سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي فڪري سرواڻ انور پيرزادي جي ڪالمن ۽ ايڊوٽوريل جو مجموعو ”ڀڻ جهڻ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
ھن ڪتاب اندر انور پيرزادي جا 1989ع کان 1990ع ۾ ھلال پاڪستان اخبار ۾ ڇپيل ڪالم ”ڀڻ جهڻ“ ۽ عوامي آواز، سنڌ سجاڳ ۽ سچ اخبارن ۾ ايڊِيٽر طور 1990ع، 1991ع ۽ 1992ع جا لکيل ڪجه ايڊيٽوريل شامل آھن. انور پيرزادي جا ايڊيٽوريل ”گائيڊ لائين“ جي حيثيت رکندا ھيا ۽ سنڌ، جمھوريت ۽ عوام جو انتھائي بھادري ۽ بيباڪيءَ مان ڪيس وڙھندا ھيا.
ھي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. مھربانيون انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ امر پيرزادي جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي