاهي،
ڳوٺ جي هر هڪ
ڪنواري نياڻي،
پنهنجي پنهنجي سرتي سان گڏ
نظر کٽڻ تائين،
ٺينگ ٽپا ڏئي پيار ڪري،
۽ بوندون هير سان چنبڙي
هڪڙي چمي ڏين،
وسڪاري جي نالي،
مينهوڳيءَ جي نالي،
صرف تنهنجي نالي
سنڌ
ڀٽائي گھوٽ!
تنهنجي در تي اچي،
نـ پٽ گھريو آهي مون،
۽ نـ وري باس
ڪا باسي آهيم،
مان تـ هڪ سين
هڻڻ آيو هان،
خالي ڪشڪول کڻي
ڏات ڌڻي!!
سنڌ جو لاش کڻي آيو هان،
ان ۾ نئون ساھ وجھي ڏي مونکي.
جيون ....!!
هڪڙو چتر آ اهڙو،
ڌرتيءَ جي ڪئنواس تي پکڙيل
ماڻهوـ
ان ۾ رنگ ڀري ٿو،
هڪڙي جنم ۾،
هڪڙو رنگ،
پر رنگ تـ ڪيئي ٿيندا آهن،
ڳاڙها، ڪارا، پيلا، ناسي،
نوان نڪور ۽ اجرا رنگ.
پريت، وفا ۽ سونهن جو هڪڙو
رنگ بـ ٿيندو آهي.
جنهن مان خوشبو ايندي آهي
مينهوڳيءَ جي،
وسڪاري جي،
چيڪيءَ مٽيءَ جي مڌر مڌر خوشبوءِ
گل جڏهن ٽارين جون پينگھون ٺاهي
نچندو آهي،
۽ هير گھلي پوندي آهي،
تـ ڀوئنر بـ ڀلندا آهن،
.........................
۽ هڪڙي رنگ مان
سو رنگ اڀري ايندا آهن
سونهن بـ رنگ ڄڻيندي آهي،
جوڀن جھڙا ڳاڙها رنگ،
نيڻن جھڙا پوتر رنگ،
روسامي ۽ پيار ونڊڻ جا
پيارا رنگ،
جيون کي جرڪائيندڙ،
۽ ميڇن سان موهيندڙ رنگ.
پر رنگ تـ ڪيئي ٿيندا آهن.
ڪچا، ڦڪا، ڌٻارا رنگ،
رت جڏهن جوڀن کي جرڪائيندو آهي
ڳاڙهو هوندو آهي
ساڳيو ڳاڙهو ريٽو رت
گھاو مان وهندي وهندي خشڪ ٿي ويندو آهي،
تـ ڪارو لڳندو آهي،
نفرت کي ڀي رنگ ٿئي ٿو،
ڪوڙھ جو رنگ، ڌپارو رنگ
اهڙو جھڙو
ڦرڙيءَ مان بڙڪو کائيندي
وهندڙ پونءِ جو رنگ
سرءُ جو رنگ
۽ ڦاهي گھاٽ جو رنگ،
.....................
بيهودو ۽ بي رنگ ٿئي ٿو
ڍير تي لاش مٿان لامارا ڏيندڙ،
ڳجھن جو رنگ،
ڌپارو ٿئي ٿو.
اهڙا ڪيئي رنگ کڻي
من ۾ آڻي
ڪي ڪي ماڻهو
ڌرتيءَ جي ڪئنواس تي پکڙيل
چتر ڀريندا آهن
۽ جيون بدبودار ٿي پوندو آهي
پر پوءِ بـ جيون
جنم جنم ۾
سونهن جي سرهي رنگ سان سرجي ويندو آهي
جيون تڏهن تـ پيارو آهي
موت کان ۽ ٻيءَ هر ڪنهن شيءِ کان
ٻارن جو عالمي ڏينهن
کير ۾ پاڻي
دوا جي شيشيءَ ۾
مکيون مئل
ماءُ جي اکين
اوجاڳو
پيءُ جي آنڊن ۾
ولهوٽ،
آسمان ۾ تارا
اڌ اونداهي
ڏيئو خالي
وٽ سڙيل
ٻارن جو روڄ
هڪ هڪ رڙ
ماءُ کي هانو ۾
ڀالو
پيءُ کي پيٽ ۾
وڍ
تارن جي اولھ ڏانهن
ڪاھ
سج جو اوڀر ڏانهن
سفر
سڀاڻي،
پهرين جون،
.............................
ٻارن جو عالمي ڏينهن
....
بجلي بند
در ٻيڪڙيل
در جي ٻاهران
رڪشائن جو شور
وسڪيءَ جي
خالي بوتل
اونڌي پيل
ان تي اڪريل چٽ
ٻارن کي وڻندڙ
راند جو ڄڻ
رانديڪو
ماءُ اندر ويل
ذهن تي دڙڪن
جون يادون
ڇٻيون،
در نـ کڙڪاءِ
بس ڪري کيڏ
هن بوتل سان
اسان اچون ٿا
هڪ هٿ راند ۾
هڪ هٿ ۾
بصرن جا ڪترا
چٽڻيءَ جا لينگھا
ڪنهن ڪنهن
..................
هڏيءَ تي
بچيل گوشت
ساوا مرچ
ڳاڙها مرچ
زبان جو سڙڻ
رئڻ، واڪا
پاڻي، پاڻي
اڌ در کليل
اگھاڙو هٿ وڌيل،
ماءُ جو
ٻاهر نڪتل
فرج جي ٻي بوتل
۽ ڌڙڪو
چپ ڪري ويھ
اسان اچون ٿا
ٻار کي ڍڪر
جھوٽا ننڊ
سڀاڻي
پهرين جون
ٻارن جو عالمي ڏينهن
......
عيد جو ڏينهن
پنج ٻار
ڏاڍا پيارا
قرض تي ڪپڙا
نوان نڪور
.........................
سو ڏينهن
ڪمائڻ جا
هڪ ڏينهن
کپائڻ جو
پوءِ بـ
ماءُ جي پيٽ ۾
وڪڙ
پيءُ جي هانو ۾
ڀالا،
ٻارن جي اکين ۾
ڳوڙها،
نڙي گھٽيل،
سڏڪا وڍيل،
چپ سبيل
ڇو تـ
وڏيرن جي ٻارن کي
اوچا ڪپڙا
غريب ٻارن تي
چٿرون، ٽوڪون
سڃا، غريب نوڪر
بکيا، اڻ سڌريل
ٻار جو ضد
اهڙا لٽا ڏيو،
ماءُ جو آٽو
وٺي ڏينس
پيءُ پريشان
..............
مٿو خراب
پادر، موچڙا
بجا، گاريون
زال کي،
ٻارن کي
خير جو ڏينهن
لنگھي ويو
رات ٿي وئي
سڀاڻي،
پهرين جون
ٻارن جو عالمي ڏينهن،
.........
مڪمل بلئڪ آئوٽ
قومي گيت
ريڊئي جي ڀونڪ
جھيڻا اعلان
کڏن ۾ هليا وڃو
بمباري ٿيندي
ننڊ پيل پٽ
ڊڪندڙ ماءُ
کڏ ڏانهن ڊوڙ
سيني سان لڳل ٻار
آسمان ۾ زوڪاٽ
ٻار ٻـ اڌ
هڪ اڌ
هڪڙي هٿ تي
.............
ٻيو اڌ
ٻئي هٿ تي
شاديءَ کان پوءِ
پهريون دفعو
ٻچڙيوال ماءُ
هٿن تي
رت جي ميندي رچائي...
هڪ سڄي رات
ٻـ اڌ ٿيل ٻار
۽ سو ٽڪڙ ٿيل ماءُ
سڀاڻي پهرين جون
ٻارن جو عالمي ڏينهن
.......
ننڍڙا هٿ
مڪون چهنڊيون
نرم ۽ ڏاڍا ڌڪ
بابو ڪٿي آ
بابو ڪٿي آ
ماءُ جو ڪنڌ هيٺ
ساھ گھٽ
هنج آلي
ڪو بـ جواب نـ
ٻارن جي ڪٽ ڪٽان
مڪون چهنڊڙيون
سوٽيون،
بابو ڪٿي آ
......................
بابو ڪٿي آ
چپن ئي چپن ۾
طلاق ڏئي ويو!
طلاق ڇاهي؟
بابو ڪٿي آ
بابو ڪٿي آ
مڪون چهنڊيون
سوٽيون گاريون
بابو ڪٿي آ؟؟
ماءُ جو هانو
ڇيهون ڇيهون
پاڻ کان نفرت
مڙس کان نفرت
تقدير کان نفرت
ٻارن سان پيار،
بابو ڪٿي آ؟
بابو ڪٿي آ؟
پٽ مونکي
ڇڏي ويو آ
پر اسان کي تـ
نـ ڇڏيو ٿئين!
ٻڌاءِ تـ؛ بابو ڪٿي آ
مڪون چهنڊيون
سوٽيون گاريون
بُجا
ٻارن جا ڪچڙا هٿ
....................
هٿن ۾ سور
ٿڪ ٻانهون ساڻيون
سهڪي سهڪي
ننڊ پيل ٻار
ماءُ جاڳيل
اندر ۾ ولوڙ،
اڳٺ ۾ لڙڪي مران؟
کوھ ۾ ٽپو ڏيان؟
اڪ جو کير پيان؟
ڪاڏي وڃان؟
بر منهن ڪيان؟
پر ٻارن جو ڇا ٿيندو!
رات.......
اکين ۾ گھاريل
ڏينهن جو
سوجھرو اڀريل
عورتن جي
عالمي سال
کانپوءِ
اڄ پهرين جون
ٻارن جو عالمي ڏينهن
شادي
هي چارا چريا ڪو نـ ٿيا هن
هي دڳ پيچرا، گس گھٽيون
هنڌ ڀيڻيون ڏين شاهديون ٿيون
تـ تون ۽ مان هتي
ڪنهن اڄاڻي، ڏکي، جوءِ ڳولهڻ لئـ
نڪتا هئاسون
هي راهون اهي ئي تـ آهن
جتي تو چيو هو تـ چاهت جي چارن تان
ڪنڊن کي ميڙي
رتوڇاڻ پيرن کي آٿت ڏيڻ لئـ
ڏکي جوءِ، سولي ڪرڻ لاءِ لوچيون
انهيءَ راھ تي اڄ
زنجيرون وڇايون پيون هن
۽ سرنگھون هن پوريل
۽ تون ٿي چوين،
اچ تـ شادي ڪري
ٻار پئدا ڪريون!!!
Rainfall
مينهن پيو آ
هڪڙو منٽ بـ بيٺو ناهي
سياري وانگي
جھوڪ ٻڌي
ڪري پيو آ
ماڻهو پنهنجن گھرن ۾ بند ٿيا
ويٺا آهن
ڪارن واراهاڪس بي تي آهن
ڦٽڦٽين تي گھمندڙ
ڪنگلا ويچارا
سائلينسر ۾ پاڻي پوڻ جي ڊپ وچان
گھر ۾ ڪهڙ هنيو
ويٺا آهن
۽ درين مان ويٺا ليئا پائن،
تـ من ڪو
مينهن ۾ وهنتل سهنتل
درشن ٿئي
باقي ماڻهو
گھر جي آڳر کي ئي ڪا
هل پارڪ ڪري
اتي جو اتي ڦري رهيا آهن
هڪڙا ماڻهو
ڏاڍا خوش ٿيا آهن
جو ڏاڍو مينهن پيو آهي
۽ مهمان تائي
جيڪو جاتي آهي
سمهي پيو آهي
هڪڙن تي اڄ قيامت آئي آهي
سڪي سڪي
۽ پني پني
جن واجھ وجھي
پهريون پروگرام
ٺاهيو آهي
سي هوندي، اڻ هوندي جو
ويٺا سورپين
مينهن برابر جاري آهي
بجلي جي اکٻوٽ بـ
جاري ساري آهي
بجلي بند ٿيڻ تي آهي
اوسي پاسي وارين
گئلرين ۾
ڪيئي ڇوريون
( جن لئـ شاهوڪاري
بورڊم آهي)
ٻاهر نڪري آيون آهن
فرسٽيڊ آهن
جديد آهن
نواڻ جن جو مذهب آهي
ڇڙواڳي ايمان
۽ جنس خدا
سيڙپ جي آزاديءَ جون
متواليون آهن
سهڻيون آهن
ڪپڙا پائڻ ڄاڻن
وهڻ اٿڻ جو ڍنگ اٿن
انگريزي ڳالهائينديون آهن
مذهب کي نـ مڃينديون آهن
ڪک کڻي ٻيڻو بـ نـ ڪنديون آهن
انگريزي اولاد ئي لڳنديون آهن
...........
بجلي موٽي آئي آهي
ڇوڪريون، اندر
ايئرڪنڊيشنر کولي
لڪي وڃي ويٺيون آهن
مينهن جو پروگرام الائي ڇاهي؟
ڪيترن ئي گھرن ۾
مرچ لوڻ ناهي
اٽو ڀڳو پيو آهي
ڪانڪانگري ٿئي
تـ سڪي پوي
رستن تي پاڻي ئي پاڻي آهي
بسن وارا بـ پنهنجيءَ
مرضيءَ وارا آهن
رش لڳي پئي آهي
ڏهاڙي تي بيٺل
گھر ۾ واڙيا ويٺا آهن
راشن هوريان هوريان
کپندو ويندو آهيو
پوءِ ڇا ٿيندو
ڪنهن کي ڪا بـ خبر نـ آهي
پاسي واري بنگلي جي
پٺين دريءَ مان
ٺهيل ٺُڪيل
کاڌي ۽ شربت وارا ٽن
هر هر ڪري رهيا آهن
هو وري تيار ٿي
نڪتا آهن
گھمڻ گھتڻ ۽
ريني ڊي انجواءِ ڪرڻ
اڀ تي رڳو
لس ليٽ لڳي پئي آهي
ڪو بـ رنگ ناهي
آڪاش ٻسو ٿي پيو آهي
ڌرتي سهڻي ٿي پئي آهي
وڻن جو رنگ کلي پيو آهي
هوا مان ڌوڙ بـ ڌوپي وئي آ
هرڪو سهڻو چهرو
ڪئميرا کي اکيون هڻي رهيو آ
انڊلٺ اڀري آئي آهي
ست رنگي مينهوڳيءَ ۾
هڪ ڪانو
ڪوماڻو
ويٺو آهي
ڏاڍا ٿو ايلاز ڪيانس
ڀٽائي وانگي رشوت باسي
اٿي مانس
پوءِ بـ ويٺو آهي
هي ڪانو بـ ڪوئي
ڪافر آهي
ان رومائنٽڪ آهي
اڏي تـ جيڪر هوءَ اچي!
آءُ بـ ويٺو آهيان
موسم جو رومانس ڏسڻ لئـ
مينهن ڪري پيو آهي
ويٺي ويٺي ڏينهن لنگھي ويو آهي
ميرو سج
لهي ويو آهي
ڪڪرن پويان
هير گھلي پئي آهي
اوڀر کان هڪ
ڌوتل پوتل چنڊ کڙي پيو آهي
چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا،
مينهن جي پانڊارن جان
ٽمي رهيا آهن
رات کي ننڊ وٺي وئي آهي
آءُ اڃان واجھايان ويٺو
سوچيان ويٺو
حب ندي جي
پيٽ ۾ ويٺل ماڻهو
ٻوڏن ۽ برساتن ۾ لڙهندڙ
ماڻهو
مينهوڳي ۽ رات ۽ چانڊوڪيءَ جي
سونهن کان عاري هوندا
باغي هوندا
پريم پتر
۽ ڪڏهن ڪڏهن هو بند لفافي وانگي هوندو آهي
جنهن ۾ تنهنجو
ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل ڪو خطڙو
مونکي ملندو آهي،
جنهن لئـ آئون
جنم جنم کان
پوسٽ مئن لئـ
واجھائيندو آهيان
تـ ڪڏهن ٿو منهنجو در کڙڪائي
۽ بند ٿيل لفافو
هٿ ۾ ڏيئي وڃي
جنهن جو آئون
شيو ڪرڻ کان اڳ ۾
۽ چانھ پيئڻ کان پهريائين
سگريٽ دکائي
کولي ويهي هر هر دور ڪيان
۽ ڏسان تـ منهنجي پريت جي
لاش مٿان تون
ڪهڙن لفظن جي ٿي ڪفني چاڙهين....
اڄ جڏهن هي بند لفافو
مونکي پهتو آهي
جنهن ۾ تنهنجو
ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل هڪ خط
مونکي پهتو آهي،
۽ مون شيو ڪرڻ کان اڳ ۾
۽ چانھ پيئڻ کان پهريائين
سگريٽ وانگي دل کي دکائي کوليو آهي
تنهن ۾ آئون ڏسان ٿو ويٺو
تنهنجن لفظن
منهنجي پيار جي لاش مٿان
هي ويڙهيل غريب ڪفني
ڦاڙي اڇلي آهي
۽ پوسٽ مئن هليو ويو آهي
................
آءُ وري هڪ ڀيرو ويهي
ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل هي تنهنجو
خط پڙهان ٿو
هڪڙو لمحو سوچان ٿو
آءُ اهو ئي آهيان شايد
جنهن ڏي خط لکي تو شايد
منهنجي نالي پوسٽ ڪيو
۽ پوءِ هڪڙي لمحي خاطر
آءُ وري هي سوچان ويٺو
جي مان ساڳيو اهوئي آهيان،
جنهن ڏي تو هي خط لکيو آ
تـ مونکي خط مليو ئي ناهي
مونکي شايد هي جنم پڻ
پوسٽ مئن لئـ ڏسڻو آهي
( جيڪو ڪڏهن تـ ڏاڍو پيارو لڳندو آهي
۽ ڪڏهن ڪڏهن هو بند لفافي
وانگي هوندو آهي)
تـ ڪڏهن ٿو منهنجو در کڙڪائي
بند لفافو مونکي هٿ ۾ ڏئي وڃي
جنهن ۾ تنهنجو
ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل ڪو خطڙو
مونکي ملڻو هوندو آهي
سوچان ٿو
هن خط کي ڦاڙي،
تيلي ڏيئي، ساڙي رک ڪري،
ڪنهن ڪوري ٿانو ۾ بند ڪري
سنڌوءَ جي لهرن ۾ لوڙهي
جيئري ئي دلجاءِ ڪريان
تـ آءُ مري ويو آهيان
۽ منهنجي خاڪ سنڌوءَ کي
پهچي ويئي
۽ پوءِ خيال مٽي سوچان ٿو ويٺو
هن ئي خط جي ڪفني چاڙهي،
دل جو لاش اماڻيان توڏي
تـ تون ئي ان کي ساڙي رک ڪري،
ڪنهن ڪوري ٿانو ۾ بند ڪري،
سنڌوءَ جي لهرن ۾ لوڙهي پڪ ڪرين
تـ آءُ مري ويو آهيان،
۽ ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل
هي تنهنجو خطڙو
ڪنهن ٻئي کي ڪين مليو آهي
۽ پوءِ تنهنجو
ٻئي ڪنهن ڏانهن لکيل هي خطڙو
جيڪو مونکي پهتو آهي
ويڙهي سيڙهي، موٽائي ٿو پوسٽ ڪريان،
۽ سوچان ٿو
شيو ڪرڻ کان اڳ ۾
۽ چانھ پيئڻ کان پهريائين
تـ مونکي نئون جنم ملي ويو آهي
جنهن ۾ ڪنهن ڏانهن خط نـ لکندس
جنهن ۾ ڪنهن جو خط نـ پڙهندس
ماڻهو!
جيسين جيئرو آهي
ساھ جي
اچ وڃ آهي
موت، اصل ۾
ڪا شئ ناهي
مادي جي هڪ
بدليل صورت آهي
يادون جيئرون
رهنديون آهن
مرنديون ناهن
امر ٿي وينديون آهن
ڇو تـ شعور بـ
مادو آهي
جنم جنم ۾
صورت بدلائيدو
جيئرو رهندو
ايندو آهي.......
انقلابي
ڊگھو،
پيچرو ور وڪڙ
قدم
دل جي رفتار جان
وچڙندڙ
ٿڌا ساھ
جھاڪن ۾،
ٽٽندڙ ۽ هلندڙ
اڪيلو،
اٻهرو
۽ اڻموٽ
اڳتي ٿو وڌنڌو وڃي
پٺيان موت،
نڪ ۾ ناڪيلي ۽ ان ۾ رسي
جھليل هڪ هٿ ۾
ٻئي هٿ جي،
کوليل تريءَ تي
املھ سر
سينگاريل
مها گيان وارو
..............................
وڃي ٿو
الائي تـ ڪاڏي پٺي ڏيو
حياتيءَ جي هر سک ڏک کي.....
پٺيان تيز رفتار
ڏوڪڙ ۽ بنگلا
سڳنڌ سونهن واريون
ڪنواريون ۽ ڪارون
ٻنيون ڪارخانا ۽ عهدا
وڃي ٿو
سڌو نڪ سامهون
نـ ڪنڌ ٿو ورائي
نـ لوڻو هڻي
چون ٿا چريو آ
سڃاڻي نـ ٿو
تـ ناڻي ۾ آهي نشو
۽ سرهاڻ سان مهڪندڙ
ڇوڪريءَ کي چمڻ ۾
آ ڪيڏو مزو
پگھر ۾ ٿيل شل
ڦاٽل لٽا
هر هڪ وار هيٺان زخم.....
جي موٽي اچي،
ويهي وسڪي پيئي
تـ سڀ سور جيڪر،
.......................
وساري وهي
چريو آ،
سياڻو هجي ها
تـ ٺاهي ها ڏوڪڙ ۽ بنگلا
ستابو ۽ سکيو هجي ها
جنوني ۽ جذباتي آهي
اجھو ٿو ڪري
ڀلا ٿڪ، اوجاڳو زخم هيڏا
ڦٽيل دل جي رفتار
ٿاٻا بـ کائي جي هلندي
تـ منهن ڀر وڃي
نيٺ ڪرندي
اڃا ٿورو ڏسندا رهو
ڪريو، ڄاڻ ڪريو
اجھو ٿو اچي
پيرين پئي
سڀ کان مافي گھري
اڻانگو،
ڊگھو،
پيچرو ور وڪڙ
قدم دل جي رفتار
جان وچڙندڙ
اڪيلو، اٻهرو
۽ اڻموٽ
.........................
اڳتي ٿو وڌنڌو وڃي
۽ ڌرتيءَ جي گولائي
سوڙهي پئي ٿيندي وڃي
............
هيءُ هڪ هنڌ بيٺل
عقل جا انڌا
نـ ڄاڻن تـ چپ چاپ ۾
هي ايندو
پٺيان ئي پٺيان
ڪو راتاهو ڏيندو
هي ڌرتي رڳو گول ناهي
پر جيئري بـ آهي
هي ڌرتي اهڙي ماءُ آهي
جا پنهنجن ٻچن کي
لڪائي، بچائي ۽
انڊر گرائونڊ
پڻ رکي سگھندي آهي
سنڌو
اي سنڌو ندي
هلي آءُ
توکي ڏيان جسم جو مان
نپوڙي سپوڙي
سمورو ئي رت ست
نـ ڍاپي سگھين جي
تـ گرڙي ڪري ڇڏ
ڏکن ڏوجھرن کي
ڏئي ڳيت لاهي ڦٽو ڪر نڙيءَ ڀر،
تون اجگر آن سنڌو
تون مستيءَ ۾ ايندينءَ
تـ موٽائي مون کي ڏجان
سموروئي رت ست
مان تنهنجي ڪنڌيءَ تي
مهين جي دڙي جيان هان ويٺو
ڀلي جان اچي مونکي برباد ڪر
ڀلي جان اچي مونکي آباد ڪر
تون چوين ٿي
تـ آءُ سنگدل هان !؟
توکي شايد
خبر نـ آ جاني
مان تـ چاهيان ٿو
رڳو ماڻهو ڇو
هي جبل سارا
هوند ميڻ ٿين
اک جي شوخي هر
اڏامي وڃي
ڪنهن بـ پٿر
سان پيار
ٿي نـ سگھي....
آءُ ۽ سنگدل
هي ممڪن نا
ياد ڪونهئي تـ
تنهنجا سور سڻي
آءُ هڪ ڏينهن
روئي ويٺو هئس
تو ٿي پرچايو
پنهنجا سور ڇڏي
آءُ سڀ سور تنهنجا
پيئندو ويس
پر جڏهن اڄ
تون ٿڳڙيون پائي
اڌ اگھاڙي ٿي آڏو
بيٺين آن
مون تڏهن عشق کان
آ توبھ ڪئي
ڇو تـ هي پيار منهنجو
ڪنهنجو ڀي
انگ ڪيئن ٿو
ڍڪي سگھي جاني!
مون تڏهن عشق کان
آ توبھ ڪئي
تون چوين ٿي
تـ آءُ سنگدل هان؟!!
ڪراچي
بنگلي جو ڦوهار
ايئر ڪنڊيشنر
سنگمرمر جو گھر
جھرمر جھرمر لان
اليڪٽرڪ گٽار جي تان
نيرو سئمنگ پول
پورو مئٽروپول
مزدور ٺاهي
سرمائيدار ۽ ڪتو واپرائي!
سر نسرڻ، چٽ ڀڃڻ،
چٽ ڀڃڻ،
اتر لڳڻ،
چنڊ کڙڻ،
سڪ لڳڻ،
ڀٽائي پڙهڻ،
باک ڦٽڻ،
ماڪ پوڻ،
ڀيڄ ڀنيءَ،
ساٺ ٿيڻ،
ميندي لڳڻ،
لانئون لهڻ،
ڪنوار ٿيڻ،
گھوٽ ٿيڻ،
۽ شهيد ٿيڻ،
هي سڀئي ڄڻ
سونهن اسم جون فعلي صورتون آهن
سور هڪ جاءِ تي هجي
تـ کڻي صبر ڪجي،
تنهنجو هڪ گھاءٌ هجي
تـ کڻي شڪر ڪجي
من منهنجي تـ اڄ ٻڌي ئي نـ ٿو،
کوڙ سمجھايو اٿي مانس
دلاسا ڏيئي
پيار سان
ڇڙٻ ڏيئي
هار مڃي،
پوءِ بـ تڙڦي ٿو،
روئي ڳائي ٿو،
پوءِ بـ چئي ٿو تـ
آءُ پريت ڪريان
پوءِ بـ چئي ٿو تـ
آءُ سور سهان
پوءِ بـ چئي ٿو تـ
آءُ جيئرو هجان
۽ چپ نـ رهان
ڪاري
ڪاري ڪوٺي
انڌيءَ مڙسيءَ
واري غيرت آڻي
جيڪو وار ڪري ٿو
خبر اٿئي
سو
خطا ٿيئي ٿو
منهنجي ڏات برابر
ننگي آهي
پر سچ بـ تـ
ننگو آهي
منهنجي دنيا
جنهن تي
ڪوڙا،ڪنا،ڪوجھا
پاڇا جھولائي
جا ههڙي
جٺ ڪئي ٿئي
منهنجي ڏات
..................
انهن کي ميڙي
آرانڀيءَ سان ساڙي
جڳ تان پردا لاهي
ننگو ڪري ٿي
سچ چوي ٿي
سچ کي تاڙي
انڌيءَ مڙسيءَ
واري غيرت آڻي
جيڪو وار ڪرين ٿو
خبر اٿئي، سو
خطا ٿيئي ٿو
خطا ٿيئي ٿو
Abstraction
دونهون لاٽ ڪري گم ٿي ويو
رستي تي رڪشائون رڙيون
ڇتڪتائي مان ڌوڪينديون
ٽنگو ٽالي وقت کي گھلي وٺي ويون
گھڙي پلڪ لئـ ڪارو دونهون،
منڊيءَ نچڻي وانگي
ابتيون ڦيريون پائي
پولارن جي پيٽ بکئي ۾
هضم ٿي ويو
ويندڙ رڪشائن جي ڦرندڙ ميٽر وانگي
وقت جو ڪانٽو ڦرندو ويو
مون هيڏي ساري،
ماڪوڙين جان چرندڙ پرندڙ
شهر جي هر هڪ
ماڻهوءَ کان هڪ سوال ڪيو
وقت جي ديوي اغوا ٿي وئي
ڪجھ تـ ڪريو
پولارن مان
ڪن جا پڙدا ڦاڙيندڙ پڙلاءِ پيو
چريو ٿيو ٿو، چريو ٿيو ٿو، پٿر هڻو
مون گيدي مان سگريٽ ڪڍي،
تيلي ٻاري،
سوچون ساڙي،
پولارن ۾ گھوري گھوري
ڪش هنيو
سوال...
ڀل ۾ ليئو پاتو
پر مون تـ انهيءَ تي
پوري رات
پئي سوچيو هو
مون کي ڪوئي چاهي ٿو
آءُ بـ ڪنهن کي
وڻي سگھان ٿو
مونکي هتڙي
رهڻو آهي
توکي حاصل ڪرڻو آهي
پر اڄ جو تون نـ ٿي سڃاڻين
مان ڇو سمجھان
زندگي اجائي آ
طلاق
وڳو سائو پاتل
نرڙ تي
ڊٺل تلڪ سرمي مٿان
چنڊ تارو ٺهيل
تون سهڻي تـ شايد
لڳين ٿي هينئر
پر دل منهنجي تـ
وس منهنجي ۾ ناهي
هوءَ سوچن جي سرٻاٽ
تي ڪن ڏيئي
جذبن جي دوکيءَ مان
نڪري وئي آ
وهائي گھڻو رت
ريٽي ٿي پئي آهي شايد
آزادي.....
منهنجا گيت هٿين خالي !
سج لٿي ڪو وقت ٿي ويو آ !
منهنجا ساٿي سڀ سمهي پيا
مونکي ننڊ اچي تـ سمهان
ڌرتي ڪهڙا ويڻ سهان
جاڳان ٿو پيو ۽ تارن جي
ڌنڌلي ڌنڌلي پاڇن ۾
ڪنهن جا پيرا ڪين ڏسان ٿو !
لاٽ اجھاڻي واٽ آ اوندھ
هيٺ مٿي اوساٽ ڏسان ٿو !
ٿي وئي آس نراس سڀن جي
آزاديءَ جي ديوي اڄ
ڦاٿل آ، ست ڪوٽن ۾
منهنجي هٿ ۾ ڀڳل قلم !
منهنجا گيت هٿين خالي!
دل ٿي چئي اڄ
اوچي ڪوٽ جي ديوارن سان
سر ٽڪرايان
مٿو ڦاڙيان
من ڪو ڀت جو چٿر لهي !
۽ آئيندي جو ڪوئي ماڻهون
هيئن چوي
اوچي ڪوٽ جي ديوارن جو چٿر لٿل آهي
پنهنجو ماضي
پوتر آهي، روشن آهي !
اجالا، اجالا
اڙي زندگيءَ جي تقاضا جا دشمن
هي جيون آ ڌڙڪن
هي ڌڙڪن آ جيون
تون ڇاڇا بـ سوچين
تون ڪيڏو بـ لوچين
هي دنيا جو دستور ڦرندو ئي رهندو
تون دنيا جي ڌارا کي روڪي نـ سگھندين
هي جيون جوالا
جي ڦاٽي تـ ڏسندين
اجالا، اجالا، اجالا، اجالا
اڃا رات آهي
اڃا رات جي تات وڌندي وڃي ٿي
اها رات ڪاري
اهي وار ڪارا
پرينءَ نيڻ ڪارا
نيارا نيارا
پيارا پيارا
نـ مان آهيان ڏوهي
نـ تون آهين ڏوهي
اهو راز آهي
جنهين کي ڪو سياڻو
نـ سمجھي ئي سگھندو
انهيءَ کي ڪو مدهوش ماڻهو اياڻو
پروڙي ۽ سمجھي
نچوڙي ۽ پرجھي.
هوا جا جھوٽڙا ٿا سانت ٽوڙن
منهنجو من اڄ اٻاڻڪو ٿو ٿئي
ڪونج ڪرڪي ٿي
چهنڊڙيون ٿيون پون
ٻار روئي
ٻـ هٿڙيا سوٽا لڳن
آسري وند ڪنهن بـ اکڙيءَ مان
گونگا ڳوڙها ڳڙن ٿا
ايئن ٿو لڳي
منهنجي ڌرتي تي اڄ ٿا بم لڳن
آءُ پنهنجي اٻاڻڪي من کي
ٿورو آٿت ڏئي کيڏايان ٿو
آسري ان ۾ ويهي سوچيان ٿو
ڏاڍ جا هي ڊگھا ڊگھا پاڇا
ٿورڙي دير ۾ لڙي ويندا
امن ايندو
نـ ڪوئي روئيندو
امن ايندو
نـ ڪوئي روئيندو،
اصلاح معاشره
زيلون
بيهي رهو....
هيءَ ڇا ٿيئي؟
ڀيڻ!
ڪوڙ ٿو هڻين
هيءَ رنڊي آهي
۽ تون ڀڙوو آهين،
سائين!
خدا جو قسم!!
بڪواس بند ڪر،
وهو گاڏيءَ ۾
رات جو روڄ
ڀاءُ هڪ کوليءَ ۾
ڀيڻ ٻيءَ کوليءَ ۾
ادي، مِٺي بـ ماٺ،
مُٺي بـ ماٺ
ڪير ٻڌندو
بس ڪري گذار
........
اڙي ڏاڙهي ڪوڙ
نماز پڙهين؟
سائين نـ.
گنهگار آهيان
ٻيا بـ تـ کوڙ
نماز نـ ٿا پڙهن.
حج ڪيو ٿئي؟
نـ سائين،
طاقت ڪانهي،
هڪ ويلو وهان
هڪ ويلو کاوان.
گھر ۾ قرآن شريف اٿئي؟
سائين نـ،
اڻ پڙهيل آهيان
غريب آهيان
اڃا کٽ بـ ڪا نـ
ٺهرائي اٿم
ڀلا واڻين سان
ڇو اٿين ويهين؟
سائين.
ابن ڏاڏن کان
گڏ رهون،
مرڻي پرڻي
ڪم اچون
هڪڙي ٻولي ڳالهايون
ساڳيو سوچون
هي مسلمان ناهي،
مرتد ٿي ويو آهي
نالو مسلمانڪو
طهر ٿيل
هي مرتد آهي
۽ مرتد جي
سزا آهي
سنگسار ڪرڻ
ويھ گاڏيءَ ۾!
............
اڙي، هيڏو سارو
ڪارخانو ٿو هلائين،
مزورن کي پگھار
نـ ٿو ڏين؟
سائين،
هي حرامي آهن،
ڪم نـ ٿا ڪن،
پئداوار گھٽائي
ڇڏي اٿن.
رڳو نئشنلزم
سوشلزم ۽
سيڪيولرزم جا
نعرا ٿا هڻن
اسلام کي گاريون ٿا ڏين.
حڪومت جا مخالف آهن
آءُ زڪوات ڏيان
مسجد ٺهرايم
مدرسي ۾ چندو ڏنم،
ميلاد ڪيم،
گھر وارن کي
حج تي موڪليم
ڪارخاني مان
نقصان ٿو پويم،
سرڪار امداد ڏئي
تـ مزدورن کي
پگھار ڏيان.
اڇا، ٺيڪ آهي،
هي چيڪ وٺ،
هنن دهرين کي
سيکت لاءِ
جيل موڪلي ڇڏ
قائد اسلام، زنده باد
قائد اسلام، زنده باد
سج جڏ ڀي لٿو آ سانجھيءَ جو
جڏ ڀي پاڇا لڙي ويا آهن
جڏ ڀي سنجھو ٽري ويو آهي
جڏ ڀي ٽيڙو ٽڙي پيا آهن
مون ڏٺو آ هن کي چارن تي
هيڪلي، هيسيل ۽ خوف وچان
ڪنهن طرف جونءَ پير ويندي آ
ويندي ويندي چپن ۾ چوندي آ
مس مئي رات موٽي آئي آ
پر جڏهن ماڪ پئجي بس ٿئي ٿي
چئونپچون ننڊ مان اٿي ٿي پئي
جڳ تي نيراڻ ڇائنجي ٿي وڃي
تنهن مهل پوئين پيرين موٽي ٿي
تڪڙي تڪڙي ۽ ٻرانگھون هڻندي
چوطرف واجھ وجھي پڪ ڪري
دڳ ڇڏي پير لڪائي ٿي ڀڄي
تون پڇين ٿو تـ هيءَ ڪير آهي
آءُ چوان ٿو تـ جڳ جي ڀيڻ آهي
تنهنجي نازڪ چوپي نڪ ۾
چوپي نڪ ۾
سوني ڦلڙي
ڪيڏي جيڪر
سونهن ڪري
دل ٿي چاهي
پورهيو وڪڻان
پگھر کپايان
تو لئـ
ڦلڙي آڻيان
پرڪو
پورهيو پگھر وٺي
ڏوڪڙ ڏئي
پرڪو
پورهيو پگھر وٺي
ڏوڪڙ ڏئي.
هڪڙو ٻئي کي چوي ٿو
ظلم تـ ڏس!
ٻيو چوي ٿو
تـ تنهن ۾ منهنجو ڇا؟
هڪڙو ٻئي کي چوي ٿو
ڀل پيو چوي
ٽيون چوي ٿو
تـ تنهن ۾ هن جو ڇا؟
آءُ پنهنجي قلم کي ڇڙٻ ڏئي
جان پڇان ٿو،
تـ باقي تنهنجو ڇا؟
هو چوي ٿو،
تـ مونکي پيٽ نـ آ
هو چوي ٿو،
تـ مونکي بک نـ آ.
بلوچ گوريلو.....
اکيون ڦاڙي
گھوريان ويٺو
نظر نـ ايندڙ
لکيل اکر
۽ ابتا سبتا
اندر چيري
نڪري ايندڙ
حرف ۽ جملا
اکيون اکين ۾
ڏيئي منهنجي
مڏي قلم
۽ گونگي من کي
گاريون ڏيئي
الرون ڪن ٿا
اکيون ڇنڀي
۽ ويجھو ويهي
وري ڏسان ٿو
ريٽي رت جون
ڳاڙهيون ڦهنگون
اڇي پني جي
اجري من مان
..............
طعنا ڏيئي
جلهون ڪن ٿيون
تن جي پويان
چيريل چچريل
مشين گنن سان
گھايل ڪوئي
آزاديءَ جي سينڍ وڄائي
ڳائي ويٺو.......
مونڏي ڏسندي
گوليءَ جي ٻوليءَ ۾
چئي ٿو
گيدي شاعر!
سچ چوڻ
سکڻ جي چاهين
مونڏي ڏس.
..........
(سيپٽمبر 1974ع بلوچستان تي
آپريشن جي پسمنظر ۾ لکيل)
جيون منهنجو سر سنگيت
باک ڦٽيءَ جو
ڳائي تنهنجو گيت
لوڪ ستي جو ڇيڙيم تار
اڀ ۽ ڌرتي سن ٿي ويا
تارو هڪ هڪ ٿي ڪنهن پار
غائب ٿي ويو
تارن کي مون تيز تپايو
ڪنهن ٿي سڏڪيو ڳوڙهو ڳاڙيو
دانهن ڪئي ڪنهن هانو ڦٽي
هو ڪير هيو؟
پريت ڏٺي مون تنهنجي ميت
هانو ڦٽي سان
سڏ ڏنو سنگيت،
جيون منهنجو سر سنگيت
باک ڦٽيءَ جو
ڳائي تنهنجو گيت
منهنجي جاڳ تـ جلندي رهندي
واٽون اوندھ
واٽون روشن
ڏينهن بـ پورو
رات بـ پوري
ٿيندي رهندي
مان ٿو جاڳان
جنم جنم کان
آ ڌوتيءَ جان
دونهين ٻاري
منهنجو جيون
ڪنهن جو سونهون
ڪنهن کي ساري؟
تنهن ۾ تنهنجو ڇاهي؟
اي چنڊ چريا
لوڪ سمهي پيو
تون بـ سمهي پوءُ.
مان هي گيت نـ ڏيندس توکي
تنهنجي لئـ مون ڪونـ لکيو
نوڪ قلم جي رت ۾ ٻوڙي
پيڙا ڌرتيءَ جي مون نپوڙي
هيڏي هوڏي، پاڙي اوڙي
دانهن ٻڌي مون جوان ڪراڙي
پوکي انُ جو ڌوڙ ٿو ميڙي
هاريءَ ان جو سور سهيڙي
مل ۾ پورهيت لوھ مروڙي
ڦاٽل ڪپڙا اڳڙيون چوڙي
تنهن جي من کان ڏاڍ کي روڙي
پنهنجو جيون جوت نهوڙي
مان هي سارو سچ چيو
مان هي گيت نـ ڏيندس توکي
تنهنجي لئـ مون ڪونـ لکيو
رئندڙ ٻار کي پرچائڻ لئـ
ڪوڙيون ڳالهيون ڪندڙ،
ڪوڙا واعدا، لالچ خرچي،
دڙڪو سڙڪو ڏيندڙ
پيار ۽ ٿڦڪي،
رانديڪا ۽ ٽول آڇيندڙ،
گھڙي پلڪ لئـ
بس ڪري جي ٻڌي سگھين
ٻار اڃان بس ڪا نـ ڪئي آ،
هوريان هوريان
چپن چپن ۾
سڏڪي ٿو پيو
ڀنل اکيون
آليون پنبڻيون
ڦاٽل دوڏا
ڪروڌ ۽ ڪاوڙ
ڏسي سگھين ٿو
گھڙي پلڪ لئـ،
ڪوڙا واعدا،
ڪوڙيون ڳالهيون،
بند ڪري جي ڏسي سگھين
تـ ٻار اڃان بس ڪا نـ ڪئي آ،
ٻار اڃا ڀي روئي ويٺوها، پر
تنهنجين ڪوڙين ڳالهين
ڪوڙن سڏڪن،
ڪوڙن ڳوڙهن،
آزين ۽ نيزارين هڪڙو ڪم ڪيو آ
هن جو ڌيان ڇڪيو آ
۽ هو تنهنجا ڪوڙا واعدا،
ڪوڙيون ڳالهيون،
لالچ خرچي،
دڙڪا سڙڪا،
رانديڪا ۽ ٽول ڏسي،
هوريان، هوريان،
سڏڪي، سڏڪي،
سوچي پيو، تـ
بس ڪريان
يا روئندو رهان.
( مارچ 1977 جي چونڊن کانپوءِ)
ڇويهين مارچ 1971ع
پنهنجي پٽ جي لاش مٿي!
جنهن جي ڪچڙي ڇاتي ڇيهون
گوليءَ جو هي گھاءُ ڏسي
پوڙهي ماڻس جو هانو جھري ٿو
رت ۾ لت پت ننڍڙو ٻچڙو
امان چوي ٿو
اڌ زبان وڍيل اٿس
ڦٿڪو ڦٿڪو، نڪري نـ سڏڪو
دم ڪيئن ڏئي
ماڻس موت قبوليو آخر
رت ڄمي ڪارو ٿي ويو
ان کان پوءِ ڪئي ٻار ڪُٺا
ڌيءُ اُگھاڙي ڌارين هٿ ۾ پيءُ ڏٺي
ڪارا لاشا، رت ڪارو، اسلام جيو
بنگالڻ جي ڇاتين سان اڄ غازين رات
ملهائي
خونيءَ ۽ انساني دشمن ميڊل ورتا
تاريخ جو ڳاڙهو ورق وريو
۽ چڻنگ دکي.......
هي رت جو ٽيپو سر ٿي اٿندو
ظالم! گوليون نيٺ تـ کپندءِ!
بونس جون لٺيون، اڇيون ڪهاڙيون
باڙا جون بندوقون وسنديون
بيلچن جا ڪيئي وار ٿيندا
ڳاڙهو جھنڊو اوچو ٿيندو
سالن تائين رت شهيدن جو
آلو رهندو
رت ۾ ريهون، رت ۾ ڪيهون،
هي رت پوتر، امر رت،
هن رت جو اوتار بـ رت آ
رت جي راند رسائي منزل
تنهنجي منزل منهنجي منزل
ريٽي انقلاب جي منزل.
غير جانبدار اديب ڏانهن
وڻ جي هيءَ ڇانو سڪل پن جيان
ڪين ڇڻي، بيٺي هجي
ڪنهن کي بندوق لڳي
سور نـ ٿئي،
تون چوين تـ ڪاش ايئن ٿئي!
جيئن تون ويٺو هجين،
ڪين اٿين،
ڪين وڙهين، رت نـ ڏين،
ننڊ ڪرين،
خواب لهين،
خواب اهڙا،
جو هجي خواب ئي جن جو تعبير
تون چوين ٿو تـ
وقت ٽڪ ٻڌي بيهي رهي،
ڪو بـ توکي نـ چوي
ڪوڙ لکيو آهي تو،
تون سدا پنهنجي ئي گھر ۾ هجين،
ڇو راتيون رلين،
.................................
چنڊ سان، چاھ سان
۽ جوڀن سان،
تون چوين ٿو تـ
تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟
ڀل تـ بيروت سڙي رک ٿئي،
ڪنهن جو ٿائيلنڊ بچي يا نـ بچي،
آءُ سنڌي هان
رهان ٿو سنڌ ۾
آءُ ڇو ڳالھ ٻڌا ڌاري ڪا،
آءُ ڇو پاڻ تي ڪنهن سوچ جا
ليڪا پايان،
آءُ تـ اڄ ننڊ ڪرڻ ٿو چاهيان،
ننڊ ۾ خواب ڏسڻ ٿو چاهيان،
خواب اهڙا،
جو هجن،
خواب ئي جن جو تعبير
تو چوين ٿو تـ خواب سچ هجن،
وقت ڪا ٽڪ هڻي بيهي رهي
۽ واچ لاهي ٿو ڦيرائين ويٺو
ڪانٽا ابتا.
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
گل سنگھڻ تي
بندش پوندي
چمي گھرڻ تي
پريت ڪرڻ تي
توکي ڏسڻ تي
ڏسي جيئڻ تي
ساز ٻڌڻ تي
ٻڌي روئڻ تي
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
بندش پوندي
تنهنجي منهنجي
سور ونڊڻ تي
ڪن ۾ هڪ
سرٻاٽ ڪرڻ تي
چپ چورڻ تي
ساھ کڻڻ تي
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
بندش پوندي
ساوڻ تي
ڦولارن تي
۽ ڪارن ڪارن وارن تي
ڪنهن سهڻي اک جي گھائڻ تي
رئارڻ ۽ پرچائڻ تي
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
بندش پوندي
رات ٿيڻ تي
ڏينهن ٿيڻ تي
باک ڦٽڻ تي
اوجاڳي تي
واجھ وجھڻ تي
ويٺي ويٺي رات ڪٽڻ تي
چنڊ کڙڻ تي
چانڊوڪيءَ تي
چانڊوڪي ۾ مڌ اوتڻ تي
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
بندش پوندي
جيئڻ مرڻ تي
مرڻ جيئڻ تي
جنم جنم
انسان ٿيڻ تي
ڀٽائي پڙهڻ تي
پڙهي وڙهڻ تي
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ سوچيندو هان
بندش پوندي
۽ ضمير وڪرو ڪرڻ جو
ڪوئي شرط لڳايو ويندو
جيئڻ مهانگو ٿي ويندو
اٽي ، کنڊ ۽ گيھ وانگي
پوءِ بـ توسان واعدو آھ
نڀائڻ جو
مري وڃڻ تائين.
(نيب تي بندش پوڻ واري
فيصلي جي روشنيءَ ۾)
قلم گويد کـ من شاھ جھانم!
هن واچ جيان
هلندي هلندي
ٽڪ ٻڌي
بيهي ٿو وڃي
قلم
ڪنهن بي لغام
گھوڙي جان
اڳڪٿين جون
ٻرانگھون پائيندو
کوڙ اڳتي وڌي
هليو ٿو وڃي
آءٌ وچ تي
ڪنهين چوواٽي تي
وائڙن جان
ڏسي رهيو آهيان
قلم اڳتي ۽
وقت پوئتي آ
آءٌ سوچان ٿو
ڪنهن جو ساٿ ڏيان
آءٌ سوچان ٿو
ڪنهن جو ساٿ ڏيان!
ايترو وقت هجي
زندگي ۾ پالهو ٿي
پنهنجي ٻارن کي سمهاري ننڊ ۾
دور سنڌوءَ جي ڪناري ويهي
هڪ نئون گيت لکان
جنهن جي ترنم ۾ سنڌوءَ جون ڇوليون
ڪنهن ڪنواريءَ جي اڪيلائي جان
ڦٿڪنديون لڇنديون رهن
ديش واسين کي وڃي ڌونڌاڙن
ايترو وقت هجي
وقت جي وڙ واند کان واندو ويهي
هن بکئي پيٽ کي ڍوڍو ڏيئي
ڪو تـ سک جو ساھ کڻان
هڪ نئون گيت لکان
جنهن جي هر لفظ ۾ ڪي چنگ وڄن
جنهن جي سٽ سٽ سرود ٿي سڏڪي
جنهن جي هر تان من کي ڪان هڻي
جنهن جي جھونگار جيءَ جھير وجھي
ايترو وقت هجي
اڻ ڳڻيل ڳڻتين کان پاسي ٿي
رات جو گھوري گھوري چنڊ ڏسان
اڌ ڪٺل آھ ڪندڙ بين ٻڌان
هڪ نئون گيت لکان
جنهن جي وڍ وڍ مان ريٽو رت وهي
جنهن جو هر گھاءُ گلابي گھرو
ڪات جو وات وڍي وير وٺي
ديش تي ظلم جو جواب ڏئي
ايترو وقت هجي
ڪاش موت مهلت ڏئي
تنهنجي چوٽين جي ڇانو ۾ ويهي
تنهنجي چپڙن کي چاھ مان چوسي
هڪ نئون گيت لکان
هن ٻڪر ٻوس جي زماني ۾
آشتي ۽ امن جو ساھ کڻان
گل ٽڙن ۽ ڏکڻ جي هير گھلي
سانوڻي ۾ ڊڪي ۽ ڊيل ٽلي
ايترو وقت هجي
ڪاش! موت مهلت ڏئي.
تنهنجي روئي وهڻ سان
مان، جاني!
ننهن کان چوٽيءَ تائين
پڄران ٿو،
من لڇي وات ۾ هليو ٿو اچي
دل سڙي، خاڪ ٿي
اڏامي وڃي
تنهن جي ڳوڙهن ۾ منهنجو
چنچل روح
ٻانڊ وانگي وهي هليو ٿو وڃي
پوءِ بـ مان وائڙن جان
ويٺو هان
وڦلي وڦلي چوان ٿو
سور سهي،
من جي ڪوڙاڻ ڳهي،
ڳيت ڏئي،
آءُ توسان ملي نـ سگھندس من،
آءُ توسان ملي نـ سگھندس من،
( منهنجو کيسو اصل کان
خالي آ )
پيار جي ڪيترن چوواٽن تي
چوواٽن تي
پنهنجي من جي
صليب کي گھلي
پاڻ کي ڏوڪڙن
جي پيرن ۾
ڏند ڪرٽيندو
ڏسندو آيو هان
پيار ۾ ايئن بـ ڏٺو
آهي مون
دلڙيون نيلام بـ
ٿينديون آهن
پيار هر چوڪ تي بـ
وڪبو آ
اکيون ساڳيون اڳيون
نـ لڳنديون هن
ساھ جي مهڪ
هلي ويندي آ
چپ کلندي بـ
مرڪندا ناهن،
سور سرجي بـ
ٺري ويندا هن،
گيت ڄمندي ئي
مري ويندا هن،
هي بـ صدمو اکين تي آ جاني!
ٻئي ڪهين جي اچي وڃڻ تائين!
پنهنجو توکي ڏسي بـ
سمجھان ٿو
منهنجو ڪوئي بـ
پنهنجو ڪونهي
آءُ خود
پاڻ کي بـ
اڄ تائين
پنهنجي ليکي ۾
لکي ناهيان سگھيو
تون تـ ڪنهن جي بـ
ملڪيت ناهين
تنهنجيون اکڙيون ئي
ٻڌائن ٿيون پيون
جن کي ڪوئي بـ
خريدڻ چاهي
سو تـ بلڪل ئي
آهي ناممڪن.
پس منظر
من جي پيڙا ماري جياري
سچ چئي
پاڻ کي زهر پياري
ان جي هيٺان لکيو اٿم (ڪجھ
ڏنگين جي بند دروازن ۾)
ايڊيٽر ٿو چئي
بنا سري هن نظم جي هيٺان
ڏنگين ۾
جو لکيو اٿئي
اهو نـ ڇپجي سگھندو
باقي نظم هلي ويندو
آءٌ پنهنجي ئي ليکي جڳ آهيان
آءٌ پنهنجو ئي پاڻ لوڪ آهيان
آءٌ پنهنجي ئي پيڙا ورڇيان ٿو
آءٌ پنهنجو ئي پاڻ گھوريان ٿو
پنهنجي من جي اداس واٽن تي
آءٌ پنهنجا ئي پيرا ڳوليان ٿو
منزلون ڏور، ڌوڙ تيز هوا
واٽ بي رحم ڌاريءَ ماءُ جيان
ڇڙٻ جا قرب ڏيندي خوش ٿي ٿئي
آءٌ رڙهندي ۽ مرندي لوچيان ٿو
پير اڳتي وڌائي سرڪان ٿو
پر اڃان منزلون پري آهن!
پر اڃان منزلون پري آهن!
عورت ذات اصل کان ڪاري آهي
اصل کان
ڪاري آهي
ڇوتـ مرد
بي غيرت آهي............
مڙسي سهڻي ۾ ئي آهي
جيڪا ڏم کان
لڪي ڇپي
ميهر ساڻ
درياءُ ٽپي
ملڻ جلڻ
ويندي آهي.............
ٿڪ هجي
ان لوڪ لڄا کي
سچ کي ڪوڙ
چوڻ جي
جنهن ۾ جرئت آهي.....
هيءَ جا انارڪزم آهي
ڀٽائي بـ ان جو قائل آهي
صوفي ازم
ملن آڏو
واجب القتل آهي.........
ٻيلي ۾ هڪ چوواٽي تي بيٺو آهيان
هڪ چوواٽي تي بيٺو آهيان
چارئي واٽون
اڻ سونهين اونداهيءَ ڏانهن
سڏن ٿيون بيٺيون
هڪڙي پاسي
چٻرن جا آواز ٻڌان ٿو
(جن کان ننڍڙي هوندي
ڏاڍو ڊڄندو هئس،
جو امان هئي چوندي،
چٻرو جاتي ٻوليندو آ
اتڙي موت اوس ايندو آ)
۽ ٻئي پاسي
گدڙن جون اونايون
جن کان پڻ آئون ڊڄندو هئس
ننڍڙي هوندي،
جو چور بـ گدڙن وانگي
اونائيندا آهن
رات جي وڳڙي
کاٽ هڻڻ لئـ ،
چور سڏڻ لئـ
ڪتن جي باهوڙ ٻڌان ٿو ٽئين پاسي
شايد سوئر پوئتان آهن
جيڪي پنهنجي بچاءَ خاطر
وڄ لائيندا هوندا
۽ جيڪو اوڏانهن ويندو
تنهن جو پيٽ ڦاڙيندا
چوٿين پاسي،
ڳوٺ آ منهنجو
جنهن ۾ ڪيئي ڏينهن ٿيا هن
ڌاڙيلن جي دارونءَ جي ڌپ
اڃان نـ وئي آ
جتان ڀڄي،
هت ٻيلي ۾
هڪ چوواٽي تي ويٺو آهيان
۽ چارئي واٽون
اڻ سونهين اونداهيءَ ڏانهن
سڏن ٿيون بيٺيون
رات بـ مون سان بيٺي آهي
ڇپ هنيون
ڪنهن سوئر وانگي
ڏينهن جو تارو
اڀريو ناهي
شايد ماءُ جي پيٽ ۾ آهي
پن ڇڻ جي هن آڌيءَ رات
جيئرا آهن هوا جا جھوٽا،
تيز ۽ چڀندڙ
سرءُ جا جھوٽا
باقي رات مري وئي آهي
آءٌ اڃا چوواٽي تي ئي بيٺو آهيان
گھگھ اوندھ ۾
ڇڻيل پنن کي ميڙي
هڪڙو ڍڳ ڪري،
کيسي مان ماچيس ڪڍي،
تيلي ٻاري،
سڪل پنن کي باھ ڏيان ٿو
چوواٽي جون چارئي واٽون
گھڙي پلڪ لئـ
روشن ٿيون ٿين
۽ پوءِ آهي
ساڳي گھگھ اونداهي
۽ مان آهيان.
(مارچ 77ع واريون چونڊون
(اعلان ٿيڻ کانپوءِ)
وقت جو واءُ ورائي آيو
ورائي آيو
ڇيلين جان
ڇڙواڳ هوائون
پن ڇڻ شامون
پيلا پتڙا
مينديءَ رتڙا
ننڍڙا هٿڙا
مون ڏي وڌندڙ
موٽي ويندڙ
ڏيندڙ وٺندڙ
ابتا سبتا
ارڏا اڌما
ڪوجھا سپنا
سهڻا مهڻا
هن جا
منهن جا
ٻاروتڻ جا
ڪيئي ٻار جيان
بي ڏوهي
ڏوهي جذبا
ڇاڇا وقت
ورائي آيو!
سانڀر کي
ساڙيندڙ سکڙا
ڏينڀوءَ جان
ڪي چڪ وجھي
ڏنگيندڙ ڏکڙا
مونکي پنهنجي ماضيءَ جا
هي سينڍن جان
سيبائيندڙ ۽
نينڍن ساڻ
نوائڻ وارا
ننڍڙا وڏڙا
ڏکرا سکڙا
ڏاڍا پيارا آهن!
پرجڏ آءٌ
انهن کي ٻين جي
گولين جي گھاون
سان ڀيٽي
سوچان ٿو
منهنجا سنهڙا
سکڙا ڏکڙا
گھاون مان
ڦوهارا وهندڙ
رت جي بوندن
ساڻ ملي
اڏي وڃن ٿا
............
سوچيان ٿو
مان گيدي آهيان
گھايل ناهيان.
دور توکان ڀڄڻ جي خاطر مان
کوڙ سارو تـ پي ويو آهيان
پوءِ بـ اندر ۾ آنڌ مانڌ آ ڇو؟
ڪنهن نماشام جو آ ياد ڪيو!
...............................
منهنجي نس نس ڇلانگ ماري ٿي
منهنجو سينو اُلا ۽ اڱر بڻيو
لوندڙيون زور سان ڌوڻ ٿيون لڳن
آءٌ ڀڄندو وڃان ٿو دور اڃا
منزلون پار ڪندو توکان پري
درد جي ڌوڙ اڏامي ٿي پٺيان
جيءُ جھوٻا ڏئي جڏهن ٿو پڇي
منهنجي واچوڙي جھڙي وک جو سبب
آءٌ رڪجي وڃان ٿو هڪ هنڌ تي
ڪن لنون ٿا اکيون ڦرڻ ٿيون لڳن
مونکي تڏ ٿي خبر پوي جاني
منهنجي اندر ۾ آنڌ مانڌ آ ڇو
ڪنهن نماشام جو آ ياد ڪيو.
................................
ياد جي ڌنڌ کي هٽائڻ لئـ
وايو منڊل سڄو مٽائڻ لئـ
سج جھڙو وٽو کڻي وھ جو
آس جي لاش تي مان اوتيان ٿو
ڪيئي اڌما ۽ آهون اڀرن ٿيون
جن کي ماري نپوڙي ساھ ڪڍي
پاڻ ماري بـ جي رهيو آهيان
دور توکان ڀڄڻ جي خاطر مان
کوڙ سارو تـ پي ويو آهيان
پوءِ بـ اندر ۾ آنڌ مانڌ آ ڇو؟
ڪنهن نماشام جو آ ياد ڪيو!!
20th Century
اڄ بـ انسانيت
کي ڇير ٻڌل
اڄ بـ ارواح آهن
اونڌا ٽنگيل
مسجدون ڪوس گھر
ملان جلاد
مندرن ۾ چتا
چڙهي انسانُ
چرچ ويهين صديءَ جو
چرچو آ
جنهن کي ٻڌندي ئي
ٽهڪ نڪتا وڃن،
پاڻ تي،
هن صديءَ جي
هن اڌ ۾.
مڌر مڌر سنگيت ڇڻي ٿي تارن مان
جا گذري ٿي
عطر عنبر سرهاڻ لڳل هن وارن مان
ولھ ۽ چوٽي منجھ ڪپور
سرهو سور
جو گذري ٿو
ڇنل ٽٽل من جي دنيا جي تارن مان
دنيا ملياميٽ ڏسان ٿو هن ڌُن ۾
سکڻي بن ۾
جا گذري ٿي
ڪاريهر جان لهر هڻي ڪن چارن مان!
تنهنجي جسم جو ڇهاءُ
ازلي پڙلاءُ!
تنهنجا ڪارا گھاٽا وار
گھاٽي نم جي ڇانو!
منزل ڏور!
گھاو بدن تي، من پروڻ
لڱ لڱ چُور-!
گھڙي پلڪ لئـ ڇانو نهاريان
هانو ٺاريان!
اڳتي وڌڻو ٿم، سو
ويٺو توکي ساريان!!!
فن جو دشمن
گل جي خوشبوءِ
ڀانءِ پوئي ٿي،
پر جڏ آءٌ
گلن جي خوشبوءِ
موتئي جھڙن
لفظن ۾ ٿو آڻيان
بڇان لڳئي ٿي
مونکي ايئن لڳي ٿو شايد
فن جو دشمن آهين
گل جو دشمن ناهين
اندر جي ٻوڏ
ايتريون راتيون
ويون وهي
ٻوڏ جي لهرن وانگي
من جي اڌمن کي آسرا ڏيئي،
ڪيترا بند پئي ٻڌم ليڪن
پور تنهنجا
سنڌوءَ جي ڇولين جان،
جاڳ ۽ ننڊ کي نـ ليکيندي
دل جي هر روڻ مان
ليئا پائي،
روح ۾ کنڊ وجھندا پائيندا،
ويا وهي ٻوڏ جي لهر وانگي
دل جو واهڻ
سنڌوءَ جو ٻيٽ جيان
هاڻ سنهيو پيو آ
سج هيٺان
باک ڦٽندي اها تـ پڪ اٿم
اها تـ پڪ اٿم
ان ڪري
سور ساھ سان سانڍي
ڪوڙي منهن سان
نڙيءَ کان
لاهيان ٿو
گھگھ اوندھ
۾ گھوري
اکيون پٽي
هٿ پنڌ تي
صبح کي
ڳوليان ٿو
ڇو تـ مونکي
اصل کان پڪ آهي
منهنجو تنهنجو
وجود ئي
ڪونهي
منهنجا تنهنجا
هي سڀئي سور
پراوا آهن
منهنجا تنهنجا
هي سڀئي سک
اڌارا آهن
مست اکين جو ڏوراپو
ٻاروتڻ کان
من کي اکريءَ
مهريءَ وچ ۾
ڪٽبو، ڇلبو
ڏٺو اٿم
ٻاروتڻ کان
هن جي مست
اکين ۾ اکيون
اٽڪائي ڪجھ
ڏٺو اٿم
ٻاروتڻ کان
ڪيئي ڀيرا
جياپي تي
ڪي جھلون آڻي
ڏند ڪرٽي
گھٽو ڏنم
اڄ ڀي مونکي
پنهنجو جياپو
بڪواس سوا
ڪجھ لڳي نٿو
اڄ ڀي اکيون
ٻوٽي ان کي
گھٽو ڏنم
اڄ ڀي هن جي
مست اکين جو
ڏوراپو آ
ياد پيو
اڄ ڀي وري
الائي ڇو آ
زندگيءَ سان
پيار ٿيو.
منهنجي ڏات ڏکويل ڏاڍي
هڪ هڪ ماڻهو آڏو پنهنجو هٿ ڊگھيري
پنڻيءَ ڇوريءَ وانگي شرمائيندي
هڪڙو سوال ڪري ٿي
هڪڙا ماڻهو مڙي ڏسن ٿا
هليا وڃن ٿا
هڪڙا ماڻهو بيهي هن کي گھوري گھوري
چپ چٽن ٿا
هڪڙا ماڻهو ننهن کان چوٽيءَ تائين
هن کي تڪي تڪي
پوءِ اگھ پڇن ٿا
هڪڙا ماڻهو
هن کي هٿ مٿي تي ڏيئي
سمجھائن ٿا
هڪڙا ماڻهو چري چئي
هڪ ٽهڪ ڏين ٿا
هڪڙا ماڻهو منهنجي ڏات ڏکويل کان ڀي
گھڻو ڏکويل هوندي
هن ڏي اک وڌائي
ڳوڙها آڻي
مرڪي ڏين ٿا
منهنجي ڏات ڏکويل ڏاڍي ڇوريءَ وانگي
پنهنجا خالي پلو ڇنڊيندي
گھر اچي ٿي
ڪن تي هٿ رکي ڳائي ٿي
بک جون تارون تاڻي
منهنجي سور جي سرندي کي سرڪائي
سڪي ويل ۽ ٺوٺ هٿن جي هڪ هڪ اڱر
سان ڇيڙي ٿي
ڏتڙيل روح سان
رت ٻڏل آلاپ اچي ٿو
گيت جڙي ٿو
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين!
گھر ۾ ننڍڙا صغير ٻار اٿئي
اڄ جڏهن تنهنجو ننڍڙو پيارو پٽ
ڪار جي ڦيٿي هيٺان چچريو آ
اوڇنگارون ڏئي تو بس ڪئي آ
هاڻي سوچي ٻڌاءِ جو چاهين ٿو!
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين!
.................................
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين
تنهنجي محبوبا توکي چاهي ٿي
اڄ جڏهن ٻئي جي هٿ ۾ هٿ اٿس
تنهنجي نالي جو ڪو نـ ٿي ڄاڻي
تڙڦي تڙڦي تو بس ڪئي آهي
هاڻي سوچي ٻڌاءِ جو چاهين ٿو
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين!
.................................
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين
ڇو تـ مفلس غريب شخص آهين
اڄ جڏهن ڪنهن وڏيرڪي ٽيڪر
بي گناهيءَ جو جيل ڏيکارئي
کوڙ پڇتائي نيٺ بس ڪيئي
هاڻي سوچي ٻڌاءِ جو چاهين ٿو
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين!
.................................
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين
ڇو تـ دنيا هي توکي پياري آ
هاڻي دنيا ڇڏيون لڏيو ٿو وڃين
ساھ باقي ٻـ ٽي بچيا ٿي وڃي
مفت ۾ موت ور چڙهيو آهين
هاڻي سوچي ٻڌاءِ جو چاهين ٿو
سچ تي سر ڏيڻ نـ ٿو چاهين!
............
ڪيئن لکان؟
پيرن هيٺان ڀونءِ ڇڪي وڃ
هٿ جي هڪ هڪ اڱر لاهي
گھڙي، ڇلهي ۽ ڇانگھي، ٺاهي
ساڄي هٿ کي نپ هڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان
سج کي هڪڙي جاءِ ٻڌي
پاڇن کي ڪو ونگ هڻي
ڌرتي تان هي ڌوڙ ٻهاري
ماڻهن کي هڪ جاءِ وهاري
اوٻاسيون ۽ آھ کڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان
يڪتاري کي چپ ڪرائي
ڇيرين جو ڇمڪار گھٽائي
آوازن کي تالو ڏيئي
سڏڪن کي ڪا ڦاهي ڏيئي
ڳوڙهن جو تعداد ڳڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان
جوڀن جا سو رنگ لڪائي
ميڇن کي ماري ۽ مڃائي
سهڻين جي سيني کي لڪائي
جسم سندو احساس اڏائي
سچ سمورو ساڻ کڻي وڃ،
پوءِ چوين جيئن
تيئن لکان
پوءِ چوين جيئن، تيئن لکان
جڳ تي ههڙي ڪاري رات
جنمن کان اوندھ جا ڪارا پر ڦهلائيندڙ
ڪاري رات،
مون سمجھيو هو
ختم نـ ٿيندي،
تنهن تي ايڪڙ ٻيڪڙ تارن مان هڪ تاري
چمڪي چيو هو
جيسين اوندھ جي سيني ۾
ٽنگ ڪري ڪو تارن وانگي پاڻ نـ ٻرندو
تيسين تائين سانت ئي هوندي
ايئن چوڻ سان
چمڪي تارو اونڌي ڪنڌ ڪريو هو
مون سمجھيو هو
ڏائڻ جھڙي ڪاري رات
ڪيڏي ظالم آهي
ڪيئن تـ ڏائڻ رات اسان کي
گھگھ واندھ جو سرمو پائي
راڄ ڪري ٿي
مون سمجھيو هو
ڪاري رات
ختم نـ ٿيندي
پر هي ڏسندي ڏسندي اوڀر کي آ ڪهڙي
آڳ لڳي وئي
اوڀر سارو ڳاڙهو ٿي ويو
ڏسندي ڏسندي
ڳاڙهي اوڀر جي هي سرخي
اتر ڏکڻ کي اوندھ جي آڙاهن مان آزاد
ڪري
اولھ ڪاھ ڪئي آهي
هاڻ مون سمجھيو
ڇا ٿيو آهي
اُڀ تـ ڳاڙهو ٿي ويو آهي
ڌرتي ڳاڙهي ٿيندي
ڪاري رات هلي ويندي.
سچ ۽ ڪوڙ
توسان ياري رکي ڇڏي آ جنهن
تنهن جو لاشو گھٽين ۾ کينهونءَ جئن
ٺوڪرون کائي ڇيهيون ٿي ويندو
پوءِ بـ ڪيڏو نـ سچو آن سچ تون!
ٺوڪرون کائي، ٿڏجي ڇيهون ٿي،
ماڻهپي زندگي جي راهن ۾
رڙهندي مرندي بـ سچ چيو آهي.
..................................
ڪوڙ ڪيڏو نـ پيارو آهين،
تنهنجا چپ ڪنهن حسين عورت جان
ڪيترا رس ڀريا ۽ پيارا هن
تنهنجي ڪجلين اکين ۾ آس آهي
تنهنجي ننگي بدن ۾ تاس آهي
تنهنجو جلوو نـ ڪنهن آ موٽايو
تنهنجو عاشق نـ ڪڏهن راس آيو
تنهنجي ڪا ميڇ ڪنهن نـ موٽائي
جو بـ آيو انهيءَ جي سمجھ وئي
.................................
ڪوڙ تون ڪيتر نـ قاتل آن
تنهنجي ڪوڙي جواڻي لال ڪٺا
سونهن ديويون ڪٺيون ۽ ٻار ڪٺا
منهنجي من جي اداس ڇانون ۾
اولڙو ٿي نـ ڪوڙ ايندو ڪر
ڇو تـ منهنجي ڪويتا ڪويل آ.
..................................
راڳ ڳائي بـ مُٺي جيئندي آ،
چيٽ جڏ ڀي ڦٽو آ ڌرتيءَ تي،
مور مستيءَ ۾ ناچ ڪيو آهي،
گونچ، ٽاريون ۽ گلن کي گھوري،
سچ جي سونهن کي ٿي واجھائي،
سور سرڪي بـ سچ چيو آهي،
جنهن توسان نباھ ڪيو آهي،
تنهنجو لاشو گھٽين ۾ پيو آهي،
سچ! ڪيڏو نـ ڏنگو آهين تون،
مون تـ تڏهين چيو هو
واعدا هي
وقت ۾ ويڙهجي
هليا ويندا
تو چيو هو تـ
ٻئي امر آهيون
وقت جن آڏو
انڌو منڊو آ
وقت اڄ
واٽ تي آ ٽڪرايو
جھور پوڙهو
مٿي تي ڳنڍ ٻڌل
تنهنجا منهنجا
ڪيل سڀئي واعدا.
چٽ
نڙيءَ ۾ اٽڪيل
هڏڪيون، سج
رت جي الٽي_
ڪارڙا، ناسڙي
پکي اڏرن،
جھنگ سنسان
وسئن هوائن ۾
ٻارڙن
راند ڦٽائي آهي_
¬ڌوڙ گھٽين ۾
اڃا کيڏي پئي_
باھ چلھ ۾
ٿي ٻري، ماءُ
سيڪي ٿي ويٺي
اوسيئڙو
پٽ کيڏي اچي
تـ کير، پلي ۽ ماني
ڏيانس تـ کائي سمهي_
..................
سانجھ جو ساھ
نڙيءَ مان نڪري
اڏري ويو آھ
ڇڏي اونداهي_
رات جو لاش
آ اوندھ ۾ دفن،
ماءُ
چلھ ۾ ٿي
سيري آرانڀي،
باھ بـ
سرديءَ ۾ ڄمي
ٺٺر ٿي ويئي
آهي ڄڻ،
ماٺ
جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي
آءٌ تارن جي ڇانو ۾ ويٺو
هڪ منو. ڪن لائي زور ڏئي
رات گذرڻ جو کڙڪو تاڙيان ٿو
رات ڪاري نڀاڳي مم وانگي
پير کڙڪو ڇپائي چورن جان
ڏينهن جي ترورن کي ڌوڪيندي
اونهي ڏر ۾ وڃي لڪائيندي
ماٺ جي مم ڪو ڪري جادو
جڳ جا گوڏا چٽي وئي آهي
آءٌ ڪيڏو بـ ڦٿڪان، لوچان ٿو
ماٺ جي ڳنڍ مون کان ڪين ڀڃي
دل چوي ٿي تـ انڊپين ڀڃي
ماٺ ۾ ماٺ وارا گيت گھُٽيان
من ڪو واڪو ٿئي ڪا ڪوڪ اُٿي،
ماٺ جي ڳنڍ ڀڄي شور ٿئي....
ماٺ تارن مان ٽمي بڙڇيون ٿي
منهنجي تنهنجي مٿان وسي رهي آهي
ماٺ واچوڙو بڻجي، پٿر هڻي
توکي مونکي چُٽي رهي آهي
ماٺ تنهنجي ۽ منهنجي اکين مان
ڪوسڙو ڳوڙهو بڻجي ٽپڪي ٿي
پوءِ بـ هيءَ ماٺ موت جهڙي آ
ڪو بـ آواز ڪين اڀري ٿو
ماٺ جو لڙڪ ليڪڙي ٺاهي
ماٺ ئي ماٺ ۾ سڪي ٿو وڃي
اچ تـ هن ماٺ جي ڪا ڳنڍ ڀڄي ٿئي
اچ تـ هن ماٺ جي ڪا ڳنڍ ڀڄي ٿئي
ساروڻيون
تو ۽ مان جا راند ڪئي هئي
تنهن جي مون کي سانڀر آهي!
تون ڀل ڇڏين وساري پر
تون ساڳي جھانجھر آهين!
جيسين مونکي ياد اچي ٿو
مان سمجھان ٿو
تنهنجا منهنجا جسم ها ٽڪريا
راند ڪندي
تو ۽ مون هو ڀاڪر پاتو
هات ڪندي
لڪ ڇپ، ليلي لاوان رانديون
جسم کان وڌ هيون تنهنجي لئـ
منهنجي لئـ ڀاڪر کان وڌ.
تو ۽ مان ٿي پيار ڪيو تـ بـ
روح اسانجا آتا هئا.
گھڙي پلڪ لئـ روسامو هو
پرچڻ ڪارڻ داءُ وڏو
مان سمجھان ٿو جنم جنم کان
چاري هان مان تنهنجو چنڊ!
چاري هان مان تنهنجو چنڊ!
چئلينج
سانت جو سور
نئون نڪور
جنهن کي ڀي
تنهن کي ٽيڙوءَ جي هيءَ ٽم ٽم، ٽم
جيءُ جهوري وري جياري ٿي-
مان بـ اڄ حال کي ڀلائڻ لئـ
زهر جو ڍڪ ڀريو آ يڪساهي
رات وارين اماسي اکڙين ۾
پنهنجيون کپائي اکڙيون پيئندو ويس
گهگھ اوندھ – کي
هي هئي چئلينج
ماڻهوءَ پٺيان پاڇي وانگر
موت اچي ٿو ڪاهيندو
ڪير ٿو ڄاڻي
ڪڏهن ايندو
ڪيئن ايندو؟
سج سمي يا انڌياري ۾
ساھ وٺي ويندو
هيءَ حياتي هيڏي ننڍڙي
هيئن وڃي
تنهن کان جيڪر مڙس ٿي مرجي
پلڪ پلڪ هڪ ڪوڪو ٺاهي
ظلم جي تاروءَ منجھ کپائي
ٺوڪي ڇڏجي
ڇو تہ حياتي ننڍڙي آهي!
ڪير ٿو ڄاڻي
ڪڏهين ويندي
ڪيئن ويندي؟
جوانيءَ ۾ ئي رت رڳن جو چوسي ويندي
تنهن کان جيڪر هار نہ مڃجي!
لمحو لمحو
گولي ٺاهي
ظلم جا قهري ڪوٽ اڏائي
مانجهي ٿئجي
امر ٿي وڃجي
ڇو تہ حياتي ننڍڙي آهي
ڇو تہ حياتي ننڍڙي آهي
امتحان
تيز طوفان منهن ڪڍيو آهي
واءُ اهڙو اڻائو آيو آ
هر سلو ڪنڌ ڀر سٽيو آهي
واءُ واچوڙي ويڙهجي وٽجي
ذات وڻ پاڙ مان پٽيو آهي
اُٻ. اوندھ. انڌياري نگري آ
رات جهڙو هي ڏينهن ٿيو آهي
آسمانن مان ايئن لڳي ٿو اڄ
نانگ ڪرندا يا ڪي وڇون وسندا
ڦٿڪندا جيوَ ٽهڪندا لڇندا
هن انڌوڪار ۾ اڙي شاعر!
اڱرين سان ڪنن کي بند ڪري
وات ۾ زور سان لٽو ڏيئي
بند ڪمري ۾ ويهي در ڏيئي –
پنهنجو ايمان بچايئي تہ وڏو جس کٽيئي
پنهنجو ايمان بچايئي تہ وڏو جس کٽيئي.
اداس رات....
هي آهون....
۽ چنڊ جو ماتم !
اڃا تـ وڌندو وڃي ٿو
اڃا ڊگھو ٿيندو
خبر نـ آھ
هتي جا بکيا ڏکيا ماڻهو
سمهي سمهي بـ ڪي ٿڪبا
يا ڏينهن ڀي ٿيندو؟؟
اڃا تـ پيٽ بکيا
ننڊ ۾ ولهوٽ سهي
لڇي لڇي بـ سمهن ٿا
پڇي ڪڇي نـ سگھن
اڃا تـ رات مٿانئن ٿي لڙڪ هاري پئي
اڃا بـ آھ کان بس ڪئي نـ آهي منهنجي قلم
اڃان تـ چنڊ چريو وار پٽي هانوءُ ڦٽي
اڃا تـ رات جي سيني جو گھاءُ وڌندو وڃي
اڃا تـ سر آ وهاڻو
جڏهن ڪو ڪنڌ ڪري
اڃا تـ پنڌ پري آ
اڃا تـ پنڌ پري
اڃا تـ پرھ پري آ
اڃا تـ پرھ پري.
پيءُ وٽ ڪجھ هجي
هجي نـ هجي
ٻوڙ گھر ۾ پچي
پچي نـ پچي
ٻار هر حال ۾ ڪڏي ۽ ٽپي
شام جو عيد وارو چنڊ ڏسي
هل هنبوڇيون ۽ دنباها هڻندا
ٽپندا ڪڏندا ۽ ٽهڪڙا ڏيندا
عيد هر حال ۾ ملهائيندا.
کين خرچي ملي
ملي نـ ملي
ٻياني کوٽي هلي
هلي نـ هلي
ٻارڙن يارڙن سان راند ڪندا
ڀاڪرن ۾ ڳراٽڙيون پائي
هن دنيا جي ملال کي لوئي
هٿ هٿن ۾ ڏئي اٿي هلندا
عيد جو سهڻو چنڊ ٿي پوندا
عيد تنهنجي ٿئي
ٿئي نـ ٿئي
عيد منهنجي ٿئي
ٿئي نـ ٿئي
ٻار هر حال ۾ ڪڏي پوندا
عيد هر حال ۾ ملهائيندا.
مومل
مون لڌي
هڪ بندگيءَ جي مورتي
جنهن جو دامن پاڪ صاف
جنهن جو سينو چاڪ چاڪ
تو جيان
۽
مون جيان
جنهن کي سماج
ڏيئي ڏاج
پنهنجي قدرن کان ٿڏيو
۽ هن اڏيو
هڪ ڪاڪ محل
جنهن تي ڪيئي جوان آيا گھلجي
ڪيترن راڻن جواني نذر ڪئي
مون بـ اڄ پنهنجي جواني جھول کنئي
هن جي چانئٺ تي رکي
آيس هلي.
الهوٽ ننڊ ۾ تنهنجين اکڙين
مون سان ڪائي ڳالھ ڪئي هئي
چنڊ ستارا شاهد آهن
ننڊ ۾ تنهنجي سونهن ڏسي
سانت ۾ ساري رات رني هئي
سڏڪي سڏڪي ٿڪجي پئي هئي
ڪيئي تارا توڏي ڏسندي
اونڌي ڪنڌ ڪريا ها
واءُ وڻن جي ڇانگھن کي
وٽجي وچڙي ڀاڪر پائي
ڪوڪي ڪوڪي دانهن ڏني هئي
پوءِ بـ توکي ننڊ هئي
ٻوٽيل تنهنجن پيارن نيڻن
مون سان هڪڙو سودو ڪيو هو
منهنجو موت حيات وڪيو هو
چنڊ ستارا شاهد آهن
ڇو تـ اهي ڀي مون وانگي ئي
چرڻ پرڻ کان چپ ڪري
وات ۾ پنهنجي آڱر ڏيئي
دل ئي دل ۾ سوچن پيا
سوچن پيا ۽ لوچن پيا.
هڪ گھڙي هڪ جنم
هن گھڙيءَ کي هتي بيهاري ڇڏيان
هن جي انگ انگ کي چتائي ڏسي
ور وڪڙ وار ونگ کي پوڄيان
هي گھڙي ڪيتري حسين آهي
دل چوي ٿي اها امر ٿي وڃي
هي گھڙي هانو ۾ هري ٿي پئي
خوف ٿئي ٿو ڪٿي ڇڏي نـ وڃي
هن گھڙيءَ هُن کي ننڊ ۾ نيئي
هن جي وارن سان راند ويٺي ڪئي
چوڏهين چنڊ کي ڏندڻ ٿي پيا
رات روئي رڙي ڇتي ٿي پئي
هن گھڙيءَ کي گھڻو سڃاڻان ٿو
هي گھڙي جوڻ مٽائي پنهنجي
مون کي ڪاٿئون تـ گھلي آئي آ
هي گھڙي هاڻ آ گھڙي پل تي
هي گھڙي ايئن ڪيئن ويندي
جيسين هن جون ننڊاکڙيون اکڙيون
هير کي سڏ ڪري نـ ڌوئيندي
هي گھڙي ڪيتري حسين آهي،
دل چوي ٿي اها امر ٿي وڃي.
سندر سپنو
جيءَ جي جھانجھ ويٺي جھونگاري
رات هڪ ساز ٿي پئي آهي
واءَ جا جھوٽڙا لڳن ٿا سُر
نم جي ٽارين مان نسري نڪتا هن
وڻ جون ٽاريون لڳن ٿيون تارُن جئن
جن کي ڇيڙي ڪو راڳ ٿو ڳائي
هي سمو هڪ سريلو سپنو آ
هوش جنهن مان اچي حرام آهي
موت هن وقت جي اچي هينئر
جھوٽڙو بڻجي يا ڪو گيت ٺهي
زندگيءَ کان گھڻو چڱو آهي.
آٿت....
منهنجي ڀرسان
ڪيئن تہ ويٺو ڳيرو ڳائي
ڪيئن تہ ڏکڻ جي هير گهلي ٿي گهري گهري
ڪيئن تہ منهنجو ساھ ٿو ويٺو پگهر سڪائي
پر هي ٽاڪ منجهند جو سج
جنهن تي ڪوئي ويسھ ناهي
ڍرڪيو آهي،
پاڇا نيٺ پراوا آهن –
پاڇن کي پرچائڻ وارا
پاڇا ڏاڍا رُسڻا آهن
ڳڻن ڳهيلا منهنجا ساھ
پاڇن جو پيڇو آ ڪهڙو
نٽهڻ اس سان ناتو لاءِ
پاڇا جنهن جا پيري آهن.
انسپا ئيريشن
ماٺ هئي پر-
اوچتو
خيال جون
اڻکٽ ڳجهون
ڍونڍ سمجهي
من تي لامارا
کائڻ لڳيون
نظم هڪڙو ڄڻي اڃا بس ئي نہ ڪئي اٿم
تہ ٻيو ذهن جي پيٽ ۾ چرڻ لڳو آهي.
هي جڳ امر
ڇا ٿي پيو؟
گل ٽڙن ٿا، ڀوئنر ڀُلن ٿا، هير گهلي ٿي،
شام ٿيڻ سان خالي ٽاري
پن ڇڻن ٿا ٻوسٽ ٿئي ٿي.
هن جا هي ڳل ڳاڙها، سينو تاڻيل
۽ ڏند موتيءَ داڻا
غائب ٿيندا وقت پڄاڻا !
هرڪا شي آ اچڻي وڃڻي
جنهن کي سگهي ڪو بہ نہ روڪي!
هن جُڳ جو هي ساءُ مٺو آ
باقي آڏو پويان اندھ
جا عُمر! تو مُل عيد!
ڪالھ ڪلهوڪي رت وهيو آ
لاش اڃا ڀي وکريل آهن
جيل ڀريل هن ڀائن سان
۽ پُٽ چڙهن پيا ڦاهيءَ تي
ڍيرن تي هن قلمن ٽڪرا
کوڙ زبانون وڍجن ٿيون پيون
خيالن تي هن پهرا چوڪيون
سچ گھٽيو ۽ ڪوڙ ٿو ٻهڪي
هاري ناري بک مري ٿو
منهنجا ساٿي، منهنجا راهي عيد آ جن لاءِ
کولين ۾ ٿا فرش تي ليٽن
مان هي هنڌ کٽون ۽ ڪپڙا
گھوري ساڙيان عيد سميت
منهنجا ميت !
مان عيد اڄوڪي ڪيئن ڪريان؟؟
لوڪ سمهي پيو
تون بـ سمهي پوءُ
چنڊ چريا!
ڪو اچڻو ناهي!
ننڊ نڀاڳي
ناهي اچڻي
جاڳرتا جو جيڻو آهي!
تون ڇا ڳولين رات لڙي آ
ڪُڪڙن پويان دس هنيا هن
باک ڦٽي آ.
مونکي منهنجي حال تي ڇڏ تون
هاڻي تنهنجي جوت کٽي آ.
چنڊ چريا!
تو الهي ويندين
ڀيڄ ڀنيءَ جو
سورج داتا اک پٽي آ.
هاريءَ ڏاند
سياري رات
جھڪ اتر جي
دونهين خاڪ
نڪ ۾ مڃ وٽيل
نوڙيءَ سان
هڪڙو ڏاند ٻڌل،
ڪرنگھو نڪتل
ڪکيون ويٺل
چهبڪ، چڪ ۽
باٺي سان
پُٺي ڏڏريل
ڳوڻ پٺيءَ تي
ويڙهيل سيڙهيل
پير ڦريل
پُڇ ۾ ڳنڍيون
کُر زخميل
پلال مُٺ تي
پليل ڏاندُ،
هاريءَ جان
فرمانبدار. اٻوجھ،
نماڻو، نهٺو ڏاندُ،
ڍڪيءَ جو هر ڪاهيندي
چهبڪ سهندي
هلي هلي، جڏ
گوڏا کوڙي
ڪري پوي ٿو،
مالڪ ان کي پاڃاريءَ مان
ڪڍي ڪري
ڪاتي لائي
حلال ڪري
خيرات ڪري ٿو
اوڙو پاڙو
گھر ۾ ٻوٽيون
چاڙهي ٿو
۽ ننڍڙو وڏڙو
کائي ڍو ڪري ٿو
..................
۽ هو گوئر
ٿلهو متارو
آهُر تي
بيهي کائيندڙ
ٿلهو متارو
بنا ڪمائيءَ
سکيو ستابو
ريشم جي ڏوريءَ جي
نٿ ۾
ٽاڏون ڏيندڙ ڏاندُ
ڪنهين نـ ڪم جو
نـ ئي ڏهڻ جو
نـ ئي ڪهڻ جو
جواري ڏاندُ،
گوءِ جي پڙ ۾
پڇ ڪنڊي تي چاڙهيو
ڦوڪارا هڻندو
جڏ گوءِ ڀڄي ٿو،
هارائي ٿو،
مالڪ پنهنجو
ارڪو ترڪو
ناس ڪري ٿو
پوءِ بـ پڙ تي
ڏاند انهيءَ جي
قيمت چوڻي آهي
هاريءَ جو ويچارو ڏاند،
زمين کيڙي
اُن اُپائي
حلال ڪمائي
حلال کائي
پوءِ بـ ان جي قيمت ڪانهي.
ڇو تـ هو جواري ناهي
هاري آهي،
ناري آهي
مارشلائي سنڌ
ابهم
۽ گلن جهڙي ٻارڙي
جي ڪپھ جهڙي
ڳٽي تي
جتي پاٻوھ وچان
چمي ئي ڏئي سگهجي ٿي
پوڄا واري تقدس وچان
اتي بندوق مان نڪتل
شيهي جي گولين جا
گهاوَ لڳل آهن
………..
لڳي ٿو
شهادت جا موڙ
هاڻي صغير ٻارڙا
بہ ٻڌڻ لڳا آهن
۽ وقت جي
حاڪميت جي ڍونڍ ۾
ڪينئان پئجي ويا آهن.
ماڻهوءَ جو جڏ ڇيڇاڙي ڪو ساھ ڪڍي ٿو
من خوش ٿئي ٿو
ڪنهن جي گھر کي باھ لڳي ٿي
خوشي ٿئي ٿي
انسانن جو جسم جڏهن
ڪن ڪانڊن ٽانڊن جي تَوَ تي
جي ڇولن وانگي ٽڙڪي ٽڙڪي رک ٿئي ٿو
مزو اچي ٿو
ڪنهن جي اک مان ڳورها جڏهين
سڪي وڃن ٿا
رت وهي ٿو
هانوءُ ٺري ٿو
ڪات وهي ٿو
هڏ ڪپي ٿو
مِک جون ڇاٽون
ايندڙ ويندڙ جو جڏ دامن
ڳاڙهو ڪن ٿيون
رت جون ٺينڍيون جاري ٿين ٿيون
سر ٿو ڪپجي
جسم ٿو ڦٿڪي
لڱ لڱ جڏ ٿو ڳترا ٿئي
۽ مرندڙ ماڻهو ڦٿڪي ڦٿڪي
ڪين مري ٿو
ٽهڪ اچي ٿو
ڪوس گھرن ۾
ماڻهن کي جڏ
هوريان هوريان
هڪ هڪ هٿ ۾
اڱر اڱوٺي ۽ اک ۾
ڪوڪا ٺوڪي
ايذائن سان ابتو سبتو
ليٽائي ۽ لتون هڻي
ظلم ٿئي ٿو
آءٌ نچان ٿو
خوش ٿيان ٿو
تنهنجي سهڻيءَ چوٽيءَ جو
جي هڪڙو سنهڙو وار
بہ هينئر
لانگ بوٽ جي هيٺان ايندو –
ڊائنا مائيٽ ٿي ڦاٽي پوندو
تنهنجي سبيل چپن مان جي
هڪ جملو ٻاهر نڪري ايندو
بندش پيل ڪتاب تي پوندو –
رئي جو پلوُ ورائي (جنهن سان
ڪڪرن وانگي سج
لڪائيندي آهين)
جي رت ۾ ٻڏندو
جهنڊو بڻجي پوندو –
تون جي چادر چوديواري
ڦاڙي چيري
ٻاهر نڪري ايندينءَ
مارئي بڻجي ويندينءَ
اڄ جو عمر برباد ٿي ويندو –
چنڊ کڙي پوندو
۽ رات بہ ڏينهن ٿي ويندي -
Agitation
اڻ جهليو
سنڌو
اٿلي پيو –
ڳوٺڙا
شهرڙا
ماڻهو
ويچارڙا
اڌ اگهاڙا
بکيا
پڄري کامي سڙي
ڇتا ٿي پيا –
هي گونگا
۽ ٻوڙا
ڪروڙين
ننڍا ۽ وڏا
برف جي ديش کان
سمنڊ تائين اُڀا
مانڙي ڀاڄڙي
اڄ گهرڻ هِن لڳا
…………
سنڌو ماٺو هيو
سوچ ماٺي هئي
اوچتو اوچتو
ڇا مان ڇا ٿي ويو
اڻ پليو
اڻ جهليو
سنڌو اٿلي پيو.
جنهن ويري تو
نڪ ٽوپائي، اکيون هيٺ ڪري
گهوري ڏسڻ سکيو هو
تنهن ويري
هڪ چانڊوڪيءَ ۾
هٿ هٿ ۾ ڏئي (تو ۽ مان)
ڪچڙيءَ تند سان،
پنهنجيون دليون جوڙيون هيون
پيار جا ٽوپا ڏيئي
اڄ جڏهن هن ٽاڪ منجهند جو
هٿ ۾ هٿ ڏئي
ڳوڙها گئس ۾ ساھ کڻي
اڳتي وکَ وڌائي
اکيون بند ڪري
مون کي تو آ گهُوريو،
ايئن لڳي ٿو
پنهنجيون دليون
ڳنڍجي، پيچجي
هڪ ٿي ويون آهن -
ڪُوڙي خبر
جن کي بندوقون ۽ گوليون
ڦاسيءَ تختا هٿڪڙيون
آدجڳاد کان اڄ تائين
او منهنجا سائين-!
سچ چوڻ کان جهلي نہ سگهيا
پريت ڪرڻ کان پلي نہ سگهيا-!
گيت غلاميءَ مان ڇا ڄاڻن
گيت تہ گجندا رهندا آهن-
ڇو تہ انهن کي پيٽ نہ آهي
ڇو تہ اهي انسان نہ آهن-
مونکي هڪڙو پيٽ بہ آهي
آءُ بکيو انسان بہ آهيان-
جنهن کي هڪڙي گيت لکڻ لئہ
پنو کپي ٿو قلم ٿو گهرجي-
گهرجن جي گهاڻي ۾ مَنُ
اکين تي کوپا آءُ ڍڳي جان
ڦيريون پايان-
ڌرتي گول ڦري ٿي مونسان
سچ بـ ان ۾، ڪوڙ بـ ان ۾
مونکي هڪ مانڌاڻ آ من ۾
گيت لکان يا ڪوڙي خبر !!!
مئي ڊي.....
نـ چوين تـ ڇا
مان چوان تـ ڇا
نـ چوان تـ ڇا
هي ڌرتي جنهن تي رت وهيو آ
شاهد آ
هي لڪ ڇپ جي ڪا راند نـ آ
هي خون کٿوري آ
هي ساڳيو خون صدين کان وهندو آيو آ
هت برف تان رڙهندي پهتو آ
پر سچ جو خون ٺريو ناهي
هي خون سڄر آ ڪوسو آ
هي منهنجو آ هي تنهنجو آ
هي ڏاٽو آ هي ڪهاڙو آ
هي خون کٿوري آ
تون ان کي ڪئين لڪائيندين
هي خون اصل کان لڪندو نـ آ
هي هٿڪڙيون بـ ڳري پونديون
هي خون رڳن جو ٽهڪيل آ
هي خون تـ ڪيڏو ريٽو آ
ڄڻ چيٽ ڦٽو آهي
ڪونگو ٽارين، اڪ جي ڦلڙين
ڪرڙن جي پسين تي اڄ
هي خون اڏامي آيو آ
هي ديسي آ هي پريسي آ
هي تنهنجو آ، هي منهنجو آ
هي خون شڪاگو شينهن جو
اڄ چيٽ سان گڏجي آيو آ
اڄ کيت کٿوريءَ واسيا هن
هن خون کٿوري آندي آ
اڄ مئي ڊي آ
اڄ مئي ڊي آ....
ڦٽڪو
هنج کيڏائيندڙ ٽاري
پاڙ کان پٽجي پئي
فطرت، سونهن ۽ ڌرتي
تي ڄڻ هلچل مچي وئي
۽ ٽڪٽڪيءَ تي
اونڌي ٻڌل انسان
تي هڪڙي ڦٽڪي ڦهڪو ڪيو
تر ٿيل نيٽ جو ڊگھو چهبڪ
نيٽ جو
ڊگھو چهبڪ
ٽڪٽڪي
اونڌو ٽنگيل
آدم ذات
پوءِ بـ
ڦٽڪا جھلي
وهائي رت
ٽڪٽڪيءَ کي
چمي، لهي ٿو ڪو
ڏڪندڙ آڱرين سان
ويءَ جو
اشارو ڏيئي
موت کي مات ڏئي
اچي ٿو ڪو.
بلوچستان.....
هوا هٿڪڙين ۾
هي چشمن جو پاڻي
آ تنهنجي اکين ۾
آ تاريخ سان تنهنجو تڪرار ڪيڏو
هي پربت آ جيڏو
تون وحشي آن ايڏو
هي ٻارا
هي چارا
هي ماڻهو ويچارا
مروڙي سروڙي
ڀلي ميڻ ڪر
هي پيٺل پٿر
چيڪي مٽي تـ ناهن
تون ڀوري سگهين ٿو
هي ڳوهڻ جا ناهن
ڪنهن تـ جنم ۾
مڙسُ، مڙس جو مٽُ آهي!
زنجيرن سان جڪڙي مونکي
بندوقن جي پهري اندر
ڏڪندو ڏڪندو وار ڪرين ٿو
پوءِ بـ چوين ٿو تـ ڏاڍو هان؟؟؟
منهنجي جھُور جياپي کي
گھاڻي اندر پيڙي پيڙي
ناس ڪري نپوڙي پوءِ بـ
دل جھلي ڳالهائڻ جي تو ۾ سگھ نـ رهي آ!
منهنجي مويل منهن کان پنهنجو منهن لڪائي
ڪهڙي منهن سان
هام هڻين ٿو؟
مون جي هاريو سچ چئي اڄ
تو جي جيتيو ڪوڙ ڪري
ڇاٿي پيو ڙي، ڇا ٿي پيو؟
جيسين ڌرتي جيئري آهي
ڪنهن تـ جنم ۾!
منهنجا هي زنجير پگھربا
تنهنجو منهنجو ليکو ٿيندو!
..ليکو ٿيندو!....
(بلوچستان ۾ ملٽري ايڪشن واري
واقعي کان متاثر ٿي لکيل)
پاڙي جو در
آڌيءَ رات
الائي ڇو اڄ
کڙڪيو آهي
ڪالھ بـ اهڙو کڙڪو ٿيو هو
۽ پوءِ
هڪڙو ريلو رت جو
وهي هليو هو
منهنجي چانئٺ هيٺان
چيڪيءَ مٽي اندر
سڪي ويو هو
اڄ ڀي اهڙو کڙڪو ٿيو آ
آڌيءَ رات ستارن هيٺان
گونگي سانت کي
چيري ڦاڙي
ننڊ پيل ڌرتي کي ڌوڻي
در کڙڪيو آ
اڄ جو کڙڪو
در جو کڙڪو ناهي
رت جي ڪنهن
درياءَ جو ڌڌڪو آهي
سوچان ٿو
هي کڙڪو منهنجي
در جو کڙڪو ناهي
سمهي پوان
منهنجو ڇا؟
پر هي رت جو ڇوليون
مونکي
سمهي پئي ڀي ٻوڙي وينديون
سوچي سوچي
اٿي پوان ٿو
اوندھ ۾ هٿ ڦيري
رائيفل ڳوليان ٿو
هٿ کي پنهنجو قلم لڳي ٿو
اوندھ ۾ سڀ
زور ڏئي
جڏ قلم کڻان ٿو
کڄي نـ ٿو
قلم بـ ڳوريءَ ڇپ جيان
اڄ
کڄي نـ ٿو
(بنگلاديش ۾ آيل مارشل لا
تي لکيل)
سچُ.....
تون ڌوتا اکيون بند ڪري بـ
ڏسي سگھين ٿو!
پر جي....
تنهنجين اکين مٿان
انڌائپ جا هي ڇوڙ لهن
پر جي....
پنهنجيءَ اندرينءَ اک کي
کولي ڦاڙي
تاريخن جي ترورن جا تاءَ ڏسين،
پر جي....
تنهنجين اکين اندر
ساڃھ جو ڪو سرمو پائي
پر جي....
تنهنجن دوڏن ۾ ڪو
دور سرائي ڦيرائي
پر جي ڌوتائپ جون تيرهن تاليون هي سڀ دور ڪرين
تـ مان سمجھان ٿو!
اکين پٽڻ کان عذر ڪري بـ
انڌا، ٻوڙا، گونگا، ڌوتا!
ماڻهو پوءِ بـ
سڃاڻين سگهين ٿو!
ڀل تـ ڪنن ۾ ڪپھ هجئي
ڀل تـ ڄنگھون ۽ ٻانهون تنهنجيون
نانهن جي نوڙيءَ ساڻ وڪوڙيل
ويڙهيل سيڙهيل ٻڌل هجن
ڀل تـ ڳچي ۾ گھپيءَ جو ڪو گھوگھو پاتل ڇو نـ هجئي
۽ ارھ تي ڳوري لالچ جي ڪا لت هجئي
سچ تـ پوءِ بـ سرهو آهي
ڪيسين ساھ منجھائي سگھندين!
جيسين ساھ کڻين ٿو ڌوتا!
سچ جي هن سرهاڻ کي ناسون بند ڪري بـ
سنگھي سگھين ٿو
سچ چٽو آ سج جيان
تون ڌوتا اکيون بند ڪري بـ
ڏسي سگھين ٿو،
ڏسي سگھين ٿو،
(پاڪستان طرفان بنگلاديش کي
تسليم ڪرڻ وارو اعلان ٻڌي لکيل )
ڪم_چي_ها جي نالي
۽ ٽڪر ٿيل ئي سهي،
هي تنهنجو قلم،
ڏاڍ جي ڏونگر ڏارڻ ڪارڻ
ڪافي آهي_
مون کي اهڙي پڪ آهي،
تـ دنيا جا سڀ سچا ماڻهو
سڀئي سوريتيون ۽ ٻاگھيون
منهنجن گيتن ساڻ ملي
تنهنجي ياد کي ڀاڪر پائي
پيار ڪنديون_
۽ تنهنجي ڇڏيل
چتر اڌوري ۾
باقي رنگ ڀرينديون_
تنهنجا گيت گھٽيل هوندي ڀي
جڳ جون ليڪون اڪري
سورج وانگي
پنهنجو تاءُ ڏيکاري
رت کي تيز وهائيندا
۽ تنهنجو قرض چڪائيندا_
جيڪو تنهنجو مقصد آهي_
............................
ڪم چي ها،
منهنجي تنهنجي ڌرتي
هڪ ئي آهي،
تون ڪوريا جي بند جيل ۾ آهين،
آءٌ سنڌ جي کليل جيل ۾ بند آهيان_
(ڏکڻ ڪوريا جي عظيم انقلابي شاعر،
ڪم چي ها، جي نالي جنهن کي جمهوري ۽
ترقي پسند تحريڪن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي
ڏوھ ۾ قيد ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس
هلايو ويو هو)
ننڍڙا نظم
نرس کي چئي ٿو،
سُئيءَ هڻڻ کان اڳ ۾
ٿورو مرڪي ڏس،
سُئي لڳڻ جو
سور نـ ٿيندو
...............
ڪوئي آهي
سڪل وڻن جي ٽارين جان
هٿ کنيون،
اڀ کي ٻاڏائي
...............
رات هوندي ئي جڏهن
چنڊ لهي ويندو آ،
آءٌ،
سگريٽ مان سگريٽ کي
ٻاريندو هان
...............
ڀنڀرڪي جو
مينهن جي ڦڙڦڙ
بار جودر
کڙڪائي ٿي
موکي چئي ٿي
جمعو آهي
.................
زندگي ڪيڏي بـ رُکي
ڪيڏي بـ ڏکي
ڪيڏو بـ ڏچو
جي سچ پڇو
موت کان پياري آ
.................
مان ڇا تون ڇا ۽ دنيا ڇا؟
تنهنجي توکي آھ لڳي ڇو؟
تنهنجو انگ ۽ رنگ نـ آڇا؟
هي دنيا، هي پوري دنيا !
.................
ڇوٿي ڀٽڪين
جھُڙ جي ڪڪري،
رات رهي وڃ
اکڙين ۾
..........
هاري ٿڪجي
چُور ٿي چئي ٿو،
آئون بـ ايئن
مري ويندس،
جيئن بابو مري ويو هو
..........
گھاڻي مان اڄ ڏاند ڀڳو
ٽاڏ ڪندو
پڃرو پرزا پرزا ٿيو
پکي اڏيو
مينهن ڏهايو، پاڏو چٽيو
کٽرن کيٽو ڇڏيو
کير مکڻ اڄ دل ٿيا
پاڙي اوڙي هُل ٿيا
...............
پورنماسي رات لڙي هئي
ڏکڻ گھلي پيو هو
مون ٻيهر هڪڙو ٻار ٿي چيو هو
چنڊ تـ لاهي ڏيو !
...............
هيءَ گھڙي ان ڪري نـ ٿي گذري
وقت کي ونگ آهي پيرن ۾
هن گھڙيءَ جو الائي ڇاٿيندو
هن جو هر ناز سُتل آ ننڊ ۾
منهنجو هي جنم رائگان ويندو.
...................
ٻار انهيءَ لئي پيارو ناهي،
جو سورن ساڻ ڄڻيو ويو آهي
..............
ٻار سان پيار
جسم سان پيار جو
نالو آهي
..............
ردي ڪاڳر
ردي ماڻهو
ڏڪڻو هٿ
۽ ڀڳل قلم
رت مان ٻوڙي
جيئن ٿو چوري
ڀنڀٽ ٻاري
دنيا کي شهڪار ملي ٿو
.................
مان تـ سمهي پوان (مونکي ڇا هي؟)
تارن کي اڄ ننڊ نـ ايندي
ڏاڍي ڏات ڏهاڳڻ آهي
.................
مون هي گيت لکيو جو آهي
ڪاڏي ڪيان ؟
۽ ڪنهن کي ڏيان ؟
آ سچ اهو !
ڪوبـ بکيو !
ڪنهن گيت منجھان ڪو ڍءُ نـ ڪري ٿو !
مها ڪوي کان مها ٿيو پاروٿو ڍوڍو !
.................
سڄو مهينو لوڙيو آهي –
پگھار جو ڏينهن
اچي ويو آهي،
ڄڻ ٽيهڙ تپ
چڙهي ويو آهي
.................
پويون پهر، بسنتي رات
سڳنڌ هوا ۾ چانڊوڪي
ڪوڙي ڳيت ۽ ياد پرين
زندگيءَ جو ڪاڪ ٽيل
...............
کٽنٺري جان تنهنجي جواڻي
ننڍڙي ٻار جيان مان آهيان
تون ٿي مرڪين
روح ٿو سرڪي
وات ڪري ٿو پاڻي پاڻي
کٽمٺڙي جان تنهنجي جواڻي
...............
ڪرٽ سان چيچريل لاش ڍُري پيو
ڏسندي ڏسندي
سج لڙي ويو
شام اچي وئي !
ماڻهو آيا
ماڻهو ويا
رت دٻو اڃا نـ سُڪو !
رت دٻو اڃا نـ سُڪو !
........................
وس پڄي
هي وايو منڊل
هڪڙي هنڌ بيهاري
گھوري گھوري
هن کڙڪيءَ مان
رات سڄي
مان چنڊ ڏسان !
........................
رات جون رهڙون
دڳ جا دڙڪا
جھر مر تارن جون
هي سُهمون
چانڊوڪي ۽
چنڊ جون چٿرون
پوتيءَ جي هڪ
پلوءَ ۾ ويڙهي
ڏوھ ثواب کي
ڏوراپا ڏئي
جيءَ جلي ڪا
نڪتي آ.
........
ٿُڪ هجي تـ کڻي
اڇلائي ڇڏجي
جيون کي ڀلا
ڪاڏي ڪري
ڪاڏي ڪجي!!
........
ڌرتي ماتا
جي سيني تي
منهن ڀر اونڌو
لڱ لڱ گھايل
رت جي ڳيت
جيت امر آ تنهنجي جيت
.......................
زندگي هڻ هڻان کان خالي ٿي
موٽندڙ ڇولين جان ماٺي ٿي
ڪيترو وقت ٿيو سمهي پئي آ
منهنجي پاسي ۾ ماٺ ڀي چپ آ
آءٌ ڦٿڪان لڇان ۽ سوچان ٿو،
گول ڇت جو پکو ڦري ٿو پيو.
.......................
هيڪلي شام
سرءِ جا جھوٽا
پن ڇڻي سانجھ
تنهنجيون
سڀ يادون
ميڙي چونڊي
گلاس ۾ لاهي
ڳيت هڪڙيءَ سان
هيٺ لاهيان ٿو
پوءِ بـ هي شام هيڪلي آهي
ياد تنهنجي نويڪلي آهي
........................
ڪڪريءَ پاڇو
چچريل من کي
اورانگهي ٿو
ايئن لڳي ٿو
ڪرٽ وهي ٿو.
........................
سُرها ساھ
سُهايون راتيون
ڪنوارا جذبا
بيوھ باتيون
جهرمر جيءُ
جهنجهوڙيل
جهاتيون
تو جي پاتيون
مون جي پاتيون
……
ڪاڏي ويون
……………
ور ور واٽ
وٽيل واسينگن جهڙي
منزل موت کان
هڪ وک اڳتي
ميڇ پرينءَ جي
ماکيءَ جهڙي
…....
سوچي وٺ
……………
ڪنهن پيتل
چترڪار جو
ڪو ڦاٽل
ڪئنواس آهي
هي منهنجو
ڳوٺ تہ ناهي!
منهنجو ڳوٺ
آفريڪا ۾ آهي،
باقي ملڪ
يورپ لڳو پيو آهي
............
ٽُرڙ وڻن جي ٽارين
ڳاڙها گونچ ڪڍي
ڏاڍي سونهن ڪئي آهي-
اڄ، چيٽ بہ جهڙو
اميد سان ڪا
عورت آهي
............
اداس من
اڄ ٻارن وانگي
پيٽ ورن ۾
ٽڪڻ نہ جهڙيون
سورن هاڻيون
ڪوڙيون مٺڙيون
ڳالهيون کولي
روئي پيو...
………….
سونهن ڄڻي
ڌرتيءَ تي ڌري
ڪا سوريتي ماءُ
سوچي ٿي-
ڇا ٻار
حرامي آهي
منهنجو ناهي؟؟؟
………….
قوت واري
او ڪالي ديوي
هن نينهن نهوڙيل
ڪُٺل ۽ ڳترا ڳترا ٿيل
ڪاريءَ ۾
جي ساھ وجهي
نہ ٿي سگهين
تہ پوءِ خبر اٿئي ڇا ٿيندو؟
تنهنجي پوڄا
ڪير ڪندو؟
………….
سازُ تارن جي ڇڄڻ کانپوءِ ڀي
دير تائين وڄي سگھي ٿو من!
تو تـ هاڻي ئي منهنڙو موڙيو آ
تو تـ هاڻي ئي منهنڙو موڙيو آ.
.................................
ڏات ڪُرڙيءَ جا ڦٿڪي ساڻي ٿي
وقت جي ڄار ۾ ئي اٽڪي پئي
شاعري پوءِ بـ شڪاري بڻجي
سچ جا رڇ وڇائيندي وئي
.................................
ڄڻ تـ ڪي
نيڻ خماريل آهن
تنهنجي سيني تي
زخم گولين جا
گل گلابي
ٽڙيا پيا آهن
............
دل گھري ٿي
تـ باھ سان کيڏان،
آءٌ ڪو ٻار
تـ ناهيان
جو چدن سان کيڏان.
............
واءُ وڦلي ٿو ڏئي نينڍ
ڪو اچڻو آهي
سانت جاڳي ٿي چوي
سُمھ وڃي،
بند ڪري،
ڪن اکيون،
سوچ بـ کڙڪو آهي
.................
سور سامائجي ويو آهي،
سونهن تنهنجي ٿي بانبڙا پائي
تون ئي چئُـ،
ڪيستائين ميندي ڀنل
رنگ پنهنجي کي نيٺ ترسائي
.................
منهنجي من جي
ڪچڙي گونچ کي
چپٽيءَ وچ ۾
چيڀاٽي ۽ اڇلي
جڏهين،
پنهنجي چوپي جهڙي
نازڪ نڪ ۾ هڪڙو
ور وجھي
ٿي هُون ڪرين،
ڏاڍي ٿي وڻين
.............
اياز جي ڪتاب
تي ٽيڪ ڏيئي
اڇي پني تي
ڪو شعر لکڻ
ايئن آهي ڄڻ
مُلن پاران
يقاتلون في سبيل الله
جهڙن تعذيرن
جي هار پائڻ بنا
ڀٽائي ٿيڻ...!
.............
منهجي واچ
جا ڦرندڙ ڪانٽا
هڪ هنڌ روڪي
بيهارڻ جي ڪوشش ڪندڙ!
.............
وقت کي
روڪي سگھندين؟؟
...................
نٽهڻ اُس ۾
ننڍڙا ٻار
اگھاڙين پيرين
شل پگھر ۾
ڪڏن ٽپن ٿا
ڄڻ تـ چھ ۾
چڻا ٽڙڪن ٿا
...................
ٽاريون چيري
چيٽ ڦٽو آ
ڪونگو ٽارا
ڄڻ ڪي منهنجا
سپنا آهن
..............
ڪوئي آهي
رات لڙيءَ جو
ڦوڪون ڏيئي
چُلھ اجھاڻل
ٻاري ويٺو
ننڊ بـ جڏهين
ننڊ پئي آ
..............
آفيسون ۽ رستا
خالي،
گھر ڀريل،
ٻارن جو چوٻول
۽ اوٻاسيون
آ نالو آچر جو
....................
تون چوين ٿو تـ
رڳو صبر ڪجي
شڪر ڪجي
پوءِ بـ جي آءٌ لُڇان ٿو
تـ چوين ٿو چپ ڪر،
پوءِ بـ جي سچ چوان ٿو
تـ سڏين ٿو
باغي
....................
رات جون رهڙون
دڳ جا دڙڪا
جھرمر تارن جون
هي سُهمون
چانڊوڪي ۽
چنڊ جون چٿرون
پوتيءَ جي هڪ
پلوءَ ۾ ويڙهي
ڏوھ ثواب کي
ڏوراپا ڏئي
جيءَ جلي ڪا
نڪتي آ.
....................
غزل
چاھ جي چنگ کي تـ چوري ڇڏ
اڄ ستل سور کي تـ سوري ڇڏي.
.....
سونهن سينگار ڪري ويٺي آهي
اڄ تـ هي جان ان تان گھوري ڇڏ.
.....
جهڙ جي هيءَ جھاڳ جيءَ جھير وجھي
اڄ کلي ڏي هي جيءُ جھوري ڇڏ،
.....
مند چوي ٿي اچين هلي جيڪر
اڄ تـ دوريءَ جا بت ڀوري ڇڏ.
.....
تند کي تيز تپائي ڇڏ تون
ماٺ ڏائڻ جو مٿو موري ڇڏ.
نفرتون هر طرف ڏند ڪرٽن ٿيون
سڀ زبانون تکيون ڇريون ٿيون لڳن
وات ڪاتن جان وڍڻ ويٺا هن
اکيون الرون ڪيون ٿيون رانڀوٽن
ساز جن پيار جا ٿي گيت چيا
جنگ جوٽڻ جون ويٺا رنڀون ڪن
تون چوين ٿي تـ توسان پيار ڪيان
ڇا ڪيان سور مونکي ڌونڌاڙين
پيار مون کان تـ ٿي نـ سگھندو پر
نفرتون ڀي تـ مونکان ڪين ٿين
وساري ڇڏيون هئم، وسارڻ جون ڳالهيون
ڪيئي جيڪي وعدن جي پارڻ جون ڳالهيون
جياپي سان جهيڙيندي جڏهن هارايم
اچڻ ياد لڳيون جيارڻ جون ڳالهيون
مان سانجهي سرءُ جي، تون پرڀات آهين
ڇڏي ڏي اجايون آزارڻ جون ڳالهيون
هي ڳالهيون ئي آهن، تون شرمائين ڇو ٿي
ڌڪاريل دلين کي ڌتارڻ جون ڳالهيون
مان سمجهان ٿو توسان ملي ڪين سگهندس
سڙي دل ڪري ڳچ ڳارڻ جون ڳالهيون
جواني جا پاڇا لڙن ٿا سگهو ڪر
نڀائڻ، نهارڻ، پيارڻ جون ڳالهيون
ڪنهن جي اکڙين جو اولڙو پيو آ
من جي هر گھاءَ ۾ لهي پيو آ.
دل جي دڪ دڪ جا پاتي ڊوڙآهي
هانوُ منهنجو هڄي ڊهي پيو آ.
رات ساري آ منٿ ۾ گذري
صبح ٿيندي ئي هو رهي پيو آ.
سانجھ سرهي ۽ ڏنل تنهنجا گل
هي سمون گيت جان ٺهي پيو آ.
چنڊ ڏاڍو ٿڪل ٿو ڏسجي اڄ
رات مون ساڻ هت رهي پيوآ.
سچ چوڻ جو وقت نـ آهي،
اٿو اچو اڄ سچ چئو.
وقت نـ پاڻهي ايندو سائين!
ان کي گھلي وٺي اچو.
ڪاڻي کي ڪاڻو ئي چئبو،
رات ڪڏهن ڀي ڏينهن ٿيو؟
آ سج لهي ويو ڪڪرن ۾،
هي جبل هٽايو تاءُ ڪيو.
ڏاڍو ڪوڙ ۽ هيڻو سچ ٿيو،
ڇا ٿي پيو ڙي ڇا ٿي پيو.
سچ چوڻ جو وقت نـ آهي،
اٿو اچو اڄ سچ چئو.
آ ڏات رُٺي ڪي ڏينهن ٿيا،
اڄ منهنجا گيت اڏامي ويا.
ٿيو ماٺو پاڻي سنڌوءَ جو،
ڪا ڪائونٽي ڪانهي ناھ نيا.
ڪنهن سٽ ڏني ۽ تار ڇني،
سو ساز ڀڳو جنهن گيت چيا.
اڄ جيون ۾ ڪا جهانءِ نـ آ،
تون چپ ڇو آهين، ڳاءِ هيا.
ڪا ميڇ ملي، ڪو پيارملي
ڪا هير گھلي، تون آءٌ پيا.
ڪا چڻگ دکي ۽ باھ لڳي،
آ ڀنڀٽ ٻاريون سيءَ پيا.
جانيءَ ريءَ هتي جڳ ۾ انور
جي بـ جيا، سي جاڙ جيا.
منهنجي من جو گلابي گل، ڇنئي ڇاکئون لتاڙيئي ڇو،
بيهاريئي ڇو، گھرايئي ڇو ڪري ماڻا ٿي تاڙيئي ڇو.
ڀنيءَ جي ڀونءِ هئي ڀنڀٽ تنهنجي سنگيت سر ڇيڙيو
اوجاڳيل آرسيل اکڙين جو هي آٿت بگاڙيئي ڇو.
تنهنجن نيڻن نماڻن ۾ وفا توڙي جفا غاعب،
تنهنجو واعدو وفا ڪاٿي، جفا جو قول پاڙيئي ڇو.
جواڻي ماڻ تون جاني، جدائي مون ڳنهي ورتي،
ڏنم توکي سڄيون راتيون مليم سپنا سي ساڙيئي ڇو.
سهائي رات چاندي جي گھلي وھ وا ڏکڻ ڏيهي،
ڇپر کٽ تي مٺي ننڊڙيءَمنجھان جاني ڌونڌاڙيئي ڇو.
ٽيڙو، چئوسٽا، وايون، گيت
ٽيڙ
انڌا هجي تـ لڀي
ڪنهن کي ٿو ڳولهين
جي ڪمائي نـ کائي
ڀل ختمو ڏئي
حرام ٿو کائي
ربُ ياد ڪر ميان
ڇڏ تـ يار
ننڊ ڪيان
ڪلڪ گھڙي وٺ
هاريل رت سڪي ويندو
ڪجھ تـ لکي وٺ
اڌ حياتي
ويٽنگ روم
هڪڙي جھاتي!
وقت بـ وڃڻو
هو بـ نـ اچڻو
آءٌ بـ نـ رهڻو
اندر سڙئي جو اڌمو ايندو
ٿورو ترس
گيت جڙي ويندو
پور ٿا پوني
در ٿو کڙڪي؟
ڪن ٿا لوني
جيئڻو آهي
تنهنجي اکڙين جو هي امرت
پيئڻو آهي
ڪونجون پنهنجا ولر سهيڙن
جھونجھڪڙيءَ جو جنڊ جي جهانءُ
گلڙا ماڪ ڦڙا ٿا ميڙن
عاشق مارين ٿو
حيف هجئي انسان
وحشي جيوت جا نشان
ڀئو ڀڳو آهي
ٿُڪ هجي زماني کي
عشق لڳو آهي
عشق ڏنو آ
آشيرواد
انارڪزم زندھ باد
چئوسٽا
پيار جو ڪو پاڇولو پيو آهي
ڍڪ پيئندي بـ نشو ناهي ٿيو
ڪنهن کي ڏسندي نشا چڙهي ويا هن
پڪ آهي تـ ڏينهن ٿيندو پر
هيئن اوندھ تـ ڪانـ ڪا ويندي
تون جي اوندھ کان اکيون بند ڪندين
باک ڦٽندي بـ جي هلي ويندي
تون تـ ڳولين ٿو ڇانو جا پاڇا
تنهنجي ڪويتا مري چڪي آهي
نٽهڻ اُس ۾ نـ نڪتي آن
تنهنجي ڌرتي ٻري چڪي آهي
سڀاڻي تائين بچياسين تـ شعر لکنداسين
اڄوڪي رات تـ گولين جو گھاءُ ٿي وئي آ
وجود مٽجي وڃي، برقرار رهي
خبر پوي تـ پوءِ ڪو ٺاھ ٺاهي وجھنداسين
ڦٽ انگور جڻ تي آيا هن
مند جون مست هوائون ٿيون لڳن
دل کي ٻئي هٿ وجھي ويٺو هان
تنهنجيون ميڇون ڏسان تـ ڇا ٿيون ڪن
وقت آيو تـ وڇڙي وينداسون
اچ تـ اڄ دل ڀري ڪو پيار ڪريون
ڪنهن بـ اسان جو لکيو ناهي،
تون ۽ مان اصل کان آزاد آهيون
سُرخي لڳل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي موڙي ڳاءِ،
سانجھ بـ سرخي لائي ڪنهن جو راڳ الاپي ويٺي.
رات ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي مونجھ مروڙي ڳاءِ،
سُرخي لڳل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي موڙي ڳاءِ،
جنمن جون چٿرون ۽ ٽوڪون روح تان روڙي ڳاءِ
هو ڏس وينا انڌياري ۾ آ ڳ الاپي ويٺي.
سُرخي لڳل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي موڙي ڳاءِ،
سانجھ بـ سرخي لائي ڪنهن جو راڳ الاپي ويٺي.
ڏيئي جي وٽ ڦڙڪو ڏيئي ڄاڻ وسامي ويئي،
اوندھ ٿيندي، ڏسي نـ سگھندين، لکي نـ سگھندين
سج لٿي کان سڏڪي سڏڪي، رات آ روئي پيئي،
ڏيئي جي وٽ ڦڙڪو ڏيئي ڄاڻ وسامي ويئي،
ڏيئو رت سان ٻار سگھو ڪر، دل کي جھيرون ڏيئي،
جواني ويندءِ، رت نـ هوندءِ ڪڍي نـ سگھندين.
ڏيئي جي وٽ ڦڙڪو ڏيئي ڄاڻ وسامي ويئي،
اوندھ ٿيندي، ڏسي نـ سگھندين، لکي نـ سگھندين
دوھا
دنيا سان منهن ڏيڻو آهي ڪهڙي آڻ مڃان،
سانجھي سهڙي، چمڙا اڏريا، اولھ ڳاڙهي لاک،
ڄاڻ اچين ٿي، ڄاڻ اچين ٿي، ڦُٽي وئي آ باک،
ڪُڪڙن پويان دس هنيا هن، مونکي پور پون،
تنهنجي پايل ڇرڪي ڇوري منهنجا ڪن لون.
رات سمهي پئي پاسا کوڙي، مونکي ننڊ نـ آئي،
سندر سپنن، ڪوڙين سُرڪين، منهنجي جاڳ جلائي.
ماٺ مري وئي ساز سڙي ويا ڪونهي ڪو پڙلاءُ،
گونگا ٻوڙا پاڇا ڪنهن جا ڀٽڪن ڪنهن جي لاءِ.
سار جڏهن ڀي آئي تنهنجي، سارنگ بڻجي آئي،
منهنجي من کي ٻارن وانگي رئاري کلائي رهائي.
ڪنهن جي ڪنهن جي ڪاڻ رئان مان جڳ جڳاندر کان،
اندر جي اوساٽ لڪائي، کلندو رهندو هان.
پيهي وڃ اندر ۾ منهنجي سڏڪي سڏڪي سور،
اٽڪي اٽڪي پوءُ نـ اندر ۾ وسڪي جھڙا پُور.
وڻ جون ٽاريون ترڙ ٿي ويون ڇڻي پيا سڀ پن،
سرءُ جا سور سهان ٿو ان لئـ چيٽ ڦٽي پئي من.
وايون، گيت
مان ڪنهن سان سور سليان!
ٿو هانو ڏري، اچ قرب ڪري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
تون اڏر نـ کنياتا وڃ نـ پري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
آ رات ڊگھي ۽ صبح پري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
ٿي واڳ جھليان هي آھ ڪري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
او! دم ٿو گھٽجي چين مري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
جھُر جھُر، جھُر جھُر ڳچ ڳري،
مان ڪنهن سان سور سليان!
مان ڪنهن سان سور سليان! او جاني،
ڪنهن سان سور سليان!
_________________
مند وري آ، هير گھلي ٿي، اچڻو آن تون، آءُ پيارا،
جھومن ڪونگو ٽارا.
گونچ نمن ۾، ڏيلها ڪرڙن، ٻيريون ٽنڊريون، ويا سيارا آءُ پيار،
جھومن ڪونگو ٽارا.
سرنهن سندو ڦولار ڏسي ٿيا، مست هي ڏاگھا سارا، آءُ پيارا،
جھومن ڪونگو ٽارا.
هي بوڙيندا ۽ چنگ تـ ٻڌني! سڏني توکي ساوا ٽارا، آءُ پيارا،
جھومن ڪونگو ٽارا.
اڱڻ ٻهاريم، سهرا ڳاتم، کڻن نـ نياپو کنياتا ڪارا، آءُ پيارا،
جھومن ڪونگو ٽارا.
ميندي رتڙا هٿ اڇا ٿيا، ڦارون پائي وجھايان ڍارا، آءُ پيارا
جھومن ڪونگو ٽارا.
آءُ پيارا، آءُ پيارا،اچڻو آن تون، آءُ پيارا،
جھومن ڪونگو ٽارا.
____________
برکا رت جو رنگ رچي ويو
بوندن ساڻ بسنت اچي ويو.
ڪاري لوٺ بـ ٿي وئي سائي،
گونچ گلن جو گوڙ مچي ويو.
بوندن ساڻ بسنت اچي ويو.
چيٽ ڦٽي ويو، تون ڇو. نـ آئين،
من ۾ سڪ جو ممڙ مچي ويو،
بوندن ساڻ بسنت اچي ويو.
هير گھلڻ تي هانوُ هڄي پيو
ڦرڙيءَ وانگي پيار پچي پيو
بوندن ساڻ بسنت اچي ويو.
سرءُ جو سٽيل سيڪاٽيل پن
سڄي سڙڻ کان هاڻ بچي ويو
بوندن ساڻ بسنت اچي ويو.
_____________
تو بن جاني اوت اتر جي،
منهنجو انگ ڏڪائي.
تنهنجي ياد ستائي
مينهوڳيءَ جي مهڪ هوا ۾،
چيهو سر سان ڳائي.
تنهنجي ياد ستائي
سنجھي سان ئي تنهنجو سپنو،
منهنجي ننڊ ڦٽائي.
تنهنجي ياد ستائي
چانڊوڪيءَ ۾ وهنتل سهنتل،
ولھ ٿي وار سُڪائي.
تنهنجي ياد ستائي
____________________
منهنجو من اداس کنياتا
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي!
رت بسنتي موٽي آئي،
منهنجي من ۾ مونجھ اهائي،
پرينءَ نـ آهي واڳ ورائي.
چوٿون هي چوماس کنياتا
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي!
سنهڙي سنهڙي سرءُ ٿي وائي،
ڏکيل منهنجو ڏيل ڏکائي،
ڪانگا! چپ آن، ڇاهي؟
منهنجي آس نراس کنياتا!
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي!
اڃا بـ اوسيئڙو ٿو جياري،
سدا ٻنڀي مان نينهن نهاري،
پريت ڪڏهن ٿو پريتم پاري.
آزاريندڙ آس کنياتا!
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي!
منهنجو من اداس کنياتا!
لنوُ ڪا لات پرينءَ جي!
_________________
اي بادلو، اي بادلو، ڇوٿا رُلو،
مون سان هلو اي بادلو.
منهنجي پرينءَ جي چيچ آ،
ڇلڙو جنهن ۾ گھرگھلو.
مون سان هلو اي بادلو.
منهنجو پرين جنهن آ ڏٺو،
تنهن کان پڇو ڇوٿا ڀلو.
مون سان هلو اي بادلو.
هي آس من جي تاس آ،
منهنجو تـ هو آ ڀرجھلو.
مون سان هلو اي بادلو.
ڪاري گھٽا! ڇو ٿي ڍڪين،
هي چنڊ منهنجو چلولو.
مون سان هلو اي بادلو.
هن چنڊ جي چانڊاڻ ۾،
نچندا هلو، ڪڏندا هلو.
مون سان هلو اي بادلو.
هي هانو ٿو ٻڏندو وڃي،
من جي اڇل ۾ ٿرٿلو.
مون سان هلو اي بادلو.
مون سان هلو اي بادلو.
_________________
من مندر ۾ توبن سهڻا،
ڌوپ نـ ڪوئي واس
الاوو
ڌوپ نـ ڪوئي واس!
تون ۽ مان ٻيو ناهيون جاني،
آهيون ڪوسو ماس
الاوو
آهيون ڪوسو ماس
پور نماسي رات پري آ،
انڌيارو سڀ آس!
الاوو
انڌيارو سڀ آس!
ٿڌڙي ٿڌڙي رات اٿاري،
جسم سندو احساس،
الاوو
جسم سندو احساس!
چنڊ چڪور تـ پنهنجيءَ ۾ هن،
من ڇو آھ اداس،
الاوو
من ڇو آھ اداس!
منهنجي منزل ڌرتيءَ تائين،
ڳوليان ڇو آڪاس،
الاوو
ڳوليان ڇو آڪاس!
____________
مُند جان مست نگاهون تنهنجيون
ڪارا بادل تنهنجا وار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
رُت جو روح چريو ٿي پيو آ
منهنجي من کي ڇا ٿي ويو آ
سينو ساڙي تنهنجي سار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
گھنگھور گھٽا ٿي گوڙ مچائي
منهنجي ڪوتا پُور پچائي
سارنگ ويٺو ڇيڙي تار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
مور نچي ٿو ڊيل ٽلي ٿي
بوند وسي ٿي هير گھلي ٿي
ههڙي رُت ۾ توکان ڌار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
پرُ بـ اُٺو هو ڀيڄ ڀنيءَ جو
پرُ بـ پُسيو هو پاند چنيءَ جو
موٽي آئي مند ملهار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
جيئن جيئن کلڻي کنوڻ کلي ٿي
اکڙين مان تيئن بوند هلي ٿي
پرينم ! تنهنجو ڪهڙو پيار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
مُند جان مست نگاهون تنهنجيون
ڪارا بادل تنهنجا وار
منهنجا يار
آءُ تـ جھڙالو ماڻيون !
__________
ڳيت ڏئي ڇڏ، سور ڳهي ڇڏ
جندڙي لڙڪ وهائي
جيئڻ سولو ناهي!
اوندھ جا اوڙاھ جي ايندا
سهبا سينو ساهي
جيئڻ سولو ناهي!
دنيا دارونءَ جو ٿي دونهون
ڇا ٿي ويو آ ڇا هي؟
جيئڻ سولو ناهي!
ڏات ڏڪي ٿي ڏاڍ ڏنگي ٿو
ڏنڀ اچي ٿو ڏاهي
جيئڻ سولو ناهي!
جان اصل کان اچڻي وڃڻي
پوء تي هٽڻو ناهي
جيئڻ سولو ناهي!
سورئ جو سينگار ٿئي پيو
ڪوئي چڙهندو ڦاهي
جيئڻ سولو ناهي!
دوکي جي هن دنيا اندر
مرڻ تـ سولو آهي
جيئڻ سولو ناهي!
____________
ياد پرين جي بڙڇي بڻجي
منهنجو هانءُ ڦٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
رات ڪري ٿي جلهون مونتي
سانوڻ جي هي سانت سٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
روئي ٿي، روئاري ٿي مونکي
منٿ ڪيان ٿو منهن مٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
تنهنجي آس اکين ۾ آڻي
منهنجي سورن سير ڇُٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
پرھ ڦٽي آ ڪويل ڪائي،
ڪوڪي ڪوڪي هانوءُ ڦٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
ڏسندي ڏسندي سانجھي ٽاڻي
گھُور پرينءَ جي ساھ گھُٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
ڪوڪي ڪوڪي ڪپيل وانگي
ڪوتا منهنجي رات ڪٽي ٿي
ڪنهن کي دانهن ڏيان !
ڪنهن کي دانهن ڏيان! ڪنهن کي دانهن ڏيان!
_________________
من جا مٺڙا سور سمهي پوءُ
رات لڙي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
نکٽ نهاري نستو ٿيو آن
ڪتي چڙهي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
ڪنهن جا ويٺو پور پچائين
ڪاڪ ڪڙهي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
تيل سڙي ويو رت سڙي ويو
وٽ سڙي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
ڪوئي اچڻو ناهي!
پريت پڙي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
ڪانگل ڪرڪي آھ اڏاڻو
لام لڙي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!
جيجل جھاتيون پايان ويٺي
اک اڙي وئي آهي
ڪوئي اچڻو ناهي!