ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامور ڪهاڻيڪار، ترقي پسند اديب ۽ سنڌيت جي سڄاڻ دانشور ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي 14 ڪھاڻين جو مجموعو ”اوھين سڀ ننگا آھيو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪيرت ٻاٻاڻي لکي ٿو:
”تخليقي دنيا جي اھا مڃتا آھي تہ ھر قسم جي تخليق مان انساني سماج کي جمالياتي حسن ۽ جمالياتي آنند ملي ٿو. تہ پوءِ پھرين اھڙو حسن پرکڻ ۽ آنند پائڻ ۽ ان کي پوءِ ٻين تائين پھچائڻ جو ڪارج، ڇا ڪلا جي اعليٰ مراد ۽ انساني سماج جي اُتم ڀلائي نہ آھي؟“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1993ع ۾، مشهور اديب ۽ ڪونج رسالي جي ايڊيٽر هري موٽواڻيءَ جي نظرداريءَ ۾ شري بي ڪي ارون، انقلاب پرنٽنگ پريس، الهاس نگر 3 (ڀارت) مان ڇپائي، سورٺ پبليڪيشن آدرش نگر، بمبئيءَ مان پڌرو ڪيو. سنڌ مان ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌ بڪ ڪلب حيدرآباد پاران 2002ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ