ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌ جي فڪري سرواڻ انور پيرزادي جي مضمونن جو مجموعو ”سنڌ“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
ھيءُ ڪتاب سنڌ بابت مختلف وقتن ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مضمونن تي ٻڌل آھي، جيڪو مجموعي طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن بابت انور پيرزادي جو ھڪ نقطئہ نظر آھي. ان ۾ سنڌ جو ماضي بہ آھي، حال بہ آھي تہ مستقبل بہ آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ بہ آھي تہ ان جو ڪيس بہ آھي تہ ان جو فخر لائق ھڪ تعارف بہ آھي. ان ۾ تحقيق بہ آھي، سفر بہ آھي، مشاھدا بہ آھن تہ تجربا بہ آھن ۽ سوال بہ آھن تہ جواب بہ آھن.
ھي ڪتاب انور پيرزادو اڪيڊمي پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. مھربانيون انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ امر پيرزادي جون جن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ