سنڌ سلامت پاران
هي ناول هڪ چوڏھن سالن جي ڇوڪري سوفي آموڊسين ۽ هڪ بزرگ فلسفي البرٽوناڪس جي ڪردارن تي ٻڌل آهي. سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1994ع ۾ ٿيو ۽ 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو. 2011ع تائين هن ناول کي 58 ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ پنج ڪروڙ ڪتاب وڪرو ٿيا. هي ناروي جو عالمي دنيا ۾ وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ناول آهي. هن ناول تي هڪ فلم ۽ هڪ ڪمپيوٽر گيم پڻ جڙي چڪي آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو ۽ ٻيو ڇاپو 2010ع ۾ ڇپيو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]