سنڌ سلامت پاران
گوبند مالھي سنڌي ادب جو اهو محسن آهي، جنهن ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ هند ۾ ترقي پسند ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ جي آبياريءَ ۾ نمايان حصو ورتو. هُو هندستان ۾ سنڌيت جي هلچل جي بانين منجهان هو. گوبند مالهي هڪ ئي وقت ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي ۽ مضمون نويسيءَ جي صنفن ۾ پاڻ موهيو.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو جولاءِ 1987ع ۾ ھند ۾، ٻيو ڇاپو آگسٽ 1987ع ۾ سنڌ ۾ زيب سنڌيءَ پاران سڳنڌ پبليڪيشنس لاڙڪاڻي مان ڇپايو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]