
ساھڙ جا سينگار
هي ڪتاب نامور عالم، اديب، مفڪر ۽ قومپرست سياستدان سائين جي. ايم. سيد مرتب ڪيو، جيڪو مرتب ڏانھن علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي لکيل خطن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جا جي. ايم. سيد ڏانهن هڪ سنڌي ۽ ٻن انگريزيءَ ۾ لکيل خطن جا عڪس ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ نامور قانوندان الهه بخش بروهيءَ پاران خطن متعلق تعارفي خط جو سنڌي ترجمو بہ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب بابت پيش لفظ مرتب جو لکيل آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي.