ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي فڪري سرواڻ انور پيرزادي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”انور پيرزادي جون ڪھاڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
ھن ڪتاب ۾ انور پيرزادي جون آڳاٽيون يعني 1971ع – 1972ع ۾ پنن تي مَس واري پين سان لکيل ڪھاڻيون شامل آھن. انور پيرزادي جي انھن ڪھاڻين جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ اھي ڪھاڻيون سندس سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ دوران ۽ ڪورٽ مارشل ٿيڻ کانپوءِ واري دور جي نمائندگي ڪن ٿيون. جن ۾ سندس جواني واري زندگي جي ھڪ دور جي آتم ڪٿا واري جهلڪ بہ ملي ٿي.
ھي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ پيڪاڪ پبلشرز پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. مھربانيون انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ امر پيرزادي جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ