شاعري

ڀائوءَ جو رسالو

ڀائو“ محمد اسماعيل سيلرو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڀائوءَ جو رسالو“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جيڪو 850 صفحن تي ٻڌل آھي. ڪتاب جي ترتيب ڏيندڙ خير محمد ”خيرل“ سيلرو آھي. ڪتاب ۾ سُر تخليقات، سُر ڪائنات، سُر فلڪيات، سُر جماليات، سُر انسان ذات، ٽبڪن تي آزمائش، عزالي سٽن سٽاءَ، ٻہ سٽاءَ، چو سٽاءَ، ڇهه سٽاءَ، اٺ سٽاءَ، ڏهه سٽاءَ، ٻارنھن سٽاءَ، عزل، گيت، مسدس، نظم، بيت ۽ سوايا بيت شامل آھن.
  • 4.5/5.0
  • 204
  • 66
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book ڀائوءَ جو رسالو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ”ڀائو“ محمد اسماعيل سيلرو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڀائوءَ جو رسالو“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جيڪو 850 صفحن تي ٻڌل آھي. ڪتاب جي ترتيب ڏيندڙ خير محمد ”خيرل“ سيلرو آھي.
ڪتاب ۾ سُر تخليقات، سُر ڪائنات، سُر فلڪيات، سُر جماليات، سُر انسان ذات، ٽبڪن تي آزمائش، عزالي سٽن سٽاءَ، ٻہ سٽاءَ، چو سٽاءَ، ڇهه سٽاءَ، اٺ سٽاءَ، ڏهه سٽاءَ، ٻارنھن سٽاءَ، عزل، گيت، مسدس، نظم، بيت ۽ سوايا بيت شامل آھن.
ھي ڪتاب جادم پبليڪيشن، سيلرا، شھدادڪوٽ پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي. ٿورائتا آهيون پارس ڪمپيوٽرس شهدادڪوٽ وارن جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏني..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

حق ۽ واسطا اداري ۽ ليڪک وٽ محفوظ

ڪتاب جو نالو : ڀائوءَ جو رسالو هر گنج
موضوع : شاعريءَ جو مجموعو
شاعر : “ڀائو محمد اسماعيل سيلرو”
ترتيب ڏيندڙ : خيرمحمد ”خيرل“ سيلرو
سال : فيبروري 2019ع
ڳاڻيٽو : 500
ڪمپوزنگ : خالد حسين ڀٽي/ بلاول خان سولنگي
پارس ڪمپيوٽرس شهدادڪوٽ 03363867064
ٽائيٽل ڊزائن : شهمير علي سولنگي
ڇپائيندڙ : ”جادم پبليڪيشن“ سيلرا شهدادڪوٽ
قيمت : 1000

خط و ڪتابت لاءِ ايڊريس
ناظم الدين ڪريانه مرچنٽ
سجاول روڊ مستوئي محله سيلرا شهدادڪوٽ
03443940379, 03337502146
03337508187, 03003401245

ارپـنا

وڏي محنت ۽ محبت سان
ترتيب ڏنل هي ڪتاب
آئون ارپيان ٿو
پنهنجي پٽن ۽ پوٽن کي
انسپيڪٽر اصغر خان سيلرو
ڊاڪٽر اجمل خان سيلرو
جادم اصغر خان سيلرو
عرحان اجمل خان سيلرو
سڄي جهان کان پيارو ڀلو پٽ فرقان

هڪ حياتي ارپڻ سان ته پياس پوري نٿي ٿئي،

هڪ حياتي ارپڻ سان ته پياس پوري نٿي ٿئي،
ڇا ڪيا هن زندگي جي آس پوري نٿي ٿئي،
سواءِ غم جي گذارو بي نٿو ملي ڪجي ڇا،
ڏسيا به ڪيءَ اڪير اماس پوري نٿي ٿئي.

”ڀائو“

فهرست

1 مُهاڳ
2 سُر تخليقات
3 سُر ڪائنات
4 سُر فلڪيات
5 سُر جماليات
6 سُر انسان ذات
7 ٽبڪن تي آزمائش
8 عزالي سٽن سٽاءَ
9 ٻه سٽاءَ
10 چو سٽاءَ
11 ڇهه سٽاءَ
12 اٺ سٽاءَ
13 ڏهه سٽاءَ
14 ٻارنهن سٽاءَ
15 عزل، گيت، مسدس، نظم
16 بيت، سوايا بيت

تعارف

سيلرا شهدادڪوٽ جي سيلرا ڳوٺ ۾ عبدالواحد عرف عدل جي گهر 1954ع ۾ جنم ٿيو، ۽ وڏي ڀيڻ ”ڀائو“ سان سڏيندي هُئي، جڏهن اسڪول جهڙو ٿيم ته سيلرا ڳوٺ پرائمري اسڪول ۾ تعليم لاءِ ويهاريو ويو، پنج جماعت پوري ٿيڻ کان پوءِ عربي مدرسي ۾ موڪليو ويو، ڪجهه وقت کان پوءِ مال جو ڌنار ڪيو ويو، ڇهه مهينا مال چاريو پيرين اگهاڙي، سرندي جي باوجود پيرين اگهاڙي مال چاريندو رهيس، ان کانپوءِ به اُتي خوش رهيس هاڻي محسوس ٿو ٿئي، ته منهنجي سُڌاري لاءِ اهو ڪيو ويو هو، ڇهن مهينن کانپوءِ وري عربي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جنهن ۾ ٽي سيپاره حفظ به ڪيا ۽ قرآن شريف به پورو ڪيو، پر ان ۾ فرق نه هيو، پر جيئن پهرين مدرسي ۾ هيس، اهڙي مزاج سان وري به اُتي رهيم، تڏهن به منهنجو مزاج ساڳيو هيو، وري مدرسي ۾ ويٺم ته به مزاج ساڳيو هيو، پڇتاءَ نه ڪيو، ته مدرسي ۾ سُکيو آهيان، مال سان ڏُکيو آهيان، جڏهن ڌنار ٿيس، ته به ان ۾ خوش هيس، وري مدرسي ۾ آيس، ته به خوش هيس، ان کانپوءِ وري گهرو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، مدرسي مان ڪڍيائون، پنهنجي طبيعت نرالي ۽ خاموش اڪيلائپ پسند هوندي هئي، پنهنجي پسند ئي اها هوندي هئي، ته هر ڪم ڪار ۽ اُٿڻ، ويهڻ تمام ڍرو ايتري قدر جو گهر ۾ ڏاڏي ٺَمَڻُ چوندي هئي، ٻاهر ڪڙمي ڪاري يا نوڪر چاڪر يا هاري ناري ٿڌو خان چوندا هيا، ننڍي لاءِ کان وٺي وڻن پوکڻ سان ڏاڍو چاهه هوندو هيو، جيڪي هن مهل تائين اهي وڻ موجود آهن، ۽ هن مهل به وڻ پوکڻ سٺو لڳندو آ، گهڻي قدر وڻ پوکيندو آهيان، ۽ وڻ پوکڻ جا هر ڪنهن کي ڏس ڏيندو آهيان، جيڪو وڻ پوکيندو آ، ان سان همدرديون هونديون آهن، جڏهن ڪجهه وڏو ٿيس، ته پسند جي شئ شاعري هئي، جيڪو شعر ٻڌان ته پوءِ اهو شعر ياد ڪيان، پر ٻڌڻ وارو نه هوندو هيو، ان ڪري پوءِ پاڻ کي پاڻ ٻڌائيندو هيس، يا ٽيپ ۾ ڀري پاڻ ٻڌندو هيس، واهه واهه به پاڻ ڪندو هيس، پڙهڻ لکڻ جو جڏو هيس، پوءِ به شاعري جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هيس، تمام شوق سان شاعري پڙهي ۽ شاعري ته تمام وڻندڙ صنف هئي، ان کانپوءِ سماجي مرحلن ۾ رُلندو هيس، اهو دور ڏاندن جي گوئن جو دور هيو، پاڻ وٽ به ڏاند سٺا هيا، ۽ گوئن ۾ به ويندا هياسين، ۽ پاڻ گويون نه ڪندا هياسين، هڪ دفعي گوءِ تي شرط 500 سو روپيه رکيا مان وٽ 4000 هزار هيا ۽ موٽ ۾ مونکي پنجوڻ ملي پوءِ ڏُک ٿيو، ته سڀ رکان ها، ان کانپوءِ رات جو ماني به نه وڻي، تنهن کانپوءِ شرطن کان نفرت ٿئي، ته ڪمايو ته به ماني نه وڻي، ۽ هارائڻ ۾ به ماني نه وڻي، ان کانپوءِ وري ڪائي شرط نه رکي، وري موالين جي صحبت ۾ رهيس، نشا شروع ڪيا، ڀنگ، چرس پر انهن ۾ آرس تمام پيو ٿئي، مان پورهيت ماڻهو هيس، پنهنجو شوق ڪنهن وڻ يا جانور يا ڪنهن انسان سان ڪيو، نشي جي حالت ۾ ان جو پورائو نه پيو ٿي سگهي، ان ڪري نشي کي به ڪم جو نه سمجهيم، ان کانپوءِ وري ڏوهن جي دنيا ۾ ويس، چورن جي صحبت ۾ جڏهن چور ٿيس، ته چورن جو ڪم اهو آ ته دوستن کي تنگ ڪن، ته اهي چوندا هيا ته دوستن کي تنگ ڪيو، ته ڀائيندا، قرب ڏيندا. ۽ جلدي ڪم ڪندا، اهو رويو به نه وڻيو، ڇو جو خيال هوندو هو، ته دوستن جي ڪم اچڻ کپي، يا انسان جي ڪم اچجي، ان کان پاڻ کي نفرت ٿي، ان کانپوءِ شرافت جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي اهو وچن ڪيو ته خير جا ڪم ڪبا، جڏهن خير جي ڪمن ۾ شروع ٿيس ته پهريون سڻائو ڪم فيصلو لڳو، برادري وارا ماڻهو آهيون، جهيڙا، جڳڙا، رُساما رنجشون، برادرين ۾ تمام گهڻيون هونديون آهن انهن ۾ دلچسپي ورتي ڪجهه فيصلن ۾ مهشير ٿيس، پر ڏاڍو معاملو ڏُکيو لڳو، ان ڪري جو فيصلو هڪ طرف ٿي وڃي پوءِ ان ۾ تحقيق ڪئي ته ڪجهه پئسن تي ناجائزيون پيون ٿين ۽ ڪجهه پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ ناجائزيون پيو ٿين، ۽ ڪجهه هيڻي ڏاڍي لاءِ ناجائزيون پيو ٿين، ڪجهه هڪٻئي جي تعصب جي ڪري ناجائزيون پيون ٿين، پر نقصان سدائين هيڻي کي پيو اچي، ڏاڍي سان ڪنهن جو به مهاڏو نه آهي، ان جو هرڪو خير خواهه آ، انصاف ڳوليو، پر نه لڌو، صرف ڏاڍ جي حمايت ٿئي پئي پوءِ دولتمند هجي، يا خونخوار هجي، رولو هجي، يا بدچال هجي، ان لاءِ حمايت خاندان انصاف پسند وڏيرا سرادار، آفيسر، عدالتي، مانوارا، شرافت جا اڳواڻ جڏهن انصاف ۾ ناجائزي ڪن، پوءِ اهڙيون لٻاڙون ۽ ڊراڙون هڻن، ڄڻ ته ڪو وڏو اسلامي جهاد ڪيو اٿئون، يا حقدار کي حق ڏيارو اٿئون، انهن سان ويهڻو پيو پئي، ۽ انهن جي ٽهڪن سان ٽهڪ ڏيڻا پيا پون، شرمساري لڪائي، اهو سلسلو به ڏاڍو ڏُکيو لڳو، اهڙي انصاف کان بيزار ٿي ويم وري اهو قول ڪيم ته عبادت ڪبي، ڇو جو اسلامي ڪم ته ماڻهو ڪرڻ ڏيندا، پر پوءِ به اسلام جو پاسو ورتو، اسان خانداني اهلسنت والجماعت، حنفي مُسلي جا حامي هياسين، پهريون ته اُتي وڃڻو پيو جاٿي وڏا ويندا هيا پر منهنجو والد ڪجهه سيڪيولر هيو، هرڀرو ان مُلن سان نه لڳندي هيس، پر پوءِ به واسطو حنفين سان هيو، اسان وڃي، انهن سان گڏ ٿياسي، ان مهل نور بشرجو وڏو جهيڙو هيو، بريلوي ۽ ديوبندن ان ڳالهه تي ايڏو تنگ ڪيو، جو حل ڪرڻ کان مٿي ٿي ويو، تان جو وڃي جعفرين سان گڏ ٿيڻو پيو، ڇو جو جيڪڏهن نور جي ڳالهه آ، ته حقيقتن نور جعفرين وٽ نظر آيو، ۽ انهن جا دليل يقيناََ ۽ پڪا نظر آيا، پر جيڪي ڪجهه اسان کي گهربو هيو اُت به نه ملي سگهيو، اسان جو خيال هيو، ته وجود کي ويڙهي عبادت ڪجي، اُت به هروڀرو ڪنهن نه ڪنهن انسان کي اهل سمجهيو ويندو آ، پوءِ ڀل نااهل هجي اها انصاف پسندي هڪ جاءِ تي بيهڻ نه پئي ڏي، ان کانپوءِ ڪجهه جعفرين وٽ، ڪجهه ديوبندن وٽ، ڪجهه بريلوين وٽ، پر سڀني مان جن جي ڳالهه سمجهه ۾ پئي اچي، ۽ حق، حقيقت جنهن جي سمجهه ۾ پئي اچي، ته اها واپرايون پيا، باقي اسلام جي خبر سڀ سمجهه ۾ اڃان تائين نه آئي آهي، ان ڪري اسلام ۾ شامل ته آهيون، باقي مطالعو ڪندا ٿا رهون، ٻئي حيرت جي ڳالهه اها لڳي، ته جنهن گروهه سان تعلق، ته ٻيو گروهه نفرت ڪري يا پاڻ نفرت ڪرڻي پئي، انسان کان نفرت ڏاڍو ڏُکيو ڪم لڳندو رهيو، تان جو صوفي اُزم ۾ به ڪجهه بهرو ورتو، پر اُت عجيب منظر لڳو، پنهنجو خيال اهو هو، ته روحاني رمزون حاصل ڪجن، اصلي پاڻ کي نشا ڏئي ۽ راحت جي رنگن وارا آواز ڪري عبادت ڪئي وڃي، هيڪڙائي جون حقيقتون حاصل ڪجن، پر اهڙو اتفاق نظر نه آيو، جهڙي به گروهه ۾ ويس انسان جي نفرت نظر آئي، عالم ۽ وڏيرا هڪجهڙا نظر آيا، ڄڻ هر ڪنهن انسان جي عظمت سان راند پئي کيڏي وڃي، وري آيم سياست ڏي، سياست ۾ پهريون چئي آيم ته جيئي سنڌ ۾ هوندو هيس، پر لفاظي جي حد تائين پوءِ جڏهن ويجهو ويس، ۽ مطالعو ڪيم ته اُت به رڳو نفرتون ڀريل هيون، ڪنهن نه ڪنهن کي سامراج چوڻو پيو، ۽ ايئن محسوس پيو ٿئي جيئن ٽڪرين واري رلي هوندي آ، بلڪل ايئن سڄو گولو ڄڻ ٽڪريون ٽڪريون هو هر ڪنهن جي قوم الڳ هر ڪو پنهنجي خطي کي ساراهي ۽ ٻئي کان نفرت ڪري، اهو به مذهب جهڙو رجهان نظر آيو، انسان جي نفرت مان اهو ٿيو ته ان ۾ به مطالعا ڪيا، ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه صداقت هُئي، پر ان ۾ حد بندي آ حد کان ٻاهر نڪرڻو ناهي، پنهنجي اها سوچ هوندي هُئي ته حد مقرر نه هجي، انسان جيڪو ڪري سگهي، ته اهو ڪري ان کانپوءِ پابندي نه هجڻ کپي، پوءِ ان مهل سويت يونين هُئي، سياست جا ميدان کُليل هيا ڪميونسٽ گروپ، هاري ڪاميٽي، وطن دوست، سنڌ دوست، انسان دوست انهن ۾ به شامل ٿياسي، انهن وٽ پهريون ته اها ڳالهه ٻڌي، قومي جمهوري انقلاب ۽ عوامي جمهوري انقلاب اهڙا نالا هيا، جو سمجهه ۾ نه پيا اچن، هو ٿورڙي لاءِ ته سمجهائن پيا پر منهنجي سمجهه ۾ نه پيا اچن، ڇو جو منهنجي سمجهه ۾ ڳالهه ساڳي هُئي، ان کي رنگ ڏنل هيا. جڏهن ناسمجهي هُئي پوءِ به مطالعو ڪيو ۽ پوءِ اها سمجهه ۾ نه آئي، تان جو هن مهل تائين منهنجو ذهن اهو ٿو ڪم ڪري، ته جڏهن قومي جمهوري انقلاب ته سڄو گولي قوم آهي، سڄي گولي تي هڪجهڙو انسان آ، سڄي گولي جي انسان کي هڪجهڙا حق آهن، پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڇا لاءِ جيڪڏهن هڪڙا حق کائن ٻين جا ته انهن کان ناجائزي ٿي ٿئي، جيڪڏهن اُها جمهوري انقلاب ۾ ناجائزي ٿئي ٿي، ته اُها انسان سان ناجائزي آ، وري عوامي جمهوري انقلاب ۾ سڄي گولي جو عوام ساڳا حقوق ٿو رکي، ته آهي ته هڪجهڙائي جي ڳالهه، اها ته سڄي گولي جي قوم به هڪ ته، سڄي گولي جو عوام به هڪ جي قوم ته ان ۾ فرق ڇو آهن، حيوان بڻائي ٿا ڇڏين انسان کي، سياست ۾ انسان کي حيوان محسوس ڪرائن ٿا، هر هڪ ڪنهن جي حد هوندي، هر ڪو پنهنجي حد ۾ هوندو آ،جيڪڏهن ٻئي جي حد ۾ ويندو، اهو نه ڇڏيندس، اهو حيوانن جو مقابلو آ، ان ۾ شينهن هجي، ڏاند هجي، مينهن جو نر هجي، هرڻ هجي، مرون هجي، يا اٺ هجي، هاٿي هجي، يا گدڙ هجي، لومڙ هجي، ڪُڪُڙ هجي، سڀ اهڙي قانون جا حامي آهن، انسان ان قانون قدرت سان مقابلو ڪيو آ، روشني لاءِ چنڊ مليو اٿس، هن باهه ٻاري آ، کاڌو ڪچو مليو اٿس، ته هن پچايو آ، جي وڻ ڇانو لاءِ مليو اٿس، ته هن گهر ٺاهايو آ، پير گُهمڻ لاءِ مليا اٿس، ته هن لاريون، ڪارون ۽ هوائي جهاز ٺاهايا آهن، بهرحال قانون قدرت سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو انسان آ، هر گهڙي پل تي، هاڻي ٿا هلئون پهرين ڳالهه تي ته انهن کي چيو پيو وڃي کاٻي ڌُر، پر ساڄي ڌُر وارا ان کان به پوئتي آهن، هڪٻئي سان ٺڳيون، دولاب، اٺڪلون ٿا ڪن ڄڻ سياست آهي، ئي اٽڪل ساڄي ڌُر وارا ته چوندا آهن، سياست معنى ڪوڙ ۽ هو چون سياست مقدس آ، پر کاٻي ڌُر وارا چوندا هيا، ته سياست، مقدس آ، پر دوکا، اٽڪلون،. ٺڳيون ساڄي ڌُر کان به وڌيڪ هنن وٽ آهن، هڪٻئي سان انضمام ڪري وري ماڻهو چورائن، سياسي ماڻهو کاٻي ڌُر جا يا ساڄي ڌُر جا، يا مذهبي گروهه جا، اهي پنهنجي ڌُر کي اُتم سمجهندا آهن، ۽ ماڻهو چورائڻ جا ڪاريگر ۽ ماڻهن کي مُدي خارج ڪرڻ جا ڪاريگر ڪنهن کي بدنام ڪري ڇڏين، ته جيئن ان تي هر ڪو شڪ ڪري پوءِ مذهبي گروهه هجي، ان کي دهريو چون ۽ سياسي ماڻهو ان کي شڪي ماڻهو چون، ته اهو هڪ جاءِ تي نه بهيندو آ، اهڙي حالت کي ڏٺو مشاهدو ڪيو، ۽ مطالعو ڪيو، جڏهن ان ۾ قدر نظر نه آيو ته پوءِ مذهب هجي يا سياست هجي ٻئي اهڙيون شفاف شيون آهن، جو جيڪڏهن انسان انهن تي عمل ڪري ته انسان کي انسان بڻائي ڇڏين، ان سچ ۽ حقيقت کي ڪاڏهون آڻجي ۽ ڪيئن آڻجي، ان حال ۾ تڙپي تڙپي وري پنجهائپ ۾ ليئو پاتو ته پنهنجائپ ۾ اڃان وڌيڪ ٺڳيون نظر آيون، پوءِ همٿ نه هاري قلم جو سهارو وتو ۽ سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش جڏهن ڪئي، ته ڪجهه نه ڪجهه سمجهيو، پر چوڻ جي همٿ اڃا تائين ناهي ڇو جو اهو محسوس نٿو ٿئي، ته چئون ته صحيح پر ڪنهن کي چئون ۽ ڪيئن چئون نوراني ذات کي چئون، يا بادشاهه کي چئون، شهنشاهه کي چئون، سردار کي چئون يا عالمن کي چئون، يا عُلمائن کي چئون، يا سياستدانن کي چئون، يا انسان دوستن کي چئون، يا انسان همدردن کي چئون، يا انسان متولين کي چئون، يا انسان درسگاهن وارن کي چئون، يا انسان وڏي نانءُ وارن کي چئون، يا انسان بدنامي وارن کي چئون، يا انسان پاڻ کي چئون، انسان چوڻو ته پوندو، پوءِ جڏهن اسنان چئون، يا انسان اسان نه چئون، ۽ انسان اسان جا پويان چون، ڪجهه ڪرڻو ته پوندو ڇو جو ڪجهه ڪرڻ ۽ چوڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو، پوءِ ڪيتري به قرباني ڪرڻي پئي، ان کانپوءِ يا ته سڀ ڪجهه ڇڏي، سعودي عرب وڃڻو پيو، ۽ اُت حج ڪيو 14 صدي جي آخري حج ۾ شامل ٿيس، ۽ 15 صدي جي پهرين ڏينهن ڪعبته الله تي قبضو ٿيو مان به ات سعودي عرب ۾ هيس، جيڪو ڪجهه ڏٺو يا ٻڌو ته عبادت گاهه تاريخي نموني سان پڙهيا هيا، ان جو رائر يا ڍل يا ٽيڪس ڏيندا هيا، پر جيڪڏهن ٿوري گهڻي غلطي تي ان عبادت گاهه کي ڊاٿو ويندو هيو، يا جنگ لڳندي هئي، جنهن ۾ نانءُ وڏو بيت المقدس جو هيو، جنهن ۾ جنگ لڳي هئي ته ايتري قدر جو گهوڙا رت ۾ تري هلي رهيا هيا، پوءِ به جنگ هلندي رهي، اهڙو مثال ٻيو ڪو نه ٻڌو هو. خود ڪعبته الله تي به اڳ حمله ٿيا هيا، پر هي ايڏو وڏو حملو هو، جو جڏهن قبضو ٿيو ان کان پوءِ ات اهڙو منظر هيو، جو ان جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، منهنجي ذهن ۾ اهڙو ته خيال هيو، جڏهن ڪعبته الله ۾ داخل ٿيس، ته اهڙي ڪيفيت ڪڏهن نه ڏٺي، ۽ وري جڏهن اهو قبضي وارو منظر ٿيو، ته اهڙي ڪيفيت ڪڏهن نه ڏٺي، بهرحال اهو زندگي جو سفر هيو، ڏاڍي نرالي قسم جو رهيو، اهو نه سمجهي سگهيو ته ڏُکيو يا سڻائو، پر حج کان اڳ ۾ مان جيئي سنڌ جو پاڻ کي چوندو هيس، جنهن جي خبر ڪانه هئي، ته قوم پرستي ڇا آهي؟ جڏهن عربن کي ڏٺو ته اهو جام ٻڌو ته اڪثر چوندا هيا، ته ”انا وطني انت خارجي“ اهو به ڄڻ سبق مليو پوءِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. ان ۾ جي .ايم.سيد جو گهڻو ڪردار رهيو، ڇو جو قومپرستي لاءِ جي.ايم.سيد جو قلم هليل هو. جي.ايم.سيد جي قلم وڏو ڪم ڪيو هو، ان کانپوءِ سويت يونين جو به ڪم هلي پيو، اهو به لٽريچر پڙهيو، پاڻ ايترو پڙهيل نه هيس، جو سنڌي مس پڙهي سگهندو هيس، اُردو ڏاڍي ڏُکي هئي، اسٽيڊي سرڪلون هلنديون هيون، ۽ تمام گهڻا ڪامريڊ هيا، مطالعي وارن لاءِ وڏو ميدان کُليل هو، پوءِ سنڌي، اردو جام پڙهيم. پوءِ ڏاڍو مزو آيو، ڪفر اسلام پڙهيو، ۽ وري هر مذهب پڙهيو، ڪميونظم پڙهيو، هوميونظم پڙهيو، فلڪيات کي پڙهيو، ابجد، رمل پڙهيو، جفر پڙهيو، گائيڪي کي پڙهيو، هر ڪنهن وچن ڪيا آهن، ته الله کي ريجهائڻ جا نمونا ڪو سجدو ڪري، ته ڪو مٿو ٽيڪي، ته ڪو آواز ڪري، ڪو پاڻ کي ايذاءَ ڏي ڪو پاڻ کي کڏ ۾ پورائي، ته ڪو جهنگ ۾ جوڳ ڪري. تان جو هن مهل تائين ڪو به خاموش نه آهي، جو ڪو ختم ٿيو هجي، اڃان به هر ڪنهن جي جستجو آهي، باقي پاڻ به ڦري گهري، قوم پرست ٿيو آهيان، پر هن سڄي گولي کي قوم ٿو سمجهان، هن گولي جو انسان هڪ قوم آهي، ڇو جو انهن جا حواس، خيال، اوسر، جُستجو، اميد، گهرج، هلچل هڪ جهڙي آهي. باقي جيڪا ورهاست آ، اها مفاد پرستي آ، ان ورهاست سان بغاوت ڪئي، جنهن ڪري فقھ، تاريخ، قانون، قدر هر لک پڙهه جي ڳولا ڪئي، پر ڪاٿي به روشني نظر نه آئي، جو ڪجهه آسرو هيو، سو به ڊهي ويو. سويت يونين جي ڊهڻ سان پاڻ انهن مرحلن مان گذرندي گذرندي ”ڀائو“ ٿي ويس، نانءُ کان وڌيڪ ماڻهن ”ڀائو“ سڏڻ شروع ڪيو، جنهن به مرحلي ۾ رهيس، ته اُت ”ڀائو“ کي اوليت رهي ان کان پوءِ پنهنجو پاڻ تخلص ”ڀائو“ ٿي ويو نه پاڻ ڪوشش ڪئي هئي، نه ٻئي ڪنهن ڪوشش ڪئي هئي ڄڻ اتفاق سان ”ڀائو“ تخلص ٿي ويو. هاڻي ٿا هلئون شاعري جي تاريخ ۾ شاعر پڙهيا جڏهن ”شاهه“ پڙهيو پوءِ ٻيا شاعر وسري ويا. نه وڻندا هيا پر پنهنجي ذهن ۾ ”شاهه“ سان اعتراض هيو ته ڪنهن جي بيت ۾ نانءُ نه هجي ها. اهو اڻ پسندي جو ڳڻ ليکيو ويندو هو. پنهنجي لاءِ ننڍي هوندي کان شاعري ڪندو هيس، پر خبر ڪنهن کي به نه هئي، نه ڪوئي سمجهندو هو، ته هي شاعري ڪندو آ. نه پاڻ کي خبر هئي، ته ڪافيو ڇاهي؟ رديف ڇاهي؟ يا وزن ڇا هوندو آ، يا بحر ڇا ٿيندو آ، اهي سڀ مونکان اوٽائتون ڳالهيون هيون. پر پوءِ به پيو چوري لکندو هيس، ڪافي مواد لکيو، تنهن دور ۾ بٺن جو ڌندو هوندو هيو. اُتي هڪ ڪوٺي ٺهيل هوندي هئي، ان ۾ پيتي رکيل هئي، ان پيتي ۾ لکندو رکندو هيس، ان ۾ منهنجو مواد گهڻو هيو، جيڪو لڪيل هوندو هيو، ظاهر ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏاڍي ڏُکيائي هوندي هئي، ان ڪري ته سڀ اڻ پڙهيا ماڻهو هيا ۽ لاعلم به هوندا هيا، اهڙو اتفاق جو بيت جنهن کي ٻڌائيندو هيس ته ان بيت ۾ پنهنجي نالي بدران “شاهه” جو نالو وجهي بيت ٻڌائيندو هيس، ان لاءِ ته متان منهنجو بيت ٻڌي اهي نه ٻڌن، ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن چون ته ”شاهه“ جو بيت آ، يا هٿ جو ٺاهي ٿو هڻي، اُتي خوشي محسوس ٿيندي هئي، ته منهنجو بيت ”شاهه“ جهڙو ٿي چُڪو آ، ”شاهه“ جي بيت ۾ منهنجو بيت لڪي سگهي ٿو، ڪجهه وجود آهي، پوءِ جيڪي مواد هيو، اهو 1976ع، واري ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويو، برساتين جي ڪري اها پيتي پاڻي سان ڀرجي وئي ۽ اهو سڀ مواد ختم ٿي ويو، پوءِ ڏاڍو ڏُک ٿيو، ڪجهه وقت ڄڻ خاموش ٿي ويس، پرپوءِ وري ٿوري وقت کان پوءِ بيت لکڻ شروع ڪيو، ۽ اهي وري گهر رکندو ويس ته جيئن ڪو به نه ڏسي سگهي حجاب جي ڪري اهي وري واڌارا پنا هيا، جيڪي گهر ۾ انهن ۾ لڪائي رکندو هيس، وري جڏهن پنا ساڙي ڇڏئون ته منهنجو مواد به ان سان گڏ سڙي ويو، پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي مواد نه سانڍبو پوءِ ڌنارن، پورهيتن، جوڳين، يا دڳ ويندين يعني جيڪو به گذرندو هيو، ان کي بيت ان جي پنهنجي نالي سان لکي ان جو نالو وجهي ڏيندو هيس، بس اهو لطف وٺندو هيس، ۽ ٻئي اميد نه هئي، ته منهنجا اکر ڪوئي نه پڙهي سگهندو، ان ڪري منهنجي لکت ڪم جي نه آهي، پوءِ ”بزم سيلرا“ ٺاهايوسي پوءِ اُت وڃڻ شروع ٿيو، ان ۾ نوجوان شاعر هيا جن همٿ ڏيکاري، ته تون لک اسان اُتارينداسين، انهن ۾ ”ماستر محمد صادق ۽ خيرل سيلرو“ هيا، پوءِ مان وري ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، ٻنهي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري پهريون ڪتاب ”سرجندڙ سنسار“ شايع ڪرايوسين، انهن ٻنهي شاعرن جي همٿ جي ڪري مان شاعري جي لکڻ تي شروع ٿي ويم، پوءِ انهن اُتاريو جنهن مهل اهي ٿڪا، ته ان کانپوءِ ڪوشش ڪيم، ڪمپيوٽر جي ذريعي لکرائڻ جي ڪوشش ڪيم، ڪمپيوٽر واري ڇوڪري سان رابطو ڪيم، ان ۾ غزل، گيت، نظم، وايون ۽ چئه سٽا اهي سڀ ڪمپيوٽر جي لکت سان لکرايا. ۽ ان ڪمپيوٽر تي وزن ڪڍيا باقي بيت چوٽيهه سَوَ ماستر صادق پنهنجي قلم سان لکيا. ان مرحلي کانپوءِ اهو ڪتاب سرجندڙ سنسار جي نالي سان منظر عام تي آندو ويو آهي.

سڄيو ڏينهن صبر ۾ ڪيا سجدا سبيل،
هـلـنـدا رهـيـا هـيل اسماعيل اُميدن جا.

”ڀائو“ محمد اسماعيل سيلرو

مـھاڳ


مـھاڳ

انسان کي قادر ڪائنات جو حڪمران بڻايو آ، اهي سڀ احساس صرف انسان سهيڙي ميڙي، ريڙهي ٿو، جنهن جو ڪوئي جواب ڪونهي حساب ڪونهي، ڪتاب ڪونهي، ان ڪري ته انسان ۾ ٻه روپ آهن، هڪ شعور ٻيو لاشعور، لاشعور پنهنجي منزل ماڻي ان ڪري ته ان مٿان ڪو قانون مڙهيل نه آهي، لاشعور کي جاٿي وڃڻو آهي، اُت وڃي ٿو، شعور لاءِ پابنديون آهن، نهس ۽ سعاد، منحوس ۽ مقدس ان ڪري شعور مٿان اهي پابنديون مڙهيل آهن، هن مهل تائين به پابنديون مڙهيل آهن، جن جو اڃان ڪو به دنگ نه ٿيو آهي، باقي لاشعور تي ڪا به پابندي ڪونهي، ان کي جاٿي وڃڻو آ اُت ويو، ان ڪري انساني ذهن ۾ ڪڏهن ڀَئه، ڀٽڪار، تڙپ جو تاثر، اوسر ٿو کائي، ان لاءِ ته لاشعور ان هيبتناڪ ڳالهين تائين پهچي ٿو، انساني ذهن جي تمام وڏي والار آهي، جنهن جو دنگ دڙو ڪائنات وانگي آهي، ڪائنات کي به انساني ذهن لهندو، جڏهن ترقي ڪري لاشعور معياري ناهي شعور معياري آهي، اهو تحقيق ڪري پوءِ ٿو اظهار ڪري ڇو جو اڃان ته انسان جو شعور هن گولي جي قانون قدرت کي نٿو ظاهر ڪري، هن گولي جو قانون قدرت، ڇلانگ سان آهي، جيئن پاڻي مٿان ڪرندو آهي، ته ڇڻ ڇڻ ڪندو آهي، گاج ٽڪاءُ ڏيندي آ، وسڪار جو ٽمڪو ٿيندو آهي، ان ڪري انسان به اهڙو ڪم ڪيو، جيئن وڄت يا ڳائڪيءَ ۾ ٺُمڪو يا ماترو يا ٻولي ۾ اکر لفظ جملو اها سُر جي دنيا يا سائنس جي دنيا ۾ بجلي يا ائٽم موتين جي قطار وانگي استعمال ٿيندا آهن، اهڙيون سائنسي ڪافي شيون آهن، مثال ٿو ڏجي ته هن گولي قانون قدرت جي مطابق سوچ ويچار آ باقي لاشعور فلڪ تي به هلندو ٿو وتي، ان ۾ بليڪ هول جيڪي گولن کي ڳِڙڪائن ٿا، اهي به آواز لاشعور ۾ اچن ٿا، پر رڳو بليڪ هول نه آهن پر شمسي نظام هڪڙا ٺهن ٿا ته ٻيا ڊهن ٿا. شمسي نظام جُڙي ٿو ته يا ڪنهن وڏي گولي ۾ ڌماڪو ٿو ٿئي، جنهن ۾ باهه وارو گولو شمس بڻجي ٿو پوي. باقي ننڍا گولا گرهه ۽ اپ گرهه ٿا ٿي پون. ۽ پوءِ اهي پنهنجي جاءِ وٺندا ٿا رهن، ۽ ڊهڻ لاءِ ايئن آ ته شمس بليڪ هول ۾ تبديل ٿو ٿي وڃي، پنهنجو مهور ڇڏي ٿو ڏي، ته انهن جا گرهه ۽ اپ گرهه به مهورت ۾ نٿا بيهي سگهن، ۽ هر اُبتو سُبتو ڦرندو پنهنجي نموني سان ٿو هليو وڃي ۽ بليڪ هول نانگ وانگي ننڍو وڏو گولو ڳِڙڪائيندو ٿو وڃي. جڏهن ان وٽ توانائي پوري ٿئي ٿي ته اهو وري توانائي بحال ٿو ڪري ته پنهنجو ميدان ٿو ٺاهي ۽ پنهنجي مهور ۾ بيهي ڦرڻ ٿو شروع ڪري ۽ رولو گولا به رُلندا ايندا ٿا رهن وري اهو شمسي نظام ٿو ٺهي وڃي، ان حال کي لاشعور پهچي ٿو، ان جي هلچل وارا ذرڙا ڪافي ڪائنات جا حصا والارين ٿا، ۽ محسوس ٿا ڪن، ان لاءِ ته هن گولي يا زمين تي به اهڙا نمونا ٿا هلن جيڪي هڪ جي زندگي ۽ ٻئي جو موت پوءِ ان ۾ اٽڪل هجي يا ڏاڍ ڇو جو اٽڪل به ڏاڍ جو حصو آهي، جيئن عام چيو ويندو آ ته دعا ۽ دغا ۾ صرف نقطي جو فرق آ، ان ڪري اهڙو معاملو آ جي ڏسجي ته ڪجهه شمسي نظامن جي گڏجڻ سان ڪهڪشان ٿي چئجي، وري ڪجهه ڪهڪشائون گڏجن ٿيون ته سا نديءَ ٿي چئجي، اسان وٽ جيڪا ندي آ ان کي مسلمان حضرت نوحع جي ٻيڙيءَ جو گس چوندا آهن، ۽ هندو کِيرَ چوندا آهن، ٻنهي دين، ڌرمن ۾ ڳالهه ساڳئي آهي، ته هي گولو ٻڏي ويو هو، پوءِ حضرت نوحع جانور ۽ انسان کڻي ٻيڙيءَ تي ويو هو، اهو گس آهي ۽ هندو ڌرم ۾ شِوَ سوئر ٿي ان جي ڏندن سان گولي کي چڪ هڻي ٻاهر ڪڍيو هو، پر ان ۾ کِيرَ جو ڪو دخل نه آهي انهن جو چوڻ آ ته کِيرَ مهاڪالي جو گوهو لڳل آ سائنسدان چون ٿا ته نديءَ آهي، جيڪا هن مهل تائين بيٺل آهي ڳالهيون ڪرڻ صرف ان لاءِ هن ته شعور ۽ لاشعور ڇا ٿا ڪن ان لاءِ ته هن مهل ڄڻ پٿر جو دور آ اهڙي سماج شعور کي اهڙو سماج شعور کي وڌڻ نٿو ڏي شعور ۽ لاشعور کان پوئتي بيٺو آ ۽ ڪائنات جي تحقيق لاءِ هي گولو سفا ننڍڙو آ پر پوءِ به جيڪڏهن شعور کي آزاد ڪن ته ڪم ته چُري پوندو ڪجهه ته خبر پوندي ته ڇا وهي واپري ٿو لاشعور ۾ ته صرف هيبت ئي هيبت آ ڇو جو ان جي تحقيق ناهي اڃان پٽڪو سُر ۽ سائنس جو ختم نه ٿيو آ ان ڪري جو شعور وارو انسان ئي آهي، اهو انسان ئي آهي جو ڪڏهن آدم ۽ جنت جي صورت ۾ ورهائجي ٿو وڃي ته ڪڏهن پٿر جي دور ۾ ورهائجي ٿو وڃي ڪڏهن مذهب ۾ ته ڪڏهن سائنس ۾ ڪڏهن نواڻ ۾ ته ڪڏهن پراڻ ۾ ڪڏهن جدت ۾ ته ڪڏهن قدامت ۾ ڪڏهن لات منات هنبل عضى ۾ ته ڪڏهن برهما وشنو، شو ۾ ڪڏهن زبور توريت انجيل فرقان ۾ ته ڪڏهن رغويد اٿرويد يجرويد سام ويد ڪڏهن حقيقت شريعت طريقت معرفت ۾ ته ڪڏهن گائڪ نائڪ گندرپ ۽ پنڊ ۾ ته ڪڏهن ناسوت هاهوت باهوت ملڪوت جبروت لاهوت ۾ ته ڪڏهن خرج ريخب گندم مندم پنچم ديوت نخاد ۾ ته ڪڏهن بيت المقدس ۾ ته ڪڏهن سومناٿ مندر ۾ ڪڏهن زهران زحل شمس قمر مريخ عطارد مشتري ۾ ڪڏهن خدا پرستي ۾ ته ڪڏهن بُت پرستي ۾ آهي الله جو سڀ مظهر انسان ئي ڇو جو انسانُ انسانَ نگهبان آ انسان خاص، احساس، قياص، انسان آ، چاس، حواس، لباس آ، انسان باس، پياس، چڪاس آ انسان حيراس، ناس، خلوص آ، انسان ناقص، محسوس، ڪنجوس آ، انسان مخلص، تقدس، نرس آ، انسان چوڪس، پارس، غنئوث آ، انسان ڇُڳ، وڳ، اڳ آ، انسان جوڳ روڳ، سوڳ آ، انسان ڀوڳ، چوڳ، ويڳ آ، انسان ماڳ، ڀاڳ، راڳ آ، انسان ڏُهاڳ، مُهاڳ، سُجاڳ آ، انسان هُڳاءِ پرچاءَ، ساءَ آ، انسان واءُ، هاءُ، نياءَ آ، انسان داءَ، ڊاءَ، پڙلاءُ آ، انسان چتاءَ، مهڪاءَ، مُرجهاءَ آ، انسان ورجاءَ، اُچاءَ، شجاع آ، انسان امانت، رفاقت، ديانت آ، انسان دريافت، عدالت، ڪفايت آ، انسان قدامت، چاهت، شفاعت آ، انسان سخاوت، مشابت اوليت آ، انسان مُدت، حڪمت، نوعيت آ، انسان عنايت، راحت، محبت آ، انسان محتات اسبات، سانت آ، انسان مات، بات، سات آ، انسان وڙ، دڙ، جڙ آ، انسان الڙ، وڪڙ، جڪڙ آ، انسان کوڙ، گوڙ، گجگوڙ آ، انسان اوجهڙ، ويجهڙ، ٻيجهڙ آ، انسان موڙ، چوڙ، ڀلوڙ آ، انسان لاڙ، پاڙ، ڀاڙ آ، انسان ايندڙ، ويندڙ، ٿيندڙ آ، انسان چوندڙ، چڙندڙ، سُرندڙ آ، انسان لڪاءَ، ڦهلاءَ هُڳاءَ آ، انسان پرچاءَ، دهڪاءَ، سرچاءَ آ، انسان ورچاءَ، سماع، اُچاءَ آ، انسان هول، ٻول، پول آ، انسان ڪامل، ڪائل، شامل آ، انسان جمل، جميل، اجمل آ، انسان سوال، اقبال، جنجال آ، انسان ميهال، بحال، ڪمال آ، انسان سچل، مُڪل، عقل آ، انسان ڏات، مات، سوغات آ، انسان جرئيت، حڪمت، نوعيت آ، انسان حسرت، شفقت، شجاعت آ، انسان عدالت، سخاوت، بلاغت آ، انسان بشارت، عبرت، قدرت آ، انسان مُهلت، مسقط، غفلت آ، انسان عدت، عقيدت، برڪت آ، انسان محبت، نعمت، دولت آ، انسان راحت، عدت، اُلفت آ، انسان لذت، جدت، مثبت آ، انسان سعادت، سخاوت، سراخت آ، انسان وضاحت، عبادت، سخاوت آ، انسان فراخت، وضاحت، ورهاست آ، انسان سلامت، عنايت، چاهت آ، انسان سوچ، سچ، مچ آ، انسان پيچ، اوچ، سرويچ آ، انسان آڌر، چادر، بهتر آ، انسان ساگر، مظهر، منظر آ، انسان هوش، جوش، نوش آ، انسان توش، جوش، سرويش آ، انسان تپش، رونش، پرورش آ، انسان ڪشش، سوزش، گردش آ، انسان جوتش، خاموش، درويش آ، انسان سود، سعد، مسعود آ، انسان ساجد، ماجد، واجد آ، انسان احد، جديد، رجيد آ، انسان پاهه، گُمراهه، ٺاهه آ، انسان گروهه، موهه، لوهه آ، انسان ورهه، ڪرهه، جرهه آ، انسان ٽهڪ، ٻهڪ، چهڪ آ، انسان شڪ، ڌڪ، مهڪ آ، انسان ڪوڪ، ڦوڪ، سلوڪ آ، انسان شلڪ، خُلق، فلڪ آ، انسان نازڪ، حازڪ، عاشق آ، انسان اُمنگهه، رنگ، جهنگ آ، انسان اعزاز، غراز، لحاظ آ، انسان راز، جواز، دراز آ، انسان همراز، اعزاز، ناز آ، انسان ايلاز، جلدباز، انداز آ، انسان محاذ، پاڪيز، مجاز آ، انسان تميز، فيض، مرڪز آ، انسان، معزز، محزز، حز آ، انسان ناٺ، ماٺٺ آ، انسان عدد، نقد، درد آ، انسان وجد، ابجد، امجد آ، انسان داد، سواد، اقداد آ، انسان مدد، نقد، فاز آ، انسان عام، علم، خُلم آ، انسان غم، ابهم، وهم آ، انسان ميم، مقيم، عظيم آ، انسان پريم، ڀيم، نسيم آ، انسان آب، تاب، عذاب آ، انسان نصاب، حساب، ڪتاب آ، انسان حبيب، نقيب، ترڪيب آ، انسان محبوب، منصوب، محقوب آ، انسان قلب، طلب، مطلب آ، انسان نازڪ، سالڪ، خُلق آ، انسان پياڪ، جهيڙاڪ، ڊوڙاڪ آ، انسان لڪ، ڏُک، سُک آ، انسان مُک، ڪک، شک آ، انسان ساک، وائک، باک آ، انسان سود، وجود، ضد آ، انسان عهد، تند، فهد آ، انسان فرد، ورد، سرد آ، انسان نرم، تبسم، صنم آ، انسان ازم، خُلم، وهم آ، انسان گُلاب، دولاب، شاداب آ، انسان شهاب، آداب، ناياب آ، انسان خواب، حجاب، نقاب آ، انسان لاڏ، موڏ، گڏ آ، انسان لُقمان، بلمان، فرقان آ، انسان ارسلان، ايمان، مئخان آ، انسان مسلمان، امڪان، گُمان آ، انسان شُڪران، ارمان، مان آ، انسان آن، ڪان، پريشان آ، انسان حيران، دهمان، قربان آ، انسان آذان، باغبان، دربان آ، انسان جولان، مهربان، داستان آ، انسان ارڪان، غرقان، احسان آ، انسان اسرار، سُڪار، آثار آ، انسان معيار، بار، سالار آ، انسان بهار، اعتبار، ڪردار آ، انسان مددگار، بُردبار، ڀليڪار آ، انسان انڪار، مينار، بيدار آ، انسان حقدار، يادگار، آچار آ، انسان واٽ، لاٽ، اوساٽ آ، انسان ٻاٽ، چماٽ، اڻاٺ آ، انسان جرڪاٺ، ڄلاٺ، واٽ آ، انسان ڪوٽ، ڳوٺ، سلوٺ آ، انسان نکٽ، گهوگهٽ، جُهرمٽ آ، انسان ڇيهه، ڏيهه، ٻيهه آ، انسان آڙاهه، ساراهه، ڳاهه آ، انسان بادشاهه، شهنشاهه، هر راهه آ، انسان ڪڙڪ، دڪ، فلڪ آ، انسان بيباڪ، اتفاق، اخلاق آ، انسان استراڪ، اشتقاق، آفاق آ، انسان گراهڪ، چالاڪ، بلاڪ آ، انسان ريچڪ، فائق، عاشق آ، انسان ڌُڪ، سُلوڪ، لُڙڪ آ، انسان حرف، حدف، شرف آ، انسان خلاف، غلاف، طواف آ، انسان شفاف، اوتصاف، اوڪاف آ، انسان لطيف، حليف، رديف آ، انسان حاسد، عقلمند، مرُشد آ، ان سڀن حقيقتن جي باوجود ذات، پات، طبقات جي وجود جي ڪري شعور وڃائجي ٿو وڃي، انسان کان انسان جي نفرت انسان لاءِ وڏي رُڪاوٽ آ، ان کي اڃان هن گولي تي وڏو وقت لڳندو، ڇو جو جيتري آدمشماري آ، ان جو 1% به آزاد نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه % وڌيڪ آهن، ته اهي ڇُڙواڳي جو شڪار آهن، آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق آهي ذات، پات ۽ طبقات انساني شعور لاءِ تمام وڏو مرض آ، جنهن جي دوا جو اڃان وجود نظر نٿو اچي، صرف اميد ٿا رکون، ڇو جو انسان جڏهن سُر ۽ سائنس جي دنيا ۾ وجود ٿو رکي ته ان کان پوءِ ان کي سمجهڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن سُرڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن چُرڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن سينگارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن اُچارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن ويچارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن والارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن پچارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن سارڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن کلڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن ملڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن ساهه سلڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن اُڻ تُڻ ڪرڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن ورڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن هيرڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن انتها کي کولڻ ڏُکيو ٿو لڳي، اوڏانهن ڏسڻ ڏُکيو ٿو لڳي، ان ڳالهين جي باوجود جڏهن تخليق تي سوچڻو ٿو پوي ته عقل ڪم نٿو ڪري سوچ ڪم نٿي ڪري، سمجهه ڪم نٿي ڪري، تجربو ڪم نٿو ڪري، خواب ڪم نٿو ڪري، خيال ڪم نٿو ڪري، اوزار ڪم نٿو ڪري، ڪردار ڪم نٿو ڪري، وجود ڪم نٿو ڪري، اسرار ڪم نٿو ڪري، وهنوار ڪم نٿو ڪري، سُجود ڪم نٿو ڪري، ان تي سائنسدانن ڪم ڪيو آ ۽ ڪجهه خيال محسوس ڪيو اٿئون ته ڪوئي وڏو گولو آهي، جيڪو گيس جي ڪري ڌماڪو ٿيو. جنهن ۾ ڪائنات وجود ۾ آئي ته ان تي سوال ٿو نڪري ته تخليق کان پهريون تنها ڪهڙو وجود هو، اهوئي ته اتفاق سمجهڻ کان پري آ، ٻڌڻ کان پري آ، رُسڻ کان پري آ، پرچڻ کان پري آ، وڃڻ کان پري آ، پهچڻ کان پري آ، ڏسڻ کان پري آ، جيڪڏهن ڪجهه ٻڌجي ٿو ته تمام لفظ هلڪو ٿو لڳي، اهو خيال هلڪو ٿو لڳي، اهو ڪمال هلڪو ٿو لڳي ۽ زوال هلڪو ٿو لڳي، ان ڪري جيڪڏهن هڪ گولو ڦاٽو ته باقي خلا ۾ ڇا هيو، تخليق جي طور يا تخليق کان اڳ جيڪي ڪجهه هيو سواءِ انومان جي ٻيو ڪجهه نٿو سوچي سگهجي. ان ڪري ته اها اڃان به مٿانهين ڳالهه آهي، هن مهل به ان کي چئي ٿو سگهجي ته هڪڙا گولا ڊهن ٿا، ته ٻيا ٺهن ٿا. ۽ جيڪي ڌماڪا روز بروز شروع آهن، جن کي اڃان انسان سمجهي نه سگهيو آهي. وجود آهي نظام جو ته شمسي نظام ڇاهي ۽ زميني نظام ڇاهي جيڪڏهن تخليق ۾ ڪجهه اچي ٿو، ته ندي هڪ ناهي، جيڪڏهن هڪ شمسي نظام جي آ ته ٻي ڪا ٻئي نظام جي به ٿي سگهي ٿي. جنهن ۾ اهو سوچي سگهجي ٿو ته زميني نظام ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو. ته اڃان ڪي ٻيا ڪيترا نظام هجن جن جا اڪثر نانءُ به نٿا اچن، ايترو ته سوچي سگهياسين ته شمسي نظام کي زمينن جو ڌڻ آ، پر زميني نظام کي شمسن جو ڌڻ آ جو ان ۾ زمين حڪومت ٿي ڪري سجن جي خبر نٿي پوي ته اُتي الائي ڪيئن وجود ٿا وٺن ۽ اهو وجود الڳ آ، باقي تخليق کي توري تڪي نٿو سگهجي تخليق کان اڳ جي رپورٽ ڪا به نه آهي جو ان تي لکي سگهجي ها، تخليق به اڃان هن گولي جي مطابق ٿي سمجهي وڃي، جي اڳي لکي آيا آهيون ته هر شيء ڇلانگ ڏي ٿي، پوءِ سَلَو هجي انڊو هجي، ٻوٽو هجي، ان ڪري گولي جي ڳالهه تي سوچجي ٿو، ته تخليق به ڇلانگ سان وجود ۾ آئي ۽ هن مهل تائين سائنس ۽ سُر ۾ به اهي ئي ڳالهيون آهن ته هر شيء ڇلانگ ٿي ڏي ان ڪري تحقيق ۾ به درست ٿي ٿئي اڃان ايتري تائين انسان پهچي سگهيو آ، باقي آ وقت، ته وقت تخليق مهل ڪهڙي روپ ۾ هيو ۽ تخليق کانپوءِ ڪهڙي روپ ۾ آ، پهريون انسان ته آڪسيجن کي نه سمجهندو هو، ٻيا گيس ته لڪيل آهن، پر آڪسيجن ظاهر، هن مهل تائين جيڪي جانور پاڻي کان ٻاهر هيا، سي ساهه ٿا کڻن انهن کي آڪيسجن چيو ويندو آ، کائيندڙ جيڪي پاڻي وارا جانور آهن انهن کي انسان نه سمجهندو هيو. ته اهي آڪسيجن ڪم آڻن ٿا يا نه پهرين انسان اهو نه سمجهيو هو ته پاڻي ۾ به آڪسيجن آهي، هاڻي اها تحقيق ٿي آ، ته آڪسيجن کانسواءِ ڪو به جاندار زنده نٿو رهي سگهي، ان ڪري هر هڪ وقت جي تقاضا الڳ الڳ آ، هن مهل ڪاٿي ڪاٿي ان ڪري اهڙي آڪسيجن وانگي وقت به اهڙي شيءِ آ، جو هن مهل ڪاٿي آهي ڪاٿي ناهي ڪاٿي ٿورڙو آ ڪاٿي گهڻو آ ڪاٿي لڪيل آ ڪاٿي ظاهر آ، پر آهي جاٿي ڪاٿي باقي تخليق کان اڳ وقت جو ڪاٿو ڪنهن به نه لڳايو هو، ان ڪري اهو زمانو تمام پراڻو ۽ انسان اڃان ان منزل تي نه پهچي سگهيو آ، منزل جو ڪاٿو صرف هن شمسي نظام تي لڳايو ٿو وڃي ۽ خلا تي ڇو جو نٿو لڳائي سگهجي، ان ڪري ته خلا ٿورڙي نه آ، جو ان کي سمجهي سگهجي انسان خلا جي ذريعي ذري يا پرزي تي ٿو پهچي، رڳو اهو محسوس ڪري سگهيو آ، ته خلا به ڪا شئ آهي، ۽ ان جو به ڪو روپ آهي، وقت ڦيري سان ٿو چئجي، جيڪڏهن ڏسجي ته ڦيرو رڳو گولي تي آهي جيڪڏهن گولو ٿو ڦري ته شمسي نظام به ٿو ڦري ته ڪهڪشان به ٿي ڦري، ته ندي ٿي ڦري، پر هر ڪنهن جي ڦيري جو وجود الڳ الڳ آ، ان ڪري زميني نظام جو اڃان ڦيرو ٻيو روپ ٿو رکي، پر هر ڪنهن جو پنهنجو وقت آ، ان ۾ لکين، ڪروڙن، اربين سالن جيترو هڪ ڦيرو هوندو، جنهن کي هِت ڏينهن ٿو چئجي، ته انسان جي زندگي هن گولي تي 100 سال کان گهٽ آ، ان لاءِ ته ايتري تحقيق ڏُکي آ. باقي انسان پنهنجي نجات لاءِ پٿر جي دور کان وٺي هن مهل تائين پئي جتن ڪيا آهن، پر ڪجهه نٿي سگهيو آ، هر ڪنهن قلم ڪار پنهنجي حساب سان ڪوشش ڪئي آ، پر ٿيو ڪجهه به نه آهي، ان ڪري جو پهريون عورت کي حڪمراني هُئي، ان کان پوءِ مرد کي حڪمراني آئي ۽ مرد قانون ٺاهايو مرد احترام عورت جو ڪيو پر هوريان هوريان ويو پنهنجي فائدي ۾، آخر عورت جا سڀ حقوق ختم ڪندو ويو، تان جو عورت کي ڄمڻ سان مارڻ شروع ڪيائين، چيو ٿو وڃي ته پٿر جو دور اشتراقيت جو دور هيو، پر ايئن محسوس نٿو ٿئي، باقي اهو محسوس ٿئي ٿو ته عورت جو احترام ڪيو ويندو هو، باقي شعور کان پوءِ اهو محسوس ٿو ٿئي ته مزدڪ ۽ ڪباد جو دور انساني حقوق لاءِ دنيا جي پهرين پيڙهه هئي، ان ۾ اشتراقيت جا آثار محسوس ٿين ٿا، مزدڪ پنهنجي قانون ۾ عورت کي آزاد ڪيو، ان ڪري ته عورت جا حقوق مردن ختم ڪري ڇڏيا هيا، ته مزدڪ وڌيڪ حقوق ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيائين ۽ ڪباد دور ۾ حڪومت ڦُري ويو، ڪباد جي دور ۾ ڏُڪر پيو، جنهن جي ڪري مزدڪ جي هٿ ۾ حڪومت اچي وئي، پر عورت جي وڌيڪ آزادي جي ڪري ڪباد وري قابض ٿي ويو، ڇو جو عورتن تي جهيڙا شروع ٿي ويا، ان ڪري ته عورت کي مڪمل آزادي ڏئي ڇڏيائين، جيڪا ڇُڙواڳي جو نمونو اختيار ڪري وئي، تمام عورتن تي جهيڙا شروع ٿي ويا، جو مزدڪ جي ناڪامي ٿي، جنهن جو فائدو ڪباد کي ٿيو ۽ وري حڪومت تي قبضو ڪري ويو، وري اسلامي حڪومت جو روپ شروع ٿيو، تمام ڪامياب ٿي وئي، پر ان ۾ اشتراقيت هئي، اها به ٿورو وقت هلي، پوءِ هلي نه سگهي ۽ ان ۾ به شهنشاهيت تبديل ٿي وئي، اهو رُڳو وڃي لکت رهي لفظن جي، حد تائين جو اڄ تائين، چيو ٿو وڃي ته هڪ مساوات ۽ ٻيو سوا سوا، عربن ۾ چيو ويندو آ، ۽ انهن جو باقائدي تڪيو ڪلام آ ته انت سوا سوا يا باقي عمل ڪجهه به نه آهي، جڏهن اهو عمل ٿئي وري مارڪس جو قانون به سامهون آيو، جنهن ۾ اشتراقيت اچي وئي، انقلاب به آيو، ناڪام ويو، هوميونظم ان تي سرسي ڪري ويو، ڪميونظم نٿي سگهيو، ان ڪري جو جمهوريت، ان ۾ جمهوريت کان اڳتي هليو وڃجي ٿو، اصل جمهوريت آهي، جيڪو به ان تي عمل نه ڪندو، ان جي ڪاميابي ڏُکي آ، اصلي هوميونظم پنهنجي رڳو جمهوريت تي قبضو ڪيون ويٺو آ، ڪميونظم ۾ جمهوريت کان اڳتي ٿو وڃجي، اهو وڏو ڏوهه آهي، ان ۾ جيڪڏهن سيڪيولرزم هجي به جمهوريت لازمي آ، سوشلزم هجي به جمهوريت لازمي آ، ڪميونظم هجي به جمهوريت لازم آ، جمهوريت ۾ اها سٺائي آ، جو سال ۾ ٻئي ٽين يا پنجين سال ۾ جيڪا به چونڊ ٿئي ٿي، اها چونڊ سچائي ظاهر ٿي ڪري، ته اهو ماڻهو ڪوڙ يا ٺڳي نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ته جيڪڏهن ڪوڙ يا ٺڳي ڪندو، ته ان قدر ۾ رهي نه سگهندو، اهڙي عمل رهڻ لاءِ جيڪڏهن سچو هوندو ته بهتر هوندو، جيڪڏهن ڪوڙو هوندو، ته ڪوڙو رهندو، پر جي پوءِ هن عمل ۾ جيڪو هڪ دفعو چونڊجي ٿو وڃي، اهو پيو ساڳوئي رهندو تا حيات صدر اهو آ، ڪميونظم جي ناڪامي انسان اهڙو جانور آ، جو جيڪڏهن هڪ سال حڪومت يا وزارت ملندس، ته اهو پنهنجو حق سمجهندو آ، وزارت نه پر جيڪڏهن ٿوري به ڪنهن کي عزت ڏني ٿي وڃي، ته اهو عزت وارو ٿو ٿي وڃي، ۽ اهو پنهنجي عزت حق ٿو سمجهي، جيڪو تا حيات صدر ٿيندو، ته ان جي سوچ پهرين جهڙي نٿيندي ڀل ڪيڏو به صاف سٿرو ماڻهو هجي، جيڪڏهن اهو نڀائي ويندو ته ٻيو غلط نڪرندو، ان کي جمهوريت ئي ظاهر ڪندي، ان کي کي جمهوريت ته چئبو آ، جيڪا هر روز ياد ڏيارائي ته ڊهي به سگهان ٿو، جمهوريت اها آهي، ته سڀاڻي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو وٽ وڃڻو پوندو، ڇو جو انسان ئي وڏو حقدار آ، صورت، سيرت ۽ عقل جو، تمام گهڻو عنصر آ، ڇو جو عقل بي عقل، سهڻو، ڪوجهو، ڪارو، اڇو، هيڻو ڏاڍو، ڀلو، ڍلو اهي وجود ۾ آهن، پر اها ساراهه بي سُري نموني ڪئي ٿي وڃي، ان ڪري جو نااهل کي اهل ۽ اهل کي نااهل خوبصورت کي بدصورت، بدصورت کي خوبصروت، عالم کي جاهل، جاهل کي عالم، ڪمزور کي متارو، متاري کي ڪمزور، خاندان کي ڪمينو، ڪميني کي خاندان، ڏوهه کي ثواب، ثواب کي ڏوهه، پنهنجي کي پرائو، پرائي کي پنهنجو، دوست کي دشمن، دشمن کي دوست، اُبتي کي سُبتو، سُبتي کي اُبتو، حق کي نا حق، ناحق کي حق، ڏُک کي سُک، سُک کي ڏُک، عام کي خاص، خاص کي عام، جائز کي ناجائز، ناجائز کي جائز، بود کي نابود، نابود کي بود، مالڪ کي چور، چور کي مالڪ، حرام کي حلال، حلال کي حرام، رول کي راحت، راحت کي رول، انسان کي حيوان، حيوان کي انسان، انصاف کي ناانصاف، ناانصاف کي انصاف. ان اُبتي سماج کي سڌو ڪرڻ ايڏو سولو نه آهي ۽ حقيقت ۾ ته کُلي لِکي به نٿو سگهجي، پيو ٿو ساڳن لفظن کي ورائجي، ان ڪري جو اڃان به چرين جي جنت ۾ رهڻ وارا گهڻا آهن ۽ سياڻين جي جنت ۾ رهڻ وارا ٿورا آهن، ۽ انهن ۾ ڀلائڻ وارا تمام گهڻو حصو ٿا، رکن لفظن جي گهٽ وڌ ۾ ٿورو فرق آ، ته ان کي ڪي ٿا کڻي سزا ڏين، جيڪڏهن وات کولڻ جي سزا نه هجي، ته ظاهر ظهور آ، ته دفاع تي خرچ جيڏو ڪيو ٿو وڃي، ته جي معاشيات تي ڪيو وڃي، ته انسان الله جي رنگينن رنگ وانگي خوبصورت رنگن ۾ گذاري، ڪو به ڏُکيو نه هجي، حق ته حق آهي، انسان کي موقعو ملي، ان ڪري انسان هاڻي رڳو خاص ماڻهو آهن، جي اهي انساني زندگي گذارين ٿا، حقيقت ته اها ناهي جيڪڏهن انسان سڌريل هجي، ته اهي به ڏُکيا نه هجن، پر انهن کي سمجهائي ڪير هاڻي رڳو چند ماڻهو آهن، جو اهي انساني زندگي ٿا گذارن، پڙهيل هجي، يا طاقت وارو هجي، يا عقل وارو هجي، يا حسن وارو هجي، اهي خريد ڪري ويٺا پنهنجا ڪم ٿا ڪرائن خون خواري باقين کان ٿا ويٺا ڪرائن جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته خانداني منصوبه بندي جو به صرف نالو ٿا وٺن، باقي اهي چند ماڻهو ٿا خانداني منصوبه بندي جو عمل ٿا ڪن جن کي خوش گذارڻو آ، جو انهن لاءِ ملڪيت جو مسئلو آ، باقي ٻين لاءِ ڪجهه به سوچ ۾ ناهي، اهي ڄڻ ته حيوان آهن، افسوس نه ڪجي، ته ڇا ڪجي، جو انسان، انسان جو استحصال ٿو ڪري خوام خواهه، جيڪڏهن اها بي رحمي نه ڪن ته اهي به خوش هجن ۽ باقي انسان به خوش هجن، ان چند ماڻهن کي ڪير سمجهائي، ويهي لٻاڙ اهڙي هڻندا جو حساس به اهي آهن، انسان دوست به اهي آهن، قدردان به اهي آهن، ايماندار به اهي آهن، بي ايمان، ايمان وارو سڏائي، ايمان جي آڙ ۾ بيهودا حرڪتون ڪري، انسانن کي ڏُکوئن ٿا، جيڪو ظاهر ظهور لکي به نٿو سگهجي، جي پهريون لکي آيا آهيون ته جي اتفاق هجي، محبت هجي، راحت هجي، هڪجهڙائي هجي، قدرداني هجي، مهرباني هجي، عدالت هجي، وڪالت هجي، ڪفالت هجي، چاهت هجي، جرئت هجي، معصوميت هجي، آزاد عالم هجي، ته انسان، انسان کان تنگ نه هجي، انسان سان محبت هجي، انسان، انسان جو نالو ٻڌي، ته خوش ٿئي، هاڻي ٿو اچجي گائڪي تي ته گائڪ کي به بي سُرو چئي ڇڏيو اٿئون، ڇو جو اهو به ڄڻ ڪنهن عورت لاءِ ٿو ڳائي، اصل گائڪ عبادت آ، شاعر سائنسدان آ، گائڪ ان جو ذائقو آ، شاعر قدردان آ، گائڪ ان جو ترجمان آ، شاعر جوهر آ، ته گائڪ ان جو مظهر آ، سُر ۽ لئي ڪاريگري جي دنيا جا رستا پل پل جا نرالا آهن، جئين جوهر مظهر جو جهان اڻ کٽ آ، بلڪل ايئن سُر لئي ڪاري گائڪي جو جهان الڳ آ، ڇو جو راز، رمزون، منزلون، مهاڳ، معنائون، منتائون، مُهاڏا، محبتون، ڪدورتون، قدر، قدردانيون، سُرن جي نظارن ۾ لڪيل آهن، جنهن جو آند پاند ئي ڪونهي، جو ان کي دنگ ڏئي سگهجي، هي دور سائنسي دور آ، جو فراق رهيو ئي ڪونهي، نه ڪنهن وٽ آهي، ڇو جو موبائيل جو دور آ، ڪو به پري ناهي، هن مهل پيار جا نوان نمونا آهن، جو انٽرنيٽ به دنيا گڏي ڇڏئي آهي، باقي پيار پرين انسان جو اڻ کٽ عنصرآهي، ان ۾ صورت جهڙي به هجي، پوءِ رشتي جي صورت هجي، يا دوستي جي صورت هجي، يا اعتماد جي صورت هجي، يا پيار جي صورت هجي، يا قدر جي صورت هجي، پر پيار رهندو، اسرار رهندو، انتظار رهندو، اظهار رهندو، آزار رهندو، پيار وارن سان گڏ هوندي به پري رهبو آ، باقي سُر جي ساڃاهه اڃان به وڌندي جيڪو اڳ سُر هيو، اهو هاڻي نه رهندو، ڇو جو اصليت جي صورت ظاهر ٿيندي ٿي وڃي، جيتري قدر تخليق، سُر جو سفر آ، ته تخليق آواز تي ٻڌل آ، اهو آواز اهڙو سُريلو آ، جو پيو هلي ٿو، ان آواز ۾ ڪيترا رنگ آهن، ان لاءِ اڃان ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ۽ وري ڪائنات آ، ته ان جو پردو ايترو مضبوط آ، جو ڪنهن کي اڃان تائين جرئت ناهي باقي انسان ليئا پائي ٿو، پوءِ جيڪو اک ۽ ذهن ڪم ڪيو اٿس ۽ فلڪ ۾ جيتري قدر ڏٺو يا سمجهيو ويو آ، ته هر شئ چُري ٿي پوءِ جي زنده آهي، به چُري ٿي، ۽ مُرده آهي به چري ٿي، ڪا به شئي خاموش نه آهي، وري جمال ڏسجي ته ، جمال اهڙي شئي آهي، جو روشني به خاموش نه آهي، پئي پنهنجو ڪم ڪري ٿي، وري آ انسان، ته انسان به تحقيق ۾ لڳو پيو آ، ۽ ڳولا ۾ ڪجهه لڌو اٿئين، گهڻو ڪجهه لهڻ جي اميد ۾ آهي، بنيادي طور سُرن جا اهي عنصر آهن، باقي تفصيل ان سُر ۾ ڏنل آهن، هاڻي سُر کي ٿا ڏسئون، ته سُر ڇاهي ۽ لئي ڇاهي، سُر نارمل وزن آ، نارمل صحت آ، نارمل هلڻ چلڻ آ، جيئن بس روڊ تي هلي ته بلڪل روڊ سان هلي، اهو آ سُر، جو سڌو پنهنجي قاعدي سان هلڻ کپيس، جيڪڏهن گولو آ، ته پنهنجي مهور ۾ هلي ٿو ۽ لئي اها شئ ته بس روڊ سان ته سُر سان هلي ٿي، جيڪڏهن ان جي رفتار يا اسپيڊ لئي آهي ايتري رفتار سان هلي جو ان کي نقصان نه ٿئي جيئن اسان جي زمين گول ڦري ٿي 19 ميل في سيڪنڊ ته ان ۾ گهٽ وڌائي نه ٿي آ، لئي ته هر ڏينهن پنهنجي وقت مطابق پورو ٿي وٺي ۽ گهٽ وڌائي نه ٿيڻ کپي ۽ گهٽ وڌائي کي لئي روڪيندي آ سُر ۽ لئي لازم ملظوم هن جيئن زندگي، موت ،کلڻ، روئڻ، اٿڻ، ويهڻ، رُسڻ، پرچڻ، ٺهڻ، ڊهڻ، رات، ڏينهن، لهڻ، اُڀرڻ، ٻرڻ، وسمڻ، پوکڻ، لُڻڻ، جي ڏٺو وڃي ٿو ته سُر ۽ لئي گڏجي راند سمجهيو ويندو هو هيڏي وڏي عنصر يا آثار يا حقيقت کي جنهن کي اڄ تائين انسان گائڪي تائين محدود ڪيون بيٺو آ، حقيقت ۾ رڳو گائڪي سُر ۽ لئي نه آهي سُر ۽ لئي تخليق آهي، ڪائنات آهي ۽ هر ذرو پُرذو آهي، هر ڏُک سُک آهي، هر وجود آهي، هر وهنوار آهي، هر صورت آهي، هر ستم آهي، ۽ وري ڏٺو وڃي ته نظام شمسي ۽ نظام زميني بلڪل اهڙي طرح آهن، جيئن لاري ۽ ريل، ٻوٽو يا وڻ، ڳوٺ ۽ شهر، درياءَ ۽ سمنڊ، پر زميني نظام آهي، بلڪل پري پر تمام پري، ڇو جو اڳي ندي تي لِکي آيا آهيون، ته ندي ڪهڪشائن وارو مجموعو ان ندي جو هن زمين جي انسان صرف هڪ پاسو ڏسي سگهيو
آهي، اڃان ٻيو پاسو رهيل آهي، پر ڪائنات هڪ ندي تي ٻڌل نه آهي، ڪائنات ۾ ڪيتريون نديون آهن، جن جو شمار ئي ناهي، جيئن هن زمين تي سمنڊ ۾ هر ڪنهن علائقي جو پنهنجو پنهنجو نمونو هوندو آهي، هر جيت جا پنهنجا پنهنجا رنگ ڍنگ هوندا آهن، هر ڪنهن علائقي جا نرالا رنگ روپ آهن، ٻاڦ، عنصر، هوائون، علائقي مطابق هونديون آهن، ان ڪري خلائي نديون الڳ الڳ آهن، هر ڪنهن جو عنصر پنهنجو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جو تصور پنهنجو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جو مهور پنهنجو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جو نظام پنهنجو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جي مخلوق جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي، اڃان به ڪي ٻيا نمونا ٿي سگهن ٿا. هن مهل جي انسان اهو محسوس ڪيو آهي، ته مخلوق آهي، آهي ته گهڻو ڪجهه، پر ان ۾ وقت لڳندو پوءِ جيترو به لڳي. باقي هي سماج کي صرف ۽ صرف بيمار ٿو چيو وڃي يا چئي ٿو سگهجي.

پيار ڪيان ٿو پنهنجي مٽيءَ سان، هن گولي تي ڪو غير نه آهي،
ڪــائـي خــلا خــالــي نـاهي صفا هتڙي ڪنهن جو به پير نه آهي،
پـيـار ڀــريــــل آ هـــر پـــهـلـو ۾ هِـت ســان هُـت جـو ويـر نـه آهـي.


”ڀائو“ محمد اسماعيل سيلرو