ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”انٽرويو ۽ تقريرون“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي فڪري سرواڻ انور پيرزادي جي انٽرويو ۽ تقريرن جو مجموعو آهي.
ھن ڪتاب ۾ شامل انور پيرزادي جا انٽرويو ۽ ۽ تقريرون ڪجه اخبارن ۽ مئگزين ۾ ڇپيل آھن تہ ڪجه وري آڊيو ۽ وڊيو ڪئسٽن تان ورتا ويا آھن. ھنن انٽرويوز جي خاص ڳالھ اھا آھي تہ اھي انٽرويو ساڳي وقت انور پيرزادي جي ڄڻ تہ آتم ڪٿا بہ بڻجي آڏو آيا آھن. انور پيرزادي انھن انٽرويوز ۾ ڪافي تفصيل سان پنھنجي زندگيءَ جي مختلف دورن تي ڳالھايو آھي. ھن پنھنجي شخصي، ادبي، سياسي، صحافتي ۽ تحقيقي شعبن تي ۽ انھن دورن جي سياست، ادب، صحافت، تاريخ ۽ سماج تي جيڪي رايا ڏنا آھن، تن ھن ڪتاب کي ساڳي وقت تاريخي ڳٽڪو پڻ بڻائي ڇڏيو آھي.
ھي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي پاران 2011ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. مھربانيون انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ امر پيرزادي جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ